سفرناما

مون ڍاڪا اُڀرندي ڏٺو

زيرِنظر ڪتاب بنگلاديش جي گايءَ واري هنڌ ڍاڪا جي دوري بابت آهي، جتي هو پيپلز سارڪ ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ ويو هو، جيڪا ”هڪ نئين ڏکڻ ايشيا جو تصور: عوامي خيال“ جي موضوع تي ڪوٺائي ويئي هئي. ’ڍاڪا جو سفر‘ حقيقت ۾ هڪ تاريخي ۽ تجزياتي دستاويز آهي، جنهن مان پڙهندڙ گهڻو ڪجهه پرائي سگهندا، خاص ڪري هو پاڪستان جي ٺهڻ کان ٻه اڌ ٿيڻ، ان کان پوءِ جي صورتحال، بنگالين سان ٿيندڙ ڏاڍ، اتي رهندڙ بهارين جي سوچ، پاڪستان فوج جي ڏاڍاين ۽ ٻين ڪيترن پهلوئن بابت ڄاڻ حاصل ڪري سگهندا، جيڪا ان دؤر جي اخباري سينسرشپ سبب اسان تائين نه پهچي سگهي.
مجموعي طور تي هيءَ ڪاوش ذوالفقار هاليپوٽي جي محنت جو اهڙو ثمر آهي، جنهن مان ساڃاهه وند پڙهندڙ ڀرپور لاڀ پرائي سگهن ٿا.
Title Cover of book مون ڍاڪا اُڀرندي ڏٺو

بنگلا اتهاس ۽ ڍاڪا يونيورسٽي

ڍاڪا شهر ۾ ڪيتريون ئي تاريخي عمارتون ۽ سياسي طور اهم نشانيون گهمڻ لائق آهن، پر اهڙي سفر لاءِ ڍاڪا انتهائي ڳتيل آباديءَ وارو شهر آهي. ماڻهوءَ مٿان ماڻهو ڊوڙندو نظر ايندو. زمين گهٽ ۽ آبادي بي انتها هجڻ ڪري ڍاڪا ڏينهون ڏينهن خراب ٿيندو پيو وڃي. شهر ۾ وڌندڙ آبادي، ٻاهرين لڏپلاڻ، شهر کي بهتر بڻائڻ جي رٿابنديءَ جي کوٽ هن شهر کي ٻاهران ايندڙ سياحن ۽ ٻين وزيٽرن لاءِ ڪو گهڻو ڇڪ رکندڙ ۽ موهيندڙ شهر رهڻ نه ڏنو آهي.
ڏيڍ ڪروڙ جي آباديءَ واري شهر ڪراچيءَ جي ڪل پکيڙ 5274 ڪلو ميٽر يعني 1362 اسڪوائر ميل آهي. جڏهن ته لڳ ڀڳ ساڳي آباديءَ وارو ڍاڪا شهر 565 اسڪوائر ميل يعني 146360 اسڪوائر ڪلوميٽر آهي. ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ڍاڪا ۾ شهري سهولتن، ٽريفڪ ۽ ماڻهن جي صورتحال ڇا هوندي.
ان هوندي به ڍاڪا جيڪو مغل دور ۾ اورنگزيب آباد هو، ڪيترن ئي سببن جي ڪري بين الاقوامي ڇڪ وارو شهر آهي. گڏيل پاڪستان يا ننڍي کنڊ جي تاريخ ۾ دلچسپي رکندڙ سياحن لاءِ هن شهر ۾ گهڻو ڪجهه آهي. بري گنگا درياهه جي ڪناري آباد هيءُ شهر ”رڪشا دارالخلافه“ به سڏبو آهي. ان سان گڏ هيءُ شهر مسجدن جو شهر پڻ سڏيو وڃي ٿو. ڍاڪا ڪيترائي ڀيرا پنهنجي سڃاڻپ وڃائي ۽ وري حاصل ڪئي آهي. گڏيل هندستان ۾ جڏهن بنگال هڪ صوبو هو، ته اورنگزيب آباد يعني ڍاڪا ڪلڪتي کان پوءِ بنگال جو ٻيو نمبر وڏو شهر ۽ مغل دور ۾ واپار جو وڏو مرڪز هو.
