سفرناما

مون ڍاڪا اُڀرندي ڏٺو

زيرِنظر ڪتاب بنگلاديش جي گايءَ واري هنڌ ڍاڪا جي دوري بابت آهي، جتي هو پيپلز سارڪ ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ ويو هو، جيڪا ”هڪ نئين ڏکڻ ايشيا جو تصور: عوامي خيال“ جي موضوع تي ڪوٺائي ويئي هئي. ’ڍاڪا جو سفر‘ حقيقت ۾ هڪ تاريخي ۽ تجزياتي دستاويز آهي، جنهن مان پڙهندڙ گهڻو ڪجهه پرائي سگهندا، خاص ڪري هو پاڪستان جي ٺهڻ کان ٻه اڌ ٿيڻ، ان کان پوءِ جي صورتحال، بنگالين سان ٿيندڙ ڏاڍ، اتي رهندڙ بهارين جي سوچ، پاڪستان فوج جي ڏاڍاين ۽ ٻين ڪيترن پهلوئن بابت ڄاڻ حاصل ڪري سگهندا، جيڪا ان دؤر جي اخباري سينسرشپ سبب اسان تائين نه پهچي سگهي.
مجموعي طور تي هيءَ ڪاوش ذوالفقار هاليپوٽي جي محنت جو اهڙو ثمر آهي، جنهن مان ساڃاهه وند پڙهندڙ ڀرپور لاڀ پرائي سگهن ٿا.
Title Cover of book مون ڍاڪا اُڀرندي ڏٺو

لکڻ جي خواهش: ذوالفقار هاليپوٽو

مون ڍاڪا جو سفرنامو، روزاني سوڀ اخبار ۾ تڏهوڪي ايڊيٽوريل صفحي جي انچارج علي آڪاش جي اتساهڻ تي، گهڻي تفصيلي انداز ۾، قسطيوار لکيو. ٻه ٽي سو صفحا ايئن لکيم جو خبر ئي نه پئي.
مرحوم حسن درس کي گذارش ڪيم ته هو ماهتاب محبوب کان ٻه اکر لکرائي ڏئي. هن هائوڪار ڪئي ۽ ادي انتهائي خوبصورت انداز ۾، ليکڪ جي اک سان منهنجين لکڻين تي تنقيدي نظر وڌي. روايتي سستي ۽ ڪم جي بار سبب ڪتاب جي ڇپائيءَ ۾ دير ٿي ويئي. ان وچ ۾ ادي ماهتاب محبوب جا لکيل ٻه اکر وڃائي ويٺس، ڄڻ ته ڪو املهه خزانو وڃائي ڇڏيو. مون لاءِ اها لکڻي ملڪيت هئي، گهڻي ڳولا ڪيم، پنهنجا ڪم، ڪتاب ۽ لکڻيون ترتيب سان رکندو آهيان. ڪمپوز ٿيل مواد، محفوظ رکندو آهيان. خبر ناهي ته ڪنهن جي نظر لڳي ويئي جو ٻه اکر وڃايم. وڏي ندامت اٿم اهو مواد وڃائڻ جي ادي ماهتاب کان معافي گهران ٿو. سچ پچ ته پڙهندڙ هڪ اتساهيندڙ تخليق پڙهڻ کان محروم رهجي ويا.
ڪتاب ٻيهر سهيڙي سڌو ڪيم ۽ پياري سليم ميمڻ جي حوالي ڪيم. ڪتاب هڪ ڀيرو ٻيهر ڪن اڻٽر مصروفيتن ۽ سندس طبيعت جي ناچاڪيءَ توڻي گهر جي شفٽنگ جي ڪري ڪيترائي مهينا ڇپائيءَ کان محروم رهجي ويو. ٽيون ڀيرو ڪتاب جي ڇپائيءَ لاءِ صفا تياري ڪري ڪنهن پبلشر سان ڳالهائڻ وارو هيس ته ڇهون ڀيرو ڍاڪا جي دوري جي دعوت مليم. فيصلو ڪيم ته ان دوري جي حوالي سان گڏ هن سفرنامي کي قطعي صورت ڏيندس. وري خيال آيو ته ان دوري جي تجربن، مشاهدن ۽ ماڻهن سان ملاقاتن مان ڪافي تصور ملندا، نوان ماڳ مڪان ڏسبا ۽ گهمڻ جو موقعو ملندو، سفرنامو اپ ڊيٽ ٿي ويندو.
