منهنجو خاندان
الحمدلله مان هڪ هاري جو پٽ آهيان، پنھنجي وڏن کي ايتري زمين هئي، جو ڪنھن ٻئي جو هارپو ڪونه ڪندا هيا ۽ پنھنجي مڇي مانيءَ وارا ۽ وڏن جي اوطاق آباد هئي جيڪا اڄ تائين آباد آهي. اباڻو ڳوٺ گمبٽ شھر کان اولهه طرف اڳڙا روڊ تي 3 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي ڳوٺ حاجي غلام جعفر ڄامڙو جي نالي سان ديھه ڄامڙا ۾ آهي. هتي منهنجو پڙڏاڏو روهڙي تعلقي جي علائقي بڪار مان لڏي آيو. بڪار ۾ اسانجي وڏن جا چار کوه هيا، پر اتان جي سيدن سان ڪنھن اڻبڻت جي ڪري هنن پنھنجو اباڻو ماڳ ڇڏيو. اسانجي پڙ ڏاڏي جو نالو لعل خان هيو ۽ ٻيو انجو ننڍو ڀاءُ ڪمال خان، انھن جي والد جو نالو نالي چڱو عرف شھزور سان مشھور هيو، ڇاڪاڻ ته پاڻ پھلوان هيا جنھن ڪري کيس شھزور سڏيندا هيا.
اسانجو پڙڏاڏو لعل خان ڳوٺ ڄامڙا ۾ اچي آباد ٿيو ۽ سندس ننڍو ڀاءُ اتر طرف ويو، پوءِ خبر ناهي ته گھوٽڪي ضلعي جي ڪھڙي ڳوٺ يا شھر ۾ وڃي آباد ٿيو، انھن جو اسان سان ڪوبه رابطو ناهي. بھرحال اسان جي پڙ ڏاڏي کي چار پٽ ڄاوا، جن جا نالا هيءُ آهن.
صاحب خان، نالي چڱو، سعيد خان ۽ دوست علي عرف دوس
مان صاحب خان جي لڙيءَ مان آهيان . ڏاڏو صاحب خان 1938 ۾ فوت ٿي ويو، پنھنجي آسپاس جي سڀني برادرين سان تمام بھترين دوستي وارا ناتا هيس ۽ وڏي قدر جي نگاه سان ٺاتو سڃاتو ويندو هيو.منھنجو والد ڏاڏي صاحب خان جي ٽئين گھرواري مان هيا. ڇوته انکان اڳ اسانجي ڏاڏي جون ٻئي گھرواريون فوت ٿي ويون هيون ۽ سندس هڪ فرزند به فوت ٿي ويو هيو تنھنڪري ٽئين شادي ڪيائون . منھنجو والد حاجي غلام جعفر تقريباً 115 کان 120 سالن جي درميان واري عمر ۾ سال 2008ع مئي 25 تي اسان کي هميشه لاءِ ڇڏي اصل ماڳ ڏانھن ويا. الله سڀني جي بزرگوارن کي جنت الفردوس عطا ڪري. آمين يارب العالمين. منھنجي والد صاحب کي به پنھنجي تر ۾ وڏي عزت جي نگاه سان ڏٺو ويندو هيو.
منھنجي والد صاحب 2 شاديون ڪيون ۽ الحمدلله ٻارهن پٽ ٿيا. جن مان اٺن پٽن جو اولاد آهي، باقي چار فرزند پنھنجي ننڍپڻ ۾ الله کي پيارا ٿي ويا. پنج نياڻيون ٿيون، جن مان ٻن جي اولاد آهي.
مان پنھنجي ڀائرن ۾ ڇھين نمبر تي آهيان. منھنجي وڏن ڀائرن مان چئن پرائمري تائين تعليم حاصل ڪئي، سڀ کان وڏو ڀاءُ تعليم کان بغير رهيو. مونکان ٻنھي ننڍن ڀائرن پوسٽ گريجوئيشن ڪئي ۽ پاڪستان اسٽيل ۾ جاب شروع ڪيو.
مون پرائمري تعليم ڳوٺ وڏيرو مينھون خان ڄامڙو ۾ حاصل ڪئي، سيڪنڊري تعليم لاءِ گورنمينٽ مراد هاءِ اسڪول گمبٽ ۾ داخل ٿيس. 1970۾ ميٽرڪ پاس ڪيم.
1970ع جي جولاءِ ۾ جيئن ون يونٽ ختم ٿيو ته اسان به مئيٽرڪ پاس ڪئي هئي، تنھنڪري جن به شاگردن سيڪنڊ ڪلاس ۾ ميٽرڪ پاس ڪئي هئي. انهن سڀني شاگردن کي گھر ويٺي ايس وي ٽيچر جا آرڊر اچي مليا. ان لاءِ اسان اپلاءِ به ڪونه ڪيو هيو. بھرڪيف اسان کي ايس وي ٽيچرس ٽريننگ لاءِ خيرپور وڃڻ لاءِ چيو ويو، اسان جي خوشي جي ڪا انتھا ڪانه هئي، ۽ زندگيءَ ۾ پھريون دفعو ريل گاڏيءَ تي چڙهڻ جو موقعو مليو. گمبٽ، کھڙا ۽ ڀرپاسي جا تقريباً ويھارو کن دوست هرروز ريل گاڏي رستي ايندا ويندا هياسين. گمبٽ ريلوي اسٽيشن اسانجي ڳوٺ کان 6 ڪلوميٽر جي فاصلي تي آهي، سو صبح جو سوير، گھران پنڌ نڪري اچي سنگت سان اسٽيشن تي پھچندا هياسين. خيرپور اسٽيشن کان پنج گولو تائين تقريباً ٻن ڪلوميٽرن جو فاصلو پيرين پند ڪري وينداهياسين. يعني ريل گاڏي کان علاوه اسين هرروز اوٽ موٽ سورهن ڪلوميٽر پنڌ ڪنداهياسين. جنھن ۾ ڇھه ڪلوميٽر ڪچو رستو ڳوٺ کان گمبٽ تائين به شامل هيو.