سفرناما

مون ڍاڪا اُڀرندي ڏٺو

زيرِنظر ڪتاب بنگلاديش جي گايءَ واري هنڌ ڍاڪا جي دوري بابت آهي، جتي هو پيپلز سارڪ ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ ويو هو، جيڪا ”هڪ نئين ڏکڻ ايشيا جو تصور: عوامي خيال“ جي موضوع تي ڪوٺائي ويئي هئي. ’ڍاڪا جو سفر‘ حقيقت ۾ هڪ تاريخي ۽ تجزياتي دستاويز آهي، جنهن مان پڙهندڙ گهڻو ڪجهه پرائي سگهندا، خاص ڪري هو پاڪستان جي ٺهڻ کان ٻه اڌ ٿيڻ، ان کان پوءِ جي صورتحال، بنگالين سان ٿيندڙ ڏاڍ، اتي رهندڙ بهارين جي سوچ، پاڪستان فوج جي ڏاڍاين ۽ ٻين ڪيترن پهلوئن بابت ڄاڻ حاصل ڪري سگهندا، جيڪا ان دؤر جي اخباري سينسرشپ سبب اسان تائين نه پهچي سگهي.
مجموعي طور تي هيءَ ڪاوش ذوالفقار هاليپوٽي جي محنت جو اهڙو ثمر آهي، جنهن مان ساڃاهه وند پڙهندڙ ڀرپور لاڀ پرائي سگهن ٿا.
Title Cover of book مون ڍاڪا اُڀرندي ڏٺو

مهاڳ: جاويد قاضي

ننڍي کنڊ ۾ بنگال ۽ سنڌ ٻه ڪنڊون ٿين، ٻئي سمنڊ ۾ پون، هوڏي هماليه کان هلندڙ گنگا، بنگلاديش جو پيٽ وٺي، بنگالي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري، هيڏانهن سنڌو هماليه کان هلندي وچ وٺي عربي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري. جڏهن اڪبر بادشاهه 1592ع ۾ جيئن ايڇ. ٽي. سورلي لکي ٿو ته، ”هندستان سان، مرزا جانيءَ ٺٽي واري کان کسي، هندستان سان گڏايو هو“، تيئن، هندستان جو مشهور صحافي ايمءَ جي. اڪبر لکي ٿو، ”بنگال کي به انهن ئي سالن ۾ هندستان سان گڏايو ويو هو.“ ايئن چئو ته سنڌ ۽ بنگال ننڍي کنڊ جي ڇڪ به آهن ته ڪشش به. محور ناهن پر مدار ٿين. هوڏانهن ايسٽ ايشيا ڏي گس کلن ٿا ته هيڏانهن عرب سڳورن جون هوائون هيڏي سنڌ ۾ لهن ٿيون. اسين ٻئي هندستان کان آزاد ٿي پاڪستان ۾ شامل ٿياسين، پوءِ جڏهن پاڪستان پنهنجي راهه کان ڀٽڪي ويو، اسين ٻئي پاڪستان جي ڀٽيڪل راهه خلاف هڪ ٿي وڙهندا رهياسين. پٺاڻ يا پشتون پنهنجو مٽ پاڻ هئا. هو اسيمبلين تائين پهچي ويندا هئا، ۽ سندن آواز عوامي نيشنل پارٽيءَ جي پليٽ فارم تي ڀرپور گجندو هو. پنجاب کي پرواهه نه هئي، هنن جي بيوروڪريسيءَ جي هٿ ۾ هن ملڪ جون واڳون هيون، جيڪي هنن يوپيءَ کان آيل انتهائي طاقتور ڌڙي، جن بنگالين کي پوئتي ڌڪيو هو، انهن کان نيٺ کسي ورتيون هيون ۽ پوءِ بنگالين سان مليل ان ورثي وارو جهيڙو پنهنجي سر کڻي يوپيءَ کان آيل، ان مهاجرن کي سينيئر پارٽنر کان جونيئر پارٽنر حصو ڏيئي، پاڻ سان کنيو. وڃين ته سنڌ ڪاڏي وڃي، جت قوم پرست ڌريون اسيمبليءَ ۾ پهچي ڪونه پئي سگهيون. پهريان لياقت علي خان جي پويان لڳا، ان کان اڳ جناح جي پويان لڳا، جيڪي نه لڳا سي الله بخش سومرو ٿي، سورهه بادشاهه ٿي ماريا ويا. قوم پرستن جون جڙون مڊل ڪلاس ۾ هيون، اهو ته هڪ ڌڪ ۾ هليو ويو. پنجاب سان ايئن نه ٿيو، ان وٽان هندو ۽ سک مڊل ڪلاس ويو پئي ته جالنڌر وغيره کان وري مسلمان مڊل ڪلاس آيو پئي.