ماڻهوءَ جو من به عجيب آهي. ساڳي ماڳ ڏانهن ڏهه ڀيرا وڃي، تڏهن به هر ڀيري سندس مَن ۾ نوان خيال ۽ ساڳين جڳهن ۽ ماڻهن کي ڏسڻ ۾ ملڻ کان پوءِ نوان رايا، سوچ ۽ سمجهه جڙن ٿا. پهريون تجربو اڻوڻندڙ هو، اڳي جهڙي صورتحال نه هئي. ويزا لاءِ پهرين ڪراچيءَ ۾ ڊفينس جي بدر اسٽريٽ تي واقع بنگلاديشي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر جي آفيس فون ڪبو هو، ملاقات جو وقت به ملندو هو. چانهه پياري، حال احوال ڪري ويزا ڇڏيندا هئا. هيل جڏهن ويزا لاءِڊپٽي هاءِ ڪميشن فون ڪيم، ته روبرو اچي درخواست جمع ڪرائڻ لاءِ چيو ويو. ماڻهو ته ساڳيا هئا، پر رويا تبديل ٿيل هئا، ٻه ڀيرا درخواست فارم اڇلائي ڏنائون ۽ چيائون ته اڻپورو آهي. جيڪي غلطيون ٻڌايون ويون، سي ٻارڙيون هيون.
مثال طور پاسپورٽ جي مدي ختم ٿيڻ جي تاريخ ۾ لکيل سال سمجهه ۾ نٿو اچي، تنهنڪري فارم وري ڀري اچو. ڪيترائي ماڻهو وڏين وڏين گاڏين مان لهي، قطار ۾ بيٺي روڄ راڙو ڪري رهيا هئا ته هنن، پاڪستان ۾ خراب حالتن جي ڪري بنگلاديش ۾ ڪاروبار لاءِ فيڪٽريون هنيون آهن، ۽ هاڻي پاڪستان مان بنگلاديش موڪليل عملي ۽ ڪاروباري ملازمن لاءِ ويزائن جي ملڻ ۾ ڏکيايون پيش اچي رهيون آهن.
قطار ۾ بيٺل هڪ سرمائيدار ٻڌايو ته سندس پٽ، ۽ ڀاڻج، آمريڪا مان بزنس جون ڊگريون وٺي آيا آهن، هو چاهي ٿو ته نوجوان سندس گارمينٽ فيڪٽري سنڀالين، پر بنگلاديشي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر ويزا ڏيڻ کان انڪاري آهي. ان نموني امير توڙي غريب پريشان هئا. آمريڪا جي ويزا لاءِ به ماڻهو ايترو پريشان نه هوندو آهي. مون گهر موٽي اچي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر کي احتجاجي خط لکيو، منهنجي موڪليل اي ميل جي جواب ۾ ساڳيو سفارتي لهجو اختيار ڪيو ويو ته هو ويزا جي ڪنهن به صورت ۾ ڪا ضمانت نٿا ڏئي سگهن، پر ايترو ٿيو، جو مون کي وقت مليو ۽ مون ڪميشن جي اندر وڃي پنهنجا ڪاغذ جمع ڪرايا. ڪراچيءَ ۾ واقع بنگلاديشي هاءِ ڪميشن جي عملي سان لهه وچڙ رهندي آهي. هن ڀيري ته ڊپٽي هاءِ ڪميشن سنڌ جي رائيٽرس فورم سان گڏجي مادري ٻولين جو عالمي ڏينهن ملهائي رهيا آهن.
هن وقت شيخ مجيب جي ڌيءَ حسينه واجد اقتدار ۾ آهي، ۽ عام طور تي اهو ڏٺو ويو آهي ته جڏهن به عوامي ليگ اقتدار ۾ آئي آهي ته سندس حڪومت جو رويو پاڪستان ڏانهن اڳرائي وارو رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته عوامي ليگ، پاڪستان کي 1971ع واري سانحي جو ذميوار ڪوٺي ٿي. ٻئي پاسي جڏهن به خالده ضيا جي حڪومت ايندي آهي، جنهن جون حمايتي بنگلاديش جون مذهبي ڌريون هونديون آهن، جيڪي پاڪستان پرست ٿورائي وارن سان ڀريون پيون آهن، تنهن ڪري انهن جو رويو پاڪستان ڏانهن دوستاڻو رهندو آهي. ڪاروباري توڙي ويزا پاليسون نرم هونديون آهن. ٻئي پاسي عوامي ليگ جون پاليسون سخت رهيون آهن. عوامي ليگ سرڪار، جماعت اسلامي جي اڳواڻ مولوين کي ڦاهي ڏيڻ واري واقعي تي پاڪستان سرڪار توڙي پاڪستاني مذهبي ڌرين جي ردعمل تي به ڪاوڙيل آهن.
