ٻه اکر: هدايت بلوچ
(ڍاڪا ۾) مان ورانڊي ۾ بيٺي انتظار ڪيو ته ڪا سواري اچي جنهن تي چڙهي مان ڪنٽونمينٽ پهچان. تڏهن ملٽري جي گاڏي مون کي لفٽ ڏني. گاڏيءَ جي ڊرائيور، دڙڪي سان ۽ حڪم سان ڦاٽل ڪپڙن پاتل هڪ بنگالي ڇوڪري کي حاڪماڻي انداز ۾ چيو، ”هي سامان کڻي گاڏيءَ ۾ وجهه.“ بنگالي ڇوڪري کي اهڙي حڪم جو انداز نه وڻيو، پر هن پنهنجي ”حاڪم“ جي حڪم تي نفرت جون نگاهون کنيون ۽ سامان کڻي گاڏيءَ ۾ رکيو. وري هن پنهنجون نگاهون مون ڏانهن کنيون. مون بنگالي ڇوڪري کي ڪجهه سِڪا ڏيڻ گهريا پر ڊرائيور نفرت ڀرئي لهجي ۾ چيو ”انهن حرامين جون عادتون خراب نه ڪر.“ Don’t spoil habbits of these bastards ڇوڪري هڪ ڀيرو وري نفرت ڀري نگاهه اسان تي وڌي ۽ اڳتي وڌي ويو.
هيءَ مختصر ڳالهه لکڻ جو مقصد اهو آهي ته اسان جي حاڪمن جو بنگالين سان ڪهڙو سلوڪ رهيو هو. هاڻي اچون ٿا پياري ذوالفقار هاليپوٽو جي نئين ڪتاب طرف، جيڪو ڍاڪا جي سفرنامي تي ٻڌل آهي.
مون ۾ ۽ ذوالفقار هاليپوٽو ۾ وڏو فرق آهي. مون سمورو وقت وڃايو آهي، جڏهن ته ذوالفقار هاليپوٽو زندگيءَ جو وڏو حصو وڏي ترتيب سان گذاريو آهي. هن ڪيئي ڪتاب لکيا آهن. اين. جي. اوز هلائيندا آهن، ۽ وقت اجايو خراب نه ڪندا آهن.
ڏسو نه، مان چار سال ڍاڪا، بنگلاديش ۾ رهي آيس، اتي چڱي عهدي تي هيس. پي. آءِ. اي جو ڪنٽري مينيجر هيس. گهر، گاڏي، ڊرائيور مليل هئا، سڀ سهولتون هيون، تڏهن به ڍاڪا ۽ بنگلاديش بابت ڪتاب نه لکي سگهيس ۽ هي دوست ڪجهه ڏينهن لاءِ ڪنهن ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيڻ ۽ ان ۾ ڳالهائڻ لاءِ آيا ته انهن چند ڏينهن جي دوري ۽ مشاهدي تي به سندس ڪتاب اچي ويو. تنهن ڪري مون چيو مون رڳو وقت وڃايو آهي، ۽ ذوالفقار هاليپوٽي ڪو وقت نه وڃايو آهي، پر سجايو ڪيو آهي. ها البت آئي وئي کي آڌرڀاءُ ضرور ڏبو هو. هاليپوٽو صاحب ته اسان جي معاشري جو اهم انسان آهي، پر مون وٽ جيڪو به ايندو هو، پوءِ ڏٺل هجي توڙي اڻ ڏٺل، تنهن کي مانُ ڏبو هو. هاليپوٽي صاحب مهرباني ڪري منهنجو به ذڪر هن ڪتاب ۾ ڪيو آهي، ۽ نهايت سٺن لفظن ۾ ڪيو آهي، جيترو مان لهڻان ڪونه ٿو... سندس لک لائق.
