روانگيءَ جون تياريون
باقي جيڪڏهن ويزا جا معاملا ايئن ئي رهيا ته پوءِ لڇمڻ ڪومل، هيري ٺڪر ۽ ادل سومري سوڌو اسين پاڻ به ان خطرناڪ ۽ دشمنيءَ تي ٻڌل Visa Regime جو شڪار ٿيندا رهنداسين.
ان ڳالهه ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته سنڌين سان ان معاملي مڙئي سوائي محبت آهي، اسان جي مقامي ايجنسي، گهرو ۽ پرڏيهي معاملن جي وزارتن ۾ ويٺل ڪامورن ۽ هندستان توڻي ٻين ملڪن جي سرڪارن جي - ان حساس معاملي کي بليڪ اينڊ وائيٽ ۾ ڏسڻ بدران گوناگونيت ۾ ڏسڻ جي ضرورت آهي.
ڪجهه سال اڳ جنرل پرويز مشرف جي دور اقتدار ۾ جڏهن سنڌ اندر ارباب رحيم جي وڏ وزارت هئي، ته سنڌ ۽ ڪراچي يونيورسٽين گڏجي هڪ شاندار بين الاقوامي ڪانفرنس جو انعقاد ڪيو هو. سنڌي، اردو ۽ انگريزيءَ جي نامور دانشورن، محققن، شاعرن، سماجي سائنسدانن ۽ سياسي مفڪرن، ٻولي، ثقافت، جمهوريت، سياست ۽ معيشت، انساني ترقي، وسيلن ۽ ٻين موضوعن تي شاندار تحقيقي مقالا پيش ڪيا هئا.
پر ان سڄي ڪانفرنس جو مک موضوع هندستان ۾ ويٺل سنڌي ليکڪن ۽ دانشورن کي ويزا جاري نه ڪرڻ واري واقعي جي مذمت ڪرڻ هو. ڪانفرنس جي ابتدائي پروگرام اسٽيٽ گيسٽ هائوس ڪراچيءَ ۾ سنڌ جي گورنر عشرت العباد ۽ وزيراعظم شوڪت عزيز ۽ تعليم جي وزير ميڊم حميده کهڙو جي موجودگيءَ ۾ يونيورسٽيءَ جي تڏهوڪي وائيس چانسلر مظهرالحق صديقيءَ هڪ شاندار تقرير ڪئي ۽ ان تقرير ۾ وزيراعظم ۽ گورنر اڳيان انتهائي باوقار طريقي سان شديد احتجاج ڪيو ۽ چيو ته هڪ پاسي ٻين صوبن ۾ رانديگرن جي بورچين ۽ فنڪارن جي ڊرائيورن کي به ويزا ملن ٿا، پر سنڌ جي بين الاقوامي سطح جي ليکڪن، شاعرن ۽ دانشورن کي ويزا جاري نه ڪرڻ وسيلي اسان کي ڪهڙو نياپو ڏنو پيو وڃي. سندس اهڙيءَ تقرير تي کيس تاڙيون وڄائي داد ڏنو ويو ۽ پنڊال ۾ ويٺل ڪانفرنس جي ميزبانن، مهمانن ۽ مقررن سندس موقف کي جائز قرار ڏنو. هڪ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر پاران پنهنجي باس يعني چانسلر ۽ وزيراعظم اڳيان اهڙي شعلا بيانيءَ تي گورنر سنڌ ۽ وزيراعظم وڏيون وضاحتي تقريرون پيش ڪيون ۽ چيائون ته کين ٻڌايو وڃي ها ته هو پاڪستان جي گهرو وزارت کي ان سلسلي ۾ ضرور لکن ها. واضح رهي ته هندستان مان گهرايل مهمانن ۽ مقررن کي پاڪستان جي گهرو وزارت ويزا ڏيڻ کان انڪار ڪيو هو.
