سفرناما

مون ڍاڪا اُڀرندي ڏٺو

زيرِنظر ڪتاب بنگلاديش جي گايءَ واري هنڌ ڍاڪا جي دوري بابت آهي، جتي هو پيپلز سارڪ ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ ويو هو، جيڪا ”هڪ نئين ڏکڻ ايشيا جو تصور: عوامي خيال“ جي موضوع تي ڪوٺائي ويئي هئي. ’ڍاڪا جو سفر‘ حقيقت ۾ هڪ تاريخي ۽ تجزياتي دستاويز آهي، جنهن مان پڙهندڙ گهڻو ڪجهه پرائي سگهندا، خاص ڪري هو پاڪستان جي ٺهڻ کان ٻه اڌ ٿيڻ، ان کان پوءِ جي صورتحال، بنگالين سان ٿيندڙ ڏاڍ، اتي رهندڙ بهارين جي سوچ، پاڪستان فوج جي ڏاڍاين ۽ ٻين ڪيترن پهلوئن بابت ڄاڻ حاصل ڪري سگهندا، جيڪا ان دؤر جي اخباري سينسرشپ سبب اسان تائين نه پهچي سگهي.
مجموعي طور تي هيءَ ڪاوش ذوالفقار هاليپوٽي جي محنت جو اهڙو ثمر آهي، جنهن مان ساڃاهه وند پڙهندڙ ڀرپور لاڀ پرائي سگهن ٿا.
Title Cover of book مون ڍاڪا اُڀرندي ڏٺو

سلمان تاثير ٺهراءُ ۽ سفر نصيب

اڃا هڪڙي ڪانفرنس جا ٿڪ لٿا ئي ڪونه هئا ته وري ٻن ڏينهن جي هڪ ٻئي اجلاس جي تياري ڪرڻي هئي. آئون ڪوشش ڪري نه رڳو اجلاس جي شروعات ٿيڻ کان وٺي پڄاڻيءَ تائين وقت جي پابندي ڪندو آهيان، پر بحث مباحثي ۾ ڀرپور حصي وٺڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان. جيڪي تنظيمون ۽ نيٽ ورڪ هيترو خرچ ڪري ماڻهن کي گهرائين ٿا، انهن مان اها اميد رکندا آهن ته کين جنهن مقصد لاءِ سڏايو يا گهرايو ويو آهي، اهي انهيءَ کي مقصد ڀريو بڻائڻ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪن.
جيڪڏهن ڪنهن اجلاس، ميٽنگ يا ڪانفرنس ۾ رپورٽنگ يا ڪنهن ٻئي ڪم لاءِ رضاڪاريءَ جي گهرج هوندي آهي ته اتي به اڳڀرائي ڪندو آهيان ته جيئن اهو تاثر ختم ٿئي ته اسان کي اهي ڪم نٿا اچن يا ٻئي ڪنهن جي، لکڻ پڙهڻ ۽ سوچڻ ۽ معاملن کي سمجهڻ جي سگهه ۽ صلاحيت اسان کان وڌيڪ آهي. ڪيتري وقت کان پنهنجا ڪيترائي دوست انتهائي محبت سان سول سوسائٽيءَ ۾ ڪم، سگهه ۽ ليڊرشپ جي حوالي سان پنهنجو ڪردار مڃرائڻ ۾ ڪامياب ويا آهن. ٻيو پنهنجي ڳالهه کي ايجنڊا ۾ رکرائڻ جو آرٽ به سکي ويا آهيون، اهو ڪريڊٽ سنڌ جي ڀلوڙ ۽ جاکوڙي صحافي جي اين مغل ڏانهن وڃي ٿو، جيڪو ڪنهن به موضوع تي ڪٿي به ٿيندڙ ڪنهن به قسم جي اجلاس، ڪانفرنس، ڊائلاگ، جلسي يا مظاهري ۾ (جيڪڏهن اتي لکت ۾ ڪجهه پيش ٿي رهيو آهي ته) سنڌ جي ڪا نه ڪا ڳالهه رکرائڻ ۾ ماهر آهي. هڪ پروفيشنل صحافيءَ پاران اها نه رڳو سندس پروفيشنل ڊيوٽي آهي، پر هو حساس معاملن تي ڌر ٿي پڻ بيهي رهندو آهي. اسلام آباد هجي يا ملتان، لاهور هجي پشاور، ڪوئيٽا هجي يا ڪراچي، جيڪڏهن مغل صاحب تقريب ۾ شريڪ هوندو آهي ته ڪجهه نه ڪجهه ضرور ڪندو آهي. مون اهو گر مغل صاحب کان ئي سکيو آهي.