تازوئي بنگلاديش ۾ وڳوڙ ٿيا، ۽ نيٺ گڏيل قومن ۽ آمريڪا کي ٽياڪڙي ڪرڻي پيئي. ان دوران به عوامي ليگ، پاڪستان سرڪار تي مذهبي انتهاپسنديءَ جي حمايت جا الزام لڳايا. اهڙيءَ صورتحال ۾ ڍاڪا جو سفر هيل ڏکيو ٿي لڳو. سوچيم ته اهڙي طنزيه تڪڙين تبديلين جي ور چڙهيل بنگالين سان ڪچهريءَ ۾ مزو ايندو ۽ نون خيالن جي ڀاڱي ڀائيواري ٿيندي.
منهنجو ماڳ ڍاڪا يونيورسٽي هو، جتي هڪ جرمن تنظيم، ماحولياتي تبديليءَ تي، علاقائي سطح جي هڪ ڪانفرنس ڪوٺائي رهي هئي، جنهن ۾ سارڪ جي لڳ ڀڳ سمورن ملڪن مان پاڻي، ماحوليات ۽ آبهوا جي تبديليءَ جا ماهر، سرگرم ڪارڪن، سياسي اڳواڻ ۽ پارليامينٽرينز شرڪت لاءِ اچي رهيا هئا. منهنجو مقالو ماحولياتي تبديليءَ جي بحث ۾ پڇڙيءَ واري سنڌ جي صورتحال هو. اهڙو ئي هڪڙو سلسلو پاڪستان ۾ به آهي، جنهن جو اڳواڻ سينٽر مشاهد حسين سيد آهي.
ڍاڪا پهتاسين ته ايئرپورٽ تي ميزبان موجود هئا ۽ اتي ساڳي وقت فلائيٽس مان ڪانفرنس لاءِ پهتل مهمانن مان ٻن چئن همراهن سان ملاقات ٿي ويئي. سنڌ جي وسيلن تي سنڌين جو اختيار به ناهي ته به انهن جي رائلٽي يا لهڻو، سنڌين جي سماجي ترقيءَ لاءِ استعمال ٿئي ٿو. بددبودار وڏيرن جي لئه لڳي پئي آهي. اهي گهوٽڪيءَ کان وٺي ٺٽي ۽ بدين تائين پنهنجن خسيس مفادن خاطر، پنهنجن علائقن جي ماڻهن لاءِ حق گهرڻ، نوجوانن کي نوڪريون ڏيڻ، معدني وسيلن وارن هنڌن تي سماجي ۽ انساني ترقيءَ جا ازلي ويري ۽ دشمن آهن.
2002ع واري اسيمبليءَ ۾ پيپلز پارٽيءَ جي اسيمبلي ميمبرن کي تحقيقي دستاويز ڏنا هئم ته تيل ۽ گئس جي ذخيرن تي مالڪيءَ جو حق وفاق بدران رڳو صوبن کي هئڻ کپي. ان ڏس ۾ جيڪي به ٺاهه ٿين ٿا، انهن جو اختيار صوبائي حڪومتن کي هئن کپي. وڏا واعدا ٿيا، وڏو گوڙ ٿيو، پر جڏهن پيپلز پارٽي اقتدار ۾ آئي ته زرداري اهي اختيار صوبن کي ڏيڻ بدران صدر جي حيثيت ۾ پاڻ وٽ رکيا. وڏي عرصي تائين تيل ۽ گئس جي انهن دستاويزن جي ڪاپيءَ جي درخواست ڪندا رهياسين، جنهن ۾ حڪومت پاڪستان ۽ تيل ۽ گئس جي ڪمپنين وچ ۾ قانوني ٺاهه ٿيل آهي، پر اهو نه مليو. اسان چاهيو ٿي ته اهو پڙهجي ۽ ان تي عام راءِ هموار ڪجي. تيل ۽ گئس جي ڪمپنين جي انتظاميه جو موقف هو ته اهو ٺاهه ڪمپنيءَ جو اهڙو دستاويز آهي، جنهن کي هر ڪنهن کي ڏيکاري نٿو سگهجي، تنهن ڪري ڪمپنيءَ جي اصولن، قاعدن ۽ ضابطن موجب اهو چئي ٺاهه جي ڪاپي ڏيڻ کان انڪار ڪيو ويو ته اها ڪمپني ۽ معاهدي ۾ شامل ڌرين ۾ طئي ٿيل اخلاقي ضابطن جي ڀڃڪڙي ٿيندي.
