آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

سپاھيءَ کان وفاقي سيڪريٽري تائين

محمد جمن ڄامڙي جي آتم ڪٿا خودنوشت سوانح حيات آهي، جيڪا سندس ذات جي تعميرات واري گرائونڊ زيرو کان فلڪ بوس عمارت تائين پهچڻ جي اڻ ڳاڻيٽن ڏاڪن جي اڏاوت ۽ ڊيڪوريشن  جي تجربن جو نچوڙ آهي. ڪتاب ”سپاهيءَ کان وفاقي سيڪريٽري تائين“ هڪ اهڙي ماڻھوءَ جي جفا ڪشي جو سربستو سچو داستان آهي، جنھن سنڌ جي ٺپ ٻھراڙي واري ڳوٺ ۾ جنم ورتو، گورنمينٽ جي ڦڪن اسڪولن ۾ پڙهيو، فوج ۾ سپاھ گيري ڪيائين، قائداعظم يونيورسٽي مان اعليٰ تعليم بہ حاصل ڪيائين تہ ننڍڙيون نوڪريون بہ ڪيائين ۽ انت ۾ پاڪستان جي ڪريم ڪلاس ۾ انٽري هڻڻ لاءِ ’سي ايس ايس‘ ڪيائين، ۽ سترهين گريڊ کان شروع ٿي 22 هين گريڊ يعني مائونٽ ايوريسٽ تي پهچي رٽائر ٿيو.

Title Cover of book سپاھيءَ کان وفاقي سيڪريٽري تائين

اڏول انسان جي جدوجهد ڪهاڻي

”سپاهيءَ کان وفاقي سيڪريٽري تائين“ ڪتاب هڪ اهڙي اڏول انسان جي جدوجهد جي ڪهاڻي آهي، جيڪو پيدا ته سنڌ جي کجين واري ضلعي خيرپورميرس جي تعلقي گمبٽ جي ڀرسان ڄامڙا ديهه جي ڳوٺ غلام جعفر ڄامڙو ۾ هڪ غريب هاريءَ جي گهر ۾ ٿيو، پر پنهنجي اڻ ٿڪ جدوجهد، ڪڏهن به هار نه مڃڻ واري عزم ۽ محنت تي يقين رکڻ واري اٽل ارادي سان فوج ۾ سپاهيءَ جي حيثيت کان عملي زندگي جي شروعات ڪري سول سروس جي معراج وفاقي سيڪريٽري تائين جي اعليٰ عهدي تائين پهتو. هيءَ ڪنهن فلم جي ڪهاڻي نه آهي جنهن جي پهرئين سين ۾ ٻار غريب جي گهر ۾ پيدا ٿئي ٿو ۽ ٻئي سين ۾ هو اعليٰ سرڪاري عهدي تي ويٺل نظر ايندو آهي، پر هيءُ محنت ۽ ارادي جي پختگي واري اٽل آدمي جي حقيقي ۽ سچي پچي ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ صرف ۽ صرف محنت ئي محنت شامل آهي. هن ڪٺن سفر ۾ هن ڪٿي به شارٽ ڪٽ وارو رستو اختيار نه ڪيو آهي، نه ڪنهن سياسي پليٽ فارم جو سهارو ورتو آهي، نه ئي وري انهيءَ منزل تي رسڻ لاءِ ڪنهن جا ڪلها استعمال ڪيا ويا آهن.
اوهان يقيناً سمجهي ويا هوندا ته اهو اٽل ارادي وارو اڏول آدمي ڪير آهي؟جي ها، آئون سائين محمد جمن ڄامڙو صاحب جي ئي ڳالهه ڪري رهيو آهيان، جنهن جي اڻ ٿڪ جدوجهد کي مثال بڻائي ڪيترائي نوجوان پنهنجي منزل ماڻي سگهن ٿا. جدوجهد جي هن انتهائي ڊگهي سفر ۾ سائين محمد جمن ڄامڙو جي رستي ۾ يقينن ڪيتريون ئي مشڪلاتون آيون هونديون، پنهنجن توڙي پراون ڪيئي رڪاوٽون به پيدا ڪيون هونديون، هڪ عام ماڻهو کي درپيش مشڪلاتون ۽ مسئلا به يقينن سندس راهه ۾ رنڊڪ بڻجي آيا هوندا. انهيءَ راهه ۾ ڪٿي پراون کڏون کوٽيون هونديون ته وري پنهنجن به ڪرم نوازين ۾ گهٽتائي ڪونه ڪئي هوندي، پراون پٿر اڇلايا هوندا ته انهن ۾ ڪجهه پنهنجن جا هٿ به ضرور شامل هوندا، پر هن اٽل آدمي ڪڏهن به ڪنهن به موڙ تي همت نه هاري، سندس حوصلو هالار رهيو، تتي ٿڌي ڪاهيندو رهيو، ڏينهن رات ڏوريندو رهيو، سندس چواڻي ته جڏهن به ڪٿي ڪنهن موڙ تي ڪا مشڪلات منهن ڪڍندي هئي ته هو اِهو چئي اڳتي وڌندو رهندو هو ته: ‘‘اے دل تجھے قسم ہے تو ہمت نہ ہارنا، دن زندگی کے جیسے بهی گزریں گزارنا’’ تڏهن ئي ته هيءَ غريب جو ٻار محنت ڪندو وڃي وفاقي سيڪريٽري تائين جي منصب تائين رسيو. ايڏي وڏي منصب تي هوندي به سندس طبيعت ۾ ڪڏهن به وڏائي نه آئي. نهٺائي، نياز نوڙت سندس سڃاڻپ رهي، جنهن جو اعتراف نه رڳو عام ماڻهو پر سندس ساٿي به ڪندا رهن ٿا.
ڪتاب ”سپاهيءَ کان وفاقي سيڪريٽري تائين“ حقيقت ۾ ته سائين محمد جمن ڄامڙو صاحب جي جدوجهد جي ڪهاڻي آهي، جيڪا سندس اسڪول کان يونيورسٽي پڙهڻ تائين، ايس وي ٽيچر ٿيڻ ۽ فوج ۾ ڀرتي ٿيڻ کان وٺي وفاقي سيڪريٽري تائين جي جدوجهد تي مشتمل آهي، انهيءَ جدوجهد ڪهاڻي کي ليکڪ جي آتم ڪٿا به چئي سگهجي ٿو. هن ڪتاب ۾ شامل مواد انهيءَ آتم ڪٿا جو وچون باب آهي، انهيءَ جدوجهد ڪهاڻي ۾ ليکڪ جيڪڏهن پنهنجي ڄمڻ کان وٺي ننڍپڻ جي سموري واقعن ۽ ماحول ۽ پرائمري اسڪول ۾ ويهڻ کان وٺي پرائمري تعليم مڪمل ڪرڻ تائين ۽ وري آخر ۾ وفاقي سيڪريٽري جي عهدي تان رٽائرمينٽ وٺڻ کان وٺي هن وقت تائين جي زندگيءَ جي احوال جي باب جو اضافو ڪري ته هيءَ هڪ مڪمل آتم ڪٿا ٺهي ويندي، جيڪا پنهنجي نوعيت جي هڪ منفرد آتم ڪٿا هوندي.