ڍاڪا ۾ رهائش دوران مان ذوالفقار هاليپوٽو صاحب کي پلٽن ميدان به وٺي ويس، جتي ڊسمبر 1971ع ۾ پاڪستاني فوج جي سپهه سالار جنرل نيازي، هندستاني جنرل اروڙا اڳيان هٿيار ڦٽا ڪيا هئا، جنهن جو سمورو ذڪر هن ڪتاب ۾ موجود آهي. ڪتاب جو مسودو پڙهي مون کي لڳو ته هُن بنگالي ادب ۽ لٽريچر خوب پڙهيو آهي، ۽ بنگال بابت جيڪو ڪجهه لکيو ويو آهي، اهو سندس مشاهدي ۾ آهي. نه فقط اهو ته هُن بنگالي ادب پڙهيو آهي، پر بنگلاديش جي ٻن دورن جي دوران، هن عوامي ليگ توڙي ڀاشاني جي پارٽين جي اهم سياستدانن سان ملاقاتون پڻ ڪيون. سندس گهري نظر اتان جي معاشي ۽ معاشرتي حالتن تي به رهي آهي. انهيءَ زماني ۾ پاڪستاني ٻن روپين جو هڪ بنگلاديشي ٽڪو ٿي مليو، يعني سندن معيشت اسان کان ٻيڻ تي هئي.
هاليپوٽو صاحب بنگلاديش جي مائيڪروڪريڊٽ جي بادشاهه نوبل پرائيز يافته ڊاڪٽر محمد يونس سان پڻ مليو. مان اتي اهو ٻڌايئندو هلان ته جڏهن ڊاڪٽر محمد يونس کي نوبل پرائيز مليو هو، تڏهن مان ڍاڪا ۾ ئي موجود هيس ۽ مون پي. آءِ. اي. جي ڪنٽري مينيجر جي حيثيت ۾ کيس هڪ گلدستو پيش ڪيو هو. اها تصوير اڄ به منهنجي ڊرائنگ روم ۾ سجايل آهي.
هاليپوٽو صاحب، بنگلاديش جي بهتر معاشي ۽ معاشرتي ترقي ۽ استحڪام کان پوءِ پنهنجي ملڪ جي باري ۾ چوي ٿو:
”مان سوچڻ لڳس ته عسڪري طاقتون نيٺ عوام جو، ٽين دنيا جي ملڪن جو ۽ اسان جي وسيلن جو رت پيئڻ ڪڏهن بند ڪنديون. ڇا اهو دور ختم ٿي ويو جو ڪنهن وڏي عوامي انقلاب سان پاڪستان کي گيريزن اسٽيٽ مان حقيقي فلاحي رياست بڻائي سگهجي؟“
اهي لفظ ڪيڏا سچ تي ٻڌل آهن. مان ڏسان ٿو ته، اسان جي موجوده وزيراعظم جي حڪومت ۾ اسان جي فوج جو شريف جنرل الائي ڪيترن ملڪن جا دورا ڪري آيو آهي ۽ آمريڪا سميت تمام گهڻن ملڪن جي سربراهن سان فوجي ڊريس ۾ ملاقاتون ڪري آيو آهي. اها صورتحال سڀ کان اول ته وزيراعظم لاءِ ٻڏڻ جو مقام آهي، پوءِ پاڪستان جي هر شهريءَ لاءِ پڻ شرمساريءَ جو باعث آهي.
فوج جو ڪم فقط ملڪي بچاءُ آهي. هاڻي ته ملڪ جي پرڏيهي پاليسي کان وٺي هر ڪم ورديءَ وارن جي حوالي آهي، سول حڪومت فقط ”شو پيس“ آهي.