جيڪڏهن اوهان جي ڳالهه انساني حقن، قوم جي آئيني ۽ قانوني گهرجن، سياسي توڙي سماجي گهوٽالن بابت آهي ته اهو ڪيئن ممڪن آهي ته ميزبان اوهان جي ڳالهه کي اهميت نه ڏين.
ڍاڪا ۾ ٿيندڙ نئين ڏکڻ ايشيا جي تصور واري ٻن ڏينهن واري ڪانفرنس ۾، جتي مذهبي، لساني، فرقيوار ۽ نسلي، لساني دهشتگردي ۽ اڻسهپ تي وڏا بحث ٿيا ته اتي مذهب جي تازي شڪار ٿيندڙ پنجاب جي اڳوڻي گورنر سلمان تاثير جي شهادت جو پڻ ذڪر نڪتو. سڄي هال ۾ پاڪستان ۾ ڏينهون ڏينهن وڌندڙ جنونيت ۽ انتهاپسندي ۽ تنگ نظريءَ بابت وڏي ڳڻتي هئي ۽ پوري ڏکڻ ايشيا مان آيل دوستن جو خيال هو ته اهو معاملو رڳو پاڪستان جو داخلي معاملو نه آهي، پر اهو پوري خطي جي امن ڀرئي سياسي منظر نامي، معاشي وايو منڊل ۽ سماجي تاڃي پيٽي کي زبردست نقصان پهچائيندو.
هندستان جا ڪجهه دوست گهڻي ٻڏتر ۾ هئا ۽ هنن کي هندوتوا توڙي اسلامي دهشتگردي ٻنهي مان وڏو ڊپ هو. مون ان موقعي تي اهو موقف رکيو ته ڇاڪاڻ ته ڪانفرنس ۾ پوري خطي جا ناميارا نالا موجود آهن، تنهنڪري سلمان تاثير جي قتل خلاف هڪ ڀرپور مذمتي ٺهراءُ آندو وڃي، جنهن تي سمورن شرڪت ڪندڙن جون صحيحون موجود هجن ۽ اهو اسڪين ٿيل صحيحن وارو ڪاغذ جڏهن پريس ۾ ويندو ته نه رڳو هن ڪانفرنس جي اهميت وڌندي پر ڪانفرنس جا گهڻي حد تائين مقصد پڻ پورا ٿيندا ۽ پاڪستان ۾ انتهاپسنديءَ جي تازي لهر جي نتيجي ۾ ڊپ ۽ هراس ۾ ورتل سول سوسائٽيءَ جي دوستن، اديبن، شاعرن ۽ ليکڪن کي اتساهه ملندو.