عام طور تي جيڪي به آتم ڪٿائون لکيون ويون آهن، انهن ۾ ليکڪ گهڻي قدر پنهنجا ڪارناما ۽ پنهنجي زندگيءَ جون مثبت ڳالهيون ئي بيان ڪندا آهن، اهي پڙهڻ سان اهو ئي محسوس ٿيندو آهي ته شايد ليکڪ جي زندگيءَ ۾ ڪا به خامي ڪانه آهي، صرف ۽ صرف خوبين جي کاڻ آهي. پر انهن جي برعڪس هن ڪتاب ۾ ليکڪ پوري ايمانداري سان پنهنجي زندگيءَ جي جدوجهد ڪهاڻي بنا ڪنهن وڌاءُ جي جيئن جو تيئن پڙهندڙن آڏو پيش ڪئي آهي جنهن ۾ ليکڪ پنهنجي خامين کي به جيئن جو تيئن ئي پيش ڪيو آهي. ڄامڙو صاحب هن ڪتاب ۾ پنهنجي ڪمين ڪوتاهين يا ڪمزورين تي پردو وجهڻ بدران انهن جو دليريءَ سان اعتراف ڪيو آهي، جنهن مان سندس ڪردار جي وڏائي ظاهر ٿئي ٿي. جڏهن ته انهن واقعن توڙي سندس اعتراف سبب هن ڪتاب جي اهميت ۾ به اضافو ٿئي ٿو. جنهن جو مثال ليکڪ پاران اهو به اعتراف ڪرڻ آهي ته کيس فوج ۾ سپاهيءَ طور ڀرتي ٿيڻ وقت صحيح طرح سان اردو به لکڻ نه ايندي هئي، سندس انگريزي به ڪافي ڪمزور هئي، پر انهيءَ باوجود هن سمورا چئلينج دل سان قبول ڪيا. پوءِ هن ايتري ته محنت ڪئي جو اردو سان گڏ انگريزي تي به سٺو عبور حاصل ڪري ورتائين ۽ ملڪ جو سڀ کان وڏو چٽا ڀيٽي وارو امتحان سي ايس ايس سٺن نمبرن ۾ پاس ڪري ورتائين.
انهيءَ حوالي سان ڪتاب ۾ فوج ۾ ڀرتي واري مضمون ۾ ليکڪ لکي ٿو ته:
”1971ع فيبروري ۾ ايس وي ٽيچر جي ٽريننگ کي ڇڏي محرابپور ريلوي اسٽيشن جي ريسٽ هائوس تي پهچي فوج ۾ ڀرتي ٿي ويس. 25 فيبروري 1971ع تي سگنلز ٽريننگ سينٽر ڪوهاٽ رپورٽ ڪيم. ان وقت سنڌ ۽ بلوچستان جي سگنلز ۾ اڍائي سيڪڙو ڪوٽا هئي، ان تي هميشه سنڌ ۾ آباد پنجابي ڀرتي ٿيندا هيا. اصل رهاڪو سنڌ جو سنڌي مان پهريون هيس، جيڪو ڪوهاٽ پهتم. ٽريننگ دوران ميپ ريڊنگ جو ڪلاس پئي ٿيو ۽ مونکي اردو لکڻ ڪونه پئي آئي، تنهنڪري سڀ نوٽ سنڌي ۾ پئي لکيا، جنهن وقت مون نوٽ لکيا پئي ته هڪ ڪيپٽن مٿان اچي بيٺو ۽ چوڻ لڳو ته هي ڪهڙي زبان ۾ ٿو لکين؟ مون چيو ته سنڌي ۾. ته ڪيپٽن پڇيو ته تون سنڌي آهين؟ مون چيو هائو. ڪيپٽن پاڻ بنگالي هيو، چيائين ته ڀڄي ته ڪو نه ويندين؟ مون چيومانس ته سائين مان انشاءَ الله جنرل ليفٽيننٽ ٿيندم، تنهن تي ڪيپٽن چيو ته ليفٽيننٽ جنرل چئبو آهي، نڪي جنرل ليفٽيننٽ. الله سائين جو ڪرڻ اهو ٿيو جو، مان ليفٽيننٽ جنرل ته ڪونه ٿيس پر انجي بلڪل برابر واري سول رينڪ (فيڊرل سيڪريٽري) ۾ الله سائين مونکي پهچايو.“
ساڳي ئي ڪتاب ۾ هڪ ٻئي هنڌ پنهنجي انگريزي ٻولي جي ڪمزوريءَ جو اعتراف به ڪن ٿا، گڏوگڏ ملڪي تعليم جي معيار جي به نشاندهي ڪندي لکن ٿا :
”پاڪستان ۾ معياري تعليم لاءِ گهربل مواد صرف انگلش ۾ موجود آهي، تنهنڪري انگريزيءَ تي مهارت حاصل ڪرڻ نهايت اهم آهي. انهيءَ حساب سان منهنجي انگريزي ۾ مهارت ڪانه هئي، صرف لکي وڃڻ جي حد تائين هئي. پهرئين سيمسٽر جو امتحان نه ڏئي مون ٿوري گهڻي پنهنجي انگريزي مضبوط ڪئي پر پوءِ به مون ۾ ڪافي ڪمزوري رهي.“
ٽوپي ۽ اجرڪ سنڌ جي ثقافت جي حوالي سان پوري دنيا ۾ مشهور آهي. اهڙيون سهڻيون ثقافتي شيون ٻئي ڪنهن به هنڌ تي ڪونهن. سنڌ جا ماڻهو بنا ڪنهن مخصوص ڏينهن جي روزانو ٽوپي ۽ اجرڪ پائين ٿا ۽ اهو سندن روز مره جي لباس جو حصو آهن، اجرڪ ۽ ٽوپي پائڻ سان هتان جي ماڻهن کي پنهنجي ثقافت سان پيار جو کليل نموني مظاهرو ڪرڻ جو موقعو ملي ٿو، اهڙو ئي ثقافت سان پيار ليکڪ جي به رڳ رڳ ۾ سمايل آهي، اسلام آباد يونيورسٽي ۾ پڙهڻ دوران اڪثر پروگرامن تي موصوف اجرڪ ۽ ٽوپي پائي پنهنجي ثقافت سان پيار جو اظهار ڪندو رهيو. مونکي اسلام آباد يونيورسٽي جي رڪارڊ جي ته ڄاڻ نه آهي پر سمجهان ٿو ته شايد ڄامڙو صاحب يونيورسٽي جو به پهريون ئي شاگرد هوندو، جنهن جي يونيورسٽي جي اسٽوڊنٽ ڪارڊ جي تصوير به اجرڪ ۽ ٽوپي واري آهي، جيڪا پنهنجي ثقافت جي اٿاهه گهرائي سان پيار جي علامت آهي. يونيورسٽي ۾ پڙهائي دوران اسٽوڊنٽ ڪارڊ ۾ اجرڪ ۽ ٽوپي واري تصوير لڳائڻ تي توڙي جو يونيورسٽي انتظاميه پاران اعتراض به ڪيو ويو، پر انهيءَ باوجود هو جدوجهد ڪري ڪارڊ ۾ اجرڪ ۽ ٽوپي واري تصوير لڳرائڻ ۾ ڪامياب ويو، انهيءَ واقعي جو ذڪر ڪندي ڪتاب ۾ لکن ٿا:
