ڍاڪا آمد ۽ بنگالين جي برآمدات
ايتري ۾ سينيٽر حاصل بزنجو نظر آيو ۽ مون اڳيان وڌي کانئس پڇيو ته هو ته ڪرامت وارن سان اڳواٽ ئي وڃڻو هو. ان تي هن ٻڌايو ته سندس سيٽ اسان واري فلائيٽ ۾ ٿي آهي. سينيٽر حاصل بزنجو ملڪ جو ناميارو سياستدان آهي. پي آءِ اي جو عملو کيس سڃاڻي رهيو هو، سو سندس سيٽ تبديل ڪري کيس اڪاناميءَ ۾ اڳين سيٽن تي ويهاريو ويو.
اڪاناميءَ جا ٻه وڏا ڪئبن هئا ۽ آخري ڪيبن ۾ سمورا تبليغي نوجوان پائنچا مٿي ڪيو ويٺا هئا. اعلان ٻڌڻ ۾ آيو ته اسين پنجن ڪلاڪن جي اڏام کان پوءِ ڍاڪا جي حضرت شاهه جلال الدين انٽرنيشنل ائيرپورٽ تي لهنداسين. ڍاڪا جي ان ايئرپورٽ جو نالو ضياءُ انٽرنيشنل ايئرپورٽ هو، جنهن کي تبديل ڪري حضرت جلال الدين جي نالي تي رکيو ويو آهي. اها به هڪ عجيب ڏکڻ ايشيائي ذهنيت آهي ته نالا مٽائبا آهن. جيئن اسلام آباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ کي بينظير ڀٽوشهيد جو نالو ڏنو ويو آهي ۽ نوابشاهه ضلعي کي شهيد بينظيرآباد سڏيو ٿو وڃي. سڀاڻي وري ڪو ٻيو حڪمران يا آمر انهن نالن کي تبديل ڪندو. اهڙين حرڪتن بدران انهن شخصيتن جي نالي سان وڏا ۽ نوان ادارا ٺاهيا وڃن. نالي مٽائڻ جي نفسيات به عجيب آهي. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ ڪراچي شهر ۾ انهن شهرين، جن ڪراچيءَ کي ڪراچي بڻايو، انهن جا نالا مٽائي روڊن رستن، چوڪن ۽ عمارتن وغيره جا نالا اهڙن ماڻهن جي نالي تي رکيا ويا، جن جو ڪراچيءَ جي اڏاوت، تعمير ۽ ترقيءَ ۾ ٽڪي جو به ڪردار نه هو. جمشيد مهتا، جمشيد نسرواجي ۽ ڪراچيءَ کي گل گلزار بڻائڻ، تعليم ۽ سماجي سرگرمين جا ادارا ٺاهي ڏيڻ وارن سنڌي هندو سماج سڌارڪن ۽ سيٺن جا نالا هٽائي سر سيد احمد خان، مولانا ظفر، مولانا جوهر ۽ حسرت موهاني وغيره جا نالا مڙهيا ويا. بنگلاديش ۾ به اهو ڪلچر ڏٺم. هندستان ۾ انتهاپسندن پاران اهڙين حرڪتن جا مطالبا ٿيندي ٻڌون پيا، جن ۾ هو مسلمانن جي نالن تي جوڙيل تاريخي ۽ ثقافتي عمارتن جا نالا مٽائڻ گهرن ٿا.
ڍاڪا ايئرپورٽ جيتوڻيڪ ننڍو ۽ پراڻو آهي، پر هيل ڏٺوسين ته زبردست شڪل وٺي رهيو هو. جديد انداز ۾ ڪيترائي حصا باقاعدي ڪنهن بين الاقوامي ايئرپورٽ جهڙا ٺاهيا پئي ويا. مرمتي ڪم تيزيءَ سان جاري هو. بنگلاديش جي پنهنجي قومي ايئرلائينز بيمان کان سواءِ ٻين سڀني فلائيٽس جي آمد يا روانگيءَ لاءِ نوان لائونج استعمال ٿي رهيا هئا.
