سفرناما

مون ڍاڪا اُڀرندي ڏٺو

زيرِنظر ڪتاب بنگلاديش جي گايءَ واري هنڌ ڍاڪا جي دوري بابت آهي، جتي هو پيپلز سارڪ ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ ويو هو، جيڪا ”هڪ نئين ڏکڻ ايشيا جو تصور: عوامي خيال“ جي موضوع تي ڪوٺائي ويئي هئي. ’ڍاڪا جو سفر‘ حقيقت ۾ هڪ تاريخي ۽ تجزياتي دستاويز آهي، جنهن مان پڙهندڙ گهڻو ڪجهه پرائي سگهندا، خاص ڪري هو پاڪستان جي ٺهڻ کان ٻه اڌ ٿيڻ، ان کان پوءِ جي صورتحال، بنگالين سان ٿيندڙ ڏاڍ، اتي رهندڙ بهارين جي سوچ، پاڪستان فوج جي ڏاڍاين ۽ ٻين ڪيترن پهلوئن بابت ڄاڻ حاصل ڪري سگهندا، جيڪا ان دؤر جي اخباري سينسرشپ سبب اسان تائين نه پهچي سگهي.
مجموعي طور تي هيءَ ڪاوش ذوالفقار هاليپوٽي جي محنت جو اهڙو ثمر آهي، جنهن مان ساڃاهه وند پڙهندڙ ڀرپور لاڀ پرائي سگهن ٿا.
Title Cover of book مون ڍاڪا اُڀرندي ڏٺو

ڍاڪا ”وار“ ميوزيم جو دورو

بنگلاديش جو دورو هاڻي پڄاڻيءَ تي پهچي رهيو هو ۽ ڍاڪا جي سڀ کان اهم جڳهه، هڪ سياسي ذهن رکندڙ سيلاني لاءِ سڀ کان وڌيڪ اهميت وارو بنگلاديش ”وار“ ميوزيم جو دورو رهيل هو. ميوزيم جي انچارج ۽ سول سوسائٽيءَ جي اڳواڻ طارق علي ڀائي وٽ حاضر ٿياسين. مختلف ڪتابن ۽ پيپرز ۾ ان ميوزيم بابت گهڻو ڪجهه پڙهي چڪو هئس.1971ع واري جنگ ۾ بنگالين سان جيڪي به ظلم ٿيا، انهن جا تصويري ۽ دستاويزي ثبوت جمع ڪري هن ميوزيم ۾ رکيا ويا آهن، جنهن ذريعي بنگلاديشي پاڪستان خلاف بين الاقوامي ڪورٽ ۾ ڪيس ڪري، 1971 ع واري جنگ جي جوابدارن کي جوڳي سزا ڏيارڻ جو ڪم ڪن ٿا.
ميوزيم جي مک دروازي تي گهڻي پراڻي فوڪس ويگن ڪار بيٺل آهي، جنهن لاءِ ٻڌايو ويو ته ان فوڪس ويگن ڪار ذريعي ڍاڪا جو مشهور ڊاڪٽر علي ڀائي مڪتي باهنيءَ جي مجاهدن ۽ هٿيارن کي ايمبولينس بهاني مقامي سطح تي رسد جو ڪم ڪندو هو. بنگلاديشي ڪوشش ڪري هر ان شيءِ کي يادگار بڻائڻ گهرن ٿا، جنهن جو آزاديءَ جي جنگ ۾ ڪو ڪردار آهي. ميوزيم ۾ هڪ پاسي آفيس آهي، ٻئي پاسي تمام وڏو ميدان آهي. جتي مک ميوزيم ٻه ماڙ عمارت آهي. ميوزيم ۾ لڳل تصويرون عوام جي لاشن جي ڍيرن مٿان اولهه پاڪستان جي فوجين جا جوش منجهان ڪڍرايل فوٽو، جيئن افريڪا جي جهنگ ۾ شڪاري شينهن جي شڪار کان پوءِ ان مٿان لت رکي فوٽو ڪڍرائيندو آهي. زنا ٿيل عورتن جا فوٽو، 1971ع جي جنگ ۾ جڏهن پاڪستان شڪست کاڌي ۽ پوءِ مقامي ماڻهن ۽ آزاديءَ جي متوالن پاڪستاني فوجي ڪئمپ مان جيڪي دستاويز ۽ سامان هٿ ڪيا.
