اياز ۽ بنگال
آئون بنگالين جي سياست، سياستدانن ۽ گڏيل پاڪستان جي سياسي تاريخ جي سڀ کان وڌيڪ ڏکوئيندڙ 1971 ع واري باب، آرٽ، ادب ۽ ثقافت تي تفصيلي نوٽس لکڻ جي موڊ ۾ آهيان. منهنجو دوست، سنڌي ادب ۾ جديد تنقيد نگاريءَ جو اڀرندڙ ستارو ۽ روزاني ”سوڀ“ جي ايڊيٽوريل صفحي جو انچارج علي آڪاش به اهي نوٽس پڙهي رهيو آهي ۽ مون کي بهترين فيڊ بئڪ ڏيندو آهي.
ڪالهه چيائين ته اڄ (يعني: 2 مارچ 2011 ع تي) سنڌ جي عظيم شاعر شيخ اياز جو جنم ڏينهن آهي، اياز پنهنجي نظم توڙي نثر ۾ بنگال بابت گهڻو لکيو آهي، سو آئون پنهنجي ڪتاب جي هن حصي ۾ سنڌي ادب ۾ بنگال جي سياسي تحريڪ جي تذڪري جو ذڪر ڪريان ۽ ان مان به شيخ اياز واري حصي کي اڄوڪي ڏينهن جي نسبت سان پڙهندڙ کي ڀاڱي ڀائيوار ڪيان ٿو.
پاڪستان جي آزاد ٿيڻ شرط ئي بنگالي ٻوليءَ مٿان اردو مڙهڻ واري واقعي کان ويندي بنگالين جي اڪثريت کي ٻنجو ڏيڻ لاءِ اولهه پاڪستان مٿان ون يونٽ جهڙو موتمار غيرآئيني ۽ غيراخلاقي فارمولو مڙهڻ کان ويندي، بنگالين جي حڪومت خلاف مسلسل (سول ۽ ملٽري نوڪري شاهيءَ جي) سازشن کان ويندي 1971ع ۾ بنگالين خلاف فوجي آپريشن ۽ سندن قتل عام تائين، سنڌي ليکڪن انهن معاملن تي تمام گهڻو لکيو آهي.
ان کان سواءِ ڪيترن ئي شاعرن ۽ اديبن بنگالي سماج، ثقافت، ادب ۽ آرٽ تي گهڻو ڪجهه لکيو آهي.
شيخ اياز پنهنجي آتم ڪٿا نوٽس، ڊائري، خطن ۽ شاعريءَ ۾ بنگال جي سونهن کي چٽيو آهي. جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي، جيڪو شيخ اياز جي پنهنجي محبوب دوست ۽ سنڌي ادب ۽ علم جي چمڪندڙ ستاري محمد ابراهيم جوئي ڏانهن لکيل خطن تي ٻڌل آهي. ان ۾ 3 فبروريءَ 1962ع تي بنگال جي شهر سندربن جي چاند ٻائي فاريسٽ اسٽيشن تان جوئي صاحب ڏانهن موڪليل هڪ خط ۾ اياز لکي ٿو:
”رينو ڊيڪ تي وڃي بيٺي هئي ۽ هن جون چڳون هوا ۾ اڏامي رهيون هيون، مان به ڊيڪ تي وڃي بيٺس، ته هن مون کي چيو: ”مان ڪڏهن به سنڌ نه ويئي آهيان ۽ اڳ ڪوبه سنڌي نه ڏٺو اٿم، اوهان جي ديس ۾ نديون آهن؟“
”رينو اتي فقط هڪ ئي ندي آهي، سنڌو. ان کي اسان ديويءَ وانگي پوڄيندا آهيون. ان ۾ اسان جون هندو عورتون اکا اڇلي ”جهولي لال، جهولي لال“ چونديون آهن. اسان جي ان سان ايتري عقيدت آهي، جو اسان جو هڪ هندو دوست، جو ڀارت ۾ مري ويو هو، تنهن پنهنجي رک سنڌوءَ ۾ لوڙهڻ لاءِ موڪلي هئي. منهنجو گهر سکر ۾ سنڌوءَ جي ڪناري تي آهي. جڏهن ويساک ۾ پاڻي پنهنجي ڦوهه ۾ ايندو آهي ته مان گهر جي ڇت تي بيهي، چنڊ کي ڇولين جي ڏولين ۾ لڏندو ڏسندو آهيان. مون کي محسوس ٿيندو آهي منهنجي ڪوتا سنڌوءَ جي امر سرتي آهي، ان ۾ به ساڳيون ڇوليون ۽ ڇوهه آهي، ساڳيو پهچ کان پري چنڊ لاءِ پيار آهي.“
19 ڊسمبر 2010ع تي بنگال پنهنجي آزاديءَ جو ڏينهن ملهايو، ڍاڪا واري سانحي کي لڳ ڀڳ چار ڏهاڪا گذري چڪا آهن. مون پنهنجي تازي دوري ۾ ڏٺو بنگال هڪ آزاد ملڪ طور پنهنجي انهن چئن ڏهاڪن جي سفر ۾ گهڻو ڪجهه وڃايو به آهي ته پاتو به آهي. جيڪڏهن اتان جي سياست تي نظر وجهبي ته اهو چئي سگهبو ته اڃا تائين جمهوريت جون پاڙون پختيون نه ٿيون آهن، پر سماجي ترقيءَ جي اهڃاڻ تي نظر وجهبي ته بنگال گهڻن شعبن ۾ اڳڀرائي به ڪئي آهي. خاص طرح تعليم جي شرح اتي ساراهه جوڳي آهي ۽ معيشت ۾ ترقي بنگال جو خاص ڪارنامو آهي. جيتوڻيڪ بنگال کي بهتر معيشت بڻجڻ ۾ اڃا گهڻيون شيون گهربل آهن، تڏهن به، هاڻوڪي معاشي صورتحال به گهٽ ۾ گهٽ پاڪستان کان گهڻي بهتر آهي.