1904ع ۾ جڏهن انگريزن ننڍي کنڊ کي فرقيواريت جي آڌار ورهائڻ جي رٿابندي شروع ڪئي ته انهن سڀ کان اڳ بنگال کي ورهايو ۽ اوڀر بنگال ۽ آسام جو مرڪزي گاديءَ وارو هنڌ بڻيو. وري جڏهن 1911ع ۾ ورهاڱي جو فيصلو واپس ورتو ويو ته آسام کي اوڀر بنگال کان ڌار ڪيو ويو. ان کان سواءِ 1947ع ۾ هندستان جي ورهاڱي ۽ پاڪستان جي قيام کان پوءِ ڍاڪا اوڀر پاڪستان جي گادي بڻيو. جڏهن اوڀر بنگال ڌار ٿيو ۽ بنگالين آزادي ماڻي ته ڍاڪا هڪ صوبي بدران هڪ آزاد رياست جي راڄڌاني بڻيو.
ڍاڪا نائين صدي عيسويءَ تائين ٻڌ ڌرم جي بادشاهت، ڪاما روپا جي ڪنٽرول ۾ رهيو. نائين صديءَ جي آخر ۾ هندو سلطنت سينا ڍاڪا کي به پنهنجي ڪنٽرول ۾ آندو. ٻارهين صديءَ ۾ هندومت جي سلطنت بلال سينا جي هڪ مندر جي نالي تي ڍاڪا جو نالو ڍاڪا شوري رکيو ويو. ڍاڪا ۽ ان جي سموري پسگردائي واري ايراضي کي بنگلا سڏيو ويندو هو. بنگال ۾ تاريخي بازارون هونديون هيون، جنهن ۾ شنڪري بازار، لڪشمي بازار، بنيا تانتي بازار وغيره خاص طرح مشهور آهن. پوءِ جيئن جيئن نوان حاڪم ايندا ويا، بنگلا جو نصيب به انهن فتحن ۽ شڪستن سان گڏ مٽجندو رهيو. ايستائين جو مغل دور آيو ۽ اورنگزيب جي دور ۾ شهر جي پهرئين ايڊمنسٽريٽر صوبيدار اسلام خان هن شهر جو نالو ڍاڪا شوري مان مٽائي اورنگزيب آباد رکيو. انگريز دور کان اڳ بنگال جا راجا ۽ مغل دور جا نمائندا هڪ پوري علائقي بنگلا، جنهن ۾ اُڙيسا، بهار، آسام ۽ بنگال شامل هئا، راڄ ڪندا رهيا.
انگريزن کي ننڍي کنڊ جي جن مک شهرن مان محصول اوڳاڙڻ جو مڪمل حق حاصل ٿيو، انهن ۾ بنگال سرفهرست هو ۽ ايئن محصولن جي اوڳاڙيءَ جي بهاني ايسٽ انڊيا ڪمپني هتي پهتي ۽ 1765ع کان 1793ع جي مختصر عرصي ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني انهن علائقن جو انتظامي ۽ سياسي ڪنٽرول مڪمل طرح پنهنجي هٿ وس ڪري ورتو. ڪلڪتي کي ڍاڪا جي ڀيٽ ۾ انڪري اهميت ڏني ويئي، جو مغل دور ۾ مسلمان ڪلچر جي وڌي وڃڻ ڪري انگريز اوڀر بنگال کان وڌيڪ اولهه بنگال ۾ دلچسپي وٺڻ لڳا ۽ پوءِ ڪلڪتي کي هنن اهڙو ته واپاري توڙي ٻين سماجي ۽ معاشي سرگرمين جو محور بڻايو، جو ڍاڪا جي صورتحال اهڙي ٿي ويئي، جهڙي ڪراچيءَ اڳيان حيدرآباد ۽ سکر آڏو خيرپور ميرس جي آهي.
