صديق الفاروق کي سنڌي آفيسر نه کپي
مون کي چيائين ته جيڪا توکي واچ پاتل آهي اها گھڻي جي آهي؟ مون چيو ته ڇا مان اها گھڙي وٺڻ افورڊ نٿو ڪري سگھان؟ چيائين ته نه بس مون ايئن پڇيو. مون چيو ته توهان کي اها گھڙي جي پڇڻ جي ضرورت ڇو پيش آئي؟ تو ڇا سمجھيو آهي ته ڪا مان رشوت مان ورتي آهي؟ چيائين نه توهان ته خوام خواه ناراض ٿا ٿيو. مون چيو ته چوڌري صاحب موڪليو آهي انھي لاءِ توهان ڇاٿا چئو؟ چيائين ته هن وقت پوسٽ خالي ناهي، باقي سي وي ڏئي وڃ، پوءِ جڏهن ٿيندي ته پوءِ مان ڏسندس. مون چيو ته توهان جي مھرباني مان هلان ٿو. مان واپس وڃي آفيس پھتس.
ٿورن ڏينھن کان پوءِ مرڪزي سرڪار نوٽيفڪيشن جاري ڪندي ويھين گريڊ جي حيثيت ۾ سنڌ سرڪار جي ڊسپوزل تي رکي ڇڏيو. تقريباً ٻه مھينا گذري ويا، سنڌ سرڪار ويھين گريڊ جي پوسٽنگ لاءِ ڪوئي آرڊر جاري ڪونه ڪيا. هڪ ڏينھن شام جو بي ايڇ قريشي صاحب مليو، ايئن حال احوال ٿيا ۽ پڇيائين ته پوسٽنگ ڪٿي ٿي آهي؟ مون ٻڌايو ته ٻه ٽي دفعا چيف سيڪريٽري مسٽر سالڪ نذير صاحب سان مليو آهيان ۽ اميد ته جلد پوسٽنگ ٿي ويندي. قريشي صاحب انوقت چيئرمين ايڪسپورٽ پروسيسنگ زون اٿارٽي هيا، مونکي چيائون ته جيڪڏهن تون مون وٽ اچڻ چاهين ته مون وٽ هينئر ڊائريڪٽر فنانس جي پوسٽ خالي آهي. مون چيو ته مونکي ڪوئي اعتراض ناهي. جنوري 1999ع جي پھرئين هفتي ۾ منھنجو پوسٽنگ آرڊر نڪتو، ڊائريڪٽر فنانس اي پي زيد اي، لانڍي، ڪراچي. ٻئي ڏينھن تي سنڌ سرڪار پوسٽنگ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ڊائريڪٽر جنرل ڪلچر. مون سنڌ گورنمينٽ گريڊ ايڪچيوئلائز ڪرڻ خاطر جوائن ڪيو، ۽ انھيءَ کان پوءِ ايپزا وڃي جوائن ڪيو.
ايپزا (EPZA) منھنجي لاءِ هڪ نئون ضرور هيو پر دلچسپ به پڻ هيو. ايپزا ۾ جيڪي به فيڪٽريون ڪم ڪن پيون، انھن کي جيڪي ٽيڪسز پاڪستان ۾ آهن، اهي سڀ انھن ٽيڪسز کان معاف قرار ڏنل علائقو آهي. ٽيڪس فري زون آهي انھن فيڪٽرن جو مال جيڪڏهن زون کان ٻاهر شھر ڪراچي يا پاڪستان جي ڪنھن به علائقي ۾ وڪامجندو ته پوءِ سڀ ڪسٽم ڊيوٽيز ادا ڪرڻيون هونديون. باقي جيڪڏهن ايڪسپورٽ ڪندو ته انھي لاءِ ڪنھن به قسم جي ٽيڪس ڏيڻي ناهي.
تقريباً چار پنج مھينا گذريا ته چيئرمين اي او بي آءِ مسٽر برڪت الله شيخ ڪنھن ڊنر تي مليو. شيخ صاحب سان منھنجي پراڻي نيازمندي آهي، تنھنڪري منھنجو ڪافي خيال رکندو آهي. مونکي چيائين ته مون ته توکي عرش تي پئي ڳولھيو تون ته مونکي فرش تي ملي ويو آهين. چيائين ته مان فيصلو ڪيو آهي ۽ تنھنجي پڇڻ کان بغير مون منسٽري ليبر اينڊ مين پاور کي ليٽر لکي تنھنجي لاءِ پاڻ وٽ ڊائريڪٽر جنرل فنانس اينڊ انويسٽمينٽ لاءِ گھر ڪئي آهي. ڇو ته موجوده ڊي جي ٿورن ڏينھن ۾ رٽائر پيو ٿئي. مون چيو ته مان جتي هينئر آهيان، اتي خوش آهيان.
