آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

سپاھيءَ کان وفاقي سيڪريٽري تائين

محمد جمن ڄامڙي جي آتم ڪٿا خودنوشت سوانح حيات آهي، جيڪا سندس ذات جي تعميرات واري گرائونڊ زيرو کان فلڪ بوس عمارت تائين پهچڻ جي اڻ ڳاڻيٽن ڏاڪن جي اڏاوت ۽ ڊيڪوريشن  جي تجربن جو نچوڙ آهي. ڪتاب ”سپاهيءَ کان وفاقي سيڪريٽري تائين“ هڪ اهڙي ماڻھوءَ جي جفا ڪشي جو سربستو سچو داستان آهي، جنھن سنڌ جي ٺپ ٻھراڙي واري ڳوٺ ۾ جنم ورتو، گورنمينٽ جي ڦڪن اسڪولن ۾ پڙهيو، فوج ۾ سپاھ گيري ڪيائين، قائداعظم يونيورسٽي مان اعليٰ تعليم بہ حاصل ڪيائين تہ ننڍڙيون نوڪريون بہ ڪيائين ۽ انت ۾ پاڪستان جي ڪريم ڪلاس ۾ انٽري هڻڻ لاءِ ’سي ايس ايس‘ ڪيائين، ۽ سترهين گريڊ کان شروع ٿي 22 هين گريڊ يعني مائونٽ ايوريسٽ تي پهچي رٽائر ٿيو.

Title Cover of book سپاھيءَ کان وفاقي سيڪريٽري تائين

ڪيچ مڪران ۽ سنڌ

ڪيچ ۽ مڪران سنڌ جي عوام لاءِ ڪو نئون نالو ناهي. شاهه عبدالطيف ڀٽائي سر سسئي ۾ ڪيچ جو گھڻو ۽ واضح ذڪر ڪيو آهي. ڪيچ جي گذرسفر جون راهون به سنڌ سان ازل کان وٺي اڙيل آهن. ڪيچ جي شھزادي پنھون جو ذڪر پنهنجي شاعريءَ ۾ ڪري ڀٽائي صاحب هميشه جي لاءِ امر ۽ لازوال ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن به سسئي جو ذڪر ايندو ته پنھون به پاڻھي اچي ٺھڪو ڪندو آهي. ايئن ڪونھي جو سسئي جو ذڪر اچي ۽ ڪيچ جو ذڪر نه ٿئي. نينھن نڀائڻ جو وقت اچي ته سسئي به جبل ۽ ڏونگر ڏاريندي نظر ايندي. جڏهن تڪليف ۽ جبل جھاڳڻ جو وقت اچي ٿو ته سسئي ڪنھن کي انھي ڪري ساڻ نٿي کڻي ته متان ڪا تڪليف، بک، اڃ ۽سفر جي مشڪلاتن سبب پنھون جي شان ۾ ڪو گٿو لفظ اڻ ڄاڻائيءَ ۾ صرف زبان تي نه اچي وڃيس. تنھنڪري اهڙي اڻ سڃاتل رستي ۽ گس کي وٺي پنھون پنھون ڪندي نڪري پوي ٿي، ۽ آخر اهو احساس ٿو ٿئيس ته اهي ڏک ۽ مشڪلاتون ته صرف هڪ بھانو آهي ۽ پنھون ته مان پاڻ آهيان.