ڪي ڪي ماڻهو ملڪي توڙي پرڏيهي ڪانفرنسن ۾ بس نالي ڳڻائڻ لاءِ ويندا آهن، پر ڪانفرنس جي معاملن ۽ مقصدن کان ڄڻ ته لاتعلق رهندا آهن، پر اسان جو هي دوست ائين ناهي. هُو عملي انسان آهي، سندس هي ٽڪرو پڙهي ڏسو:
”هندستان جا گهڻا دوست ٻڏتر ۾ هئا، ۽ هنن کي هندو توڙي اسلامي دهشت گردن ٻنهي مان وڏو ڊپ هو. مون ان موقعي تي اهو مؤقف رکيو ته ڇاڪاڻ ته ڪانفرنس ۾ پوري خطي جا ناميارا نالا موجود آهن، تنهن ڪري سلمان تاثير جي قتل خلاف هڪ ڀيرو مذمتي ٺهراءُ آندو وڃي، جنهن تي سمورن شرڪت ڪندڙن جون صحيحون هجن ۽ اهو اسڪين ٿيل صحيحن وارو ڪاغذ جڏهن پريس ۾ ويندو ته نه رڳو ڪانفرنس جي اهميت وڌندي پر ڪانفرنس جا گهڻي حد تائين مقصد پورا ٿيندا ۽ پاڪستان ۾ انتهاپسندي جي تازي لهر جي نتيجي ۾ ڊپ ۽ هراس ۾ ورتل سول سوسائٽيءَ جي دوستن، اديبن، شاعرن ۽ ليکڪن کي اتساهه ملندو. هال ۾ اهڙي رٿ جي تائيد ڪئي وڃي ۽ مون اتي ئي ويٺي ويٺي هڪ ٺهراءُ ٺاهي ورتو. ٺهراءَ لکڻ جو فن به زبردست آهي. هڪ ڀيرو اُهو آرٽ سمجهڻ جي گهرج آهي، پوءِ بس دير نٿي لڳي. سو هڪ ٺهراءُ ٺاهي، هلندڙ اجلاس ۾ پيش ڪيم. مُمبئي جي دوست ۽ نامياري صحافي جتن ڊيساني ترميم تجويز ڪندي چيو ته سلمان تاثير جو پورو عهدو لکيو وڃي ته جيئن نئين پڙهندڙن کي قتل ٿيندڙ جي عهدي ۽ مرتبي بابت ڄاڻ ۽ احساس حاصل ٿي سگهي.“
مٿئين ٽڪري ڏيڻ جو مقصد اهو آهي ته دوست ڏسن ته ذوالفقار هاليپوٽو ڪيڏو حساس آهي، عملي ڪم ڪندڙ آهي، ۽ هن جي هجڻ سان ڪانفرنسون ڪامياب ٿينديون آهن.
اسان جي دوست اوڀر پاڪستان کان الڳ ٿيڻ تي فيض احمد فيض جو پورو نظم به لکي ڇڏيو آهي.
ہم کہ ٹھرے اجنبی، کتنی مداراتوں کے بعد
پھر بنیں گے آشنا، کتنی ملاقاتوں کے بعد
۽ شيخ اياز جو به حوالو ڏنو آهي، جڏهن هُو بنگال ويو هو، ۽ گهمندي ڦرندي بنگال جي پيڙهيل ۽ پٺتي پيل طبقن جي زندگيءَ کي به ويجهڙائيءَ کان ڏٺو:
چٽگام، سوڙهي گهٽي، اونداهه،
بانس جون ڀونگيون،
لنگهه لنگهه تي،
لالٽِين،
چرس،
چنڊول جي بوءِ،
سرير،
سيڪا،
ٽهه ٽهه،
ٻهه ٻهه،
۽ ڪنهن وئشيا جي
چپن تي
ٽيگور جو اڌورو گيت.
دوست ذوالفقار هاليپوٽي جي هن ڪتاب تي چار اکر لکندي مون کي فخر محسوس ٿو ٿئي جو هُن مون کي اهو مانُ ڏنو ته مان سندس ڪتاب تي چار اکر لکان، پر ساڳي وقت مون کي شرمندگيءَ جو احساس به ٿئي ٿو ته جيڪو ڪم هن دوست مختصر دوري دوران ڪيو، سو مان چار سال رهڻ باوجود ڇونه ڪري سگهيس؟!
هي ڪتاب هڪ تاريخي حيثيت رکي ٿو، ڇوته هن ڪتاب ۾ بنگالين سان ٿيل زيادتين جو وڏو ذڪر آهي، ۽ ورديءَ وارن جي ڪيل ڪارستانين جو به ذڪر آهي. مون کي پڪ آهي ته هي ڪتاب ڇپجڻ شرط وڪرو ٿي ويندو ۽ ان جا ڪيئي ايڊيشن ڇاپڻا پوندا.
هدايت بلوچ
D-33، پاڪستان ڪوارٽرس
ڪراچي.