دعوت ناما ۽ سفر جي تياري
شرافت علي پاران موڪليل اي ميل اڃا پڙهي رهيو هئس ته ذوالفقار شاهه جو فون آيو ۽ چوڻ لڳو ته هو ڍاڪا ۾ جيڪي به اجلاس آهن، انهن جي باضابطي دعوت ۽ انهن سان لاڳاپيل Concept papers موڪلي رهيو آهي ته جيئن انهن اجلاس ۾ ڀرپور حصو وٺي سگهجي. شاهه صاحب اهو به ٻڌايو ته ڍاڪا لاءِ پي آءِ اي جي اڏامن ۾ سيٽن جي کوٽ آهي، ڇاڪاڻ ته سمورا دوست پي آءِ اي ۾ سفر ڪري رهيا آهن، انڪري، آئون به ڪوشش ڪري انهيءَ ايئرلائينز ۾ ٽڪيٽ وٺان.
ان کان اڳ، جڏهن 2009ع ۾ ڍاڪا وڃڻ ٿيو هو تڏهن سنڌي ٻوليءَ جو ڀلوڙ شاعر ۽ پيار ڪندڙ دوست هدايت بلوچ اڳ ۾ ئي ڍاڪا ۾ موجود هو. هو ان وقت پي آءِ اي بنگلاديش جو ڪنٽري مينيجر هو ۽ پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ هلندڙ پي آءِ اي جون سڀئي اڏامون سندس ڪم جي حصي طور جهڙوڪ سندس هٿ ۾ هنيون. (پياري هدايت بلوچ جي ڍاڪا ۾ ڪيل شاندار دعوتن، نه وسرندڙ ميزباني ۽ ڪچهرين تي پورو هڪ مضمون اڳيان هلي پڙهندا. سڀ کان پهرين ڪراچيءَ ۾ ڊفينس جي علائقي ۾ هڪ خانگي بنگلي اندر قائم بنگلاديش ڊپٽي هاءِ ڪميشن جي آفيس ۾ فون ڪيم ۽ اتي موجود اسٽاف کي ڍاڪا ۾ ٿيندڙ ڪانفرنسز بابت ٻڌائي ويزا جلدي ڏيڻ جي حجت ڪري ٽريول زون حيدرآباد ۾ انٽرنيشنل ڊيسڪ جي انچارج نعيم مغل ۽ طاهر کي چيم ته ڍاڪا لاءِ بڪنگ ڪري ڇڏيو.
ٿورڙي وقت کان پوءِ نعيم فون ڪري ٻڌايو ته بنگلاديش مان شروع ٿيندڙ هڪ نجي ايئر لائيز ”ايم اين جي“ جهاز ۾ چند سيٽون آهن، باقي پي آءِ اي يا بنگلاديش جي سرڪاري ايئر لائينز بِيمان ۾ ڪابه سيٽ نه آهي، ايستائين جو ويٽنگ تي به بڪنگ ممڪن نه آهي. معلوم ڪرڻ تي پتو پيو ته 18 جنوري 2011ع تي ڍاڪا ۾ڪو مذهبي ميڙ ٿيڻ وارو آهي ۽ انڪري بڪنگ ممڪن نه آهي. ڪن دوستن کي بڪنگ لاءِ چيم، پر جڏهن ڏٺم ڪجهه نه ٿيندو ته سنڌ اسيمبليءَ جي اسپيڪر نثار کهڙي صاحب جي آفيس ۾ ويٺل پياري نعمان شيخ کي فون ڪيم. پهرين سوچيم ته کهڙي صاحب سان حجت ڪريان، پر نعمان شيخ سچ پچ ته اسپيڪر سنڌ اسيمبليءَ ۾ پوندڙ اهڙن سنهن ٿلهن ڪمن جو بار کنيو اچي.