”جيڏانهن به ٽوئر تي وڃڻ ٿيندو هيو ته مان هميشه سنڌي ڊريس ۾ ويندو هيس. جڏهن اسٽوڊنٽ ڪارڊ ٺهڻ لاءِ فوٽو ورتا ويا ته مون اجرڪ جي پٽڪي سان فوٽو ڏنو، يونيورسٽي ايڊمنسٽريشن وارن انهيءَ تي اعتراض ڪيو ته فوٽو ٻيو ڏي، مون به اچي ضد ڪيو ته فوٽو مان صرف اهو ڏيندس. ڪافي ڏي وٺ ٿي، آخرڪار رجسٽرار وٽ پيشي ٿي ۽ چيائين ته فوٽو توکي ٻيو ڏيڻو پوندو. جنهن تي مون ورائي چيو ته فوٽو جيڪڏهن لڳندو ته صرف اهو اجرڪ جي پٽڪي وارو لڳندو، نه ته مونکي توهان جي ڪارڊ جي ڪابه ضرورت ناهي. معاملو وري به ڪو نه نبريو، آخرڪار مان مرحومه ڊاڪٽر مس ڪنيز فاطمه جيڪا اڳ ۾ وائيس چانسلر هئي، جنهن کي ڀٽي صاحب لڳايو هيو. جنرل ضياءَ جي مارشلا اچڻ سان کيس هٽائي هڪ پٺاڻ محمد هاشم کي رکيو ويو هيو. بهرحال ميڊم مس ڪنيز فاطمه کي وڃي عرض ڪيم ته بٽ صاحب جيڪو رجسٽرار هيو، انکي چئو ته منهنجي اسٽوڊنٽ ڪارڊ تي جيڪو مان فوٽو ڏيڻ ٿو چاهيان اهو هڻي ڏئي. مرحومه کي الله جنت ۾ اعليٰ مقام عطا ڪريس، رجسٽرار کي فون ڪيو ۽ چيائينس ته ان فوٽو هڻڻ سان ڪهڙو فرق ٿو پوي؟ سنڌ کان هڪ شاگرد آيو آهي، اسان وٽ سنڌ جي نمائندگي اڳ ئي ڪانهي. مان وڃي ٻيهر رجسٽرار سان مليس، مجبورن هن ڳالهه مڃي پر ڊپٽي رجسٽرار وري انڪار ڪيو، بعد ۾ رجسٽرار هن کي سختي سان حڪم ڏنو ته هي ضدي ڇوڪرو جيڪا تصوير چوي ٿو هڻي ڏيوس. پوءِ آخرڪار اجرڪ جي فوٽو سان منهنجو يونيورسٽي سان اسٽوڊنٽ وارو شناختي ڪارڊ جاري ڪيو ويو.“
اسان وٽ پاڪستان ۾ اڃا تائين لارڊ ميڪالي جو بڻايل تعليمي نظام هلي رهيو آهي. جيڪو نظام هن وقت ماحول سان بلڪل مطابقت نٿو رکي، جنهن ڪري تعليمي نظام تيزيءَ سان تباهي طرف وڌي رهيو آهي، اسان جي تعليمي نظام جي زوال جا ڪجهه سبب آهن. ڪجهه حقيقتون آهن، جن کي لڪائي نٿو سگهجي. اسان وٽ ڪمپيوٽر، انٽرنيٽ، موبائل فون، ٽيليويزن ۽ ريڊيو کان اهو ڪم نه ٿو ورتو وڃي، جيڪو ٻين ملڪن ۾ ميڊيا کان تعليم لاءِ ورتو وڃي ٿو. اسان وٽ ٽيليويزن تي گانا، ڊراما پيش ڪيا وڃن ٿا. جيڪي به اڪثر غير معياري هجن ٿا. نصاب موزون نه آهي، جيڪو نين حالتن جي تقاضائن مطابق نه آهي، مدي خارج آهي، جنهن سان اسان جي نسل جي صحيح رخ ۾ رهنمائي نٿي ٿئي. تعليمي ادارن ۾ تعليمي سهولتون ميسر نه آهن. جنهن ڪري شاگرد انفرادي توجه حاصل ڪرڻ کان قاصر آهي، استاد کي ايترو وقت نه آهي ته هو شاگردن تي انفرادي ڌيان ڏي، ماحول جو وڏو اثر ٿئي ٿو، اسان وٽ ماحول تعليمي نه آهي، لائبررين جي کوٽ آهي. استادن جون مقرريون سفارش ۽ رشوت جي بنياد تي ٿين ٿيون. ان ڪري نااهل ماڻهن جي ڀرمار آهي، جيڪي ڪم چور ۽ محنت کان پري ڀڄندڙ آهن. تعليم کاتي کي ٻين کاتن جي نسبت سهولتون تمام گهٽ آهن، انهن جون پگهارون گهٽ آهن، استاد سائيڊ بزنس يا وري ٽيوشن ڏي ڌيان ڏين ٿا. استادن جون يونينون آهن، جيڪي سدائين هڙتال لاءِ تيار هونديون آهن، پهريون حربو ڪلاسن جو بائيڪاٽ هوندو آهي، انهن جا عهديدار هڪ ٻئي خلاف سازشون ڪرڻ ۽ هڪ ٻئي جا ترا ڪڍڻ ۾ پورا هوندا آهن. ڪاپي عام جام آهي، استاد پاڻ شاگردن کي ڪاپي ڪرائين ٿا ۽ پنهنجي من پسند شاگردن کي پوزيشنون وٺي ڏين ٿا. تعليمي بورڊن ۾ مارڪون وڪرو ٿين ٿيون، مارڪن جي وڪري جي ڪاروبار جي ڪري بورڊ جا معمولي ڪلارڪ بنگلن ۾ رهن ٿا ۽ عاليشان گاڏين ۾ گهمن ٿا. اسڪولن جا آفيسر به سفارشي ۽ نا اهل مقرر ٿين ٿا، جيڪي گهر ويٺي امتحان جون شيون صحيح ڪن ٿا. منٿليون وٺن ٿا. باقاعده ڪرسيءَ جو ريٽ مقرر آهي. اهي شاگردن جي مستقبل سان کيڏن ٿا، قوم کي تباهه ڪن ٿا. ٻهراڙيءَ ۾ اسڪولن جي جاين تي وڏيرن ۽ پوليس وارن جو قبضو آهي. اسڪول يا گودام آهن يا وڏيرن جون اوطاقون، انهن جا رکرايل آنڱوٺي ڇاپ ماستر آهن، جي انهن جا ڪمدار آهن. ڪا به مضبوط تعليمي پاليسي نٿي جوڙي وڃي، انهيءَ صورتحال ۾ شاگرد ويچارا ڪري به ڇا سگهندا. شاگرد اسڪول وڃڻ بدران اجايو گهمن ڦرن ٿا، رلن ٿا، اجايو وقت وڃائين ٿا ۽ امتحانن ۾ ڪاپي ڪري، استادن ۽ بورڊ وارن کي پئسا ڏئي پاس ٿين ٿا، پوءِ جيڪڏهن انهن مان ڪو شاگرد وري اڳتي محنت ڪري ڪنهن يونيورسٽي تائين پهچي ٿو، ان کي ڪهڙين ڪهڙين پريشانين کي منهن ڏيڻو پوي ٿو، انهيءَ جو اندازو ڄامڙو صاحب جي هن لکڻيءَ مان لڳائي سگهجي ٿو:
