سفرناما

مون ڍاڪا اُڀرندي ڏٺو

زيرِنظر ڪتاب بنگلاديش جي گايءَ واري هنڌ ڍاڪا جي دوري بابت آهي، جتي هو پيپلز سارڪ ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ ويو هو، جيڪا ”هڪ نئين ڏکڻ ايشيا جو تصور: عوامي خيال“ جي موضوع تي ڪوٺائي ويئي هئي. ’ڍاڪا جو سفر‘ حقيقت ۾ هڪ تاريخي ۽ تجزياتي دستاويز آهي، جنهن مان پڙهندڙ گهڻو ڪجهه پرائي سگهندا، خاص ڪري هو پاڪستان جي ٺهڻ کان ٻه اڌ ٿيڻ، ان کان پوءِ جي صورتحال، بنگالين سان ٿيندڙ ڏاڍ، اتي رهندڙ بهارين جي سوچ، پاڪستان فوج جي ڏاڍاين ۽ ٻين ڪيترن پهلوئن بابت ڄاڻ حاصل ڪري سگهندا، جيڪا ان دؤر جي اخباري سينسرشپ سبب اسان تائين نه پهچي سگهي.
مجموعي طور تي هيءَ ڪاوش ذوالفقار هاليپوٽي جي محنت جو اهڙو ثمر آهي، جنهن مان ساڃاهه وند پڙهندڙ ڀرپور لاڀ پرائي سگهن ٿا.
Title Cover of book مون ڍاڪا اُڀرندي ڏٺو

ويزا جو مرحلو

ڪراچي پريس ڪلب، سدڪو سينٽر ۽ گورنر هائوس جي وچ واري رستي ۾ ڪيترين ئي تاريخي عمارتن، جن ۾ واءِ ايم سي اي هاسٽل (جنهن ۾ سنڌ جا ڪيترائي ڀلوڙ صحافي ۽ سول سوسائٽيءَ جا اڳواڻ ڪيترو ئي وقت اتي رهيا هئا انهن ۾ حسن مجتبيٰ، جيڪو اڄڪلهه نيويارڪ، امريڪا ۾ رهي ٿو، جاويد سومرو بي بي سي لنڊن ۾ ملازم آهي، جي اين مغل صاحب فرنٽيئر پوسٽ کي ڏسي رهيو آهي ۽ لالا حسن پٺاڻ، جيڪو وڪالت ڪري رهيو آهي) ۽ پاڪستان انسٽيٽيوٽ فار انٽرنيشنل افيئرز (PIIA) جي بلڊنگ شامل آهي.
اهو ادارو مشهور پورهيت اڳواڻ ۽ کاٻي ڌر جي دانشور فتحاياب علي خان جي گهر واريءَ سيده معصوم حسن هلائي رهي آهي. هن بلڊنگ ۾ ڪيتريون ئي سياسي ۽ سماجي گڏجاڻيون ٿينديون رهن ٿيون. هندستان مان آيل ڪجهه مهمانن جي مان ۾ رکيل هڪ گڏجاڻيءَ ۾ ڪيترائي دوست جمع ٿيل هئا. اهو پروگرام پاڪستان جي نامور دانشور ۽ سياسي تجزيي نگار ايم بي نقويءَ جي مرتئي تي رٿيل هڪ ريفرنس جي صورت ۾ منعقد ٿيو هو، جنهن ۾ پوري ملڪ مان مهمان آيل هئا. هيءُ پروگرام اڃا شروع نه ٿيو هو، مهمان مختلف چوڪڙين ۾ هڪٻئي سان ڪچهريءَ ۾ مگن هئا، آئون پنهنجن دوستن سان، ڊان ۾ ڪم ڪندڙ ۽ قائداعظم يونيورسٽي اسلام آباد مان مون سان گڏ ماسٽرز ڪندڙ پنهنجي ڪلاسي منظور چانڊيي ۽ نوجوان صحافي سليم شيخ سان حال احوال ڪري رهيو هئس ته اوچتو ڪرامت صاحب ڪلهي تي هٿ رکي هڪ شخص ڏانهن اشارو ڪندي چيو ته هيءُ ثاقب حسين آهي ۽ تازو ڪراچيءَ ۾ بنگلاديش جو ڊپٽي هاءِ ڪمشنر ٿي آيو آهي.
مون ثاقب ڏانهن نهاريو. هو بنگاليءَ بدران ڪو انگريز لڳي رهيو هو. ڊگهو، خوبصورت ۽ ڇڪ رکندڙ قد بت واري همراهه مون ڏانهن ڏسي مرڪيو ۽ مون به پنهنجو تعارف ڪرايو.
