مُون ڍاڪا اُڀرندي ڏِٺو
خاص طور تاريخ ۽ سياست جي شعبي ۾ هندستان جي ورهاڱي ۽ پوءِ پاڪستان جي ورهاڱي تي گهڻو ڪجهه لکيو ويو آهي. انهيءَ شاندار لکيل ادب منجهان ڪجهه مون پڻ پڙهيو آهي. سنڌ جي سياست ۽ سماج تي بنگالين جي سياست جي اثرن جي حوالي کان منهنجي اها وڏي خواهش هئي ته آئون بنگلاديش گهمان، اتان جي ماڻهن سان ملان، تاريخي ماڳن، مڪانن جو سير ڪريان، سڀني ماڻهن کان پاڪستان ۽ ٻين ملڪن ۽ پڻ قومن جي باري ۾ ڄاڻ حاصل ڪريان. اهڙو ارادو اڳي ئي هو، سو شرافت صاحب جي ويزا واري درخواست جي مشوري کي ذهن ۾ رکندي، ستت ڪاغذن جي تياريءَ ۾ جنبجي ٿي ويس. مون زاهده ڏيٿو کي فون ڪري ٻڌايو ته جيڪڏهن نصيب ۾ هوندو ته اهو سفر گڏجي ڪنداسين. زاهده کلندي چيو ته: ”ذوالفقار تنهنجي ڪارڪردگي ڏسي، مون کي هاڻي کان ئي سئو سيڪڙو پڪ آهي ته تون بنگلاديش ضرور هلندين.“
ننڍپڻ کان ئي ٻڌندا ۽ پڙهندا اچون ته سفر، روزگار، گراهڪ ۽ موت جي وقت جي ڪنهن کي به ڄاڻ ناهي هوندي. اهي سڀ ڪنهن اڳواٽ اطلاع ڏيڻ کان سواءِ اچي اوهان جي در تي ٺڪ ٺڪ ڪري سگهن ٿا. اوهان انهن چئني معاملن لاءِ ڪيتري به سٺي ۽ سائنسي رٿابندي ڇو نه ڪئي هجي، پر اهي چارئي شيون پنهنجي مقرر ڪيل وقت تي اوهان جي سموري رٿابنديءَ کي پاڙان پٽي، اوهان چوڦير ديرو ڄمائي ويهنديون آهن. مون پنهنجيءَ زندگيءَ ۾ ٻن شين سفر ۽ روزگار جي معاملن ۾ ان چوڻيءَ کي سئو سيڪڙو صحيح ڏٺو آهي. مون جيڪڏهن هڪ روزگار لاءِ رٿابندي ڪئي آهي ۽ ان کي ماڻڻ لاءِ گهربل ڪوشش به ڪئي آهي، پر مليو اهوئي آهي، جيڪو نه ته رٿابندي جو حصو هو ۽ نه ئي وري وهم گمان ۾ هو. ڪل ڄمار سفر به ايئن ڪيو آهي. دل ۽ دماغ جا رستا ڪجهه الڳ هوندا آهن ۽ منزل وري ٻئي ڪنهن هنڌ هوندي آهي.
