نئون ڏکڻ ايشيا: عوامي خيال کان
هونءَ ته عالمگيريت وارو اصطلاح اڄ نئين سرمائيداريءَ نظم جي معاشي فڪر کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ڪوائن ٿيل آهي، پر جڏهن دنيا سرد جنگ واري دور ۾ باءِ پولر (Bi-plar) هئي ۽ سرمائيدار ۽ ڪميونسٽ يا سوشلسٽ نظامن ۾ ورهايل هئي. تڏهن ٻنهي ڪئمپن جي حامين ۽ مخالفن جو بين الاقوامي سطح تي ايترو مضبوط ڳانڍاپو نه هو. هلچل، احتجاج وغيره جو اثر ٻئين دنيا تي ائين نه پوندو جيئن اڄ پئجي رهيو آهي. اڄ عالمگيريت جو تصور دنيا کي اهو سيکاريي رهيو آهي ته ڪو ملڪ، رياست يا قوم ڪيتري به پري ۽ خوشحال ۽ آباد ڇو نه هجي. اها ڪنهن ٻي ڪنڊ ۾ رهندڙ ڪنهن غريب ۽ سياسي طور برباد سماج کان لاتعلق نٿي رهي سگهي. ٻنهي سماجن جو هڪ ٻئي جي ماڻهن، معيشت ۽ سياست تي سڌو يا اڻسڌو اثر پوندو رهندو، پوءِ اهو نظر اچي يا نه. عالمگيريت ۾ انتهائي سڌريل ۽ ترقي يافته سماج، جديد رياستون ۽ هر لحاظ کان مضبوط ملڪ به هاڻ باقي دنيا کان لاتعلق رهي نٿا سگهن. تنهنڪري اڄ اهو بحث عالمي سطح جو آهي ته هڪڙا ملڪ پنهنجي ترقيءَ کي ٻين ملڪن سان شيئر ڪن، سياسي ۽ معاشي يونين سازي رستي علاقائي آبادين ۽ بين القوامي سسٽم ذريعي غريب، پسمانده ملڪن ۽ پٺتي پيل ۽ تباهه حال ملڪن کي ڪو ٽيڪو ڪرائين ته جيئن سندن عالمگيريت جا نظريا ڪامياب ٿي سگھن. اهو تصور ان ڪري اڀريو آهي جو گذريل ويهن ٽيهن سالن اندر دهشتگردي، انتهاپسندي، غربت، بک ۽ انساني لڏپلاڻ انهن مهذب، شاهوڪار ملڪن توڙي معيشتن جا بنياد لوڏي ڇڏيا آهن. تنهنڪري هاڻ يورپ اهو نٿو چئي سگهي ته افغانستان ۾ جاري بحران سان اسان جو واسطو نه آهي.
روس جي ٽٽڻ کان پوءِ سموري ايسٽرن يورپ جو رُخ ويسٽرن يورپ خاص طور تي برطانيا ڏانهن آهي. جتي روزگار آهي، ملازمتون آهن ۽ ٻيون انساني سهولتون دستياب آهن. نائن اليون کانپوءِ ته صورتحال اڃا خراب ٿي آهي. عراق، افغانستان۽ وچ اوڀر جي بگڙجندڙ صورتحال سڌريل ۽ معاشي طور توانا ويسٽ کي پريشان ڪيو آهي ۽ عالمي مالياتي بحران مضبوط معاشي سماجن جا به بنياد لوڏي ڇڏيا آهن.
مذهبي انتهاپسندي ۽ دهشتگردي سرحدن جي خوف کان بي نياز هڪڙي جاگرافي کان ٻي جاگرافيءَ ڏانهن بيڪباڪيءَ سان ڊوڙي رهي آهي. خطرناڪ حد تائين وڌندڙ اڻبرابري، غربت ۾ اضافي ۽ سماجي ترقي ۾ سستي جي ڪري غريب ملڪ (سندن ايجنڊا جي پوري نه ٿيڻ جي خوف ۾) وڏين وڏين امدادن ۽ قرضن وسيلي پنهنجا پنهنجا ملڪ ڪنٽرول ڪرڻ جي ڪوشش ۾ رڌل آهن.