اها صورتحال سنڌ ۾ رڳو يونيورسٽين نه، پر هر شعبي ۽ خاص طور تي اين جي اوز سيڪٽر سان لاڳو ٿئي ٿي. هاڻ جڏهن سنڌ جي ٻن اهم ترين يونيورسٽين پاران ڪوٺايل بين الاقوامي ڪانفرنس سان اهڙي ويڌن آهي ته ٻين سان ڇا ٿيندو هوندو؟ ان ڪانفرنس ۾ شاندار تقريرون ٿيون. تحقيقي مقالا پڙهيا ويا. وڏا صحتمند فڪري ۽ نظرياتي بحث ٿيا. بهترين پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ڪوريج ملي ۽ پڇاڙيءَ ۾ ٺهرائن ۾ ويزا جي ڏچن کي سولي ڪرڻ جو ٺهراءَ پڻ نه وساريو ويو.
تنهنڪري ويزا واري اشوءَ کي سڀني پاسن کان پرکڻ ۽ جاچڻ جي ضرورت آهي. هڪ ڌڪ ۾ رد ڪرڻ يا بنا سمجهه جي ويزا فري تصور کي قبول ڪرڻ مسئلي جو حل نه آهي. ان ڏس ۾ بنيادي ذميواري حڪومت جي آهي ته اها اهڙو ماحول جوڙي، اهڙيون پاليسيون ۽ مضبوط نظام لاڳو ڪري، جنهن کي عام فهم ٻوليءَ ۾ Safeguarding چيو ويندو آهي.
ماڻهن جو پنهنجن مٽن مائٽن سان ملڻ، روزي يا روزگار لاءِ قانوني طرح سفر ڪرڻ، پڙهائي يا ڪنهن ڪانفرنس يا ٽريننگ يا وري عام سياح طور گهمڻ ڦرڻ هر انسان جو بنيادي انساني ۽ سماجي حق آهي، جنهن کي تحفظ ڏيڻ هر حڪومت جو بنيادي فرض ۽ ذميواري آهي. حڪومت جا نظام بهتر هوندا ته ماڻهو هڪٻئي سان اهڙن انتظامي معاملن تي بلڪل به جهيڙي ۾ نه ايندا.
ويزا هٿ ۾ ايندي ئي ساٿين کي فون ڪيم. ذوالفقار شاهه ٻڌايو ته ڪرامت علي ۽ سينيٽر حاصل بزنجو هڪ ڏينهن اڳ پهچي رهيا آهن. باقي 6 1 جنوري 0 1 0 2 ع تي صبح جو سوير لڳ ڀڳ 2 1 ڄڻا ٻي پي آءِ اي سروس وسيلي ڍاڪا لاءِ اسهندا. صبح جو سوير واري اڏام هجڻ ڪري اهو طئه ٿيو ته پنجاب توڻي سنڌ جا مهمان ڪراچيءَ جي پائيلر جي آفيس ۾ رات رهندا ته جيئن ڪنهن کان به فلائيٽ مس نه ٿئي. زاهده ڏيٿو کي ميرپورخاص مان اچڻو هو، سو پروگرام اهو طئه ٿيو ته زاهده مون کي حيدرآباد مان کڻندي ۽ پوءِ اسين گڏجي ڪراچيءَ تائين وينداسين. آئون سندس اهڙي آفر تي خوش ٿيس ۽ سندس ٿورا مڃيم ۽ ايئن هڪ رات اڳ پائيلر جي آفيس پهتاسين.
پائيلر جي آفيس جا به ڪيترائي رنگ آهن، ڏينهن جي وقت اها هڪ بنهه پيشيواراڻي عمارت آهي، جنهن ۾ ڪم ۽ رڳو ئي ڪم تي زور هوندو آهي ۽ شام ٿيندي ئي سنڌ جي هڪ ڀلوڙ شهري ۽ سنڌ جي حقن جي هڪ وڏي وڪيل ۽ آرڪيٽيڪٽ عارف حسين پاران ڊزائين ڪيل اها عمارت هڪ پراسرار ۽ وڻندڙ رنگ ۾ تبديل ٿيو وڃي ۽ دوستن جي ميزباني اڻوسرندڙ هوندي آهي.