اوڀر بنگال جي 90 سيڪڙو آبادي مسلمان هئي، تنهنڪري هتي مسجدن جو وڏو تعداد موجود آهي، پر جيئن ته هيءُ علائقو هندو، انگريز ۽ ٻڌمت جي سلطنت جو حصو به رهيو، تنهنڪري هتي خوبصورت ۽ من موهيندڙ گرجا گهر، مندر ۽ ٻيون تاريخي جايون ۽ نشانيون موجود آهن. شهر جي وچ ۾ هڪ مسجد ڏسڻ ۾ آئي، مقامي دوستن ٻڌايو ته ان کي ستن قبن واري مسجد سڏيو ويندو آهي ۽ اها سترهين صديءَ ۾ تعمير ٿي هئي. ساڳي همراهه اهو پڻ ٻڌايو ته ڍاڪا ۾ ارڙهين صديءَ جون ڪجهه ٻيون ته خوبصورت آرڪيٽيڪٽ رکندڙ مسجدون موجود آهن. ظاهر آهي ته سفر ۾ ٻين مذهبن جا دوست به شامل هئا، سو ڪيترن ئي تاريخي مندرن جي ديدار ڪرڻ جو فيصلو پڻ ٿيو ۽ شهر ۾ قائم يارهين صديءَ جي هنن عاليشان مندرن، ڍاڪا شور ۽ راما ڪرشنا مندرن جي چترڪاري، آرٽ ۽ فن جي نمونن ڪيترن کي اچرج ۾ آڻي ڇڏيو هو. هڪ ٻئي مقامي همراهه ٻڌايو ته ڍاڪا جو لال باغ قلعو ڏسڻ وٽان آهي، جيڪو اورنگزيب جي فرزند محمد اعظم 1678ع ۾ ٺهرايو هو ۽ 1857ع ۾ انگريزن خلاف ننڍي کنڊ جي عوام جي جوٽيل آزاديءَ واري جنگ ۾ انگريز فوج کي هن قلعي مان سخت مزاحمت کي منهن ڏيڻو پيو هو، جو انگريزن جڏهن پنهنجا سپاهي ڇڏي روانا ٿيا ته انهن ئي سپاهين بغاوت جو اعلان ڪري قلعي تي قبضو ڪري ورتو.
لال باغ قلعي اندر شهر جي پهرئين ايڊمنسٽريٽر سالار خان جي گهر واري لال بيبيءَ جو مقبرو، مسجد ۽ عوامي ميڙاڪي جو وڏو هال اڄ به موجود آهي. قلعي جي حالت بهتر نه آهي. لڳو ٿي ته پاڪستان وانگي هت به قديم آثارن واري کاتي جو حال پورو آهي. ميوزم ۾ تبديل ٿي ويل نواب شائسته خان جو حمام ڏسڻ وٽان هو. دل وري چاهيو ته مغل دور جي يادگيرين تي ٻڌل ڪتابن جا قصا کولجن، پر دماغ فيصلو ڪيو ته نه هن ڀيري رڳو ڍاڪا تي لکڻو آهي. مغل واقعي به عجيب غريب بادشاهه هئا. فن ۽ عمارتسازي ۽ ٻين لطيف فنن سان ڪيترو نه انصاف ڪري ويا آهن!
انهن دورن دوران گاڏيءَ ۾ ويٺل مختلف ماڻهن جا دلچسپ تبصرا ۽ ڪچهريون به من کي لڀائي رهيون هيون. هر ماڻهوءَ جو پنهنجو مزاج، رويو ۽ انداز هو. آئون جڏهن به ان قسم جي علائقن ۽ خاص طرح ملڪ کان ٻاهر گروپن کي ڏسندو آهيان ته قدرت جي گوناگونيت جي آرٽ تي رشڪ ڪندو آهيان. ساڳئي مقصد لاءِ ساڳي رٿابندي ۽ ايجنڊا سان گڏ ٿيل ماڻهو ڪيئن نه هر شيءِ لاءِ ڌار ڌار ويچار رکن ٿا. تاريخي جايون گهمندي انهن جا تبصرا ٻڌي سوچڻ لڳس ته هر انسان کي پنهنجي منفرد نگاهه آهي شين کي ڏسڻ، پرکڻ ۽ تجزيو ڪرڻ لاءِ.
جتن ڊيسائي، مينا مينن ۽ جواهر لال نهرو يونيورسٽيءَ جي مارڪسسٽ استاد ڪمل چتاني هر شيءِ کي سنجيده سياسي پسمنظر ۽ حل ڏانهن لاڙڻ لڳندا هئا. شرافت علي پنهنجي مخصوص انداز ۾ وڏي ڳالهه پر سادي ۽ سولي انداز ۾ ايئن ڪندو جو، مزو اچي ويندو. وري گوئيندي جو انداز ئي پنهنجو، صفا فقيراڻو مزاج، هو بس ليڪو ڪڍي ڇڏيندو هو ۽ ڪنهن به دير کان سواءِ حتمي راءِ ڏيئي ڇڏيندو هو.