ان دستاويز جي هٿ اچڻ سان اهو پتو پئجي سگهي ها ته تيل ۽ گئس سنڀاليندڙ ڪمپنين ۽ پاڪستان حڪومت وچ ۾ ڪهڙا اصول طئي ٿيل آهن. گئس ۽ تيل جي کوٽائي، ان جي استعمال، ان مان ملندڙ رائلٽي، علائقي جي ترقيءَ لاءِ خرچ جا تفصيل، ڪميونٽي جي ترجيحن ۽ گهرجن پٽاندر نوڪرين ۽ ٻين سهولتن جي ترجيحن بابت ڄاڻ ملي سگهي ها. جيتوڻيڪ اهو دستاويز نه ملي سگهيو، پر ٻين دستاويزن مان ڪنهن حد تائين انهن معاملن بابت ڄاڻ ملي سگهي.
اسان جا حڪمران (جن کي اسين پنهنجو سمجهون ٿا) اپوزيشن ۾ هوندا ته سنڌ کي بنگلاديش نه بنائڻ جا دليل ڏين ٿا، جڏهن اقتدار اچن ٿا ته ساڳي نموني ڦرلٽ ڪندڙ ٽولي جو حصو بڻجي وڃن ٿا. بنگلاديش جي آزاد ٿيڻ مان عوام گهڻو ڪجهه سکيو، پر اقتداري پارٽين سکڻ کان انڪار ڪيو. اهڙي صورتحال ۾ سنڌ پنهنجا حق ڪيئن وٺي. جيڪڏهن سنڌين جي ووٽن تي چونڊيل حڪومتون سنڌ ۽ سنڌين جي جائز، آئيني ۽ قومي حقن جو تحفظ نه ڪنديون ته پوءِ سنڌين وٽ ڪهڙو رستو بچي ٿو. قومي وحدتن کي اهو ڪنفيڊرل اختيار به مليل ناهي ته جي اهي وفاق مان خوش نه هجن ته الڳ ٿي وڃن.
ان ڏس ۾ سنڌ ڪيترن ئي ڏهاڪن کان پاڪستان اندر رهندڙ ٻين قومن توڙي ڏيهان ڏيهي برادريءَ جي ڪيترن ئي رياستن ۽ قومن کان ڪيترن ئي شعبن ۾ اتساهه حاصل ڪندي ٿي رهي. اهو اتساهه علمي، ادبي، فڪري، سياسي ۽ سماجي شعبن سان لاڳاپيل آهي. ايستائين جو سنڌ پنهنجي خطرناڪ دشمن قوتن جي سگهن کي به ڪڏهن گهٽ نه سمجهيو آهي ۽ نه ئي ڪنهن شعبي ۾ تعصب، دشمني يا مخالفت جي بنياد تي ان جي بنگالين کي جيءَ ۾ جاءِ نه ڏني آهي.
رڳو پاڪستان جي سرحدن اندر ڏسون ته سنڌ پنهنجي سڀ کان وڏي ۽ واضح مخالف پنجاب جي 65 سالن جي پرماري روين ۽ سرشتن ذريعي سنڌ جي سياسي ۽ معاشي ڦرلٽ کان پوءِ پنجاب جي ڀڳت سنگهه کان وٺي اوڪاڙا فارم تائين هلندڙ سياسي تحريڪن، شاهه حسين کان وٺي اڇو لال تائين هلندڙ علم ادب، جمهوريت جي بحاليءَ کان وٺي چيف جسٽس افتخار چوڌريءَ جي بحاليءَ لاءِ هلندڙ سول سوسائٽيءَ جي تحريڪن کي سدائين مان ڏيندي رهي آهي، ان مزاحمت جي روح کي پنهنجائيندي اڳيان وڌي آهي.
سنڌ جي وحدت جي دشمن دهشتگرد قوتن، سنڌ جي مالڪيءَ تي ڪوڙي دعويدار ڌرين جي هر وقت سنڌ مخالف روين کان پوءِ به سنڌ، اردو ڳالهائيندڙن ۽ دهشتگرد ٽولي کي ڌار ڌار حيثيت ڏني آهي. اردو علم ادب جي شاندار فڪري اثر کي جيءَ ۾ جايون ڏنيون آهن.