پائيلر هاسٽل ۾ داخل ٿياسين ته اتي خبر پئي ته لاهور مان ليبر پارٽي، جمهور پبليڪشن، اوڪاڙه ملٽري فارم جدوجهد يا ٻين تحريڪن جا دوست دير سان لاهور مان پهچندا. ماني کائي سمهڻ جي تياري ڪيم، جو جلدي اٿڻ جي عادت اٿم ۽ ڪنهن به احتجاجي ڪم ۾ پاڻ کي رضاڪاراڻي طور پيش ڪرڻ جي طبيعت جي ڪري سفر ۾ خاص ڪري گهري ننڊ ڪندو آهيان. پائيلر ۾ به جيتوڻيڪ صبح جو 6 وڳي جو الارام سيٽ ڪيو هئم، پر اک پنجين وڳي ئي کلي پئي. ٻاهر نڪري ڏٺم ته لاهور مان آيل فرخ سهيل گوئيندي ۽ ٻين دوستن کي لائونچ ۾ ويٺل ڏٺم. چيائون ته چانهه لاءِ ويٺا آهيون، مون کين ٻڌايو ته سامهون ڪينٽين تي چانهه پاڻ ٺاهي سگهجي ٿي. گوئيندي کلندي چيو ته سائين ڪينٽن بند آهي، تنهنڪري ته ٻاهر ويٺا آهيون. سٺو ٿيو جو رات ڪچهري ڪندي ٿري باورچيءَ کان فون نمبر وٺي ڇڏيو هئم. کيس فون ڪري ننڊ مان اٿاريو مانس ته ناشتو ۽ چانهه تيار ڪري.
ايئن سمورن دوستن کي ننڊ مان اٿارڻ جو چئي، آئون تيار ٿيڻ هليو ويس. ٿڌ گهڻي هئي، گرم پاڻي بت سان ايئن چمبڙي رهيو هو، جيئن زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو جسم ڪنهن ٻئي جسم سان چمبڙندو آهي. شاور مان نڪرندڙ گرم پاڻي ڄڻ ته اهڙي محبوب جون ٻانهون لڳي رهيو هو، جنهن جو محبوب ڪو فوجي سپاهي هجي ۽ هو پهرئين ئي پيار کان پوءِ ترت ڪنهن جنگ لاءِ روانو ٿيندو هجي. آئون شاور کان ايئن ٽپ ڏيئي الڳ ٿيس، جيئن اهو سپاهي نظرياتي ۽ منزل جي گرميءَ کي روح جي گرميءَ مٿان ترجيح ڏيئي، محبوبا کان الڳ ٿيندو آهي.
ٻاهر نڪتس ته ڪيترائي دوست اڃا تيار نه ٿيا هئا. زاهده کي پنهنجي گاڏي هئي، ان چيو ته جلدي ايئرپورٽ هلجي ته جيئن ڪجهه مسافر بورڊنگ ڪارڊ حاصل ڪري سگهجن. سندس گاڏي اسان کي ايئرپورٽ ڇڏي، ميرپورخاص رواني ٿي ويئي. منهنجي هونءَ به پراڻي عادت آهي ته بين الاقوامي اڏام لاءِ گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڪلاڪ اڳ ايئرپورٽ پهچندو آهيان. آئون پريشر يا ٽينشن ۾ سفر ڪرڻ جو عادي ناهيان.