هت سنڌ ۾ ايئن نه هو، هت وڏيرا ۽ سجاده نشين هئا، باقي شهري سنڌ، اربن سنڌ مذهبي ورهاڱن ۾ جڏهن ٽوڙي وئي ته مٿان ڪوئي مسلمان سنڌي مڊل ڪلاس بڻجي ڪونه آيو هو، پر پوءِ يو.پيءَ کان اردو ڳالهائيندڙ اچي وسيا ها.
ورهاڱي وقت، بنگالين چيو ته ڪلڪته پاڪستان جو دارالخلافا ڪيو. يو.پيءَ واري مسلم ليگ چيو ته ڪراچيءَ کي دارالخلافا ڪبو. گڏيل هندستان ۾ گورنمينٽ آف انڊيا ايڪٽ 1935 کان پوءِ جيڪي پهريون ڀيرو رياستي اليڪشنون ٿيون، ان ۾ مسلم ليگ پهريون ڀيرو وڙهي مسلمانن جي نشست تي، پر ڪانگريس، مسلم ليگ کي بُري شڪست ڏني. جڏهن ته گڏيل بنگال ۾ مسلم ليگ پنهنجي اتحادين سان گڏجي حڪومت ٺاهي وئي. سنڌ ۾ به ڪانگريس جي اتحاد سان الله بخش سومرو اڀرندڙ مسلم ليگ لاءِ مسئلو ٿي پيو.
هي هڪ ڊگهو ڪٿا آهي، ان ڀوڳنا جي پاتال ۾ اسين صدين جي ڪيل ارتقا جون مسافتون هارائي ويهي رهياسين. اسان جو هن سفر ۾ ڪجهه بنگالين وٽ رهجي ويو آهي. اڄ ذوالفقار هاليپوٽو جڏهن ان سفر جا ساز ڇيڙيا آهن، تڏهن اسان جا ڪرَ وڪڙ سڀ اٿلي پيا آهن. سڀ ڄڻ ”غبار خاطر“ جا باب هجن ۽ سندس سفرنامو ڄڻ بهار هجي. سندس احسان مند جو مون کي ان جو اڀياس يا ٻين لفظن ۾ پيش لفظ لکڻ لاءِ چيائين. جيتوڻيڪ ذوالفقار هڪ مخصوص زمان ۽ مڪان ۾ وڃي ٿو. ان مخصوص ڏينهن ۾ جڏهن پنجاب جي گورنر سلمان تاثير کي سندس گارڊ پاڻ کي الله طرفان حڪم سمجهي ماري ٿو، پر ذوالفقار ان سڄي ماجرا کي بنگال جي ورهانڱي سان ڳنڍيل به ڏسي ٿو. اسين سڀ هن ننڍي کنڊ جا اڀاڳا ٻار آهيون. ڀٽڪي ويل رستا ۽ اسان جي پيشانيءَ تي ڪيئي ڀٽڪيل سوال، جن جا جواب ڳولهي ڳولهي سهڪي اسين پڻ پٽ تي پيا آهيون. ذلفي ان سور جي هڪ ڪڙي آهي، سندس جند، سنڌ سان جڙيل آهي ته ننڍي کنڊ جي امن امان سان پڻ ارپيل آهي.
جيئن مٿئين پيراگراف کان اڳ واري پيراگراف ۾ پاڻ چيوسين ته الله بخش سومرو سنڌ ۾ اڀرندڙ مسلم ليگ لاءِ مسئلو ٿي پيو. اسان انهيءَ جي آئي ايڪٽ 1935 جي آئين تحت بمبئيءَ کان ڌار به ٿياسين، پر پوءِ سنڌ جو مسلم ليگ ۾ اچڻ گهڻو گهربل هو. هڪ فطري عمل به هو جيڪي مسلمان اڪثريت واريون رياستون هيون، اهي سڀ مسلم ليگ جي ور چڙهي ويون، ويندي ڪانگريسي حڪومت واري سرحد (اڄوڪي خيبر پختونخواه) به.
