سپاهيءَ کان وفاقي سيڪريٽري تائين
پنهنجي آتم ڪهاڻي لکڻ جو خاص مقصد به اهوئي هوندو آهي ته پويان ايندڙ نسل کي انهن حقيقتن کان واقف ڪجي، جيڪي هن کي ڪنهن به درسي يا ٻئي ڪتاب ۾ نه ملنديون. اها اهڙي ڄاڻ آهي جيڪا ڪنهن به انسان کي زندگيءَ جي مختلف پهلوئن جي اهڙي جهلڪ مهيا ڪري ٿي، جيڪا ايندڙ نسل لاءِ وڏي اهميت واري هوندي.
هن ڪتاب ۾ به اهڙي قسم جي معلومات ٻن نڪتن تي بيٺل نظر ايندي، هڪ ته ان انسان جي همت جي سطح تي هن ڪهڙيءَ ريت سپاهي کان ويندي وفاقي سيڪريٽريءَ تائين رتبو ماڻيو ۽ سول سروس جي معراج تي وڃي پهتو. اهو پنهنجي جاءِ تي هڪ وڏو نڪتو آهي، جيڪو هر محنت ڪرڻ واري لاءِ وڏي مشعل راهه بڻجي سگهي ٿو. ڪوبه انسان ڀل ڪهڙي به حيثيت وارو هجي، ان کي ڪتاب جو نالو پڙهڻ سان ئي پنهنجي اندر مان ضرور هڪ آواز ايندي محسوس ٿيندو ته واهه جو ماڻهو آهي، جيڪو پنهنجي جستجو ۾ ذرو به پٺتي نه هٽيو ۽ هڪ ننڍڙي عهدي يعني سپاهيءَ کان ويندي وفاقي سيڪريٽري تائين وڃي پهتو. اهو تمام وڏو نڪتو آهي، جيڪو اندرين مواد کان به وڌيڪ اهم آهي.
ٻيو جيڪي به سول سروس وارا آفيسر يا اميدوار هوندا، اهي ضرور به ان ڪتاب کي پڙهندا، ڇوته ان جو عنوان ئي اهڙي قسم جو آهي. انهن ۽ ٻين اهڙي قسم جي اميدوارن لاءِ اتساهه پيدا ڪرڻ لاءِ اهو هڪ قسم جو وڏو پيغام آهي، يعني جيڪڏهن ڪوبه انسان سپاهيءَ کان وڃي سيڪريٽري تائين پهچي ٿو ته ان جو مطلب آهي ڪوبه ٻيو انسان سخت محنت ڪندي والدين جون دعائون ۽ الله جي رهبريءَ سان ان منزل تي پهچي سگهي ٿو.
ڪتاب جو ٻيو اندريون مواد هڪ عملي زندگيءَ جي جهلڪ آهي، جيڪا پنهنجي جاءِ تي تمام گهڻي اهميت واري آهي، ڇوته ان ۾ اهڙا ته پهلو بيان ڪيل آهن، جيڪي هڪ ٻئي کان بنهه مختلف آهن ۽ اهي سماجي زندگيءَ ۾ فقط ان کي نظر ايندا آهن جنهن جي اندرين اک بيدار هوندي آهي.
انهن عنوانن جي ان ڪري به اهميت سمجهڻ گهرجي ته اهي معاشري جي گرمي پد ماپڻ جو هڪ انمول طريقو آهن، ۽ انهن مان معاشري جي نه رڳو صحت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو پر ان مان ڪافي مطلب ڪڍي سگهجن ٿا.