اهي حقيقتون اهو ثابت ڪن ٿيون ته سنڌي بحيثيت قوم عاليشان وجود رکندڙ آهي. سندن ڊپلوميسي ۽ ان جي ڄاڻ اعليٰ معيار جي آهي، ۽ اها پنهنجي مجموعي سياسي تحريڪ، سماجي ۽ معاشي اڳڀرائيءَ لاءِ ٻين جي صلاحيتن مان فائدي وٺڻ جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿي.
اهڙي صورتحال ۾ اهي ڌريون يا قومون جيڪي سنڌين وانگر آمريتي ڏاڍ، استحصالي سرشتي، معاشي ڦرلٽ ۽ سماجي ڀڃ ڊاهه جو شڪار رهيون آهن، تن جي هر عمل جو سنڌي سماج تي گهرو اثر آهي.
ان جو سڀ کان وڏو مثال بنگالين جي سياسي مزاحمت مان اثر وٺندي سنڌ جي سياسي ۽ فڪري تحريڪ ۽ اڀار کي اڳڀرو ڪرڻ آهي. 1970ع واري ڏهاڪي کان وٺي سنڌي قوم هڪ پاسي پيپلز پارٽيءَ جي وڏيرن کي ووٽ ڪندي اچي ٿي ته ٻئي پاسي ساڳي قوم يڪراءِ بنگالين جي ڌر بڻجي ٿي. بنگال جي ڌار ٿيڻ کان پوءِ باقي بچيل پاڪستان جي مستقل ون يونٽ بنجڻ جي مخالفت ڪري ٿي ۽ پنجاب جي حاڪماڻي ضابطي هيٺ اچڻ جي ذميوارن ۾ ذوالفقار علي ڀٽي ۽ پيپلز پارٽي کي شامل به ڪري ٿي.
پڙهندڙ ٿي سگهي ٿو ته شروع ۾ اها راءِ جوڙي ته اهو ته فيصلي ڪرڻ جي صلاحيت جو وڏو تضاد آهي، پر آءٌ سمجهان ٿو ته اهو تضاد سنڌين جي سياسي حڪمت عمليءَ جو اهو مورچو آهي ته هڪ پاسي اهي ذوالفقار علي ڀٽي، پيپلز پارٽيءَ کي بنگالين جي ڌار ٿيڻ واري آمريتي سازش جي حصي طور نندين به ٿا ته ٻئي پاسي ايم ڪيو ايم جهڙي فاشسٽ ڌرين ۽ روينيو ۽ آبپاشي جي وزارتن لاءِ ضمير وڪڻي ڇڏيندڙ وڏيرن جي هٿ ۾ سنڌ ڏيڻ کان پيپلز پارٽيءَ کي گهٽ هاڃيڪار ڌر سمجهي، سنڌ جي ووٽ، ۽ نتيجي ۾ حق حاڪميت جي ازلي حق کي محفوظ ڪندا اچن ٿا. اڄوڪي رياستي ڍانچي جي ٻي وڏي قوت کان آهي، هڪ پاسي، ڪراچي کسڻ جي ڪوششن خلاف مهاڏو اٽڪائين ٿا ته ٻئي پاسي مظلوم قومن جي حقن جي جنگ يا دشمن خلاف جنگ کي پنهنجي درياهه بچائڻ جي جدوجهد لاءِ پنهنجي فائدي ۾ استعمال ڪن ٿا.
اهو هڪ ٻيو وڏو مثال آهي. سنڌي قوم جي ڊپلوميسيءَ جي اعليٰ ترين صلاحيتن جو انگريزيءَ ۾ هڪ چوڻيءَ آهي ته: ”Digging best out of worst is the highest point of art of diplomacy"
يعني بدترين مان بهترين جي ڳولا ئي دراصل حڪمت عمليءَ جي فن جي معراج آهي.
اوهين ڏسو ته فوجي آمريتن ۾ جڏهن جڏهن سنڌ ۾ رهندڙ اردو ڳالهائيندڙن جي، هڪ مخصوص ٽولي کي سنڌ خلاف سازشن جو ساٿاري بڻائي سنڌ کي اڪيلي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي ته، سنڌ اڇل ڏئي جمهوريت لاءِ، هلندڙ ملڪي تحريڪن سان جُڙي، هڪ جهٽڪي سان سنڌ يا سنڌين کي (اڪيلو) ڪرڻ جي ايوبي، ضياءَ، مشرف ڪوششن کي شڪست ڏني آهي. ان کان سواءِ پارٽيءَ جي جنگ ۾ هڪ ڪميٽي ٺاهي آهستي آهستي ائنٽي ٿل ڪينال ڪاميٽيءَ جي ملڪ جي مک مک سياسي ڌرين کي No further cut on Indus جهڙي نعري تي گڏ بيهارڻ سنڌين جي هڪ ٻي اعليٰ سوڀ آهي.