هن ڀيري 12 ڊسمبر 2010ع تي بنگال پنهنجي آزاديءَ واري ڏينهن تي سول ايوارڊن جو اعلان ڪيو. اهڙو قومي ايوارڊ سنڌ جي جديد قومپرستيءَ جي پايي وجهندڙ سياسي مفڪر سائين جي ايم سيد ۽ سنڌ جي مهان شاعر شيخ اياز کي پڻ ڏنو ويو. شيخ اياز انهيءَ ايوارڊ جو حقدار هو، ڇاڪاڻ ته ون يونٽ واري زماني ۾ هن جيڪي ڪجهه ڀوڳيو، جيل ۽ سزائون ڪاٽيون، ون يونٽ جي قوتن سان هو پنهنجي تخليقي سگهه وسيلي ٽڪراءَ ۾ آيو، سچ پچ ته اهو سنڌ جي سياسي ۽ ادبي تاريخ جي حوالي کان هڪ طلسماتي باب آهي. ان زماني جي آمريتي لُڪ جيئن تيز ٿيندي پئي ويئي، تيئن يونٽ مخالف تحريڪ ۾ شامل اڳواڻن جا لڱ به رُڪ ٿيندا پئي ويا. شاعريءَ ۽ تخليق جي ميدان ۾ اياز هماليه وانگي اڏول بيٺل هو. شيخ اياز سکر بار ايسوسيئيشن جي صدر جي حيثيت ۾ بنگالين جي قتل عام ۽ سقوط ڍاڪا جي مخالفت ۾ هڪ ٺهراءَ ۾ پاڪستاني فوج جي اهڙي مهم جوئيءَ کي ڏاڍ واري ڪارروائي ڪوٺيو هو. انهيءَ ڪري کيس مئي 1971ع کان وٺي جنوري 1972ع تائين جيل ۾ رکيو ويو ۽ جيل ۾ هن پنهنجي ڊائري لکي. ان کان سواءِ 1965ع کان وٺي 1968ع تائين پنهنجي تند کي تلوارن سان اٽڪائڻ جي جرئت جي ڪري ڪاٺ ۾ هنيو ويو.اهڙيءَ ريت اهو چئي سگهجي ٿو ته اياز جي انهيءَ باغي روپ جو مجموعي طور بنگالين جي ”ڪاز“ کي تمام گهڻو فائدو پهتو. ان کان سواءِ ٻيا به ڪيترائي سياستدان، اديب ۽ ڏاها هئا، جيڪي ون يونٽ جي زماني ۾ اولهه پاڪستان جي قوتن سان مهاڏو اٽڪايو. انهن ۾ باچا خان، عبدالصمد اچڪزئي، خير بخش مري، غوث بخش بزنجو، احمد سليم، طاهرا مظهر علي، ظفر ملڪ، ايئر مارشل اصغر خان وغيره شامل آهن ۽ اسان جي دوست جاويد قاضيءَ جي والد قاضي فيض محمد ته چونڊون به عوامي ليگ جي پليٽ فارم تان وڙهيون، انهن سمورن جا نالا ايوارڊ فهرست ۾ شامل آهن.