بھرحال ايپزا ۾ قريشي صاحب ڪافي محنت ڪري نوان يونٽ کولڻ جي ڪوشش ڪئي، جنھن ۾ ڪي پي ڪي ۾ نوشھرو وٽ، سمبڙيال سيالڪوٽ جي ڀرسان ۽ گوادر ۾ هڪ يونٽ جي پلاننگ شروع ڪري ڏني. انھيءَ سان گڏ ڪراچي جي زون کي وڌيڪ ايراضي ڏيارڻ لاءِ سنڌ گورنمينٽ سان لهه وچڙ شروع ڪئي. نوشھرو ۽ سنڀڙيال زون ۾ ڪم شروع ٿي ويو، باقي گوادر جو زون اڃان ابتدائي مرحلي ۾ هيو. تقريباً 1999ع آگسٽ ۾ منھنجي جاءِ تي ڊائريڪٽر فنانس ٻيو پوسٽ ٿيو ۽ منھنجي لاءِ ڪوئي آرڊر ڪونه هيو ته ڪٿي وڃڻو آهي. مون اسٽيبلشمينٽ جي ايس او کي فون ڪيو ته هي ڇا هي؟ منھنجي جاءِ تي پوسٽنگ ڪري ڇڏيو اٿو ۽ منھنجي لاءِ ڪو آرڊر ڪونه ڪڍيو اٿو. چيائين ته توهانجي سمري اي او بي آءِ لاءِ پي ايم صاحب منظور ڪري موڪلي آهي ۽ توهان جو نوٽيفڪيشن سيڪريٽري اسٽيبلشمينٽ وٽ پيل آهي، جنهن جي منظوري خاطر وئي آهي. باقي نوٽيفڪيشن هفتي کان پوءِ نڪرندو، ڇوته جنھن جي جاءِ تي توهان وڃو ٿا اهو هفتي ۾ رٽائر پيو ٿئي، انھيءَ ڪري نوٽيفڪيشن ۾ ڪجھه دير آهي. مون چيو ته پوءِ منھنجي جاءِ تي جنھن کي موڪليو اٿو ته انکي به هفتي کان پوءِ پوسٽ ڪيو ها. چيائين ته اهو پروپوزل اهڙيءَ طرح سان موڪليو هيو، پر جيڪو توهانجي جاءِ تي پوسٽ ٿيو آهي، اهو وڃي سيڪريٽري محمد افضل ڪھوٽ صاحب سان مليو ۽ اسان کي انٽرڪام تي حڪم مليو ته ان جي نوٽيفڪيشن جاري ڪيو. مون پڇيو ته ڇا انجي پوسٽنگ پي ايم صاحب منظور ڪئي آهي؟ چيائين ته نه! باقي انجي پوسٽنگ جي پوسٽ فيڪٽو منظوري لاءِ سمري ٺاهي تيار ڪئي آهي. مونکي چيائين ته اربع خميس تي مون سان ڳالھائجائين ۽ فيڪس نمبر موڪلجائين ته جيئن توکي نوٽيفڪيشن فيڪس ڪيان. مان خميس جي ڏينھن انڪم ٽيڪس بلڊنگ ۾ وڃي اتان ميمڻ صاحب جي آفيس مان فون ڪيو ۽ اتان جو فيڪس نمبر موڪلڻ جو ارادو ڪيو.
جڏهن مون فون ڪيو ته ايس او صاحب هڪدم رڙ ڪندي چيو ته يار تو ايترو وڏو جيڪ هنيو، جو اسان کي ڊوڙون پائڻيون پيون. ايتري جلدي ۾ اسان ڪڏهن به ڪھوٽ صاحب کي ناهي ڏٺو جيترو تنھنجي نوٽيفڪيشن لاءِ هيو. چيائين ته اسان آفيس مان نڪرڻ وارا هياسين ته حڪم پھتو ته محمد جمن ڄامڙو جون سروسز سنڌ سرڪار جي حوالي ڪرڻ جي نوٽيفڪيشن جاري ڪيو. مون چيو ته مونکي انھي جي ڪابه خبر ناهي. مان اچرج پئجي ويس ته منھنجي ڪنھن سنڌ ۾ ٽرانسفر ڪرائي، ڇو ته مون ڪنھن کي به نه چيو هيو نه وري ڪو ارادو هيو. بھرحال مان سنڌ سيڪريٽريٽ ويس ۽ ايس اينڊ جي اي ڊي مان پڇا ڪئي ته ڇا منھنجو ڪو نوٽيفڪيشن آيو آهي؟ خبر پئي ته ٻه ڏينھن اڳ تنھنجو نوٽيفڪيشن آيو آهي. مون پڇيو ته ڇا هتان منھنجي لاءِ ڪو ليٽر وغيره ويو هيو؟ چيائون ته نه سنڌ سرڪار جي طرفان ڪوبه اهڙو ليٽر ڪونه ويو آهي. سيپٽمبر 1999ع ۾ سنڌ سرڪار وٽ اچي رپورٽ ڪيو.