”منهنجي لاءِ سڀ کان وڏي ۾ وڏو چئلينج اهو هيو ته مان ڪيئن هن يونيورسٽيءَ مان ڊگري حاصل ڪريان؟ ڇو ته هاءِ اسڪول کان ويندي ايل ايل بي ڪرڻ تائين مان نوڪري به ڪندو رهيس ۽ ڪڏهن به ڪاليج ۽ يونيورسٽي جو ماحول مون ڪونه ڏٺو. وري منهنجي پاڪستان جي ٽاپ يونيورسٽي ۾ داخلا به ٿي، جتي سڀ هڪ ته وڏن فيملين جا ٻار ۽ سٺن انگلش ميڊيم مان تعليم حاصل ڪيل. اها بلڪل حقيقت آهي ته مون کي پهريان ته تمام گهڻي ڏکيائي پيش آئي. هڪ ته استاد گهڻا ٻاهرين ملڪ جا، ڪجهه برطانيه ۽ جرمني جا هيا، انهن جو آواز سمجهه ۾ ڏکيو، ٻيو وري مٿان انگلش ۾ سڀ ڪجهه، پاڻ سنڌي ميڊيم جا شاگرد. مونکي پاڻ تي تعجب ايندو هيو ته يار منهنجي هتي داخلا ڪيئن ٿي. الحمدلله لکڻ واري معاملي ۾ ڪم ڪڍي ويندا هياسين پر باقي انهن جي ڳالهائڻ جي لهجي اچي اسان کي منجهايو هيو. مون ڏاڍي ڪوشش ڪئي پر ڪم ڏاڍو ڏکيو هيو پر ناممڪن ڪو نه هيو.“
مٿين سٽن مان سنڌ جي تعليمي ماحول جي ابتري جي بهترين عڪاسي ٿئي ٿي. پر انهيءَ باوجود ليکڪ محنت کي ئي پنهنجو هٿيار بڻايو، هن ڪڏهن به محنت جو دامن نه ڇڏيو، جنهن جي نتيجي ۾ ئي هن اسلام آباد يونيورسٽي مان ڊگري به حاصل ڪئي ۽ پاڪستان جي چٽا ڀيٽي جي سڀ کان وڏو امتحان C.S.S پاس ڪري ڊي ايم جي (District Management Group) ۾ آفيسر بڻجي ديس واسين جي خدمت ڪئي. حڪيم لقمان جون پنهنجي پٽ کي ڪيل 100 نصيحتون تمام گهڻيون مشهور آهي، پر ليکڪ جڏهن سي ايس ايس پاس ڪري آفيسر بڻيو ته والد کيس پاڻ سان گڏ ويهاري جيڪي ست نصيحتون ڪيون، اُهي به حڪيم لقمان جي نصيحتن کان گهٽ ناهن، انهيءَ حوالي سان هن ڪتاب ۾ ليکڪ لکي ٿو:
”جنهن وقت سي ايس ايس جو رزلٽ آيو ۽ مون مسڪين کي الله جي ذات منهنجي حيثيت کان وڌيڪ عطا ڪندي ڊي ايم جي (District Management Group) جي پوسٽ ڏني. اها هڪ فطري ڳالهه آهي ته منهنجي والدين ۽ ٻين گهڻگهرن کي بي انتها خوشي ٿي. منهنجي والد صاحب رات جو اڪيلو مونکي سڏي پاڻ وٽ ويهاري ڪجھه نصيحتون ڪيون، جنهن تي مون ڪوشش ڪندي اڄ تائين الحمدلله انکي پوري ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر ڪانه ڇڏي. منهنجي والد صاحب سڀ کان پهريان اها نصيحت ڪئي ته ڪنهن به حالت ۾ دنيا ۽ طاقت جي نشي ۾ ڪنهن جي دل آزاري نه ڪجائين. اسلام جي فرض جي قضا آهي، پر انسان جي دل کي رنجائڻ جي ڪابه قضا يا ڪفارو ڪونهي. هڪ قصو بيان ڪري ٻڌايائون ته هڪ دفعي حضرت معين الدين چشتي رح جن وٽ هڪ ماڻهو پري کان پنڌ ڪري سڪ ۽ وڏي محبت سان طعام کڻي آيو، جڏهن اهو پرديسي شخص چشتي صاحب جي خدمت ۾ حاضر ٿيو ته اهو طعام اچي اڳيان رکيائين ۽ بار بار عرض ڪيائون، سائين هي طعام کائو، پهريان ته چشتي صاحب ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري ڇڏيو، آخرڪار ان شخص جي بار بار عرض ڪرڻ تي چشتي صاحب طعام کائڻ خاطر هٿ وڌايو جنهن تي خادمن يادگيري ڏيارڻ خاطر عرض ڪيو ته سائين توهان کي ته روزو آهي، ايئن ته ناهي جو توهان کان وسري ويو هجي. چشتي صاحب فرمايو ته مونکي بلڪل ڄاڻ آهي ته مونکي روزو آهي. اها به خبر اٿم ته روزو ٽوڙڻ جو ڪفارو آهي. پر توهان کي شايد ان ڳالهه جو اندازو ناهي ته جيڪڏهن هن پري کان آيل دوست جي جذبي جو مون خيال نه ڪيو ۽ هن جي دل آزاري ٿي ته انجو ڪوئي ڪفارو ڪونهي. جيڪو الله جي ذات کي هرگز پسند ناهي. ٻيو ڪنهن به صورت ۾ لالچ نه ڪجائين. ٽيون اهو هميشه خيال رکجائين ته هڪ ڏينهن احڪم الحاڪمين جي درٻار ۾ پيش ٿيڻو آهي. چوٿون ست فوٽ زمين جي هيٺ وڃڻو آهي اتي توکي هٿين خالي وڃڻو آهي. پنجون برڪت حلال مال ۾ آهي، حرام جي مال ۾ برڪت ڪڏهن به ناهي. انهيءَ ڳالهه کي ذهن نشين ڪجائين ته حرام جي ڪمائي مان توکي ڪڏهن به سڪون ۽ برڪت ڪين ملندي. تنهن جي ڪري آسان ۽ حرام جي ڪمائي پٺيان ڪڏهن به نه وڃجانءِ. جيڪڏهن ويندين ته الله جي رحمت ۽ برڪت تنهنجي مٿان ختم ٿي ويندي. پوءِ سڀ کان پهريان تنهنجي عزت عوام