ڪتاب جو نالو: جيءَ اندر جھاتي
مصنف: الطاف شيخ
ڇپائيندڙ: ڪاڇو پبليڪيشن ڪراچي، سنڌ
ڪيٽيگري: الطاف شيخ ڪارنر
شايع ٿيڻ جو سال: 2018
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: خميس، 17 جنوري 2019 ع
پڙهيو ويو: 1544 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 537 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
الطاف شيخ جي سفر نامن جي شروعات به سنڌ آھي ته پڄاڻي به سنڌ آھي. ڏورانھين ڏيهن ۾ پنھنجن سنڌي سٻاجھڙن کي ڳولهي لھڻ ۽ انهن تي لکڻ اھا ڪا ننڍي ڳالھ ناھي. هن ڪتاب ۾ الطاف شيخ تاريخي مضمون لکيا آهن. جيئن : مغل حرم سراءِ جون عورتون، جتي دجله ۽ فرات ڇوڙ ڪن ٿيون، تاريخ جي ڳڙکين مان، اسان وٽ هر گورو ماڻهو ”انگريز “ سمجهيو وڃي ٿو، ڇا انگريز سٺا جهازران (Navigators) هئا ..... ؟، اسان وٽ پورچوگالي پهريان پهتا، يورپين جا نوان سامونڊي رستا ڳولڻ، شروعاتي سياح، جن جا سفرناما اڄُ به مشهور آهن ۽ مصالحن ۽ ان جي واپار بابت ڪجهه وڌيڪ ڳالهيون. يقينن هي ڪتاب اوهان لاءِ دلچسپي ۽ ڄاڻ جو ڀنڊار ثابت ٿيندو.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سنڌ سلامت پاران
  • انتساب : محمد ادريس راجپوت نالي
  • ڌَڻي سڳوري جي رَحمت جا دروازا نَه ٻُوٽبا : آدرش
  • دنيا جي خوش حال انڊسٽري
  • اسانجون غلط فهميون ۽ غلط سوچون
  • ڇا اوٺارن جي قسمت کُلي آهي؟!
  • اڏامندڙ مڇيون ۽ اڏامندڙ پاڻيءَ جا جهازَ
  • اشتهارن ذريعي غريب بي روزگارن کي ڦُرڻ
  • سامونڊي نوڪري ۽ ولايت ۾ رهڻ جي شوقينن لاءِ
  • ڌڪ دشمن جو به سهڻ کپي
  • عربي نه سکي غلطي ڪئيسين
  • ڇا هر ڪم لاءِ مامي ڀاڻيجي جو هجڻ ضروري آهي؟
  • جي ڪري ڪول
  • سهاڳڻ اها سڏائي
  • هر شيءِ کي قيد ڪرڻ
  • دپيڪا ۽ پريانڪا سان ملندڙ اکيون
  • اسان وٽ مُون سائيٽنگ ۽ مُون فائيٽنگ
  • موالين جي دلپسند راند
  • ناريل جو پاڻي
  • ڪجهه رهيل ايس ايم ايس
  • ٽنڊو سومرو ــــ سنڌ جي بدامني ۽ بي چيني واري ماحول ۾ هڪ پُر سڪون ڳوٺ
  • تاريخ جي ڄاڻ رکڻ به ضروري آهي
  • هڪ بهترين ترجمو .... تخيل جو موت
  • هڪ اهم آتم ڪٿا… ڪجهه يادون ڪجهه ڳالهيون
  • ٺڳ ايجنٽن کان پنھنجو پئسو ۽ اولاد بچايو
  • پنھنجي اولاد تي نظر رکو
  • هن پروگرام کي ضرور وقت ڏيو
  • شبير شر جو سفر ۽ سفرنامو
  • هر ماءُ پنهنجي ٻار جي نڪمي پڻي جو ڏوهه ماستراڻين تي ٿاڦي ٿي
  • الطاف شيخ جا ڇپيل ڪتاب
  • بئڪ پيج ٽائيٽل

  • سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”جيءَ اندر جھاتي“ اوهان اڳيان حاضر آهي. هي ڪتاب نامياري سفرناما نگار ۽ مئرين انجنيئر الطاف شيخ جي مختلف مضمونن جو مجموعو آهي.
    الطاف شيخ جي سفر نامن جي شروعات به سنڌ آھي ته پڄاڻي به سنڌ آھي. ڏورانھين ڏيهن ۾ پنھنجن سنڌي سٻاجھڙن کي ڳولهي لھڻ ۽ انهن تي لکڻ اھا ڪا ننڍي ڳالھ ناھي. هن ڪتاب ۾ الطاف شيخ تاريخي مضمون لکيا آهن. جيئن : مغل حرم سراءِ جون عورتون، جتي دجله ۽ فرات ڇوڙ ڪن ٿيون، تاريخ جي ڳڙکين مان، اسان وٽ هر گورو ماڻهو ”انگريز “ سمجهيو وڃي ٿو، ڇا انگريز سٺا جهازران (Navigators) هئا ..... ؟، اسان وٽ پورچوگالي پهريان پهتا، يورپين جا نوان سامونڊي رستا ڳولڻ، شروعاتي سياح، جن جا سفرناما اڄُ به مشهور آهن ۽ مصالحن ۽ ان جي واپار بابت ڪجهه وڌيڪ ڳالهيون. يقينن هي ڪتاب اوهان لاءِ دلچسپي ۽ ڄاڻ جو ڀنڊار ثابت ٿيندو.
    هي ڪتاب ڪاڇو پبليڪيشن، ڪراچي پاران 2018ع ۾ ڇپايو ويو آهي. ٿورائتا آهيون سائين الطاف شيخ جا جنهن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    انتساب : محمد ادريس راجپوت نالي

    پنهنجو هي ذهني پورهيو .... يعني پنهنجو هي پيارو ڪتاب (ليکڪ لاءِ سندس هر ڪتاب اولاد وانگر پيارو هوندو آهي) انجنيئر سائين محمد ادريس راجپوت نالي ٿو ڪريان.
    ڪتاب جي پبلشر سان جڏهن اها ڳالهه ڪيم ته هن شايد ادريس صاحب کان واقف نه هجڻ ڪري يڪدم پڇيو: ”سائين توهانجو دوست ادريس سنڌي آهي؟“ پبلشر جي ان سوال تي مونکي پنهنجي هڪ 45 کن سال پراڻي ڳالهه ياد اچي وئي، جڏهن مون جهاز هلائڻ شروع ڪيا هئا ۽ اسانجو وزير مواصلات، هڪ سنڌي سردار هو. هن کي منهنجي جهاز هلائڻ سان ته ڪا شڪايت نه هئي پر منهنجي ”نه پيئڻ“ جي عادت مان هو شايد خوش نٿي لڳو. هڪ دفعو مون کين پنهنجي پاڙي مان لنگهندي ڏٺو. ٻئي ڏينهن آفيس ۾ پڇيو مان ته هو به ڊفينس سوسائٽيءَ جي ان علائقي ۾ رهن ٿا ڇا؟
    ”نه ان گهٽيءَ ۾ منهنجو هڪ دوست رهي ٿو. هن وٽ اڪثر ويندو آهيان“ هن وراڻيو. سندس اهو جواب ٻڌي مونکي حيرت ٿي ته جيتوڻيڪ آئون ان پاڙي ۾ ڏهن سالن کان رهيو پيو آهيان پر مونکي ته ڪا خبر ناهي ته ڪو هتي ٻيو به ڪو سنڌي رهي ٿو. پڪ ڪرڻ خاطر مون کانئن يڪدم پڇيو ” سر! سنڌي اسپيڪنگ آهي؟“
    منهنجي ان سوال تي هن بيزاريءَ واري لهجي ۾ چيو: ”اڙي درويش! دوست فقط سنڌي اسپيڪنگ نه ٿيندا اهن. ڪجهه وِسڪي ڊرنڪنگ به ٿيندا آهن.“
    اڄ مونکي پنهنجي پبلشر کي سمجهائڻو پيو ته دوست فقط سنڌي نه پر نيڪ انسان به ٿيندا آهن. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته اسان وٽ هٿ ٺوڪي رائج Definition مطابق اسانجو دوست محمد ادريس راجپوت ‘سنڌي’ کڻي ناهي پر هن کي سنڌ ۽ سنڌ جي عوام سان پيار آهي ۽ هن پنهنجي زندگي انهن جي خدمت لاءِ وقف ڪري ڇڏي آهي، هو هميشه انهن جي ڀلي جي ئي وڪالت ڪندو رهي ٿو. ڪاش اها ڳالهه اسان جي ماڻهن کي سمجهه ۾ اچي وڃي ۽ جڏهن اچي وئي ته اسانجي ملڪ کي به ملائيشيا وانگر ترقي ڪندي ويرم نه لڳندي.
    ملائيشيا جا اصلي رهاڪو ‘ملئي مسلمان’ جن کي اسان جي صوبي جا ماڻهو سنڌين سان مشاهبت ڏين ٿا جو هنن جو پڻ سنڌين وانگر شهرن کان وڌيڪ ٻهراڙي ۽ ائگريڪلچر سان واسطو آهي ۽ اهو پڻ ته هو به سنڌين وانگر توڪلي ۽ سادي طبيعت جا آهن. پر يارو! اسان جهڙا ايترا به سادا ۽ وسوڙيل نه آهن. هنن کي سٺي ۽ بري جي اسان کان وڌيڪ ڄاڻ آهي. هو ان ۾ يقين ٿا رکن ته جيڪو هنن جي ڌرتيءَ ۽ ان جي ماڻهن جو ڀلو ڪري ٿو اهو بهترين انسان آهي پوءِ اهو چاهي 150 سال اڳ چين کان ملائيشيا ۾ لڏي آيل چيني هجي يا انگريز راڄ ۾ انڊيا کان آيل سِک يا سنڌي هندو هجي. جيڪڏهن ڪو سندن ڌرتي ۽ ان جي رهاڪن ‘ملئي ماڻهن’ کي نقصان ٿو پهچائي ته هو ان کي ڌڪارين ٿا، نفرت ڪن ٿا ــــــ پوءِ اهو ڀلي سندن پنهنجو ملئي مسلمان سندن ڌرتيءَ جو بوميپترا (ڀومي پتر) هجي. اليڪشن ۾ به ان بنياد تي ووٽ ڏين ٿا. ائين جي نه هجي ته هو مهاتير کي ڇو کٽرائين ها، جنهن جو پيءُ برٽش انڊيا کان لڏي ملايا جي رياست ڪيداح ۾ اچي پرائمري ماستر ٿيو، ڪوٽڙيءَ جي سنڌي هندو ڪشوءَ کي ‘تانسري’ جهڙو وڏو لقب ڇو ڏين ها. اهڙي طرح ملائيشيا ۾ ڪيترائي سک، گجراتي هندو، تامل مسلمان ۽ عيسائي ، بوهري، پٺاڻ ملائيشيا جي پنهنجن مڪاني ماڻهن کان وڏي مان مرتبي وارا سمجهيا وڃن ٿا جو انهن هن جي ڌرتي (ملائيشيا) ۽ ان جي رهاڪن لاءِ تعليم، بزنيس، ائگريڪلچر، انڊسٽري وغيره ۾ سڌارا آڻي ملڪ ۽ ماڻهن کي خوش حال بنايو. هو ان ڏس ۾ اهو نٿا ڏسن ته هو ملائيشيا جو اصل باشندو آهي يا ٻئي ڪنهن ملڪ کان لڏي هتي اچي رهيو، يا ڪجهه عرصي لاءِ نوڪري، پورهئي يا واپار لاءِ آيو آهي. هو اهو نٿا ڏسن ته هن جي زبان يا ڌرم ڇا آهي. هو فقط اهو ٿا ڏسن ته اهو ماڻهو سندن ملڪ کي ٺاهي رهيو آهي يا تين وال ڪري رهيو آهي. پر اسان وٽ نرالو نظام آهي! اچي عيسائين جي ڪڍ لڳاسين ته هنن کي ملڪ مان ڊوڙائي ڪڍيوسين.... اهڙي طرح يهودين، پارسين، قاديانين کي .... ۽ اسان وٽ ته سنڌ ۾ اهو نظام اڃان به وڌيڪ ابتڙ آهي..... سنڌي هندو جيڪي هتي جائي رهاڪو آهن انهن جي اغوا، انهن جي ڇوڪرين کي زوري مسلمان ڪرڻ، انهن جي مندرن کي ساڙڻ... نتيجي ۾ جن کي وجهه لڳو اهي ملڪ ڇڏي ويا ٻيا پنهنجا ڌنڌا، دڪان، ڪارخانا بند ڪري ڪراچي، لاهور ۽ اسلام آباد کان اچي نڪتا آهن. نتيجي ۾ سنڌ جي ڳوٺن ۾ پرائيويٽ انٽرپرائيز ختم ٿي ويو آهي، نه Flourishing بزنيس آهي نه ڪو فئڪٽري ٿو لڳائي. نه ڪا سٺي تعليم آهي نه ڪو سٺو ڊاڪٽر پئسو لڳائي سٺي اسپتال ٿو کولڻ چاهي. هوڏانهن ملائيشيا ۾ ڏسان پيو ته اسان جي ملڪ جا ماڻهو اتي جي ڳوٺن ۾ به پئسو لڳائي اسڪول، اسپتالون، اولڊ پيپلز هائوسز، هوٽلون، پيٽرول پمپ ۽ ڪارخانا پيا هڻن. آئون اڪثر هنن کان پڇندو آهيان ته اهو ڪم توهان سنڌ ۾ ڇو نٿا ڪريو ته چوندا آهن ته ”نه بابا! اسان کي اغوا ناهي ٿيڻو. اسان جي پوليس به چورن ۽ ڌاڙيلن سان ٻٽ آهي.... “وغيره
    اسان وٽ ملائيشن وانگر اهو نٿو ڏٺو وڃي ته ڪير بهتر ماڻهو آهي. اسان وٽ اهو ڏٺو ٿو وڃي ته ڪير اسانجو ماڻهو آهي. هي اسانجو پنهنجو مائٽ آهي ، اسانجو سردار آهي ، اسانجو پير مرشد آهي ان ڪري هر الڪيشن ۾ ووٽ ان کي ڏيڻو آهي پوءِ چاهي اليڪشن کٽڻ بعد هو وزير مشير ٿيڻ تي پنج سال نظر به نه اچي، ترقياتي ڪمن جو پئسو به هڙپ ڪري وڃي. پوءِ ان عمل جو نتيجو صاف ظاهر آهي. هوڏانهن ملائيشيا جا ڳوٺ جيڪي 1960 واري ڏهاڪي ۾ به (جڏهن کان منهنجو اوڏانهن وڃڻ ٿيو) سنڌ جي ڳوٺن کان هر لحاظ کان چَٽ هئا. ملائيشيا ڇا هو؟ نه روڊ رستا، نه اسڪول اسپتالون، نه هائيجينڪ حالتون، نه ٽيڪنالاجي.... ڪجهه به نه . پر اڄ ڏسو اهي ڳوٺ يورپ ۽ جپان جو ڏيک ڏين ٿا. هر ماڻهو تعليم يافته، صحتمند ۽ روزگار کي لڳل آهي. ٻئي پاسي اسان جي ڳوٺن ۽ انهن ۾ رهندڙن جي حالت ڏسو ! ان ڪري ته چوان ٿو ته ان کي نديو جيڪو اسان کي ۽ اسانجي ڌرتي جي ذخيرن تي ڌاڙا هڻي رهيو آهي ـــــ پوءِ ڀلي اهو اسانجو سوٽ ماسات هجي، سردار پير مرشد هجي. ۽ جيڪو اسان جي ڀلائيءَ جو سوچي ٿو ان جي همت افزائي ڪيو ، هن کي پيار ڏيو. چاهي ان جو واسطو اسانجي So Called نيچ ذات سان هجي يا ڪنهن غريب يا پورهيت خاندان سان هجي. بهرحال آئون ادريس راجپوت جهڙن ماڻهن جي عزت ٿو ڪريان، سلام ٿو ڪريان چاهي هو سادن ڪپڙن ۾ نظر اچي ٿو، پراڻي ڪار ۾ سفر ڪري ٿو پر هو انهن سيڪريٽرين ڪمشنرن، وزيرن ڪامورن کان بهتر آهي جن سرڪاري نوڪري ۾ رهي اسان جي ملڪ ۽ ماڻهن جي ڀينگ ڪري پاڻ کي امير ۽ ارب پتي بڻائي ڇڏيو. اها ڪيڏي وڏي ڳالهه آهي جڏهن ادريس راجپوت لاءِ مونکي پنهنجا توڙي پراوا ٻڌائيندا آهن ته ادريس راجپوت ايمانداري ۽ محنت سان نوڪري ڪئي. هن حرام کان پاسو ڪيو. هن جي دور ۾ نه هن پاڻ ۽ نه پنهنجي ڪنهن آفيسر کي رشوت وٺڻ ڏني.
    هونءَ ته اسانجا ڪيترائي ادارا رشوتخوري ۽ حرام جي ڪمائي ۽ ڦرلٽ کان مشهور آهن. پر اريگيشن کاتي لاءِ ته چيو وڃي ٿو ته سون جي کاڻ آهي ـــــ جنهن کاتي جي معمولي ڪلرڪ جو کيسو به ڏوڪڙن سان پُر رهي ٿو. اهڙي کاتي ۾ اسانجو محمد ادريس راجپوت پاڪ صاف ٿي رهي ڏيکاريو ـــــ واقعي اهاهڪ وڏي ڳالهه آهي. هڪ نيڪ ماڻهو ۽ خدا جو خوف رکندڙ انسان ئي ان حرام جي ڪشش کان پاڻ بچائي سگهي ٿو. مونکي شاهه لطيف جو بيت ٿو ياد اچي:
    ”مونکي مون پرين ٻڌي وڌو ٻار ۾
    اُڀا ائين چون متان پانڌ پسائين“
    شاهه لطيف اها نصيحت ته سڀني لاءِ ڪئي پر لڳي ٿو ته عمل فقط ادريس راجپوت جهڙن چند ماڻهن ئي ڪيو.
    انجنير محمد ادريس راجپوت صاحب جا سنڌي توڙي اڙدو ۾ ايندڙ ڪالم ۽ ٽي وي تان ٽاڪ شوز ٻڌي آئون دنگ رهجي ويندو آهيان ته هن شخص کي نهري نظام (Irrigation) بابت ڪيڏي وسيع معلومات آهي ۽ سنڌ کي پاڻيءَ جا حق ڏيارڻ لاءِ هي ڪيڏو دليري سان وقت جي وفاقي حاڪمن سان دليلن ذريعي جنگ وڙهي ٿو. رٽائرڊ ٿئي به هن کي 15 سال ٿي ويا آهن پر اڄ به سرڪاري آفيسر توڙي سياستدان سنڌ جي دريائن ۽ انهن جي نظام بابت مونجهارن جي حل لاءِ هن سان رجوع ٿين ٿا . دراصل صاف لڳي ٿو ته هن تعليم فقط ڊگري ۽ نوڪري حاصل ڪرڻ لاءِ نه پر ڄاڻ لاءِ پڻ. ساڳي وقت نوڪري دوران به هن حرام جو پئسو ڦٻائڻ جون اٽڪلون هلائڻ بدران ايمانداريءَ سان بندن ۽ برجن تي ڊيوٽي ڏني آهي. سندس ان تجربي ۽ ڄاڻ ڪري اڄ به آئون ڏسان پيو ته فارين جافرم به هن کان صلاح مشورو وٺندا رهن ٿا. اهائي ڳالهه آهي جيڪا ليڪچر دوران آئون پنهنجي شاگردن کي چوندو آهيان ته اهو اهم ناهي ته توهان ڪهڙي فيلڊ (فزڪس، ڪيمسٽري، IT، انجنيري، ڊاڪٽري) جي چونڊ ڪريو ٿا پر اهو اهم آهي ته ان جي توهان چڱي طرح ڄاڻ حاصل ڪريو. اسانجي شاگردن جو وڏو طبقو اها ڳالهه نٿو سمجهي. ان جو تجربو مونکي ملائيشيا ۾ ٿيو جڏهن اتي جي مڪاني آفيسرن سان گڏو مونکي به ٽي سال کن سليڪشن ڪميٽي ۾ رکيو ويو جنهن جو ڪم مختلف ملڪن کان نوڪري لاءِ گهرايل اميدوارن کان انٽرويو وٺڻ هوندو هو. آئون ڏسندو هوس ته ڊاڪٽري يا انجنيريءَ جو ن بنيادي ڊگريون اسانجي ملڪ جي اميدوارن کي به هونديون هيون پر نوڪري لاءِ ڪامياب هميشه انڊيا ۽ بنگلاديش جا ويندي سري لنڪا ۽ نيپال جا ٿي ويندا هئا. اسان جو ڪو ورلي چونڊبو هو. اهو ان ڪري جو ڄاڻ نه هجڻ ڪري انٽرويو ۾ سبجيڪٽ تي پڇيل سوالن جا هو مطمئن ڪرڻ جهڙا جواب نه ڏئي سگهندا هئا.
    اسان وٽ ادريس راجپوت جهڙا ورلي ڪي چند پنهنجي شاگردي جي ڏينهن ۾ تعليم کي Serious وٺن ٿا ۽ علم پرائڻ لاءِ جاکوڙ ڪن ٿا نه ته گهڻا تڻا وقت وڃائيندا رهن ٿا پوءِ امتحانن جي ڏينهن ۾ ڪاپي ڪري يا رشوت ڏئي پنهنجو پاڻ کي پاس ڪرائين ٿا ۽ پوءِ ڪنهن سڻڀي سرڪاري نوڪريءَ جا خواب ڏسن ٿا جتي کين ڪم نه ڪرڻو پوي رڳو اٽڪل بازيون ڪري پئسو ڦٻائڻو پوي. اسانجا ڪيترا واسطيدار عملدار بئراجن جي مرمت ۽ بندن جي بجري پٿرن جا ته پئسا کايو وڃن پر ٻوڏ ۾ مليل امداد به غريبن کي نٿا پهچائين. هڪ اهڙي انجنير سان آمريڪا ۾ ملاقات ٿي جيڪو اريگيشن کاتي ۾ ڪروڙها ڪمائي پڪڙ ڌڪڙ جي ڊپ کان ڀڄي اچي اتي سٿائون ٿيو هو. هر وقت نشي ۾ ٽن ٿي رهيو. بقول هن جي اها هن عيش جي زندگي گذاري ٿي. بهر حال شراب پيئڻ سان هن پنهنجي صحت ٿي خراب ڪئي ــــــ هو پاڻ ڄاڻي اسان کي ڪو اعتراض ناهي پر مونکي اهو ڏک ضرور آهي ته ان قسم جا ماڻهو ڪيئن هزارين غريبن ۽ ڏتڙيلن جي زندگي ٺاهڻ بدران برباد ڪري اهو پئسو کڻي پنهنجي ملڪ يا ولايت ۾ اچي ٺڙڪو عيش ڪن ٿا. ملڪ مان لٽي آيل پئسو هو سمجهن ٿا ته هنن جون ست پيڙهيون پيون کائينديون .... پر يارو، ائين ناهي. قدرت جو پنهنجو نظام آهي. افسوس ٿو ٿئيم ته کين شراب ۽ شباب جي زندگي گذاريندو ڏسي سندن اولاد کانئن به ٻه رتيو اڳيان نڪري ويو آهي. آمريڪا ۽ ڪئناڊا جهڙن ملڪن ۾ جتي اعليٰ تعليمي ادارا آهن اتي اهڙا ٻار معمولي ڊگري به ڪا مس حاصل ڪري سگهيا آهن. ست پيڙهيون ته پري جي ڳالهه آهي..... پيءُ جي جيئري ئي هن جي لٽيل ملڪيت کي دڦ ڪري ڇڏيو آهي. ڪيترا پنهنجي پيريءَ جي ڏينهن ۾ پنهنجي اولاد جي اها حالت ۽ سلوڪ ڏسي افسوس ڪن ٿا ته ان کان ته ايمانداري سان نوڪري ڪري اڄ پنهنجي ڳوٺ ٿي عزت جي زندگي گذارجي ها. يارو هي ڪو افسانو ناهي ڪئناڊا جي ٽورنٽو ۽ سينٽ جان کان USA جي هيوسٽن ۽ ميامي تائين اهڙن رشوت خور پوليس، ايڪسائيز، ڪسٽمس، ميڊيڪل، انجنيرنگ جي سرڪاري کاتن جي آفيسرن کي اچي ڏسو جن پنهنجي وطن جي ماڻهن جي ڦرلٽ ڪري، کين اوک ۾ وجهي ولايت ۾ اچي محل ماڙيون اڏيون آهن.
    مونکي افسوس ٿيندو آهي جڏهن پنهنجي آس پاس جي دوستن ، سڃاڻن ۽ مائٽن کي ڏسندو آهيان جن اريگيشن ، بلڊنگس ۽ روڊس جهڙن انجنيرنگ کاتن ۾ نوڪري ڪئي ۽ ڪيترن ئي هيٺئين پوسٽ کان S.E چيف انجنير ۽ سيڪريٽري ليول تائين ترقي حاصل ڪئي ۽ رٽائرڊ ٿي ويا. پر رشوت ۽ ڪم جي اڻ ڄاڻائي ڪري اڄ سندن نالو نشان به نه آهي. ايمانداريءَ کي ته هڻو کڏ ۾، پر هو قابليت ۾ به مزمل حسين قريشي، اي اين جي عباسي، بشير ڏهر، حاجي محمد ڏهر، عبدالوهاب شيخ، الهورايو چنا، علي گوهر شاهه، قادر بخش کيبرائي ميمڻ، امام بخش شيخ نه ٿي سگهيا. نهري نظام فقط اسان وٽ ته نه آهي. ٻين ملڪن ۾ به آهي پر اسان وٽ پئسي ڏوڪڙ جي باهه ٻري پئي آهي. مال ۽ جمال جي نشي ۾ غرق اسان جا ڪامورا تاريخ ۽ عصر مان به سبق نٿا حاصل ڪن.

    ہوئے نام ور بے نشان کیسے کیسے
    زمین کھا گئی آسمان کیسے کیسے
    نہ گل ہیں، نہ غنچے، نہ بوٹے نہ پتے
    ہوئے باغ نذر خزاں کیسے کیسے
    ہر اک دل پہ ہیں داغ ناکامیوں کے
    نشان دے گیا بے نشان کیسے کیسے

    ان حساب سان محمد ادريس راجپوت جهڙا ماڻهو اڄ به ۽ هيءَ دنيا ڇڏڻ بعد به هميشه ياد رهندا. بنا شراب جي به هنن کي گهاٽي ننڊ اچيو وڃي، پراڻي چئمپل ۾ مسجد ايندي به هو سڪون محسوس ڪن ٿا. هنن کي فقط خدا جو خوف رهي ٿو. هو سچ ڳالهائڻ ۾ ڪا هٻڪ نٿا محسوس ڪن ۽ هو هر وقت غريب عوام جي ڀلي جو سوچين ٿا. مونکي حيرت ٿي جڏهن مشرف جي حڪومت ۾ سائين ادريس پنهنجي هڪ ڪالم ۾ صاف صاف لکيو ته ڪالاباغ ڊئم بابت مشرف ڪوڙ ٿو ڳالهائي، حقيقتون ٻيون آهن.
    اسانجي ادريس راجپوت کي عربي به اچي ٿي. اڄ ڪلهه عصر نماز بعد هن کي مسجد جي هڪ ڪنڊ ۾ اسانجي هڪ ٻئي پاڙيسري جماعتي، نئون ديري جي عدنان ڪيهر کي عربي پڙهائيندو ڏسندو آهيان. عدنان ڪيهر جنهن جي سڄي زندگي آمريڪا ۾ گذري جنهن کي سنڌي يا اڙدو به نٿي اچي ان کي عربي سکندو ڏسي هاڻ ٻين نوجوانن توڙي پوڙهن کي به ادريس راجپوت کان عربي سکڻ جو شوق جاڳيو آهي.
    محمد ادريس راجپوت صاحب سنڌ جي دريائن، بئراجن، بندن، ايندڙ ٻوڏن کان بچائن، ٻوڏن ۾ ايندڙ تباهيءَ جو ازالو ڪرڻ جهڙين حالتن لاءِ گذريل ويهن سالن کان سنڌي ۽ اڙدو اخبارن ۾ سوين ڪالم لکي چڪو آهي جيڪي نه فقط عام ماڻهوءَ لاءِ معلومات مهيا ڪن ٿا پر هن پروفيشن (انجنيرنگ) سان واسطو رکندڙ ادارن ۽ آفيسرن کي پڻ آگاهي پهچائين ٿا. مليٽري توڙي سول حڪومت پنهنجي مفاد خاطر عوام سان ڇا به ڪوڙ ڳالهائي پر ادريس صاحب اهوئي لکي ٿو جيڪو سچ آهي، جيڪا حقيقت آهي. هو هميشه ان ڳالهه جي وڪالت ڪري ٿو جنهن مان سنڌ ۽ ان جي ماڻهن کي فائدو رسي. هو سنڌ جي حقن لاءِ شروع کان جنگ جوٽي ويٺو آهي. دريائي پاڻي جي حصي پتي ۾ سنڌ سان ٿيندڙ هر زيادتي لاءِ هو هر وقت دليلن ، ڄاڻ ۽ ذهانت سان مرڪز کي مڃرائي ٿو. سندس خراب کان خراب دشمن به هن جي ايمانداري، سنڌ سان چاهه ۽ وسيع ڄاڻ کان انڪار نه ڪندو.
    اخباري ڪالمن کان علاوه محمد ادريس راجپوت صاحب جا ملڪ جي دريائن، صوبن ۾ پاڻي جي ورهاست، برساتي ٻوڏن ۾ ٿيل تباهي، ڪلاباغ جي حقيقت بابت پڻ ڪيترائي ڪتاب ڇپجي چڪا آهن جيڪي ايڏا ته حقيقتن ۽ ڄاڻ تي مبني آهن جو انهن جو ن هڪ ٻئي پويان ايڊيشن ڇپجنديون رهن ٿيون. ڪجهه ڪتاب جيڪي مون به پڙهيا آهن ، هن ريت آهن.

    درياهه جي دانهن
    سنڌو جي سار
    ڪالاباغ ڊئم ۽ صوبن ۾ پاڻيءَ جي ورهاست
    سال 2010 واري مها ٻوڏ ۽ سنڌ جا سور
    سال 2011 واري برساتي ٻوڏ ۽ سنڌ جا سور
    سنڌو تو ۾ ساهه
    واڪا ڪرڻ مون وس
    سنڌ جا پاڻيءَ جا مسئلا.... وغيره

    ادريس راجپوت برٽش انڊيا جي شهر گُڙگائون ۾ 20 نومبر 1941 تي جناب ديندار خان جي گهر ۾ ڄائو. پاڪستان ٺهڻ تي هن جي فئملي سنڌ جي شهر قمبر ۾ اچي رهائش پذير ٿي. ان وقت قمبر لاڙڪاڻي ضلعي ۾ هو. هڪ ڏينهن ادريس صاحب کي چيم ته هن جڏهن پنهنجو اباڻو شهر گرگائون ڇڏيو ته ان وقت هو ڇهن سالن جو هو. ان شهر جون ڪي ڪي ڳالهيون ته ضرور ياد هوندس ۽ ان کان پوءِ هن جو وري گرگائون وڃڻ ٿيو يا نه؟
    هن ٻڌايو ته ان وقت اهو ننڍڙو ڳوٺ هو ۽ هن کي هڪ ڳوٺ جي ماحول جا ئي ڪي ڪي نظارا هُرن ٿا. ”ڳوٺ ڇڏڻ بعد منهنجو فقط هڪ دفعو انڊيا وڃڻ ٿيو. دهليءَ ۾ ”انڊس بئسن ٽريٽي“ جي ميٽنگ هئي جنهن لاءِ اسان کي ڪجهه ڏينهن اتي رهڻو پيو هو. ڪم ختم ٿيڻ بعد انڊيا حڪومت طرفان اسان کي ٻڌايو ته هڪ ڏينهن لاءِ هو اسانکي تاج محل ڏيکارڻ لاءِ آگري يا معين الدين چشتي جي مزار تي حاضري ڀرڻ لاءِ اجمير وٺي هلي سگهن ٿا. اسان اجمير لاءِ هائوڪار ڪئي ۽ پوءِ ٽئڪسي رستي جيئن ئي دهلي ڇڏيسين ته ڪجهه ميلن بعد اسان جو گڙگائون مان گذر ٿيو. مون کي ان ۾ ترسي پنهنجي ماءُ جي قبر تي دعا پڙهڻ لاءِ دل چيو. آئون ٻن سالن جو هوس ته منهنجي ماءُ گذاري وئي هئي ۽ اها گڙگائون ۾ دفن آهي. اسان جي ٽولي جي انڊين انچارج چيو ته جيئن ته وقت ٿورو آهي ۽ مونکي اها به ڄاڻ نه آهي ته منهنجي ماءُ ڪهڙي قبرستان ۾ ۽ ڪنهن هنڌ تي دفن آهي ان ڪري اسان گرگائون شهر ۾ اندر داخل ٿيڻ بدران اڳتي جو سفر جاري رکيو.
    گڙگائون (Gurgaon) جو اڄ ڪلهه سرڪاري نالو گروگرام (Gurugram) ڪيو ويو آهي معنيٰ ”گروءَ جو ڳوٺ“ ۽ هي شهر دهليءَ کان 32 ڪلو ميٽر ڏکڻ اولهه ۾ هريانا رياست ۾ آهي. دراصل جڏهن ادريس صاحب جي فئمليءَ گڙگائون ڇڏيو ته ان وقت اهو پنجاب رياست ۾ هو پر پوءِ 1966 ۾ انڊيا جي پنجاب رياست جي گاديءَ جو شهر ته اهوئي امرتسر رهيو پر هريانا رياست جي گاديءَ جو شهر چنديڳڙهه مقرر ڪيو ويو جيڪو گرگائون کان 270 ڪلو ميٽر پري آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته هريانا رياست جو سڀ کان وڏو شهر فريد آباد آهي.
    ادريس راجپوت کي چيم ته توهان کان گڙگائون جو ان ڪري پڇي رهيو آهيان جو آئون جڏهن پنهنجي ڪلاس ميٽ اوڏن جي ٻارن جي شاديءَ تي مهينو کن دهلي وڃي رهيو هوس ته ٻه ڏينهن کن گرگائون به هوس بلڪ لاهور کان جيڪا بس هلي اها جي ٽي روڊ جي مختلف تاريخي جاين تان ٿيندي گڙگائون پهتي هئي. اهي شهر هن وقت به مونکي ياد آهن جن جي بس اسٽاپن تي اسانجي بس ترسي هئي ۽ اسان ماني يا چانهه لاءِ ڪنهن هوٽل ۾ اچي ويٺا هئاسين. انڊيا جو بارڊر ٽپڻ سان يڪدم امرتسر اچي ٿو ان بعد جالنڌر، ڦاگوارا، لڌيانا، سرهند، امبالا، ڪرڪ شيترا، ڪرنال، پاڻيپٽ، سوني پٽ ۽ پوءِ دهلي ۽ پوءِ گڙگائون.
    ادريس صاحب کي ٻڌايم ته مون جيڪو گڙگائون ويجهڙائيءَ ۾ ڏٺو آهي اهو ته هڪ وڏي شهر جي روپ ۾ آهي جنهن ۾ فلئٽن جو اوچيون عمارتون ، شاپنگ مال، تعليمي ادارا، هوٽلون ۽ ان سان گڏ خوشحالي صاف نظر اچي ٿي. مڪاني ماڻهن اهو ئي ٻڌايو ته هن شهر گڙگائون جي قسمت 1970 کان پوءِ بدلي جڏهن هند سرڪار هن شهر ۾ ”ماروتي سوزڪي“ ڪار جا ڪارخانا لڳرايا. (اسان جي سرڪار ڪنڊياري يا قمبر ۾ به خيبر مهراڻ ڪار ٺاهڻ جا ڪارخانا هڻائي ته ڪيئن نه اتي به خوشحالي اچي. سوچڻ جي ڳالهه آهي. )
    محمد ادريس راجپوت مئٽرڪ تائين قمبر ۾ پڙهيو. انهن ڏينهن جا ٻه محنتي استاد اڄ به هن کي ياد آهن. هڪ اڙدو جو ٽيچر غفران ۽ ٻيو هندو هيڊماستر جنهن جي ذات مٽائي هئي. نالو کين ياد نه پيو اچي. ڪلاس ميٽن ۾ کيس فقط اتي جو رهاڪو تراب علي شاهه ياد آهي جنهن جو واسطو زمينداري ۽ پيري مريدي سان آهي.
    ان بعد انٽر سائنس گورنمينٽ ڪاليج حيدرآباد مان ڪئي ۽ سنڌ يونيورسٽي مان فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشن حاصل ڪئي. انهن ڏينهن ۾ سيڪنڊري بورڊ آف ايڊيوڪيشن نه هو. آئون ادريس صاحب کان ٽي سال جونئر هوس منهنجي ڏينهن ۾ به مئٽرڪ توڙي انٽر سنڌ يونيورسٽي مان ڪئي وئي ٿي. انهن ڏينهن ۾ اڃان مهراڻ يا ڪو ٻيو انجنيرنگ ڪاليج نه کليو هو. سڄي سنڌ ۾ فقط NED ڪاليج هو جيڪو پاڪستان ٿيڻ بعد ‘نادرجي ايڊلجي ڊنشا’ نالي هڪ پارسي سيٺ کولرايو هو. ادريس راجپوت صاحب ان ۾ داخلا ورتي ۽ 1965 ۾ سول انجنيرنگ ۾ B.E فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشن ۾ حاصل ڪئي. مون کي ياد آهي ته ادريس صاحب جي ڪاميابيءَ بعد NED ڪاليج جا شاگرد ۽ ڪجهه پروفيسر منهنجي ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو جي ڪلاس ميٽ اختر علي عباسي (حاجي منور عباسي ۽ سينيٽر ڊاڪٽر صفدر عباسي جي ڀاءُ) کي جيڪو ان وقت NED ڪاليج جي ٻي سال ۾ هو ان کي چوندا هئا ته تو به ادريس راجپوت وانگر انٽر فرسٽ ڪلاس فرسٽ ۾ ڪئي آهي ۽ تون به لاڙڪاڻي ضلعي جو آهين سو B.E ۾ ضرور فرسٽ ڪلاس فرسٽ ايندين. افسوس جو اختر کان ته ڪجهه مارڪن تان اها پوزيشن رهجي وئي البت ٻئي سال اسان جي پيٽارو جي غلام محمد سومري جنهن جو تعلق شاهه پنجو سلطان (دادو ضلعي) سان آهي، حاصل ڪري ويو. منهنجو هڪ شروعاتي سفر نامو “ وايون وڻجارن جون” غلام محمد سومرو کي منسوب ٿيل آهي. هن ريلويز ۾ نوڪري ڪئي ۽ اسانجي ادريس وانگر ذهين، محنتي ۽ ايماندار ٿي رهيو.
    NED ڪاليج هاڻ يونيورسٽي جو رتبو رکي ٿو نه ته انهن ڏينهن ۾ اهو ڪراچي يونيورسٽي سان سلهاڙيل هو. انجنيرنگ دوران ادريس راجپوت جا ڪجهه ڪلاس ميٽ کيس اڄ به ياد آهن جيئن ته ڪنڊيارو جو سيد علي گوهر شاهه جيڪو سنڌ حڪومت ۾ سيڪريٽري به ٿي رهيو. پاڻ حيدرآباد واري ڪاليج ۾ به ادريس جا ڪلاس ميٽ هئا. ان کان علاوه شڪارپور وارو عبدالنبي پٺاڻ (مرحوم) ، نجم بلال ( جنهن ان سال سيڪنڊ پوزيشن حاصل ڪئي) ۽ مشتاق احمد بوهري ، وغيره
    سول انجنيرنگ ۾ فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشن کڻڻ تي ادريس راجپوت کي نه فقط گولڊ ميڊل مليو پر آمريڪا جي يونيورسٽي آف منيسوٽا ۾ پڙهڻ لاءِ فل برائيٽ اسڪالر شپ پڻ ملي، ان بعد 1970 ۾ هن ويسٽ پاڪستان اريگيشن ائنڊ پاور ڊپارٽمينٽ ۾ اسسٽنٽ ايگزيڪيوٽو انجنير (ڪلاس ون) جي حيثيت ۾ سرڪاري نوڪري شروع ڪئي ۽ 41 سالن بعد سيڪريٽري جي پوسٽ تان ريٽائرڊ ٿيو. هاڻ هو ڪنسلٽنگ انجنير طور پرئيويٽ نوڪري ڪري رهيو آهي.
    ادريس راجپوت پاڻيءَ جي مسئلن تي سنڌيءَ ۾ لڳاتار ڪاوش اخبار ۾ ڪالم لکندو اچي جن مان ڪيترائي اڙدو ۾ ترجمو ٿي امت اخبار ۾ پڻ ڇپجن ٿا. سندس سٺي سنڌي ٻولي ۽ سنڌ جي ڀلي لاءِ لکيل ڪالم پڙهي هرڪو تعريف ڪري ٿو ته هڪ ‘نان- سنڌي’ ٿي ڪري سنڌ جي بهتري لاءِ ڪيڏو ته پاڻ پتوڙي ٿو، سنڌ جي ماڻهن کي آگاهي ڏئي ٿو ۽ سرڪار کي قدرتي آفتن ۽ واسطيدار کاتي جي عملدارن جي (Negligence) ڪري پيدا ٿيندڙ نقصانن جو چتاءُ ۽ صلاح مشورا ڏئي ٿو. پاڻ نه فقط سنڌي سٺي لکي ٿو. پر اهڙوئي سٺو ڳالهائي به ٿو. سندس لهجو شهر ۾ رهندڙ ڪيترن سنڌين کان صاف ۽ بهتر آهي. پاڙي جي مسجد ۾ جتي اسان جي روزانو ملاقات ٿئي ٿي ڪيترا نمازي ان تي سوچيندا آهن ته ادريس صاحب جي مادري ٻولي اڙدو آهي يا پنجابي! ظاهر آهي دهليءَ جي ماڻهن جي ٻولي اڙدو ئي هئڻ کپي. ۽ گڙگائون شهر جتي ادريس صاحب جنم ورتو دهلي کان ائين آهي جيئن ڪراچيءَ کان گڊاپ يا حيدرآباد کان ٽنڊو محمد خان. پر جيئن ته گڙگائون پنجاب رياست ۾ آهي ان ڪري هن جي مادري ٻولي پنجابي هجڻ کپي جيئن اسان واري پنجاب صوبي جو هر رهاڪو پنجابي ٻوليءَ کان واقف آهي. دراصل مونکي به اها غلط فهمي هئي، بلڪه آئون ته اهو ئي سمجهندو هوس ته اسان واري پنجاب ۾ هاڻ ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ سک رهن ٿا باقي سڀ مسلمان آهن ۽ انڊيا پاسي واري پنجاب ۾ فقط سک رهن ٿا. اهو ان ڪري جو جهاز هلائڻ واري دور ۾ جتي به سک ملندا هئا ته هو ٻڌائيندا هئا ته هو امرتسر، جالنڌر، لڌيانا يا چنديڳڙهه وغيره کان آهن. يعني انڊيا واري پنجاب کان آهن. پوءِ ملائيشيا ۾ ڪناري جي نوڪريءَ دوران ان اداري ۾ ڪئپٽن بلرام پُوري به هو جنهن جو واسطو انڊيا جي پنجاب سان هو پر هو نه سک هو ۽ نه هن کي پنجابي آئي ٿي. ان ٻڌايو ته انڊيا واري پنجاب ۾ نه فقط سک رهن ٿا پر هندو ۽ مسلمان به – جن جي مادري ٻولي هندي ۽ اڙدو آهي ۽ ڪيترن شهرن جي اسڪولن ۾ اڙدو به پڙهائي وڃي ٿي. هو پاڻ به ننڍي هوندي اڙدو پڙهيو ۽ اڙدو لکڻ به آيس ٿي.
    هڪ ڏينهن مسجد مان نڪرڻ مهل مون ادريس راجپوت کان پڇي ورتو ته ”توهان قمبر سنڌ ۾ رهڻ ڪري سنڌي پڙهيا ۽ سنڌي ڳالهايو ٿا پر گڙگائون ۾ رهندڙ توهان جا وڏا اڙدو ڳالهائيندا هئا يا پنجابي؟“
    ”توهان کي حيرت ٿيندي ته منهنجي مادري ٻولي نه اڙدو آهي نه پنجابي“ ادريس صاحب وراڻيو ”منهنجي مادري ٻولي ميواتي آهي.“ اهو ٻڌي اسانجي ڪيترن ماڻهن کي حيرت ٿيندي جو هو سمجهن ٿا ته هر اهو ماڻهو جنهن جو تعلق هندستان سان آهي يا کڻي ائين چئجي ته جيڪو انڊيا کان پاڪستان آيو آهي ان جي مادري ٻولي اڙدو آهي. ائين ناهي. اسان جي سڄي ننڍي کنڊ ۾ انيڪ ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون. بنگالي، پنجابي، گجراتي، مرهٺي، تامل، ڪنهڙ جهڙين وڏين ٻولين کان علاوه ڪوڪني، ماڙواري، ڪڇي، مليالمي، راجستاني، جهڙيون به سوين ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون جيئن اسان وٽ سنڌ ۾ سرائڪي، ڍاٽڪي، پارڪي، اوڏڪي ۽ ٻيون ٻوليون آهن ۽ پوءِ ڪي سنڌيءَ سان گهڻو ملن ٿيون ته ڪي گهٽ . ائين انڊيا جي هن ميوات علائقي (هريانا جو نوه ضلعو، راجستان جا ضلعا الواري ۽ ڀرت پور) ۾ 30 لک کن ماڻهو هيءَ “ميواتي” ٻولي ڳالهائين ٿا جيڪا اڙدوءَ سان گهڻو ملي ٿي جيئن ادريس صاحب ٻڌايو ته ڪيڏانهن پيو وڃين؟ کي ميواتي ٻوليءَ ۾ چئبو آهي: ”ڪهان بڙو جاريا؟“
    هتي اهو به لکندو هلان ته ميوات قوم جي راجپوت مسلمان جون ٽي مشهور Sub Castes آهن -ـــ جيئن ته خانزاده، قائم خاني ۽ ملڪانا. اسان جي ادريس راجپوت جو خانزاده ڪميو نٽي سان تعلق آهي جيڪي پنهنجي نالي سان گڏ خان سڏرائين ٿا جيئن ته ادريس صاحب جي والد جو نالو ديندار خان ۽ ڏاڏي جو هوشدار خان آهي.
    ادريس صاحب کان پڇيم ته هن کي پڙهائيءَ جو شوق ڪنهن ڏياريو؟
    ”دراصل منهنجو والد به پڙهيل ڳڙهيل هو. هن انگريزن جي ڏينهن ۾، 1938 ۾ مئٽرڪ ڪئي ۽ انڊيا ۾ ۽ بعد ۾ پاڪستان ۾ به، روينيو ۾ نوڪري ڪئي ۽ مختيار ڪار ٿي رٽائرڊ ٿيو. منهنجي ماءُ ته منهنجي ننڍي هوندي گذاري وئي، پوءِ مونکي ڏاڏيءَ نپايو ، اها اسانجي ڏاڏي ئي هئي جنهن منهنجي پيءُ کي به پڙهايو جو اسانجو ڏاڏو ته منهنجي والد جي ڄمڻ کان اڳ گذاري ويو هو. بهرحال منهنجي تعليم ۾ ڏاڏيءَ کان علاوه بابا جي به وڏي رهنمائي رهي“ ۽ هڪ ٽيچر جي حيثيت ۾ اهائي ڳالهه اڄ جي والدين کي به گوش گذار ڪندس ته ٽيچر جو درجو ۽ ڪم پنهنجي جاءِ تي پر ٻار کي محنتي ۽ هوشيار ڪرڻ ۾ والدين خاص ڪري والده جو حصو تمام ضروري آهي. ٻيو نه ته گهٽ ۾ گهٽ رهنمائي (Monitor) ڪرڻ ضروري آهي ته آيا روز جو مليل هوم ورڪ گهر اچي ٻار ڪري ٿو يا نه ؟ اسڪول ۾ استاد جو پڙهايل سبق ڌيان سان ٻڌي اچي ٿو يا نه ؟ گهر ۾ اجايو وقت ته نٿو وڃائي.... گهٽيءَ ۾ گهڻو رلي پني ته ڪو نه ٿو ۽ سنگت ڪهڙن ٻارن سان اٿس...... وغيره وغيره
    ادريس راجپوت کي هڪ ڀيڻ ۽ ٽي ڀائر آهن . وڏو ڀاءُ سرفراز احمد گذاري ويو آهي. ننڍو ڀاءُ جاويد اختر به ادريس وانگر NED مان سِول انجنيرنگ ۾ B.E ڪئي ۽ PWD ۾ سپرنٽنڊينٽ انجنير آهي ۽ ٽيون ڀاءُ سهيل اختر ڪمپيوٽر سائنس پڙهيو ۽ بزنس ۾ آهي.
    ادريس راجپوت جي شادي 1974 ۾ ٿي. کين هڪ ڌيءَ ٻه پٽَ آهن. وڏو پٽ سالڪ بزنيس ۾ آهي ۽ ننڍو معيز چارٽرڊ اڪائونٽنٽ آهي.

    الطاف شيخ
    ملاڪا سٽي، ملائيشيا
    11 سيمٽيمبر، 2017


    ڌَڻي سڳوري جي رَحمت جا دروازا نَه ٻُوٽبا : آدرش

    جَديد سنڌي ادب جي جادو نگريءَ ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ٽي دروازا آهن. شيخ اياز، امر جليل ۽ الطاف شيخ. شاعريءَ جي طلسم جو شيخ اياز دروازو آهي، نثر جا دَروازا امر جليل ۽ الطاف شيخ آهن. انهن مان ڪنهن به دروازي کي ڌوڏبو ته جادو نگري ختم ٿي ويندي ۽ اَسان برپٽَ ۾ هونداسون.
    جهڙيءَ ريت بانبڙا پائيندڙ ٻار کي اَبو امڙ پنڌ ڪرڻ سيکاريندو آهي، تهڙيءَ ريت سٺ جي ڏهاڪي کان پوءِ سنڌي ليکڪن جي نسلن کي لکڻ جو گسُ شيخ اياز، امر جليل ۽ الطاف شيخ ڏيکاريو آهي.
    جيئن ٻارُ وڏو ٿي، ابي امڙ جي هر عمل کي وساري ڇڏيندو آهي، تيئن اَسان جا ”مهان“ بڻيل ليکڪ انهن ٽنهي کي وساري ڇڏڻ سان گڏ هروڀرو تنقيد جا ڀيند اُڇلائيندا آهن ۽ سارتر، ڪافڪا ۽ پَبلو نرودار جا ڳڻَ ڳائيندا آهن، جڏهن ته انهن ڌارين ڏکين ليکڪن کي هنن سمجهيو به نه هوندو آهي.
    ستر جي ڏهاڪي ۾ ڪتابن ۽ رسالن جا ورق سج جي ڪِرڻن وانگرُ روشن هيا. ڪراچيءَ کان ڪشمور تائين هر وڏي ننڍي شهرَ ۾ نه رڳو ڪتاب گهر هيا پر غير سرڪاري ننڍيون لائبريريون به هيون، جتي ماڻهو ناول وغيره ڪرائي تي وٺي پڙهندا رهيا.
    ڪتاب گهرن تي باقاعدگيءَ سان نوان ڇپجندڙ ڪتاب ايندا هيا ته مهيني جي پهرين تاريخن ۾ رسالا به پهچي ويندا هيا. شهرن ۾ پڙهيل ماڻهو هيا، ڳوٺن جي ڳوٺاڻن جي ٻوڏِ، اڃان ڇيڻا، ڍورَ ڍڳا ۽ گوڏ پاڻ سان ڪو نه کڻي آئي هئي.
    ڪتاب ۽ رسالا تقريبن هر گهر ۾ ويندا هيا. انهن کي ڪراڙا، جوان ۽ زائفون پڙهنديون هيون. اَسان پارا به انهن کي کڻي، فوٽو ڏسندا هيا. مون انيڪ زائفن کي بورچي خاني ۾ ٻوڙُ رڌيندي، ديڳڙي دمَ تي هئڻ مهل، رسالو ”سوجهرو“ ۽ امر جليل ۽ الطاف شيخ جا ڪتابُ پڙهندي ڏِٺو.
    اهڙو واءُ وَريو. ڀاءُ، ڀاءُ نَه رهيو. هاڻي ڪراچيءَ کان ڪشمور تائين انهن سُٺن ڪتابن رسالن جي ڪتاب گهرن ۾ جُوتن ۽ ڪپڙي لٽي جا دڪان کلي ويا آهن. هڪ سٺي اردو شعر وانگر ته ”هِيءَ جيڪا هتي مسجد آهي، اتي مَئخانو هو، اُهو ڪاڏي ويو؟“.
    جبل جيڏي شاعر شيخ اياز جي شهرَ شڪارپور ۾ ادبي ڪتاب نَه مِلي، ان کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو روئڻ جو مقام آهي؟
    سائين الطاف شيخ سان منهنجي ڏيٺ ويٺ، ڪچِي وهيءَ ۾، منهنجي سنگتي ارشاد سومري ڪرائي. هو پئسي پائيءَ ۾ مون کان وڌيڪ سُکر هو. رسالا ۽ ڪتاب وٺندو هو. مون کي پڙهائيندو هو.
    هڪ ڏينهن ماهوار ”سوجهرو، جو پَرچو ڏيندي، چوڻ لڳو: ”ارشادَ! هنَ ۾ هڪ ڪهاڻي ”ويلو“ ضرور پڙهجانءِ. ڇا ته ڪهاڻي آهي، يارَ!“.
    1975ع ۾ دادا مهتاڻي ”سوجهرو“ رسالو، ڇا ته ڪڍندو هو! وڻندڙ مائيءَ جي رنگين فوٽو سان ٽائيٽل کان ويندي، خطن جي آخري صفحي تائين ڇا نَه هوندو هو! هاڻي به هٿن ۾ کڻبو ته ائين لڳندو، ڄڻ ڪالهه ڇپيو آهي.
    مان گهر اَچي، اُٿندي ئي، ارشاد جي صلاحَ تي، ڪهاڻي ”ويلو“ پڙهڻ لڳم. ڪهاڻي پوري ڪيم. ڪهاڻي نه هئي، ڏکُ هو. غريب گهرَ جي غربت جي هڪ اُها تصوير هئي، جنهن کي ڏسي اکين ۾ ڳوڙها اَچي وڃن. اها ڪهاڻي ٻائيتاليهَه سالَ گذرڻ کان پوءِ، اڄ به ياد آهي.
    اُها ڪهاڻي ترڪي ٻوليءَ جي ليکڪ ’جودت قدرت‘ جي هئي. عنوان ”ويلو“ هيس ۽ سائين الطاف شيخ ان کي سنڌي لباسُ به ٺاهوڪو پهرايو هو. اهڙي هڪ ٻئي شاهڪار ڪهاڻي ”خدا ڏي خط“ به سائين الطاف شيخ جي ترجمو ٿيل، مون کان مُور نَه وسري. قبرَ ئِي وساري.
    ڪهاڻي ”ويلو“ پڙهڻ کان پوءِ، الطاف شيخ جو نالو منهنجي دل ۾ ائين لکجي ويو، جيئن ڪو عاشق جيئڙو، وڻ تي، چاقوءَ سان پنهنجي دلِ گهُري محبوبا جو نالو لکندو آهي.
    ريڊيو ’مارڪونيءَ‘ ٺاهيو. بلب ’ايڊيسن‘ ايجاد ڪيو. ڪمپيوٽر جو شاهه ڪاريگر ’بل گيٽس‘ آهي. سنڌيءَ ۾ سفرنامي جو مَوجد ’الطاف شيخ‘ آهي.
    آڳاٽي ادب ۾ ابن بطوطه ۽ ابن جبير جا سفرناما اهم ۽ سگهارا آهن. انگريزيءَ ۾ تخيلاتي سفرنامو ۽ وندر وِرنهن ڪرائيندڙ، جوناٿن سُوئفٽ جو ”گليور جوسير ۽ سفر“ آهي. ان جو سنڌيءَ ۾ ترجمو، جاکوڙِي سنڌيڪار، عزتِ مَاب مرزا قليچ بيگ صاحب جن ڪيو آهي.
    اردوءَ ۾ اِبن انشاءَ سَليس، مزاحيا اندازَ ۾ دل وندرائيندڙ سفرناما لکيا آهن. اشفاق احمد جو ”سفر در سفر“ دل کي ڇهندڙ آهي. هن جو هڪ ننڍڙو سفرنامو الطاف شيخ صاحب پڻ سنڌيءَ ۾ تَرجمو ڪيو آهي.
    مستنصر حسين تارڙ سڀني کان گوءِ کڻي ويو. هن جَجها سفرناما لکيا آهن، جيڪي ٺيڪ ٺاڪ ۽ پڙهڻ جهڙا آهن، وَيلَ ناهن.
    تارڙ صاحب جي سفرنامن ۾ پاڻَ پڏاءُ گَهڻو آهي. هَر سَفرنامي ۾ ڪوه قاف جو شهزادو بڻيل هوندو آهي. ايئرپورٽ تي لهڻ سان ئِي حسينائون ڪڍَ پوڻ لڳنديون اَٿس. انهن ڳالهين تي لطيفو ٺهيل اَٿس ته: هڪ اردو اديب، لنڊن ۾ هڪ بس ۾ ويٺو. ڀر واري سيٽ تي هڪ مائي سڳوري اچي ويٺي. هن ڪو اڻَ ڄاڻائيءَ مان هٿُ اديب جي ڪلهي تي رکيو ته هن هٿُ پري ڪندي چيس: ”ادِي! مان مُستنصر حسين تارڙ ناهيان“.
    انگريزيءَ ۾ پال ٿئرو ۽ وي. ايس. نائِپال ڏاڍا سٺا سفرناما لکيا آهن. اُردوءَ ۾ شاهڪار سفرنامو، محمد اختر ممونڪا جو ”پئرس 205 ڪلوميٽر“ آهي. سادگيءَ ۽ سچائيءَ سان لُطف ڏيندڙ سفرنامو آهي.
    سنڌي ٻوليءَ ۾ سفرنامن جي حوالي سان ”هُو آيو، هُنَ ڏِٺو، هُنَ فتح ڪيو“ سورهن آنا، الطاف شيخ صاحب مٿان لَهي ٿو.
    ڪنهن اَڀاڳي پڙهيل لکيل گهرَ ۾ شيخ اياز، امر جليل ۽ الطاف شيخ جو ڪو ڪتاب نَه هوندو.
    الطاف شيخ جيئن ڏسندو آهي، تيئن لکندو آهي. ڪتاب پڙهندي ائين لڳندو آهي ڄَڻُ هو سامهون کٽَ تي ويٺو، پنهنجي سُونهاريءَ تي هَٿُ گُهمائي، ڳالهيون ٻڌائي رَهيو آهي.
    هن جي لکڻي شڪارپور جي پاڻيءَ وانگُر صافُ، مٺائيءَ جهڙي مٺِي ۽ کٽاڻ جهڙي کِٽي هوندي آهي.
    الطاف شيخ صاحب جو سفرنامو پڙهندي، ائين لڳندو آهي ڄَڻُ ڪو نيڪ دل پرهيزگار ڪراڙو ڪاڪو، پنهنجن پوٽن، ڏوهٽن کي هٿن کان وٺي شهر گهمائي، بازاريون ڏيکاري، معلومات ڏئي، گهٽين ۾ وٺي وڃي، سُٺن ماڻهن سان ملائي، کِلائي پر زائفان کي ويجهو اَچڻ نه ڏئي. آمريڪا جي سمنڊ تي ليٽيل اگهاڙي زائفان به، هِنَ جي سفرنامن ۾ پڊعيدن ۾ اڇو برقعو پاتل مائِي نظر ايندي آهي.
    الطاف شيخ صاحب سفرنامن کان سواءِ، انيڪ ڪهاڻين، ناولن، سفرنامن، مضمونن ۽ چوڻين وغيره جي ڪتابن سان سنڌي ادب کي مالا مالُ ڪيو آهي. دعا آهي اڃان به علي بابا وارو ”کُل جا سَم سَم“ وارو خزانو ڏيندو. هن مٿان ڌڻي سڳوري جي رحمت جا دروازا سدائين کليل هوندا.
    هي ٻه سٽُون لکڻ جو شرف ڏئي، سائين الطاف شيخ سچ پچ مون کي ايوارڊ ڏنو آهي جيڪو نوبل انعامَ کان به مٿانهون آهي.

    آدرش، شڪارپور. 2017-8-15


    دنيا جي خوش حال انڊسٽري

    دنيا جي ڪنهن به بزنيس کي ڏٺو وڃي ته ان ۾ اهو ٿو ڪمائي جيڪو ان ۾ پئسو ٿو لڳائي. ويندي زمينداري ۾ به ڏٺو وڃي ته ان جي پئداوار جو مالڪ زميندار ئي رهي ٿو جنهن جي زمين آهي ۽ جنهن ان ۾ پوک ڪرڻ لاءِ ٻج، ڀاڻ ۽ جراثيم مار دوائن (ڪيميڪلس) تي خرچ ڪيو آهي. اهڙي طرح ڪو انڊسٽري (ڪارخاني، فئڪٽري) جو مالڪ آهي ته ان فئڪٽري مان ٿيندڙ فائدو فقط هن کي ئي ملي ٿو، پوءِ اها انڊسـٽري چاهي ڪپڙي جي هجي، جورابن جي يا بوٽن جي. ٻي ڳالهه ته ڪنهن به انڊسٽري ۾ جام پئسو لڳائڻ جي باوجود ان ۾ نقصان جا به انديشا رهن ٿا. ملائيشيا ۾ هوندو هوس ته ملاڪا رياست جو وزير اعليٰ داتو رحيم تامبي چِڪ جيڪو منهنجو هم عمر، دوست ۽ پاڙيسري هو، چوندو هو ته: ”الطاف دنيا ۾ هڪ اهڙي به انڊسٽري آهي جنهن ذريعي توهان حق حلال جي روزي ڪمائي سگهو ٿا، جنهن ۾ ڪنهن سيڙپ جي ضرورت ناهي، جنهن مان نقصان نه رڳو فائدو ئي فائدو آهي ۽ جنهن جو لاڀُ امير کان غريب ماڻهوءَ تائين پهچي ٿو.... ۽ اها آهي ”ٽوئرزم انڊسٽري“.
    اسان واري يار ”رحيم تامبي چِڪ“ جو مطلب هو، ته جڏهن ڌارين شهرن ۽ ڌارين ملڪن جا ماڻهو ڪنهن شهر ۾ گهمڻ لاءِ اچن ٿا، ته ان شهر جي مڪاني ماڻهن: هوٽلن وارن کان ٽانگي رڪشا وارن جي ڪمائي ٿئي ٿي. ظاهر آهي جيڪو گهمڻ لاءِ اچي ٿو اهو حيثيت آهر ڪنهن ريسٽورنٽ ۾ ويهي ٻوڙ ماني نه کائيندو، ته ٿالهه واري کان ڇولا ته وٺي کائيندو. شهر جي هڪ ڪنڊ کان ٻيءَ تائين سندس گهمڻ ۾ مڪاني ٽئڪسي، ٽانگي ۽ چنگچي واري جو فائدو ٿيندو ۽ آخر ۾ گهمڻ لاءِ آيل ماڻهو پنهنجي مائٽن مٽن ۽ دوستن لاءِ، جي شڪارپور جهڙو شهر آهي ته مٺائي، آچار، پاپڙ، کجور جهڙيون شيون سوکڙي طور وٺي ويندو.
    منهنجي خيالَ ۾ ان ٽوئرزم مان ٿيندڙ معاشي فائدي کان اسان سنڌي وڌيڪَ واقف هُئڻ کپون ،جو اسان پنهنجي يا آس پاس جي ڳوٺن ۾ سال ۾ لڳندڙ ٽن ڏينهن جي ميلي ۾ ڏسندا رهون ٿا ته دڪاندار کان مزدور تائين ان مان ڪيترو ڪمائي وٺن ٿا. ويندي پخال ۾ پاڻي کڻي پيئارڻ وارو به ڪمائي وٺي ٿو ۽ جڏهن ٽن ڏينهن جي ميلي ۾ ئي ان ڳوٺ جا ماڻهو سکيا ستابا ٿيو وڃن، ته پوءِ انهن هنڌن جو سوچيو، جِتي تاج محل جهڙي ڪنهن تاريخي شيءِ ڪري آگري ۾ يا معين الدين چشتي جهڙي بزرگ جي مقبري ڪري اجمير ۾ ٻارهو ئي ميلو متو رهي ٿو .... اتي جي مڪاني هوٽلن ۽ دڪانن جي مالڪن کان وٺي فٽ پاٿ تي پڪوڙا ۽ ڳنڍيريون رکي وڪڻڻ وارن جي ڇا ته ڪمائي ٿيندي هوندي.
    بهرحال مٿين ڳالهه ته ”ٽوئرزم انڊسٽري مان فائدو ئي فائدو آهي“، ملاڪا جي وزير اعليٰ تڏهن ڪئي، جڏهن مون هن کان پڇيو ته هو ڇو هر وقت پريشان آهي ته انڊيا، اسپين، مالديپ ٻيٽ ۽ سري لنڪا وانگر هِتي ملاڪا ۾ به ٽوئرسٽ نظر اچن. هيءَ 1980ع جي شروع وارن سالن جي ڳالهه آهي جڏهن ملاڪا جهڙي شهرَ ۾ جيڪو اڄ ڪلهه ته هوٽلن ۽ ٽوئرسٽن کان اٿلي ٿو، هڪ به ”فائيو اسٽار، ته ڇا ”فور اسٽار“ هوٽل به نه هئي. ملڪ جي پهرين نئين نيول اڪيڊمي کلي هئي جنهن ۾ مون جهڙا چار پنج پاڪستان، انڊيا، برما، سريلنڪا ۽ انگلنڊ جي جهازن جا چيف انجنيئر ۽ ڪئپٽن پڙهائڻ لاءِ رکيا ويا هئا. ٻيا ته گهر کان به ٻاهر نه نڪرندا هئا، پر آئون مڙيوئي سفرنامي خاطر ڪجهه احوال حاصل ڪرڻ لاءِ ملاڪا شهر جا پيو چڪر هڻندو هوس. انهن ڏينهن ۾ ملاڪا ڇا ته ماٺيڻو ۽ ننڊاکڙو شهرُ هو. هن وزير اعليٰ جي دماغ ۾ بس اهو ئي جنون هو ته هن جي رياست واري شهر ملاڪا ۽ اوسي پاسي جي شهرن: مور، جاسين، مسجد تاناح ۽ سنگائي اُڊانگ وغيره ۾ ڌارين ملڪن جا ماڻهو اچن. آئون کِلي چوندو هوسانس ته: ”آهي مون فارينر جي ڏسڻ لاءِ ڪجهه ڪونه، ٻيا اچي هِتي ڪهڙا اَڪَ ڪارا ڪندا. پاڪستان جهڙي گرم ملڪ ۾ وري به بهار ۽ سرءُ جا ٽي ٽي مهينا ته سٺي موسم رهي ٿي هِتي ملائيشيا ۾ جُهڙ آهي ته فرحت آهي نه ته ٻارهوئي ٽڪڻ ٿي گرم ٿئي! ٻي ڳالهه رحيم تامبي چِڪ! توهان کي پئسي ڪمائڻ جي ضرورت ئي ڪهڙي آهي؟ توهان وٽ ته گهڻي آدم شُماري به نه آهي. چوڌاري بنا هر ڪاهڻ، کيڙڻ ۽ پاڻي ورائڻ جي ميون جا وڻ، ڀاڄيون ناريل، پام آئل ۽ رٻڙ جون پوکون آهن. ڌرتي اندر ٽامو، پتل، قلعي ۽ ويندي سون آهي.... اڃان به سنگاپور جهڙو ملڪ ٽوئرزم جو سوچي جنهن وٽ ڪجهه ناهي..... نه پوک نه ڌاتو..... نه پيٽرول نه گئس.... پيئڻ لاءِ پاڻي به هو توهان کان ٿو خريد ڪري. ٻي ڳالهه ته توهان وٽ ڪو فارينر هلي ملي اچي به کڻي ته ڏسي ڇا؟“
    منهنجي ان آخري جملي تي هو (وزير اعليٰ) چوندو هو: ”بس! اها ئي ته هڪ ڳالهه آهي جنهن جي کوٽ آهي. ڏس الطاف! ٽوئرزم اهڙي شيءِ آهي، اهڙي انڊسٽري آهي، جنهن مان لڳاتار ڪمائي آهي ۽ غريب غربي جو فائدو آهي. ٽوئرزم لاءِ جيڪا اهم شيءِ ”امن امان“ جي حالت آهي اها اسان وٽ آهي، ٽوئرسٽ جي رهائش لاءِ ننڍين وڏين هوٽلن ۽ هائيجن جو خيال ضروري آهي، اهو به منهنجي رياست ۾ زور شور سان هلي رهيو آهي، باقي ٽوئرسٽ جي گهمڻ ۽ ڏسڻ لاءِ ڪجهه شيون سوچي ٿو وٺان“.
    آئون ان بعد به ڏهه سالَ لڳاتار ملاڪا ۾ هوس جنهن دوران هن ملاڪا ۾ چڙيا گهر (Zoo)، عجائب گهر، پارڪ ٺهرايا. شهر ۽ ٻهراڙيءَ ۾ جيڪي به مسلمانن جون مسجدون، هندن جا مندر، سکن جا گوردوارا، عيسائين جا گرجا گهر ۽ ٻڌن جا پگوڊا هئا انهن سڀني جي سهڻي نموني سان مرمت ڪرائي مختلف رنگن روغنن سان چمڪايا.... نه صرف اندران ٻاهران پر ان جي آس پاسي واري علائقي کي به گل گلڪارين سان خوبصورت بڻايو جيئن دنيا جي مختلف مذهبن جا ماڻهو پنهنجي پنهنجي عبادت گهر کي ڏسي خوش ٿين ۽ فوٽا ڪڍي پنهنجي وطن پنهنجي عزيزن ۽ دوستن کي ڏيکاري، انهن کي گهمڻ لاءِ هرکائِن. ملاڪا ۾ آڳاٽي زماني جو پورچوگالين جو هڪ ننڍڙو قلعو هو .... بلڪه فقط ڀت جو هڪ حصو هو، ان کي رنگ روغن ڪرايو، سنڌالاجي ڊپارٽمينٽ وانگر ملائيشيا جي مختلف ڊريسن ۾ ماڻهن جا مجسما Statue ٺهرايا ۽ قومي هوائي ڪمپني سان ملي انهن فارينرس کي ٽڪيٽ تي ڊسڪائونٽ ڏياريا، جيڪي ملاڪا گهمڻ آيا ٿي، ڌارين ملڪن جي اخبارن رسالن ۾ ملاڪا گهمڻ جا اشتهار ڏنا ۽ مون ڏٺو ته ملاڪا ۾ هر سال ٽوئرسٽن جو تعداد وڌندو رهيو ۽ هاڻ ته ملاڪا ۾ جهڙو ميلو متو پيو آهي .... اهي ملاڪا شهر جون گهٽيون جن ۾ 1968ع کان 1985ع تائين به مون اڪيلي کان سواءِ ڪو ورلي ڌاريو نظر آيو ٿي، ان جي گهٽي گهٽي ۾ هوٽلون ۽ مسافرخانا آهن جن ۾ رهائش لاءِ خالي ڪمرو نه ٿو ملي. هاڻ ملاڪا شهر مٽياري ۽ ماتلي جهڙو ڳوٺڙو نه پر يورپ جو ماڊرن شهر لڳي ٿو جِتي هر شيءِ بين الاقوامي معيارَ جي آهي. هر هڪ خوش حال آهي.
    هن وقت آئون سوچيان ٿو ته اسان جي فقط سنڌ ۾ ئي خبر ناهي ڇا ڇا تاريخي يادگار ۽ قدرتي نظارا آهن: مڪلي جي مقبرن ۽ شاهجهان مسجد کان حيدرآباد جو پڪو قلعو، ڪوٽ ڏجي کان گورک هل. رڳو سکر رهيس ته ٽي ڏينهن ساڌ ٻيلو، ستين جو آستان، معصوم شاهه جو منارو، لئنسڊائون پل ۽ ٻين تاريخي ۽ قدرتي نظارا ڏسڻ لاءِ پورا نه پئي پيا ۽ جِتي ملاڪا جهڙي رياست اڄ سڀ کان گهڻو ٽوئرزم مان ٿي ڪمائي اتي اسان جي سنڌ ته گهڻو ڪجهه لاڀ حاصل ڪري سگهي ٿي. پر اسان وٽ جنهن بنيادي شيءِ جي کوٽ آهي، اها آهي امن امان جي صورت حال. مال ۽ جان جي حفاظت نه هجڻ ڪري هڪ ڌاريو ته ڇا ملڪي ماڻهو به اچڻ کان ٽهي ٿو ..... هيءَ اهـڙي ڳالهه آهي جيڪا موجوده حڪومت به محسوس ڪري رهي آهي ۽ جيئن ئي اها کوٽ پوري ٿيندي، ته تاج محل ڏسڻ کان به وڌيڪَ ماڻهو اسان وٽ موهن جو دڙو ڏسڻ لاءِ ايندا.
    منهنجي پنهنجي تجربي موجب بهترين ٽوئرزم لاءِ ..... يعني سياحن کي پاڻ ڏس ڇڪڻ لاءِ، ڪجهه ٻيون شيون به ضروري آهن، جهـڙوڪ: سٺي پوليس، رهائش ۽ کاڌي پيتي لاءِ سٺيون ۽ سستيون هوٽلون ۽ سواريءَ جي آساني.
    امن امان سان گڏ سٺي پوليس جو هجڻ ضروري آهي. سنگاپور ۾ 1970ع تائين به بدامني جو عالم هو. ايتري قدر جو اسان جهاز وارن کي پنهنجي مڪاني آفيس کان هدايتون مليل هيون ته ڏينهن جو به بندرگاهه کان گهڻو پري نه وڃون. ذرا سوچيو ته سنگاپور ٻيٽ آهي ئي ڪيڏو ....! پهرين به لکي چڪو آهيان ته هاڻ سمنڊ کي ڀري جملي پکيڙ 720 چورس ڪلوميٽر ڪئي وئي آهي، نه ته 1968ع ۾ جڏهن پهريون دفعو آيو هوس، ته اهو فقط 580 چورس ڪلوميٽر هو. سنڌ جو مٽياري ضلعو سڀ ۾ ننڍو آهي ان جي پکيڙ به 1420 چورس ڪلوميٽر آهي. بدامني ڪري هر هنڌ ماڻهو گهٽ ٿو نڪري. فئملي ۽ ٻارن سان ته هرگز نه ٿو نڪري. انهن ڏينهن ۾ يعني 1970ع ۾ سنگاپور ٺڳن جو ملڪ سڏيو ويو ٿي ۽ شهر ۾ هلندڙ بسين تي ”بشنين کان خبردار رهڻ“ جهڙا چِتاءَ لکيل هوندا هئا ۽ هاڻ ته سائين اهڙو امن آهي جو توهان جو هلندي رستي تي پرس ڪري پئي ته به ڪو هٿ نه لاهيس. جپان ۽ سئيڊن .... توڙي يورپ جي ٻين ملڪن ۾ پوليس ايڏو مددگار آهي جو ٻار ٻچا ڀلي اڪيلا پيا هلن. مجال آهي جو ڪو نالو وٺين. پوليس کي اطلاع ڪرڻ تي اها يڪدم مدد لاءِ پهچيو وڃي. ملائيشيا ۽ ٿائي لئنڊ جهڙن ملڪن ۾ سالن کان ڏسان ٿو، ته پوليس جو ڪافي رعب تاب آهي تڏهن ته مڪاني چيني ۽ ٽوئرسٽ يورپي ڇوڪريون رات جو هڪ ڳوٺ کان ٻئي ڳوٺ بسين يا سائيڪلن تي پيون هلن .... مجال آهي جو ڪو سندن نالو وٺي. حيرت جي اها ڳالهه آهي ته ان معاملي ۾ انڊيا به ڪافي اڳتي وڌي ويو آهي تڏهن ته انڊيا ۾ ٽوئرسٽ ڇوڪريون اڪيلي سر نه فقط شهرن ۾ پر ڳوٺن ۾ به اسڪرٽ ۽ چڍيون پائي پيون هلن.
    ٽوئرسٽن ۾ ڪشش پيدا ڪرڻ لاءِ صاف سٿرو ۽ مناسب اگهه تي کاڌو ۽ رهائش لاءِ هوٽلون پڻ ضروري آهن. توهان انڊيا جون ريلوي اسٽيشنون ۽ ايئرپورٽ ڏسو ته کاڌي جي شين سان ڀريا پيا آهن. ٻاهر جي قيمت ۽ اندر جي قيمت ۾ ڪو ورلي فرق نظر اچي ٿو. غريب غربو پليٽ فارم تان پنهنجي پسند جي شيءِ وٺيو پيو کائي. ساڳئي وقت اسان وٽ ڏسو هر شيءِ مهانگي. چانهه جو ڪوپ 80 رپئي ۽ اسلام آباد ايئرپورٽ تي 100 رپئي. ويهن روپين واري پٽاٽو چپس جي ٿيلهي 150 روپيه. اسلام آباد ايئرپورٽ تي هن ڀيري ٻيو به دڪان کليل هو. مون سمجھيو ته مقابلي ۾ هاڻ سستائي هوندي پر اها ئي مهانگائي .... يارو ايڏي مهانگي چانهه يا بسڪيٽ ته ڪوپن هيگن ۽ اسٽاڪ هوم جهـڙن مهانگن هوائي اڏن تي به نٿا ملن. ٽوئرسٽ ته سَستائيءَ ڪري attract ٿئي ٿو. ههڙي مهانگائي جي عالم ۾ اسان وٽ ڪير ايندو؟ اسان جي ملڪ ۾ ايندڙ ٽوئرسٽ کي ته اهو به ڊپ رهي ٿو ته ڪٿي بيف ۽ مَٽن جي نالي ۾ کيس گڏهه جو گوشت ۽ ڪوئن جي ڪِٽ ڪِٽ نه کارائي وڃي. ويندي پيئڻ جو پاڻي ان هائيجنڪ آهي.
    اسان وٽ رهائش لاءِ ضلعي شهرن ۾ به هوٽلون اڻ لڀ آهن. جِتي آهن انهن جا وري اگهه ڏسو. دهلي، آگره ۽ ممبئي جهڙن شهرن ۾ جِتي فائو اسٽار هوٽلون آهن اتي ريلوي اسٽيشن جي ڀر وارين گهٽين ۾ اهڙيون به هوٽلون آهن، جن جي سڄي ڪمري جي مسواڙ ٻه سؤ رپيا آهي ۽ فقط هڪ ماڻهو جي سمهڻ لاءِ هڪ سؤ روپيا. آئون ڏسندو آهيان ته ڪيترائي يورپي سياح به اهڙين هوٽلن ۾ خوش ٿي رهن ٿا ۽ پئسو بچائن ٿا. بقول هنن جي امن امان آهي ته ڪهڙي به هوٽل هجي ۽ سڄي رات پکو ته هلي ٿو.
    اهڙي طرح ٽوئرسٽ جي سير تفريح لاءِ سواري جو سولائيءَ سان ملڻ ۽ سستو هجڻ پڻ ضروري آهي. توهان انڊيا ۽ ايران ۾ ڏسو ته اتي جي هر شهر ۾ جيتوڻيڪ بي انتها ٽوئرسٽ نظر اچن ٿا پر جنهن وقت به رڪشا يا ٽئڪسي جي ڳولا ڪر، ته سامهون بيٺي آهي ۽ اگهه به بي حد مناسب. اڃان به سستائي کپي ته هر هنڌ آرام واريون بسون، ميٽرو ريل ۽ ٽرين. ممبئي ۾ ٽرين شهر جي هڪ ڪنڊ کان ٻئي ڪنڊ تائين هلي ٿي. منجھس فقط ٻه ڪلاس آهن. مٿيون ڪلاس ”ٽون ڦان“ رکڻ وارن ماڻهن لاءِ جنهن جو ڀاڙو 80 رپيا آهن ۽ هيٺين ڪلاس ۾ باقي ”ڪُت خلق“ پر ڀاڙو فقط 6 رپيا! آئون فقط پهريون دفعو مٿين ڪلاس ۾ چڙهيس ۽ جيتوڻيڪ سفر ۽ سهولت جي حساب سان اهو ڀاڙو ڪجهه به ناهي، پر هر ٽوئرسٽ اڃان به سستائي ڳولي ٿو ۽ ان بعد مون هميشه هيٺئين ڪلاس کي ترجيح ڏني جِتي عام ماڻهن سان خبرون چارون به ڪيم ٿي. ايتري قدر جو گورن انگريزن ۽ يورپين کي به هيٺئين ڪلاس ۾ سفر ڪندو ڏٺم. سو اسان به جي چاهيون ٿا ته اسان جي ملڪ ۾ ٽوئرسٽ اچن ته اسان کي هنن جي سهولت، سک، امن امان، صحت ۽ گهٽ خرچ واري رهائش ۽ صاف سٿري کاڌي پيتي جي لاءِ بندوبست ڪرڻو پوندو.


    اسانجون غلط فهميون ۽ غلط سوچون

    اسان جي ملڪ جا ماڻهو خاص ڪري اسان جا سنڌي عجيب سوچ رکن ٿا. چونڊيل نمائندو عوام لاءِ هڪ ٽڪي جو به ڪم نه ڪندو، ته به اليڪشن اچڻ تي اسان جا ماڻهو وري وري ان ساڳئي کي ووٽ پيا ڏيندا. چوندا ”سائين! اسان جو پنهنجو سنڌي آهي.... مرشد سڳورو آهي، تَرَ جو وڏيرو آهي.....“ وغيره. ۽ پوءِ اهو ماڻهو بار بار حڪومت ۾ اچڻ تي به، نه شهر جي حالت ٿو سڌاري نه تعليم يا صحت لاءِ ٿو ڪجهه ڪري. سنڌ جي ماڻهن جا ٻچا صحيح تعليم ۽ صحيح دوا درمل نه ملڻ ڪري نه روزگار کي ٿا لڳن ۽ نه سندن صحت ٿي صحيح رهي. حيرت جي ڳالهه اها آهي ته اسان پنهنجو ۽ پنهنجن ٻارن جي مستقبل جو خيال ڪرڻ بدران ساڳئي نڪمي کي وري وڃي ٿا ووٽ ڏيون.
    ملائيشيا جي جنهن ڳوٺ ’ڪئالا سنگائي بارو‘ ۾ رهندو هوس، اتي جا منهنجا ڪجهه مقامي دوست مذهبي سياسي جماعت ”الارقام“ جا ميمبر هئا، جيڪا پارٽي هر وقت مخالفت ۾ رهي حڪومت ۽ وزير اعظم مهاتير محمد تي تنقيد ڪندي رهي ٿي. اليڪشن ٿي. ووٽ ڏيڻ بعد مون پنهنجن دوستن کي چيو ته: ”توهان پڪ پنهنجي پارٽي الارقام جي ميمبر مولوي عبدالعزيز کي ووٽ ڏئي آيا هوندئو؟“
    مونکي حيرت ٿي جڏهن هنن سڀني چيو ته: ”نه! اسان مهاتير کي ڏئي آيا آهيون.“
    ”ڇو ڀلا؟“ مون پڇيو.
    ”ان ڪري جو هو اسان جي ڳوٺ لاءِ هيڏا سارا ڪم پيو ڪري، ان کان بهتر ٻيو ڪير ٿيندو.“
    هنن مخالف پارٽي جي ماڻهو کي به خوشيءَ سان ووٽ ٿي ڏنو، ان ڪري نه ته مهاتير ڪو سندن هم زبان هو يا ڪو پير هو. مهاتير ته هڪ ڌاريو ۽ غريب ماستر جو پٽ هو. پر ملئي ماڻهو جن لاءِ چوندا آهن ته اسان سنڌين وانگر ڳوٺن جا رهاڪو ۽ سادي طبيعت جا آهن پر آئون اهو چوندس ته هنن کي وڏو عقل آهي. اليڪشن ۾ ان کي ئي کَٽائن ٿا جيڪو هنن جا ڪم ڪري ٿو .... جيڪو صحيح ڊليوري ڏئي ٿو. اڄ سوچان ٿو ته اهو ئي سبب آهي جو ملائيشيا جا ڳوٺ جيڪي اڄ کان اڌ صدي اڳ، 1968ع ۾ ملائيشيا ۾ پهريون دفعو اچڻ مهل، مون کي سنڌ جي ٺارو شاهه، سڪرنڊ، ميهڙ ۽ مٺي کان چٽ ٿي لڳا اهي هاڻي يورپ جي شهرن سان مقابلو ڪن ٿا. ملائيشيا ۾ ٽي چار اليڪشنون ته منهنجي هوندي ٿيون هونديون. هر اليڪشن بعد چونڊيل نمائندا پهرئين کان وڌيڪَ عوام جي خذمت ڪندي نظر اچن ٿا. روڊ رستا، ڪارخانا فئڪٽريون، اسپتالون اسڪول .... هر شيءِ ۾ واڌارو ۽ سڌارو. ڳوٺن جا ماڻهو به خوش حال!
    1968 ۾ پهريون دفعو ملائيشيا جا ڳوٺ ڏسي اتي جي رهاڪن سان همدردي ٿي هئي، ته اهي اسان جي ان وقت جي ڳوٺن کان ڪيترو ته Under developed هئا اڄ اڌ صديءَ بعد ملائيشيا جي هر ڳوٺ ۾ ڇا ڇا نه آهي. اسان کي ملائيشيا وارن کان ڏهه سال اڳ آزادي ملي، پر اڄ اسان وٽ هالا، ڪنڊياري، گمبٽ ڏوڪري جهڙن شهر نما ڳوٺن جي به حالت خراب آهي. اسان جا ماڻهو اهو نه سوچيندا ته جيئن جهاز کي سنئين راهه تي هلائڻ جي ذميواري ڪئپٽن جي آهي تيئن علائقي جي خوش حاليءَ جي ذميواري اسان جي تر مان چونڊيل نمائندي جي آهي. ملائيشيا، سنگاپور، هانگ ڪانگ، ڪوريا جهڙا اسان کان پٺتي پيل ايشيائي ملڪ جيڪي اڄ يورپ ۽ آمريڪا جو ڏيک ڏين ٿا، انهن کي ٺاهڻ ۽ ان منزل تي رسائڻ ۾ انهن ملڪن جي سياستدانن جو هٿ آهي .... هر چونڊيل نمائندي جو contribution آهي اسان جو سياستدان ڳوٺن کي سڌارڻ جا سمورائي ترقياتي فنڊ هڙپ ڪريو وڃي ته به اسان جو سادڙو عوام ان جو احتساب ڪرڻ بدران هٿ ادب جا ٻڌي ”جي سائين! واه سائين!“ ڪندي نظر اچي ٿي. ڀلا پنج سال هُن ملڪ جي ڀينگ ڪئي هاڻي ته کڻي هن جي پچر ڇڏيو ۽ ٻئي ڪم جي ماڻهوءَ کي موقعو ڏيو .... هرگز نه .... وري وري ان کي ووٽ ڏيڻو آهي ان ڪري جو هو اسان جو سنڌي آهي .... اسان جو سائين آهي .... اسان جو شاهه سيد آهي .... اسان جو پير وڏيرو آهي.... ۽ پوءِ اسان هڪ دفعو ڀوڳيو وري وري ويٺا ڀوڳيون. ملائيشيا جهڙن ملڪن ۾ جِتي تعليم آهي ماڻهن ۾ شعور آهي اتي اهي حقيقت پسند آهن. اسان وٽ پنهنجا نمائندا چونڊڻ جي معاملي ۾، تجزيا نگارن جي چوڻ موجب، سنڌ جي ماڻهن کان وري به خيبر پختونخواه جا پٺاڻ وڌيڪ سلجهيل آهن. ان سلسلي ۾ هڪ پٺاڻ دوست کي چيم ته توهان چڱا سياڻا آهيو جو هر اليڪشن ۾ نوان سياسي نمائندا چونڊيو ٿا. هن ٽهڪ ڏئي انگريزيءَ جي مشهور چوڻي ورجائي؛
    “Diapers and politicians should be changed often …. Both for the same reasons”
    دراصل مون ڳالهه ڪا ٻئي ٿي ڪرڻ چاهي پر وچ ۾ سياست به اچي وئي. مون ڳالهه حقيقت پسند ٿيڻ جي ٿي ڪئي جنهن ۾ اسان جا ماڻهو ڪڏهن ڪڏهن وسوڙيل نظر اچن ٿا. اسان وٽ سچائيءَ بدران ماڻهوءَ کي ڏٺو ٿو وڃي ته اهو ڪير آهي. جي اهو اسان جو پنهنجو مسلمان يا پنهنجو سنڌي آهي ته هن جو غلط عمل به صحيح آهي .... سچ آهي. اسان وٽ سڪندر اعظم جي مقابلي ۾ راجا پورس کي گهٽ سمجھيو ٿو وڃي. نفرت جو سبب اهو ته راجا پورس هندو هو. اڙي بابا هو هندو هو يا ٻوڌي پر سڪندر وري ڪهـڙو مسلمان هو؟ ان کي، سندس تاريخدانن تعريفن جون پليون ٻڌي کڻي مرد مجاهد بڻايو .... ايتري قدر جو ان کي مسلمان سمجھي اسان جا مسلمان (خاص ڪري ننڍي کنڊ جا ـــ عرب يا ملئي هرگز نه) پنهنجن پٽن تي سڪندر نالو رکن ٿا جيئن ڌيئن تي زرينا .... نه ته ڏٺو وڃي ته نه سڪندر مسلمان هو ۽ نه زرينا (روس جي راڻي، زار جي زال). وڏي ڳالهه ته سڪندر جڏهن ننڍي کنڊ (اڄ واري سنڌ ۽ پنجاب) جي راجا پورس تي حملو ڪيو هو ان وقت نه اڃان اسلام هو ۽ نه عيسائيت.
    سڪندر ۽ راجا پورس جي لڙائي سن 326 ق.م ڌاري لڳي. يعني ان لڙائي کان 326 سال پوءِ حضرت عيسيٰ عليه السلام جنم ورتو. پر ڪيترا ماڻهو اهو ئي سمجھن ٿا ته راجا ڏاهر ۽ محمد بن قاسم جي لڙائي وانگر پورس ۽ سڪندر جو مقابلو به اسلام کان پوءِ جي ڏينهن ۾ ٿيو جنهن ۾ هڪ (پورس) هندو هو ته ٻيو (سڪندر) پڪ مسلمان ئي هوندو. سو اسان کي سڪندر جو پاسو لازمي کڻڻ کپي ۽ پورس کي ”لَک سَؤ“ گارين جو ڏيڻ کپي.
    دل ۾ بغض رکڻ بنا، غيرجانبدار ٿي تاريخ ٿي پڙهجي ته پورس کي Credit ڏيڻو پوي ٿو جنهن کي سڪندر سان ويڙهه ۾ سوڀ کڻي حاصل نه ٿي پر هُنَ هِنَ يوناني سولجر جو مقابلو ته سخت ڪيو ۽ سڪندر کي چڱو tough time ڏنو .... جنهن جو اعتراف سڪندر پاڻ به ڪيو ۽ پورس کي قدر جي نِگاهه سان ڏٺو. هوڏانهن ايران (فارس) سلطنت جو دنيا ۾ مشهور بهادر ۽ جنگجو دارا (دائرس) جنهن جي فوج ۽ سلطنت پورس کان ڪيئي دفعا وڌيڪَ هئي سو پورس جيترو به مقابلو ڪري نه سگهيو ۽ مارجي ويو.
    سڪندر اعظم سن 356 ق.م يونان ۾ ڄائو. ويهن سالن جو هو ته سندس پيءُ ”فلپ ٻيو“ جيڪو يونان جي مقدونيا علائقي جو بادشاهه هو، گذاري ويو ۽ تخت ۽ تاج هن سڪندر (Alexander – III) جي حوالي ٿيو. هتي اهو لکندو هلان ته مشهور يوناني فلاسفي ارسطو (Aristotle) سڪندر اعظم جو ٽيچر ٿي رهيو. تخت تي ويهڻ سان سڪندر پنهنجي پيءُ جي رٿيل پروجيڪٽ .... ايران (پرشيا) کي فتح ڪرڻ، جي پوئواري شروع ڪئي. نه فقط ايران پر هن سڄي دنيا، جيڪا ان وقت ڀؤنچ سمنڊ کان انڊيا چين تائين سمجھي وئي ٿي، ان کي فتح ڪرڻ جو ارادو ڪيو. ۽ هن جي سڄي عمر 323 ق.م تائين جنگين ۽ سوڀن حاصل ڪرڻ ۾ گذري ۽ 30 سالن جي ڄمار ۾ هن جي سلطنت يونان کان مصر ايران ۽ اتر آفريڪا کان اولهه انڊيا تائين پکڙيل هئي جنهن جو ڪو مثال نٿو ملي. بنا شڪ جي هو وڏو فاتح هو.
    ان دؤر ۾ پرشيا جي سلطنت به ڪا ميرن جي چؤياري نه هئي. ان وقت پرشيا (ايران) جي دنيا جي وڏي طاقتور حڪومت هئي. سڪندر جي يونان جو ”اعظم“ هو ته دارا به پرشيا جو ”عظيم شهنشاه“ هو. سڪندر جي فتحيابيءَ کان اڳ تائين پرشن (ايراني) شهنشاهه دارا جي حڪومت اڊياٽڪ سمنڊ جي ملڪن: يوگوسلاويا وغيره کان سنڌو ندي جي کاٻي ڪپ تائين هئي.
    سنڌي جو هڪ راڳ هن وقت ڌيان ۾ پيو اچي.
    ٿيا هزار سڪندر دارا
    ويا پنهنجا وڄائي وارا
    هي اهو دارا آهي جهن جو مقابلو سڪندر سان ٿيو ۽ دائريوس ٽيون (Diarius III) سڏجي ٿو. هنن ايراني شهنشاهن جي اصل نسل ۽ جاهه جلوي جو تفصيلي احوال پنهنجي ايران واري سفرنامي ”ايران ڏي اڏام (ايران ڪي دن) ۾ لکي چڪو آهيان. هتي پڙهندڙن جي دلچسپيءَ ۽ معلومات لاءِ اهو لکندس ته هي شهنشاهه پرشيا (ايران) جي پهرين سلطنت هخامنشي (Achaemenid) گهراڻي جا هئا، جنهن جو بنياد 546 ق.م ۾ فارس جي رهاڪو سائرس جي سرداري ۾ قائم ٿيو. سائرس به مغربي دنيا ۾ دارا ۽ سڪندر وانگر Cyrus the Great سڏجي ٿو. فارسي زبان ۾ کيس ”ڪوروش ڪبير“ ۽ ”ڪوروش بزرگ“ به سڏيو وڃي ٿو. پاڻ 590 ق.م ۾ ڄائو ۽ 559 ق.م کان مرڻ تائين (سال 530 ق.م تائين) 29 سال حڪومت ڪيائين. پاڻ تاريخ جو هڪ اهم بادشاهه ٿي گذريو آهي جنهن جو ذڪر بائيبل ۾ به آهي. ڪيترن اهم مسلمانن جو اهو خيال آهي ته قرآن ۾ ذوالقرنين نالي جنهن شخصيت جي ڳالهه آهي اهو هي ”سائرس دي گريٽ“ آهي. اها ٿيوري اسان جي ننڍي کنڊ جي عالم ۽ مفڪر ”ابو الڪلام آزاد“ جي ڏنل آهي، جنهن کي ٻين به ڪيترن شيعا ۽ سني عالمن Support ڪيو آهي.
    سائرس جي پيءُ جو نالو ڪئمبيس (Cambyses) هو جيڪو هن پنهنجي ٻن پٽن مان هڪ تي رکيو. سائرس جي وفات بعد سندس ٻئي پٽ.... هڪ اٺن سالن لاءِ ۽ ٻيو فقط هڪ سال لاءِ تخت تي ويٺو پر جنگين ۾ مارجي ويا. انهن کان علاوه ٻه ڌيئون شهزادي آرتي ۽ شهزادي اتوسا جن جي شادي سائرس جي مقرر ڪيل گورنر جي پٽ دارا (Darius I) سان ٿي.
    سائرس جي ٻن پٽن بعد سندس ناٺي ”دارا اول“ تخت تي ويٺو. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هي ”دارا اول“ پنهنجي سهري سائرس (ڪوروش بزرگ) وانگر .... يا کڻي چئجي ته ٻه صديون پوءِ انديا تي راڄ ڪندڙ شير شاهه سوريءَ وانگر وڏو قابل سياستدان، آرگنائيزر ۽ ائڊمنسٽريٽر هو، جنهن ملڪ ۽ عوام جي بهتريءَ لاءِ وڏا ڪم ڪيا. 485 ق.م ۾ دارا اول جي وفات بعد سندس پٽ زرقيس اول تخت تي ويٺو ان بعد هخامنشي (Achaemenid) گهراڻي جا ٻيا به ٻارهن کن بادشاهه تخت تي ويٺا ۽ هن گهراڻي 330 ق.م تائين 220 سال حڪومت ڪئي. دارا ٽيون هن گهراڻي جو آخري بادشاهه هو، جيڪو سڪندر اعظم سان جنگ دوران مارجي ويو ۽ پوءِ ايران تي 330 ق.م کان سن 224ع تائين ساڍا پنج سؤ سال يونانين جي حڪومت رهي جنهن ۾ مختلف يوناني گهراڻن جا 60 کن بادشاهه سڄي ايران تي يا ايران جي مختلف صوبن تي حڪومت ڪندا رهيا. ان بعد ساساني گهراڻي جي ارڌشير، شاهپور، هرمزد، پيروز، خسرائو وغيره جهڙن نالن وارن ساساني گهراڻي جي آتش پرست (Zoroastrian) شهنشاهن جو ايران تي راڄ رهيو .... ان بعد عربن جو .... وغيره وغيره.
    بهرحال هِتي اسان ايران جي تاريخ نه پر ان جي هڪ طاقتور حاڪم ”دارا ٽيون“ جي ڀيٽ انڊيا جي ”راجا پورس“ سان ٿا ڪريون ته دارا جي هيڏي وڏي سلطنت ۽ طاقت هوندي به هو سڪندر جي خوف کان ڀڄي نڪتو ۽ مارجي ويو. هيڏانهن راجا پورس جنهن جي سلطنت جھلم ۽ چناب ندين جي وچ ۾ هئي، ان سال 326 ق.م ۾ سڪندر جي حملي جو وڏي دليري سان مقابلو ڪيو ۽ ٻيو ڪو مڃي يا نه خود سڪندر جي يوناني تاريخدانن سڪندر جي زباني لکي آهي ته:

    Alexander was impressed by Porus’s bravery and made him an ally. He appointed Porus as strap (governor), and added to Porus’s territory land that he did not previously own….