اهڙو ئي ڪجهه هن ڀيري بنگلاديش جي سفر ۽ پوءِ کٽمنڊو جي مختصر سفر جي سلسلي ۾ ٿيو. اهو وهم گمان ۾ به نه هو ته بنگالين جي ديس، ٻيو ڀيرو هيئن اوچتو وڃڻو پوندو. ٿيو ڪجهه ان طرح جو ڪنهن ڪم جي سلسلي ۾ زاهده ڏيٿو کي فون ڪيم ۽ انهن ڪم جي ڳالهين ڪرڻ کان پوءِ اسان وچ ۾ پاڪستان امن اتحاد (Pakistan Peace Coalition) جي سنڌ چيپٽر جي ڪم کي وڌيڪ بهتر ۽ نيٽ ورڪ کي وڌيڪ متحرڪ ڪرڻ جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ٿي ۽ ڳالهين هلندي هن مون کان پڇيو ته: ”بنگلاديش هلڻ جي تياري آهي ڇا؟“
آئون اهو خوشگوار جملو ٻڌي حيران ٿيس ۽ چيم ته مون کي ته بلڪل به خبر نه آهي ته اوهان ڪهڙي سفر جي ڳالهه ڪري رهيون آهيو. هن پوءِ مون کي بنگلاديش ۾ ٿيڻ وارن ڪن اهم اجلاسن بابت ٻڌايو ۽ چيو ته کيس چيو ويو آهي ته هوءَ انهن اجلاسن ۾ شريڪ ٿئي. پوءِ هن مون کي ٻڌايو ته پائيلر جو دوست هڪ پروگرام کي ڏسي رهيو آهي. مون زاهده سان ڳالهه پوري ڪرڻ کان پوءِ پائيلر جي آفيس فون ڪيو ۽ شرافت علي سان ڳالهايو، جنهن ڀوڳ واري انداز ۾ چيو ته: ”ڪوبه وفد مون کان سواءِ ڊي پورٽ نه ڪرايو ويندو.“ شرافت علي منهنجي پياري دوست استاد ڪرامت عليءَ جو ڀاءُ آهي. شرافت علي پنهنجي ڀاءُ ڪرامت علي وانگي پڙهيل لکيل ۽ بيحد کليل دل ۽ دماغ واري شخصيت آهي. منهنجا ساڻس سٺا واسطا آهن. هن کلندي چيو ته هو ويزا لاءِ درخواست ڏيندو، باقي وڌيڪ ان باري ۾ هو ڪرامت علي سان حال احوال ڪندو. زاهده ڏيٿو اين جي او ۾ ڪم ڪندڙ سنڌ جي هڪ مشهور ورڪر ۽ سول سوسائٽيءَ جي متحرڪ ڪارڪن آهي. منهنجو پيارو دوست پروفيسر اعجاز قريشي هڪ پوري پيڙهيءَ کي غيرسرڪاري تنظيمن ۾ متعارف ڪرائڻ واري پنهنجي ڪريڊٽ جو هرهر ذڪر ڪندو آهي، ان ۾ هڪ نالو زاهده جو پڻ شامل آهي، جو انهن پنهنجي هن سيڪٽر يعني اين جي او ۽ ڊولپمينٽ سيڪٽر ۾ اچڻ جي شروعات مائيڪروڪريڊٽ تي ڪم ڪرڻ واري هڪ ملڪگير تنظيم نيشنل رورل سپورٽ پروگرام کان ڪئي. هن وقت زاهده پنهنجي اباڻي شهر ميرپورخاص ۾ هڪ اين جي او هلائي رهي آهي.
90ع جي ڏهاڪي ۾ سنڌ ۾ جيڪي نوجوان غيرسرڪاري تنظيمن جي پليٽ فارمن تان پوري پاڪستان ۾ مشهور ٿيا ۽ جن ماڻهن تمام گهڻي محنت ڪئي، ان پيڙهيءَ جي ماڻهن ۾ حارث گزدر، نصير ميمڻ، ظفر جوڻيجو، ذوالفقار شاهه (پائيلر وارو)، ڊاڪٽر فتح مري، نذير عيساڻي، شاهين خان، زاهده ڏيٿو، آدم ملڪ، سڪندر بروهي، شجاع قريشي، منصور رضا، عرفان احمد خان، زبيده ڀرواڻي، زينب رضا، عزيز خان، ريحانه شيخ، پٺاڻي ڪنڀر، شاهه بانو عالياڻي ۽ ٻيا شامل آهن. ان نسل جي اڳواڻيءَ ۾ ڪجهه اهڙا نالا پڻ شامل آهن، جن غيرسرڪاري تنظيمن ۾ ڪم ڪندي هڪ ڌار سياسي ڏاهي واري سڃاڻپ کي اڀاريو، جن ۾ شهاب اوستو، جامي چانڊيو، جاويد قاضي، امر سنڌو ۽ ٻين جا نالا شامل آهن.