جي دلين مان ختم ٿي ويندي ۽ مجبوري جي ڪري جيڪڏهن ڪو تنهنجي عزت ڪندو ته اها صرف چاپلوسي هوندي، جيڪا بقادار هرگز ڪين ٿي سگهي ٿي. ڇهون ته ڪڏهن به پنهنجي ذات سان دوکو ڪين ڪجائين. ستون بابا گرمي سرديءَ ۾ اسان ٻهراڙيءَ جا ماڻهو گرمي جي موسم ۾ پگهر ۾ شل هوندا آهيون، پوءِ ڪير به وڏي عمر وارو اچي ته اڳ ۾ اٿي انهيءَ کي ڀاڪر پائي ملندو ڪر، انهي جو ڪڏهن به خيال نه ڪجانءِ ته تنهنجا ڪپڙا يا استري خراب ٿي پوندي. تنهنجا ڪپڙا وري استري ٿي ويندا يا ڌوپندا پر جيڪڏهن تون انهن سان ايئن نه ملندين ته هنن جي دل ٽٽندي جنهن جو ڪوئي ڪفارو نٿو ادا ڪري سگهي. جنهن وقت منهنجي والد صاحب اها مونکي نصيحت ڀريا لفظ چئي ۽ واعدو ورتو ته تون انهي تي عمل ڪندين مان دل ۽ جان سان بابي سائين سان واعدو ڪيم ۽ بابو سائين ڏاڍو خوش ٿيو ۽ الله جي درٻار ۾ هٿ کڻي منهنجي ڪاميابي ۽ عزت جي لاءِ روئي الله کان دعا گهري.“
سائين محمد جمن ڄامڙو صاحب پنهنجي سموري سروس دوران پنهنجي والد جي نصيحتن تي من و عن سان عمل ڪيو، سموري سروس دوران سندس ڪردار انسان دوستي وارو رهيو، سدائين ٻين جي ڪم اچڻ واري واٽ تي رهيو، سندس سروس جو شروعاتي دور ايم آر ڊي جو دور هو، ايم آر ڊي جو گهڻو زور سنڌ ۾ هو، ڇاڪاڻ ته ايم آر ڊي جي شروعات به سنڌ کان ئي ٿي هئي، انهن ئي ڏهاڙن ۾ محمد جمن ڄامڙو صاحب به سنڌ جي ئي نوابشاهه ضلعي ۾ پنهنجو خدمتون سرانجام ڏئي رهيو هو. انهيءَ دور ۾ به ماڻهن سان ڀلائي ۽ همدردي وارو ڪردار ادا ڪيو. ماڻهن کي اجايو گرفتار ڪرڻ، مٿن ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ يا کين سزائون ڏيارڻ بدران انهن جي بچاءُ ۾ جيڪو به وس پڄندو هئس اهو ڪندو هو، انهيءَ دور جو ذڪر ڪندي لکي ٿو:
”پوري ايم آر ڊي تحريڪ دوران نوابشاهه سب ڊويزن مان هرروز جلوس نڪرندا هيا، سڀني پارٽين جو مون تي ايترو ته ڀروسو ٿي ويو هيو، جو جيڪي به جلوس نڪرندا هيا ته ٽائيم ۽ روٽ منهنجي مرضي يا صلاح مشوري سان ڪڍندا هيا. اها ڳالهه انچارج برگيڊيئر فاروق صاحب کي پسند ڪونه هئي ته جلوس ڇو ٿا نڪرن. هڪ دفعي مورو مان مونکي فون ڪري چيائين ته اڄ مان سٺ ميل، دوڙ ۽ ٻانڌي کان گذريم ۽ اتي صرف پ پ پ جا جهنڊا لڳا پيا آهن، ٻن ڏينهن کان پوءِ مان وري اتان گذرندم ۽ مونکي ڪوئي به جهنڊو لڳل نظر نه اچي. ٻيو ته اهي جلوس به بند ٿيڻ گهرجن. جيڪڏهن اڄ کان پوءِ ڪوئي جلوس نڪري ته فورس استعمال ڪري ختم ڪر، هيءُ منهنجو توکي بلينڪ چيڪ آهي. مون کيس چيو ته منهنجو ڪم آهي امن امان قائم ڪرڻ، جيڪڏهن جلوس ۾ ڪو سرڪاري يا خانگي ملڪيت سان هٿ چراند ڪندو ته مان بلڪل فورس استعمال ڪندس، باقي جلوس ختم ڪرڻ منهنجي وس جي ڳالهه ناهي. تيزي سان ڳالهائيندي چيائين ته اهو منهنجو حڪم آهي ته جلوس ڪين نڪري، جيڪڏهن نڪري ته اتي جو اتي فورس استعمال ڪر ۽ جيڪڏهن ڪو مري ٿو ته مان ويٺو آهيان، اهو مان توکي بلينڪ چيڪ ٿو ڏيان. مون آرام سان کيس جواب ۾ چيو ته جيستائين مان هتي ايس ڊي ايم آهيان، تيستائين مان ڪوبه فورس استعمال ڪونه ڪندس، ها البته جيڪڏهن جلوس ڪڍڻ وارن مان ڪنهن به قسم جي گڙ ٻڙ ڪئي ته مان موقعي ۽ مناسبت سان فورس استعمال ڪندس. رهي ڳالهه توهان جي بلينڪ چيڪ جي، جڏهن اهو چيڪ ڪيش ٿيندو ته انهيءَ جو ميوزڪ اسان کي ڏسڻو پوندو ۽ توهان کان ڪير به ڪونه پڇندو. ٻيو ته جهنڊا پوري سنڌ ۾ لڳل آهن، مان جيڪڏهن جهنڊا لاهيندس ته معاملو خراب ٿيندو.“
مٿئين واقعي مان معلوم ٿئي ٿو ته ڄامڙو صاحب پنهنجي سروس وارو دور صرف ”جي حضوري“ ۾ نه گذاريو، هن هر مامري کي وڏي دور انديشي ۽ ماهراڻي نموني سان ڏسي انهيءَ کي حل ڪيو، ايم آر ڊي جهڙي دور ۾ به سندس رويو انسان دوستي وارو رهيو. هن مارشل لا جي دور ۾ به ماڻهن کي قانوني ۽ آئيني دائري ۾ رهندي کين رليف ڏنو، بالا آفيسرن جي هدايتن توڙي دٻاءُ باوجود هن ناانصافي ٿيڻ نه ڏني، انهيءَ دور ۾ به هن اظهار جي آزادي واري راءِ کي طاقت سان دٻائڻ جي مخالفت ڪئي ۽ ماڻهن جي جلسن ۽ جلوسن ۾ ڪڏهن به رڪاوٽ بڻجڻ جي ڪوشش نه ڪئي، جنهن مان سندس انسان دوستي وارو ڪردار نمايان ٿئي ٿو.