12 آڪٽوبر 1999ع تي جنرل مشرف ملڪ جون واڳون پنھنجي هٿ ۾ ڪري چڪو ۽ نواز شريف جي حڪومت ختم ٿي وئي.
الانتظار اشد من الموت. آخرڪار 1999ع ڊسمبر مھيني جي آخري هفتي ۾ بغير يونيفارم جي انسپيڪٽر جنرل اسٽيمپس بورڊ آف روينيو سنڌ منھنجي پوسٽنگ ٿي. اتي ڪو خاص ڪم ڪونه هوندو هيو، روينيو ڪليڪشن ڊسٽرڪٽ خزانه دفتر جي معرفت اسٽيم پيپر جي وڪامڻ سان ٿيندي هئي. ٻيو ويليوئيشن ٽيبل ٻئين ٽئين سال روائيز ڪبي هئي، فنانس ڊپارٽمينٽ جي مشوري مطابق. آفيس بورڊ آف روينيو ڪراچي واري بلڊنگ ۾ هئي.
شايد اسان جي گھڻن دوستن کي خبر نه هجي ته انگريز بادشاهه جڏهن سنڌ تي قبضو ڪيو ته جيڪا پھرين بلڊنگ ڪراچي شھر ۾ تعمير ٿي، جيڪا شروع ۾ گورنر جي رهائشگاه ۽ دفتر هئي، اها بلڊنگ هينئر بورڊ آف روينيو ڪراچي جي آفيس آهي.
جڏهن مون وڌيڪ پڇا ڪئي ته آخرڪار محمد افضل ڪھوٽ صاحب ايترو اٻھرائي ۾ منھنجي سروس سنڌ سرڪار جي حوالي ڇو ڪئي؟ خبر پئي ته هارون نالي هڪ جوائنٽ سيڪريٽري ڪھوٽ صاحب ڏي ويو ته مونکي اي او آءِ بي ۾ پوسٽ ڪيو. انھي پوسٽ لاءِ پرائيم منسٽر منھنجي پوسٽنگ منظور ڪئي هئي. انھي جي باوجود فوري طور تي چيف سيڪريٽري سنڌ سان ڪھوٽ صاحب فون تي رابطو ڪيو ۽ چيو ته مان جمن ڄامڙو جي سروس سنڌ سرڪار جي حوالي ڪريان ٿو ڪوئي اعتراض ته ڪونھي. سيڪريٽري اسٽيبلشمينٽ کي ڪير جواب ڏئي، تنھن ڪري چيف سيڪريٽري فون تي ها ڪئي ۽ انھيءَ وقت منھنجي ٽرانسفر سنڌ ٿي، انھي کان پوءِ مسٽر هارون کي اي او بي آءِ ۾ پوسٽ ڪيو، جنھن مشرف جي دور ۾ خود ڪشي ڪري ڪراچي ۾ پاڻ کي ختم ڪيو ۽ انھيءَ کان اڳ ليبر منسٽر عمر اصغر به مارجي ويو هيو. الله جي ذات جي هر ڪم ۾ ڪا حڪمت ضرور هوندي آهي. رب ڪائنات مونکي وڏي جوکي کان بچائڻ خاطر مونکي ٿوري دير لاءِ ڏکيائي محسوس ٿي پر جيڪڏهن مان اتي وڃان ها ته شايد مونکي تمام گھڻي ڏکيائي کي منھن ڏسڻو پوي ها. جيڪڏهن مسٽر هارون هڪ سينيئر آفيسر ٿي جيڪڏهن خودڪشي ڪئي ته ضرور هن جي مٿان ڪو اهڙو دٻاءُ هوندو، جيڪو هو ذهني طور برداشت ڪين ڪري سگھيو.
12 آڪٽوبر 1999ع کان جنرل مشرف جو دور جيئن شروع ٿيو تيئن يو پي ۽ سي پي وارن پر ڪڍڻ شروع ڪيا ۽ سنڌ جي اصل رهواسين تي حسب معمول مھرباني ڪرڻ شروع ڪئي. جنرل مشرف جي اقتدار تي قبضو ڪرڻ ۾ ايم آءِ (Military Intelligence) جو وڏو ڪردار هيو ۽ تنھن ڪري ملڪ جي اندر آءِ ايس آءِ کان وڌيڪ ايم آءِ تي ڀاڙيو ويو. ڇو ته نواز شريف جنرل بٽ کي مشرف جي جاءِ تي چيف آف آرمي اسٽاف مقرر ڪيو هيو، جيڪو انوقت آءِ ايس آءِ جو سربراه هيو. مشرف ملڪ کان ٻاهر ويل هيو، ملٽري انٽيليجنس جي معرفت مشرف اقتدار سنڀالڻ ۾ سڀ ڪردار ادا ڪيو.
