سفرناما

مون ڍاڪا اُڀرندي ڏٺو

زيرِنظر ڪتاب بنگلاديش جي گايءَ واري هنڌ ڍاڪا جي دوري بابت آهي، جتي هو پيپلز سارڪ ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ ويو هو، جيڪا ”هڪ نئين ڏکڻ ايشيا جو تصور: عوامي خيال“ جي موضوع تي ڪوٺائي ويئي هئي. ’ڍاڪا جو سفر‘ حقيقت ۾ هڪ تاريخي ۽ تجزياتي دستاويز آهي، جنهن مان پڙهندڙ گهڻو ڪجهه پرائي سگهندا، خاص ڪري هو پاڪستان جي ٺهڻ کان ٻه اڌ ٿيڻ، ان کان پوءِ جي صورتحال، بنگالين سان ٿيندڙ ڏاڍ، اتي رهندڙ بهارين جي سوچ، پاڪستان فوج جي ڏاڍاين ۽ ٻين ڪيترن پهلوئن بابت ڄاڻ حاصل ڪري سگهندا، جيڪا ان دؤر جي اخباري سينسرشپ سبب اسان تائين نه پهچي سگهي.
مجموعي طور تي هيءَ ڪاوش ذوالفقار هاليپوٽي جي محنت جو اهڙو ثمر آهي، جنهن مان ساڃاهه وند پڙهندڙ ڀرپور لاڀ پرائي سگهن ٿا.
Title Cover of book مون ڍاڪا اُڀرندي ڏٺو

بنگابنڌو جو گهر

دل ۾ ڪيترائي خيال هئا. سفر وڻندڙ لڳي رهيو هو. ماڻهن سان ڪچهرين ۾ نئين نئين انداز جا رايا، تبصرا ۽ خيال ٻڌڻ ۾ اچي رهيا هئا. انهن جا نوٽس وٺي رهيو هئس. ڪانفرنس جي ميزبانن ۽ ڍاڪا ۽ ڀرپاسي جي اهم تاريخي ماڳن مڪانن جي لسٽ ڏني ته اسين اهو طئه ڪريون ته پهرين ڪيڏانهن وڃڻو آهي ۽ ڇا ڏسڻو آهي. عورتون حسب دستور شاپنگ سينٽرز پهرين گهمڻ جي موڊ ۾ هيون. براڪ تنظيم جو هڪ وڏو ادارو آهي، ارونگ، جتي هائوس هولڊ شيون ۽ شاندار کاڌي پيتي جو سامان ۽ لٽا ڪپڙا ملندا آهن. اتي سموريون شيون بنگلاديش جون عورتون ٺاهينديون آهن، جيڪي براڪ جي انتظام هيٺ عورتن جي اڳڀرائيءَ جي مقامي سطح تي ٺاهيل تنظيمن ذريعي مارڪيٽ ڪيون وينديون آهن. مائيڪرو ڪريڊٽ ۽ ٻين تنظيمي قرضن وسيلي عورتن کي مختلف هنر سيکاريا ويندا آهن. جيئن پاڻ وٽ ٿرديپ، ٿر، ڪاڇي ۽ ڪوهستان ۾ عورتن جي معاشي اڳڀرائيءَ لاءِ کين قرض ڏيڻ، سکيا ۽ هنر جون تربيتون ڏيڻ وارو ڪم ڪري رهي آهي ته جيئن وچ واري يعني مڊل مين ۽ آڙتيءَ بدران عورتن جي سڌو سنئون اهو سامان خريد ڪندڙ کان وصولي ٿئي ۽ ٽياڪڙي ڪندڙ پنهنجي اهڙي ڪميشن نه کائي سگهي. ڪن جو خيال هو ته ارونگ سينٽر گهمجي ۽ هٿ جو قيمتي