    سڪندر اعظم راجا پورس جي بهادري مان ايڏو ته متاثر ٿيو جو جنگ کٽڻ بعد هن کي پنهنجو ساٿي بڻايو. سڪندر اعظم نه فقط کانئس فتح ڪيل ڌرتي پر ڀر وارا علائقا به کيس نظرداريءَ ۾ ڏئي هن کي گورنر جو عهدو ڏنو. سڪندر اهو ئي بهتر سمجھيو ته اهي علائقا جيڪي يونان کان وڏي فاصلي تي آهن انهن جي سار سنڀال لاءِ ڪو مقامي ڀلوڙ ائڊمنسٽريٽر رکڻ بهتر آهي ۽ هن اهڙي ماڻهوءَ جون سموريون لياقتون ۽ قابليتون راجا پورس جي شخصيت ۾ ڏٺيون.
    اسان ڪيڏو ته احساسِ ڪمتري جو شڪار آهيون، ته سڪندر جنهن پورس جي بهادري جو قدر ڪيو پر اسان اڄ تائين هن کي پوٺوهار ڌرتيءَ جو هيرو نه ٿا مڃون .... فقط ان ڪري ته هو مسلمان نه هو. اسان جي لاءِ ڪنهن به هيرو جو مسلمان هجڻ ضروري آهي پوءِ هن ڀلِ کڻي اسان جي نسلن جو ڀلي رت وهايو هجي.
    هيڏانهن ملائيشيا پاسي ائين نه آهي. هنن لاءِ هيرو اهو آهي جيڪو ڪجهه ڪري ڏيکاري پوءِ اهو چاهي کڻي عيسائي هجي ٻڌ هجي، چيني هجي تامل هجي يا ڪو سک. اليڪشن ۾ به ان کي ووٽ ڏئي پنهنجو نمائندو بڻائيندا جيڪو هنن جا ڪم ڪري پوءِ اهو چاهي سلطان گهراڻي جو ماڻهو هجي يا مهاتير وانگر هڪ غريب پرائمري اسڪول ماستر جو پٽ. پر اسان وٽ قصو ئي نرالو آهي. توهان سنڌ جي ڪنهن به شهر ۾ هليا وڃو عوام دانهون ڪندو رهندو ته چونڊيل نمائندا ڪم نٿا ڪن. ووٽ وٺڻ کان پوءِ نظر نٿا اچن. وغيره. پر ڳالهه اها آهي ته وري اليڪشن اچڻ تي توهان ووٽ ڏئي ان ساڳئي پير، مير، وڏيري، سردار کي چونڊيو ٿا جنهن وٽ وڏي گاڏي آهي .... وڏي گاڏي ۽ توبچي (Guards) جو اٽالو ته هن وٽ ضرور آهي پر هن جي سيني ۾ اها نرم دل ناهي، جنهن ۾ عوام لاءِ همدردي هجي. ڀلا هر شهر ۾ انهن پيرن ميرن سيدن، سردارن کان علاوه عام ماڻهو به ته آهن جن کي عوام ۽ پنهنجي علائقي کي سڌارڻ جي جستجو هوندي .... آخرڪار سنڌ هر قسم جي قابل ماڻهن سان ڀري پئي آهي ڇا اهڙا ڊزن ماڻهو به نه ٿا ملن جيڪي هن صوبي جي قسمت بدلائي سگهن. باقي اڃان تائين جن کي اسان ووٽ ڏئي وزير، مشير ۽ ميمبر بڻائي رهيا آهيون اهي سنڌ لاءِ ڪهڙي سجاڳي آڻيندا جيڪي پاڻ ئي منجھند جو ٻارهين کان اڳ سجاڳ نه ٿا ٿين .... ۽ جن جون راتيون عياشيءَ ۾ گذرن ٿيون.


    ڇا اوٺارن جي قسمت کُلي آهي؟!

    ڪجهه عرصي کان ڪراچيءَ جي اوچن علائقن .... ڪلفٽن ۽ ڊفينس جهڙن ۾ ڏاچيءَ جي کير جو وڪرو عام ٿيندو ٿو وڃي. هونءَ ئي اسان جي ملڪ ۾ ڀر وارن ملڪن جي مقابلي ۾ هر کير .... مينهن، ڍڳي توڙي ٻڪريءَ جو مهانگو ٿو ملي ۽ هي اُٺڙي (ڏاچي) جو کير ته تمام مهانگو وڪامي رهيو آهي. عرب ۽ آفريڪا جي ڪيترن ملڪن ۾ رهيس جِتي چوڌاري اٺ نظر آيا ٿي، پر اُٺڙيءَ جي کير پيئڻ جو ڪڏهن به خيال نه آيو. اٺ جو گوشت کائڻ جو ڪيترن ئي ملڪن ۾ موقعو مليو .... خاص ڪري لبنان، سوڍان ۽ موراڪو ۾ ته شورما (ٽانڊن تي پچندڙ گوشت) ته هوندو ئي اٺ جو آهي. اٺ جي گوشت کائڻ جو احوال پنهنجي سئيڊن ۽ ناروي وارن سفرنامن ۾ به لکيو اٿم، جِتي پناهه وٺندڙ فلسطين، عراق ۽ سوماليا جا عرب ۽ حبشي اٺ جو گوشت ٽيونيشيا مان باءِ ايئر (هوائي جهاز رستي)گهرائيندا هئا. پر ڏاچي جي کير پيئڻ جو اتي به نه ٻڌم. سو هاڻي جو ڪراچيءَ جي ڪجهه دڪانن تي ڏاچي جو کير وڪامندو ڏٺم ته پهرين مون اهو سوچيو ته جيئن ته مينهن يا ڳئون جو کير مهانگو ٿي ويو آهي سو سستي جي خيال کان ماڻهن ڏاچي جو کير پيئڻ شروع ڪيو آهي .... ظاهر آهي جنهن جانور جو گوشت سستو ملي ٿو ان جو کير به سستو ئي هوندو. پر اگهه معلوم ڪرڻ تي مون کي حيرت ٿي ۽ دڪاندار کان پڇيم ته اهو ايترو مهانگو ڇو آهي.
    ”سائين ان ڪري جو ڏاچيءَ جي کير جي تمام گهڻي ڊمانڊ آهي ۽ هي ڪاٺوڙ ۽ ٿاڻي بولا خان پاسي کان اچي ٿو.“ دڪاندار ٻڌايو.
    ”پر آخر ان جي ايتري ڊمانڊ ڇو آهي؟“ مون پڇيو.
    دڪاندار مرڪندي ٽوڪ واري لهجي ۾ چيو، ”بس سائين! وڏن ماڻهن جون وڏيون ڳالهيون! هنن کي اهو وهم آهي ته ڏاچيءَ جي کير پيئڻ سان ڪيتريون ئي بيماريون ختم ٿيو وڃن“.
    مون دل ۾ سوچيو ته بيماريون ختم ٿين يا نه، پر اسان جيءَ ڪوهستان ۽ ٿر پاسي رهندڙ غريب اوٺارن (اٺ پالڻ وارن) جو فائدو ضرور ٿي ويندو. ڏاچي جو کير پيئڻ وارو رجحان ضرور اٺن جي اهميت وڌائيندو. اڄ جي ڪاوش اخبار ان بابت تفصيلي رپورٽ ڏني آهي ته ڏاچيءَ جو کير حيدرآباد جي به مختلف علائقن ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي، بلڪه ان جو قدر ۽ قيمت ايتري ته وڌي وئي آهي جو ڪيترن هنڌن تي فقط ڏاچيءَ جو کير وڪڻڻ لاءِ نوان دڪان کلي پيا آهن. ايتري قدر جو کير وڪڻندڙ عورتون ۽ مرد پنجاب جي راجن پور، لياقت پور، ڊيرا غازي خان ۽ ٻين علائقن مان حيدرآباد پهتل آهن. شهرن ۾ ڏاچي جو کير وڪرو ٿيڻ ڪري اڪثر اوٺارن جي زندگي ۾ پڻ سڌارو اچڻ لڳو آهي. اڪثر ماڻهو ڏاچيءَ جي کير کي علاج ۽ فائدي لاءِ استعمال ڪرڻ لڳا آهن ۽ ڪيترائي شهري شوق خاطر به پيئن ٿا.
    ڪراچي يا حيدرآباد جهڙن اسان جي ملڪ جي شهرن ۾ ڏاچي جو کير پيئڻ جو اوچتو ئي اوچتو وڌندڙ رجحان پنهنجي جاءِ تي .... ۽ جي ڳالهه ايستائين هجي ها ته ان کي ڪا خاص اهميت ڏئي هي ڪالم لکڻ لاءِ نه ويهان ها. پر اڄ ئي شامَ جو ڊفينس جي هڪ ڊپارٽمينٽل اسٽور تان آنا، ڊبل روٽي ۽ مکڻ جهڙيون شيون وٺي ڪائونٽر تي پئسا ڏيڻ لاءِ انتظار ڪري رهيو هيس ته ان ڪائونٽر وٽ ٽئنگ ۽ ايڪسپريسو ڪافي جي ساشن سان گڏ هڪ ڪنڊ ۾ رکيل ملئي زبان ۾ لکيل پاڪيٽن منهنجو ڌيان ڇڪايو. Pracampuran Minuman Susu Unta
    ملئي زبان۾ ”سُو سُو“ کير کي چئبو آهي. ملئي ۽ چيني ماڻهو ڪڏهن به کير پيئڻ جا شوقين نه رهيا آهن. آئون جڏهن تعليم ختم ڪري سامونڊي نوڪري لاءِ جهاز تي چڙهيس، ته پهريون دفعو ملائيشيا ۾ منهنجو 1968ع ۾ اچڻ ٿيو. ان بعد به جهاز جپان ايندي ويندي ملائيشيا ۾ ترسندو رهيو ۽ پوءِ 1982ع کان ڪناري جي نوڪري لاءِ ملائيشيا ۾ ٽِڪي پيس. پر ان وقت تائين به ملائيشيا جي ماڻهن ۾ کير پيئڻ جو شوق يا سمجهه نه آئي هُئي جو اسي واري ڏهاڪي جي سفرنامن ۾ لکي چڪو آهيان ته ملائيشيا ۾ ڳئون جو کير هٿ ڪرڻ لاءِ اسان ڪيڏي ڪوشش ڪئي هئي. ۽ اهو به لکيو اٿم ته پوءِ 1984ع ڌاري ملائيشيا جي حڪومت تحريڪ هلائي ته ”بهتر صحت لاءِ ۽ خاص ڪري بهتر ڏندن لاءِ ننڍن توڙي وڏن لاءِ کير پيئڻ ضروري آهي.“ کير نه پيئڻ ۽ مٺاڻ جي گهڻي واهپي ڪري توهان کي ملائيشيا ۾ رهندڙ ملئي مسلمانن توڙي چينين جا ڏند پيلا، ڀڳل ۽ ڦڏا سڏا نظر ايندا...... گهٽ ۾ گهٽ ان دؤرَ تائين جي ماڻهن جا نظر آيا ٿي.
    بهرحال حڪومت اخبارن، ٽي وي ۽ پوسٽرن ذريعي ماڻهن کي کير جي فائدن کان آگاهه ڪيو ۽ نيسلي، نيڊو، مِلاڪ، نيسپري جهڙين ولائتي ڪمپنين پائوڊر واري کير جا دٻا ملائيشيا ۾ امپورٽ ڪيا ۽ آهستي آهستي ماڻهن ۾ کير پيئڻ جي عادت شروع ٿي نه ته ملائيشيا ۾ ”ڪافي“ به بنا کير جي پيتي ويندي هئي. جيتوڻيڪ ملائيشيا ۾ به انگريزن جو 200 سال کن راڄ رهيو، پر هن ملڪ ۾ نه ڪرڪيٽ راند عام ٿي نه چانهه! ڪرڪيٽ جي ڳالهه ته سمجهه ۾ اچي ٿي جو هِتي هر وقت نالا پيا وهن ..... يعني سخت مينهن پوندو رهي ٿو. باقي چانهه جي ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي. جن ريسٽورنٽن تي چانهه ملي ٿي ان ۾ دٻي وارو گھاٽو مٺو کير (Condensed Milk) استعمال ٿيو پئي. هاڻ مڙيوئي ٽورسٽن جي ڪري انگلنڊ واري چانهه عام ٿي آهي.
    وقت سان گڏ هن ملڪ جا ماڻهو عقلمند ۽ تيز ٿيندا ويا .... تعليم به سختيءَ سان رائج ڪئي وئي يعني هر ٻار لاءِ تعليم ضروري ڪئي وئي، چاهي هو ڳوٺن ۾ رهندو هجي يا گھاٽن جهنگن ۾. ۽ ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته تعليم ماڻهن کي ڄاڻ ڏئي ٿي، منجھن سجاڳي پئدا ڪري ٿي .... سياسي، سماجي ۽ معاشي طرح هو اهڙا هوشيار ٿي ويا، جو ڌارين ڪمپنين کان ڪارون، ڪمپيوٽر، ٽي ويون وٺڻ بدران هنن کي چيائون ته اسان کي ٽيڪنالاجي ڏيو يا اسان جي ملڪ ۾ اچي ڪارخانا هڻو جيئن اسان جي ماڻهن لاءِ روزگار پئدا ٿئي. کير جا ڪارخانا به ملائيشيا ۾ لڳايا ويا جِتي مڪاني مالوند ماڻهو خوشحال ٿيڻ لڳا جو کير جي ڊمانڊ وڌڻ لڳي. 1990ع کان پوءِ ملائيشيا ۾ ماهيو کير نه فقط پائوڊر ۽ ”پيسچورائيزڊ“ فارم ۾ پر بوتلن ۾ بند تازو کير به دڪانن تي ملڻ شروع ٿي ويو. هونءَ به ملائيشيا جي حڪومت پنهنجن ماڻهن جي ان ڏس ۾ به (يعني بزنيس ۾ به) ڪافي مدد ۽ رهنمائي ڪري ٿي. قاعدو قانون سخت هجڻ ڪري هر شيءِ جي گريڊنگ ڪئي وڃي ٿي پوءِ اهي چاهي پٽاٽا هُجن يا آنا. ننڍي سائيز الڳ دٻن ۾ ته وڏي شيءِ الڳ ۾. اسان جي واپارين وانگر نه ته هر ميوي جو مٿيون تهه صحيح هوندو، ان بعد صوف، موسمي يا انبن جي سائيز ننڍي ۽ خراب هوندي. ان کان علاوه اسان جي پئڪنگ به سادي ۽ معيار کان ڪريل هوندي. مون کي ياد آهي ته سئيڊن ۾ تعليم دوران سئيڊن جي حڪومت پاڪستان کان ايندڙ چانورن تي ان ڪري بندش وجھي ڇڏي، جو ٻاهرين ٿيلهي يا ڳوڻ معيار کان بلڪل ڪريل هئي. ان جي مقابلي ۾ انڊين واپاري ايڏا تيز هئا، جو ساڳيا پاڪستاني چانور خريد ڪري انهن کي پنهنجين اوچين ٿيلهين ۾ پئڪ ڪري انڊين چانورن جي نالن سان وڏي اگهه تي سئيڊن، ناروي ۽ ڊئنمارڪ ۾ وڪڻندا هئا.
    سو ملائيشيا جي ماڻهن کي به سندن ليڊر مهاتير اهڙو تيز ڪري ڇڏيو جو هنن جي ملڪ جو اسٽار فروٽ جيڪو بيحد سادو ميوو آهي، ان کي به مرچ مصالحا هڻي اوچي پئڪنگ ۾ يورپ ۽ جپان موڪلڻ لڳا ۽ ان سادي ۽ اڻ لذيذ ميوي مان به ملائيشيا وارا اڄ تائين خوب ناڻو ڪمائي رهيا آهن. اڄ ڪراچي جي دڪان تي ملائيشيا مان امپورٽ ٿيل سوسو اونتا (Susu Unta) يعني ڏاچي جي کير جا پائوڊر فارم وارا پاڪيٽ ڏسي حيرت ٿي. مون هڪ پاڪيـٽ کڻي ڏٺو ان منجهه موجود پائوڊر جو وزن 25 گرام لکيل يعني ان ۾ پاڻي ملائڻ سان هڪ گلاس مس ٿئي ۽ ان پئڪيٽ جي قيمت پڇڻ تي دڪاندار ”هڪ سئو رپيا“ ٻڌائي. لفافي جي ٻاهران اهو به لکيل هو ته ڏاچيءَ جي کير جو هي پائوڊر (Skim Milk Powder) ملائيشيا جي ڪيلنتان رياست ۾ ٺهيو آهي ۽ جيڪا ڪمپنيءَ هي کير جا پاڪيٽ اسان جي ملڪ پاڪستان يا ٻين ملڪن ڏي ايڪسپورٽ ڪري ٿي، اها سلنغور رياست جي شهر ”پتالنگ جايا“ ۾ آهي. پڪ ڪرڻ تي دڪاندار ٻڌايو ته ” اُٺڙي جي کير پيئڻ جو رواج اسان وٽ ايترو وڌي ويو آهي جو اسان کي اهو کير ملائيشيا مان گهرائڻو پئي ٿو.“
    ”ملائيشيا وارن به جپانين وانگر ڪمال ڪري ڏيکاريو آهي. اها وڏي حيرت جي ڳالهه آهي جو ملائيشيا وارا ڏاچي جو کير ايڪسپورٽ ڪن ٿا“ مون پاڻ سان گڏ بيٺل دوست کي چيو.
    ”اها ته ڪا اهڙي ڳالهه ناهي“، منهنجي دوست وراڻيو، ”هو ته ويندي انناس به لوهي دٻن ۾ پئڪ ڪري موڪلين ٿا. توهان خود ٻڌايو ٿا ته هو ماڊرن ٽيڪنالاجي ۾ ڪافي اڳتي نڪري ويا آهن سو هنن لاءِ کير کي گرمائش ڏئي منجھانئس پاڻي ڪڍي پائوڊر فارم ۾ آڻڻ ۽ پئڪ ڪرڻ ڪهڙو ڏکيو ڪم آهي؟“
    ”نه اهو ڪم ته بلڪل ڏکيو ناهي“، مون هن کي اها ڳالهه ٻڌائڻ چاهي جنهن مون کي حيرت ۾ وڌو ۽ جنهن کان هو اڻ واقف هو، ”پر تعجب ان ڳالهه تي اٿم ته هنن ڏاچيءَ جو کير آندو ڪٿان!؟“
    پوءِ مون پنهنجي دوست کي ٻڌايو ته ملائيشيا اهو ملڪ آهي جِتي ٻارهوئي بارش لڳي پئي آهي ۽ اتي اٺ جهڙو جانور ناپيد آهي. مون کي ياد آهي ته 1983ع ۾ ملاڪا رياست جي وزير اعليٰ سرڪاري چڙيا گهر (Zoo) لاءِ آسٽريليا مان اٺ گهرايو ته ان کي ڏسڻ لاءِ هڪ طرف سنگاپور کان ته ٻئي پاسي ڪوالالمپور ۽ پينانگ کان ماڻهو هلي ڪري اچڻ لڳا هئا. بهرحال هي ڪم ملئي ماڻهن اهو ڪيو آهي جيڪو جپاني ڪندا آهن. جپان ۾ لوهه يا ٻين ڌاتن جون کاڻيون نه آهن، ته هو ٻين ملڪن مان لوهي اسڪرئپ گهرائي ان مان لوهه جون شيون ٺاهي، پنهنجي ۽ ڌارئين ملڪن کي وڏي اگهه تي وڪرو ڪن ٿا. هينئر هي ڪالم لکڻ دوران ملائيشيا جي هڪ ڪُليگ ٻڌايو ته ڪجهه ملڪن ۾ ڏاچيءَ جي کير جي وڌندڙ Demand مان ڪمائڻ خاطر ڪيترا ملائيشين، آسٽريليا ۾ اٺ پالي، ان جو کير سڪائي، وڏن ڊرمن ۾ ان پائوڊر کي ملائيشيا موڪلين ٿا، جِتي پوءِ ننڍن وڏن پاڪيٽن ۾ Seal ڪري، پاڪستان ۽ ٻين ڪجهه ملڪن ڏي موڪليو وڃي ٿو.
    هونءَ ته ڏٺو وڃي ته ملائيشيا ۾ اٺ لاءِ کائڻ لاءِ ته تمام گهڻو ڪجهه آهي. گهڻي بارش ۽ ڀلي زمين ڪري چوڌاري وڻ ٽڻ ۽ سائو گاهه نظر اچي ٿو. ايتري قدر جو پڪي رستي ۾ ڪنهن هنڌ ڏار پئي ٿو، ته اتي به گاهه جا سلا نڪريو اچن. اسان جهڙن ملڪن ۾ ماڻهو پگهار ڏئي مالهي رکن ٿا، ته هو اچي گهرن اڳيان لان لڳائين پر ملائيشيا جا ماڻهو مالهيءَ کي پئسا ڏئي گاهه ڪٽائن ٿا، جيڪو هر وقت باهوڙا ڏئي ڦٽي ٿو..... ظاهر آهي بارش به ڏينهن رات ايتري پوي ٿي، جو ڪڏهن ڪڏهن سال ۾ هڪ اڌ دفعو هفتو کن بارش نه ٿي پئي ته ماڻهو ان کي ڏڪار جي حالت سان ڀيٽين ٿا. سو اهڙي موج مزي ۾ ملائيشيا ۾ اٺ پالڻ تي خرچ ناهي، بشرطيڪه هن لاءِ واڪ ڪرڻ ضروري نه هجي.
    سوڊان ۾ مون ڪيترائي اٺن جا فارم ڏٺا .... خاص ڪري خارطوم ۽ پورٽ سوڊان شهرن جي آس پاس جِتي ساوڪ ۽ پاڻي جام هجڻ ڪري انهن جي کاڌي خوراڪ تي خرچ ناهي، پر مون ڏٺو ته انهن اٺن کي خوب هلايو ٿي ويو، جيڪا ڳالهه ملائيشيا ۾ ناممڪن آهي. اٺ کي مدرسي جي ڇت تي چاڙهڻ ته سولي ڳالهه آهي پر وڏ ڦڙي واري وسڪاري ۽ کنوڻن جي ٺڪائن ۾ اٺ لاءِ هڪ قدم کڻڻ به مشڪل آهي.
    اٺ جي کير جو سواد کڻي ڪهڙو به هجي، پر ان ۾ ته ڪو شڪ ناهي ته هن کير ۾ فئٽ گهٽ آهي ۽ اهو وٽامن سي ۽ آئرن سان ڀرپور آهي. تڏهن ته صدين تائين بدو عرب بيابانن ۾ زندهه رهڻ لاءِ کارڪن سان گڏ هن کير مان پروٽين، ڪاربوهائڊريٽ ۽ وٽامن حاصل ڪندا رهيا. ڳئون يا مينهن جي کير مان ته وري به ڪجهه ماڻهن کي الرجي ٿي سگهي ٿي پر اٺ جي کير لاءِ چيو وڃي ٿو، ته اهو بلڪل الرجي فري آهي ۽ پيٽ ۾ ڪنهن به قسم جي ولوڙ پيدا نه ٿو ڪري.
    ڦر ڏيڻ بعد ڏاچي آرام سان روزانو 5 لٽر کير ڏئي ٿي يعني عربستان جي ريگستاني علائقن ۾. ساوڪ وارن ملڪن ۾ اها ويهه لِٽر به کير ڏئي ٿي. اهو سلسلو 12 کان 16 مهينا هلي ٿو. سوڍاني اٺن جا مالڪ ٻڌائيندا هئا، ته اُٺڙي (يعني ڏاچي) ۽ مينهن جي ڏهڻ ۾ اهو فرق آهي ته ڦر کي هٽائڻ بعد به مينهن کير ڏيندي رهي ٿي، پر اُٺڙي جي ڦر کي جيئن ئي توهان کير پيئڻ کان منع ڪندئو ته اها يڪدم پنهنجو کير سڪائي ڇڏيندي. سوڊاني اهو به ٻڌائيندا هئا ته بنا Pasteurization جي هن کير جي شيلف لائيف 5 ڏينهن آهي پر پيسچورائيزڊ ڪرڻ بعد هي کير ٽي هفتا هلي سگهي ٿو. وڏي عرصي کان اُٺڙيءَ جي کير کي دوا خاطر استعمال ڪيو پئي ويو، پر هاڻي ته سائنس به اهو ثابت ڪيو آهي ته هن کير ۾ شفا آهي خاص ڪري ذيابيطس (Diabetic) جي مريضن لاءِ. ان ڳالهه تي انڊيا ۾ به وڏي ريسرچ هلي رهي آهي. انڊيا جي راجستان واري علائقي ۾ بيڪانير نالي هڪ شهر آهي (جنهن جو ذڪر شاهه لطيف به پنهنجي بيتن ۾ ڪيو آهي:
    ڪَنھِين جُنبِي جيسَلمِيرَ تان، ڏنا بيڪانِير بَڪارَ؛
    ڪَنھِين ڀُڄُ ڀِڄائِيو، ڪَنھِين ڍَٽَ مَٿي ڍارَ؛
    اتي ICAR نالي هڪ ”نئشنل ريسرچ سينٽر آن ڪئمل“ آهي جِتي اٺن تي ريسرچ ٿئي پئي. هاڻي ته ميڪ اپ جي سامان ۽ چهري جي صفائي (facial) لاءِ به ڏاچيءَ جو کير استعمال ٿئي ٿو. دبئي ۾ ته Al-Nassma چاڪليٽ ڪمپني فقط ڏاچي جي کير مان چاڪليٽ ٺاهي ٿي، جيڪي دبئيءَ کان علاوه يورپ، هانگ ڪانگ ۽ ملائيشيا ۾ به وڪرو ٿين ٿا.
    سوڊان جِتي دنيا ۾ ٻئي نمبر تي گهڻا اٺ آهن، اتي جو هڪ اٺن جو فارم گهمندي، اتي موجود جانورن جي ڊاڪٽر ٻُڌايو هو ته ڪيترن ماڻهن کي اها غلط فهمي آهي ته ڏاچيءَ جو کيرُ ڊائبٽيز جي مرض جو علاج آهي. اهو سمجھڻ کپي ته جِتي کنڊ جي بيماري جو مريض مينهن يا ٻڪريءَ جو کير ن ٿو پي سگهي، اتي ڏاچيءَ جي کير پيئڻ ۾ هن کي نقصان ناهي. امير ماڻهو جيڪي گهڻي پئسي هجڻ ڪري کاڌي پيتي تي گهڻو زور ڏين ٿا ۽ ڊائبٽيز (مِٺن پيشابن) جا مريض ٿيو پون، انهن کي کپي ته پهرين کاڌي تي ڪنٽرول ڪن.
    عمر ڪوٽ فون ڪري هڪ واقفڪار آفيسر جي معرفت هڪ ٿريءَ کان پڇيم ته ”ڇا ڏاچيءَ جي کير ۾ جيڪو هو واپرائين ٿا، شفا آهي؟ ”
    ”سائين اسان ته ان ۾ ئي پريشان هوندا آهيون ته ايترو کير ملي جا ٻچا پيٽ ڀري سگهن ۽ بُک کان بچي وڃن.“
    واقعي! بدو عرب جيڪو ريگستان ۾ ڏاچيءَ جي کير تي زندگي گذاري ٿو ڇڏي ته کيس کير سان گڏ بئڪ اپ ۾ پروٽين ۽ وٽامن سان ڀرپور کارڪَ به آهي. هِتي اسان جي ٿر ۾ ته پيئڻ جو پاڻي به ناهي. ٺلهي ڏاچي جي کير مان ڇا ٿيندو؟
    ”ڀلا توهان وٽ عمر ڪوٽ ۽ مٺيءَ پاسي ڏاچي جي کير جو ڇا اگهه آهي؟“ مون پڇيومانس.
    ”سائين اسان ڏي ڪو وڪڻي ئي ڪونه.“ هن وراڻيو ۽ ڪجهه گهڙين لاءِ مون کي اڄ کان سٺ پنجهٺ سالَ اڳ جو زمانو ياد اچي ويو، جڏهن ڳوٺن ۾ کير جا ڪو پئسا نه وٺندو هو. پر هاڻي ته هر شيءِ ملهه تي ٿي ملي. دل ۾ سوچيم ته ڇا هنن وٽ ايڏو کير ٿو ٿئي جو اهو وڪڻن نٿا .... ٻين لفظن ۾ گُهرجائوءَ کي مفت ۾ ٿا ڏين. پڪ ڪرڻ لاءِ پڇيومانس ته ”هو ڇو نٿا وڪڻن؟ “
    ”سائين پنهنجي ٻچن لاءِ ئي پورو نه ٿو ٿئي..... ڇا وڪڻون؟“
    اهو به لکندو هلان ته اٺ وڏو جانور آهي، جنهن کي ٻڪري ۽ ڳئونءَ کان وڌيڪَ کير ڏيڻ کپي. آسٽريليا، آمريڪا، مورطانيا ۽ سوڊان جهڙن ملڪن ۾ ڏاچي 20 کان 30 لٽر کير ڏئي ٿي ۽ گهڻو خيال رکڻ سان 40 لٽر کير ڏيڻ جو به رڪارڊ آهي. پر توهان کي پڻ مون وانگر سخت حيرت ٿيندي جڏهن منهنجي پڇڻ تي ته هن جي ڏاچي روزانو ڪيترو کير ڏئي ٿي..... ٿريءَ ٻُڌايو ته ڪو لٽر سوا مس!
    مون کان دانهن نڪري وئي. پڪ ڪرڻ لاءِ سندس جواب ورجايُم ته هن چيو ”ها سائين! ڇا ڪريون! آهي اسان جي کائڻ لاءِ ڪونه .... جانورن کي ڇا کارايون، ڇا پياريون جو کير وڌائِن. ٻن سالن کان ٿر ۾ ڏُڪار واري حالت آهي!“
    ۽ هيءَ اها حالت آهي جنهن لاءِ شيخ اياز چيو:
    ڪنڊيءَ نه سڱري
    ٻٻر نه پلڙو
    ڇانگون نه ڇيلڙا
    مارون اڪيلڙا!
    ۽ هڪ دفعي انگريزي سازن جي آواز تي جڏهن ڪجهه نوجوان هن راڳ تي نچي رهيا هئا ته مون کين چيو هو ته هيءَ ڪا خوشيءَ جي ڳالهه ته نه آهي .... ڏک ڪرڻ ۽ روئڻ جو مقام آهي سو اڄ هڪ دفعو وري چوڻو ٿو پوي ته سڄي سنڌ جي مسڪيني واري حالت ۾”ٻوڏن“ ۽ ”ڏڪار“ ڪري اسان جي ٿر جي ويتر وڌيڪَ ئي ڪسمپرسيءَ واري حالت آهي.


    اڏامندڙ مڇيون ۽ اڏامندڙ پاڻيءَ جا جهازَ

    اسان جڏهن ڪاليج ۾ پڙهندا هئاسين ته انهن ڏينهن تائين موبائيل فون ايجاد نه ٿيا هئا، جن تي رکي رکي SMS ذريعي دوستن طرفان موڪليل لطيفا پڙهي سگهجن. انهن ڏينهن ۾ لطيفا حيدرآباد مان نڪرندڙ رسالي گلستان ۾ پڙهندا هئاسين يا وري موڪلن بعد ڳوٺان اچبو هو، ته اسان جو خيرپور جو ڪلاس ميٽ شوڪت جماڻي ٻڌائيندو هو يا جيمس آباد (ڪوٽ غلام محمد) جي ڪاڇيلو فروٽ فارم جي مالڪ حاجي عبدالصمد ڪاڇيلو جو پٽ رفيع ڪاڇيلو. هاسٽل ۾ ٻئي ڄڻا اٺين ڪلاس کان مئٽرڪ تائين منهنجي ڀر واري ڪمري ۾ رهيا ٿي. هڪ دفعي شوڪت لطيفو ٻڌايو هو:
    * ٻه موالي پاڻ ۾ خبرون ڪري رهيا هئا
    هڪ چيو: ”جيڪڏهن سمنڊ کي باهه لڳي وڃي ته مڇيون ڪيڏانهن وينديون!“
    ٻئي وراڻيو: ”وڻن تي چڙهي وينديون ٻيو ڪيڏانهن وينديون.“
    ان تي پهرين ٽهڪ ڏيندي چيس: ”اڙي چريا! اهي ڪي مينهون آهن جو وڻن تي چڙهي وينديون؟“
    ٻين لطيفن وانگر انهيءَ تي به اسين ”کي کي“ ڪري کليا هئاسين ۽ پوءِ وقت گذارڻ تي ٻين لطيفن سان گڏ موالين جو اهو چرچو به وسري ويو. پر پوءِ ست اٺ سالن بعد اهو لطيفو منهنجي دماغ ۾ وري تازو ٿي ويو، جڏهن ٻه سال انٽر جا ۽ پنج سال مئرين انجنيئرنگ جا پڙهڻ ۾ گذاري جهاز تي نوڪريءَ جي شروعات ڪيم. پهرين ئي سفر ۾ جڏهن ڪراچيءَ کان ڪولمبو ۽ ان بعد سنگاپور وڃڻ لاءِ ڪاري پاڻي وارن ٻيٽن (نڪوبار ۽ انڊامان) وٽان سامونڊي سوڙهي درياهه ”ملاڪا ڳچي سمنڊ“ (Malacca Strait) ۾ گهڙڻ وارا هئاسين ته مون سان گڏ انجڻ روم ۾ ڊيوٽي ڪرڻ واري مون کان هڪ سال سينئر انجنيئر چيو ته: ”سڀاڻي ڊيڪ تي تازيون مڇيون ٽانڊن تي پچائي کائينداسين.“ مون کي حيرت ٿي ته هلندڙ جهاز ۾ ڪهڙو مهاڻو اچي تازيون مڇيون وڪڻندو. منهنجي پڇڻ تي هن مون کي ٻڌايو ته سمنڊ جي هن حصي ”ملاڪا ڳچي سمنڊ“ ۾ تمام گهڻيون اڏامندڙ مڇيون آهن ۽ ”سنگاپور پهچڻ تائين ٻه ڏينهن اهي اسان جي ڊيڪ تي به ڦهڪو ڪنديون رهنديون“.
    دنيا جا هي سوڙها سامونڊي لنگهه جيڪي ”ڳچي سمنڊ“ سڏجن ٿا، هميشه ٻن وڏن سمنڊن کي ملائين ٿا. ”ملاڪا ڳچي سمنڊ“ انڊونيشيا ۽ ملائيشيا جي وچ ۾ وهي ٿو. هي ڳچي سمنڊ اولهه ۾ هندي وڏي سمنڊ کي اوڀر ۾ ڏکڻ چيني سمنڊ سان ملائي ٿو، هن سوڙهي سامونڊي وهڪري ۾ پينانگ، پورٽ ڪلانگ، ملاڪا ۽ جوهور بارو جهڙا مشهور بندرگاهه آهن.
    مڇين واري مٿئين ڳالهه ٻڌي، مون اهو ئي سوچيو ته سمنڊ جي ڪنهن وڏي ڇول تي هڪ اڌ مڇي ڊيڪ تي رهجي ويندي هوندي. پر اهو به سمجھيم ٿي ته دنيا جي ڳچي سمنڊن ۾ پاڻي ماٺو ٿو رهي. وڏيون ڇوليون ۽ لهرون ته وڏن سمنڊن ۾ ئي اچن ٿيون. مون کي لڳو ته هي به اهو ئي لطيفو ورجائي رهيو آهي. پڪ لاءِ کيس اهو لطيفو ٻڌايم ته هن ٽهڪ ڏيندي چيو ”ان ڳالهه کي چرچو نه سمجھجانءِ. نه رڳو پنهنجي جهاز جي ڊيڪ (عرشي) تي پر ڪناري تي لڳل وڻن مٿان به هنن مڇين کي ڏسندين“.
    ٻئي ڏينهن صبح جو نيرن بعد انجڻ روم ۾ ڊيوٽي تي وڃڻ کان اڳ ڊيڪ تي هليو ويس. چوڌاري ڪيتريون ئي مڇيون ڊيڪ تي لڳل ونچ مشينن ۽ ٻئي سامان جي وچ ۾ ڦٿڪي رهيون هيون. هنن کي واپس سمنڊ جي واهه نه پئي ملي. ڪجهه خلاصي بالٽيون کڻي انهن کي گڏ ڪري رهيا هئا. جهاز جي پاسن کان رکي رکي ڍير مڇيون سمنڊ مان بُوهارو ڏئي ٻاهر نڪتيون ٿي ۽ پاسي کان لڳل پرن ذريعي ڪافي پنڌ مٿي اڏامي وري سمنڊ اندر هليون ويون ٿي. اڏامڻ دوران ڪجهه مڇيون اسان جي جهاز تان به ٽپي ويون ٿي پر ڪجهه جهاز جي ڊيڪ وارين مشينن ۽ کوهن سان ٽڪرائي ڪري پيون ٿي. ان بعد هو وري اڏامي نٿي سگهيون. ٽپ ڏيندي ڏيندي ڪي واپس سمنڊ ۾ ڪري پيون ٿي، باقي ڊيڪ تي رکيل رسن ۽ ٻين سامانن ۾ وچڙي پيون ٿي.
    جهاز تي نوڪري شروع ڪرڻ کان اڳ، يعني تعليم دوران منهنجي خيال ۾ به اهو هو، ته جهاز هلڻ وقت سمنڊ ۾ ساڄي کاٻي توڙي اڳيان پويان قسمين قسمين ننڍيون وڏيون مڇيون پيون نظر اينديون، پر پوءِ جهاز جي سفر شروع ٿيڻ سان احساس ٿيو، ته اهي مڇيون هڪ سڙهه واري ٻيڙيءَ ۾ سوار کي ته ٿي سگهي ٿو ڪڏهن ڪڏهن ۽ ڪٿي ڪٿي نظر اچن باقي هيڏي لوهي آفت جيڏي جهاز جي اڳيان ننڍيون ته ڇا وڏيون مڇيون به گھٻرائينديون هونديون جنهن جي انجڻ جو گوڙ گڙڪو ميل پري مڇيءَ کي به ڀڄايو ڇڏي ۽ ڪهڙي شارڪ يا وهيل مڇيءَ کي کٽيءَ کنيو آهي جو هن لوهي آفت جي ويجھو اچي ۽ ڪپ جهڙي اڳياڙيءَ ۾ ڪٽجي وڃي ۽ جي اڳيان بچي اها پٺيان ٿي هلي وڃي ته پويان جهاز کي هلائيندڙ پکي (Propeller) ۾ ايڏي Suction ٿئي ٿي جو وڏيون مڇيون به چوسجي پکي ۾ هليو وڃن جتي هن جا بليڊ انهن کي سيڪنڊن ۾ ڳترا ڳترا ڪريو ڇڏين.
    اهڙي تناظر ۾ جهاز ۾ سوار کي فقط اڏامندڙ مڇيون ئي نظر اچن ٿيون جن مان ڪجهه جهاز جي ڊيڪ تي به اچيو ڦهڪو ڪن. هنن اڏامندڙ مڇين لاءِ چون ٿا ته دنيا ۾ 64 قسم آهن جن کي الڳ الڳ ڪرڻ اسان جهڙن عام ماڻهن لاءِ مشڪل آهي. جيئن هڪ چيني، تائِواني، جپاني ۽ ڪورين ماڻهو هڪ ٻئي سان ملي جلي ٿو، تيئن مونکي ته دنيا جي هر سمنڊ جي اڏامندڙ مڇي ساڳي لڳي. سندس جسم راڪيٽ وانگر سڌو سڌو آهي جيئن سولائيءَ سان اڏامي سگهي. هيءَ مڇي هوا ۾ 40 کان 50 سيڪنڊ اڏامي سگهي ٿي جنهن ۾ 50 کن ميٽر فاصلو طئه ڪريو وٺي. سندس جسم تي Fins (ڪَلين) بدران کنڀڙاٽيون ٿين ٿيون ۽ هو 6 ميٽر کن سطح سمنڊ کان مٿي اٽڪل 70 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان اڏامي سگهن ٿيون.
    ڪيترن ملڪن ۾ خاص ڪري جپان، چين، ويٽنام ۽ انڊونيشيا ۾ هي مڇيون ڄاريءَ ذّريعي ڦاسايون وڃن ٿيون ۽ سندن ڊش هوٽلن ۾ وڏي اگهه تي وڪامن ٿا. سڀ کان گهڻيون اڏامندڙ مڇيون ڪئريبين سمنڊ ۾ نظر اچن ٿيون. ڪئريبين سمنڊ ”ائٽلانٽڪ سمنڊ“ جو اهو حصو آهي، جيڪو ويسٽ انڊيز ۽ وچ آمريڪا سان لڳي ٿو جتي ڪيوبا، ٽرنيڊاڊ، ٽباگو، بهاما، باربادوس ۽ هائتي جهڙا ٻيٽ آهن. بربادوس ٻيٽ ته اڄ به “The Land of Flying Fish” سڏبو آهي ۽ اڏامندڙ مڇي هن ملڪ جو قومي نشان آهي.
    اڏامندڙ مڇين جي ”روشني“ ڪمزوري آهي. ان ڪري هنن مڇين کي ڦاسائڻ وارا مهاڻا پنهنجين ٻيڙين تي ٽارچون يا لالٽين ٻاري هلن ۽ هي مڇيون ٽپ ڏئي ٻيڙيءَ منجهه پهچيو وڃن. هي مڇيون قد ۾ ستن کان ٻارهن انچن تائين ٿين ٿيون. سندن جسم جو مٿيون حصو اڪثر نيري رنگ جو ٿئي ۽ پيٽ چانديءَ جهڙو. هن مڇيءَ لاءِ چون ٿا ته پنجن سالن تائين جيئري رهي سگهي ٿي. وڏين مڇين کان پاڻ بچائڻ لاءِ هن کي نه ٿلهي ڇلرن واري کل آهي ۽ نه فوگو مڇيءَ وانگر پاڻ کي ڦوڪي دشمن کي ڊيڄارڻ جي صلاحيت. قدرت طرفان کين اڏامڻ جي طاقت مليل آهي، جنهن ذريعي هو دشمن مڇين جي گھيري کان پاڻ کي ڀڄايو ڪڍن.
    سکر مان سنڌي ادب جا پروفيسر ۽ مشهور شاعر ”ادل سومرو“ ۽ ”ايازگل“ اڪثر پنهنجا نوان شعر ۽ دلچسپ چوڻيون (Quotations) مون ڏي ميسيج (SMS) ڪندا رهن ٿا. ان ڏينهن هڪ انگريزي چوڻيءَ ڌيان ڇڪايو.
    “Loving someone who doesn’t love you is like waiting for a ship on airport”.
    منهنجي خيالَ ۾ اهو ائين آهي جيئن اسان وٽ سنڌيءَ ۾ چوڻي مشهور آهي ته ”اديءَ کي سڌ نه سَماءُ ادي کي عشق انڌو ڪيو.“ پر انگريزيءَ ۾ ان کي زوردار بنائڻ لاءِ ٻي سٽ ۾ اهو چيو ويو آهي ته اها ڳالهه ائين اجائي يا بيڪار آهي جيئن ڪو بحري جهاز لاءِ هوائي اڏي (ايئرپورٽ) تي انتظار ڪري. ظاهر آهي پاڻيءَ جو جهاز ته بندرگاهه يا سمنڊ تي ئي نظر اچي ٿو. هوائي اڏو جتي هوائي جهازن جي لهڻ ۽ اڏامڻ لاءِ ميدان ۽ ڊگھا روڊ (Runway) آهن اتي پاڻيءَ جي جهاز جو هجڻ ناممڪن ڳالهه ٿي.... ۽ منهنجا پڙهندڙ به اهو ئي سوچيندا هوندا. مون به اهوئي سوچيو ٿي پر تيستائين جيستائين آئون سئيڊن جي شهر مالمو جي هڪ يونيورسٽي ۾ پڙهڻ لاءِ نه پهتو هوس. مالمو شهر جيڪو بالٽڪ سمنڊ جو بندرگاهه به آهي ان جي بلڪل سامهون ڊئنمارڪ ملڪ جو هي اهم بندرگاهه ڪوپن هيگن آهي، جتي مالمو جي مقابلي ۾ سستائي هجڻ ڪري اسان هر هفتي يا ٻئي ڀاڄي ڀتي ۽ ٻيو سامان وٺڻ لاءِ ويندا هئاسين. اهي ٻئي شهر يعني مالمو ۽ ڪوپن هيگن ائين آهن جيئن روهڙي سکر يا وري دادو مورو. مالمو ۽ ڪوپن هيگن جي وچ ۾ هاڻي وڃي پل ٺهي آهي پر جڏهن اسان مالمو ۾ پڙهندا هئاسين ته مختلف قسم جي ٻيڙين ذريعي سمنڊ جو اهو وچ وارو حصو اڪري مالمو کان ڪوپن هيگن ۽ واپس ايندا هئاسين. ڪَل تي هلندڙ اهي ٻيڙيون ”فيريون“ سڏجن ۽ اهي ڪافي وڏيون ٿين ٿيون، جن ۾ هزار کن مسافرن جي ويهڻ کان سواءِ ٽيهه چاليهه کن ڪارون ۽ ٽي چار بسون به سمنڊ اڪري سگهن. ڪن فيرين ۾ ته ريل جا ٻه پٽا ٿين ۽ سڄي ريل گاڏي ان تي اچيو وڃي.
    مالمو يعني سئيڊن کان اسان جرمني ويندا هئاسين ته مالمو جي صدر (Central) ريلوي اسٽيشن تان ريل گاڏيءَ ۾ چڙهندا هئاسين. ريل اڳتي هلي مالمو جي بندرگاهه ۾ ايندي هئي، جتي جرمني جي بندرگاهه فريزنبرگ لاءِ ويندڙ فيري انتظار ۾ هوندي هئي. ريل جي پهچڻ تي فيريءَ جا پويان در کلي ويندا هئا ۽ مسافرن سميت سڄي ريل فيريءَ اندر هلي ويندي هئي ۽ پوءِ جرمني پهچڻ تي ريل ٻاهر نڪري خشڪي تي ايندي هئي ۽ اسان کي فريزنبرگ جي ريلوي اسٽيشن تي لاهي، پوءِ جرمنيءَ جي مختلف اسٽيشنن تان ٿيندي فرانس رواني ٿي ويندي هئي.
    بالٽڪ سمنڊ جو اهو حصو اڪري مالمو کان ڪوپن هيگن پهچڻ ۾ فيريءَ (پاڻيءَ جي جهاز) کي ڪلاڪ لڳي ويو ٿي. ڪڏهن ڪڏهن خراب موسم يا مڇريل سمنڊ ڪري ڏيڍ ڪلاڪ به لڳي ويو ٿي. هن سمنڊ ۾ ايتري اٿل پٿل رهي ٿي جو ڪڏهن ڪڏهن Sea Sickness ٿي پوندي هئي ۽ سفر جو مزو ماڻڻ بدران چڪر ۽ الٽيون اينديون هيون. البت هڪ جهاز جيڪو ”هوور ڪرافٽ“ سڏجي ٿو اهڙو آهي جيڪو ٻين فيرين کان تکو هلي ٿو ۽ مالمو کان ڪوپن هيگن اڌ ڪلاڪ ۾ پهچائي ڇڏي. سمنڊ ۾ کڻي ڪيتري به اٿل پٿل هجي، پر هيءُ جهاز “Hoover Craft” لس ئي لس اُڏامندو وڃي ٿو. ان مان توهان اهو به مطلب ڪڍي سگهو ٿا، ته هو تمام وڏي رفتار سان هلي ٿو پر نه اهو واقعي اڏامندو ويندو آهي. هي جهاز ٻين ٻيڙين وانگر پاڻيءَ ۾ ترڻ بدران سطح سمنڊ کان ڪجهه فٽ مٿي اڏامندو وڃي ٿو. منجھس پاڻيءَ جي جهازن يا لانچن وانگر هيٺ تَر ۾ پکو (Propeller) نه ٿئي پر جهاز جي مٿان پاسن کان هوائي جهاز وانگر هڪ يا ٻه جيٽ انجن ٿين جن جا پکا (Jet) هلڻ تي اهي پاڻيءَ بدران هوا کي پاڻ ڏي ڇڪين ٿا ۽ هي پاڻيءَ جو جهاز (هوور ڪرافٽ) سمنڊ جي مٿان اڏامي ٿو. بندرگاهه اچڻ تي پنکا بند ڪرڻ تي هيٺ سمنڊ تي ڪري پوي ٿو.
    هوور ڪرافٽ (Hoover Craft) جي ٽڪيٽ عام فيرين کان چئوڻي پنجوڻي ٿئي ٿي ان ڪري اسان ان ۾ ڪڏهن به پنهنجي خرچ تي نه چڙهياسين. ڪراچي کان مالمو پهچڻ لاءِ اسان کي جيڪا يونيورسٽي طرفان ٽڪيٽ ڏني وئي هئي ان ۾ هڪ ته ڪراچيءَ کان ڪوپن هيگن پهچڻ لاءِ PIA جي ”هوائي جهاز“ جي سفر جي هئي ۽ ٻي ڪوپن هيگن کان مالمو جي ”هوور ڪرافٽ“ جي هئي. ان سفر جو احوال مون پنهنجي ان وقت جي سفرنامي ”اڇن جي ملڪ ۾ اسين ڪارا“ ۾ به لکيو آهي ته هوور ڪرافٽ هڪ ”خچر“ مثال آهي جيڪو نه هوائي جهاز (گھوڙو) آهي ۽ نه پاڻيءَ جو جهاز (گڏهه)! هوور ڪرافٽ ۾ ويهڻ لاءِ سيٽون بلڪل ائين ٿين جيئن هوائي جهاز ۾ ۽ منجھس ايئر هوسٽس Serve ڪن ٿيون. هوور ڪرافٽ جي تري ۾ وڏا ايئر ڪمپريسر ٿين، جيڪي هوا کي هيٺ سمنڊ مٿان اڇلائين ٿا جنهن ڪري جهاز سمنڊ کان مٿي کڄيل رهي ٿو.
    عجيب اتفاق آهي جو مالمو (سئيڊن) جي يونيورسٽي ۾ تعليم دوران مون کي جن ٻن قسمن جي جهازن تي ڪم ڪرڻو پيو اهي فيري ۽ هوور ڪرافٽ هئا جن لاءِ مونک ي ڇهه مهينا پرئڪٽيڪل ٽريننگ لاءِ ”ڪوپن هيگن“ ۽ فنلنڊ جي بندرگاهه ”هيلسنڪي“ جي شپ يارڊن ۾ ڪم ڪرڻو پيو. انهن ڏينهن ۾ هوور ڪرافٽ جي نئين نئين ٽيڪنالاجي شروع ٿي هئي ۽ اتي جون جهاز ساز ڪمپنيون اسان تي زور آڻينديون هيون ته اسان هوور ڪرافٽ بابت پنهنجن پاڙيسري امير ملڪن کي Convince ڪريون، ته هو ڪنهن ٻئي ملڪ کان هوور ڪرافٽ خريد ڪرڻ بدران ڊئنمارڪ ۽ فنلئنڊ وارن کان خريد ڪن، جو هي جهاز بيابان (desert) ۾ به اهڙي ئي طريقي سان اڏامي سگهن ٿا، جهڙي طرح پاڻيءَ مٿان. پر سچ اهو آهي ته مون وٽ ان بابت پڪي راءِ نه هئي. هوور ڪرافٽ ڪا سستي شيءِ ناهي. هوائي جهاز کان به مهانگو آهي.“ آئون ڇو پنهنجن عرب ڪلاس ميٽن کي Pursue ڪيان جيڪي مون وانگر مئرين انجنيئرنگ ۾ نه پر ”ايڊيوڪيشن“ يا ”پورٽ مئنيجمينٽ“ ۾ M.Sc ڪري رهيا هئا.“
    اسان جڏهن به فنلئنڊ، هالينڊ، ناروي يا بيلجم مان فيلڊ ورڪ ختم ڪري موٽندا هئاسين ته هوائي جهاز رستي ڪوپن هيگن جي ايئرپورٽ تي لهندا هئاسين ۽ پوءِ ايئر پورٽ جي بس ذريعي ڪوپن هيگن جي بندرگاهه ۾ داخل ٿيندا هئاسين ۽ پوءِ پنهنجو ٿيلهو ۽ بئگ کڻي هوور ڪرافـٽ ڏي پڄندا هئاسين جو سيٽون ڀرجڻ تي ٻئي هلندڙ ”هوور ڪرافٽ“ لاءِ ڪلاڪ ڏيڍ انتطار ڪرڻو پوندو هو. هڪ دفعي اسان مختلف ملڪن جا 50 کن شاگرد هئاسين ۽ ان ڀيري هيلسنڪي (فن لئنڊ) ۾هفتي کان مٿي ڏينهن رهي موٽي رهيا هئاسين سو هڪ ته هر هڪ وٽ سامان گهڻو هو ۽ ٻيو ڪتابن جا به ڍير مليا هئاسين. سو جيئن ئي اسانجو هوائي جهاز ڪوپن هيگن کي ويجھو ٿيو تيئن مون کي اهو ئي فڪر ورائي ويو ته هن ڀيري هيتري سامان سان هڪ ته بس ۾ چڙهي بندرگاهه پهچڻو پوندو ۽ ٻيوِ ”هوور ڪرافٽ“ ۾ سيٽ حاصل ڪرڻ لاءِ ڊوڙڻو پوندو. ٿڪل به ڏاڍا هئاسين.
    جيئن ئي جهاز ڪوپن هيگن جي ايئرپورٽ تي لهڻ وارو ٿيو ته پائليـٽ اعلان ڪيو ته ”مالمو ويندڙن کي هتان ڪوپن هيگن ايئرپورٽ تان سامان وٺڻ جي ضرورت ناهي، اهو کين مالمو ۾ ئي ملندو ۽ ٻي ڳالهه ته کين بس ۾ چڙهي بندرگاهه تائين وڃڻ جي به ضرورت ناهي. هنن کي هتي ايئرپورٽ تي ئي هوور ڪرافٽ ملندو.“ هوائي جهاز مان لٿاسين ته اتي ئي هوور ڪرافٽ نظر آيو، جنهن ۾ اسان جو سامان شفٽ ٿي رهيو هو. پاڻيءَ جي جهاز کي ايئرپورٽ جي رن وي تي بيٺل ڏسي عجيب لڳي رهيو هو، پر اسان کي خوشي ٿي، ته اسان گهڻي تڪليف کان بچي وياسون. هوائي جهاز جي ڏاڪڻ لهي سڌو اچي هوور ڪرافٽ ۾ ويٺاسون.
    ايئر هوسٽس هر مسافر کي سندس ٽڪيٽ تي لڳل نمبر موجب، انهن کي سيٽن تي ويهاريو ۽ ٻڌايل روايتي هدايتن بعد جهاز جا ڪمپريسر هلڻ لڳا، جن مان تري ۾ نڪرندڙ هوا جهاز کي زمين کان مٿي کنيو ۽ جهاز جي مٿان لڳل جيٽ پکا هلڻ تي هوور ڪرافٽ زمين کان ڪجهه فٽ مٿي اڏامڻ لڳو. زمين مٿان اڏامندي اڏامندي هڪ هنڌان اهو سمنڊ ۾ داخل ٿيو ۽ اڌ ڪلاڪ بعد اچي اسان واري شهر مالمو جي بندرگاهه ۾ ڇڏيو .... سو ڳالهه اها آهي ته ڪڏهن ڪڏهن ڪوپن هيگن (ڊئنمارڪ)، هيلسنڪي (فِن لئنڊ) ۽ ٽالن (ايسٽونيا) جي هوائي اڏن تي توهان پاڻيءَ جي جهاز جو انتظار ڪري سگهو ٿا.
    * * *


    اشتهارن ذريعي غريب بي روزگارن کي ڦُرڻ

    اسان جي ڳوٺ جو ڊاڪٽر فرحان جيڪو ملائيشيا ۾ نوڪري جا سال سال جا ٻه ڪانٽرئڪٽ پورا ڪري ڳوٺ آيو آهي ۽ هاڻي مهيني ٻن کان هيڏانهن هوڏانهن نه فقط سنڌ ۾ پر دبئي، سعودي عرب، مالديپ ۽ ٻين ملڪن ۾ نوڪريءَ جي ڳولا لاءِ هٿ پير هڻي رهيو هو، تنهن جو اوچتو فون آيو ۽ خوش خبري ٻڌايائين ته هن کي يورپ جي ملڪ ڊئنمارڪ ۾ نوڪري ملڻ جو آسرو مليو آهي.
    ”اخبار ۾ آيل اشتهار موجب مون کين پنهنجا ڪاغذ موڪليا آهن. هنن کي ڊئنمارڪ جي ڪنهن اسپتال لاءِ پاڪستان جا MBBS ڊاڪٽر کپن .... پگهار جو اڃان ڪونه لکيو اٿن. ويزا ۽ ٽڪيٽ جا پئسا به اُهي ڏيندا.“
    اهو ٻڌي مون کي ڏاڍي خوشي ٿي، ته اسان جي ڳوٺائي ڊاڪٽر کي يورپ جهڙي ملڪ ۾ نوڪريءَ جو آسرو مليو آهي جتي جون ورڪنگ ڪنڊيشن اسان جي ايشيائي ملڪن کان گهڻو بهتر آهن. ملائيشيا .... اڄ جو ملائيشيا نه .... پر اڄ کان ٽيهه چاليهه سال اڳ واري ملائيشيا ۾ جڏهن منهنجو وڃڻ ٿيو هو ۽ لڳاتار رهي نوڪري به ڪيم .... ڪجهه ٻيو ئي هو. حڪومت ۽ مقامي ماڻهن طرفان اسان ڌارين (Expatriates) جو وڏو خيال ڪيو ويو پئي .... هر ڌارئين کي عزت جي نگاهه سان ڏٺو ويو پئي ته هو پنهنجي فيلڊ جو قابل ماڻهو آهي ۽ سندن ملڪ جي ترقي ۽ ان جي ماڻهن جي خوش حاليءَ لاءِ هو ملائيشيا جهڙي جهنگلي، مينهوڳي ۽ مڇرن واري ملڪ ۾ ڪم ڪرڻ آيو آهي. پر هاڻي ملائيشيا هڪ ماڊرن ۽ امير ملڪ ٿي ويو آهي. اڄ جي نئين ٽهيءَ کي اهو احساس ئي ڪونهي ته هنن جي ابن ڏاڏن هن ملڪ ۾ ڪيئن ٿي زندگي گذاري .... ايتري قدر جو هنن وٽ بنيادي هائجنڪ حالتون به نه هيون. سواريءَ لاءِ مزدا جهڙيون ننڍيون بسيون هيون .... روڊ رستا به ڪي خاص نه هئا .... ميڊيڪل جون به ڪي بهتر سهولتون نه هيون ۽ نه وري ڪو تعليم جو اعليٰ بندوبست هو. انٽر بعد نوجوانن کي انجنيري، ڊاڪٽري يا ٻين فيلڊس لاءِ انڊيا، پاڪستان يا سنگاپور وڃڻو پيو ٿي. 1980ع واري ڏهاڪي ۾ به جڏهن آئون ٻارن سان اچي ملائيشيا ۾ نوڪري لاءِ رهيس، تڏهن تائين به ميڊيڪل جي اسان کي تڪليف رهي ٿي. ٻارن جي پڙهائيءَ لاءِ ملاڪا جهڙي شهر ۾ به انٽرنيشنل ٽائيپ اسڪول نه هو. اسان سان گڏ آيل ٻيا ڌاريا سال اڌ نوڪري ڪري ڀڄي ويا ٿي. منهنجي رهي پوڻ تي مون کي شاباسون پيا ڏيندا هئا .... ايوارڊ به ڏنائون. پر هاڻي حالتون اهڙيون ٿي پيون آهن، جو هو اسان جي ماڻهن کي مسڪين ۽ پينو سمجھن ٿا ۽ نوڪري ڏيندي سمجھن ٿا ته هو اسان جهـڙن ملڪن جي ماڻهن تي وڏو احسان ڪن ٿا. ظاهر آهي اڄ جا ملائيشن ڏسن پيا ته سندن ملڪ ماڊرن ۽ سهولتن سان ڀرپور هجڻ ڪري، سندن ملڪ ۾ نوڪري لاءِ يورپي گورا به پيا منٿون ڪن. ان کان علاوه هنن ۾ به هاڻي عربن وانگر وڃي پئي لالچ وڌندي. عرب دنيا ۾ هڪ اهڙو وقت آيو جو ڏسڻا وائسڻا عرب به پئسي جي لالچ ۾ گهرايل غريب پورهيتن کان ويزائن جا به پئسا وٺڻ لڳا. ڪيترا ته ڌارين ملڪن کان آيل ڌنڌي ڌاڙي وارن کان، هنن جي دڪان مان ٿيل ڪمائيءَ مان به ڪميشن وٺڻ لڳا .... اهي ئي حالتون هن خوبصورت ملڪ ملائيشيا ۾ به جنم وٺي رهيون آهن، جنهن کي قدرت نه فقط سعودي عرب وانگر وسيع ڌرتي ڏني آهي (آدمشماري جي ڀيٽ ۾) پر ڪشمير ۽ سئٽزرلئنڊ جهڙي سونهن به ڏني آهي. محنتي ۽ ايماندار سياستدانن هتي جي ماڻهن جي قسمت ئي بدلائي ڇڏي آهي ۽ اڄ هر هڪ جي گهر اڳيان اوچي ڪار آهي ۽ کيسو ڏوڪڙن سان ڀريل .... پر افسوس جو ان سان گڏ منجهن Greed (لالچ) ۽ تڪبر جو عنصر به اچي ويو آهي.
    اسان واري ڳوٺائي ڊاڪٽر فرحان جو ملائيشيا ۾ نوڪريءَ جو تجربو ڪو سٺو نه رهيو. ملائيشيا کان آيل هڪ سرڪاري ٽيم ڊاڪٽرن جي چونڊ لاءِ ڪراچي آئي، ته ان هن کي به چونڊيو هو. پاڻ ٻڌايائين ته اها سرڪاري نوڪري آهي، پگهار جو اتي ئي ٻڌائيندا. اهو آهي ته کيس ويزا ۽ ڪولالمپور ۾ پهچڻ جي هوائي ٽڪيٽ به موڪلي وئي. هو بي حد خوش هو، ته هو دنيا جي هڪ خوبصورت شهر ڪوالالمپور ۾ نوڪري لاءِ وڃي پيو. مون چيومانس ته 90 ڪلوميٽر ڏکڻ ۾ هنن جو تاريخي شهر ”ملاڪا“ به اٿئي. موڪلن ۾ ان جو به چڪر هڻجانءِ، جتي مون زندگيءَ جا ڏهه کن سال گذاريا.
    ڪوالالمپور ۾ هفتو کن هوٽل ۾ رهائڻ بعد هن کي مشرقي ملائيشيا جي رياست سباح جي هڪ ڏورانهين ڳوٺ ۾ نوڪري لاءِ چيو ويو. هن ان کي به خوشي سان قبول ڪيو، جو هو ڇڙو ماڻهو هو. هن کي ٻار ٻچا نه هئا، جو اسڪول ۽ ٻين ڳالهين جو فڪر ٿئيس. پر اتي پهچي خبر پيس ته نوڪري سرڪاري ضروري آهي، پر انهن سرڪاري اسپتالن ۾ ڊاڪٽر مهيا ڪرڻ لاءِ هڪ عام ملئي ماڻهوءَ ٺيڪو کڻي هن کي لڳايو آهي .... يعني هو سرڪار کان ته فل پگهار پيو وٺي، پر هنن ڊاڪٽرن کي اڌ کان به گهٽ پيو ڏئي.
    پنهنجي ملڪ ۾ ڪا نوڪري نه هئي، سو ڊاڪٽر فرحان مجبور ٿي ان گهٽ پگهار تي به اوورٽائيم سميت نوڪري ڪندو رهيو. سال پورو ٿيڻ تي ٻي سال جي ڪانٽرئڪٽ لاءِ هن کي پنج مهينا ”اڄ نه سڀان“ ڪندا رهيا ان بعد مس مس ڏنائونس. اهي پنج مهينا پگهار به نه ڏنائونس. ٻئي سال جو جيئن ئي مدو ختم ٿيو ته هن کي ۽ ٻين پاڪستانين کي وڌيڪَ نوڪري ڏيڻ کان انڪار ڪري کين واپس وڃڻ لاءِ چيائون. اسان وارو ڊاڪٽر به ورتل نئين ڪار ۽ گهر جو سامان، اوڻي پوڻي ۾ وڪڻي اچي ڳوٺ کان نڪتو.
    ڳوٺ ۾ رهڻ دوران دبئي ۾ نوڪري ڏيارڻ واري هڪ ٺڳ ايجنٽ جي ڳالهين ۾ اچي بچت ٿيل لک ٻه رپيا ان پٺيان وڃايائين. ڇا ڪري .... هر بي روزگار نوجوان مجبور ٿئي ٿو. هاڻ هو انٽرنيٽ ۽ اخبارن ۾ ٻين هنڌ نوڪريون ڳولڻ لڳو. ڊئنمارڪ ۾ ڊاڪٽرن جي ضرورت جو پڙهي هن کي ڏاڍي خوشي ٿي ۽ ڏنل ائڊريس تي ڪاغذ ’اي ميل‘ ڪري يڪدم مون کي فون ڪيائين. ڊئنمارڪ جو ٻڌي مون کي به بي حد خوشي ٿي. اتر قطب يعني اتر يورپ جي هنن ملڪن: ڊئنمارڪ، سئيڊن ۽ ناروي جي ڇا ڳالهه ڪجي جتي انسان ته انسان پر جانور به خوش گذارين ٿا ڇو جو اهي صحيح معنيٰ ۾ فلاحي ملڪ آهن جتي هڪ بي روزگار کي به سرڪار خرچ پهچائي ٿي. ٻار ماءُ جي پيٽ ۾ جنم وٺي ٿو ته ان ڏينهن کان وٺي 18 سالن جي ڄمار تائين سرڪار هن جو الائونس ڏئي ٿي. ڊاڪٽري علاج سرڪار طرفان آهي. ويندي ماڻهوءَ جي مري وڃڻ تي دفن ڪفن جو خرچ به سرڪار ٿي ڏئي. مون کي پنهنجي تعليم وارا ڏينهن ياد اچي ويا، جڏهن آئون سئيڊن جي يونيورسٽي ۾ شاگرد هوس ۽ ڊئنمارڪ پڻ اچڻ وڃڻ ثيڻ لڳو جو وچ ۾ فقط سنڌو ندي جهڙي سامونڊي ندي آهي. سئيڊن جو شهر مالمو ۽ ڊئنمارڪ ملڪ جو شهر ڪوپن هيگن ائين آهن جيئن روهڙي سکر. اسان شاگردن کي بس ۾ سفر جي ٽڪيٽ به ميونسپالٽي طرفان مفت ملندي هئي. جن کي 18 سالن کان ننڍا ٻار هئا انهن کي هر مهيني هر ٻار جي حساب سان وڏي پاڪيٽ مني ملندي هئي. منهنجا ڪيترائي ايشيائي ڪلاس ميٽ جيڪي طوفاني راتين ۽ مڇريل سمنڊن ۾ جهاز هلائي بيزار ٿي پيا هئا اهي ته چوندا هئا ته زندگي جا باقي سال هاڻي ههڙي ڪنهن ملڪ ۾ گذري وڃن ته سٺو. سو هاڻي جڏهن اسان جي ڳوٺ جي ڊاڪٽر ڊئنمارڪ ۾ نوڪري ملڻ جي ڳالهه ڪئي ته مون کي به خوشي ٿي ۽ ايترو ته Excite ٿي ويس جو وڌيڪَ ڪجهه پڇڻ بدران يڪدم چيومانس ته ”ڊئنمارڪ جهڙي ملڪ لاءِ پڇڻ جي ڪهڙي ضرورت .... اکيون ٻُوٽي هليو وڃ. اتي جي رهندڙن لاءِ ته اتي جي حڪومت سڀ سُک ڪري ڇڏيا آهن پر جيڪي پڙهڻ يا نوڪريءَ لاءِ پهچن ٿا انهن لاءِ به سوين سک آهن.“
    اها ڳالهه ٻڌي ڊاڪٽر فرحان به خوش ٿيو نه ته ٻه هفتا کن اڳ هو نوڪري نه ملڻ ۽ ٺڳ ايجنٽ جي حوالي سان پئسو وڃائڻ ڪري بيحد مايوس هو. جن ڊاڪٽرن کي ٻاهرين ملڪن ۾ نوڪريون آهن اهي هن کي اهو ئي سمجھائي رهيا هئا، ته نوڪريءَ جي ڳولا کي في الحال ڇڏي وڌيڪَ پڙهي جو ٺلهي MBBS ڊاڪٽر کي پڇي ڪير ٿو .... کنڊو ۽ کيبر جهڙن ڳوٺن جا ماڻهو به معمولي مرض لاءِ ايم بي بي ايس ڊاڪٽر وٽ وڃڻ بدران اسپيشلسٽ ڊاڪٽر وٽ وڃن ٿا. هالا جهڙي شهر ۾ به اهي ڪلينڪون ۽ اسپتالون هلن ٿيون، جن ۾ ماهر ڊاڪٽر آهن .... ۽ ڊاڪٽر فرحان ان تي به غور ڪيو ته ملائيشيا مان ڳوٺ موٽڻ بدران، اتي پوسٽ گرئجوئيشن ڪري، جو اتي وري به انگلينڊ ۽ آسٽريليا کان سستائي آهي. پر جڏهن هن ڪوالالمپور پهچي داخلا جو فارم ڀرڻ شروع ڪيو، ته خبر پيس ته ٿوري ٿوري في ته به سال جي ڏهه لک رپيا ٿئي ٿي ۽ هن وڌيڪَ پڙهڻ جو ارادو لاهي ڇڏيو. ۽ هاڻي هو، خوش هو ته هڪ يورپي ملڪ ۾ هن جهڙي MBBS ڊاڪٽر کي نوڪري ملي رهي آهي جيڪا ضرور سٺي پگهار تي ئي هوندي. ۽ ان جي پڪ مون به ڏني مانس ته هي ڪو کٽل ۽ ٺڳ ملڪ ناهي. اهو ٻڌي ڊاڪٽر فرحان کي ساهه ۾ ساهه پيو ۽ وسريل ڳالهه ياد اچي ويس....
    ”ها سائين! اهو ته ٻڌائڻ وسري ويو ته رهائش جو به هنن طرفان بندوبست آهي ۽ ٻن سالن بعد ڊئنمارڪ جي شهريت به ڏيندا.“
    ”واهه سائين واهه! بس سمجهه ته تنهنجي قسمت کلي ويندي ۽ جي ٻن سالن بعد ڊئنمارڪ جو توکي پاسپورٽ به ڏين ٿا، ته پوءِ ته جي ٻه سال پگهار بنا به نوڪري ڪرڻي پوئي ته به مڙيوئي خير آهي....“ مون ٽهڪ ڏيندي چيومانس ۽ ڊاڪٽر فرحان به خوشيءَ مان کلڻ لڳو .... سندس کلڪو ٻڌندي ٻڌندي منهنجي دماغ ۾ جهڙوڪر ڪا ڀٽڪيل ڳالهه اچي وئي .... سنجيدو ٿيندي چيومانس ته ”ڊاڪٽر فرحان! ان نوڪريءَ جو اشتهار ڪنهن جي طرفان آهي ڊئنمارڪ حڪومت طرفان يا اتي جي ڪنهن اسپتال طرفان؟“
    ”ڪنهن ڪمپنيءَ طرفان آهي،“ ڊاڪٽر فرحان چيو، ”ڪالهه کان نيٽ تي (ڪمپيوٽر تي) سرچ ڪري رهيو آهيان ته ڊئنمارڪ جهڙي ملڪ ۾ ان جو نالو نشان ڪونهي. اشتهار ۾ هنن فقط فون نمبر ۽ اي ميل ائڊريس ڏني آهي.“
    ”ٺهيو!“ مون چيومانس، ”اهو فون نمبر جيڪو اشتهار ۾ ڏنو هوندن، پڪ لئنڊ لائين جو نه پر رومنگ واري فون جا هوندو .... يعني نمبر ڀلي ڊئنمارڪ جو هجي پر اشتهار ڏيڻ وارو همراهه لاهور يا ڪراچيءَ ۾ ويٺو ڳالهائي ۽ اتان ئي انٽرنيٽ ذريعي جواب ڏئي ماڻهن کي بيوقوف بڻائي ٿو.“
    ”ڇا مطلب؟“ ڊاڪٽر فرحان حيرت مان پڇيو.
    ”ڀلا پهرئين واري ٺڳ ايجنٽ وانگر هن نوڪري جو اشتهار ڏيڻ وارا به پئسن جي ڳالهه ته نه ٿا ڪن؟“ مون پڇيومانس.
    ”في الحال رڳو ڊاڪيومينٽ گهرايا اٿن جيڪي Scan ڪري اي ميل ڪيا اٿم“ ڊاڪٽر فرحان چيو.
    ”شڪر آهي. پئسي ڏوڪڙ جي ڳالهه ڪن ته هرگز نه موڪلجان. مون کي لڳي ٿو مهيني اندر توهان کي ضرور خط ايندو ته توهان جي چونڊ ٿي وئي آهي 30 ڊالر ويزا جي پروسز في لاءِ موڪليو ۽ اهي موڪلڻ بعد ٻيو ايندو ته توهان کي ٽڪيـٽ موڪلي رهيا آهيون هڪ سؤ يا ٻه سؤ ڊالر سروس چارجز موڪليو.“ مون چيومانس.
    ”سائين ڇا مطلب؟“ ڊاڪٽر فرحان پريشان ٿيندي پڇيو.
    ”منهنجو ڇهون حواس ته اهو ٿو چوي ته هي هڪ فراڊ آهي. اسان جي ملڪ جي غريب ۽ مجبور بيروزگار کي ڦرڻ لاءِ. ڪوڙڪو آهي“ مون چيومانس.
    ”ڪيئن ڀلا؟ سائين هنن کي ڊاڪٽر کپن ۽ مون کي ته ٻه سال ملائيشيا ۾ نوڪري جو تجربو به آهي.“
    ”الله ڪري توکي ڊئنمارڪ ۾ نوڪري ملي وڃي. مون کي بي حد خوشي ٿيندي پر پئسي ڏوڪڙ ڏيڻ جي معاملي ۾ خبردار ٿجانءِ ڇو جو مونکي هي اسان جي سادن ماڻهن کي ڦرڻ لاءِ پنهنجي ئي ملڪ جي ڪنهن ماڻهوءَ ڊوهه ڪيو آهي.“
    ان بعد مون کيس پنهنجو شڪ جن دليلن جي بنياد تي محسوس ڪيو ان بابت کيس به ٻڌايو. ڳالهه اها آهي جو انگلينڊ ۽ فرانس جهڙن ملڪن ۾ جتي اسان جا ايشيائي (پاڪستاني، انڊين، سري لنڪن وغيره) ماهر ڊاڪٽر وڃن ٿا انهن وٽ به مقامي گورا مريض اچڻ کان ڪيٻائين ٿا .... هو ڪوشش ڪري پنهنجي گوري ڊاڪٽر کان علاج ڪرائين ٿا. سو ڊئنمارڪ جهڙو ملڪ ڇو اسان جي ملڪ جا ڊاڪٽر گهرائيندو، جڏهن ته ڊئنمارڪ، سئيڊن ۽ ناروي (Scandinavian) جهڙن اترادي ملڪن جي ماڻهن کي ايڏو ته احساس برتري آهي، جو هو پنهنجي ڏاکڻن يورپي ملڪن (اٽلي، اسپين، پورچوگال ۽ فرانس) جي ماڻهن کي به نيچ سمجھن ٿا ۽ هنن لاءِ انهن ملڪن جو ماڻهو سندن ڍڳي کان به گهٽ آهي، سو هو سڄو يورپ ڇڏي اسان جي ملڪ جا ڊاڪٽر کڻندا؟ سو به MBBS جهڙي معمولي ڊگريءَ وارا. حيرت جي ڳالهه آهي! جڏهن ته هنن کي اها به خبر آهي ته اسان جي ملڪ جي تعليم جو معيار ڪهڙو آهي ۽ گهڻي ڀاڱي ڪهڙي قسم جا ڊاڪٽر نڪرن ٿا! ايتري قدر جو اسان جي ملڪ جي MBBS ڊگري (سواءِ آغا خان يونيورسٽي جي)، يورپ ۽ آمريڪا ۾ ته تسليم نه ٿي ڪئي وڃي پر سعودي عرب جهڙا ملڪ به هٻڪ محسوس ڪن ٿا.
    ٻي ڳالهه ته اهو به ڪو زمانو هو جو اسان جهڙن کي هنن ملڪن توڙي انگلينڊ آمريڪا ۾ ويزا يا شهريت سولائيءَ سان ملي وئي ٿي. هاڻ جتي ڪٿي ڏکيو ڪم ٿي پيو آهي. 1970ع واري ڏهاڪي ۾ به اسان جا ڪيترا پاڪستاني هتي پهچي هنن چيو ٿي ته اسان قادياني آهيون، عيسائي آهيون.... وغيره وغيره ۽ پاڪستان ۾ اسان جي جان کي خطرو آهي ته انگلينڊ توڙي ڊئنمارڪ ۽ سئيڊن جهڙن ملڪن ۾ ٻن ٽن سالن اندر کين شهريت ملي وئي ٿي، پر هاڻ ته اسان جو ڪو هندو انڊيا رهڻ جي ڪري ٿو ته هن کي به ڪو آسانيءَ سان شهريت نٿي ملي .... ڀلي هو پاڻ سان ڪروڙين رپيا کڻي وڃي .... اسان جي ڪنهن مسلمان کي بنگلاديش يا سري لنڪا جي به نه ٿي ملي .... ويندي نيپال ۽ مالديپ جهڙا غريب ملڪ ۽ ويران ٻيٽ به ڌارين کي هميشه لاءِ رهائڻ کان انڪار ڪن ٿا. سو هڪ گهٽ تعليم يافته.... MBBS يعني ٺلهي بيچلر کي ٻه سال نوڪري ڪرڻ تي ڊئنمارڪ جهڙو ملڪ شهريت ڏئي ڇڏيندو! سوچڻ جي ڳالهه آهي! ڊئنمارڪ اهو ملڪ آهي جنهن جي شهريت حاصل ڪرڻ لاءِ انگريز ۽ آمريڪن به خواب ڏسندا وتن.
    سئيڊن، ڊئنمارڪ ۽ ناروي جهڙن ملڪن ۾ رهندڙ اسان جا ڪيترا پاڪستاني، جن کي سٺن وقتن ۾ شهريت (پاسپورٽ) ملي ويو، انهن کان جڏهن اسان تعليم يا گهمڻ لاءِ آيل سياح پڇندا هئاسين ته توهان آمريڪا ڇو نه ٿا وڃي رهو جو انهن ملڪن جي ماڻهن کي آمريڪا ”ويزا بنا“ رهڻ جي اجازت ڏئي ٿي جيئن سنگاپور وارن کي .... ته اسان جا پاڪستاني وراڻي ڏيندا هئا ته ”اسان ڪي بيوقوف آهيون جو ڊئنمارڪ جهڙو ملڪ ڇڏي آمريڪا وڃي پورهيا ڪيون.“
    ياد رهي ته ڊئنمارڪ ۽ سئيڊن وغيره ۾ اتي جو ڪو شهري نوڪري نه ٿو ڪري، ته به گهر ويٺي هن کي ٽيهه چاليهه هزار رپيا، زال کي الڳ ته مڙس کي الڳ، ”بيروزگاري الائونس“ ٽپال ذريعي مليو وڃي. ۽ جي هنن کي ٻار آهن ته 18 سالن تائين هر ٻار جو به الائونس ملي ٿو ۽ جي زال مڙس جي طلاق ٿي ٿئي ته ”بيروزگاري الائونس“ کان علاوه ”طلاق جو الائونس“ به ملي ٿو ته گهر به الڳ الڳ ملي ٿو... سو اهڙا موج مزا ڇڏي هو ڇو آمريڪا وڃن .... پر هڪ آمريڪن يا يورپين ته هر وقت خواب لهي ٿو ته ڊئنمارڪ ۾ کيس رهڻ ڏين. يورپ جا عام ڊاڪٽر يعنيMBBS ته ڇا ماهر ۽ اعليٰ تعليم يافته ڊاڪٽر به هنن Scandinavian ملڪن ۾ نوڪري حاصل ڪرڻ جي چڪر ۾ آهن، پر ڊئنمارڪ، ناروي، سئيڊن جهڙا اترادي ملڪ اهڙا آهن جتي هڪ ته آدم شماري گهٽ آهي يعني هنن کي ايترن ڊاڪٽرن جي ضرورت ناهي ۽ ٻي ڳالهه ته هنن جي تعليم جو معيار بي حد اعليٰ هجڻ ڪري ۽ سؤ سيڪڙو تعليم هجڻ ڪري هنن وٽ پاڻ ئي اعليٰ ۽ ضرورت کان زياده ڊاڪٽر، انجنيئر ۽ ٻين فيلڊن جا ماهر ويٺا آهن. پَش پيش سئيڊن کي جي ڪنهن ڊاڪٽر، انجنيئر ۽ پروفيسر جي ضرورت پوي ٿي ته هو پنهنجي اترادي (Scandinavian) ڦون ڦان واري ملڪ ڊئنمارڪ يا ناروي مان ئي گهرائي ٿو. اهڙي طرح ڊئنمارڪ کي جي ڪنهن ماهر جي ضرورت آهي ته هو ڀر واري پنهنجي اترادي ملڪ سئيڊن يا ناروي مان گهرائي ٿو جو اهي ٽيئي ملڪ هڪ ٻئي جون ٻوليون به سمجھن ٿا. انهن ٽنهي ملڪن جي جيتوڻيڪ پنهنجي پنهنجي ڊئنش، نارويجن ۽ سئيڊش ٻولي آهي پر انهن ۾ تمام معمولي فرق آهي جيئن سرائڪي ۽ پنجابي جي وچ ۾.... يا پورچوگالي ۽ اسپينشن وچ ۾. سئيڊن ۽ ڊئنمارڪ ۾ رهڻ دوران آئون ڏسندو هوس ته ڪڏهن ٽنهي ملڪن جا شاگرد يونيورسٽي جي ڪئنٽين ۾ ملندا هئا ته هرڪو پنهنجي زبان ۾ ڳالهائيندو هو. جيئن اسان وٽ ڪو سرائڪيءَ ۾ ڳالهه ڪري ته اڳلو هن کي پنجابي ۾ جواب ڏئي ته ڪم هليو وڃي. سو هتي سوچڻ جي ڳالهه اها آهي ته هنن کي ڪهڙي کٽيءَ کنيو آهي جو پنهنجن کي ڇڏي هوسڙي، باڊهه، پيارو لنڊ، بنگل ديري، ڳڙهي خيري ۽ پڊعيدن، مانجهند جي MBBS ڊاڪٽر کي گهرائين جن جي انگريزي نه ڊئنمارڪ جي نرسن کي سمجهه ۾ اچي ۽ نه مريضن کي. هڪ ويلڊر، حجم يا هڪ اليڪٽريشن ته اهڙي Situation ۾ وري به ڪم ڪري سگهي ٿو، پر هڪ ڊاڪٽر مريضن کي ڪيئن منهن ڏئي سگهي ٿو ۽ انهن جي دوائن تي لکيل انهن جي زبان جا Instructions ڪيئن پڙهي سگهي ٿو. ان کان سواءِ هر قابل ڊاڪٽر ڄاڻي ٿو ته اسان جي ماڻهن جون ٽراپيڪل بيماريون آهن ۽ اتر قطب ۾ رهندڙ هنن ماڻهن جون ٻيون آهن جن کي اتي جا لوڪل ڊاڪٽر ئي سمجھي سگهن ٿا. ملائيشيا ۽ دبئي جهڙن ملڪن ۾ ته وري به ساڳيون بيماريون آهن ۽ ڳوٺاڻا انگريزي ۽ اردو به سمجھن ٿا. پر ناروي يا ڊئنمارڪ جهڙي برفاني ملڪن ۾ ڪنهن ڳوٺاڻي پنهنجي سڄي زندگيءَ ۾ ٽي وي تي ڪا ”انگريزي“ فلم نه ڏٺي هوندي سو اسان جي ڊاڪٽرن جي ڇا سمجهندا. هنن اترادي ماڻهن لاءِ انگريزي، فرينچ، جرمن، اطالوي ۽ هسپانوي ٻوليون يورپ جي ڏاکڻن ڄٽ ملڪن جون زبانون آهن. ڪيترن کي ٿوري گهڻي انگريزي ايندي ته به هو ڪوشش ڪري پنهنجي زبان ڳالهائيندو. انگريزي ڳالهائڻ کان پاسو ڪندو. ساڳئي وقت اسان ڌارين لاءِ عربي، ملئي، ويندي جپاني ٻوليون سکڻ آسان ڪم آهي پر هنن اسڪئنڊينيوين ملڪن جون زبانون سکڻ ڏکيو ڪم آهي.
    هن نوڪريءَ جي اشتهار ۾ ٺڳيءَ جو اهو به پهلو نظر اچي ٿو ته توهان پاڪستان جهڙي ملڪ ۾ MBBS ڊاڪٽرن جي ضرورت جو اشتهار ڏنو آهي جتي هزارين ڊاڪٽر بي روزگار ويٺا آهن ۽ انهن کان وڌيڪَ جيڪي روزگار ۾ آهن سي به بهتر پگهار ۽ سهولت واري نوڪري جي ڳولا ۾ آهن ته ڪٿي ٻاهر نوڪري ملي وڃي. اهڙو اشتهار ڏسي پاڪستان جي هزارين ڊاڪٽرن apply ڪيو هوندو. سوچڻ جي اها ڳالهه آهي ته ڊئنمارڪ جهڙي ملڪ کي ڊاڪٽرن جي اوچتو ڪهڙي اچي کوٽ ٿي آهي؟ اهي ته اسان جا شهر مٺي، عمر ڪوٽ، ڪنڌڪوٽ، سيوهڻ، جهڏو، ڏوڪري جون اسپتالون آهن جن ۾ ڊاڪٽر آهن ئي ڪونه. ۽ جي آهن ته نوڪريءَ کان غير حاضر. ڊئنمارڪ جهڙي سڌريل ۽ اعليٰ صحت جي معيار واري ملڪ جي ته ننڍڙن ڏورانهن ٻيٽن جي اسپتالن ۾ به ضرورت کان وڌيڪ ڊاڪٽر رهن ٿا. ڀلا جي ڊئنمارڪ جي ڪنهن شهر ڪوپن هيگن، آروس يا ڪنهن ٻئي شهر جي اسپتال ۾ MBBS ڊاڪٽرن جي ضرورت هوندي ته به ٻن يا ٽن جي .... هلو کڻي ڏهن جي هجي. ان لاءِ اشتهار ڏيڻ جي ڪهڙي ضرورت؟ سو به پاڪستان ۾! جيڪڏهن اهو ڪم ڪنهن پاڪستاني ايجنٽ کي سونپيو ويو آهي، ته هو بنا اشتهار جي پنهنجي شهر جا ڏهه ڊاڪٽر موڪلي سگهي ٿو. مثال طور مون جهڙي کان ڪو ڏهه ڊاڪٽر گهري، ته آئون هن کي فقط پنهجي ننڍڙي ڳوٺ هالا جي ئي ڏهه ڇا ويهه بيروزگار ڊاڪٽرن جا نالا ڏئي سگهان ٿو. مون کي پڪ آهي ته منهنجو هي مضمون پڙهندڙن تي جي اهو ڪم رکجي ته انهن مان هرهڪ فقط پنهنجي مٽي مائٽي ۽ پاڙي اوڙي مان ئي چار پنج بيروزگار ڊاڪٽر ڳولي وٺندو. پر هتي لڳي ٿو ته اشتهار ان ڪري ڏنو ويو آهي جيئن هن غريب ملڪ جا مجبور ۽ بيروزگار ڊاڪٽر اکيون پوري apply ڪن ۽ پوءِ جي ڏهه هزار ڊاڪٽر به درخواستون موڪلين ٿا ته پوءِ انهن کي لکبو ته توهان کي چونڊيو اٿئون ۽ توهان جي ويزا ۽ ٽڪيٽ جي پروسيز لاءِ 100 ڊالر (يعني ڏهه هزار رپيا) موڪليو ته نوڪري ملڻ جي خوشيءَ ۾ هرڪو بنا سوچ ۽ عقل جي موڪلي ڏيندو ....
    يعني ان قسم جي اشتهار ڏيڻ واري کي گهر ويٺي ڏهه هزار ضربيان ڏهه هزار رپيا... معنيٰ 100000000 يعني ڏهه ڪروڙ رپيا ملي ويا ۽ پوءِ مجبور ڊاڪٽر ويٺا ٽڪيٽ جو انتظار ڪن. ۽ اهڙي ڦر جي هو ڪهڙن ٿاڻن تي وڃي رپورٽون لکرائين....! يا انصاف لاءِ ڪهڙي جهانگير بادشاه جو گهنڊ وڄائين ....؟
    هي ان ئي قسمَ جو سلسلو لڳي ٿو جنهن بابت پنهنجي ”وسي ٿو وڏ ڦڙو“ ڪتاب ۾ لکي چڪو آهيان، ته ڪيئن اسان جا ٺڳ ماڻهو پئسينجر جهازن تي Boy جي نوڪري ڏيارڻ لاءِ اشتهار ڏين ٿا ته ڪو به مئٽرڪ پاس، پاڻيءَ جي خوبصورت مسافر جهاز تي “Boy” جي نوڪري لاءِ apply ڪري سگهي ٿو. پوءِ درخواستون موڪلڻ وارن کان پئسا ڦريا وڃن ٿا. اسان جي ڳوٺن جي نوجوانن کي اها به خبر نه آهي ته ڪروزو (پئسينجر) جهازن تي ڪم ڪار لاءِ ڇوڪرا نه پر ڇوڪريون رکيون وڃن ٿيون ۽ ڇوڪريون به اهي جيڪي ڏاڍيون سهڻيون هجن، دلير هجن، انگريزيءَ کان سواءِ ٻيون به يورپي زبانون ڄاڻنديون هجن ۽ سندن مئريٽائيم سان واسطو رکندڙ ڪورس ٿيل هجن. انهن ڪورسن ۾ ”فرسٽ ائڊ، Life Saving، فائر فائيٽنگ پڻ اچي وڃن ٿا. انهن بين الاقوامي ڪورسن بنا هڪ ڀنگي به جهاز تي نوڪري نه ٿو ڪري سگهي.
    ان تناظر ۾ اسان جي ملڪ جي بيروزگار ڳوٺاڻن نوجوانن کي بيوقوف بڻائي منجھائن پئسو ڪڍڻ ڪيڏي نه ظالمانا حرڪت آهي!

