آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

سپاھيءَ کان وفاقي سيڪريٽري تائين

محمد جمن ڄامڙي جي آتم ڪٿا خودنوشت سوانح حيات آهي، جيڪا سندس ذات جي تعميرات واري گرائونڊ زيرو کان فلڪ بوس عمارت تائين پهچڻ جي اڻ ڳاڻيٽن ڏاڪن جي اڏاوت ۽ ڊيڪوريشن  جي تجربن جو نچوڙ آهي. ڪتاب ”سپاهيءَ کان وفاقي سيڪريٽري تائين“ هڪ اهڙي ماڻھوءَ جي جفا ڪشي جو سربستو سچو داستان آهي، جنھن سنڌ جي ٺپ ٻھراڙي واري ڳوٺ ۾ جنم ورتو، گورنمينٽ جي ڦڪن اسڪولن ۾ پڙهيو، فوج ۾ سپاھ گيري ڪيائين، قائداعظم يونيورسٽي مان اعليٰ تعليم بہ حاصل ڪيائين تہ ننڍڙيون نوڪريون بہ ڪيائين ۽ انت ۾ پاڪستان جي ڪريم ڪلاس ۾ انٽري هڻڻ لاءِ ’سي ايس ايس‘ ڪيائين، ۽ سترهين گريڊ کان شروع ٿي 22 هين گريڊ يعني مائونٽ ايوريسٽ تي پهچي رٽائر ٿيو.

Title Cover of book سپاھيءَ کان وفاقي سيڪريٽري تائين

اسلام آباد سيڪريٽريٽ ۾ سنڌ جو حصو

منھنجو پڪو يقين هيو، جيئن قرآن ۾ آهي ته:
”هر مشڪل کان بعد، تحقيق آساني آهي.“
(سورة الم نشرح: آيت5)
پاڪستان سيڪريٽريٽ اسلام آباد ۾ هن وقت سڀ کان وڌيڪ سرڪار جو وهنوار هلائڻ لاءِ ماڻھو پنجابي آهن، ان کانپوءِ پٺاڻ، ان کانپوءِ سنڌي، ان کانپوءِ اردو ڳالهائيندڙ، ان کانپوءِ ڪشميري ۽ سڀ کان گھٽ بلوچ آهن. جنھن وقت مان ڪامرس منسٽري ۾ جوائنٽ سيڪريٽري جي چارج ورتي، انوقت ڇهه ست پنجابي، ٽي پٺاڻ، هڪ مان سنڌي جوائنٽ سيڪريٽري هيس. منھنجي ونگ ۾ هڪڙو به سنڌي ماڻھو ڪونه هيو، انھيءَ جي برعڪس پٺاڻ تقريباً ڪلاريڪل ۽ ٻئي اسٽاف ۾ پنجابين کان ٿورو گھٽ هيا.
اسلام آباد سيڪريٽريٽ ۾ سنڌي آفيسر يا ٻئي اسٽاف لاءِ حالتون ايتريون سازگار ناهن، جيتريون پنجابي ۽ پٺاڻ لاءِ آهن. جنھن جي ڪري سنڌي آفيسر اسلام آباد اچڻ کان لھرائيندا آهن. هڪ ته ڪم ڪرڻ واري جاءِ تي حالتون مخالف هونديون آهن، انھيءَ سان گڏو گڏ اسلام آباد شھر رهڻ جي لحاظ کان پاڪستان جي ٻين شھرن جي مقابلي تمام گھڻو مھانگو آهي. تعليم جي لحاظ کان سنڌي آفيسرن ۽ ٻئي اسٽاف جي ٻار لاءِ وڏي ۾ وڏو مسئلو اهو به آهي ته ٻار پنھنجي مادري زبان صرف ڳالھائڻ تائين محدود ٿي وڃي ٿو. اسلام آباد ۾ سنڌي ٻار سنڌي نه لکي سگھي ٿو، نڪي پڙهي سگھي ٿو. جيڪو اڳتي هلي اسان سنڌي بحيثيت قوم جي نقصان ۾ وڃون ٿا. هينئر ته اهو اسان سنڌي قوم لاءِ ڪراچي سنڌ جي دل ۾ سنڌي آفيسرن جي ٻارن سان به ٿيندو پيو وڃي. جيتوڻيڪ سنڌ اسيمبليءَ جو ٻوليءَ وارو بل پاس ڪيل آهي، جنھن تحت سڀ تعليمي ادارا سنڌي لازمي پڙهائيندا، جنھن تي عمل ڪونه پيو ٿئي.