هندستان کان الڳ ٿيڻ جو گهڻو شوق بنگالين ۽ يو.پيءَ جي مسلمانن کي هو، نه سنڌ کي هو، نه پنجاب کي، نه بلوچستان کي، نه سرحد کي هو. اهو ان ڪري ته هت اڃا مسلمانن جي جٽادار مڊل ڪلاس اڃا پچي راس ڪانه ٿي هئي، جيئن بنگال يا يو.پي ۾ ٿي هئي. اهي ٻئي مسلمان قوم پرستيءَ سان سرشار هئا، ويندي خلافت تحريڪ جو ڳڙهه ڀانڱين ڪلڪته هو.
ڪلديپ نير لکي ٿو ته، ”مسلم ليگ 1940ع لاهور واري اجلاس ۾ جڏهن جدا وطن جي قراداد منظور ڪئي وئي، ان جي صدارت ٻن ليڊرن ڪئي هئي. هڪڙو شير بنگال فضل حق ته ٻيو محمد علي جناح هو.“ خاڪسار جي جٿن به ٻن ليڊرن کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو. اهي ٻئي مٿيان ٻڌايل ليڊر ها. جيڪا قراداد الڳ وطن واري منظور ٿي، ان ۾ سب مسلمان اڪثريت وارين قومن جي جدا جدا سڃاڻپ به ڀرپور طرح سان مڃيل هئي. يعني مطلب اهو ٿيو ته اهڙو نئون ملڪ گهڻ قومي ملڪ هوندو ۽ فيڊريشن يا ڪنفيڊريشن هوندو.
پر پوءِ ايئن نه ٿيو. آزاديءَ جي ستت پوءِ هي ملڪ پنهنجي ڊگر کان لهي ويو. بنگال جي مسلم ليگ ۽ يو.پيءَ واري مسلم ليگ ۾ ٺهڻ کان اڳ ئي پهريون جهيڙو ان ڳالهه تي ٿي پيو ته، نئين ملڪ جو دارالخلافا ڪلڪته ٿئي، جيڪو يو.پيءَ واري مسلم ليگ نه پئي چاهيو.
ان وقت بنگال مسلم ليگ جو صدر به شهيد سهروردي هو ته ان گڏيل بنگال جو وزير اعليٰ به پاڻ هو. جڏهن ريڊڪلف مشن هندستان جو ورهاڱو ڪرڻ آيو هو ته شروع ۾ هنن جو خيال، لاهور هندستان واري پنجاب کي ڏيڻ جو هو، ۽ ڪلڪته پاڪستان کي ڏيڻو هو. شيخ مجيب ۽ خود سهروردي به لکي ٿو ته، ”ڄاڻي واڻي ڪلڪته لياقت علي خان وارن نه ورتو، جو خبر هئن ته ان سان بنگال مسلم ليگ، سڄي مسلم ليگ تي ڇانئجي ويندي يا ٻين لفظن ۾ برابري ڪندي.“ ان وقت جناح پارٽيءَ اندر ايترو مضبوط رهيو ئي ڪونه هو. ان جو سبب سندس بيماري هئي. هنن کي ڪراچي وڌيڪ ڀانئن پئي پيو جو سنڌ جي مسلم ليگ ڪمزور هئي، وڏيرن جي مسلم ليگ هئي، جنهن مان جي. ايم. سيد به رُسي ويهي رهيو هو. لياقت ۽ مسلم ليگ ڪلڪته تي ڪوبه حق ريڊڪلف مشن آڏو جٽادار انداز ۾ رکيو ئي ڪونه. ڀايان ٿو ڪلڪته جي اڌ کان وڌيڪ آبادي مسلمان هئي. سندس انفرااسٽڪچر تمام بهتر هو دهلي ۽ بمبئيءَ جي ڀيٽ ۾ ڇو جو دارالخلافا طور ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ کان وٺي 1909ع تائين رهيو هو.