مون کي جڏهن بنگلاديش ۾ ٿيڻ واري اجلاس جي دعوت ملي ته مون زاهده کي ٻڌايو ته آئون پڪ انهيءَ سفر ۾ ساڻس گڏ هوندس. ڪرامت صاحب انهن ڏينهن ۾ بيلجيم ويل هو ۽ هڪ اي ميل وسيلي هن مون کي بنگلاديش وڃڻ واري وفد ۾ شامل هئڻ جو نياپو ڏنو، جنهن ۾ پاڪستان مان هو پاڻ، سينيٽر مير حاصل خان بزنجو، سنگي فائونڊيشن وارو اسد الرحمان، پائيلر وارو شرافت علي، پنجاب جي جمهور پبليڪيشن جو فرخ سهيل ۽ ٻيا دوست شامل هئا. انهن نالن منجهان ڪن نالن تي اڳتي هلي تفصيل سان لکندس. جيتوڻيڪ آئون اڳ به هڪ ڀيرو ڍاڪا جو تفصيلي دورو ڪري چڪو آهيان ۽ ان دوري جي واپسيءَ کان پوءِ منهنجو ارادو هو ته آئون انهيءَ سفر بابت ڪجهه لکان، پر هڪ دوري کي اڻپورو محسوس ڪري رهيو هئس ۽ سوچي رهيو هئس ته گهٽ ۾ گهٽ ٻيو چڪر به ڏجي ۽ پوءِ ڪجهه لکجي.
ڪنهن به سماج، رياست يا ملڪ يا انهن جي سياسي ۽ سماجي مسئلن تي لکڻ لاءِ اهو ضروري آهي ته انهن سڀني معاملن جي پسمنظر ۽ تاريخي تناظر جي اوهان کي ڄاڻ هجي. وڌ ۾ وڌ ماڻهن سان ملاقاتون ڪيل هجن ته جيئن بنيادي انسپائريشن ملندي رهي. هر طرح جي طبقن ۽ گروپن يعني اين جي اوز، صحافي، سياسي اڳواڻن، امن ۽ انساني حقن جي تحريڪ جي ڪارڪنن، ڏاهن، شاعرن، عام شهرين ۽ ٻارن سان پڻ گفتگو ڪيل هجي ته جيئن جنهن ملڪ يا سماج تي لکجي، تنهن جي مختلف رخن جي پاتال تائين رسي سگهجي. انڪري اڀياس سان گڏ مشاهدو پڻ تمام ضروري آهي. مون گهڻي ڪوشش ڪئي آهي ته مشاهدي تي وڌيڪ ڌيان ڏيان. رولاڪيون ڪريان ۽ واٽهڙو ماڻهن سان ڳالهه ٻولهه ڪريان. مون پنهنجي ڍاڪا واري سفر جي ٻنهي دورن دوران اتان جي عام ماڻهن سان ملڻ ۽ انهن کي سمجهڻ ۽ پرکڻ جي ڪوشش ڪئي. مون بنگالين جي نفسيات کي پڙهڻ ۽ پرجهڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ پوءِ پنهنجي اڀياس جي آڌار تي انهن لاءِ ڪا راءِ جوڙي آهي. مون بنگال ۾ لکجندڙ ادب کان وٺي پاڪستاني ليکارين ۽ پرڏيهي تجزيڪارن تائين بنگال جي سلسلي ۾ لکيل ادب کي ڪنهن حد تائين پرجهيو ۽ ان جو مشاهدو ڪيو آهي. تاريخي پلٽن ميدان هڪ اهم ماڳ آهي، جنهن کي بنگلاديشي ميدان فتح ۽ پاڪستان جي سول ۽ فوجي نوڪرشاهي، رجعت پسند سياسي قوتن ۽ تنگ نظر ڏاهن ۽ ليکڪن جي شڪست قرار ڏئي رهيا آهن. هيءُ اهو ميدان آهي، جتي 8 ڊسمبر 1971ع ۾ پاڪستاني فوج جي سپهه سالار جنرل نيازي هندستاني آپريشنل سربراهه جنرل اروڙا اڳيان هٿيار ڦٽا ڪيا هئا. مون ڪافي وقت ان ميدان تي بيهي شڪست ۽ ان جي سببن کان وڌيڪ ان شڪست جي نتيجي مان حاصل ٿيندڙ سبق بابت سوچيو. مون