اياز کي پاڻ شيخ مجيب سنڌ جو نذرالسلام قرار ڏنو هو. پر اياز پنهنجي شيخ مجيب سان پنهنجي ملاقات ۾ کيس چيو هو ته نذرالسلام ۽ مون ۾ فرق اهو آهي ته هو ٽٽي پيو آهي، مان اڃا تائين ناهيان ٽٽو. اياز ۽ قرت العين حيدر ۾ بنگال جي حوالي کان هڪ جهڙائي اها به آهي ته بنگال جي تصور ايندي ئي سندن خيال وڃي سندر بن پهچندو هو. اياز جو بنگال جي حوالي کان هيٺيون شعر ان زماني جي بنگال جي هڪ تلخ تصوير آهي:
بنگلا ديش
جي
وئيشا
سانوري
اپسرا
دام؟
چي: ٽي رپيا،
نام؟ چي: ”ڪام دينو.“
ياد رهي ته ڪام دينو لفظ جي معنيٰ آهي سرڳ جي اها گانءِ، جيڪا هرهڪ خواهش پوري ڪندي آهي. جيتوڻيڪ بنگال هاڻي ڊاڪٽر يونس جي ڪوشش کان پوءِ اهو ”ڪام دينو“ وارو نه رهيو آهي. معاشي طرح بنگال اڳتي نڪري آيو آهي، پر هڪ شاعر طور اياز غريب بنگالين جي درد کي پنهنجي روح جي گهراين سان محسوس ڪيو ۽ اهائي هڪ سچي آرٽسٽ جي نشاني هوندي آهي ته هو انسانيت جي ناتي سڄي دنيا جي درد کي پنهنجو درد سمجهي.
اياز پنهنجي بنگال ياترا ۾ رڳو هوٽلن ۾ نه رهيو هو، پر هن گهمندي ڦرندي بنگال جي پيڙهيل ۽ پٺتي پيل طبقن جي زندگيءَ کي به ويجهڙائيءَ کان ڏٺو هو:
چٽگام، سوڙهي گهٽي، اونداهه
بانس جون ڀونگيون
لنگهه لنگهه تي
لالٽين
چرس
چنڊول جي بوءِ
سرير
سِڪا
ٽهه ٽهه
ٻهه ٻهه
۽ ڪنهن وئيشا جي
چپن تي
ٽئگور جو اڌور گيت.
اسان جي نوجوان اديب واحد ڪانڌڙي ”سيد، اياز ۽ مجيب“ جي نالي سان هڪ ڪتابڙي ۾ لکيو آهي ته اياز جي اها خواهش هئي ته ون يونٽ جي ٽٽڻ کان پوءِ هو عوامي ليگ ۾ شامل ٿيندو. اتان اندازو ڪري سگهجي ٿو ته شيخ اياز جي بنگال سان ڪيتريءَ حد تائين وابستگي هئي. ڪتاب ۾ اهو بيان ڪجهه هن ريت آيل آهي:
”ان موقعي تي شيخ اياز شيخ مجيب کي چيو ته ”اڃا ون يونٽ نه ٽٽو آهي، ۽ تحريڪ ۾ ڪميونسٽ، سوشلسٽ، انارڪسٽ قومپرست، دانشور ۽ سنڌ دوست عوام شامل آهي. ڪي لينن جا پوئلڳ آهن، ڪي مائوءَ جا، ڪي مهاتما گانڌيءَ جا، ڪي مولانا آزاد جا ۽ ڪي رڳو ڀٽائيءَ کان متاثر آهن. هڪ شاعر ۽ اديب جي حيثيت ۾ مان انهن سڀني ۾ رابطو آهيان. اڃا ون يونٽ ٽٽو ناهي، پر جڏهن اهو ٽٽو ته مان عوامي ليگ ۾ ضرور شامل ٿيندس.“
هڪ سياسي مفڪر طور اياز جي نه رڳو بدلجندڙ عالمي منظر نامي، سياسي ۽ سماجي نظرين تي گهري اک هئي ۽ هو پنهنجي خطي جي مجموعي سياسي ۽ سماجي صورتحال بابت پڻ انتهائي اپڊيٽ رهندڙ شخص هو. بنگلاديش جي صورتحال بابت به هرهڪ مرحلي تي گهري اک هئس، اولهه پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ جو رويو، عسڪري قوتن جو ورتاءُ، مارشل لا، مجيب جي گرفتاري، بنگالين خلاف فوجي آپريشن ۽ پوءِ سندن ڌار ٿيڻ، انهن سڀني معاملن بابت هن جي دور انديشيءَ واري اک تمام اڳيان ڏسي رهي هئي. جڏهن شيخ مجيب الرحمان آخري ڀيرو سنڌ آيو ۽ هتي سنڌي قومپرستن، نيب جي اڳواڻن ۽ عوامي ليگ جي سنڌ واري قيادت سان مليو هو ته اياز ان سموري سياسي هلچل کي پل پل پرکيو پئي ۽ هڪ حساس سياسي مفڪر ۽ ليکڪ طور مستقبل ۾ پيش ايندڙ المناڪ حادثن کي اڳواٽ ڏسي رهيو هو. جڏهن شيخ مجيب الرحمان گرفتار ٿيو ته اياز بنگالين جي اسان کي ڌار ٿيڻ تي اڳواٽ ئي لکيو:
”منهنجي اکين اڳيان پوري برصغير جي تاريخ ڦري وئي ۽ ڍاڪا ۾ رائٽرس گلڊ جي گڏجاڻيءَ ۾ اها شام ياد آئي. جڏهن گلڊ جي سيڪريٽري جنرل ۽ پريزيڊنٽ ايوب جي سيڪريٽريءَ قدرت شهاب اردوءَ ۾ صدارتي تقرير ٿي ڪئي ۽ هڪ بنگالي اٿي بيٺو ۽ رڙ ڪري چيائين: مسٽر شهاب، انگريزيءَ ۾ ڳالهاءِ ته اسان به سمجهون، نه ته اسان جيڪڏهن بنگاليءَ ۾ ڳالهائينداسون ته اوهان هڪ اکر به نه سمجهي سگهندا. ان تي هن کي سيڪيورٽيءَ وارن ڌڪا ڏيئي ٻاهر ڪڍيو ۽ شهاب اردوءَ ۾ تقرير جاري رکي. مون ٻڌندڙن کي ساميءَ جا منظوم ترجما ٻڌايا، جن مان ڪجهه هندي لفظ بنگالين کي سمجهه ۾ آيا ۽ هنن تاڙيون وڄايون، باقي فارسي آميز اردو شاعري ٻڌي هنن کي نانگ سنگهي ويو. الائجي ڇو منهنجي دل ۾ ان وقت آيو ته اڄ بنگلاديش لاءِ عليحدگيءَ جي تحريڪ شروع ٿي آهي. هڪ گڏجاڻيءَ ۾ اردوءَ جي نقاد عبداللطيف شاداني هڪ بنگالي مصور جي هٿ ۾ ڪنهن ڪاري رنگ جي بنگالڻ جي تصوير ڏسي هن کان پڇيو ”ڇا ڪاري ڪنولي ڪڍي اٿئي؟“ ٻئي ڀيري اردوءَ جي صحافي طفيل احمد جماليءَ ڪانءَ کي وڻ تي ٻوليندو ڏسي چيو ته ”بنگالي به ڳالهائي رهيو آهي.“ ايتري نفرت جي اظهار مون کي انهيءَ نتيجي تي پهچايو ته بنگالي اسان سان گهڻو وقت گڏ رهي نه سگهندا.“
اهڙي اڳڪٿي يا بدلجندڙ سياسي منظر نامي جي حقيقت پسنداڻو تجزيو هڪ عام رواجي شاعر جي وس جي ڳالهه ناهي. اهو رنگ هڪ باخبر سياسي ڏاهپ رکندڙ مفڪر ئي سمجهي سگهي ٿو.
هيءُ سمورو حال احوال ۽ سنڌ جي اديبن، شاعرن ۽ سياستدانن پاران بنگالين جي موقف جي حمايت ۽ ان لاءِ هڙتالون، مظاهرا، جلسا جلوس، گرفتاريون، جيل سهو سڄو احوال مون جڏهن پنهنجي بنگالي دوستن سان اهي ڳالهيون اوريون هنن کي ڏندين آڱريون اچي ويون. چڱي ڳالهه اها هئي ته انهن سمورن واقعن جو اکين ڏٺو شاهد مير حاصل بزنجو، شيخ اسد الرحمان ۽ ڪرامت علي گڏ هئا، جن منهنجي هر ڳالهه جي تائيد ۾ ڪنڌ پئي لوڏيا، نه ته شايد ڍاڪا جا دوست سمجهن ها ته آئون ڪجهه وڌاءُ ڪري رهيو آهي. مون کلندي دوستن کي چيو ته جيئن مون کي تاريخ جي اها ڄاڻ آهي، تيئن هو گهٽ ۾ گهٽ پنهنجن همدردن ۽ نظرياتي ساٿين جون جرئتون ۽ قربانيون ياد رکن ۽ ايندڙ نسل ڏانهن منتقل ڪن ته جيئن قومن جون ايندڙ پيڙهيون تاريخ جي انهن اهم ترين بابن کان محروم نه رهجي وڃن.
بنگالين پاران شيخ اياز هي شان ۾ چيل منهنجون ڳالهيون خاموشي، غور ۽ چاهه سان ٻڌندڙ پنهنجن بنگالي دوستن جا ٻرندڙ چهرا ڏسي مون سوچيو، جيڪڏهن اياز جو اهو ڪلام انگريزيءَ ۾ ترجمو ٿيل هجي ها ته اڄ ڪيئن نه بنگالين تائين پهتل هجي ها. سوچيم ته سنڌ موٽي ڀلوڙ انگريزي ڄاڻيندڙ دوستن کي گذارش ڪندس ته اياز جو اهو ڪم ضرور ترجمو ڪن.