بھرحال اسلام آباد اسان جي ملڪ جي گادي جو شھر آهي ۽ اسانکي هر حال ۾ پنھنجو سڀ شئي ۾ حصو وٺڻ گھرجي ۽ پنھنجي صوبي جي نمائندگي ڪرڻ خاطر ڪجھه نه ڪجھه قرباني ڏيڻي پوندي. منھنجي اسلام آباد ۾ پوسٽنگ ڪرائڻ جي پٺيان سڀ کان وڌيڪ موٽيويٽنگ فورس به اهو هوته سنڌ جي نمائندگي ڪرڻي آهي، چاهي ڪيتري به ڏکيائي پيش اچي. جيڪڏهن اهو جذبو منھنجي اندر ۾ نه هجي ها ته مان پھرين هفتي ۾ ڀڄي واپس اچي سنڌ ٺڪاءُ ڪيان ها. جيئن ته منھنجي اندر اها ڳالھه دل ۾ گھر ڪري وئي هئي، تنھن ڪري مھاڏو اچي اٽڪايوسين.رب ڪائنات جا اڻ ڳڻيا احسان جنھن مونکي ثابت قدم رکيو ۽ڪاميابي نصيب ڪئي. جيئن ته ڪامرس منسٽري ۾ منسٽر صاحب کي اسين نه پيا وڻون ۽ انجي منشا جي خلاف پوسٽنگ ورتي هئي، تنھن ڪري مان اتي گھڻو وقت رهي ڪونه سگھيس.
اتفاق سان مسٽر نويد احسن سيڪريٽري فنانس لڳو، مون موبائل تي ايس ايم ايس ڪري لکيو ته سائين ڪامرس منسٽري ۾ منھنجي لاءِ حالتون سازگار ناهن، ڪا واهر ڪيو. ٻئي ڏينھن سيڪريٽري فنانس جو فون آيو ۽ مونکي چيائين ته سڀاڻي تون ايڊيشنل سيڪريٽري ايڊمن ايند ايڪسپينڊيچر سان اچي مل ۽ مان انکي چئي ڇڏيو آهي. مسٽر نويد احسن لاهور جو رهڻ وارو آهي، ۽ سنڌ ۾ هوم سيڪريٽري به رهيو آهي. نويد صاحب جڏهن هوم سيڪريٽري سنڌ هيو ته مان انوقت ايڊيشنل سيڪريٽري هوم سنڌ هيس. تنھنڪري منھنجي ڪم کان واقف هيو. مان ٻئي ڏينھن منسٽري آف فنانس ۾ وڃي ايڊيشنل سيڪريٽري مسٽر توقير صاحب سان وڃي مليم. مسٽر توقير صاحب به سنڌ ۾ ڪافي وقت رهيو هيو، تنھن ڪري هڪٻئي سان سڃاڻپ هئي. توقير صاحب چيو ته مونکي نويد احسن صاحب چيو آهي ته توکي هتي گھرائڻو آهي. هاڻي اها خبر ناهي ته منسٽري ڪامرس وارا توکي ڇڏيندا الائي ڪون. مون چيو ته سائين منسٽر ڪامرس ته چوي ٿو ته مان هن جي منسٽري مان اڄ ئي نڪري وڃان. مونکي چيائين ته اسان وٽ هاڻي هڪ جوائنٽ سيڪريٽري ڪم فنانشل ائڊوائيزر منسٽري آف ايجوڪيشن، ايگريڪلچر، ليبر اينڊ مين پاور، يوٿ ۽ ٽوئرزم جي پوسٽ خالي ٿيڻي آهي، جو آفيسر رٽائر پيو ٿئي، تنھنڪري مان اڄ نوٽ لکي موڪليان ٿو منسٽر ڏانھن. انشاءَ الله جلد توهان جي پوسٽنگ لاءِ اسٽيب کي لکنداسين. اتان اٿي پوءِ وڃي سيڪريٽري فنانس سان ملاقات ڪئي ۽ سڀ ٻڌايو.