جيڪڏهن عنوانن کي ڏسجي ته اهي زندگيءَ جي وهنوار جو هڪ مربوط نمونو پيش ڪن ٿا، هڪ ٻئي کان ان ڪري مختلف آهن جو ان ۾ حقيقت مختلف بيان ٿيل آهي، پر ان جو ڇيڙو هڪ ئي سوچ سان ملي ٿو، جيڪي معاشري کي ان حالت ۾ رکي هلائڻ جا ذميوار آهن، نه ته ڪاڏي مير هزار خان بجاراڻيءَ جي طبيعت جو انداز، ڪاڏي سرجان جيڪب جو گهڙيال ٺاهي پاڻ کي جيڪب آباد ۾ دفن ڪرائڻ ۽ ڪاڏي وري سائين جي ايم سيد جو شڪارپور جو دورو ۽ اتي وڃي حاجي مولا بخش سومري جي دعوت ۾ حاضري ۽ ڪاڏي وري سنڌ ۾ سيدن جو اتحاد.
وري اچو بلوچستان جي حالتن تي، سائين انهن سان به انصاف ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي آهي. بلوچستان ۾ اقربا پروري ۽ ڪرپشن جا مثال ۽ ڪيڏانهن وري مڪران ۽ خضدار جي ماڻهن جي طبيعت ۾ فرق سمجهائڻ خاطر جيڪي ڳالهيون ۽ نڪتا بيان ڪيا اٿس، اهي ائين ئي آهن جيئن ڪوبه سمجهدار انسان محسوس ڪري. اها عميق نظري (Insight Fines) هر هڪ وٽ ڪونهي. ان ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته پيپلز پارٽي جي 2008ع کان 2013ع واري دور ۾ بلوچستان ۾ ڪرپشن تمام گهڻي ٿي ۽ ان کانپوءِ جيڪي ڪرپشن جا قصا ٽيليويزن ذريعي تمام ٿيا، اهي به ڪي گهٽ سطح جا نه هئا. اسانجي همراهن سنڌ ۽ بلوچستان کي چڱيءَ طرح سڃاتو آهي.
سائين جمن صاحب پاڪستان سيڪريٽريٽ جا قصا به چڱيءَ طرح وائکا ڪيا آهن. انهن ۾ مختلف صوبن جي ماڻهن جو تناسب ۽ رويا ايمانداريءَ سان کولي واضح ڪيا اٿس ۽ اهو به ٻڌايو اٿائين ته زرداريءَ جي دور ۾ سنڌي ننڌڻڪا هئا. ان ۾ ته ڪوبه شڪ نه آهي ته اهي اڳ ۾ به ننڌڻڪا رهندا آيا هئا، فرق صرف ايترو هوندو آهي جو زرداريءَ کان سنڌ جي وفاق ۾ ويٺل آفيسرن جون اميدون پوريون نه ٿي سگهيون، ڇوته هو ائين ڪرڻ جي قابل ئي نه آهي.
سائين جو وهاڙيءَ ۾ منهاس فارم جو دورو ۽ ان متعلق معلومات به ڪا گهٽ اهميت جي حامل نه آهي، اتي کير وارن جي معاملن کان ويندي ڪميونٽي سسٽم جي ڳالهه به گهڻي ڪم واري آهي. ساڳئي وقت ملتان جي ميئر جي باري ۾ جيڪي ڳالهيون ڏنل آهن، اهي به اڄوڪي دور جون اهم شيون آهن. جمن صاحب جن جو يوسف رضا گيلانيءَ سان ملتان جو دورو ڏاڍو وڻندڙ آهي ۽ جنرل مشرف جو سرٽيفڪيٽ ورهائڻ ۽ طريقه ڪار استعمال ڪرڻ ٻڌائي ٿو ته طريقا اهي ئي آهن يعني انگريزن وارا پر شڪليون تبديل ٿي ويون آهن.