تازو عرب رياستن ۾ فيس بڪ ۽ ٽوئيٽر جي انقلاب، عالمي سامراج کي لوڏي وڌو آهي، جيڪي تيل تي قبضي خاطر انهن رياستن ۾ انساني حقن ۽ جمهوريت کان انڪار ڪندڙ هر بادشاهه ۽ خليفي کي ڊالر ۽ يورو وسيلي رشوت جي دٻڻ هيٺ رکيو ويٺا آهن، اڄ ساڳيو عالمي سامراج عوام دشمن، جمهوريت مخالف ملڪن ۾ جمهوريت، فڪر ۽ چُرپُر جي آزاديءَ جي تحريڪن جي حمايت ڪري رهيا آهن. عالمگيريت جي انهن مثبت توڙي منفي پاسن کي سمجهڻ ۽ منهن ڏيڻ لاءِ جتي حڪومتون فورمز ۽ حڪمت عمليون جوڙي نيون صف بنديون ڪري رهيون آهن اتي عوامي سطح تي سول سوسائٽيءَ پاران به اهڙا فورمز، ادارا ۽ نيٽ ورڪس جوڙيا ويا آهن، جيڪي حڪومتن جي مقابلي ۾ حقيقي عوامي ايجنڊا رکي متبادل تصور (Alternative concepts) پيش ڪن ٿا. انهن تصورن کي متبادل ۽ عوام دوست دنيا جو نالو ڏنو پيو وڃي.
اهو رواج يورپ ۾تمام گهڻو موجود آهي. پر ڏکڻ ايشيا ۾ اڃا اهڙا متبادل فورم نه جُڙيا آهن. لاطيني آمريڪا، آفريڪا، يورپ کنڊن ۾ انهن موضوعن ۽ خيالن تي مضبوط فورمز ۽ نيٽ ورڪس اثرائتو ڪم ڪري رهيا آهن جتي سوين ماڻهو عوامي خيال کان ايجنڊائون جوڙين ٿا، حڪومتن سان لهه وچڙ ۾ اچن ٿا. پنهنجي سماجي جاڳرتا، تحقيق ۽ ايڊووڪيسي رستي حڪومتن مٿان دٻاءُ وجھن ٿا ۽ عوامي خيالن سان ٽمٽار ترقيءَ جا عوام دوست تصور پيش ڪن ٿا. ڏکڻ ايشيا ۾ اهڙن فورمز ۾ هڪ فورم عوامي سارڪ (PEOPLE’S SAARC) آهي. جيڪو ڏکڻ ايشيا جي سمورن ملڪن جي سرڪاري سطح جي جُريل علائقائي تعاون واري تنظيم يعني آفيشل سارڪ جي مقابلي ۾ عوامي ۽ سول سوسائٽيءَ جي سطح تي جوڙيل اهڙو اثرائتو فورم آهي جيڪو نه رڳو سرڪاري سارڪ جي ايجنڊا کي غور سان ڏسي ٿو، ان پراسيس حصو وٺي ٿو پر سارڪ جي ڪارروائي دوران حقيقي عوامي احساسن تي ٻڌل ايجنڊا جي امپليمينٽيشن لاءِ لابنگ ڪري ٿو. جتي جتي سارڪ جا ملڪ روايتي هڪ هٽيءَ ۽ مفادن ڪري گڏيل ۽ طئي ٿيل ايجنڊا کان پري ٿين ٿا، پيپلز سارڪ انهن مٿان حقيقي ايجنڊا کي فالو ڪري آفيشل سارڪ تي دٻاء وجهي ٿي.
هن پيپلز سارڪ ۾ نه رڳو ڏکڻ ايشيا جي هر ملڪ جي ناليواري ٽريڊ يونينسٽ، سياسي ليڊر، دانشور، شاعر، وڪيل، استاد، امن ۽ انساني حقن جي تحريڪن جي اڳواڻ ۽ ڪارڪن، عورتن جي حقن لاءِ جاکوڙيندڙ اڳواڻ، غربت، وسيلن، سياست ۽ ٻين شعبن ۽ ڪمن جا سماجي سائنسدان ۽ مفڪر، اين جي اوز جا ڪارڪن، سياسي ۽ سماجي اڳواڻ، شاگرد وغيره شامل آهن، پر سول سوسائٽيءَ جا عالمي سطح اڳواڻ، تنظيمن جا سربراهه ۽ ڪارڪن به شامل هئا.