اسلام آباد ۾ سرڪاري نوڪر لاءِ سڀ کان ڏکيو ڪم اڄ ڪلهه سرڪاري گھر وٺڻ آهي. ڇو ته گھر محدود آهن ۽ نوڪري ڪرڻ وارا انھيءَ کان الاهي گھڻا آهن، تنھن ڪري ويٽنگ لسٽ ايتري ڊگھي آهي جو سرڪاري نوڪر گھر جي آسري ۾ رٽائر ٿيو وڃي. ڪراچي ۾ جنھن فليٽ ۾ رهندا هياسين، انھيءَ کي به اسان چئي ڇڏيو ته 2004ع جون مھيني جي آخر ۾ اسين فليٽ خالي ڪري ڏينداسين، تنھنڪري ڪرايو ڏيڻ بند ڪيو. پھرين جولاءِ 2004ع تي منھنجي محبوبه پنھنجي محبوب گلن کي ساڻ ڪري اچي اسلام آباد پھتي. ڇو ته هڪ وقت ٻه گھر هلائڻ ڏکيو ڪم ٿي پيو هيو. سنڌ هائوس جي هڪ ڪمري ۾ اسان ڇهه گھر جي ڀاتين گڏ رهڻ شروع ڪيو. جولاءِ جي مھيني ۾ بارشون به جام ٿيڻ لڳيون. ڪرائي لاءِ گھر ڳولڻ شروع ڪياسين. عموماً ڪرائي جو ٻڌي آٺرجي وڃون پيا، پنجويھه کان ٽيھه هزار ڪرايو، گھر هڪ پورشن کان گھٽ ملي ڪونه پيو.
آگسٽ 2004ع جي پھرئين هفتي هڪ ڏينھن چوڌري انور (منھنجو قائد اعظم يونيورسٽي جو ڪلاس فيلو) آيو ۽ حال احوال ٿيا، انھيءَ وقت هو ورلڊ بينڪ ۾ ڪم ڪري پيو. مون چيو ته گھر جو ڪو بندوبست ڪونه ٿو ٿئي. انور جو هڪ دوست او جي ڊي سي ايل ۾ آفيسر هيو، اهو به ساڻ هيس. او جي ڊي سي جي آفيسر سان تمام سٺي ڪچھري ٿي، هڪ نيڪ ۽ خدا ترس ماڻھو هيو. مونکان پڇيائين ته سڀاڻي تون ڪھڙي وقت گھر پھچندين. مون ٻڌايو ته آفيس ٽائيم کان فورن بعد آفيس جي گاڏي پھچائي واپس هلي ويندي. ڪامرس منسٽري ۾ گاڏي صرف آفيس کڻي ۽ واپس موٽائي اچڻ لاءِ هوندي هئي. چيائين ته ٺيڪ مان تو وٽ آفيس ٽائيم کان پوءِ سڌو هتي سنڌ هائوس ايندس، تون تيار رهجانءِ. ٻئي ڏينھن نجم صاحب نالو هيس آيو. مونکي پنھنجي گاڏي ۾ وٺي ايڇ ايٽ قبرستان ڏانھن هليو. مون سمجھيو ته شايد ڪنھن سان ملڻو هوندس. خير گاڏي روڪي پاڻ لٿو ۽ مونکي به اشارو ڪيائين ته لھو. مان گاڏي مان هيٺ لٿس مونکي چيائين منھنجي پٺيان هلندو اچ. اڳ ۾ نجم صاحب پٺيان مان هلندا وياسين. قبرن جي هڪ بلاڪ ۾ لٿاسين. اڳتي هليم ته هڪ قبر تي نظر پئي نالو لکيل هيو مسٽر قدرت الله شھاب صاحب، ۽ مون انجو شھاب نامو ڪتاب پڙهيو هيو. انکان ٿورو اڳتي ٻي لائين ۾ هڪ قبر هئي اتي اچي بيٺو. پاڻ به ويٺو ۽ مونکي به اشارو ڪيائين ته ويهه. مونکي چيائين ته تون