مون جڏهن تربت جي چارج ورتي ته منھنجي من اندر تانگهه هئي ته مان جلد کان جلد پنھونءَ جا ويڙها ڏسان. پڇا ڪئي ته پنھون جو گھر گھاٽ ڪٿي آهي؟ سو مون به چاهيو ته ڪجھه اڳڀرو ٿيان متان چئي هوت بلوچ ته سسئي جي ڏيھه کان آيو آهي ۽ منھنجي سار به ڪانه لڌي اٿس. سڀ کان پھريون جيڪو شھر کان ٻاهر نڪتس، اهو صرف پنھون جا پير کڻي تربت شھر کان اتر اولھه طرف مند جي رستي سان تقريباً ست اٺ ڪلوميٽر پنڌ تي جتي پنھون جو ماڳ هيو، جيڪو سار سنڀال نه لھڻ سبب رڳو کنڊر لڳو پيو هيو، ان ڏانھن ويس. جڏهن مون رستي کان ڏکڻ طرف رخ ڪيو ته سڏ پند تي هڪ مٽي جو ڌڙو نظر آيو ۽ پري کان بلڪل موئن جي ڌڙي واري اسٽوپا وارو ڏيک هيس. آخرڪار وڃي اتي پھتس ته واقعي جھڙو پري کان ڏيک هيس، اهڙوئي ويجھو نظر آيو. پنھونءَ جو ڪچو قلعو هڪ خشڪ ندي جي ڪناري تي آهي. وقت جي بيدرد ۽ ناقابل برداشت حالتن جي سبب قلعي جو حال ايئن وڃي ٿيو آهي جيئن چوندا آهن ته:
”کنڊرات مان معلوم ٿئي ٿو ته عمارت عظيم هئي.“
بھرحال آرڪيالاجي ڊپارٽمينٽ ۾ ڪاسائي وانگر تکي ڪاتي هٿ ۾ مڏي سان مارڻ وارا هر جاءِ تي هڪجھڙا آهن. مون پڇا ڪئي ته ڪو اھڙو خاندان آهي، جنھن جو سڌو سنئون تعلق پنھون جي پيڙهي سان هجي، پر مون کي ان باري ۾ ڪا ڪل ڪانه پئجي سگھي. ٿي سگھي ٿو ته پنھل جي پيڙهي مان ڪو هجي.
تربت ۾ جيڪا پوک وغيره ٿئي ٿي انجي لاءِ پاڻي پري جبلن جي نئين مان ڪاريز جي ذريعي اچي ٿو. سنڌ ۾ ته واٽر ڪورس هوندا آهن جي شاخن مان نڪرندا آهن. بلوچستان ۾ باقاعده ڪوئي ايريگيشن جو نظام ڪونھي سواءِ پٽ فيڊر ء نواب سيف الله مگسي واهه جي.
ڪاريز زير زمين سرنگ ٺاهي پري کان پاڻي ڪاهي اچي آبادي ڪبي آهي. ٻيو جتي زمينون سڌيون ۽ پٽ هوندا آهن، برسات جي موسم ۾ چوڌاري مضبوط بند ٻڌي بارش جي پاڻي کي اتي جمع ڪيو ويندو آهي. ان جمع ٿيل پاڻي جي ڪري زمين جي اڃ مري ويندي آهي، جڏهن هر جي لائق ٿيندي آهي ته بوسي پوک پوکيندا آهن ۽ فصل چڱا موچارا ٿي پوندا آهن. ميراڻي ڊيم جي ڪري دشت جي علائقي جون زمينون باقائده آبادي هيٺ اچڻ شروع ٿي ويون آهن.
باغات ۾ جھڙيءَ طرح خيرپور ميرس کجي جو ڳڙهه آهي، اهڙيءَ طرح بلوچستان ۾ کجي لاءِ تربت ۽ انکان پوءِ پنجگور ۾ کجي وڏي مقدار ۾ ٿئي ٿي. 1993ع ۾ تربت ۽ پنجگور جي علائقي ۾ هڪ سو پندرهن قسم کجين جا ٿيندا هيا. سنڌ جي کجين ۾ جھڙيءَ طرح اصيل کجي سڀني کجين کان بھتر سمجھي ويندي آهي، اهڙيءَ طرح تربت ۽ پنجگور ۾ موضاتي ۽ بيگم جنگي کجي سڀني کان بھتر سمجھي وڃي ٿي.
جيڪڏهن کجي جي پيداوار کي ڏٺو وڃي ته تقريباً پاڪستان ۾ کجي جي پيداوار جو اڌ حصو تربت ۽ پنجگور واري علائقي ۾ ٿيندو آهي. ٻھراڙي جي تقريباً اڌ آبادي جو ذريعومعاش کجي تي آهي. تربت ۽ پنجگور جي کجي جي مالڪن کي ايترو فائدو انھي ڪري نه پيو ٿئي، جو کجي کي مارڪيٽ تائين پھچائڻ تمام گھڻو دشوار ۽ مھانگو ڪم آهي پر هينئر جيئن ته گوادر ڪراچي ڪوسٽل هاءِ وي ۽ موٽروي جي اچڻ ڪري تربت ۽ پنجگور جي کجي کي مارڪيٽ تائين آسان رسائي ٿي پوندي، ۽ کجي جي باغات مان سٺي آمدني جي توقع آهي. مڪران جي علائقي ۾ هڪ اهڙو قسم کجي جو آهي، جيڪو ڊسمبر جي مھيني ۾ به ڏنگ ڏيندو آهي. مون پاڻ ڊسمبر جي مھيني ۾ مند وٽ کجي مان ڏنگ پٽي کاڌا.