    * * *


    سامونڊي نوڪري ۽ ولايت ۾ رهڻ جي شوقينن لاءِ

    مون وٽ، اڻ ڄاڻ نمبرن وارا فون گهڻو ڪري منهنجي پڙهندڙن وٽان ئي اچن ٿا. سنڌي اخبار ڪاوش ۽ اڙدو اخبار امت (جن ۾ منهنجو لڳاتار ڪالم ڇپجي ٿو) ان جا ٽيليفون آپريٽر اڪثر پڇندا آهن ته پڙهندڙ توهان جو ٽيليفون نمبر ٿا گهرن.... ڏيون يا نه؟
    منهنجو جواب ”ها“ ۾ هوندو آهي. آئون اهو ئي سوچيندو آهيان ته ٿي سگهي ٿو ڪو اهڙي پريشانيءَ ۾ هجي جنهن جو حل يا ان بابت صلاح مشورو منهنجي ڌيان ۾ هجي ۽ هن جو ئي فائدو ٿي سگهي. هينئر مون ويٺي تجزيو ڪيو ته مون وٽ جيڪي فون اچن ٿا اهي ٻن قسمن جا آهن. هڪ جهازن سان واسطو رکندڙ تعليم ۽ انهن تي نوڪرين بابت هوندا آهن ۽ ٻيو ٻاهر ولايت ڏي تعليم وٺڻ يا نوڪريءَ ۽ بزنيس ڪرڻ بابت هوندا آهن. گذّريل ٻن سالن اندر ڪيترائي مضمون لکي چڪو آهيان ته اسان جي توڙي دنيا جي مرچنٽ نيويءَ جو هاڻ ڪو حال نه رهيو آهي. ڪو زمانو هو يعني 1962ع وارو، جڏهن اسان جي ملڪ ۾ مئرين اڪيڊمي کلي هئي ۽ اها ايشيا جي ٽئين اڪيڊمي هئي، هر ملڪ مال بردار جهاز خريد ڪري رهيو هو. ويندي پاڪستان جهڙي ملڪ ۾ چئن پنجن جهازن مان 1980ع تائين 80 کان مٿي جهاز ٿي ويا. جتي ڪٿي جهاز هلائڻ وارن جي ڊمانڊ وڌي رهي هئي. آئون پهريون سنڌي هوس جنهن مئرين اڪيڊمي ۾ داخلا ورتي ۽ مونکي حيرت ٿي ته اسان جي ملڪ جو سمنڊ جنهن صوبي کي ڇهي ٿو اتي جا ماڻهو جهازراني ۾ دلچسپي نٿا وٺن. مون تعليم دوران ئي بنگال مان مضمون لکيا ۽ پوءِ جهاز تي چڙهڻ سان سفرناما لکڻ شروع ڪيا. جيئن اسان جا سنڌي نوجوان هن طرف به رخ رکن. شروع جي ڏهاڪو سالن ۾ مون انهن سفرنامن ۾ سامونڊي زندگي جي ڏاکڙن کي سينسر ڪري فقط گهمڻ ڦرڻ جون ڳالهيون لکيون جيئن اسانجو نوجوان هن زندگي لاءِ ڪشش محسوس ڪري. حيرت جي اها ڳالهه ته هر سال سنڌ جي نوجوانن جو تعداد وڌندو ويو. اها ٻي ڳالهه آهي ته ڪيترا ڪاپي جا عادي هن فيلڊ جي ڏکي پڙهائيءَ کي منهن نه ڏئي سگهيا پر ڪيترن ته تمام گهڻو نالو روشن ڪيو ۽ اڄ اهي ڪيميڪل، آئل ٽئنڪر ۽ LPG گئس کڻندڙ جهاز هلائين ٿا جن لاءِ سخت ذهني ۽ جسماني طرح هوشيار رهڻو پوي ٿو. گذريل صديءَ جي آخري سالن ۾ ئي ۽ هاڻي هن نئين صديءَ جي شروعات کان هر ملڪ ۾ هڪ ته مرچنٽ نيويءَ جي جهازن جو نمبر گهٽبو وڃي ۽ ٻيو ته هر جهاز آٽو ميٽڪ ۽ ماڊرن ٿيڻ ڪري، ان کي هلائڻ وارن جو تعداد به گهٽبو وڃي. جهازن جي تعداد جي گهٽجڻ جو وڏو سبب اهو ئي آهي جو هنن کي کڻڻ لاءِ سامان ئي نه ٿو ملي!
    سامان ڇو نه ٿو ملي؟ اڳ ۾ اسان جهڙن ملڪن مان ڪڻڪ، چانور، ڪپهه، ڌاڳو ويندي کنڊ جپان، چين، سعودي عرب جهڙن ملڪن ڏي وئي ٿي. هاڻي هر ڪو ملڪ ان ڪوشش ۾ آهي، ته ٻئي ملڪ مان سامان گهرائي پنهنجو زرمبادلو ڇو ضايع ڪجي! ان کان بهتر آهي ته پنهنجي ملڪ ۾ اها شيءِ پوکجي يا جيڪا پوکي وڃي ٿي، ان تي گذارو ڪجي. جپان يا ملائيشيا پئسي وارا ملڪ آهن ۽ اسان جي ملڪ جا چانور هاءِ ڪلاس آهن، پر هاڻي هو اسان کان اُچا چانور وٺي کائڻ بدران پنهنجي سادي جنس تي گذارو ڪن ٿا.
    اهڙي طرح ڪو زمانو هو، جو اسان جا جهاز، جپان، انگلنڊ، جرمني جهڙن ملڪن مان ڪارون، ٽي ويون، واشنگ مشينون، ريفريجريٽر کڻي اسان جهڙن ملڪن توڙي عرب ۽ آفريڪا جي ملڪن ڏي ويا ٿي. هاڻي ته هر شيءِ هر ملڪ ۾ ٺهي پئي. ٽي ويون، ريفريجريٽر ته ڇا پر جپاني ۽ جرمن ڪارون به نه رڳو ايشيا جي ملڪن ۾ پر آفريڪا ۽ ڏکڻ آمريڪا جي ملڪن ۾ به ٺهن پيون. انڊيا ۽ ملائيشيا جهڙا ملڪ ته پنهنجي برانڊ جون ڪارون به ٺاهين پيا. جيڪي ڏاڍيون ڪامياب ويون آهن. اهڙي طرح موٽر سائيڪلن کان وٺي ڇت جا پکا ۽ ٽيبل فئن وغيره هر ملڪ ۾ ٺهن ٿا.
    اڳ ۾ آسٽريليا ۽ نيوزيلئنڊ جهڙن ملڪن کان جهاز رڍون ۽ ٻڪريون کڻي عرب ملڪن ڏي آيا ٿي. ايتري قدر جو انهن لاءِ خاص جهاز ٺهيا جيڪي ”ڪئٽل شپ“ (چوپايو مال کڻندڙ جهاز) سڏبا هئا. هاڻي ته دبئي ۽ سعودي عرب ۾ به واڙا کلي ويا آهن. ايتري قدر جو سعودي عرب جو کير اسان جهڙن ملڪن ۾ پيو وڪامي، جيڪو باءِ ايئر اچي ٿو. بمبئي ۾ ٺهيل ڊبل روٽيون، ڪيڪ، نان ختايون روزانو واشنگٽن ۽ نيويارڪ پهچن ٿا پر باءِ ايئر. مسافر بردار جهاز ته وڃي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ٿيا آهن جو اڄ ڪلهه امير توڙي غريب اهڙو بزي ۽ جلدي ۾ آهي جو هو هڪ ملڪ کان ٻئي ڏي هوائي جهاز ۾ سفر ڪرڻ پسند ڪري ٿو.
    سو اڄ جي حالت اها آهي جو هڪ طرف هر ملڪ ۾ مئرين اڪيڊميون جام کلي ويون آهن، جن مان ڌڙا ڌڙ سندن گرئجوئيٽ نڪرن پيا ۽ ٻئي طرح هر ملڪ ۾ پاڻي جي جهازن جو نمبر گهٽبو وڃي. هڪ ڊاڪٽر يا مڪينيڪل/اليڪٽريڪل انجنيئر ته تعليم بعد سرڪاري نوڪري نه ملڻ تي پنهنجي ڪلينڪ يا ورڪ شاپ کولي ڪجهه نه ڪجهه روزگار ڪمائي سگهي ٿو پر مئرين انجنيئر ڇا ڪري؟ پنهنجو جهاز خريد ڪري؟ جيڪڏهن (مثال طور) هو جهاز خريد به ڪري ٿو وٺي ته رڳو جهاز خريد ڪرڻ سان ڪم ته نه هلندو. هر اهم بندرگاهه ۾ آفيس جو بندوبست هجڻ به ته ضروري آهي. جيڪي پراڻيون جهازران ڪمپنيون آهن انهن جي ئي حالت خراب آهي، نئين ڪمپني ڇا هلي سگهندي؟ ان ڪري اڄ جي نوجوانن کي منهنجي اها صلاح آهي، ته مرچنٽ نيويءَ ۾ جيئن ته هاڻ اهو اسڪوپ نه رهيو آهي، ان ڪري ان ڏي رخ سوچي سمجھي ڪن. باقي پاڪستان آرمي وانگر پاڪستان نيويءَ لاءِ ضرور قسمت آزمايو جو ان ۾ پڙهائي دوران ئي پگهار ملي ٿو ۽ نوڪري پڪي رهي ٿي. مرچنٽ نيويءَ جا پگهار کڻي وڏا آهن، پر هڪ ته جهازن جي کوٽ آهي ۽ سينيئر ماڻهو به جهاز هلائڻ لاءِ واجهائين پيا. ٻيو ته مرچنٽ نيوي جي نوڪري ٺيڪي جي نوڪري آهي. سفر پوري ٿيڻ بعد وري ٻيو جهاز ڳولڻو پوي ٿو يا ساڳئي ۾ ٻئي سفر لاءِ ڪوشش ڪرڻي ٿي پئي. مرچنٽ نيويءَ ۾ نه پينشن آهي نه پروويڊنٽ فنڊ. سو اهي سڀ ڳالهيون ڌيان ۾ رکڻ کپن. پاڪستان نيوي جيڪو فوجي ادارو آهي ان ۾ پينشن سان گڏ ٻارن ۽ ماءُ پيءُ جو ميڊيڪل به فري آهي. سو سامونڊي زندگيءَ جي شوقين پاڪستانين کي نيويءَ جي چونڊ لاءِ ’مقابلي‘ ۾ حصو وٺڻ کپي. مقابلو ان ڪري چوان ٿو، جو ههڙين چونڊن لاءِ هزارين اميدوار اپلاءِ ڪن ٿا جن مان هميشه ٽاپ جا ـــ يعني جيڪي پڙهائيءَ، صحت، جنرل ناليج، راندين، تقريرن ۽ ڊبيٽ وغيره وغيره ۾ مٿانهين درجي جون مارڪون کڻي جيڪي چونڊ لاءِ مقرر ڪيل تعداد اندر اچن ٿا، انهن کي ئي داخلا ملي ٿي. بورڊ مان کنيل فقط A1 گريڊ کي نٿو ڏٺو وڃي. ان ڪري منهنجي اڄ جي نوجوانن کي اها ئي صلاح آهي ته هو اٺين ڪلاس کان وٺي پڙهائي ڏي چڱي طرح ڌيان ڏين، جيئن هو نه فقط بورڊ جي امتحانن ۾ مٿانهين پوزيشن کڻن پر مستقبل جي ادارن جو انٽري امتحان به اعليٰ مارڪُن سان پاس ڪن. ان کان علاوه اخبار پڙهن راندين ۾ حصو وٺن، صبح جو سوير اٿي واڪ ڪن، رانديون کيڏن، جيئن هنن جي صحت سٺي رهي. مون ڪيترائي ڳوٺن جا غريب شاگرد انهن ڳالهين تي عمل ڪري ڪامياب ٿيندي ڏٺا آهن.
    منهنجا پڙهندڙ مون کان ٻئي نمبر تي سوال ولايت ۾ نوڪري، تعليم وٺڻ يا بزنيس بابت ڪن ٿا ـــ خاص ڪري ملائيشيا ۾، جتي منهنجو گهڻي کان گهڻو وقت گذريو آهي ۽ هينئر به وزيٽنگ پروفيسر جي حيثيت ۾ اتي جي مختلف مئرين اڪيڊمين ۽ ٽيڪنيڪل انسٽيٽيوشن ۾ ويندو رهان ٿو. هتي پاڻ هڪ هڪ ڳالهه جو تجزيو ڪيون ٿا جيئن پڙهندڙن کي هڪ گائيڊ لائين ملي سگهي، يا گهٽ ۾ گهٽ Idea ٿي سگهي، جنهن کي ڌيان ۾ رکي، هو پنهنجي پروگرام کي سيٽ ڪري سگهن.
    پهرئين ڳالهه نوڪري کي کڻجي، ته ملائيشيا ۾ اڄ کان ٽيهه چاليهه سال اڳ تمام گهڻيون نوڪريون هيون. تقريباً هر فيلڊ ڊاڪٽري کان انجنيري ۽ تعليم کان بئنڪنگ ۾ هنن ڌارين ملڪن جا ماڻهو رکيا ـــ خاص ڪري انڊيا، پاڪستان، سري لنڪا، بنگلاديش، جپان ۽ انگلنڊ جا. هاڻي سندن پنهنجا نوجوان ئي پڙهي چڪا آهن. ۽ هر هنڌ ٿيندڙ کوٽ پوري ڪري رهيا آهن. پر تنهن هوندي به ڊاڪٽري، انجنيري توڙي درس تدريس جون ڪي اهڙيون شاخون آهن، جن ۾ اسان جي پاڪستانين کي اڄ به نوڪريون ملن ٿيون. جيئن شهدادپور جو هڪ ٽالپر مليو جنهن Ph.D ڪنهن اهڙي خاص مڇيءَ ۾ ڪئي آهي، جو هن کي اتي يڪدم نوڪريءَ جي آفر ٿي وئي. ڪوالالمپور ۾ هڪ فارين يونيورسٽي ۾ هڪ ڄامشورو جو دل جو ڊاڪٽر پروفيسر آهي. مطلب ته خاص Subjects وارن جي اڄ به ملائيشيا توڙي عرب ملڪن ۾ ڊمانڊ آهي. باقي ڪو سمجھي ٿو ته فقط B.E يا MBBS ڪرڻ سان نوڪري ملي ويندي، اهو هاڻي مشڪل ٿي پيو آهي، جو هنن جا پنهنجا ئي ڊاڪٽر، انجنيئر ۽ پروفيسر بيروزگار ويٺا آهن. ڪي ٺڳ قسم جا چيني، ملئي ويندي اسان جا هم وطن جيڪي ملائيشيا جهڙن ملڪن جا شهري آهن، اهي پنهنجيون پرائيويٽ اسپتالون يا انجنيئرنگ ڪارخانا هلائڻ لاءِ گهٽ تعليم وارا ڊاڪٽر ۽ انجنيئر گهرائين ٿا پر هنن سان پگهار ۽ ٻين سهولتن ۾ ويساهه گھاتي ڪن ٿا ۽ هو پورت نه ٿيڻ تي مجبور ٿيو موٽي اچن. اهڙي طرح ڪارخانن ۽ اسپتالن لاءِ مزور ۽ ٽيڪنيشن هو پنهنجي ئي ملڪ مان کڻن ٿا جو ملائيشيا ۾ رهندڙ چيني ۽ تامل انڊين سخت پورهيت آهن. ٻئي نمبر تي هو انڊيا، سري لنڪا، بنگلاديش ۽ فلپين جا کڻن ٿا. مقامي ڪارخاني دار ته ڇا، اسان جا اهي پاڪستاني بزنيس مين جن جون ملائيشيا ۾ فئڪٽريون ۽ ڪاروبار آهن، اهي به اسان جي ماڻهن کي نوڪري ڏيڻ کان پاسو ڪن ٿا جو هنن کي به شڪايت آهي ته اسان جي ماڻهن کي ڪم نه ٿو اچي، سست آهن، No Work ڪلچر اٿن ۽ موڪلون گهڻيون ٿا ڪن.
    اهي ڳالهيون ان ڪري لکي رهيو آهيان ته جيئن ڪو ايجنٽ توهان کان پئسن جي گهر ڪري نوڪري جي لالچ ڏئي ته ان جي پڪ ڪرڻ ضروري آهي ته آيا اها نوڪريءَ جي آفر سچي آهي يا نه. ڇو جو اسان جا ماڻهو اهو ٿا سمجھن ته ڌارين ملڪن ۾ هڪ ته نوڪريون رکيون آهن رڳو اتي پهچڻ جي دير آهي ۽ ٻيو هو ٿا سمجھن ته اهي شايد اسان پاڪستانين کي نوڪريون ڏيڻ لاءِ آتا ويٺا آهن. پر حقيقت ائين ناهي. اسان جو نوجوان ولايت ۾ پهچي پريشان ٿيو وڃي ته هتي ته ڪا اهڙي ڪهاڻي ناهي جنهن جا ڦورو ايجنٽ خواب ڏيکارين ٿا.
    ان ڪري جنهن کي به نوڪري ملي ته هو ان جي آفر ۽ ويزا جا ڪاغذ ان ملڪ جي سفارت خاني ۾ ڏيکاري، پڪ ڪري ته واقعي نوڪري پڪي آهي يا جعلي ڪاغذ آهن. ڪيترا ايجنٽ وزٽ ويزا تي ملائيشيا موڪليو ڇڏين، ته اتي پهچو، سندن ماڻهو توهان جي ان ”وزٽ ويزا“ کي ”ورڪ ويزا“ ۾ تبديل ڪرائي نوڪري وٺي ڏيندو. اها نسوري ٺڳيءَ جي ڳالهه آهي. ويزا اتي پهچي تبديل نه ٿي ٿئي.
    تعليم لاءِ ملائيشيا جهڙا ملڪ سٺا آهن بشرطيڪه توهان کي Ph.D ڪرڻي هجي. باقي اهي خانگي ڪاليج جيڪي ملائيشيا، چين، آسٽريليا وغيره ۾ کلي پيا آهن، جن ۾ ڊاڪٽري ۽ انجنيري جي ڊگري ضرور ڏين ٿا، پر انهن ڊگرين وارن کي مون اڃان تائين نوڪري حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيندي نه ڏٺو آهي. هونءَ به ننڍي عمر جي ٻارن کي ولايت نه موڪلجي، پر ڪجهه ٻارن جو ۽ ڪجهه والدين جو پڻ، ولايت وڃڻ لاءِ اهڙو اچي شوق ٿيو آهي، جو هو قرض کڻي به پنهنجن B گريڊ انٽر پاس ٻارن کي ٻاهر موڪلين ٿا. ڪيترا دفعا اهڙن ٻارن کي مون ڪوالالمپور ۽ ٻين شهرن جي رستن تي ڇڙواڳ رلندو ڏٺو هوندو ۽ سمجھايو هوندو ته بابا هن لوفرپائيءَ کان بهتر آهي ته توهان تعليم ڏي ڌيان ڌريو.
    ڪيترن ماڻهن کي ملائيشيا ۾ اچي بزنيس ڪرڻ جو به شوق آهي. يعني فقط ”شوق“ آهي. بزنيس جي آرٽ ۽ ڄاڻ کان بلڪل اڻ واقف آهن. هو سمجھن ٿا ته بزنيس لاءِ فقط ”پئسو“ ضروري آهي. هو سرڪاري نوڪرين مان ڦٻايل پئسو يا ڳوٺاڻو گهر ۽ زمين وڪڻي ان پئسي مان ملائيشيا ۾ وڏا بزنيس مين ٿي سگهن ٿا. پر ائين ناهي. بزنيس ڪو آسان ڪم ناهي ۽ نه وري ملائيشيا وارن جو اسان لاءِ ڪو هانءُ پيو ڦاٽي، ته اسان اچي هنن جي ملڪ ۾ بزنيس ڪري سکيا ستابا ٿيون. هنن ته اهڙيون ڪوڙڪيون ٺاهي ڇڏيون آهن، جيئن ڌارين ملڪن جي ماڻهن کي هو ڦُري سگهن. ورلي ڪو اسان جو دَبنگ قسم جو ميمڻ، چينوٽي، سنڌي هندو، يا ڪو شيخ ميمڻ ڪامياب ٿئي ٿو، نه ته گهڻا تڻا الهه تلهه چٽ ڪريو موٽن.
    ويجھڙائيءَ ۾ اسان جو هڪ رشوتخور ڪامورو پنهنجو مال ملڪيت کڻي، هتي ملائيشيا ۾ اچي پيٽرول پمپ کوليو. هڪ نئين روڊ تي هن کي پلاٽ مليو. وڏو خرچ ڪري هن پيٽرول پمپ ٺهرايو. هتي جي قاعدي موجب ان سان گڏ واش روم ٺهرايائين ٻه مقامي ملازم رکيائين. سال ڏيڍ لڳو رهيو پر ايتري ڪمائي به نه ٿيس جو بجليءَ جا بل ۽ نوڪرن جا پگهار ڪڍي سگهي. نتيجي ۾ هو ٺهيل ٺڪيل پمپ اوڻي پوڻي ۾ وڪڻي وطن موٽي ويو.
    هڪ همراهه فون ڪيو ته هو زمين وڪڻي ۽ نوڪري ختم ٿيڻ تي مليل فنڊ کڻي ٻارن سان ملائيشيا ۾ اچي بزنيس ڪرڻ ٿو چاهي. مون پڇيو مانس ڪهڙو بزنيس؟ چوڻ لڳو ته مڙيوئي ڪو ”سيون اليون“ ٽائيپ کاڌي جي شين جو دڪان کوليندس. مون کيس ٻڌايو ته ملائيشيا وارا نه ان قسم جي دڪان هلائڻ جي اجازت ڏيندءِ ۽ نه توکي ۽ تنهنجي فئملي کي رهڻ ڏيندا. ملائيشيا ۾ رهڻ لاءِ ٻه طريقا آهن. هڪ ته سيڪنڊ هوم اختيار ڪرڻو پئي ٿو، جنهن ۾ هو توهان کي ملائيشيا ۾ شهريت يا PR (پرمننٽ ريزيڊنسي) نه پر پاڪستاني پاسپورٽ تي 10 سالن جي ويزا جو ٺپو هڻي ڏين ٿا، جنهن لاءِ هڪ ته توکي ڏيکارڻو آهي، ته تنهنجي پنهنجي ملڪ ۾ ٻن سالن کان هڪ ڪروڙ رپين کان مٿي پئسو هر وقت موجود رهي ٿو. ٻيو توکي هڪ ڪروڙ رپيا ملائيشيا جي بئنڪ ۾ گئرنٽي طور رکڻا آهن جن مان اڌ پئسا ٻن سالن بعد ڪڍرائي سگهين ٿو. ان کان علاوه توکي ڏيکارڻو آهي ته تو وٽ ملائيشيا ۾ خرچ پکي لاءِ هر مهيني 3 لک رپيا ڳوٺان اچن پيا يعني پنهنجي ملڪ ۾ تنهنجي ڪاروبار مان توکي ملن پيا يا تنهنجو اولاد يا دوست موڪلين پيا. انهن سڀني ڳالهين بعد ملائيشيا ۾ رهائش جو مسئلو آهي. ائين ته ٻهراڙي واري علائقي ۾ ٻن ٽن لکن جو ڪاٺاڻو گهر مليو وڃي، پر ملائيشيا وارن پنهنجي ملڪ ۽ ماڻهن جي فائدي لاءِ هيئن ڪيو آهي، جو 25 لکن کان گهٽ قيمت وارا گهر فقط ملائيشيا جا بوميپترا (ڌرتي جا اصل رهاڪو) ”ملئي مسلمان“ خريد ڪري سگهن ٿا. ملائيشيا ۾ رهندڙ چيني جيڪي هن ملڪ جا سؤ سالن کان شهري آهن ۽ ملائيشيا جو پاسپورٽ اٿن اهي 25 لکن کان مٿي وارو گهر وٺي سگهن ٿا ۽ ڌارين ملڪن جا ماڻهو جيڪي ملائيشيا ۾ سيڪنڊ هوم اسڪيم تحت رهڻ چاهين ٿا، انهن لاءِ هڪ ڪروڙ رپين کان مهانگو گهر وٺڻ ضروري آهي. بلڪه هاڻ 2016ع کان ته ان جي حد هڪ ڪروڙ رپين مان وڌائي ڏيڍ ڪروڙ ڪئي وئي آهي. هاڻي جيڪي امير آهن جيئن عرب، يورپي يا اسان جهڙن ملڪن جا سردار، ڀوتار يا رشوت خور ڪامورا يا ڌاڙيل دهشت گرد ـــ اهي اهڙا مهانگا گهر افورڊ ڪري سگهن ٿا. ملائيشيا حڪومت ان چڪر ۾ جهنگلن ۾ پلاٽنگ ڪري ڌڙا ڌڙ گهٽ معيار جا گهر ٺهرائي، وڏي اگهه تي وڪرو ڪري ملائيشيا ۾ رهندڙ شوقينن مان خوب پئسو ڪمائي رهي آهي. مزي جي ڳالهه اها ته انهن سيڪنڊ هوم وارن کي فقط محدود وقت ”پنج يا ڇهه“ ڪلاڪ بزنيس يا نوڪري ڪرڻ جي اجازت آهي ۽ ان اسڪيم هيٺ زال مڙس ۽ 18 سالن کان ننڍا ٻار رهي سگهن ٿا. ننڍا ٻار رهندا معنيٰ اهي اسڪول ويندا ۽ اسڪول جون ڳريون فيون ڀرڻ ۾ به ملائيشيا حڪومت جو فائدو ٿيو.
    ملائيشيا ۾ رهڻ جو هڪ ٻيو طريقو اهو آهي ته هو ملائيشيا جي ڪنهن شهر ۾ ڪا ڪمپني کولي بزنيس ڪري يا ڪارخانو کولي، پئٽرول پمپ يا سپر مارڪيٽ کولي. ان ۾ زال مڙس ملائيشيا ۾ رهي سگهن ٿا، پر ان شرط تي هو ڪا وڏي پئماني جي سيڙپ ڪري جيئن گهٽ ۾ گهٽ ٻه ڄڻا مقامي ماڻهو ان ۾ لڳائي سگهي. ملائيشيا ۾ دڪان، هوٽل يا ڪارخاني ۾ مقامي ماڻهو رکڻ ڪو سؤلو ڪم ناهي. ڳري پگهار سان گڏ هنن کي طبعي سهولتون به ڏيڻيون پون ٿيون. مطلب ته چؤطرف ملائيشيا جي حڪومت ڌارئين ماڻهوءَ مان پئسو ڇڪي ٿي ۽ آئون ڏسان پيو ته اسان جا ڪيترائي سادا ماڻهو وڏي شوق سان پئسو لڳائين ٿا ۽ سمجھن ٿا ته اسان خوب ڪمائينداسين پر بزنيس ۾ به ايڏو ته سخت مقابلو آهي، جو اسانجو ماڻهو ملائيشيا ۾ رهندڙ چيني ۽ انڊين گڙنگ واپارين سان مقابلي جي سگهه نه سَهي جلد ئي ڪپڙا ڇنڊي وطن روانو ٿيو وڃي.
    سو هي سڀ ڪجهه لکڻ جو مقصد اهو آهي ته ڪنهن کي ملائيشيا يا ڪنهن ڌارئي ملڪ ۾ نوڪري مليو ٿي وڃي، ته خوشيءَ جي ڳالهه آهي پر هو هر ڳالهه چڱي طرح جانچي جونچي ڪري. ڇو جو غير قانوني ڪمن تي ٻاهرين ملڪن ۾ سخت سزائون آهن ۽ اسانجو ماڻهو پنهنجي ملڪ ۾ غير قانوني ٿيندڙ ڪم ڏسي سمجھي ٿو ته ولايت ۾ به ائين پيو ڪم هلي پر پوءِ ڌارئين ملڪ ۾ هو جھلجيو پوي ۽ سزاياب ٿئي ٿو. اهڙي طرح بزنيس ۾ به توهان ماهر آهيو ۽ جام پئسو اٿانوَ ته پوءِ ڀلي ”مهم جوئي“ (Adventure) ڪريو نه ته ٻي صورت ۾ الهه تلهه وڃائي پاڻ کي ذهني مريض نه بڻايو. پنهنجي ملڪ ۾ ئي اڀرو سڀرو ڪمائيندا رهو. ٿي سگهي ٿو اسان جي ملڪ جا به وارا نيارا ٿي وڃن. ايماندار ۽ انصاف پسند سياستدان اسان جي ملڪ جي به قسمت بدلائي ڇڏين جيئن مهاتير محمد ۽ لي ڪئان يو ملائيشيا ۽ سنگاپور کي يورپ بنائي ڇڏيو آهي.


    ڌڪ دشمن جو به سهڻ کپي

    اسان وٽ سنڌ ۾ بلڪه سڄي ملڪ ۾، ننڍي هوندي کان انصاف جي پٽي اها پڙهائي ٿي وڃي، ته هر ڳالهه اسان جي مڃي وڃي، ته پوءِ اهو انصاف آهي نه ته ٻي صورت ۾ نا انصافي. در اصل اسان کي حقيقت پسند ٿي پنهنجي غلطي به مڃڻ کپي. اسان کي ’ڇا صحيح آهي ۽ ڇا غلط‘ ان جي پرک ڪرڻ کپي پر ان بدران ننڍي هوندي کان اسان کي اِها سُتي پياريل آهي ته اهو ئي قبول ڪريون، ته جيڪڏهن پنهنجو ماڻهو آهي ته پوءِ اهو صحيح آهي ۽ سچ تي آهي .... ڌاريو آهي ته غلط آهي ۽ هن جي هر ڳالهه ۽ هر عمل ڏوهه آهي.
    ننڍا هئاسين ته تازو پاڪستان ٿيو هو ۽ اسان جي ملڪ جو هر ماڻهو ’انڊيا‘ ۽ خاص ڪري ’نهرو‘ جيڪو انڊيا جو وزير اعظم ٿيو، ان تي ڏمريو پئي هليو. پنهنجي ڳوٺ جي ماڻهن واتان ۽ پوءِ اسڪولن ۾ پنهنجن سينيئرن ۽ استادن واتان جواهر لعل نهرو ۽ موهن داس گانڌيءَ لاءِ گهٽ وڌ ٻڌي ٻڌي دماغ ۾ اهو ويهي ويو، ته اهي ڪي چريا چرٻٽ هئا. پر پوءِ جڏهن جهازن جي نوڪري ۾ ٻين ملڪن ۾ وڃڻ ٿيو، ته پنهنجي اوسي پاسي وارن ملڪن سري لنڪا، برما، مالديپ، ٿائلنڊ جهڙا ته ڇا پر مسلمان عرب ملڪن توڙي يورپ جي ملڪن ۾ هر پڙهيل ڳڙهيل کان نهرو ۽ گانڌيءَ جي تعريف ٻڌي حيرت ٿي ۽ انهن ڌارين ملڪن ۾ انهن هندوستاني سياستدانن نالي روڊ رستا، لئبرريون ۽ پارڪ نظر آيا. مون کي ياد آهي ته لنڊن جي هڪ ريسٽورنٽ ۾ مصري جهاز جي ڪئپٽن نهروءَ جي لکيل هڪ ڪتاب جي تعريف ڪئي ته اسان جي هڪ جهازيءَ حيرت مان کيس چيو (جيڪا هن ڄڻ اسان جي دل جي به ترجماني ڪئي) ته ”ڪمال آهي! تون نهرو جي تعريف ٿو ڪرين! هو ته انڊيا جو هندو هو.“
    ان تي هن مصري مسلمان ڪئپٽن ٺهه پهه وراڻيو ته ”هندو هو ته ڇا ٿيو. اسان ڪو هن جي ڌرم جي فلاسافي نه پيا discuss ڪيون. هن جي سوچ ۽ ادب بابت پيا ڳالهايون. اسان جي ملڪ ۾ ته نهرو ۽ گانڌيءَ جا لکيل مضمون ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ پڙهايا وڃن ٿا.....“
    سچ پڇو ته منهنجي لاءِ اهو پهريون encounter هو، جنهن مون کي حيرت ۾ وجھي ڇڏيو، ته هڪ مسلمان اسان جي دشمن جي تعريف ٿو ڪري! ۽ پوءِ ته ٻين به ڪيترن مسلمانن ۽ يورپي گورن کان نهرو ۽ گانڌي جي لکڻين ۽ سٺن خيالن جون ڳالهيون ٻڌي تعجب لڳو. انگلينڊ يا يورپ ايندي ويندي اسان جو جهاز آفريڪا جي اوڀر ڪناري واري تاريخي ۽ جھوني بندرگاهه ممباسا ۾ تيل پاڻي ۽ جهازين (جهاز هلائيندڙن وغيره) لاءِ راشن خريد ڪرڻ لاءِ ٻه ڏينهن کن ضرور ترسندو هو. بلڪه جي ممباسا لاءِ ڪارگو لاهڻو هوندو هو، يا اتان کڻڻو هوندو هو يا وري جهاز جي ڪا ضروري مرامت ڪرائڻي پوندي هئي، ته پوءِ ته جهاز هفتي ڏيڍ لاءِ به بيٺو هوندو هو. هي سن 1970ع ۽ اڳين پوين سالن جي ڳالهه آهي، جڏهن سئيز ڪئنال بند هو. سو يورپ يا آمريڪا ڏي وڃڻ لاءِ هر جهاز کي آفريڪا کنڊ کي ڦيرو ڪرڻو پيو ٿي ۽ اسان لاءِ هن پاسي ممباسا، زنجبار ۽ دارالسلام جهڙا بندرگاهه دل پسند هئا، جو ڪولمبو، عدن ۽ سنگاپور جهڙن بندرگاهن وانگر هتي جو بزنيس به ننڍي کنڊ جي گجراتين، آغا خانين، بوهرين، سنڌي هندن ۽ پارسين هلايو ٿي، جن سان اڙدو ۽ سنڌي زبانن ۾ ڳالهائيندي اسان Comfortable محسوس ڪيو ٿي. پوءِ هنن اسان کي مفت ۾ کڻي ڳڙ نٿي ڏنو پر واپاري طبيعت جو هجڻ ڪري، ڳڙ جهڙي مٺي ڳالهه ته ڪئي ٿي.... ويندي ڪڏهن ڪڏهن اوڌر به ڏني ٿي. بهرحال هڪ دفعي جهاز ممباسا ۾ بيٺو هو ته آئون هڪ سنڌي دڪاندار ٻلديو واسواڻي سان گڏ ڀر واري بوهري جي دڪان تان ٽيپ رڪارڊر وٺڻ ويس. ٻلديو جي دڪان تي اهو نه هو ۽ هن بوهريءَ کي منهنجي پارت ڪئي ته ”هي توهان جو مسلمان ۽ اسان جي وطن جو سنڌي آهي..... هن کي سٺي اگهه تي ڏجانءِ.“
    انهن ڏينهن ۾ اهڙيون زباني خرچ سفارشون ٻڌي اسان _ ”بزنيس جي اٽڪلن کان اڻ واقف“ ۽ بيوقوف جهازي، مطمئن ۽ خوش ٿيندا هئاسين. بهرحال هيءَ سڄي ڳالهه ان ڪري نڪتي آهي، جو خريداري جي رسيد ڏيڻ وقت هن بوهري دڪاندار جي ٽيبل تي رکيل ڪتاب جي ٽائيٽل تي نهرو جو فوٽو ڏسي منهنجي وات مان نڪري ويو ته ”توهان هي پيا پڙهو؟!“ دراصل ان وقت تائين به منهنجو ذهن ايڏو Prejudiced هو، جو مون نهرو کي دشمن ۽ بي ڪار ماڻهو ٿي سمجھيو ۽ اهڙي ماڻهو يعني هندوءَ جي ڪتاب کي پاڻ پڙهڻ ته خراب ٿي لڳو، پر ٻئي مسلمان يعني هن بوهري دڪاندار وٽ ڏسي به حيرت ٿي.
    اهو ڪو ڪتاب هندي زبان ۾ لکيل هو، سو بوهري دڪاندار، منهنجي ان سوال تي سمجھيو ته آئون ان ڳالهه تان حيرت کائي رهيو آهيان، ته هڪ بوهري جنهن جي مادري زبان گجراتي هئڻ کپي سو ڪيئن هندي جو ڪتاب پڙهي رهيو آهي. سو هن ڏاڍي مزي سان چيو ته ”آئون بڙودا ۾ ڄائس جتي مون کي منهنجي والد گجراتي اسڪول ۾ داخل ڪرائڻ بدران ڪانوينٽ اسڪول ۾ داخل ڪيو جتي انگريزي ۽ هندي پڙهائي ويندي هئي.“
    مون ڪتاب کي کڻي ان جا ورق اٿلايا. عربي يا فارسي ٻولين جهڙي لکائي بدران بنگاليءَ جهڙي هئي بلڪه چٽگانگ ۾ تعليم دوران ٿوري گهڻي بنگالي سکڻ ڪري مون ان ڪتاب جا صفحا اٿلائيندي، پهريون دفعو نوٽ ڪيو، ته هندي ۽ بنگاليءَ جا ڪجهه اکر جهڙوڪ ن، م، ل ۽ گ وغيره هڪ جهڙا هئا. بوهري دڪاندار ٻڌايو ته هي ڪتاب جواهر لعل نهروءَ جي ٽيهن خطن جو مجموعو آهي، جيڪي هن پنهنجي ڌيءَ اندرا گانڌيءَ کي 1928ع ۾ لکيا جڏهن هوءَ ڏهن سالن جي ٻار هئي. ان وقت نهرو الهه آباد جي جيل ۾ هو ۽ اندرا مسوري شهر جي هاسٽل واري اسڪول ۾ رهي پئي. هنن خطن ۾ نهروءَ پنهنجي ڌيءَ کي تاريخ ۽ تهذيب جون ڪهاڻيون ٻڌايون آهن. هن اهي خط انگريزيءَ ۾ لکيا هئا ۽ اصل ڪتاب جو نالو Letters from a Father to his Daughter آهي پر هي، هن هندي جي ترجمي واري ڪتاب جو نالو، بوهري دڪاندار ٻڌايو ته ”پتا ڪي پَتر پُتري ڪي نام“ آهي. اهو ترجمو اڙدو ۽ هندي جي مشهور اديب ’منشي پريم چند‘ ڪيو آهي.
    مون بعد ۾ پنهنجي ذهن کي ٺاهيو ۽ انهيءَ سفر ۾، ڪولمبو بندرگاهه مان مٿئين نالي وارو انگريزي ڪتاب ۽ نهروءَ جو هڪ ٻيو ڪتاب Glimpses of World History خريد ڪري اڳتي جي سفر ڪولمبو کان سنگاپور ۽ سنگاپور کان هانگ ڪانگ ۽ پوءِ ٽوڪيو تائين پهچڻ دوران سمنڊ وارن ڏينهن راتين ۾ پورا ڪيا ۽ دل ۾ چيم ته اها اسان جي ڪيڏي غلط سوچ آهي جو ڪنهن کي اجايو ذات پات، دين ڌرم يا ڌنڌي ڌاڙيءَ جي بنياد تي هن جي هر ڳالهه کي رد ڪيون ٿا. شيخ اياز لاءِ چوندا هئاسين ته هو شراب ٿو پيئي، اهو سٺو شاعر ناهي. ڀائي هن جي پيئڻ سان شاعريءَ جو ڪهڙو واسطو؟ هو کڻي ڇا به ٿو ڪري، پر سندس بهترين شاعريءَ ڪري هو ناليرو شاعر آهي. رهيو سوال پيئڻ جو ته اها هن جي ذاتي ڳالهه آهي، اسان کي رنجائي ته نه ٿو. ۽ ٿي سگهي ٿو ته هو نه به پيئندو هجي يا هن ڪڏهوڪو پيئڻ ڇڏي توبهه تائب ٿي ويو هجي. مثال طور ڊاڪٽر اديب رضوي يا لاڙڪاڻي جو ڊاڪٽر مالڪ جلباڻي سٺا يورولاجسٽ آهن ۽ عوام جي خذمت پيا ڪن ته انهن جي ان ڳالهه جي ته واکاڻ ڪرڻ گهرجي. ڪو چئي ته هو شيعا آهن يا سني آهن يا ڪو چئي (مثال طور) هو جواري آهن، ته اهو انهن جو ذاتي فعل آهي. ان بنياد تي اسان ڪيئن ٿا چئي سگهون، ته هو خراب ڊاڪٽر يا خراب ماڻهو ٿيا؟
    اهڙي طرح ڪنهن دشمن ملڪ جي ماڻهوءَ يا ڪنهن ٻي دين ڌرم جي ماڻهوءَ ڪا سٺي ڳالهه ڪئي آهي يا سٺو ڪم ڪيو آهي، ته اسان کي اها ته ٻڌڻ، سکڻ ۽ appreciate ڪرڻ کپي. نهروءَ جا مٿيان اهي ٻه ڪتاب ۽ ان بعد ڪوبي (جپان) جي سي مينس ڪلب مان کنيل ڪتاب..... هڪ ”دي ڊسڪوري آف انڊيا“ ۽ ٻيو سندس آتم ڪهاڻي جو ڪتاب Towards Freedom پڙهڻ کان پوءِ منهنجو ذهن کليو ۽ ائين لڳو ڄڻ آئون ڪنهن سوڙهي گهٽيءَ مان نڪري هڪ هوادار ميدان تي اچي بيٺو هجان. بعد ۾ انهن ڪتابن پڙهڻ لاءِ پنهنجن پاڪستاني ۽ ملئيشين شاگردن کي به چوندو هوس، ته پڙهڻ کپن. نه رڳو نهرو جا ڪتاب پر گانڌي (موهن داس ڪرمچند) جا به ڊگهن سامونڊي سفرن دوران خوب پڙهيم. نه ته مون کي اجايو اهڙو ساڙ هو جو ملائيشيا جي هڪ شهر اپوح ۾ هڪ مسلمان جي هوٽل ۾ گانڌيءَ جي چوڻين (Quotations)جو پوسٽر لڳل ڏسي خارون پئي کاڌم. روس وارن گانڌيءَ جي تصوير واري پوسٽ جي ٽڪلي ڪڍي، ته ڏک مون پئي ڪيو. جيتوڻيڪ اسان جو ليڊر محمد علي جناح به گهٽ ڳالهه نه هو. روس وارن ته گانڌيءَ جي تصوير واري ٽڪلي اسي واري ڏهاڪي ۾ ڪڍي، ايران وارن ته جناح صاحب جي ڄم واري ڏينهن تي 1976ع ۾ هن جي تصوير جي ٽڪلي (Postage Stamp) ڪڍي هئي. ترڪيءَ جي گاديءَ واري شهر انقرهه جي وڏين گهٽين مان هڪ Cinnah Caddesi جناح نالي آهي. آمريڪا جي شهر شڪاگو جي Devon ايوينيو جو هڪ حصو ”محمد علي جناح وي“ سڏجي ٿو. ويندي انڊيا جي شهر گنتر ۾ جناح جي ياد قائم رکڻ لاءِ ”جناح ٽاور“ آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته اسان وٽ سهپ جي سگهه گهٽ هجڻ ڪري حيدرآباد، سکر يا ڪنهن ٻئي شهر ۾ نهرو يا گانڌيءَ نالي ڪا شيءِ هجي ها، ته ان جي بورڊ کي ساڙي ڇڏيون ها يا مٿس ڪارو رنگ اسپري ڪري ڇڏيون ها. ايتري قدر جو اسان هندن، عيسائين ۽ يهودين جا عبادت گهر ئي ساڙيو ڇڏيون جيتوڻيڪ ان ڳالهه لاءِ نه اسلام ٿو چئي نه ملڪ جو آئين..... آخر ايران ۽ ملائيشيا جهڙا به ته مسلمان ملڪ آهن جتي ٻين مذهبن ۽ قومن جا ماڻهو به سڪون سان رهن ٿا ۽ انهن جي عبادت گهرن کي ويتر اهڙو سهڻو بڻائي رکيو اٿن، جو دنيا جا ٽوئرسٽ انهن کي ڏسڻ لاءِ هلي ملي اچن ٿا.
    بهرحال ڳالهه جو مطلب هي آهي ته اسان کي جيڪڏهن ڪو ماڻهو نه ٿو وڻي ته مڙيوئي خير آهي، پر هن جي پازيٽو ڳالهين ۽ تعميري ڪمن جي ته تعريف ڪجي. سائنسدان عبدالسلام، جنهن کي فزڪس ۾ نوبل پرائيز مليو، اهو ملالا يوسف زئيءَ کان اڳ تائين واحد پاڪستاني هو، جنهن کي اهو ايوارڊ مليو..... پنهنجي فيلڊ ۾ ڇا ڄاڻ رکندڙ آهي! سڄي دنيا مڃيس ٿي. پر اسان کي ان جي محنت ۽ پورهئي جي واکاڻ ان ڪري ناهي ڪرڻي جو هو قادياني هو! هي ائين آهي جيئن گهڻو اڳ جدي جي پاڪستاني سفارت خاني ۾ هڪ ادبي فنڪشن ۾، جن هڪ هڪ ڪتاب لکيو هو، انهن اديبن جي به تعريف هلي رهي هئي، اتي هڪ ڀلي انسان مون ڏي اشارو ڪري چيو هن شخص چاليهن کان مٿي سفرناما لکيا آهن .... سڀ خاموش ٿي ويا ۽ هڪ ٿڌو ساهه کڻي چيو ته اسان هن جو نالو نه ٻڌو آهي. تنهن تي پهرين همراهه چين ته ”هن جا ڪتاب سنڌيءَ ۾ آهن“. اهو ٻڌي ٻڌندڙن ۾ ڄڻ ساههُ پئجي ويو. هڪ ئي وقت ٻن ٽن چيو: ”ته اها ڳالهه ڪريو نه“.... يعني هنن لاءِ اهو اديب ڪا حيثيت نه ٿو رکي جيڪو سنڌي يا ڪنهن ٻي علاقائي ٻوليءَ ۾ لکي ٿو .... اهو ان ڪري جو هنن سنڌين کي ڄٽ ٿي سمجھيو ۽ هنن جي mind set ان ڳالهه تي ئي ٺهيل هو ته پاڪستان ۾ اهم اديب فقط اهو آهي جيڪو اڙدو ۾ لکي ٿو..
    بهرحال منهنجي اڄ جي نوجوان کي اها ئي صلاح آهي، ته پنهنجي دشمن جي به سٺاين کي مڃين ۽ انهن جي ڳالهين مان فائدو وٺن..... خاص ڪري پڙهڻ جي معاملي ۾ ته هو گهڻي کان گهڻو پڙهن. مهاتما گانڌيءَ ته تمام گهڻو لکيو آهي خاص ڪري سندس آتم ڪهاڻي The Story of My Experiments with Truth پڙهڻ وٽان آهي. هو گهڻو ڪري پهرين گجراتيءَ (مادري زبان) ۾ لکندو هو جنهن کي پوءِ پاڻ ئي ان جو انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪندو هو.
    مهاتما (موهنداس ڪرمچند گانڌي) 1869 ۾ انڊيا جي رياست گجرات ۾ هڪ واپاري ڪٽنب ۾ جنم ورتو. لنڊن مان وڪالت پڙهيو ۽ وڏو عرصو ڏکڻ آفريڪا ۾ وڪالت ڪيائين ۽ ننڍي کنڊ جي ڌارين (انگريزن) کان جان ڇڏائڻ خاطر Quit India (انڊيا جي پچر ڇڏيو) تحريڪ هلايائين. ان سلسلي ۾ هن مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ انيڪ مضمونَ لکيا، جيئن ماڻهن ۾ سجاڳي اچي ۽ هنن ۾ ڄاڻَ پيدا ٿئي ۽ پنهنجي حقن حاصل ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪن. جانورن وانگر ڪنڌ هيٺ ڪري گونگا ٿي نه ويهن. گانڌيءَ جو ان سلسلي ۾ ڪتاب ”هندو سواراج (Indian Home Rule) ۽ ڏکڻ آفريڪا ۾ ڪيل جلسن ۽ جدوجهد جي ڳالهين جو ڪتاب: Satyagraha in South Africa پڻ پڙهڻ وٽان آهي. انڊيا جي حڪومت مهاتما گانڌيءَ جي سڀني لکڻين کي مرتب ڪري 1960ع ۾ هڪ سؤ جلدن تي مشتمل ڪتاب The Collected Works of Mahatma Gandhi ڇپرايو، جنهن جا جملي پنجاهه هزار صفحا ٿين ٿا.
    مهاتما گانڌي بابت ڪيترائي ڪتاب ڌارين به لکيا آهن، جن مان ٽنڊلڪر جو 8 جلدن جو ڪتاب Life of Mohandas Ghandi ۽ ڏهن جلدن تي مشتمل پياري لعل ۽ سشيلا نير جي بايوگرافي ”مهاتما گانڌي“ بيحد مشهور آهي.
    اسان جي جناح تي به ڪيترائي ڪتاب لکيا ويا آهن، پر اسان جي ماڻهن جي اها اجائي ڪوشش رهي ٿي، ته هن کي هروڀرو پير ۽ مولوي بڻائي، ٻين جي ذهنن تي مڙهيون. ان چڪر ۾ ڪو ڌاريو جناح صاحب جون سؤ تعريفون لکي، هڪ اڌ ڪا ڪسي ڳالهه ٿو لکي (جيڪا ليکڪ جي ذاتي خيال موجب آهي.... ضروري ناهي ته صحيح هجي ....) ته اسان يڪدم بگڙجيو وڃون ۽ پاڻ کي جناح جو وڏو همدرد سمجهي ماڳهين ڪتاب تي بندش وجھرائي ڇڏيون. مونکي ياد آهي ته لاري ڪولنس ۽ ڊومنيق لئپري جهـڙن مشهور يورپي ناول نگارن ۽ ليکڪن 1975ع ۾ ”فريڊم ائٽ مڊ نائيٽ“ نالي انگريزي ڪتاب لکيو جنهن ۾ هنن 48-1947ع ۾ آيل درپيش واقعا: انڊيا جي آزادي جي مهم، لارڊ مائونٽ بيٽن جو وائسراءِ ٿي انڊيا اچڻ، انڊيا جو ورهاڱو ۽ مهاتما گانڌي، نهرو ۽ جناح بابت ڪيترائي واقعا لکيا. (اهو ڪتاب بعد ۾ سنڌيءَ ۾ شڪارپور ڄائي نثار هَڪڙو ترجمو ڪيو. جنهن کي روشني پبليڪيشن پاران ”آڌي رات جي آزادي“ جي نالي سان ڇپرايو ويو آهي.)
    بهرحال سائين انگريزيءَ جي ان ڪتاب ڇپجڻ بعد پاڪستان ۾ گوڙ مچي ويو، ته هن ڪتاب جي ليکڪن جناح لاءِ خراب ڳالهيون لکيون آهن ۽ ڪتاب کي ban ڪيو وڃي ۽ اسان جي ملڪ ۾ ان ڪتاب تي يڪدم بندش لڳرائي وئي. آئون انهن ڏينهن ۾ جهاز تي يورپ ۾ هوس، جتي مون اهو ڪتاب وٺي پڙهيو ان ۾ ته ڪا اهڙي ڳالهه نه هئي. هن ڪتاب جي ٻن ليکڪن جيڪڏهن ان ۾ لکيو آهي ته جناح ۽ ٻيا پيئندا هئا ته ان سان ڪهڙو فرق ٿو پوي.... ٿي سگهي ٿو بعد ۾ جناح صاحب به شيخ اياز وانگر توبهه تائب ٿيو هجي. بهرحال اهو ان جو ذاتي فعل هو اسان ڪو هن کي مسجد جو امام نه پئي بڻايو. دراصل اهو ڪتاب جنهن ۾ جناح جي ڳالهين کي يورپين به ساراهيو آهي، پڙهڻ سان پاڻ جناح لاءِ عزت ۽ مان ٿو وڌي ته هو ڪيڏو قابل ماڻهو هو. سچي ڳالهه ته اها آهي ته اسان جهڙن کي پنهنجي ليڊر جناح صاحب لاءِ قدر هن ڪتاب پڙهڻ بعد ٿيو. انهن ڏينهن ۾ آئون اهو ئي سوچيندو رهيس ته هن ڪتاب تي بندش نه وڌي وڃي ها ته سٺو هو، جيئن اسان جي ملڪ جا پڻ پڙهي سگهن ها. بهرحال پوءِ..... شايد ڪجهه سالن بعد..... ساڳئي اها بندش هٽائي وئي! حيرت ٿي ٿئي ڪتاب بئن ڪرڻ وارن انهن چرين آفيسرن تي جيڪي پاڻ کي اڪابر سمجهي ۽ پنهنجو پاڻ کي وڏو همدرد سڏرائي ويتر نقصان ٿا ڪرائين. ائين ته ڌارين ملڪن جي ليکڪن ته نهرو ۽ گانڌيءَ جي جتي تعريف ڪئي آهي، اتي هنن انهن جون اوڻايون پوڻايون به بيان ڪيون آهن، جيڪي بهرحال هنن جا پنهنجا ذاتي خيال آهن، جيڪي ضروري ناهي ته صحيح هجن. يا اسين پڙهندڙ قبول ڪريون. ائين ته گانڌيءَ لاءِ ڪيترا اهو به لکن ٿا، ته سهاري لاءِ پاڻ سان وٺي هلندڙ ڇوڪريءَ کي هي پوڙهو هٿڙا لائيندو هو ۽ دل پشوري ڪندو هو. جوزف ليليويلڊ جهڙي ليکڪ ته مهاتما گانڌيءَ تي لکيل ڪتاب: Mahatma Gandhi & His Struggle with India ۾ ته ويهي هن شخص (گانڌيءَ) جي Sexual Life تي لکيو آهي، پر ته به اهو ڪتاب انڊيا ۾ Ban ناهي، هنن پڙهندڙن تي ڇڏي ڏنو آهي ته هو سٺو برو يا سچ ڪوڙ پاڻ پرکي، فيصلو ڪن.
    محمد علي جناح تي تازو لکيل ڪتاب جسونت سنگهه جو قابلِ ذڪر آهي. هندوستاني سياست دان ٿي ڪري سو به BJP (ڀارتيا جنتا پارٽي) جو ماڻهو، هن جناح جي تمام گهڻي واکاڻ لکي آهي. هي ڪتاب Jinnah: India - Partition Independence سال 2009 ۾ ڇپيو. انڊيا جا ماڻهو انڊيا جي ورهاڱي جو جوابدار جناح کي ٿا ٺهرائين، پر جسونت سنگهه دليلن سان ٻڌائي ٿو، ته ان ۾ جواهر لعل نهروءَ جي پاليسين جو ڏوهه هو.
    ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته جناح هڪ قابل وڪيل به هو. قابل نه هجي ها ته انگريزن جي ڏينهن ۾ آغا خان يا پير پاڳاري جهڙن اهم ماڻهن جي ڪيسن لاءِ کيس وڪيل هرگز نه ڪيو وڃي ها. جناح جي نه فقط انڊين سياست دان جسونت سنگهه تعريف ڪئي آهي، پر ٻين به ڪيترن ئي. ويندي آڏواڻي (لعل ڪرشن) جي جناح لاءِ تعريفي راءِ ڏيڻ تي سندس پارٽي BJP ۾ گوڙ مچي ويو هو. جناح جي سياست جو دنيا تي اثر بابت والپرٽ واهه جو لکي ٿو ته:
    Few individuals significantly alter the course of history. Fewer still modify the map of the world. Hardly anyone can be credited with creating a nation-state. Mohammad Ali Jinnah did all three.


    عربي نه سکي غلطي ڪئيسين

    اسانجي ڳوٺ هالا جو مولوي شعيب انصاري پهريون سنڌي نوجوان آهي جنهن مديني منوره جي اسلامڪ يونيورسٽي مان گرئجوئيشن ڪئي ۽ هو ڪافي وقت کان پنهنجي اباڻي ڌنڌي زمينداريءَ سان گڏ درس تدريس جو به ڪم ڪري رهيو آهي. پاڻ گذريل ٻن ٽن سالن کان شهدادپور چوڪ هالا ۾ ”انس بن مالڪ اسلامڪ يونيورسٽي“، قائم ڪري رهيو آهي جنهن ۾ ٻاهرين شاگردن جي رهائش ۽ کاڌي پيتي جو مفت بندوبست رکيو پيو وڃي. هن ٻڌايو ته ڪمرن ۽ ڪلاس رومن جو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي. شاگردن کي ديني و دنياوي تعليم سان گڏوگڏ ديني و اخلاقي تربيت تي به خاص ڌيان ڏنو ويندو. تعليم جو ميديم انگريزي ۽ عربي رکيو ويو آهي. مولانا شعيب اهو به ٻڌايو ته هن جو اڳتي هلي هڪ خيراتي اسپتال قائم ڪرڻ جو پڻ ارادو آهي.
    شعيب 1977ع ۾ هالا شهر ۾ ڄائو. بنيادي تعليم هالا جي مسلم اسڪول، مخدوم غلام حيدر هاءِ اسڪول ۽ سروري ڪاليج مان حاصل ڪئي. ان بعد سنڌ يونيورسٽي مان بي ڪام دوران هن کي مديني جي يونيورسٽي ۾ داخلا ملي وئي جتي هو 1996ع کان 2003ع تائين رهيو. منهنجي پڇڻ تي ته آيا اتي ڪو سنڌ جو پروفيسر به هو شعيب ٻڌايو ته ٽي پروفيسر اهڙا هئا جن جا وڏا ڪنهن زماني ۾ سنڌ کان لڏي سعودي عرب ۾ اچي Settle ٿيا هئا ۽ سندن اولاد ”السنڌي“ سڏرائي ٿو. انهن مان هڪ شيخ عبدالقادر حبيب الله السنڌي ۽ ٻيو شيخ محمد عابد بن محمد ڪامل السنڌي هو. ٽئين پروفيسر جو نالو هن وقت ياد نه پيو اچيم.
    آئون جن ڏينهن ۾ (1957ع ۾) هالا جي هاءِ اسڪول ۾ ستين ڪلاس ۾ هوس ته شعيب جو والد صاحب عبدالرشيد انصاري ۽ ننڍو چاچو فاروق انصاري ان اسڪول ۾ هئا. عبدالرشيد مون کان ٻه يا ٽي سال وڏو هو ۽ مٿانهين ڪلاس ۾ هو ۽ فاروق ٻه سال کن ننڍو هو. شعيب جي والد هالا مان مئٽرڪ ڪرڻ بعد ٽنڊوڄام جي ائگريڪلچر ڪاليج مان M.Sc ڪئي ان بعد Law به ڪيو. 1972ع ۾ PCS جو امتحان پاس ڪري ڪراچيءَ ۾ سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ سيڪشن آفيسر ٿيو. ان بعد ڊپٽي ڊائريڪٽر رورل ڊيولپمينٽ ۽ پوءِ نواب شاهه ۾ ڊپٽي ڪمشنر پڻ ٿي رهيو. پاڻ پنجاهه سالن جي ڄمار ۾ 1992ع ۾ وفات ڪيائين. سندس ننڍي ڀاءُ فاروق انصاريءَ جي به نوڪريءَ دوران وفات ٿي وئي. هن فارمئسيءَ ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان 1970ع ۾ B.Sc ڪئي ۽ ساڳي وقت سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ليڪچرار ٿيو. هالا جو اسڪول ڇڏڻ بعد منهنجي ساڻس گلاسگو ۾ 1978ع ۾ ملاقات ٿي جن ڏينهن ۾ اسان جو جهاز گلاسگو، هل ۽ ڊنڊي جهڙن بندرگاهن ۾ آيو ويو ٿي. فاروق اتان Ph.D ڪئي ان بعد واپس سنڌ يونيورسٽي آيو. هو پروفيسر ٿيو ۽ آخر ۾ پنهنجي ڊپارٽمينٽ جو هيڊ به ٿيو. انهن ڏينهن ۾ کيس ڪئنسر ٿي پئي ۽ 2003ع ۾ وفات ڪيائين.
    هونءَ ته هالا جا سمورا ٻار اسڪول وڃن ٿا ۽ خاص ڪري انصارين جا ٻار تعليم ۾ ڪافي اڳيان اڳيان رهيا آهن. هو هر فيلڊ ۾ آهن نيوي ۽ آرمي کان ڊاڪٽر انجنيئر ۽ سٺا واپاري ۽ ان سان گڏ دين جي ڳالهين ۾ به اڳيان رهيا آهن. منهنجي ڪلاس ۾ به ڪيترائي انصاري هئا.... ڪمانڊر نجم انصاري، پروفيسر عبدالصمد وغيره وغيره. پر عبدالرشيد ۽ سندس ڀاءُ فاروق ان ڪري به گهڻو ياد اٿم جو انهن جو والد صاحب يعني مولانا شعيب جو ڏاڏو ”حافظ الله بخش انصاري“ انهن ڏينهن ۾ اسانجو عربي ٽيچر ٿي آيو هو. ڪجهه مهينن بعد ستون ڪلاس ختم ڪري آئون ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو هليو ويس پر جيڪي ڪجهه پيرڊ سائين الله بخش صاحب اسان کي پڙهايا سي اڄ به ياد اٿم ۽ سندس شخصيت کي سلام ٿو ڪريان ته هن ڪيئن اسان جو خيال ڪيو ٿي. هو سڀني استادن ۾ پوڙهو ۽ ضعيف هو پر سندس آواز بيحد کڙو هو. عربي پڙهڻ لاءِ اسان مان ڪو به تيار نه هو پر سائينءَ کي شاباس هجي جو ڳالهيون ۽ قصا ٻڌائي اسان کي سجاڳ رکي ڪجهه نه ڪجهه عربيءَ جا لفظ ياد ڪرائي ويو جن مان هڪ جملو اڄ به اسان ڪلاس ميٽ (يعني جيڪي جيئرا آهيون) هيڊ ماستر خادم علوي، پروفيسر تاج محمد ميمڻ، وڪيل ولي محمد ڀرڳڙي ورجائي کلندا آهيون ۽ سائين حافظ الله بخش انصاريءَ کي ياد ڪندا آهيون..... قطة صغيره وَ اسمها نميره..... ٻليءَ جو ٻچو جنهن جو نالو نميرا هو. عربي ۽ فارسي پيٽارو ۾ به نه پڙهياسين پر پوءِ جهازن جي نوڪري بعد، مختلف ملڪن ۾ وڃڻ تي يڪدم اهو احسا س ٿيو ته اسانجو ملڪ ۽ اسان بدقسمت آهيون جو عربي جهڙي ٻولي نه سکياسين. عربي اچي ها ته اسان جي ملڪ جا ماڻهو به سوڊانين ۽ مصرين وانگر هر عرب ملڪ سعودي عرب ۽ ڪويت کان دبئي ۽ اردن ۾ ڇانيل هجن ها.
    ريٽائرڊ ٿيڻ بعد ايران جو چڪر هڻڻ دوران مڪاني ماڻهن کي فارسي ڳالهائيندو ٻڌي ڏک ٿيو ته عربي ته نه سکياسين پر فارسي به نه پڙهياسين جيڪا اهڙي مِٺي ۽ سولي آهي جو اسان جي سنڌي يا اڙدو جا اڌ کان وڌيڪَ لفظ ته فارسيءَ جا آهن ۽ ڇا ته فارسي زبان ۾ لٽريچر آهي ـــ شعر و شاعري سان ته ڀري پئي آهي. ۽ ملائيشيا وڃي جنهن ٻولي ــــ ملئي تي مٿا ڪٽ ڪئسين ان ۾ ته ڪجهه به ادب نه مليو .... يعني نه نثر نه نظم .... بهرحال خوشيءَ جي ڳالهه آهي ته اڄ ڪلهه جتي ڪٿي مدرسا نظر اچن ٿا جتي ننڍي هوندي کان ٻارن کي عربي پڙهائي وڃي ٿي ۽ پڙهائڻ وارا مولانا شعيب جهڙا پاڻ به عربيءَ جا نه فقط ڄاڻو آهن پر سندن ڳالهائڻ ۾ تمام گهڻي Fluency آهي.


    ڇا هر ڪم لاءِ مامي ڀاڻيجي جو هجڻ ضروري آهي؟

    ٻار وڏا ٿيا ته جهاز جي نوڪريءَ کي ڇڏي ڪناري تي رهڻ جو ارادو ڪيم. اسان جي ڏينهن ۾ 1982ع تائين جهاز هلائيندڙ سينيئر آفيسرن کي جهاز تي فئملي سان رهڻ جي اجازت هوندي هئي. ٻار وڏا ٿيڻ تي ۽ سندن پڙهائيءَ خاطر، هر جهاز هلائيندڙ، سمنڊ جي نوڪري ڇڏي ڪنهن ملڪ جي بندرگاهه ۾ نوڪري ڪرڻ کي ترجيح ڏئي ٿو. مون لاءِ، يعني جهاز جي هڪ مئرين چيف انجنيئر لاءِ، سمنڊ ڇڏڻ بعد ڪناري تي هن قسم جا Jobs ٿين ٿا: شپ يارڊ ۾ ـــ جتي نوان جهاز ٺهن ٿا ۽ پراڻن جي مرمت ٿئي ٿي، بندرگاهه ۾ اتي جي ٽگ جهازن، ڊريزرن ۽ پائلٽ ٻيڙين جي سار سنڀال لاءِ، ڪنهن جهاز ڪمپني جي جهازن جي ٽيڪنيڪل مئنيجمينٽ لاءِ، ڪنهن فائيو اسٽار هوٽل لاءِ (دنيا جي مختلف ملڪن جي وڏين هوٽلن جي سار سنڀال لاءِ مئرين انجنيئر ڪم ڪن ٿا)، ڪنهن تيل جي ڪمپني (کوٽائي ۽ صفائي) لاءِ يا وري ڪنهن ملڪ جي مئرين اڪيڊمي ۾ ٽيچنگ لاءِ.
    مون ماستري کي ترجيح ڏني. ملائيشيا جي شهر ملاڪا ۾ نئين نئين مئرين اڪيڊمي کلي هئي، جنهن جي مئرين انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ لاءِ مون کي ۽ ڪجهه ٻين ملڪن جي جهازن جي چيف انجنيئرن کي پڙهائڻ جي ڪم لاءِ چونڊيو ويو. هيءَ اڪيڊمي ملاڪا شهر کان 40 کن ڪلوميٽر پري ٻهراڙيءَ ۾ سمنڊ جي ڪناري تي ”مسجد تاناح“ ڳوٺ وٽ آهي. اڄ 35 سالن بعد مسجد تاناح يورپ جو شهر لڳي ٿو پر انهن ڏينهن ۾ اهو اسان جي ڇاڇري، سيکاٽ ۽ تلهار جهڙو ڳوٺ هو. گهر لاءِ سيڌو سامان يا دوا درمل لاءِ اتي اچبو. هڪ عدد ڊاڪٽر، بئنڪ، اسڪول، پوسٽ آفيس، پوليس آفيس ۽ ٽيليفون آفيس به هئي. چانهه پاڻي جي هوٽل ۽ حجام جو دڪان به اتي هو.
    اسان کي نوڪري لاءِ اچڻ واري خط ۾ ڪراچي کان ڪولالمپور پهچڻ لاءِ هوائي جهاز جي ٽڪيٽ موڪلي وئي هئي ۽ اهو لکيل هو ته اڪيڊمي جي خرچ تي اهو ڏينهن اسان کي ڪولالمپور جي هوٽل ۾ رهائڻ جو بندوبست ڪيو ويو آهي جيئن ٿَڪ ڀڃي ٻئي ڏينهن آفيس ڪار ذريعي ملاڪا اچون ۽ ملاڪا کان ان ئي وقت اڪيڊمي واري ڳوٺڙي ۾ اچڻ بدران اسان کي ٽن ڏينهن لاءِ ملاڪا شهر جي ان وقت جي وڏي هوٽل ”ملاڪا اسٽرئٽ اِن“ ۾ آرام ڪرڻ لاءِ چيو ويو هو. بعد ۾ خبر پيئي ته اڪيڊمي جي انتظاميا وارن اسان جي اچڻ تي ان سُکَ جو ان ڪري بندوبست ڪيو هو، جو هنن کي ڊپ هو ته اسان جهاز وارن جن رڳو لنڊن، نيويارڪ، ٽوڪيو، هانگ ڪانگ جهڙا خوبصورت بندرگاهه ڏٺا، سي ملائيشيا جي ٻهراڙي واري علائقي ۾ جتي اڪيڊمي جي ٽن پاسن کان سمنڊ ۽ هڪ پاسي کان گھاٽو ٻيلو آهي، اتي پهچي دهلجي نه وڃون ۽ ٽِڪڻ بدران پويان پير ڪري ڀڄي نه وڃون. پر سچي ڳالهه اها آهي ته مون سان اها ڳالهه نه هئي، جو هڪ ته آئون پاڻ به بنيادي طرح هڪ ڳوٺ جو آهيان سو به سنڌ جو ڳوٺ جتي سال ۾ منهنجي دل پسند شيءِ بارش ڪا ٻه ڏينهن به مس ٿي وسي ۽ هتي ته ٻارهوئي جھڙ ۽ مينهن، سمنڊ ۽ ساوڪ هئي. ٻيو ته ملائيشيا جي ٻهراڙي ۽ ڳوٺ مون لاءِ نئين شيءِ نه هئي. جهاز ذريعي منهنجو گذريل ڏهه سال کن ملائيشيا ۽ ٿائي لئنڊ جي بندرگاهن ۾ اچڻ ٿيندو رهيو ٿي ۽ هر دفعي مونکي اتي جي ٻهراڙي گهمڻ جو موقعو مليو ٿي.
    بهرحال ملاڪا شهر جي هوٽل ۾ ٽي ڏينهن آرام جا ملي ويا. شهر ۾ گهمڻ ڦرڻ جو خوب موقعو مليو. پهرين ڏينهن ئي ان هوٽل ۾ ملاڪا رياست جو چيف منسٽر پنهنجن دوستن سان آيو هو. مون کي خبر پئي ته وڃي مليو سانس. مون کي حيرت ٿي ته هو ڏاڍو سٺي طرح مليو. بلڪل نه لڳو ته هو ڪو رياست جو هيڊ آهي ۽ ساڻس دوستي اڄ تائين هلندي اچي. ٻئي ڏينهن سندس آفيس به ويو هوس. انهن ڏينهن ۾ دهشتگردي جهڙيون شيون اڃان شروع نه ٿيون هيون، سو سندس آفيس ۾ پهچڻ لاءِ ڪا سيڪيورٽي ۽ پوليس نه هئي ويندي ڪو پروٽوڪول به نه هو. ٻاهر جيڪا سيڪريٽري ڇوڪري ويٺي هئي، تنهن کي انگريزيءَ ۾ چيم ته وزير اعليٰ سان ملڻ آيو آهيان. هن هٿ سان وزير اعليٰ جي ڪمري ڏي ائين اشارو ڪيو ڄڻ چئي رهي هجي ته ملڻ آيو آهين ته ڀلي وڃي مل. ڪلاڪ اڌ ڪچهري ڪري اٿيس. ان بعد مهيني ڏيڍ کان پوءِ جڏهن سندس آفيس وٽان لنگهه ٿيندو هو ته چانهه وڃي پيئندو هوس. پاڻ نه هوندو هو ته سندس اها ملئي سيڪريٽري ڇوڪري جنهن جو نالو زيتون هو، ان وٽ ويهي چانهه پي اٿندو هوس.
    هڪ ڏينهن زيتون کي چيم: ”ڳالهه ته ٻڌ! اسان جي وزيرن ۽ سياسي ليڊرن کي ته ڪنهن ماڻهوءَ سان ملڻ لاءِ وقت ئي ناهي تنهنجو چيف منسٽر جنهن وقت اچ ته واندو ويٺو آهي. ماڻهن کي نوڪريون ڏيڻ، پوليس آفيسرن جون بدليون ڪرڻ ۽ ٻيا ان قسم جا ڪم ڪير ٿو ڪري؟“
    اهو ٻڌي مائي زيتون کي حيرت ٿي ۽ معصوميت سان وراڻيائين: ”مختلف ادارا ڇا لاءِ آهن؟ اهڙن ڪمن کي هر اداري جو واسطيدار عملدار ڏسي ٿو.“
    ان وقت مون کي سندس اها ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي. سال اڌ کان پوءِ اسان جي اڪيڊمي ۾ هڪ وڌيڪَ ليڪچرار جي ضرورت پئي. آفيس طرفان اشتهار ڏنوويو ته ڪو به جهاز جو چيف انجنيئر ملائيشيا يا سنگاپور ۾ موجود هجي ۽ هو شور جاب (ڪناري جي نوڪري) لاءِ خواهش مند هجي ته ايندڙ سومر تي اڪيڊميءَ ۾ انٽرويوءَ لاءِ هليو اچي.
    سومر ڏينهن آفيس ۾ آيس ته ڪمانڊنٽ گهرايو. ”هي ٻه چيف انجنيئر نوڪريءَ لاءِ آيا آهن. انهن جو انٽرويو وٺ. جيڪو بهتر سمجھين ان کي پنهنجي ڊپارٽمينٽ ۾ رک.“
    مون ڏٺو ته هڪ ملائيشيا جو چيني هو ۽ ٻيو سنگاپور جو ملئي مسلمان هو. مون ڪمانڊنٽ کي چيو ته ”سائين! جيئن توهان کي بهتر لڳي.“ پر ڪمانڊنٽ چيو:
    ”تون هيڊ آف ڊپارٽمينٽ آهين. اهو ڪم تنهنجو آهي ۽ هو تو وٽ ئي ڪم ڪندو، ان ڪري ان لاءِ تون ئي چونڊ ڪر .... ۽ سڀان جي ڪم سٺو نه ڪري ته تون هن کي ڪڍي به سگهين ٿو.“
    دراصل ٻين سڌريل ۽ ترقي يافته ملڪن ۾ به ائين ئي ٿئي ٿو. ويندي اسان جي ملڪ ۾ به ڪنهن زماني ۾ ائين ئي ٿيندو هو پر هاڻي ته پٽيوالي يا داروغي جي نوڪري لاءِ به چيف منسٽر جي سفارش ۽ سليڪشن ضروري سمجھي وڃي ٿي.
    ٽي ڏينهن ملاڪا رياست جي گاديءَ واري شهر ۾ رهڻ بعد مون کي وٺڻ لاءِ اڪيڊمي جي سرڪاري ڪار آئي. رستي تي مسجد تاناح ڳوٺ جي پيٽرول پمپ تي اها ترسي ته آئون سامهون واري ”پيجابت ٽيليفون“ (ٽيليفون جي آفيس) ۾ گهڙي ويس.
    ”آئون هتي جي مئرين اڪيڊمي ۾ ٽن سالن جي نوڪري لاءِ آيو آهيان. فون لڳرائڻ جو ڪهڙو طريقو آهي؟ ”مون اڳيان ويٺل ڪلارڪ کان پڇيو.
    ”توهان جي ائڊريس .... يعني اڪيڊمي ڪئمپس ۾ يا ان کان ٻاهر جيڪو توهان کي گهر مليو آهي ان جو نمبر ٻڌايو؟“ هن پڇيو.
    ”اها ته مون کي خبر ناهي. اتي پهچڻ سان ٿيندي.“ مون چيو.
    ”چڱو. توهان هلو ته اسان پهچون ٿا.“ ڪلارڪ چيو.
    ڪار ۾ پيٽرول ڀرائي اڪيڊمي پهتاسين ۽ مون کي جيڪو گهر الاٽ ڪيو ويو هو، ان ۾ ڊرائيور ۽ آئون گڏجي سامان رکي رهيا هئاسين، ته ٽيليفون آفيس وارو ڪلارڪ به پهچي ويو. مون سمجھيو ته هو پڪ ڪرڻ آيو آهي ته واقعي آئون هتي رهان ٿو يا نه پر هو ته ٽيليفون پيس ۽ تارن سان گڏ پهچي ويو هو ۽ ٽيليفون ٽي وي لائونج جي ٽيبل تي رکي ان سان ڳنڍيل تار دريءَ مان ڪڍي ٻاهر پول سان ملائيائين. ان بعد مون کي هڪ فارم ڏئي چيو ته هن تي پنهنجو نالو ۽ گهر جو نمبر لکي اڄ ئي هڪ سؤ رنگٽ ڊپازٽ في بئنڪ ۾ جمع ڪرائيندئو ته ٽيليفون شروع ٿي ويندو.
    اسان کي ملاڪا پهچڻ تي اڌ مهيني جو ائڊوانس پگهار ملائيشيا جي ڪرنسي رنگٽ (ڊالرن) ۾ مليو هو سو هڪ سؤ ڊالر ان وقت ڊرائيور کي بئنڪ ۾ جمع ڪرڻ لاءِ ڏنم جيڪي هو لنچ واري بريڪ ۾ ئي ڏئي آيو ۽ شام ڌاري ٽيليفون شروع به ٿي ويو!
    هتي ٻه ڳالهيون لکڻ ضروري سمجھان ٿو. هڪ ته انهن ماڻهن لاءِ جن کي ولايت ۾ نوڪري ڏيارڻ جي بهاني سان ٺڳ ايجنٽ ويزا ۽ ٽڪيٽن جي نالي سان پئسا ڦريو غائب ٿيو وڃن. ڪنهن به ملڪ جي حڪومت يا اتي جي ڪمپني جڏهن ڌارئي ملڪ جي ماڻهوءَ کي نوڪري ڏئي ٿي، ته اها نوڪري جي خط جي توهان طرفان قبوليت بعد ويزا ۽ ٽڪيٽ جو پاڻ بندوبست ڪري ٿي ۽ سندن ملڪ ۾ پهچڻ تي پگهار جو ڪجهه حصو ائڊوانس ۾ جاري ڪري ٿي، جيئن نئين آيل ملازم جو خرچ پکو هلي سگهي. توهان رڳو ٿر مان ڪو نوڪر، ڊرائيور يا بورچي گهرايو ٿا ته ان جو ڀاڙو موڪلڻ کان علاوه سندس هتي پهچڻ تي هن کي ڪجهه خرچي به ڏيو ٿا ته متان هن کي ٻيڙي سگريٽ جي ضرورت هجي. سو اهو ايجنٽ جيڪو پئسن جي گهر ڪري ٿو ان تي شڪ ڪرڻ کپي ۽ ٻيو ته جيڪو چوي ٿو ته دبئي، سعودي يا ملائيشيا پهچڻ بعد توهان جي نوڪري جي ڳولا ڪئي ويندي، ان ۾ فراڊ سمجھڻ کپي جو ٽوئرسٽ ويزا تي پهچي ٻئي ملڪ ۾ نوڪري ڪرڻ يا نوڪري جي ڳولها ڪرڻ ڏوهه جو ڪم آهي. ملائيشيا جي جيلن ۾ جيڪي اسان جي ملڪن جا ماڻهو آهن انهن ۾ اڌ کان وڌيڪَ ان قسم جا آهن جيڪي هڪ قسم جي ويزا تي اچي ٻيو ڪم ڪن ٿا يا انهن جي ويزا جو مدو ختم ٿيڻ بعد به ان ملڪ ۾ رهيو پون.
    بهرحال جلدي فون لڳڻ تي مون کي حيرت ٿي ته ملائيشيا جهڙي هڪ پٺتي پيل ڄٽ ملڪ ۾ ٽيليفون کاتو يا بئنڪنگ سسٽم تمام ڦڙتيلو ۽ بهتر ڪارڪردگي وارو آهي! ياد رهي ته هيءَ 1982ع واري سال جي ڳالهه آهي جڏهن ته اڃان موبائيل فون خواب خيال ۾ به نه هئا. هر هڪ سرڪاري ٽيليفون اداري جا Land Line وارا فون استعمال ڪيا ٿي. حيرت ته مون کي ڏهن سالن بعد 1991ع ۾ به ٿي هئي جڏهن مون ملائيشيا ڇڏيو پئي ۽ مون کي ٽيليفون واپس ڪري بل چڪتو ڪرڻو هو ڇو جو ان وقت تائين سنگاپور ۽ ملائيشيا ۾ به جپان وانگر سسٽم شروع ٿي ويو هو ته ايئرپورٽ تي پاسپورٽ تي Exit جو ٺپو هڻائڻ وقت جيڪڏهن توهان جو بجلي، گئس، پاڻي يا فون جو بل نه ڏنل آهي ته الارم وڄي ٿي ويو ۽ اهو بل ڏنڊ سان گڏ ڀرڻو پيو ٿي. سو ان خواريءَ کان بچڻ لاءِ فون کي بند ڪرائڻ لاءِ هفتو کن اڳ ان ساڳئي ٽيليفون آفيس ۾ پهچي ويس ته هو منهنجو فون بند ڪري منهنجو بل ڪليئر ڪري ٻن ٽن ڏينهن اندر مون کي رسيد ڏين، جيئن آئون آجو پاجو ٿي وڃان.
    آفيس جي ڪلارڪ منهنجي ڳالهه ٻڌي چيو ته: ”توهان هفتو اڳ ڇو ٿا فون بند ڪرايو. آخري ڏينهن ۾ ته توهان کي وڌيڪَ ضرورت پوندي. ڪولالمپور ايئرپورٽ تي وڃڻ لاءِ توهان کي هونءَ به هتان گذرڻو پوندو. آخري ڏينهن تي ايئرپورٽ تي وڃڻ وقت هتي ٻه منٽ Taxi بيهاري ”ٽيليفون پيس“ اسان کي موٽائي ڪليئرنس رسيد وٺي وڃجو.“
    ”اهو ته ڏاڍو سٺو پر دير نه ڪجو“ مون احتياطً کين چيو.
    ”بس هڪ ڪم ڪجو. جنهن وقت توهان گهر ڇڏيو ته فون کڻڻ کان اڳ هڪ دفعو اسان کي ڪجو ته اسان پنهجي ماڻهوءَ کي آفيس جي ٻاهران روڊ تي ئي بيهاري ڇڏينداسين جيئن توهان کي ٽئڪسي مان لهڻ جي ئي ضرورت نه پوي.“
    آخري ڏينهن کين فون ڪري گهران نڪتس. پاڻ سان ننڍا نوٽ ۽ کلا سڪا به کڻي هليس جيئن آخري ست اٺ ڏينهن جو بل چڪتو ڪندو هلان. ”مسجد تاناح“ ڳوٺ جي ٽيليفون آفيس وٽ پهتس ته ڪلرڪ منهنجي انتظار ۾ بيٺو هو. کيس ٽيليفون پيس ۽ پئسا ڏنم ته جيڪو رهيل بل هجي ته هن مان کڻ. پر هن منهنجا پئسا مونکي واپس ڪندي پاڻ سان آندل رسيد ۽ ڪجهه نوٽ منهنجي حوالي ڪيا ۽ ٻڌايو ته هنن منهنجي ”ڊپازٽ مَنيءَ“ مان بل جا پئسا ڪٽي باقي امانت واپس ڪئي آهي.
    مون کي ملائيشيا وارن جي ٽيليفون کاتي جي شروع کان آخر تائين جي ڳالهه ڏاڍي وڻي .... ڇا ڪجي اسان پنهنجي ملڪ جي ٽيليفون سسٽم جا ستايل هئاسين. اڄ جو نوجوان سوچي به نه ٿو سگهي ته سنڌ ۾ ستر واري ڏهاڪي ۾ ٽيليفون جي ڪنيڪشن حاصل ڪرڻ ڪيڏو وڏو مسئلو هو. ماڻهو فون لاءِ درخواستون ڏيئي سالن جا سال انتظار ڪندا هئا يا ڪنهن وٽ پئسو هجي ۽ ايڏو ڪاروبار هجيس ته رشوت ڏئي جلد حاصل ڪري. انهن ڏينهن ۾ ٽيليفون آفيس جو ڊويزنل انجنيئر (D.E) ته وڏي ڳالهه سمجھيو ويو ٿي، پر رشوتي ڪلارڪ پٽيوالا به عيشن ۾ هئا .... ۽ اهو خرچي يا رشوت جو اگهه ڏهن کان پنڌرهن هزار رپيا في ڪنيڪشن هو جيڪا تمام وڏي رقم هئي. ياد رهي ته 1971ع ۾ يارهن سؤ رپيا سون جو تولو هو. ۽ مٿين رقم ڏهه کن تولن برابر ٿي ٿي يعني اڄ جا چار پنج لک رپيا ٻڌو. ۽ 1973ع ۾ جڏهن مون ڪراچي ۾ فون لڳرايو ته آئون جهاز تي 1400 رپيا پگهار تي ٿرڊ انجنيئر هوس. هونءَ ته اهو پگهار تمام گهڻو هو، جو منهنجو والد جيڪو ڊپٽي ڪمشنر هو ان جو 1600 هو.
    بهرحال مونکي ٽيليفون جي ڪنيڪشن ڪيئن نصيب ٿي هتي اهو لکڻ ٿو چاهيان. منهنجو جهاز ڪراچي آيل هو ۽ آئون جهاز تان ڪنهن ڪم سانگي پنهنجي هيڊ آفيس ۾ آيس. لفٽ ۾ ممتاز ڀٽو صاحب مليو. هو انهن ڏينهن ۾ وزير مواصلات هو .... يعني جهازن، ريلوي ۽ ٽيليفون وغيره جو. هو پنهنجي آفيس لاءِ چوڏهين فلور تي وڃي رهيو هو ۽ مون کي ٻارهين فلور تي وڃڻو هو. ساڻس هڪ ٻه دفعا ملاقات ٿي چڪي هئي سو مون کان پڇيائين ته چيف انجنيئر ٿي ويو آهين؟ مون کي سيڪنڊ انجنيئر جو امتحان ڏني اڃان سال به نه ٿيو هو. بين الاقوامي قانون موجب اڃا 9 مهينا جهاز تي Sail ڪري پوءِ چيف انجنيئر جو امتحان ڏيڻو هو.
    ”نه سائين! اڃان ڪٿي.“ مون جواب ڏنو.
    ”توکي ته هاڻ چيف انجنيئر ڪري رکجي“ ممتاز صاحب سنڌيءَ ۾ چيو. جواب ۾ آئون کلندو رهيس ۽ 12 هين فلور تي لهي ويس. دل ۾ سوچيم ته سائينءَ جي قربن جي مهرباني، پر کين اها خبر ناهي ته اسان وٽ پروموشن سمنڊ تي گذاريل Sea Time جي مقرر مدي ۽ ان بعد امتحان پاس ڪرڻ تي ئي ٿئي ٿي .... اها ڳالهه هينئر به ممتاز صاحب کي ٻڌائي کلندو آهيان. بهرحال ممتاز صاحب جي خلوص ڪري ٻئي ڏينهن آئون ٽيليفون واري درخواست کڻي آيس جنهن جو ٻه سال گذرڻ بعد به وارو نه آيو هو. انهن ڏينهن ۾ ممتاز ڀٽو صاحب جو سيڪريٽري اسانجو هم عمر ۽ دوست اشرف قاضي مون کي اندر وٺي آيو ۽ منهنجي پاران هُن ڀٽو صاحب کي منهنجي فون لاءِ چيو جنهن تي هن يڪدم نوٽ لکي صحيح ڪئي ته هن کي ترجيحي بنياد تي يڪدم ڏنو وڃي.
    آئون ڏاڍو خوش ٿيس. ڪراچي ۾ فون جي لائين ڏيڻ جا آرڊر انهن ڏينهن ۾ جيڪو آفيسر يا انجنيئر ڪڍندو هو اهو آءِ آءِ چندريگر روڊ واري آفيس ۾ ويهندو هو. سندس نالو هن وقت ذهن ۾ نه پيو اچي پر انهن ڏينهن ۾ اُن جا ڇا ته رعب ۽ شان هئا. هن لاءِ مشهور هو ته هو ڪنهن جو به ڪم نٿو ڪري ۽ ماڻهن کي گاريون به ڏئي ٿو. اهڙي تهڙي سرڪاري آفيسر کي ته هن پڇيو به ڪونه ٿي. سڀ چوندا هئا ته هي وزير مواصلات جو خاص ماڻهو آهي. بهرحال هاڻ آئون پُر اعتماد هوس ته فون مونکي ملي ويندو. سو آئون درخواستي فارم، (وزير صاحب جي صحيح وارو) کڻي ٽيليفون آفيس پهتس. رستي تي ٽاور وٽان ٽيليفون لاءِ هڪ ننڍڙو تالو به ورتم جيڪو انهن ڏينهن ۾ ٻئي جي استعمال کان بچائڻ لاءِ فون کي لڳائڻ جو فيشن هو. مونکي اڄ به ياد آهي ته ان وقت مون سان گڏ منهنجو ڪليگ ڪئپٽن مظهر زيدي گڏ هو جيڪو منهنجي ان خريداريءَ تي کلندو رهيو ته فون ملڻ کان اڳ تالو ورتو اٿم ۽ هو اهو لطيفو ڪي سال مختلف جهازن تي ٻڌائيندو رهيو. پر ڇا ڪجي فون کي تالو هڻڻ انهن ڏينهن ۾ رواج، فيشن ۽ سيڪيورٽي سمجھي وئي ٿي ۽ هاڻ ته مونکي فون هونءَ ئي ملي وڃڻو هو جو ملڪ جي وزير مواصلات ان لاءِ Recommend ڪيو هو.
    آئون خوش خوش درخواست کڻي ٽيليفون ڊپارٽمينٽ جي هيڊ آفيس ۾ ان ”مٿي ڦريل صاحب“ وٽ پهتس. هن درخواست کي غور سان ڏسي چيو ته ”وزير صاحب صحيح ڪئي آهي ته ڇا ٿي پيو. کڻ پنهنجي درخواست.“
    آئون وائڙو ٿي ويس ۽ دل ۾ سوچيم ته هي ولايت جا ملڪ نه آهن جن جو سير ڪري پهتو آهيان. اسان جي ملڪ ۾ بس ائين ئي ڪم هلي ٿو. واپس جهاز تي موٽڻ بدران پاڪستان چوڪ تي سائين علينواز وفائي جي پريس تي آيس جتان هو هر هفتي ”آزاد“ اخبار ڪڍندو هو. منهنجو هڪ ڪتاب (سفرنامو) پڻ ڇپيو هئائين. هو منهنجي والد جو همعمر ۽ دوست هو پر منهنجو هڪ اديب جي حيثيت ۾ به خيال ڪندو هو. هو پئسي وارو ماڻهو نه هو پر پنهنجي والد صاحب مولانا دين محمد وفائي وانگر، اخبار جي ايڊيٽر ۽ سماجي ڪمن ڪري هر قسم جي ڪاموري توڙي سياستدان هن جو خيال ڪيو ٿي. انهن ڏينهن ۾ ذوالفقار علي ڀٽو صاحب پاڪستان چوڪ وٽان لنگهي رهيو هو ته پنهنجي سڄي قافلي کي بيهاري چيو ته مون کي پنهنجي دوست سان ملڻ ڏيو. اها خبر ٻئي ڏينهن سڀني اخبارن ۾ آئي هئي ته ملڪ جي وزير اعظم پنهنجي گاڏي بيهاري پراڻي دوست سان ملڻ لاءِ هن جي ننڍڙي دڪان (ڇاپخاني) ۾ وڃي ويٺو.
    منهنجي منهن تي اداسي ڏسي وفائي صاحب پڇيو: ”خير ته آهي. جهاز تي دل نه ٿي لڳي ڇا؟“
    آخر زور ڀرڻ تي ٻڌايومانس ته ٽيليفون نٿو لڳي.
    ”بس! ڳالهه به ايتري. هينئر جو هينئر تون فلاڻي آفيسر وٽ وڃ ته آئون ٿو فون ڪريان.“
    ”انهيءَ ته درخواست اڇلي ڏني اٿم. ممتاز ڀٽو صاحب جي به نه ٿو ٻڌي.“ مون وفائي صاحب کي حقيقت کان آگاهه ڪيو.
    ”بابا ڀٽو صاحب ڀٽو صاحب آهي وزير مواصلات! آئون هڪ ننڍڙو ماڻهو آهيان. تون منهنجي ڳالهه مڃ ۽ هينئر ئي واپس وڃ متان آفيس مان نڪري نه وڃي.“
    مون کي ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي بلڪه اهو ئي سوچيندو رهيس ته هن ڀيري پڪ گاريون به کائيندس .... پر رستي تي اهو به خيال آيو ته ٿي سگهي ٿو وفائي صاحب جي ڳالهه مڃي وڃي ڇو جو وفائي صاحب هميشه نه فقط غريب غربائن جا ڪم ڪندو رهيو آهي پر آفيسر ۽ سياستدان به هن کان صلاح وٺڻ ۽ هن جي سفارش لاءِ هن وٽ ايندا رهيا ٿي. ويندي پير ۽ وڏا جاگيردار هن جي عزت ڪندا هئا. وفائي صاحب جيتوڻيڪ يونيورسٽين جو گرئجوئيٽ نه هو پر هن مذهب، تاريخ، سماجيات ۽ سياست جي وڏي ڄاڻ رکي ٿي. پنهنجي تعليم لاءِ ته پاڻ ئي چوندو هو ته: ”بابا آئون مئٽرڪ فيل بي اي پاس آهيان.“ حيرت جي اظهار تي چوندو هو ته: ”ان ڪري جو مئٽرڪ جو امتحان مون انگريزن جي حڪومت ۾ ڏنو هو بي اي جو پاڪستان ٿيڻ بعد.“
    وفائي صاحب هڪ دلير صحافي هو ۽ پنهنجي اخبار ۾ حڪومت جون خوب کَلون لاهيندو هو. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ملڪ جا وزير، سياستدان ۽ سرڪاري ڪامورا پڻ کانئس ڊڄندا رهيا ٿي. بهرحال اهي سڀ ڳالهيون سوچيندو ان ڏنگي ٽيليفون آفيسر جي ڪمري ۾ پهتس. هن جيئن ئي مون ڏي ڪاوڙ مان گھوري ڏٺو ته مون چيو مانس ته: ”مونکي وفائي صاحب موڪليو آهي، فون تي هن توهان کي ٻڌايو هوندو.“
    اهو ٻڌي هن جو نمونو ئي بدلجي ويو ۽ ٻنهي هٿن سان مون کان درخواست وٺي چيو ته: ”بس بس فڪر نه ڪر. پهرين ٻڌايو ها نه ته هو توهان جو مامو آهي.“
    جلدي يا شايد Excitement ۾ مون کان ان درخواست جو ڪائونٽر (رسيد) سلپ وٺڻ به رهجي ويو. ان بعد ڪياماڙي پنهنجي بيٺل جهاز تي اچي چڙهيس. شامَ جو پنجين بجي موڪل ٿيڻ تي پنهنجي گهر نارٿ ناظم آباد ۾ پهتس ته در اڳيان هڪ گڏهه گاڏي بيٺي هئي جنهن تي تارن جو ويٽو ۽ ڏاڪڻ رکيل هئي. موٽر سائيڪل تي ويٺل همراهه مون کي ڪاري رنگ جو ”ٽيليفون پيس“ ڏئي (انهن ڏينهن ۾ ان هڪ ئي رنگ جا فون هوندا هئا) مون کان پني تي صحيح ورتي ته ٽيليفون لڳي ويو. ٿنڀي ۾ ٽيليفون جون تارون هو منهنجي پهچڻ کان اڳ لڳائي چڪو هو. مون فون کي ڊرائنگ روم ۾ رکي ان سان تار ملائي پهريون ڪم ان کي تالو هڻڻ جو ڪيو ۽ دل ۾ سوچيو ته ”واهه واهه وفائي صاحب....! توهان جهڙو مامو خوش هجي شال!“
    وفائي صاحب کي وفات ڪئي به سال گذري ويا. سندس ٻار اسان کان گهڻو گهڻو ننڍا هئا. ايتري قدر جو انهن مان ننڍن کي ته اسان ڪڇ تي به کڻي گهمايو. هينئر سڀ وڏا ٿي ويا آهن .... ٻارن ٻچن وارا. سواءِ هڪ جي باقي سڀ ٻاهر رهن ٿا. جيڪو ڪراچيءَ ۾ رهي ٿو، اتفاق سان آئون ان جي ئي پاڙي ۾ اچي رهيو آهيان ۽ هن سان اسان جي پاڙي واري مسجد ۾ هر روز سلام دعا ٿيندي رهي ٿي. مٿيون مضمون شايد لکڻ جي نوبت نه اچي ها ۽ هيءَ ٽيليفون واري ڳالهه به وساري چڪو هوس پر هينئر هڪ اهڙي ڳالهه ٿي جو هيءَ پراڻي ڳالهه ”مامي“ واري ياد اچي وئي. مٿئين ڳالهه بعد اڄ چاليهه ٻائيتاليهه سالن بعد جڏهن دنيا جا چڪر هڻي پنهنجي ملڪ جي شهر ڪراچي ۾ اچي رهيو آهيان، گذريل هفتي پنهنجي علائقي جي هڪ بئنڪ تي پنهنجو اڪائونٽ کولرائڻ لاءِ ويس ۽ مئنيجر صاحب کان لاڪر لاءِ پڻ پڇيم جو اها بئنڪ هاڻ نئين نئين کلي هئي ۽ مون کي خبر پئي ته انهن وٽ ڪيترائي لاڪر خالي آهن.
    منهنجي پڇڻ تي مئنيجر صاحب اهي پيو نمونا ڪري ڄڻ هو هڪ ڪمرشل بئنڪ بدران ضلعي جو ڊپٽي ڪمشنر يا پوليس جو DIG هجي. جيتوڻيڪ اهي آفيسر به ٻين ملڪن ۾ پنهنجو پاڻ کي عوام جا خذمتگار سمجھندا آهن جو عوام جي ڏنل ٽئڪسن مان هنن کي پگهار ملي ٿو. بهرحال مئنيجر صاحب لاڪر ڏيڻ لاءِ ”ها“ به نه ڪئي ۽ ”نه“ به نه ڪئي. ”ڏسو ان لاءِ مون کي وقت کپي. لاڪر ملڻ سولو ڪم نه آهي. ڪو خالي ٿيڻ تي ڪيترائي اميدوار انتظار ۾ رهن ٿا. توهان ڏينهن ٻن بعد وري اچجو ته آئون توهان کي پوزيشن کان آگاهه ڪندس ....“ وغيره وغيره.
    دل ۾ مون چيو ” ٺهيو! اهو ڪم به نه ٿيو! نئين صدي شروع ٿيڻ جي باوجود اسان جي ملڪ جا اهي ئي حال آهن.“ اڄ کان ٽيهه ڇاليهه سال اڳ، مون سان گڏ سئيڊن جي يونيورسٽيءَ ۾ ٽيونيشيا جي جهازن جو هڪ ڪئپٽن پڙهندو هو. اهو ڪڏهن ڪڏهن موڊ ۾ هوندو هو ته کلي چوندو هو: ”مسٽر الطاف! اسان جا ملڪ ترقي پذير (Under Developed) آهن ۽ اهي هميشه ائين ئي رهندا. ڪڏهن به نه سڌرندا.“ واقعي هن صحيح ٿي چيو. ملائيشيا، ٿائلنڊ ۽ ويٽنام جهڙا ”ڄٽ ملڪ“ به سڌري ويا پر اسان وٽ جنهن کي موقعو ٿو لڳي هو پنهنجو پاڻ کي ”اهم“ ٿو سمجھي. پنهنجو پاڻ کي ان اداري جو ”وڏيرو“ ٿو سمجھي! اسان وٽ ’وڏيرڪي ذهنيت‘ ختم ئي نه ٿي ٿئي.
    اتفاق اهڙو جو ان ئي ڏينهن مغرب جي نماز تي منهنجي نظر وفائي صاحب جي پُٽ تي پيئي ۽ مون کي ياد اچي ويو ته هن جو واسطو به بئنڪنگ سان آهي. منهنجي پڇڻ تي هن ان ئي بئنڪ جو نالو ٻڌايو جنهن ۾منهنجو ڪم هو ۽ جڏهن کانئس سندس پوزيشن جو پڇيو، ته خبر پئي ته هو هڪ سينئر پوسٽ تي آهي، جنهن هيٺ سڄي شهر جي ان نالي واري بئنڪن جا مئنيجر اچن ٿا. مون کيس ٻڌايو ته هيءَ ڳالهه آهي جي ممڪن هجي ته ان برانچ جي مئنيجر کي چوي.
    ”سائين اها ته ڳالهه ئي نه آهي. توهان سڀاڻي ئي هليا وڃجو.“ هن چيو.
    ٻئي ڏينهن بئنڪ تي پهتس. دل ۾ چيم ته خبر ناهي نينگر فون ڪيو يا نه. پر جيئن ئي دروازو کولي اندر گهڙيس ته گيٽ وٽ ويٺل ڪالهه واري ڪلارڪ وڏي آڌر ڀاءَ سان ملي چيو: ”سائين اچو! اچو! مئنيجر صاحب توهان جو ڪافي دير کان انتظار ڪري رهيو آهي.“
    مئنيجر صاحب اسان کي سندس ڪمري ڏي ايندو ڏسي يڪدم ٻاهر آيو ۽ کيڪاري اندر وٺي آيو. چانهه جو آرڊر پٽيوالي کي ڏئي ڪلارڪ کي منهنجي ڪم جي جلد اڪلاءَ لاءِ تاڪيد ڪئي ۽ مونکي نياز ۽ نئڙت سان چيو: ”سائين ڪالهه ئي ٻڌايو ها نه ته صاحب توهان جو ’ڀاڻيجو‘ آهي.“
    ڪهاڻيءَ جو مورال: اهو ئي ٿي سگهي ٿو ته ڇا هن ملڪ ۾ ”مامي“ يا ”ڀاڻيجي“ کان سواءِ ڪو ڪم هلي به سگهندو يا نه؟!


