رٽائرمينٽ کان پوءِ جا مسئلا
ڪالھه منھنجو هڪ پراڻو دوست ڪراچي کان آيو، جيڪو ٻه ٽي سال اڳ وڏي عھدي تان رٽائر ٿيو. حال احوال اورڻ کان پوءِ ٻڌايائين ته يار اڄ ڪلھه زمانو ڪيترو ته مطلبي ٿي ويو آهي. مون چيو ته مان 1971ع ۾ جڏهن فوج ۾ سپاهي ڀرتي ٿي ڪوهاٽ سگنلز سينٽر ٽريننگ لاءِ وڃان پيو ته جڏهن مان ملتان ريلوي اسٽيشن تي لٿس ته عنايت حسين ڀٽي جي آواز ۾ هڪ گانو هليو پئي، جنھن جا ٻول هيا:
‘‘دنیا مطلب دی او یار۔’’
مون چيو ته يار اها پراڻي چوڻي آهي، تنھن ڪري انھي مطلبي دنيا سان گڏ هلڻو آهي. مون چيو ته تو پنھنجي ڳوٺ چاهي سڄي علائقي لاءِ تمام گھڻا ڪم ڪرايا آهن. ڳوٺ چاهي ڀرپاسي جي ڳوٺن لاءِ روڊ رستا، بجلي، گئس، اسڪول ۽ ڪيترائي ماڻھو روزگار سان لڳرايا آهن. تنھن ڪري تون پنھن جي ڪيل ڪم تي مطمئن رهه، باقي جيڪڏهن ڪو تنھنجي لاءِ برو سوچي ٿو ته پاڻ ڄاڻي.
چوڻ لڳو ته مونکي ڪنھن به قسم جو ارمان ناهي ته ڪير ڇا ٿو چوي. يا ڪوئي مخالفت ٿو ڪري، پر مان صرف اهو ته چوڻ چاهيان ته سڀاڻي اسان جي نئين ٽھي جڏهن سروس ۾ ايندي ۽ جيڪڏهن انھن کي اها خبر پئي ته يار هتي جيڪو علائقي لاءِ ڪم ٿو ڪري، انھيءَ جي ڪابه عزت ناهي. اهڙي سوسائٽي مان موٽ جيڪڏهن انھن کي ملي ٿي، جن سڀ ڪجھه ڳوٺ ۽ علائقي لاءِ ڪيو ته اسان جا نوجوان سنڌ ڌرتي جي خدمت ڪرڻ کان لنوائيندا ۽ چوندا ته جيڪڏهن هيتري خدمت ڪرڻ کان پوءِ به پنھنجن جو رويو اهڙو آهي ته هو سڀاڻي پنھنجي علائقي جي خبر چار ڪونه لھندا ۽ سنڌ جي ٻھراڙي وارا وڌيڪ پوئتي ڌڪجي ويندا. مون چيو ته يار ڳالھه ته تنھنجي سچي آهي، پر انھي لاءِ ڇا ٿو ڪري سگھجي؟ اڄ ڪلھه اسان جي معاشري ۾ بدقسمتي سان سوچ صرف پنھنجي ذات تائين محدود ٿي وئي آهي جنھن ڪري اهڙي قسم جا واقعا روز بروز ٿين ٿا. ڪو اهڙو ڏينھن خالي ناهي جو پٽ پنھنجي پيءُ جي سڀني جي سامھون بيعزتي ٿو ڪري، جيڪو مھذب معاشري تي هڪ بدنما داغ آهي . جڏهن اهڙي طرح جون حالتون پيدا ٿينديون آهن ته سوسائٽي تباهه ۽ برباد ٿي ويندي آهي.
جيڪو ڪجھه دوست چيو مان اهو ئي دوستن جي لاءِ عرض ڪيان ٿو.