سياست ممڪنات جي علم کي چيو ويندو آهي،هن ۾ ڪا به شئي اڻ ٿيڻي نه هوندي آهي، ۽ نه ئي وري ڪا شئي ناممڪن هوندي آهي،سياست ۾ ڪالهه جا دشمن اڄ جا بهترين دوست به ٿي ويندا آهن ته وري ڪالهه جا بهترين دوست اڄ جا سڀ کان وڏا مخالف ۽ دشمن به ٿي ويندا آهن. هن ڪتاب ۾ به موصوف ڪيترين ئي اهڙين ڳالهين جو انڪشاف ڪيو آهي، جيڪي نئين نسل لاءِ ته بلڪل حيرانگي جوڳا آهن،ڪتاب ۾ سياست جي ڪارگذارين جي به ڳالهه ڪئي وئي آهي ته سياسي ڪردارن جي چالن تي به لکيو ويو آهي. پاڪستان پيپلز پارٽي جون هن وقت واڳون سنڀاليندڙ ۽ ملڪ جي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري بابت نئين سياسي نسل کي گهٽ خبر هوندي ته سياسي ڪيريئر جي شروعات ۾ هو انهيءَ ئي پاڪستان پيپلز پارٽي جو تمام وڏو مخالف هو. سياسي ڪيريئر جي شروعات ۾ آصف علي زرداري چوندو هو ته هڪ ڏينهن هو وڏو ماڻهو ضرور ٿيندو.آصف علي زرداري جي سياست جي شروعات، پنهنجو ووٽ داخل ڪرائڻ ۽ پيپلز پارٽي جي مخالفت ڪرڻ جي حوالي سان هڪ هنڌ ڪتاب ۾ لکي ٿو:
”1983ع ۾ لوڪل گورنمينٽ جي اليڪشن ٿي. جيئن ته ووٽ رجسٽريشن جو ان وقت ايس ڊي ايم وٽ اختيار هيو، ۽ اليڪشن ڪميشن ووٽ رجسٽر ڪرڻ جي تاريخ به پاڻ ڏيندي آهي ته اليڪشن کان اڳ رجسٽريشن فلاڻي تاريخ تي بند ٿيندي. رجسٽريشن بند ٿيڻ جي آخري ڏينهن تي سلام خان زرداري آيو ۽ چيائين ته اسان کي هڪ ووٽ داخل ڪرائڻو آهي. مون جواب ۾ چيو ته جلدي ڪريو. ڇو ته اڄ آخري تاريخ آهي ۽ لسٽون مٿي موڪلڻيون آهن. چيائين ته مان پنجن منٽن ۾ موٽي ٿو اچان. ٿوري دير کان پوءِ هڪ نوجوان کي ساڻ وٺي آيو ۽ چيائين ته سائين ايھه اساڏي رئيس دا ٻچا هي، بس قرب ڪرو. حاضر سائين، نالو ٻڌاءِ، ايڊريس وغيره. واقفيت ڪريائون ته آصف علي ولد حاڪم علي زرداري. مون ڪارروائي ڪري چانهه پياري. ووٽ داخل ٿيڻ کان پوءِ آصف صاحب جڏهن به ڪراچيءَ کان ايندا هيا ته ملاقات ٿيندي رهندي هئي. اڪثر سياسي معاملن تي به پنهنجي راءِ ڏيندو رهندو هيو. ان وقت پ پ جو سخت مخالف هيو، پر هميشه اهو ضرور چوندو هيو ته مان هڪ ڏينهن وڏو ماڻهو ٿيندس.“
قدرت جو ڪمال ڏسو،اهو ئي آصف علي زرداري جيڪو اڳ ۾ پ پ جو ڪٽر مخالف هو، هينئر پاڪستان پيپلز پارٽي جو ڪرتا ڌرتا آهي، پيپلز پارٽي جي حڪومت ۾ مملڪت پاڪستان جو 5 سال صدر رهيو. پيپلز پارٽي جي حڪومت ۾ سنڌ توڙي سنڌين سان جيڪي ڪرم نوازيون ڪيون ويون آهن، اهي ڪنهن کان به ڳجهيون نه آهن، انهيءَ تي گهڻو ڪجهه لکيو به ويو آهي ۽ اڃا به لکيو پيو وڃي پر شايد انهن لکڻين جو پارٽي قيادت جي رويي يا سندس طرز حڪمراني تي ڪو به فرق نه پيو آهي ۽ نه ئي پوڻو آهي، انهيءَ دور ۾ وفاق ۾ سنڌي ڪامورن سان ڪهڙا ڪلور ڪيا ويا انهن جو اکين ڏٺو شاهد هن ڪتاب جو ليکڪ آهي.انهيءَ حوالي سان هڪ واقعي جو ذڪر ڪندي سائين محمد جمن ڄامڙو صاحب لکن ٿا:
”مارچ 2008ع ۾ جڏهن سيد يوسف رضا گيلاني صاحب وزيراعظم ٿيو ته ٿوري عرصي کان پوءِ پنجويهه ٽيهه سينيئر آفيسرن جي ٻاويهين گريڊ ۾ فيڊرل سيڪريٽري جي پروموشن لاءِ لسٽ تيار ٿي، جنهن ۾ پهريون دفعو يوسف رضا گيلاني صاحب اهڙي طرح لسٽ تيار ڪرائي، جنهن ۾ پاڪستان جي سڀني صوبن ويندي اترين علائقن تائين جي ماڻهن کي پروموشن ۾ برابر حصو ڏيڻ واري منصوبي تحت ڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، جنهن ۾ سنڌ جا پنج ڇهه آفيسر به ان لسٽ ۾ شامل هيا. جن ۾ محمد يوسف ميمڻ، شبير ڏهر، مظهر سهتو ۽ ٻه ٽي ٻيا هيا، جن جا نالا هينئر ياد نٿا اچن. جڏهن اها لسٽ مٿي منظوريءَ لاءِ زرداري ڏي کڻي ويو ته ٻيا جيڪي به ان لسٽ ۾ نالا هيا، سي وڏي واقعي سان ها ڪري منظور ڪيا ويا، سواءِ سنڌي آفيسرن جي. سنڌ جي آفيسرن متعلق زباني هدايتون گيلاني صاحب کي مليون ته مان انهن سڀني آفيسرن کي سڃاڻان ٿو، تنهنڪري انهن جي پروموشن جو فيصلو مان پاڻ سوچي سمجهي ڪندس. اهڙيءَ طرح گهڻو ڪري چوويهه يا پنجويهه آفيسر گريڊ ٻاويهين ۾ فيڊرل سيڪريٽري ٿيا، انهن مان هڪ به سنڌي ڪونه هو. “