پوءِ مسلم ليگ بنگال جي قيادت کي مرڪزي مسلم ليگ گهر ڀيڙو ڪري ڇڏيو. سهروردي، پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ به گڏيل بنگال جو وزير اعليٰ رهيو، ته جيئن خون خرابي کان بچي، جو سڀ کان وڏي رتوڇاڻ شهري حساب سان ڪلڪتي ۾ ٿي هئي. خواجا ناظم کي مسلم ليگ بنگال جو صدر ڪيو ويو. هن ڍاڪا کي ان صوبي جو دارالخافا ڪيو. اڌ کان وڌيڪ مسلم ليگ بنگال جي صوبائي ڪميٽيءَ مان ڪڍيا ويا. شيخ مجيب به انهن مان هڪ هو، ۽ پوءِ انهن عوامي مسلم ليگ جي نانوَ سان نئين پارٽي ٺاهي. سهروردي ڪراچيءَ ۾ وڪالت کي جُنبي ويو، نئين پارٽيءَ جو حصو نه ٿيو. شير بنگال ان وقت مسلم ليگ ۾ نه هو. مٿان بنگالين تي اردو ٿونپي وئي. ان قائد اعظم پاران تقرير ڪرڻ واري هال ۾ شيخ مجيب به موجود هو، جو ڪيترن اٿي جناح کي چيو ته هو غلط پيو ڪري.
پوءِ 1953ع ڌاري مسلم ليگ کي صوبائي اليڪشن ۾، بنگال ۾، انتهائي بُري شڪست آئي. عوامي مسلم ليگ ۽ سندس اتحادي جيڪي اليڪشني اتحاد ٺاهي وڙهيا هئا، ڪل 300 سيٽن مان 290 کڻي ويا. هي هو اصل سڄي بنگال جي مسلم ليگ سان ڪيل يو.پيءَ جي مسلم ليگ سان ويساهه گهاتيءَ جو ردعمل ۽ پوءِ پاڪستان ٺاهيندڙ بنگالي ۽ يو.پيءَ وارا وڙهي پيا. باقي هيڏي پنجاب ۽ سنڌ واري مسلم ليگ، يو.پيءَ واري مسلم ليگ ڳڙڪائي وئي. ان جو سبب هڪڙو اهو به هو ته سنڌ واري مسلم ليگ جٽادار ۽ ڀرپور ڪانه هئي، وڏيرن جو ڪلب هو، ڪنهن کي به لياقت علي خان ڄمي ڪم ڪرڻ ڪونه ڏنو، جڏهن ته بنگال واري مسلم ليگ هيٺ تائين عوام ۾ جڙون رکندي هئي.
۽ پوءِ بنگالي قوم پرستيءَ جنم ورتو، ته سنڌي قوم پرستي پاڪستان جي نون تضادن ۾ اڀري آئي، پر عوام ۾ جڙون ڪونه ٺاهي سگهي. سنڌ مان جيڪي ٽي چار ماڻهو بنگالي قوم پرستن کي ويجها ٿيا، انهن مان سڀ کان وڌيڪ ڀايان ٿو ته قاضي فيض محمد هو. پاڻ شهيد سهرورديءَ سان گڏجي سنڌ ۾ عوامي ليگ جون جڙون مضبوط ڪيائين. شهيد سهروردي جڏهن عوامي مسلم ليگ مان، عوامي ليگ ٿي، تڏهن ان جو صدر ٿيو، جڏهن ته محمد الحق عثماني ان جو جنرل سيڪريٽري. سنڌ ۾ مير رسول بخش ٽالپر ان جو صدر ۽ قاضي فيض محمد ان جو جنرل سيڪريٽري ٿيو. ڪامريڊ غلام محمد لغاري ۽ ٻيا دوست پڻ عوامي ليگ جي سينٽرل ڪميٽيءَ ۾ رهيا ۽ پوءِ جڏهن سهروردي وزيراعظم ٿيو ته هن نهر سوز تي امريڪا واري پاليسي ورتي. مطلب ته خارجه پاليسي اسٽيبلشمينٽ پاڻ وٽ رکي، هن کي اقتدار ڏنو.