ڍاڪا يونيورسٽيءَ ٻاهران اها تاريخي جاءِ ڏٺي، جتي بنگالي ٻوليءَ کي قومي ٻولي قرار ڏيڻ جو مطالبو ڪندڙ ڍاڪا يونيورسٽيءَ جي شاگردن کي شهيد ڪيو ويو هو ۽ اڄ انهيءَ يادگار تي هر ڏينهن گڏ ٿي سوين ماڻهو مختلف قسمن جون تقريبون، محفلون ۽ پروگرام منعقد ڪن ٿا. مون اتي هن وقت بنگلاديش ۾ برسر اقتدار سياسي جماعت عوامي ليگ جي مرڪزي قيادت جي ڪن شخصيتن سان تفصيلي ملاقاتون ڪيون ۽ ساڻن ڳالهه ٻولهه ڪئي. مون ڪرامت علي ۽ حاصل بزنجو وسيلي ڪن اهڙن ماڻهن جي گهرن جو دورو ڪيو، جيڪي عوامي نيشنل پارٽي ڀاشاني ۽ ان وقت جي کاٻي ڌر جي سياست جي سرگرم ڪردارن منجهان هئا. جن جي گهرن تي اولهه پاڪستان جي قيادت ڍاڪا ۾ اسيمبلي اجلاس جي ڏينهن ۾ ديرو اچي ڄمائيندي هئي. مون ڍاڪا جي ”ٽَڪي“ جي مقابلي ۾ پنهنجي ”رپئي“ جي قدر قيمت به ان وقت ڏٺي، جڏهن اسان جي ٻن رپين جي مقابلي ۾ هڪ بنگلاديشي ٽڪو ملي رهيو هو. مون اتي ڪرڪيٽ جي شوقينن جو پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪيپٽن شاهد آفريديءَ سان عشق به ڏٺو ۽ سياسي دانشورن جي هاڻوڪي پاڪستان سان شديد نفرت جو اظهار به ڏٺو. شيخ مجيب الرحمان جي گهر کي ميوزيم ۾ تبديل ڪري ان کي ماڻهن لاءِ کولڻ واري عمل کي به مون ڏٺو ته غربت ۽ پسماندگيءَ جي خاتمي لاءِ ڏکڻ ايشيائي سطح جو خواب پڻ ۽ ان جي تعبير تي ڪلاڪن تائين جاري رهندڙ بحثن ۾ پڻ حصو ورتو ۽ بنگلاديش ۾ مائيڪرو ڪريڊٽ جي بادشاهه نوبل انعام يافتا ڊاڪٽر محمد يونس سان پڻ ملاقات ڪئي. مون اتي جنيوا ڪئمپ ۾ رهندڙ بهارين ۽ انهن جي ٻارن کي پڻ ڏٺو. انهن سڀني معاملن تي آئون تفصيل سان الڳ الڳ باب لکڻ چاهيان ٿو. ماڻهن، جڳهن ۽ ٻين معاملن تي لکڻ سان گڏ انهن تصورن تي به لکڻ چاهيان ٿو، جيڪي اڄ تائين بنگالين ۽ اڄوڪي پاڪستان وچ ۾ 1971ع کان شروع ٿيل سياسي نفرت سبب هڪ ڊگهي وٿي بڻيل رهيا آهن. اڄ تائين ٻنهي پاسئين اعتماد جي کوٽ برقرار آهي. آئون انهن معاملن تي پڻ لکڻ چاهيان ٿو، جيڪي ڏکڻ ايشيا جي انهن ٻنهي ملڪن وچ ۾ مستقبل ۾ امڪاني سهڪار ۽ گهرن لاڳاپن جو سبب بڻجي سگهن ٿا. هن حال احوال کي فيض احمد فيض جي انهيءَ شعر تي ختم ڪريان ٿو، جيڪو هن سقوط ڍاڪا کان پوءِ بنگال جي دوري تان واپسيءَ وقت لکيو هو:
هم ڪه ٺهري اجنبي،
ڪتني مداراتون ڪي بعد،
ڦر بنين گي آشنا،
ڪتني ملاقاتون ڪي بعد.
انهيءَ شعر ۾ سمايل درد ۽ ان درد جي ڪٿا جي باري ۾ ضرور لکبو ته فيض احمد فيض جهڙي شاعر بنگال ۾ نيٺ اهي ڪهڙا ماڳ مڪان ڏٺا ۽ ڇا محسوس ڪيو، جو هن اهڙو نظم تخليق ڪيو.