مون يو ايس ايڊ جي اسيمبلي ميمبرن جي سکيا جي پروگرام PLSP جي سنڌ جي صوبائي ڪوآرڊينيٽر طور سائين مظفر حسين شاهه جي دور واري اسپيڪر آفيس به ڏٺي آهي ته هاڻ عوامي دور جي اسپيڪر جي آفيس به. ٻنهي دورن ۾ زمين آسمان جو فرق آهي. جيتوڻيڪ موجوده عوامي دور پاڪستان جي جمهوريت پسند ۽ روشن خيال عوام جي عظيم قربانين، نسل پرست فوجي آمر پرويز مشرف سان لڳاتار هڪ ڏهاڪي جي ويڙهه ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه ته محترما بينظير ڀٽو ۽ ڪيترن ئي ٻين معصوم شهرين جي جانين جي نذرانن ۽ شهادتن جي نتيجي ۾ حاصل ٿيو آهي، پر بدقسمتيءَ سان اهو عوامي دور عوام لاءِ اهڙو ئي ثابت ٿيو آهي، جهڙو مشرف جو دور هو.
ها، ايترو ٿيو آهي، جو سياسي ماڻهن تائين غريب عوام جي پهچ ٿي آهي، پر انهن جي مسئلن، دردن يا مشڪلاتن جي داد رسي ٿئي پئي يا نه، نثار احمد کهڙي جي آفيس ان جو واضح مثال آهي. جيتوڻيڪ کيس هاءِ پروفائيل ڪم ڏيئي سياسي طور بيروزگار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي، پر سندس آفيس ۾ هر روز سوين ڪارڪن، شهري، صحافي دوست، چونڊيل نمائندا ۽ وفد موجود هوندا آهن. ڪم ٿئي يا نه، آفيس تائين پهچ آهي. آفيس ماڻهن سان هر مهل سٿيل ڏسي، جس آهي. نعمان شيخ ۽ ٻين دوستن کي، جيڪي ماڻهن کي منهن ڏيو ويٺا آهن. سو نعمان ڀاءُ کي فون ڪري چيم ته ادا پي آءِ اي وارا ڪوڙيون بڪنگون وجهيو، جهاز بند ڪيو ڇڏين ۽ جيستائين چئبو نه، سيٽ نه ملندي.
کلندي چيائين ته ڪرڻو ڇا آهي؟ مون وراڻي ڏني ته هر صورت ۾ ڍاڪا لاءِ سيٽ گهرجي. پاڻ انتهائي کلڻو ماڻهو آهي، سو چيائين ته ڪلاڪ کن ۾ سيٽ ٿي ويندي. سوچڻ لڳس ته جنهن ڪلچر خلاف ڳالهايون ٿا، تبديل ڪرڻ گهرون ٿا، پر نيٺ تنگ ٿيو، پاڻ به اهو ئي ڪيون ٿا، جيڪي سڀ ڪن ٿا. اڃا نعمان شيخ جو فون آيو نه هو ته پائيلر جي بڪنگ ايجنٽ اي ميل تي لاهور جي ڪنهن دور جي نامور جيالي فرخ سهيل گوئيندي، جيڪو اڄڪلهه لاهور مان هڪ روشن خيال پرچو ”جمهور“ ڪڍي رهيو آهي ۽ گڏوگڏ پي ٽي وي تان ڪرنٽ افيئرز جو هڪ پروگرام جو به ميزبان آهي، جو نالو به ڏنو ته سندس سيٽ جو بندوبست ٿي سگهي ته واهه واهه. مون نعمان ڀاءُ کي ٻيهر فون ڪري درخواست ڪئي. ڪجهه دير کان پوءِ سيٽون ملي ويون ۽ سيٽن جي ڪنفرم ٿيڻ تي سک جو ساهه کڻي ويزا وٺڻ لاءِ ڪراچي وڃڻ جي تياري شروع ڪئي.
