شاهه محمد پاشا، ممتاز ڀٽو ۽ قاضي اختر سان ڪچهريون
جيئن ته منھنجي ٻي ملاقات هئي پاشا صاحب سان، تنھن ڪري بي تڪلفي واري ڳالھه ڪانه هئي. مون ڏٺو ته پاشا صاحب ٿورو ڳالھائيندو هيو ۽ ڪم جي ڳالھه کان وڌيڪ ڪونه چوندو هيو. مونکي چيائين ته مونکي خوشي آهي جو جيڪو به دوست مون سان ملڻ آيو آهي، تنھن توهانجي تعريف ڪئي آهي ۽ مونکي ڪنھن دوست اهو ناهي چيو ته سائين ڊي سي کي فون ڪيو يا چٺي لکي ڏيو. انھيءَ کان اڳ صرف نوٽ لکڻ واسطي ٻه همراهه ويھندا هيا ۽ رڳو صحيحيون ڪرڻ ۾ پورو هوندو هيس ۽ هينئر مون وٽ اچن ٿا پر اهي اهڙي قسم جي ڪابه فرمائش ڪونه ٿا ڪن. جڏهن به انھن آيل دوستن کان پڇيو آهي ته اهي سڀ خوش ۽ راضي هيا توهانجي ڪم مان. اڄ به ڪافي دوست ملڻ آيا جن سڀني توهان جي باري ۾ سٺا لفظ چيا، تنھن ڪري منھنجي دل گھريو ته مان اڄ توسان گڏ چانھه پيان. ممتاز ڀُٽي چيو ته پاشا صاحب شھدادڪوٽ ۽ ميرو خان جا ماڻھو ڄامڙو صاحب کي ڏاڍو ڀائيندا آهن ۽ هينئر به ياد ڪندا اٿس. ايتري دير ۾ چيئرمين ضلعي ڪائونسل مسعود کھڙو به اچي ويو.
مون ڏٺو ته مسعود صاحب هڪ کلڻو ۽ هروقت منھن تي مرڪ، سڌا سٻاجھڙو ۽ شريف النفس انسان، هر هڪ جو هڏڏوکي. پاشا صاحب جيئن ته وڏو ڀاءُ هيس تنھنجو ڪافي ادب ڪري پيو. پر انجي مقابلي ۾ ممتاز ڀٽو پاشا صاحب سان وڌيڪ حجائتو نظر پئي آيو. ممتاز ڀٽو اڄ ڪلھه تقريباً ويھن سالن کان آمريڪا ۾ پنھنجي فيملي سميت رهي ٿو. تقريباً اڌ منو ڪلاڪ اتي گڏ هياسين مان موڪلائي اٿيس ته پاشا صاحب چيو ته ڄامڙا صاحب، اچڻ جي مھرباني ۽ ڪو ڪم ڪار هجي ته ضرور ٻڌائيندا.
ممتاز ڀٽو ۽ سندس ڀاءُ ڊاڪٽر لياقت عمومن مھيني ۾ ٻه ٽي دفعا مون وٽ ايندا هيا شھدادڪوٽ جڏهن مان ايس ڊي ايم هيس. ممتاز ڀٽو صاحب دل جو صاف ڀوڳ ٺڪاء ۽ دوستن سان سچو ۽ مخلص ماڻھو، ڊاڪٽر لياقت وڏو ڀاءُ هجڻ جي باوجود به ممتاز جو گھڻو خيال رکندو هيو ۽ اڄ تائين به ممتاز جو وڏو خيال ڪندو آهي.