تربت گرميءَ جي موسم ۾ انتھائي گرم ٿي ويندو آهي، ان سان گڏوگڏ گهميل آب و ھوا آهي، تنھنڪري گرميءَ جي باوجود هتي ماڻھن کي سن اسٽروڪ وغيره ڪونه ٿيندو آهي. ڏينھن جو ڪيتري به گرمي هجي پر رات جي وقت ٽيمپريچر ڪافي گھٽ ٿي ويندو آهي ڇو ته سمنڊ جي هوائن جو اثر رات جي وقت جھجو ٿيندو آهي.
تربت جي هر خوشحال گھر ۾ ٻي گھرواري ايراني نسل جي هوندي آهي، جيڪا مڪران جي باقي عورتن کان ڏيک ويک ۾ پڌري هوندي آهي.
مڪران پاڪستان جو واحد علائقو آهي، جتي عورتن کي وڌيڪ حق ۽ آزادي آهي. 1993ع تائين جي ٿاڻي جي انگ اکرن موجب گذريل سؤ سال ۾ مڪران جي علائقي ۾ ڪارو ڪاري وارو ڪوئي ڪيس رجسٽر ناهي ٿيو. ڪاروڪاري وارو معاملو گھڻي ڀاڱي سنڌ ۽ بلوچستان جي بارڊر سان جھجهو آهي، جنھن جو گھڻي ڀاڱي معاملو ڏيتي ليتي ۽ لالچ تي مبني هوندوآهي. جيڪو نسورو ناحق ۽ ظلم آهي. باقي پاڪستان جي علائقي مان مڪران جي عورت کي ايترو حق حاصل آهي، جو جڏهن چاهي تڏهن نڪاح ختم ڪرائي سگھي ٿي. سون پائڻ جو رواج سڀ کان وڌيڪ مڪران ۾ آهي. نڪاح جي وقت چڱو خاصو مقدار سون جو ڏنو ويندو آهي جيڪو سرنديءَ واري لاءِ ڪيترائي ڪلو جو مقدار هوندو آهي. ولائتي پاڻي جو واپرائڻ هتي باقي پاڪستان جي علائقن کان ججهو آهي. جيڪڏهن ڪير ڪنھن کي رات جي مانيءَ لاءِ مدعو ڪندو آهي ته اهو مھمان ميزبان کان پڇندو آهي ته سائين ڊنر آهي يا خيرات؟ تنھن ڪري مڪران جو ماڻھو ڊنر کي وڌيڪ پسند ڪندا آهن بنسبت خيرات جي. ڪيچ مڪران جا ماڻھو ڪوئيٽا وڃڻ جي بنسبت ڪراچي ڏانھن وڃڻ وڌيڪ پسند ڪندا آهن. مڪران جي عوام جو ذهني ۽ معاشي لاڙو سنڌ ڏانھن وڌيڪ آهي. مڪران جا رهواسي شعوري طور بلوچستان جي باقي علائقي کان تمام گھڻو اڳتي ۽ پرامن رهڻ وارا آهن. شدت پسند ناهن، امن ۽ ڀائيچاري سان رهڻ کي وڌيڪ ترجيع ڏيندڙ آهن.