    جي ڪري ڪول

    واپسي جي سفر تي آمريڪا کان پورٽ سوڊان ايندي وقت وري ساڳيا بحر: ائٽلانٽڪ، ميڊيٽرينين (جنهن کي عربي ۽ اردو ۾ ”بحرِ روم“ ۽ سنڌيءَ ۾ ”ڀؤنچ سمنڊ“ يعني ”ڌرتيءَ جي وچ وارو“ سمنڊ سڏيو وڃي ٿو) ۽ ”ڳاڙهو سمنڊ“ (بحرِ احمر) پار ڪرڻا پيا. ڪناري تي ته وقت ڪيئن ٿو گذّريو وڃي خبر ئي نٿي پوي پر سمنڊ جو هڪ هڪ ڏينهن اِنگھيو پوي ـــ خاص ڪري جي سمنڊ خراب آهي ته ڏينهن ڏهوڻا ٿي ٿا پون. ڪناري تي گهمڻ ڦرڻ کان علاوه ڳالهائڻ ٻولهائڻ وارا به ڪيترائي پنهنجا پراوا آتا نظر اچن ٿا. سمنڊ تي هر هڪ کي پنهنجي چار ڪلاڪ واچ ڪرڻ جو فڪر رهي ٿو ان بعد هو ننڊ جي چڪر ۾ رهي ٿو جيئن باقي رات واري چئن ڪلاڪن جي ڊيوٽي (واچ) صحيح ڪري سگهي. اهو به شڪر جو اُنَ دفعي اسان جيڪو جهاز هلائي رهيا هئاسين اهو جپان جو ٺهيل آٽوميٽڪ جهاز هو جنهن ۾ گهٽ ۾ گهٽ انجنيئرن کي رات جي ڊيوٽي نٿي ڪرڻي پيئي. شامَ جو پنجين بجي انجن روم کي تالو هڻي هر مشين کي آٽو تي رکي ڇڏيوسين ٿي. انجن روم جي تري ۾ جيڪڏهن مختلف مشينن ۽ ٽانڪين مان ليڪ ٿيل تيل ۽ پاڻي جي ليول وڌي وئي ٿي ته ان کي سمنڊ ۾ ڦٽو ڪرڻ لاءِ بلج پمپ آٽو ميٽيڪلي هلي ويو ٿي جيسين خطري جي ليول بنهه گهٽجي وڃي. تيل صاف ڪرڻ واريون مشينون Purifiers پاڻهي De-Sludge ٿي ويا ٿي، موسم گرم ٿيڻ تي يا سمنڊ جي پاڻيءَ جي گرمائش وڌڻ تي سامونڊي پاڻيءَ جي ڪولرن جا Valve ضرورت موجب پاڻهي وڌيڪَ کلي ويا ٿي جيئن انجڻين ۾ وڌيڪَ مقدار ۾ پاڻي circulate ٿئي ۽ ان کي پهرين جيترو ٿڌو رکي. ٽن جنريٽرن مان رات جي وقت هڪ جنريٽر ڪافي هو جنهن جي خراب ٿيڻ تي يا لوڊ وڌڻ تي (وڌيڪَ اليڪٽرسٽي جي ضرورت تي) ٻيو نمبر جنريٽر (Stand-by) پاڻهي ئي هلي ويو ٿي ۽ مختلف پمپ ۽ مشينون جيڪي پهرين جنريٽر جي بيهڻ ڪري بند ٿي ويا ٿي سي ٻي جنريٽر کان اليڪٽرانڪ سگنل ملڻ تي پاڻهي هلڻ شروع ٿي ويا ٿي ـــ ٻيو ڇا کپي!
    ان سفر ۾ قدرت جو اهو به ڪمال ٿيو جو مٿين ٽنهي ڇتن سمنڊن مان ڪو هڪ به هڪ ڏينهن لاءِ به اسان کي خراب نه مليو ـــ يعني جن جن هنڌن تان جنهن جنهن وقت اسانجو جهاز گذري رهيو هو اتي امن ۽ شانتي جو عالم هو. ائٽلانـٽڪ سمنڊ جا يارهن ئي ڏينهن ۽ بحر روم جا پنج ڏينهن (جبرالٽر کان پورٽ سعيد تائين) سمنڊ اهڙو مليو جهڙو آرسي .... جنهن مٿان جهاز ڄڻ ته ترڪندو ويو ٿي ـــ لهر نه لوڏ، ڇول نه ڇوهه! نه ته هنن سمنڊن تان اسان جو جهاز هلندو آهي ته ائين لڳندو آهي ڄڻ ٺري ميرواهه، ڏوڪري، مسو ڀرڳڙي يا سنڌ جي ڪنهن ٻئي ڳوٺ جي ڪچي رستي تان ٽانگي ۾ پيو وڃجي. اها ٻي ڳالهه آهي ته ائٽلانٽڪ سمنڊ توڙي بحر روم (Mediterranean) ۾ روزانو طوفانن جو اطلاع مليو ٿي پر اهي هر وقت اسان جي جهاز جي پوزيشن کان سوين ميل ڏور ڪي اتر اوڀر ۾ گرين لئنڊ ۽ آئيس لئنڊ پاسي ته ڪي ڏکڻ اولهه ۾ ارجنٽائنا ۽ ڪيپ آف هارن ڏي هئا. انهن ئي سمنڊن ۾ ٻه ٽي دفعا جهاز ٻڏڻ جا سگنل پڻ مليا جن کي بچائڻ لاءِ ويجھن جهازن کي مدد لاءِ سڏيو پئي ويو پر اسان جو جهاز ان رينج کان تمام پري هو ۽ اسان انهن سڀني پريشانين کان آجا تاجا رهي پنهنجي راهه وٺي منزل ڏي ڌوڪيندا رهياسين. هونءَ به اسانجا جهاز پنهنجي ملڪ جي سڪ ۽ ڇڪ ۾ واپسي وارو پنڌ (Homeward Journey) ڪجهه تکائيءَ سان ئي ڪندا آهن جنهن جو وڏو سبب اهو هوندو آهي جو ٻارهين کان چئين واري آڌي رات واري واچ (ڊيوٽي) ۾ ٿرڊ انجنيئر پروپيلر (جهاز جي پکي) جا چڪر Rpm وڌائي ڇڏيندو آهي پوءِ ڀلي انجن اوورلوڊ ٿيڻ ڪري ان جي سلينڊرن جا رليف والو کلندا رهن يا گهڻي تپش ڊيولپ ٿيڻ ڪري ڪنهن يونٽ جو پسٽن يا لائينر ڪرئڪ ٿي وڃي.
    بهرحال اڄ کان چاليهه سالَ اڳ (1970ع ڌاري) جو هي سامونڊي سفر اڄ ياد پيو اچي ته شامَ جو ڊيوٽي کان واندا ٿي سيڪنڊ انجنيئر جي ڪئبن ۾ اچي گڏ ٿيندا هئاسين ۽ رات جو يارهين ٻارهين تائين هن جي ڪئبن ۾ ڪچهري سان گڏ سندس چاٽو ـــ آمريڪا مان ورتل مٺايون، بسڪيٽ، کاڄا بادام چٽ ڪندا هئاسين. جهازن جي دنيا کان غير واقفڪارن لاءِ اهو لکندو هلان ته مرچنٽ نيوي جي جهاز هلائڻ لاءِ ـــ يعني مال بردار، آئل ٽئنڪر، مسافر بردار جهاز هلائڻ لاءِ ٻه ڌريون اهم ٿين ٿيون. هڪ نيويگيٽر جيڪي نيويگيـشن جا ڄاڻو ٿين ٿا جن جو وڏو ڪئپٽن ٿئي ٿو ۽ ان بعد چيف آفيسر، سيڪنڊ آفيسر، ٿرڊ آفيسر، فورٿ آفيسر ۽ ڪئڊٽ ٿين. ڪن جهازن تي هي ”آفيسر“ بدران “Mates” به سڏجن. ٻي ڌر انجنيئرن جي ٿئي ٿي جنهن جو مٿانهون آفيسر چيف انجنيئر ٿئي. ان بعد ”سيڪنڊ انجنيئر“ يعني چيف انجنيئر کان پوءِ ٻئي نمبر تي. اهڙي طرح ٿرڊ انجنيئر، فورٿ انجنيئر، ٻه يا ٽي ”ففٿ انجنيئر“ ۽ هڪ يا ٻه ڀرتي ٿيل تازا ”گرئجوئيٽ مئرين انجنيئر“ به ٿين جيڪي پهريون سال ڏيڍ ”جُونئر انجنيئر“ سڏجن. آئون ٻه اڍائي سال جهاز هلائي چڪو هوس ۽ ان جهاز تي هاڻ فورٿ انجنيئر جي ڊيوٽي ڪري رهيو هوس.
    دنيا جي هر جهاز وانگر اسانجي هن جهاز تي به رات جي ماني ڇهين بجي ٿيندي هئي جيڪو شامَ جو ئي وقت ٿئي ٿو ۽ ڪلاڪ سوا بعد سج لهي ٿو. ڊنر بعد سڀني جو زور سموڪ روم ۾ اچي ٽي وي ڏسڻ تي هوندو هو يا ٽيبل ٽينس ۽ ڪيرم جهڙين انڊور راندين کيڏڻ تي. ان بعد ٿرڊ انجنيئر، ففٿ انجنيئر ۽ ٻيا جيڪي ڊيوٽي تي نه هوندا هئا، سيڪنڊ انجنيئر جي ڪئبن ۾ گڏ ٿيڻ شروع ٿيندا هئا. اٺين بجي ڌاري جهاز جو چيف آفيسر پنهنجي واچ (ڊيوٽي) ختم ڪري، يونيفارم لاهي، شلوار قميص ۾ سيڪنڊ انجنيئر جي ڪئبن ۾ ايندو هو. ان کان اڳ سيڪنڊ انجنيئر يا ڪو ان جو چمچو (ففٿ انجنيئر) گذريل سفر ۾ بلغاريا يا پولنڊ جهڙي ڪنهن سوشلسٽ ملڪ مان ورتل بي ڊولي اليڪٽرڪ ڪيٽل ۾ چانهه لاءِ پاڻي رکندو هو. آئون ڊنر بعد پنهنجي ڪئبن ۾ هليو ويندو هوس جيڪا سيڪنڊ انجنيئر جي ڪئبن بعد ٽيو نمبر تي هئي. رڇ جي مٿي جهڙي ۽ ان ئي رنگ جهڙي هيءَ ڪٽلي جڏهن پاڻي گرم ٿيڻ تي سيٽي هڻندي هئي ته آئون ان وقت حليم بروهي يا مشتاق يوسفيءَ جو مزاحيه ڪتاب يا انجڻ جو ڪو ٽيڪنيڪل ڪتاب پڙهڻ ڇڏي پنهنجي بيڊروم مان نڪرندو هوس ۽ ڊرائنگ روم ۾ رکيل فرج مان ڪتل يا پنير جون ڪجهه سئنڊ وچون کڻي سيڪنڊ انجنيئر جي ڪئبن ۾ داخل ٿيندو هوس. ان ئي وقت اسانجو چيف آفيسر ”جي ڪري ڪول بيٺي را .... بيٺي مين تڪ دي را ....“ جھونگاريندو نازل ٿيندو هو. وهڻ کان اڳ هو فرج کولي سيڪنڊ انجنيئر کان پڇندو هو: ”کائڻ جي شيءِ ڪهڙي اٿئي؟“
    ”رڳو کائيندين، ڪڏهن کارائيندين به.“ سيڪنڊ انجنيئر چوندو هوس.
    ”يار مون وٽ ڪجهه آهي ئي ڪونه، کارايانءِ ڇا؟ آمريڪا مان جيڪي ورتم پهرين ڏينهن ئي چارئي ڪُئا چٽ ڪري ويا.“ ڪوئن مان هن جي مراد جهاز جا ڪئڊٽ هئا جن سندس هٿ هيٺ ڪم ٿي ڪيو. ۽ دل لڳائي ڪم ڪرڻ تي سٺا چيف آفيسر نه فقط هنن کي کارائين پيارين ٿا پر بندرگاهه ۾ خرچيون به ڏين ٿا جو جهاز تي سڀ کان ننڍي عمر جا ۽ گهٽ پگهاروارا آفيسر ڪئڊٽ ٿين ٿا. چيف آفيسر ٻڌايو ته سندس ڪئڊٽ اهڙا ته آهن جو هڪ دفعي هن پيٽ جي سور کان ادرڪ (سنڍ) ڪٽائي رکي ته اها به کائڻ جي شيءِ سمجھي هڪ ڪئڊٽ ڦڪي ويو. ”ان ڪري ته آئون کين ڪوئا ٿو سڏيان. چڱو سيڪنڊ صاحب ڪا خبر چار. آمريڪا جي بندرگاهن ۾ ڇا وهيو واپرايو....؟“
    ۽ پوءِ ڪچهري شروع ٿي ويندي هئي. ڪچهريءَ ۾ خاص خاص عنوان بحث هيٺ ايندا هئا ۽ اهي خاص عنوان اسان جهازين جا هوندا هئا: جهازران ڪمپني ۽ ان جا ڏاڍ ستم، جهازي دنيا ۽ ڇوڪريون، دنيا جا بندرگاهه ۽ ڇوڪريون، ملڪي سياست ۽ ڇوڪريون، ايندڙ جهازي امتحانن جي تياري ۽ ڇوڪريون، ڇوڪريون ۽ ڇوڪريون .... حبشي ڪارين، يورپي گورين، نڪ مِنين جپاني ۽ بي ڊولين ملئي ڇوڪرين بابت پنهنجا پراوا عجيب عجيب قصا، پنهنجي دماغي ديڳڙي ۾ Cook ڪري، هڪ ٻئي کي ٻڌائيندا هئاسين.
    چيف آفيسر ۽ سيڪنڊ انجنيئر جو هر ڳالهه تي بحث هلندو هو ۽ اسان هوندا هئاسين ڄڻ ڏسڻ ٻڌڻ وارا. ڪو پاسو هلڪو ڏسندا هئاسين ته بحث جاري رکڻ لاءِ ان جو طرف کڻندا هئاسين يا چڱي دير ٿي ويندي هئي ۽ ٿڪل هوندا هئاسين ته ڳري پاسي جو پاسو کڻي ٻي کي ماٺ ڪرائي ڇڏيندا هئاسين. سيڪنڊ انجنيئر مولوي ٽائيپ ماڻهو هو. هو مذّهب، سٺائي ۽ نيڪيءَ جي پرچار ڪندو هو ۽ چيف آفيسر هن کي تنگ ڪرڻ لاءِ هر ڳالهه ۾ چوندو هو: ”ڇڏ يار، سيڪنڊ صاحب! ڪجهه حقيقت پسند به ٿيءُ. بيوٽي از ايوري ٿنگ. هاءِ ربا! جي ڪري ڪول بيٺي را .... بيٺي بيٺي مين تڪ دي را....“ ۽ پنهنجي مخصوص گاني جو ٿلهه ڳائڻ شروع ڪندو هو. ان کان علاوه هو هر شيءِ لاءِ چوندو هو: ”اِٽ از گڊ فار دل لگي“.
    سيڪنڊ انجنيئر جي فرج مان ويندو ماکي يا عراقي ڪتل کائيندو، ڪو جھليندو هوس ته چوندو هو: ”اٽ از گڊ فار دل لگي.“ وري گنڀير شڪل ٺاهي چوندو هو ”يار مونکي بُڪين ۾ سور ٿو رهي.“
    سيڪنڊ انجنيئر يڪدم وار ڪندو هوس: ”اڃان پڙهه اهي فحش ناول ۽ ڪر اهي گنديون ڳالهيون.“
    چيف آفيسر کي سيڪنڊ انجنيئر جون اهي مَهليون ڪُمهليون نصيحتون هرگز نٿي وڻيون خاص ڪري چار ڪلاڪ جبرالٽر ۽ سوُٽا واري ساموندي ٽرئفڪ مان جهازهلائڻ بعد هر جهازي پنهنجي ڳالهه ٻڌائڻ ۽ مڃائڻ ٿو چاهي. ٻڌڻ هرگز نٿو چاهي. سو سيڪنڊ انجنيئر جي مٿين چتاءَ ڀري جملي تي چيف آفيسر يڪدم پنجابي ۾ وراڻيندو هوس.“ او ڇڊو يار. ڪتابون دي گل نه ڪرو. عشق ۽ دل لگي ڪرو. جڏهن ڪئپٽن ٿيندس ته اهڙن تهڙن بندرگاهن ۾ ته جهاز کي وٺي نه ويندس. منهنجو جهاز فقط انهن بندرگاهن جي جيٽين (ڌِڪن) تي لنگر ڪيرائي بيهندو جتي مڪاني ڇوڪريون گلاب ۽ گينڊي جي گلن جا هار کڻي اسان جي آڌر ڀاءَ لاءِ بيٺل هونديون. ۽ منهنجو ڪناري تي فقط اهو آرڊر آف دي ڊي هوندو ته جهاز ۽ ڊيوٽيءَ کي وساري ڇڏيو.....“
    سيڪنڊ انجنيئر خار مان چيف آفيسر ڏي نهاري، پنهنجي پائيپ مان پراڻو تماڪ ڇنڍيندي ڀڻڪندو هو: ”ڌوڙ اٿئي پئي. چاچهين جو جهاز آهي جو جتي وڻندئي اتي بيهاري ڇڏيندين.“
    ”ڇا چيانوَ سيڪنڊ صاحب؟“
    ”ڪجهه نه. مون رڳو اهو چيو ته هاڻ وڦلهڻ بند ڪر ته چانهه پيئڻ شروع ڪريون“.
    چيف آفيسر ڇاتيءَ تي ڌڪ هڻي (پنهنجي ڇاتيءَ تي) چوندو هو: ”سڀ ڪجهه ٻڌان پيو، ٻڌان پيو، ٻوڙو ناهيان. في الحال ٻه چار موسميون ته فرج مان ڪڍي کاراءِ، وقت اچڻ تي ڏسجانءِ.... هاءِ ربا! جي ڪري ڪول بيٺي را .... بيٺي بيٺي تڪ دي را ....“
    ”يار اهو ”ڪول بيٺي را“ جو چڱو جلاب ورتو اٿئي. آهي ڪنهن جو گانو؟“ هڪ ڏينهن ٿرڊ انجنيئر چيف آفيسر کان پڇيو.
    ”تين صاحب! بس اهي پراڻا بَخا هاڻ نه اڊوڙاءِ. آئون جڏهن نوڪريءَ ۾ لڳو هوس يعني جهاز تي ڪئڊٽ ٿيو هوس 1969ع ۾، ۽ پهريون دفعو پنهنجي ڀاءُ وٽ لاهور ويو هوس ته موڪلائڻ وقت هيرا منڊيءَ جي زهره ٻائيءَ هينئن نخرن سان ڳائي ٻڌايو هو:
    جي ڪري ڪول بيٺي را....
    بيٺي بيٺي تڪ دي را....
    آج اقرار ڪر دي آ
    مين تينون پيار ڪردي آ....
    ڇا ڪريان دل ڦينڪ ته ننڍي هوندي کان هوس وڏي ڀاءُ پنج سؤ رپيا ڏنا ته هي اٿئي ڀاڙو لاهور کان ڪراچي هوائي جهاز ۾ وڃڻ لاءِ. مون چوٽيهه رپيا اٺ آنا پوئين کيسي ۾ وجھي هيرا منڊيءَ ۾ سڄي رات زهره ٻائيءَ جو وڃي گانو ٻڌو هو. هاءِ هاءِ.... جي ڪري ڪول بيٺي را.... ڇا ته سريلو آواز هو....! زهره ٻائيءَ زبان مان اکر ٿي ڪڍيو ۽ هن رئيس، جيڪو هينئر ٿوري دير اڳ جهاز کي ائٽلانٽڪ سمنڊ مان ڪڍي ميڊيٽرينين سمنڊ ۾ پهچائي آيو آهي، سَؤ جو نوٽ هن جي قدمن ۾ رکيو ٿي ۽ سندس روايتي باڊي گارڊ (هارمونيم وڄائڻ واري) نَوَ ڏهن روپين جا ۽ هڪ پنجن روپين جو نوٽ واپس ڪيو ٿي.“
    ”اهو ڇو؟ هن سؤ جو سڄو نوٽ ڇو نٿي رکيو؟“. اسان پڇيو هوس.
    ”نه بابا! سمجھڻ جي ڪوشش ڪريو، ڪڃر ان معاملي ۾ ڏاڍا ايماندار ٿين ٿا. هنن جو اصول آهي ته گراهڪ مان سڀ پئسو ڇڪجي پر آهستي آهستي.....“
    ”ڀلا چيف صاحب! اهي چوٽيهه رپيا اٺ آنا ڪڍي پوئين کيسي ۾ ڇا لاءِ رکئي؟“
    ”عوامي ٽرين جي ٿرڊ ڪلاس جو ڀاڙو، جنهن ۾ ٻئي ڏينهن ڪراچيءَ موٽيو هوس.“
    ”پوءِ يار ڀاڻين کي خبر ئي نه پيئي ۽ ايئرپورٽ تائين هو ڇڏڻ به نه آئي ڇا؟“ اسان پڇيو هوس.
    ” ان کي اها گولي ڏيئي نه هلڻ لاءِ راضي ڪيو هوم ته رات جي فلائيٽ آهي. ٻارن سميت ڪٿي هلي ايئرپورٽ تي ڀٽڪندين. ۽ هن چيو ته صحيح ٿو چوين. پر اهو ته رڳو هڪ دفعو. ان کانپوءِ هڪ دفعو ٻيو به ائين ڪيم. ڪجهه وقت کانپوءِ ڪراچي کان لاهور آيو هوس ته ڪراچيءَ مان PIA جو بئگيج ٽئگ ڪٿان هٿ ڪري پنهنجي بئگ تي هڻي ڀاءُ کي اچي ٻڌايم ته اوڌر وٺي باءِ ايئر آيو آهيان. ڀاڄائيءَ ڏسندي چيو ”هي حال؟ سڄو ڌوڙ سان ڀريو پيو آهين!“
    ”جيتوڻيڪ ٽرين مان لهڻ وقت ٻه دفعا چڱي طرح هٿ منهن ڌوئي، وارن کي ڦڻي ڪري پوءِ گهر جو رخ ڪيو هوم. کين چيم ته ڪياماڙيءَ تي جهاز تان سڄو ڏينهن ڦوهاري ذّريعي ڪڻڪ پئي لٿي. ڊيوٽي ڪري سڌو ايئرپورٽ ڏي ڀڳو هوس وهنجڻ جو ٽائيم ئي ڪٿي هو.“ پر پوءِ جھلجي پيس جڏهن بئگ مان مانيءَ جي ڀورن سميت لنچ باڪس نڪري آئي جنهن ۾ ڪراچيءَ مان نڪرڻ وقت اتي رهندڙ اسان جي وڏي ڀيڻ بيضا ۽ اڦراٽا وجھي ڏنا هئا ته ”عواميءَ ۾ رستي تي کائيندو وڃجانءِ.“
    ”بهرحال ان ڀيري ڀاءُ مان پئسا نه نڪري سگهيا نه ته هڪ دفعو وري چوٽيهه رپيا اٺ آنا پتلون جي پٺئين کيسي ۾ رکي زهره ٻائيءَ جي ڪوٺي تي هي عاشق سندس راڳ ٻڌڻ لاءِ هيرا منڊي پهچي وڃي ها. هاءِ هاءِ سيڪنڊ صاحب! جي ڪري ڪول بيٺي را .... چڱو يار هاڻ کاڌو به ختم ٿيو ته چانهه به ختم ٿي. دلبرو! آئون هلان ٿو. چئين بجي صبح جو جهاز هلائڻ لاءِ مونکي وري اٿڻو آهي. اڄ صبح تائين جهاز باب المنديب تائين پهچي ويندو ۽ منهنجي واچ (صبح جو چئين کان اٺين تائين واري ڊيوٽي) سامونڊي ٽرئفڪ جي لحاظ کان تمام ٽائيٽ رهندي.“


    سهاڳڻ اها سڏائي

    ليکڪ ننڍو هجي يا وڏو يعني نئون لکندڙ هجي يا پراڻو، هو هميشه اهو چاهي ٿو ته جيڪي ڪجهه هو لکي اهو جھٽ پٽ اخبار يا رسالي ۾ ڇپجي وڃي.
    ڪاوش اخبار جنم وٺڻ سان ئي تيز رفتاري سان مشهور ٿيڻ لڳي. ان کان اڳ اسان ڪنهن ٻي اخبار کي ايڏو ترت وڪري ۽ معيار ۾ وڌندي نه ڏٺو هو. ان جو Credit ان جي مالڪ علي قاضي کي وڃي ٿو جنهن لاءِ منهنجا اديب دوست جيڪي سنڌ ۾ رهن ٿا، ڪراچي ۾ منهنجي جهاز اچڻ تي مونکي ٻڌائيندا هئا ته اهو ان ڪري جو علي ان فيلڊ جو ڄاڻو آهي... هن جرنلزم ۾ ماسٽرس ڪئي آهي. هو پنهنجو پاڻ کي نمايان ڪرڻ بدران پنهنجي اخبار ۾ اهو ڪجهه ڇاپي ٿو جيڪو پڙهندڙ چاهين ٿا. مون ڏٺو ته سندس شادي ٿي ته ان جي خبر به پٺئين صفحي تي هڪ ڪالم ۾ چند سٽن ۾ ڏنائين. نه ته اڄ ڪلهه اسانجون سنڌي اخبارون روزانو رڳو مالڪن جا فوٽو ڏيڻ ۾ پوريون آهن يا ان سياسي پارٽي جون خبرون جنهن سان هو وابسته آهن. اخبار کي روزانو ڳوٺ ڳوٺ تائين پهچائڻ لاءِ عليءَ ڪافي محنت ڪئي آهي نه ته اسان جون ڪيتريون سنڌي اخبارون ڀر واري شهر ۾ به ڪڏهن ڪڏهن نٿيون پهچن. بهرحال اهو سوچي ته منهنجيون لکڻيون گهڻي کان گهڻا ماڻهو پڙهن مون پنهنجا ڪالم ڪاوش ڏي موڪليا جيڪي ايڊيٽر کي پهچڻ سان ڇپبا رهيا ٿي. اداري واري صفحي جو انچارج شروع کان عزيز سولنگي رهيو آهي ۽ اڃان تائين هلندو اچي.
    ڪاوش جي گهڻو هلڻ ڪري لکڻ وارا به وڌڻ لڳا. ظاهر آهي وچئين صفحي جي انچارج تي پريشر وڌڻ لڳو. هن کي نه رڳو واري ٺاهڻي پئي جيئن سڀني اديبن کي موقعو ملي پر اهو به ڏسڻو پيو ٿي ته وقت جي تقاضا ڇا آهي.... يعني ڪهڙي قسم جي ڪالم کي وڌيڪَ ترجيح ڏني وڃي. حالات حاظره واري کي، سياسي نوعيت واري ڪالم کي، اسان جهڙي جي سفرنامي کي يا ڪنهن مزاحيه يا ضروري معلومات واري ڪالم کي .
    پر گهڻو ڪري ڪيترائي ليکڪ مون وانگر ٻئي پاسي جي مجبورين ۽ ڏکيائين جو نٿا سوچين. مون کي سياست يا راندين لاءِ دلچسپي ناهي ته مون لاءِ انهن بابت ڪالم (Write ups) ڄڻ غير ضروري ٿيا. مون لاءِ ڄڻ سڀ ڪجهه منهنجا ڪالم ٿيا ۽ منهنجي عزيز سان ان ڳالهه تي کٽ پٽ هلندي رهي ٿي ته منهنجو ڪالم ڪڏهن ٻئي ٽئين ڏينهن ڏين ٿو ته ڪڏهن ٻه ٻه هفتا ٿيو وڃن. آخر هن شريف ماڻهوءَ مون لاءِ هفتي جو هڪ ڏينهن مقرر ڪيو ته ان تي منهنجو ڪالم ايندو. سائين ٻه يا ٽي هفتا ته ڪم صحيح هليو. ان بعد جيڪو ڏينهن آيو ان ڏينهن هندن جي ڏياري يا هولي ٿي پئي. ظاهر آهي ان ڏينهن تي ڏياري تي مضمون آيا ته منهنجو ڪالم رهجي ويو. ان بعد واري هفتي کانپوءِ ان ڏينهن تي عيد يا ڪو اهڙو ڏينهن آيو جو اخبار نه ڇپي ۽ منهنجو ڪالم وري رهجي ويو. عزيز کي چيم يار هيءَ ته مون سان جٺ ٿي! هو ڇا چوندا آهن ته نڀاڳي مڱڻهار کي گهورَ مهل ٽورو لڳي. سو اسان سان به اهڙو نڀاڳ اچي ٿيو آهي جو جنهن ڏينهن تي منهنجي ڪالم جو وارو اچي ٿو ان ڏينهن ڪجهه نه ڪجهه لڳو پيو آهي. ان کان پراڻو سسٽم ئي رک.
    هڪ ڏينهن عليءَ کي KTN جي آفيس ۾ کلي وتائي فقير واري ڳالهه ڪئي مانس ته يار ٽنهي چئنلن ۽ اخبارن جو ڪنٽرول تنهنجي هٿ ۾ آهي يعني جيڪي وڻنئي اهو ڪري سگهين ٿو پر هڪ ڳالهه عزيز سولنگي جي هٿ ۾ آهي.... وڻيس ته اسان جو ڪالم ڏئي وڻيس ته نه ڏئي.
    ياد رهي ته وتائي فقير کي هڪ ڏينهن جمعي نماز تي وٺي ويا. مولوي صاحب واعظ دوران جڏهن چيو ته ”بابا هر شيءِ الله جي هٿ وس آهي“ ته وتائي فقير اتي چيس ته مولوي صاحب اها ڳالهه تنهنجي سچي هوندي پر منهنجي خيال ۾ هڪ شيءِ امان جي هٿ ۾ آهي.... وڻيس ته ڀت رڌي وڻيس ته ماني پچائي.
    بهرحال مونکي هر وقت عزيز سان شڪايت رهي ٿي ته هو منهنجا ڪالم ايترو جلد نٿو ڏئي جيترو آئون چاهيان ٿو. ان وقت منهنجي اها سوچَ ان ڪري هئي جو مون سمجھيو ٿي ته منهنجا ئي ڪالم دلچسپ آهن، منهنجي ئي ڪالمن جي پڙهندڙن کي ضرورت آهي. ڳالهه اها آهي ته هر ڪو ليکڪ سمجھي ٿو ته هن جي لکڻي بهترين آهي. هڪ روسي پهاڪو به آهي ته هر هڪ کي پنهنجي لکڻي ۽ ٻئي جي زال وڻندي آهي. ”پهاڪا ڏاهن جا ئي قولَ آهن“ اهو سنڌ يونيورسٽي جي ڊين قاسم ٻگھئي جو چوڻ آهي سو ضرور صحيح هوندو. جيسيتائين ڊيزل ۽ پيٽرول ۽ انجڻيون ايجاد نه ٿيون هيون سمنڊ تي جهاز سڙهن ۽ هوائن جي رخ تي هليا ٿي ۽ جهاز هلائڻ وارا ملاح، ناکئا (ناخدا يعني نائو+خدا) سڀ ڪجهه هئا جن سمنڊ تي رستو ڳولهي منزل تي پهچايو ٿي. پوءِ انجڻين جي ايجاد بعد جهازن تي انجنير آيا ۽ جهاز هوا لڳڻ جو انتظار ڪرڻ بنا نه فقط هلڻ لڳا پر جنهن طرف مالڪ چاهيو ٿي ان ڏي هلڻ لڳا. شروع جا سال آئون سمجھندو هوس ته اسين انجنيئر (يعني مئرين انجنيئر) ئي آهيون جن جي ڪري جهاز هلن پيا ۽ جهاز جا مالڪ پئسو ڪمائين پيا. پر پوءِ چيف انجنيئر ٿيڻ بعد خاص ڪري ڪناري جي نوڪري ۾ اچي احساس ٿيو ته جهاز جا ناخدا (نيويگيٽر) ۽ انجنيئر ته پنهنجي جاءِ تي اهم آهن پر انهن کان وڌيڪَ ته اهي ڪمرشل مئنيجر آهن جيڪي ڪناري تي آفيس ۾ ويهي جهاز لاءِ ڪارگو هٿ ڪن ٿا ۽ ان مطابق اسان مختلف بندرگاهن ڏي وڃون ٿا نه ته اتي ڪراچيءَ ۾ ئي پيا ڌوڙ پايون ۽ جهاز کي زنگ لڳي وڃي. ڪجهه عرصي کان پوءِ اڳتي هلي خبر پيئي ته اسان سڀني کان اڃان به اهم ته انشورنس ائنڊ ڪليمس ڊپارٽمينٽ جا مئنيجر آهن جيڪي جهاز جي حادثي يا ڪارگو کي نقصان پهچڻ تي مختلف ڪورٽن ۾ عقلمندي ۽ گهري ڄاڻَ جي آڌارَ تي ڪيس وڙهي جهازن جي مالڪ کي ڪروڙها رپين جي نقصان کان بچائين ٿا ۽ ٻڏل جهاز جي عيوض مالڪ کي نئون جهاز ڏيارين ٿا.
    اهڙي طرح هِتي به مونکي احساس ٿيو ته رڳو سفرناما اهم نه آهن. ان کان وڌيڪَ ماڻهن جي دلچسپي راندين بابت لکيل ڪالمن ۾ آهي ۽ حالات حاظره تي اڃان به وڌيڪَ! اهو سوچي چُپڙي ڪرڻي پيئي. پر ان هوندي به هڪ ڏينهن جوش ۾ اچي عليءَ کي چيم ته هيتريون سنڌيءَ جون اخبارون آهن. آئون ڪاوش ۾ لکڻ بدران ڪنهن ٻيءَ ۾ لکڻ چاهيان ٿو جيڪا منهنجا هفتي ۾ ٻه ٽي ڪالم ڏئي. عليءَ چيو ڀلي پر پڙهندو ته ڪير به نه. ان وقت مونکي اها ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي پر پوءِ مون ڏٺو ته واقعي. هڪ ٻه اهڙيون به اخبارون آهن جيڪي منهنجي پراڻن سفرنامن مان تقريباً روزانو هڪ ڏين ٿيون پر انهن اخبارن جي نه مونکي خبر آهي ته ڪهڙي بڪ اسٽال تي آهن ۽ نه انهن بابت ڪنهن پڙهندڙ جو ڪو فيڊ بئڪ ملي ٿو.
    سنڌ ۽ اسلام آباد ۾ پنهنجن ويهارو کن سڃاڻن کان پڇيم ته هو ڪاوش ڇو ٿا پڙهن؟ مڃان ٿو ته سنڌيءَ ۾ روزانو نڪرندڙ ٽيهارو کن اخبارن ۾ اڌ کان وڌيڪَ ڊمي آهن جن جي مالڪن جو اخبار ڪڍڻ مان مقصد فقط سرڪاري اشتهار ۽ ٻيون سهولتون حاصل ڪرڻ آهي. جِتي ڪاوش لک کان مٿي ماڻهو پڙهن ٿا اتي ٽي چار اهڙيون اخبارون آهن جيڪي سالن کان باقاعدي نڪرنديون اچن پر ويهارو کن هزارن کان مٿي ماڻهو نٿا پڙهن. ”ان جو ڇا سبب آهي؟“ مون پنهنجي واقفڪارن کان پڇيو. هنن جا ڏنل ڪجهه سبب هن ريت آهن: وقت تي نه ڇپجڻ يا بهتر ٽرانسپورٽيشن (Transportation) جي بندوبست نه هجڻ ڪري هفتي ۾ هڪ ٻه ڏينهن اخبار گهر ۾ نٿي پهچي ۽ موڊ خراب ٿيو وڃي.... ڇپائي صاف ۽ سٺي ناهي.... هٿن کي مس ٿي لڳي.... ايڊيٽوريل صفحي تي بهتر اديبن ۽ سياسي تجزيانگارن جا ڪالم نٿا اچن.... خبرون ته اها هر وقت TV تان به ٻڌون ٿا..... پڙهندڙ حالات حاضره بابت اعليٰ قسم جي مفڪرن، ليکڪن ۽ سياستدانن جيا ويچارَ ۽ تڪڙي قسم جا ايڊيٽوريل پڙهڻ چاهين ٿا. اڙدو جي ”دنيا“ اخبار نڪتي ته ان جو مالڪ جنگ، امت، ايڪسپريس جهڙين اخبارن جا ڪالم نويس ڇڪي آيو جنهن لاءِ هن وڏو خرچ ڪيو نتيجي ۾ اخبار تمام جلد عروج تي پهچي وئي هِتي اسان وٽ اخبار وارا سنڌي ڪالم نگار يا ليکڪ کي ٽڪو به نٿا ڏين جيتوڻيڪ اخبارن وارا اشتهارن ذريعي خوب ڪمائين ٿا پر ڪنهن ليکڪ جي همت افزائي ڪندي ٻَرو چڙهين ٿو.
    هونءَ ليکڪ جي حيثيت ۾ آئون اهوئي چاهيان ٿو ته ٻين اخبارن جو به معيار وڌي ۽ ٻين اخبارن کي به ماڻهو پسند ڪن، رڳو ڪاوش جي هڪ هٺي نه هجي. گهڻيون اخبارون هونديون ته پوءِ اسان ليکڪن جو به مانُ وڌندو. اخبارن جا ايڊيٽر اسان کي سندن اخبارن ۾ لکڻ لاءِ منٿ ميڙ ڪندا نه ته ٻي صورت ۾ اسان سڀ عزيز سولنگي کي ئي منٿ ميڙ ڪندا رهنداسين...... ۽ هو ويچارو به ڇا ڪري..... ٻين سنڌي ۽ اڙدو اخبارن ۾ ته ايڊيٽوريم جا ٻه صفحا ٿا ٿين. ڪاوش ۾ ته اڃان تائين هڪ هلندو اچي..... چاهي ڪنهن ڏينهن اها ڀلي 16 صفحن جي نڪري.
    هينئر ويجھڙائيءَ ۾ مڙيئي هڪ سنڌي اخبار وڏي زور شور سان نڪتي آهي ۽ اسان جي دعا آهي ته من اها ڪاوش جي ٽڪر جي ٿي پوي ته ڪجهه اَديبَ ان ۾ لکڻ لڳن يا اسين ئي کڻي ان ۾ لکنداسين ۽ اسان جي دوستن کي ڪاوش ۾ لکڻ جو وڌيڪَ موقعو ملي ويندو. ڪاوش جي مستقل ڪالمن نويسن مان پنهنجن ڪيترن دوستن ۽ سڃاڻن کي چيم ته بابا هاڻ ڪجهه هوڏانهن به هلو..... پر هو رڳو ويٺا سوچين..... شايد سمجھه ۾ نٿو اچين جو هڪ اخبار کي ڇڏي ٻيءَ ۾ لکڻ ائين آهي جيئن بنا سبب هڪ مڙس ڇڏي ٻيو ڪرڻ پر ٻئي جي سک نه ڏنو ته ڪهڙي غيرت واري عورت وري پهرين مڙس وٽ اچي وهندي ۽ جي موٽي ايندي به ته اهو وهڻ به ڏيندس؟ ٿي سگهي ٿو اهو مڙس تيسيتائين ٻي زالَ وٺي آيو هجي...... اخباري دنيا ۾ ته هڪ ڏينهن به انتظار نٿو ٿئي. هڪ ڪالم نگار لکڻ ڇڏي ٿو ته ٻيا کوڙَ ويٺا آهن. مون نثار کوکر، ذوالفقار، ٻگھيو نصير مرزا، زيب سنڌي، اسحاق مڱريو، لياقت عزيز ۽ ٻين ڪيترن کي فون ڪري ان نئين اخبار جون تعريفون ڪيون ته ان ۾ لکو پر هر هڪ مرزا غالب وانگر گول مول جواب ڏيندو رهيو. ياد رهي ته مرزا غالب ڪليم ٿي ڪيو ته هو هر شراب جي ٽيسٽ کان واقف آهي. دوست يار هن کي پيگ مٿان پيگ مختلف شرابن جو پياريندا ويا ۽ هو ٻڌائيندو ويو ته هي فلاڻو شراب وسڪي، وودڪا، موٿائي، برانڊي، بيئر وغيره آهي؟ پيئندي پيئندي هن جا نشا به ڪافي چڙهي ويا. اتي هڪ ڇا ڪيو جو شراب بدران هن کي کڻي پاڻيءَ جو پيگ ڏنو. غالب ڳت ڏئي پيتو ته ٻين پڇيو ته اهو ڪهڙو شراب آهي هن جھومندي چيو ”بابا ڪا خبر نٿي پوي پر ايترو آهي ته اها ڪمپني هلي نه سگهندي.“
    سو اسان وارا همراهه به ان قسمَ جي ٻڏتر ۾ مبتلا آهن ته نئين اخبار ڪمپني جي ويهي رهي ته پوءِ سندن ڇا ٿيندو. بقول هڪ ملئي شعر جي: ”يارَ سان ملڻ لاءِ جوش ۾ اچي هوءَ مڙسَ کي ته ڇڏي آئي آ پر هاڻ درياهه جي وچ سير ۾ پهچي سوچي پئي ته هن پار هلان يا هن پار!“. اسانجو دوست ۽ اسان کي شعر ڏَسَڻ وارو ريڊيو پاڪستان جو نصير مرزا چوي ٿو ته اتي ان جاءِ تي استاد بخاري جي شعر ”هو وقت ٿو سڏي پيو، هي يار ٿو اچي پيو......“ جي ٻي سٽ لک...... جيڪا آهي: ”ترسان، وڃان، ڪيان ڇا؟ بيٺو ٻڏان تران مان“.
    هڪ ڳالهه آهي. اسان جو ڪالم کڻي تڪڙو تڪڙو نٿو اچي پر ان چونڊ ۾ عزيز کي ڪريڊٽ ڏيڻ ضروري آهي جو هو پهرين انهن ڪالم نگارن کي چانس ڏئي ٿو جيڪي حالات حاضره تي لکن ٿا يا جيڪي روزمرهه جي اهم مسئلن تي لکن ٿا. اهو ان ڪري جو هرڪو پڙهندڙ پهرين ان بابت معلومات حاصل ڪرڻ چاهي ٿو ۽ ان قسم جا ڪالم هڪ ڏينهن به روڪيا وڃن ته اهي پنهنجو اثر وڃائي وهندا. مشهور سفرناما لکندڙ عبدالحي پليجي به فون تي مون سان ان ڳالهه جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته ”هاڻ آئون سفرنامن بدران سياست تي ڪالم ٿو لکان تون به ائين ڪر.“ ”ادا توهان ته سياست ۽ حالات حاضره تي لکي سگهيو ٿا جو توهان ان بابت معلومات رکو ٿا.“ مون پليجو صاحب کي چيو، ”آئون هڪ ته ملڪ کان ٻاهر ٿو رهان پر جي وطن ۾ آهيان ته به نه اٿم سياست سان دلچسپي نه اخبار سان. اخبار به اها وٺندو آهيان جنهن ۾ منهنجو ڪالم ڇپبو آهي ۽ پوءِ ان ۾ رڳو پنهنجو ڪالم پڙهندو آهيان ته ڇپائيءَ ۾ چڪون ته نه ٿيون آهن.“
    ”پر تڏهن به توهان ڪوشش ڪريو.“ عبدالحيءَ چيو.
    مون ٽهڪ ڏيندي چيومانس ”مونکي سياست تي لکڻ لاءِ چوڻ ائين آهي جيئن ڊاڪٽر قادر مگسي يا دودو مهيريءَ کي سفرنامو لکڻ لاءِ چئجي.“
    ڪاوش ۾ لکڻ مهل جيتوڻيڪ منهنجي علي قاضي سان اها ڳالهه ٿي هئي ته هن جي اخبار ۾ منهنجا هفتي ۾ ٻه کن ڪالم اچن پر هاڻ ڏسان پيو ته صفحي انچارج يعني عزيز سولنگي جو به ڏوهه ناهي. هو ڪوشش ڪري سڀني کي وارو ڏئي ٿو ۽ اسان ليکڪن جون لک عزتون ڪري ٿو ۽ ساڳي وقت هن کي پڙهندڙن جو به خيال آهي. هن جي هر وقت ان ڳالهه تي نظر رهي ٿي ته پڙهندڙن لاءِ ڪهڙو ڪالم ڪڏهن ڏجي. هڪ ڏينهن عزيز کي چيم ته هفتي کان مٿي ٿي ويو آهي منهنجو ڪالم نه آيو آهي ٻين جو ته ان وچ ۾ ٻه ٻه دفعا اچي ويو آهي.
    ”نه ائين نه هوندو. هڪ ٻن جو شايد آيو هوندو پر ان سان گڏ توهان جو ڪالم به نشاني تي آهي. ٽيو ڏينهن ئي اچي وڃي ها پر هاڻ سڀاڻي ايندو.“ عزيز کي اهو به وڏو آرٽ آهي جو هو مٺي زبان سان اسان اديبن کي يڪدم سرچايو ڇڏي نه ته اديبن ۽ شاعرن کي منهن ڏيڻ يا ريجھائڻ ڪو سولو ڪم ناهي بقول سوجھرو رسالي جي ايڊيٽر تاج بلوچ جي ”اديبن کي راضي رکڻ ڏيڏر تورڻا آهن يعني تمام ڏکيو ڪم آهي.“
    خبر ناهي تاج بلو کي اهو مشاهدو ڪٿي ٿيو. مون به بيلجم جي مشهور ائنٽورپ جي ڀاڄي مارڪيٽ ۾ هڪ دفعو ڏيڏرن کي تُرندي ڏٺو هو. ڪڪڙين ۽ بدڪن کي تورڻ سولو ڪم آهي.... سندن کنڀراٽين کي ورائڻ سان هو ساهمي جي پُڙ ۾ سانت ٿيو وڃن پر ڏيڏر... توبهه توبهه... کين بيهوشيءَ جي ئي سئي هڻي توري سگهجي ٿو.
    مهيني کن لاءِ ملائيشيا ويس پٺيان پنهنجي هڪ دوست تي ڪم رکي ويس ته هو روز ڪاوش اخبار ۾ ڇپجندڙ دستگير ڀٽي، سهيل ميمڻ، سحر گل، ڊاڪٽر مير عالم مري ۽ سڪندر علي هُليو جهڙن سياسي ڪالم نگارن کي ڇڏي باقي ٻين اسان جهڙن ڪالم لکندڙن: سڪندر عباسي، فاطمه ڀرڳڙي، غلام نبي ڪيريو، امير مينڌرو جي ڪالمن تي نظر رکي جيڪي هيٺين اڌ صفحي تي جاءِ ماڻيون ٿا جو اسان شايد B ڪئٽگري جي لکياري ڪٽنب مان آهيون. جيڪڏهن عزيز اسان سيڪنڊ ڪلاس وارن مان ڪنهن کي واري کان اڳ ڇپي ته مونکي لکجانءِ ته موٽي اچي جھيڙو ڪيانس.
    ملائيشيا کان موٽڻ تي همراهه مونکي چيو ته ”عزيز کي ٻن همراهن سان favour ڪندي پڪڙيو اٿم.“
    ”چڱو ڪئي. هاڻ جلدي ٻڌاءِ ته اهي ٻه ڪير آهن ته آئون هينئر عزيز سولنگي کي فون ڪريان. پڪ سيد عرفان شاهه هوندو يا خالد ڪنڀار يا وري الهورايو بوزدار.....“ مون اٻهرائي مان پڇيو.
    ”نه انهن مان ڪو ڪونهي. اهي آهن نصير مرزا ۽ ڊاڪٽر عزيز ٽالپر.“ هن وراڻيو ۽ منهنجي ڪاوڙ تي ڄڻ ڪنهن ٿڌي پاڻيءَ جي باردري هاري ڇڏي. ٿڌو ساهه کڻي چيو مانس: ”ماري ڇڏيئي! انهن ٻن نالن کان ٿورو اڳيان پويان ٿي ته ڏس ته ڪيئن ٿو عزيز سولنگيءَ سان جنگ جوٽيان.“
    هو کلڻ لڳو شايد هن کي ان لطيفي/چرچي جي خبر هئي جنهن ۾ هڪ همراهه جي پڇڻ تي ته تون ڪٿي جو آهين ٻئي وراڻيس: ”دهلي جو آهيان.“
    ”دهليءَ جو! دهليءَ جا ماڻهو ته وڏا ٺڳ ۽ بشني آهن. دهلي جا ماڻهو ته ههڙا آهن هوڙها آهن....“
    تنهن تي ٻي همراهه تپندي چيس: ”ميان دهليءَ جا ته کڻي اهڙا ماڻهو آهن تون ٻڌاءِ ته ڪٿي جو آهين ته تو کي تنهنجو اصل نسل ٻڌايانءِ“
    پهرين همراهه فاتحانه اندازَ ۾ مرڪندي چيس:
    ”آئون ته مڪي ۽ مديني جو رهاڪو آهيان“
    اهو ٻڌي ٻيو همراهه چپ ٿي ويو. هاڻ انهن شهرن جا نالا وٺي ڪهڙا ويهي گار گند ڪريس. ڪاوڙ پئيندي چيائينس: ”مڪي ۽ مديني کان ڪجهه ميل هيڏانهن هوڏانهن ٿي ته ٻڌائين ته تنهنجي اصليت ڇا آهي.“
    سو اسان لاءِ به نصير مرزا ۽ ڊاڪٽر عزيز ڳرا نالا آهن جن جا ڪالم آئون پاڻ به وڏي شوقَ سان پڙهان ٿو ۽ دل چوندي آهي ته منهنجو ڀلي ٿورو دير سان اچي پر انهن همراهن جا ڪالم ضرور ڇپجن... منجھن سنڌ جي ثقافت، پراڻن ڏينهن جون يادون ۽ حليم بروهي ۽ مشتاق يوسفي واري طنز ۽ مزاح هوندو آهي. منهنجي نظر ۾ اهي سدا بهار ڪالم هوندا آهن.
    هونءَ ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ڪاوش سنڌيءَ جي ٽاپ اخبار آهي جنهن جي مقابلي ۾ ٻيو ٽيون چوٿون نمبر سڀ اخبارون گهڻو گهڻو پٺتي آهن پر اهو آهي ته اسان کي اها ڳالهه به مڃڻ کپي ته اسان جهڙن هزارين ماڻهن کي اديب بنائڻ ۾ عبرت، هلال پاڪستان، جاڳو، عوامي آواز جهڙيون اخبارون اڳيان اڳيان آهن جيڪي سالن کان نڪرنديون اچن. منجھن ڪالمن ۽ مضمونن لاءِ وڏي space آهي ۽ هو وڏي دل سان هر لکندڙ جي ڪچين پڪين لکڻين کي جاءِ ڏين ٿا ۽ نئين ليکڪ جا مضمون ڇپي جيڪا هن کي خوشي ڏين ٿا ان لاءِ هو دعائن جا مستحق آهن. آئون به ان آسري تي ڪيترن سنڌي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي تلقين ڪندو رهان ٿو ته بابا پاڻ ۾ مطالعي جي عادت وجھو ۽ ڪجهه نه ڪجهه لکندا رهو. منهنجي چوڻ ڪيترا لکندا به آهن ۽ هو انهن اخبارن ڏي موڪلڻ سان ڇپجيو وڃن ۽ ڇپجڻ تي هنن جي خوشي ڏسڻ وٽان هوندي آهي. ڪي ڪي ته اهو سوچي گھٻرائيندا به آهن ته الائي عبرت، هلال پاڪستان، عوامي آواز وارا ڇپيندا به يا نه....... ته آئون سليم سومري، حميد ابڙي يا زرار پيرزادي کي فون تي پارت ڪري ڇڏيندو آهيان ته هو نون لکندڙن جا ليکَ اڃان به جلد ڇپي ڇڏيندا آهن. پر گذريل مهيني هِتي ملائيشيا ۾ رهندڙ مٽياري ضلعي جي ڊاڪٽر منهنجي همٿ افزائي ڪرڻ تي ٽي چار صفحن تي مشتمل هڪ ڪچو پڪو ڪالم لکي ته آيو جنهن کي درست ڪرڻ جي مون ۾ ته همت نه هئي نيٺ چيومانس ته حيدرآباد موڪلي ڏي حيات بلوچ يا حيات بخاري ان کي ٺاهي جوڙي ڇپي ڇڏيندا پر هن جو اهوئي ضد ته جيئن لکيو اٿم ائين ڇپجڻ کپي ۽ اچي به ڪاوش اخبارَ ۾. نيٺ کيس وتائي وفقير وارو لطيفو ٻڌائي سمجھايو مانس ته بابا ڪ واش جي هڪ صفحي جي ايڊيٽوريل پيجَ تي جنهن جي اڌ تي ته پڙهندڙن جا خط به ڇپجن ٿا، مون ۽ پليجي جي ڪالم کي ئي ڪو مس ٿا جاءِ ڏين جنهن لاءِ فون ڪريو ڪريو ٿڪجيو پئون تڏهن به نٿا ٻڌن سو تنهنجي لاءِ ڇا مڃيندا؟ کيس کلي چيم ته پهرين ته تون ٻين اخبارن تائين پهچ.
    وتائي فقير جو قصو مشهور آهي ته هو هڪ ڏينهن پتڻ ٽپڻ لاءِ درياهه جي ڪناري تي ٻيڙيءَ جي انتظار ۾ بيٺو هو. ڪافي دير بعد به جڏهن ڪا ٻيڙي نه آئي ته ساڻس گڏ بيٺل ٻن مسافرن کي وتائي چيو ته اچو ته آئون توهان کي درياهه اڪاريان. هائوڪار ڪرڻ تي هن هڪ کي هڪ هٿ سان ورتو ۽ ٻئي کي ٻئي سان ۽ درياهه ٽپڻ لڳو. وتائي فقير ٻنهي کي چيو ته سڄي واٽ ”يا وتايو، يا وتايو“ جي تسبيح پڙهندا هلو.
    وچ سير ۾ جڏهن پهتا ته ٻنهي کي خيال آيو ته ٻڌون ته وتايو پاڻ ڇا پيو پڙهي.
    هنن ٻڌو ته هو ياالله ياالله جو ذڪر پيو ڪري. سو هنن به سوچيو ته ڇو نه اسان به ان عظيم هستي کي ياد ڪريون جنهن اسان سڀني کي خلقيو آهي. سو هنن جيئن ئي رب پاڪ کي ياد ڪرڻ شروع ڪيو ته وتائي ٻنهي کي ڪنن کان جھلي درياهه ۾ غوطو ڏيندي چين ته اڃان پهتا وتائي تائين ئي نه آهيو ته هينئر الله کي ياد ڪرڻ لڳا آهيو.
    سو مونکي به اهڙن نون ليکڪن کي وتائي جو اهو چرچو ٻڌائي سمجھائڻو پوندو آهي ته بابا ڪاوش ۾ ڪالم اچڻ لاءِ اسان جھونا ليکڪ ئي اڃان پيا جھد پٽيون سو هو توهان جو اٿندي ئي ڪالم ڇپيندا؟ ڇپڻ لائق هوندو ته به مرضي جو مالڪ نه علي آهي نه ايوب. سهاڳڻ اها سڏائي جنهن کي اسانجو عزيز سولنگي چاهي.


    هر شيءِ کي قيد ڪرڻ

    گذريل دفعي ڪراچي پهچڻ سان اڙدو بازار هليو ويس جِتي ڪاٺياواڙ ۽ ويلڪم نالي ڪِتابن جي دڪانن تي اڙدو سان گڏ سنڌي ڪِتاب به ملن ٿا. انهن وٽ ٻين ڪِتابن سان گڏ منهنجا لکيل سفرنامن جا ڪِتاب پڻ هوندا آهن. هو مونکي (۽ ٿي سگهي ٿو ته ٻين کي به) ڪجهه ڊسڪائونٽ تي يعني ڪِتاب تي لکيل قيمت کان ڪجهه گهٽ تي وڪڻندا آهن.
    منهنجا ڪجهه نوان ڪِتاب سنڌي ادبي بورڊ، پوپٽ پبلشنگ هائوس خيرپور ۽ نئون نياپو پبليڪيشن سچل ڳوٺ جا ڇپيل موجود هُئا. پنهنجي پڙهڻ لاءِ هڪ هڪ ڪاپي کان علاوه هر هڪ ڪِتاب جون ڪجهه وڌيڪَ ڪاپيون پڻ خريد ڪيم.... اهو سوچي ته آئون نه ڪنهن دوست يا مائٽ کي دعوت ڪريان ٿو ۽ نه ڪنهن جي شادي غميءَ ۾ پير ڀريان ٿو... سو گهٽ ۾ گهٽ اهي سڃاڻا جيڪي منهنجيون لکڻيون پسند ڪن ٿا انهن کي پنهنجي طرفان پنهنجو ڪتاب ته گفٽ ڪريان. هِدايت بلوچ سنگاپور ۾ PIA جو مئنيجر ٿي رهيو. سخت مشغول هوندي به مونکي فون ڪندو رهندو هو ته ملائيشيا کان سنگاپور اچان ته ماني هن وٽ کان. ملائيشيا کان سنگاپور ائين سڏ پنڌ تي آهي جيئن حيدرآباد کان ڄامشورو يا حيدرآباد کان ڪوٽڙي، ملائيشيا جا ماڻهو اليڪٽرونڪ جو سامان وٺڻ لاءِ سنگاپور هليا ويندا آهن ۽ سنگاپور جا ماڻهو سستي ڀاڄي ۽ ميوو وٺڻ لاءِ ملائيشيا ايندا ويندا رهن ٿا. هِدايت توڙي ستار ڀٽي جا ڪِتاب ڇپيا ته هنن پوسٽ ذريعي موڪلي ڏنا... اهڙي طرح پروفيسر قاضي خادم، ڊاڪٽر نور افروز ۽ پروفيسر اعجاز قريشي جن پڻ پنهنجا ڪِتاب موڪلي ڏنا. ان ريت ٻيا ڪيترا دوست مهرباني ڪندا رهن ٿا توڙي کڻي هنن کي سندن ڪِتابن جي پبلشرس طرفان ڪجهه ڪِتابن جون ڪاپيون مفت ملنديون هجن پر ان هوندي به هنن جو مونکي ياد ڪرڻ ۽ ٽپال جو ڳرو خرچ ڀري مون ڏي پوسٽ ڪرڻ سندن خلوص ۽ قرب جو اظهار آهي.
    بهرحال ڪراچي ۾ هُجڻ دوران انهن سڄڻن..... (خبر ناهي ”سڄڻن“ لکجي يا ”پيارن“.... پر محمد قاسم ماڪا جو KTN ٽي وي تان رنگ منچ نالي پروگرام ڏسي ڏسي اسان جي زبان تي به اهو به لفظ سڄڻ اٽڪي پيو آهي)۽ دوستن کي TCS ذريعي يا ماڻهوءَ هٿان سندن گهر پنهنجا اهي تازا ورتل ڪِتاب موڪلي ڏنم. ڪِتابن جي پئڪيٽ ۾ هنن ۽ هنن جي ٻارن لاءِ مختلف ننڍا وڏا سووينئر به وجھي ڇڏيا هئم. ملڻ تي امر سنڌو، امر جليل، منوج هالائي، انور فگار، عزيز ڪورائي، مختيار سمي، نصير مرزا ۽ ٻين ڪيترن انهن شين بابت پڇيو ته انهن کي موڪلڻ جي تڪليف ڇو ڪئي اٿم.
    ”بس ائين ئي توهان کي پسند اچن ته نشانيءَ طور ضرور رکجو نه ته پنهنجي ڪنهن سڃاڻي کي ڏئي ڇڏجو.“ مون کين ٻڌايو ٿي ۽ جواب ۾ سڀني انهن کي پسند ڪرڻ جو اظهار ڪيو ٿي ۽ پاڻ وٽ رکڻ جي ارادي کان آگاهه ڪيو ٿي.
    بهرحال اهي ننڍا سووينئر هنن کي کڻي پسند هُجن يا نه پر مونکي بيحد پسند هئا ۽ اڃان تائين آهن به انهن کي مون گهٽ ۾ گهٽ پاءُ صدي کن پاڻ وٽ سانڍي رکيو هوندو.... بلڪه ان کان به وڏو عرصو .... ڇو جو انهن شين کي گڏ ڪرڻ جي شروعات مون 1968ع کان ڪئي هئي جڏهن مون گرئجوئيشن بعد سامونڊي سفر شروع ڪيو.
    ننڍي هوندي شاهه لطيف جي عُرس تي ڀٽ شاهه واري ميلي ۾ ويندو هوس ته اتان جي سوکڙي ڳانا ضرور وٺندو هوس. موڪلن تي هالا ايندو هوس ته ڪا دير جنڊي ۽ ڪاشي جي دڪانن تي بيهي ننڍڙيون ننڍڙيون شيون خريد ڪري ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ پنهنجي هاسٽل جي ڪمري ۾ رکندو هوس. مئرين اڪيڊمي چٽگانگ (اڙدو نالو چاٽگام ۽ بنگالي نالو چتروگرام.... چٽگانگ اسان سنڌي سڏيون ٿا جيڪو هن شهر جو نالو Chittagong انگريزن رکيو جيئن هنن ممبئي جو بامبي، ودورا جو بڙودا، قاهرو جو ڪيرو ۽ طرابلس جو ٽرپولي رکيو) ۾ هوندو هوس ته اتي بنگالين جون ٺهيل ڪکن جون يا ناريل جي کوپي مان ٺهيل شيون يادگيري/نشاني طور وٺي ايندو هوس ۽ اچي پنهنجي ڳوٺ جي اوطاق ۾ رکندو هوس. اها عادت قائم رهي ۽ جهاز جي نوڪري دوران جنهن بندرگاهه ۾ قدم رکيم ٿي اتي اکيون چرخ ٿي ويون ٿي ۽ کائڻ پيئڻ تي خرچ ڪرڻ بدران ان ملڪ ۽ ان بندرگاهه جي سووينئرن (نشاني ۽ سڃاڻپ خاطر ٺهيل ان ملڪ جي شين) کي خريد ڪيم ٿي. پهرين ته آمريڪا ۽ يورپ جي روٽ تي جهاز هلائڻ دوران هڪ ٻن بندرگاهن ۾ لنگر انداز ٿيڻ بعد ڪيترائي ڏينهن سمنڊ تي گذارڻو پيو ٿي جنهن دوران بندرگاهه مان ورتل سووينئرن کي هڪ هڪ ڪري غور سان ڏسندو هوس ۽ ڏاڍو enjoy ڪندو هوس ۽ پنهنجي ڪئبن جي شيشي جي ڪٻٽن ۾ سجائي رکندو هوس. ان بعد ڇا ٿيو جو جيئن ئي ڏور اوڀر واري روٽ تي آيس ته ان تي ائٽلانٽڪ ۽ پئسفڪ سمنڊ جهڙا وڏا سمنڊ ته ٽپڻا نٿي پيا جنهن جو اسان وارو عربي سمنڊ يا خليج بنگال وارو سمنڊ ننڍڙا حصا آهن، يعني هندي وڏو سمنڊ اهو پڻ ائٽلانٽڪ سمنڊ وانگر ڪافي وڏو آهي پر ڏور اوڀر ۽ ڏکڻ اوڀر ايشيا جا بندرگاهه هڪ ٻئي سان ڳنڍيا پيا آهن. ڪراچيءَ مان نڪر ته ڏيڍ ڏينهن بعد ممبئي ۽ اهڙي ڏيڍ ڏينهن بعد ڪولمبو.... پوءِ اڳيان ڪولڪتا يا چٽگانگ .... ۽ اتان ڏکڻ چيني سمنڊ ۾ گهڙڻ کان اڳ ڏينهن اڌ جي فاصلي تي پينانگ، پورٽ ڪلانگ (ڪئالالمپور)، جوهور بارو ۽ سنگاپور بندرگاهه هڪ ٻئي پويان اچن ٿا. ان بعد هڪ طرف منيلا ۽ برونائي جا بندرگاهه آهن ته ٻئي طرف بئنڪاڪ، هو چي منهه سٽي، هانگ ڪانگ، تائيوان وغيره ۽ پوءِ جپان جا انيڪ بندرگاهه ٽوڪيو، يوڪوهاما، چيبا، اوساڪا، ڪوبي، فڪوڪا، شمونو سيڪي، موجي، هيروشيما ۽ نگويا وغيره هڪ ٻئي کي ايڏو ويجھا آهن جو اسانجو پاڻي وارو جهاز به ڪلاڪن ۾ پهچيو وڃي. ِ ان روٽ تي جهاز هلائڻ دوران مون ڏٺو ته سال جو وڏو عرصو بندرگاهن ۾ ٿي گذريو يعني سووينئر ۽ سوکڙيون خريد ڪرڻ لاءِ گهڻو وقت ٿي مليو پر سمنڊ تي رهڻ يعني انهن خريد ڪيل تحفن کي ڏسڻ ۽ ان پويان ان ملڪ يا بندرگاهه جي تاريخ ۽ ڪلچر تي غور ڪرڻ لاءِ گهٽ وقت ٿي مليو. هونءَ به جهاز جي ڪمرن جي سائيز ننڍي هجڻ ڪري ان ۾ ڪٻٽ به ان حساب سان ننڍا ٿا ٿين. باقي ٽيبلن تي ته ڪا شيءِ سجائي نٿي سگهجي جو ڏينهن ٻن بعد سمنڊ ڏي نڪرڻ تي خراب سمنڊ جي پهرين ئي لوڏي تي اڻ ٻَڌَل شيون اڇلجيو وڃن ۽ شيشي جون شيون ڪئبن (ڪمري) جي لوهي ڀتين سان ٽڪرائي ٽڪرائي ٽٽيو پون. سو اهڙين شين کي محفوظ رکڻ لاءِ گتي جا دٻا ڀرڻ لڳس ۽ اهو ئي ارادو ڪيم ته ڪناري جي نوڪري ۾ وڏو گهر هوندو ته اتي ڊرائنگ روم جي ڪٻٽن ۾ دنيا جي ڀانت ڀانت بندرگاهن مان خريد ڪيل هي سوکڙيون سجائي رکندس.
    شادي بعد به اٺ سال کن جهاز تي رهڻو پيو ان بعد ٻارن جي وڏي ٿيڻ ۽ انهن جي تعليم خاطر سامونڊي نوڪري ڇڏي ڪناري جي نوڪري ملڻ تي ملائيشيا ۾ اچي رهيس. جِتي گهر ته تمام وڏو مليو پر ڪٻٽ ڪو هڪ اڌ مس هو جنهن جو پوءِ يڪدم احساس ٿيو ته انڊونيشيا، ملائيشيا، برونائي جهڙن خط استوائي ملڪن جي لائيف اسٽائيل اسان جهڙن اتراهن ۽ ڏاکڻن ملڪن کان مختلف آهي. اسان وٽ گرمي ٿئي ته سيءَ به ٿين ٿا جن کي منهن ڏيڻ لاءِ هر گهر ۾ بلاڪيٽ رليون ۽ ڪمبل ٿين ٿا. ڪپڙن ۾ به هر هڪ لاءِ ڪوٽ سئيٽر رکڻ ضرور آهن..... ۽ سياري جي موسم ختم ٿيڻ تي انهن شين کي رکڻ لاءِ ڪٻٽ آهن. ملائيشيا ۾ ٻارهو ئي هڪ جهڙي ”گرم ۽ مينهوڳي“ واري موسم هجڻ ڪري ڪڏهن ڪنهن کي گرم ڪپڙن جي ضرورت ئي نٿي پوي. ڪاٽن جا به سڄي سال لاءِ ٻه ٽي وڳا ڪافي آهن جو ملائيشيا ۾ مِٽي يا ڌوڙ آهي ئي ڪونه جو ڪپڙا ميرا ٿين. ساڳي قميص ٻه هفتا پائڻ بعد به اهڙي جي اهڙي.... وڌ ۾ وڌ اُس ۾ ڪم ڪرڻ واري جي پگهر ۾ خراب ٿي سگهي ٿي.
    بهرحال ملائيشيا ۾ هڪ هنڌ ڏهه سال ٽِڪي رهڻ دوران به هن ملڪ جي مختلف شهرن جون سوکڙيون توڙي Antique شيون خريد ڪري رڳو دٻن ۾ اهو سوچي وجھندو ويس ته رٽائرڊ ٿيڻ تي پنهنجي ملڪ هلي هي شيون پنهنجي گهر ۾ سجائي رکندس.
    سٺ سال جي ڄمار ۾ رٽائرمينٽ وٺي ڪراچي ۾ گهر جي ٽي وي لائونج ۾ هڪ وڏو شيشي جو ڪٻٽ ٺهرائي ان کي گذريل زندگي جي 40 سالن جي گڏ ڪيل شين سان ڀري ڇڏيم پر في لاحال ڪراچي ۾ رهڻ بدران آئون اهي ئي ٻاهر جا چڪر هڻندو رهيس ۽ منهنجا گڏ ڪيل سووينئر ڌوڙ ۾ اٽبا رهيا. مون کي ڪڏهن اها توفيق به نٿي ٿي ته ٻه چار ڪڍي کڻي صاف ڪيان يا ڏسي پراڻيون يادون تازيون ڪيان. دراصل ڳالهه اها آهي ته جيئن ڪنهن ٻار کي توهان هڪ ننڍڙي پلاسٽڪ جي ئي ڪار وٺي ڏيندائو ته هو ان کي ويٺو غور سان ڏسندو ۽ راند ڪندو. جنهن وقت توهان هن کي ڏهه ٻارهن ڪارون وٺي ڏيندئو ته هو ڪار سان کيڏڻ بدران رڳو ويٺو انهن کي ڳڻيندو ۽ فخر محسوس ڪندو ته هن وٽ هيتريون گهڻيون ڪارون آهن تڏهن ته انگريز چوندا آهن ته توهان جيڪڏهن چاهيو ٿا ته توهانجو ٻار راند ۾ وندريو رهي ته هن کي هڪ يا ٻه رانديڪا ڏيو. پر جي توهان هن کي گهڻا رانديڪا ڏيندائو ته هو اسٽور ڪيپر ٿي پوندو .... هو انهن کي رڳو ڳڻڻ ۾ پورو هوندو ۽ هن کي رڳو ان جي تات ۽ لالچ رهندي ته مون وٽ گهڻي کان گهڻيون شيون هجن.
    بهرحال آئون به دنيا جا سووينئر ۽ سوکڙيون گڏ ڪري اسٽور ڪيپر ٿي پيو هوس ۽ منهنجي گهر جي ٽي وي لائونج ڄڻ دڪان ٿي لڳو..... گهر ۾ نه ٻار نه ٻچو ۽ آئون قبر ۾ پير لٽڪايو ويٺو آهيان.... مرڻ بعد هي سڀ هيڏانهن هوڏانهن اڇلجي وڃن ان کان بهتر آهي ته آئون پاڻ پنهنجي هٿن سان پنهنجي فئوريٽ ماڻهن ۾ ورهائي ڇڏيان. اهو سوچي سوچي ۽ پوءِ نيٺ پڪو پهه ڪري ورهائڻ شروع ڪيم ۽ انهن چاليهه سالن جي collection مان جان آجي ڪيم.
    ملائيشيا ۾ لڳاتار ڏهه سال رهڻ دوران هڪ ٻيو بار به پاڻ سان گهليندو رهيس. هاڻ ته ملائيشيا ۾ هر قسم جو کير ۽ ملڪ شيڪ ملن ٿا پر جن ڏينهن ۾ منهنجو ملائيشيا ۾ پهريون دفعو 1968ع ۾ وڃڻ ٿيو انهن ڏينهن ۾ (بلڪه 80 واري ڏهي ۾ به جڏهن آئون اتي ڪناري جي نوڪري ڪري ٽِڪي پيو هوس).... ملئي ۽ چيني ماڻهن ۾ کير پيئڻ جي عادت نه هوندي هئي هو فقط چانهه ۾ گهاٽو مٺو condensed دٻي وارو کير استعمال ڪندا هئا نه ته ڪافي به کير بنا ڪاري پيئندا هئا. هڪ اهو به سبب آهي جو ملئي ۽ چيني ماڻهن جا ڏند خراب ٿين ٿا. ملائشيا ۾ رهندڙ انڊين ڪميونٽي ۾ سري لنڪا جا تامل ۽ انڊيا جا گجراتي ۽ سنڌي هندو پنهنجي ٻارن کي ڳئون جو کير پياريندا هئا جن جي معرفت اسان به هڪ ڍڳي پالڻ واري تامل کان کير گهرائيندا هئاسين. پوءِ اسان جي ڏينهن ۾ ئي ملائيشيا جي حڪومت کير پيئڻ جي مهم هلائي ۽ ڪيترن ئي کير ٺاهڻ وارين ولايت جي ڪمپنين کي ملائيشيا ۾ کير امپورٽ ڪرڻ لاءِ همٿايو. نيسلي، نيڊو، ملاڪ جهڙين ڪمپنين پائوڊر ۽ پئسچورائيزڊ کير جا دٻا وڪڻڻ شروع ڪيا ۽ اهي ڪمپنيون هڪ ٻئي سان مقابلو ڪرڻ ۽ ماڻهن کي کير خريد ڪرڻ لاءِ آماده ڪرڻ لاءِ هر دٻي تي مختلف گفٽ .... ملئي لفظ ’پرچُوما‘ (percuma) ڏيڻ لڳا. سڀ ۾ اعليٰ نيڊو وارن جو گفٽ ”پليٽ“ هئي جيڪا ڇهه ڇهه مهينن کان پوءِ بدلائي ٻي ڊيزائين جي ڪئي وئي ٿي. اها پليٽ هڪ ته ڳري ۽ سهڻي هوندي هُئي ۽ ٻي ڳالهه ته اهڙي پليٽ ڪنهن دڪان تي موجود نه هوندي هئي. اها نيڊو وارن جپان جي مشهور ڪمپني نوريٽاڪي وارن کان ٺهرائي هئي جنهن جي بارڊر تي نيڊو لکيل هو ۽ پٺيان Limited Edition لکيل هو. معنيٰ هي پليٽون هڪ ننڍڙي انگ ۾ ٺاهيون ويون آهن. اسان جي آفيس ۾ سڀ ڪئپٽن ۽ چيف انجنيئر جن ڪئڊٽن کي پڙهايو ٿي اهي انهن پليٽن کي حاصل ڪرڻ ۾ لڳل رهيا ٿي. اسان به پليٽون گڏ ڪرڻ جي چڪر ۾ نيڊو کير پيئندارهياسين ۽ جيڪي سال ٻه اها آفر رهي اسان به ويهارو کن پليٽون گڏ ڪري گد گد پئي ٿياسين ۽ انهن پليٽن کي ڪِچن جي در جي سامهون جيڪا شيشي جي ڪئبينيٽ هئي ان ۾ منهنجي زالَ سينگاري رکيو. ڄڻ پليٽون نه پر ايوارڊ جون شيلڊون هجن جن کي ايندڙ ويندڙ پاڙي جي هر ملئي عورت، اسانجي گهر ۾ قدم رکڻ سان ڏٺو ٿي. انهن پليٽن کي مهيني ڏيڍ بعد فقط صاف ڪرڻ لاءِ ڪڍيو ويو ٿي باقي ان ۾ ڀت وجھي کائڻ جي نه مونکي اجازت هئي نه منهنجي ٻارن کي. ملائيشيا ۾ ڏهه سال کن ان گهر ۾ رهڻ دوران عام مهمانن کي ته منهنجي زال ان ۾ ماني نه ڏني پر هڪ دفعو نجيب عبدالرزاق (اڄ ڪلهه وارو ملائيشيا جو وزير اعظم) ۽ رحيم تامبي چڪ (انهن ڏينهن جو صوبي جو وزير اعليٰ) آيو ته انهن لاءِ به اهي پليٽون ڪڍڻ لاءِ منهنجي زال منع ڪئي. هن کي هر وقت اهو خوف هوندو هو ته ڪٿي ”محدود ڇاپي“ (Limited Edition) وارين پليٽن مان ڪا ٽُٽي نه پوي.
    بهرحال سائين ملائيشيا ۾ ڏهه سال گذارڻ بعد ٻه اڍائي سال سئيڊن ۾ اچي رهياسين اتي به اهي پليٽون ڄڻ ٽِيپ ۾ هيون. ان بعد اهي بار گهلي ڪراچي واري گهر جي ڪٻٽ ۾ اچي رکياسين. وقت گذرندي ويرم نٿي لڳي. هڪ ڏينهن سٺ سال به پورا ٿي ويا ۽ هاڻ رٽائرڊ ٿئي به ست سال ٿي ويا ته منهنجي زال کي خيال آيو ته انهن پليٽن مان ٽي چار ڪڍي استعمال ڪرڻ کپن. ڏينهن ٻه استعمال ڪرڻ بعد مون ڏٺو ته اسان ٻئي ڄڻا اهي پليٽون ڇڏي پلاسٽڪ جون پراڻيون پليٽون استعمال ڪرڻ لڳاسين. ان جو سبب اهو ئي هو ته 30 سال کن اڳ جڏهن هي پليٽون مليون هيون ۽ اسان جوان هئاسين تڏهن به هي پليٽون اسان کي ڳريون ٿي لڳيون ۽ هاڻ هن عمر ۾ جڏهن هٿ پيا ڏڪن اهڙي پليٽ کي هٿ ۾ کڻي کائڻ خطري کان خالي ناهي. آخر هڪ اهڙو سهاڻو ڏينهن آيو جو منهنجي زال چيو ته اهي پليٽون اجائي جاءِ روڪي رهيون آهن ڪنهن کي ڏيڻ چاهين ته ڀلي ڏئي ڇڏ.... استعمال ۾ ته هونءَ ئي نٿيون اچن.
    قسمت ڀلي منهنجي به ۽ سليمان وساڻ ۽ سندس دوست ڊاڪٽر حفيظ لغاري (جيڪو اڄ ڪلهه ترڪي ۾ آهي) جي، جو هو اسانجي گفتگو جي اڌ ڪلاڪ اندر مون سان ملڻ لاءِ اچي اسان جي گهران نڪتا . وڃڻ مهل کين پنهنجو نئون ڇپيل ڪتاب ڏيندي چيومان ته بابا جوان ڇوڪرا آهيو... هي ٽيهارو کن سال مون وٽ سانڍيل پليـٽون به گفٽ طور مون وٽان کڻي وڃو ته مهرباني ٿيندي. ڇو جو مون دل ۾ اهو ئي سوچيو ته انسان جي خيال ۽ دل بدلجڻ تي دير نٿي لڳي.... ڪٿي آئون يا منهنجي زال ارادو نه بدلائي ڇڏيون.
    هي سڀ ڳالهيون ان تان ياد آيون جو ڪالهه ڪراچي جي بندرگاهه ۾ هڪ ملائيشيا جي جهاز تي پنهنجي پراڻي شاگرد سان ملڻ ويس جيڪو هن جهاز جو ڪئپٽن آهي. اٿڻ مهل هن مونکي ڪرسٽل قسم جي ڇهن گلاسن جو پئڪ تحفي ۾ ڏنو. گهر موٽيس ان وقت اسانجو هڪ پيٽارين رئيس سمون جيڪو رينجرس ۾ SP رئنڪ تي آهي ۽ عمر ۾ مونکان 25 سال کن ننڍو ٿيندو سو حيدرآباد کان مون لاءِ اٽو کڻي آيو هو جيڪو منهنجي هڪ ٻئي پيٽاري جي دوست نور احمد نظاماڻيءَ موڪليو هو. کانئس سامان وٺي گلاسن جو گفٽ پئڪ کيس چنبڙايم ته منهنجي پاران هو استعمال ڪري. موڪلائڻ وقت هو گاڏي اسٽارٽ ڪري هلڻ وارو هو ته هٿ جي اشاري سان ترسڻ لاءِ جھلي چيومانس: ”ڳالهه ٻڌ! تنهنجي زال اسان جي ڳوٺ جي آهي جِتي گهڻو ڪري هر گهر ۾ اوچا ٿانوَ پنهنجي سڄي عمر رڳو تختن ۽ مدنن تي گذاريندا آهن. مهرباني ڪري هنن گلاسن کي گهر پهچي گفٽ پئڪ مان ڪڍي انهن کي استعمال ڪرڻ شروع ڪجانءِ، متان تنهنجي هالا جي ڊاڪٽر زال انهن کي ڪٻٽ ۾ رکي ڇڏي. ڀلي ٻار به پيا استعمال ڪن. ڀڄي پوڻ جو فڪر نه ڪجو. هڪ گلاس به ڀڄي پوي ته مونکي فون ڪجانءِ توکي ٻيو پئڪ جيڪو اسان جي گهر ۾ سال کان ٽِيپ پيو کائي، اهو زال کان وٺي ڏيندوسانءِ.“
    پاڻ ٽهڪ ڏيندي چيائين ”سر تختن تي ڪراڪري کي سينگاري رکڻ جو رڳو هالا ۾ ڪلچر ناهي، اسان جي ڳوٺ هوسڙيءَ ۾ به آهي.“


    دپيڪا ۽ پريانڪا سان ملندڙ اکيون

    ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته تعليم ملڪن ۽ قومن کي خوشحال بنائي ٿي. جن ملڪن ۾ تعليم عام آهي اتي جي عوام کي پنهنجي حقن جي ڄاڻ رهي ٿي ۽ هو حڪومت کان اهي حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب رهن ٿا. تعليم جو مطلب رڳو سرڪاري نوڪرين جي حاصلات ناهي. ملائيشيا جيڪو بقول سندن ماڻهن جي ”جهنگل جي ماڻهن“ جو ملڪ سڏيو ويو ٿي اتي گذريل صديءَ جي ستر واري ڏهاڪي کان تعليم جي سختي ڪرڻ تي ۽ تقريبن سؤ سيڪڙو ٻار اسڪول وڃڻ تي هن ملڪ جو نمونو ئي ڦري ويو آهي. ملائيشيا جي ڳوٺن ۾ (جيئن اسان سٺ واري ڏهاڪي ۾ ڏٺو هو)،ڇوڪريون سڄو ڏينهن جھنگ مان رڌ پچاءَ لاءِ ڪاٺيون ڪنديون هيون. اڄ اهي وڏن شهرن جي هوٽلن، ڪارخانن ۽ دڪانن تي نوڪريون ڪن ٿيون. هنن جي سوچ ۽ سمجهه ۾ فرق اچي ويو آهي. اڄ ڳوٺ جي ڇوڪرين کي دنيا جي سياست ۽ ’سندن ڇا ۾ ڀلو يا خرابي آهي‘ ان جي ڄاڻ آهي. اهو ئي حال ويٽنام، ٿائلنڊ ۽ انڊونيشيا جهڙن ملڪن جو آهي جيڪي ڪنهن زماني ۾ اسانجي مقابلي ۾ ڄٽ سمجھيا ويا ٿي.
    موسم، ماحول، مذهب ۽ منهن مهانڊن ۾ جيتوڻيڪ اسين ننڍي کنڊ جا ماڻهو اڄ به هڪ جهڙا آهيون پر پاڪستان ۽ هندوستان جي ورهاڱي بعد تعليم ۾ هو روز بروز اسان کان اڳتي وڌي رهيا آهن. مون ته ٻنهي ملڪن جي تعليمي ادارن جو جائزو ورتو آهي، ٻنهي ملڪن جي نوجوانن سان مختلف ملڪن ۾ ڪم ڪيو آهي. ملائيشيا ۾ نوڪري لاءِ آيل ٻنهي ملڪن جي انجنيئرن، ڊاڪٽرن ۽ پروفيسرن جا انٽرويو ورتا آهن...... انڊيا وارا اسان کان وڌيڪَ تعليم يافته ۽ سلجھيل نظر اچن ٿا. ان جو سبب هنن وٽ ڳوٺ ڳوٺ ۾ نه فقط اسڪول آهن پر انهن ۾ صحيح تعليم ڏني وڃي ٿي، شاگرد محنتي آهن ۽ ڊسيپلين سخت آهي. تعليم جي ڪري هنن کي هر ڳالهه وڌيڪَ سمجھ ۾ اچي ٿي ته ڪهڙي شيءِ ۾ سندن ۽ سندن ملڪ جو ڀلو آهي ۽ هو قانون جي ڀڃڪڙي کان گريز ڪن ٿا.
    ان جو مثال هينئن ڏيندس ته هنن وٽ انڊيا ۾ جيڪو قانون ٺهي ٿو ان جي غريب توڙي امير پوئواري ڪري ٿو. دهلي ۾ ٻه مهينا رهڻ دوران قانون پاس ٿيو ته رستي تي گهمندڙ ڪنهن به پينوءَ کي خيرات ناهي ڏيڻو ته هنن هڪدم بند ڪري ڇڏيو. هڪ هنڌ وڻ هيٺان هڪ پوڙهي فقير کي ڏسي مون هن کي ڪجهه ڏنو ته اتان لنگھندڙ هڪ فئمليءَ يڪدم مونکي خبردار ڪيو ته ”اهو ڇا ٿا ڪريو؟ ڇا توهان کي خبر ناهي ته پنڻ ۾ ٻي جي مدد ڪرڻ تي 500 روپيا ڏنڊ آهي.“ ان روڊ جي ڀرسان گهر ٺهي رهيو هو جنهن تي ڪم ڪندڙ مزدور به اسان کي ڏسڻ لڳا. مون سمجھيو ته هو منهنجو پاسو کڻندا ته آئون هڪ نيڪ ڪم ڪري رهيو آهيان. پر هو به مونکي سمجھائڻ لڳا ته مونکي قانون جي ڀڃڪڙي نه ڪرڻ کپي.
    هڪ دفعي دهلي کان بڙودا (گجرات) وڃي رهيا هئاسين. سفر ڏينهن رات جو هو. انڊيا ۾ ٽرين، بس يا سرڪاري عمارت ۾ ٻيڙي سگريٽ پيئڻ جي منع آهي جيئن اسان وٽ به آهي. پر اسان وٽ ڪير ٿو پڇي. ڏينهن ڏٺي جو عام چوراهن تي اسان جا ڪار ۽ موٽر سائيڪل هلائڻ وارا ڳاڙهو سگنل هوندي هليا وڃن سو سگريٽ نه ڇڪڻ جي قانون جي ڪير ٿو پوئواري ڪري! شايد اهي ڳالهيون سوچي مون سان ان ٽرين ۾ سفر ڪندڙ منهنجي پنج ڇهه هم وطنين مان هڪ جنهن کي سگريٽ جي سخت ٻاڙ لڳي تنهن سگريٽ دکايو. هن جي پهرين ڪش هڻڻ تي ئي چوڌاري ويٺل سڀني مسافرن هن کي گھوري ڏٺو. ٻئي سوٽي هڻڻ تي سندس سامهون ويٺل نوجوان جيڪو ڪاليج يا يونيورسٽيءَ جو شاگرد ٿي لڳو تنهن اسان واري همراهه کي منع ڪندي چيو: ”پليز سگريٽ وساءِ. ڇا توکي خبر ناهي ته سگريٽ جو دونهون صحت لاءِ خراب آهي.“
    اسان جي ماڻهن جي دماغ ۾ اهو ئي اٺ ته اسان قانون کان مٿي آهيون ۽ ڪنهن جي سمجھائڻ تي به اسان بي عزتي ٿا محسوس ڪيون، سو اسانجي هن همراهه به سگريٽ وسائڻ ۽ ”ساري“ چوڻ بدران سگريٽ جو ٻيو ڪش هڻي چيو: ”کوئی بات نہیں“۔ صحت خراب ٿيندي ته منهنجي ٿيندي.“
    هن جي اهو چوڻ تي ٻه چار ڄڻا ٻيا به اٿي کڙا ٿيا ۽ اسان کي چيائون ته هن پنهنجي همراهه کي سگريٽ ڇڪڻ کان منع ڪريو نه ته اسان زنجير ڇڪي، ٽرين بيهاري پوليس ٿا سڏيون. سامهون واري نوجوان چيس: ”ڇا توهان ريڊيو ۽ T.V تي ليڪچر نه پيا ٻڌو ته نه فقط سگريٽ ڇڪڻ واري جا ڦڦڙ خراب ٿي سگهن ٿا پر هن جو خارج ڪيل دونهون ڀر ۾ ويٺلن جي صحت تي به اثر انداز ٿي سگهي ٿو.“
    اسانجي همراهه پوليس جي اچڻ کان ڊڄي کڻي سگريٽ وسايو. يعني ان ڳالهه کي ثابت ڪيو ته لاتوں کے بھوت باتوں سے نہیں مانتے۔ ان کان پوءِ هڪ دفعو ممبئي ۾ آيس ته ”پان نه کائڻ“ جي مهم هلي رهي هئي. اخبارن، ٽي وي ۽ سوشل ميڊيا تي هلي رهيو هو ته پان ۽ سوپارين مان نقصان آهن. ۽ مون ڏٺو ته انڊيا وارا ان مهم ۾ به ڪامياب ٿي ويا. مون سنڌ يونيورسٽي جي هڪ پروفيسر (جيڪو پڻ انڊيا ۾ هو) پڇيو ته ائين ڇو آهي جو اسان وٽ قانون ٺهن ٿا پر عمل نٿو ٿئي پر انڊيا جو عوام ان قانون جي پوئواري ۽ احترام ڪري ٿو. هن جواب ۾ اهو منطق ٻڌايو ته انڊيا جو غريب توڙي امير اسان کان وڌيڪَ تعليم يافته آهي. هو يڪدم ڳالهه سمجھيو وڃي ته سرڪار طرفان ٺهيل قانون تي هلڻ سان سندن فائدو ٿيندو ۽ ملڪ ترقي ڪندو. ٻي ڳالهه ته انڊيا جا ماڻهو ان کي خراب ٿا سمجھن ته ڪو ماڻهو قانون کي ٽوڙي. اسان وٽ وري ابتو Status Symbol ٿي پيو آهي. اسان جا وڏيرا، سياستدان، سرڪاري ڪامورا ۽ انهن جا کريل ٻار قانون جي ڀڃڪڙي ڪرڻ ۾ فخر ۽ وڏ ماڻهپي ٿا سمجھن“.
    ”پوءِ ڀلا ان جو علاج ڇا آهي؟“ مون پڇيو.
    ”اهو ئي ته اسان وٽ تعليم عام ڪئي وڃي. تعليم علم ڏيڻ خاطر ڏني وڃي...... ٺلهن ڊگرين جي ڪاغذن مان ڪجهه نه ٿيندو.“ هن چيو.
    منهنجو ٻنهي ملڪن جي تعليمي درسگاهن ۾ وڃڻ ٿيندو رهي ٿو ۽ هڪ ٽيچر جي حيثيت ۾ مونکي صاف نظر اچي ٿو ته انڊيا ۾ تعليم جو معيار اسان کان گهڻو گهڻو مٿانهون آهي. رڳو انڊيا جي ممبئي يونيورسٽيءَ جو مثال ورتو وڃي ته اتي جا شاگرد توڙي پروفيسر سادي لباس ۾ نظر ايندا، ڪيترا ته يونيورسٽي پنڌ يا سائيڪلن تي ايندي نظر ايندا. پڙهائي باقاعدگي سان هلي ٿي ۽ شاگرد ۽ ٽيچر بيحد محنتي آهن ۽ هنن کي علم پرائڻ سان دلچسپي آهي. اهو ئي سبب آهي جو عرب ملڪن توڙي ڏکڻ اوڀر جي ملڪن ۾ نوڪريءَ لاءِ هڪ پاڪستان مان پڙهيل انجنيئر يا ڊاڪٽر کان وڌيڪ انڊيا واري کي ترجيح ڏني وڃي ٿي. ولايت ۾ موجود، ويندي اهي ڪارخانن ۽ آفيسن جا مالڪ جيڪي پاڪستاني آهن پنهنجو ڪاروبار بهتر هلائڻ لاءِ انڊين ۽ ٻئي نمبر تي بنگلاديشي کڻن ٿا.
    اسان جي نوجوانن يا تعليم کاتي جي وزيرن ۽ ڪامورن سان کڻي ڳالهه ڪر ته هو مڃڻ لاءِ تيار نه آهن. چي انڊين شاگرد به ڪهڙا هوشيار آهن. اسانجو ماڻهو ننڍي ننڍي ڳالهه به دل ۾ ٿو ڪري. لاڙڪاڻي شهر جي گندگي ڏسي مون ڏک جو اظهار ڪندي چيو ته ههڙي حال ۾ ڪهڙو ڌاريون ٽوئرسٽ ايندو ۽ ڇا اچي ڏسندو.....؟؛ ته يڪدم منهنجي دوستن ان کي ائين دل ۾ ڪيو ڄڻ مون ڪا گار ڏني هجي.....“ اسان جي تهذيب 5000 سال پراڻي آهي جنهن جو مثال موهن جو دڙو آهي.“ هو مونکي چوڻ لڳا. ان تي چيو مان ته اها مونکي به خبر آهي. اڄ به ”موهن جو دڙو“ جا کنڊهر اهو ٻڌائين ٿاس ته اتي جا ماڻهو سڌريل ۽ صفائي پسند هئا پر دنيا کي اکيون نه آهن ڇا؟ هو اڄ جو لاڙڪاڻو ڏسي ڇا سوچيندا هوندا. اڄ جي لاڙڪاڻي کي ڏسي هو ڪهڙو اميج وٺندا هوندا ته وزير اعظمن جي ڳوٺ جو هي حال..... چوڌاري مٽي ۽ ڌوڙ، اٿليل گٽر ۽ ڪرفتي، انڪروچ مينٽ ۽ لاقانونيت.
    پر يارو اسانجو ماڻهو به عجيب آهي. اسان پاڻ بابت معمولي تنقيد به برداشت نٿا ڪريون. بس رڳو تعريف پئي هلي.... پوءِ ڀلي اها ڪوڙي سچي هجي ته اسان سڌريل ۽ تهذيب يافته آهيون، اسين مهمان نواز ۽ پڙهيل لکيل آهيون، اسانجو لاڙڪاڻو يا خيرپور پئرس ٿي ويو آهي. ٿر جي تعريف واشنگٽن ۾ پئي هلي، وغيره وغيره. ۽ پوءِ ڪو سچ ٿو ٻڌائي ته يڪدم دل ۾ ڪريون ٿا. ان تان مونکي هڪ لطيفو ياد اچي رهيو آهي.
    لطيفو هن ريت آهي ته هڪ نئون شادي شده جوڙو اڃان هني مون وارا شروعاتي ڏينهن گذاري رهيو هو. مڙس روز پنهنجي ڪنوار جي تعريف ڪندو رهيو تنهنجا ڪارن ڪڪرن جهڙا وار فلاڻي فلم ائڪٽريس سان ٿا ملن ته چتونءَ جي چهنب جهڙو نڪ فلاڻي ائڪٽريس سان! ايتريقدر جو هُن ڪنوار جي ٽيڏن اکين جي تعريف مان به نه گهٽايو.
    ’هني مون‘ جون موڪلون ختم ٿيون. همراهه آفيس آيو ته ڪم ۾ سستي ۽ غلطين ڪري سندس باس دڙڪا ڏنس. آفيس کان نه فقط دير سان موٽيو پر ڪم جا ڪجهه فائيل به ساڻ کڻي آيو ۽ گهر پهچي انهن ۾ مشغول ٿي ويو. زال چانهه کڻي اچي اڳيان رکيس ۽ پنهنجي تعريف ٻڌڻ لاءِ آتي هئي. هن جڏهن مڙس کي ماٺ ۾ ڏٺو ته پڇيائين. ”ناراض آهيو؟“
    ”نه“ مڙس فائيل مان منهن ڪڍڻ بنا وراڻيس.
    ”پوءِ ڇو منهنجي چهري جي تعريف نٿا ڪريو.“
    ”ها تمام سهڻو آهي“. مڙس بيزاريءَ مان جواب ڏنس.
    ”۽ اکيون“
    ”اهي به ٺاهوڪيون آهن.“ مڙس وراڻيو پر زال کي پنهنجي اها مختصر ۽ بي دليءَ واري تعريف نه وڻي سو مڙس کي ڀاڪُر پائي چيائين: ”ڇو ڀلا جاني! هونءَ ته تون چوندو آهين ته منهنجو اکيون دپيڪا پادوڪون ۽ پريانڪا چوپڙا سان ٿيون ملن“.
    مڙس جيڪو اڄ دڙڪا کائي آيو هو ۽ هن جلدي جلدي آفيس جو ڪم پورو ڪرڻ ٿي چاهيو تنهن زال جون ٻانهون پري ڪري چيو: ”ڌوڙ پئي آهي تنهنجي اکين کي. دپيڪا يا پريانڪا سان ته خاڪ پنهنجو پاڻ سان به نٿيون ملن“.
    بهرحال ڳالهه ڳالهه مان اسان ڪٿان وڃي نڪتا آهيون. مون جيڪا هن مضمون ۾ ڳالهه چوڻ چاهي ٿي اها هيءَ ته اسان جي ملڪ کان انڊيا جا ماڻهو وڌيڪَ علم ۽ ڄاڻ رکن ٿا. هو صحت جي بهتري لاءِ ڪوششون ڪن ٿا ۽ قانون جي ڀڃڪڙي ڪرڻ کان ڪيٻائين ٿا. حڪومت هڪ دفعو پنڻ تي يا پبلڪ جاين تي سگريٽ ڇڪڻ يا پان کائڻ تي بندش وڌي ته هنن يڪدم اهي ڪم ڇڏي ڏنا.
    اڄ ڪلهه انڊيا جي حڪومت توڙي سول سوسائٽي عوام کي موبائيل فون جي نقصانن جي آگاهي ڏئي رهي آهي. ان بابت ٽي وي ۽ اخبارن ۾ به اچي رهيو آهي. هونءَ ٿي سگهي ٿو هي سڀ ڪجهه لکڻ لاءِ دل ۾ نه اچي ها . پر ڪالهه پوني کان ممبئي بس ۾ ويندي، مسافرن سان ڀريل بس مان هڪ عورت (جنهن پاڻ کي سماجي ورڪر ٿي سڏايو) اٿي، ان بابت بس ۾ ويٺل مسافرن کي ٻڌايو ته اسان کي موبائيل فون رکڻ ۽ ٻڌڻ لاءِ ڪيترو خبردار رهڻ کپي. مون ڏٺو ته بس ۾ ويٺل نوجوان، توڙي وڏي عمر جا، هن جو ليڪچر غور سان ٻڌندا رهيا. مون دل ئي دل ۾ هن عورت جي ان ڪم کي ساراهيو جنهن ٻڌايو ته هوءَ ۽ سندس ٻيون ڪليگ خذمتِ خلق جي جذبي هيٺ هفتي ۾ هڪ دفعو چئن بسن ۾ هي ليڪچر ڏين ٿيون. هڪ پوني کان کنڊالا ويندڙ بس ۾ ۽ ٻيو کنڊالا کان ممبئي واري بس ۾. اهڙي طرح پوني واپسي تي به هو ٻن بسن ۾ ليڪچر ڏين ٿيون. پوني ۽ ممبئي جي اڌ رستي تي رونا والا ـــ کنڊالا ائين آهي جيئن حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ جي وچ ۾ نوري آباد.
    بهرحال موبائيل فون جي سلسلي ۾ ٻڌل ان ليڪچر جون ڪجهه Points هتي لکان ٿو. ٿي سگهي ٿو ته ان مان اسان ماڻهن جو به ڀلو ٿي وڃي.
    - هر موبائيل فون ريڊيو Waves جي آڌار تي هلي ٿو. توهان کي لڳندو هوندو ته توهان جو فون جڏهن ائين ئي پيو آهي يعني جنهن وقت توهان فون نه پيا ڪريو معنيٰ هي ڪم نه پيو ڪري. نه! هرگز نه! هر ٽيهه چاليهه سيڪنڊن ۾ اهو هوا ۾ هڪ ريڊيو Wave ائنٽينا ڏي موڪلي ٿو! So Constantly your phone is working. It is beaming radio waves. پنهنجي موبائيل فون يا ائنٽينا جي ويجھو رهڻ سان توهان جي صحت تي خراب اثر پئجي سگهي ٿو. سو اوهان ان سلسلي ۾ ڪجهه حفاظتي قدم کڻي سگهو ٿا.
    - پنهنجي فون کي وهاڻي هيٺان رکي نه سمهو.ان کي پاڻ کان پري رکو.
    - جيڪڏهن توهان ان تي الارم لڳائي ويجھو رکڻ ٿا چاهيو ته ان کي ايئروپلين (هوائي جهاز واري) Mode تي رکي سمهو.
    - سڄو ڏينهن فون کي دل جي ويجھو کيسي ۾ رکي هلڻ کان پرهيز ڪريو. بهتر آهي ته ان کي ٿيلهي ۾ کڻي هلو. آفيس ۾ ٽيبل تي يا ان جي خاني ۾ رکندا ڪريو. ڪنهن به حالت ۾ جسم جي ويجھو نه رکو.
    - بلئڪ بيري ۽ آءِ فون مينوئل ۾ ته لکيل آهي ته پنهنجي فون ۽ جسم جي وچ ۾ اڌ انچ کن جو فاصلو رکندا ڪريو. ان جو مطلب آهي ته هي جو اسان فون کي ڪن سان لڳائي ڊگهي ڊگهي ڪچهري ڪريون ٿا اهو به غلط آهي.
    - اڪثر اسان گاڏيءَ ۾ ويهي فون ڪريون ٿا ته جيئن وقت به پاس ٿي وڃي. اهو به غلط آهي. ڪار، ريل گاڏي يا ويندي لفٽ.... ان جي چوڌاري لوهي چادرون آهن ۽ اهي ائين آهن جيئن ”مائڪرو ويو اوون“. سو موبائيل فون مان جيڪي ريڊيو Waves نڪرن ٿيون سي لوهي ڀتين سان ٽڪرائي Radiation کي وڌائين ٿيون.
    - ڇا توهان ڪڏهن ان ڳالهه تي ڌيان ڌريو آهي ته توهان جڏهن موبائيل فون تي گهڻو وقت ڳالهايو ٿا ته توهان جا ڪن گرم ٿيو وڃن؟ ان جو مطلب آهي ته موبائيل فون مان جيڪا radiation ٿئي پئي اها توهان جي ڪن کي ۽ پاسن جي نرم ٽشوز کي گرم پئي ڪري جيئن مائڪرو ويو اوون ۾ شيون گرم ٿين ٿيون. ان ڪري ڪوشش ڪري ڳالهه ٻولهه کي مختصر رکندا ڪريو. يا بهتر آهي ته هيڊ فون واري تار ذريعي ڳالهايو جيئن توهانجي جسم سان فون نه لڳي ۽ جيڪڏهن توهان وٽ لئنڊ لائين آهي ته بهتر اهو آهي ته موبائيل بدران ان تي ڳالهايو. يا فون بدران Text ڪريو يعني پيغام لکو ( sms ڪريو) ته اهو ڪم اڃان به بهتر ٿيندو.
    - هڪ ٻي اهم ڳالهه. پنهنجو موبائيل فون ٻارن کي هرگز نه ڏيو..... ويندي کيڏڻ لاءِ به نه ڏيو. ڇو جو ٻارن جي ڪن جي چوڌاري جيڪا هڏي آهي اها بيحد نازڪ ۽ سنهي ٿئي ٿي. سو هي جيڪي ريڊيو Waves آهن (جيڪي موبائيل مان نڪرن ٿيون) اهي ٻارن جي دماغ مان گذرن ٿيون. موبائيل فون ايجاد ٿئي اڃان ڏهه ويهه سال گذريا آهن. اڃان ويهه ٽيهه سال ٻيا گذرن ته پوءِ خبر پوندي ته موبائيل مان نڪرندڙ هنن EMF لهرن اسان کي ڪهڙي آزار ۾ وجھي ڇڏيو.
    - هڪ ٻي اهم ڳالهه ته توهان جي فون تي جنهن وقت سگنل ڪمزور نظر اچن ته ان وقت فون هرگز استعمال نه ڪريو. ڇو جو ان وقت توهان جو فون تمام گهڻو Radiate ٿو ڪري. ان وقت Radio Waves زور زور سان ائنٽينا جي ڳولا ڪن ٿيون جيئن توهان جو فون ان سان connect ٿي سگهي. سو جڏهن سگنل Low آهن ته پنهنجي فون کي استعمال نه ڪريو.