انهيءَ کان علاوه پيپلز پارٽي جي وفاق ۾ حڪمراني واري انهيءَ دور ۾ آفيسرن جي ترقين لاءِ ڪهڙا معيار ۽ ماپا هوندا هئا، مقرريون يا بدليون ڪيئن ٿينديون هيون.اعليٰ سطحي ترقيون،مقرريون ۽ بدليون ڪنهن جي هٿ ۾ هيون ۽ ڪهڙين بنيادن تي ٿينديون هيون،اهي سموريون ڳالهيون هن ڪتاب ۾ بنا ڪنهن رک رکاءُ جي ڪيون ويون آهن. اڳوڻو صدر آصف علي زرداري ۽ سندس ڀيڻ فريال ٽالپر هن وقت نيب جي احتساب کي منهن ڏئي رهيا آهن ۽ هن ڪتاب ڇپجڻ واري مرحلي تائين هو جيل ۾ آهن، انهن تي جيڪي نيب ۾ الزام آهن انهن کي هو عدالتن ۾ منهن ڏئي رهياآهن.سنڌ سرڪار جي ڪاروهنوار ۾ آصف علي زرداري جي ڀيڻ فريال ٽالپر جي سڌي مداخلت جون ڳالهيون عام ٻڌندا هئاسين پر وفاق ۾ ترقين،مقررين ۽ بدلين جي حوالي سان فريال ٽالپر جي ڪردار جو ڪتاب ۾ پڙهي ماڻهو حيران ٿي وڃي ٿو، ڇاڪاڻ جو اهي ڳالهيون وفاقي سطح جو سيڪريٽري پنهنجي ڪتاب ۾ ڪري رهيو آهي.هو ڪتاب ۾ لکي ٿو:
”28 جولاءِ 2012ع تي ٻئي روزي سان پهريون دفعو زرداري هائوس لاءِ اسڪيمون ٺاهي وڃي اتي پهتس. اندر داخل ٿي اڳتي ويم ته آغا صاحب مليو، جنهن مونکي ڊرائنگ روم ۾ ويهاريو. ڏهن پندرنهن منٽن کان پوءِ مونکي آغا وٺڻ آيو ۽ مان سندس پٺيان هلندو ويم، هڪ ڪمري جي در تي بيهي در کي ناڪ ڪيائين، اندران اچڻ جي اجازت ملي مان اندر ويس ته خبر پئي ته ميڊم جو بيڊ روم آهي. ميڊم فريال اڳئي اتي صوفه سيٽ تي ويٺي هئي، مونکي به صوفه سيٽ تي ويهڻ لاءِ چيائين. ڊريسنگ مان لڳي پيو ته ميڊم ننڊ مان اڃان تازي اٿي هئي. آغا واپس ٻاهر هليو ويو. مون کان پڇيائين ته ڪهڙيون اسڪيمون ٺاهي کڻي آيو آهين؟ مون فائيل کولي ٻڌايو ته هيءُ هيءُ اسڪيمون آهن. پڇيائين ته انهن مان سنڌ کي ڪهڙو فائدو پوندو؟ مون ٻڌايو ته هيءُ هيءُ فائدا سنڌ کي پوندا. مونکي چيائين ٻيو سنڌ کي ڪيترو فائدو ٿيندو؟ مان وري ٻڌايو ته انهن اسڪيمن جي ڪري هيءُ هيءُ فائدا ٿيندا. مونکي چيائين جيڪڏهن تون وزيراعظم آفيس ۾ هجين ته پوءِ سنڌ جي لاءِ ڇا ڪندين؟ ۽ ڪيترو فائدو ڏيندين؟ مون چيو ته وزيراعظم جي آفيس ۾ اسپيشل سيڪريٽري ته صرف وزيراعظم جي صوابديد فنڊن جي نگراني ڪندو آهي. وزيراعظم جي منظوري کان پوءِ مان اهو ڪري سگهندس ته توهان مٿان فنڊ منظور ڪرايو، باقي فنڊز سنڌ تائين پهچائڻ ۾ تقريباً هفتو لڳي ويندو. تقريباً پندرنهن ويهه منٽ انهن ڳالهين ۾ گذريا ته وري آغا اندر آيو. مان فائيل اتي ڇڏي موڪلائڻ لاءِ چيو ۽ موڪلائي واپس روانو ٿي آيس. ٻن ڏينهن کان پوءِ سانگهڙ کان دوست جو فون آيو، جنهن ٻڌايو ته توکي خبر آهي ته ڇاجي ڪري زرداري هائوس توکي گهرايو هئائون؟ مون چيو ته مون کي ميسيج مليو ته ڪجهه سنڌ جي لاءِ اسڪيمون ٺاهي کڻي اچ، جيڪي مان کڻي ويو هيس، تنهن ٻڌايو ته توکان جڏهن پڇيائون ته سنڌ کي فائدو ڇا پوندو؟ انهيءَ جو مطلب تو سمجهيو ڪونه يا اڻڄاڻ ٿي وئين؟ سڌي ڳالهه هئي انهن کي خبر پئي ته تون رٽائر ٿي رهيو آهين، ايڪسٽينشن لاءِ چوندين ۽ ”ڏيڻ“ جي ڳالهه ٻولهه تي سنڌ کي فائدو پوي ها. مون دوست کي چيو ته ڀاءُ اڄ تائين نه اهڙو ڪم ڪيو آهي، نه ئي ڪرڻ جو شوق اٿم.“