چوڻ لڳو ته يار توکي خبر آهي ته اسان ڪو وڏي گھراڻي جا ماڻھو ناهيون، پر وڏڙن کي چار ٻارا زمين جا هيا ۽ پنھنجي علائقي ۾ عزت ۽ مان وارا هيا. پر اسان جي ڪا ايڏي وڏي زمينداري واري حيثيت ڪانه هئي. الله سائين جا ڪرم ٿيا جو محنت ڪئي سين، ۽ ڪنھن جي ٿوري ۽ احسان کان بغير مالڪ سائين جي مھر سان سٺي نوڪري ملي، جتي پنھنجن عزيزن، پاڙيوارن ۽ دوستن جي جيڪا پڄي سگھي سان خدمت ڪئي. هر هڪ ڳوٺ ۾ ڪي وڏي يا ننڍي حيثيت وارا مٽ مائٽ هوندا آهن. منھنجو به هڪ ويجھو عزيز هيو جيڪو ننڍي نوڪري وارو ملازم هيو پر اولاد جام هيس، تنھن ڪري گذران ايترو سولو ڪونه هيس پوءِ مون ان جي وڏي پٽ جي پڙهڻ ۽ نوڪري وٺرائي ڏيڻ ۾ مدد ڪئي. جڏهن هنجو پٽ نوڪري ۾ لڳو ته همراهه پئسه کي ميڙڻ جا طريقا ڳولھي ڪڍيا. پنھنجي ڀائرن کي به پڙهايائين ۽ الحمدلله! انجا ڀائر ان کان وڏين نوڪرين ۾ لڳي ويا. ٽنھي ڀائرن ٿوري عرصي ۾ پئسه جام ڪٺو ڪيو ۽ انھي مان مختلف قسم جي بزنس ۾ پئجي ويا. علائقي ۾ ڪافي زمينون ۽ پيٽرول پمپ، مختلف شھرن ۾ فليٽ ۽ پلاٽ خريد ڪيا. ايترو پئسو ڪمايائون جو هينئر انھن جو دين ۽ ايمان صرف پئسو آهي. هينئر هو ايئن سمجھڻ لڳا آهن ته هو ستن پيڙهين کان وٺي نواب غيبي خان ۽ ڪانڀو خان هيا. علائقي يا پنھنجي ڳوٺ ايندا ته چار باڊي گارڊ وٺي ايندا، جن کي جديد اسلحه هوندو، اهي اڳيان پويان پيا هلندا اٿن. پر ايستائين جو جيڪڏهن گھر جي ڀرسان ڪو عزيز فوت ٿي ويندو ته پنھنجي گھر کان نڪري ان رشتيدار ڏانھن دعا گھرڻ ويندا ته به چار هٿيارن سان ليس باڊي گارڊ ساڻ وٺي ويندا. خبر ناهي ته ايترو واقعي ڪو هنن کي خطرو آهي، پنھنجن کان، يا انھن مٿان رعب رکڻ لاءِ اهي سڀ ڪجھه ڪن ٿا. خير جتي پئسو گھڻو هوندو آهي انکي خطرو به اوترو هوندو آهي.