    اسان وٽ مُون سائيٽنگ ۽ مُون فائيٽنگ

    اسلامي مهينو نئين چنڊ جي ”اڀرڻ يعني ڄمڻ“ سان نه پر ”نظر اچڻ“ سان شروع ٿئي ٿو. سج ته جيئن ئي اڀري ٿو ته اسان کي نه رڳو نظر اچي ٿو پر سڄو گول نظر اچي ٿو. جو هن کي پنهنجي روشني آهي. چنڊ ڪوئلي وانگر ڪارو ۽ اونداهو آهي. اهو فقط تڏهن نظر اچي ٿو جڏهن ان تي سج جي روشني پوي ٿي ۽ اسان کي فقط اوترو نظر اچي ٿو جيترو سج جي روشني وارو حصو اسان جي ڌرتيءَ ڏي آهي. مثال طور چوڏهين تاريخ تي اهو سڄو گول نظر اچي ٿو ڇو جو چنڊ جو اهو سڄو پاسو جنهن تي سج جي روشني پوي ٿي ان جو منهن اسان ڏي، يعني ڌرتيءَ ڏي آهي. اسلامي مهيني جي پهرين تاريخ تي به اهو سڄو بال جهڙو چنڊ اڀري ٿو پر اسان کي فقط گدري جي سنهي ڦار جهڙو نظر اچي ٿو جو سج جي روشني وارو فقط ايترو حصو ڌرتي ڏي آهي.
    دراصل هر مهيني جو نئون چنڊ اسلامي مهيني جي پهرين تاريخ کان هڪ ڏينهن کن (اٽڪل 17 کان 23 ڪلاڪ) اڳ اڀري ٿو پر جيئن ته اهو سمورو وقت چنڊ جي روشن پاسي جي پٺ اسان ڏي آهي ان ڪري ڪنهن به صورت ۾ نظر نٿو اچي. سج يا ٻين تارن جي اڀرڻ ۽ لهڻ جي ٽائيم وانگر اسان هر مهيني جي نئين چنڊ جي اڀرڻ (ڄمڻ) جو نه فقط ڏينهن ۽ وقت معلوم ڪري سگهون ٿا پر ملڪ پڻ ته اهو ڪٿي ڄمندو .... پر اهو اڳواٽ هرگز نٿا چئي سگهون ته ڪڏهن ۽ پهرين ڪهڙي ملڪ ۾ نظر ايندو. اسانجو اسلامي مهينو نئون ”چنڊ نڪرڻ سان“ نه پر ”نظر اچڻ سان“ شروع ٿئي ٿو.
    اسان وٽ ٻين مهينن جي شروع ٿيڻ تي ايڏي آنڌ مانڌ يا ڇڪتاڻ نٿي ٿئي جيڏي رمضان ۽ شوال جي شروع ٿيڻ تي. ڇو جو رمضان جي پهرين تاريخ کان روزا شروع ٿين ٿا ۽ شوال جي پهرين تاريخ تي عيد ملهايون ٿا.
    اسان جهڙي وڏي ايراضيءَ واري ملڪ ۾ اهو طئه ڪرڻ ۾ اڪثر وڳوڙ ٿئي ٿو ته چنڊ نظر آيو يا نه؟ پوءِ سڄي ملڪ ۾ هڪ ڏينهن رمضان شروع ڪرڻ (يا عيد ملهائڻ) بدران ڪٿي هڪ ڏينهن اڳ ته ڪٿي هڪ ڏينهن دير سان شروع ڪيو وڃي ٿو. اسان وٽ چنڊ ڪٿي ڊزن کن مولوين کي دوربينن سان به نظر نٿو اچي ته ڪٿي، خاص ڪري اسانجي اتراهين علائقي جي ماڻهن کي، بنا دوربين جي نظر اچيو وڃي! اهڙن موقعن تي ماڻهن جي وات تي اها شڪايت هوندي آهي ته: ”اسان جي حڪومت سڄي ملڪ لاءِ رمضان يا عيد لاءِ هڪ ڏينهن اڳواٽ مقرر ڇو نٿي ڪري“. ڪي وري چوندا آهن ته ”سائنس هيڏي ترقي ڪئي آهي حساب ڪري عيد جو ڏينهن اڳواٽ ڇو نه ٿو معلوم ڪيو وڃي جيئن عوام روزن يا عيد جي تياري اڳواٽ ڪري سگهي ۽ هڪ ئي ڏينهن تي روزا رکڻ شروع ڪري ۽ هڪ ئي ڏينهن تي عيد ملهائي“. ڪي چوندا آهن ته: ”جيئن عيسائي هڪ تاريخ 25 ڊسمبر تي ڪرسمس ڊي ملهائين ٿا تيئن دنيا جا مسلمان هڪ ئي ڏينهن تي ’عيد‘ ڇو نٿا ملهائين“. ڪي ماڻهو اهو به چوندا آهن ته: ”ائين ڀلا ڇو آهي ته سعودي عرب ۾ هڪ ڏينهن اڳ عيد ملهائي وڃي ٿي ۽ ان جو اعلان به اڳواٽ ڪيو وڃي ٿو پر اسان وٽ مولوي ڦڏو ڪري رمضان يا عيد ۾ دير وجهيو ڇڏين.“
    انگريزي جا هڪ ٻئي سان ملندڙ جلندڙ لفظ Astrology ۽ Astronomy آهن. ائسٽرولاجي جوتش، نجوم رمل جو عمل آهي. ائسٽرونامي چنڊ، تارن، سيارن جي اڀرڻ، لهڻ ۽ چرپر جي سائنس آهي جنهن جي ڄاڻ اسان نيويگيٽرن (هوائي جهاز يا پاڻي جو جهاز هلائڻ وارن) لاءِ ضروري آهي ۽ اسان جي تعليم ۾ اهو پڻ لازمي سبجيڪٽ آهي. ائسٽرونامي (علم هيئت، علم فلڪيات يا سج، چنڊ ۽ تارن جي ڄاڻ) جو شاگرد هجڻ جي ناتي ضروري سمجھان ٿو ته ان بابت پنهنجي پڙهندڙن کي ڪجهه ڄاڻ ڏيان جيئن هو حقيقت کان آگاهه ٿي سگهن. هونءَ ته ان بابت منهنجو سڄو ڪتاب ”چنڊ چوانءِ سچ“ جي نالي سان ڏهه سال اڳ ڇپجي چڪو آهي. هتي فقط مختصر طور چنڊ جي اڀرڻ ۽ عيد جو ڏينهن مقرر ڪرڻ بابت سائنسي ۽ اسلامي نقطي نگاهه جي معلومات ڏيان ٿو.
    پهرين چنڊ بابت ڪجهه ڄاڻ ۽ ان جي نظر اچڻ بابت عام سوالن جا جواب ۽ انهن جون ثابتيون ڏيڻ چاهيان ٿو.
    • چنڊ کي سج يا تارن وانگر پنهنجي روشني ناهي. چنڊ هڪ سيارو آهي. جيڪو بلڪل ڪوئلي وانگر ڪارو آهي. ان تي سج جي روشني پوي ٿي ته نظر اچي ٿو نه ته بلڪل نٿو اچي.
    • ڌرتي هڪ ته لاٽونءَ وانگر پنهنجي چوڌاري گهمي ٿي جنهن ڪري سج جي روشني هن جي چوڌاري ڦري ٿي جنهن ڪري ڏينهن رات ٿئي ٿو. ان سان گڏ گڏ ڌرتي 365 ڏينهن ۾ سج جي چوڌاري چڪر مڪمل ڪري ٿي جنهن موجب موسمون ٿين ٿيون.
    • چنڊ ڌرتيءَ جي چوڌاري جيترن ڏينهن ۾ ڦيرو ڪري ٿو ايتري ئي وقت ۾ هو پنهنجي چوڌاري به ڦري ٿو. ان ڪري اسان کي چنڊ جو هر وقت فقط ساڳيو پاسو نظر اچي ٿو. هو جتان شروع ٿئي ٿو ان هنڌ ڦيرو مڪمل ڪري پهچڻ ۾ هن کي ساڍا 29 ڏينهن کن لڳن ٿا. ان بعد هو نئين مهيني جي شروعات ڪري ٿو. چنڊ جو اهو سفر ان وقت شروع ٿئي ٿو جنهن وقت هڪ ئي قطار ۾ سج، چنڊ ۽ ڌرتي اچن ٿا. چنڊ وچ ۾ هوندو آهي. ان جي هڪ پاسي مغرب ۾ سج هوندو آهي ته ٻئي پاسي مشرق ۾ ڌرتيءَ جو گولو.
    • جنهن وقت چنڊ پنهنجي سفر جي شروعات ڪندو آهي يعني جنهن گهڙيءَ سج چنڊ ۽ ڌرتي هڪ قطار ۾ اچي ويندا آهن ان گهڙيءَ کي ”ميلاپ جي گهڙي“ Conjunction سڏجي ٿو ۽ اها ئي گهڙي نئين چنڊ جي ڄم جي ٿي. ان گهڙيءَ کانپوءِ ان نئين ڄاول چنڊ جي عمر وڌڻ شروع ٿئي ٿي.
    • اٽڪل 17 کان 23 ڪلاڪن تائين هي چنڊ جنهن کي invisible چنڊ به چون ٿا،ڌرتي وارن کي نظر نٿو اچي ڇو جو چنڊ جي جنهن اڌ تي سج جي روشني پئجي رهي آهي اهو اسان پاسي ناهي. اسان پاسي ان جي پٺ آهي جيڪو اونداهو پاسو آهي. پوءِ وقت سان گڏ چنڊ جيئن ئي سڌي ليڪ کان ڪجهه پري ٿئي ٿو ته پوءِ چنڊ جي روشن پاسي جو ٿورو ٿورو حصو نظر اچڻ شروع ٿئي ٿو. چوڏهن ڏينهن بعد جڏهن چنڊ ڌرتيءَ جي بلڪل ٻئي پاسي آهي ته ان جو سڄو روشن حصو اسانکي نظر اچي ٿو جنهن کي اسان چوڏهين جو چنڊ يعني Full Moon سڏيون ٿا.
    • ڪيترن مذهبن ۽ قومن ۾ چنڊ جي ڄمڻ سان يعني Conjunction ٿيڻ سان مهيني جي پهرين تاريخ شروع ٿئي ٿي، پوءِ کڻي اها ڪنجڪشن ڪهڙي به ملڪ ۾ ٿئي، سڄي دنيا لاءِ پهرين تاريخ شروع ٿيو وڃي جيئن چيني، جپاني، منگولين ڪئلينڊرن ۾ نظر اچي ٿو. ان ميلاپ (Conjunction) يعني نئين چنڊ جي ”ڄم جي گهڙي“ ڪجهه جدولن (Formulae) ذريعي اسان اڳواٽ معلوم ڪري سگهون ٿا جيئن سج جي يا ٻين تارن جي روزاني اڀرڻ لهڻ جي calculate ڪريون ٿا. ڪيترائي ٻڌ ڌرم جا ۽ ٻين قومن ۽ ڌرمن جا ماڻهو نئين سال جا ڏينهن سڄي چنڊ جي نڪرڻ (يعني چنڊ جي چوڏهين تاريخ) کانپوءِ ٻئي ڏينهن شروع ڪن ٿا. اسان مسلمانن جي مهيني جي پهرين تاريخ هلال چنڊ کان شروع ٿئي ٿي ــــ يعني ان ڏينهن کان شروع ٿئي ٿي جڏهن چنڊ جي ڄمڻ بعد هو پهريون دفعو نظر اچي ٿو. ۽ اهو ڄم جي گهڙي (Conjunction) کان 17 کان 23 ڪلاڪن بعد ئي نظر اچڻ لڳي ٿو. مثال طور ڪنهن مهيني چنڊ جي ڪنجڪشن (ڄم يا ميلاپ) سج لٿي مهل جپان ۾ ٿئي ٿي. ظاهر آهي ان وقت اهو چنڊ جپان ۾ ته نظر نه ايندو پر چئن ڪلاڪن بعد اسان وٽ پاڪستان ۾ به سج لٿي مهل نظر نه ايندو. سعودي عرب ۾ سج لٿي مهل ان نئين ڄاول (بيبي) چنڊ جي عمر 6 ڪلاڪ ڪا مس ٿيندي .... ۽ جيڪڏهن سعودي عرب حڪومت اعلان ڪري ته چنڊ نظر اچي ويو ته اها ناممڪن ڳالهه آهي. نسورو ڪوڙ چئبو. ائسٽرونامي يا جاگرافيءَ جي معمولي ڄاڻ رکڻ وارو به سمجھي سگهي ٿو ته اها ڳالهه اڻ ٿيڻي آهي. اهڙي طرح لنڊن، پئرس، فئنڪفرٽ (جرمني) وغيره ۾ به اهو چنڊ موجود هجڻ جي باوجود نظر نه ايندو جو ان وقت ان نئين چنڊ جي عمر 9 ڪلاڪ ئي هوندي. ويندي نيويارڪ پهچڻ تي به اهو نظر نه ايندو جو اتي سج لٿي مهل اهو اڃا 13 ڪلاڪن جو ٿيو هوندو ۽ نه لاس اينجلس ۾ نظر ايندو جو اتي ان جي عمر 16 ڪلاڪ ٿي هوندي. ها البته اهو پئسفڪ سمنڊ جي ٻيٽ هوائي پهچڻ تي نظر اچي سگهي ٿو جتي اهو 19 ڪلاڪن جو ٿي چڪو هوندو. پر پڪ ناهي .... ڇو جو اُن عمر ۾ ڪڏهن نظر اچي ٿو ته ڪڏهن نه. پڪ سان نظر فقط 23 ڪلاڪن جي عمر کان پوءِ ئي اچي ٿو.
    جپان ۾ ڄاول نئون چنڊ، اُن ڄم واري رات ته نظر نه اچي سگهيو پر اهو جڏهن سڄي دنيا جو ڦيرو ڪري جپان پهچي ٿو ته هاڻ اهو 24 ڪلاڪن جو آهي ۽ چٽو نظر اچي ٿو ۽ پوءِ اسان وٽ پاڪستان ۾ به صاف ڏسڻ ۾ اچي ٿو جو هاڻ اسان وٽ پهچڻ تي اهو 28 ڪلاڪن جو آهي ۽ چنڊ نظر اچڻ تي اسان وٽ پهرين تاريخ ٿئي ٿي جيتوڻيڪ چنڊ جي ڄم جو اهو ٻيو ڏينهن هوندو آهي ۽ اسان وٽ رهندڙ ٻڌ جن جو مهينو چنڊ جي ڄم (Conjunction) سان شروع ٿئي ٿو انهن لاءِ ٻي تاريخ ٿي پر اسان مسلمانن لاءِ پهرين جو اسان لاءِ تيسين پهرين نٿي ٿئي جيسين چنڊ اکين سان نظر نه اچي.
    اسان وٽ اڪثر اهو سوال ڪيو ويندو آهي ته ڇا سائنس اڃان ايڏي ترقي نه ڪئي آهي جو نئين چنڊ جي اڀرڻ جي تاريخ جو اڳواٽ اعلان ڪري سگهجي؟
    ان جو جواب اهو آهي ته نئين چنڊ جي ”اڀرڻ“ جي تاريخ ۽ ويندي ٽائيم معلوم ڪرڻ ڪو ڏکيو ڪم نه آهي پر اسان جي عيد نئين چنڊ جي نڪرڻ (اڀرڻ) تي نه پر ان جي ”نظر“ اچڻ تي ٿئي ٿي. ظاهر آهي چنڊ کي پنهنجي روشني ناهي سو ان تي جيسين سج جي روشني نه پوي اهو اسان کي اڀرڻ جي باوجود نظر نٿو اچي. ۽ اڃان ته سائنس ايڏي ترقي نه ڪئي آهي جو اهو اڳواٽ معلوم ٿي سگهي ته اسلامي مهيني جو نئون چنڊ ڪڏهن نظر اچي سگهي ٿو.
    هر مهيني جو چنڊ ڄم بعد گهـٽ ۾ گهٽ سترهن ارڙهن ڪلاڪ اڳتي هلڻ بعد ڪنهن ملڪ ۾ اهڙي Angle تي اچڻ شروع ٿئي ٿو جو هن جي روشن اڌ واري جو ذرڙو ان ملڪ جي ماڻهن کي نظر اچي ٿو ۽ هو ان کي ”هلال“ جو يا ”پهرين جو چنڊ“ سڏين ٿا. ۽ اهو ملڪ ۽ ان کان پوءِ وارا ملڪ جتي جتي چنڊ جو روشن حصو نظر اچڻ لڳي ٿو ته مسلمان عيد جو اعلان ڪن ٿا. ان کان اڳ وارن ملڪن جا مولوي ڀلي دوربينيون جھلي بيهن هنن کي چنڊ هرگز هرگز نظر نه ايندو.
    اسان ناٽيڪل ٽيبل ذريعي حساب ڪري سمجھي سگهون ٿا ته فلاڻي وقت تي فلاڻي ملڪ ۾ نئون چنڊ نموندار ٿي چڪو آهي يعني conjunction (ڄم) ٿيو آهي. پر روشن نه هجڻ ڪري نظر نه ايندو.
    ”نئين چنڊ“ جو اصطلاح جيئن مٿي لکي آيو آهيان اسان ان حوالي سان استعمال ڪريون ٿا، جڏهن چنڊ ڌرتي جي چوڌاري اٽڪل ساڍن اوڻٽيهن ڏينهن جو سفر پورو ڪري ان Astronomical نقطي تي پهچي ٿو جتي هو سج ۽ ڌرتيءَ سان گڏ سڌي لائين ۾ اچيو وڃي. ان گهڙيءَ کان پوءِ چنڊ ڌرتيءَ جي چوڌاري نئين چڪر (Revolution) جي وري شروعات ڪري ٿو. قدرت جي هن نظاري (Phenomenon) لاءِ انگريزيءَ جو مشهور لفظ Conjunction بيان ڪري چڪو آهيان جنهن کي ميلاپ جو عمل يا ڪيفيت به چئون ٿا ـــ يعني سج، چنڊ ۽ ڌرتيءَ جو گولو هڪ سڌي ليڪ تي قطار ۾ هڪ ٻئي پويان ٿي بيٺا آهن. ان عمل کي چنڊ جو ڄم (Birth of the Moon) به سڏجي ٿو ۽ ان گهڙيءَ واري چنڊ کي نئون ڄاول چنڊ (New Moon) يا ”بيبي مون“ به سڏجي ٿو. اها گهڙي اٽڪل ساڍن 29 ڏينهن بعد هر مهيني اچي ٿي. لفظ ”اٽڪل“ ان ڪري لکيو اٿم جو ان ۾ ڪجهه منٽن جي هيٺ مٿاهين ٿئي ٿي. ۽ اهو به ضروري ناهي ته هڪ لائين ۾ بيهڻ وارو ميلاپ هر دفعي ساڳي ملڪ ۾ ٿئي. ڪڏهن اها گهڙي يعني چنڊ جو ڄم جپان ۾ ته ڪڏهن پاڪستان ۾ ته ڪڏهن انگلنڊ يا ٻئي ملڪ ۾ نموندار ٿئي ٿو. ان گهڙيءَ کان پوءِ جيئن جيئن وقت گذري ٿو يعني ڌرتيءَ جو گولو ۽ ان سان گڏ چنڊ اڳتي جو سفر جاري رکي ٿو تيئن تيئن چنڊ جي عمر وڌڻ شروع ٿئي ٿي ۽ آخر مٿي ٻڌايل ڪجهه ڪلاڪن بعد ڪنهن ملڪ کان نظر اچڻ به شروع ٿئي ٿو.
    هاڻ توهان جي ايستائين ڳالهه سمجھي آهي ته پوءِ توهان کي ضرور کل ايندي ته اهو چنڊ جيڪو برما يا بنگلاديش ۾ ڪلاڪ کن اڳ ڄائو هجي يعني اسان وٽ پهچڻ مهل ان جي عمر ڪا ڪلاڪ مس هجي ۽ ان جي ڳولا لاءِ اسان جا مولوي دور بينون کڻي آسمان پيا ڦولهين يا هيليڪاپٽر ۾ چڙهي پيا سروي ڪن ته انهن کي ڇا نظر ايندو! اهو ان ڪري جو برما، بنگلاديش يا ملائيشيا ۾ ٿيل Conjunction (نئين چنڊ جو ڄم) وارو چنڊ ته 18 ڪلاڪن بعد لاس اينجلس آمريڪا ۾ به شايد ئي نظر اچي. ۽ علم فلڪيات (Astronomy) جي ٿوري به ڄاڻ رکندڙ لاءِ ان کان وڌيڪَ ٻيو ڪهڙو لطيفو ٿيندو جڏهن سعودي عرب وارا اعلان ڪن ته چنڊ نظر اچي ويو سڀاڻي عيد ملهائبي .... اسان جا اٻوجهه ماڻهو سعودي عرب مان ايڏو مرعوب ۽ متاثر آهن جو هنن جي هر ڳالهه تي ”واهه واهه“ ڪندا وتندا آهن. اها ڄاڻ ئي نه ته اهو نئون چنڊ جڏهن سعودي عرب پهتو ته ان جي عمر ته پنج ڇهه ڪلاڪ به ڪا مس هئي جيڪو موجود اتي ضرور هوندو پر نظر هرگز هرگز نه آيو هوندو ۽ اسان جي عيد ته نئين چنڊ جي موجودگيءَ تي نه پر نظر اچڻ تي ٿئي ٿي. ڪيترن جو چوڻ آهي ته سعودي عرب وارا شايد ٽيهن سالن وارو ”اُم القُريٰ ڪئلينڊر“ (Umm al-Qura) استعمال ڪن ٿا جنهن ۾ هر مهيني جي ”پهرين تاريخ“ نئين ڄاول چنڊ (Conjunction) تي ٻڌل ٿئي ٿي.
    هتي اهو به لکندس ته دنيا جا مسلمان ـــــ ويندي يورپ ۽ آمريڪا جا گورا نومسلم اها ڳالهه مڃين ٿا ۽ قدر ڪن ٿا ته انڊيا ۽ پاڪستان ۾ چنڊ ڏسڻ جو اعلان صحيح معنيٰ ۾ اسلامي طريقي سان ڪيو وڃي ٿو. اهڙي طرح ايران ۾ پڻ چنڊ ڏسڻ تي اعلان ڪيو وڃي ٿو. پاڪستان جي ”رويتِ هلال (چنڊ ڏسڻ جي) ڪميٽي“ ۾ مختلف فڪر جي مڪتبن جا مولوي ميمبر آهن ۽ ايترا گهڻا مولوي ڪوڙ ته نه ڳالهائيندا.
    ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿئي ٿو ته اسان وٽ اتراهن علائقن ۾ يا سعودي عرب ۾ ڪن هڪ ٻن ڄڻن کي پهرين تاريخ جي چنڊ بدران آسمان ۾ ان هنڌ تي ڪا سنهي، چنڊ جهڙي ڪا ڪڪري يا جيٽ جهاز جو ڄميل دونهون نظر اچي ٿو جنهن تي هن کي چنڊ جو گمان ٿئي ٿو ۽ حڪومت انهن کي معتبر سمجھي چنڊ نظر اچڻ جو اعلان ڪريو ڇڏي جو شريعت موجب هنن وٽ شاهدي پهچي وئي.
    چنڊ کان علاوه ٻيون ڏهه هزار کن مختلف شيون جن ۾ گهڻا راڪيٽن جا ٽڪرا ۽ ٻيو سامان (Equipment) آهي، اهي شيون ڌرتيءَ جي چوڌاري گردش ڪنديون رهن ٿيون. ڪڏهن ڪڏهن انهن شين مان ڪا سج لٿي مهل افق (Horizon) وٽ چمڪندي ڏسي اسان کي اڪثر نئين چنڊ جو شڪ ٿئي ٿو.
    مٿئين سڄي قصي جو تَتُ هن ريت ته نئون چنڊ (New Moon) جيڪو سج، چنڊ ۽ ڌرتيءَ جي هڪ قطار يا لائين (Plane) ۾ اچڻ وقت ”ڄمي“ ٿو يعني ان وقت چنڊ جي عُمر ٻُڙي (Zero) ڪلاڪ آهي ۽ ان گهڙيءَ کان چنڊ جي عمر ڳڻي وڃي ٿي. ان گهڙي (Conjunction) جي خبر Calculation (حساب ڪتاب) سان اڳواٽ پئجي سگهي ٿي. پڙهندڙن جي سمجھڻ لاءِ هڪ ٻي ڳالهه ته نئون چنڊ سڄي چنڊ (چوڏهين جي چنڊ) جي بلڪل ابتڙ پوزيشن (Phase) ۾ رهي ٿو. نئين چنڊ مهل، توڙي سڄي چنڊ مهل سج، چنڊ ۽ ڌرتي هڪ ئي قطار ۾ اچيو وڃن پر فرق فقط اهو آهي ته سڄي چنڊ مهل ڌرتيءَ جو گولو وچ ۾ رهي ٿو جنهن جي هڪ پاسي (مغرب ۾) سج آهي ته ٻئي پاسي (مشرق ۾) چنڊ آهي ۽ اهو سڄو چنڊ اسان کي روشن نظر اچي ٿو. ڇو جو ان تي سج جي پوندڙ ڪرڻن وارو پاسو اسان (ڌرتي) ڏي آهي ۽ چنڊ جي سڄي Reflection اسان تي پوي ٿي.
    نئين چنڊ مهل ڌرتيءَ بدران چنڊ وچ ۾ رهي ٿو جنهن جي هڪ پاسي مغرب طرف سج آهي ته ٻئي پاسي مشرق ۾ ڌرتيءَ جو گولو. چنڊ جو اڌ گول جيڪو ڌرتيءَ ڏي آهي اهو اونداهو آهي. سج جي روشني هن جي ٻئي پاسي پوندي رهندي آهي جيڪو سج ڏي آهي. ان ڪري نئون ڄاول چنڊ ٺپ نظر نٿو اچي. ايتريقدر جو محسوس به نٿو ٿئي. سندس ڪو لينگھو يا ٻاهرين گول جي ڪا ذرڙي (arc) به نظر نٿي اچي.
    هونءَ علمِ فلڪيات (چنڊ، سج، تارن جي ڄاڻ) ۾ دلچسپي رکندڙ شاگردن توڙي عام پڙهندڙ لاءِِ هتي پنهنجا خيال Share ڪندس ته قدرت جو هي نظام ڪيڏو Perfection تي مبني آهي جو ڪروڙها اربها سياره ۽ چنڊ تارا هن ڪائنات ۾ تيز رفتاري سان هلي رهيا آهن جن بابت جيترو ٿو سوچجي اوتري ٿي حيرت ٿئي. هن سائنس (يعني Astronomy) جي ڄاڻ رکندڙ هڪ گوري (يورپي) نو مسلم پروفيسر کان پڇيم ته هن کي يقين آهي ته هن ڪائنات کي هلائڻ وارو هڪ الله آهي؟ ته هن وراڻيو: ”آئون علم فلڪيات جو شاگرد آهيان. ڇا ڪو اهڙو ماڻهو به آهي جنهن کي ٿوري گهڻي هنن چنڊ تارن جي چرپر ۽ ساخت جي معلومات هجي ۽ هو دهريو هجي؟! ان ڪري جو هو سمجھي ٿو ته هنن جو خالق ۽ هنن جي تيز رفتارن تي نظر رکڻ وارو هڪ الله آهي جيڪو سڀني عالمن جو رب آهي“.
    چنڊ بابت مٿيون احوال لکندي هن وقت آئون اهو ئي سوچي رهيو آهيان ته چڱو جو اسان جي دنيا جو گولو (ڌرتي) پنهنجي محور جي به چوڌاري ڦري ٿو جو اٽڪل 12 ڪلاڪ ڏينهن ۽ 12 ڪلاڪ رات ٿئي ٿي نه ته ڌرتي جي اڌ گول تي هميشه رات هجي ها ته ٻئي اڌ تي هميشه ڏينهن ـــ ۽ اهي به قدرت جا ڪرشما آهن جو چنڊ کي سج وانگر پنهنجي روشني ناهي جي سج وانگر روشني هجي ها ته اسان لاءِ مهيني جي تاريخن جو حساب ڪرڻ ناممڪن ٿي پوي ها جو اهو (چنڊ) روز چوڏهين جي چنڊ وانگر سڄو ۽ چلڪندو نظر اچي ها. هاڻ ته جهازن تي کڻي نيويگيشن جا اوزار ايجاد ٿيا آهن جن ذريعي سمنڊ تي رستو ۽ مختلف طرفن جي ڄاڻ ٿيو وڃي نه ته حضرت نوح نبي جي ٻيڙيءَ کان گذريل صديءَ جي اڌ (1950ع) تائين ته پاڻي جا جهاز تارن ذريعي رستو ڳولي هلايا ويا ٿي ۽ چنڊ کي پنهنجي روشني هجي ها ته روز سج وانگر سڄو اڀري ها ۽ تارن جي نظر اچڻ جو سوال ئي پيدا نه ٿئي ها! بهرحال هن سائنس (Astronomy) بابت جيترو سوچجي ٿو ته قدرت جي هن نظام ۽ ڪاريگريءَ جي ڏاهپ ۽ حڪمت جون سوين ڳالهيون دماغ ۾ اچن ٿيون جيڪي اسان انسان ذات جي ڀلائيءَ خاطر آهن.

    * * *


    موالين جي دلپسند راند

    مون وٽ جيڪي ٻه ٽي سنڌي ۽ اڙدو اخبارون اچن ٿيون انهن سڀني ۾ ڪالهه خبر هئي ته چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ اسپورٽس ويِڪ (راندين جو هفتو ملهائڻ) دوران شاگردياڻين ليوڊو راند جو مقابلو ڪيو. هڪ اخبار ۾ ته ٽن ڪالمن جيڏي ويڪري تصوير به هئي جنهن ۾ ليوڊو راند جي بورڊ جي چوڌاري مقابلو ڪندڙ ڇوڪريون ويٺيون آهن ۽ هڪ پنهنجي ساري (گوٽ) ڍاري ۾ آيل انگن مطابق چوري رهي آهي.
    ڏسڻ وارا ٿي سگهي ٿو ٺري پيا هجن ته اسانجي ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ راندين جا مقابلا ٿي رهيا آهن. ٿي سگهي ٿو ته ڪن کي اها خبر پڙهي شرم به آيو هجي ته پڙهائيءَ کي ته هڻو کڏ ۾ پر اسانجو راندين ۾ به اهو معيار وڃي ٿيو آهي جو ليوڊو راند جو مقابلو پيو ٿئي! ليوڊو راند ته ڪا مقابلي جي راند ناهي. ليوڊو راند کان هر هڪ واقف هوندو ته ان ۾ ڪهڙي محنت يا عقل جي ڳالهه آهي جو کٽڻ واري کي واهه واهه چئجي. هڪ ٻار به ڍارو هڻي سگهي ٿو ۽ ڇڪي جي مٿين حصي وارا ٽٻڪا ـــ هڪ کان ڇهه جيترا گهر پنهنجي ساريءَ کي اڳتي ڌڪي سگهي ٿو. ليوڊو راند بدران اڃان به شطرنج (Chess) راند جو مقابلو هجي ته واهه واهه ڪجي. ڀلا شطرنج نه ته ڊرافٽ راند ئي سهي جنهن ۾ کيڏڻ واري کي ڪجهه ته عقل کان ڪم وٺڻو پوي ٿو ته آئون پنهنجي ڪهڙي سفيد ساريءَ سان ٻئي جون گهڻي کان گهڻيون ڪاريون ساريون ماريان. ۽ منهنجي هڪ مارڻ تي اڳلي لاءِ اهڙي راهه ته نه کلي ويندي جو هو ويتر منهنجيون ٻه ماري رکي. اهڙين راندين ۾ عقل ۽ پرئڪٽس جي سخت ضرورت ٿئي ٿي ۽ کٽڻ واري لاءِ واهه واهه ڪري سگهجي ٿي. باقي ليوڊو راند ته ليزي (سست) ۽ ڪاهل ماڻهن جي راند آهي جنهن ۾ نه عقل جي ضرورت نه پرئڪٽس جي ۽ نه پهلوانيءَ جي.
    مونکي ملائيشيا ڏي وڃڻ وارا شروع جا سال ٿا ياد اچن يعني 1960ع واري ڏهي جا جڏهن ملائيشيا ۽ سنگاپور گڏ ٿي وري ڌار ٿيا هئا ۽ هنن جو هر ڳالهه ۾ هڪ ٻئي سان مقابلو رهيو ٿي. سنگاپور ۾ ميجارٽي چينين جي آهي جيڪي تعليم توڙي راندين ۽ فنڪاريءَ ۾ هوشيار آهن. هوڏانهن ملئي ماڻهو جيڪي هاڻ مڙئي سڌري پيا آهن، شروع ۾ بيحد سست ۽ ڪاهل هئا. سنگاپور جي ماڻهن جو اڪثر باڊي بلڊنگ، ڊوڙڻ ۽ ترڻ جهڙن مقابلن ۾ نالو ايندو هو جن ۾ محنت، پورهيو ۽ پرئڪٽس ٿي کپي ۽ هيڏانهن ملائيشيا پاسي جا ماڻهو ان شوق ۾ ته سندن ملڪ جو نالو به گنيس بڪ ۾ اچي، ان لاءِ ڪڏهن ڪو ملئي ماڻهو ڪمري ۾ ڏهه کن نانگن سان گڏ ويهي پنهنجي واکاڻ پيو ڪرائيندو هو ته ڪڏهن ڪا ڇوڪري پنهنجي ڳل تي ڏنگ نڪتل چار کن وڇون ويهاري اخبار ۾ پئي فوٽو ڏياريندي ته ڏسو مون ڪمال ڪري ڇڏيو آهي منهنجو نالو به گنيس بڪ ۾ اچڻ کپي. سو اسان وٽ به آساني وارين شين ۾ حصو وٺي اسان سمجھون پيا ته وڏا کيپ پيا کٽيون. ان سان گڏ هڪ ٽيچر جي حيثيت ۾ والدين کي آئون اهائي نصيحت ڪندس ته ليوڊو جهڙين راندين ۾ پنهنجن ٻارن کي لڳائي هنن جو وقت ۽ تخليقپڻي (Creativity) کي ڇيهو نه رسايو. ”اکر ڀوري“ يا ”ليوڊو“ جهڙيون رانديون ته موالين جون رانديون سڏائين ٿيون جن جي کيڏڻ ۾ رڳو وقت جو زيان آهي. جهاز تي نوڪريءَ دوران جڏهن جهاز ڪنهن ملڪ جي بندرگاهه ۾ گهڙڻ لاءِ ان جي ائنڪريج تي اچي پنهنجي واري جو انتظار ڪندو هو ته اهي ٻه ٽي ڏينهن هر هڪ واندو هوندو هو جو انهن ڏينهن ۾ نه جهاز هلائڻ جي ڊيوٽي ٿئي ٿي ۽ نه بندرگاهه ڏي وڃڻ جي موڪل. وقت گذارڻ لاءِ جهاز جا آفيسر ۽ ڪجهه خلاصي ڪتاب پڙهن ته ڪجهه والي بال، برج ۽ شطرنج جهڙيون رانديون کيڏن. پر اهي جيڪي پنهنجي جسم سان گڏ ذهن کي به تڪليف ڏيڻ کان ڀڄن ٿا اهي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ليوڊو راند کيڏن. مونکي پهرين جهاز تي ئي هڪ پراڻي ڪليگ ٻڌايو ته اوچي قسم جا ”موالي“ ليوڊو جهڙي راند ۾ به محنت ۽ ٿڪ محسوس ڪن ٿا جو ڪير ذري ذري ڍارو هڻي ۽ پنهنجي ساريءَ کي ڇَڪي مطابق گهر ٽپائي. هنن هڪ ٻئي سان مقابلو ڪرڻ لاءِ ان کان به آسان راند ايجاد ڪئي آهي جنهن ۾ فقط هڪ آڌيلي (انهن ڏينهن ۾ اڌ رپئي جو الڳ سڪو هوندو هو جيڪو ”آڌيلو“ سڏبو هو) جي ضرورت آهي. هر هڪ پنهنجو آڌيلو ڪڍي اڳيان رکندو آهي ۽ پوءِ ويٺا پنڪيون کائيندا آهن جيسين ڪا مک اچي انهن رکيل آڌيلن مان هڪ تي وهي. جنهن جي آڌيلي تي مک ويٺي ان جا ٻئي آڌيلا ٿيا. صبح کان شام تائين مک جو انتظار ڪندي ڪا هڪ اڌ مک اتان ضرور اچي لانگھائو ٿيندي هئي ۽ ڪنهن خوش نصيب کي کٽائڻ لاءِ ان جي آڌيلي تي ويهي ٿڪ ڀڃندي هئي.


    ناريل جو پاڻي

    ڏکڻ هندوستان، سري لنڪا، بنگلاديش ، ملائيشيا ۽ ٿائلنڊ ناريلن جا ملڪ آهن جتي جي آب هوا ناريل جي پوک لاءِ بهتر آهي. اسان ننڍا هئاسين ته ٻڌندا هئاسين ته ناريل ۽ کوپري جو تيل (جيڪو ڏونگھين يعني ناريل کي سڪائي ان مان ڪڍيو وڃي ٿو) سلون کان ٿو اچي. اسانجي ننڍپڻ ۾ يعني اڄ کان سٺ ستر سال اڳ کاڌي ۾ ملاوت جهڙي ڳالهه عام نه هئي. ماڻهن ٿورو کاڌو ٿي پر نج کاڌو ٿي. کير ۾ ملاوت، حرام ۽ مردار جانورن جي گوشت جو وڪرو، گيهه جي نالي ۾ گريز ۽ مرچن مصالحن ۽ اٽي جهڙين شين ۾ سرن جو چورو، پپئي جا ٻج يا پاروٿين سڪل مانين جو اٽو مليل هجڻ جو ڪنهن نه ٻڌو هو. ماڻهن صبح جو فقط ڏڌ سان رُکي ماني کاڌي ٿي پر اها گهريچي گيهه ۾ پچائي وئي ٿي. کوپري جي تيل ۾ رڌ پچاءَ کي به خراب سمجهيو ويو ٿي ۽ اڪثر ٻڌبو هو ته غريب ماڻهو کوپري ۾ کاڌو رڌين ٿا. پر هاڻ ڏسو ته اهو کوپري جو تيل (Coconut Oil) به ڪيڏو مهانگو ٿي ويو آهي. غريب ته ڇا امير به استعمال نٿو ڪري. مونکي ياد آهي ته کوپري جو تيل دڪانن تي 20 سيري ڪنسترن ۾ ملندو هو ۽ هاڻ اهو تيل رڌ پچاءَ لاءِ ته نه پر دوا لاءِ استعمال ٿئي ٿو ۽ دوائن جي دڪانن يا سينگار جي سامان وارن دڪانن تي ننڍين بوتلن ۾ ملي ٿو.
    سياري جي موسم ۾ جڏهن چپ ڦٽي پون ٿا ته انهن کي کوپري جو تيل لڳايو وڃي ٿو. يعني اهو تيل جنهن کي نيچ سمجھيو ويو ٿي اهو هاڻ کائڻ بدران فقط چپ آلا ڪرڻ لاءِ وڃي رهيو آهي ۽ فقط ڪي وڏا ماڻهو کوپري جي تيل کي رڌ پچاءَ ۾ استعمال ڪن ٿا. آئون جتي پڙهيس يعني بنگلاديش ۽ جتي آخر ۾ نوڪري ڪيم يعني ملائيشِا اتي چوڌاري ناريل ئي ناريل نظرآيا ٿي. ملائيشيا ۾ ته بصر جي پوک نٿي ٿئي سو ٻوڙ جو بصر ۾ داڳ ڪرڻ بدران ان ۾ ناريل جو چُورو وڌو وڃي ٿو. توهان کي هر سيڌي جي دڪان تي ناريل جو چورو ڪندڙ مشين Coconut Desiccators نظر ايندي. چورو ڪري ڏيڻ وارو ڇوڪرو ناريل جا ٻه اڌ ڪري، ناريل جي کوپي ۾ چنبڙيل گودي (ناريل جي ٿلهي تهه) مٿان ان مشين جي ڪٽر کي هلائڻ سان ان جو چورو ڪري ٿو جنهن ۾ پاڻي ملائي رڌ پچاءَ ۾ استعمال ڪيو وڃي ٿو. سڄي ملائيشيا ۾ ان تازي ناريل جو استعمال ٿئي ٿو. ان کي تازو ناريل ان ڪري ٿو چوان جو ان تازي ناريل کي اس ۾ سڪائڻ سان ان ۾ ٻيو سواد اچي ٿو جنهن کي اسان سنڌيءَ ۾ ڏونگھي (کوپرو) سڏيون ٿا ۽ جنهن جي ڪاتر اسان وٽ مٺاين ۽ پانن ۾ وڌي وڃي ٿي. ملائيشيا جي ڳوٺن مان لنگهبو ته ڪيترن هنڌن تي رستي جي ٻنهي ڪنارن تي هزارن جي تعداد ۾ ناريل سڪندا نظر ايندا. هي اهي ناريل آهن جن جون ڦارون ڪري ڪراچي ۽ حيدآباد جي چوراهن تي ڇوڪرا وڪڻندا آهن. ان تازي ناريل ۾ کير جهڙي لذت ۽ خوشبو ٿئي ٿي. پر اهو ساڳيو ناريل جڏهن سڪي ٿو ته اهو ڊراءِ فروٽ ٿيو وڃي ۽ ان سڪل ناريل يعني ڏونگھيءَ جي ڪاتر خشڪ ميوي: پستن، بادامن ۽ اخروٽن واري دڪان تي وڪامي ٿي. ۽ جيئن بادامن کي نِپوڙي انهن مان تيل ڪڍيو وڃي ٿو تيئن سڪل ناريل کي نپوڙڻ سان ان مان به تيل نڪري ٿو.
    ناريل جو پاڻي پيئڻ لاءِ ان کي وڻ مان ڪچو پٽيو وڃي ٿو. ان ۾ موجود پاڻي دراصل طاقتور شيءِ آهي جو ان پاڻيءَ ۾ اهو کير آهي جيڪو وقت سان گڏ ناريل جي کوپي سان چنبڙي ناريل ٿو ٺاهي. ڪچي ناريل کي بنگاليءَ ۾ ”داٻ“ سڏجي ٿو. چٽگانگ ۽ ڍاڪا جي گهٽين ۾ ناريل وڪڻڻ وارا داٻ داٻ..... يا ناريڪل ناريڪل جا هوڪا ڏيندا آهن. بنگاليءَ ۾ ناريڪل معنيٰ ناريل جنهن جون ڦارون ٿالهه ۾ سجائي اسان وٽ به وڪرو ٿين ٿيون. ملائيشيا ۾ داٻ ـــ يعني کير واري ڪچي ناريل کي ”ڪليپا مُودا“ سڏين ٿا. ڪليپا معنيٰ ناريل ۽ مُودا معنيٰ ننڍو، جوان جيئن ملئي ٻوليءَ ۾ بادشاهه کي راجا سڏين ۽ شهزادي کي ”راجا مودا“.
    سو کير وارو پاڻي پيئڻ لاءِ ڪچو ناريل وٺڻ کپي جنهن ۾ ڊرل مشين سان يا ڏانٽي سان سوراخ ڪري اسٽرا ذريعي يا گلاس ۾ اونڌي ان کي پي سگهجي ٿو. ان کير جهڙي پاڻيءَ ۾ ڪيتريون ئي پروٽين ۽ وٽامن آهن. کير پيئڻ بعد ملائيشيا ۽ ٿائلنڊ پاسي ان ناريل کي وڏي ڪات سان ٻه اڌ ڪري ان ۾ پلاسٽڪ جو چمچو وجھي ڏيندا آهن ته جيئن ان جي اندرين ڀتين تي جيڪڏهن هلڪو ملائيءَ جو تهه (گودو) ڄمي چڪو آهي ته ان کي به روڙي کائي سگهجي. ڏينهن مٿان ڏينهن گذرڻ تي ناريل ۾ موجود کير جا ذرا چوڌاري ڀت سان چنبڙي گودي کي ٿلهو بنائين ٿا ۽ باقي جيڪو پاڻي بچي ٿو اهو بي سواد ۽ سادو پاڻي آهي. ناريل (گودو) ٺهڻ بعد ان پاڻيءَ ۾ اها ڪا به طاقت ناهي جيڪا ناريل ٺهڻ کان اڳ ان ۾ موجود ٿئي ٿي. مونکي به ان جو احساس تڏهن ٿيو جڏهن 1983ع يا 1984ع ۾ هڪ ڏينهن ملاڪا شهر جي سبزي منڊيءَ ۾ چڪر هڻي رهيو هوس ته اتي هڪ چينيءَ واڪ ڏئي پڪل ناريلن سان ڀريل ٽرڪ ورتي. هن انهن ناريلن کي سڪائي يعني ڏونگھيون ٺاهي ڊراءِ فروٽ يا تيل ڪڍڻ لاءِ استعمال ٿي ڪيو. هن اتي ئي ٽي چار مزدور لڳايا جيڪي ناريلن جي بَج (وار) پٽي، ٻه اڌ ڪري خريدار جي مزدا گاڏيءَ ۾ ڦٽا ڪري رهيا هئا. مون حيرت مان هڪ چينيءَ کان پڇيو ته ناريلن جو هي قيمتي پاڻي گڏ ڪرڻ بدران ايئن رستي تي ڇو پيا هاريو. ته هن مونکي سمجھايو ته هن پاڻيءَ ۾ ڪهڙو سواد، ڪهڙي طاقت. جيڪا طاقت واري شيءِ هئي ان جو ته ناريل ٺهي ويو. هن پاڻيءَ ۾ ته عام پاڻيءَ جهڙو به حال ناهي جو اهو هڪ قسم جو ڊسٽلڊ واٽر آهي جنهن جي پيئڻ سان ويتر پيٽ خراب ٿيندو. مون دل ۾ سوچيو ته ڳالهه ته واهه جي ٿو ڪري. ٻي عالمي جنگ تي لکيل ڪنهن ڪتاب ۾ پڙهيو هوم ته ڊسٽلڊ پاڻي جي غير موجودگي ۾ جپاني يا انگريز ڊاڪٽر پڪل ناريلن جو پاڻي دوا سان ملائي سيون هڻندا هئا. ياد رهي ته اڄ ڪلهه ڪنهن به مرض جي سئي Liquid فارم ۾ ملي ٿي پر جڏهن اسان ننڍا هئاسين ته دوا هميشه پائوڊر جي شڪل ۾ هوندي هئي جنهن سان گڏ پاڻيءَ جي شيشي الڳ وٺبي هئي. پاڻيءَ جي شيشيءَ مان ڊاڪٽر سئي ذريعي پاڻي ڪڍي پائوڊر واري شيشيءَ ۾ داخل ڪندو هو. پوءِ ان پاڻي ۽ پائوڊر کي ڪجهه لوڏا ڏئي پوءِ سئي ذريعي اهو مڪسچر ڪڍي مريض کي ٻانهن ۾ هڻندو هو.
    بهرحال ڳالهه جو مطلب اهو آهي ته ناريل جڏهن ڪچو آهي يعني اڃان گودو نه ٺهيو آهي ته ان ۾ موجود پاڻيءَ ۾ طاقت آهي ۽ اهو قيمتي آهي. ناريل پچڻ بعد يعني گودو ٿلهو ۽ سخت ٿيڻ کان پوءِ ان ۾ رهيل پاڻيءَ جي ڪا Value نٿي رهي.
    توهان ڪڏهن ناريل ڪتل سان مِلائي کاڌو آهي؟ بيحد لذيذ ٿئي ٿو. ننڍي هوندي اسانجي پڦي اسان کي ناريل سان گڏ ڪتل کي حمام دستي ۾ ڪٽي ڏيندي هئي. مونکي اڄ به ناريل سان گڏ ڪتل کائڻ وقت ننڍپڻ جا ڏينهن ياد ايندا آهن. ملائيشيا ۾ ناريل سو جام هئا پر اتي ڪٿان آئي ڪتل؟ ڇو جو ملائيشيا ۾ ته ٻارهوئي مينهن پون. خيرپور ۾ به جي ٻارهوئي مينهن پون ته سموري کجي غائب ٿي وڃي. ڪراچيءَ ۾ ناريل جيتوڻيڪ مهانگو ملي ٿو پر ڪتل به مليو وڃي. ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي ليکڪ دوست امر جليل سان ملڻ بعد واپسي تي دهلي ڪالونيءَ وٽان لنگهندو آهيان ته اهي ٻئي شيون اتان ملي وينديون آهن. ۽ هاڻ ڪيترا ڏينهن ٿي ويا هئا سنڌ جي هن عظيم ليکڪ امر جليل سان ملئي ۽ ناريل کاڌي. ڪالهه گِذري واري علائقي مان لنگهه ٿيو ته سعودي قونصل خاني وٽ هڪ ناريل وارو بيٺل نظر آيو. گاڏي بيهاري کانئس ناريلن جو اگهه پڇيم. هن هڪ ناريل جيڪو ڪجهه ڪرئڪ ٿيل هو يعني چيراٽيل هو مونکي ڏيکاريندي چيو: ”هن سائيز جا آهن. هرهڪ ڏيڍ سؤ جو آهي.“
    ”ڪچو اٿئي؟“ مون پڇيو.
    ”اڄ نه آهن پر اهو سؤ رپئي داڻو آهي.“ هن وراڻيو.
    ”ٺهيو اهو هن وقت نه کپيم باقي هن جو اگهه ته صحيح پيو ٻڌائين؟“ مون پڪ ڪئي.
    ”سائين توهان سان ڪوڙ ڪيئن ٿو ڳالهائي سگهان“. هن جنهن حجت سان چيو ان مان مونکي لڳو ته هن سان شايد منهنجي پهرين به ملاقات آهي.
    ”ڇا توکان پهرين به ناريل خريد ڪري چڪو آهيان ڇا؟“
    ”نه سائين“. هن وراڻيو.
    ”مونکي لڳو ته شايد تون مونکي سڃاڻين ٿو.“ مون چيو.
    ”ها سائين. توهان الطاف شيخ آهيو نه؟“ هن پڪ ڪئي.
    ”تون مونکي ڪيئن سڃاڻين؟“ مون حيرت مان پڇيو.
    ”آئون اڙدو اخبار امت ۾ توهان جو ڪالم هر هفتي پڙهندو آهيان.“
    اهو ٻڌي مونکي خوشي ٿي ته واه واه ڪي ته آهن جيڪي اسانجي لکڻين کي به پڙهن ٿا ۽ سڃاڻن ٿا. انهن پڙهندڙن ۾ ڊفينس سوسائٽي جي راحت مِلڪ ڪارنر وارا ٻه پنجابي ڀائر به آهن جن کان جڏهن ڌورو (دهي) وٺڻ ويندو آهيان ته مونکي مانُ ڏيڻ لاءِ ملائيءَ جو چمچو ڀري دهيءَ ۾ وجھندا آهن.
    مون ڏيڍ سؤ روپيا ڪڍي ناريل واري کي ڏنا ۽ ناريل گاڏيءَ جي پٺين سيٽ تي ٿي رکيو ته هن مونکان اهو ناريل واپس وٺڻ جي گُهرَ ڪري ٻيو ڏيڻ لاءِ چيو.
    ”ڇو؟ ڳالهه ساڳي آهي سڀ ناريل هڪ جيڏا ته آهن.“ مون چيومانس.
    ”ها سائين پر هن ناريل ۾ چير پوڻ ڪري ان جو پاڻي ته نڪري ويو آهي.“ هن چيو.
    ”هن پڪي ناريل جو پاڻي ڇا ڪبو. اهو ئي رهڻ ڏي.“ اهو چئي مون گاڏي ٿي اسٽارٽ ڪئي ته هن مونکي روڪيو ۽ 30 روپيا واپس ڪندي چيو ته اسان پاڻيءَ جا ٽيهه روپيا وٺندا آهيون جيڪو هن مان نڪري چڪو آهي.“
    مونکان کل نڪري وئي ۽ گاڏي بند ڪري پڇيومانس ته ماڻهو هن پڪل ناريل جو به پاڻي پيئندا آهن ڇا. ۽ کيس سمجھايم ته ڪچي ناريل جو پاڻي ٻي ڳالهه آهي هن پڪل ناريل جي پاڻيءَ جي ته ڪا Value ناهي.
    ”سائين آئون ته سمجھان ٿو پر گراهڪن سان ڪير مٿو هڻي. اسان کي به مفت ۾ 30 روپيا وڌيڪَ مليو وڃن.“


    ڪجهه رهيل ايس ايم ايس

    گذريل ڪتاب ”وسي وڏ ڦڙو“ ۾ موبائيل فون تي موڪليل Messages بابت لکيو اٿم.... انهن مان ڪجهه SMS جيڪي پاڪستان ۾ رهڻ دوران گڏ ڪيا هئم، ڏيڻ رهجي ويا. موبائيل فونن تي رکي رکي SMS ڪرڻ جهڙا ڪم اسان جي ملڪ ۾ ئي عام آهن... جِتي واندڪائي آهي... ٻين لفظن ۾ ماڻهو ڪنهن ڪرت ۾ يا ڪنهن ڪم جي شيءِ ۾ پاڻ کي رُڌل نٿا رکن.... ٻين ملڪن ۾ SMS ٻئي کي ڪا ڳالهه ياد ڏيارڻ لاءِ ڪبو آهي. پر اسان وٽ هر قسم جا SMS هلن ٿا.... دعائن ۽ نصيحتن کان وٺي چرچن ۽ شعرن تائين. پنهنجي گذريل مضمون جي مناسبت سان ڪجهه SMS نوٽ ڪيا هيم جيڪي سنڌي، اڙدو ۽ انگريزي ۾ آهن... ڪي Stylish ته اڌ اڙدو اڌ سنڌي ۾ به آهن... انهن سڀني کي هڪ زبان ۾ ترجمو ڪرڻ بدران پڙهندڙن جي دلچسپي لاءِ، خاص ڪري جيڪي ڌارين ملڪن ۾ رهن ٿا، ائين ئي لکان ٿو جيئن ميسيج مليل آهن:
    • چينيءَ چيو: اسان وٽ مڇيون ڊانس ڪن ٿيون.
    آمريڪن همراهه چيو: اسان وٽ ڪتا فٽ بال کيڏن ٿا.
    جپانيءَ چيو: اسانجا هاٿي سائيڪل هلائين ٿا.
    پاڪستانيءَ کلي چيو: اسانجا گڏهه حڪومت هلائين ٿا.

    • هڪ وڻ تي اُلو وهندا هُئا. هڪ ڏينهن ان وڻ کي وڍيو ويو. وڻ ڏاڍو خوش ٿيو ته چٻن مان جان ڇٽي. پر وڻ جي خوشي خاڪ ۾ ملي وئي. وڻ کي چيري ڦاڙي ان مان پارليامينٽ جون ڪرسيون ٺاهيون ويون. تاريخ شاهد آهي ته اڄ به انهن تي اُلو ئي وهن ٿا.

    • لڑکا اپنی گرل فرینڈ کو پھول دینے گیا تو دروازہ لڑکی کے ابو نے کھولا ۔ لڑکا ڈرتے ہوئے پھول اسے دے کر بولا: ”چاچا هن دفعي ووٽ مسلم ليگ فنڪشنل کي ڏجو. اسانجو نشان گل آهي. ڀيڄ پاڳارا“.

    • Don’t Weep my heart, my liver has exploded now, for whom you are crying, have already changed.
    شیکسپیئر نے نہیں کہا: جلال چانڈیو کا کلام ہے۔
    نه رو دلڙي، جيرا ڦٽجي پيا
    روئين ٿي جن لاءِ سي مٽجي ويا

    • اگر آپ کی بیوی آپ کا کہا نہیں مانتی تو۔۔۔۔۔
    تو۔۔۔۔۔
    اتنا دھیان سے نا پڑہیں۔۔۔۔!
    کسی کی بھی نہیں مانتی۔۔۔۔۔۔۔!
    اس پرچم کے سایہ تلے ہم ایک ہیں، ہم ایک ہیں۔

    • ایک بھنگ کے موالی کی آخری خواہش:
    جلا دینا یا دفنا دینا لیکن مرتے وقت مجھے ایک ”پیالا“ پلادینا،
    میں نہ جنت کا طلبگار ہوں نہ تاج محل کا یارو
    بس میری قبر پر ایک پودا بھنگ کا لگا دینا۔
    جيئي ڏنڊو ڪونڊو.

    • جو لوگ پسند کی شادی نہیں کرتے وہ عمر بھر روتے ہیں۔
    اور جو پسند کی شادی کرتے ہیں۔۔۔۔
    ٿيندي انهن سان به آ پر ٻڌائيندا ناهن.

    • پاکستان کی عورتوں کا ایریل پہ اعتماد۔
    میرے ہسبنڈ کو کھانے کی بالکل تمیز نہیں ہے ۔ جنگلی جانورں کی طرح کھانا، پھر ہاتھ بھی شرٹ سے صاف کرلینا۔
    ان کی ایک ہی شرٹ ہے، میں روز دھوکر سوتی تھی۔ ایک دن ان کے ایک دوست نے ان پر پان کی پیک تھوک دی۔ پہلے تو میں نے انکو کتے کی طرح مارا ۔ پھر میری امی نے Ariel کا کہا۔ اب میں ایریل ان کی پاکیٹ میں ہی ڈال دیتی ہوں۔ جہاں داگ لگے وہیں بیٹھ کر دھو لیتے ہیں۔ میں ہسبنڈ تو چھوڑ دوں گی لیکن Ariel نہیں۔۔۔۔۔
    • An Army unit had severe shortage of socks. One day the commander said, “Soldiers! There is a good news & a bad news. The good news is you are going to change your dirty old socks…. And the bad news is…. You are going to exchange them amongst each other.
    This is the same as Democracy in Pakistan: we keep on choosing the same rotten old leaders, they just keep on changing parties or positions…. The system remains constant.

    • هڪ ڪڪڙ گهرجي دريءَ تي ويهي ٻاهر جو به نظارو ڪري رهيو هو ته گهر اندر موجود مالڪ کي به ڏسي رهيو هو. مالڪ سخت بيمار ٿي لڳو. مالڪ جي زال هن جي ڀرسان اچي ويٺي ۽ چيو: توهانکي ته تمام گهڻو بخار ٿي پيو آهي.... آئون تنهنجي لاءِ چڪن سُوپ ٺاهڻ جو بندوبست ڪريان؟
    ڪڪڙ ڏڪندي دريءَ تان رڙ ڪئي:
    ”ڪميڻي! پهرين هڪ دفعو پئناڊال جي گوري به ته ڏئي ڏسينس.“

    • هڪ شخص مولوي صاحب کان پڇيو: ”جنگل ۾ نماز پڙهندي جيڪڏهن شينهن اچي وڃي ته ڇا نماز کي جاري رکان يا نه؟“
    مولوي صاحب: ”جي ها. ضرور جاري رک جيڪڏهن وضو قائم رهي ته.....

    • ڊاڪٽر هڪ ماڻهوءَ جي Memory واش ڪري ڇڏي ۽ هن کان پڇيو:
    ”ڪر خبر ڪجهه ياد آهي؟“
    ماڻهو: ”نه. ڪجهه به نه.... بس رڳو زال جو نالو ياد آهي.“
    ڊاڪٽر کلندي چيو: ”سڄي ڊاٽا Delete ٿي وئي پر وائرس نه وئي.“

    • هڪ پٺاڻ انڊيا ويو جِتي هڪ هندوءَ هن کان پڇيو:
    ”پاڪستان ۾ هندن ۽ ٻين ڪافرن کي به نوڪري ملي ٿي يا نه؟“
    پٺاڻ جواب ڏنس: ”جي ها! پاڪستان ۾ سڀ ڪافر واپڊا آهن.“


    ٽنڊو سومرو ــــ سنڌ جي بدامني ۽ بي چيني واري ماحول ۾ هڪ پُر سڪون ڳوٺ

    گذريل هفتي سنڌ جي هڪ پڙهيل ڳڙهيل ۽ ترقي پسند زميندار امداد علي خان نظاماڻيءَ (تمغه امتياز) مونکي سندس فارم (آثم ائگريڪلچر فارم) ۽ ڳوٺ (ٽنڊو سومرو) گهمڻ لاءِ دعوت ڏني. ڳوٺ ٽنڊو سومرو 50 ڪلوميٽر کن حيدرآباد جي اوڀر ۾، ٽنڊو الهيار ڀرسان آهي.
    هونءَ ته عام طرح سنڌ جا ڳوٺ ــــ منهنجو مطلب آهي اڄ جي ماڊرن دؤر جي سنڌ جا (موهن جي دڙي وارن ڏينهن جي سنڌ جي ڳالهه نٿا ڪريون) ڳوٺ توڙي شهر ڌوڙاٽيل، گند ڪچري سان ڀريل ۽ اڻ هائجينڪ ماحول وارا آهن. اسانجي سڄي سنڌ بنيادي سهولتن ۽ ضرورتن کان خالي لڳي پئي آهي. ٻيو ته ٺهيو، پيئڻ لاءِ صاف پاڻي يا ساهه کڻڻ لاءِ Pollution Free هوا به ميسر نه آهي. سنڌ جو ڪهڙو ڳوٺ آهي جتي هيپاٽائيٽس ۽ سلهه جهڙيون بيماريون نه آهن؟ مليريا ۽ ٽائيفائيڊ عام نه آهي! ڪيڏي ڏک جي ڳالهه آهي ته جتي اسان جي سنڌ جي ڳوٺن جو اخلاقي قدرن ۽ تعليم جو گراف ڪري رهيو آهي اتي ڏوهن جو وڌي رهيو آهي. ڪيترن ڏسڻن وائسڻن ۽ پڙهيل ڳڙهيل سيدن، پيرن، وڏيرن، وزيرن، سياستدانن جي ڳوٺن ۾ سندن نظر هيٺ چرس ۽ ڪچي شراب جو وڪرو عام پيو هلي ۽ اسانجو نوجوان طبقو ذهني توڙي جسماني طور بيمار ٿيندو وڃي. پوليس سڌارو آڻڻ بدران ڏوهارين جي ئي طرفداري ڪري ٿي جن کان هنن جي چار پئسا ڪمائي ٿئي ٿي.
    منهنجي خيال ۾ ته ڌارين ملڪن کان آيل سياحن کي اڄ ”موهن جو دڙو“ واري ڌرتي (يعني سنڌ جا ڳوٺ) ڏسي حيرت ٿيندي هوندي ته ڇا ڪو زمانو هو جڏهن موهن جو دڙو دنيا ۾ پلاننگ ۽ Sanitation سسٽم کان مشهور هو. اڄ جي سنگاپور وانگر تن ڏينهن ۾ ”موهن جو دڙو“ دنيا جو صاف ترين (Cleanest) شهر هو. پر هاءِ هاءِ! اسان جي سنڌ جي ڳوٺن توڙي شهرن جو اڄ جي ماڊرن دور ۾ ڇا ته حال آهي! پنجن سالن بعد پنهنجي ڳوٺ هالا ويس. هر گهٽي کڏا کوٻا هئي. ناليون Choke ۽ انساني ڪرفتي ۽ ڍڳين، مينهن جي ڇيڻ سان اٿليون ٿي. ٻئي ڏينهن بارش پئي ته سڄو گند رستن تي پکڙجي ويو. هالا ۾ رهڻ دوران ڪيترا ڏينهن آئون آفريڪا جي ڪنهن پٺتي پيل ملڪ جو سوچيندو رهيس جنهن جي ڳوٺن جو هي حال هجي. پر مونکي اهڙين گدلين ۽ غير هائجنڪ گهٽين وارو ڪو آفريڪي ملڪ ڌيان ۾ نه آيو. اهو ئي سبب آهي جو سنڌ جي ڳوٺن ۾ انيڪ بيماريون پيدا ٿي پيون آهن. سنڌ جي هر ڳوٺ جي سرڪاري اسڪولن جي ڊٺل عمارتن، ۽ دوائن ۽ ڊاڪٽرن جي کوٽ وارين اسپتالن جي خبرن سان اسانجيون اخبارون ڀريون پيون آهن. انڪروچ مينٽ (ناجائز قبضن) جي مصيبت ته ايترو وڌي وئي آهي جو ماڻهن لاءِ ڪنهن گهٽيءَ مان هلڻ مسئلو ٿي پيو آهي. دڪاندار پنهنجي سامان سان فٽ پاٿ ڀريو ويٺا آهن. نيڪ ۽ ايماندار ماڻهو به پنهنجي گهر جي مرمت وقت ”در جي ڌِڪي“ ۽ ”باٿ روم“ گهٽيءَ جي زمين تي قبضو ڪري ٺاهيو ويٺا آهن ۽ ٻيو دفعو جي مرمت تي اهو پٽ اڱڻ سان ملائي گهٽيءَ جي وڌيڪَ زمين چوري ڪئي وڃي ٿي. حالت اها آهي جو جن ڳوٺن جي گهٽين مان ويهارو سال اڳ ڪار لنگهي سگهي ٿي اڄ انهن مان جنازو گذارڻ ڏکيو ڪم ٿي پيو آهي. اهڙي Scenario (تناظر) ۾ ٽنڊو سومرو ڳوٺ هڪ حيرت انگيز تبديلي آهي. هي ڳوٺ سنڌ جي ڳوٺن کان بنهه مختلف آهي جنهن کي هن ڳوٺ جي پڙهيل ڳڙهيل نوجوان زميندارن: امداد علي خان نظاماڻي، دلبر خان نظاماڻي، اسانجي پيٽارو جي دوستن محمد ملوڪ ۽ محمد ملڪ نظاماڻي، نديم خان، اشفاق احمد ۽ ڊاڪٽر نصير نظاماڻيءَ جهڙن ”پنهنجي مدد پاڻ“ جي اصول تي ٺاهيو آهي. هن ڳوٺ (ٽنڊو سومرو) جي مثالي هجڻ جي واکاڻ آمريڪن ٽي وي چئنل CNN به ڪئي آهي _ سا به ڏهه سيڪنڊن جي خبر ذريعي نه پر ڏهن منٽن جي ڊاڪيومينٽري فلم رستي. منهنجي پڙهندڙن، خاص ڪري سنڌ جي ڳوٺن جي وڏيرن کي اها صلاح آهي ته وقت ۽ واندڪائي ملي ته هو هڪ دفعو هن ڳوٺ ٽنڊو سومرو ۽ ان جي وڏيري امداد خان نظاماڻي جي ٺاهيل مڪينائزڊ ۽ ڪمپيوٽرائيزڊ فارم ”آثم ائگريڪلچر فارم“ کي ضرور اچي ڏسن. هي ڳوٺ ۽ فارم ڏسڻ لاءِ ڏورانهن علائقن کان نه فقط پاڪستان جا شوقين زميندار اچن ٿا پر دنيا جي مختلف ملڪن جا ٽوئرسٽ ۽ ائگريڪلچر سان واسطو رکندڙ پروفيسر ۽ شاگرد ريسرچ ورڪ لاءِ پڻ اچن ٿا. منهنجي ٽن ڏينهن جي رهائش ۾ هڪ ڏينهن امداد جي والد صاحب انور خان نظاماڻيءَ سان ملاقات ۾ مون هنن کان پڇيو ته ”هي فارم ٺاهڻ ۾ ڪنهن جو هٿ آهي. توهانجو يا توهان جي پٽ امداد جو؟“ پاڻ وراڻيائين: ”مون ٺاهيو آهي ۽ امداد ان کي سينگاريو آهي.“
    ٽنڊو سومرو جو جيتوڻيڪ ڪو به ماڻهو سنڌ يا فيڊرل حڪومت ۾ وزير ناهي پر تنهن هوندي به هي ڳوٺ اسانجي وزير اعلائن جي ڳوٺن: خيرپور، نئون جتوئي، ٻيٽو جتوئي، لاڙڪاڻي ۽ سيوهڻ کان به وڌيڪَ بهتر ۽ صاف سٿرو آهي. سنڌ جو هي ئي هڪڙو ڳوٺ آهي جنهن جي هر گهٽي سيمنٽ ٿيل (Paved) آهي. گهٽيءَ مان لنگهندڙ هر ناليءَ مٿان لوهي ڄاري (Grill) لڳل آهي. يعني هر گهٽيءَ مان توهان اکيون پوري لنگهي سگهو ٿا. ڪنهن به گهٽيءَ ۾، ڪنهن به گهر يا دڪان اڳيان ان جي مالڪ طرفان تجاوزات يعني انڪروچ مينٽ ٿيل نه آهي. ان ڪري توهان جي ڪار هر گهٽيءَ مان آسانيءَ سان لنگهي سگهي ٿي. بلڪه هاڻ جيڪي نوان گهر ٺهي رهيا آهن يا جيڪي پراڻا گهر ڊاهي نوان ٺهرائي رهيا آهن انهن کي گهٽيءَ جي زمين کائڻ بدران فٽ ٻه پنهنجي گهر جي زمين گهٽيءَ کي ڏيڻ لاءِ چيو ويو آهي _ جيئن ڳوٺ جون گهٽيون اڃان به ويڪريون ٿين. ڪچري لاءِ هر گهٽيءَ جي ڪنڊ ۾ بالٽي رکيل آهي. ڪچري لاءِ اهڙيون سهڻيون بالٽيون بنا ڪنهن ”هٿ ڪڙيءَ“ جي ڏسي حيرت ٿي جو اسان وٽ چوريءَ جو ايڏو مرض آهي جو مسجدن جي Toilets ۾ خصيص جست يا پلاسٽڪ جا لوٽا به زنجيرن ۾ ٻڌل رهن ٿا.
    ٽنڊوسومرو جي هڪ سيڌي جي دڪان جي مالڪ جهانزيب نظاماڻيءَ کان پڇيم ته کانئس ڪنهن سياسي جماعت جو نمائندو، شاگرد يونين جو داداگير يا محلي جو ڪو غنڊو، لوفر زوريءَ چندو به وٺڻ اچي يا نه؟
    ”سائين بنهه نه“. هن وراڻيو.
    ”ڀلا ڪو پوليس وارو چانهه پاڻيءَ جي گُهرَ ڪري؟“
    ”هرگز نه. اها ئي ته هن ڳوٺ جي خوبي آهي ته اسان سڀ سڪون ۾ زندگي گذاريون ٿا. پورهيت جيڪا مزدوري ڪمائي ٿو اها سموري هن جي ئي ٿئي ٿي.“
    ”ڀلا ڪا ڦُر يا کاٽ لڳي؟“ مون پڇيو.
    ”اها به پِٽ اسان جي ڳوٺ ۾ ناهي. آخري چوري چار سال اڳ ٿي هئي جنهن ۾ هڪ ٻار ٻئي جو موبائيل فون لڪايو هو.“
    مونکي 1974ع جو جپان جو هڪ ڳوٺ ”اوڪي ياما“ ياد اچي ويو جتي ڪراچي جي تبليغ جماعت وارا اسلام تي ليڪچر ڏيڻ آيا هئا. منهنجو جهاز ٽوڪيو جي بندرگاهه ۾ هو سو آئون ۽ انهن ڏينهن ۾ پاڪستان ايمبسيءَ ۾ ڪم ڪندڙ ظفر شيخ (جيڪو بعد ۾ جرمني، مصر، سوڊان ۽ بنگلاديش جهڙن ملڪن جو سفير ٿي هاڻ رٽائرڊ ٿيو آهي) پڻ اهو واعظ ٻڌڻ لاءِ هليو. بلڪه ظفر شيخ سٺي جپاني ڄاڻڻ ڪري مترجم جي خذمت سرانجام ڏني. اسانجي ملڪ کان آيل مولوي صاحب ان تي ليڪچر ڏيندو رهيو ته چوري اسلام ۾ وڏو ڏوهه آهي. چوري يعني بنا اجازت جي پرائي شيءِ نه کڻجي، وغيره. اسان ڏٺو ته واعظ ٻڌڻ لاءِ گڏ ٿيل ڳوٺاڻا ذري برابر به متاثر نه ٿيا. اها ٻي ڳالهه آهي ته مولوي صاحب کي به بعد ۾ خيال آيو ته ان ٽاپڪ بدران وحدانيت يا مرڻ بعد جي زندگيءَ تي ڏجي ها. بعد ۾ اسان جڏهن ڳوٺاڻن کان پڇيو ته هنن کي ليڪچر ڪيئن لڳو ته هنن کلي چيو ته ”اسان جپانين ۾ چوريءَ جي عادت ڪٿي آهي؟“ ان ڳوٺ جي اسڪول جي هيڊ ماستر چيو ته: ”هن ڳوٺ ۾ جيڪا چوريءَ جي آخر واردات ٿي هئي اها 40 سال اڳ ٿي هئي جڏهن آئون اسڪول ۾ پڙهندو هوس ته هڪ ڪورين اميگرنٽ (مهاجر) دڪان مان شيءِ چورائي هئي“.
    بهرحال خوشيءَ جي ڳالهه آهي ته سنڌ جو گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڳوٺ ٽنڊو سومرو اهڙو آهي جيڪو ڏوهن کان پاڪ آهي .... جتي ماڻهو اغوا ۽ ڦر جي ڊپ کان شام جو ئي پنهنجي گهرن ۾ قيد نٿا ٿين .... هو رات جو ڏهين يارهين تائين به گهمندا ڦرندا رهن ٿا.
    ٽندو سومرو کان ميل ڏيڍ جي فاصلي تي آثم فروٽ فارم آهي جتي هر رات امداد ڳوٺ جا مختلف ماڻهو ڊنر تي گهرايا ٿي. موڪلائڻ مهل رات جا ٻارهن ٿي ويا ٿي، پر مون ڏٺو ته آيل مهمان ڏاڍي سڪون سان پيدل، سائيڪلن تي يا ڪارن ۾ پنهنجي گهرن ڏي روانا ٿي ويا ٿي. مونکي ملائيشيا جا ڏينهن ياد اچي ويا جتي رات جو جنگلن مان به بنا خوف ۽ خطري جي هڪ شهر کان ٻئي شهر پيو وڃبو هو.
    توهان ڪيترين ئي ڪهاڻين ۾ اهڙن ڳوٺن جو ٻڌو هوندو جنهن جي چوڌاري ڀت اڏيل هوندي هئي ۽ رات جي وقت داخلا جا دروازا بند ڪيا ويا ٿي. مون به ڪافي پڙهيو آهي ۽ مصر، بغداد پاسي ڪجهه آڳاٽن ڳوٺن بابت جيڪي هاڻ کنڊهر ٿي چڪا آهن، ٻڌو ته انهن ڳوٺن جي چوڌاري ديوار هئي. پر هاڻ اها مونکي ڪٿي به نظر نه آئي. توهان به مون وانگر سوچيندا هوندا ته اها ڀت ڪيڏي وڏي ٿي سگهي ٿي .... وڌ ۾ وڌ گهر جي ڀتين جيڏي جيڪا ٽپڻ ڪو مشڪل ڪم نه آهي. پر صحيح معنيٰ ۾ توهان اهڙي ڀت ڏسڻ چاهيو ٿا ته پوءِ ته واقعي ٽنڊو سومرو مان چڪر ڏئي وڃو. مون به زندگيءَ ۾ هي پهريون ڳوٺ ڏٺو جنهن جي چوڌاري سيمنٽ جي ڀت آهي. اها چار پنج فٽ نه پر ڏهاڪو فٽ اوچي ٿيندي ۽ ماڻهن ۽ گاڏين لاءِ اچڻ وڃڻ لاءِ به وڏا ۽ ڳرا لوهي دروازا آهن جن جي مٿان گارڊ روم آهي. جتي ۽ هيٺ روڊ تي سپاهي ۽ پرائيويٽ گارڊ ڊيوٽي ڏين ٿا. ٻئي ڏينهن خرچ پکي جو معلوم ڪيم ته خبر پيئي ته ڳوٺ جي چوڌاري ٺهيل ان مضبوط ڀت تي ڪروڙ کان مٿي خرچ اچي ويو آهي. پرائيويٽ گارڊ جيڪي ٻن يا ٽن شفٽن ۾ چوويهه ئي ڪلاڪ ڊيوٽي ڪن ٿا انهن جون ساليانيون پگهارون ئي لکن ۾ ٿين ٿيون.
    ”پوءِ ڀلا ڳوٺ جا ماڻهو ايترو چندو ڏين؟“ مون امداد کان پڇيو.
    ”اسان فقط زميندارن کان وٺون ٿا سو به هنن جي مرضيءَ مطابق. اسان جي ڳوٺ جا زميندار پڙهيل ڳڙهيل ۽ سلجھيل طبيعت جا آهن. هو سمجھن ٿا ته سُڪونَ ۽ سلامتيءَ لاءِ سيڪيورٽي ضروري آهي. هر هڪ پنهنجي مرضيءَ سان ۽ حيثيت آهر لک، ٻه يا ٽي، چار چندو ڏئي ٿو ۽ اسان جي ڪميٽي ٺاهيل آهي جيڪا ڳوٺ تي ٿيل خرچ جو حساب ڪتاب رکي ٿي جيئن ڪنهن کي به شڪ نه رهي ته هن جو پئسو ضايع ٿي رهيو آهي.“ امداد ٻڌايو. امداد جو فروٽ فارم ٽنڊو سومرو سان گڏيو پيو آهي. اتي جي ٺهيل پڪي رستي لاءِ اسان جي پيٽارو جي دوست ملوڪ نظاماڻيءَ به ٻڌايو ته هن رستي تي ڏهه لک رپيا خرچ آيو ته اهو امداد پنهنجي کيسي مان ڏنو.
    هِن ڳوٺ جي هڪ ٻئي رهاڪو نواز علي نظاماڻيءَ ٻڌايو ته هن سال کان اسان سڄي ڳوٺ جي ماڻهن کي چيو آهي ته ڳوٺ جي بهتري لاءِ هنن مان به ڪو ڪجهه ڏيڻ چاهي ته ڀلي سؤ رپيا ئي سهي، ڏئي سگهي ٿو. اهو ان ڪري ته جيئن هڪ دوڪاندار هاري، مزور کان ڏهاڙي تي ڪمائيندڙ پورهيت کان وٺي ننڍي دڪاندار کي اهو احساس ٿئي ته هن ڳوٺ ۾ هن جو به حصو آهي.
    ڳوٺ جي هاءِ اسڪول جي هڪ ٽيچر صلاح الدين نظاماڻيءَ لاجيڪل ڳالهه ڪئي ته ٻين ڳوٺن ۾ مڇرن کي ڀڄائڻ لاءِ گهر ۾ جيڪا روز چرخي ٻاري وڃي ٿي ان جو حساب لڳايو وڃي ته مهيني ۾ اهو به سؤ روپين کان مٿي ٿيو وڃي.
    ”ڇا مطلب؟ توهان وٽ بنا چرخيءَ جي مڇر ڀڄيو وڃن ڇا؟“ مون حيرت مان پڇيو.
    ”سائين اسان جي ڳوٺ ۾ مڇر آهن ئي ڪونه.“ صلاح الدين چيو.
    ملائيشيا ۾ هوندو هوس ته اتي جا ماڻهو چوندا هئا ”سائين مڇرن کان نه گھٻرايو. توهان کي مليريا ڪڏهن به نه ٿيندي. مڇر ضرور آهن پر هنن جي پيٽ ۾ مليريا جو جراثيم نه آهي. اسانجي ملڪ ۾ مليريا، ٽائفائيڊ، پوليو جهڙيون بيماريون ختم ٿي چڪيون آهن.“ بهرحال ٽنڊو سومرو ۾ مڇر نه آهن اهو ڀلا ڪيئن؟ مون صلاح الدين کان پڇيو.
    ”سائين ان ڪري جو سڄي ڳوٺ ۾ صفائي هجڻ کان علاوه مهيني ۾ ٻه دفعا مڇر مار دوائن جو ڦوهارو به ڪيو وڃي ٿو سو مڇر يا جيت هن ڳوٺ کان پري ڀڄن ٿا.“
    ڪراچيءَ ۾ جنهن پاش علائقي ڊفينس سوسائٽيءَ ۾ رهان ٿو اتي به جيت مار دوا جو ڦوهارو ڪيو وڃي ٿو پر سال ۾ فقط هڪ دفعو ۽ توهان کي هر ٻي گهٽيءَ جو گٽر اٿلندو نظر ايندو. ڪيترن گٽرن جا ته ڍڪ غائب ملندا. هر گهٽيءَ ۾ ڪنهن ڪنڊ پاسي ۾ هفتي جو گڏ ٿيل ڪچرو نظر ايندو جنهن تي مرضيل ۽ معذور ڪتا، ٻلا ۽ ڊزن کن ڪانگ ويٺا هوندا. ان خيال کان ٽنڊو سومرو جي گهٽين ۾ نه اڀامندڙ گٽر آهن ۽ نه گند ڪچرو! ٽنڊو سومرو جي گرلس اسڪول جي هيڊ ماستر سائين جميل احمد نظاماڻيءَ گهٽين جي صاف هجڻ جو اهو راز ٻڌايو ته: ”هڪ ته گهٽيون صاف ڪرڻ وارا خاڪروب سفارشي نه آهن. هو ايمانداريءَ سان روزانو هر گهٽي صاف ڪن ٿا ۽ ٻيو ته اسان پنهنجن ٻارن کي اهو سيکاري ڇڏيو آهي ته ڪِن ڪچرو جتي ڪٿي گهٽيءَ ۾ اڇلڻ بدران ڪنڊ ۾ رکيل ڪچري جي دٻي ۾ وجھو ڇو جو هر ڳوٺ ۾ نالين ۽ گٽرن جي چوڪ ٿيڻ جو وڏو سبب پلاسٽڪ جون ٿيلهيون آهن.“
    منهنجي خيال ۾ جميل صاحب جي ان ڳالهه ۾ وزن آهي. اهوئي سبب آهي جو دنيا جي هر سڌريل ملڪ ۾ هاڻ پلاسٽڪ جي ٿيلهين بدران وري ساڳيا پني جا خاڪي لفافا استعمال ٿي رهيا آهن جيڪي گٽرن ۾ وڃڻ تي ان کي چوڪ ڪرڻ بدران ڳريو وڃن. ڳوٺ جي وڏيري امداد خان نظاماڻي ٻڌايو ته هو ڪوشش ڪري ماڻهن ۽ ٻارن کي سٺين ڳالهين ڏي رجوع ڪن ٿا. گهٽين ۾ ڪرڪيٽ يا اِٽي ڏڪر کيڏڻ بدران ٻارن ۽ وڏن جي راندين لاءِ تمام وڏو ميدان مهيا ڪيو ويو آهي جتي سڄي ڳوٺ جا ماڻهو اچيو گڏ ٿين ۽ تازه توانا ٿين.
    امداد جي اها فلاسافي آهي ته ”ڳوٺ جا ماڻهو جيترو ڊسيپلينڊ رهندا اوترو انهن کي فائدو ٿيندو“ يعني جيڏو قائدو اوڏو فائدو. سچ اهو آهي ته ان ئي اصول تي سنگاپور جي وڪيل وزير اعظم ”لي ڪئان يو“ سنگاپور کي ٺاهي ڇڏيو ۽ سنگاپور جو اڄ ننڍو وڏو انهن اصولن تي عمل ڪري ٿو ته ايتريقدر جو سنگاپور ۾ رهائش واري علائقي ۾ ڪار جو هارن وڄائڻ تي به منع آهي.... رستي تي پني ڀور به ڦٽو ڪرڻو ناهي.... ٽرين يا بس ۾ ڪا شيءِ کائڻي ناهي..... پنهنجي گهر ۾ ٽي وي يا ريڊيو جو آواز وڏو ڪرڻو ناهي.... هر ٻار کي روزانو اسڪول وڃڻو آهي..... وغيره وغيره.
    ٽنڊو سومرو ۾ رهندڙ مختلف ذاتين جي رهندڙن کان مون جڏهن سندن ڳوٺ بابت پڇيو ته هنن پسنديدگي ۽ مطئمن هجڻ جو اظهار ڪيو ته هو خوشنصيب آهن جو هن ڳوٺ ۾ رهن ٿا جتي جا وڏيرا ۽ زميندار پڙهيل ڳڙهيل ۽ اخلاق وارا آهن ۽ هو ڳوٺ ۾ رهندڙ غريبن جو به خيال ڪن ٿا. ان ڳالهه جو احساس سندن چهرن مان به صاف بکي ٿو ۽ مون جهڙو هڪ ڌاريون مهمان يڪدم محسوس ڪريو وٺي ته اڄ جي نفسا نفسي واري دؤر ۾ ٽنڊو سومرو جا ماڻهو پُرسُڪون زندگي گذارين ٿا. نه زميندار وڏيرو نه پوليس آفيسر يا ڪو ڪامورو هنن جي زندگي زهر ڪري ٿو. هر هڪ ايمانداريءَ سان پورهيو ڪري شام جو ٻچن وٽ پهچيو وڃي.
    ٽنڊو سومرو جي مارڪيٽ مان لنگهندي هڪ باربر شاپ ۾ گهڙيس. شبير عمراڻي نالي حجام ٻڌايو ته هن جو اصل ڳوٺ شهدادپور (يا شايد ٽنڊو آدم ٻڌائين) پاسي آهي. اٺ ڏهه سال ٿيا جو هو پنهنجي هڪ دوست جي سڏائڻ تي ڪجهه ڏينهن لاءِ هن سان گڏ ڪم ڪرڻ لاءِ هتي آيو. ”پوءِ مونکي هي ڳوٺ اهڙو وڻي ويو جو هاڻ هميشه لاءِ هتي جو ٿي ويو آهيان.“
    ”ڀلا توکي يا تنهنجي ڪنهن دوست کي دبئي وڃي ڪمائڻ جو شوق نٿو ٿئي؟ ”مون پڇيو مانس.
    ”سائين اسان لاءِ ٽنڊو سومرو به دبئي آهي. ڪير پيو عربن وٽ ذليل ٿئي. اتي جي چار پئسا وڌيڪ ملن ٿا ته مهانگائي به ڪيتري آهي. اتي ماڻهو پئسو بچائڻ جي چڪر ۾ اڌ بک اڌ ڍءَ تي رهي ٿو.... ٻارن ٻچن کان پري اڪيلي سر رهي ماڻهو چريو ٿيو پوي..... ان کان علاوه دبئيءَ ۾ موسم ڪيڏي خراب آهي. هتي چوڌاري وڻ وڻڪار هجڻ ڪري اونهاري ۾ به سک جي زندگي آهي. اسان جي ڳوٺ جي اسڪولن ۾ پڙهائيءَ جو ايڏو سٺو معيار آهي جو اسان جا ٻار سٺي تعليم حاصل ڪري رهيا آهن. اسڪول ويجھا ۽ امن امان جي سٺي حالت هجڻ ڪري ڇوڪرا توڙي ڇوڪريون پاڻهي اسڪول وڃن ۽ گهرن ڏي موٽن. اهڙو سک ته حيدرآباد يا ڪراچي جي رهواسين کي به نه آهي. ان کان علاوه هتي اسان کي ڀاڄي ڀتي، ميوو _ ويندي کير سستو ۽ نج ملي ٿو.“
    ”بلڪل صحيح ٿو چوين.“ مون چيومانس، ”دبئي ۾ ڏهه کان ٻارهن ڪلاڪ سخت پورهيو ڪرڻ، عرب ڪفيل کي هر ڳالهه لاءِ ڏوڪڙ ڏيڻ، ان کان علاوه اڄ ڪلهه رهائش جي ڳري مسواڙ ۽ مهانگي کاڌي پيتي پٺيان ايترو خرچ ٿيو وڃي جو هڪ پورهيت کي باقي بچي ئي ڇا ٿو جو وطن کڻي موٽي“.
    ٽنڊو سومرو جي بئائز اسڪول توڙي گرلس اسڪول ۾ پڻ ويس. ڪلاس روم ٻارن سان ڀريل ۽ هر ڪلاس ۾ مِسن (ٽيچرس) کي پڙهائيندو ڏسي ڏاڍي خوشي ٿي. ڪجهه سال اڳ منهنجي هڪ وزير دوست سندس ڳوٺ جو ڪاليج گهمڻ ۽ ٻارن کي محنت ڪري پڙهڻ جي نصيحت ڪرڻ لاءِ مونکي چيو. مون چيومانس ته آئون سڀاڻي ئي ٿو وڃان. گهر پهتس ته ان شهر جي ڊپٽي ڪمشنر جو فون آيو ته ”وزير صاحب ٻڌايو آهي ته توهان سڀاڻي پيا اچو. سائين اچو ڀلي پر هفتو کن رکي پوءِ اچو.“
    ”ڇو ڀلا؟“ مون حيرت مان پڇيو.
    ”ان ڪري ته جيئن اسان شاگردن کي اطلاع ڪري سگهون ۽ حاضري ٿي سگهي جو اڄ ڪلهه اسان جي اسڪولن، ڪاليجن ۾ تمام گهٽ، نه برابر شاگرد ۽ ٽيچر اچن ٿا.“
    ”ٺهيو“، مون دل ۾ سوچيو، ”چئبو ته تعليم کاتي جي وزيرن جي شهرن ۾ به اهو حال لڳو پيو آهي. رڳو ملمعڪاري (Cosmeticology) تي ڪم پيو هلي .... چي: اسان جي ڳوٺ ۾ تعليم تمام گهڻي آهي .... پر اهو ڏسي افسوس ٿئي ٿو ته اسڪولن جي ڪيترن ڪلاسن ۾ ٻار پيا گوڙ ڪن .... پڙهائڻ واريون مِسون لڀن ڪون .... اهي رڳو پهرين تاريخ پگهار وٺڻ اچن جنهن جو هڪ حصو، رشوت خاطر مٿي پهچائين. سنڌ جي اسڪولن جي اهڙي تباهه حال منظر نامي ۾ مون کي حيرت ٿي جڏهن سنڌ جي هن ٻهراڙي واري ڳوٺ ٽنڊو سومرو جي اسڪولن ۾ ٻارن جي Maximum حاضري ۽ هر ڪلاس ۾ مِسن کي موجود ڏٺم. ڪن ڪلاسن ۾ ته هڪ بدران ٻه مِسون به هيون _ جن بابت اسڪول جي هيڊماسترياڻيءَ آپا شڪيله نظاماڻيءَ _ جيڪا اسانجي پيٽارو جي مرحوم انگريز پرنسپال ڪرنل ڪومبس وانگر سخت ڊسيپلينري ٿي لڳي تنهن ٻڌايو ته ٽنڊو سومرو جون ڪيتريون پڙهيل گرئجوئيٽ ڇوڪريون يا گهرو عورتون واندڪائيءَ ۾ رضاڪارانه طور ٻارن کي پڙهائڻ لاءِ اچن ٿيون.
    ”اهو ته ڏاڍو سٺو. هتي جا ٻار خوش نصيب چئبا جن جو هڪ ڏينهن به ضايع نٿو وڃي ۽ توهان سڀني کي شاباس هجي جو ٻارن جي تعليم جو فڪر ڪريو ٿيون.“ مون چيو.
    ”سائين! اهو اسان تي فرض آهي. هي سڀ ٻار اسان جي ئي ڳوٺ جا آهن جن کي جيتري قدر ٿي سگهي اسان کي سٺي تعليم ۽ تربيت ڏيڻ کپي.“ مئڊم شڪيلا چيو. پاڻ 1984ع کان وٺي هن اسڪول سان وابسته آهي. سندس تعلق سنڌ جي هڪ تعليمي گهراڻي سان آهي. سندس والد صاحب مرحوم عبدالحليم نظاماڻيءَ ’ٽريننگ ڪاليج فار مين، حيدرآباد‘ ۾ پڙهايو ۽ مئڊم شڪيلا جو وڏو ڀاءُ عبدالعزيز نظاماڻي جيڪو هينئر رٽائرمينٽ تي آهي پڻ پڙهائڻ جو ڪم ڪيو. ٽنڊي سومري جهڙي ننڍي ڳوٺ جي حساب سان هي ’پرائمري گرلس اسڪول‘ ڪافي وڏو چئي سگهجي ٿو جو هن ۾ 500 ٻار پڙهن ٿا ۽ ايترا ئي ٻار ’گورنمينٽ گرلس هاءِ اسڪول‘ ۾ مئٽرڪ تائين پڙهن ٿا. هتي جي اسڪولن جي اها خوبي قابلِ داد آهي ته جيتوڻيڪ هي سرڪاري اسڪول آهن جن جهڙن اسڪولن ۾ سنڌ جي ٻين ڳوٺن ۾ پڙهائي ۽ استادن جي حاضري نه هجڻ ڪري پئسي وارا مائٽ پنهنجن ٻارن کي پرائيوٽ ۽ مهانگن اسڪولن ۾ موڪلين ٿا پر ٽنڊي سومري جي سرڪاري گرلس توڙي بئائز اسڪولن جي شاگردن سان مون جڏهن ڳالهايو ته انهن ۾ مونکي ڳوٺ جي سڀني ذاتين جا ٻار نظر آيا. زميندار ۽ سرڪاري ڪامورن نظاماڻين، شاهن ۽ خاصخيلين جا به ته واپاري، پورهيت ۽ مختلف ڌنڌو ڌاڙي ڪندر کٽين، مير جتن، داين، ڀين، ماڇين، ڀيلن ۽ مينگھواڙن جا به ٻار مليا. مون سان گڏ ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو جي محمد ملوڪ نظاماڻيءَ ٻڌايو ته سڏ پنڌ تي ٽنڊو الهيار ۾ جيتوڻيڪ سٽي اسڪول، بحريا، بي ويو ۽ ايڊيوڪيٽر جهڙا ناليرا اسڪول موجود آهن پر اسان پنهنجا ٻار ڇو موڪليون جڏهن هنن کي هتي گهر اڳيان سرڪاري اسڪولن ۾ به ان معيار جي تعليم مليو وڃي ٿي. اسان جي ڳوٺ جا ماستر بيحد محنتي، ايماندار ۽ Devoted آهن.
    ولايت ۾ اها چوڻي مشهور آهي ته شهرن جو پاڻي (آب) سٺو ۽ ڳوٺن جي هوا. پر اسانجي ڳوٺن ۾ نه پيئڻ جو پاڻي صاف ملي ٿو نه هوا. هوا ۾ دونهون، دز، جراثيم تمام گهڻا آهن مطلب ته سخت پالوشن آهي. ڪيترن ڳوٺن ۾ انڊر گرائونڊ پاڻيءَ جي به کوٽ آهي. پمپ هلائڻ تي پاڻيءَ سان گڏ ريتي به اچي ٿي ۽ سنڌ جي ڪيترن ڳوٺن ۾ اهڙو پاڻي پيئڻ ڪري وڏن توڙي ٻارن جي بُڪين (Kidneys) ۾ پٿريون ٿي پيون آهن. ڪراچي جي ڪڊني سينٽر يا SIUT ۾ ڊاڪٽر اديب رضويءَ وٽ وڃي ڏسو ته سڀ کان گهڻا مريض سنڌ جي ٻهراڙي جا آهن. اسانجو نوجوان توڙي ريٽائرڊ ڪامورو هڪ دفعو ڳوٺ مان نڪري ٿو ته وري موٽڻ تي سندس دل نٿي چوي. جيتوڻيڪ شهرن ۾ به امن امان جي حالت خراب آهي پر ڳوٺن ۾ ته ان کان به بد آهي ۽ بنيادي سهولتن جي کوٽ کان علاوه اسان جي ڳوٺن ۾ ڏوهن جو انگ وڌندو وڃي ان کان علاوه انٽرنيٽ ۽ موبائيل فونن جي منفي پهلوءَ بد اخلاقي وڌائي ڇڏي آهي.
    اسان جڏهن ننڍا هئاسين.... يعني اڄ کان سٺ ستر سال اڳ.... ڳوٺن جو Image ٻيو هو. هر سرڪاري ڪامورو اها ئي خواهش ڪندو هو ته رٽائرڊ ٿيڻ بعد پنهنجي ڳوٺ ۾ موٽي ايندس ۽ سُڪون جي زندگي گذاريندس. ڇو جو ان وقت اسان جا ڳوٺ صاف سٿرا ۽ سبز ساوا هئا. هر شيءِ نج ملي ٿي.... ماڻهو نيڪ ۽ ايماندار هئا. ڪوڙ ۽ خراب ڳالهين کي ننديو ويو ٿي. ٻيڙي ڇڪڻ کي به عيب ۽ علت سمجھيو ويو ٿي..... پر هاڻ هر ڳوٺ جي نوجوانن جو وڏو حصو ڪچو شراب ۽ چرس پي فخر محسوس ڪري ٿو. هر ڳوٺ ۾ انڪروچ مينٽ ۽ گند جا ڍير ۽ پسٽنن جي گسيل رنگس واريون موٽر سائيڪلون ۽ رڪشائون فضا ۾ ڪارو (ڪاربان مونو آڪسائيڊ وارو) دونهون پکيڙي ماڻهن کي بيمار ڪري رهيون آهن. پر هتي ٽنڊي سومري ۾ گذاريل ٽي چار ڏينهن آئون اهو ئي سوچيندو رهيس ته امن امان، وڻ وڻڪار ۽ صفائي سٺائيءَ ۾ ٽنڊو سومرو ملائيشيا جو ڳوٺ ٿو لڳي جتي ملئي ماڻهو رٽائرڊ زندگي گذاريندي فخر محسوس ڪن ٿا. ٽنڊو سومرو ئي سنڌ جو هڪ ڳوٺ آهي جنهن ۾ رهڻ لاءِ منهنجي ۽ هر سنڌيءَ جي دل چوي ٿي. هاڻ ته آئون ٻاهتر ٽيهتر سالن جو اچي ٿيو آهيان يعني قبر ۾ پير لڙڪايو ويٺو آهيان. 2004ع ۾ جڏهن سٺ سالن جو هوس ان وقت به هي ڳوٺ ڏسان ها ته هڪ ڪمري جوئي گهر وٺي اچي رهان ها. لکڻ پڙهڻ جي ڪم کان وٺي سڪون سان جاگنگ به ڪندو رهان ها.
    ڳوٺ جو چڪر هڻندي هڪ وڏو گهر ٺهي رهيو هو. مون سان گڏ منهنجو فيس بڪ فرينڊ اسرار نظاماڻي به هو. هن ٻڌايو ته ”هي گهر عبيد الرحمان نظاماڻيءَ جو آهي. هو رٽائرڊ ٿيڻ بعد ٽنڊو سومرو ۾ ئي رهڻ چاهي ٿو.“ عبيد الرحمان فارين سروس ۾ آهي. هو بنگله ديش ۾ رهڻ بعد انڊيا ۾ پاڪستان هاءِ ڪميشن ۾ ڊپٽي هاءِ ڪمشنر ٿي رهيو. هينئر هينئر هي لکڻ وقت هيءَ خبر پڙهي اٿم ته هن جي واشنگٽن بدلي ٿي آهي. ان مان پڙهندڙ اندازو لڳائي سگهن ٿا ته اهو ماڻهو جيڪو ڍاڪا، دهلي ۽ واشنگٽن جهڙن شهرن ۾ رهيو اهو رٽائرمينٽ بعد واپس پنهنجي ڳوٺ، ٽنڊو سومرو ۾ رهڻ چاهي ٿو. ان جو مطلب اهو آهي ته هو پنهنجي ڳوٺ کي سک ۽ سڪون وارو سمجھي ٿو تڏهن ته اتي گهر ٺهرائي رهيو آهي نه ته هو ٻين وانگر ڪراچي يا اسلام آباد ۾ به رهي سگهي ٿو.
    اها ڳالهه ملوڪ (Kit no 7267) جي ڪلاس ميٽ ڊاڪٽر نصير نظاماڻيءَ (Kit no 7270) پڻ ڪئي. ڊاڪٽر صاحب نوڪريءَ جي سلسلي ۾ گهڻو وقت ٻاهر ئي گذاريو آهي. اڄ ڪلهه موڪلن تي هتي آيل هو جنهن بعد هو سوڊان (آفريڪا) جي ڏاکڻي شهر جُبا روانو ٿي ويندو. هن به هتي ٽنڊو سومرو ۾ ئي گهر ٺهرايو آهي جتي هو پيريءَ جا ڏينهن سڪون سان گذارڻ چاهي ٿو.
    ٽنڊو سومرو سنڌ جي انهن ڳوٺن مان آهي جتي زير زمين پاڻي تمام گهڻو ۽ صاف سٿرو آهي. ڊاڪٽر نصير نظاماڻيءَ جي ڀاءُ نذر محمد جيڪو پنهنجي زمينداري سان گڏ ڳوٺ جي ديک ڀال واري ڪميٽيءَ جو پڻ برجستو ميمبر آهي تنهن ٻڌايو ته ٽيوب ويل ذريعي ڇڪيل پاڻي سڄو شهر، امير توڙي غريب پيئي ٿو. اسان هن پاڻيءَ جا ڪيترئي دفعا لئبارٽري ٽيسٽ ڪرايا آهن ته هر وقت اها ئي report ملي آهي ته هي پاڻي ايترو ئي سٺو آهي جيترو نيسلي جو مِنرل واٽر. امداد جي سيڪريٽري جمعون مل ڀيل ٻڌايو ته امداد صاحب جي زمين تي جيڪي ڪيلي، انب ۽ مرچن جي فصلن تي باگڙي، ڀيل ۽ مينگھواڙ ڪم ڪن ٿا انهن کي امداد هڪ ڪمري جا پڪا گهر ٺهرائي ڏنا آهن جن ۾ لائيٽ آهي ۽ پاڻيءَ لاءِ اوور هيڊ ٽئنڪ آهي. پاڻي ايڏو صاف آهي جو ان کي بنا گرم ڪرڻ ۽ فلٽر ڪرڻ جي پيتو وڃي ٿو. يعني هن ڳوٺ جا رهاڪو نلڪن مان ايندڙ پاڻي هاروير کان علاوه پيئڻ ۾ به استعمال ڪن ٿا. پاڻيءَ جي معاملي ۾ ٽنڊو سومرو جا ماڻهو خوشنصيب آهن. هنن کي ڪهڙي خبر ته سٺو پاڻي حاصل ڪرڻ لاءِ حيدرآباد، ڪراچي ۽ ٻين وڏن شهرن جا ماڻهو ڪيترو پريشان آهن ۽ ڪيڏو خرچ ڪن ٿا.
    ٻئي ڏينهن امداد جي باغ مان لنگهي رهيا هئاسين ته ڪجهه ڀيل عورتون مرچن جو چُونڊو ڪري رهيون هيون. هڪ پاسي سندن هڪ ٻه گڏهه به بيٺو هو ته ٻئي پاسي هنن جا ننڍا ٻار ويٺا هئا جن وٽ پاڻيءَ جو ڪولر رکيو هو جيڪو هو گهران ڀري آيون هونديون. اسرار کي چيم ته جيتوڻيڪ هتي جي شاخ مان وهندڙ پاڻي به صاف پيو لڳي پر احتياطً هتي جا ماڻهو منرل واٽر جهڙو صاف سٿرو پاڻي پيئن ٿا.
    ”اهو ئي سبب آهي جو اسان جي ڳوٺ ۾ بيماريون گهٽ آهن جيڪي ٻين ڳوٺن، خاص ڪري شهرن ۾ گندي پاڻيءَ ڪري عام آهن“، ۽ پوءِ ٽهڪ ڏيندي چيو ”سائين! هتي نه فقط پورهيت ڀيلياڻي مِنرل واٽر پيئي ٿي پر سندس ”مسٽر ڊانڪي“ به اهو ئي صاف پاڻي پيئي ٿو.“
    توهان جو جي ٽنڊو سومرو وڃڻ ٿئي ته پنهنجي يا گهر وارن لاءِ ڪهڙي شيءِ سوکڙيءَ آڻيندائو؟ منهنجي صلاح وٺو ته ٽنڊو سومرو مان مائو ضرور وٺجو. منهنجي به فئوريٽ شيءِ مائو آهي ۽ مون پئي سوچيو ته واپسي تي نصرپور مان کير پڙا وٺندو ايندس جو اسان اهو ئي ٻڌو آهي ته نصرپور کيرپڙن کان مشهور آهي پر پهرئين ئي ڏينهن امداد جي والد صاحب رئيس انور خان نظاماڻيءَ مون کي هتي جو مائو کارايو.
    اهو ئي چوندس ته ان جو جواب ناهي. ٻئي ڏينهن نصرپور به ويس. ٻن دڪانن تان ٿورا کير پڙا ورتم. رڳو رنگ ڏنل هون. سواد ۾ اسان جي ڳوٺ جي مٺائي به سٺي. دڪاندار کي چيم ته هي آهن کير پڙا جن کان نصرپور مشهور آهي؟ دڪاندار شڪي ٿيندي چيو ”سائين اڄ ڪلهه نه ٺاهڻ وارا ڪاريگر آهن ۽ نه کائڻ وارا شوقين.“ بهرحال مٺائيءَ جي شوقين، منهنجي پڙهندڙن جو جي پنجاب جي شهر ’ميان چنو‘ وڃڻ ٿئي ته اتان ”خوشي“ نالي مٺائي جي دڪان تان برفي وٺجو ۽ ’ٽنڊو سومرو‘ مان ”الهه بخش خاصخيليءَ“ جي دڪان تان مائو. الله بخش جنهن هي مائو ٺاهڻ شروع ڪيو، اهو پاڻ ته گذاري ويو آهي پر حيدرآباد جي بامبي بيڪريءَ وانگر سندس پٽ حبيب الله خاصخيلي اڄ به پنهنجي پراڊڪٽ (ڀُڳل مائي) کي ان معيار تي قائم رکندو اچي.
    هونءَ ته سڄي سنڌ نيم رڻ پٽ (Semi Desert) آهي. پر ٽنڊو سومرو ۽ ان جي آسپاس جي ڳوٺن ڏي چڪر هڻندي مونکي ساوڪ ئي ساوڪ نظر آئي. ان جو ذڪر واپسي تي ٽنڊو قيصر ۾ مون پنهنجي پيٽارو جي ڪلاس ميٽ رئيس نور احمد نظاماڻيءَ سان ڪيو ته هن ٻڌايو ته هي سڄو بيلٽ ڀلين زمين ۽ گهڻي پاڻيءَ هجڻ ڪري سرسبز آهي انهيءَ ڪري ٽنڊي الهيار جي هِن پاسي کي ”سنڌ جو ڪئليفورنيا“ سڏين ٿا. ساڻس جڏهن ٽنڊو سومرو جي زميندارن جي ڳالهه ڪيم ته هنن کي پنهنجي ڳوٺ جي عام ماڻهن جو به خيال آهي ته نور احمد چيو ته ڪجهه به هجي ٽنڊو سومرو جا زميندار ”ڪِنا“ نه آهن. هو انصاف پسند، پڙهيل ڳڙهيل ۽ فضيلت وارا آهن.
    ڪنهن زماني ۾ جڏهن آئون سئيڊن جي يونيورسٽيءَ سان وابسته هوس ته I.M.O. (بين الاقوامي بحريا آرگنائيزيشن) طرفان مهيني کن لاءِ مونکي ناروي جي هڪ ڏورانهين ۽ اتر قطب جي ويجهو واري ٻيٽ اليسنڊ تي موڪليو ويو جيئن آئون اتي جي مقامي انجنيئرن سان گڏجي اتي جي شپ يارڊ ۾ ٺهندڙ لانچن جي سروي ڪري سگهان. هوائي جهاز رستي اتي پهچي جيئن ئي ايئر پورٽ کان ٻاهر نڪتس ته نه ڪو منهنجي انگريزي سمجھي ۽ نه سندن اترادي لهجي واري نارويجن مونکي کي سمجهه ۾ اچي. سخت پريشان ٿي ويس. اتي هڪ مقامي همراهه، جيڪو ٿوري گهڻي انگريزيءَ کان واقف هو تنهن مونکي ڀڳل سڳل انگريزيءَ ۾ مونکي دلداري ڏيندي چيو ته آئون ڪنهن به قسم جو فڪر نه ڪريان جو هي ڳوٺ بلڪل نرالو ۽ بيحد سٺو آهي.
    “… Here in Alesund village ,… no insects,… no pollution,… no theft …, no food adulteration. Everything neat & clean…… local people also very nice and helpful…..”
    اڄ جيڪڏهن ڪو مونکان ”ٽنڊو سومرو“ جو پڇي ته آئون ان لاءِ پڻ اهو ئي مٿيون رمارڪ ڏيندس جيڪو نارويجن همراهه پنهنجي ننڍڙي ٻيٽ ”الي سنڍ“ (Alesund) لاءِ ڏنو _ جتي رهندي مهينو خواب ٿي ويو ۽ جنهن کي ڇڏڻ وقت مونکي ڏک ٿي رهيو هو.