سائين محمد جمن ڄامڙو توڙي جو پاڻ رٽائرڊ ڪامورو آهي، پر انهيءَ باوجود هن ڪامورا شاهيءَ جي ڪردار ۽ ڪارگذارين تي ڪوبه ڍڪ نه رکيو آهي، هن ”ڪامورڪين ڪوڙڪين“ ته به ڀرپور لکيو آهي، انهيءَ ۾ ڪٿي به ڪابه ڪنهن سان رعايت نه ڪئي آهي، عام طور تي چيو ويندو آهي ته تيل ترين مان ئي نڪرندو آهي، اهڙو اعتراف هن پنهنجي ڪتاب ۾ به ڪيو آهي. هن اهو به اعتراف ڪيو آهي ته ڪامورن پاران ضلعي ۾ ٿيندڙ ڪنهن به وي آءِ پي موومينٽ يا وري ڪنهن به پروگرام ۾ بجيٽ کان علاوه جيڪو به خرچ ڪيو ويندو آهي، انهيءَ جو بار ضلعي جي سمورن تپيدارن تي تپي جي حساب سان رکيو ويندو آهي، جيڪي وري اهو سمورو حساب آبادگارن مان ئي ڪڍندا آهن. انهيءَ حوالي سان هڪ هنڌ لکي ٿو:
”ڊسٽرڪٽ ۾ جڏهن به وي وي آئي پي ايندو آهي ته لکين روپيه خرچ ٿيندا آهن ۽ بجيٽ ۾ انهي لاءِ هڪ ٽڪو به ڪونه رکيو ويندو آهي. 1983ع ۾ جڏهن پريزيڊنٽ ضياءَ دوري تي آيو هيو، سندس ڊنر سائين نظر شاهه وٽ هو، تنهن جي باوجود هڪ لک ۽ ڪجهه هزار روپيه خرچ آيو هيو. هينئر ته سڀ شئي مهانگي ٿي وئي آهي، تنهنڪري انکان ڪافي وڌيڪ هوندو.اُهو خرچ، گاڏيون ارينج ڪرڻ، انهن جو تيل پاڻي، سرڪٽ هائوس تي شاميانا، ٿڌي مٺي پاڻي، چانهه ماني، گفٽ، سيڪيورٽي ۽ ٻين ڊيوٽين تي آيل ماڻهن جي رهڻ ۽ کائڻ پيئڻ وغيره وغيره تي خرچ ٿيندو آهي. جيئن ته سرڪار جي طرفان انهي سلسلي ۾ ڪجهه به ڪين ڏنو ويندو آهي. تنهنڪري اسين اهو ٽوٽل خرچ جوڙ ڪري تپيدارن تي تپن جي حساب سان خرچ ورهائيندا آهيون. جنهن جو بار سڌو سنئون ضلعي جي آبادگارن تي پوندو آهي ۽ اهو نظام شروع کان ايئن هلندو پيو اچي.“
انهيءَ کان علاوه هن ڪتاب ”سپاهيءَ کان وفاقي سيڪريٽري تائين“ ۾ ڪيترائي اهم انڪشاف ۽ اهڙيون ڳالهيون، واقعا ۽ تجربا بيان ڪيا ويا آهن، جيڪي اڳ ۾ پڙهندڙن کي شايد ئي پڙهڻ لاءِ مليا هجن. هن ڪتاب ۾ ڄامڙو صاحب پنهنجي سروس جا سمورا تجربا به شيئر ڪيا آهن ته آفيسرن سان عام ماڻهن ۽ حڪمرانن جي ورتاءَ تي به تفصيلي لکيو ويو آهي. سپاهيءَ کان وفاقي سيڪريٽري تائين ڪتاب ايم آر ڊي کان وٺي اڄ تائين جي انتظامي ۽ حڪمراني جي مشاهدي جو تفصيلي دستاويز آهي، جنهن ۾ ضياءُ الحق جي آمراڻي حڪمراني واري دور،پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ جي سمورن حڪمراني وارن دورن جو به جائزو ورتو ويو آهي.پيپلز پارٽي جي ٻئي حڪومتي دور جي خاتمي کان پوءِ نواز ليگ جي وفاق ۽ سنڌ ۾ حڪمراني وارن ڏهاڙن ۾ ايم ڪيو ايم کي مڪمل ڇوٽ ڏيڻ، انهن جي قيدين کي آزادي ڏيارڻ، لياقت جتوئي جي وڏ وزارت ۾ ايم ڪيو ايم جي صوبي تي حڪمراني هئڻ کان وٺي وفاق ۾ نواز ليگ جي وفاقي وزير صديق الفاروق پاران سنڌي آفيسرن کي ناپسنديده قرار ڏيڻ، سنڌي آفيسر کي ڪامرس منسٽري ۾ نه رکڻ يا وري اسلام آباد ۾ نوڪري لاءِ پنجاب جو پٽ يا نياڻو ضروري هئڻ وارن مضمونن ۾ بلڪل دليري ۽ بي باڪي سان لکيو ويو آهي.
حقيقت ۾ ”سپاهيءَ کان وفاقي سيڪريٽري تائين“ ڪتاب ملڪ جي انتظامي ۽ حڪمراني واري طرز جو هڪ اهڙو دستاويز آهي، جيڪو پڙهندڙن کي شايد اڳ ۾ ڪڏهن به پڙهڻ لاءِ نه مليو هجي. هن وقت مڪمل طور تي ڊپريسڊ معاشري جي نوجوانن کي هيءَ ڪتاب پڙهڻ سان منزل طرف وڌڻ لاءِ همٿ افزائي جو ڏس به ملندو ته جدوجهد ۽ جستجو سان منزل ماڻڻ وارو خواب ساڀيان ٿيندي به نظر ايندو.آئون اهڙو ڪتاب لکڻ تي ليکڪ سائين محمد جمن ڄامڙو صاحب کي جس ڏيندس، گڏوگڏ اها به دعا ڪندس ته شال ڄامڙو صاحب جو قلم ائين ئي هلندو رهي ۽ نوجوان نسل جي همٿ افزائي ٿيندي رهي.

وهاب جروار
ڪراچي
24 آڪٽوبر 2019ع