سنڌ جون چوري ٿيل گاڏيون بلوچستان ۾...
ڪوئيٽا کان واپسي تي ايس ايڇ او ۽ هيڊ محرر کي گھرايو ته لسٽون کڻي اچو. لسٽون کڻي آيا مون ڏٺو ته ڏوهه ڪرڻ وارن جي پٺ ايتري مضبوط آهي، جو اڄ تائين ڪڏهن پوليس اها جرئت ڪانه ڪئي جو انھن ۾ هٿ وجھي. ايئن کڻي چئو ته جيڪي ڏيک ويک ۾ وڏا معتبر آهن اوترا وڏا ڏوهاري. جڏهن مون ايس ايڇ او کان پڇا ڪئي ته ڇاجي ڪري پندرنهن ويھه سال گذري وڃڻ جي باوجود مڪمل چالان ڪورٽ ۾ پيش نه ڪيا آهن؟ چيائين ته سائين جوابدار ملن ڪونه ٿا، تنھن ڪري جاچ ٿي نه سگھي آهي، انھيءَ ڪري پورو چالان ڪورٽ ۾ پيش ڪري نه سگھيا آهيون. مون پڇيو ته جوابدار ڪٿي ضلعي کان ٻاهر آهن؟ چيائين ته سائين نه، مون چيو ته پوءِ ڪھڙو مسئلو آهي؟ همراهه پريشان پر ڪجھه چوڻ لاءِ تيار ڪونه هيو.
آخرڪار مون ان لسٽ تي انسپيڪشن نوٽ هڻي آرڊر ڪيو ته جيڪي به هن لسٽ ۾ جوابدار آهن، انھن کي فوري گرفتار ڪري مونکي ٻن هفتن ۾ رپورٽ ڏي. وڌيڪ مون لکيو ته جيڪڏهن جوابدار بي ايريا ۾ رهن ٿا ته مان ليوي فورس کي حڪم ٿو ڪيان ته جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ ۾ هرممڪن مدد ۽ ڪوشش ڪندا. جيڪڏهن ڪنھن به ليوي فورس جي اهلڪار پوليس جي مدد نه ڪئي ته انجي خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي ويندي. نوٽ هڻي ايس ايڇ او کي چيو ته جيڪڏهن هاڻي ڪنھن به قسم جي ڪوتاهي ٿي ته پوءِ تون ٻاهر ڪونه گھمندين، بلڪ تنھنجي مٿان نالائقي ۽ نااهل اهلڪار ڄاڻائي قانون مطابق ڪاروائي ٿيندي. همراهه اڌ جيئري ماڻھو وانگر لڙکڙائيندو روانو ٿيو. منھنجي ٽرانسفر کان پوءِ آفيس سپرنٽينڊنٽ ٻڌايو ته سائين جڏهن ايس ايڇ او توهانجي آفيس کان ٻاهر آيو ته اچي ٻه منٽ مون وٽ ويٺو، ۽ چيائين ته پاڻي جلدي ۾ پيار. پاڻي پيئڻ کان پوءِ گھٻرايل ۽ پريشان هيو ۽ وڏو شوڪارو ڀري چيائين ته ڊي سي صاحب ته ڪو جلاد آهي. مان ته ٻن باهين ۾ اچي ڦاٿو آهيان جيڪڏهن انھن جوابدارن کي گرفتار ٿو ڪيان ته منھنجو جيئڻ جنجال ٿي ويندو. جيڪڏهن گرفتار نٿو ڪيان ته منھجي نوڪري تيل ٿي ويندي.
ان لسٽ ۾ ٻيا ته ڪافي شرفاء هيا پر ان لسٽ ۾ موجوده ڪيئر ٽيڪر وزير اعليٰ صاحب جي ڀاءُ جو نالو به هيو. ٻن ڏينھن کان پوءِ پرنسپل سيڪريٽري وزير اعليٰ جو فون آيو ته ڄامڙو صاحب هي تو ڇا ظلم ڪيو آهي. مون چيو ته سائين ڇا ٿيو. چيائين ته توهان وزير اعليٰ صاحب جي ڀاءُ کي گرفتاري جو حڪم ڏنو آهي. سي ايم صاحب ٿو چوي ته يار جڏهن اسين اپوزيشن ۾ هياسين، تڏهن به اسان جي گھر جي ڀاتي کي گرفتاري جو ڪنھن حڪم ڪونه ڏنو. هينئر ته مان سي ايم آهيان ۽ منھنجي ڀاءُ جي گرفتاري جا احڪامات توهان جاري ڪيا آهن. چيائين ته هاڻي سي ايم صاحب جي ڀاءُ جي گرفتاري جو حڪم واپس وٺي ڪينسل ڪر. مون چيو ته سائين سي ايم صاحب جي ڀاءُ کي چئو ته اچي پيش پوي، انھيءَ کان پوءِ رعايت ملندي باقي مان جيڪي آرڊر ڪيو آهي انھيءَ کي ڪينسل ڪونه ڪندس. چيائين ته توکي خبر آهي ته انھيءَ جي ڪري سي ايم صاحب ڇا ڪري سگھي ٿو؟ مون عرض ڪيو ته سائين منھنجي بيگ تيار آهي، مون کي جيڪو حڪم ملندو، مان ان لاءِ تيار آهيان.
ٻئي ڏينھن منھنجي پڦي فوت ٿي وئي، مان ٻن ڏينھن لاءِ ڳوٺ شھدادڪوٽ کان ٿيندو ويم. ڳوٺ کان موٽي خضدار پھتم. اليڪشن ڪميشن جون جنرل اليڪشن جو شيڊول ڏيڻ خاطر اسلام آباد ۾ ميٽنگ هلن پيون. بلوچستان گورنمينٽ آگسٽ 1993ع ۾ ڪافي ٽرانسفر ۽ پوسٽنگ ڪيون ۽ منھنجي بدلي ايڊيشنل سيڪريٽري زراعت بلوچستان ٿي. آگسٽ جي يارهين تاريخ تي مون ڊپٽي ڪمشنر خضدار جي چارج ڏئي ڪوئيٽه روانو ٿي ويم.