انهن جا فوٽو، الشمس ۽ البدر جي عسڪري حمايت جاري رکڻ واري اندروني لکپڙهه جي ثبوتن جا فوٽو ۽ ٻيو به ايترو ڪجهه، جيڪو نه رڳو اوهان جون اکيون آليون ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي، پر انهن کي ڏسي اوهان جو ڪنڌ شرم کان پڻ جهڪي ويندو.
دوستن اسان کي ٿورڙي ئي پنڌ تي موجود اهو يادگار به ڏيکاريو، جيڪو 1971ع ۾ هڪ کوهه هو ۽ جنرل ٽڪا خان جي مهربانيءَ سان سوين شهرين کي قتل ڪري ان کوهه ۾ اڇلايو ويو هو. طارق علي ٻڌائي رهيو هو ته جڏهن جنگ ختم ٿي ۽ ماڻهو ٺاپر ۾ آيا ته ڪجهه وقت کان پوءِ ان کوهه مان تمام گهڻي ڌپ اچڻ لڳي. جڏهن ان کوهه کي جاچي ڏٺو ويو ته ان مان انساني ڍانچا ۽ هڏا هٿ آيا، جنهن کان پوءِ انهن جو ڊي اين اي ٽيسٽ ڪرائي مقامي آباديءَ کي به ساڳي ٽيسٽ لاءِ چيو ويو ۽ خاص طور تي اهي جيڪي پنهنجن گهر ڀاتين جي گم ٿيڻ تي هاءِ گهوڙا ڪري رهيا هئا، انهن پنهنجا ٽيسٽ ميچ ڪرايا ته ڪيترائي لاش مقامي ماڻهن جي ويجهن مٽن مائٽن ۽ گهر ڀاتين جا نڪتا. هاڻ ان کوهه کي هڪ وڏي يادگار ۾ تبديل ڪيو ويو آهي ۽ سڃاڻپ ٿيلن کي شهيدن جو درجو ڏيئي انهن جون تصويرون رکيون ويون آهن ۽ انهن کي ميڊل ڏنا ويا آهن. طارق علي اسان کي روايتي بنگالي ماني کارائي. ميوزيم جي لائبريريءَ ۾ پيل ڪتاب گهڻو ڪري بنگالي ٻوليءَ ۾ هئا. مون کيس گذارش ڪئي ته اردو ڀل ته اوهان کي نه وڻي، پر انگريزي ۽ اردوءَ ۾ پنهنجو مواد ڇپرايو ته جيئن اسان واري موجوده پاڪستان ۾ ماڻهو ان جنگ جي اصل حقيقتن ۽ بنگالين جي نقطي نظر کان واقف ٿي سگهن. وار ميوزيم گهمڻ کان سواءِ بنگلاديش جو دورو ايئن آهي، جيئن ايفل ٽاورز ڏسڻ کان سواءِ فرانس گهمڻ يا هندستان وڃجي ۽ تاج محل نه ڏسجي.

[b]ڊاڪٽر يونس سان ملاقات:
[/b]ڊاڪٽر يونس گرامين بينڪ جي اڳواڻ ۽ نوبل انعام يافتا هئڻ ڪري ايترو ته مصروف رهي ٿو، جو شايد ئي بنگلاديش جو ڪو سياسي اڳواڻ يا ڪامورو ايترو رڌل رهندو هجي. دوستن ڊاڪٽر صاحب سان ملاقات جو ٿورو وقت وٺي ڏنو، ڪافي دوستن کي ته اعتبار نه پئي آيو ته ڊاڪٽر يونس ايتري مختصر نوٽيس تي وقت ڏيندو. آئون ٿرديپ ۾ ڪم ڪرڻ جي ڪري انهن تصورن تي تنظيمي ڪمن کي ڏسندو آهيان، جن جي بنياد تي مائيڪرو ڪريڊٽ جي نتيجي ۾ آيل يا نه آيل سماجي تبديليءَ جي اثرن بابت ڊاڪيومينٽيشن ٿئي ٿي. رورل سپورٽ پروگرام نيٽ ورڪ جي تنظيمن مان ڪيترين ئي ان ڏس ۾ غريب عورتن کي پاڻڀرو ڪرڻ لاءِ بهتر ڪم ڪيو آهي. خاص طور تي اي آر ايس پي. پاڪستان ۾ ان ڪم جا وڏا نالا اختر حميد خان، شعيب سلطان، ڊاڪٽر سونو کنگهاراڻي، ڊاڪٽر باجوه، پروفيسر اعجاز قريشي، مشتاق ميراڻي ۽ ڪيترائي ٻيا دوست شامل آهن، جيڪي عالمي بئنڪ جي غربت گهٽائڻ واري پ پ اي ايف فنڊ جي ڪيترن ئي رٿائن ۽ پروگرامن ۾ ڪندي يا تنظيمون هلائيندي مائيڪرو ڪريڊٽ کي سماجي تبديليءَ جو اهم ذريعو قرار ڏيندا رهيا آهن. ان تصور کي عالمي سطح تي مڃتا تڏهن ملي جڏهن گرامين بئنڪ ذريعي ڊاڪٽر محمد يونس ۽ سندس ٽيم بنگلاديش ۾ ٻهراڙين جي غريب عورتن جي زندگيءَ ۾ انقلاب برپا ڪيو ۽ پوءِ يورپ ۽ ٻي دنيا انهيءَ تصور جي پٺڀرائي ڪئي ته غريب ۽ خاص طورتي عورت کي ننڍن قرضن ۽ سکيائن وسيلي اڳڀرو ڪري سگهجي ٿو. انهيءَ ڪم ۽ تصور جي ڪري چيو ٿو وڃي ته بنگلاديش جون چاليهه لک عورتون غربت جي گهاڻي منجهان ٻاهر نڪري آيون آهن ۽ اڄ اهي ننڍا ننڍا ڪاروبار ڪري رهيون آهن، جن بنگلاديشي سماج ۾ هڪ شراڪتي بنيادن واري انٽر پرنيورشپ جي تصور کي اڳيان وڌايو آهي. ڊاڪٽر يونس کي انهيءَ ڪاميابيءَ جي ڪري امن جو عالمي نوبل پرائيز ڏنو ويو.
مون سندس نالو اخبارن ۾ ايندي ئي سندس سمورا ڪتاب خريد ڪيا ۽ ڪجهه پڙهيا ۽ پوءِ جڏهن ڍاڪا جي تياريءَ ۾ ساڻس ملاقات جو شوق شامل ڪيم ته سندس نوبل انعام وٺڻ واري تقرير، مائيڪرو ڪريڊٽ جي بنياد تي کيس مليل نوبل انعام خلاف ڇپجندڙ ادب ۽ سندس پروفائيل پڙهي چڪو هئس ته جيئن ڪچهريءَ ۾ هن کي به خبر پوي ته همراهه ڪجهه پڙهي آيا آهن.
انهن ئي ڏينهن ۾ ”مائيڪرو ڪريڊٽ جي تصور غربت گهٽائڻ بدران وڌائي آهي“ واري معاملي تي وڏو بحث ڇڙيل هو ۽ اهو چيو پئي ويو ته عالمي مالياتي ادارا حقيقت ۾ پنهنجي وياج جي ڌنڌي کي قانوني ۽ اخلاقي حيثيت ڏيارڻ لاءِ ڊاڪٽر صاحب کي نوبل پرائيز ڏياري رهيا آهن. سندس حق ۾ به دليل هئا ته مخالفت ۾ پڻ.
اسين مقرر وقت تي سندس آفيس پهتاسين، پاڻ انتهائي سادي لباس ۾ هو، پر سحر انگيز شخصيت هو. بنان ڪالر وارو ڪرتو ڏسي سنڌ ۾ گرمين جي مند ۾ شڪارپور ۽ ٻين گرم علائقن ۾ پائجندڙ ململ جا پهراڻ ياد اچي ويا. کيس بنهه سادو لباس پهريل هو. سندس لهجو هلڪو ڦلڪو ۽ ميٺاڄ ڀريو هو. مون ڏٺو ته هن ۾ ٻئي کي وڌيڪ ٻڌڻ ۽ پاڻ گهٽ ڳالهائڻ جي عادت آهي. هڪ حقيقي وڏي ماڻهوءَ واريون سموريون خصوصيتون منجهس موجود هيون.
هيلتائين بنگال مان ٻن ماڻهن امرتيا سين (ويسٽ بنگال) ۽ ڊاڪٽر يونس (ايسٽ بنگال) کي نوبل پرائيز ملي چڪا آهن. مون سوچيو ته اسان جي ڊاڪٽر عبدالسلام کي به ساڳيو انعام مليو، پر انتهاپسندن کين انڪري مان نه ڏنو ته هو احمدي هو. ڪيتري نه بدقسمتي آهي هن قوم جي، جو اسان اهڙن اسڪالرن ۽ ڏاهن کي مذهبي، نسلي ۽ لساني خانن ۾ ورهائي پنهنجي گڏيل قومي ورثي کي لت هڻي پاڻ هڪ محروم ۽ ناڪام رياستن واري صف ۾ آڻي ڇڏيو آهي.