سامان ڏسجي، اهو ڪم گهڻو ڪري بنگلاديش ۾ ڪم ڪندڙ يورپي ماڻهن جا سفارتڪار، غيرسرڪاري تنظيمن ۾ ڪم ڪندڙ ڪارڪن ۽ ٻيا خريد ڪندا آهن. منهنجو خيال هو ته پهرين ڍاڪا يونيورسٽي يا پلٽن ميدان جو چڪر هڻجي. اهو خيال گهر ۾ ويٺل فرخ سهيل گوئينديءَ سان شيئر ڪيم. هن مرڪندي چيو ته اسين جنهن عمارت ۾ ويٺل آهيون، ان جي پٺيان ٻن منٽن جي پنڌ تي بنگلاديش جي آزاديءَ جي روح روان عوامي ليگ جي سربراهه ۽ بنگالين جي هيري بنگابنڌو يعني شيخ مجيب الرحمان جو گهر آهي، ڇو نه پهرين اوڏانهن هلجي. سفر ڪيترائي ڪيا اٿم ۽ وڏن گروپن ۽ هجومن ۾ به هليو آهيان، تنهنڪري ڪوشش ڪندو آهيان ته پنهنجي فرمائش کي پاسيرو رکي ٻين دوستن جي خواهش جو خيال رکجي، سو آئون سوچڻ لڳس ته ڪانفرنس جو وقت پورو ٿيو ته خبر نه آهي ته ٽيم جو ڪهڙي ماڳ لاءِ اتفاق راءِ جڙندو، سو ٺونٺ هڻي گوئينديءَ کي چيم ته جيستائين ڪانفرنس جي ڪارروائي پوري ٿئي، ڇو نه لنچ جي وقفي ۾ چڪر هڻي اچجي. جيڪڏهن اها تاريخي عمارت ايتري ويجهي آهي، جيتري هو ٻڌائي رهيو آهي ته پوءِ وقت جو فائدو وٺجي. هن هاڪار ڪندي لنچ بريڪ تائين ڪارروائيءَ ۾ ڀرپور حصو ورتو ۽ لنچ بريڪ ۾ ڌان منڊيءَ ۾ اسان واري ڪانفرنس جي عمارت کان ٻن منٽن جي پنڌ تي موجود شيخ الرحمان جي گهر ڏانهن هلڻ لڳاسين. ڪجهه منٽن کان پوءِ هڪ صاف سٿري روڊ تي اچي نڪتاسين. جتي مجيب جو گهر هو. ويجها ٿياسين ته پري کان ئي منظر ئي ٻڌائي رهيو هو ته اسين ڪنهن غيرمعمولي جڳهه تي پهتا آهيون. گهر جي آسپاس سيڪيورٽي هئي. روڊ جي ٻئي پاسي سيڪيورٽي چيڪ، سامان وغيره جمع ڪرائڻ جي ڪئبن، هڪ صاف سٿري ڪينٽين ۽ ان جي پسمنظر ۾ گدلاڻ سان ڀريل، پر سٺو منظر پيش ڪندڙ ڪئنال نظر آيو. گهر جي داخلا تي ننڍي قد جا معصوم پهريدار نوجوان سپاهي پيار سان ماڻهن کي اندر وڃڻ جا اصول سمجهائي رهيا هئا، جن ۾ سامان سيڪيورٽي ڪئبن ۾ جمع ڪرائڻ ۽ ڪئميرا يا موبائل فون گڏ نه کڻي وڃڻ جا شرط اهم هئا. ڪافي بنگلاديشي پنهنجي آزاديءَ جي سورمي جي گهر ڏسڻ لاءِ اچي رهيا هئا. گهڻو انگ نوجوانن جو هو. بنگلي جي ٻاهرين ڀت تي انتهائي صاف ۽ چمڪندڙ پٿر ۽ گلاس تي لکيل هو: ”آزاديءَ جو هيرو ۽ بنگالي قوم جو باني بنگابنڌو (شيخ مجيب الرحمان) جو گهر“. ان کي ميوزيم ۾ تبديل ڪيو ويو آهي. ان تي تاريخون وغيره به لکيل آهن. ايتري ۾ ڏٺوسين حاصل بزنجو، شرافت علي، ڪنول چنائي، مينا مينن، زاهده ڏيٿو ۽ ٻيا دوست به اچي ڪڙڪيا. چيائون ته وقفي ۾ ڪنهن کين ٻڌايو ته مجيب جو گهر ويجهو آهي، سو اهو ڏسڻ لاءِ هليا آيا. مون گهر ۾ داخل ٿيڻ لاءِ لازمي شرطن کي پڙهي ٽهڪ ڏنو ۽ سوچڻ لڳس ته نيٺ اسان واري کنڊ ۾ فوٽوگرافيءَ ۽ ڪيمرا رڪارڊنگ لاءِ منع ڇو آهي؟ ۽ اهو دقيانوسي ڪلچر ڪڏهن ختم ٿيندو. دنيا ايتري ته ايڊوانس ۽ جديد ٿي ويئي آهي، جو هاڻ اوهين گوگل اميجز يا ارٿ تان تصوير ته ڇا، پر انهن علائقن، عمارتن ۽ ماڳن ۾ هلندڙ جيئرا ماڻهو ۽ وڊيو ۾ هر چرپر ڏسي سگهو ٿا. پر ان هوندي به اڄ به اسان وٽ فوٽوگرافيءَ جي منع وارو مدي خارج ڊيٽيڊ خيال ڇو عام آهي. اڄ به پاڪستان ۾ حساس سرڪاري عمارتن، ايئرپورٽن، بيراجن ۽ ڊيمن وغيره جي ماڳن مڪانن تي لکيل هوندو آهي ته: ”فوٽوگرافي منع آهي“ جڏهن ته دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ ۾ ويٺي، اوهين اهي سڀ شيون نئون سڌو ڏسي سگهو ٿا. هت به اهو چڪر نظر آيو. مون کي ڪيمرا جي فليش لائيٽ بند ڪري ڪيمرا کي پينٽ جي کيسي ۾ رکي ڇڏيو. بنگالي سپاهين جي فضيلت هئي، جو هنن باڊي سرچ ڪرڻ بدران رڳو اهو پڇيو ته ڪيمرا وغيره ته گڏ نه آهي. مون سوچيو ته اهڙو تاريخي موقعو وري ڪڏهن ملندو، جو مجيب جي گهر جي هرهڪ ديوار ڏسجي، سو مون ڪوڙ ڳالهائيندي چيو ته: نه، ڪابه شيءِ نه آهي. ايئن اسين مجيب جي رهائشگاهه ۾ داخل ٿياسين. اندر تير جا نشان آيلن کي سولائيءَ سان رستا مٽائڻ جون نشانيون ٻڌائي رهيا هئا. سڀ کان پهرئين ڪمري ۾، جيڪو گهر جو مک هال هو، جتي شيخ مجيب گڏجاڻيون ڪندو هو، ان هال ۾ شيخ مجيب ۽ سندس سياسي تحريڪ، پارٽي، دوستن يارن ۽ ڪٽنب جون يادگار تصويرون لڳل هيون. هرهڪ تصوير هڪ مڪمل ناول جو مواد هئي. مجيب جي ننڍپڻ کان ويندي سندس قتل ٿيڻ تائين، هن جي ذاتي، سماجي ۽ سياسي زندگيءَ جون يادگار تصويرون ديوارن تي لڳل هيون.
