لاڙڪاڻي کي الوداع
ڪراچي ۾ رهڻ لاءِ رهائش جو مسئلو هيو. تنھن ڪري ڪجھه پريشاني ٿي ته هينئر ڪٿي وڃي رهجي؟ محمد صديق ڄامڙو سپرٽينڊنٽ انجنيئر ايريگيشن هيو، انهي پڇيو ته ڪراچي ۾ رهڻ لاءِ ڪو انتظام آهي؟ مون چيو ته في الحال ته ڪوئي ناهي، باقي الله مالڪ آهي، جنھن هيستائين آندو آهي اڳتي به اهو بندوبست ڪندو. چيائين دادا ڀائي وارن جو هڪ پروجيڪٽ العائشه منزل جي نالي سان گزري ۾ منھنجو ٻن ڪمرن وارو فليٽ بڪ ٿيل آهي ۽ مون قسطون سڀ ادا ڪري ڇڏيون آهن، باقي شايد انھن جون يوٽلٽيز جي مد ۾ ڪجھه رهتون هونديون. پروجيڪٽ تيار آهي، پزيشن ورتي ناهي، جيڪڏهن تون چاهين ته انھي فليٽ جي پزيشن وٺي ۽ جيڪا ٿوري گھڻي بقايا آهي اها ادا ڪري ۽ تون وڃي ره. پزيشن وٺڻ لاءِ مان توکي اٿارٽي ليٽر ۽ پنھنجي شناختي ڪارڊ جي فوٽو ڪاپي ڏيان ٿو. مون چيو ته انڌو هڪ اک گھري مونکي ٻئي اکيون ٿيون ملن، مون مرحوم محمد صديق جي آفر قبول ڪئي.
ڪراچي پھچي داداڀائي وارن جي آفيس ويم، جيڪا ان وقت بلوچ ڪالوني واري چوڪ تي شارع فيصل تي هئي. مون وڃي پڇا ڪئي ته هي فليٽ بڪ ٿيل آهي، جنھن جي پزيشن وٺڻ لاءِ آيو آهيان. انھن کي مون پزيشن وٺڻ لاءِ اٿارٽي ليٽر ڏنو. انھن مونکي ويھڻ لاءِ چيو مان اتي ٿوري دير ترسمِ ته فائيل ڪڍي آيا، جنھن ۾ قسطون سڀ ادا ٿيل هيون سواءِ هڪ قسط جي جيڪا ڇھه هزار روپين جي لڳ ڀڳ هئي. انھيءَ سان گڏ يوٽلٽيز سڀ ملائي تقريباً ڏهه ٻارهن هزار روپيه جو بل ٺاهي ڏنن، جيڪو مان ادا ڪيو. انھي کان پوءِ داداڀائي جي ڪمپني جو ماڻھو ساڻ هليو ۽ فرسٽ فلور تي ٻن ڪمرن وارو فليٽ جي چاٻي وغيره ڏئي فليٽ منھنجي حوالي ڪيو.مون فليٽ وٺي صفائي وغيره لاءِ اتي موجود چوڪيدار کي چيو، جنھن ٻه ٽي مزدور آڻي فليٽ کي ڌوئي صاف ڪري ڏنو. هاڻي رهڻ لاءِ نرسري وڃي ٻه پلنگ ۽ هڪ صوفه سيٽ آڻي رهڻ جھڙو بڻائي ٻارن کي ڳوٺ مان وٺي آيس.
هفتي اڌ کان پوءِ علي اڪبر سيال آيو جيڪو انوقت فيڊرل ڊرگ انسپيڪٽر هيو ۽ چيائين ته سائين دروازي جي ٻاهران گرل ضرور لڳرايو، هيءُ ڪراچي آهي. مون چيس ته سائين الله مالڪ آهي اسان فقيرن کي ڪھڙو خطرو؟ چيائين نه سائين اهو تمام ضروري اٿو. مون چيو ته خير ان ڳالھه کي پوءِ ڏسنداسين. علي اڪبر کي مذاق ۾ چيو ته يار جيترو هي سمورو فليٽ آهي، اوترو ته لاڙڪاڻو ڊي سي هائوس جي باٿ روم ۽ انجو گارڊ روم هيو. سيال صاحب چيو ڀائو هيءُ ڪراچي آهي بس مڙئي مٿي ڇانو هجي. مون چيو ته الحمدلله اهو منھنجي مالڪ سائين جو ڪرم آهي، جتي به رکيو اٿس پنھنجو ڪرم ۽ قرب منھنجي مٿان هميشه رکيو اٿس ۽ اڳتي به الله سائين بھتر ڪندو.
ٻن ڏينھن کان پوءِ علي اڪبر سيال صاحب آيو، ساڻ هڪ همراهه به هيس، چيائين ڄامڙو صاحب توکي ڪراچي جي حالتن جي خبر ناهي، تنھن ڪري گرل نٿو هڻائين. مان هي همراهه وٺي آيو آهيان جيڪو هن مين انٽرنس جي دروازي جي ٻاهران ماپ وٺي ۽گرل ٺاهيندو ۽ مون هن کي رقم ادا ڪري ڇڏي آهي ٻن يا ٽن ڏينھن ۾ گرل ٺاهي اچي فٽ ڪندو. مون کائنس پئسن بابت پڇيو ته گھڻا ڏنا اٿو ۽ مان توهان کي پئسه ڏيان، چيائين ته هر گز نه، هي منھنجي طرفان گفٽ آهي.
هفتي کان پوءِ منھنجو وڃڻ سکر ٿيو، اتي مير مٺل مغيري شھدادڪوٽ وارو مليو. ماني گڏ کاڌي انھي کان پوءِ پڇيائين ته ڇا ٿيو مون کيس ٻڌايو ته في الحال رپورٽ ڪري آيو آهيان. بھرحال جڏهن موڪلائڻ جو وقت آيو ته مونکي چيائين ته اسين هلون ٿا، پر اڳ ۾ مان توهان کي گاڏي تائين ڇڏي اچان، مون گھڻو گسائڻ جي ڪوشش ڪئي پر آخرڪار زور ڀرڻ تي مون کيس ٻڌايو ته مون وٽ گاڏي ڪانھي، دوست اڳتي ويل آهي اهو ايندو ته مان ان سان گاڏي تي چڙهي ويندس، تنھن ڪري توهان وڃو. چيائين ته سائين توهان اسان جا ڊي سي رهيا آهيو ۽ مان ايئن وڃان.