جيترو پئسو اٿس، جيڪڏهن چاهي هاته پنھنجي ٻين ويجھن عزيزن کي خاص ڪري ڀاڻيجا، سؤٽ ۽ انھن جي ٻارن کي ڪنھن سٺي تعليمي اداري ۾ داخلا وٺرائي اڳتي آڻڻ ۾ ڪافي مدد ڪري پي سگھيو. اهو ته هنن خير ڪنھن به ويجھي کان ويجھي عزيز کي تعليم ڏانھن متوجھه ڪونه ڪرايو. جيڪڏهن چاهن ته انھن جي هيٺان ڪيترائي ادارا آهن، جن ۾ گھٽ تعليم وارا به ڪو هنر سکي سٺي روزي ڪمائي سگھن ٿا پر انھن مان ڪنھن جي به مدد ڪانه ڪئي. پنھنجي سالن ۽ ڀاڻيجن کي پنھنجي ڌنڌي ۾ سنڀالڻ لاءِ رکي انھن کي تعليم کان محروم ڪري ڇڏيائين، هاڻي اهي سڀ هن جا سالا ۽ ڀاڻيجا هن جا محتاج آهن، جڏهن چاهيندو آهي ته هڪ سالي کي اڳتي ڪندو آهي ۽ ٻئي کي پٺتي اڇلي ڇڏيندو آهي. هاڻي انجا سالا ۽ ڀاڻيجا صرف هن جي اشاري تي هلندا آهن، ڇو ته انھن کي خبر آهي ته اسان وٽ تعليم ڪانھي، تنھن ڪري ٻيو ڪم ڪري ڪونه سگھنداسين، تنھنڪري هو انجا ٻڌا ٻانھا غلام هوندا آهن. ڪنھن اسان جي دوست انکي چيو ته يار تنھنجو اثررسوخ ڪافي ڪارخانن تي آهي، اتي انھن کي لڳرائي ڇڏ ته گھٽ ۾ گھٽ تنھنجي سالن ۽ ڀاڻيجن کي ڪافي سھولتون ملنديون ۽ انھن جا شھر ۾ ٻار پڙهي پوندا ته انکي جواب ۾ چيائين ته مان ڪو بيوقوف ناهيان، جو انھن کي ڪنھن ڪارخاني ۾ نوڪري وٺي ڏيان ته سڀاڻي منھنجو سلام به نه ڪن. تو کي خبر آهي ته اڄ ڪلھه ڪارخاني ۾ مزدورن کي سٺيون سھولتون ملن ٿيون، علاج ۽پينشن به ملي ٿي، پوءِ جيڪڏهن هي سڀ اوڏانھن ويندا ته منھنجا پيٽرول پمپ ۽ ٻيو ڪاروبار ڪير سنڀاليندو اهي اتي چڱا آهن. هن وقت انھي جا سالا چاهي ڀاڻيجا تعليم جي نه هجڻ ڪري ڏوهن جي دنيا ۾ ڪاهي پيا آهن.
اڄ ڪلھه انھن جي اولاد به چڱي نوڪري ۾ اچي وئي آهي، تنھن ڪري انھن جي دل ۾ خيال پيدا ٿيو آهي ته اسان کي اچي سڀڪو سلام ڪري، تنھن ڪري جيڪو به عزت وارو آهي، انجي خلاف انھي جي ڪنھن گھر جي ڀاتي کي لالچ ڏئي ماڻھن ۾ بدنام ڪرڻ ۽ سوشل ميڊيا تي ڪا نه ڪا ڳالھه انکان لکرائي ڇڏيندا آهن، اهو بيوقوف انھن جي چوڻ تي پنھنجي وڏن جي خلاف لکي، انھن کي پاڻ وڻائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، ۽ پنھنجي ساراهه ۾ انکان واکاڻ ڪرڻ شروع ڪئي اٿائين. دوست ٻڌايو ته ڪنھن وقت مختلف عوامي نمائندن کان فنڊز وٺي ڳوٺ ۾ ڪرايا، هاڻي اهي تباهه حال ٿيندا پيا وڃن انھن کي ٺيڪ ڪرائڻ جي توفيق ڪونه اٿن، جڏهن ته حد جي ايم پي اي ۽ ايم اين اي کي گھر ۾ گڏ فوٽو ڪڍرائڻ ۾ خوش ٿيندو آهي. سنڌ سرڪار جا حال ايترا ته برا آهن جو اسڪولن جون نيون بلڊنگون ٺھيون پيون آهن، اتي هينئر صرف گڏهه ۽ موالي مسڪن ٺاهيو ويٺا آهن يا وري خالي پيون آهن، جيڪو پوري سنڌ ۾ آهي. ڪجھه ڏينھن اڳ دوست جي چوڻ مطابق مختلف ادارن ڏانھن درخواستون موڪلرايون اٿئين ته اهو جيڪو رٽائر ٿيو آهي، تنھن ملڪ جي خزاني کي نقصان پھچايو آهي، انهيءَ ڪري انجي خلاف انڪوائري ڪرائي وڃي، وغيره وغيره.