ننڍن ملڪن يا اهڙا ملڪ، جن جي ڪا خاص ساک يا دفاعي اهميت نه آهي يا جتي سياسي جلاوطني وٺڻ يا گم ٿي وڃڻ جو خطرو نه آهي، اتان جي ويزا وٺڻ ۾ ڪا گهڻي ڏکيائي ڪانهي، پر اوهان کي اهو پڙهي حيرت ٿيندي ته هندستان ۽ بنگلاديش پاڪستاني پاسپورٽ هولڊر کي ويزا ڏيڻ جي معاملي ۾ صفا جهڙوڪ يورپي ملڪ يا امريڪا هجن. جيڪڏهن دوري جا مقصد واضح، ميزبان جي ساک ۽ پنهنجي ملڪ اندر اثر نه آهي ته اوهان کي بنگلاديش هاءِ ڪميشن به پاسپورٽ ٺاهي ڏيئي سگهي ٿي. ايئن رڳو هن پاسي نه آهي، پر پاڪستان به ويزا جي معاملي ۾ انهن ملڪن ڏانهن ساڳيو ئي بيرخيءَ وارو رويو رکي ٿو. پاڪستان کان ڌار ٿيڻ کان پوءِ بنگلاديش ۽ پاڪستان وچ ۾ هڪ عجيب ناپسنديدگيءَ جو رويو موجود آهي، جيڪو رڳو اهو شخص محسوس ڪري سگهندو، جيڪو ماڻهن وچ ۾ رابطي (People to People Contact) ۾ ويساهه رکي ٿو ۽ ان عمل ۾ عملي طور بهرو وٺندو هوندو، ان کي سڀني رخن بابت واضح ڄاڻ هوندي. سڀ کان پهرين بنگلاديش جي غيرسرڪاري تنظيمن جي سرگرم ۽ متحرڪ اڳواڻ رضا ڪريم جي آفيس مان موڪليل ٻن اهم اجلاسن جا دعوت ناما، بنگلاديشي هاءِ ڪميشن ڏانهن لکيل ريفرنس ليٽر ۽ ڪانسپيٽ پيپرز جا پرنٽ آئوٽ ورتم ۽ پوءِ تصويرون ۽ پاسپورٽ هٿيڪا ڪري روانو ٿيس ڪراچيءَ لاءِ، جو ڊپٽي هاءِ ڪميشن جي دوست هڪ ڏينهن اندر ويزا ڏيڻ جي هاڪار لاءِ اهو لازمي شرط رکيو ته آئون پاڻ اچي پاسپورٽ جمع ڪرايان.
انهن سڀني تيارين بابت گهروارن ۽ ٿرديپ جي سربراه ڊاڪٽر سوني کنگهاراڻيءَ کي ٻڌايم ۽ ڊاڪٽر صاحب کي موڪل وٺڻ جي فارمل درخواست اي ميل ڪيم.
دعوت ناما پڙهيم ته هڪ اجلاس 20 جنوريءَ 2011ع تي (South Asia Social Forum Preparatory Meeting) ڏکڻ ايشيا سطح جي سوشل فورم منعقد ڪرائڻ بابت صلاحڪاري گڏجاڻي هئي، جنهن ۾ پاڪستان، هندستان، ميزبان بنگلاديش، سريلنڪا، ڀوٽان، مالديپ، نيپال ۽ ڪجهه ملڪن مان آيل مهمانن لاءِ شريڪ ٿي رهيا هئا ته جيئن سوشل فورم جي پروگرام بابت تاريخون طئه ڪجن. اهو پروگرام انڪري رکيو ويو، جو 18 ۽ 19 جنوري 2011 ع تي پيپلز سارڪ (People SAARC) جي ڪانفرنس هئي، جنهن جو عنوان هو: (Envisioning New South Asia:Peoples Perspective) ”هڪ نئين ڏکڻ ايشيا جو تصور: عوامي خيال کان“ انهن ٻنهي گڏجاڻين جو مقامي ميزبان رضا ڪريم چوڌري هو، جنهن جي تنظيم ڪوسٽ (COAST:Costal Association for Social Transformation Trust) آهي. اها ساحلي پٽي ۽ بنگلاديش اندر پاڻي، ڊيمن، ماحوليات، ماهيگيرن ۽ انهن سان لاڳاپيل معاملن تي ڪم ڪري رهي آهي ۽ دنيا ۾ موجود ترقي پسند اتحادن ۽ فورمن جهڙوڪ ڏکڻ ايشيا ۾ غربت جي خاتمي جو علاقائي نيٽ ورڪ SAAPE، فوڪس ان گلوبل سائوٿ، سوشل واچ (SW) ۽ جوبلي سائوٿ (GS) وغيره سان سلهاڙيل آهي.
