چيف سيڪريٽري سان ملاقات ۽ ابراھيم حيدري ۾ سمنڊ جي مڇيءَ جو شڪار
چيف سيڪريٽري صاحب چيو ته مونکي تنھنجي لاءِ ڪابه شڪايت موصول ناهي ٿي. انھي ڏينھن قاضي صاحب کي تڪڙ ڏاڍي هئي، جو اڌ ڪلاڪ ۾ ٽي دفعا فون ڪرائي پڇيائين ته آرڊر اڃان ڪونه پھتو. جيستائين سسپينشن جي آرڊر جي ڪاپي فيڪس ڪري ڪونه موڪلي، تيستائين بي چين هيو. هڪ دفعو مون چيو ته سائين سسپينڊ ڪرڻ لاءِ ڪجھه چارج شيٽ ڏبي، انھي لاءِ ڪو مواد ڳولھيون. بھرحال فوڊ آرڊيننس جي خلاف ورزي وارو جواز به قاضي صاحب پاڻ تجويز ڪيو. هاڻي مون ايس اينڊ جي ڊي وارن کي چئي ڇڏيو آهي ته انڪوائري لاءِ ڪمشنر لاڙڪاڻو کي مجاز آفيسر مقرر ڪن ۽ ٽيھن ڏينھن ۾ رپورٽ ڪن. رپورٽ اچي، پوءِ انھي مطابق ڪوئي فيصلو ڪنداسين.
جيستائين مان ڊي سي لاڙڪاڻو هيس، ان وقت لاڙڪاڻوڪمشنر سکر ۾ هيو. منھنجي وڃڻ کان پوءِ لاڙڪاڻو ڊويزن ٿي ويو ۽ ڪي بي رند صاحب پھريون ڪمشنر لاڙڪاڻو مقرر ٿيو. جيئن ته لاڙڪاڻو نئون ڊويزن ٺھيو هيو، تنھن ڪري گھڻيون شيون پروسس ۾ هيون. مسٽر قلعي بخش رند ڪمشنر لاڙڪاڻو منھنجو استاد به هيو. 1981ع ۾ سائين قلعي بخش رند صاحب ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور هيو ۽ مان اتي شڪارپور ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر انڊرٽريننگ هيس. اسسٽنٽ ڪمشنر عبدالوحيد پيرزاده صاحب هيا. اي ڊي ايم انصاري صاحب هيا.
ڪمشنر لاڙڪاڻو ڪي بي رند صاحب قانون مطابق چارج شيٽ ڏني ته تنھنجي مٿان الزام آهي ته تو پٽ ڄمڻ جي خوشيءَ ۾ فوڊ آرڊيننس جي خلاف ورزي ڪئي آهي، ڇونه تنھنجي خلاف قانون جي ڀڃڪڙي جي ڏوهه ۾ قانون مطابق ڪاروائي ڪئي وڃي.
فوڊ آرڊيننس تحت مھمان کي ڪنھن دعوت ۾ هڪ کان وڌيڪ ڊشز کارائڻ قانون جي خلاف ورزي تصور ڪئي وئي هئي. مون ان جي جواب ۾ لکيو ته مان فوڊ آرڊيننس جي ڪابه خلاف ورزي ڪانه ڪئي آهي، اهو منھنجي مٿان ڪوڙو الزام آهي. مان انھيءَ خاطر اهي ماڻھو پيش ڪري سگھان ٿو، جيڪي ان ڇٺي جي فنڪشن ۾ مھمان طور آيل هيا. سڀ کان پھريان مسٽر نظر محمد شيخ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج لاڙڪاڻو پنھنجي سرڪاري پيڊ تي لکي ڏنو ته مان خود انھي ڇٺي واري فنڪشن ۾ مھمان طور مدعو ٿيل هيس. مون ڪابه فوڊ آرڊيننس جي خلاف ورزي ڪانه ڏٺي ۽ اهو غلط الزام هنيو ويو آهي محمد جمن ڄامڙو تي. اهڙيءَ طرح ڪجھه ٻيا به دوست جيڪي ڇٺي جي فنڪشن ۾ آيل هيا، انھن سڀني لکي ڏنو ته ڇٺي جي موقعي تي ڪابه فوڊ آرڊيننس جي خلاف ورزي ڪانه هئي.
ڪمشنر لاڙڪاڻو مسٽر ڪي بي رند صاحب پنھنجي قانوني تقاضائن کي پورو ڪرڻ خاطر مختلف ماڻھن کان پڇاڳاڇا ڪئي، جتان تقريباً سڀني هڪئي ڳالھه ڪئي ته پٽ جي ڇٺي جي موقعي تي اسان کي فوڊآرڊيننس جي ڪابه خلاف ورزي ڪيل نظر نه آئي.
انھي دوران نئين جنرل اليڪشن ٿي ۽ پوري ملڪ ۾ پ پ پ کي سوڀ نصيب ٿي ۽ ڊسمبر 1988ع جي پھرئين هفتي ۾ بي بي صاحبه پھرين مسلم خاتون بطور وزير اعظم حلف کنيو. سنڌ ۾ سيد قائم علي شاهه جيلاني وزير اعلي مقرر ٿيو. 1988ع جي جنرل اليڪشن ۾ وڏا وڏا گادي نشين ۽ ڊنگ زميندار عام ماڻھن جي مقابلي ۾ هارائي ويا ۽ گھڻن جون ته ضمانتون به ضبط ٿي ويون.
31 ڊسمبر 1988ع تي مرحوم محمد يعقوب عارفاڻي ابراهيم حيدري واري چند دوستن جي مڇي پڪڙڻ واري لانچ ۾ مڇي کائڻ جي دعوت ڪئي. اسين اٺ نو فيمليز ان لانچ ۾ چڙهي سمنڊ جي ڀرپاسي سان هلندا رهياسين. مڇي پڪڙڻ واري ٽولي به ساڻ هئي تنھنڪري اهي سمنڊ مان مڇيون وٺندا ويا ۽ مڇي کي مختلف قسمن ۾ پچائڻ وارا هيا، جن وڏي مھارت سان مڇيون پچايون . مڇي جي پچائڻ جو انداز بلڪل نرالو ۽ دلڪش هيو. جڏهن شام جو اچي ابراهيم حيدري واپس موٽي آياسين ته ٻه خوشخبريون مليون.
پھرئين خوشخبري ته تنھنجي سسپينشن ختم ۽ توکي ڊپٽي ڪمشنر نوابشاهه مقرر ڪيو ويو آهي.
ٻي خوشخبري اها هئي ته منھنجي ننڍي ڀاءُ صاحب خان کي پٽ ڄائو آهي. جنھنجو نالو جليل احمد رکيو، جيڪو اڄ ڪلھه اسلام آباد ۾ سترهين گريڊ ۾ استاد جي حيثيت ۾ ڪم پيو ڪري.