ممتاز ڀٽو پاشا صاحب کي هجت ۽ انگل ڪيو ته پاشا صاحب، ڄامڙو صاحب کي مان سڃاڻان توکي ڪم لاءِ ڪونه چوندو، باقي مان ٿو توکي چوان ته منھنجي ڀاءُ تي جيئن مھرباني ڪئي اٿئي. اهڙيءَ طرح ڄامڙو صاحب جا ٻه ڀائر آهن، هڪڙي نوڪري اي او بي آءِ ۾ ڏيو. مون چيو اهڙي ڪابه ڳالھه ناهي، الله مالڪ آهي جتي انھن جو نصيب هوندو اتي ٿي ويندو. پاشا چيو ته ڄامڙو صاحب پنھنجي ڀائرن جا ڪاغذ مون ڏانهن موڪل يا ممتاز کي ڏي مون چيو ته سائين مھرباني پر منھنجي دل اڃان نٿي مڃي. منھنجو ننڍو ڀاءُ مرحوم صاحب خان ايم اي ايڪانامڪس پاس هيو، ٻيو ننڍو ڀاءُ ڪماالدين بي اي پاس هيو مون ڪنھن جا ڪاغذ وغيره ڪونه موڪليا ٻن ڏينھن کان پوءِ ممتاز صاحب آيو ۽ چيائين ته هڪ ڀاءُ جا ڪاغذ ڏي.
مون چاهيو پي ته منھنجو مامو جيڪو ايريگيشن ۾ بيلدار هيو، ان جي وڏي پٽ محمد رمضان کي نوڪري وٺرائي ڏيان. ڇوته هڪ غريب به هيو ۽ انھيءَ کي پڙهائڻ ۾ به مون ڪافي مدد ڪئي هئي. منھنجو مامو به پنڌ ڪندو هيو ته بابا هاڻي رمضان جو ڪو بلو ڪر هاڻي انھيءَ جي شادي به ڪرائي اٿم. مامو پنھنجي ڀيڻ يعني منھنجي امان کي اچي چوندو هيو ته جمن کي چئو ته رمضان کي نوڪري وٺي ڏي. ڳوٺ اچان ته گھر پھچڻ کان اڳ رمضان جي ماءُ ۽ گھر واري اچي منھنجي گھر واري کي تنگ ڪن ته ادي تون جمن کي چئو منھنجي پٽ کي نوڪري وٺي ڏئي، ڏاڍو گذر تنگ آهي. منھنجي به اهائي خواهش هئي ته اڳم مامي جي پٽ کي ڪٿي سيٽ ڪجي.
ممتاز کي چيو ته مان پنھنجي ڀائرن جي بجاءِ منھنجو مامو بيلدار ۽ مسڪين حال آهي، ان همت ڪري پٽ پڙهايو ۽ وري مٿان پرڻايو به اٿس ان جا ڪاغذ وٺ. ممتاز چيو ته پاشا صاحب تنھنجي ڀاءُ لاءِ چيو آهي ٻئي ڪنھن لاءِ ڪونه مڃيندو. مون چيو ته پاشا صاحب جي مھرباني ٿيندي جيڪڏهن مامي جي پٽ لاءِ نوڪري ڏئي. باقي مان پنھنجي ڀاءُ لاءِ ڪاغذ ڪونه ڏيندس. ڪجھه ڏينھن گذري ويا وري ممتاز صاحب آيو ۽ چيائين ته نٿو مُڙين ته پاشا صاحب چيو آهي ته پنھنجي مامي جي پٽ رمضان جا ڪاغذ ڏي. خير مون رمضان جا ڪاغذ ڏنا ۽ رمضان کي چيو ته وڃ اسلام آباد، پاشا صاحب سان ملاقات به ڪر ۽ آرڊر به وٺ.
ڪجھه ڏينھن اندر محمد رمضان ايگزيڪيٽو آفيسر سورهين گريڊ ۾ اي او آءِ بي ۾ مقرر ٿي ويو. هاڻي ماشاءَ الله مامي سائين جي فرزندن وٽ ٻه ٽي پيٽرول پمپ ٽن تعلقن گمبٽ، صوڀو ديرو ۽ ڪوٽڏجي ۾ زمينون ۽ ديھه ڄامڙا ۾ سڀ کان وڌيڪ زمين جا مالڪ آهن. انھي کان علاوه ڪراچي، اسلام آباد، حيدرآباد، سکر ۽ ٻين هنڌن تي ڪيترائي بنگلا، فليٽ ۽ پلاٽن جا مالڪ آهن. ڳوٺ ۾ به عاليشان بنگلو ٺھرايو اٿس جنھن تي تقريباً اڍائي ٽي ڪروڙ روپئه خرچ ٿي ويا آهن. صرف پروموشن جي معاملي ۾ پٺتي رهجي ويو، جو اڄ تائين سترهين گريڊ کان اڳتي وڌي ڪونه سگھيو. جڏهن ته ان دور ۾ سورهين گريڊ وارا اڻويھين گريڊ تائين ترقي ڪري ويا آهن.