    تاريخ جي ڄاڻ رکڻ به ضروري آهي

    1982ع ڌاري جڏهن سمنڊ جي نوڪري ڇڏي ملائيشيا جي شهر ملاڪا ۾ ڪناري جي نوڪريءَ لاءِ اچي رهيس ته مونکي پهريون دفعو احساس ٿيو ته پنهنجيون اوڻايون پوڻايون به وڏي دل سان ٻڌڻ کپن. اسانجي نيول اڪيڊميءَ جو ڪمانڊنٽ ماهوار ميٽنگ ۾ اسان ڌارين ملڪن کان آيل جهازن جي چيف انجنيرن ۽ ڪئپٽنن سان ڪئڊٽن جي تعليم تي discuss ڪرڻ بعد اسان کان رهائش ۽ روز مرهه جي زندگي بابت خير عافيت پڇي پوءِ پنهنجي لاءِ يعني ملئي ماڻهن لاءِ پڇندو هو ته اهڙي ڪا ڪوتاهي يا ڪمزوري هجي ته ٻڌايو..... ”ڏسو نه! توهان دنيا جا مختلف ملڪ ۽ ماڻهو ڏٺا آهن. اسان جھنگ جا ماڻهو آهيون.... اسان ۾ اڃان به ڪيتريون ئي بين الاقوامي ليول جون ڪوتاهيون هونديون جن جي توهان ضرور نشاندهي ڪريو.“
    ڪمانڊنـٽ (ڪئپٽن حمزو جنهن کي بعد ۾ داتڪ جو به خطاب مليو) منهنجو پهرين جو دوست هو بلڪه مونکي ملائيشيا ۾ نوڪري ڪرائڻ ۾ سندس وڏو هٿ هو. پنهنجي منهن چيو مانس ته: ”حمزه تون به ڪمال ٿو ڪرين آفيشل ميٽنگن ۾ ڪي ڪي اهڙا ٿو سوال ڪرين جو اسان کي شرم ٿو اچي.“
    ”الطاف! آءِ مِين اِٽ. ان ۾ شرم جي ڳالهه ڪهڙي آهي. پنهنجيون غلطيون ۽ ڪمزوريون جيسين Identify نه ڪنداسين ته انهن کي صحيح ڪيئن ڪنداسين“. هن چيو.
    ۽ مون ڏٺو ته انهن ميٽنگن ۾ اسان مان ڪيترن هن کي اهو به چيو ٿي ته ملئي سست آهن. توهانجي ملئي ٻارن ۾ ڪِتاب پڙهڻ جي عادت ناهي. توهان ملئي ماڻهو کائڻ مهل وات جو چشڪو ٿا ڏيو جيڪو ڀر ۾ ويٺل ڌارئين ملڪ جي ماڻهوءَ کي خراب ٿو لڳي.... وغيره وغيره.
    ملائيشيا ۾ مون سان گڏ ان اڪيڊميءَ ۾ منهنجو پيٽارو جو دوست ۽ درٻيلي جو مخدوم ڪئپٽن احمد حسين مخدوم پڻ هو جنهن ڪئڊٽن کي نيويگيشن ۽ Ship Stability پڙهائي ٿي. ان کان اڳ سامونڊي نوڪري ۾ پڻ ڪيترن ئي جهازن تي اسان گڏ Sail ڪيوهو. هن جي ناٽيڪل برانچ هئي منهنجي انجنيرنگ. اسان ملائيشيا جي بندرگاهن: پينانگ، پورٽ ڪلانگ (ڪئالالمپور جي ڀر وارو بندرگاهه) ۽ ’جوهور بارو‘ ۾ ڪيترائي دفعا آياسين ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته اسان جو جهاز هنن بندرگاهن ۾ ڪيترائي ڏينهن ترسي پوندو هو ۽ اسان باءِ روڊ بس، ٽرين يا ٽئڪسي ۾ اپوح، ملاڪا، ڪئالا ڪنگسار، الور اسٽار ۽ ٻين ڀر وارن ملئي شهرن کان وڃي نڪرندا هئاسين. انهن ڏينهن ۾ يعني 1968ع کان ستر واري ڏهاڪي تائين ملائيشيا ڪو اڄ جهڙو يورپ نه هو. سندس ڳوٺن توڙي شهرن جو حال اسانجي ڪنڊياري، موري، مٽياريءَ کان به هيڻو هو. واپار ۽ شهرن ۾ چيني ماڻهو ڇانيل هئا جن جي هٿن ۾ واپار ۽ ڪارخانا هئا. ملئي مسلمان گوڏ ٻڌي ڳوٺن ۾ کيتي ٻاري ڪري سادگي ۾ رهيا پيا هئا. سندن توڪل ۽ ”هر ڳالهه کي رب جي رضا سمجھي خوش رهڻ“ وارين عادتن کي ڏسي ڪئپٽن مخدوم مونکي چوندو هو ”ملئي ماڻهن جو حال به پنهنجي سنڌين جهڙو آهي.“
    ”سچ ٿو چوين!“ آئون سندس observation کي داد ڏيندو هوس.
    بهرحال جهاز گڏ هلائڻ بعد احمد حسين مخدوم سان ڪناري جي نوڪريءَ ۾ به ساڳي ملڪ، ساڳي شهر ۽ ساڳي اداري ۾ ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو. ڪئپٽن حمزي جي مٿين ڳالهه ڪئپٽن مخدوم کي به حيرت ۾ وڌو ۽ مونکي هڪ ڏينهن چيائين: ” ملئي ۽ سنڌي ماڻهو ٻين ڳالهين ۾ کڻي هڪ جهڙا هُجن پر ان ڳالهه ۾ ملئي ماڻهو زور آهن.... يعني پنهنجيون اوڻايون وڏي دل سان ٻڌن ٿا.“ ۽ پوءِ ان ئي ڏينهن شامَ جو مخدوم مونکي چيو: ”ڏسجانءِ ويٺو ته ملئي ماڻهو ڄٽ نه رهندئي ۽ سگهو ئي ترقي ڪري اڳيان وڌي ويندا.“
    اڄ ملائيشيا کي يورپ جهـڙو ڏسي ۽ ٻهراڙيءَ جي ملئي ڇوڪرن توڙي ڇوڪرين کي جپانين جيان سمارٽ ۽ محنتي ڏسي حيرت ٿي ٿئي ۽ مخدوم جي اها ڳالهه ٿي ياد اچي. مخدوم به مون وانگر ملئي ماڻهن جي ويجھو رهيو آهي..... بلڪه هو ته اڄ ڏينهن تائين ملئي ماڻهن جي پَٽن (ملائيشيا، سنگاپور ۽ برونائي ۾) رهيو پيو آهي. اسان اهو به ڏسندا هئاسين ته ملئي ماڻهو اسان وانگر پنهنجن وڏن جون ڳالهيون ٻڌائي پاڻ نه پڏائيندا هئا. هرڪو محنت ۾ لڳو رهندو هو ته پاڻ ڪجهه ٿي ڏيکاري. ذات پات جو چڪر ته هوندو ئي نه هو جو ملائيشيا ۾ ڪوبه ذات نٿو لکي .... فقط فلاڻو پُٽ يا ڌيءَ فلاڻي جي، نه وري ڪا پيري مريدي يا گادي نشيني جو چڪر هو. هن ڌرتي ”ملايا“ (مغربي ملائيشيا) تي پورچوگالي آيا ..... 1511 کان 1641 تائين راڄ ڪيائون، ان بعد هي ملڪ ملايا 170 سالن تائين ڊچن (هالنڊ وارن) جي بيٺڪ ٿي رهيو ۽ پوءِ هڪ صديءَ کان به مٿي انگريزن جي حڪومت رهي .... ويندي ٻي جنگِ عظيم دوران 1941ع کان 1945ع تائين هي ملڪ جپانين جي قبضي ۾ هو. هاڻ وڃي اسان کان ڏهه سال کن پوءِ 1957ع ۾ خود مختيار ملڪ ٿيو. پر ڏٺو وڃي ته هتي جا ماڻهو اسان کان گهڻو اڳيان نڪري ويا آهن. هنن وٽ به اسان وانگر وڏيرا سسٽم ۽ سلطان شاهي آهي پر هنن جي سلطانن، وڏيرن، جاگيردارن ۽ ڀوتارن کي ٿو ڏسجي ته هو ۽ هنن جو اولاد هر دور ۾ پڙهيو ڳڙهيو ۽ هنن پنهنجي ڌرتيءَ کي ٺاهيو. اسان وٽ ائين نه ٿيو ۽ نه اڄ تائين ٿي رهيو آهي. باقي شل نه تهذيب تمدن جي ڳالهه نڪري! اسان موهن جو دڙو جو مثال ڏئي پاڻ کي وڏي Civilized قوم سڏرائينداسين ..... هوشوءَ ۽ هيمونءَ جو مثال ڏئي پاڻ کي پهلوان سڏرائينداسين .... اسانجي حاڪمن ڇا پئي ڪيو .... اها خبر به نه ۽ نه انهن جو نالو وٺنداسين. انگريزن هندستان تي راڄ دوران اتي اسڪول، اسپتالون ۽ ريل گاڏيون پئي هلايون ته ساڄي پاسي ٿائلنڊ جي ٿائي حاڪمن به پنهنجي ملڪ کي ان طرز تي مضبوط پئي ڪيو پر هيڏانهن کاٻي پاسي سنڌ ۾..... جيڪو هندستان جو حصو نه هو پر هڪ خودمختيار ملڪ هو، بقول امر جليل جي جنگ اخبار (20 جنوري 2015ع) واري ڪالم جي ”سنڌ بدحال، ڪمزور، مقروض ۽ ٽن حصن ۾ ورهايل ملڪ هو. جتي جي حاڪمن جو اهڙو حال هو جو سر چارلس نيپيئر اڍائي ٽن ڪلاڪن جي جنگ ۾ سنڌ فتح ڪري ورتي.“
    هيءَ ڳالهه ان تان ياد آئي ته گذريل سال ڪوالالمپور ۾ سنڌ جي تاريخ کان اڻ واقف اسانجي هڪ سنڌي شاگرد هڪ انگريز کي جڏهن پنهنجي بهادري جي پئي ٻٽاڪ سٽاڪ هنئي ته اسان ههڙا پهلوان آهيون ته هن کڻي ميرن واري ڳالهه ڪئي ته اسانجو نوجوان پريشان ٿي ويو جنهن کي پوءِ سمجھائڻو پيو ته اها حقيقت آهي .... انگريز صحيح ٿو چوي.
    ان قسم جو هڪ ڪالم ”مرويسون پر سنڌ نه ڏيسون“ اسان جي پيٽارو جي ڪاموري دوست آفتاب ميمڻ جو پڻ سامهون رکيو آهي جيڪو پڪ اٿم ته ڇپجڻ مهل اسان جي ڪيترن ماڻهن ملئي ماڻهن وانگر وڏي دل سان قبول ڪرڻ بدران گوڙ ڪيو هوندو. آفتاب ڏيپلي جو ميمڻ آهي هو سنڌ حڪومت ۾ سيڪريٽري جي عهدي تان ٻه سال کن اڳ رٽائرڊ ٿيو. بيحد ذهين، تاريخ جو ڄاڻو ۽ محنتي آهي هو اسان جي پيٽارين ائسوسيئيشن جو ٻه دفعا صدر به رهي چڪو آهي پر سندس وڏي سڃاڻپ هڪ ليکڪ ۽ جرنلسٽ جي آهي. سندس ٽي چار ڪِتاب پڻ ڇپجي چڪا آهن. هو سنڌي کان علاوه اڙدو ۾ به لکي ٿو ۽ سندس هي ڪالم جنهن جون ڪجهه سٽون هيٺ لکان ٿو، اڙدو اخبار ۾ ڇپيو هو:
    ”...... سنڌ جي آخري ٽالپر حاڪمن مان حيدرآباد وارا ٽالپر صاحبان انگريز چارلس نيپيئر جي فوج جي اچڻ جو ٻڌي سَهي واري ننڊ مان سجاڳ ٿيا. نه باقاعده تربيت يافته فوج ۽ نه وقت جي ضرورت مطابق هٿيار پنهوار.... ان تي رونگ محلاتي سازشون! پنهنجو پاڻ ۾ اٽڪيا پيا هئا. راجا چچ وارو سنڌ جيڪو وڃي ڪشمير جي ويجھو لڳو هو موجوده صوبي سنڌ ۾ سڪڙجي ويو هو..... سو به خيرپور جي راڄڌاڻي الڳ ته حيدرآٻاد الڳ ته ميرپور خاص الڳ! هر هڪ جو ڪعبو قبلو الڳ الڳ. اهڙي طرح ظاهري طور ته سنڌ جا ٽي حصا هئا پر اصل ۾ انهن ٽن حصن جا به ڪيترائي ڀاڱا ڀاڱا ٿي چڪا هئا. خيرپور جا مير صاحبان انگريزن سان صلح ڪري ويٺا ته ميرپور جا مير صاحب ننڍن ٽولن ۾ ورهائجي چڪا هئا. ڀاءُ جو ڀاءَ جي ڳچيءَ ۾ هٿ هو. اهڙي حالت ۾ حيدرآباد جي ميرن کي شڪست ڏيڻ ۽ ڪراچي تي قبضو ڪرڻ انگريزن لاءِ ڪو مشڪل نه هو. ٽالپر حاڪمن بلوچ سردارن کي مدد لاءِ سڏايو. بلوچ ته بلوچ، سماٽ (غير بلوچ) ۽ هندو به مدد لاءِ تيار ٿي ويا .... ايتريقدر جو ميگھواڙ به مدد لاءِ اچي ويا.
    ”17 فيبروري 1843 بروز جمعو ـــ موجوده حيدرآباد جي ويجھو مياڻيءَ وٽ هڪ ٽن ڪلاڪن جي مختصر جنگ هلي. هن جنگ ۾ سڀ کان اڳ ڀڄي جان بچائڻ ۾ مير صاحبن کان علاوه بلوچ برادري به هئي جنهن جي زور تي هو سنڌ تي حڪومت ڪندا رهيا. بهاول خان رند جي سرداريءَ ۾ آيل رند بلوچ ميدان جنگ مان ڀڄي ويا. انهن سان گڏوگڏ لغاري بلوچ پنهنجي سردار نواب احمد خان لغاري سان گڏ فرار ٿي ويا. مير نصير خان ٽالپر ۽ مير شهداد خان ميدانِ جنگ ۾ مڙس ماڻهو ٿي مقابلو ڪرڻ بدران راهه فرار اختيار ڪئي، چانگ، گوپانگ، مري ۽ نظاماڻي البت ميدان جنگ ۾ پنهنجي سالارن جي هلي وڃڻ جي باوجود وڙهندا رهيا. ٻن ٽن ڪلاڪن جي هن جنگ ۾ انگريز فوج جا فقط 27 سپاهي مئا ۽ ٽالپرن جي لشڪر جا پنج هزار کن ماڻهو! ڪيڏي بي ترتيب ۽ بي دلي واري لڙائي هئي!
    وڏن عهدن تي ميرن جا مقرر ڪيل پنهنجا چمچا ..... ويندي هاويل نالي توبخاني جو توبچي عين وقت تي دوکو ڏئي ويو. سالار هوش محمد عرف هوشو کي به تڏهن خبر پيئي جڏهن توب خاني کي باهه وڪوڙي وئي. البت هوش محمد قمبراڻي (هوشو شيدي) ۽ ان جا ساٿي پنهنجي ٽالپر حاڪمن تان قربان ٿي ويا ۽ شهيد سڏرايا. دوران جنگ هوشوءَ پنهنجي لشڪر جي همت وڌائڻ لاـءِ نعرو هنيو هو: ”مرويسون، مرويسون پر سنڌ نه ڏيسون.“
    سالار هوشوءَ اهو نعرو ته هنيو پر ٿيو ڇا؟ انگريزن ته سنڌ تي قبضو ڪري ورتو. فقط والي رياست خيرپور کي فرزندِ ملڪه انگلستان جو اعزاز ڏئي نالي ماتر حڪومت ڪرڻ لاءِ ڇڏيو ويو.“
    آفتاب ميمڻ صاحب لکي ٿو ته: ”اڄ وري اهو نعرو ٻڌڻ ۾ اچي پيو. بقول شاعر مصطفيٰ زيديءَ جي ”آپ ڪهتي هين تو صحيح هوگا!“ سنڌ جي حقن جي علمبرداري جو نعرو هڻڻ وارن کي گهرجي ته ماڻهن کي جاهل رکڻ بدران اندروني سنڌ ۾ تعليم جو صحيح نظام رکن ..... لسٽن تي ڀرتي ڪرائڻ بند ڪن ..... اٽي ۽ دال جي قيمتن تي ڪنٽرول ڪن، امن امان ۽ انصاف مهيا ڪن ڇو جو ان سنڌ جا هاڻ نه شهر محفوظ آهن ۽ نه ڳوٺ! سنڌ جي خذمت ڪرڻي آهي ته فقط ۽ فقط ميرٽ کي اصول بڻايو ..... باقي کوکلن نعرن سان ماڻهن جو پيٽ نٿو ڀرجي.“
    آفتاب ميمڻ جو هي تفصيلي ڪالم سندس تازو ڇپيل ڪِتاب ”قابلِ رحم قوم“ ۾ پڻ ڇپيو آهي. جيڪو ”ڊان پبليڪيشن“ وارن لاهور مان ڇپرايو آهي. هي ڪتاب پڙهڻ وٽان آهي جنهن ۾ فاصل مصنف ڪيترين ئي حقيقتن تان پڙدو کنيو آهي ۽ سنڌ جي ڏتڙيل ماڻهن سان ٿيندڙ ظلم ۽ بي انصافين کي ظاهر ڪيو آهي. سنڌ جو غريب ۽ لاچار ماڻهو وڃي سو وڃي ڪيڏانهن! اڄ به هڪ طرف سندس ووٽ تي چونڊيل حڪمران هن جي ڀينگ ڪري رهيا آهن ته ٻئي طرف عدل، انصاف ۽ حفاظت مهيا ڪرڻ وارا ادارا هن جي زندگي سان راڱا ڪري رهيا آهن .... اهي ملائيشيا ۽ سنگاپور جهڙا ملڪ ڀاڳن وارا آهن اسان کي ته يورپ جهڙو ڪو رابن هڊ ڌاڙيل به نصيب نه ٿيو. اسان جي ته ڌاڙيلن جي به ڇا ڳالهه ڪجي! اسان جو سنڌي درويش ڳوٺاڻو رڳو خوش فهميءَ ۾ مبتلا! چي: اسان جي ڪچي جا ڌاڙيل اهڙا خوفناڪ آهن (يا پهلوان آهن) جو کين چئجي ته ڪشمير فتح ڪري اچن!..... هاءِ ڙي اسان جي سادن ماڻهن جي سوچ! اسانجا ڌاڙيل، ڦورو، اغوا ڪار شير شاهه جي شڪري وانگر رڳو گهر جا ئي ڪڪڙ ماري ڄاڻن ٿا. هو رڳو پنهنجا امن پسند ۽ ڪمزور ماڻهو: هندو ميمڻ، شيخ، انصاري، قاضي ڦري سگهن ٿا، اغوا ڪري سگهن ٿا .... ڪنهن پنجابي، پٺاڻ يا مهاجر کي ڀُل ۾ به هٿ پئجيووڃين ته نه رڳو سندن پر تر جي پوليس جون به وايون بتال ٿيو وڃن. سچ چوندو هو انور پيرزادو مرحوم_ يعني تڏهن اسي واري ڏهاڪي ۾ جڏهن ڌاڙيلن کي پالڻ ۽ پٺڀرائي ڪرڻ جو فيشن شروع ٿيو هو، ”اسان جا سنڌي سمجھن ٿا ته اسان جا هي ڌاڙيل ضياءَ آمر جو مقابلو ڪندا .... پر اهي اسان کي ئي ماريندا.“
    سو ڪنهن محفل ۾ ويهي اها ٻٽاڪ نه هڻجو ته اسان جا ڌاڙيل وڏا پهلوان آهن .... ماڻهو توهان کي اهو ئي چوندا ته اهي پنهنجن کي ئي ماري ڄاڻين سي به جيڪي ڪمزور آهن. ڪنهن چانڊئي، مگسي، شر، جتوئي ۽ جماليءَ ۾ هٿ وجھڻ مهل ٻه دفعا سوچين ٿا ۽ غير سنڌين کان ته اسانجي پوليس وارن توڙي ڌاڙيلن جي ڪانچ ٿي آلي ٿئي.
    ان ڳالهه تي اسان جي ان ڊاڙ ٻٽاڪ جي به ڳالهه ياد اچي وئي جڏهن اسين سئيڊن جي ورلڊ ميريٽائيم يونيورسٽي ۾ پڙهندا هئاسين جِتي اسين نوي کن ملڪن جا جهازران هاسٽل ۾ رهندا هئاسين. هڪ رات ڊنر بعد ڪجهه يورپي، عرب ۽ اسان جي ننڍي کنڊ يعني پاڪستان، انڊيا ۽ بنگلاديش جا ڪجهه مسلمان گڏ ويٺا هئاسين ۽ مسلمانن جي ان سُنهري دؤر بابت ڳالهائي رهيا هئاسين جڏهن مسلمانن جي حڪومت فرانس، اسپين، موراڪو ۽ ممباسا تائين وڃي پهتي هئي. ان بحث ۾ مون ڏٺو ته اسان جا هندوستاني ۽ پاڪستاني مسلمان جهازي پنهنجي روايتي جذباتي انداز ۾ شروع ٿي ويا ته اسان مسلمانن هينئن ڪيو اسان هينئن ڪيو. عرب جهازي جيڪي ڪافي وقت کان خاموش اسان جا ڪڙڪا ٻڌي رهيا هئا تن مان نيٺ هڪ عرب يورپئن کي مخاطب ٿيڻ بدران اسان ننڍي کنڊ جي مسلمانن کي چيو: ”آهي ڇا جو توهان پڏڻپائي پيا ڪريو. يورپ تائين قبضو توهان مسلمانن نه پر اسان عربن ڪيو. توهان جو ته اهو حال هو جو پنهنجي ملڪ ”هندستان“ کي به نٿي بچائي سگهيائو. بابر جهڙو ماڻهو جنهن کي پنهنجي وطن ۾ ئي موچڙا هڻي ڪڍيائون اهو به توهان جو اچي والي وارث ٿي ويهي رهيو. محمود غزنوي توهان جي ننڍي کنڊ تي سترهن دفعا حملو ڪري، ملڪ کي ٺاهڻ يا توهان مسلمانن جي مدد ڪرڻ بدران ڦرلٽ ڪري مالن سان خرجينون ڀري خراسان ۽ ڪابل هليو ويو ٿي. محمد غوريءَ ست دفعا حملو ڪيو پر توهان ۾ اها همت نه هئي جو پهرين دفعي ئي کڻي هن کي اهڙي سيڪت ڏيو ها جو وري توهان ڏي رخ نه ڪري ها. غلام گهراڻي جو قطب الدين ايبڪ نه ڏسو، خلجي ۽ تغلق نه ڏسو..... لوڌي نه ڏسو ته سوري نه ڏسو .... هر هڪ پنهنجي پيءُ جي ملڪيت سمجھي توهان تي ڪاهون ۽ حڪومتون پئي ڪيون .... توهان ننڍي کنڊ جي ماڻهن ۾ اها همت نه هئي جو کڻي پنهنجي زمين تان ڌارين کي ڀڄايو.... سو ايران، جبرالٽر، قبرص، اندلس يا مالي ۽ مورطانيا توهان ننڍي کنڊ جي مسلمانن فتح نه ڪيو پر اسان جي عربن!
    ٿڌيءَ دل سان سوچجي ته ان ۾ حقيقت به نظر ايندي ..... ۽ هي تلخ حقيقتون ان ڪري به لکي ويٺو آهيان جو اسان ماڻهن۾ ڊاڙ ڦٽاڪ هڻڻ جي عادت آهي .... جيڪا پنهنجي گهٽي، ڳوٺ يا پنهنجن ماڻهن جي وچ ۾ ويهي هڻڻ ٻي ڳالهه آهي پر ٻاهر جي دنيا وارن سان ڳالهائڻ کان اڳ تاريخ جي حقيقتن جي ڄاڻ رکڻ ضروري سمجھان ٿو.


    هڪ بهترين ترجمو .... تخيل جو موت

    اکين جي آپريشن ڪرايم ته دوست پڇڻ لڳا ته ڪيئن ٿو محسوس ڪريان. کين ٻڌايم ته اڄڪلهه ٽيڪنالاجي ايڏي وڌي وئي آهي جو هاڻ اِن قسم جي آپريشنن ۾ اهي تڪليفون نه آهن جيڪي ننڍي هوندي مريضن کان ٻڌبيون هيون.
    ”پوءِ ڀلا لکڻ پڙهڻ جو ڪم جاري آهي يا نه؟“ هڪ پڇيو. ٿڌو ساهه کڻي چيومانس ته ”بس ان ڳالهه ئي ته منجهايو آهي. ڳالهائڻ ٻولهائڻ يا کاڌي پيتي جي ڪِري نٿي ماري پر لکڻ پڙهڻ تي بندش مون لاءِ سخت تڪليف واري ڳالهه آهي“.
    آپريشن کان اڳ جڏهن ڊاڪٽر اهو ٻڌايو ته هفتو ٻه لکڻ پڙهڻ کان گريز ڪجان ته ان وقت مون کي خوشي ٿي ته ان بهاني مون کي لکڻ پڙهڻ کان آرام ملي ويندو پر پوءِ چپ چاپ ويهڻ سان ويتر ڪيتريون ئي ڳالهيون ڌيان ۾ اچڻ لڳيون ۽ انهن کي لکڻ لاءِ دل اڌما کائڻ لڳي. نشي جي عاديءَ وانگر هڪ ليکڪ لاءِ لکڻ پڙهڻ ڇڏڻ مشڪل ڪم آهي. هونءَ مون ڪيترائي دفعا پاڻ کي سمجهايو هوندو ته هاڻ هن وڏي عمر ۾ لکڻ پڙهڻ کان پاسو ڪجي پر پوءِ مون کي ڪي اهڙا ماڻهو ڌيان ۾ اچيو وڃن جيڪي مون کان وڏي عمر جا هجڻ جي باوجود لکڻ پڙهڻ ۾ مشغول آهن. انهن مان هڪ دادو جو پروفيسر ڊاڪٽر اعجاز قريشي آهي جنهن جو تازو ڪتاب ”تخيل جو موت“ توهان جي هٿن ۾ آهي. مون کي هميشه پروفيسر اعجاز قريشي کان Inspiration ملندي آهي جو هو هر وقت لکڻ پڙهڻ جي ڪنهن نه ڪنهن ڪم ۾ رڌل رهندو آهي. مون هن کي ننڍپڻ جا ڪجهه سال دادوءَ ۾ ڏٺو جڏهن اسان موڪلن ۾ پنهنجي ماسيءَ جي گهر ويندا هئاسين. سندن گهر ۾ سندن والد صاحب ايڊوڪيٽ علي محمد قريشي جي ننڍڙي لائبريري هوندي هئي جنهن مان هو اسان کي به ڪتاب ڪڍي ڏيندو هو ته پڙهون.
    پروفيسر اعجاز جڏهن سنڌ يونيورسٽي ۾ پڙهي رهيو هو يا نوڪري ڪيائين ان دوران منهنجي ساڻس ملاقات نه ٿي جو تعليم توڙي نوڪري جي سلسلي ۾ منهنجو هميشه ٻاهر رهڻ ٿيو. دراصل هن کي مون چڱي طرح مون برطانيا ۾ ڏٺو جڏهن هو اعليٰ تعليم لاءِ گلاسگو آيو هو ۽ اسان جو جهاز سامان لاهڻ، هڪ وڏي مرمت ۽ سامان چاڙهڻ جي سلسلي ۾ يڪو مهينو ڏيڍ ان بندرگاهه ۾ بيٺو رهيو. مختلف ملڪن ۾ اسانجون پنهنجي ملڪ جي شاگردن سان ان ريت اڪثر ملاقاتون ٿينديون رهيون ٿي. وطن ۽ مائٽن مٽن جي نظرن کان پري هجڻ ڪري اسان جا نوجوان ولايت ۾ ڪجهه آزاد ۽ گهمڻ ڦرڻ جا شوقين ٿي پوندا آهن پر مون کي ياد ٿو اچي ۽ اهي ڏينهن سوچي حيرت ٿي ٿئي ته اعجاز ڪيڏي محنت ڪندو هو. هو ٿورو به وقت وڃائڻ جي خلاف هو. هر وقت ڪتابن ۾ چهٽيل رهيو ٿي ۽ اهو ئي حال اڄ به اٿس. اڄ به هو ادبي ۽ درس تدريس جو ڪم جاري رکندو اچي. جيتوڻيڪ سندس سبجيڪٽ Economics رهيو آهي پر سنڌي ادب ۽ ثقافت سان هن کي ننڍپڻ کان چاهه آهي. سندس ڪتاب، سندس ڪالم ۽ سندس تقريرون آئون وڏي چاهه سان ٻڌندو اچان.
    سندس ڪتاب نه فقط ادب جي لحاظ کان پر تاريخ ۽ سياست جي خيال کان به اهم آهن، خاص ڪري ”ون يونٽ ۽ سنڌ“، ”ڪراچيءَ جو ڪيس“، ”سنڌي ٻوليءَ بابت مقالا“ ۽ ”ڏاها هن ڏيهه جا“. ان کان علاوه ”سنڌ جي تاريخ“ ۽ ”اچو ته نئين سنڌ جي تعمير ڪريون“ جو ٽيون ڇاپو ڇپائيءَ هيٺ آهي.
    هي نئون ڪتاب اسان جي دلپسند ليکڪا مائي ارون ڌتي راءِ جي لکيل ڪجهه مضمونن جو ترجمو آهي. ارون ڌتي سندس لکڻين ڪري، خاص ڪري سندس مشهور ناول The God of Small Things ڪري سڄي دنيا ۾ مشهور آهي. پر هوءَ بقول سندس، سائوٿ انڊيا ـــــ يعني هندوستان جي ڏکڻ واري حصي ۾ وڌيڪ پاپولر آهي. منهنجي هن سان هڪ دفعو ڪولمبو (سريلنڪا) جي ايئرپورٽ تي اوچتو ملاقات ٿي ته هن اهو ٻڌايو هو. جواب ۾ مون چيو هئومانس ته اسان وٽ پاڪستان ۾ به ان جي ڏاکڻي صوبي، يعني سنڌ ۾ تنهنجي لکڻين کي تمام گهڻو پسند ڪيو وڃي ٿو.
    ”ڪيئن ڀلا؟“ هن پڇيو هو.
    ”اهو ائين جو هر دفعي جڏهن آئون تنهنجي ڪنهن لکڻيءَ کي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪرڻ جو سوچيندو آهيان ته پبلشر ٻڌائيندو آهي ته اها اڳئين ترجمو ٿي ڇپجي چڪي آهي“.
    هن دفعي مون کي حيرت ٿي جڏهن پروفيسر اعجاز قريشيءَ ارون ڌتي راءِ جي تازن مضمونن جي ترجمي جو ڪتاب ”تخيل جو موت“ ڏيکاريو ۽ ان تي ڪجهه لکڻ لاءِ چيو. ارون ڌتيءَ جون لکڻيون پنهنجي جاءِ تي پر اعجاز صاحب جو ترجمو به تعريف جوڳو آهي ۽ کيس اهو ئي چوندس ته هو ٻين جون لکڻيون به ترجمو ڪري جيئن انگريزيءَ کان گهٽ واقف اسان جا ماڻهو ڌارين ملڪن جي ليکڪن جون لکڻيون دلچسپي سان پڙهي سگهن.
    ڪتاب ۾ شامل “تخيل جو موت” نالي مضمون جيڪو ڪتاب جو ٽائٽل پڻ آهي، حقيقت ۾ اهو ئي مضمون سموري ڪتاب جو مغز يا ڳر چئجي ته وڌاءُ نه ٿيندو، جنهن ۾ پاڪستان ۽ هندستان جي ايٽمي ملڪ هجڻ بابت پيرائتي انداز ۾ نهايت ڪارائتو بحث ڪيو ويو آهي، ليکڪا پنهنجا خدشا، دل جا اُڌما ۽ خيال ظاهر ڪندي سڄي دنيا کي خبردار ٿي ڪري ته ڪيئن نه ايٽم بم انسانن جي ڪُل ڪائنات کي سيڪنڊن، منٽن ۾ مٽيءَ جو ڍير بڻائي سگهن ٿا. هوءَ هڪ هنڌ لکي ٿي ته: “جيڪڏهن ايٽمي جنگ لڳي ته اسان جو مقابلو چين يا آمريڪا سان نه ٿيندو، اسان جي دشمني خود پنهنجي ڌرتيءَ سان ٿيندي، فطرت جا عنصر آسمان، فضا، زمين، هوا ۽ پاڻي، سڀ اسان جي خلاف صفون ٻڌي بيهندا ۽ ان جو نتيجو انتهائي تباهيءَ وارو هوندو.” ٻين لفظن ۾ ايئن چئجي ته اوندهه انڌوڪار جا دل ڏاريندڙ منظر هوندا، زندگيءَ جو نالو نشان باقي نه رهندو، سج لهڻ ۽ اُڀرڻ جا منظر پنهنجي موت پاڻ مري چڪا هوندا. ڀارت ۽ پاڪستان جي ايٽمي ڌماڪن کان پوءِ واري پئدا ٿيل صورتحال ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ هميشه رهندڙ ڇڪتاڻ کي نظر ۾ رکندي هوءَ ڇرڪائيندڙ انڪشاف ڪري ٿي ته: “لاهور ۽ امرتسر وچ ۾ فقط ٽيهن ميلن جو مفاصلو آهي، جيڪڏهن اسان لاهور ۾ بم ڪيرايو ته سڄو پنجاب ان باهه جي لپيٽ ۾ اچي ويندو. جيڪڏهن ڪراچي ۾ بم ڪيرايو ته گجرات ۽ راجسٿان بلڪه ممبئي به سڙي ويندو. پاڪستان خلاف ڪنهن ايٽمي جنگ جو مطلب پاڻ خلاف جنگ ٿيندي.”
    اها حقيقت نه وسارڻ کپي ته هاڻي سڄي دنيا ۾ وڏن ڊيمن ۽ آبي ذخيرن جو دور پڄاڻي تي پهتو، ترقي يافته ملڪن ۾ ته ڊيمن جو استعمال بنهه معيوب بڻجي چڪو آهي ۽ انهن کي حڪومتون پاڻ ئي ختم ڪري رهيون آهن ليڪن پاڪستان ۽ ڀارت ٽين دنيا جا اهڙا ملڪ آهن جيڪي لکن جي تعداد ۾ عوام جي ذلتن، مخالفتن ۽ بي گهر ٿيڻ جي باوجود به وڏا ڊيم اڏڻ خاطر سندرو ٻڌيو بيٺا آهن. ليڪن ارونڌتي راءِ نرمدا وادي تي 30 ڊيم اڏڻ خلاف سڀني کان اڳيان آهي. وڏا ڊيم ٺهڻ سان لکين ماڻهن جي ٻڏي وڃڻ، بي گهر ٿيڻ ۽ دربدري کي نگاهه ۾ رکندي هوءَ لکي ٿي ته: “وڏن ڊيمن جي تعداد جي لحاظ کان دنيا جي سڀني ملڪن مان هندستان ٽئين نمبر تي آهي، هتي 3600 ڊيم اهڙا آهن جيڪي وڏا ڊيم چئي سگهجن ٿا. اهڙا 695 وڌيڪ ڊيم تعمير هيٺ آهن. انهن مان اَڌ هندستان ۾ تعمير ٿي رهيا آهن. مطلب اهو آهي ته سڄي دنيا ۾ جيترا به ڊيم اڏاوت هيٺ آهن انهن مان اَڌ هندستان ۾ تعمير ٿي رهيا آهن. اهڙا مقصد جيڪي باعزت نه آهن، سياستدانن ۽ منصوبي سازن انهن کي قومپرستيءَ جي علامتي شڪل ڏئي ڇڏي آهي.”
    ليکڪا وڏا ڊيمن ٺهڻ سان ماڻهن جي بي گهر ٿيڻ ۽ ماحولياتي تباهي بابت جيڪي خدشا ظاهر ڪري ٿي لڳ ڀڳ ساڳيو حال پاڻ وٽ سنڌ ۽ بلوچستان ۾ آهي. جتي گئس ۽ تيل جي کوٽائي ۽ ڌماڪن دوران مقامي ماڻهن کي نه ته اعتماد ۾ ورتو ويندو آهي نه وري ڪا ماحولياتي سروي ڪئي ويندي آهي، جنهن ڪارڻ ماحوليات کي تمام گهڻو نقصان پهچندو رهي ٿو. وڻ ٽڻ، جهنگلي جيوت، فطري ماحول ۽ ماڻهو متاثر ٿيڻ ان جو واضح مظهر آهن. هوءَ لکي ٿي ته: “سرڪاري سروي مطابق مهيشور ڊيم جي آبي ذخيري سبب 61 ڳوٺ پاڻي هيٺ ايندا جن مان 13 پوريءَ ريت ٻڏي ويندا. جڏهن ته باقي ڳوٺ پنهنجون زمينون وڃائي ويهندا. معمول موجب انهن ڳوٺن جي رهواسين کي ڊيم جي تعمير جي منصوبي جي باري ۾ يا انهن کي اتان ٿيندڙ بي دخلي جي باري ۾ ڪو به اطلاع نه ڏنو ويو آهي ۽ بلڪل هيءَ خبر ملندي ئي هو عدالت ۾ ويندا ته انهن کي ٻڌايو ويندو ته توهان گهڻي دير ڪري ڇڏي ۽ هاڻي ته ڊيم جي تعمير شروع ٿي چڪي آهي.”
    “جمهوريت” جي عنوان هيٺ مضمون ۾ ڀارت ۾ موجود مذهبي متڀيد کي نشانبر ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ خاص طور گجرات ۾ ٿيل هندو-مسلم فسادن جي آڙ وٺي ڪيترن ئي مسلمانن سان زيادتيون ڪيون ويون، ليکڪا بڙودا مان پنهنجي هڪ ساهيڙيءَ جو حوالو به ڏئي ٿي، جنهن جي هڪ مسلمان ساهيڙي سعيده کي گجرات جي فسادن جي آڙ وٺي هندو انتهاپسندن جيئري ئي پڪڙي سندس پيٽ ڦاڙي سندس پيٽ ۾ سڙيل مادو ڀري ڇڏيو هو ۽ مرڻ کان پوءِ سندس نرڙ تي “روح” لکيو ويو- هوءَ سوال ٿي اُٿاري ته آخر هندو مت جو ڪهڙو ڪتاب آهي جيڪو اهڙين حرڪتن جي تعليم ٿو ڏئي. ايئن هوءَ احمد آباد ۾ اردو غزل جي باني ولي گجراتي جي مزار ڊاهي رات پيٽ ۾ ان مٿان روڊ ٺاهڻ ۽ موسيقار استاد فياض علي خان جي مزار جي بيحرمتي جو به دکدائڪ انداز سان ذڪر ڪري ٿي.
    سچي ڳالهه اها آهي ته مذهب جي نالي ۾ انتهاپسندي پاڪستان ۾ به ساڳي ريت موجود آهي، ڀارت ان لحاظ سان خوش بخت چئجي جو اُتي ارونڌتي راءِ جهڙيون ليکڪائون، ڪي ٻيا انيڪ آرٽسٽ، دانشور ۽ فنڪار موجود آهن، جيڪي اهڙي اَنياءَ خلاف اُٿي کڙا ٿين ٿا ۽ کين اظهار راءِ جي آزاديءَ جو حق حاصل آهي، پر پاڻ وٽ نه ته اهڙا ڪي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا لکاري، آرٽسٽ، فنڪار ۽ دانشور آهن جيڪي ايئن ڀير تي ڏونڪو هڻي حق سچ چئي ۽ لکي سگهن نه وري کين اهو چوڻ جي آزادي جو حق حاصل آهي.
    “اسان کي امبيڊڪر جي ضرورت آهي” ليکڪا جو شاندار مضمون آهي، جنهن ۾ هندستان اندر نسلي متڀيد، ذات پات خلاف جدوجهد ڪندڙ امبيڊڪر جو ڪردار اجاگر ڪيو ويو آهي جيڪو اڇوتن جو سرواڻ هو. ارونڌتي پنهنجي مضمون ۾ مهاتما گانڌي ۽ امبيڊڪر جي ٽڪراءُ بابت بحث ڪندي چوي ٿي ته: “امبيڊڪر، گانڌي جو سڀ کان وڌيڪ مخالف هو” گانڌي جي دنيا ۾ پنهنجي آدرشن جي حوالي سان سڃاتو وڃي ٿو پر هي مائي گانڌي جو نئون تعارف پيش ڪري ٿي، ساڻس اختلاف رکڻ پنهنجي جاءِ تي پر ڪي حقيقتون تسليم ڪرڻ جوڳيون پڻ آهن.
    شامل مضمونن ۾ ڪارپوريٽ سيڪٽر، ملٽي نيشنل ڪمپنيون ڪيئن راڪاس بڻجي عوام کي غلام بڻائي رهيون آهن ۽ هر شئي، پاڻي، هوا ۽ بجلي سميت زندگيءَ سان لاڳاپيل وٿون خانگائي کين غلام بڻايو پيو وڃي. ايئن وزيراعظم نريندر مودي جي حڪومت کي به ارونڌتي انتهاپسند هندو ۽ آمراڻي حڪومت قرار ڏيندي تفصيلي طور بحث هيٺ آندو آهي.
    منهنجي خيال ۾ “تخيل جو موت” جي عنوان سان پروفيسر اعجاز احمد قريشي، ننڍي کنڊ جي اَمر ليکڪا ارونڌتي راءِ جا نهايت ڪارائتا مضمون سنڌي ۾ ترجمو ڪري ڪتابي صورت ۾ سهيڙي نهايت شاندار ڪم ڪيو آهي، هي ڪتاب سنڌي ٻولي ۽ ادب ۾ سٺو واڌارو هوندو. اڳتي به اها ئي اميد رکجي ٿي ته اعجاز قريشي صاحب ساڳي اُتساهه ۽ جاکوڙ سان سنڌي ٻولي ۽ ادب جي خدمت جاري رکندو.
    ارون ڌتيءَ جو سڀ کان گهڻين ٻولين ۾ ترجمو ٿيل ڪتاب ”دي گاڊ آف سمال ٿنگز“ آهي جيڪو سنڌيءَ ۾ ”هيڻن جو الله“ جي نالي سان ڇپيو آهي. هي ڪتاب ارون ڌتي جي نيم آتم ڪٿا به چئي سگهجي ٿي جنهن ۾ هن پنهنجي ننڍپڻ جي ڏينهن جو پڻ ذڪر ڪيو آهي. ننڍي کنڊن جي ليکڪن/ ليکڪائن جي ڪتابن جي مقابلي ۾ هي ڪتاب سڀ کان گهڻو ڇپيو آهي. ارون ڌتيءَ جا ٻيا به ڪيترائي ڪتاب پڙهڻ جوڳا آهن، جيئن ته:
    The Ministry of Utmost Happiness,
    The End of Imagination
    The Cost Of Living
    The Algebra of Infinite Justice
    Public Power in Age of Empire
    وغيره وغيره.
    ارون ڌتي راءِ هونءَ ته سڃاڻپ جي خيال کان هڪ ناول نگار آهي پر ساڳي وقت هن جو صحافت سان به واسطو رهندو اچي. هوءَ انساني حقن لاءِ به جاکوڙيندڙ آهي. هن جون ڳالهيون پڙهي مون کي هميشه سنڌ جي عورتن جي حقن لاءِ جاکوڙيندڙ عورتون: عطيه دائود، امر سنڌو، عرفانه ملاح، ويرو ڪولهي، بختاور ڄام، حسين مسرت ۽ نسيم اختر جلباڻي وغيره ياد اينديون آهن. سندس اخبارن ۾ ايندڙ مختلف موضوعن جي مضمونن ۾ انسانيت جي پرچار هوندي آهي. هوءَ سچ ۽ حق جي ڳالهه تي هميشه اٽل رهي ٿي پوءِ ڀلي هن کي ڪيترو به ڏنڀيو وڃي. ارون ڌتي راءِ جي اهڙن ڪجهه مضمونن جو اسانجي دوست پروفيسر اعجاز قريشيءَ ترجمو ڪيو آهي ۽ ماشاءَالله تمام سٺو ترجمو ڪيو آهي. اها ڳالهه سوچي مون کي رکي رکي اها ساڳي ڳالهه ڌيان ۾ اچي ٿي ته اعجاز جو مطالعو جڏهن تمام وسيع آهي، هو ارون ڌتي جي لکڻين جهڙا مضمون ٻين ليکڪن ۽ ليکڪائن جا به پڙهندو هوندو جيڪي پڻ ترجمو ڪرڻ سان گهڻن جي ڄاڻ ۾ واڌارو ٿي سگهندو ۽ اهو ئي عرض عطا محمد ڀنڀري، حسين بادشاهه، جاويد راڄپر، شفقت قادري، اياز علي شيخ ۽ ننگر چنا جهڙن اديبن کي ڪندس جيڪي ترجمي جا ماهر آهن ۽ اردو، انگريزي ۽ فرينچ ٻولين مان سنڌي ۾ ترجمو ڪندا رهن ٿا.
    ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو آهيان ته ارون ڌتي کي ڪمزورن جي حقن ۽ ڏکن غمن جو ايڏو خيال ڇو آهي؟ شايد ان ڪري جو هن جي زندگي به دردن جو داستان آهي. هوءَ ڌڪا ۽ ٿاٻا کائي وڏي ٿي. ٻاروتڻ ۾ ماءُ پيءُ جي الڳ ٿيڻ ۽ پيءُ جي پيار نه ملڻ جو درد هن سان گڏ رهيو. ايئن هوءَ پاڻ سراپا درد هوندي سماج جي ذلتن، ريتن رسمن، اڻبرابري واري نظام ۽ رياستن جي جبر هيٺ آيل ڪمزور ۽ ڏکويل ماڻهوءَ جي صدا بڻجي پئي.
    ارون ڌتي راءِ 24 نومبر 1961ع تي انڊيا جي بلڪل اوڀر اتر واري صوبي ميگهالايا جي گادي واري شهر شلانگ ۾ ڄائي. انڊيا جو هي صوبو بنگلاديش جي به پرئين اڌ يعني سلهٽ ۽ ميمن سنگهه مٿان اتر ۾ آهي ۽ ساڄي پاسي اوڀر ۾ اڳيان برما شروع ٿو ٿئي. اسان جي ماڻهن انڊيا جي هنن صوبن (رياستن) بابت گهٽ ٻڌو هوندو. هن پاسي ٽوئرزم به نه برابر آهي. امن امان به گهٽ آهي... سمجهو ته سنڌ جو جيڪب آباد ۽ گهوٽڪي آهي جتي جي غريب عوام کي ڪَئين مسئلا آهن. بک، بيروزگاري، بيماري، اڻ برابري ڪري انڊيا جي هن پاسي وارين رياستن ۾ هر وقت حڪومت خلاف تحريڪون پيدا ٿينديون رهن ٿيون. انگريز راڄ ۾ ته هيءَ رياست Scotland of East سڏبي هئي. هن پاسي هندي ڪو ورلي سمجهي ٿو. سرڪاري ٻولي، انگريزي آهي ۽ مڪاني ٻوليون خاصي، پنار، هجونگ، گارو وغيره آهي. مزي جي ڳالهه اها ته هن رياست ميگهالايا ۾ Matrilineal سسٽم آهن يعني ٻار جي سڃاڻپ ماءُ جي خاندان سان ٿئي ٿي ۽ ورثو به ان ريت ڏنو وڃي ٿو. ماءُ جي مرڻ تي سڄي ملڪيت جي وارث ننڍي ڌيءَ ٿئي ٿي ۽ والدين جي خذمت چاڪريءَ جو فرض به پٽ تي نه پر ننڍي ڌيءَ تي ٿئي ٿو. هتي بارش بنگلاديش کان به گهڻي پوي ٿي بلڪه ميگهالايا جي معنيٰ ئي آهي ”ڪڪرن مٿان گهر“. ميگهه سنسڪرت جو لفظ آهي معنيٰ بادل. اسان وٽ به سنڌيءَ ۾ ميگهه جهڙڦڙ ۽ مينهوڳيءَ جي موسم کي سڏيو وڃي ٿو ۽ اسان وٽ ميگهه، ملهار ۽ سارنگ اهي ٽي مشهور سر آهن. شاهه لطيف جو هڪ بيت ياد اچي رهيو آهي ته:
    ڪڪر منجهه ڪپار، جهڙ نيڻئون نه لهي
    جهڙا منهنجا سپرين تهڙا ميگهه ملهار
    کڻ اکيون کل يار ته وڃن سور سنڌا ڪري.
    ارون ڌتي جو پيءُ راجب راءِ ڪلڪتي جو بنگالي هندو هو ۽ ماءُ ميري راءِ ڏکڻ هندستان جي ملبار ڪناري واري رياست ڪيرالا جي مليالم ڳالهائڻ واري عيسائڻ هئي. مليالم، تيلگو، تامل ۽ ڪنهڙ سائوٿ انڊيا جون مشهور ٻوليون آهن ۽ ڪيرالا ۾ عيسائين جو وڏو تعداد رهي ٿو جن مان ڪجهه ذاتين لاءِ چيو وڃي ٿو ته اهي پهرين صديءَ ۾ شام عراق پاسي کان سينٽ ٿامس سان گڏ آيل عيسائين جو اولاد آهن. ميري (ارون ڌتي جي ماءُ) به عورتن جي حقن حاصل ڪرڻ لاءِ (خاص ڪري شامي عيسائي عورتن لاءِ) وڏي جاکوڙي مشهور رهي آهي. ارون ڌتي ٻن سالن جي هئي ته سندس والدين جي طلاق ٿي وئي ۽ هوءَ شلانگ (ميگهالايا رياست) کان پنهنجي ماءُ ۽ ڀاءُ سان گڏ ڪيرالا هلي آئي جتي هن جي ماءُ اسڪول کوليو. ارون ڌتي ان اسڪول بعد نلگرس جي مشهور ڪانوينٽ اسڪول لارينس اسڪول ۾ داخلا ورتي. ان بعد هن آرڪيٽيڪچر ۾ ڊگري دهليءَ مان حاصل ڪئي جتي هن جي ملاقات هڪ گوا جي آرڪيٽيڪٽ سان ٿي ۽ شادي بعد هو ڪجهه عرصو دهليءَ ۾ رهڻ بعد گوا آيا. ٻه سال گڏ رهڻ بعد هنن جي طلاق ٿي وئي. ارون ڌتي موٽي دهلي آئي جتي 1984ع ۾ هن جي ملاقات فلمساز پرديپ ڪرشن سان ٿي جنهن هن کي پنهنجي هندي فلم Massey Sahib ۾ اهم رول ڏنو. هيءَ فلم انگريزي ناول Mister Johnson تي ٺهيل آهي. هيءَ هڪ ڪامياب ۽ مزيدارفلم ڏسڻ وٽان آهي. ارون ڌتيءَ جي به هن فلم ڪري وڏي مشهوري ٿي. هن فلم بعد پرديپ ڪرشن ۽ ارون ڌتي جي شادي ٿي ۽ ٻنهي گڏجي ٽي وي سيريز تي ڪم ڪيو ۽ ٻه هندي فلمون Annie ۽ Electric Moon ٺاهيون. بعد ۾ فلمي دنيا کان بيزار ٿي ارون ڌتيءَ ٻيا به جاب ڪيا. ويندي ايروبڪس اسڪول به کوليو پر آخرڪار هيءَ شادي به ٽٽي وئي ۽ طلاق ٿي. گذر سفر لاءِ ارون ڌتي اخبارن ۾ ڪالم ۽ صحافت ذريعي ڏکين ڏينهن کي منهن ڏيندي رهي. پوءِ اوچتو سندس قسمت سندس ناول The God of Small Things بدلائي ڇڏي. هن ڪتاب جي مشهوري ۽ وڪري سان انڊيا جي ڪنهن به ليکڪ جو ڪتاب مقابلو نٿو ڪري سگهي. اڄ ڏينهن تائين اهو ڪيترين ئي زبانن ۾ ترجمو ٿي چڪو آهي. سنڌيءَ ۾ ترجمو نواب شاهه جي منور سراج خوبصورت انداز ۾ ڪيو آهي ۽ اهڙي ئي خوبصورت انداز ۾ اسان جي پروفيسر اعجاز قريشيءَ ارون ڌتيءَ جي هنن مضمونن کي ڪيو آهي جيڪي ”تخيل جي موت“ نالي ڪتاب جي صورت ۾ توهان جي هٿن ۾ آهن.


    هڪ اهم آتم ڪٿا… ڪجهه يادون ڪجهه ڳالهيون

    اسانجي پياري دوست ۽ سنڌ جي نوجوانن جي رهنمائي ۽ مدد ڪندڙ سائين فضل الله قريشي جي، سندس زندگي بابت، لکيل آتم ڪٿا ”ڪجهه يادون ڪجهه ڳالهيون“ جو ٽيون حصو توهانجي هٿن ۾ آهي جنهن کي پهرين ٻن حصن سان ملائڻ سان فضل الله جي ذهني پورهئي جا اٽڪل ٻه هزار صفحا ٿين ٿا جن جي لکڻ لاءِ هن کي جس هجي، شابس هجي. لکڻ ڪو سولو ڪم ناهي ۽ ان ۾ به ڪهاڻي يا سفر نامو لکڻ ايترو ڪو ڏکيو ڪم ناهي جو اُن ۾ ڪوڙ سچ لکي ماڻهو وڃيو پار پوي. پر ’آتم ڪٿا‘ جنهن ۾ ليکڪ کي پنهنجي زندگيءَ ۾ پيش آيل تجربا، مشاهدا، مشڪلات، غميون، خوشيون، ڪاميابيون ۽ ناڪاميون، غلطيون ۽ ڪارناما ترتيب وار لکڻا پون ٿا، هڪ بيحد محنت ۽ صبر جو ڪم آهي. هڪ سرڪاري ڪاموري يا فوجي آفيسر لاءِ ته اهو ڪم اڃان به ڏکيو آهي جو هو آزاديءَ سان رٽائرمينٽ حاصل ڪرڻ بعد ئي لکي سگهي ٿو. اهوئي سبب آهي جو لکڻ جا ڪيترائي شوقين ان عمر تي پهچي جسماني ۽ ذهني طرح ايترو ته ڪمزور ۽ ٿڪل محسوس ڪن ٿا جو هو آتم ڪٿا لکڻ تان هٿ کڻيو ڇڏين.
    ڪو زمانو هو جو سفر نامي کي وڌيڪ پسند ڪيو ويو ٿي. سفر جا طريقا ايڏا آسان ۽ سستا نه هئا، ٽي وي چئنل ۽ انٽرنيٽ جهڙيون شيون نه هيون، ان ڪري جنهن کي ٻاهر وڃڻ جو موقعو مليو ٿي ۽ هن ڪجهه لکيو ٿي ته ٻين هن کي وڏي شوق سان پڙهيو ٿي. اڄڪلهه، بلڪه گذريل ويهن سالن کان ماڻهن جو گهڻو رجحان آتم ڪٿائون/يادگيريون (Memoirs) پڙهڻ تي آهي. اهو ان ڪري جو آتم ڪٿائن مان پڙهندڙن کي گذريل وقتن جي حالتن ۽ حادثن جي خبر پوي ٿي ۽ هو انهن ڳالهين مان رهنمائي ۽ سبق حاصل ڪري سگهن ٿا. سچ ڳالهه ته اها آهي ته مونکي ڪاليج جي ڏينهن کان آتم ڪٿائون پڙهڻ جو وڏو شوق رهيو آهي. پير علي محمد راشدي جي ”اهي ڏينهن اهي شينهن“ ۽ ڪريم بخش نظاماڻي جي آتم ڪٿا ”ڪيئن ڪتاب“ ته مون لڳاتار ٽي ٽي دفعا پڙهي هوندي ۽ اڄ به ريفرنس طور پاڻ سان کڻي هلان ٿو. بعد ۾ جي ايم سيد جي ”جنب گذاريم جن سين“ ۽ حسامالدين راشدي جي ”ڳالهيون ڳوٺ ورن جون“ پڻ پڙهيم. ڊاڪٽر لائق زرداري، قاضي خادم، جمال ابڙو صاحب جهڙن جون آتم ڪٿائون پڙهڻ لاءِ ته هر نوجوان کي صلاح ڏيندو رهان ٿو ۽ ان سان گڏ هر محنتي، ايماندار، همدرد، ذهين ڪاموري کي پنهنجي ننڍپڻ ۽ نوڪريءَ جون ڳالهيون قلمبند ڪرڻ لاءِ پڻ مشورو ڏيندو رهان ٿو. فضل قريشيءَ کي به نوڪريءَ دوران مون ٻه ٽي دفعا چيو پر هر دفعي هن پنهنجي روايتي کل کلندي وراڻيو ٿي ”سائين وقت اچڻ تي ضرور لکندس.“ ۽ آئون اهو سوچي چپ ٿي ويندو هوس ته فضل الله کي ٻين سماجي ڪمن کان ئي واندڪائي ناهي هو ڪيئن لکي سگهندو. پر فضل کي شاباس هجي جو هو ڪنهن نه ڪنهن ريت، بقول انگري پهاڪي جي Where there is a will, there are ways وقت ڪڍي لکندو رهيو. مونکي به تڏهن خبر پيئي جڏهن هن جو ڪتاب هٿ ۾ مليو ۽ ان دلچسپ حادثي جي ڳالهه ڪالهه ئي پروفيسر اعجاز قريشي سان پئي ڪيم جڏهن هن چيو ته سنڌيءَ ۾ تمام گهٽ ڪتاب ڇپجن ٿا.
    ”نه اها ڳالهه ناهي،“ مون کيس جواب ڏنو، ”دراصل آئون به اهوئي سوچيندو هوس ته سنڌيءَ ۾ گهٽ ڪتاب لکيا وڃن ٿا. پر پوءِ ٻه اڍائي سال اڳ اڪيڊمي آف ليٽرس طرفان مون وٽ 40 کن ڪتابن جو هڪ پارسل آيو ته هي اهي ڪتاب آهن جيڪي گذريل سال ڇپيا آهن ۽ best book جي ايوارڊ جي چونڊ لاءِ آهن ۽ ان ڪم لاءِ جيڪي ٽي جج مقرر ڪيا ويا آهن انهن مان هڪ آئون به آهيان. مونکي جج ٿيڻ جو ٻڌي خوشيءَ بدران ڪاوڙ لڳي ته گذريل سال منهنجا به ٻه ڪتاب ڇپيا آهن. اهي ان ۾ ڇو نه شامل ڪيا ويا؟ جج وڃي ڪنهن ٻئي کي بڻايو ها. ان تي هنن ٻڌايو ته مون يا منهنجي پبلشرن مقابلي لاءِ انهن جون پنج پنج ڪاپيون نه موڪليون آهن. مون چيو مان ته اهو توهانجي قومي اداري جو ڪم آهي ته جيڪو ڪتاب ڇپجي ان جون ڪاپيون پاڻ حاصل ڪري مقابلي ۾ شامل ڪريو. ٻين ملڪن ۾ به ته ائين ٿئي ٿو. ليکڪ يا پبلشر ڇو ڊوڙي ۽ خرچ ڪري جڏهن اسان جي ادبي ادارن جي ڪروڙها رپيا بجيٽ آهي.
    بهرحال مونکي ڏک ٿيو ته منهنجي انهن ٻن سفرنامن مان هڪ ته ضرور نمبر کڻي ها. مون ڪتابن جو بنڊل کولي ڪتاب ڏسڻ ۽ پڙهڻ شروع ڪيا ته مونکي حيرت ٿي ته ڇا ته انهن جي ڇپائي ۽ مواد هو ۽ سڀ ليکڪن پنهنجي خرچ تي ڇپرايا هئا. ٻه ٽي هفتا انهن جو مطالعو ڪرڻ بعد اهو اندازو لڳايم ته چڱو جو منهنجا ڪتاب هن مقابلي ۾ شامل نه ٿيا جو اهي ڪي پنجون ڇهون نمبر به مس اچن ها ۽ هتي انعام فقط پهرين نمبر تي آهي. آخرڪار نه رڳو منهنجي فيصلي مطابق پر باقي ٻن ججن مطابق پڻ فضل الله قريشي جي آتم ڪٿا ”ڪجهه يادون ڪجهه ڳالهيون“ پهرين نمبر تي آيو.
    ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته فضل الله وڏي محنت ۽ ايمانداريءَ سان پنهنجي زندگيءَ جي ڪٿا قلمبند ڪئي آهي. هن هر ڳالهه لاءِ ثبوت ۽ انگ اکر ڏنا آهن. هو هونءَ به ايڪانامڪس جو ماڻهو آهي. هو ننڍي هوندي کان هوا ۾ ڳالهه ڪرڻ جو عادي ناهي. اڄ به ٽي وي جي ٽاڪ شوز ۾ هو جڏهن ڳالهائي ٿو ته دليلن ۽ ثابتين ثبوتن سان ڳالهائي ٿو. سندس ان پهرين حصي ۾ هن پنهنجي زندگي جي شروعاتي سالن جو احوال ڏنو آهي جيئن ته پرائمري، مڊل اسڪول، هاءِ اسڪول کان مختلف ڪاليجن ۾ ۽ ان بعد سنڌ يونيورسٽي ۾ تعليم حاصل ڪرڻ جو احوال آهي. ان بعد سکر ۽ لاهور ۾ نوڪري ڪرڻ بعد ولايت (گلاسگو ــ انگلينڊ) ۾ Ph.D ڪرڻ جو احوال لکيو آهي. هي ڪتاب يعني آتم ڪٿا جو پهريون ڀاڱو سنڌيڪا وارن 2011 ۾ ڇپيو. ان بعد سندن آتم ڪٿا جو ٻيو ڀاڱو پيڪاڪ پبليڪيشن وارن 2016 ۾ آندو. تيستائين پهرين ڀاڱي جي ٻي ايڊيشن به اچي وئي آهي جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته هن ڪتاب کي تمام گهڻو پسند ڪيو ويو آهي نه ته اسان وٽ سنڌي توڙي اردو ڪتابن جون 500 ڪاپيون به مس ٿيون هلن. اڪثر اڏوهيءَ جو ئي کاڄ ٿين ٿيون.
    فضل الله قريشيءَ پنهنجي آتم ڪٿا ”ڪجهه يادون ڪجهه ڳالهيون“ جي ٻئي حصي ۾ 1980ع کان 2000ع تائين جي سياسي ۽ سماجي دورن جو احوال لکيو آهي جيئن ته : سنڌ مارشل لا جي پاڇي ۾، ضيائي مارشل جا پويان سال، بينظير جو پهريون حڪومتي دور، نواز شريف ۽ ڄام صادق علي جو دورو، سيد مدد علي شاهه، مظفر شاهه ۽ Trioka جو راڄ، بينظير جو ٻيو دور ۽ ان سان گڏ پنهنجي نوڪريءَ جو احوال، پئرس ۽ اسٽاڪهوم ۾ گذاريل ڏينهن، اسٽاف ڪاليج لاهور ۾ رهڻ، سنڌ ۾ نوڪريءَ جا سال، اسلام آباد واپسي، سيڪريٽري شماريات، سيڪريٽري پلاننگ.... وغيره.
    سنڌيءَ ۾ ڪافي آتم ڪهاڻيون ڇپجي چڪيون آهن، قاضي خادم جي ’شاندار ماضي‘، موهن ڪلپنا جي ’بک، عشق، ادب‘، علي احمد بروهيءَ جي ’ڄام، ڄامڙا، ڄاموٽ‘، خواجا غلام علي کوساڻي جي ’فوٽو گرافر جي آتم ڪٿا‘ کان مولا بخش چانڊئي جي ’ذڪر زندان جو‘، رڪ سنڌي جو ’قاضي فيض محمد‘ ۽ عبدالحئي پليجي جي ’اسان پنڌ پرينءَ ڏي‘ ۽ يوسف سنڌي جي ’اقرار به، انڪار به‘ سڀ پڙهڻ جوڳيون آهن ۽ آئون سنڌ جي مختلف تعليمي ادارن ۾ ليڪچر دوران شاگردن کي اهي پڙهڻ جي هميشه تلقين ڪندو رهان ٿو. پر اسان جي نوجوان ڪامورن کي جيڪي سرڪاري نوڪرين ۾ داخل ٿين ٿا انهن کي سڀ کان گهڻي صلاح شمس جعفراڻي ۽ فضل الله قريشي جي آتم ڪٿائن کي پڙهڻ لاءِ ڏيان ٿو جيئن هو هنن ٻن سرڪاري ڪامورن جي زندگيءَ مان سبق حاصل ڪري سگهن، جن ايمانداري ۽ محنت سان نوڪري ڪئي ۽ هنن پنهنجي وطن ۽ هم وطنين جي خدمت ڪئي.
    ۽ هاڻ هي ان آتم ڪٿا ”ڪجهه يادون ڪجهه ڳالهيون“ جو ٽيون ڀاڱو آهي جيڪو سکر ۾ ماءِ پبليڪيشن وارا ڇپي رهيا آهن. هن ۾ فضل الله صاحب پنهنجي زندگي جو سال 2000 بعد جو احوال لکيو آهي. هن ڪتاب جا ڪجهه باب هن ريت آهن:
    نيپرا جي نوڪري، مشرف بطور صدر ۽ مير ظفرالله جمالي وزيراعظم، هندستان جو سير، نيپرا ۾ نوڪري، لال مسجد، مشرف ۽ بينظير جو ٺاهه (NRO)، بينظير جي شهادت، زرداري بطور صدر، هڪ دفعو وري يورپ ۽ دبئي، آمريڪا ۽ لنڊن، عمران خان ۽ طاهر القادريءَ جا ڌرڻا وغيره.
    هونءَ فضل قريشيءَ جو هي پورهيو نه فقط شاگردن ۽ نوجوان آفيسرن لاءِ رهنمائي آهي پر وڏن عهدن تي فائز سرڪاري ڪامورن لاءِ به اتهاس (Inspiration) آهي جيئن هو به رٽائرڊ ٿيڻ بعد پنهنجي زندگي جو احوال ۽ تجربا لکي سگهن. مغرب ۾ ته سرڪاري ڪامورن جون آتم ڪٿائون عام آهن پر اسان وٽ مشرق ۾ به جاپان، ملائيشيا، سنگاپور وغيره ۾ جام نظر اچن ٿيون. اسان وٽ فقط ٻه ٽي مس آهن. ان جو سبب شايد اهو به آهي جو اسان وٽ ڪامورو (سرڪاري عملدار ــ بيورو ڪريٽ) معنا عوام جي خدمت ڪندڙ نه پر ڦورو ۽ رشوت خور آهي. هو وڏيرن، ڀوتارن ۽ سياستدانن کي ڪرپشن جا رستا ڏيکاري ٿو ۽ هنن جو راهون هموار ڪري ٿو ۽ غريبن جي زندگيءَ سان راڱا ڪري ٿو ۽ هن جي ڪنڌ ۾ لوهي ڪلي لڳل رهي ٿي. اهڙي سينياريو ۾ هو ڇا لکي.... نوڪري دوران هن فقط پيسو ميڙيو آهي. دبئي ۽ بئنڪاڪ جا چڪر هنيا آهن، شراب ۽ شباب جي زندگي گذاري آهي ـــــ هو ڇا ويهي لکندو، ۽ ڇاتي لکندو؟ پر نه. ان هوندي به اسان وٽ ڪيترائي نيڪ، حق حلال جي زندگي گذارڻ وارا، حق جي ڳالهه ڪرڻ وارا، غريبن جي مدد ڪرڻ وارا فضل الله قريشي، شمس جعفراڻي، يوسف ميمڻ، ادريس راجپوت، اي ڊي خواجا، نظام الدين جتوئي، جمال مصطفيٰ سيد، ولي الله دَل، اڪبر لغاري، عبدالقادر منگي (جي مون گهاريا ٿر ۾ جو ليکڪ)، بشير ميمڻ (DIG)، فتح علي خواجا (پوليس) جهڙا انيڪ ڪامورا آهن جن لاءِ چئي سگهجي ٿو ته ”اڃان ڪي آهن ڪلجڳ منجهه ڪاپڙي“ اميد ته اهي اڳتي هلي پنهنجي زندگيءَ جو احوال لکندا جيڪو ٻين لاءِ مشعل راهه ثابت ٿيندو.
    هتي ڪجهه ”آتم ڪٿا“ بابت لکندو هلان ته آتم ڪٿا يعني آٽو بايوگرافي زندگيءَ جو احوال آهي جيڪو ليکڪ پاڻ لکي ٿو. اهڙي طرح ”ياديون“ لکيون وڃن ٿيون. ياديون (Memoirs) ۾ ليکڪ پنهنجي زندگي ۽ وقت کي ڌيان ۾ نٿو رکي هو پنهنجي زندگي جي خاص يادين، احساسن ۽ جذبن جو احوال ڏئي ٿو. فضل الله قريشيءَ پنهنجي هنن ٽنهي ڪتابن ۾ پنهنجي آتم ڪٿا سان گڏ رکي رکي اهم ياديون به ڏنيون آهن ۽ ڪتاب جو عنوان ”ڪجهه ياديون ڪجهه ڳالهيون“ بلڪل صحيح ڏنو اٿس.
    اڄ کان سٺ ستر سال اڳ تائين سفرنامو ۽ آتم ڪٿا جهڙيون شيون ادب ۾ شامل نه هيون پر هاڻ انهن جي سڀني کان گهڻي اهميت سمجهي وڃي ٿي ۽ ماشاالله سنڌي ادب ۾ ڪيترائي سفرنامن ۽ آتم ڪٿائن/ يادن جا ڪتاب ڇپجي چڪا آهن. ان جو مطلب اهو ناهي ته آتم ڪٿائون (يا سفرناما) اڳ ۾ ڪنهن نٿي لکيا. مون ڇهه سال جيڪي ڪئڊٽ ڪاليج ۾ گذاريا ۽ پوءِ مئرين انجنيئرنگ ڪرڻ بعد جيڪي ڊزن کن سال سمنڊ تي جهاز هلائيندي گذاريا انهن ۾ ڏاڍا ڪتاب پڙهيا. ڪئڊٽ ڪاليج ۾ اسانجي انگريز پرنسپال جو پريشر هوندو هو ته لئبريريءَ مان گهڻي کان گهڻا ڪتاب وٺي پڙهو ۽ سمنڊ تي وقت گذارڻ لاءِ پڙهڻ ضروري هو. خاص ڪري مون لاءِ. سمنڊ تي ته جيڪو ڪتاب ملندو هو پڙهندو هوس پر سچ ڳالهه اها آهي ته مونکي سڀ کان گهڻيون آتم ڪٿائون وڻنديون هيون. فضل قريشيءَ جيترو گهڻو لکيو آهي اهو مواد جي انهن ڏينهن ۾ هجي ها ته مون لاءِ سندس هر هڪ ڀاڱو ڪراچي کان ڪئناڊا تائين 45 ڏينهن جو سامونڊي سفر سانتيڪو بنائي ها پوءِ چاهي جهاز جي ڀتين پويان طوفان هجن ها يا رف سي ـــــ مون تي ڪو اثر نه ٿئي ها. آئون هن جي ڪتابن جي سحر ۾ غرق هجان ها.
    انهن ڏينهن ۾ جيڪي ڪجهه آتم ڪٿائون مون پڙهيون ۽ مونکي پسند آيون ۽ جن جي ياد اڄ به دماغ ۾ تازي آهي اهي آهن: هيلن ڪيلر جي The story of my Life، ائني فرئنڪ جي The Diary of a young Girl، مهاتما گانڌيءَ جي The Story of My Experiments with Truth، مالڪوم ايڪس جي آٽو بايوگرافي، نيلسن منڊيلا جي Long Walk to Freedom، ارنيسٽ هيمنگوي جي A Moveable Feast، مايو اينجلو جي I Know why The Caged Bird Sings، جواهر لال نهرو جي آٽو بايوگرافي جيڪا 1936 ۾ ڇپي هئي، انڊيا جي پهرين ليڊي جج ائنا چانديءَ جي مليالم ۾ لکيل آتم ڪٿا جو ترجمو، انڊيا جي انگريزي شاعره ڪملا ثريا جي بنگالي ۾ لکيل آتم ڪٿا ”اينتي ڪٿا“ جو انگريزي ترجمو My Story، ڀڳت سنگهه جي Why I am an Atheist وغيره وغيره.
    هاڻ ته اردو ۾ به ڪيتريون ئي آتم ڪٿائون نظر اچن ٿيون پر اسانجي جواني وارن ڏينهن ۾ جيڪي ڪجهه ڪجهه هيون اسان وڏي چاهه ۽ چشڪي سان پڙهيون. جيئن ته جوش مليح آبادي جي ”يادون کي بارات“ جيڪا 1970 ۾ ڇپي ۽ اسان جي ڪراچي کان جاپان ويندڙ جهاز ”ايم وي رنگا مٽي“ جي لئبرري ۾ موجود هئي. ان ۾ جوش صاحب پنهنجن معاشقن جو احوال بنا رک رکاءِ جي ڪيو آهي. ڪالا پاني يعني ”انڊامن ۽ نڪوبار ٻيٽ“ جيڪي اسان جي سامونڊي زندگي شروع ٿيڻ کان اڳ سياحت جو مرڪز ۽ سونهن جي علامت بنجي چڪا هئا، اهي انگريزن جي راڄ ۾ موت جو پروانو هئا. انگريز وڏن ڌاڙيلن ۽ هندستان جي آزادي جي متوالن کان هميشه لاءِ جان ڇڏائڻ لاءِ کين هنن ٻيٽن جي جيلن ۾ موڪليندا هئا. ورلي ڪو خوش نصيب اتان موٽي اچي اتي جون خوفائتيون خبرون ٻڌائيندو هو. اهڙين ئي ڪٿائن جي آتم ڪهاڻي جعفر ٿانيسريءَ پنهنجي ڪتاب ”تواريخ ــ عجيب المعروف ڪالا پاني“ ۾ لکي آهي. جعفر ٿانيسري انگريز راڄ جي خلاف بغاوت ڪرڻ جي ڏوهه ۾ 1866 ۾ ڪالا پاني (انڊامن ٻيٽ) تي 20 سالن لاءِ قيد رکيو ويو هو.
    اردو جي هڪ پراڻي آتم ڪٿا ”اعمال ناما“ جنهن جي فوٽو ڪاپي اڄ به مون وٽ موجود آهي جيڪا انڊين ليجسليٽو ڪونسل جي ميمبر سر رضا عليءَ جي لکيل آهي. هي فوٽو ڪاپي جنهن ڪتاب جي آهي، اهو 1943 جو ڇپيل آهي. سردار ديوان سنگهه جي 1944 جي ڇپيل جيل جي آتم ڪٿا ”ناقابلِ فراموش“، حڪيم احمد شجاع جي ”خون بها“، انڊين اسڪالر ڊاڪٽر يوسف حسين خان جي آتم ڪهاڻي ”يادون کي دنيا“، مشتاق يوسفي جي ”زرگزشت“، قدرت الله شهاب جي آتم ڪٿا ”شهاب ناما“ وغيره وغيره.
    آتم ڪٿائن (autobiographies/ Memoirs) جي تواريخ تي نظر ٿي وجهجي ته پراڻي زماني ۾ اهي گهڻو ڪري سياستدانن ۽ فوجي آفيسرن پنهنجن ڪوڙن سچن ڪارنامن ۽ سوڀن بابت لکيون ٿي. ان جو سڀ کان آڳاٽو مثال جوليس سيزر جي Memoir (يادين) جو آهي. سندس اطالوي زبان ۾ لکيل ڪتاب (جنهن جو انگريزي ترجمو Commentaries on the Gallic Wars) سن 45 قبل مسيح ۾ لکيو ويو. يعني هي ڪتاب حضرت عيسيٰ عليه السلام جي ڄمڻ کان به اڳ جو لکيل آهي. جوليس سيزر سياستدان ۽ فوجي هجڻ سان گڏ سٺو مقرر (Orator) ۽ نثر جو ليکڪ پڻ هو. پاڻ مٿين ڪتاب کان علاوه ٻيا به ڪيترائي ڪتاب لکيا جن مان ان وقت جي دور جي ڄاڻ پوي ٿي. پاڻ سن 100 ق.م ۾ ڄائو ۽ 44 ق.م ۾ وفات ڪيائين.
    آتم ڪٿائون ڪيترن بادشاهن ۽ راڻين به لکيون جن مان هندستان ۾ مغل سلطنت جو بنياد رکڻ واري ظهيرالدين بابر جو ڪتاب ”بابر نامون“ بيحد مشهور آهي. اهڙي طرح هڪ ٻئي مغل بادشاهه جي آتم ڪٿا ”تزڪ جهانگير“ آهي. انهن کان آڳاٽِي 32 صفحن جي آتم ڪٿا ”فتوحات فيروزشاهي“ دهلي جي سلطان فيروز شاه تغلق جي آهي. 1351 ۾ 45 ورهن جي ڄمار ۾ هو دهليءَ جو سلطان ٿيو ۽ هن 1388 تائين حڪومت ڪئي. انڊيا جا جانپور، فيروزپور، هسار، فيروزآباد ۽ فتح آباد شهر هن سلطان نالي آهن. اسانجي عمران خان وانگر انڊيا جي ڪيترن ئي رانديگرن جون به آتم ڪٿائون مشهور آهن جيڪي اڄ جا نوجوان شوق سان پڙهن ٿا. جيئن ته سچن ٽينڊولڪر جي ’Playing it My way‘ ۽ هڪ ٻئي ڪرڪيٽ جي رانديگر ڪپل ديو جي ’Straight from the Heart‘، يوراج سنگهه جي ’The Test of my Life‘، ملکا سنگهه اٿليٽ جي ’The Race of my Life‘، ٽينس رانديگر ثانيا مرزا جي ’Ace Against Odds‘، ۽ اڀي ناوُ بندرا شوٽر (نشاني باز) جي ’A Shot at History‘ وغيره.
    سئيڊن ۾ تعليم دوران منهنجو اردني عرب ڪلاس ميٽ ايماد رضا جنهن کي پڻ مون وانگر آتم ڪٿائون پڙهڻ جو شوق هو تنهن مونکي ’الطبيان الحديثا الڪائنا بدولت بني زري في غرناطا‘ نالي عبدالله بن بولوجن جي عربي ۾ لکيل آتم ڪهاڻي ڏيکاري جنهن لاءِ هن (ايماد) ۽ ٻين ملڪن جي عرب ڪلاس ميٽن ٻڌايو ته ڪنهن مسلمان ليکڪ جي اها پهرين آتم ڪٿا آهي. عبدالله بن بولوجن (جيڪو المظفر فاتح اعظم جي لقب سان به مشهور آهي) طائفہ غرناطه (الاندلس، اسپين) جي بنو زري سلطنت (Zarid Dynasity) جو آخري حاڪم هو. عبدالله زري 1056 ۾ ڄائو ۽ هن اسپين جي ڏاکڻي صوبي طائفہ غرناطہ تي 1073 کان 1090 تائين حڪومت ڪئي. هن زندگيءَ جا آخري ڏينهن اڄ واري موراڪو ۾ ڏيهه نيڪاليءَ ۾ گذاريا جتي هن پنهنجي زندگيءَ جي ڪٿا ۽ پنهنجي زري (Zarid) گهراڻي جي تاريخ تي اهو ڪتاب لکيو. ٻئي سال منهنجي اردني عرب دوست ايماد انگلنڊ مان ڪنهن دڪان تان يا شايد اتي رهندڙ ڪنهن عرب دوست کان ان ڪتاب جو انگريزي ترجمو گهرائي ڏنو هو جنهن جو انگريزي نالو آهي: ”An Exposition of the Down fall of the Ziri Dynasity in Granada“.
    آئون پنهنجن شاگردن کي هميشه اها نصيحت ڪندو رهيو آهيان ته پاڻ ۾ مطالعي جي عادت وجهو، اسان جڏهن ننڍا هئاسين ته اسان کي به پنهنجن استادن اهائي عادت وجهڻ جي ڪوشش ڪئي. ڪئڊٽ ڪاليج جو انگريز پرنسپال ڪرنل ڪُومبس ته اٺين ڪلاس کان ٻارهين تائين اسانکي اهوئي چوندو رهيو ته ڪتاب پڙهڻ جو شوقين جهنگل ۾ به اڪيلو محسوس نه ڪندو، هو بور نه ٿيندو، هو ڊپريشن جو مريض نه ٿيندو. جهنگل ۾ منهنجو رهڻ نه ٿيو باقي مطالعي جي عادت مون ۾ پيدا نه ٿئي ها ته ڊگها سامونڊي سفر مونکي يا چريو بنائين ها يا شرابي. اهي ڪتاب هئا جن جا ورق اٿلائيندي سمنڊ جي سفر جا لڳاتار ٽيهه ٽيهه، چاليهه چاليهه ڏينهن گذري ويا ٿي ۽ جهاز هانگ ڪانگ کان هوسٽن يا ويٽنام کان وئنڪوئر پهچي ويو ٿي. نه ته منهنجي ٻين ساٿي جهازرانن خاص ڪري يورپي گورن جو وقت پاس ڪرڻ لاءِ سڄو زور بيئر يا وسڪي ڏوگهي ننڊن تي هو.
    سامونڊي نوڪري ڇڏي جڏهن ملائيشيا ۽ سنگاپور پاسي ٽيچنگ ۾ آيس ته مون پنهنجن شاگردن کي موالي ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ مطالعي جي عادت پيدا ڪرڻ تي زور ڏنو. نه فقط مئرين اڪيڊمين ۾ پر پنهنجي ملڪ جي تعليمي ادارن ۾ به جڏهن انجنيئرنگ، ادب، يا ڪئريئر بلڊنگ جهڙن عنوانن تي ليڪچر ڏيڻ وڃان ٿو ته شاگردن کي ڪتاب پڙهڻ جي گڻن کان آگاهه ڪريان ٿو. ڪيترا ماڻهو ڪهاڻين Fiction جا ڪتاب پڙهڻ پسند ڪن ٿا جيڪي هنن لاءِ عارضي طرح وندر ۽ وقت پاس ڪرڻ لاءِ ته سٺا آهن پر اهي حوالا ڏيڻ لاءِ ياد نٿا رهن. بهرحال ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ان قسم جي مطالعي جي عادت به سٺي ڳالهه آهي جو ان سان Vocabulary ۽ ٻولي سڌري ٿي، پڙهڻ ۽ لکڻ جو ڏانوءُ پيدا ٿئي ٿو پر ان قسم جا ڪتاب پڙهندڙ جي شخصيت کي اجاگر (enhance) نٿا ڪن. ان لاءِ نان فڪشن جا ڪتاب، خاص ڪري ڪامياب ماڻهن جي زندگيءَ جا احوال پڙهڻ ضروري آهن. ۽ ماڻهن جي زندگين جي احوال معلوم ڪرڻ لاءِ هنن جون بايوگرافيون، آٽوبايو گرافيون، ڊائريون، يادگيريون پڙهڻ ضروري آهن جن مان پڙهندڙن کي ان مشهور شخص جي ذاتي زندگي جي ’فرسٽ هئنڊ اڪائونٽ‘ جي خبر پوي ٿي. ڪيترن ماڻهن کي آتم ڪٿائون بور ٿيون لڳن پر حقيقت اها آهي ته انهن ۾ ڄاڻ جو وڏو خزانو ٿئي ٿو ۽ پڙهندڙ ان شخص جي تجربن مان لاڀ حاصل ڪن ٿا. آتم ڪٿا پڙهڻ سان توهان کي ٻئي جي جيءَ ۾ جهاتي پائڻ جي سعادت ملي ٿي. يوشيدا ڪينڪو (Yoshida Kenko) جو آتم ڪٿا جي ڪتابن لاءِ مشهور قول آهي ته ”To sit alone with a book spread out before you & hold intimate converse with men of unseen generations – such is a pleasure beyond compare“ يعني: ڪنهن جي زندگي جي ڪهاڻيءَ پڙهڻ جو لطف ئي ٻيو آهي.
    يوشيدا جاپاني ليکڪ، شاعر ۽ ٻوڌي ٻائو ٿي گذريو آهي جيڪو 1284 ۾ ڄائو ۽ 1350 ۾ وفات ڪئي. سندس سڀ کان مشهور جاپاني ڪتاب Tsurezuregusa آهي جيڪو ”Essays in Idleness“ نالي انگريزيءَ ۾ ترجمو ٿي چڪو آهي. هن ۾ ڪي ڏهه پنڌرهن نه پر 243 مضمون آهن جن مان ڪجهه جاپاني هاءِ اسڪولن جي ڪورسن جي ڪتابن تي رکيل آهن ۽ اسان جهڙا ڌارين ملڪن جا جڏهن جاپان پهچي جاپاني ٻولي سکڻ جا ڪلاس اٽينڊ ڪريون ٿا ته اسان کي به ڪجهه پڙهايا وڃن ٿا.
    مون کان جڏهن شاگرد پڙهڻ لاءِ ڪتابن جي چونڊ جو پڇندو آهن ته آئون انهن کي هميشه آتم ڪٿائون پڙهڻ لاءِ چوندو آهيان. ان جو سبب پڇڻ تي آئون کين مٿيون ڳالهيون ٻڌائيندو آهيان. مون جڏهن ”ايم. وي اباسين“ نالي پهرين جهاز تي نوڪري شروع ڪئي ته اهو جهاز ڪافي پراڻو هو ۽ پهرين ئي سفر ۾ موسم ۽ سمنڊ به خراب مليو ۽ جن ٻن ٽن بندرگاهن ۾ جهاز لنگر انداز ٿيندو رهيو اهي بور هڪ طرف هئا ته ٻئي طرف اسان کي جهاز تان لهي گهمڻ ڦرڻ جي موڪل تي ڪنجوسيءَ کان ڪم ورتو پئي ويو. ذهني طرح آئون ڏاڍو ڊسٽرب ٿي ويس پر قدرت جا ڪمال ڏسو. ڪولمبو بندرگاهه ۾ جيڪي ٻه ٽي ڪلاڪ موڪل جا مليا انهن ۾ ڪتابن جي سيڪنڊ هئنڊ دڪان تان جيڪي ڪجهه ڪتاب خريد ڪري سگهيس انهن ۾ ”Backward Thinking“ نالي هڪ آتم ڪٿا به هئي. جهاز تي اچي چڱي طرح ڏٺم ته اها هڪ جهوني مون جهڙي مئرين انجنيئر (جهاز هلائيندڙ انجنيئر) ”جان لئمب“ جي لکيل هئي. جان لئمب اهو ماڻهو آهي جنهن جو ”ڊيزل انجڻ“ تي لکيل ڪتاب نه فقط اسانجي ڏينهن ۾ پر اڄ به دنيا جي مئرين اڪيڊمين ۾ پڙهايو وڃي ٿو. بس سمجهو ته جيئن ”بشير پال“ جو فزڪس جو ڪتاب انٽر جي شاگرد ۾ مشهور آهي تيئن جان لئمب جو اسان مئرين انجنيرن ۾ آهي. اهو به لکندو هلان ته هي John Lamb مشهور انگريزي شاعر چارلس لئمب جو سوٽ ٿئي ۽ دنيا جي اوائلي مئرين انجنيرن مان آهي. هن 1910 ۾ جهاز جي نوڪري شروع ڪئي. يعني هن جي ريٽائرمينٽ کان گهڻو گهڻو پوءِ اسان سامونڊي نوڪريءَ ۾ داخل ٿياسين. پاڻ 1890 ۾ ڄائو هو ۽ 1958 ۾ لنڊن ۾ وفات ڪيائين. هن پنهنجي آتم ڪٿا ۾ شپ يارڊ ۾ ڪم سکڻ کان جهاز ۾ گذاريل ڏينهن جو احوال لکيو آهي ته انهن ڏينهن ۾ ڪهڙا جهاز هئا جن ۾ نه هوادار ڪمرا هئا ۽ نه ماني سٺي ملندي هئي. ”ڪمري ۾ لائيٽ نه هئي، ڏيو ٻارڻ لاءِ روزانو ٽي چار چمچا تيل ملندو هو جنهن مان ٿورو ٿورو بچائي رکندو هوس ته جيئن امتحان ويجها ٿيڻ تي رات جو دير تائين پڙهي سگهان. ڊگهي سفر ڪري اٽو به خراب ٿي ويندو هو ۽ ڪيترا دفعا ڊبل روٽيءَ مان مئل ڪاڪروچ نڪرندا هئا“، وغيره وغيره. جان لئمب جي آتم ڪهاڻي پڙهي مون ۾ همٿ آئي ۽ اتساهه پيدا ٿيو ته آئون وري به ان دور ۾ جهاز تي آهيان جڏهن نوڪري اهڙي ڏکي ناهي، ڪمرا ايئرڪنڊيشنڊ آهن، ماني فائيوِ اسٽار هوٽلن جهڙي ملي ٿي. سو دوستو! آتم ڪٿائون اسان جي رهنمائي ڪن ٿيون، مشڪلن کي منهن ڏيڻ جي همٿ پيدا ڪن ٿيون ۽ ٻين جي تجربن ۽ غلطين مان اسان سبق حاصل ڪري سگهون ٿا.
    اڄ جي سنڌي شاگرد کي آئون ٻين آتم ڪٿائن سان گڏ پنهنجي دوست ڊاڪٽر لائق زرداري جي آتم ڪٿا پڙهڻ لاءِ تمام گهڻو زور ڏيندو آهيان ته هن ڪيئن هڪ ڳوٺ ۾ غربت جي حالت ۾ رهي ڊاڪٽوريٽ ڪئي. هن ڪيڏي ڏکي زندگي گذاري، خرڪار کيس اغوا ڪري ويا ۽ سخت پورهيو وٺندا رهيا، هن جا پنهنجا سندس عزيزن جو قتل ڪندا رهيا، ڇا ڇا نه هن سان ٿيندو رهيو پر هن صبر ۽ عقل کان ڪم ورتو ۽ هن ڏکين حالتن ۾ به پنهنجو پاڻ ۽ اولاد کي تعليم يافته بڻائي ڇڏيو. اڄ جي شاگرد لاءِ ان قسم جون آتم ڪٿائون پڙهڻ تمام ضروري آهن جيئن هنن کي اتساهه (Inspiration) ملي ۽ هو ڏکين حالتن ۾ دل نه هارين ۽ اهي نوجوان جيڪي تعليم بعد سرڪاري نوڪري ۾ داخل ٿين ٿا انهن لاءِ شمس جعفراڻي ۽ فضل الله قريشيءَ جهڙن اعليٰ سرڪاري ڪامورن جون آتم ڪٿائون ”ڪتيم سڀ ڄمار“ ۽ ”ڪجهه ڳالهيون ڪجهه ياديون“ پڙهڻ ان ڪري به ضروري آهن جيئن هو انهن آفيسرن جي رهنمائي حاصل ڪري سگهن جن محنت ڪئي، انصاف ڪيو، پنهنجي وطن ۽ هم وطنين جي خدمت ڪري ٻين جي دلين ۾ هميشه لاءِ جاءِ پيدا ڪئي. هي اهي ماڻهو آهن جن جي زندگي جي آتم ڪٿا پڙهندڙن ۾ Inspiration۽ Motivation پيدا ڪري ٿي. آتم ڪٿا لکڻ وارين شخصيتن جون سٺائيون، سوچون، محنتون، تجربا ٻين لاءِ مثال ثابت ٿين ٿا جن کي فالو ڪري پڙهندڙ پنهنجي خوابن جي ساڀيان ماڻي سگهن ٿا.
    ان تان مونکي ياد آيو ته هڪ دفعي جڏهن منهنجو جهاز جاپان جي بندرگاهه ڪوبي پهتو ته هر دفعي وانگر اتي جي Seamens ڪلب مان پڙهڻ لاءِ مفت جا ڪتاب کڻڻ ويس. پسند جا ڪتاب ڳولي رهيو هوس ته اتي جو پوڙهو انچارج مون وٽ آيو ۽ کلندي چيو: ”اڌ ڪلاڪ کان ڏسان پيو ته تو هڪ ڪتاب نه کنيو آهي. ڪهڙي ٽاپڪ جو ڪتاب ڳولي رهيو آهين؟“
    ”آتم ڪٿا جو ڪو ڪتاب.“ مون ٻڌايومانس.
    ”واهه واهه! زبرداست“ هن جاپانيءَ ۾ چيو.
    ”ڇو ڀلا؟“ مون پنهنجي چشمي مٿان هن ڏي گهوريندي چيو، ”توکي به آتم ڪٿائون وڻن ٿيون ڇا؟“
    هن هائوڪار ۾ ورندي ڏيندي چيو: ”Reading autobiographies of successful people give you a new perspective on everything mundane. You begin to see things in a whole new light and begin to face problems with an increased level of confidence. They also help change your basic attitude to words life”
    اڄ پنهنجي همعصر ۽ دوست فضل الله قريشي جي آتم ڪٿا ”ڪجهه ڳالهيون ڪجهه يادون“ جو ٽيون ڀاڱو پڙهي مٿيون آتم ڪٿائون به ياد اچي ويون. پنهنجي زندگي جو هڪ دلچسپ ۽ سولي سنڌي ۾ سربستو احوال لکڻ سان آئون فضل الله جهڙي مشغول ماڻهوءَ کي دل سان مبارڪ ٿو ڏيان. سندس آتم ڪٿا جي هن ٽئين ڀاڱي توڙي پهرين ٻن سان مونکي فقط اها شڪايت آهي ته اهي ايڏا ته ضخيم آهن جو اسان جهڙن ماڻهن لاءِ، جن کي بستر تي ليٽي ڪتاب پڙهڻ جي عادت آهي، اهي هنن ٿلهن ڪتابن کي هٿ ۾ کڻي سمهي پڙهي نٿا سگهن. مون سندس آتم ڪٿا جو گذريل حصو (ٻيو ڀاڱو) ليٽي پڙهڻ جي ڪوشش ڪئي پر هن عمر ۾، ههڙو ٽي سَيرو ڳرو ڪتاب ڪمزور هٿن ۾ جهلي پڙهڻ، ڏاڍو ڏکيو لڳو. سندس لکڻي Enjoy ڪرڻ بدران هر وقت اهو خوف طاري رهيو ٿي ته جي اک لڳي وئي ته هٿن مان نڪرڻ تي هي ڪتاب منهنجو منهن چٿي ڇڏيندو. فضل کي کپي ته ٽنهي ڀاڱن جي اٽڪل 2000 کن صفحن کي هو ڏهن حصن ۾ ڇپرائي اسان جهڙن لاءِ آساني ڪري سگهي ٿو. ائين مون ڪيترن ئي ليکڪن جي ڪتابن جا حصا هڪ ئي باڪس ۾ دڪانن ۽ لئبريرين ۾ ڏٺا آهن. ان سان گڏ اکرن جو Font به وڏو رکي. بهرحال فضل الله جي آتم ڪٿا جا هي ڪتاب نه فقط سندس زندگي جي جهلڪ ڏين ٿا پر هڪ دور جي تاريخ ۽ Documents آهن جن جو مطالعو ڪرڻ اسان جي نوجوان توڙي وڏي لاءِ ضروري سمجهان ٿو. بلڪه اسانجي سرڪاري تعليمي ۽ ادبي ادارن کي کپي ته هن قسم جا ڪتاب ڇپرائي ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جي شاگردن کي مهيا ڪن جو ههڙا ڪتاب نه فقط ڄاڻ ڏين ٿا پر educate به ڪن ٿا.