ڪچهريءَ دوران هو اسان کي ٻڌنڌو رهيو ۽ مون ان وقت ڇرڪ ڀريو، جڏهن موڪلائڻ مهل هن پنهنجي تازي ڪتاب جي ڪاپي، جنهن جي هڪ ڪاپي آئون ڪراچيءَ جي پارڪ ٽاورز ڪلفٽن واري آڪسفورڊ بڪ اسٽور تان خريد ڪري ڊاڪٽر صاحب کان آٽو گراف وٺي چڪو هئس، تي ڪجهه لکي مون کان سوال ڪيو ته: ڇا آئون علي ارسلان کي سڃاڻان ٿو؟ منهنجا ته ترا ئي نڪري ويا، مون کي اعتبار نه پئي آيو ته هو اسان واري سنگتي علي ارسلان بابت پڇي رهيو آهي. مون وراڻي ڏني ته جيڪڏهن هو ڪراچيءَ ۽ پائيلر واري علي ارسلان جي ڳالهه ڪري ٿو ته پوءِ آئون ان کي ضرور سڃاڻان. پوءِ هن مون کي ٻڌايو ته ارسلان ۽ پاڻ اسڪول ۽ ڪاليج ۾ گڏ پڙهيا آهن. چٽا گانگ کان ڪلڪتي تائين، جو سفر ۽ گهڻو ڪجهه احوال اوريائين ته مون پاڻ کي مزي ۾ محسوس ڪيو ته ڍاڪا ۾ ويٺل ڊاڪٽر يونس منهنجي هڪ دوست سان اسڪول ۽ ڪاليج ۾ گڏ پڙهيو آهي. ڊاڪٽر صاحب پيار مان موڪلايو ۽ آئون براڪ سينٽر پهتس ته جيئن رات جي مانيءَ لاءِ ڍاڪا ڪلب وڃي سگهجي.

[b]بهارين جي جنيوا ڪئمپ:
[/b]مون کي ۽ منهنجي لاهوري دوست ۽ گروپ ميمبر فرخ سهيل گوئيندي کي ڏاڍو شوق هو ته هو جنيوا ڪئمپ ضرور ڏسي، جتي اُڙيسا ۽ بهار مان پاڪستان وڃڻ جي آسري لڏي آيل تارڪين وطنن جي صورتحال ڏسجي. جنيوا ڪئمپ جي نالي تي اڏيل سندن ڪالوني پهتاسين ته رات ٿي چڪي هئي. ڪئمپ جي مک دروازي تي ئي پڪوڙن، سموسن، تڪي ڪبابن ۽ بريانيءَ جا اسٽال مليا ۽ هندستان جي مسلمان ڪلچر جي انهن اهم نشانن پري کان ئي ٻڌايو پئي ته هتي بهاري آباد آهن. خوشبوءِ به واهه جي پئي آئي، آگري ۽ دهلي ۽ پڻ حيدرآباد جي ڇوٽڪي گهٽيءَ وانگي هڪ هنڌ نهاريءَ جو بورڊ پڙهيم، دل چاهيو ته ڌڪ وٺان، پر وقت نه هو. بهارين جي ڪالونيءَ ۾ داخل ٿيندي ئي ڪجهه بازار بهارين ۽ مقامي بنگالين جي مالڪن تي ٻڌل آهي. اندر هليا وياسين ته ڏٺوسين ته صورتحال واقعي به خراب آهي، جيڪڏهن انساني همدرديءَ جي بنياد تي ڏسجي ته هر انسان جو اهو بنيادي حق آهي ته ان کي جيئڻ توڙي عزت ڀريي جيئدان لاءِ سمورا وسيلا ميسر هجن. بهارين جي ان ڪئمپ جي مک آفيس وٽ پهتاسين ته اتي بيٺل نوجوانن کي رڙ ڪندي گوئيندي چيو ته اسين پاڪستان کان آيا آهيون. هتي ڪير اهڙو آهي، جيڪو اسان کي حال احوال ڏئي. ڪجهه نوجوان سري آيا ۽ سلام دعا ڪيائون. پوءِ اسان کي آفيس ۾ ويهاري انچارج کي وٺڻ لاءِ ويا. آفيس ۾ داخل ٿيندي ئي ان آباديءَ جي ذهنيت سمجهه ۾ اچي ويئي. هر پاسي رڳو ضياءُ، پرويز مشرف، نوازشريف، تڪبير رسالي واري صلاح الدين