گذريل ڪيترن ئي سالن کان مختلف هنڌن تي سرڪاري سارڪ جو اجلاس ٿيندا آيا آهن ۽ ساڳيي وقت عوامي سارڪ، عوامي ميڙاڪا ڪرائي، حقيقي عوامي فلاحي ۽ سماجي ايجنڊا عام ڪرڻ لاءِ تحريڪ هلائي ٿي. فيبروري 2011ع ۾ ڀوٽان ۾ رٿيل آفيشل سارڪ جي ايجنڊا تي ان اثرانداز ٿيڻ لاءِ عوامي سارڪ پاران جنوري 2011ع ۾ ڍاڪا ۾ هڪ اهم اجلاس رکيو ويو، جنهن جو عنوان هو: ”نئين ڏکڻ ايشيا جو تصور؛ عوامي خيال کان (New South Asia: People’s Perspective). اسين سڀ انهيءَ اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻ ڍاڪا ۾ گڏ ٿيا هئاسين. هن اجلاس جون ميزبان بنگلاديش جون مقامي سماجي تنظيمون هيون، پر ان جي ڊونر ”فوڪس آن گلوبل سائوٿ“ نالي هڪ تنظيم هئي، جيڪا انتهائي ريڊيڪل ۽ پنهنجي منشور ۾ سامراج خلاف موقف رکندڙ تنظيم هئي، جنهن جا اڳواڻ کاٻي ڌر سان تعلق رکن ٿا ۽ هن وقت دنيا جا اهم متحرڪ اڳواڻ سمجهيا وڃن ٿا، صبح جو جلدي اٿڻ جي عادت هجڻ ڪري آئون سوير اٿيس ۽ پوءِ شرافت علي ۽ آئون ڪانفرنس ۾ وڃڻ جي تيارين ۾ لڳي وياسين. هوٽل ۾ رڳو بنگالي چينلز هلي رهيا هئا. مقامي صورتحال جي ڄاڻ لاءِ هڪ مقامي نيوز چئنل هلي رهيو هو. چانهه جو آرڊر ڏنوسين ۽ ڪچهري ڪندا 8 وڳين لابي ۾ پهتاسين، جتي ميزبان ۽ رضاڪار اڳيئي موجود هئا، جو انهن جي بنيادي ذميوارين ۾ اها ڳالهه شامل هئي ته سمورن مهمانن کي وقت تي ڪانفرنس هال ۾ پهچائين ته جيئن وقت تي ڪانفرنس شروع ٿي سگھي. هونءَ به جيڪي به ميزبان هوندا آهن، انهن جي پروگرامن جي انتظام دوران ننڊ ڦٽل هوندي آهي. اسان سان به هت سنڌ ۾ اهڙي ئي صورتحال مان گذرندا آهيون. ساڳي ڪيفيت بنگالي ميزبانن جي ڏٺيسين.
ڪانفرنس براڪ سينٽر ۾ رکيل هئي، جيڪو اسان جي رهائش پنجن ڏهن منٽن جي فاصلي تي هو، انڪري واڪ ڪرڻ جو خيال هو، سو پيرين پنڌ براڪ سينٽر روانا ٿياسين. اسان وٽ پنهنجين پنهنجين تنظيمن پاران ڇپرايل بروشرن ۽ تحقيقي رپورٽن جا بنڊلز هئا، انهن جو بار لاهڻ لاءِ رڪشا ڪرايي تي ڪرائيسين. هندستان مان آيل فوڪس اداري جا دوست به گڏ هئا.
صبح جو نائين 9 وڳي، رجسٽريشن جو وقت هو. سمورا دوست لائينن ۾ بيهي رجسٽريشن ڪرائي چانهه ۽ ڪافي جو ڪوپ ٺاهي، هال ۾ ويهڻ لاءِ آيا. پهرين ڏينهن ڪانفرنس جي بنيادي مقصدن، اثر ۽ دائري ۽ فالو اپ بابت هو. پهري سيشن ۾ هندستان کان آيل جڳ مشهور فيمنسٽ اڳواڻ ڪملا ڀاسين آيل هئي. ڪملاڀاسين کي بهترين سنڌي آئي پئي. انيس الزمان (بنگلاديش)، ڪرامت علي (پاڪستان)، راجا (نيپال)، انتهائي شاندار ۽ تفصيلي ڳالهه ٻولهه رکي ۽ ايجنڊا تي روشني وڌي. سڄي ڏينهن ۾ ٻيا جيڪي اجلاس هئا، انهن ۾ عالمگيريت جي دور ۾ ڳانڍاپي جو تصور (Integration in the age of Globalization) به شامل هو، جنهن ۾ سنيلا ابي سيڪرا (سريلنڪا) نيراچندڪي (هندستان) ۽ فلپائين ججو نمائندو مقرر هئا. جڏهن ته بنگلاديش جي آزادي جي جنگ ۾ ڇوڪرين جي ونگ جي اڳواڻ رقيا ڪبير پڻ اجلاس (سيشن) ۾ شامل هئي. ان کان سواءِ هڪ سيشن Investment policy based on Cooperation and Complementarities جي عنوان سان هو، جنهن ۾ ايڪشن ايڊيا جي نوجوان پروفيشنل سمير ڊوساڻي، کونڊڪر معظم (بنگلاديش) نجم صادق (پاڪستان) شامل هئا ۽ هندستان مان آيل فوڪس جي اڳواڻ مينا مينن ان اجلاس کي هلايو. لنچ کان پوءِ چوٿين اجلاس عوام جو عوام سان رابطو۽ هجرت (people to people contact, Migration and Visa Regimes)! هو. مون پاڪستان بابت پنهنجو موقف رکيو ۽ سنڌ سوڌو پوري ملڪ جي صورتحال تي ڳالهايو جنهن جا تفصيل آءٌ اڳ ۾ لکي چڪو آهيان.