هيڏانهن هوڏانهن نظر ڊوڙائڻ کان پوءِ ڳالهه سمجهه ۾ اچي ويئي ته ايتري تيزيءَ سان ڪم ڇو جاري آهي. هڪڙي وڏي سائن بورڊ مان اهو پڌرو ٿيو ته هيءُ سڀ ڪرڪيٽ جي عالمي ڪپ جي تيارين جو حصو آهي، جو نه رڳو پوري دنيا مان ڪرڪيٽ ٽيمون، پر ڪرڪيٽ جا شوقين به ڍاڪا جو رخ ڪندا، بنگالي ڏاڍا خوش هئا. ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ جي ڪري پنهنجي ملڪ جي بين الاقوامي سطح جي خبرن، تبصرن ۽ شهرت جي حصي ٿيڻ تي نوان پينا فليڪس، سائن بورڊز، شيشا ۽ ٽائلز ايئرپورٽ جي ان حصي کي سهڻو بڻائي رهيا هئا. گذريل ڀيري وانگي هن ڀيري به بنگلاديش کان ٻاهر وڃڻ لاءِ بنگالين جون ڊيپارچر لائونج ۾ ڊگهيون قطارون لڳل هيون. سون جي تعداد ۾ روز 20 کان 35 سالن تائين جي ڄمار جا بنگالي روزگار لاءِ پنهنجي ملڪ کان ٻاهر وڃن ٿا. انهن ملڪن ۾ گهڻو ڪري عرب رياستون آهن، جيڪي بنگالين کي ملازمتن ڏيڻ ۾ مدد ڪن ٿيون.
بنگلاديش جي معاشي سگهه جو راز:
بنگلاديش هن وقت ڏهن اسرندڙ ملڪن ۾ ٽاپ تي آهي، جنهن جي معيشت جو وڏو بار ٻاهرين دنيا ۾ ويٺل بنگلاديشين پاران موڪليل پرڏيهي مٽاسٽا جي ناڻي (Remittances) تي آهي. هن وقت هڪ اندازي پٽاندر 85 لک بنگالي ٻاهرين دنيا ۾ رهن ٿا. ڪنهن عالمي مالياتي اداري ۾ بئنڪر جي نوڪريءَ کان وٺي ڪنهن عرب رياست ۾ بورچي جي نوڪريءَ تائين هو پنهنجي پگهار يا ڪمائيءَ جو ايترو حصو بنگلاديش موڪلين ٿا، جو اهو 10 بلين امريڪي ڊالرز ٿئي ٿو.
قانوني يا غيرقانوني طريقي سان ٻاهرين دنيا ۾ رهندڙ 10 لک بنگلاديشين مان لڳ ڀڳ 8 لک 75 هزار ماڻهو ريميٽنسز جي ذريعي ناڻو ملڪ موڪلين ٿا. اهو ناڻو بنگلاديشن جي گڏيل پيداوار يعني جي ڊي پي (Gross Domestic Product) جو 12 سيڪڙو ٿئي ٿو.
نائن اليون واري سانحي کان پوءِ جيئن ئي امريڪا، ڪيناڊا، يورپ ۽ دنيا ٻيا خطا جهڙوڪ نيوزيلينڊ ۽ آسٽريليا مسلمانن لاءِ سوڙها ٿيندا ويا ته ان جو وڏو اثر انهن خطن يا ملڪن ۾ رهندڙ پاڪستانين تي ٿيو. تمام وڏي تعداد ۾ پاڪستاني انهن ملڪن مان وطن واپس وريا آهن ۽ نتيجي ۾ پاڪستان ڏانهن ايندڙ پرڏيهي مٽاسٽا جي ناڻي جا ذخيرا خطرناڪ حد تائين گهٽجي ويا آهن.