هال ۾ پنهنجي اهڙي رٿ جي تائيد ڪئي ويئي ۽ مون اتي ئي ويٺي ويٺي هڪ ٺهراءُ ٺاهي ورتو. ٺهراءُ لکڻ جو فن به زبردست آهي. هڪ ڀيرو اهو آرٽ سمجهڻ جي گهرج آهي، پوءِ بس دير نٿي لڳي. ابرار قاضي ۽ اعجاز قريشيءَ کي ٺهرائن ٺاهڻ ۽ لکڻ ۾ وڏي مهارت حاصل آهي. انهن سان گڏ رهي رهي آئون ان ڪم کي ڪنهن حد تائين سمجهي ويو آهيان، سو هڪ ٺهراءُ ٺاهي هلندڙ اجلاس ۾ پيش ڪيم. بمبئي جي دوست ۽ نامياري صحافي جتن ڊيسائي ترميم تجويز ڪندي چيو ته سلمان تاثير جو پورو عهدو لکيو وڃي ته جيئن نئين پڙهندڙ کي قتل ٿيندڙ جي عهدي ۽ مرتبي جي ڄاڻ ۽ احساس حاصل ٿي سگهي. اها ترميم ٺهراءَ ۾ شامل ڪري سمورن شرڪت ڪندڙن کان صحيحون ڪرائي هال ۾ پڙهي ويئي ۽ سمورن شرڪت ڪندڙن ٺهراءَ جي تائيد ڪئي. ٺهراءَ جي ڪاپي ۽ ان تي ٿيل صحيحون ڏسي مون پنهنجي ذهن ۽ ضمير تان جهڙوڪ بار لهندي محسوس ڪيو ته ڍاڪا ۾ به اهو فرض نڀائڻ جي ڪوشش ڪيم ته سچ ۽ حق جي واٽ لاءِ ڪنهن ڊپ ۽ خطري کان سواءِ جدوجهد جاري رکبي.
ٺهراءُ اسڪين ڪرائي پاڪستان جي مقامي اخبارن کي اي ميل ڪيم. اهو ٺهراءُ سلمان تاثير جي قتل کان پوءِ روشن خيال دوستن پاران جوڙيل جمهوريت جا حمايتي شهري (Citizens for Democracy) فورم کي پڻ موڪليم ته جيئن انهن دوستن جو به مورال وڌي. ان کان سواءِ سلمان تاثير جي پنهنجي اخبار ڊيلي ٽائيمز جي ايڊيٽر ۽ تاثير جي ڌيءُ شهربانو کي به اهو ٺهراءُ اي ميل ڪيم. سوچڻ لڳو هئس ته هي جيڪي ڏکڻ ايشيا کي پرامن، سائي ۽ صحتمند خطي طور ڏسڻ گهرن ٿا، هي جيڪي هر قسم جي نفرت، متڀيد ۽ ورهاڱي کان آجا لکيل پڙهيل ماڻهو (هر تهذيب، هر ثقافت ۽ هر مذهب جو رنگ نسل، فرقي ۽ نسل توڙي لساني فرق کان سواءِ) سهپ ۽ رواداريءَ سان برداشت ڪرڻ واري خطي جا خواب ڏسي رهيا آهن. ڇا اهو پنڌ ايترو سولو آهي؟ هي جيڪي انتهاپسندي، رجعت پسندي ۽ تنگ نظري، پوءِ اها مذهبي هجي يا ڪا ٻي، کي خطي جي اڪثريتي عوام جي تنگ دستي، بک ۽ غربت جو وڏو سبب ڪوٺين ٿا، ڇا اهي پنهنجي جدوجهد ۾ ڪامياب ويندا؟ هتي اسين سرمائيداراڻي سرشتن جي هڪ هٽي، غريب ۽ ڪمزور ثقافتن ۽ معاشي سرشتن کي واڳوءَ وانگي ڳڙڪائڻ جو ذميوار سمجهون ٿا، ڇا اسين انهن نوآبادياتي معاشي سرشتن ۽ عالمي مالياتي ادارن جي وٺ پڪڙ مان نڪري سگهنداسين؟
اهي بنهه وڏا ۽ بنيادي سوال آهن، جيڪي سياسي جدوجهد ۽ تبديليءَ کان سواءِ جوابن ۾ تبديل نه ٿي سگهندا. سياسي سرشتو هر پاسي دشمني ۽ مخالفت تي ٻڌل آهي. خاص طور تي هندستان ۽ پاڪستان ۾ ڏينهون ڏينهن تيز ٿيندڙ انتهاپسندي ۽ انهن کي ملندڙ ڪن خاص هٿن وٽان ادارتي سطح تي حمايت، روشن خيال ۽ جيو ۽ جيئڻ ڏيو واري پاليسيءَ ۾ ايمان رکندڙ اڪثريتي عوام لاءِ هن ملڪ کي خطرناڪ هنڌ بڻائي رهي آهي. ان جو تازو مثال سلمان تاثير جو قتل آهي. بنگالي توڙي ٻين ملڪن کان آيل مهمانن کي مون وڏي ڳڻتيءَ ۾ ڏٺو. انتهاپسنديءَ جي اها لهر هر ملڪ ۾ پکڙجي رهي آهي.
