پنهنجي پاران (محنت کان منزل تائين)
ربِ ڪائنات جا اڻ ڳڻيا احسان آهن جو هن مون ناچيز کي پنهنجي زندگيءَ ۾ سدائين اهي موقعا پئي فراهم ڪيا آهن جو پنهنجي ملڪ، پنهنجي صوبي ۽ پنهنجي ماروئڙن جي خدمت ڪندو رهان. سروس دوران سدائين پنهنجي ايمان جي سچائيءَ سان ڏينهن رات محنت ڪري ديس ڌڻين جي خدمت ڪئي، ڪرسي کي ڪمائي جو ذريعو بنائڻ بدران ان کي عوام جي خدمت جو وسيلو بنايم، ماڻهن کي طاقت جو بي جا استعمال ڪري کين تنگ ڪري سندن بددعائون کڻڻ بدران انهن جي دل جي سچائي سان خدمت ڪري، عوامي ڀلائي جا ڪم ڪري، مظلوم جو سهارو بڻجي، ظالم سان مهاڏو اٽڪائي پنهنجو ڪم پوري ايمانداري سان ادا ڪيم، جنهن ڪري ئي مظلومن ۽ مسڪينن جون دعائون سدائين هم راهه بڻيون رهيون، جنهن جي نتيجي ۾ ئي سروس تان رٽائرڊ ٿيڻ جي باوجود قدرت وارو مهربان مون کان اهڙا ڪم وٺي رهيو آهي جنهن سان نه رڳو ايندڙ نسل جي رهنمائي ٿيندي، پر بهتر انتظامي وارن انهي تجربي مان اسان جي انتظاميه جا نوان آفيسر فائدو وٺي عوامي خدمت ڪري پنهنجي دنيا توڙي آخرت سنواري ۽ سڌاري سگهن ٿا.
هيءُ ڪتاب ”سپاهيءَ کان وفاقي سيڪريٽري تائين“ منهنجي پڙهائي واري دور کان وٺي فوج ۾ سپاهي ٿيڻ، وري اچي اسلام آباد يونيورسٽي ۾ داخلا وٺڻ ۽ سي ايس ايس جو امتحان پاس ڪري سموري ملڪ ۾ سروس ڪرڻ وارن تجربن ۽ مشاهدن تي مشتمل آهي. هن ڪتاب ۾ شامل حرف حرف دل جي حضور سان لکيو ويو آهي، ان ۾ ڪا به اجائي پٽاڙ، خود ثنائي، پاڻ پڏائڻ ۽ اجايو لفاظي کان ڪم نه ورتو ويو آهي، هر واقعو، هر احوال، هر تجربو، هر ڳالهه بلڪل سچائي ۽ ايمانداري سان لکي وئي آهي. هن ڪتاب ۾ مون نه ڪنهن جي ڀر ورتي آهي نه ئي ڪنهن کي انتقام جو نشانو بڻائيندي مٿس اجائي تنقيد ڪئي آهي. ڪتاب ۾ شامل هر وارتا حقيقت تي مبني آهي، هن ڪتاب کي منهنجي آتم ڪٿا به چئي سگهجي ٿو، جنهن ۾ منهنجي زندگي جو لڳ ڀڳ سمورو احوال پيرائتو بيان ٿيل آهي.
مان هن ڪتاب جي معرفت پنهنجي نئين ٽهيءَ کي اهو پيغام ڏيڻ چاهيان ٿو ته محنت کان علاوه ٻيو ڪوبه اهڙو گس ناهي جتان اوهان پاڻ کي مضبوط ڪيو ۽ ٻين جي خدمت به ڪري سگهو. انهيءَ ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته اسان وٽ هينئر ايترا وسيلا ناهن جو هر مسئلي کي هڪدم حل ڪري سگهجي. وسيلن جي ٿورائي ۽ ٻين ڏکيائين جي ڪري همت هارڻي ناهي. ڪنهن به مهم ۾ ناڪام ٿيڻ دراصل نئين ڪاميابي لاءِ راهه کلندي آهي، شرط اهو آهي ته حوصلو بلند هجي. ناڪاميءَ جي لاءِ پهريون ڏاڪو مايوسي، دل شڪسته ٿيڻ ۽ همت هارڻ آهي.