ڪرامت صاحب پنهنجي روايتي مرڪ سان کيس کلندي چيو ته ذوالفقار هر مرض جي دوا آهي ۽ تنهنجو ڪم ٿي ويندو. ايئن چئي ڪرامت ٻين مهمانن ڏانهن وڌيو.
مون روايتي سنڌي انداز ۽ سفارتي آداب کي نظر ۾ رکندي انتهائي پرجوش طريقي سان کيس عرض ڪيو ته حڪم ڪر، هو ڇا ٿو ڪرڻ گهرين. هن مون کان انتهائي روانيءَ واري بهترين انگريزيءَ ۾ سوال ڪيو ته مون مادري ٻولين جي عالمي ڏينهن بابت ٻڌو آهي؟ اندر ئي اندر کلندي، مرڪي چيومانس ته، ها ٿورو گهڻو. ان کان پوءِ ثاقب مون کي مادري ٻولين جي عالمي ڏينهن، ان جي پسمنظر، ٻوليءَ جي شهيدن جي تاريخ، ان ڏينهن کي گڏيل قومن جي عالمي ڏينهن واري چارٽ جو حصو بڻائڻ لاءِ ڪيل جستجو ۽ پاڪستان اندر قومي ۽ مادري ٻولين جي معاملن، تڪرارن ۽ بنگالين جي نقطي نظر بابت هڪ ڊگهي تقرير ۾ هر شيءِ ٻڌائيندي چيو ته بنگلاديش جي ڊپٽي هاءِ ڪميشن ڪراچيءَ جي آفيس 21 فيبروريءَ تي اهو ڏينهن ملهائڻ ٿي گهري ۽ ڪرامت کيس ٻڌايو آهي ته آئون هن لاءِ مددگار ثابت ٿي سگهان ٿو. هن جيئن ئي ڳالهه پوري ڪئي ته مون ان کي ساڳئي ئي اعتماد سان ان ڏينهن بابت سنڌ جو نقطي نظر بيان ڪندي اهو ٻڌايو ته جيترو ادب سنڌي ٻوليءَ ۾ قومي ٻولين جي سوال تي لکيو ويو آهي، اهو شايد ئي ننڍي کنڊ جي ڪنهن ٻي ٻوليءَ ۾ لکيو ويو هجي. مون کيس فخر سان ٻڌايو ته هر سال ان ڏينهن سنڌ جون سموريون سڄاڻ ڌريون ٻوليءَ ۽ ثقافت سان لاڳاپيل سرڪاري ادارا جهڙوڪ سرڪاري کاتو، سنڌي ٻولي اختياري ۽ سنڌي ادبي سنگت وغيره وڏا ميڙاڪا ڪندا آهن. هر چينل ۽ اخبار ۾ ان ڏينهن جي نسبت سان ڪيترائي پروگرام، ٽاڪ شو، مضمون، ڪالم ۽ اداريا پيش ٿيندا آهن.
هو ماٺ ۾ مون کي ٻڌندو رهيو ۽ مون کيس ٻڌايو ته منهنجو جنهن سياسي ٿنڪ ٽينڪ سان لاڳاپو آهي، سا به هر سال ان ڏينهن کي وڏي اتساهه سان ملهائيندي آهي. هو منهنجي تقرير ٻڌي ايترو ئي خوش ٿيو هو، جيترو آئون سندس پروگرام رٿڻ جي صلاح تي ٿيو هئس. پوءِ اهو طئه ٿيو ته 21 فيبروريءَ تي ڪراچيءَ ۾ هڪ ميڙاڪو رکبو، جنهن ۾ سمورين مک ٻولين بنگالي، پنجابي، اردو، بلوچي، سرائيڪي، سنڌي ۽ پشتو جي ماهرن پاران مقالا پڙهيا ويندا ۽ ماڻهن کي گڏ ڪبو.
ايئن منهنجي بنگلاديش ڊپٽي هاءِ ڪميشن جي همراهن سان سڌو سنئون رابطو ٿيو ۽ پوءِ سنڌ ڊيموڪريٽڪ فورم (SDF) ۽ هاءِ ڪميشن جي گڏيل دعوت نامي سان اها تقريب رٿي ويئي. ان تقريب کان پوءِ ڪميشن جي ڪيترن ئي ماڻهن سان رابطو هو، جنهنڪري ان ننڍيءَ ۽ مختصر سفارتي آفيس مان ويزا جي تيارين لاءِ ڪا گهڻي ڊڪ ڊوڙ نه ڪرڻي پئي.