عوامي ليگ ۾ اختلاف پيدا ٿيا. قاضي فيض محمد لکي ٿو ته، ”سينٽرل ڪميٽيءَ جي ان ميٽنگ ۾ جت سهرورديءَ صدارت پئي ڪئي ته دوستن اهو بار قاضي صاحب تي رکيو ته سندس نهرو سوز واري پاليسيءَ تي سهرورديءَ کان آڏي پڇا ڪري. شهيد سهرورديءَ کي به خبر هئي ته هيل ساڻس سان اختلاف رکندڙ تير ۽ تلوارون به کنيو اچن پيا، سو پنهنجا ماڻهو به سينٽرل ڪميٽيءَ ۾ ميمبر ڪري ويهاري ڇڏيائين. قاضي صاحب اٿي بيٺو ۽ چيائين ته، ”هي ته سينٽرل ڪميٽيءَ جا ميمبر ئي ڪونهن“ ۽ پوءِ ميٽنگ ۾ جهيڙو ٿيو. قاضي صاحب رڙ ڪندي وقت جي وزيراعظم کي پارٽيءَ جي سينٽرل ڪميٽيءَ جي ميٽنگ ۾ نهر سوز تي اختلاف رکندي، نيٺ ڪاوڙ ۾ اهو به چئي ڏنو ته، ”سہروردی صاحب آپ نے اپنا بھی منہ کالا کیا تو ہمارا بھی“ ۽ ايئن چئي ميٽنگ مان واڪ آئوٽ ڪيائين ته ڪيترا ميمبر ساڻس اٿي بيٺا. پويان سهروردي رڙ ڪندي چيو ”گاريون ڏيڻ آيا آهيو“ ۽ اتان نيشنل عوامي پارٽيءَ ٺاهڻ جو ڪم شروع ٿيو. ڀاشاني، ڍاڪا واري پهرئين اجلاس ۾ ان جو صدر ٿيو. خان عبدالغفار خان وارا به ان اجلاس ۾ شامل ٿيا. ڍاڪا جي عوامي نيشنل پارٽيءَ واري اجلاس ۾ عوامي ليگ حملو ڪرايو ۽ ان ۾ قاضي فيض محمد ٺيڪ ٺاڪ زخمي ٿيو.
پوءِ ملڪ تي ون يونٽ مڙهيو ويو. گهُٽ ۽ ٻوساٽ سان هن ملڪ جي ننڍين قومن لاءِ وڌي وئي. ايوب جي آمريت اچي وئي. سنڌ ۾ به هاري جدوجهد وڏا ٿنڀا کوڙي ڇڏيا. هاري الاٽيءَ جي عظيم تحريڪ هلي پئي، جنهن جي سرواڻي قاضي فيض محمد ڪري رهيو هو.
سنڌ جي قوم پرست تحريڪ آڏو نوان محاذ کلي پيا، نيون حقيقتون آڏو اچي ويون. جڏهن ته سنڌ جو وڏيرو، جنرل ايوب سان اقتدار جي شراڪت ۾ گڏ ويهي رهيو، ته سنڌ جي مڊل ڪلاس شهرن ۾ پاڙون رکي پنهنجي ڪابه سيٽ اسيمبليءَ ۾ حاصل ڪرڻ جي سگهه نه پئي رکي.
قاضي فيض محمد ۽ ٻيا دوست ان خيال جا ها ته بنگالي قوم پرستيءَ سان اتحاد ڪري، ان خال کي ڀرجي. تڏهن شهيد سهروردي به رحلت ڪري چڪو هو، ۽ شيخ مجيب اگرتولا واري غداريءَ جي ڪيس کان پوءِ اوڀر پاڪستان ۾ هڪ وڏو ليڊر ٿي اڀري چڪو هو.
ذوالفقار هاليپوٽو جي هن سفرنامي، منهنجي لاءِ ته ڄڻ پورو دفتر کولي ڇڏيو آهي. انهن بابن جو، جيڪي بنهه اسان جا ۽ بنگالين جا پاڻ ۾ پيل هئا. ذلفي جو سفرنامو ڄڻ ته ان پوري تاريخ تي تبلي جي هلڪي تال ٿي وڃي پيو. هن جا پنڌ ويزا لاءِ، هن جا پنڌ ائيرپورٽ ڏي، هن جو ڌان منڊيءَ جي ان گهر ۾ وڃڻ، جت شيخ مجيب رهندو هو، جتي هو وزيراعظم ٿيڻ کان پوءِ به رهندو هو، ۽ جتي ماريو ويو هو، ۽ هاڻ اتي سندس ان حوالي سان ٺهيل ميوزيم به آهي. اتي پيل ڪيترن ئي تصويرن ۾ شيخ مجيب جي قاضي فيض محمد سان به تصوير آهي، ۽ انهيءَ زماني جي به آهي، جڏهن شيخ مجيب نيٺ جدا وطن جو اعلان ٿو ڪري.