ڪيترين ئي تصويرن ۾ هو وزيراعظم ٿيڻ کان پوءِ بين الاقوامي سياسي قيادت سان گڏ بيٺل هو. سندس لکن جي جلسن جلوسن جا وڏا پورٽريٽ لڳل هئا. تصويرون ڏسي گڏيل پاڪستان جي سياست جا ڪيترائي دور فليش بيڪ ۾ من اندر ڊوڙندا رهيا. ڪجهه اداسي محسوس ٿيڻ لڳي. ايتري ۾ حاصل بزنجي رڙ ڪري سڏ ڪيو. ويجهو ويس ته سوين تصويرن ۾ خبر نه آهي ته ڪيئن نواب اڪبر بگٽي شهيد، نواب خير بخش مري، مير غوث بخش خان بزنجو، باچا خان، ولي خان سميت نعپ جي قيادت سان گڏ نڪتل فوٽن تي اک پئجي ويس. حاصل بزنجو نعپ جي سياست ۽ ان جي قيادت جا قصا ٻڌائڻ لڳو. مون مجيب جي ذوالفقار علي ڀٽي سان نڪتل تصويرن کي غور سان ڏسندي سوچيو پئي ته شهيد ڀٽو ٿورڙو صبر ڪري ها ته اڄ پاڪستان سول ۽ ملٽري بيوروڪريسيءَ جي غلاميءَ کان آجو هجي ها. تصويرن ۾ ڪٿي به سنڌ جي قومپرستن سان نڪتل سندس تاريخي فوٽن مان هڪ فوٽو به نظر نه آيو. يا ٿي سگهي ٿو ته تڙتڪڙ مون کي اهي فوٽو نظر نه آيا هجن، پر جيستائين منهنجي تيز اک جو تعلق آهي ته مون هرهڪ تصوير کي غور سان اسڪين ڪيو، پر سائين جي ايم سيد سوڌو سنڌ جي ڪنهن به اڳواڻ سان مجيب جو فوٽو ڏسڻ ۾ نه آيو. لڳو هو ته ڄڻ گڏيل پاڪستان جي سياسي تاريخ جو هڪ پورو دور هنن ديوارن کان دور ٿيل آهي. سيڪيورٽيءَ وارا گڏوگڏ گهمي رهيا هئا. هڪڙي کان گهر جي انچارج بابت معلوم ڪيم. هو ٿورڙي دير ۾ هڪ سنهي، مشڪي رنگ واري قدآور شخص کي وٺي آيو. هن سلام ڪيو. مون کانئس پڇيو ته هن چيو ته کين انهن معاملن جي خبر نه آهي. گهر جي هرهڪ ديوار کي ڏسي مون کي ايئن محسوس ٿي رهيو هو ته آئون ڪيترائي ڀيرا اڳ به هتي اچي چڪو آهيان. مون کي اتي اهڙو ئي احساس ٿيو هو، جهڙو سن ۾ داخل ٿيڻ مهل ٿيندو آهي. اتي اهائي خوشبو محسوس ٿي رهي هئي، جيڪا ڳڙهي خدابخش وڃڻ مهل ٿيندي آهي. سوچڻ لڳس ته اها ڪهڙي انسيت ۽ چاهه آهي، انهيءَ کي ڪهڙو نانءُ ڏجي! هيءُ نظرياتي رشتو آهي، حق ۽ سچ جي پاسي ٿي بيهڻ وارن سان قرب جو قصو آهي يا اندر ۾ آزاديءَ جي طلب جي تنوار! لڳي رهيو هو ته هن جي گهر جي به هرهڪ در ۽ ديوار مون کي چڱيءَ ريت سڃاڻن ٿا. دروازي کان داخل ٿيندي ئي گهر جي چانئٺ جنهن ريت منهنجو آڌرڀاءُ ڪيو، ان مان مون محسوس ڪيو ته وڏي هجوم ۾ به هن گهر مون کي سڃاتو