سنڌو سڀيتا: آرين ۽ دراوڙن وارو مفروضو, ليکڪ : رڪ سنڌي

سنڌو سڀيتا: آرين ۽ دراوڙن وارو مفروضو

پسند ڪيو ويو

ڪِتاب : سنڌو سڀيتا: آرين ۽ دراوڙن وارو مفروضو
ليکڪ : رڪ سنڌي
ڪيٽيگري : سنڌ شناسي
ڇپيندڙ : سنڌ سلامت ڪتاب گهر
شايع ٿيڻ جو سال : 2019
شامل ڪيو ويو : 2019-07-26
ڏِٺو ويو : 4225 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو : 1074 ڀيرا
برطانوي تاريخدانن ۽ آرڪيالاجي جي ماهرن هڪ گهري سازش ۽ حڪمت عملي هيٺ برصغير تي آرين جي حملي جو تصور آڏو آندو. جيئن هن خطي ۾ سندن بيٺڪي مفاد سلامت رهي سگهن. آرين جي حملي واري بي بنياد ٿيوري اڄ به برصغير جي ماڻهن وچ ۾ سياسي، ثقافتي ۽ ٻولي جي بنياد تي تضادن جو سبب بڻيل آهي. ان ئي ٿيوري جي بنياد تي انگريزن اتر ۽ ڏکڻ هندستان جي ماڻهن وچ ۾ دراوڙ ۽ آريا جي نسلي بنيادن تي تضاد کي هٿي ڏني ۽ کين هڪ ٻئي جي سامهون آڻي بيهاريو. هن ڪتاب ۾ برصغير تي برطانوي قبضي دوران سنڌو ماٿري تي نام نهاد آرين جي حملي واري مفروضي کي سائنسي دليلن سان رد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. موجوده دور ۾ آرڪيالاجي، اينٿروپلاجي ۽ جينيٽڪس بنيادن تي تحقيق دوران نتيجن کي آڏو رکي تجزيو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي.

ليکڪ جا ٻيا ڪتاب

لاڳاپيل ڪِتاب

ڪيٽيگري سنڌ شناسي مان ڪُجهہ وڌيڪ ڪِتاب

2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