ٻنهي گڏجاڻين جي ايجنڊا تي ڳالهائيندڙن جا نالا پڙهي سرهائي ٿي ۽ اهو خيال ٻيهر دل وندرائڻ لاءِ ڪافي هو ته هڪ ڀيرو ٻيهر دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ مان آيل سياسي ڏاهن درس ۽ تدريس سان لاڳاپيل ذهين استادن، سول سوسائٽيءَ جي اڳواڻن، سياسي اڳواڻن، دانشورن ۽ عوامي تحريڪن ۾ حصو وٺندڙ ذهنن ۽ سڄاڻ ڪارڪنن کان گهڻو ڪجهه لاڀ پرائڻ جو موقعو ملندو.
مون کي ڇاڪاڻ ته برطانيا جي اسٽوڊنٽ ويزا لاءِ درخواست به جمع ڪرائڻي هئي، تنهنڪري انهن تيارين دوران منيزه اهو چوندي رهي ته آئون اهو ضرور ذهن ۾ رکان ته مون کي ڪيترن ڏينهن کان پوءِ پاسپورٽ ٻيهر هٿ ۾ گهرجي. ڪيمبرج يونيورسٽيءَ ۾ پي ايڇ ڊي داخلا جي سلسلي ۾ شاگرد ويزا لاءِ هڪ ڊگهو عمل آهي، جنهن جي ڪري وقت جي گهڻي اهميت هئي.
سو آئون اها سڄي ڪٿ ذهن ۾ رکندي سوچي رهيو هئس ته سفر ۾ مزو به ڏاڍو آهي، پر گهڻو سفر ٿڪائي به ٿو.
انهن ئي ڏينهن ۾ بنگلاديشي سرڪار پاران 1971ع ۾ پاڪستاني فوج پاران بنگالين تي ڪيل فوج ڪشي ۽ بنگالين جي قتل عام خلاف اولهه پاڪستان ۾ شديد مخالفت ڪندڙ سياسي اڳواڻن، ڏاهن، صحافين، شاعرن ۽ سول سوسائٽيءَ جي اڳواڻن کي بنگلاديش جو سڀ کان وڏو سول اعزاز ڏيڻ جو اعلان ٿيو هو. سنڌ ۾ ان ڳالهه تي وڏا چوٻول هئا. ٻين صوبن جي اخبارن يا پريس ۾ مون کي ايترو بحث نظر نٿي آيو، سو آئون به ڏاڍو خوش هئس ته اهڙي خوشگوار اعلان کان پوءِ ڍاڪا جي سفر تي اُسهيو. ٻئي پاسي پاڪستان اندر پيپلز پارٽيءَ جو مرڪزي اڳواڻ پنجاب جو گورنر، ناميارو صحافي، ٽي وي چينل بزنس پلس، انگريزي اخبار ڊيلي ٽائيمز، اردو اخبار آج ڪل جو چيف ايگزيڪيوٽو سلمان تاثير هڪ جنوني ۽ انتهاپسند هٿان قتل ٿي چڪو هو ۽ ان خوفناڪ واقعي تي ملڪ جو روشن خيال، سيڪيولر ۽ جمهوريت پسند حلقو نه رڳو سخت ڪاوڙ ۾ هو، پر خوفزده به هو، جو مذهبي انتهاپسنديءَ جي وڌندڙ لهر تشدد ۽ قتل غارت ۾ واڌارو ڪري رهي هئي. انهن ئي ڏينهن ۾ ڍاڪا ۾ دنيا جو سڀ کان وڏو مذهبي اجتماع ٿي رهيو هو ۽ بنگلاديش ۾ وڌندڙ مذهبي انتهاپسنديءَ جو خبرون به روز انٽرنيٽ تي ڏسي رهيو هئس.
ان سموري وايومنڊل ۾ اهو طئه ڪيم ته انهن معاملن تي به لکڻ گهرجي. آئون گهڻو ڪري لکڻ جي ڪم ۾ مصروف رهان ٿو، پر هيل سوچيم ته سفرنامي جي بهاني انهن سمورن معاملن تي ٽيڪا ٽپڻي ڪندس.