    خلوص مان
    الطاف شيخ
    ملاڪا سٽي؛ ملائيشيا
    12 آگست 2017


    ٺڳ ايجنٽن کان پنھنجو پئسو ۽ اولاد بچايو

    ولايت ۾ ملندڙ ڪوڙين نوڪرين جي ڏٽن ۽ ٺڳ ايجنٽن جي ڦرمار بابت پڙھندڙن کي خبردار ڪرڻ لاءِ گذريل ٻن ٽن سال کان مون ڪيترائي مضمون سنڌي ۽ اڙدوءَ ۾ لکيا آھن. ھر مضمون بعد سوچيندو آھيان ته ھاڻ وڌيڪ لکڻ جي ضرورت ناھي پر پوءِ رکي رکي فون تي ڪو پنھنجي لٽجڻ جي درد ڀري ڪھاڻي ٻڌائي ٿو. يا ملائيشيا جھڙن ملڪن جي ايئرپورٽن تي پنھنجي ھم وطنين کي ڊپورٽ ٿيڻ لاءِ ھٿ ڪڙين ۾ ويٺل ڏسان ٿو، يا مڪاني ماڻھن کان خبر پوي ٿي ته ڪوالا لمپور جھڙن شھرن جي جيلن ۾ سڀ کان گھڻا اسان جي ملڪ جا آھن ۽ انھن ۾ اڌ کان وڌيڪ پنھنجي صوبي سنڌ جا آھن ته حيران به ٿيان ٿو ته ڏک به ٿئي ٿو. ڇا اسان جا ماڻھو ايڏا سادا ۽ اڻ ڄاڻ آھن جو هنن کي خبرئي نٿي پوي ته هو ارادتن يا غير ارادتن ڏوهن جا ڪم ڪري رهيا آهن. ھنن کي ايجنٽ نوڪريءَ جو، ڪنھن واپار جو يا مفت ۾ تعليم ڏيارڻ جو ڏٽو ڏئي، ھنن کي قرضي ھڪ طرف بڻائين ٿا ته ٻئي طرف ھنن کي جيلن ۾ پھچائي ھنن کي جسماني ۽ ذھني مريض بڻائين ٿا. آئون اھوئي سوچيندو رھان ٿو ته آخر ائين ڀلا ڇو آھي؟ انڊيا، سري لنڪا، بنگلاديش جا ماڻھو به سڄاڻ ۽ تيز نظر اچن ٿا، ۽ ھنن جو اسان جي ماڻھن جي ڀيٽ ۾ ولايت ۾ رهي ڏوھن ۾حصو گھٽ، بلڪ نه برابر آھي. پوءِ اسان جو ماڻهو ڇو ٿو جلدي لوڀ ۾ اچي؟ منهنجي خيال ۾ ان جو ھڪ سبب ته اھو آھي ته اسان جي ملڪ ۾ سخت بيروزگاري آھي. نوجوان ڊگريون وٺيو ويٺا آھن، انھن کي روزگار سان لڳائڻ لاءِ نه حڪومت وٽ پلان آھي ۽ نه ھو پنھنجي ڊگريءَ سان واسطو رکندڙ ڪو ھنر، ڪا ڪرت سکي روزگار کي لڳي وڃن. بلڪ ھو ڪو ھنر سکڻ ۽ پورھيو ڪرڻ کي بي عزتي سمجھن ٿا. ھڪ نوجوان بيروزگار ويٺو رھي ته اھا ڳالھ ھن جي اندر کي جھوريو رکي ۽ هو مايوسيءَ جي ڪيفيت ۾ ھليو وڃي ٿو. ان کان وڌيڪ ھن جو ماءُ پيءُ پريشان ٿين ٿا ۽ نوڪري حاصل ڪرڻ لاءِ ھو جنھن جو ٻڌن ٿا ان ڏي پنڌ ڪن ٿا. زال جا ڳھه يا پلاٽ وڪڻي ھو رشوت به آفر ڪن ٿا. پر انھن ايجنٽن جو به توھان ٻڌو ھوندو ته نوڪري ته نه وٺرائي ڏنائون پر پئسو به کائي ويا. زور ڀرڻ تي نوڪري ڏيارڻ وارا ايجنٽ ۽ ٽائوٽ اھو ئي چوندا ته اسان ڇا ڪريون، اسان سيڪريٽري صاحب يا وزير صاحب کي توھانجو پئسو پھچايو ھاڻ جڏھن ڪا وئڪنسي ٿئي. ڪوڙ يا سچ، ھڪ پڪا چانگ، مديجي، جھرڪ يا جھوڪ جي مسڪين ڳوٺاڻي جي ڇا ھمت جو ھو ڀاڙا ڀري ڪراچي پهچي ان وزير يا واسطيدار عملدار کان پڇي. پر ڳالھه اھا آھي ته ملڪ جو ملڪ ۾ دوکو کائڻ ۾ غريب جو رڳو پئسو ٿو وڃي سندس پٽ ته سندس اکين اڳيان آھي. ولايت جي ڪوڙين نوڪرين ۽ واپارن ۾ پئسو ته ھليو ٿو وڃي پر ھمراه به جيل تائين پھچيو وڃي جنھن سان مائٽن جو contact ئي نٿو ٿئي. ڪي ته ويچارا ايڏا سادا آھن جو ھنن جو جڏھن پنھنجي ٻچي سان ولايت ۾ contact نٿو ٿئي ته ھو ۽ ھنن جا پاڙي اوڙي وارا اھو ئي چون ٿا ته ٿي سگھي ٿو ڇوڪري کي وڏي نوڪري ملي وئي هجي ۽ ھاڻ شادي ڪري اتي ٽڪي پيو آھي ۽ مائٽن مٽن کي وساري ڇڏيو اٿس. جيتوڻيڪ کين ڪھڙي خبر ته سندن پٽ غلط رٽرن ٽڪيٽ، نقلي ويزا، ڪوڙي نوڪريءَ جي ليٽر تي يا غير قانوني طرح ولايت پھچڻ تي اتي جي انٽيليجنس يا پوليس ايئرپورٽ تان ئي هن کي کنڀي وئي آهي ۽ وڃي جيل ۾ ڦٽو ڪيو آهي. ملائيشيا ۾ مڪاني ماڻھن جي گھٽ ڏوھن ڪري ھنن جا جيل ننڍا آھن. پر ھاڻ ڌارين ملڪن کان ايندڙ ڏوھارين کي سزا ڏيڻ لاءِ ھنن کي چپ چاپ خالي ٻيٽن تي ڦٽو ڪريو ڇڏين ـ جيئن بين الاقوامي ايجنسين کي به خبر نه پوي ته ھنن قيدين کي ھو سڄي ڏينھن ۾ اڀرو سڀرو ڪو ھڪ ويلو مس ٿا ڏين. ڪنھن به ڌارئين ملڪ لاءِ چاھي اھو دبئي، ڪويت، سعودي عرب يا ملائيشيا ۽ ترڪيءَ جھڙو مسلمان ملڪ ھجي يا يورپ جھڙو _ انساني ھمدرديءَ جون ڳالھيون رڳو ھڪ حد تائين ۽ فقط ڪتابن جي حد تائين محدود آھن. ڌارئين ملڪ جو ڏوھاري معصوم آھي ۽ ھن کي ايجنٽ بيوقوف بڻايو، ان ۾ ٻين ملڪن جي حڪومت جي ڪھڙي ھمدردي جو ھن پاران ڪورٽ ۾ ڪيس وڙھن ۽ ثابت ڪن ته ڏوھاري غريب ۽ بي روزگار آھي. ھو روزگار ڪمائڻ لاءِ سندن ملڪ م آيو آھي. بلڪ حقيقت اھا آھي ته ھر ملڪ امير ٽوئرسٽ ته چاھي ٿو، جيڪو سندن ملڪ ۾ اچي خوب پئسو خرچ ڪري وڃي جيئن سندن ملڪ جي ايڪانومي بھتر ٿئي پر ڪو به اھو نٿو چاھي ته غريب ڌارئين ملڪن جو ڪو اچي سندن ملڪن مان پئسو ڪمائي وڃي. هر ملڪ فقط ايترا لميٽيڊ ماڻھو قانوني طرح گھرائي ٿو جن جي ھنن جي فئڪٽرين، ڪارخانن، ٻنين ٻارن يا اسپتالن ۾ سخت ضرورت آھي. ان ۾ به هنن جي پهرين ڪوشش ته اها رهي ٿي ته سندن ئي ملڪن جو ڊاڪٽر انجنير ويندي ڪمپائونڊر مستري ملي وڃي ته بھتر آهي. پوءِ ٻئي نمبر تي هو پنهنجن انھن پاڙيسري ملڪن جي ماڻهن کي ترجيح ڏين ٿا جن جو ڪلچر ۽ ٻولي ساڳي آھي جيئن ملائيشيا وارا انڊونيشين يا آسين ملڪن ٿائليند، ڪمبوڊيا وغيره جي ماڻھن کي ترجيح ڏين ٿا. ان بعد ئي هو اسان جھڙن ملڪن مان گھرائين ٿاـ انھن ۾ به انڊيا، سري لنڪا، بنگلاديش ۽ سڪيورٽي گارڊن ۽ چوڪيدارن لاءِ نيپال جا پورھيتprefer ڪن ٿا جو ھنن جو اھو تجزيو آھي ته اسان جا پاڪستاني پڙھيل ناهن _ يعني ڊگري اٿن پر سبجيڪٽ جي ڄاڻ نه اٿن. ھو ڪم کان ڀڄن ٿا _ ظاھر آھي اسان جي ملڪ ۾ No Work Cultureماڻھن جي ٻيڙي ٻوڙي ڇڏي آھي ۽ اهو به ته پاڪستانين جو موڪلن تي گھڻو مارو رهي ٿو. جنھن ڪري هو جنھن اداري يا فئڪٽريءَ ۾ ڪم ڪن ٿا ان لاءِ پريشاني ۽ Loss ٿئي ٿو.
    سو اھي مٿيون ڳالھيون سوچي، اندازو لڳايو ته جڏھن ته ڌاريان ملڪ قانوني طرح ايندڙ پاڪستانين مان ئي خوش نٿا رھن، سو اھڙي تناظر ۾ ھرروز غير قانوني طرح اچڻ وارن اسان جي ماڻھن تي ھنن کي ڪيڏي باھ ٿيندي ھوندي. اسان جو ماڻھو وري اھو ٿو سوچي ته جيئن پنھنجي ملڪ ۾ ڏوھاري جھلجن نٿا، يا جھلجڻ تي اثررسوخ ھلائي يا پوليس کي پئسو کارائي ڇٽيو وڃن، تيئن شايد ٻين ملڪن ۾ به ڪم ائين پيو هلي. جيئن اسان وٽ بنگالي، برمي، افغاني وغيره مسلمان ھجڻ جي ناتي اسان جي ملڪ ۾ رھيا پيا آھن ۽ پنھنجا شناختي ڪارڊ به پيا ٺھرائين ته پاسپورٽ به، سو مسلمانن جا ٻيا ملڪ اسان کي سندن ملڪ ۾ ٽڪڻ کان جھل پل نه ڪندا، ۽ ويزا بابت ته اسان جا ماڻھو اھو ٿا سمجھن
    ته مقرر ويزا کان ٻه چار ڏينھن وڌيڪ رھڻ ۾ ته ڪا غلط ڳالھه آھي ئي ڪانه. يا گھمڻ جي ويزا تي وڃي ڌارئين ملڪ ۾ نوڪري ڳولڻ ڪو ڏوھه ناھي. پوءِ اسان جا ماڻھو پنھنجي مرضيءَ سان يا ايجنٽن جي غلط رھنمائي ڪري، ٻاھرين ملڪن ۾ پھچن ٿا ته يڪدم جھلجيو پون ۽ پوءِ وايون بتال ٿيو وڃنن. ڌارين ملڪن جي ايئرپورٽن تي جيڪي اسان جي ملڪ جا ڏوھاري نظر اچن ٿا انھن ۾ گھڻائي انھن جي ھوندي آھي، جن وٽ رٽرن ٽڪيٽ نه ھوندي آھي. اسان جي ملڪ جي ماڻھن لاءِ ھر ملڪ، بلڪ بي عزتيءَ کان بچڻ لاءِ اسان جي ملڪ ئي اھو قانون ٺاھي ڇڏيو آھي ته پاڪستان کان ٻاھر ويندڙ هر پاڪستانيءَ وٽ واپسي جي ٽڪيٽ ھجڻ ضروري آھي. ٺڳ ايجنٽ نوڪري ڏيارڻ جا پئسا ھڪ طرف وٺن ٿا ته ويزا لڳرائڻ ۽ وڃڻ ۽ موٽڻ جي ٽڪيٽ جا پئسا الڳ وٺن ٿا. پوءِ ڪيترا ايجنٽ ته ڪوڙي ويزا جو ٺپو ھڻائي اھو پئسو به پاڻ وٽ رکن ٿا ...... اسان جي ملڪ ۾ ڇا ڇا نه پيو ٿئي.....؟ ويندي يونيورسٽين جون ڪوڙيون ڊگريون ۽ ڊرائيونگ لائسنس پيا ٺھن. سو ڪوڙي ويزا جو اسٽڪر ڇپي هڻڻ ۾ ڪهڙي ڏکيائي! ۽ جڏھن کان ”اي ـ ٽڪيٽ“ جو سلسلو شروع ٿيو آھي ڪنھن پني تي ڪوڙي نقلي ٽڪيت پرنٽ ڪري پئسينجر کي ٺڳڻ آسان ڪم ٿي پيو آھي. ولايت ۾ نوڪرڻ ڪرڻ واري کي ڪيترا ٺڳ ايجنٽ فقط ڪراچيءَ کان ولايت وڃڻ جي هڪ طرفي ٽڪيٽ صحيح ڏين ٿا جيئن ھو ھتان ٽري وڃي، باقي اڳتي ھن کي ڪھڙي خندق ۾ ڪرڻو آھي ان سان ايجنٽ جو ڪو واسطو ناھي. اسان جي ڪراچي ايئرپورٽ تي به رٽرن ٽڪيٽ چيڪ ٿي سگھي ٿي پر ايجنٽ حضرات رشوت ڏئي مسافر کي لائونج ڏي ڌڪرايو ڇڏين ته وڃي جھاز ۾ سوار ٿئي. ٻاھر ملڪ جي ايئرپورٽ تي پھچڻ سان جڏھن ان مسافر جي رٽرن اي ٽڪيٽ ۽ ويزا چيڪ ٿي ٿئي ۽ اھا نقلي ٿي نڪري ته ھن کي ان ئي وقت ھٿڪڙيون ھڻي جيل موڪليو وڃي ٿو پر جيئن ته جيل به ڀربا وڃن ۽ مڪاني حڪومت کي ڏوھارين جو ايڏو وڏو تعداد پريشان ٿو ڪري، ان ڪري ھنن کي ايئرپورٽ تي ئي وھاريو ڇڏين جيسين ھنن جا مائٽ ھنن لاءِ ڪنھن ايئرلائين جي رٽرن ٽڪيٽ موڪلين. ھنن کي ماني ٽڪي به نٿا ڏين ـ ھنن وٽ جيڪي چار پئسا آھن انھن مان ايئرپورٽ تي موجود مهانگين ريسٽورنٽن مان ڪجھه نه ڪجھه وٺي کائين ٿا ۽ پوءِ پئسا ختم ٿيڻ تي ايئرپورٽ تي ايندڙ مسافر کي مانيءَ لاءِ منٿ ميڙ ڪندا رھن ٿا.
    مٿي اسانجي ماڻھن جو ايجنٽن جي ڪوڙڪين ۾ ڦاسڻ جو ھڪ سبب بيروزگاري لکيو اٿم ۽ ٻيو سبب آئون اھو ئي سمجھان ٿو ته اسان جا ماڻهوھر ڳالھه تي جلدئي وسھجيو وڃن ٿا ۽ پوءِ يڪدم ھڪmind set ٺاھيو ڇڏين ته ايجنٽ جيڪي چوي ٿو اھو صحيح ٿو چوي ۽ ھو ھنن لاءِ وڏو ھمدرد آھي ـ ڇو جو جنھن سان به منھنجو واسطو پيو آھي يعني مون کي فون ڪري مونکان صلاح ورتي آھي ته ھڪ ايجنٽ کانئن ٽي چار لک وٺي ولايت ۾ نوڪري ٿو ڏياري ته آئون ھنن کان اهوئي پُڇندو آھيان ته اھو ڪھڙو ايجنٽ آھي؟ ـ يعني توھان جي ڳوٺ جو پنهنجو مٽ مائٽ آھي يا دوست آھي؟ ته ھو يڪدم ڳالھه گول مول ڪري اھو ئي پيا ٻڌائيندا ته سائين دوست آھي، وڏو ھمدرد آھي. ھو چوي ٿو ته انگلنڊ ۾ نرُ_نرس( male nurse) جي نوڪري نه ملي سگھي ته توھان جي پٽ کي روس ۾ رھندڙ سندس ڀاءُ جي ريسٽورنٽ ۾ نوڪري ڏياريندس. پوءِ گھڻي زور ڀرڻ تي ٻڌائيندا ته اهو ايجنٽ سندن ڳوٺ جو ناھي. پشاور جو ڪو پٺاڻ آھي. سندن ھڪ ڳوٺائيءَ جو سڃاڻو آھي. ھو ڳالھه اھڙي نموني سان ڪندا ڄڻ ھن جي ٻچي کي پڪي نوڪري ملي وئي ھجي ۽ منھنجي نه ڪرڻ تي يا دليل بازي ڪرڻ تي، ھنن جي دل ٽٽي پوندي. آئون کين سمجھائيندو آھيان ته سائين آئون توھان کي پنھنجن ٻارن کي ولايت موڪلڻ لاءِ نه پيو جھليان، توھان ڀلي پلاٽ يا ٻه جريب زمين وڪڻي ھن کي پئسا به ڏيو پر اھو ڪم ڪرڻ کان اڳ گھٽ ۾ گھٽ ھي ٻه ڳالھيون ته ان ايجنٽ صاحب کان پڇو ته ھن ٻين کي به نوڪري وٺرائي ڏني آھي يا نه. ۽ جي ڏياري آھي ته انھن جا فون نمبر ڇا آھن جن کي توھان فون ڪري پڇو ته آيا اھا حقيقت آھي يا فراڊ؟ ۽ جنھن ڪمپني، ڪارخاني، ھوٽل، اسپتال ۾ ٽيڪنيشن، اڪائونٽنٽ، ڊاڪٽر يا بئري جي ضرورت آھي انھن کان به فون تي پڪ ڪريو ته فلاڻي ماڻھوءَ جي معرفت توھان نوڪري ڏيڻ چاھيو ٿا يا نه؟ منھنجي ان چوڻ تي اڪثر ھو اھو چون ٿا ته ”نه سائين ھڪ ته ايجنٽ نوڪري ٿو ڏياري، ٻيو ھن تي شڪ ڪبو ته ھو دل ۾ ڪندو.“
    سائين نوڪري ٿو ڏياري ته ان لاءِ توھان کان ھو ٻُڪ ٽڪا ٿو گھري ۽ توھان اھو نٿا چاھيو ته ڦرجڻ کان اڳ يا توھان جي جگر جو ٽڪرو جيل حوالي وڃي ٿئي، ھن کان اھو کڻي پڇجي؟ آئون انھن نوجوانن يا سندن والدين کان جڏھن اھو پڇندو آھيان ته ان ايجنٽ کان اھو ته پڇو ته جيڪڏھن ولايت پهچي نوڪري نٿي ملي، يا خدانخواسته توھان جو نينگر پرديس ۾ رلي ٿو وڃي _ يعني ھن سان دوکو ٿو ٿئي ته ھتي ڪير ذميوار ٿيندو؟ اسان ڪنھن کي جھليون؟ ان ڳالھه تي به اسان جا ماڻھو شرم ٿا محسوس ڪن. بلڪ ايجنٽ جي بچاءَ لاءِ چوندا ته ھو ھتي جو ته آھي ڪونه، اسان جي جنھن مائٽ جو دوست آھي اھو چوي ٿو ته اھڙو شڪ ته نه ڪريو. يارو ھيءَ دنيا ٺڳين سان ڀري پئي آھي ـ ڪجھ ته خبردار ٿيو. سڀ ايجنٽ پھرين شريف ۽ ھمدرد نظر اچن ٿا پوءِ پئسي ۽ پٽ وڃڻ تي پوليس به ڪجھه نه ڪري سگھندي آھي. پر اسان جا ماڻھو اھڙا وسوڙيل آھن جو ھو ڪنھن جا ٻه مٺا ٻول ٻڌي ھن جا معتقد مريد ٿيو پون ۽ پنھنجو اھڙو ته ذهن mind set ٺاھيو ڇڏين جو سندن دماغ ۾ جيڪا ڳالھه اچي ٿي ان تان ٽس کان مس نٿا ٿين. ايجنٽن جي چوڻ تي اسان جا ماڻھو ايجنٽ جو بڻ بنياد معلوم ڪرڻ يا نوڪريءَ جي خبر چار معلوم ڪرڻ بدران يڪدم خوابن جي دنيا ۾ هليا وڃن ته سندن پٽ اجھو ته ولايت پھچي ڊالر ريال ٿو موڪلي. ان ۾ ڪو شڪ ناھي ته ھي ايجنٽ وڏا شاطر ۽ مجبور انسان جي ڪمزورين جي ڄاڻ کان واقف رھن ٿا ۽ اھڙيون ته مٺيون مٺيون ڳالھيون ڪن ٿا جو شڪار ھنن جي ڪوڙڪن ۾ ڦاسيو پوي. توھان اھا به ڳالھه سوچيو ته ايجنٽ ميل نرس(نر نرس) جي نوڪريءِ لاءِ ٿو چوي. پھرين ڳالھه ته يورپ جي ملڪن ۾ اسان ايشين، خاص ڪري پاڪستانين لاءِ ايڏي نفرت ٿي پئي آھي جو انگلينڊ ۽ يورپ جا گورا اسان. جي پاڪستاني ڊاڪٽرن کي ئي avoid ڪن ٿا. ٻي ڳالھه سوچڻ جي اھا ته ڪنھن اسپتال ۾ جيڪڏھن ڪنھن نرس، ڊاڪٽر يا ڪمپائونڊر جي ضرورت پوي ٿي ته اھي ان ئي وقت ڏينھن ٻن اندر بندوبست ڪريو وٺن. ھتان ٽنڊو ٺوڙھو يا ٽنڊو باگو مان ڪنھن ھمراھ کي گھرائڻ ۾ ڪو ھڪ ٻه ڏينھن لڳي ٿو؟ ھڪ قانوني طرح گھرائڻ واري تي به گھٽ ۾ گهٽ ٻه مھينا لڳيو وڃن، جيسين ڪاغذ پٽ ٺھن، نوڪريءَ جو ليٽر ڏسي ان ملڪ جو سفارتخانو اوڪي ڪري ويزا لاءِ ھائوڪار ڪري، ٽڪيٽ جو بندوبست ٿئي.........وغيره وغيره. يا روس جھڙي ملڪ ۾ ڪنھن ريسٽورنٽ لاءِ بئري جي لاءِ اسان جو ماڻھو وڃي -- کل جھڙي ڳالھ آھي، جڏھن ته روس جهڙن ملڪن ۾ اتي ئي بيروزگاري ۽ غربت وڌيل آھي ۽ اتي جا ماڻھو گھٽ پگھار تي به نوڪري يا مزوري ڪرڻ لاءِ تيار آھن. ذرا سوچيو ته توھان جي سجاول، سانگھڙ يا سعيد آباد ۾ ڪا ريسٽورنٽ ھجي ـ ان جو ڪو بئرو ھليو وڃي. ڇا توھان جيڪب آباد يا ڪشمور مان گھرائڻ لاءِ ٻه ٽي مھينا پيا انتظار ڪندائو؟ توھان لاءِ ته ھڪ ڏينھن انتطار ڪرڻ به ڏکيو ٿي پوندو ۽ ڪوشش اھا ئي ڪندائو ته جنھن شھر ۾ توھان جي ھوٽل آھي ان شھر جي ئي ڪنهن ماڻھوءَ کي رکجي جيڪو ڊيوٽي ڏئي گھر ھليو وڃي ـ ايجنٽ اھي به ڏٽا ڏيندا رھندا آھن ته فلاڻي ملڪ جي فئڪٽري يا اسپتال ۾ انجنيرن ۽ ڊاڪٽرن جي ضرورت آھي ـ حيرت جي ڳالھه آھي ته اھي اسپتالون ۽ فئڪٽريون ڊاڪٽرن ۽ انجنيرن جو انتظار پيو ڪن ته جيسين نوشھري، لاھور يا پشاور جو ايجنٽ ڪنري، ڪپري يا ڪوٽڙيءَ مان ڊاڪٽرن، انجنيرن کي راضي ڪري اچي! ولايت ۾ اسان جون پاڪستاني نرسون، ڊاڪٽر وغيره به نظر اچن ٿا پر اھي گھڻو ڪري تڏھن رکيا ويا جڏھن اھي اسپتالون ٺھيون پئي ۽ ان دوران انھن جا مھينا انٽرويو، پگھار بابت فيصلا پئي ھليا. ھاڻ جي يورپ، آمريڪا يا ويندي ايشيا جي امير ملڪ ۾ ڪا سٺي نوڪري آھي ۽ ھو اسان جي ملڪ جي ماڻھن کي رکڻ چاھين ٿا ته ان ملڪ ۾ ئي اسان جا ڪيترا پاڪستاني رھن ٿا جيڪي ان ملڪ جا شھري آھن ۽ ھو انھن جي اولاد کي نوڪري ڏئي سگھن ٿا. پر ان ھوندي به جيڪڏھن ڪنھن ملڪ جي حڪومت طرفان اسان پاڪستانين لاءِ نوڪريءَ جو اشتھار اچي ٿو وڃي ته ان جي خاطري ڪري ضرور apply ڪجي. نوڪري ڏيڻ وارو توھان کي ٽڪيٽ به موڪليندو ۽ نه نوڪري ۽ ويزا ڏيڻ جي بدلي ۾ توهان کان پئسو وٺندو. خاطري ڪرڻ ان ڪري ضروري آھي جو ڪيترن ملڪن جا ٺڳ ماڻھو، ويندي اسان جي ملڪ جا ماڻھو جيڪي انھن ملڪن جي شھريت اختيار ڪري اتي ويٺا آھن اھي اسان جي ملڪ جي غربت، بيروزگاري ۽ مجبوريءَ جو فائدو وٺي اسانجي ملڪ جي اخبارن ۾ نوڪرين جو اشتھار ڏين ٿا. پنھنجو فون نمبر به ڏين ٿا پر جھلجڻ (Locate ٿيڻ) جي خوف کان موبائيل نمبر ڏين ٿا جيڪو سندنRoaming نمبر ٿئي ٿو. يعني نمبر ملائيشيا جو ڳالھائيندا ٿائلينڊ يا انڊونيشيا ۾ ويھي. ھو نوڪري جي فارم ڀرڻ لاءِ چون ٿا. اسان جا ھزارين بيروزگار يا بھتر نوڪريءَ جي تلاش وارا ڊاڪٽر، انجنير فارم ڀرين ٿا. پوءِ ھنن کي رجسٽرڪرڻ جو ٻڌائي ٽيھه چاليھه ڊالر ڪنھن اھڙي بئنڪ ۾ جمح ڪرڻ لاءِ چون ٿا جنھن جون برانچون ٻين ملڪن ۾ به ھجن ۽ ھو آن لائين پئسا ڪڍرايو وڃن. ان بعد سڀني وٽ اھو ئي خط اچي ٿو ته سڀني ۾ توھان کي پسند ڪري چونڊيو ويو آھي، سو نوڪريءَ تي پھچڻ لاءِ ايئر ٽڪيٽ جا ھيترا پئسا جمح ڪرايو. پوءِ اھي پئسا به ويا. نه ٽڪيٽ ايندي آھي نه نوڪريءَ جو contract. غريب ڳوٺاڻو يا کڻي امير طاقتور جو پٽ ھجي، ھو ڇا ٿو ڪري سگھي؟ ان ڪري ته آئون ھر وقت لکندو آھيان ته ڦرجڻ بعد ڪجھه نٿو ٿئي. ھي دنيا وڏي ظالم آھي جنھن ۾ پنھنجا به دوکا ڪندا رھن ٿا. البت پئسا موڪلڻ کان اڳ توھان ان ملڪ ۾ رھندڙ ڪنھن دوست يا مائٽ کي ائڊريس ۽ فون نمبر ڏيو ته ھو پڪ ڪرائي ته هي واقعي حڪومتي يا ڪنھن سٺي ڪمپنيءَ جو اشتھار آھي، جنھن کي واقعي ماڻھن جي ضرورت آھي يا ڪو ٺڳيءَ جو ٺاھ آھي. ڇو جو ھن بيروزگاريءَ جي دور ۾ ولايت ۾ ڪنھن کي واقعي نوڪري ملي وڃي ٿي ته تمام سٺي ڳالھه آھي پر ائين ته نه ٿئي جو نوڪري به نه ملي ويتر غريب چار ڏوڪڙ به وڃائي قرضي ٿي وڃي، ۽ پنھنجي ٻچي کي به سورن ۾ وجھي.


    پنھنجي اولاد تي نظر رکو

    ٻن ڏينھن کان پنھنجي موبائيل فون تي ڪنهن نئين نمبر تان اھوئي ميسيج اچي رھيو ھو ته ”سائين توھان جو دلپسند ناول ڪھڙو آھي؟“
    ھاڻ اھڙي سوال جو ھن عمر ۾ ڪھڙو جواب لکان؟ انسان کي ھر دور ۾ مختلف ناول يا ڪو ٻيو ڪتاب پسند اچي ٿو ..... اهو به سوچيم ته اھڙي ڪنھن سوال مان پڇڻ واري کي ڪھڙو فائدو؟ ٿيو پنھنجو ۽ ٻئي جو وقت وڃائڻ
    ٻن ڏينھن بعد وري ساڳي نمبر تان سوال آيو پر ھن ڀيري اھو ساڳيو نه ھو پر ٻيو ھو. ”سائين سڀ کان سٺو شھر ڪھڙو آھي؟“ پڇڻ وارو به ڪو عجيب آھي، مون دل ۾ سوچيو. ڪنھن کي ڪھڙو ٿو شھر وڻي ته ڪنھن کي ڪھڙو....... ڪنھن کي مڪو، مدينو يا مشهد سٺو شھر لڳندو ھوندو ته ڪنھن کي بئنڪاڪ، بصرو يا بيروت .... پر پڇڻ واري جو ھن قسم جا سوال پڇڻ مان ڪھڙو مقصد؟
    آئون پنھنجو فون ڪوشش ڪري آن ان ڪري ٿو رکان ته متان ڪو منھنجو شاگرد، جھاز ھلائيندڙ، سمنڊ تي پريشان ھجي ۽ ان قسم جي جھاز سان منھنجو واسطو ھجڻ ڪري آئون پنهنجي تجربي مان هن جو مشڪل ڪجهه آسان ڪري سگهان، يا وري پنھنجي ملڪ جو ماڻھن لاءِ جيڪي ولايت ۾ نوڪري يا تعليم بابت پڇن ٿا ۽ آئون کين نوڪري ڏيارڻ وارن ٺڳ ايجنٽن يا ٻين مسئلن بابت پنھنجي تجربي ۽ معلومات مطابق ڪا رھنمائي ڪري سگھان. مٿين ھمراه جي ميسيجن جو جواب نه ڏيڻ تي ھن جو ھاڻ رکي رکي مِس ڪال اچڻ لڳو. آخر کيس فون ڪري پڇيم ته ھو ڪير آھي ۽ ڇا ٿو پڇڻ چاھي.
    خبر پيئي ته ھو لاڙڪاڻي پاسي جي ڪنهن شهر جو آھي ۽ ھن B.A ڪئي آھي. ھن وڏي فخر سان مونکي ٻڌايو ته ھو اڄ ڪلھه CSS مقابلي جي امتحان جي تياري ڪري رھيو آھي.
    ”ته پوءِ ته توکي ھنن ميسيجن (SMS) ۽ فيس بڪ پٺيان وقت نه وڃائڻ کپي ۽ اھي ڪي CSS جي امتحان سان واسطو رکندڙ سوال نه آھن جن لاءِ تون پيو مون جھڙن کي SMS ڪرين؟“
    مون کيس سمجھايو ته جيڪڏھن ھو ملڪ جي ھن اعلي ترين مقابلي جي امتحان ۾ واقعي حصو وٺڻ چاھي ٿو ته في الحال ٻيا شوق ڇڏي پڙھائيءَ ۾ لڳي وڃي. ھن امتحان ۾ سوين ذھين ۽ محنتي شاگرد وھن ٿا جن مان فقط چند مٿاھين پوزيشن وارا کنيا وڃن ٿا. اھو ان ڪري جو ننڊي ھوندي کان آئون به اسلم سنجراڻي. عابد شيخ، ظفر شيخ، اشفاق ميمڻ، شريف بلوچ، نور محمد جادواني، امتياز قاضي، اقبال جماڻي، ڊاڪٽر عثمان چاچڙ ۽ ڊاڪٽر ولي الله دل جھڙن کي ڏسندو اچان ته ھنن ھن امتحان جي تياريءَ ۾ ڏينھن رات ھڪ ڪري ڇڏيو هو. آخر ۾ مون ھن کي اھا دلچسپ ڳالھه ٻڌائي ته CSS امتحان پاس ڪري سٺي نوڪري حاصل ڪرڻ جو ھر اميد وار کي شوق ھوندو آھي پر امتحان جي تياري ڪرڻ وارن ۾ ٻن قسمن جا ماڻھو ھوندا آھن. ھڪ اھي جيڪي چپ چاپ ڪنڊ پاسو وٺي، دوستن يارن سان ملڻ ڪچھريون ڇڏي، ڏينھن رات پڙھائيءَ ۾ ڌيان ڌري امتحان پاس ڪري وٺندا آھن. سندن ڪيترن دوستن کي به ان وقت خبر پوندي آھي جڏھن سندن ڪاميابيءَ جو نتيجو ظاھر ٿيندو آھي. ٻيا وري اھي ھوندا آھن جيڪي پڙھائيءَ تي ڌيان ڏيڻ بدران ھروڀرو مائٽ مٽن، دوست يارن، ويندي اوڙي پاڙي وارن کي ٻڌائيندا وتندا آھن _ بلڪ انھن کي متاثر ڪرڻ لاءِ، اھاني بھاني ذڪر ڪندا رھندا آھن ته ھوCSS جي امتحانن جي تياري ڪري رھيا آھن. ڪڏھن ڪنھن وٽ پيا ويندا ته ڪڏھن ڪنهن وٽ .... اھو پڇڻ لاءِ ته فلاڻو ڪتاب اٿانو؟ آئون CSS جي تياري ڪري رھيو آھيان ..... ۽ پوءِ کين ھنن کان ڪتاب ملي يا نه پر ھنن جي تجسس وارين نگاھن کي ڏسي خوش ٿيندا آھن ته ھنن تي رعب پيو پوي ته اجھو ٿو ڊپٽي ڪمشنر يا پوليس آفيسر ٿيان.
    اھا ڳالھه ڪري مون ھمراھ کي چيو ته تون متان ٻئي ٽولي مان ٿين. ڪوشش ڪري پھرين ٽولي کي فالو ڪر جيڪي پڙھائيءَ ۾ اھڙا مشغول آھن جو ھنن کي ماني کائڻ به وسريو وڃي.
    اهڙي طرح ھڪ ٻئي شاگرد جو SMS آيو ته ھو مون سان ڳالھائڻ ٿو چاھي. فون ڪيومانس ته ھن ٻڌايو ته ھو مون کي سالن کان پڙھي رھيو آھي پر مونکي سندس اھا ڳالھه ٻڌي خوشي ٿي ته ھو گھوٽڪي پاسي جي ڪنھن ڳوٺ جو ھڪ غريب ۽ محنتي شاگرد آھي ۽ ھن کي نمل يونيورسٽيءَ ۾ داخلا ملي وئي آھي جتان ھو ھن وقت ڳالھائي رھيو آھي. آئون کانئس سندس هن نئين تعليمي اداري جي خبر چار پڇندو رھيس ۽ مبارڪ ڏنيمانس. کانئس اھو به پڇيم ته ھاسٽل ۾ ھن جا ڪير روم ميٽ آھن.
    ”ھڪ ملتان جو آھي ۽ ٻيو سرگوڌا جو.“ ھن ٻڌايو.
    ”پڙھائيءَ ۾ ڪيئن آھن؟“ مون پڇيو.
    ”ٻئي محنتي ۽ ذھين آھن.“ ھن ٻڌايو ۽ ھن شايد سمجھيو ته آئون اھو ٿو چاھيان ته ھن کي سنڌي شاگردن سان رھڻ کتو ٿي جو ھن يڪدم چيو ته سائين ھڪ ڪمري ۾ قمبر ۽ نواب شاه جو شاگرد ھو پر مونکي پوءِ خبر پئي. ان کان اڳ ھڪ مستونگ جي شاگرد کي ان ڪمري ۾ بيڊ ملي ويو.
    ” نه. نه. منھنجو ڪو اھو مطلب ھرگز ناھي،“ مون کيس يڪدم چيو، ”آئون ته اھو ئي چوندس ته پنھنجي ڳوٺ يان صوبي جي ماڻھو جو نه سوچجي پر سٺي ۽ ڪسي جو سوچجي. دوستي ۽ ويجهڙائپ هميشهه ان سان رکجي جيڪو پڙهڻ ۽ اخلاق ۾ بهتر هجي“
    مون ھن کي چيو ته اھا ڳالھه دل ۾ نه ڪجو. ڪيترا ماڻھو منھنجي ان نصيحت يا مشوري کي غلط رنگ ڏيندا آھن ته آئون ڪو کين پنھنجن کان نفرت ڪرڻ لاءِ ٿو چوان. ولايت ويندڙ شاگردن کي به آئون اھو ئي چوندو آھيان ته ھو ان ملڪ يا ڌارين ملڪن جي سٺن شاگردن سان دوستي رکي انھن جون سٺيون ڳالھيون پرائين. پنھنجا ته ھونءَ ئي پنھنجا آھن، ڪنھن وقت به ڪم پوڻ تي ھنن وٽ وڃي سگھجي ٿو. ڪجھه ڌارين سان به رکجي راھجي ۽ ھڪ شاگرد کي دوستي جي معاملي ۾ ان ماڻھوءَ جي چونڊ ڪرڻ کپي جيڪو محنتي، ذھين ۽ سٺي اخلاق وارو ھجي.
    اسان وٽ ڇا ٿو ٿئي جو ڪنھن جو ٻار ٻاھر پڙھڻ يا نوڪريءَ لاءِ ٿو چونڊجي ته هو پنهنجي ٻار لاءِ يڪدم پڇا ڳاڇا ٿو ڪرائي ته ان اداري يا شھر ۾ ڪو سنڌي آھي ۽ پوءِ ان جي مائٽن ذريعي ان کي پارتون پيون ٿينديون ۽ پنھنجي ٻار کي به چوندا ته ان سان وڃي ملجانءِ ۽ ان سان ئي رهجانءِ. ڪنھن جي به مائٽن کي خبر نٿي پوي ته هن جو ٻار ڪيئن آهي. بلڪ آئون ته اهو چوندس ته اسان جا ڪيترا سنڌي والدين ان معاملي ۾ ڪجھه سست، ڪجھه حد کان وڌيڪ پُراعتماد ۽ ڪجھه خوش فھميءَ ۾ مبتلا رھن ٿا ته ھنن جو ٻار پرديس ۾ رھي بي حد محنت ڪري پڙھي به رھيو آھي ته اخلاق به سٺو اختيار ڪري ويٺو آھي. پر يارو ايئن ناھي. زميني حقيقتون ڪجھه ٻيون ئي ٿين ٿيون. ڪيترن جا ٻار جڏھن اتي پھچي انھن ٻارن جي اثر ۾ رھن ٿا جن کي سندن والدين طرفان پارت ڪئي وئي آھي، ته ھو به ھنن جھڙا ٿيو پون.
    ڪجھه ڏيھن اڳ چين جي ھڪ شھر ۾ تعليم وٺندڙ اسان جي ٻن شاگردن کي سزا اچي وئي. ھو نشي ۾ ھئا ۽ انھن مان ھڪ رستي تان لنگھندڙ چيني ڇوڪريءَ سان ھٿ چراند ڪئي جنھن کي ته جيل اچي ويو آھي پر هن سان گڏ هلندڙ ٻئي کي سزا طور ايڏو ڏنڊ ھنيو ويو آھي جو ھن جي غريب مائٽن لاءِ اھو ادا ڪرڻ وڏو مسئلو ٿي پيو آھي. اھو شاگرد پنھنجي بچاءَ لاءِ دليل ڏيندو رھيو ته ھن جو ڏوھ ناھي ھن کي ھن جيل جي سزا واري دوست ”موتائي چِيو“ (Moutai) شراب پيئڻ لاءِ مجبور ڪيو. پر ڳالھه اھا آھي ته ڏوھ ڏوھ آھي. جيئن ملائشيا ۾ ھڪ شاگرد کي چرس رکڻ جي ڏوھ ۾ سزا ملي وئي. ھو گھڻو ئي دانھون ڪندو رھيو ته ھن جي ملائڪن کي به خبر نه ھئي ته ھن وٽ چرس آھي. ھو ته پنھنجي دوست لاءِ سندس مائٽن طرفان ڏنل مٺائيءَ جو دٻو کڻي آيو ھو. ھن کي ڪا خبر نه ھئي ته ھن مٺائيءَ ۾ ڪجھه چرس به لڪل آھي.
    اسان وٽ به سخت قاعدا قانون ۽ ڏوھن جون سخت سزائون آھن پر جيئن ته انھن تي عمل گھٽ ٿو ٿئي يا ڏوھاري رشوت يا اثر رسوخ ذريعي آسانيءَ سان بچيو وڃي ته اسان جي دماغ ۾ اھا ڳالھه ويھي وئي آھي ته دنيا جي ھر ملڪ ۾ ڪم ائين پيو ھلي. پر ائين ناھي. يورپ جا ملڪ ته ڇا پر اسان جي ايشيا جي به ڪيترن ملڪن ۾ قانون سخت آھي ۽ اھو قانون ۽ سزا نه فقط غريب لاءِ آھي پر امير لاءِ به ساڳي آھي. ملائيشيا ۽ سنگاپور به انھن مان ھڪ آھي جتي چرس يا ٻئي منع شده نشي جي ذرڙي واپرائڻ، وڪڻڻ، رکڻ يا ٻئي کي ڏيڻ جي سزا موت آھي. نون آيل ٽوئرسٽن کي انھن ملڪن جي ايئرپورٽن تي لھڻ کان اڳ ھوائي جھاز ۾ ۽ ايئرپورٽ تي وڏن بل بورڊن ذريعي خبردار ڪيو وڃي ٿو ته Daddah is Death يعني نشي جي سزا موت آھي. ان ڪري ٻاھر ويندڙن کي اھو ئي چوندس ته ھو خبردار رھن. ھو پنھنجي ملڪ مان ڪنھن جي لاءِ ڪابه کاڌي پيتي جي شي يا ٻيو سامان کڻي نه وڃن ۽ نه ايئرپورٽ تي يا ڪنھن انتظار گاه ۾ ڪو ھنن وٽ ٿيلھو يا بئگ رکڻ لاءِ ڏئي ته ھرگز نه رکن ڇو جو ان مان ڪا نشيدار شيءِ نڪري آئي ته ھو ڏوھاري ٿيندو. ملائيشيا وارن جڏھن ھي قانون ٺاھيو ته پھريان ڏوھاري آسٽريليا ۽ نيوزيلنڊ جا ٻه نوجوان ٽوئرسٽ ٿيا، جن وٽ سندن استعمال لاءِ ڪو ذرڙو چرس جو يا ڪو ٻيو نشو ھو. کين ڦاھيءَ جي سزا اچي وئي. سندن بچاءَ لاءِ ٻنھي ملڪن جا وزيراعظم اچي ڪوالالمپور ويهي رهيا ته به ھنن کي معاف نه ڪيو ويو ۽ ڦاھيءَ تي لٽڪايو ويو. ان تي ”داداه از ڊيٿ“ نالي انگريزي فلم به ٺھي. داداه (Dadah) نشي جي شين لاءِ ملئي لفظ آھي. پڙھندڙن کي اھو معلوم ڪري افسوس ٿيندو ته ان ڏوھ ۾ اسان جي ملڪ جا ڪيترائي ڄاڻائي ۽ اڻ ڄاڻائي سبب سزاياب ٿيندا رهن ٿا. ڪيڏي ڏک جي ڳالھه آھي جو ڪجھه ڏينھن اڳ ھڪ نوجوان شاگرد جي والد مونکي فون ڪري شڪايت ڪئي ته سائين منھنجي پٽ کي ملائيشيا ۾ رھندڙ سندس دوستن ٿورو نشو ڪرايو ان کي پوليس گرفتار ڪري وئي آھي. ھن اھو به ٻڌايو ته ھو ھتي پڙھندا ھئا ته به ٿورو ٿورو نشو ڪندا ھئا.
    ”پر ملائيشيا ۾ نشو ڪرڻ يا نشي جي شيءَ رکڻ سخت ڏوھ آھي. ڇا توھان کي اھا خبر ناھي؟“ مون چيومانس.
    ”نه سائين! اسان کي خبر نه ھئي.“ ھن وراڻيو.
    پڙھندڙن جي ڄاڻ لاءِ ھتي اھو قانوني نقطو به لکندوهلان ته Ignorance of Law, is No Excuse يعني اھا سوچ غلط آھي ته توھان کي جي ملڪ جي قانون جي خبر نه آھي ته توھان جي معافي ٿي وئي. ھرگز نه. ايتري قدر جو مثال طور اسان جو جھاز ڪراچيءَ کان ڪوبي(جپان) لاءِ روانو ٿو ٿئي. ھڪ يا ٻن ڏينھن بعد جڏهن اسان سمنڊ تي آهيون ۽ دنيا جي ريڊيو، ٽي وي ۽ اخبارن کان ڪٽيل آهيون ته جپان ۾ ڪو قانون ٿو پاس ٿئي جنھن جي ظاھر آھي اسان کي سمنڊ تي ته خبر نٿي پوي پر ان ھوندي به ڏھن ڏينھن بعد جڏھن اسان جو جھاز ڪوبي (Kobe) پھچي ٿو ته آٽوميٽيڪلي اھو قانون اسان سان به لاڳو ٿي ويو. اسان اھو چئي نٿا سگھون ته اسان اخبارن ۾ نه پڙھيو.
    دنيا ۾ اها خبر ته ٽيهه چاليهه سالن کان عام آهي ته ملائيشيا ۽ سنگاپور ۾ نشي جي سزا ڦاھي آھي. مون کي فون ڪندڙ والدُ، ملائيشيا جي پوليس تي ڪاوڙ ڪندو رھيو ته ھن جي ڇوڪري معمولي نشو ڪيو آھي ان تان ھن کي ٻڌي ويا آھن ۽ ايندڙ ھفتي ڪورٽ ۾ پيش ڪندا. آئون دعائون ئي ڪندو رھيس ۽ ھن کي ٻڌائي نه سگھيس ته ان ڏوھ جي ملائيشيا ۽ سنگاپور ۾ ڪيڏي وڏي سزا آھي.
    ڪڏھن ڪڏھن ملائيشيا جي شھرن ۾ پنھنجي سنڌي شاگردن کي هڪ ٻئي جي ڳچيءَ جي چوڌاري ٻانهن ورائي رستن تي ڪچھري ڪندو يا مستي ڪندو ڏسندو آھيان ته به ڏک ٿيندو اٿم ۽ کين چئي ڏيندو آھيان ته توھان کي توهانجي امير توڙي غريب والدين پئسو خرچي ولايت ۾ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ موڪليو آھي ۽ نه اجايو رلڻ پنن لاءِ. ٻيو ته ٺھيو چين جي ھڪ شھر جي ريسٽورنٽ ۾ ٽن سنڌي ڇوڪرين کي سگريٽ ڇڪيندو ڏسي حيرت ٿي ته افسوس به. مون نيٺ ھنن کي پنهنجي Identity ٻڌائڻ بنا، چئي ڏنو ته توھان جي والدين کي جي اها خبر پوي ته ھنن کي ڪيڏو ڏک ٿيندو. پر مونکي سندن ڳالھائڻ جي لھجي مان اھو ئي لڳو ته ھو مون کي هڪ بيوقوف ٽوئرسٽ ٿيون سمجهن جيڪو پهريون دفعو ڳوٺ جي دقيانوسي ماحول کان ٻاهر نڪتو هجي ۽ هو ٻيڙي ڇڪڻ جهڙي ڳالھه کي خراب نٿيون سمجھن.“ چين جي ٿڌ ۾ سگريٽ جا ٻه ٽي سوٽا ھڻي پاڻ کي گرم رکڻ ۾ ڪھڙي خرابي آھي .....؟“هنن وراڻيو. عجيب منطق آھي! دل ۾ آيو ته چوان ته ھن ريسٽورنٽ ۾ ھتي جون چيني ۽ ٻين ملڪن جو ڇوڪريون ويٺيون آھن، اھي سڀ ته سگريٽ نه پيون ڇڪين. چين جي ٿڌ ڇا آھي؟ اسان ته ناروي ۽ سئيڊن جي ڪاٽو ويھه ڊگرين ۾ به شراب ۽ سگريٽ بنا گذارو ڪيو. اسان ته ٺهيو پر يورپي سڌريل ماڻهو به شراب ۽ سگريٽ کان پري ڀڄن ٿا. منھنجي خيال ۾ ان معاملي لاءِ والدين کي ڌيان ڌرڻ کپي ۽ ولايت ۾ رھندڙ پنھنجن ٻارن کي ان آزار ۽ ڇڙواڳ زندگي گذارڻ کان بچائڻ کپي. چين جي ھڪ يونيورسٽي ۾ تعليم حاصل ڪندڙ حيدرآباد جو ھڪ کوسو شاگرد مليو. ھو ھر سال امتحان ۾ نمبر کڻي ٿو. راندين ۾ به مقامي چينين جو مقابلو ڪري ٿو. ھو مونکي بي حد اخلاق وارو لڳو. ڪراچيءَ پھچي مون ھن جي والد کي فون ڪيو ته ”مونکي توهان جي پٽ بيحد متاثر ڪيو آھي. ظاھر آھي اھا توھان جي ئي تربيت، رھنمائي ۽ ھن تي نظر ھوندي جو ھو پرديس ۾، توھان کان ڏور رھي به پڙھائيءَ ۾ رڌل رھي ٿو ۽ توھان جو پئسو ۽ وقت خراب نٿو ڪري.“ والد صاحب جنھن ٻڌايو ته ھو ھڪ رٽائرڊ آفيسر آھي جنھن جو تعليم کاتي سان واسطو رھيو، هو ھر وقت پنھنجي پٽ کي اھا ئي نصيحت ڪندو رھي ٿو ته ”خراب ڇوڪرن جي صحبت ۾ نه رھجان. غريب ٿي آئون توکي پڙھائيءَ لاءِ ڪيئن ٿو پئسا موڪليان، ان جو قدر ڪجانءِ ۽ پنھنجو ۽ پنھنجي ملڪ جو مَانُ مٿاھون ڪجانءِ.“
    منھنجي خيال ۾ ٻين والدين کي به اهو ليڪو وٺڻ کپي ۽ ڌيان ڌرڻ کپي ته سندن پُٽ يا ڌيءَ ولايت ۾ ڪيئن پئي گذاري، ڇو جو ننڍي عمر جو ٻار ولايت جي رونقن ۾ آسانيءَ سان وھيو وڃي.


    هن پروگرام کي ضرور وقت ڏيو

    اڄڪلهه ڊيجيٽل باڪس کي ملائي ٻه سئو کن ٽي وي چئنل ٿيو وڃن. ڪهڙو ڏسي ڪهڙو ڏسجي؟ هر چئنل چوويهه ئي ڪلاڪ هلي ٿو جنهن جو ڪهڙو پروگرام ڏسي ڪهڙو ڏسجي؟
    ڪو زمانو هو. پنجاهه پنجونجاهه سال اڳ جڏهن اسان وٽ هڪ بلئڪ ائنڊ وائيٽ چئنل شروع ٿيو هو، جيڪو شام جو چار پنج ڪلاڪ هلندو هو. ان ۾ روزانو سنڌي پروگرام لاءِ اڌ ڪلاڪ هوندو هو. ان اڌ ڪلاڪ ۾به پنج منٽ خبرون ۽ پنج منٽ اشتهار (ڪمرشل) هلندا هئا، باقي ويهه منٽ ڪنهن ڏينهن ”ڳوٺاڻي ڪچهريءَ“ته ڪنهن ڏينهن فصلن جي سڌاري جو پروگرام ”کيتي سرسيتي“ هوندو هو، اسان سڀني کي وڻندو ڊرامي جو پروگرام هو. هفتي جي ان ڏينهن جو بيچينيءَ سان انتظار ڪبو هو، جنهن ڏينهن شام جو اڌ ڪلاڪ لاءِ ڊرامي جي قسط هلندي هئي. ان پروگرام کي ڏسڻ لاءِ اڌ ڪلاڪ اڳ اچي ٽي وي اڳيان وهبو هو ته متان ڪو ڊائلاگ مِس ٿي وڃي. ڊرامي جي قسط پوري ٿيڻ تي اهڙو اڌ ڪلاڪ ٻيو ويهي ان جي اداڪارن تي ٽيڪا ٽپڻي ڪبي هئي.
    اسانجا پڙهيل ڳڙهيل سنڌي، حڪومت تي به ڇوه ڇنڍيندا هئا ته ڇا سنڌي ماڻهو انسان نه آهن جو هنن جي وندر لاءِ هنن جي صوبي جي ٽي وي تان اڌ ڪلاڪ کان وڌيڪ پروگرام نٿو ڏنو وڃي. ان سلسلي ۾ اخبارن ۾ خط به ڇپبا هئا ته ائين ڪرڻ سان حڪومت عوام ۾ ساڙ ۽ ٻيائي ٿي پئدا ڪري. اردو قومي زبان ضرور ڪئي وئي آهي ۽ سڀني کي قبول آهي پر صوبائي ٻوليون به ته اهم آهن ۽ هر هڪ کي پياريون پڻ. انهن کي ٽي وي تي وقت نه ڏيڻ سان نفرت پئدا نه ڪريو. اهو ئي حال اسان جي ريڊيو پاڪستان جو هو. سنڌي پروگرام لاءِ نه برابر وقت هوندو هو. دل چوندي هئي ته اڌ ڪلاڪ وڌيڪ سنڌي گانا ڏنا وڃن پر هرگز نه. نتيجي ۾ اهو شوق پورو ڪرڻ لاءِ رڪارڊ وٺي فوني (گراموفون) تي ٻڌبا هئا. ٿرپارڪر وارو پاسو“ انڊين ريڊيو اسٽيشن احمد آباد بڙودا“ تان ڏينهن جو ڳپل حصو سنڌي گانا، ڊراما ۽ خبرون پڻ ٻڌندا هئا - جيڪي ڪافي Misguiding ۽ اشتعال پئدا ڪرڻ جهڙيون هونديون هيون. ظاهر آهي انڊيا اهڙين حالتن مان فائدو وٺي ٿو. اسان جا اديب، مفڪر، جرنلسٽ پنهنجي حڪومت کي ان بابت آگاهه ڪندا رهيا ٿي پر حيرت آهي ته ان معاملي ۾ اسان جي حڪومت هڪ طرف نٺر هوندي هئي ته ٻئي طرف اسانجي اسيمبلين جا سنڌي نمائندا اهڙا گونگا ٻوڙا هوندا هئا جو ان بابت احتجاج به نه ڪندا هئا.
    بهرحال اهي ماضيءَ جون ڳالهيون آهن، جڏهن فلم ڏسڻ لاءِ تيار ٿي رڪشا يا بس ۾ چڙهي اڌ ڪلاڪ يا ڪلاڪ اڳ ريگل يا نشاط سئنيما پهچبو هو. ڊگهي قطار ۾ بيهي ٽڪيٽ خريد ڪبي هئي. پوءِ پٿاري وارن کان چونئرا يا ريوڙيون وٺي کائبيون هيون، ان بعد اچي سئنيما هال ۾ وهبو هو. اشتهارن ۽ رسيس سميت ٽي ڪلاڪ فلم هلندي هئي جنهن کان پوءِ سيٽيون وڄائي اچي گهران نڪربو هو. يعني فلم پٺيان اڌ ڏينهن ضايع ٿي ويندو هو. بعد ۾ وڊيو ڪئسٽ نڪتا ته گهر ويٺي فلم ڏسڻ جو شوق پورو ٿيڻ لڳو. ڪجهه وقت ۽ ڪجهه خرچ جو به بچاءُ ٿيو. اڄ ٿو ڏسجي ته ويهارو کن چئنلن تي ته رڳو انگريزي ۽ اردو فلمون پيون هلن. سو به چوويهه ئي ڪلاڪ! ڪهڙي ڏسي ڪهڙي ڏسجي! پنج ڇهه ته رڳو سنڌي چئنل آهن جن تان هر وقت جي خبرن کان علاوه راڳ، گانا، ڊراما، فلمون، ادبي ۽ مزاحيه پروگرام ڏينهن رات پيا هلن.... ڪهڙي چئنل جو ڪهڙو پروگرام ڏسي ڪهڙو ڏسجي! حيرت جي ڳالهه اها آهي ته سرڪاري چئنل PTV جنهن کي هر وقت سنڌ جا ماڻهو وقت وڌائڻ لاءِ منٿون ڪندا هئا اهو اڄ جيتوڻيڪ چوويهه ئي ڪلاڪ پيو هلي ۽ ان جا هڪ بدران چار چئنل آهن پر انهن کي ڪو پڇي ئي ڪو نه ٿو. ملڪ ۾ نظر ايندڙ سوين خانگي چئنل وڌيڪ ڏٺا وڃن ٿا ۽ سنڌ جي ماڻهن کي سنڌي چئنل KTN ۽ ڪشش کان ئي واندڪائي ناهي جو ٻيا ڏسن.
    هاڻ انٽرنيٽ، واٽس اپ، فيس بڪ جي مشهور ٿيڻ تي ماڻهن ٽي وي ڏسڻ به گهٽائي ڇڏي آهي. مٿين شين جو واهپو اڄڪلهه جي سمارٽ فون سان هجڻ ڪري هر ڪو پنهنجو موبائيل فون هٿ ۾ جهليو ويٺو آهي. هڪ ئي ٽي وي چئنل ڏسڻ بدران هر ڪو پنهنجو پسنديده پروگرام ڏسي ٿو ۽ ٽي وي چئنلن جا مالڪ پنهنجي ريٽنگ وڌائڻ لاءِ ڳولي ڳولي اهي بهترين ائنڪر آڻين ٿا جن جا پروگرام گهڻي کان گهڻا ماڻهو پسند ڪن، جيئن اخبارن جا مالڪ بهترين ڪالم لکندڙن کي پنهنجين اخبارن ۾ جاءِ ڏين ٿا. ڪاوش اخبار خبرن ۽ وقت تي گهر گهر پهچڻ ۾ کڻي سڀ کان بهتر آهي ۽ تمام وڏي تعداد ۾ ڇپجي ٿي پر آئون ڏسان پيو ته ڪيترا مون جهڙا عاجز جماليءَ جو ڪالم پڙهڻ لاءِ ”عبرت“ به خريد ڪن ٿا ۽ مهتاب راشدي، مشتاق باگاڻي، آدرش (شڪارپور جي ارشاد شيخ) ۽ نور احمد جهنجهيءَ جو ڪالم پڙهڻ لاءِ ”عوامي آواز“ اخبار کي ترجيح ڏين ٿا. بلڪه آئون ته انهن جي ايڊيٽرن کي جس ڏيندس جن اهي ڪالم نويس ڳولي لڌا آهن ۽ انهن کي سندن اخبارن ۾ لکڻ لاءِ راضي ڪيو اٿن.
    اهڙي طرح KTN ٽي وي چئنل جيتوڻيڪ تمام گهڻو ڏٺو وڃي ٿو پر ڪجهه پروگرامن لاءِ مون کي ”مهراڻ“ ۽ ”سنڌ“ ٽي وي به کولڻي پوي ٿي. مهراڻ ٽي وي ان جي مالڪ مورائي صاحب جي ڪري جيڪو ”حالات حاظره“ تي بيحد حقيقت پسنديءَ سان ٽيڪا ٽپڻي ڪري ٿو. ۽ مون کي نجم سيٺي ۽ ٻين ڪيترن پراڻن ائنڪرن ۽ جرنلسٽن کان بهتر ۽ کرو لڳي ٿو. صحيح معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪري مورائي صاحب جو هي پروگرام مِس نه ڪندو آهيان ۽ ڪنهن رات ننڊ نه ايندي آهي يا بوريت محسوس ٿيندي آهي ته به مهراڻ ٽي وي کولي ”دانش مهدي“ جو پروگرام ڏسندو آهيان. سندس ڳالهائڻ جي انداز ۽ شعر پڙهڻ تي اڪثر کل ايندي آهي ۽ هو جيڪي گانا پيش ڪندو آهي اهي اسان جي جواني ديوانيءَ جي ڏينهن جا يادگار هوندا آهن. خبر ناهي مورائي صاحب هن شخص (دانش مهديءَ) کي ڪٿان ڳولي لڌو! ائين ته سنڌ ٽي وي جي مالڪ ڊاڪٽر ڪريم راڄپر کي به شاباس هجي جنهن امر جليل کي هر هفتي پروگرام پيش ڪرڻ لاءِ راضي ڪيو آهي ۽ هن کي فري هئنڊ ڏنو آهي ته هو بلڪل آزاد نموني سان پنهنجي مرضي مطابق ڳالهائي، نه ته ڪيترا اخبارن ۽ ٽي ويءَ جا مالڪ ڊڄندا رهن ٿا ۽ ڪالم نويسن ۽ ٽي وي ائنڪرن تي پابنديون مڙهيندا رهن ٿا.
    امر جليل جو پروگرام مون کي سڀ ۾ Best لڳي ٿو جو هو اسان جي دل وٽان ڳالهيون ڪري ٿو. پاڪستان ۾ هوندو آهيان ته اهو هر وقت ڌيان ۾ رکندو آهيان ته امر جليل جو پروگرام مِس نه ڪريان. منهنجو ڪو اهو مطلب هرگز نه آهي ته سنڌ ٽي وي وارا يا مهراڻ ٽي وي وارا ڪو فقط اهو هڪ ٻه بهتر پروگرام ڏين ٿا. جيتوڻيڪ ان غلط فهميءَ ۾ آئون به مبتلا ضرور هوس. اهو ان ڪري جو اسان وٽ وقت ڪٿي آهي جو اسان ڪنهن به ٽي وي چئنل جا سڄو هفتو صبر سان ويهي سڀ پروگرام ڏسون ۽ اندازو لڳايون. ان جو مشاهدو مون کي به هينئر ويجهڙائيءَ ۾ ٿيو ۽ هاڻ مون لاءِ سنڌ ٽي وي جو هڪ ٻيو پروگرام ”صوفي لاءِ ڪوفي“ پڻ فئوريٽ بنجي چڪو آهي.
    اهو ائين ٿيو جو گذريل مهيني ملائيشيا کان ڪراچي پهتس ته جيسين سامان جهاز مان لهي ايئرپورٽ جي اندر پهچي، هڪ اعليٰ آفيسر مون کي سڃاڻي پنهنجي آفيس ۾ اچي وهاريو ۽ هو پاڻ منهنجو سامان آڻڻ لاءِ ويو. سندس آفيس ۾ ٽي وي هلي رهي هئي ۽ مون ٽيبل تان رموٽ کڻي ان اميد تي هلندڙ چئنل بدلائي ”سنڌ تي وي“ رکيو ته متان امرجليل جو پروگرام هلي رهيو هجي.
    امر جليل جو ته ان وقت پروگرام نه هو پر هڪ ٻيو صاحب شاهه لطيف ۽ گرونانڪ جي قولن ۽ شعرن بابت سمجهاڻيون ڏئي رهيو هو. انهن سان گڏ هو ويدن جون ڳالهيون، قرآن جون آيتون، بابا بلهي شاهه ۽ رابندر ناٿ ٽئگور جا شعر ۽ انهن جون سنڌيءَ ۾ سمجهاڻيون ٻڌائي رهيو هو. منهنجي چانهه به ٺري وئي، آئون هن شخص جي ڳالهين ۾ ايترو محو ٿي ويس. اتي منهنجو سامان اچي ويو ۽ آئون ڪسٽمس مان ٿيندو اچي ٽئڪسيءَ ۾ ويٺس.
    سڄي واٽ سنڌ ٽي وي تان هلندڙ هن ليڪچر بابت سوچيندو رهيس.... ڇا ته ڄاڻ سان ڀريل هو ۽ ڳالهائڻ وارو ڪيڏو ته سٺي نموني سان سمجهائي رهيو هو. دل ئي دل ۾ آئون سوچڻ لڳس ته بنا شڪ جي اسان وٽ وڏا وڏا قابل ماڻهو پيا آهن .... پر هي ڪهڙو پروگرام هو...؟ آيا هفتيوار آهي يعني هر هفتي اچي ٿو يا ڪو هي مهمان پهريون دفعو آيو آهي؟ جيئن هن کان اڳ هڪ چئنل تان اقبال ترين اچي رهيو هو جيڪو آمريڪا کان ڪافي سالن بعد سنڌ اچڻ تي، سنڌ جي حالتن بابت ٻڌائي رهيو هو. افسوس جي اها ڳالهه ته مٿيون پروگرام آخر تائين نه ڏسڻ ڪري نه پروگرام جو نالو معلوم ٿي سگهيو ۽ نه ان شخص جو ، جيڪو ڳالهائي رهيو هو. پر اهو مون ضرور محسوس ڪيو ته هي شخص وڏو قابل ۽ پڙهيل ڳڙهيل آهي ۽ جنهن نموني سان هو هندي، سنسڪرت، پنجابي ۽ عربي جا شعر، چوڻيون ۽ قرآن جون آيتون ٻڌائي ۽ سمجهائي رهيو هو ان مان هو سنڌي ٻولي يا Comparative Religion Studies جو پروفيسر ۽ مفڪر لڳو ٿي. ٿي سگهي ٿو هندو هجي.... پر جي هندو آهي ته هن کي اسلام جي ايتري ڄاڻ ڪيئن ٿي. ۽ جي مسلمان آهي ته هن کي سنسڪرت، هندو ۽ سک ڌرم ۽ ويدن جي ڪيئن ڄاڻ ٿي سگهي ٿي.... بهرحال مون کي هن ماڻهوءَ کي وري ٻڌڻ جي ڏاڍي آنڌ مانڌ پيدا ٿي ۽ سوچيم ته گهر پهچي سنڌ ٽي وي اسٽيشن تي فون ڪري گهٽ ۾ گهٽ اهو ته معلوم ڪندس ته هي شخص ڪير آهي.
    پر افسوس جو مون کان اها غلطي ٿي وئي ته گهر پهچي اها ڳالهه وسري وئي. ٻن ڏينهن بعد صبح جو ياد آئي ته يڪدم سنڌ ٽي وي جو فون هٿ ڪري فون ڪيم. ٻه ٽي دفعا ته گهنٽيون وڄنديون رهيون پر ڪنهن فون نه کنيو. پوءِ مس مس ڪنهن کنيو ته وڏي ڇڙٻ مان ”هيلو“ ڪيو. مون کيس ٻڌايو ته ٻه ڏينهن اڳ هڪ شخص ليڪچر ڏئي رهيو هو ان بابت پڇڻو آهي.
    ”الائي ڪير هو؟“ هن بيرخيءَ مان جواب ڏنو.
    مون هن شخص جو چهرو ڪجهه ياد ڪري چيو ته ”سائين هو ڀريل جسم جو هو.....“
    هن پاسي کان ڳالهائيندڙ سخت بيزار ٿي لڳو. منهنجي ڳالهه اڌ ۾ ڪٽي چيو: ”سائين هتي سڀ ٿلها ٿنڀرا آهن، سواءِ منهنجي“.
    ”ڊاڪٽر راڄپر به عجيب ٽيليفون آپريٽر رکيا آهن. پاڻ ڪيڏو بااخلاق ۽ هي سندس ڪم وارا ڪهڙا!” دل ۾ چيم، ۽ اهو سوچيم ته ڪريم راڄپر کي ضرور ٻڌائيندس ته هي ڪهڙو آپريٽر آهي، پر پڪ ڪرڻ لاءِ پڇيومانس ته ”ڀائو! توهان ڪير آهيو، آپريٽر آهيو؟“.
    ”نه بابا“، هن وراڻيو، ”اڃان ڪو به نه آيو آهي. آئون چوڪيدار آهيان. شام جو فون ڪجو“.
    اهو ٻڌي سمجهي ويس ته غلطي منهنجي آهي جو ٽي وي ۽ اخبارن جي آفيسن ۾ زندگي شام بعد ايندي آهي. هاڻ شام جو فون ڪندس. شام ٿي ته ڳالهه وسري وئي. ٻه چار ٻيا ڏينهن گذري ويا ته پوءِ مون ان خواب جي پچر ئي ڇڏي ڏني... هي واقعو مون لاءِ جهڙوڪر خواب ئي ته هو جنهن ۾ ڪنهن کي ڏٺو هوم پر ملي نه سگهيس. هونءَ به خوابن ۾ نظر ايندڙن سان ضروري ناهي ته ملاقات به ٿئي.
    پر پوءِ، حيرت جي ڳالهه آهي جو منهنجي سنڌ ٽي ويءَ تان ”صوفي لا ڪوفي“ پروگرام ڏيڻ واري صاحب- سائين ڪنهيالال ناگپال سان هفتي ڏيڍ بعد اوچتي ملاقات ٿي وئي. مون کي ته خواب خيال ۾ به نه هو جو اهڙي حالت ۾، جڏهن ڪنهن همراهه جو پار پتو، نالو نشان معلوم نه هجي ان کي هن دنيا جي ميلي ۾ ڳولي لهڻ - ائين هو ڄڻ بهه مان سئي ڳولهڻ. يعني بيحد ناممڪن ڳالهه. ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجيءَ کان ايترو واقف نه آهيان. بس اي ميل کولي ۽ لکي وٺان ٿو يا ڪڏهن ڪڏهن فيس بڪ کڻي کوليندس جنهن ۾ فوٽو Upload ڪرڻ لاءِ به ڪنهن کان مدد وٺڻي پوي ٿي. سو ان ڏينهن فيس بڪ کليو پيو هو ته اوچتو هڪ سلام دعا جو ميسيج آيو... طرفان ”ڊاڪٽر ناگپال“. هونءَ ته آئون ورلي ڪو جواب لکندو اهيان پر ان ڏينهن اتي جو اتي لکيم ته ”پنهنجو فون نمبر منهنجي نمبر تي Sms ڪجو“.
    ٻه منٽ به نه ٿيا ته ڊاڪٽر ناگپال Sms ڪرڻ بدران مون کي رنگ ڪيو. خوش خير عافيت بعد سائينءَ کان پڇيم ته ”ميڊيڪل جا ڊاڪٽر آهيو“.
    ان تي پاڻ ٻڌايائون ته هو انگلش جا پروفيسر آهن ۽ هو سنڌ ٽي وي تان ”صوفي لا ڪوفي“ پروگرام نشر ڪندا آهن. مون کي ان وقت به ڌيان ۾ نه آيو ته هي ڊاڪٽر ناگپال اهو ئي آهي جنهن کي مون ايئرپورٽ تي ٽي وي تي ڏٺو. اهو ان ڪري جو ان وقت تائين مون کي نه پروگرام جي نالي جي خبر هئي ۽ نه هن شخص جي نالي جي.
    ”آئون توهان ڏي پنهنجو هڪ پروگرام واٽس اپ ڪري رهيو آهي. ان کي ڏسي ضرور راءِ ڏجو“. ڊاڪٽر صاحب چيو. جواب ۾ مون جهيڻي هائوڪار ڪئي جو هن عمر ۾ ڪٿي آهي ڪنهن کي همت ۽ صبر جو ويهي ڪلاڪ اڌ جو پروگرام چڱي طرح ڌيان سان ڏسي راءِ ڏئي. ايتري ۾ هن جو واٽس اپ اچي ويو ۽ نه چاهيندي به جهڙو کڻي ان وڊيو کي هلايان ته هي همراهه ته اهو ئي اڇي مٿي، چشمي ۽ ٽاءِ وارو جنهن جا پار پتا سنڌ ٽي وي جي چوڪيدار کان پئي پڇيم ته هي ڀريل جسم وارو همراهه هو. مون کي بيحد خوشي ٿي. هي پروگرام جيتوڻيڪ اهو نه هو جنهن جو ذرڙو مون ايئرپورٽ تي ڏٺو. پر هي پروگرام به ايترو ئي ڄاڻ وارو، مثالن ۽ شعرن سان ڀرپور هو. مون يڪدم ڊاڪٽر ناگپال کي فون ڪري چيو ته سائين مون ته توهان کي خبر ناهي ڪهڙن بر پٽن ۽ جهنگلن ۾ پئي ڳوليو. توهان ته مون کي گهر ويٺي ملي ويائو! ڊاڪٽر ناگپال سان ان ڏينهن کان وٺي منهنجي فون تي خبر چار هلندي رهي ٿي. لڳي ٿو ته هن ان قسم جا ٽيهارو کن پروگرام ڪيا آهن جن مان هن ڪيترائي مون کي واٽس اپ ڪيا. ان بعد ڊاڪٽر صاحب مون کان ٻئي ڏينهن ئي پڇيو ته اهي مون کي ڪيئن لڳا.
    ”سائين توهان جي ان پروگرام ۾ ڳالهه ٻولهه ڪا راڳ يا گانو ناهي جيڪو آئون هلندي چلندي يا لکندي پڙهندو ٻڌندو وتان،“ مون وراڻيومانس، ”توهان جو هڪ هڪ پروگرام سڪون، گهري سوچ ۽ Full Concentration سان ٻه ٻه ٽي دفعا ٻڌڻ جهڙو آهي، جيئن ان ۾ توهان جون ٻڌايل انمول ڳالهيون ۽ نصيحتون، عالمن جا قول ۽ چوڻيون، هينئين سان هنڊائي سگهجن، وڏي ڳالهه ته توهان جا ڳالهه ڳالهه تي ٻڌايل سنسڪرت، فارسي، اردو ۽ هندي سنڌيءَ جا شعر آءُ لکڻ چاهيان ٿو. سچ ته اهو آهي ته توهان جو هڪ هڪ پروگرام مون لاءِ هڪ بهترين گفٽ آهي. هن قسم جي پروگرامن مان هر ٻڌڻ وارو پرائي سگهي ٿو.
    دراصل مون کي ته اها به ڄاڻ نه هئي ته ڊاڪٽر ناگپال جا هي پروگرام .”صوفي لا ڪوفي“ ۽ امر جليل جا ”ڪلاس روم“ يو ٽيوب تي موجود آهن. آئون ڊاڪٽر ناگپال جو ٿورائتو آهيان جنهن مون کي اهو به ٻڌايو ته انهن کي ڪيئن Save ڪجي ۽ وڊيو کي آڊيو Mp3 ۾ Convert ڪجي جيئن اهي ايئرفون ذريعي ڪار ۾ ٻڌي سگهان. خاص ڪري ايئرپورٽ تي، جڏهن اعلان ٿئي ٿو ته PIA جي اڏام ٻه ڪلاڪ Late آهي ته پنهنجي هوائي ڪمپنيءَ کي برو ڀلو چئي گناهه حاصل ڪرڻ بدران ايئرپورٽ جي ڪنهن سانتيڪي ڪنڊ پاسي ۾ ويهي، ڪن ۾ ايئرفون وجهي، ڊاڪٽر ناگپال جي انيڪ ”صوفي لا ڪوفي“ پروگرامن مان هڪ ٻڌي سگهان.
    ڊاڪٽر ناگپال سان فون تي ٿيل ڪچهرين ۾ سائينءَ ٻڌايو ته هن جو سڄو نالو ڪنهيالال ناگپال آهي. ”ناگپال“ هن جو ادبي نالو آهي. سندن والد سندرداس پڻ وڏو عالم ۽ ڄاڻو ٿي گذريو آهي جنهن کي سنڌيءَ کان علاوه گرمکي، سنسڪرت، هندي، ارٿ جي وڏي ڄاڻ هئي. ڊاڪٽر ناگپال جو جنم 15 اپريل 1951ع تي پنهنجي ڳوٺ شهداد ڪوٽ ۾ ٿيو جتي هن مئٽرڪ تائين تعليم حاصل ڪئي. ان بعد انٽر هن لاڙڪاڻي جي گورنمينٽ ڪاليج مان ڪئي. باقي تعليم سنڌ يونيورسٽيءَ مان هڪ ريگيولر شاگرد جي حيثيت ۾ ڪئي ۽ ٽاپ پوزيشن ۾ انگريزيءَ ۾ ماسٽرس ڪئي. هيءَ انهن ڏينهن جي ڳالهه آهي جڏهن مئڊم امينا خميساڻي ۽ سائين اڪرم انصاريءَ جهڙا ماڻهو انگلش ڊپارٽمينٽ ۾ پروفيسر هئا.
    گرئجوئيشن ڪرڻ بعد ڊاڪٽر صاحب مختلف ڪاليجن ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پڻ پڙهايو. نوڪريءَ جي شروعات هن ڪنڌڪوٽ ڊگري ڪاليج کان ڪئي. پاڻ ڪراچيءَ جي ”ڊي جي سائنس ڪاليج“ ۾ به يارهن سال هيد آف انگلش ڊپارٽمينٽ ٿي رهيو. بعد ۾ رٽائرمينٽ کان اڳ 2007ع کان 2011ع تائين ويهين گريڊ ۾ لياري ڊگري سائنس ۽ ڪامرس ڪاليج سان به سلهاريل رهيو.
    ڊاڪٽر صاحب هڪ سٺو اديب، شاعر ۽ ڪمپيوٽر جو ڄاڻو آهي. سندن ڪيترائي ڪتاب ڇپجي چڪا آهن جيئن ته سنڌيءَ ۾ شاعريءَ جو ڪتاب: ”جيون تاءُ تتيءَ جو“. هڪ تصوف جو ڪتاب: ”پنهنجو پاڻ سڃاڻ“ ۽ ”گنج شاهه لطيف“. هڪ ڪتاب اردوءَ ۾ هن امر جليل تي لکيو آهي: ”امر جليل: شخصيت اور فن“.
    انگريزيءَ ۾ سندن ڪيترائي ڪتاب آهن جيئن ته شاعريءَ جو هڪ ڪتاب بعنوان: Life in Dreams.
    ان کان علاوه شاگردن جي مدد ۽ رهنمائيءَ لاءِ هن انگريزي سکڻ بابت ڪجهه ڪتاب لکيا آهن. ڊاڪٽر ڪنهيا لال ناگپال جي خاص دلچسپي ادب، فلسفو ۽ روحانيت آهي.
    ڊاڪٽر صاحب ٻڌايو ته پاڻ ٻن سالن کان سنڌ ٽي وي تي هفتيوار پروگرام ”صوفي لا ڪوفي“ ڪندو اچي. ان کان اڳ هن ساڳي چئنل تان تعليم بابت پروگرام ”ايجوڪيشن آن فوڪس“ ڪندو رهيو. ان کان علاوه هو ”آواز ٽي وي“ تي پڻ هر هفتي ”پنهنجو پاڻ سڃاڻ“ نالي سان پروگرام ڪري ٿو.
    پنهنجي پڙهندڙن کي، آئون اهو ضرور چوندس ته هو ڊاڪٽر ناگپال جهڙي Learned ماڻهوءَ جي مٿين پروگرام ”صوفي لا ڪوفي“ کي ضرور وقت ڏين ۽ ڪجهه حاصل ڪن.