اتي موجود مشتاق احمد ۽ ٻين دوستن سان ڪافي سلام دعا آهي. ثاقب حسين بدلي ٿي ڍاڪا ۾ يورپين ڊيسڪ (پرڏيهي کاتي اندر) جو انچارج ٿيو آهي ۽ پاڪستان ۾ ثاقب حسين جهڙو ئي هڪ ٻيو ذهين ۽ نوجوان سفارتڪار محمد روحل عالم صديقي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر ٿي ويو آهي.
ويزا لاءِ فون ڪيم ته نياپو مليو ته نئين سفارتڪار سان ملي وڃان، سو عادت پٽاندر سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ کڻي آفيس پهچڻ لاءِ فون ڪيم، ته ٻڌايو ويو ته اسلام آباد مان هاءِ ڪمشنر آيو آهي، تنهنڪري آئون ڏينهن جو ٻي وڳي ملاقات ڪيان. مون حيدرآباد نڪرڻ جي ڪري کيس گذارش ڪئي ته مون کان پاسپورٽ وغيره ورتو وڃي ۽ سفارتڪار سان ملاقات ڪنهن ٻئي ڀيري ڪري وٺندس. وقت گهٽ هو ۽ سچ پڇو ته ملاقات کان وڌيڪ ويزا ملڻ ۾ دلچسپي هجڻ ۽ وقت جي نزاڪت ڏسندي جلدي وڃي ڪاغذ جمع ڪرايم ۽ اتي ويٺل مشتاق ۽ ڪمشنر جي پرائيويٽ سيڪريٽري شهاب الدين سان ڪچهري ڪيم.
ان کان اڳ جڏهن ڍاڪا ويو هئس ته هن آفيس ۾ ڪابه واقفيت نه هئي ۽ انهن ڏينهن ۾ سنڌ جي سياست، سماج ۽ ترقيءَ بابت سهيڙيل پنهنجي انگريزي ڪتاب ۾ محترما بينظير ڀٽو شهيد تي لکيل منهنجي انگريزي ڪتاب جي سوکڙي سفارتخاني جي ريفرنس سينٽر لاءِ ڏيئي آيو هئس ۽ انهن ڏينهن ۾ مشتاق ڀائي ڪافي دير حال احوال ڪيو هو.
انهن ڏينهن ۾ مقرر ٿيل ثاقب حسين ڳالهه ٻولهه ۾ سڌو ۽ سنڌي نمونو هو، پر روحل کي ڏٺم ته هو پنهنجي راءِ ۽ تبصري ۾ انتهائي محتاط ۽ رک رکاءُ وارو هو. جڏهن ويزا ملڻ کان پوءِ پاسپورٽ کڻڻ لاءِ سفارتخاني پهتس ته ساڻس ملاقات ٿي هئي، جتي مون کيس سنڌي ٽوپيءَ ۽ اجرڪ جو تحفو پيش ڪيو هو. کيس مون 2008ع وانگي 2011ع ۾ پڻ مادريءَ ٻوليءَ جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان پروگرام ڪرڻ جي تجويز ڏني هئي.
مون جڏهن ويزا ملڻ کان پوءِ ڪرامت کي اهو ٻڌايو ته ثاقب جي نسبت هيءُ صاحب ڪافي محتاط نظر اچي رهيو هو. جيتوڻيڪ اهو سفارتخانو اهڙي سياسي يا دفاعي اهميت وارو به نه آهي، جو يورپي يونين جي ڪنهن ملڪ جي سفير يا ڪنهن امريڪي سفارتخاني وانگي محتاط ڳالهائجي. ڪرامت کلندي جواب ڏنو ته اصل ۾ هيءُ همراهه تازو هندستان مان پاڪستان آيو آهي ۽ انهن ملڪن ۾ سفارتڪارن لاءِ جيڪو مائينڊسيٽ آهي، سو ته اهو پڪ سان جاسوس هوندو، اها به عجيب ٽريجڊي آهي. پاڪستان، هندستان ۽ بنگلاديش ۾ ويٺل سفارتڪارن لاءِ عجيب ۽ غريب رايا جوڙيا وڃن ٿا.
بنگلاديش ڏانهن ويزا وٺي وڃڻ وارن جي وڏي تعداد تبليغي اجتماع، مائيڪرو ڪريڊٽ يا غربت تي ڪم ڪندڙ اين جي اوز جا اڳواڻ ئي هجن ٿا. اهو لکندي مون کي به کل آئي ته هڪ پاسي تبليغي اجتماع ۽ ٻئي پاسي اين جي اوز. آهيون اسين اين جي اوز وارا به جهڙوڪ تبليغي جماعتين جهڙا هِتي هُتي ۽ هيڏانهن هوڏانهن رلندا وتون ٿا.