پر دلچسپ ڳالهه اها آهي ته مذهبي انتهاپسندي، تنگ نظري ۽ دهشتگرديءَ کي هٿي وٺرائڻ جي ڪري بدنام پاڪستان تي، جتي مسلمان رياست هجڻ جا ليبل لڳن ٿا، اتي ئي بنگلاديش جيڪو پڻ مسلمان ملڪ آهي، اتان ٻاهرين دنيا ڏانهن افرادي قوت جي روانگي ۾ واڌ آئي آهي ۽ بنگلاديش پاڪستان کي پٺتي ڇڏي ويو آهي، ان جو نتيجو آهي، جو اڄ بنگلاديش جو ٽڪو پاڪستاني رپئي کان ٻيڻو قدر رکي ٿو. يعني جيڪڏهن اوهان رپئي کي ٽڪي ۾ تبديل ڪرائيندا ته پاڪستان جي ٻن رپين بدران اوهان کي هڪ بنگلاديشي ٽڪو ملندو. اسان جي پاليسين ٻاهرين سيڙپڪاريءَ جي گهٽجڻ، دهشتگرد هجڻ واري طعي، مذهبي انتهاپسندي ۽ رجعت پرستيءَ جي پٺڀرائي ڪرڻ جي الزامن هيٺ اسان جي معيشت ۽ سماجي ترقيءَ جو ڪاروهنوار خطرناڪ حد تائين هيٺ ڪري رهيو آهي. دنيا جا ناميارا اقتصادي ماهر ۽ مائيگريشن ايڪسپرٽ اهو چون ٿا ته بنگالين جي ان طاقت ۾ اڃا به واڌ ايندي، ڇاڪاڻ ته بنگلاديش ۾ ايندڙ پئسي ۾ قانوني ذريعا استعمال ٿين ٿا، جهڙوڪ ويسٽرن يونين ۽ انهن ملڪن ۾ قائم بنگلاديشي بئنڪنگ سسٽم وغيره.
پرڏيهي مٽاسٽا جو اهو ناڻو بنگلاديشي معيشت کي وڌيڪ سگهارو ڪري رهيو آهي جو هاڻ ورلڊ بئنڪ وغيره چاهين ٿا ته ٻين نيٽ ورڪس ۽ بئنڪنگ سسٽم بدران بنگلاديشي ملڪ ۾ پئسا اماڻڻ لاءِ ورلڊ بئنڪ جي ايس ايم ايس سروس استعمال ڪن. اهو هڪ زبردست خيال آهي، جنهن تي بنگلاديشين ۾ وڏو بحث هلندڙ آهي. مقامي بئنڪون ۽ ويسٽرن يونين وارا ان جا مخالف آهن. پر مقامي معاشي ماهرن جو چوڻ آهي ته اهي سرشتا مهانگا آهن ۽ ڪل آمدني جو 20 کان 25 سيڪڙو کڻي وڃن ٿا، تنهنڪري عالمي بئنڪ جو ايس ايم ايس يا ٽيڪسٽ نياپي وارو سسٽم سولو ۽ سستو آهي، جيئن موبائل فون ذريعي پئسا ايئن گهر پهچندا، جيئن اسين پاڪستان ۾ موبائل لاءِ ايزي لوڊ يا ايزي پئسا استعمال ڪيون ٿا. اهو سسٽم بنگلاديش ۾ به موجود آهي، پر ملڪي سطح تي ۽ ٻئي پاسي بين الاقوامي سطح تي ان لاءِ ڪم هلندڙ آهي.
ان ڏس ۾ بنگلاديش جو اوورسيز ۽ ايمپلائمنٽ جو وزير ۽ عوامي ليگ جو اڳواڻ خوندکر مشرق حسين وڏو ڪم ڪري رهيو آهي. حسين ڍاڪا يونيورسٽيءَ مان انجنيئرنگ ڪري لنڊن مان پي ايڇ ڊي ڪري عالمي بئنڪن ۾ ڪم ڪندو رهيو آهي. هو انٽرنيشنل ليبر آرگنائيزيشن (ILO) جو وڏو آفيسر به رهيو آهي ۽ هن وقت سندس آفيس سمنڊپار بنگلاديشين لاءِ وڏا ڪم ڪري رهي آهي.