ٺهراءَ جي ڪاپي هڪ ڀيرو ٻيهر ڏٺم ۽ سوچيم ته ڪجهه وقت کان پوءِ هيءُ ٻن صفحن جو دستاويز تاريخ جو اهم دستاويز هوندو، جنهن تي همعصر دور جي اهم ۽ سرگرم ڪارڪنن جون صحيحون موجود آهن، جن ۾ سينيٽر حاصل بزنجو، اسد الرحمان خان، ڪرامت علي، فرخ سهيل گوئيندي، ايڊمرل رامداس، لليتا رامداس، چيتن ڊيسائي، بابو لال شرما، مينا مينن، ڪمل مترا چنائي، ٽريڊ يونين اڳواڻ گوتم مودي، سنيلا اڀيڪارا، رقيعه ڪبير، سرباراج کڙڪا، اُما چوڌري، ڪفيل سرواست، محمد لطيف، محمد معروف، رضا چوڌري، خوشي ڪبير، راشد تيتومير، نجم صادق، اشوڪ چوڌري ۽ ٻيا شامل هئا. اهو دستاويز پاڻ وٽ سنڀالي رکيو اٿم ته جيئن ڪنهن تاريخي دستاويز جو حصو بڻائي سگهان.
ٺهراءُ جو متن هو:
”18 ۽ 19جنوري 2011ع تي ڍاڪا ۾ ”نئين ڏکڻ ايشيا جو خواب: عوامي خيال کان“ ڪانفرنس ۾ گڏ ٿيندڙ اسين امن ۽ انساني حقن لاءِ جاکوڙيندڙ ڪارڪن، ليکڪ، استاد، اديب، سياسي ڪارڪن، مختلف ملڪن جي اسيمبلين جا هاڻوڪا ۽ اڳوڻا ميمبر، سماج سڌارڪ ۽ سڄاڻ شهري پنجاب، پاڪستان جي گورنر سلمان تاثير جي قتل جي ڀرپور نندا ڪندي ان قتل ۾ ملوث انتهاپسند ۽ تنگ نظر قاتلن کي ترت انصاف جي ڪٽهڙي ۾ بيهاري سخت ترين سزا ڏيڻ جي گهر ڪيون ٿا. اسين پاڪستان سوڌو ڏکڻ ايشيا جي سمورن ملڪن کي اهو چتاءُ ڏيڻ گهرون ٿا ته اهي پنهنجي اقتدار ۽ ٻين مفادن خاطر فرقيواريت ۽ مذهبي انتهاپسنديءَ کي رياستي هٿيار طور استعمال ڪرڻ بند ڪن ۽ رياستون روشن خيال ۽ سيڪيولر ماڻهن جي گهڻائيءَ کي لساني ۽ مذهبي بنيادن تي ورهائڻ جو عمل بند ڪن.“