ڪافي معاملن ۾ واپاري ۽ ٻنهي ملڪن ۾ اڃا تائين مٽي مائٽي هجڻ ڪري عام شهري به ويزائون وٺن ٿا. اسلامآباد يا ٻين شهرن جي عمارتن جي مون کي خبر نه آهي، پر ڪراچيءَ ۾ ڊپٽي هاءِ ڪميشن جو دفتر هڪ بنگلي ۾ آهي، جتي اندر موجود اسٽاف جو تعداد گهٽ ۽ ٻاهر جاسوسيءَ لاءِ گهمندڙ همراهن جو تعداد وڏو هوندو آهي. اهڙي علائقي، جنهن ۾ ڊفينس فيز 5 جي سڀ کان مشهور شاهراهه خيابان، شمشير ۽ زم زمه وارا علائقا اچي وڃن ٿا، اتي ملائشيا، سعودي عرب، ٿائلينڊ، سريلنڪا، گڏيل عرب امارات ۽ ٻين ملڪن جا سفارتخانا ۽ آفيسون به آهن، تنهنڪري اوهان هيڏانهن هوڏانهن نظر ڦيرائيندا ته خفيه ادارن وارا ضرور نظر ايندا. انهن سڙڪن جي اندرين گهٽين ۾ مرحوم غلام مصطفيٰ خان جتوئي، غلام مجتبيٰ خان جتوئي، حاجي غلام حسين کوکر، ذوالفقار مرزا، خورشيد شاهه، غلام قادر پليجو، مير مشتاق ٽالپر ۽ ٻين جا بنگلا نظر ايندا.
ويزا جي معاملي ۾ بنگلاديش وارا به اسان کان يا هندستانين کان گهٽ نه آهن. ڪيتري به واقفيت هجي، کين ڪيتري به ڄاڻ ڇو نه هجي، پر وڌ ۾ وڌ 10 ڏينهن جي ڏيندا ۽ رڳو هڪڙي داخلا (سنگل انٽري) جاري ڪندا. پڪ سان گهڻين داخلائن (ملٽيپل انٽريز) وارا ويزا به جاري ڪندا هوندا امريڪا ۽ برطانيا وانگي، پر مون هيل تائين جيترا به پاسپورٽ ڏٺا ۽ ٻڌا آهن، انهن کي سنگل انٽريءَ ۾ 10 ڏينهن جي ويزا کان وڌيڪ جاري نٿا ڪن. هينئر ٿي سگهي ٿو ته ڪرڪيٽ جي عالمي ڪپ جي ڪري ڪا نرمي ڪئي ويئي هجي، پر عام طور رواج اهو ئي ڏٺو ويو آهي. اهڙو ئي رويو وري اسان جو بنگالين ۽ هندستانين سان آهي. ساڳي ڪار وري هندستان اسان سان ۽ بنگلاديش ۽ هندستان هڪٻئي سان ڪندا رهن ٿا. هندستان جي ويزا ڪن صورتن ۾ امريڪا جي ويزا کان به ڏکي ٿي پئي آهي. بنگلاديش جي ويزا لاءِ به جيستائين ڪا سگهاري دعوت ناهي ته ويزا جي درخواست ئي ڪانه وٺندا. ان روش جي نتيجي ۾ ڪيترن ئي ڪيسن ۾ ڪيترائي ڪارائتا پروگرام ملتوي ٿيو وڃن، جو ماڻهن کي ويزا نٿي ملي.
تازو سنڌ جي هڪ نامياري شاعر ادل سومري کي هندستان ۾ ڪو ايوارڊ مليو، پر کيس ويزا نه ڏني ويئي. آئون ڪجهه مهينا اڳ هندستان ويس ۽ نئين دهليءَ ۾ ويٺل سنڌي ادب جي ٻن چمڪندڙ ستارن لڇمڻ ڪومل ۽ هيري ٺڪر ٻڌايو ته کين پاڪستان جي سفارتخاني ٻه ڀيرا ويزا ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. هاڻ جيڪڏهن اهڙن ناميارن ۽ پنهنجن پنهنجن شعبن جي برک شخصيتن سان اهڙو ورتاءُ رکيو ويندو هو ته اوهين اندازو لڳائي سگهو ٿا ته عام شهرين جو ڪهڙو حشر ٿيندو هوندو.