ذلفي جڏهن ڍاڪا يونيورسٽيءَ ۾ قدم رکي ٿو ته هڪ ٻيون جهان کلي ٿو. وڃين ايئن چئجي ته بنگالين جي آزاديءَ جي تحريڪ ڪنهن ٻئي نه پر ڍاڪا يونيورسٽيءَ جي شاگردن هلائي پئي ته ان ۾ ڪوبه آر نه هوندو. هو وڃي ٿو ان شهيد چوڪ تي، جتي بنگالي ٻوليءَ جي جدوجهد ڪندڙ شاگردن کي شهيد ڪيو ويو هو، جو اڄ به 21 فيبروري انهن لاءِ سڀ کان وڏو عظيم ڏينهن آهي. هو ڪيترو نه پنهنجي ٻوليءَ سان پيار ڪندا آهن، چريائپ جي حد تائين. ڪيترا نه بنگالي ٻوليءَ ۾ هنن وٽ ڪتاب به ڇپجندا آهن، ۽ ڪيترا نه اچي ورتا ويندا آهن. ڪيترا نه سندن ليکڪ پيا ڪمائيندا آهن. پورو مهينو جيڪي هن فيبروريءَ ۾ بهار شروع ٿيندي، بسنت ملهائي ويندي آهي، تيئن اوترو وڏو انهن ڏينهن ۾ اتي ڪتابن جو ميلو لڳندو آهي.
ذلفي سڀ اهي گهٽيون اهي گهاٽ پراڻي ڍاڪا جا گهمي ٿو. هن کي شيخ اياز جو ڍاڪا وارو سفرنامو اکين آڏو تري ٿو اچي. هن وٽ قاضي نظرالاسلام، بنگالين جي عظيم شاعر جون سٽون تري ٿيون اچن. هن کي رابندر ناٿ ٽئگور جهونگارڻو ٿو پئجي وڃي.
ذلفيءَ جو سفرنامو ڄڻ جو اسان جي وڏڙن جو ڀٽڪيل روح يا ان وڇوڙي جو ڏک هو، جيڪو ڍاڪا جي گهٽين ۾ ان باب جا جيڪي سنڌ جي ون يونٽ خلاف تحريڪ جي سرواڻ جا بنگاليءَ جي ٻوليءَ جي تحريڪ جي سرواڻ سان سلهاڙيل هئا، اهي تندون اهي ساز چوري ٿو.
سنڌ ۾ ون يونٽ خلاف هلندڙ تحريڪ، شيخ مجيب کي ڏاڍو متاثر ڪيو. شيخ مجيب سنڌ جي جمهوريت پرست مڊل ڪلاس، سنڌ جي تحريڪ کي بنگالين جي جمهوريت پرست ۽ وفاق پرست تحريڪ سان جوڙڻ پئي چاهيو. هنن جي ٻوليءَ وارو مسئلو به ختم ٿي چڪو هو جو اردوءَ سان گڏ بنگالي ٻوليءَ کي به قومي ٻولي تسليم ڪيو ويو هو. هنن جو ڪوبه ون يونٽ وارو تضاد نه هو، پر پوءِ به اوڀر پاڪستان خود هڪ صوبو پڻ هو، جڏهن ته مغربي پاڪستان ۾ ايئن نه هو. چئن صوبن جي ڌار ٿيل تاريخي حيثيت کي ختم ڪيو ويو هو.
قاضي فيض محمد جا بنگالين سان ورهاڱي کان به اڳ جا تعلق هئا. پاڻ علامه مشرقيءَ جي چوڻ تي ان قحط جي زماني ۾ 1940 ڌاري ڪئمپ هڻي متاثرين جي مدد ڪئي ۽ پوءِ ويهارو کن ٻار ڇوڪرا پاڻ سان گڏ ساڻ وٺي آيو، سو جڏهن پوءِ سڀ واپس هليا ويا (پر ٻه بنگالي ننڍڙيون ڇوڪريون ڌيءُ ڪري وڏيون ڪيائين) انهن جون شاديون پڻ ڪرايائين جن جا ٻار به هاڻ وڏا ٿي سنڌي سماج ۾ سنڌي ٿي رهن پيا.
۽ پوءِ نيٺ بنگالين ۽ سنڌ جي جمهوريت پرست قوم پرست ڌرين جو وري پاڻ ۾ سنگم ٿيو. بابا چوندو هو ته بنگالي هن ملڪ کي حقيقي جمهوريت ۾ تبديل ڪندا ۽ ننڍن صوبن کي ون يونٽ کان به آزاد ڪرائيندا. بابا عوامي ليگ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ شيخ مجيب آڏو شرط رکي ڇڏيا، جيڪي عوامي ليگ قبول ڪيا ۽ جنرل يحيٰ تي عوامي ليگ پنهنجي قراداد سان ۽ مختلف بيانن سان زور وجهڻ شروع ڪيو.