جيڪڏهن اوهان سندس ذاتي يا وزارت واري ويب سائيٽ ڏسندو ته ”فرق صاف ظاهر آهي“ نظر ايندو ته اسان واريون وزارتون ڪيئن پنهنجي ڄاڻ، معلومات، وزن، پٺتي پيل ۽ نوڪرشاهيءَ جي مرضيءَ جي ور چڙهيل آهن ۽ بنگلاديش يا هندستان، ايستائين جو سريلنڪا جون وزارتون ۽ ادارا به بهترين طريقي سان فعال آهن.
حسين جي وزارت جي ويب سائيٽ ۾ فيس بڪ، ٽوئيٽر ۽ اسڪائپ تائين اپ ڊيٽ ٿيل آهن. هو هر انڪوائريءَ جو جواب ڏئي ٿو. جيتوڻيڪ پاڪستان اڄ به پرڏيهي ناڻي ۾ اڳڀرو آهي، پر معيشت اها آهي، جو بدقسمتيءَ سان پاڪستان ۾ ايندڙ پئسي جا ذريعا غيرقانوني وڌيڪ آهن. يورپ، امريڪا، ڪينيڊا ۽ ٻين ملڪن ۾ ويٺل پاڪستاني ڪوشش ڪري (پئسا بچائڻ لاءِ) پنهنجا پئسا هُنڊي وغيره جهڙن غيرقانوني طريقن سان موڪلين ٿا، جنهن جي نتيجي ۾ ملڪ موڪليل پئسي جو وڏو حصو قانوني طريقي سان نه اچڻ ڪري سرڪاري طرح ظاهر نٿو ٿئي.
ان جو هڪ نقصان اهو ٿيو، جو مذهبي جماعتن، مدرسن ۽ زڪوات، خيرات وغيره لاءِ پئسا اماڻڻ طور به هنڊي ۽ اهڙا ٻيا وسيلا استعمال ٿيندارهيا ۽ نتيجي ۾ پاڪستان کي پئسن جي غيرقانوني منتقلي سڀ کان وڏو، محفوظ پر ساڳئي وقت خطرناڪ ملڪ قرار ڏنو ويو.
هر دور ۾ حڪومت ۽ خاص طور تي ناڻي واري وزارت رڙ يونڪندي ٿي رهي ته پاڪستاني پنهنجا پئسا قانوني طريقي سان موڪلين. هنڊي وغيره کي استعمال نه ڪن ته جيئن معيشت کي هٿي ملي ۽ پرڏيهي ناڻو سرڪار وٽ اچي، پر سائين جنهن ملڪ ۾ جنرل، وزيراعظم، صدر ۽ اعليٰ سول ۽ ملٽري نوڪرشاهي پنهنجو غيرقانوني پئسو هنڊي ذريعي منتقل ڪندي هجي ته ان ملڪ جي عام شهرين تي ڪهڙي ميار!
پاڪستان جي هڪ وڏي ٿنڪ ٽينڪ ۽ تحقيق ڪندڙ اداري SDPI (جٽادار ترقي وارو ادارو) جي چيف ۽ نامياري ليکڪ ڊاڪٽر عابد قيوم ساليهري ان ڏس ۾ ڪيون سيوج سان گڏجي، اوورسيز ڊولپمينٽ انسٽيٽيوٽ (ODI) جي شعبي هيومنٽيرين پاليسي گروپ ((HPGلاءِ هڪ تحقيقي مقالو لکيو آهي، جنهن ۾ هن پاڪستان جي ڪيس کي زبردست نموني سان پيش ڪيو آهي.