مٿين ملڪيت ته رمضان جي پنھنجي جاءِ تي اهو ان جو پنھنجو ذاتي عمل آهي. مون کي صرف اها خوشي آهي ته رمضان پنھنجي نياڻين جي تعليم تي محنت ڪئي، جو الحمدلله اڄ رمضان جي هڪ نياڻي اي ايس پي حيدرآباد آهي، ٻي نياڻي به سي ايس ايس ۾ سليڪٽ ٿي سول سروس اڪيڊمي ۾ زير تربيب آهي، ٽين نياڻي ڊاڪٽر صاحبه آهي. هڪ ڀاءُ انڪم ٽيڪس ۾ سينيئر آفيسر ۽ ٻيو نيشنل بينڪ ۾ سينيئر آفيسر آهي.
1988ع ۾ ضياءَ جوڻيجو صاحب جي حڪومت اٺونجاهه بي تحت ختم ڪرڻ کان پوءِ جنرل اليڪشن جو اعلان ڪيو. اليڪشن کان اڳ جنرل ضياءَ الحق بھاولپور کان واپس ورندي وهاڙي ضلعي جي ميلسي تعلقي ۾ جھاز جي حادثي ۾ مري ويو، جنھن کان پوءِ چيئرمين سينٽ محمد اسحاق خان صدر پاڪستان ٿيو ۽ جنرل اسلم بيگ مرزا چيف آف آرمي اسٽاف ٿيو. جنرل اليڪشن جي شيڊول کي برقرار رکيو ويو. سنڌ ۾ انوقت قاضي اختر سينيئر وزير هيو پر پاور سڀ وزير اعليٰ وارا هيس. آگسٽ مھيني جي شايد ٻئي هفتي ۾ مون کي ڪراچي وزيراعليٰ هائوس ۾ سڏ ڪرايائين. منھنجي پھچڻ کان اڳ سيڪريٽرين سان گڏجاڻي هيس، جنھن ۾ قاضي صاحب حسب عادت چيو ته آفيسر بي ايمان آهن وغيره وغيره، مرحوم سائين عبدالله جي ميمڻ صاحب انھن لفظن جي چوڻ تي احتجاجن استعيفا لکي تنھن وقت ئي قاضي اختر جي اڳيان ڏئي، ٻاهر وڃڻ جي ڪئي پر شايد ڪنھن جي چوڻ ڪري رڪيو ۽ قاضي اختر ڪجھه پريشان ٿيو پر ميمڻ صاحب پنھنجي استعيفا اتي واپس ڪانه ورتي.
ڪافي دير کان پوءِ مونکي قاضي صاحب پنھنجي آفيس ۾ گھرايو. ضلعي جي باري هيڏانهن هوڏانهن جون ڳالھيون ڪيون ۽ آخر ۾ پڇيو ته اليڪشن جي باري تنھنجي اسيسمينٽ ڇا آهي؟ مون عرض ڪيو ته ڳالھه صحيح ٻڌايان يا توهان جي دل خوش ڪيان. چيائين ته نه تون بلڪل سچي ۽ حقيقت بيان ڪر. مون چيو ته سائين گھڻو ڪري توهان وارهه نصيرآباد واري تڪ مان بيھندا. چيائين ته بلڪل صحيح. مون چيو ته سائين جيڪڏهن چولياڻي چانڊيه، ڪلھوڙا، مغيري ۽ ٻيون ٻه ٽي برادريون توهان کي مڪمل ووٽ ڏين ته پوءِ توهان اليڪشن ۾ بيھو، نه ته توهان جو کٽڻ مشڪل آهي. قاضي صاحب ڪجھه گرم ٿي ويو مون عرض ڪيو ته سائين توهان مونکي چيو سچي ڳالھه ٻڌاءِ مان توهان کي ٻڌائي، باقي توهانجو پنھنجو فيصلو آهي جيڪو ڪرڻ چاهيو. چيائين ته مون انھي علائقي ۾ ڪم ڪيا آهن ۽ امداد چولياڻي کي ڪھڙي طاقت جو مونکي ووٽ نه ڏياري. مون چيو ته اهو توهان سياستدانن جو پنھنجو مسئلو آهي، باقي جيستائين منھنجي معلومات آهي تيستائين امداد چولياڻي نثار کھڙو صاحب جي ويجھو آهي، تنھن ڪري توهان کان وڌيڪ کھڙي صاحب جي ٻڌندو.