احمد، سراج الدوله، ٽيپو سلطان وغيره جا فوٽو لڳل هئا. فرخ سهيل رڙ ڪري چيو ته هتي ذوالفقار علي ڀٽي يا بينظير ڀٽو يا ڪنهن ٻئي مقامي بنگالي ليڊر جي ڪابه تصوير ڇو نه آهي. تنهن تي ڪئمپ انچارج چيو ته ڀٽن جا فوٽو اندرئين ڪمري ۾ لڳل آهن. فرخ سهيل تيز ۽ سياسي ماڻهو هو، چيائين ته ڪمرو کوليو، آئون فوٽو ڏسندس. پر فوٽو هئا ئي ڪونه. پوءِ هو بهاري ڪئمپ جي ليڊرن مٿان چڙهي ويو ته هو بنگلاديش ۾ رهندي هتان جا شهري ڇو نٿا ٿين؟ ۽ رڳو آمرن جا فوٽو ڇو هنيا ويا آهن. جنهن تي ڪئمپ اڳواڻ ماٺ ٿي ويا ۽ وضاحتون پيش ڪرڻ لڳا. فرخ سهيل چيو ته هاڻ هو بنگلاديش جي زمين جا ٿي وڃن، ڇاڪاڻ ته اهي اتي ئي رهن ٿا ۽ روزگار وغيره ڪن ٿا. آئون خاموشيءَ سان ڪچهري ٻڌندو رهيس ۽ جاچيم پئي ته ٻيا ڳالهائين ته جيئن ڳالهه ٻولهه جا تاڪيا کلن.
ڪو دور هو، جڏهن سنڌ ۾ ”بهاري نه کپن“ جو احتجاج هلندڙ هو. سنڌ کي اهو اعتراض هو ته بهاري جيڪي بنگلاديش ۾ رهي پيا، سي اتان جا ئي ٿي وڃن ۽ انهن کي سنڌ ۾ نه گهرايو وڃي، ڇاڪاڻ ته ايئن ڪرڻ سان سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ٿيڻ جا امڪان وڌندا. بهاري معاملي کي ضياءُ الحق کان وٺي پرويز مشرف تائين هر آمر سنڌ جي سياسي ۽ سماجي سگهه کي ٽوڙڻ لاءِ استعمال ڪيو. مون ڏٺو ته انهيءَ ڪري سندن آفيس ۾ ڪنهن به سنڌي اڳواڻ جو فوٽو نه هو، ڇاڪاڻ ته کين خبر هئي ته سنڌي سندن پاڪستان اچڻ جا مخالف آهن. گوئيندي ان اڳواڻ کي وڏو کٿ ڪيو، پڇيائينس ته جيڪڏهن موقعو مليوَ ته هاڻ پاڪستان ويندئو. هنن رڙ ڪندي ”ها“ ڪئي. پر سياڻپ سان چيائون ته اسين پنجاب ۾ آباد ٿيڻ ٿا گهرون ته جيئن سنڌ ۾ وڌيل لسانيت جي باهه کان بچي مملڪت خداداد پاڪستان ۽ پاڪستاني قوميت لاءِ ڪجهه ڪري سگهون. مون کي سندن ڊپلوميٽڪ دليل تي کل آئي. گروپ جي ٻين ميمبرن تمام گهڻا سوال جواب ڪيا. خاص طور بنيادي انساني سهولتن جي اڻاٺ، ووٽ جو حق ۽ شناختي ڪارڊ وغيره. هاڻ انهن کي بنگلاديشي حڪومت ڪي سهولتون فراهم ڪيون آهن، انچارج جو چوڻ هو ته مٿن الشمس ۽ البدر جي حمايت جو الزام هجڻ ڪري حڪومت ڪابه سهولت نٿي ڏيئي. پر ڪامريڊن جي خبرن مان صاف ظاهر هو ته هو اڄ به پاڪستان اچڻ جا خواهشمند آهن، جو هر روز سنڌ کي عالمي يتيم خاني ۾ تبديل ڪرڻ واري سازش ۾ هزارين پرڏيهي ۽ غيرقانوني ماڻهن جي اچڻ جون خبرون ٻڌي رهيا آهن. ننڍي هوندي ”بهاري نه کپن“ جا نعرا ٻڌندا هئاسين، اڄ اکين سان انهن کي ۽ انهن جي غيرانساني صورتحال، سياسي ارادي ۽ پڪي پهه کي ڏٺوسين.