اسان کي اهو مڃڻو پوندو ته شيخ مجيب جو ون يونٽ ٽوڙائڻ ۾ سڀ کان وڏو ڪردار ٿئي ٿو ۽ اهڙي طرح سنڌ، بلوچستان ۽ سرحد کي آزاد صوبي واري حيثيت واپس بحال ڪرائڻ ۾. ۽ پوءِ ان جدوجهد هڪ اهڙو ڪرُ ورتو جت اوڀر پاڪستان بنگلاديش بڻجي اڀري ٿو ۽ سنڌ جنهن پنهنجو نينهن بنگالين جي جدوجهد سان جوڙيو هو تن کي وڏو ڪاپاري ڌڪ لڳي ٿو. پاڪستان جي اندر ننڍين قومن جي صوبائي خودمختياريءَ واري جدوجهد اڌوري رهجي وڃي ٿي.
هي موضوع ڊگهو موضوع ٿئي ٿو جنهن کي ذلفي سائينءَ جي هن سفرنامي جي مهاڳ واري حيثيت ۾ کٽائي ڪونه ٿو سگهجي.
بنگالي مڇي ۽ چانورن جا مداح ٿين ۽ سابه چمچن ۽ ڪانٽن سان ڪونه کائين پر هٿن جي لپ سان اهڙي انداز سان کائيندا آهن، سو منظر به ڏسڻ لائق هوندو آهي. تمام جدوجهد ڪندڙ قوم آهي. ايترا ته اتي درياهه، نديون ۽ ڍنڍون آهن، ڀايان ٿو ته شايد ئي ڪنهن ملڪ ۾ هجن.
مون کي ٻه ڀيرا وڃڻ نصيب ٿيو ۽ ٻئي ڀيرا شيخ حسينه، جنهن کي آئون پنهنجي ڀيڻ چوان ته غلط نه هوندو، پاڻ وزيراعظم هئي، ان سان ملاقات ٿي. پاڻ جڏهن 1997ع ڌاري اسلام آباد آئي هئي ته اچي اسان کي ڳولهيو هئائين. اها روايت مون پڻ قائم رکي ۽ وڏڙن جي ڏنل ان دوستيءَ کي سائو رکيوسين.
ذوالفقار هاليپوٽو جو هي سفرنامو گهڻو تڻو ان جي زماني واري پسمنظر ۾ آهي. جڏهن پاڻ اتي وڃي ٿو. مون هن مهاڳ ذريعي ڪوشش ڪئي آهي ته ان جو تاريخي پسمنظر ڏيان.
سندس سفرنامو پڙهڻ توهان لاءِ ان ڪري به ضروري ٿيو پوي ته هي توهان کي هڪ طرف بنگالي نفسيات جي آگاهي ڏئيي ٿو. انهن وٽ سنڌي ڪيترو نه عزت وارو آهي، ڇو جو ساڻس گڏ گهڻي ۾ گهڻو 1970 ۽ 1971 فوجي آپريشن وقت اگر ڪير بيٺو هو. هن مغربي پاڪستان سان ته اها سنڌ هئي. ساڳي وقت اها پڻ حقيقت آهي ته ذوالفقار علي ڀٽو جو ڪردار، ان فوجي آپريشن دوران ڀيانڪ هيو، جنهن جا ڇنڊا اسان تي به پون ٿا، پر ڀٽو صاحب سنڌ جو روحاني ليڊر نه هو، سندس تسلسل شاهه، سچل ۽ سامي نه هو. اهو شيخ اياز، قاضي فيض محمد ۽ جي. ايم. سيد هو، جيڪي سنڌ جي آفاقي روح جي ترجماني ڪري رهيا هئا سي انهن سان ان مشڪل گهڙين ۾ گڏ بيٺا هئا. تڏهن اسان جو ڪامريڊ حيدربخش جتوئي اهي سور سهڻ کان اڳ رحلت ڪري چڪو هو.


جاويد قاضي
BJ-3 ، ابراهيم ٽيريس
فريئر ٽائون، ڪلفٽن،
ڪراچي.
3 مارچ، 2015ع