سينيٽر ڀائو مولابخش چانڊيو کلندي چوندو آهي ته مظهرالاسلام ۽ تو ۾ اها عادت ساڳي آهي. هن جو به وس پڄي ته جيڪر رات ايئرپورٽ تي ترسي پوي. مون اهڙا به دوست ڏٺا آهن، جن کي ٽڪي جو به فڪر نه هوندو آهي ته ڪو ايئرپورٽ وقت تي پهچڻو آهي. پوءِ يا ته جهاز نه ملندا اٿن، يا انتهائي تيز رفتاريءَ سان ايئرپورٽ پهچڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. ايئرپورٽ ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ هو هڪ ڀيرو بيگ جي وري چڪاس ڪيم، نائين اليون وارن واقعن کان اڳ مسافر هڪٻئي کي سامان سڙهو ڏيندا هئا. جيڪو مسافر ٻئي ملڪ وڃي، اهو سامان ٻين حوالي ڪندا هئا. هاڻ سفر تنگ ۽ تحفظ جو نظام ڪمزور ٿي ويو آهي. منشيات جي اسمگلنگ ۽ ٻين تخريبڪارين يا دهشتگرديءَ جي خطري هيٺ سختيءَ سان منع ڪئي ويندي آهي ته سفر ۾ ڪنهن ٻئي جو سامان نه کنيو وڃي. سفر جو سامان پنهنجن هٿن سان پيڪ ڪجي، ڪنهن جي به ڏنل شيءِ بنا پرک جي بند پيڪنگ ۾ نه کنئي وڃي وغيره وغيره. اتي سانا جي ڪنوينشن ۾ امريڪا يا لنڊن ويندي دوستن جي مٽن مائٽن پاران ڏنل سامان کڻندي به ساهه سڪو پيو هوندو آهي.
گرمين جي موڪلن ۾ ٻارن سان ٻاهر وڃڻ دوران منهنجي گهر واري منيزه مجال آهي، جو ڪنهن لاءِ سُئي به کڻڻ ڏيئي. اهو سيڪيورٽيءَ لاءِ ايئن ئي ضروري ٿي پيو هي، جيئن سفر لاءِ ويزا ۽ پاسپورٽ ضروري آهن.
زاهده کي پائيلر آفيس ۾ ئي اها صلاح ڏنم ته ڪجهه سامان ڇنڊي هلي. هن تمام ڳرو بيگ کنيو هو. گهڻي سفر ۾ رهڻ ڪري اهو به سکي ورتو اٿم ته جيترو گهٽ سامان، سفر اوترو ئي آسان. سو زاهده به اڌو اڌ سامان گاڏيءَ ۾ ئي رکي ڇڏيو. ايئرپورٽ تي چيو مانس ته هڪ ڀيرو ٻيهر سامان چيڪ ڪري وٺي، کلندي چيائين ته رات وچ ۾ منهنجي ڪمري ۾ ڪنهن اچي سامان ۾ ڪجهه لڪايو هوندو ڇا! مون کيس چيو ته اهو اصول هن کي سڄي ڄمار ڪم ايندو. هن بيدليءَ سان تڪڙ ۾ سامان ڦلوريو ۽ اسين ايئرپورٽ جي سيڪيورٽي اسٽاف کي پاسپورٽ ۽ ٽڪيٽ ڏيکاري اندر داخل ٿياسين. ڪسٽمز جي همراهن پري کان ايئن تڪيو، ڄڻ ڪنهن شڪار جي تلاش ۾ هجن. اسان جي هٿن ۾ هلڪو ڦلڪو سامان هو ۽ شڪل صورت مان اندازو لڳائي، ڪنهن جو به سامان چيڪ نه ڪيائون ۽ ايئن اسين اسڪيننگ ڪرائيندا وڃي بورڊنگ پاس لاءِ بيٺاسين.