هڪ اهڙي وقت ۾، جڏهن جنرل مشرف نسل پرستيءَ جي ايجنڊا تي سنڌ جي جاگرافيءَ کي به اڌ ڪرڻ جي ايجنڊا تي ڪم ڪري رهيو هو، ۽ کيس دهشتگرديءَ خلاف جوڙيل عالمي جنگ جي ساٿاري هجڻ کي هر قسم جي ڀرپور حمايت حاصل هئي، ته سنڌين درياهه جي حوالي سان مسلم ليگ نواز، بلوچ قومپرست، جماعت اسلامي، ايم ايم اي سنڌ جا سمورا قوم پرست پيپلز پارٽيءَ جهڙين سورهن تنظيمن جو اتحاد جوڙي مشرف کي بدترين شڪست ڏني.
ون يونٽ ۽ ضياءُ الحق دور ۾ مظلوم قوميتن جا اتحاد ۽ ايم آر ڊي جهڙيون تحريڪون سنڌ جي سياسي شعور، فڪر هڪچل ۽ نظرياتي سگهه جو عاليشان اظهار آهن.
ايئن ناهي ته سنڌ بنگالين وانگر پنهنجن حقن جي حد اندر ڪابه سائنسي ۽ واضح، فڪري حڪمت عملي اختيار نه ڪئي آهي، پر سنڌ جو سياسي تحريڪ جي حقيقي نتيجن جي اميد ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ اسٽيبلشمينٽ ئي آهي، ۽ نه عام ٻيون ڪي قوتون، نه ڌاريا يا ڪي دشمن. سنڌ جي ترقيءَ جو اول نمبر دشمن سنڌ جو جاگيردار ۽ وڏيرڪو سرشتو آهي، جيڪي اسٽيبلشمينٽ جي مقامي ڪمدار وارو ڪردار ادا ڪن ٿا.
مختلف وقتن تي سياسي مفاهمت، مصلحتن ۽ تحرير جي نتيجي ۾ ٻه ڀيرا بحال ۽ ٽي ڀيرا رد ٿيل سنڌ پيپلز لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ اڃان سنڌ جي سياسي ۽ انتظامي ڌڙي ۽ مڇيءَ جي ڪنڊي جيان اٽڪيل آهي. ايم ڪيو ايم جي سنڌ جي وحدت کي انتظامي طور ٻن حصن ۾ ورهائڻ ۽ سنڌ جي شهرن تي مڪمل حڪمراني ڪرڻ جي خواب جا سبب ته سمجهه ۾ اچن ٿا، پر پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي دوستن پاران اڃان به ان نظام کي بهتر چوڻ ۽ وري ”ڪنهن موڙ“ تي بحال ڪرڻ وارا ڇسا ۽ کل جوڳا بيان سمجهه ۾ نٿا اچن. ڪالهه قوم جي ٻڌي ۽ ايڪتا، گڏيل قومي شعور ۽ ڏاهپ تي ٺٺوليون ڪندڙ ”متو آهين مڇ“ مثل وزير جڏهن قوم کي جاهل ۽ ڄٽ هجڻ جا طعنا ڏئي رهيا هئا، ته مون کي سندن لهجي ۾ اهائي نسل پرستي واري ڌپ محسوس ٿي، جيڪا سنڌين کي جاهل چوڻ وقت نسل پرست آمر جنرل پرويز مشرف جي بيانن مان ايندي هئي.
ڪنهن ڏاهي چيو آهي ته انسان جو سڀ کان وڏو دشمن سندس زبان آهي. پوءِ پوري قوم ڏٺو ته ڄڻ وزيرن سنڌين کي اهو بل/ايڪٽ سمجهڻ لاءِ تعليم وٺڻ، سنڌ جي فني ماهرن، دانشورن، اديبن، سول سوسائٽي جي اڳواڻن ۽ ساڃاهه وندن نيٺ انهن ئي وزيرن اهو بل واپس وٺي ”پنهنجو ٿڪيو پاڻ چٽيو“ مثل قوم آڏو شرمندو بڻيا. عوامي ويساهه، مينڊيٽ ۽ اعتماد سان غداري ڪري، سنڌ جي جغرافيائي معاشي هيئت ۽ سماجي تاڃي پيٽي کي بيحد نقصان پهچائڻ وارو عمل ٻيو ناسور هو.