تعليم جي لحاظ کان مڪران باقي بلوچستان جي مقابلي ۾ اڳتي آهي. ميڊيڪل ۽ انجنيئرنگ جي داخلا وقت ڊي سي ميمبر هوندو آهي، جنھن ۾ ڊوميسائل ۽ پي آر سي جي جاچ وغيره اتي جو اتي ڊي سي ڪنفرم ڪندو آهي ته واقعي هي منھنجي ضلعي جو شاگرد آهي. 1993ع جي داخلائن خاطر ميٽنگ هجي ۽ مان به اتي داخلا ڪاميٽي جي ميمبر واري حيثيت سان هيس. تربت جا ٻه شاگرد جن جا مائٽ نوڪري سانگي گڊو ٿرمل جي ڪالونيءَ ۾ رهندا هيا. ٻنھي شاگردن جو رزلٽ به بھترين هيو، جنھن جي ڪري انھن جي داخلا يقيني هئي جڏهن شاگردن ڪاميٽي جي سامھون ڪاغذ پيش ڪيا ته ميٽرڪ ۽ انٽر جا سرٽفڪيٽ سکر بورڊ جا هيا. مونکي تڏهن شرمندگي ٿي جڏهن انھي ڪاميٽي ڏٺو ته سکر بورڊ جا سرٽيفڪيٽ آهن ته شاگردن کان وٺي رديءَ جي ٽوڪري ۾ ڦٽا ڪيا ۽ چيو ته توهان ڪاپي ڪري يا پئسه ڏئي سرٽيفڪيٽ وٺي آهيا هوندا. انهيءَ ڪري سکر بورڊ جي جاري ڪيل تعليمي سرٽيفڪيٽ جي ڪا به اهميت ناهي.
سنڌ جي تعليمي معيار کي بلوچستان به مڃڻ لاءِ تيار ڪونه هيو. هاڻي جي خبر ناهي ته بلوچستان سنڌ جي تعليمي بورڊن جي جاري ڪيل سرٽيفڪيٽ کي ردي جي ٽوڪري ۾ ٿو اڇلي يا قبول ڪريٿو.
الله سنڌ جي حاڪمن کي هدايت ڏئي جو سنڌ جي تعليم تي ڪو ڌيان ڏين، ۽ سنڌ جو عوام به سجاڳ ٿي پنھنجي ايندڙ نسل جو مستقبل برباد نه ڪن. جيستائين ڪاپي ڪلچر جو خاتمو ڪونه ٿيندو، تيستائين سنڌ کي تباهي کان ڪوئي روڪي نٿو سگھي.
اپريل 1993ع جي مھيني تقريباً وچ واريون تاريخون هيون. عمر موريو بلوچستان جو ريجنل ڊائريڪٽر نارڪوٽڪس هيو، ڪوئيٽا کان فون ڪيائين ته پارٽنر جيڪڏهن اسانجي عزت رکي سگھين ته اڄ ڪجھه ڪري ڏيکار. مون پڇيو ته مسئلو ڇاهي؟ چيائين ته جيڪو سال اڳ پاڪستان جي تاريخ جو وڏي ۾ وڏو چرس وغيره تربت جي علائقي مان پڪڙيو ويو هيو، اڄ هڪ سال ڪيس جي نه هلڻ سبب هاءِ ڪورٽ ضمانت کڻي ويٺي آهي ۽ اهو ڪنفرم آهي ته جوابدار نڪرڻ شرط ملڪ کان ٻاهر هليا ويندا، جو انھن جا ويزه سڀ ڪجھه تيار آهن. ٿوري دير کان پوءِ وفاقي وزير نارڪوٽڪس راڻو چندر سنگهه جو فون آيو. چيائين ته ڄامڙو صاحب موريو صاحب توهان سان ڳالھايو هوندو، جيڪڏهن اهي جوابدار جيل کان ٻاهر نڪري ويندا ته ملڪ جي بدنامي ٿيندي، تنھن ڪري ڪو قرب ڪر. مون چيو ته سائين مان ڏسان ٿو ۽ ڪوشش ڪندس ته قانون جي دائري ۾ رهي ڪو انجو حل ڪڍون.