منهنجي زندگي جو آئيڊيل گانو جيڪو منهنجي لاءِ هميشه همت ۽ حوصلي جو سبب بڻيو آهي، جنهن تي مان اکيون ٻوٽي عمل ڪيو ۽ اڃان به ڪندو پيو هلان، اهو آهي:
اے دل تجھے قسم ہے تو ہمت نہ ہارنا
دن زندگی کے جیسے بهی گزریں گزارنا
الفت کے راستے میں ملیں گے ہزار غم
بن جائے جان پر بهی تو غم سے نہ ہارنا
اے دل تجھے قسم ہے
رونے سے کم نہ ہوں گی کبھی تیری مشکلیں
بگڑے ہوئے نصیب کو ہنس کر سنوارنا
اے دل تجھے قسم ہے
دنیا ستم کرے تو نہ کرنا گلہ کوئی
جو تیرے ہو چکے ہیں تُو اُن کو پکارنا۔
بهرحال اسانجي نوجوانن کي اها ڳالهه ذهن نشين ڪرڻ گهرجي ته هيءَ دور مقابلي جو آهي، جيترو ڪير محنت ڪري پاڻ کي مضبوط ڪندو، اوترو هو زندگيءَ ۾ ڪامياب ٿيندو، جيترو آسائش واري زندگي کي پنهنجي سر تي سوار ڪندو اوترو وڌيڪ ناڪاميءَ ڏانهن ويجهو ٿيندو ويندو. ڪاميابي جي لاءِ محنت، همت، خودداري ۽ مسلسل جدوجهد تمام ضروري آهي.
مون هن آتم ڪٿا کي پنهنجي ئي انداز ۾ لکيو آهي، هن ڪٿا لکڻ ۾ ڪٿي به ڪنهن جي ڇاپ پاڻ تي نه لڳائي آهي، مون جمال ابڙي صاحب، پير علي محمد راشدي، تازو جسٽس رٽائرڊ ديدار حسين شاهه مرحوم جي آتم ڪٿا پڙهي آهي، انهن مان هر ڪنهن جو پنهنجو انداز آهي، هر وڻ جو پنهنجو واس آهي، منهنجي هن ڪتاب جو گهڻو حصو منهنجي سروس وارن ڏهاڙن جي تجربن ۽ مشاهدن تي مشتمل آهي، جنهن ۾ آفيسرن جي ارهه زوراين کان وٺي سياستدانن جي سياست جي نرالن اندازن ۽ سندن منفي توڙي مثبت روين تي دل کولي لکيو آهي.
اڪثر مون ڏٺو آهي ته آفيسر طبقو مفاهمتن ۽ مصلحتن جو شڪار رهندو آهي، پر مون نه سروس دوران، نه ئي هي ڪتاب لکڻ دوران مفاهمت ڪئي آهي نه ئي مصلحت کان ڪم ورتو آهي، جنهن ڪري مان سمجهان ٿو منهنجي لکڻي جو پنهنجو انداز آهي.
منهنجي پهرين ڇپيل ڪتاب ۽ هن ڪتاب جي ڇپائي جي حوالي سان منهنجي سنڌ ويزن ۽ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن (SGA) جي دوستن جو رايو آهي ته ٻنهي ڪتابن جو گڏيل مهورت اسلام آباد ۾ ڪيو ويندو، جيڪو به شايد پهريون ئي موقعو هوندو جو اسلام آباد ۾ ڪنهن به سنڌي ليکڪ جي ٻن ڪتابن جي گڏيل مهورتي تقريب ڪوٺائي وڃي.
”سپاهيءَ کان وفاقي سيڪريٽري تائين“ ڪتاب جي ڇپائي ۾ منهنجي ڪيترن ئي دوستن جو ساٿ مون سان گڏ رهيو، جنهن تي آئون سندن ٿورائتو آهيان، انهن دوستن ۽ پڙهندڙن جو ساٿ ئي منهنجو اصل سرمايو آهي، هي ڪتاب پڙهڻ کان پوءِ جيڪڏهن ڪنهن هڪ کي به رهنمائي حاصل ٿئي ٿي ۽ هو پنهنجي منزل تي رسي ٿو ته آئون ايئن سمجهندس ته جهڙوڪر منهنجا سمورا ٿڪ لهي ويا ۽ منهنجي سموري محنت سجائي وئي. ڪتاب جي حوالي سان اوهان جي قيمتي راين جو انتظار رهندو.
محمد جمن ڄامڙو
اسلام آباد
22 سيپٽمبر 2019ع