هاڻ جيئن اهو ايڪٽ واپس ٿي چڪو ته سنڌ جي وحدت کي ايندڙ خطرن کان بچائين، ۽ سنڌ ۾ رهندڙ مستقل آبادين جي وچ ۾ امن ۽ گڏجي رهڻ وارو ماحول پيدا ڪرڻ، سنڌ جي ساڃاهه وندن جي بنيادي فرضن ۾ شامل ٿئي ٿو. مثال طور جيئن ئي ڪمشنري نظام واپس ٿيو ته سنڌ ۾ رهندڙ اردو ڳالهائيندڙ دوستن جي هڪ وڏي انگ چيو ته، ” سنڌي آخر اقتدار جي هيٺين سطح جي منتقلي جي خلاف ڇو آهن؟ عام تاثر اهو آهي ته اسين ڄڻ مڪاني ادارن جي خلاف آهيون ۽ انگريز سامراج جي مدي خارج ۽ عوام دشمن ڪاموراشاهي ڪمشنريٽ سرشتي جي حق ۾ آهيون.
آءٌ سمجهان ٿو ته هن وقت ان تاثر کي جواب ڏيڻ جي ضرورت آهي، جيتوڻيڪ اهو تاثر هٿرادو ٺاهيو ويو آهي، پر اسين جيڪي هن متبادل ۽ طاقت جي توازن واري فارمولي کي پڌرو ڪيون ٿا ته اهو غير ضروري بحث به ختم ٿي ويندو. ان ڏس ۾ اڳ ۾ ئي هر سرشتي تي سنڌ ۾ اهڙو واضح، دليل سان ٽمٽار ۽ سائنسي نقطه نگاهه وارو مؤقف سوين مضمونن، ليکن، ڪالمن ۽ تجزين ۾ اچي چڪو آهي. هاڻ ضرورت رڳو هڪ اهڙي دستاويز جي آهي، جيڪو سنڌ جي شهرن ۽ ٻهراڙين ۾ توازن پيدا ڪرڻ واري مڪاني ادارن جي سرشتي کي متعارف ڪرائي.
ايڪٽ سنڌ اسميبليءَ مان واپس ٿيندي ئي جيڪي فون ڪالز ۽ نياپا آيا آهن، انهن ۾ ڪيترن ئي انگريزي اخبارن جي ايڊيٽوريل صفحن جي دوستن به رابطا ڪيا.
آءٌ ذاتي طور تي سمجهان ٿو ته ايڏي وڏي تاريخي قومي ٻڌي ۽ ان جي نتيجي ۾ مليل فتح لاءِ غيرمعمولي ڪارنامو آهي جو ساڳي ئي عوام جو ميمبرن جو ايوان هڪ فيصلو ڏئي. سنڌ جو عوام ان کي رستن بجاءِ تحريڪ ۽ جدوجهد، سيمينارن ۽ ڪچهرين ۾ احتجاجن، دليلن سان ايئن رد ڪري، تنهن ڪري اسين سمجهون ٿا ته سنڌ اسان جو وطن آهي، ان جو تحفظ اسان جي اخلاقي، فطري ذميواري آهي، ۽ اميد ان سرشتن بابت ڪو متبادل مسودو پيش ڪيون ۽ ثابت ڪيون ته اسان وٽ اهو فهم، ڏاهپ ۽ بردباري آهي ته اسين ننڍي ۽ خسيس سياسي مفاهمتن کان مٿڀرو ٿي، سنڌ جي وحدت کي تحفظ ڏيڻ لاءِ گڏوگڏ سنڌ ۾ رهندڙ سمورين آبادين کي گڏ کڻي هلڻ واري فلسفي تي يقين رکون ٿا. ڌرتي ڌڻي هجڻ واري وطن تي حق، حاڪميت ۽ مالي اثاثن جو بين الاقوامي قانونن هيٺ طئي ٿيل حق آهي، باقي ٻين ٿورائين ۽ گروهن جو ايئن ئي تحفظ ٿيندو، جيئن مهذب معاشرن ۾ رهيو آهي.