سائين ڏاڍيون مزيدار ڳالهيون لکيون آهن، ۽ پنجاب جي بيورو ڪريسيءَ کي به وائکو ڪيو اٿائين ته اها حقيقت ۾ گهڻائي جي ڪري رعب ۽ دٻدٻي سان آهي، نه ته انهن جو حال به اسانجي عام پڙهيل ماڻهوءَ کان ڪو سٺو ڪونهي. سائين هڪ پراجيڪٽ جي ان سلسلي ۾ ڳالهه ڪئي آهي، يعني يوسف رضا گيلاني صاحب اُچ شريف کي ڳنڍڻ لاءِ هڪ پل پئي ٺهرائي پر پنجاب وارن پلاننگ اينڊ ڊيولپمينٽ جي آفيسرن کي اها به خبر نه هئي ته آيا اِها پل سنڌو درياهه تي ٺهندي يا ستلج نديءَ تي.
سائين ڪائونسل آف ڪامن انٽريسٽ جي نوڪري دوران هڪ ٻيو اهڙوئي مثال پيش ڪيو آهي، جنهن ۾ سائين ٻڌائي ٿو ته ڪو گجرات جو ڀٽي جيڪو پاڻ کي نواز شريف جو پي اي پيو سڏرائي، اهو سائين وٽ آيو ڪلرڪي مان ماستريءَ جو ڪيڊر بدلرائڻ ته سائين هن کي سڌي ڳالهه ٻڌائي ته اها شئي نه ٿي سگهندي، جنهن تي هن وڃي چيو ته جيڪڏهن تنهنجو پنهنجو سنڌي هجي ها ته ضرور هن کي ڪيڊر بدلائي ڏئين ها. جنهن تي سائين هن کي هلڪي دٻ پٽي ۽ ڳالهه ڦيرائي هن کان ڊگري پڇيائين ۽ پڇيائينس ته ليه ضلعو ڪٿي آهي؟ جتي هينئر تازو بس ڪلٽي ٿي آهي. ان تي هن چيو ته اهو سنڌ يا بلوچستان ۾ هوندو، ۽ اهو به چيائين ته هو ايم اي (اڪانامڪس) ۾ پاس ٿيل هيو. پوءِ سائين وري هن کي اهڙي ڳالهه تي ڇنڊ پٽي ۽ چيائينس ته بدنام ته سنڌي آهن، پر توهان جو ڪهڙو حال آهي؟ اهڙيون ننڍڙيون پر وڻندڙ ڳالهيون ۽ اهڙي طريقي سان سائين کان سواءِ ٻيو ڪوبه نٿو ڪري سگهي.
وري وٺو سائين جي هڪ ٻي ڳالهه، اها آهي لياقت جتوئيءَ جي چيف منسٽريءَ ۾ ايم ڪيو ايم وارن جا مزا، ان ۾ ته ڪوبه شڪ نه آهي ته سنڌ ۾ پيپلز پارٽيءَ کانسواءِ ٻيو جيڪو به چيف منسٽر هوندو آهي اهو ايم ڪيو ايم جو ڏيجو هوندو آهي، ۽ انهن کي ئي اهميت ڏيندو آهي، ڇوته هڪ ته پنهنجن کي ڪجهه به نه سمجهندو آهي، ٻيو اهي ويچارا اوستائين پهچ به گهٽ رکندا آهن، ٽيون اهڙن چيف منسٽرن وٽ سنڌ جي ترقيءَ لاءِ ڪوبه پروگرام ۽ بصيرت نه هوندي آهي.
ايم ڪيو ايم وارن لياقت جتوئي صاحب کي خوب استعمال ڪيو. هن جي ذريعي ڪافي ڪم ڪرايائون. ان وقت ۾ هنن جي هزارين ڪارڪنن کي اين آر او (NRO) مليو، ۽ هو جيلن مان ڪڍيا ويا. اهڙيون پيرائتيون ۽ تفصيلي ڳالهيون فقط سائين جي ڪتاب ۾ ملنديون ۽ ان پوري انفارميشن کي بهتر طريقي سان پيش ڪيو ويو آهي.