ٻئي ڏينهن جيڪي اجلاس هئا انهن ۾ ”هندستان، پاڪستان ۽ افغانستان تڪرار“ به شامل هو. هن اجلاس ۾ گوتم مودي (هندستان) شاهين انعم (بنگلاديش)، گوتم (نيپال) هئا، سربا راڄ کڙڪا ماڊريٽر هو. هن اجلاس ۾ راز (افغانستان)، حميده حسين (بنگلاديش) ايڊمرل رامداس (هندستان) شامل هئا. ان اجلاس کي ممبئي جي مشهور صحافي ۽ ڪالم نگار جتن ڊيسائي هلايو. هڪ ٻيو اجلاس مذهبي ۽ لساني تڪرار جي عنوان سان هو، جنهن ۾ نور الڪبير (بنگلاديش)، سينيٽر حاصل بزنجو (پاڪستان) نيپال جو نمائندو مقرر هئا. جڏهن ته محمد لطيف (ڀوٽان) اجلاس کي هلايو. هڪ ٻئي اجلاس جو موضوع هو: ”گذر سفر جا وسيلا ۽ موسمي تبديليون“ هو، جنهن ۾ لليتيا رامداس (هندستان)، بنگلاديش جي نمائندي، نيترا تمسني (سريلنڪا) شامل هئا، جنهن کي صادق ماڊٽريٽ ڪيو. آخري اجلاس هو: عوامي يونين لاءِ حڪمت عملي (outlining a strategy towards a People’s Union) جنهن کي بنگلاديش جي نمائندي ۽ ڪرامت علي (پاڪستان) ماڊٽريٽ ڪيو ۽ مختلف مقررن پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيو.
ٻئي ڏينهن ڪانفرنس ۾ شاندار بحث مباحثو ٿيو، تحقيقي مقالا پيش ڪيا ويا، بهترين تنقيدي جائزو ورتو ويو. سوال جواب ٿيا. هر اجلاس جا سمورا تفصيل ڏيڻ شايد ممڪن نه هجي، پر ايترو ضرور لکبو ته ماحولياتي گدلاڻ ۽ لڏپلاڻ کان وٺي پاڪستان جي علائقائي ۽ اندروني تڪرار خاص ڪري پاڻي جي کوٽ، ڊيمن جي سياست جهڙن مسئلن تي پيرائتي ڳالهه ٻولهه ٿي. ان کانسواءِ چانهه توڻي کاڌي جي وقفي ۾ پڻ غير رسمي ڪچهري ٿيندي رهي. فوٽو سيشن ٿيا. ڪتابن ۽ بزنس ڪارڊز جي شيئرنگ ٿي، ان ريت، مهمان نوان هڪٻئي جا واقف ۽ هم خيال بڻيا. هر روز ڪانفرنس جي جڳهه کان وٺي شهر جي مختلف علائقن جا دورن تائين، مقامي جي ميزبانن جي گھرن تي غير رسمي ملاقاتن تائين اهو ڳالهه ٻولهه جو سلسلو جاري رهيو.اهي ان دوري جا اهم پاسا هئا.
انهيءَ دوران بنگال جي ماڻهن کي ڏسڻ ۽ انهن جي نفسيات کي مشاهدي مان ڪڍڻ جو موقعو مليو. اهڙا تفصيل اڳتي ايندا ته پاڪستان کان جدا ٿيڻ کان پوءِ بنگالي ڪيئن زندگي گذاري رهيا آهن ۽ انهيءَ کان سواءِ اها ڳالهه پڻ ذڪر ۾ ايندي ته اهي ڪهڙا بنيادي سياسي ۽ اقتصادي طريقا آهن جن جي پوئواري ڪري ٿورڙي عرصي اندر بنگالي معيشت اڳتي وڌي ۽ هن وقت ان جي معيشت پاڪستان کان مضبوط بڻجي ويئي آهي. اهڙا ڪيترائي پهلو آهن جن جو ذڪر اڳتي ايندو. هتي رڳو ڪانفرنس جي مقصدن ۽ اثر جو هڪ عام جائزو پيش ڪيو ويو.