پاڪستان جي سياسي صورتحال جي بنگلاديش جي سياسي صورتحال سان ڀيٽ يا پاڪستان جي صورتحال جو ڍاڪا جي سماج ۽ سياست تي اثر اڄ به برقرار آهي.
اهو تعلق بلڪل ايئن آهي، جيئن پاڪستان ۽ هندستان جا معاملا آهن. هڪڙو بنيادي سبب هيءُ آهي ته 1947ع کان اڳ ۾ اهي سڀ ملڪ هڪ گڏيل ملڪ هئا. پاڪستان جي قيام ۽ هندستان جي ورهاڱي کان پوءِ پاڪستان ۽ هندستان ڏکڻ ايشيا جا ٻه اهم ملڪ هجڻ ڪري علائقي جي سماجي ترقي، سياسي فضا ۾ هم آهنگي يا معاشي اڳڀرائيءَ جو دارومدار انهن وچ ۾ بهتر لاڳاپن تي آهي. ان کان سواءِ لڏپلاڻ جي نتيجي ۾ ٻنهي ملڪن جي عوام جي ڪيترن ئي طبقن جو هڪٻئي سان صدين کان ڳانڍاپو آهي. بنگالين جو اسان سان اهڙو ئي تعلق آهي، هڪ ته بنگلاديش پاڪستان جو حصو هو، بنگال 1947ع ٺهندڙ پاڪستان جي سڀ کان وڏي وفاقي يونٽ هو، جنهن کي اهو آئيني، اخلاقي ۽ قانوني حق حاصل هو ته هو ملڪ مٿان اڪثريتي بنياد تي جمهوري قدرن جي پاسداري ڪندي حڪمراني ڪندا رهن. ٻيو ڳانڍاپو پنجن ئي وفاقي آئيني اڪاين ۽ قوميتن جي ماڻهن جو پاڻ ۾ مضبوط سماجي ۽ انساني رشتو آهي. ٽيون بنيادي سبب بنگالين جي اقتصادي برتري ۽ روشن خيال ۽ کاٻي ڌر جي سياست ۾ بنگالي قيادت ۽ ان پٺيان ملڪ جي ٻين قومن جهڙوڪ، سنڌين، سرائيڪين، پنجابين، پٺاڻن ۽ بلوچن جو گڏ هئڻ آهي. 25 سالن تائين هڪ ملڪ ۾ گڏ رهڻ واري لاڳاپي ۽ تجربي ۾ جيڪي به سياسي،سماجي فيصلا ٿيا، انهن جا اثر اڄ به بنگالي سماج ۾ موجود آهن، تنهنڪري جيڪڏهن ڪير اهو سمجهي ٿو ته پاڪستان جي صورتحال جو بنگلاديش يا بنگلاديشي صورتحال جو پاڪستان تي اثر نٿو پوي ته اهو ڪنهن حد تائين هڪ غيرعلمي راءِ رکي ٿو. جيڪڏهن ايئن نه هجي ها ته اڄ به ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن ۽ هڪٻئي تي پوندڙ اثرن تي ايترا ڪتاب، تحقيقي مقالا ۽ ادب نه سرجيو وڃي ها. پاڪستان هڪ جسم هو، بنگلاديش پڻ انهيءَ جو حصو هو، هاڻ اهو ڪيئن ممڪن آهي ته ڪنهن جسم جي ڪنهن عضوي جي الڳ ٿي وڃڻ کان پوءِ، انهيءَ جسم کي صحتمند قرار ڏنو وڃي يا انهيءَ جسم کان ان جي عضوي الڳ ٿيڻ واري سانحي کي بلڪل به وساري ڇڏجي. هاڻ ته نئون تصور اهو اڀري رهيو آهي ته علائقيت جي وڌندڙ لهر کي ڏسندي جيڪڏهن ڏکڻ ايشيا کي امير، وسيلن سان مالال مال، عوامي حقن جي تحفظ جي ضامن خطي طور ڏسڻو آهي ته پوءِ سارڪ جي سڀني ملڪن کي ڪن بنيادي نقطن تي هڪ ٿيڻو پوندو.