هيءُ ڪتاب ته هڪ چڱو خاصو ڄاڻ جو ذخيرو آهي، جنهن ۾ هر عنوان مختلف آهي، وري اچو ٿرپارڪر تي، جنهن جي لاءِ سائين ان کي سنڌ جو خزانو ڪوٺيو آهي، ان ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته اهو واقعي خزانو آهي، پر ڪنهن جي لاءِ؟ اهو هڪ وڏو سوال آهي، ڇوته اهڙين شين مان اسين فائدو وٺي نه ڄاڻون، ڇوته هڪ ته اسان وٽ ان جي لاءِ هنرمند ماڻهن جي کوٽ، ٻيو حڪومت جي نيت خراب ۽ ٽيون شڪارين جون نظرون.
سائين ٿرپارڪر جي جانورن لاءِ به هڪ عجيب ڳالهه لکي آهي ته جڏهن ڪوبه هتان جو همراهه انهن کي پڪڙڻ جي ڪوشش ڪندو هو ته اهي جانور هندوستان جو بارڊر ٽپي (ڇوته اڳ ۾ بارڊر تي تار لڳل نه هوندي هئي) آهستي آهستي هلڻ شروع ڪري ڏيندا هئا، يعني جانورن کي به خبر هئي ته اُتان وارا ماڻهو انهن کي پڪڙڻ لاءِ ڪا چڱي نيت ڪونه ٿا رکن.
سائينءَ جي ڪتاب ۾ ٻه چڱيون ڳالهيون لکيل آهن، هڪ جو واسطو سائين سان آهي، جڏهن هن لاهور ۾ ٽريننگ جي دوران جنرل صاحب کي جواب ڏئي سمجهايو ته سنڌي جاهل ۽ بزدل نه آهن. جنهن تي جنرل کي سنڌين بابت پنهنجا لفظ واپس وٺڻا پيا ۽ اها هڪ اڻ ٿيڻي ڳالهه هئي پر سائين جي همت جي ڪري اها هڪ بهترين ڳالهه ٿي ۽ سڀني ٽريننگ ڪندڙن کي چڱي ريت معلوم ٿي. اِهي اُهي آهن ڳالهيون جيڪي اسان کي ڪنهن به تدريسي ڪتاب ۾ نه ملنديون، اهڙيون شيون فقط سوانح جهڙن ڪتابن جي زينت هونديون آهن، جن مان سائينءَ جو ڪتاب هڪ بهترين انداز ۾ لکيل آهي ۽ اهو چڱي طرح پيغام پهچائي ٿو.
ٻيو قصو آهي چوڌري منور جو، جيڪو هڪ سک نالي گرو جو اڪيلو پٽ هو. اهو سک پاڪستان قائم ٿيڻ کان ٿورو اڳ ۾ مسلمان ٿيو ۽ پنهنجو نالو غلام رسول رکيو هئائين، جنهن اتان جي مسلمان عورت سان شادي ڪئي ۽ ان مان هن کي چوڌري منور ڄائو. اصل ڳالهه ان جي موت کانپوءِ شروع ٿي. هن کي 1300 ايڪڙ زمين هئي، جنهن تي هڪ زميندار جي نظر هئي، اهو هيو ڊوگر. ان غلام رسول جي مرڻ کانپوءِ زمين ڦٻائڻ جي نيت سان سندس بيواهه ڏانهن شاديءَ جو پيغام موڪليو، جيڪو رد ڪيو ويو. ائين ڪرڻ کانپوءِ هن اچي سندس صغير پٽ منور کي ڪوڙي قتل جي ڪيس ۾ ڦاسايو، جتان هو جلدي آزاد ٿي ويو، ڇوته هن جي عمر ننڍي هئي، وري وڏي ٿيڻ کانپوءِ هن کي هڪ ٻئي قتل جي ڪيس ۾ ڦاسايو ويو، جنهن جي ڪري هو 13 سال جيل ڪاٽي آزاد ٿيو. ان دوران ڊوگر اليڪشن کٽي ڄاڻي واڻي اويڪيو پراپرٽي واري محڪمي ۾ آيو، جتي اچي هن بدنيتي سان ان مسلمان ٿيل سک جي ملڪيت کي هندن جي ڇڏيل ملڪيت ۾ شامل ڪري اويڪيو ٽرسٽ پراپرٽي بورڊ (ETPB) ۾ شامل ڪرايو، جنهن جي مخالفت ۾ منور ڪيس ڪيو ۽ اهو ڪيس ڪورٽن مان ٿيندو آخر اچي سائين وٽ پهتو. جنهن جي لاءِ منور جي مخالفت ۾ پنجاب جا ٻه منسٽر سائينءَ کي ٽيليفون ڪندا رهيا ۽ پنجن ڪروڙن جي به آفر ٿي، پر سائين فيصلو ان چوڌري منور جي حق ۾ ڪيو، اها هڪ تمام بهترين ڳالهه هئي.