گاديءَ جي شهر ۾ گاڏي ڊوڙندي رهي، اسين ٿورڙي ٿورڙي وقت لاءِ مختلف علائقن ۾ بيهندا، مختلف ماڳن مڪانن کي ڏسندا رهياسين. ڪوسٽ تنظيم جي رضا ڀائي پاران جيڪو نوجوان موڪليل هو، اهو انتهائي ملنسار ۽ فضيلت وارو ڪامريڊ هو. جنهن به روڊ تان گذرياسين ٿي ته ان روڊ تي جيڪڏهن ڪابه اهم جڳهه هئي، ته هن اسان کي انهيءَ جي آگاهي ٿي ڏني.

[b]ڍاڪا يونيورسٽي:
[/b]ڪچهريون ڪندا، مختلف روڊن تان ڦرندا هڪ هنڌ پهتاسين ۽ پري کان ڍاڪا يونيورسٽي نظر آئي. يونيورسٽيءَ ۾ پڙهڻ وارا ڏينهنِ ڦوهه جوانيءَ وارا ڏينهن هوندا آهن ۽ بي پرواهي ۽ آوارگيءَ سان گڏ ٽهڪن، خوابن ۽ عشق جا نگهبان هوندا آهن. يونيورسٽيءَ جي زندگي مئچور سطح جي هجڻ ڪري پڙهائي، ڪيريئر توڙي سياست ڏانهن رويا جذباتي ۽ مئچور پڻ هوندا آهن. مون پاڪستان جي ٻن خوبصورت ترين يونيورسٽين مان ڊگريون حاصل ڪيون آهن ۽ مون کي لڳندو آهي ته ڄڻ حسن درس پنهنجو نظم ”ساري سنڌ پرينءَ جو پاڇو“ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۽ قائداعظم يونيورسٽي اسلام آباد لاءِ لکيو هجي. حليم باغي ته سنڌ يونيورسٽيءَ کي ”اڙي شهر جانان“ جو لقب ڏيئي، هن يونيورسٽيءَ جي لکن شاگردن جي دلين جي ترجمان ڪئي آهي.
ڪيترن ئي ناولن، آتم ڪٿائون، ڪهاڻين ۽ قصن ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جو ذڪر موجود آهي. ايئن ئي دنيا جون ڪيتريون يونيورسٽيون واکاڻ لائق آهن ۽ خاص طرح نئين پيڙهيءَ لاءِ وڏي اهميت رکن ٿيون. ڍاڪا يونيورسٽيءَ جي مک بلڊنگ وٽ پهچڻ کان اڳ منهنجي ذهن ۾ الائي ڪيترا خيال ڏبا. ”هت نوجوان ڇوڪرا، ڇوڪريون پڙهندا هوندا، نصابي ۽ غير نصابي سرگرمين ۾ مصروف هوندا، هڪڙا وري سياست ۾ سرگرم هوندا، ته ٻيا وري ادب، آرٽ ۽ لطيف فنن جي شعبن ۾ ماهر هوندا. ڍاڪا يونيورسٽي بلڪل ايئن ئي خوبصورت ۽ حسين گلدستو محسوس ٿي، جيئن سنڌ يونيورسٽي آهي:
”ڄامشوري جي ڪلاسن ۾ حسن،
دير تائين لان ۾ پيئندا رهيا،
چنڊ پلٽيو پئي گلاسن ۾ حسن،
تنهنجي ڪاوڙ ۽ غصي ۾ سندرتا،
تنهنجي دڙڪن ۽ دلاسن ۾ حسن.

يونيورسٽيءَ جي احاطي ۾ ڇا داخل ٿياسين، جهڙوڪ شاعر ٿي پيس. ننڍي قد جا مشڪي چهرا لان ۾ ويهندي، روڊن رستن تي هلندي مختلف عمارتن اندر ۽ ٻاهر ايندي ويندي نظر آيا ٿي. ايئن لڳي رهيو هو، ڄڻ بنگال لاءِ شيخ اياز جا شاعري ۽ سونهن بابت سرجيل خيال گڏ گڏ گهمي رهيا هجن. هر پاسي ساوڪ هئي، وڻن سان گڏوگڏ چهرن تي به زرخيزي هئي.