سنڌ اندر ان معاملي تي ڪافي بحث مباحثا ٿيندا رهن ٿا. سنڌ پاڪستان جي اڪيلي اهڙي آئيني يونٽ آهي، جتي 1971ع کان پوءِ همعصر سياسي تاريخ جي سڀ کان وڏي لڏپلاڻ جي نتيجي ۾ لکن جي تعداد ۾ ماڻهو هتي پهتا. سنڌ اندر هڪ وڏي لساني اقليتي گروپ جي اچڻ جي نتيجي ۾ اصلوڪن ڌڻين ۽ هجرت ڪندڙن وچ ۾ ڪيترائي سياسي، سماجي ۽ معاشي تڪرار پيدا ٿيا. ايئن ٿيڻ کانپوءِ مفادن جو ٽڪراءُ هڪ قدرتي عمل هو، جنهن کي توازن ۾ آڻڻ رياست جي بنيادي فرضن مان هڪ هو، پر رياست ان جهيڙي يا تضاد کي حل ڪرڻ بدرانان کي پنهنجن مفادن لاءِ وڌيڪ استعمال ڪيو ۽ سنڌين کي اهو فڪر شروع ٿيو ته کين پنهنجي ئي وطن ۾ ٿورائي ۾ تبديل ڪيو ويندو. اڄ به حالت هيءَ آهي، جو پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ اڄ تائين سنڌ جي دل ۽ گاديءَ واري هنڌ ڪراچيءَ ڏانهن ملڪ جي هر حصي مان ڏينهون ڏينهن تيز ٿيندڙ لڏ پلاڻ جاري آهي، ان مسئلي تي سنڌ جو اهو اصولي موقف رهندو آيو آهي ته اها ٻاهرين توڻي اندرين هجرت روڪي وڃي. ملازمتن، ڪاروبار ۽ مزدوريءَ لاءِ ايندڙن کي مستقل شهريت نه ڏني وڃي. انهن کي مخصوص شناختي ڪارڊ ڏيئي، ورڪ پرمٽ جاري ڪري ووٽ ڏيڻ، سياست ۾ بهرو وٺڻ ۽ سنڌي سماج تي اثرانداز ٿيڻ واري عمل کي روڪيو وڃي.
جڏهن ڪن ڌرين ۽ دوستن پاران ڏکڻ ايشيا جي مختلف ملڪن ۽ خاص طور تي هندستان، بنگلاديش پاڪستان وچ ۾ ويزا جي اجاين سختين کي گهٽائڻ جي ڳالهه ٿي ته سنڌ ۾ وڏو ردعمل ٿيو ۽ چيو ويو ته سنڌ ۾ ڌارين جي لوڌ اچي ويندي.
ان ڏس ۾ اسان جا تهمتن ۽ الزامن جا سرٽيفڪيٽ جاري ڪرڻ جا ماهر ڪي دوست چوڻ لڳا ته ڪراچيءَ ۾ ويٺل ڪي دوست سنڌ دشمن ڪم ڪري رهيا آهن ۽ جڏهن انهن دوستن جي ميٽنگز ۽ اجلاسن ۾ شرڪت جو موقعو مليو ته اتي فورم اوپن هئا. ڳالهائڻ، راءِ ڏيڻ، اختلاف رکڻ ۽ ايستائين جو بائيڪاٽ ڪرڻ جو به حق ڏنو ويو هو ۽ اتي اها ڳالهه رکيسين ته ڏکڻ ايشيا جي سماجي، ثقافتي ۽ معاشي ڳانڍاپي ۽ اتحاد لاءِ ضروري آهي ته هر خطي جون معروضي حالتون ۽ زميني حقيقتون سمجهڻ گهرجن. قومن جي خدشن ۽ موقف کي چڱيءَ ريت ٻڌو وڃي.
مون کي به گذريل 10 سالن اندر ڪنهن به اجلاس، گڏجاڻي، ميٽنگ، ڪانفرنس يا ڊائلاگ وغيره ۾ سنڌ جي ڳالهه رکڻ يا ايجنڊا ۽ ٺهرائن ۾ پنهنجي موقف شامل ڪرائڻ کان ڪڏهن به روڪيو نه ويو آهي. اڳي اسين انهن فورمن تي مستقل مزاجيءَ سان موجود نه هوندا هئاسين ۽ هاڻ ڪيتري وقت کان اسين اهي فورمز ڇڏڻ لاءِ تيار نه آهيون ته جيئن سنڌ جو سياسي ۽ قانوني نقطي نظر هر هنڌ نظر ايندو رهي.