صرف سورة الحاقة، المتڪاثر پڙهندو رهه. مون سوره شريف جو ورد ڪرڻ شروع ڪيو. تقريباً پندره ويھه منٽ ٿيا، پاڻ اٿيو ۽ مان اٿيس. مونکي چيائين ته هتان فائيل نڪري ويو. هل ته ٻئي پاسي هلون. اتان وري چڱو پند ڪري اڳتي هلياسين ته هڪ ٻي وڏي ميدان واري قبر وٽ هلي بيٺو، ۽ ٿوري دير ۾ پاڻ به ويٺو ۽ مونکي چيائين ته تون صرف سورة الاخلاص پڙهه. مون سورة الاخلاص جو ورد شروع ڪري ڏنو. تقريباً ويھه پنجويھه منٽ ويھڻ کان پوءِ پاڻ اٿيو ۽ مان به اٿيس. چيائين ته هاڻي هتان به فائيل نڪري ويو. هفتي کان پوءِ وري ڪٿي هلنداسين. هفتي کان پوءِ وري فون ڪري آيو، مان تيار ويٺو هيس. مونکي پنھنجي گاڏي ۾ ويھاري سڌو بري امام جي درٻار تي وڃي پھتاسين. هينئر ته بري سرڪار جو وڏو ڪامپليڪس ٺھي ويو آهي، انوقت سڄو ميدان خالي هوندو هيو ۽ قبر ۽ مزار هيٺ ٺھيل هئي. اسان هيٺ لھي وياسين. قبر جي مٿن واري پاسي کان وڃي ويٺاسين. مونکي چيائين ته تون صرف آيت الڪرسي پڙهه. مان حڪم موجب آية الڪرسي جوورد ڪرڻ شروع ڪيو، تقريباً پنجويھه ٽيھه منٽ ويٺاسين. پاڻ اٿيو ۽ مونکي چيائين ته مبارڪ هجي توکي گھر الاٽ ٿي ويو. مون چيو ته سائين مھرباني! پر ڪٿي ٿيو؟ چيائين ته توکي اعتبار نٿو اچي ڇا؟ مون چيو ته اهڙي ڳالھه ناهي مونکي ٻارن جي پڙهائي لاءِ اسڪول جي تلاش ڪرڻي آهي. تنھڪري پڇيم ته ڪھڙي سيڪٽر ۾ ٻارن جي داخلا ڪرايان؟ چيائين ته توکي گھر ملڻ لاءِ هڪ مھينو اڃان انتظار ڪرڻو پوندو، باقي اڄ توکي گھر الاٽ ٿي ويو. مون چيو ته مان مھينو صبر ڪندس، باقي رڳو مونکي ايريا ٻڌايو ته مان ان علائقي ۾ ٻارن جي داخلا ڪرايان. ٻي ٽي منٽ خاموش ٿي ويو. چيائين ته ٻڌائڻو ناهي پر تواهڙي ڳالھه ڪئي آهي ته ٻارن جي داخلا ڪرائڻي آهي، تنھنڪري مان توکي صرف ايترو ٻڌايان ٿو ته آءِ ايٽ جي ڀرپاسي جيڪو به اسڪول هجي اتي ٻارن جي داخلا وٺ. مان ايڇ ايٽ ۾ ٻه ٽي اسڪول هيا، ٻارن سان گڏ اهي اسڪول جاچڻ وياسين. بيڪن هائوس، سٽي ۽ جي ايس آءِ ايس اسڪول هيا. بيڪن هائوس ۽ سٽي اسڪول ڏسي فيس جو ٻڌي پٺتي هٽي وياسين، آخر ۾ جي ايس آءِ ايس اسڪول آياسين. وڃي هيڊمسٽريس جي ڪمري ۾ اجازت وٺي داخل ٿياسين ته جڏهن منھنجي نظر هيڊ مسٽريس تي پئي، ٻئي هڪٻئي کي ڏسي حيران ٿي وياسين. رڙ ڪري چيائين او جمن! تون هتي ڪيئن؟ مون ٻڌايو ته هيءُ منھنجي جان جا ٽڪرا آهن، ۽ هيءُ منھنجي محبوبه آهي ۽ منھنجي اسلام آباد بدلي ٿي آئي آهي ۽ ٻارن کي داخلا ڪرائڻ لاءِ هيڏانھن آيو آهيان. پڇيائين ته ڪھڙي ڪھڙي ڪلاس ۾ پڙهن ٿا؟ مون ٻڌايو ته هي فلاڻي فلاڻي درجي ۾ پڙهندا هيا ڪراچي ۾. گھنٽي وڄايائين، ٻاهران هڪ مائي آئي، انکي چيائين ته فلاڻي کي سڏ ڪري اچ. جھٽ اها ٻي مائي اچي پھتي. مائي کي چيائين ته هنن ٻارن کي وٺي فلاڻي فلاڻي ڪلاس جي ٽيچر جي حوالي ڪر ۽ چوين ته هينئر ڪلاس ۾ پڙهڻ شروع ڪن. مون چيو ته ٻارن کي اسڪول جي ڊريس ناهي، نڪو ڪو ڪتاب، پنو ۽ پين. چيائين ته تون فڪر نه ڪر. مون ٻڌايو ته اسان هن وقت سنڌ هائوس ۾ رهون ٿا ۽ سواري جو بندوبست به ڪونھي.چيائين ته صبح کان تنھنجي ٻارن کي اتان کڻي ۽ واپس پھچائي به وين ايندي. اسڪول جو ايڊمن آفيسر واجد هيو، انکي گھرائي پابند ڪيائين ته هنن ٻارن کي جيڪا اوڏانھن ڪا ايندڙ ٻارن جي وين هجي، انکي چئي ڇڏ ته سنڌ هائوس کان ٻار کڻندي اچي.
هيڊمسٽريس پاڻ ان اسڪول جي مالڪ هئي. قرت العين رضوي نالو اٿس ۽ اسين ٻئي قائد اعظم يونيورسٽي جا ڪلاس فيلو آهيون.
2004ع سيپٽمبر جي آخر ۾ منھنجي ٽرانسفر جا آرڊر ڪامرس کان منسٽري فنانس لاءِ جاري ٿيا. مان ٻئي ڏينھن تي منسٽري فنانس جوائن ڪئي. جنھن ڏينھن منسٽري فنانس جوائن ڪئي، شام جو سج لھڻ جي قريب هڪ دوست فون ڪيو ته يار مان آء ايٽ مان گذران پيو، ۽ اٺاويھون نمبر گھر اسٽريٽ ٻارهن اي، خالي ٿئي پيو ۽ سامان ڪڍن ٿا پيا. يار جلدي ڪر ۽ گھر الاٽ ڪراءِ. مان انوقت ايس او جي منسٽري ڪامرس کي فون ڪيو ته ڀاءُ اها منھنجي نالي واري تختي اڄ هينئر کپي، انھيءَ سان گڏ ٻه ڪوڪا به هجن. ويھه پنجويھه منٽن کان پوءِ منھنجي نالي واري تختي پھچائي ڏني. سنڌ هائوس تان گاڏي ڪرائي جي وٺي سڌو آءِ ايٽ وڃي، انھيءَ گھر جي ٻاهران نالي واري تختي هڻي موٽي آيس. ٻئي ڏينھن آچر جو ڏينھن هيو. صبح جو ڏهين يارهين وڳي فون آيو ته توهان جمن ٿا ڳالھايو؟ مون چيو ته ها. پڇيائين ته ڇا هي گھر توکي الاٽ ٿيو آهي؟ مون چيو ته ها. چيائين ته مان شمس الهديٰ آهيان ۽ مان گھر خالي ڪيو آهي، توهان اچو ته مان توهان کي گھر جون چاٻيون ڏيان. مان ڊوڙندو ويس ۽ وڃي شمس صاحب سان مليس. هن مونکي سڄو گھر گھمايو ۽ چاٻيون ڏنيون. هي پنھنجي نوعيت جو هڪ عجيب ڪيس آهي. اسلام آباد ۾ گھرن جي الاٽمينٽ آفيسر جي رٽائرمينٽ کان اڳ ۾ ڪنھن نه ڪنھن کي الاٽ ٿي ويندي آهي. شمس صاحب رٽائر ٿيڻ کان پوءِ به ڏيڍ سال رهيو پيو هيو، ۽ ڪنھن کي الاٽ ٿي مليوئي ڪونه هيو. ٻيو ته خالي گھر جي پزيشن هميشه اسٽيٽ وارا وٺندا ۽ ڏيندا آهن. مان ٻئي ڏينھن منسٽري هائوسنگ اينڊ ورڪس ۾ ويس ته اتي هڪ ڊپٽي سيڪريٽري مسٽر شھزاد ويٺو هيو جيڪو گھرن جي الاٽمينٽ ڪندو هيو. مسٽر شھزاد ۽ اسان هڪ وقت ۾ قائد اعظم يونيورسٽي ۾ پڙهياسين. مون پڇيو ته يار هي گھر ڪنھن کي الاٽ ٿيل آهي. رڪارڊ گھرائي ٻڌايائين ته شمس الھديٰ جي نالي تي الاٽ ٿيل آهي. مون چيو ته هي گھر مونکي کپي چيائين ته منسٽر ڪندو. منسٽر هائوسنگ گھڻو ڪري صفوان الله خان يا ان سان ملندڙ نالو هيس ۽ ايم ڪيو ايم جو هيو. شھزاد چيو ته جمن ڪا تڪڙي سفارش وٺي وڃ، ايئن ٻڌائينديس ته ڪنھن ٻئي کي الاٽ ڪري ڇڏيندو. ٻاهر نڪري سڌو پارليامينٽ لاجز ۾ ويس، جو اتي منھنجي قائد اعظم يونيورسٽي واري محبوبه جي ننڍي ڀيڻ سينيٽر ۽ منسٽر آف اسٽيٽ هئي. مون وڃي ٻڌايو ته هي مسئلو آهي. چيائين ته هل، مان گڏجي سڌو منسٽر هائوسنگ وٽ وياسين. ميڊم چيو ته هيءُ گھر کپي ۽ اڄ الاٽ ڪري ڏي. منسٽر چيو ته ايئن ٿي ڪونه ٿو سگھي ته گھر خالي ٿيو هجي ۽ ڪنھن کي الاٽ نه ٿيو هجي. منسٽر چيو ته مان چيڪ ڪيان جيڪڏهن ڪنھن کي الاٽ ناهي ٿيل ته مان اڄ الاٽ ڪري ٿو، ڏيان منسٽر رڪارڊ گھرايو ته گھر خالي ۽ ڪنھن جي نالي الاٽ ناهي ٿيل، منسٽر صاحب انھي وقت گھر جي الاٽمينٽ جو پروانو جاري ڪيو.
شھزاد کي چيو ته يار گھر ته الاٽ ٿي ويو پر گھر کي رنگ روغن جي ضرورت آهي، انھيءَ لاءِ ڪا ترڪيب ڪر. چيائين ته ويھه، انھيءَ وقت چيف انجنيئر کي فون ڪري چيائين ته هن گھر جي لاءِ تخمينو لڳرائي موڪل ته سڀاڻي مان ڊي جي کي چوان. ٻئي ڏينھن انجنيئر آيو گھر گھمي ڦري پوءِ تخمينو ٺاهي ڊي جي ڏانھن موڪليو. شھزاد سان مون فون تي ڳالھايو ۽ ٻڌايو ته تخمينو ٺھي ڊي جي ڏانھن پھچي ويو، انھي وقت فون شھزاد ڊي جي کي ڪيو ۽ ٻن ڏينھن کان پوءِ گھر جي رنگ ڪرڻ لاءِ ڪم وارا پھچي ويا.