آهي. سڀ کان وڻندڙ منظر اهو بند ڪمرو هو، جتان بنگابنڌو يعني شيخ مجيب بنگلاديش جي آزاديءَ جو اعلان ڪيو هو ۽ اهو اعلان ريڊيو تان نشر ڪيو ويو هو. مون تڪڙ ۾ ڪيمرا ڪڍي ۽ ان تختي جو انهيءَ ايمان سان فوٽو ڪڍيو ته هڪ ڏينهن اسين به مقامي سامراج جي غلاميءَ مان آزاد ٿي، هڪ باوقار جمهوري خودمختيار وطن جي حيثيت ۾ دنيا اڳيان نروار ٿينداسين. آئون گهڻي وقت تائين انهيءَ ڪمري جي بند پيل دروازي تي بيٺو رهيس ۽ سوچي رهيو هئس ته جنهن ننڍڙي، پر خوبصورت لائبريري (جيڪا مجيب جي گهر ۾ سڀ کان پسند جي جاءِ هئي) مان مجيب آزاديءَ جو اعلان ڪيو. هنن ڇو ان ڪمري کي ڀلا قيد ڪري ڇڏيو آهي؟ آزاديءَ جي اهڃاڻن کي هروقت آزاد رهڻ کپي. شيشي مان اهو ريڊيو، ڪتاب، اخبارون ۽ شيلڊون نظر اچي رهيون هيون، جيڪي مجيب جي استعمال ۾ هيون. مجيب هر سياسي ڪم ان ڪمري ۾ ويهي ڪندو هو. هڪ ڏاڪڻ تي لکيل هو: جيڪڏهن اوهان کي دل آهي ۽ اوهان جي اکين ۾ ڪجهه لڙڪ آهن ته هيءُ هنڌ، هيءُ پل اهي لڙڪ لاڙڻ لاءِ بهترين وقت آهي. مون پنهنجون اکيون مهٽيندي هيڏانهن هوڏانهن نظر ڦيرائي ته هرهڪ اک آلي هئي. اها تختي بلڪل ان جڳهه يعني ڏاڪڻ تي لڳل آهي، جتي شيخ مجيب کي سندس ٻارن سوڌو قتل ڪيو ويو هو ۽ اڃا تائين رت جا ڇنڊا ديوارون سانڍيو بيٺيون هيون. هن جڳهه جي بهترين ڳالهه اها هئي ته ان کي ميوزيم ۾ تبديل ڪري مجيب، 1971ع ۽ بنگالين جي جنگ آزاديءَ کي بين الاقوامي سطح جي اونر شپ ملي رهي هئي. سياح قوم جا سفير هوندا آهن ۽ جڏهن قومن جي هيروز جي گهرن کي ميوزم ۾ تبديل ڪرڻ جهڙا بهترين سياسي فيصلا ڪيا ويندا آهن ته سياح انهن قومن جو مورال وڌائيندا نظر ايندا آهن. شيخ مجيب جي گهر ۽ ذاتي شين کي ميوزيم ۾ تبديل ڪري بنگلاديش جي سرڪار ڪيترو نه چڱو ڪم ڪيو آهي! اڄ قوم جي آزاديءَ جو سرواڻ قوم جي ملڪيت بڻيو، سڀني لاءِ اوپن آهي. مون واپسيءَ تي فيس بڪ تي اهي تصويرون اپ لوڊ ڪندي لکيو هو ته اهڙي سوچ اسان جي اڄوڪي حڪمرانن ۽ سياسي پارٽين جي قيادت جي حصي ۾ به اچي ته هو ستر ڪلفٽن، نئون ديرو هائوس کي ميوزيم ۾ تبديل ڪري ملڪ جي سياسي ستارن ذوالفقار علي ڀٽو، محترما بينظير ڀٽو شهيد، مير مرتضيٰ ڀٽو شهيد، بيگم نصرت ڀٽو ۽ شاهنواز ڀٽو جي ماضيءَ کي عوامي ملڪيت قرار