شايد نوجوان ان ڳالهه تي فخر ڪندا هجن ته اها ننڍي کنڊ جي اهڙي پهرين يونيورسٽي آهي، جنهن ڪنهن قوم کي آزادي ڏيارڻ ۾ مک ڪردار ادا ڪيو هجي. ڍاڪا يونيورسٽيءَ کي ”آڪسفورڊ آف دي ايسٽ“ به سڏيو وڃي ٿو. بنگلاديش جي سياست ۽ سماج تي ڇانيل ڪيترائي نالا انهيءَ يونيورسٽيءَ جا پڙهيل آهن. بنگالين جي آزاديءَ جي پرواني شيخ مجيب الرحمان کان وٺي نوبل انعام يافتا ڊاڪٽر محمد يونس تائين، جهڙا نالا هن يونيورسٽيءَ جا شاگرد رهيا آهن.
اڄ يورپ، امريڪا ۽ ٻين سڌريل ملڪن ۾ ويٺل بنگالي ذهن هن يونيورسٽيءَ جي پيداوار آهن ۽ انهيءَ ڪري دنيا جي نمبر ون يونيورسٽي آڪسفورڊ جي نالي سان ڍاڪا يونيورسٽيءَ کي ”اوڀر جي آڪسفورڊ“ چيو ٿو وڃي. ڪو دور هو، جڏهن ايسٽ بنگال، آسام ۽ بيهار جا ٻار ڪلڪتي يونيورسٽيءَ ۾ پڙهندا هئا ۽ انگريزن ايسٽ بنگال کي الڳ يونيورسٽي ڏيئي هڪ چڱو ڪم ڪيو. هنن شايد1904ع ۾ بنگال کي ٽڪرا ڪرڻ واري غلطيءَ جي ازالي طور اهڙو ڪم ڪيو. گڏيل پاڪستان ۾ ڍاڪا يونيورسٽي سياسي ثقافتي سرگرمين جو اهم ترين مرڪز هوندي هئي. 1940ع کان 1971ع تائين گڏيل پاڪستان ۾ ٿيندڙ سڀني سياسي سماجي سرگرمين توڻي تحريڪن، جدوجهدن ۽ تبديلين ۾ هن يونيورسٽيءَ جو وڏو ڪردار رهيو آهي.
جڏهن محمد علي جناح 1948ع ۾ يونيورسٽيءَ کان ٿورڙي فاصلي تي موجود تاريخي پلٽن ميدان، جيڪو هاڻي سهروردي پارڪ جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو، ۾ جڏهن انگريزي زبان ۾ تقرير ڪندي اردو ٻوليءَ کي قومي ٻولي قرار ڏنو ته ان جلسي ۾ موجود ڍاڪا يونيورسٽيءَ جي هڪ نوجوان شاگرد شيخ مجيب الرحمان کي اها ڳالهه نه وڻي هئي ۽ هن پوءِ اهڙي ته تحريڪ هلائي، جيڪا بنگالين لاءِ الڳ ملڪ حاصل ڪرڻ جو سبب بڻي. اڄ به ڍاڪا يونيورسٽيءَ جا شاگرد پڙهائيءَ دوران ان ڳالهه تي فخر ڪندا نظر ايندا آهن ته بنگلاديش جي آزادي ڍاڪا يونيورسٽيءَ جي دين آهي. ٻوليءَ جو بحران، 1947ع کان وٺي ايوب خان جي مارشل لا تائين بنگالين سان ٿيل ظلم، يحييٰ خان جو ايل ايف او، وري ملٽري آپريشن انهن ۽ اهڙن ٻين ڪيترن ئي اهم ۽ تاريخي موقعن تي ڍاڪا يونيورسٽي هر جمهوريت مخالف ۽ انساني حقن جي معطليءَ واري هر حڪومت ۽ آمر سان مهاڏو اٽڪايو. اهو وقت شاگرد سياست جو عظيم الشان وقت هو. جڏهن سنڌ يونيورسٽيءَ سوڌو هن ملڪ جون ڪيتريون درسگاهون آمريت ۽ فوجي راڄ خلاف مزاحمت ڪري رهيون هيون.