سائين هن ڪتاب ۾ پنهنجي ٻاهرين ملڪن جي دورن جي به ڳالهه ڪئي آهي، خاص طور تي ماسڪو ۽ واشنگٽن جي دورن جي، اتان جون چڱيون خاصيون ڳالهيون ڪيون اٿائين، جيئن اهڙن دورن ۾ ٿيندو آهي ته نالي واريون جايون گهمبيون آهن، اتي سائين غلطيءَ سان ماسڪو ۾ سردي دوران هڪ سفيد پاڻيءَ وانگر ڪا شئي پيتي، جيڪا بعد ۾ پتو پيو ته ماسڪو برانڊي هئي. جنهن ٿڌ جو اثر ختم ڪري ڇڏيو ۽ لينن گراڊ ۽ پيترو گراڊ به سائين جن گهميا ۽ ٻين ماڳن تي پڻ ويا.
واشنگٽن ۾ سائين وري پنهنجي هڪ دوست ممتاز ڀٽي جو تذڪرو ڪيو آهي، جيڪو وڻندڙ آهي، جيڪو سائين کي هوائي اڏي تي وٺڻ آيو هيو، بعد ۾ هنن گڏجي ماني کاڌي، جنهن جو بندوبست ممتاز ڀٽي جي گهر ۾ هن جي گهرواري ڪيو هيو. ان کان علاوه جيڪي به ڪتاب ۾ عنوان آهن، ڏاڍا وڻندڙ آهن جيڪي چڱيءَ طرح پڙهڻ کپن، ڪتاب معلومات جو خزانو آهي ۽ اهو ڪتاب سڀني کي پڙهڻ گهرجي. ان جي لاءِ ان ڪتاب کي لائبريرين ۽ ٻين جاين تي رکيو وڃي، نه فقط اهو پر مون سائين کي عرض ڪيو هيو ته ان جون ٻه ٽي سؤ ڪاپيون ائين دوستن کي ۽ ٻين سنڌين کي ورهائي ڏي. سائين کي اهڙي زندگي جي ڪهاڻي لکڻ تي مبارڪباد پيش ڪيان ٿو.
مون کي هڪ ٻيو نڪتو ياد آيو، جنهن جو واسطو ڪتاب جي عنوان ”صوبيدار ۽ تپيدار جي بدلي نه ٿيندي“، اهي ٻئي شخصيتون اسانجي معاشري ۾ ڏاڍيون طاقتور آهن ڇوته سڀئي سياستدان انهن ٻنهي کي استعمال ڪندا آهن، ڇوته ملڪ ۾ حڪومتون عوامي ۽ حقيقي نه هونديون آهن، ان ڪري اهي ٻئي شخص هن دور ۾ به پاڪستان ۾ طاقتور آهن. اهڙي شئي کي هاڻي تبديل ٿيڻ گهرجي.“
انجنيئر مومن علي شاهه
خانپور، ضلعو شڪارپور
03335181385