ڏيئي، انهن جي استعمال ۾ ايندڙ گهر ۽ شيون عوام لاءِ وقف ڪري ڇڏين. تاريخ ۽ سياحت ۾ دلچسپي رکندڙ دوستن کي خبر آهي ته ڪيئن يورپ ۾ هرهڪ تاريخي شيءِ کي قومي ورثو قرار ڏيئي ميوزمن ۾ تبديل ڪيو ويو آهي. هت به اهڙي روايت پوڻ کپي. هيٺ لهڻ مهل مک دروازي وٽ هڪ اسٽال لڳل هو، جتي سووينيئر رکيل هئا. بنگالي نوجوان ٽي شرٽس ۽ ڇوڪريون لاڪيٽ وغيره وٺي رهيون هيون. مون شيخ مجيب جي بايوگرافيءَ تي لکيل ڪتاب ورتو. گهڻا ڪتاب مقامي بنگلا ٻوليءَ ۾ هئا. ڍاڪا ۾ هونءَ به انگريزيءَ ۾ مواد گهٽ ملي ٿو. مجيب بنگالين جو محبوب اڳواڻ هو. 1947ع کان وٺي 1971ع تائين بنگالين سان جيڪي ڪجهه ٿيو، انهن جي ازالي لاءِ مجيب قوم کي گڏ ڪيو. خالد بن سعيد، عائشه جلال ۽ ڪجهه ٻيا بين الاقوامي شهرت رکندڙ مفڪر ڏکڻ ايشيا جي پاپولر ۽ عوامي سگهه رکندڙ سياسي ليڊرن خلاف عالمي سازشن تي گهڻو ڪجهه لکي چڪا آهن، انهن جو خيال آهي ته امريڪا ۽ سندس حواري ٽين دنيا ۽ خاص طرح ڏکڻ ايشيا ۾ پاپولسٽ دور ۽ قيادت جي خلاف دور ۽ قيادت خلاف هئا، تنهنڪري ڀُٽي، مجيب ۽ اندرا گانڌيءَ جا قتل هڪ ئي عالمي سازش جو حصو هئا. جنرل ايوب خان جي آمريت ۽ پوءِ جنرل يحيٰ خان جي فوجي حڪومت سندس ليگل فريم ورڪ آرڊر يعني ايل ايف او ۽ پوءِ چونڊن جا نتيجا، مجيب جي سياست بنيادي طور انهن حادثن مان نڪري بنگالي عوام جي دلين جي ڌڪ ڌڪ بڻجي ويئي ۽ مجيب جي 6 نقاطي پروگرام هن خطي جي جاگرافي ئي مٽائي ڇڏي. مجيب تي به کوڙ سارا ڪتاب لکيا ويا آهن. ڪجهه حمايت ۾ ته ڪجهه مخالفت ۾. کيس هندستان ۽ امريڪا جو ايجنٽ به سڏيو ويو، پر مجيب اڄ به بنگالين جي دلين تي راڄ ڪري ٿو. هنن جي فتح مان اڄ به اسان جي مات کاڌل نوڪر شاهي ڪجهه به سکڻ لاءِ تيار نه آهي. هو جن کي خسيس سڏيو ويو، ڪانءُ ڪوٺيو ويو، انهن ڏکڻ ايشيا جي سڀ کان مضبوط فوجي نوڪر شاهيءَ کي شڪست ڏني. سندس اصولي سياست جي اها فتح آهي، جو اڄ به اسين چئون ٿا ته ملڪ کي 1971ع ڏانهن نه ڌڪيو. مون گهر کان ٻاهر نڪري، روڊ ڪراس ڪندي، مجيب جي تصوير سان فوٽو ڪڍرائي کيس سيليوٽ پيش ڪيو ۽ بنگال جي هوائن ۽ سامهون وهندڙ واهه جي وهڪري سان سنڌ پاران تعزيت ڪندي اياز جون هي سٽون جهونگاريون ته:
”ٽڙي پوندا ٽارئين،
جڏهن ڳاڙها گل،
تڏهن ملنداسين“