واجد رانا جو ڀاءُ يا ڪو تمام ويجھو عزيز ملٽري انٽيليجنس ۾ ڪرنل هيو، تنھن ڪري واجد رانا کي 13 آڪٽوبر 1999ع تي سنڌ جي چيف سيڪريٽري جي چارج ڏني وئي. تقريباً ٻن هفتن کان پوءِ زبير قدوائي کي چيف سيڪريٽري سنڌ مقرر ڪيو ويو. جنرل مشرف جي چوڻ تي لسٽون تيار ڪرڻ شروع ڪيائون ته ڪھڙا سنڌي آفيسر آهن، جن مان قوم ۽ ملت کي نقصان پھچندو. رانا واجد ۽ قدوائي صاحب ويھي لسٽون تيار ڪيون ۽ رڪمينڊ ڪري مٿي اسٽيبلشمينٽ موڪليائون ته جيترو جلد ٿي سگھي، اوترو جلد قوم ۽ ملت خاطر اهڙن عناصرن کي ڪڍي ڇڏجي ته جيئن ملڪ ايماندارن ۽ ملڪ جي خيرخواهن تي مشتمل رهي.
جنرل مشرف کي عوام کي خطاب ڪندي اهو چوڻو پيو ته سنڌي نالائق آهن، تنھن ڪري انھن کي اهم پوسٽون نٿيون ڏئي سگھجن.
ٻين گھڻن سنڌي آفيسرن سان گڏ منھنجو نالو به ان لسٽ جي خطرناڪ ۽ نااهل، نالائق ۽ ڪرپٽ ماڻھن ۾ شامل هيو.
مونکي انھيءَ لسٽ جي 2004ع ۾ خبر پئي جڏهن منھنجي پوسٽنگ جوائنٽ سيڪريٽري ڪامرس منسٽري ۾ ٿي. اسٽيبلشمينٽ جي ايس او مونکي ٻڌايو ته اسان سنڌ سرڪار کي لکندا رهياسين ته صرف اهو چوڻ ڪافي ناهي ته هي نالائق ۽ ڪرپٽ آهن، انھن تي ڪيئن چارج شيٽ ڏيون، ثبوت خاطر ڪجھه مواد ڏيو، جيڪو انھيءَ چارج شيٽ سان لڳائڻو پوندو. جن لسٽ ٺاهي موڪلي هئي، انھن پنھنجي طرفان ڪوشش ڪئي پر هٿ ڪجھه ملي ڪونه سگھين، جنھن جي ڪري اهو عمل اتي جو اتي رهجي ويو.
2001ع ۾ جنرل مشرف صدر تارڙ کي گھر ڀيڙو ڪري پوءِ چيف ايگزيڪيوٽو مان صدر پاڪستان ۽ چيف آف آرمي اسٽاف ٿي ويو. 2002ع ۾ ريفرنڊم ذريعي پاڻ کي جنرل ضياءَ وانگر ملڪ جو پنج سال چونڊيل صدر چوڻ لڳو.
عجيب اتفاق آهي ته ون يونٽ جي ختم ٿيڻ ۽ اوڀر پاڪستان کان پوءِ پاڪستان ۾ جيڪي ٻئي مارشلائون لڳيون، اهي ٻئي جنرل مھاجر هيا. جنرل ضياءَ جلندر کان پاڪستان آيو. جنرل مشرف گھڻو ڪري دهلي کان پاڪستان آيو.
ٻنھي سنڌين سان جيڪي ويل ڪيا، اهي ڪنھن کان ڍڪيل ۽ ڇپيل ناهن.
2002ع جي جنرل اليڪشن کان ڪجھه ڏينھن اڳ منھنجي ٿرپاڪر ڊي سي او پوسٽنگ ٿي، جو سرهندي صاحب رٽائر ٿيو. اليڪشن جون تياريون اڳئي ٿيل هيون، تنھنڪري مونکي ڪنھن به قسم جي ڏکيائي پيش ڪانه آئي. جنرل اليڪشن جڊيشري جي ماتحت ٿيون، اسان جو صرف اهو ڪم هيو ته ٽرانسپورٽ وغيره ۽ ٻيو انتظامي لحاظ سان واسطو رکندڙ ڪم ڪار، ان ۾ اسان جو رول هيو.
الحمدلله، خير خوبي سان اليڪشن ٿي وئي، ڪوبه ناخوشگوار واقعو پيش ڪونه آيو.