اسان جا حڪمران ۽ پاليسي جوڙيندڙ ٻاهران گهرايل اقتصادي ماهر رڳو اهو پيپر پڙهن ۽ بنگلاديشين جي همٿ ۽ ڪمٽمنٽ کان سبق پرائين ته گهڻو ڪجهه ٿي سگهي ٿو. عابد قيوم پٽاندر: دهشتگردي، غيرقانوني رهائشن، هنڊيءَ جي استعمال، پاليسين ۽ نوڪرين جي دستاويزن جي غلط استعمال سوڌو 2000ع کان 2006ع تائين پاڪستان اندر پرڏيهي پئسي جو وڏو حصو امريڪا ۽ ڪينيڊا مان موڪليل پرڏيهي ناڻو هوندو هو. رڳو پاڪستان اندر ڪل 4.5 بلين امريڪي ڊالرز مان گهٽبي 1.30 ملين امريڪي ڊالرز ٿي ويا هئا.
هن وقت پرڏيهي ناڻو 8.9 بلين امريڪي ڊالرز آهي ۽ ان جي گهڻائي لڳ ڀڳ 2.5 بلين امريڪي ڊالرز گڏيل عرب اماراتن ۽ لڳ ڀڳ هڪ بلين سعودي عرب مان اچي رهيو آهي.
هاڻ ان ڪمائيءَ جي گهٽجڻ جو سبب رڳو امريڪا مان پاڪستانين جي لڏپلاڻ يا امريڪا جي وڌندڙ معاشي ٻاڙائي ناهي، ان ۾ ڪيترائي ٻيا عنصر به شامل آهن، جن ۾ غيرقانوني طريقي سان انهن ملڪن ۾ زندگي گذارڻ، پاليسين جو غلط استعمال، جعلي ويزا ۽ پاسپورٽ استعمال ڪرڻ وغيره شامل آهي. هوڏانهن بنگلاديش مان ٻاهر ويندڙن جو ڪل تعداد مان 0.5 سيڪڙو ماڻهو غيرقانوني طريقا استعمال ڪن ٿا.
اسين هڪ اهڙي ملڪ ۾ داخل ٿي رهيا هئاسين، جيڪو پاڪستان جي هڪ آئيني يونٽ هو ۽ هاڻ اهڙي ملڪ ۾ تبديل ٿي چڪو آهي، جنهن جي ڪرنسي، بين الاقوامي مارڪيٽ ۾ اسان کان به طاقتور آهي. ڏٺو وڃي ته بنگلاديش، جنهن جي آدمشاري ذري گهٽ اسان جيتري اچي ٿي آهي، اتي به غربت، پسماندگي، بيروزگاري، فوجي آمريتون، بدعنوانيون ۽ بدترين طرز حڪمراني وغيره جهڙا مرض رهندا آيا آهن، پر انهن جي اسان کان اڳتي وڌڻ جا جيڪي به سبب آهي، انهن ۾ هڪ بنيادي سبب تعليم ۽ ٻيو جاگيرداراڻي سرشتي جو انت آهي.
هر پاسي يا ته بنگالي آهي يا انگريزي. معاشي ۽ اقتصادي پاليسيون ڪنهن حد تائين ترتيب ۾ هلندڙ آهن. جيتوڻيڪ عالمي مالياتي اداري جو نئون سرمائيداراڻو ۽ رجعت پرست بيٺڪي معاشي ڍانچو ٻين غريب ملڪن جيان بنگلاديش جي هيئت کي به وڪوڙيو ويٺو آهي، پر وري به شيون بهتر نظر اچن ٿيون.
ايئرپورٽ تي اميگريشن کان اڳ ”کاڌخوراڪ“ جو سامان ڊيوٽي فري شاپ تان ورتوسين. ڪانفرنس ۾ پوري ڏکڻ ايشيا ۽ دنيا جي ٻين ملڪن مان به مهمان اچڻا هئا، سو هڪ پاسپورٽ تي هڪ سوکڙيءَ جي اجازت هجڻ ڪري سمورن مهمانن کان پاسپورٽ گڏ ڪري اٺ کن ڊليڪس سوکڙيون وٺي ٻاهر نڪتاسين ته ميزبانن پاران ڪي همراهه نالن جا بورڊ کنيو بيٺا هئا. اسان کي هڪ هنڌ جمع ڪندا، ٿانيڪو ڪندا ويا.