فون رکي مون پڇا ڳاڇا ڪئي ته واقعي اهو شخص انھيءَ ڪم ۾ حقيقي جوابدار آهي يا ڪنھن جي انتقام جو شڪار ٿيل آهي. جنھن جنھن کان پڇيو تن سڀني اهو چيو ته سائين اهي واقعي وڏا اسمگلر ۽ انھيءَ ڌنڌي ۾ ماهر آهن. مون ناظم يعني اسسٽنٽ ڪمشنر کي فون ڪيو، ڏي خبر تو وٽ ڪا کليل ايف آءِ آر آهي. چيائين ته مان چيڪ ڪري ٻن منٽن ۾ ٻڌايان ٿو. ٿوري دير ۾ ٻڌايائين ته ٻه ايف آءِ آر آهن جن ۾ گنجائش آهي. پڇيائين سائين خير ته آهي. هڪ ۾ شايد ڪلو اڌ چرس جي ايف آءِ آر هئي ٻي شايد ٻه اڍائي ڪلو چرس جي هئي. ڊسٽرڪٽ جيل تي فيڪس جي ذريعي بيل جو قبول ٿيل آرڊر کڻي وڃي پھتا ۽ ان جي لاءِ گاڏيون تيار هيون ته جيئن ان کي اتان ٻاهر ڪڍي وڃن. مون ناظم کي چيو ته جلد ڪر جيل تي پھچ ۽ اھي ڪنھن به هڪ اوپن ايف آءِ آر ۾ جيل ڪسٽڊي وٺ ته جيئن اهي همراهه جيل کان ٻاهر پير نه پائن. جيل سپرنٽينڊنٽ کي فون ڪري پڇيو ته ڇا اهي ماڻهو ضمانت تي ٻاهر نڪتا آهن؟ چيائين ته سائين پنجن، ڏهن منٽن ۾ ٻاهر نڪرندا، بس ڪجھه ڪاغذي ڪاروائي رهي ٿي. مون چيو ته ناظم اچي پيو يا پھچڻ وارو آهي، انھن کي ٻاهر ناهي ڇڏڻو، چيائين سائين ٺيڪ آهي. ايتري ۾ ناظم وڃي اتي جيل تي پھتو ۽ جڊيشل ريمانڊ وٺي هٿيڪو ڪري آيو. جنھن ڪيس ۾ جڊيشل ريمانڊ ورتو، اهو ضمانت جوڳو ڏوهه هيو. اچي زور بار شروع ٿيا، مون ناظم کي چيو خبردار جو بيل قبول ڪيو اٿي. ناظم وٽ پھتا ته ضمانت تي ماڻھو کي رها ڪيو، ان چيو ته جيستائين ڊي سي صاحب نه چوندو تيستائين مان ضمانت منظور ڪونه ڪندس. ڪمشنر صاحب ڏانھن ويا، انھيءَ به هنن کي جواب ڏنو ته مان ڊي سي صاحب کي ڪونه چوندس. پوءِ انھن اچي منھنجي دوستن کي تنگ ڪرڻ شروع ڪيو ته توهان چئو ڊي سي صاحب کي. آخرڪار رات جي پيٽ ۾ ڪراچي کان هڪ دوست کي وٺي آيا، جيڪو مونسان مليو ۽ پوري ڳالھه ڪيائين ته مان مجبور ٿي آيو آهيان منھنجو تو تي ڪوئي زور ناهي. مان صرف انھيءَ ڪري آيو آهيان جو ٻين دوستن مونکي مجبور ڪيو، باقي منھنجو هنن سان ڪنھن به قسم جو واسطو ناهي، نڪو مان هنن کي سڃاڻان. تون هنن کي وڌيڪ سڃاڻين ٿو، تنھنجي فيصلي ۾ منھنجو ڪجھه به نه وڃي، مونکي خبر آهي ته تون اهو ڪندين جيڪو تنھنجي ذهن ۾ هوندو. باقي مونکي هنن الائي ڪيتريون آفرس ڪيون آهن. صرف توکي ٻڌائڻ لاءِ ته هي توکي ٻه ڪروڙ ۽ هڪ بنگلو ڪراچيءَ ۾ وٺي ڏيڻ لاءِ تيار آهن. مون چيو ته ڀاءُ مھرباني مان ڪڙمي جو پٽ آهيان. منھنجي ايتري اوقات ڪانھي جو مان ڪروڙ وٺان. هڪ ته ايترا پئسه مونکان هضم ڪونه ٿيندا، ٻيو ته پئسن جي ڪري مان پنھنجي عزت ڪونه وڃائيندس. الله اهي پئسه انھن کي بخشي، مان ان حال ۾ ڀلو آهيان. آخرڪار جڏهن انھن همراهن زور ڏئي ڍوءُ ڪيو، پوءِ انھن ٻيو طريقو استعمال ڪيو. مونکي تصديق ناهي پرڳالھه آهي سچ ته هنن مٿي اسي لک روپيه ڏئي منھنجي اتان مئي 1993ع ۾ ٽرانسفر ڪرائي ڊپٽي ڪمشنر خضدار. صبح جو اخبار ۾ پڙهيو ته منھنجي بدلي خضدار ٿي وئي آهي ۽ منھنجي جاءِ تي ڊي سي خضدار مقرر ٿيو آهي.