سچ پچ ته دل وڏي ٿي وئي هئي. اها سرگرمي ڪندي پنهنجي حصي جي ڊيوٽي ادا ڪئي اٿم. رياست کي بندوق جي زور تي هلائڻ خلاف لکيل سياسي ادب پڙهي حق ۽ سچ جي ڳالهه سکڻ کان پوءِ اهو ڪيئن ممڪن آهي ته هن معاملي تي، جنهن کي ڪيترن دوستن حساس قرار ڏيندي ان ۾ هٿ نه اٽڪائڻ جون صلاحون ڏين ٿا، پنهنجو گهربل ڪردار ادا نه ڪجي. بندوق ذريعي فيصلا مڙهڻ وارو جابراڻو طريقو نه ته ڪالهه قبولڻ جوڳو هو، نه ئي اڄ آهي ۽ نه ئي وري سڀاڻي قبولڻ جهڙو هوندو. جس آهي سنڌي پريس کي، جنهن هن قتل کي شهادت لکيو ۽ هڪ اهڙي وقت ۾ جڏهن پيپلز پارٽي اقتدار جي غلام گردشن ۾ ڦيرا ڏيندي ڦاٿل ڏٺي ويئي ۽ اقتداري مفادن خاطر پنهنجي نظريي بدران محتاط رويو اختيار ڪندي ڏٺي ويئي. اهڙي صورتحال ۾ هڪ ماڻهو جو حق جي پاسي ٿي بيهڻ، ڪنهن وڏي ڪارنامي کان گهٽ نه آهي.
ڪانفرنس ۾ ايجنڊا کان سواءِ ڪيترائي ٻيا مزيدار سيشن پڻ ٿيا. آئون اڃا پاڪستان ۾ ئي هئس ته منهنجي مائٽ اڳوڻي جج ۽ نامياري وڪيل، سنڌ جي اڳوڻي نگران وڏي وزير جسٽس عبدالقادر هاليپوٽي جي امريڪا ۾ رهندڙ نُنهن تانيا هاليپوٽو مون کي فيس بڪ تي هڪ نياپو موڪليو ته امريڪا جي شهر سان فرانسسڪو مان سندس هڪ دوست ڪويتا رامداس پاڪستان اچي رهي آهي. هوءَ ڪراچيءَ ۾ پنهنجن ساهرن وٽ هوندي ۽ هڪ بين الاقوامي غير سرڪاري اداري ”گلوبل فنڊ“ جي مک نمائندي طور سنڌ جي ڪيترين ئي اين جي اوز جي دوستن سان ملندي ۽ آئون ڪوشش ڪري کيس ان ڪم ۾ ساٿ ڏيان ته جيئن هوءَ نئين فنڊنگ لاءِ عورتن جي حقن تي ڪم ڪندڙ نين تنظيمن سان ڳانڍاپو رکي سگهي. مون کي خبر نه هئي ته اها تنظيم سنڌ توڙي پاڪستان اندر چڱو نيٽ ورڪ رکي ٿي. مون هميشه جيان تانيا کي لکيو ته سنڌ ۾ اهڙو ڪم ڪو مسئلو نه آهي. ڪويتا کي اچڻ ڏيو، جنهن پاسي چوندي، جهڙي قسم جي ۽ جنهن سڀاءَ جي تنظيمن سان چاهيندي، انهن سان سندس گڏجاڻيون رکرائبيون.