آخر ۾ چيائين ته تون ڇا ڪندين؟ مون عرض ڪيو ته سائين هاڻي اهو ون يونٽ وارو دور ڪونھي جو ڊي سي صاحب ڪنھن قبيلي جي سردار يا ان ڳوٺ جي مکيه ماڻھو کي گھرائي ۽ چوي ته ووٽ هيڏي ڪرڻا آهن يا هوڏي ڪرڻا آهن. ٻيو ته پولنگ اسٽيشنون صرف ميرٽ تي هونديون سواءِ انھن اسٽيشن جي، جتي واقعي جھيڙي ٿيڻ جو انديشو هوندو. پوءِ اها پولنگ اسٽيشن مان توهان جي مرضي سان ڪندس، باقي آهي پولنگ اسٽاف انھي ۾ مان توهانجي مدد ڪري سگھندس باقي خير توهان جي سر جو. چوڻ لڳو ته اهي ماستر انھن جو ڪو دين نه ايمان ڪونھي، سڀ بي ايمان آهن وغيره وغيره. منھنجي ڳالھه قاضي صاحب کي پسند ڪانه آئي، چيائين ته ٺيڪ توهان هلو، مان پوءِ تو سان ڳالھائيندس. شام ٿي وئي هئي تنھنڪري رات ڪراچي ۾ ترسي صبح سوير لاڙڪاڻي روانا ٿي ويم.
تقريباً ٻن يا ٽن ڏينھن کان پوءِ لالو رائنڪ جو مغيري صاحب آيو. قاضي اختر ان جي ڪافي ويجھو هيو ۽ سندس پٽ کي ايڪسائيز ۾ انسپيڪٽر ۽ ٻه ٽي ٻيون به نوڪريون ڏنيون هيس. مونکي اها خبر هئي ته مغيري صاحب قاضي صاحب جي ويجھو ۽ اعتماد وارو اماڻھو آهي. نالو مونکي هينئر ياد نٿو اچي، باقي ڏاڙهي کي ميندي هڻندو هيو. چيائين ته قاضي صاحب مونکي موڪليو آهي. مون چيو ته حڪم ڪيو، چيائين ته حڪم وغيره ڪونھي، مونکي قاضي صاحب ڪراچي گھرايو هيو ۽ خبر ناهي تو ڇا چيو اٿس پريشان هيو سو مون کي خاص انھيءَ ڪري موڪليو اٿس ته پنھنجي رويي ۾ لچڪ آڻي ۽ تون مھرباني ڪري ها ڪر، باقي منھنجو ڪم. مون وراڻي چيو ته چاچا توکي خبر آهي ته مان ڳالھه جيڪا ڪندو آهيان ان تي عمل ڪندو آهيان، چيائين برابر انھي ڪري ته قاضي صاحب پريشان آهي. مون پڇيو ته قاضي صاحب ڪھڙي حساب سان لچڪ چاهي ٿو، چيائين پولنگ اسڪيم ۾. مون چيو انھيءَ ۾ ڪنھن به قسم جي لچڪ ڪونه ٿيندي، باقي قاضي صاحب جي مرضي. چيائين ته نه ۽ اسين چاهيون ٿا ته سائين توهان اتي رهو. چڱو ٻن ڏينھن کان پوءِ مان وري ايندس يا رابطو ڪندم. مغيري صاحب جي گفتگو مان مون کي اندازو ٿي ويو ته ڪل آفيسر ذائقه بدلي وارو مرحلو ويجھو آهي، هاڻي صرف ڪوئي بھانو کپي.