آئون ان کان اڳ به ساڳي فلائيٽ ۾ ڍاڪا ويل آهيان. صبح جو 8 وڳي ايتري خلق ايئرپورٽ تي نه هوندي آهي، پر ان ڏينهن فلائيٽ تي وڏي رش هئي. گهڻو ڪري 15 کان 30 سالن جا نوجوان وڏا جبا پائي بورڊنگ لاءِ بيٺل هئا. پاڻ ۾ روانيءَ سان انگريزي ڳالهائي رهيا هئا. هڪڙن همراهن کان پڇيم ته ٻڌايائين ته هو سڀ لنڊن ۽ يورپ مان آيل آهن ۽ ڍاڪا ۾ ٿيندڙ تبليغي اجتماع ۾ شامل ٿيڻ وڃي رهيا آهن. هڪ عورت جي گڏ هجڻ ڪري هڪ پورٽر اچي زاهده کي چيو ته قطار ڊگهي ۽ اهي سڀ همراهه هڪ گروپ ۾ آهن، تنهنڪري هوءَ ٻئي ڪائونٽر تي اچي وڃي. هن مون کان به پاسپورٽ ۽ ٽڪيٽ ورتي ۽ اسان کي جلدي سيٽون ملي ويون.
شرافت صاحب فون ڪيو ته هو پهچڻ وارا آهن. ايتري ۾ شرڪت گاهه ۾ ڪم ڪندڙ ملڪ جي نامور سماج سڌارڪ نجما صادق، جيڪا زرعي سڌارن ۽ جديد زراعت بابت هڪ عوام دوست پروگرام ڏسي رهي آهي، سامهون نظر آئي. قرب سان ملي چيائين ته هوءَ به ساڳي ڪانفرنس ۾ هلي رهي آهي.
ايستائين شرافت علي لاهور جي دوستن سان گڏ اچي پهتو. ڍاڪا جي تبليغي اجتماع ۾ ويندڙ نوجوانن جي رش ڏسي زاهده چيو ته يورپ مان ايترا نوجوان ڍاڪا وڃن پيا. مون کيس چيو ته ڏکڻ ايشيا مان جيڪي به مسلمان گهراڻا 50 کان 80 واري ڏهاڪي ۾ امريڪا ۽ يورپ وڃي آباد ٿيا، اڄ انهن کي پنهنجي شناخت جو شديد بحران سامهون آيل آهي. اهي امريڪا ۽ يورپ جي سماجن جو سک به حاصل ڪرڻ گهرن ٿا، اتي ئي رهڻ ڪاروبار ڪرڻ ۽ شاهوڪار ٿيڻ جا خواب به ڏسن ٿا، پر انهيءَ سان گڏ هاڻ پنهنجن ٻارن کي مذهب ڏانهن راغب پڻ ڪن ٿا. هو دراصل پنهنجي گذاريل آزاداڻي ۽ مذهبي قدرن کان آجي زندگيءَ جو ڪفارو ادا ڪرڻ گهرن ٿا.
اهڙيون سرويز ۽ تحقيق موجود آهي، جنهن مان اهو ثابت ٿيو آهي ته مذهبي انتهاپسنديءَ لاءِ اهڙن ملڪن ۾ آباد ٿيل مسلمانن وٽان باقاعدي امداد ايندي رهي ٿي ۽ جن ملڪن ۾ کائين پيئن ۽ ڪمائين ٿا، انهن خلاف انتهاپسنديءَ جي سازش جو حصو پڻ بڻجن ٿا.امريڪا ۽ يورپ جي انتهاپسندي به نندڻ جوڳي آهي، پر اهو سمجهڻ گهرجي ته رياستي دهشتگردي ۽ عوام جي انتهاپسند هجڻ ۾ فرق ضرور آهي. انهن ملڪن جو عوام پرامن آهي، جيئن اسان جو عوام آهي. باقي ٻنهي پاسين رياستي ڪاروهنوار انتهاپسنديءَ تي ٻڌل آهي. امريڪا هجي يا پاڪستان عوام جمهوريت پسند ۽ پرامن آهي. جڏهن ته رياستون دهشتگردي ۽ انتهاپسنديءَ کي سڌيءَ ۽ اڻسڌيءَ طرح هٿي ڏيندي ڏٺيون ويون آهن.