اڄ سنڌ اندر طبعي جوڙجڪ، انساني ترقي، روڊ رستا، صحت گهر، ٽرانسپورٽ جون سهولتون، صفائي سٿرائي، اسٽريٽ لائيٽس، ميونسپل سان لاڳاپيل ڪيترن ئي شعبن جي بربادي اکين اڳيان آهي. سنڌ جي سڃاڻپ قبل مسيح جي ڪنهن رياست جهڙي بڻجندي پئي وڃي. اقتدار جي مرڪزيت جيترو سنڌ کي نقصان رسايو آهي، شايد ئي انهن ڪنهن ٻي وفاقي وحدت کي رسايو هجي، تنهن ڪري، سنڌ، ڪنهن به دور ۾ اقتدار جي مرڪزيت يا ڪمشنري نظام ذريعي ڪاموراشاهي جي حڪمراني جي حق ۾ نه رهي آهي. سنڌ کي هن وقت سڀني کان وڌيڪ ضرورت آهي هڪ شفاف، نسل پرستي، لساني تعصب کان آجي متحرڪ مڪاني ادارن جي سرشتي جي.
پاڻ 2010 کان 2012ع تائين ٻوڏن طوفانن ۾ سنڌ جي بربادي ڏٺي آهي، انهيءَ ڪري جيترو جلد ٿي سگهي پاڻ اهڙي متبادل ۽ توازن واري نظام جو ڪو خاڪو يا ڊزائين اڳيان آڻيون. پوءِ هر امن ڀرئي طريقي سان حڪومتن کي مجبور ڪيو ته هو ان سرشتي کي سنڌ اندر لساني سياست کي هٿي وٺرائي. سنڌ جي وحدت کي مضبوط ڪرڻ لاءِ استعمال ڪري. پيپلز پارٽي ايم ڪيو ايم وقتي مفادن تي ويساهه رکندڙ ڪُند ذهن واريون پارٽيون آهن، تاريخ جي اثر کان اڻواقف، نه ته کين اهڙو زبردست موقعو مليو هو ته هو سنڌ اندر لساني ٽولن کي بهتر بنائڻ لاءِ سنڌ کي سماجي ۽ معاشي طور هڪ طاقتور سماج بنائڻ لاءِ اپاءَ وٺي ٿي سگهيا.
نتيجي ۾ سنڌ، پاڪستان جي اڳواڻي ڪري پئي سگهي، پر مٿن تاريخ جو ڏمر ۽ ڪروڌ آهي جو هڪ ايڏو هيوي مينڊيٽ هوندي به بدبخت ثابت ٿيا. وطن کي وطن ۾ رهندڙ ماڻهن کي پنهنجو ڪرڻ بدران غدارن ۽ ڪائرن جي فهرست ۾ وڃي شامل ٿيا. تاريخ جي بي رحمي کين اڃا سبق سيکاريندي. سنڌ هن وقت وڏن خطرن ۾ آهي، ۽ منهنجي نظر ۾ سڀ کان وڏو خطرو، سنڌ جي جغرافيائي ۽ معاشي طاقت آهي. اها جيستائين ڦرجي لٽجي نٿي وڃي، تيستائين سنڌ ۾ لساني ۽ نسلي تفاوت ۽ تضاد برقرار رهندا. اسلام آباد ۽ حفاظتي ادارا ڪڏهن به سنڌ ۾ لساني توازن برقرار نه ٿيڻ ڏيندا، ڇاڪاڻ ته پوءِ سنڌ، سنڌ واسين جي ڪنٽرول ۾ اچي ويندي، تنهن ڪري اها ذميواري وري به انهن ساڃاهه وندن، ڏاهن، سياسي مفڪرن تي اچي ٿي، جن جون نظرون اڳيان ڏسن ٿيون ۽ انهن جو فرض آهي ته هُو ان توازن کي طاقتور بنائڻ ۽ ان کان به اڳ ۾ ان توازن کي بچائڻ لاءِ ڪشاده دليءَ سان اڳيان اچي ماڻهن جا فڪري رهبر ٿين. ان رهبريءَ جو پهريون ٽيسٽ ڪيس مڪاني ادارن جي سرشتي تي متبادل نظام جو خاڪو آڻڻ آهي، ۽ ايئن ٿي وڃي ٿو ته اسان جا اهي رهبر اڳيان هلي سمورن تضادن کي حل ڪرڻ جا ساک جوڳا متبادل آڻي، سنڌ کي انهن مصيبتن مان آجپو ڏيارين.

ذوالفقار هاليپوٽو
A-15، منيزاز،
لطيف آباد نمبر 3،
حيدرآباد

ڪراچي
10 مارچ، 2015ع