اهو فيس بڪ نياپو هڪ نيٽ ورڪ ذريعي ڪويتا سان به شيئر ٿيل هو. هن به جواب ۾ پنهنجا ڪراچيءَ جا رابطي وارا نمبر ڏنا. هڪڙي ڏينهن سندس فون آيو ته هوءَ ڪجهه گڏجاڻيون ڪري چڪي آهي. هاڻ هوءَ تڪڙ ۾ هندستان مان ڍاڪا ايندڙ پنهنجن مائٽن سان ملڻ لاءِ بنگلاديش وڃي رهي آهي، جتي هوءَ گلوبل فنڊ پاران گڏجاڻيون ڪري امريڪا هلي ويندي. ڊگهي گفتگوءَ ۾ مون هن کي سنڌ جي عورتن جي حالتن بابت تازي رپورٽ ڏني ۽ کيس ٻڌايو ته قبيلائي جهيڙن ۽ ڪاروڪاريءَ تي ڪيتريون ئي اين جي اوز ڪم ڪري رهيون آهن. پاڻ مهرباني ڪري ٿر، ڪاڇي ۽ ڪوهستان جي عورتن لاءِ مقامي تنظيمن سان سهڪار ڪري انهن کي منصوبا ڏئي. خاص طور تي اقليتي برادريءَ جي عورتن ۽ انهن ۾ به شيڊيول ڪاسٽ ۽ ڪولهي، ڀيل، ميگهواڙ عورتن جي صورتحال ڏاڍي خراب هجڻ بابت ٻڌايومانس. اهڙي گفتگوءَ کان پوءِ هن چيو ته ملاقات ته نه ٿي سگهي، پر رابطي ۾ رهبو.
ڍاڪا ۾ ڪانفرنس جي پهرئين ڏينهن تعارفي اجلاس ۾ جڏهن هن نالو ”ذوالفقار هاليپوٽو“ ٻڌو ۽ مون هڪ خوبصورت ڇوڪريءَ کي بهترين انگريزيءَ ۾ پنهنجو نالو ”ڪويتا رامداس“ اُچاريندي ٻڌو ته ٻنهي هڪٻئي ڏانهن نهاريو.
ان اجلاس کان پوءِ واري وقفي ۾ هڪٻئي ڏانهن وڌياسين ۽ مون کيس کلندي چيو ته Are you the same Kavita?، هن وڏو ٽهڪ ڏيندي روانيءَ واري انگريزيءَ ۾ رڙ ڪندي چيو ته اي منهنجا خدا دنيا ڪيتري نه ننڍي آهي؟! پوءِ هن هٿ ملائيندي چيو ته ڪراچيءَ ۾ ته نه ملي سگهياسين، پر ڍاڪا ۾ ملاقات نصيب لکيل هئي. ان کان پوءِ اهو ڄاڻي مون وڏو هڪ وڏو ڇرڪ ڀريو ته هوءَ ايڊمرل رامداس ۽ لليتا رامداس جي ڌيءَ آهي. ان کان به وڌيڪ حيران ڪندڙ ڄاڻ اها پلئه پئي ته هوءَ پاڪستان جي جڳ مشهور مفڪر ۽ نقاد اقبال احمد خان جي ڪنهن ويجهي مائٽ جي گهر واري آهي، جيڪو هن سان گڏ امريڪا جي ڪنهن يونيورسٽيءَ ۾ پڙهندو هو. هن مون کي پنهنجن مائٽن سان ملائيندي کين تڪڙ ۾ سمورو قصو ٻڌايو. مون به پاڪستان مان آيل پنهنجن دوستن سان سندس تعارف ڪرايو. اسين ٻنهي ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته ڪراچيءَ ۾ اسان جي ملاقات لاءِ سبب بڻجندڙ تانيا هاليپوٽو ڍاڪا ۾ اسان جي ملاقات تي وڏو ڇرڪ ڀريندي. ڪويتا لنچ جي وقت ٻڌايو ته کيس ڪن ٻين ملڪن ڏانهن وڃڻو آهي، انڪري هوءَ تڪڙ ۾ سنڌ ۾ عورتن جي حقن تي ڪم ڪندڙ تنظيمن بابت منهنجي راءِ ٻڌڻ گهري ٿي. مون پنهنجي شعوري ڪوشش سان ڪنهن ذاتي پسند ناپسند کان سواءِ سمورو پروفائيل کيس ٻڌايو ۽ ايئن هڪٻئي سان رابطي ۾ رهڻ جون هڪٻئي کي خاطريون ڏيئي روانا ٿي وياسين.