منھنجو دوست چوڻ لڳو ته جيترو گھڻو پئسه ۽ ملڪيتون ورتيون اٿن، جيڪي سڀ ڪنھن کي خبر آهي ته ڪير انهن جي خلاف رڳو وڃي درخواست ڏئي ته هي سڀ قابو ٿي ويندا. چوڻ لڳو ته جيڪي به هنن فليٽ ڪراچي ۾ باٿ آئي لينڊ، ڪلفٽن، ڊفينس ۽ عسڪري وغيره، اسلام آباد پلاٽ، ڪراچي، حيدرآباد، سکر، سنڌ جي وڏن شھرن ورتل اٿن، جن جو مڪمل ثبوت آهي، پر مان نٿو چاهيان ته انھن کي نقصان پھچايان پر هي پنھنجي حرڪتن کان باز نٿا اچن، مان به آخر انسان آهيان، متان ڪڏهن تنگ ۽ مجبور ٿي، ڪو اهڙو قدم کڻان، جنھن ۾ سڀني ڀائرن کي نقصان پوي. مون کي چوڻ لڳو ته مان ڇا ڪيان جي نٿو ڪجھه ڪيان ته هي سر تي چڙهندا ٿا وڃن، پر جيڪڏهن مون ڪيو ته برداشت هي ڪري ڪونه سگھندا.
مون چيو ڀاءُ حضرت علي سائين جو مشھور قول آهي، جنھن جو مطلب آهي ته: ”جنھن سان چڱائي ڪيو ته ان جي شر کان الله محفوظ رکي.“ وڏڙا ته هميشه چوندا هيا ته: ”ابا اصل مان خطا ڪانه ٿيندي، بي نسل مان وفا ڪانه ٿيندي.“
مون چيو ته ”ڀائو ڪنھي ٿورا ڪنھي گھڻا، ڪانھي سورن ڌار.“
اهو اڄ ڪلھه تقريباً هر جاءِ تي ٿي ويو آهي، جو جيڪڏهن ڪنھن کي ڪا پوزي ملي ٿي وڃي ته هو آپي مان ٻاهر نڪري ٿو وڃي. بھتر آهي ته صبر ڪيو، باقي الله سائين اهڙو ڪريم آهي جو جيڪو ٻئي لاءِ کڏ کوٽيندو آهي، انھيءَ ۾ سڀ کان اڳ ۾ هو پاڻ ڪرندو آهي. تنھن ڪري توڪل الله تي رک، الله انھن کي هدايت ڏيندو.
مون ڏٺو آهي ته جيڪو ڪجھه اسان جي دوست سان ٿئي پيو، اهو سنڌ جي تقريباً هر علائقي ۾ وبا وانگر پکڙجي ويو آهي. شايد انھن دوستن کي اهو ياد نٿو بيھي ته هڪ سج ٻه پاڇا ٿيندا آهن.
وقت هميشه هڪجھڙو ڪونه رهندو آهي. تنھن ڪري هر ماڻھو کي پنھنجي اوقات ۾ رهڻ گھرجي ۽ انھي ۾ عافيت هوندي آهي. مان وري به دوستن کي چوندس ته سنڌ اڳئي سورن ۾ ورتي پئي آهي، دشمن سڀني پاسي کان حملا آور آهن، بجاءِ انھن ننڍن ننڍن ڳالھين ۾ الجھڻ جي نئين نسل کي صاف ذهن رکڻ ۽ قوم ۽ ملڪ جي خدمت لاءِ تيار ڪجي نڪي، پنھنجون پاڙون پاڻ کوٽيون. باقي جنھن جو جيڪو وڙ آهي اهو پنھنجي عادت کان مجبور ٿي اهي حرڪتون ڪندو، جنھن ۾ سڄي سوسائٽي کي نقصان رسندو.
الله سائين جي در دعا آهي ته سنڌ کي سرسبز ۽ شاداب رکي ۽ سنڌواسين کي حاسدن جي حسد کان محفوظ رکي، آمين يارب العالمين.