    الطاف شيخ
    ڪراچي
    1 جنوري 2018


    شبير شر جو سفر ۽ سفرنامو

    اسانجي سکر جي وڪيل ڪامريڊ شبير شر صاحب يورپ جو سفر پورو ڪري پنهنجن پڙهندڙن لاءِ سفرنامو لکيو آهي. پاڻ، مونکي ان لاءِ مهاڳ / پيش لفظ مطلب ته ڪجهه نه ڪجهه لکي ڏيڻ لاءِ فون ڪيو.
    ”سائين ضرور لکندس.“ مون وراڻيومانس، ”توهان جهڙي ماڻهوءَ جي ڪتاب لاءِ ڏهه ڪم ڇڏي به لکندس. هونءَ به ڪنهن جي سفرنامي لاءِ ڪجهه لکڻ لاءِ آئون Comfortable محسوس ڪريان ٿو.“
    شبير صاحب کي مون اڄ تائين ڏٺو ناهي. منهنجي ساڻس دوستي فون تي ڳالهه ٻولهه تائين محدود آهي. منهنجي ساڻس سڃاڻپ ڪاوش اخبار ذريعي اوچتو ٿي هئي. ٻه سال کن اڳ ڪاوش ۾ سندس هڪ ڊگهو ڪالم آيو هو. مون سندس نالو ان وقت پهريون دفعو پڙهيو. مون ته سمجهيو ته هي ڪو نئون ليکڪ آهي جنهن پهريون دفعو ڪالم لکيو آهي. بي دليءَ سان مون هن جي ڪالم جون ٻه سٽون کن پڙهيون ته مزو اچي ويو. منهنجي دلچسپي وڌندي وئي ۽ ڪالم ڇڏڻ تي دل نه پئي چيو ۽ پڙهي پورو ڪيم. شبير جي هن لکڻيءَ مونکي ڏاڍو متاثر ڪيو ۽ دل ئي دل ۾ Calculation ڪيم ته جنهن پختگي ۽ اسٽائيل سان هي ڪالم لکيل آهي ان مان نٿو لڳي ته هي ڪو نئون ليکڪ آهي. پر جي هي همراهه واقعي نئون ليکڪ آهي ۽ سندس هي پهريون ڪالم آهي ته پوءِ ته حد ٿي وئي. هو وڏو Genius چئبو ۽ ههڙي سٺي لکڻ واري هيڏو وقت ڇا پئي ڪيو؟ هن کي ته ڪڏهوڪو لکڻ کتو ٿي. پر جي شبير شر پراڻن ليکڪن مان آهي ته مون ڇا پئي ڪيو؟ هر اخبار، هر رسالو نوس نوس ڪرڻ واري کان ههڙي لکندڙ جا ڪالم ڪيئن مِس ٿيندا رهيا!
    شبير جي ڪالم ۾ روانگي (Harmonic Flow) سان گڏ Boldness (دليري) ڏاڍي نظر آئي. ان ڪالم ۾ هن حڪومت جي خراب ڪارڪردگي (Bad Governance) ۽ حاڪمن جي ڪرپشن تي خوب ٽيڪا ٽپڻي ڪئي هئي جيڪا هڪ نئين ليکڪ جي وس جي ته ڳالهه ناهي پر پراڻن ليکڪن جا به ان حد تائين سچائيءَ سان لکڻ ۾ پير ترڪن. سندس هن ڪالم مان مون اها ڳالهه به نوٽ ڪئي ته لکڻ وارو ڪو وڏي عمر وارو آهي جنهن جو تمام گهڻو مطالعو آهي يا وري مون وانگر ڊگهن سامونڊي سفرن ڪري هن کي پڙهڻ جو موقعو مليو آهي ۽ جنهن نموني سان هن پنهنجي ڪالم ۾ ڪجهه دانشورن ۽ سياستدانن جي ڳالهين جو حوالو ڏنو هو ان مان لڳم ته هن جي گهر جو اهڙو ماحول آهي جتي گهر جا ڀاتي هر وقت ملڪ جي سياست، اخلاقيات ۽ روزمره جي حالتن بابت ڳالهائيندا رهن ٿا. مون جڏهن شبير شر جو فون نمبر هٿ ڪري ساڻس خبر چار ڪئي ته معلوم ٿيو ته هو ننڍي عمر جو آهي ۽ هن جون بذات خود ملڪ جي اهم سياستدانن، مفڪرن ۽ قوم پرستن سان نه رڳو ڊگهيون خبرون چارون ٿيون آهن پر هنن سان گڏ وڏو عرصو هڪ ئي هنڌ رهڻ پڻ ٿيو آهي. پاڻ ٻڌيائين ته شاگرديءَ جي ڏينهن ۾ هن هن جو رجحان ڪميونزم ۽ قوم پرستي ڏي هجڻ ڪري ضياءَ الحق جي ڏينهن ۾ کيس ست سال جيل جي سزا اچي وئي هئي. ان وقت هن جي عمر 24 سال هئي ۽ ساڳي جيل ۾ هن سان گڏ ممتاز ڀٽو، پيار علي الانا، عبدالله بلوچ، امداد شاهه لياري وارو، معراج محمد خان، پروفيسر اين ڊي خان، ظفر عارف، فتح ياب علي خان ۽ اقبال حيدر جهڙا اهم ماڻهو هئا جن جون نه فقط ڳالهيون ٻڌڻ جو کيس موقعو مليو پر جيل ۾ وقت ئي وقت هجڻ ڪري هن انيڪ ڪتاب پڻ پڙهيا. اهائي سمنڊ واري ڳالهه ته ڪراچيءَ کان ڪيوبا يا ڪئناڊا ويندي يا ٽوڪيو کان لاس اينجلس، اسٽاڪهوم (سئيڊن) کان آسٽريليا ويندي يڪا ٽيهه ٽيهه چاليهه چاليهه ڏينهن سمنڊ تي اڪيلو ڪيئن وقت گذري؟ اهڙن موقعن تي ڪتاب واقعي سٺا ساٿي ثابت ٿين ٿا.
    ”مون ته فرسٽ ايئر ۽ انٽر جو امتحان به جيل مان ڏنو.“ شبير کلندي ٻڌايو.
    شبير چوٿين اپريل 1956ع تي خيرپور ميرس ضلعي جي تعلقي ميرواهه جي هڪڙي ننڍڙي ڳوٺ مينگهو فقير ۾ ڄائو. هو ڳوٺ ۾ ئي رهيو ٿي پر سندن والد صاحب عبدالرزاق شر چاهيو ته سندس اولاد تعليم حاصل ڪري. پاڻ به تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ گهر کان ٻاهر رهيو ۽ انهن ڏينهن ۾ سنڌ ۾ بندوبست نه هجڻ ڪري هن مئٽرڪ بمبئي يونيورسٽيءَ مان ڪئي.
    شبير شر پنج ڪلاس پنهنجي ڳوٺ مينگهو فقير مان پڙهڻ بعد ڇهون ۽ ستون ڪلاس ڀر واري ڳوٺ رسولپور مان پڙهيو. ان بعد مئٽرڪ ٺري ميرواهه مان ڪيائين ته پنهنجن ڪجهه دوستن نذير عباسي، سهيل سانگي، بدر ابڙي، امر لعل، گهنشام پرڪاش، امداد چانڊئي سميت گرفتار ڪيو ويو. هي اهو دؤر هو جنهن ۾ ملڪ ۾ مارشل لا لڳل هو ۽ ضيا صاحب جي Whims تي سياستدانن توڙي نوجوان شاگردن سان جيل ڀريا پئي ويا. شبير شر جي ست سال جيل ڪاٽڻ جي ڪهاڻي هڪ ڊگهي ڪهاڻي آهي، جنهن جو احوال شبير ٻڌايو ته هو ”جيل جون يادون“ يا ”جيل جي ڊائري“ جي عنوان سان ڪتابي صورت ۾ لکي رهيو آهي ۽ مڪمل ڪرڻ تي آهي. بهرحال ان وقت شبير سان فون تي ڳالهائي مونکي خوشي ٿي ته هو ان قسم جا ڪالم لکندو رهي ٿو. مون هن کي اهو ڪم جاري رکڻ لاءِ همٿايو ۽ چيومانس ته هو تمام سٺو ٿو لکي ۽ هن جي ان لکڻيءَ، ان ڪالم، مونکي موهي رکيو آهي. شبير ٻڌايو ته هو جرنلسٽ به ٿي رهيو آهي ۽ هن جو اخباري دنيا سان چڱو عرصو واسطو رهيو. هن وقت، پيشي جي لحاظ کان هو سکر ۾ وڪالت ڪري ٿو. قانون جي تعليم هن خيرپور لا ڪاليج مان حاصل ڪئي. ان ڏينهن کان مون به ارادو ڪيو ته اعجاز منگي، عاجز جمالي، امر جليل، حسن مجتبى، حامد مير، سهيل سانگيءَ جي ڪالمن وانگر شبير شر جو ڪالم به مِس نه ڪندس. اهو ادبي ۽ سياسي خيال کان هڪ معلوماتي ۽ دلچسپ آهي.
    مٿين ٽيليفونڪ ملاقات بعد سال سوا سال بعد گذريل هفتي شبير شر جو اوچتو فون آيو، ”سائين آئون توهانجي ڳوٺ ۽ اوسي پاسي جي علائقن مان ٿي آيو آهيان.“
    ڪجهه ڏينهن اڳ ڀٽ شاهه تي شاهه لطيف ڪانفرنس ٿي چڪي هئي سو سندس مٿيون جملو ٻڌي يڪدم چيومانس ته ”سمجهي ويس..... هالا، ڀٽ شاهه ۽ شهدادپور مان ٿي سکر پهتا آهيو.“
    هن وڏو ٽهڪ ڏيندي انڪار ڪيو. ”نه سائين، هالا، ڀٽ شاهه، سعيد آباد نه پر مالمو، اسٽاڪهوم، ڪوپن هيگن ۽ هئمبرگ وغيره مان....“
    دل ۾ چيم صحيح ٿو چوي. سئيڊن جو بندرگاهه وارو شهر مالمو کڻي منهنجو ڳوٺ ناهي پر پنهنجي اصلي ڳوٺ ۾ ڪهڙو وڏو عرصو رهيس. ان کان وڌيڪ ته ملاڪا ۽ مالمو ۾ رهيس. اوساڪا ۽ يوڪوهاما ۾ رهيس. مالمو سئيڊن جو اهو ڪراچيءَ وانگر ڏاکڻو شهر ۽ بندرگاهه آهي جتي جي يونيورسٽيءَ مان مون تعليم حاصل ڪئي، جتي نوڪري دوران ڪيترائي دفعا جهاز جي مرمت توڙي سامان جي کڻڻ يا لاهڻ لاءِ جهاز کي لنگر انداز ڪيوسين. جنهن ننڍڙي، صاف سٿري ۽ خوبصورت شهر جي گهٽي گهٽيءَ ۾ پسار ڪياسين يا سائيڪل ۽ ميونسپل بس ذريعي شهر ۾ رلياسين... جنهن جي هڪ هڪ ڪنڊ ۽ هڪ هڪ چوواٽي سان يادون وابسته آهن....
    ”واقعي منهنجو ڳوٺ ئي سمجهه“ مون شبير کي چيو، ”پر ڪر خبر توهانجو ڪيئن وڃڻ ٿيو؟“
    ”بس سائين توهانجا سفرناما پڙهي دنيا ڏسڻ جو شوق ٿيو.“ شبير وراڻيو.
    ”هن سياري جي موسم ۾؟“ مون تعجب مان پڇيو. مونکي يقين ئي نه پئي آيو. سئيڊن ناروي جي موسم بابت لکي چڪو آهيان ته سياري ۾ ڪمري کان ٻاهر نڪرڻ سان ائين لڳي ٿو ڄڻ ٿڌي پاڻيءَ سان وهنجي پاڻ کي اگهاڙو ڪنهن فريزر ۾ بند ڪري ڇڏجي.
    ”سائين بس ڳالهه ئي نه پڇو! اها غلطي ٿي وئي. اسان يورپ جي اتراهن ملڪن سئيڊن، ڊئنمارڪ کان شروع ڪيو ته بيلجم، جرمني، فرانس جا شهر گهمندا گهمندا اچي اٽلي جي شهر روم کان نڪتاسين.“
    ”عجيب ٻروچ آهيو. مون کي پنهنجو پيٽارو ڪئڊٽ ڪاليج جو ساٿي ڪوئٽيا جو اڪبر بگٽي ٿو ياد اچي. اڪبر بگٽي سياستدان نه پر هي انڪم ٽئڪس جو ڪمشنر ٿي رٽائرڊ ٿيو. مون کان ٽي سال جونئر هو ۽ لياقت جتوئي، ڊاڪٽر هادي بخش جتوئي ۽ ٽي وي اڙدو ڊرامن جي اداڪار اورنگزيب لغاريءَ وانگر اڪبر بگٽي بلوچي ڊرامن جو مشهور اداڪار پڻ ٿيو پر پوءِ سول سروس جو اعلى امتحان پاس ڪرڻ بعد نوڪريءَ کي لڳي ويو. سندس وڏو ڀاءُ تاج بگٽي منهنجو، مشهور پيٽرول پمپن جي شهنشاهه شوڪت جماڻي ۽ انبن جي راجا رفيق ڪاڇيلو جو ڪلاس ميٽ ۽ روم ميٽ هو.
    اڪبر بگٽي جڏهن 1960ع ۾ پيٽارو آيو ته هن کي اڙدو ته ڇا سنڌي به چڱي طرح نٿي آئي. هو ڳالهه ڳالهه تي پنهنجي ڀاءَ (اسانجي ڪلاس ميٽ) تاج وٽ ايندو هو جيڪو هن کي سندن مادري زبان ۾ سمجهائيندو هو. اسان ان ٻروچڪي ٻوليءَ جي لحظي ۽ لفظن مان محضوظ ضرور ٿيندا هئاسين پر سکي نه سگهياسين. فقط هڪ لفظ ياد آهي ”ٿانگو روغي؟“
    اڪبر کي سير سپاٽي جو شوق هوندو هو. موڪل ۽ وجهه ملڻ تي خاص ڪري آچر ڏينهن، اڪيلو ئي اڪيلو نڪري ويندو هو. ڊڄڻو بلڪل نه هو پر رستو ڀلجي ويندو هو. نڪرڻ مهل اسان جي هائوس (هاسٽل) ۾ اچي ڀاڻس تاج کان موڪلائيندو هو. ان تي تاج پڇندو هوس ”ٿانگو روغي؟“ ۽ سندس جواب هميشه ساڳيو هوندو هو. ڪنڌ هيٺ ڪري، پٽ ڏي اشارو ڪري چوندو هو ”ايٿي“ يعني هتي ئي آهيان. پر سائين ٻروچ پيرين پنڌ پيو نڪ سامهون ويندو هو .... ٿڪبو ئي ڪونه هو .... ڪڏهن پيٽارو ڀرسان وهندڙ سنڌو نديءَ جو ڪنارو وڃي کڻندو هو ته ڪڏهن ٻئي پاسي جبلن جي ماٿرين مان وڃي نڪرندو هو. اسان هڪ پاسي کي اتر قطب (نارٿ پول) چوندا هئاسين ته ٻئي پاسي کي ڏکڻ قطب (سائوٿ پول). اڪبر ڪڏهن ڪڏهن رستو ڀلجي ويندو هو ۽ مانيءَ جي ٽائيم تي نه پهچندو هو ته پوءِ کيس ڳولڻ لاءِ اسان به تاج سان گڏ نڪرندا هئاسين. تاج چوندو هو ته ڏس ته صحيح! ٻڌائي به نٿو وڃي جو اسان اهو رخ رکون. پڇ کڻي ڪيڏانهن (ٿانگو روغي) ته هميشه ساڳيو جواب ته ”اتي ئي“
    اڪبر بگٽي وڏو ٿي ويو. بلڪه اڄ ڏينهن تائين ملندو آهي ته سلام ڪرڻ کان به اڳ کيس چوندا آهيون ”ٻروچ! ٿانگو روغي؟“ اڪبر بيحد قابل آفيسر ۽ نيڪ انسان آهي. شروع کان ڪوئٽا ۾ رهندو اچي. هتي اڪبر بگٽي جي اها ڳالهه ان ڪري ياد آئي جو جڏهن هن سکر جي ٻروچ شبير شر مونکي چيو ته هو منهنجا سفر ناما پڙهي ولايت گهمي آيو آهي ته پنهنجي ڪلاس ميٽ تاج بگٽي وارو ”ٿانگو روغي“ وارو سوال ڪرڻ بدران سمجهي ويس ته هو ”هتان ئي“ ويجهڙائيءَ مان ٿي آيو آهي. يعني ملائيشيا، سنگاپور، ٿائيلنڊ پاسي کان، يا دبئي، ايران مصر کان يا وري سري لنڪا ۽ مالديپ ٻيٽن کان. پر سائين منهنجي پڇڻ تي مونکي حيرت ٿي ته هو اڪبر بگٽيءَ وانگر گهر وارن ۽ دوستن کي ”هتي ئي“ جو چئي سچ پچ جي اتر قطب کان وڃي نڪتو! يعني اتر قطبي ملڪن سئيڊن، فنلئنڊ، ڊئنمارڪ ۽ اتر يورپ جي ملڪن جرمني ۽ بيلجم کان ڏکڻ يورپ جي ڏاکڻن ملڪن فرانس، اٽليءَ تائين.
    بهرحال مون کي خوشي ٿي ته هو مالمو، اسٽاڪهوم، ڪوپن هيگن، هيلسنڪي، هئمبرگ جهڙن شهرن مان به ٿي آيو آهي جتي تعليم ۽ جهاز جي نوڪريءَ ڪري منهنجي جوانيءَ جي سالن جو ڪجهه عرصو گذريو ۽ اهو به ڌيان ۾ رکيم ته هو ليکڪ آهي، سو کيس سفرنامو لکڻ لاءِ آماده ڪرڻ خاطر چيومانس ته ”شبير تو جهڙي ماڻهوءَ کي ڪجهه هفتن لاءِ ٻيا ڪم ڇڏي سفرنامو لکڻ کپي، خاص ڪري اهي شهر جن ۾ آئون رهيو آهيان ان بابت تنهنجا ويچار پڙهندي مونکي به مزو ايندو.“
    ”سائين نه رڳو لکڻ کپي پر لکي چڪو آهيان، جنهن جي مهاڳ / پيش لفظ وغيره لاءِ توهان کي فون ڪيو اٿم.“ هن ٺهه پهه وراڻيو.
    ”ڳالهه ٻڌ شبير! پوڙهو ٿي ويو آهيان، تڪڙو نٿو لکي سگهان، امت ۽ ڪاوش اخبارن لاءِ ڪالم لکڻ کان فرصت نٿي ملي پر تنهنجي هن سفرنامي کي پڙهي ڪجهه نه ڪجهه ضرور لکندس. شبير ٻڌايو ته سندس سفرنامو ڪمپوز ٿي چڪو آهي يعني ٽائيپ ٿيل آهي ۽ سندس ئي شهر ۾ ”ماءِ پبليڪيشن“ وارا ڇپائيءَ جو انتظام ڪري رهيا آهن.
    ”تون ڇٽئين، آئون پاڻهي ٿو گهرائي وٺان“، مون شبير کي چيو. هو شايد ڪجهه منجهي رهيو هو ته هن جو ڪمپوز ٿيل ڪتاب مون تائين ڪيئن پهچندو. پرنٽ فارم ۾ يا اي ميل ذريعي.
    گهر پهچي مون 03009319795 نمبر تي ممتاز بخاريءَ کي فون ڪيو ۽ کيس شبير شر جي سفرنامي جو مواد مون ڏي اي ميل ڪرڻ لاءِ چيو. هتي مون ممتاز بخاريءَ جو موبائيل فون نمبر ان ڪري ڏنو آهي جو مونکان ڪيترا پڙهندڙ خاص ڪري ولايت ۾ رهندڙ، پنهنجو ڪتاب ڇپرائڻ لاءِ پبلشر / پرنٽر جو نمبر گهرندا رهن ٿا. اسانجي سرڪاري ادارن ۾ ته ڪو حال افعال ناهي جو کڻي ٽماهي رسالو به وقت تي ڪڍن. اهڙي حالت ۾ نيو فيلڊس، روشني، نئون نياپو، پيڪاڪ، ڪاڇو، سنڌيڪا ۽ ڪويتا پبليڪيشن جهڙن پرائيويٽ ادارن کي شاباس هجي جن جا غريب مالڪ ادب جي خدمت جي جنون ۾، حيرت انگيز حد تائين ڪتاب ڇپيندا رهن ٿا.
    سکر جو هي ڇپائيءَ جو ادارو ”ماءِ پبليڪيشن“ فقط چند سال اڳ 2013ع کان ڪتاب ڇپي رهيو آهي، جنهن کي ٽي نوجوان هلائين ٿا. منهنجي واقفيت ممتاز بخاري سان سندس ڪاوش اخبار ۾ ڪم ڪرڻ ڪري ٿي. ان بعد هن KTN ٽي وي تي به ڪم ڪيو ۽ هاڻ ماءِ پبليڪيشن جي نالي سان ڇپائيءَ جو ڪم ڪري ٿو. پاڻ 1968ع ۾ گهوٽڪيءَ ۾ ڄائو ۽ انٽرنيشنل ريليشنس ۾ ايم اي ڪرڻ بعد ميڊيا سان ئي واسطو رکندو اچي. ليکڪ طور سندس ناول، ڪهاڻين، تحقيق جي ڪتابن سان گڏ ترجمن جا ڪتاب به ڇپيل آهن.
    ڇپائيءَ جو هي ادارو هلائڻ لاءِ سندس ٻيو ساٿي ياسين جوڻيجو آهي جنهن جو پڻ شروع کان ميڊيا سان واسطو رهيو آهي. پاڻ پهرين پاڪ اخبار، روزاني ڪاوش، ڪي ٽي اين نيوز ۽ ”جيو“ ٽي وي سان وابسطه هو. هاڻ ”APP“ ۾ نوڪري ڪري ٿو. ڪالم به لکي ٿو ته شاعري به ڪري ٿو. سندن ٽيون ساٿي عبدالقدير انصاري آهي، هي سرڪاري ڪامورو ضرور آهي پر هڪ ادب دوست، شاعر ۽ نثرنويس پڻ آهي. هن کي عبدالقادر منگي، شمس جعفراڻي، اڪبر لغاري، امتياز منگي جهڙن آفيسرن وانگر لکڻ پڙهڻ جو شوق آهي. ماءِ پبليڪيشن کي هلائيندڙن جي همٿ ۽ محنت کي داد ڏجي جو هنن ٿوري عرصي ۾ 50 کان مٿي ڪتاب ڇپي ورتا آهن. هن اداري جا ڪجهه ڪتاب منهنجي اڳيان رکيا آهن جن جي ڇپائي، ٽائيٽل، ڪور، پنو، بائيڊنگ. مطلب ته هر خيال کان سندن ڇپيل اهي ڪتاب بهترين چئي سگهجن ٿا، جيئن ته: سوڀو گيانچنداڻيءَ جو ڪتاب ”روشني جي پنڌ“، عبدالقادر جوڻيجي جو ڪتاب ”اندر ۾ ويٺل جن ڀوت“، نصير ميمڻ جو ”هاڻوڪي سنڌ جي تاريخ“، رشيد ڀٽي جو ”جيل ڊائري“ ۽ رحمت الله ماڃوٺي جو ”کريل گهڙيال“، ممتاز بخاري جو ناول ”ڪلاس فور جي محبوبا“ وغيره.
    ٻئي ڏينهن ممتاز بخاريءَ جيئن ئي شبير شر جي يورپ جي سفرنامي جي ڪاپي اي ميل ڪئي ته مون ان جو پرنٽ آئوٽ ڪڍي پڙهڻ شروع ڪيو. مون کي خاص ڪري ان شهر مالمو بابت، شبير جا خيال پڙهڻ جو شوق هو ته هن کي اهو ڪيئن لڳو جنهن ۾ منهنجو تعليم دوران ڊگهو عرصو گذرڻ کان علاوه نوڪريءَ دوران ڪيترائي دفعا جهاز کي به وٺي وڃڻو پيو. مالمو ۾ جڏهن رهندو هوس ته ڪو هم وطني اتي گهمڻ، سرڪاري دوري تي، يا ڪنهن تعليمي شارٽ ڪورس تي ايندو هو ته موٽڻ وقت انهن کان مالمو شهر بابت پڇندو هوس ته هنن کي مالمو شهر ڪيئن لڳو ۽ اڄ به ڪو مالمو مان ٿي اچي ٿو ته هن کان هن شهر بابت سندس ويچار معلوم ڪريان ٿو..... پوءِ جڏهن هو چون ٿا ته مالمو واهه جو شهر آهي.... مالمو باغن ۽ پارڪن جو شهر آهي.... مالمو خوبصورت هنجن، بدڪن، نيرڳن، ڪازن ۽ لنجن جو شهر آهي، جيڪي بي ڊپا ٿي ماڻهن جي پيرن وٽ چڳندا رهن ٿا. مالمو صاف سُٿرن رستن ۽ روشن گهٽين جو شهر آهي .... مالمو امن امان جو شهر آهي جتي پئسن سان ڀريل پرس کڻي هلندي به ڊپ نٿو ٿئي.... جتي آڌي رات جو ڪنهن ڇوڪريءَ کي مِني اسڪرٽ ۾ هلندي به خوف نٿو ٿئي..... مالمو جتي هر شيءِ نج ملي ٿي، بنا ڪيميڪل ۽ جيت مار دوائن جي پوکيل اناج ۽ ميوا ملن ٿا.... جتي نلڪي مان ايندڙ هار وير لاءِ پاڻي به ايترو ئي صاف ۽ صحتمند آهي جيترو مِنرل واٽر جي بوتلن ۾ پئڪ ٿيل پاڻي وغيره وغيره.... ان قسم جون ڳالهيون ٻڌي ڏاڍي خوشي ٿئي ٿي. پيٽارو ۾ پڙهندو هوس ته موڪلن ۾ ڪلاس ميٽن کي دعوت ڏئي پنهنجو ڳوٺ هالا گهمائيندو هوس ۽ موڪلائڻ وقت هنن جا هالا بابت سٺا رمارڪ ٻڌي خوش ٿيندو هوس. جهازن تي نوڪري دوران ڪنهن کان ٻڌندو هوس ته هو هالا مان ٿي آيو آهي ته هن کان يڪدم پڇندو هوس ته ڪيئن لڳو اسان جو ڳوٺ؟ هالا ’شهر‘ ته هاڻ ٿيو آهي .... اڄ کان اڌ صدي اڳ ته اهو ۽ مٽياري، سعيد آباد، سڪرنڊ سڀ ڳوٺ هئا. ”هالا جي جنڊي ڪاشي واهه جي آهي.“
    ” هالا مان سوسيءَ ۽ کاڌيءَ جو ڪپڙو ورتم، ڏاڍو سستو مليو“
    ”هالا جا پڪوڙا، نان پاوا، گٻيت ۽ ڌاڻي واهه جي آهي.“
    ”هالا جا رستا کليل ۽ گهٽيون سڌيون ۽ صاف سٿريون آهن“ وغيره وغيره ٻڌي خوشي ٿي ٿئي.... ملائيشيا، جپان، انگلينڊ ۾ رهندي به هالا يا سنڌ کان ايندڙ فارينر کان پنهنجي سنڌ جي ڳوٺن جي تعريف ٻڌي خوش ٿيندو هوس. پر پوءِ عرصو ٿيو ته مون پڇڻ ڇڏي ڏنو. ان کي به اچي ويهارو کن سال ٿيا آهن - جڏهن کان هن قسم جا رمارڪ پنهنجي يا سنڌ جي ٻين شهرن بابت ٻڌڻ لڳس ته ”ڇا ته گهٽي گهٽي ۾ انڪروچمينٽ آهي، مسلمان ٿي ڪري توهان جي هر گهر اڳيان ماڻهن جا ٽورا يا مينهن جا ڇيڻا پيا آهن، پيئڻ لاءِ ڇا ته گندو پاڻي آهي.... مِنرل واٽر جي نالي ۾ زهر پيو وڪامي.... موهن جو دڙو ڪير ڏسڻ ويندو؟ آهي ڪا امن امان جي بهتر حالت؟!...“ وغيره وغيره.
    ۽ هاڻ شبير شر جو يورپ جو هي سفرنامو پڙهڻ کان اڳ دل ۾ اهو پئي سوچيم ته مالمو، اسٽاڪهوم، ڪوپن هيگن، هئمبرگ جهڙا شهر جن لاءِ مون گهڻو ڪجهه لکيو آهي انهن بابت اسانجي سکر جي وڪيل صاحب جو خبر ناهي ڇا Opinion هجي. ٻئي ڏينهن کان شبير جو سفرنامو پڙهڻ شروع ڪيم. ڪتاب جي فهرست نه هئي. يعني هن عنوان ڏئي ننڍيون ننڍيون ڳالهيون لکڻ بدران يڪو لکيو آهي. البته ڊائري نموني تاريخون ڏيڻ سان اهو ڪجهه حصن ۾ ورهائجي وڃي ٿو. پاڻ پنهنجن ٻن ساٿين سان گڏ هن سفر جي شروعات اتر يورپ جي ملڪ سئيڊن جي شهرن اسٽاڪهوم ۽ مالمو کان ڪئي آهي. اتي پهچڻ جي تاريخ ”يارهين سيپٽمبر“ ڏسي آئون ڪجهه گهڙين لاءِ وائڙو ٿي ويس. شبير مونکي فون تي ضرور ٻڌايو ته هو يورپ جا، خاص ڪري اتر يورپ جا، ملڪ گهمي آيو آهي. پر مون سمجهيو ته هو چرچا پيو ڪري. اسانجي گهڻن گهمڻ جي شوقينن وانگر هو به ٿائلينڊ، ملائيشيا ۽ سنگاپور مان ٿي آيو هوندو، يا ته تاريخ غلط ڇپجي وئي آهي! پڪ جون جولاءِ جو مهينو هوندو. ڇو جو سيپٽمبر کان مارچ تائين يورپ ۾ سخت سيارو ٿئي ٿو - خاص ڪري اتر يورپ جي ملڪن ناروي، ڊئنمارڪ، سئيڊن، فنلنڊ، بيلجم، جرمني پاسي. نه فقط سخت سيءُ ٿئي ٿو پر راتيون ڊگهيون ٿيڻ ڪري اونداهه ئي اونداهه رهي ٿي. هنن مهينن ۾ اتي جا رهندڙ مقامي ماڻهو به پنهنجن گهرن ۾ بند هوندا آهن يا ڪوٽن (يعني گرم ڪپڙن) ۾ قابو. سرنديءَ وارا مقامي ماڻهو ايشيا ۽ آفريڪا جي ملڪن ڏي هليا ويندا آهن. هنن مهينن ۾ ڪنهن کي ڪا کٽي کڻي ته سئيڊن جو رخ رکي نه ته پکين کي به ايترو عقل آهي ته آگسٽ جو جيئن ئي مهينو شروع ٿو ٿئي ته اتر يورپ کان ڀڄي پاسو ڪجي. هو ڪڙم قبيلي سان ڏکڻ جو رخ رکن ٿا ۽ يورپ جي سياري جا هي مهينا ايشيا ۽ آفريڪا جي ملڪن ۾ گذاري پوءِ مارچ بعد موٽڻ شروع ڪن ٿا. هنن کي خبر آهي ته سنڌ جي ڍنڍن تي پهچڻ تي هنن جو شڪار شروع ٿي ويندو پر هو اتر يورپ جي سخت سرديءَ ۾ ڦٿڪي ڦٿڪي مرڻ کان سنڌ ۾ بندوق جي فائر سانشڪار ٿي ڪڻڇيءَ ۾ ترجڻ کي ترجيح ڏين ٿا، شايد! پر حيرت آهي ته سکر جو هي ٻروچ وڪيل صاحب ڪنهن جي هشيءَ تي هنن مهينن ۾ هتان اچي نڪتو! ايئن ته ڪجهه يورپي گورا به اڌ مغزي ٿين ٿا ۽ اڪثر جون ۽ جولاءِ جي مهيني ۾ سکر ۽ جيڪب آباد ۾ نظر ايندا آهن. بهرحال مون شر صاحب جو سفرنامو پڙهڻ شروع ڪيو ته واهه جو لڳو.... پڙهندو ويس ۽ هاڻ ڪجهه لکڻ ٿي ويٺس ته سندس فون آيو:
    ”سائين ٻه چار ڏينهن ٿي ويا مون سوچيو ته توهان کان پڇان ته منهنجو سفرنامو پهتو ۽ پڙهڻ شروع ڪيانوَ يا نه؟“
    ”توهان شروع ڪرڻ جو ٿا پڇو. هتي پورو به ٿي ويو.“ مون وراڻيومانس.
    ”پوءِ سائين ڪيئن لڳو؟“ هن پڇيو.
    ”تنهنجي لکيل ”سفرنامي“ ته ڏاڍو مزو ڏنو.“ مون ٻڌايومانس، ”ظاهرآهي توکي لکڻ جي ڏات به آهي ته ڏانوءَ به. باقي تنهنجو ”سفر“ ائين هو ڄڻ ڪنهن اڻ سيکڙاٽ کي ’موت جي کوهه‘ ۾ ڦٽ ڦٽي هلائڻ لاءِ ڦٽو ڪيو وڃي. اهڙي سفر کان ته سکر کان ”جهٽ پٽ“ مان ٿي اچين ها، اهو بهتر هو؟“
    ”سائين آئون ننڍي هوندي کان توهان جا سفرناما شوق سان پڙهندو اچان. توهان ئي ته چوندا آهيو ته گهر کان ٻاهر نڪرجي. ولايت جو سير ڪجي. مون توهانجي ڳالهين مان متاثر ٿي هي سفر ڪيو آهي.“
    واقعي ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته شبير شر صاحب پنهنجي سفرنامي ۾ مونکي ياد ڪيو آهي ۽ بار بار اهوئي لکيو اٿس ته هُن منهنجا سفرناما پڙهي هي سفر شروع ڪيو. شبير شر جون اهي ڳالهيون ٻڌي ۽ سفرنامو پڙهي مونکي وتائي فقير جو هڪ چرچو ياد آيو. هلي هلي جڏهن وتايو فقير ٿڪجي پيو ته هن ٻڪ کڻي رب کان دعا گهري ته ”منهنجا مولا ٿڪجي پيو آهيان. ڪا سواري ڏيار ته ان تي چڙهي شهر پهچان.“ دعا گهري اڃان ڪجهه وکون مس هليو ته سپاهي نظر آيس جنهن جي گهوڙي ان وقت ويائي هئي. هن وتائي کي سڏ ڪري چيو، ”اڙي هيڏانهن اچ. هن ڦر کي ڪلهن تي کڻي شهر تائين هل.“
    وتائي گهوڙيءَ جي ڦر کي ڪلهي تي رکي آسمان ڏي نظر ڪري چيو، ”منهنجا مولا سُڻين ٿو پر سمجهين نٿو. مون توکي چيو ته ڪا سواري ڏيار جيڪا مونکي کڻي هلي يا آئون ان کي کڻي هلان؟“
    مون شبير کي چيو ته ”ٻروچ ڳالهه ٻڌ! ڪنهن لائبريريءَ ۾ منهنجا ڪتاب موجود هجن ته هيستائين ڇپيل اهي 95 ئي ڪتاب پڙهي ڏس. سفر بابت مون انهن ۾ جيڪي به ڳالهيون لکيون آهن تو ان جي ابتڙ ڪئي آهي....“ ان وقت کلندي شبيرسان جيڪي ان Point تي ڳالهيون ڪيم اهي هن سفرنامي ذريعي هتي ان ڪري ورجايان ٿو جو اهي دلچسپ ۽ ڪم جون ڳالهيون آهن ۽ اسان جا نوجوان جيڪي ٻاهر نڪرڻ جو ارادو رکن ٿا. تعليم، نوڪري، بزنس، گهمڻ خاطر انهن جي رهنمائي ٿي سگهندي.
    مون جن ڏينهن ۾ ڳوٺ کان نڪرڻ شروع ڪيو ۽ ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو ۽ بعد ۾ چٽگانگ (بنگال) تعليم لاءِ پهتس ۽ پوءِ نوڪري جي ڪري سمنڊ تي هيڏانهن هوڏانهن ڦرڻ شروع ڪيم ته ان وقت تائين به اسانجي سنڌي مسلمانن ۾ ڳوٺ ڇڏڻ جو ڪلچر نه هو. هالا کان ڀر واري ڳوٺ ڀٽ شاهه ۾ يا باڊهه کان ڏوڪري پهچندي اسان جي نوجوان پاڻ کي پرديسي ٿي سڏيو. مون ان ڪلچر کي ٽوڙڻ لاءِ گهر کان ٻاهر نڪرڻ لاءِ چيو ۽ هاڻ ته سنڌي هندن وانگر مسلمان به جتي ڪٿي پهچي ويا آهن.
    شبير کي چيم ته پنهنجي کيسي مان خرچ ڪري ايڏو پري ۽ مهانگن ملڪن کان وڃي نڪتين. آئون هميشه اهو چوندو آهيان ته سفر سٺي شيءِ آهي پر خرچ پکو ٻيو ڏئي. جيئن حليم بروهي چوندو آهي ته ”شادي سٺي شيءِ آهي پر هجي ڪنهن ٻئي جي. اسان فقط دعوتي هجون ... رڳو کائي پي ڍءُ ڪيون“ ٻي ڳالهه ته ”اهو چوڻ ته سفر ماڻهوءَ کي سيکاري ٿو.“ اڄ جي دور ۾ هڪ مِٿ آهي. ٽي وي ۽ انٽرنيٽ جي هن دور ۾ ريسلنگ هجي يا ڪرڪيٽ راند اسٽيڊيم جي هڪ ڪنڊ کان ويهي ڏسڻ کان گهر ۾ ٽي وي تي وڌيڪ چٽي طرح ڏسي سگهجي ٿي. اهڙي طرح مختلف ملڪن ۾ وڃي ڌڪا کائڻ کان ڪنهن جو سفرنامو يا ٽي وي اڳيان ويهي ڊسڪوري، ٽريول، ائنيمل ورلڊ يا نئيشنل جاگرافڪ چئنل جو ڪم جهڙو پروگرام ڏسي ڇڏجي. ڇو جو اڄ ڪلهه جي مهانگائيءَ واري دور ۾ سفر ڪرڻ سان دماغ عقل سان ڀرجڻ بدران کيسو پئسي کان خالي ٿيو وڃي. ڳالهه اها آهي ته جنهن ڪمپني يا اداري ۾ توهان ڪم ڪريو ٿا اهو توهان کي ٻاهر موڪلي ٿو ته خوش ٿي وڃو ۽ موقعي مان فائدو وٺو. يا ڪنهن شاگرد کي اسڪالر ملي ٿي ته هو ڀلي چين به هليو وڃي. شروع جي ڏينهن ۾ اسان جا ماڻهو ولايت وڃڻ کان انڪار ڪندا هئا يا اتي پهچي يڪدم موٽي ايندا هئا ته ڳوٺ ٿو ياد اچي، مائٽ ٿا ياد اچن، ٻوڙ ماني ٿي ياد اچي. مرحوم ڀٽو صاحب ڪيترا سنڌي ٻاهر موڪليا پر انهن مان ڪجهه موٽي آيا. هڪ ته پئرس مان به موٽي آيو. بين الاقوامي قانون هٽرائي هن درجن کن نوجوان ڊئريڪٽ جهازن تي ڪئڊٽ ڪرائي رکيا جيڪي لڳاتار نوڪري ڪرڻ سان ست اٺ سالن ۾ جهازن جا ڪئپٽن ٿي وڃن ها پر سڀ ڇڏي ويا. ٽي ڄڻا ته منهنجي جهاز تي به آيا. منهنجي زال، جيڪا مون سان گڏ مستقل جهاز تي رهي ٿي، هنن کي ڏاڍو سمجهائيندي هئي ته هو همت کان ڪم وٺن .... هي سمنڊ جون ڇتائيون ۽ طوفانن جا مرحلا عارضي آهن .... پر هنن کي هڪ طرف سمنڊ منجهايو ته ٻئي پاسي ماءُ پيءُ جي سڪ ۽ گهر جي سک ستايو. هنن جيئن تيئن هڪڙي Voyage ڪئي. جهاز ڪراچيءَ پهتو ته رسو ڇنائي سڌو ڳوٺ هليا ويا. ان ڪري آئون شروع جا ڏهه سال پنهنجن سفرنامن ۾ سٺيون ڳالهيون لکي سنڌ جي نوجوانن کي Fascinate ڪندو رهيس ته گهر کان ٻاهر نڪرو.... حرڪت ۾ برڪت آهي.... ڦول وه سرها هوا جو چمن سي نڪل گيا.... وغيره ... ۽ ان ڏس ۾ چڱو خاصو ڪامياب ٿيس.
    سو ٻئي جي خرچ تي اکيون پوري وڃو پر جي پنهنجي خرچ تي وڃو ٿا ته ڪوشش ڪري ويجهن ملڪن ۾ وڃو ۽ جتي Avoid ڪري سگهو ته هوائي جهاز بدران ٽرين ۽ بسين ۾ سفر ڪريو ۽ سستين هوٽلن ۾ رهو. مون يورپين کي دهلي ريلوي اسٽيشن جي ڀر وارين گهٽين جي سستين هوٽلن ۾ رهندي ڏٺو آهي جتي ڪمري جي مسواڙ 200 رپيا آهي ۽ هو اها به شيئر ڪري ٻه ڄڻا ٿي رهن. هونءَ به سياري ۾ ايئرڪنڊيشنر جي ڪهڙي ضرورت. بس وهنجڻ لاءِ گرم پاڻي هجي. رات جو ڪمري تي موٽڻ مهل گورا (انگريز ۽ يورپي) ٽوئرسٽ اهو سو ڪم ڪندا آهن ته رستي تان مڇر ڀڄائڻ واري جليبي خريد ڪندا ايندا آهن جيئن پرديس ۾ مليريا جهڙي بيماري نه ٿئي. اسان مسلمان حرام حلال جي چڪر ۾ هوندا آهيو ته گوشت کائجي يا نه، هي يورپي ”غير مسلم“ هوندي به ان چڪر ۾ پون ئي ڪونه. سفر ۾ مڇي گوشت بدران ڀاڄي ۽ دال کائين جو گوشت، خاص ڪري پاروٿي مڇي بيمار ڪريو رکي ۽ سفر جو مزو خراب ٿيو وڃي.
    شبير کي چيم ته ڪاش ان سفر جو پروگرام پڪو ڪرڻ کان اڳ ڪنهن مون جهڙي ماڻهوءَ سان صلاح ڪرين ها جيڪو سئيڊن جهڙن اتراهن ملڪن ۾ رهيو آهي. هو توکي انهن مهينن ۾ يورپ، خاص ڪري اتر يورپ جي ملڪن ڏي هرگز وڃڻ نه ڏئي ها. ان موسم ۾ دنيا جا اترادي ماڻهو لاڙ جو يعني ڏکڻ جو رخ ڪندا آهن. ماڻهو ته ڇا پر پکي به لڏڻ ۾ هوندا آهن ۽ توهان ته اهو ڪم ڪيو آهي جنهن لاءِ سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته ”لوڪ لڏڻ ۾، چري اڏڻ ۾.“ ههڙي موسم ۾ ڪو پئسا ڏئي ته به اتر جو رخ نه ڪجي. توهان پنهنجو پئسو خرچ ڪري سزا ڪاٽي آهي. هن موسم ۾ يعني سياري جي ڏينهن ۾ ملائيشيا، ٿائلنڊ، انڊونيشيا جهڙن ملڪن ۾ وڃجي جتي ٻارهوئي هڪڙي موسم آهي ۽ ٻن وڳن ۾ ماڻهو گهمي ڦري سگهي ٿو. سياري ۾ يورپ اچڻ معنيٰ پاڻ سان ڪوٽ، سئيٽر، اوور ڪوٽ، مفلر گهلڻ. سفر اهو سٺو جنهن ۾ سامان نه برابر هجي.
    شبير جي روانگي وقت اهو پڙهي ته ”سرديءَ کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪراچيءَ مان گرم ڪپڙا نه ورتم جو ڪنهن صلاح ڏني ته اتان سئيڊن مان وڃي وٺجانءِ، جتي ان سرديءَ کي منهن ڏيڻ لاءِ ٺهن ٿا.“ مونکي ڏڪڻي وٺي وئي.
    مونکي پهريون دفعو باءِ ايئر سئيڊن پهچڻ جو تجربو ياد آيو. اهو مارچ جو مهينو هو. ڪراچيءَ مان سئيٽر ۽ ڪوٽ پائي ٻانهن تي اوور ڪوٽ رکي اسٽاڪهوم لاءِ نڪتو هوس. جيتوڻيڪ اسٽاڪهوم جي سينٽرلي هيٽيڊ ايئرپورٽ مان نڪرڻ کان اڳ پنهنجي جسم تي اوور ڪوٽ چاڙهي نڪتس پر دروازو کولي کليل آسمان هيٺان روڊ تي آيس ته اتر قطب جي ٿڌين هوائن جسم کي ڄڻ ڪپي رکيو. سو يارو سياري جي مهينن ۾ اتر يورپ جي ملڪن ڏي وڃو ته پنهنجي ملڪ مان ئي گرم ڪپڙن جو بندوبست ڪري نڪرندا ڪجو. ۽ ڪراچيءَ جي لنڊا بازارين ۾ اهي اهي گرم ڪوٽ، مفلر ۽ سئيٽر ٿا ملن جن لاءِ يورپ جا ماڻهو به سڪن. ۽ يورپ جي قيمت جي مقابلي ۾ ڦلن مٺ ۾ ملن ٿا. مون مالمو ۾ فقط ٻه گنجيون ورتيون هيون ٻه هزار رپين ۾ هڪ هڪ ملي. گهر اچي ٽئگ پڙهيم ته لکيل هو ”ميڊ ان پاڪستان“ ان قسم جو تجربو شبير به لکيو آهي ته هن کي اسٽاڪهوم پهچڻ سان گرم ڪپڙا سندس دوست قادر جتوئي صاحب ۽ ٻين ڏنا. تنهن هوندي به هن کي مفلر خريد ڪرڻو پيو جيڪو هن کي پاڪستاني 15000 رپين ۾ مليو - سو به انگلينڊ يا جپان جو ٺهيل نه پر بنگلاديش جو هو! يورپ، خاص ڪري اتر يورپ جي سردي، ڏاڍي خراب ٿئي ٿي ۽ سيارو بلڪل غير رومانوي ٿئي ٿو. چوڌاري برف ئي برف هجڻ ڪري هي ملڪ ٽيڪنيڪلر بدران بلئڪ ائينڊ وائيٽ نظر اچن ٿا. اسڪرٽن ۾ گهمندڙ ڇوڪريون به هن موسم ۾ کيسن ۽ کٿن ۾ ويڙهيل هونديون آهن. هنن جو سڄو جسم ته گرم ڪپڙن ۾ ڍڪيل رهي ٿو پر منهن ۽ مٿو به مفلر ۽ ٽوپ ۾ لڪل رهي ٿو. پري کان ته خبر ئي نٿي پوي ته ڪو مرد وڃي رهيو آهي يا عورت. جيسين ويجهو اچڻ تي هن جو ڳالهائڻ ٻڌجي. بهرحال يورپ جي ٿڌن ملڪن ڏي ويندڙن کي اهو چتاءُ ڏيندس ته پاڻ کي ٿڌ کان بچائين. اسان جي ٿڌ ٻي آهي اتي جي ٻي. توهان ڏسندائو ته ويندي اتي جا گورا به گهر کان ٻاهر نڪرڻ مهل پاڻ کي چڱي طرح ڍڪي هلن ٿا. گهر ۾ جيتوڻيڪ هيٽر هلي رهيو هجي ۽ توهان کي لڳي ته ايترو سيءُ ناهي پر ٻاهر نڪرڻ مهل هميشه ٽي وي يا نيٽ تي موسم جو حال معلوم ڪري پوءِ ان مطابق ڪپڙا پهري نڪرجي. گهٽ ڪپڙن ۾ نڪرڻ جو جوکو نه کڻجي جو نمونيا جهڙيون بيماريون ٿيو پون. اهڙي طرح اونهاري ۾ عرب دنيا يا آفريڪا جي گرم ملڪن ۾ ايئرڪنڊيشنڊ ڪمري جي ٿڌ مان يڪدم ٻاهر اس ۾ نه نڪرجي. اهڙن ملڪن جي اس کان ته خاص طور تي بچاءُ ڪجي. پاڻ سان ڇٽي (Umbrella) کڻي هلجي يا مٿو ۽ ڪنڌ ڪنهن ڪپڙي سان چڱي طرح ڍڪجي. ملائيشيا ۽ سنگاپور جهڙن ملڪن ۾ جنهن وقت جهڙ ۽ مينهن آهي ته موسم خوشگوار آهي نه ته اهي ملڪ خط استوا جي ويجهو هجڻ ڪري انهن ۾ ڪينيا، يوگنڊا، صوماليا، ڪانگو جهڙن آفريڪي ملڪن جهڙي گرمي آهي. توهان پوڙهن ۽ سياڻن ملئي ماڻهن کان ڇٽي کڻڻ جو سبب پڇندائو ته هو توهانکي مينهن کان نه پر اس کان بچاءَ لاءِ ٻڌائيندا. اهو ان ڪري ٻڌائين ٿا جو خط استوا (Equitor) جي ويجهو وارن ملڪن ۾ سج جا ڪرڻا سڌا پون ٿا، ان ڪري اتي جي اس کان پنهنجو مٿو ۽ ڪنڌ بچائجي. ٻي صورت ۾ ڏينهن لڳي سگهي ٿو جنهن ڪري اڌ رنگ (Paralysis) به ٿي سگهي ٿو..... ۽ پرديس ۾ ڪا بيماري ٿيڻ کان رب پاڪ سلامت رکي. بهتر اهو آهي ته اهڙن ملڪن ۾ پاڻ سان ننڍڙو ٽوال کڻي هلجي جيئن اس ۾ هلڻ مهل ڪنڌ کي ڍڪي سگهجي. مٿي وانگر ڪنڌ ڍڪڻ بيحد ضروري آهي. هاڻ ملائيشيا جهڙا ملڪ ماڊرن ٿيڻ ڪري هر ڪو ڪمري اندر ٿڌي ڇانوَ ۾ ويٺو آهي نه ته اڌ صدي اڳ جڏهن 1968ع ۾ منهنجو هنن پٽن تي اچڻ شروع ٿيو هو ته ملئي ماڻهو به سوڊانين ۽ اسان سنڌين وانگر پٽڪو ٻڌندا هئا جنهن جو پوڇڙ پٺيان لڙڪائي ڇڏيندا هئا جيئن ڪنڌ تي اس نه پوي. ڪنڌ تي بچاءَ لاءِ انگريز دور ۾، انگريزن يوگنڊا جي فوجين جي ڊريس اهڙي ٽوپي رکي هئي جنهن جي پٺيان ڪپڙو لڙڪيو ٿي جنهن ڪنڌ کي ڍڪيو ٿي. سو ملائيشيا، انڊونيشيا، ٿائلينڊ ۽ سنگاپور جهڙن ملڪن ڏي ويندڙ گهمڻ جي شوقينن کي اها صلاح آهي ته پاڻ سان، پنهنجي ملڪ مان ئي هڪ عدد ڇٽي ۽ ننڍڙو ٽوال کڻي نڪرن. ان جي اڪثر ڪوالالمپور، جڪارتا يا بئناڪ جي هوائي اڏن مان نڪرڻ سان ضرورت پئجي سگهي ٿي. انهن شين جي خريداريءَ جو اهو هرگز نه سوچيو ته اتي پهچي خريد ڪنداسين. اهڙي طرح يورپ ويندڙ ڪراچي جي لنڊا مان گرم مفلر، ٽوپ، اوور ڪوٽ، لانگ جون، جوراب ۽ دستانا خريد ڪري نڪرن. اهي شيون ڪراچيءَ ۾ مهانگيون مهانگيون ته به يورپ جي مقابلي ۾ ڦلن مٺ آهن.
    اسان جڏهن ننڍا هئاسين يعني 1950 ۽ 1960 واري ڏهاڪي تائين ته ان وقت لَنڊا جي ڪپڙن جو مطلب انگريزن جا پاتل ۽ پراڻا ڪپڙا هوندا هئا پر هاڻ آچر بازارين ۽ لنڊا مارڪيٽن ۾ نوان، اوچا ۽ برانڊيڊ ڪپڙا ملن ٿا. جپان، هانگ ڪانگ ۽ يورپ جي ملڪن ۾ زمين گهٽ هجڻ ڪري دڪانن توڙي گدامن جي ڳري قيمت ٿئي ٿي. انهن امير ملڪن جا دڪاندار سيارو ختم ٿيڻ سان دڪان گرم ڪپڙن کان خالي ڪري اونهاري جا رکڻ ڪارڻ هو گرم ڪپڙا ڪڍيو ڇڏين. آئون سئيڊن ۽ جپان وارن سفرنامن ۾ لکي چڪو آهيان ته پوءِ پٺاڻ ۽ افغاني ڀائر اوڻي پوڻي ۾ سڄي دڪان جو سامان خريد ڪري ڪنٽينر ذريعي پنهنجي ملڪن پاڪستان، انڊيا، بنگلاديش ڏي موڪلين ٿا ۽ اهو سامان جڏهن اسان جهازن ۾ کڻي اچون ٿا ته هو اتي ئي پورٽ اٿارٽيز وارا ان جي سخت فيوميگيشن (جراثيم ڪش دوا جو ڦوهارو هڻي) ڪري موڪلين ٿا. سو توهان کي اهو وهم هرگز نه هجڻ کپي ته لنڊا جو سڀ سامان گورن جو لاٿل پاٿل ۽ جراثيمن وارو ٿئي ٿي. منهنجي خيال ۾ توهانجو ڏتومل درزي جيڪو توهان جي سٿڻ قميص چَڏن ۾ رکي سبي ٿو يا جنهن جي مٿان سڄو ڏينهن ويٺو آهي ۽ پوءِ توهان کي استري ڪري ڏئي ٿو اهي ڪپڙا وڌيڪ جراثيمن سان ڀريل ٿي سگهن ٿا.
    انڊيا جي هڪ سفرنامي ۾ لکي چڪو آهيان ته ڪيئن ڪراچيءَ جي آچر بازار مان ورتل پنجاه پنجاه رپئي جا ٻه سينٽ مائيڪل ڪمپني جا نوان ڪوٽ سئو رپيا ڏئي استري ڪرائي پوني کڻي ويو هوس جتي ٿڌڪار هئي. پوني کان ممبئي موٽڻ مهل اهي ڪوٽ اتي جي ڊرائيور ۽ روم بئاءِ کي ڏئي آيس. منهنجي ميزبان کي پوءِ خبر پئي ته يڪدم ممبئي فون ڪري مونکان پڪ ڪئي ته آيا اهي ڪوٽ آئون پنهنجي مرضيءَ سان ڏئي آيو آهيان يا نه. منهنجي ’ها‘ چوڻ تي هو پڪ سوچيندو هوندو ته غريب ماستر جي دل وڏي آهي. هن کي اها ڪهڙي خبر ته قميص يا پينٽ جي ڌئارڻي پنجاه رپين کان بچڻ لاءِ ميرا ٿيل ڪپڙا ان ڪري اڇلائيندو وڃان جو اهي قميصون ۽ ڪارگو پتلونون مون ڪراچي جي آچر بازار مان ٽيهين ٽيهين رپئي ورتيون هيون. يعني هيءَ 8 سال کن اڳ جي ڳالهه آهي. اڄ ڪلهه اهي سئو سئو رپئي وڪامندي نظر اچن ٿيون ۽ ڪوٽ 300 رپئي آهي. سو سائين سفر دوران ڪپڙن ۽ هوٽل جي ڪمرن کي نه ڏسو. پنهنجي صحت جو خيال ڪريو ۽ ڌارين ڌرتين جو چڱي طرح سير ڪريو.
    هتي ٻاهر نڪرندڙن جي ڌيان تي اها ڳالهه به آڻيندس ته وڏي عمر يا بيماري جي حالت ۾ ڪڏهن به ڌارئين ملڪ ۾ نه وڃو. ها البت اتي جيڪڏهن توهانجو پٽ، ڀاءُ يا ڀائٽي جهڙو ويجهو مائٽ يا گهاٽو دوست رهي ٿو ۽ هو سٺي نوڪريءَ ۾ آهي يا امير بزنس مين آهي ۽ هو توهان جو بار کڻي ٿو ته پوءِ ٺيڪ آهي نه ته هوئي توهان کي هن وٽ اچڻ لاءِ منع ڪندو. ڇو جو پرديس ۾ علاج ڏاڍو مهانگو آهي. ويندي اسانجا اهي ماڻهو جن کي آمريڪا جو پاسپورٽ آهي پر ڪا وڏي نوڪري ناهي، وڏي آپريشن لاءِ هوائي جهاز جو خرچ ڪري پاڪستان يا انڊيا جي اسپتال ۾ داخلا وٺن ٿا جو هوائي جهاز جي ٽڪيٽ ڀرڻ بعد به آمريڪا کان گهٽ خرچ اچي ٿو. ان ڪري بنا انشورنس واري سياح کي کپي ته آمريڪا، يورپ يا جپان جهڙن ملڪن ۾ هرگز نه وڃي پر اتي وڃڻ بعد اهڙيڪا وڏي بيماري ٿي پئي ته يڪدم پنهنجي ملڪ موٽي اچي. هونءَ به بهتر اهو آهي ته سفر جي انشورنس ڪرائجي جيئن پرديس ۾ بيمار ٿيڻ جو ڳرو خرچ انشورنس ڪمپني ڀري. پر سوال آهي ته فقط هفتو ٻه يا مهيني جي سفري انشورنس ڪا سستي ته نه آهي. هوائي جهاز جي ٽڪيٽ جيتري مهانگي ٿئي ٿي. ان ڪري وڏي عمر وارو ٻاهر نه نڪري ته بهتر آهي ڇو جو هن لاءِ سفر جي دٻ سهڻ آسان ڪم ناهي. پوءِ هو پاڻ لاءِ توڙي سنگت لاءِ پرابلم ٿيو پوي. مزي جي ڳالهه .... مزي جي ڳالهه ته نه پر حيرت جي ڳالهه اها جو شبير شر جهڙو هڪ قابل وڪيل ۽ سمجهدار ماڻهو گهران ئي هڪ پوڙهو دوست، سو به سخت بيمار، پاڻ سان کڻي اتر قطب جي سئيڊن، ڊئنمارڪ جهڙن ٿڌن ملڪن ڏي نڪتو آهي. هن سفر جو نالو سير سپاٽو ته نه ٿيو پر ”Mission Impossible“ ٿيو. پر جي ڪو اهڙو ماڻهو هلڻ لاءِ زور ڀري ٿو ته هن کي سمجهائجي ته بابا موت کان اڳ مرڻ جا ٻيا به ته بهتر ۽ آسان طريقا آهن. پرديس ۾ مرندي مرندي پنهنجن ساٿين کي ته پريشان نه ڪريو.
    ماڻهو ان کان به پوڙهن ۽ معذورن کي وٺي پاڻ سان هلن ٿا پر حج جي سفر تي ...... جتي سفر جا ساٿي ثواب ڪمائڻ جي جذبي سان دل سان خدمت ڪن ٿا ۽ اهو پوڙهو مريو به وڃي ته ان کان وڏي خوش نصيبي هن لاءِ ڇا چئبي، ته هو ڀلي پٽ تي دفن ٿي ويو. ان سفر ۾ بيمار ٿيڻ تي سعودي سرڪاري جي اسپتالن ۾ علاج به ٿئي ٿو ته دوا درمل به مفت ملي ٿي. مري وڃڻ تي سعودي عرب وارن کي دفن ڪرڻ لاءِ زمين به ڪشادي آهي. پر يارو! شل نه ڪنهن جو جپان، سنگاپور، آمريڪا يا يورپ جي ملڪ ۾ موت ٿئي. جيڪي اتي رهيا پيا آهن انهن جي ئي دفن ٿيڻ لاءِ جاءِ ناهي ۽ جي لاش کي پنهنجي ملڪ آڻڻ چاهيو ٿا ته اهو هڪ ٻيو مشڪل ڪم آهي جنهن ۾ پئسي ڏوڪڙ جو خرچ هڪ طرف ته ڪاغذ پٽ ٺهرائڻ جي مصيبت ٻئي طرف. آئون ته اهو چوندس ته شبير شر ۽ سندس سفر جي ساٿين کي کپي ته رب جو شڪر ڪن جو هو سڀ One Piece ۾ کلندا ڪڏندا موٽي آيا، نه ته جي سندن ساٿي اسپتال داخل ٿئي ها ته وڏو مسئلو پيدا ڪري ها. نه نه ته به سندن وڏي عمر وارو ساٿي هلڻ ۽ بسين ۾ چڙهڻ ۾ سستي ڪندو رهيو، ريل گاڏين ۾ الٽيون ڪندو هليو..... پر شاباش هجي اسانجي ليکڪ کي جو هر مشڪل کي مرڪندي منهن ڏيندو رهيو ۽ سفر جي ڏک جو ڳالهيون به سرڪس جي مسخري وانگر اسان کي وندرائڻ خاطر اسان لاءِ چرچائي انداز ۾ ويهي لکيون آهن. هن جتي ڪٿي هر شيءِ کي سمجهڻ ۽ Enjoy ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. پوءِ اهو چاهي سئيڊن ۾ رهندڙ اسان جي ماڻهن کي سوشل فنڊ وٺڻ جو رواج هجي يا ريل گاڏين جو جهاز رستي سمنڊ ٽپڻ هجي. هن بيحد دلچسپ انداز ۾ هڪ هڪ ڳالهه لکي آهي. جيتوڻيڪ هن سفر ۾ هن جي سامهون فقط ڏاکڙا هئا.... خراب موسم (سخت سردي)، ڏورانهون ڏيهه جتي حلال کاڌي جو مسئلو هڪ طرف ته مهانگائي ٻئي طرف، پاڻ سان پنهنجو پٽ يا ڀائٽيو ڀاڻيجو کڻڻ بدران (جيڪو سفر ۾ هن جي خدمت ڪري)، هن پاڻ کان وڏي عمر جو ساٿي کنيو جنهن جو خيال رکڻ لاءِ هن کي هر وقت اڻ تڻ رهي ٿي، پر اهڙين حالتن ۾ به هن کلندي ڪڏندي سفر پورو ڪري اسان کي پڙهڻ لاءِ هڪ دلچسپ سفرنامو پيش ڪيو آهي. جپان ۾ ڇريءَ سان پيٽ ڦاڙي خودڪشي ڪرڻ کي عبادت سمجهيو وڃي ٿو. هي ڌرمي ڪم (هَراڪِري) ڪرڻ وارو پنهنجو پيٽ چيرڻ کان اڳ پنو ۽ برش (پين) گهرائي ڪا دلچسپ ڳالهه يا شعر لکندو آهي جيئن سندس سڃاڻا سندس موت بعد، سندس لکيل ڳالهه پڙهي محضوظ ٿين. آئون چوندو آهيان ته وڏي دل اٿن، وڏي همت اٿن جو هَراڪِري (Harakiri) ڪرڻ کان اڳ هنن جو دماغ شعر ٺاهڻ ۽ لکڻ لاءِ ڪم ڪري ٿو. اهو ئي ڪم شبير ڪيو آهي هراڪِري جهڙي سفر بعد خوب صورت سفرنامو لکيو آهي. ڄڻ ڦاهيءَ جي تختي تي بيهي ڪو رومانٽڪ گانو ڳائي. سوچيان ٿو ته هن ليکڪ کي جيڪڏهن ڪنهن سٺي موسم ۾، سٺن ملڪن جو سفر ڪرڻ جو موقعو ملي ها ته هو ته الائي ڇا لکي ها. وڪيل صاحب سخت مشغول ماڻهو آهي پر منهنجي کيس اها صلاح آهي ته هو هر سال هفتو موڪل ڪري پنهنجي نوجوان دوستن سان گڏ ايران وڃي ۽ ٻئي سال سري لنڪا يا نيپال وڃي، برما وڃي يا ويٽنام وڃي ۽ انهن سفرن جا الڳ الڳ سفرناما لکي.
    ايئن به ناهي ته شبير شر جي هيءَ پهرين لکڻي آهي. انيڪ ڪالمن کان علاوه هن هڪ هندستان ۽ ايران جو سفرنامو پڻ لکيو آهي. ان حساب سان سندس هي ٻيو سفرنامو آهي. مون سندس پهريون سفرنامو پڙهيو ناهي پر اهو به ضرور دلچسپ هوندو جڏهن هن ههڙو ڏکيو سفر به کل خوشيءَ ۾ گذاريو ۽ ان جو احوال چرچائي انداز ۾ پيش ڪيو آهي. سندس ڪي ڪي جملا پڙهي کل اچي ٿي. جيئن پنهنجي زال کي هو ٽرئڪر سان منسوب ڪري ٿو. جيئن ٽرئڪر هڪ ڪار جي چرپر جي خبر رکي ٿو تيئن هو لکي ٿو ته هن جي گهر واري هن جي هر موومينٽ تي نظر رکي ٿي ته هو ڪيڏانهن وڃي رهيو آهي، ڪٿي پهتو. لکي ٿو ته مان جهاز ۾ ئي هيس ته منهنجي ٽريڪر جو فون آيو. حسب معمول ڳڻتيءَ ۾ هئي....
    استنبول جو چڪر ڏئي هوائي اڏي ۾ داخل ٿيڻ وقت سندس ساٿي پنهنجو بوٽ ۽ بيلٽ نٿو لاهي جنهن تي اتي بيٺل انچارج ڇوڪري پريشان ٿي وڃي ٿي ته ٻيا سڀ چڪاس خاطر جيڪي ڪن پيا اهو هي پاڪستاني نه پيو ڪري. ان تي شبير جي لکيل هيءَ ڳالهه واهه جي آهي ۽ سؤ سيڪڙو سچ ته اسان جا ماڻهو ٻين کي ڏسي به نٿا سکن. هو ترڪي جهڙي اسلامي ملڪ جي هوائي اڏي استنبول تي شراب جا دڪان ۽ مساج پارلرن ۾ عورتن کي ڏسي حيرت ٿو کائي ته ”هتي توڙي ملائيشيا ۽ دبئي جهڙن اسلامي ملڪن ۾ توڙي کڻي هي ڪم هلندا رهن ٿا پر ڪنهن به هنڌ اسلام کي خطرو نظر نٿو اچي. اهو ان ڪري جو اتي جي حڪومتن هن عمل کي فرد ۽ الله جي وچ جو مسئلو ڪري ڇڏيو آهي پر پاڪستان ۾ ملان حڪمران پاڻ خدا بڻجي ماڻهن جي مٿان قيامت نازل ڪن ٿا.“
    روم پهچڻ سان جڏهن ليکڪ کي سندس واچ کي ٽي ڪلاڪ پٺيان ڪرڻ لاءِ چيو ويو ته اٽليءَ جو وقت پاڪستان جي وقت کان پٺيان آهي ته هو طنز طور چوي ٿو ته ”هل سائين! ٻي ڪنهن ڳالهه ۾ کڻي نه پر گهٽ ۾ گهٽ وقت ۾ اسان جو ملڪ يورپ کان اڳيان آهي!“
    شبير شر جون هن سفرنامي ۾ ٻيون به ڪيتريون ئي دلچسپ ڳالهيون آهن جيئن ته سئيڊن جي شهر اسٽاڪهوم ۾ ٽيهن سالن کان رهندڙ قادر جتوئي جي گهر ۾ رهڻ دوران سندس ساٿي غفار صديقي چيو ته مون کي جهنگ جو خيال ٿيو آهي. ان تي قادر چيو، ”ها. اسان ماڻهن کي ڪابه سائنسي شيءِ ايجاد ڪرڻ بدران جهنگ جو ئي خيال ايندو آهي. ڪابه ترقي يا تبديلي آڻڻ جو خيال ڪڏهن به نه ايندو آهي.“
    شبير شر سئيڊن جي جن شهرن مالمو، اسٽاڪهوم، لُنڊ (Lund) ويو اتي توڙي فنلنڊ ۽ ڪوپن هيگن ڪنهن زماني ۾ منهنجي رهڻ ڪري انهن جو احوال پڙهي مونکي نوستلجيا محسوس ٿي رهي هئي ته اتي جي مارڪيٽن، اتي جي گهٽين، اتي جي بندرگاهن ۾ منهنجو ڏينهن رات هلڻ چلڻ هوندو هو. اسٽاڪهوم ۾ قادر جتوئي سان ملڻ ۽ ڪوپن هيگن ۾ اتي رهندڙ گنيش چند مينگهواڙ وٽ دعوت کائڻ سان هن کي يورپ جي برفاني موسم ۾ به سنڌ ياد اچي ٿي.
    شبير جو ڪوپن هيگن ۾ لاهور جي هڪ مولويءَ جي دڪان تان دوائون وٺڻ جو احوال به دلچسپ آهي ته ٻين شين سان گڏ وڏي ڏاڙهيءَ وارو هي مولوي پنهنجي دڪان جي هڪ ڪنڊ ۾ وڪري لاءِ شراب جون بوتلون پڻ رکيو ويٺو هو. ”مون جڏهن مولوي صاحب کان پڇيو ته توهان شراب به وڪڻندا آهيو ڇا؟“ ته هن وراڻيو ته ”ٻين شين جي وڪري ۾ ايتري بچت ناهي. شراب جي وڪري ۾ڪافي بچت ٿئي ٿي.“ ۽ پوءِ لکي ٿو ته اصل ۾ جتي به مولوي جو مفاد ٿئي ٿو اتي اها شيءِ ناجائز مان جائز ٿيو وڃي.
    وڪيل صاحب لاءِ هي هڪ نئون تجربو رهيو. هڪ ان قسم جو تجربو مون به پنهنجن اسڪئنڊينوين سفر نامن وارن ڪتابن ۾ هڪ عرب دڪاندار جو لکيو آهي جنهن پنهنجي دڪان ۾ سيڌي جي سامان سان گڏ سوئر جو گوشت ۽ شراب پڻ وڪيو ٿي. سئيڊن ۾ رهندڙ منهنجي يونيورسٽي جي اردني ۽ فلسطيني عرب شاگردن هن سان بائيڪاٽ ڪري ڇڏي هئي.
    لاهور جي مٿين مولويءَ کان دوائون خريد ڪرڻ تان ڳالهه ياد آئي ته وڪيل صاحب جي جهوني ساٿي جنهن کي ڊائيبٽيز، بلڊ پريشر ۽ دم جهڙيون پراڻيون بيماريون هيون، ان جون دوائون ختم ٿي ويون هيون. هو انهن کي خريد ڪرڻ لاءِ پڇائيندا پڇائيندا هن دڪان تي اچي نڪتا هئا.
    دوائن جي کوٽ جي ڳالهه پڙهي هتي آئون دنيا جي سير تي يا حج تي نڪرڻ وارن سياحن / مسافرن / ٽوئرسٽن کي اها به صلاح ڏيندس ته هو گهران نڪرڻ مهل پاڻ سان ٻن قسمن جو دوائون ضرور کڻي نڪرن. هڪ اهي دوائون جيڪي ڊائبٽيز، بلڊ پريشر، ننڊ نه اچڻ جهڙين مستقل بيمارين لاءِ جيڪي هو هر روز کائين ٿا. جيڪڏهن هنن جو سفر ٻن هفتن جو آهي ته دوا چئن هفتن جون کڻن، ڇو جو متان هنن کي وڌيڪ رهڻو پئجي وڃي ۽ پرديس ۾ دوا حاصل ڪرڻ ۾ دير ٿي وڃي. ٻي ڳالهه ته هو انهن دوائن جو اڌ بئگيج ۾ موڪلين ته اڌ پاڻ سان هٿ جي ٿيلهي ۾ رکن. ڇو جو منزل تي پهچڻ تي ڪيترن جو سامان گم ٿيو وڃي ۽ مسافر، خاص ڪري وقت تي دوا نه ملڻ تي پريشان ٿيو وڃن. ان ڪري ان قسم جون روزمره جي کائڻ جون دوائون پئسن ۽ پاسپورٽ وانگر پاڻ سان رکجن. انهن دوائن کان علاوه بخار، مٿي جي سور، پيٽ جي سور، ٿڌ زڪام، دست گهمري جهڙين ببيمارين جون دوائون پڻ پاڻ سان کڻجن. جيئن جيسين ڪنهن ڊاڪٽر وٽ پهچجي تيسين پنهنجي آندل دوا مان فائدو ٿي وڃي. پر انهن دوائن کڻڻ بابت ڪنهن ڊاڪٽر کان ليٽر لکرائي گهران نڪرجو ته توهان کي انهن دوائن جي ضرورت آهي. ڇو جو ڪيترن ايئرپورٽن تي ڊاڪٽر جي ليٽر بنا پاڻ سان دوائون آڻڻ جي منع آهي.
    منهنجي خيال ۾ منهنجو مهاڳ ڪجهه وڏو ئي ٿي ويو آهي. ان ڪري پنهنجين نصيحتن کي اتي بند ٿو ڪريان جيئن هن ڪتاب جا خريدار شبير شر صاحب جون ولايت بابت دلچسپ ڳالهيون پڙهي سگهن. ۽ ساڳي وقت شبير کي مبارڪ ٿو ڏيان بهترين سفرنامو لکڻ جي ۽ پاڪستان بار ڪائونسل جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي چيئرمئن ٿيڻ جي جنهن اعزاز جي خبر مون هي مهاڳ لکڻ دوران اخبار ۾ پڙهيم.


    هر ماءُ پنهنجي ٻار جي نڪمي پڻي جو ڏوهه ماستراڻين تي ٿاڦي ٿي

    (وومين ڪاليج مخزن لاءِ الطاف شيخ جو انٽرويو...........)

    پاڻي جا جهاز هلائيندڙ ۽ سفرناما لکندڙ مـشهور شخصيت الطاف شيخ هڪ ٽيچر پڻ آهي. هن نوڪريءَ جا آخري ويهه سالَ باقاعدگي سان پڙهايو ۽ مختلف نيول اڪيڊمين ۾ ”مئرين انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ“ جو هيڊ ٿي رهيو. رٽائرمينٽ کانپوءِ به هو اڄ تائين وزٽنگ پروفيسر جي حيثيت سان دنيا جي مختلف يونيورسٽين ۽ تعليمي ادارن ۾ نه فقط جهاز سازي تي پر سنڌي سفرنامي تي به ليڪچر ڏيندو رهي ٿو.

    الطاف شيخ 14 نومبر 1944ع تي هالا ۾ ڄائو. مئٽرڪ ۽ انٽر ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو مان ڪرڻ بعد هن مئرين انجنيئرنگ (جهازن جي انجنيري) چٽاگانگ، بنگلاديش (ان وقت مشرقي پاڪستان) مان ڪئي ۽ پوءِ پوسٽ گرئجوئيشن WMU يونيورسٽي، مالمو (سئيڊن) مان ڪئي. 15 سال کن لڳاتار دنيا جي سمنڊن تي، مختلف قسمن جا جهاز هلائڻ بعد هن ملائيشيا ۾ ڪناري جي نوڪري اختيار ڪئي. پاڻ 75 کان مٿي ڪتابن جو مصنف آهي سندس ڪالم پاڪستان ملائيشيا ۽ جپان جي اخبارن ۾ ايندا رهن ٿا. سندس زال مستوران گهلو دادو جي آهي ۽ کين ٻه ٻار مريم (جيجل) ۽ مارئي آهن. هتي گورنمينٽ گرلس ڊگري ڪاليج نواب شاهه جي ليڪچرر مئڊم ڪوثر ميمڻ جي ڪراچيءَ ۾ساڻن ٿيل ڳالهه ٻولهه جو احوال ڏجي ٿو)

    ڪوثر:- ڇوڪرين جي تعليم بابت توهان جا ڇا ويچار آهن؟
    الطاف:- تعليم هر انسان لاءِ ضروري آهي. تعليم يافته ڇوڪري سٺي ماءُ ٿي ٻارن جي صحت، اخلاق ۽ تعليم جو خيال ڪري ٿي، سٺي زال بنجي مڙس جي ڪمائيءَ موجب سٺي نموني گهر هلائي ٿي ۽ گهر جي ماحول کي خوشگوار بنائي ٿي. ۽ منهنجي تعليم مان اها مراد هرگز نه آهي ته نه ڪاليج اٽينڊ ڪجي نه يونيورسٽي وڃجي، رڳو ڪاپي ڪري ڊگري حاصل ڪجي.......... جيڪا ڳالهه اسان وٽ عام ٿي پئي آهي.

    ڪوثر:- ڇا ڇوڪرين کي نوڪري ڪرڻ کپي؟
    الطاف:- ضرور ڪرڻ کپي. ان سان هن ۾ اعتماد به اچي ٿو. هن مهانگائيءَ جي دؤر ۾ هوءَ پئسي ڏوڪڙ جي معاملي ۾ به مڙس جي مددگار ثابت ٿي سگهي ٿي ۽ نوڪري ڪندڙ عورت جي، گهر ۾ توڙي ٻاهر عزت رهي ٿي. پر اسان وٽ اها افسوس جي ڳالهه آهي ته ڪيترون ڇوڪريون ڊاڪٽر ۽ انجنيئر ٿيڻ بعد به نوڪري نٿيون ڪن. هو پنهنجو به نقصان ڪن ٿيون ته غريبن سان به ظلم ڪن ٿيون. اهو هن ريت جو ان کان بهتر هو ته ڪنهن ٻي ڇوڪريءَ کي پڙهڻ ڏين ها جيڪا ڊاڪٽر يا انجنيئر ٿي ملڪ جي خدمت ڪري ها.

    ڪوثر:- ڪيتريون ڇوڪريون پاڻ ته نوڪري ڪرڻ چاهين ٿيون پر سندن مڱيندا يا مڙس کين نوڪري ڪرڻ کان جھلين ٿا.
    الطاف:- آئون اهو هرگز نه چوندس ته پنهنجي مڙس جي ڳالهه نه مڃجي يا ان سان ضد ڪجي. پر ايترو آهي ته هو پاڻ يا خاندان جي ڪنهن سلجھيل فرد معرفت هن کي راضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪري سگهي ٿي. ڪيترا اهڙا قصا به عام آهن ته شاديءَ مهل مڙس وڏا قرب جتائي زال کي چوندو آهي ته تون گهر ۾ راڻي ٿي رهه ۽ توکي نوڪري ڪرڻ جا ڪا ضرورت ناهي. پوءِ اهو ئي مڙس ڪجهه سالن بعد زال کي ڀنگياڻي به نه سمجھندو آهي. ۽ پوءِ زال پنهنجي ۽ پنهنجي ٻارن جي جياپي لاءِ دربدر ٿيو وڃي. پنج ڇهه سالن جي Gap ڪري کيس نوڪري به نٿي ملي جيڪا هڪ فريش گرئجوئيٽ کي ته سولائيءَ سان مليو وڃي.

    ڪوثر:- بيروزگاري جو زمانو آهي اسان وٽ ته نوڪري به ڏکي ٿي ملي؟
    الطاف:- بلڪل صحيح ٿا چئو. نه رڳو پنهنجي ملڪ ۾ پر ٻاهر ولايت ۾ به اهو حال آهي. جپان، ڪوريا، ملائيشيا جهڙن ملڪن ۾ به انهن جا پنهنجا نوجوان نوڪرين خاطر واجھائيندا وتن. ان هوندي به آئون ڏسان پيو ته اسان جي ملڪ جا پڙهيل ڳڙهيل ولائت ۾ به سٺين سٺين نوڪرين ۾ آهن. انڊيا ۽ بنگلاديش جون ته ڪيتريون ئي ڇوڪريون ۽ ڇوڪرا ملائيشيا، جپان سنگاپور ويندي عرب ملڪن ۽ آمريڪا ۽ يورپ ۾ سٺن Jobs ۾ آهن.

    ڪوثر:- ڇو ڀلا اسان جي گرئجوئيٽ کي سٺي ۽ سولائيءَ سان نوڪري نٿي ملي؟
    الطاف:- اهو ان ڪري جو اسان جي اسٽوڊنٽ وٽ ڊگري جو ڪاڳر ته آهي پر هن کي ان سبجيڪٽ ۾ نه دسترس آهي ۽ نه تجربو ۽ ڄاڻ. مونکي ياد آهي ته اسي واري ڏهي ۾ جڏهن آئون ملائيشيا ۾ هوس ۽ ملائيشيا تيزي سان وڌي رهيو هو ته هنن ڪيترن ئي اسانجي جي ڊاڪٽرن کي نوڪريون ڏنيون پر نوي فيصد کان به مٿي موٽي آيا جو هنن کان ڳوٺن ۾ رهي اڪيلي سر ڪم نٿي پڳو. ڊاڪٽري جي ڊگري ۽ هائوس جاب ڪرڻ جو سرٽيفڪيٽ هجڻ جي باوجود هنن کي ڊاڪٽري جي صحيح ڄاڻ نه هئي. نتيجي ۾ هو پاڻ ئي ڀڄي ويا. سندن ان ڪوتاهيءَ ڪري اڄ به ڪيترن ملڪن ۾ رهندڙ اسان جي ملڪ جا بزنيس مان ۽ ڪارخانن جا مالڪ پنهنجن هم وطنين کي نوڪري نٿا ڏين. هو انهن کان وڌيڪ بنگلاديش، انڊيا، سري لنڪا، فلپين ۽ ڪوريا وغيره جي نوجوانن کي ترجيح ڏين ٿا، جيڪي پنهنجي پنهنجي فيلڊ جا ڄاڻو آهن، گهٽ پگهار تي به راضي رهن ٿا، محنتي آهن ۽ ڳالهه ڳالهه تي ڦڏو يا موڪل نٿا ڪن جنهن ڪري کين نوڪري ڏيڻ وارو مالڪ يا ادارو به خوش ۽ سُڪون ۾ رهي ٿو.

    ڪوثر:- پنهنجي فيلڊ ۾ سٺو ٿيڻ لاءِ هڪ شاگرد کي ڇا ڪرڻ کپي؟
    الطاف:- هن کي پنهنجي پنهنجي سبجيڪٽ ڊاڪٽري، انجنيري، سائنس، I.T، مئٿس يا جيڪو به هجي ان جي تات هجڻ کپي. ان ۾ ماهر ٿيڻ کپي. رڳو ڊاڪٽري يا انجينري پاس ڪرڻ ۽ ڊگري حاصل ڪرڻ ضروري ناهي پر مٿانهين پوزيشن حاصل ڪرڻ اهم آهي. ان لاءِ هن کي سال جو هڪ هڪ ڏينهن محنت ڪرڻ کپي. هڪ مثال ٿو ياد اچيم: ملائيشيا ۾ نوڪرين جي چونـڊ لاءِ اتي جي مڪاني ملئي آفيسرن سان گڏ ڪجهه سال آئون به انٽرويو جي پئنل تي رهيس. ڊاڪٽري ۽ انجنيئري جي نوڪري لاءِ اسان جي ملڪ جا آيل ڪجهه اهڙا به اميدوار ڏٺم جن وٽ ڊاڪٽري يا انجنيئري جي ڊگري ته هئي پر ان سان گڏ M.A انگريزي، هسٽري يا ايڪانامڪس جي ڊگري به هئي ....سا به ساڳي سال ۾ حاصل ڪيل! مون سان گڏ منهنجا ملئي آفيسر دوست به ان ڳالهه تي تعجب کائيندا هئا. مزي جي ڳالهه ته هنن کان کڻي ڊاڪٽري يا انجنيري جو سوال ڪر ته ان جو به بهٿر جواب نه ڏئي سگهن! پڇ کڻي هسٽري، انگريزي يا ايڪانامڪس بابت ته ان کان به هو اڻ ڄاڻ. هنن جو سڄو زور حاصل ڪيل ڊگرين جا ڪاڳر ڏيکارڻ تي رهيو ٿي. ياد رکو ته اڄ ڪلهه ڪو به ٺلهين ڊگرين تي نوڪري نٿو ڏئي، هو دلي جي خريدار وانگر ٺوڪي ٺوڪي پوءِ پنهنجي اداري يا ڪارخاني ۾ نوڪري ڏئي ٿو. مالڪ اهوئي ڏسي ٿو ته فلاڻي يا فلاڻي ماڻهوءَ کي رکڻ سان هو مونکي ڪيترو ڪمائي ڏيندو؟ هن کي ڪم ڪرڻ جي صلاحيت به آهي يا نه؟

    ڪوثر:- تنهنجي معنيٰ ته ڪا ڇوڪري ڊاڪٽري پڙهي رهي آهي ته هوءَ فقط ان سان تعلق رکندڙ ڪتابن کي پڙهي؟
    الطاف:- بلڪل صحيح ٿيون چئو. LUMS جي هڪ شاگرد غلط سلط انگريزيءَ ۾ مونکي اي ميل ڪيو ته ”سائين توهان کي خوشي ٿيندي ته آئون توهان جو فئن (پرستار) آهيان ۽ مون توهان جا سڀ ڪتاب پڙهيا آهن“ . جواب ۾ لکيو مانس ته پُٽ مونکي خوشيءَ بدران افسوس ٿيو آهي. منهنجي ڪتابن پڙهڻ پٺيان وقت وڃائڻ بدران پنهنجا ميڊيڪل جا ڪتاب پڙهه ۽ انهن ۾ ڀڙ ٿي ته اها سٺي ڳالهه آهي. فائنل ييئر تائين پهچي ويو آهين پر انگريزيءَ جون ٽي سٽون به صحيح نٿو لکي سگهين.

    ڪوثر:- دراصل اهو به پرابلم آهي ته اسان وٽ هر ڳالهه انگريزيءَ ۾ هلي ٿي.
    الطاف:- نه رڳو اسان وٽ پر جتي ڪٿي انگريزي هلي ٿي. ترڪيءَ کان وٺي جپان تائين انگريزيءَ کي مانُ ڏنو وڃي ٿو. اسان اجايو سنڌي سنڌي يا اڙدو اڙدو جي تسبيح پڙهون ٿا. اهي زبانون ته هونءَ به هرڪو سکيو وڃي. حقيقت اها آهي ته اڄ به ڪورٽ ۾ درخواست ڏيڻي هجي يا ايئر لائن جي هوسٽس يا اسٽيورڊ جو انٽرويو... هر ڪاروائي انگريزيءَ ۾ٿئي ٿي. ڪجهه سالَ اڳ ملائيشيا وارن اسڪولن ۾ پڙهائي جو ميڊيم ملئي زبان ڪيو. ٻن سالن بعد توبهه ڪري وري انگلش ڪيائون ته اها بين الاقوامي زبان آهي. ان جي ڄاڻ ڪري ته ملائيشيا جا ماڻهو دنيا ۾نوڪري ۽ تعليم وٺن ۽ ڏين ٿا نه ته انڊونيشيا به ساڳيو ملڪ آهي جتي انگريزي بدران ڊچ آهي ته هو فقط ۽ فقط هالنڊ وڃي سگهن ٿا جتي ڊچ ڳالهائي وڃي ٿي.

    ڪوثر:- توهانجو مطلب آهي ته اسان وٽ هر اسٽوڊنٽ کي چاهي هو ميڊيڪل جو هجي يا انجنيئرنگ جو ته پنهنجي بهتر مستقبل لاءِ انگريزي سڌارڻ کپي.
    الطاف:- جي ها! ڇو جو انٽرويو وٺڻ دوران مون ڪيترا پنهنجي وطن جا اميدوار ڏٺا جيڪي هوشيار هوندي به اها نوڪري حاصل ڪري نه سگهيا جو انٽرويو ۾ پڇيل سوالن جا ڦڙ ڦڙ (Fluent) انگريزي ۾ جواب نه ڏيڻ ڪري انٽرويو وٺندڙن کي متاثر نه ڪري سگهيا. ساڳي وقت سٺي انگريزيءَ ڪري ڪڏهن ڪڏهن بيوقوف ۽ ڇسا فلپيني ۽ سري لنڪن به چونڊجي ويا ٿي. هونءَ اڄ جي اسٽوڊنٽ کي آئون اها نصيحت ڪندس ته ڪمپيوٽر تي وقت نه وڃائين.

    ڪوثر:- پر ڪمپيوٽر ته اڄ جي دؤر جي اهم شيءِ آهي.
    الطاف:- بلڪل اهم ۽ ضروري شيءِ آهي جيڪا هر هڪ کي اسڪول جي ڏينهن کان ئي سکڻ کپي. پر افسوس جي ڳالهه اها آهي ته اسان وٽ ڪمپيوٽر جي معنيٰ چئٽ ۽ معاشقو ڪرڻ ٿي پئي آهي، فيس بڪ کولي وهڻ يا خراب ويب سائيٽون ڏسي پنهنجو اخلاق برباد ڪرڻ عام ڳالهه ٿي پيو آهي. رحم جوڳي ڳالهه اها آهي ته اسان وٽ والدين کي نه وقت آهي نه ڪمپيوٽرن جي سٺاين خرابين جي ڄاڻ ... ۽ نه پنهنجي اولاد کي Monitor ڪرڻ جي توفيقَ ته هو ڪمپيوٽر کولي ڇا ويٺو ڪري. ڳوٺن ۾ جنهن گهر ويندو آهيان ته گهر جي وڏڙي وڏي فخر سان ٻڌائيندي آهي ته هن جي ٻارن کي ڪمپيوٽر هلائڻ اچي ٿو ۽ پوءِ ويب سائيٽ هسٽري کي Check ڪري ڏسندو آهيان ته شرم ايندو آهي. ٻين ملڪن ۾، ويندي انڊيا ۾ اسان کان وڌيڪ Awareness آهي. اتي جي ٻارن حوالي به ڪمپيوٽر آهن پر ان تي هو تعليمي ۽ ڪم جون ويب سائيٽ ڏي ڌيان ڏين ٿا، فوٽو شآپ جهڙا مختلف پروگرام سکن ٿا، جيئن اهي سندن روزگار جا به ذريعا ثابت ٿي سگهن. محنت ڪري ڏهن ئي آڱرين سان ٽائيپنگ سکن ٿا. سري لنڪا ۽ بنگلاديش ۾ ته ڪيتريون ئي ڇوڪريون اخبارن، رسالن ۽ ڪتابن لاءِ گهر ويٺي، روزانو ڪيترائي صفحا ڪمپوز ڪري گهر جو يا پنهنجي پڙهائيءَ جو خرچ ڪڍن ٿيون.

    ڪوثر:- توهان جو درس تدريس سان وڏو عرصو واسطو رهيو آهي. توهان جي خيال ۾ سٺي شاگرد لاءِ ڇا ضروري آهي؟
    الطاف:- سڀ کان اهم شيءِ آهي ڪلاس ۾ ڌيان سان ليڪچر ٻڌڻ ۽ پوءِ گهر ۾ صحيح وقت تي ان کي پڙهڻ يا ياد رکڻ ۽ اهو ڪم روز جو روز هجڻ کپي. پر اسان وٽ ائين ناهي. ڪيترائي اسٽوڊنٽس سڄو سالُ وقت برباد ڪندا رهندا ۽ پوءِ امتحانن کان مهينو اڌ اڳ هڻ وٺ ڪندا. تازو هڪ گهر ۾ وڃڻ ٿيو. امتحان ۾ فيل ٿيندڙ ڇوڪريءَ لاءِ مائٽن کي چيم ته هن پڙهيو نه هوندو. ان تي ڇوڪريءَ جي ڏاڏيءَ امتحان وٺندڙن کي پِٽون ڏيندي ٻڌايو ته امتحانن جي ڏينهن ۾ هوءَ سڄي سڄي رات ويهي پڙهندي هُئي. ”آئون جنهن وقت فجر نماز لاءِ اٿندي هيس ته ان وقت هوءَ ڪتاب ٺپي سمهڻ ويندي هئي.“
    هاڻ ان قسم جي اسٽوڊنٽس کي ڪير سمجھائي ته سڄي رات جاڳي پڙهڻ کان بهتر آهي ته سوير سمهي رهجي ۽ فجر مهل اٿي فريش دماغ سان پڙهجي ته بهتر آهي. آئون پنهنجن نيوي جي شاگردن کي هميشه طوطي جو مثال ڏيندو آهيان ته ان کي ڪجهه ياد ڪرائڻ لاءِ فجر مهل پڙهايو ويندو آهي ۽ ٻي ڳالهه ته هن جي دماغ ۾ ڳالهه تڏهن ويهندي آهي جڏهن سندس پيٽ خالي هوندو آهي. هڪ دفعي ڄام شوري ڦاٽڪ واري هوٽل تي رات جي وقت ڪجهه شاگردن کي اڦراٽا تيار ڪرائي کائيندو ڏٺم، هنن ٻڌايو ته ”امتحان جا ڏينهن ويجھا آهن سو هو رات جو دير تائين پڙهن ٿا ۽ بک لڳڻ تي ماني کائڻ اچن ٿا.“ هاڻ ههـڙي ڳري ماني کائڻ وارا ڇا پڙهندا! هو رڳو مائٽن کي دوکو ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿين ٿا ته هو وڏي محنت پيا ڪن. هوشيار ۽ نمبر کڻڻ وارا شاگرد امتحانن جي ڏينهن ۾ آرام ڪن ٿا باقي سڄو سال مقرر وقت روزانو پڙهن ٿا.
    ملائيشيا جهڙن ملڪن ۾ ته روزانو شام جو ساڍي ستين کان ٽي وي تي پَٽي هلائي ويندي آهي ته رات جا اٺ ٿيڻ وارا آهن ٻآرن کي سمهاري ڇڏيو. ملائيشيا ۾ هر هنڌ صبح جو ستين بجي اسڪول کلن ٿا ۽ ٻار سج اڀرڻ کان اڳ ننڊ مان سجاڳ ٿين ٿا. جپان ۾ وڏن شهرن ۾ به رهائشي علائقن جي گهٽين جون بتيون نائين بجي بند ٿيو وڃن ۽ ٻار ان کان اڳ سمهيو رهن. هو نه فقط سڄو هفتو سج اڀرڻ کان اڳ اٿن پر آچر ڏينهن ۽ موڪلن ۾ به سوير اٿن ۽ گهٽيءَ ۾ بيهي ڏهن منٽن لاءِ PT ڪن ۽ پنهنجي ڊائري تي گهٽي جي انچارج کان صحيح وٺن ته هو سوير ئي اٿيا. پر اسان مسلمانن جي گهرن ۾ ڇا ٿي رهيو آهي؟ سج مٿي چڙهي ايندو، مکيون پيون پٽينديون پر ٻار موالين وانگر سُتا پيا هوندا. اسڪول وارن ڏينهن ۾ به مائرون رات جو دير تائين ٽي وي ڏسنديون. ٻارن کي به جاڳائي رکنديون ، ۽ پوءِ ننڊ پوري نه ٿيڻ ڪري ٻار صبح جو اوٻاسيون ڏيندا اسڪول ويندا آهن ۽ جھوٽا کائيندا گهر موٽندا آهن. هاڻ ٻڌايو ته اهڙين حالتن ۾ هو موڳا نه ٿيندا ته ٻيو ڇا ٿيندا؟ ۽ اهڙين ڳالهين ڏي ڌيان ڌرڻ مائرن جو ڪم آهي. پر هر ماءُ ٻارن جي نڪمي پڻي جو ڏوهه اڪثر مسين (ماسترياڻين) تي ٿاڦيندي نظر اينديون آهن.

    الطاف شيخَ جي ڳالهين مان ورتل ڪجهه وڌيڪ ٽڪرا، جيڪي اسان جي ملڪ جي مائرن لاءِ سوچڻ جي خوراڪ مهيا ڪن ٿا.

    اسان وٽ مائرون ٻارن جي تعليم ۽ سڌاري تي نه ڌيان ڏين ٿيون نه محنت ڪن ٿيون. هنن جي هر وقت اها ڪوشش رهي ٿي ته هوم ورڪ به آفيس مان موٽڻ تي پيءُ اچي ڪرائي. ڪيترن گهرن جا ٻار ٽيوشن لاءِ ماسترياڻيءَ وٽ وڃن ٿا جيڪا اڪثر سندن اسڪول جي مِس هوندي آهي. ٽيوشن تي ٻارن کي سمجھائڻ بدران هنن کي سوالن جا جواب (خاص ڪري مئٿس ۽ سائنس جا) ٻڌائي هوم ورڪ جي آنگ لاٿي ويندي آهي.

    اسان وٽ مائرن جو زور رڳو ٻارن کي اوچا ڪپڙا پهرڻ تي آهي. ڪيترن جي گهرن ۾ ويندو آهيان ته حيرت ٿيندي آهي ته مائرون وڏي خرچ تي ورتل اوچا ”برانڊيڊ“ ڪپڙا ٻارن کي پارائي، گد گدپيون ٿينديون آهن ته هنن جا ٻار ڪيڏا ته سهڻا ۽ سمارٽ پيا لڳن! اڙي بابا هنن کي لکڻ پڙهڻ ته سيکاريو. ڪلاس ٽو يا ٿري تائين پهچي ويا آهن پر P کي ڪيو پيا لکن... ننڍيون دعائون يا قرآن جون سُوررون به ياد نه اٿن... اها فضيلت نه اٿن ته ويهي کائجي... آرام سان پاڻي پيئجي ۽ وڏن سان ڪيئن ڳالهائجي! ٻار جي سنگهه وهي وات ۾ پئي ويندي، وڏن سان تون تون ڪري پيو ڳالهائيندو پر ان تي مائرون نه ڌيان ڏينديون، نه محنت ڪنديون! باقي رڳو زور جاگر جوتا ۽ اوچا ولائتي ڪپڙا پهرائڻ تي .. ڇو جو انهن ڳالهين تي کين محنت نٿي ڪرڻي پوي، جو مڙس جي حرام جي ڪمائيءَ مان هر شيءِ اچيو وڃي.

    اسان وٽ عورتن کي ڪچهري ۽ پرائي پچارن کان فرصت ئي نٿي ملي جو ٻارن کي پاڻ وٽ ويهاري اسڪول ۾ پڙهيل سبق کي ڀيرو ڏيارين ۽ لکرائين، جيئن هنن جي هئنڊ رائيٽنگ به سٺي ٿئي. بلڪه ٻارن کي دڙڪو ڏئي ٻاهر ڪڍي ڇڏينديون ته وڃي گهٽي ۾ ٻين ٻارن سان راند ڪريو. ۽ پوءِ ٻار ٻاهر وڃي ڪنهن ڪوچ جي نظر هيٺ ڪرڪيٽ، والي بال يا ڪا اسپورٽ ڪونه ٿا سکن پر هڪ ٻئي کان گنديون ڳالهيون ۽ گاريون ٿا سکن. سڌريل ملڪن ۾ توهان کي ائين گهٽين ۾ ٻار نظر نه ايندا. هو موڪل واري ڏينهن تي مائرن سان گڏ گڏ نظر ايندا جيڪي هنن کي قدم قدم تي معلومات جون ڳالهيون ٻڌائيندي نظر اينديون.

    اسان وٽ جنهن به گهر ۾ وڃ ته مهمان جي آڌر ڀاءَ ڪوڪا ڪولا، پيپسي يا ڪنهن ٻئي ايئريٽيڊ مشروب سان ڪئي وڃي ٿي. خبر ناهي هيءَ وبا سنڌ ۾ ڪيئن آئي. گهر گهر ۾ ڊاڪٽر ٿي ويا آهن پر ڪنهن کي به اهو هوش ناهي ته هي مشروب ڪيڏو خطرناڪ آهي جنهن ۾ هيڪاندي شگر آهي ۽ جنهن جا ٻيا ڪيميڪل انسان جي جسم جو ڪئلشيم ڳاريو ڇڏين. وڏا ته وڏا ننڍا به سڄي سڄي بوتل چٽ ڪريو وڃن. ڪوڪا ڪولا جو يهودي مالڪ سئيڊن جو آهي پر سئيڊن ۾ ان جي قيمت سڀ کان گهڻي رکي وئي آهي جيئن ماڻهو گهٽ واپرائين. سئيڊن جي ماڻهن کان پڇندائو ته هو اهو ئي ٻڌائيندا ته هو سال ۾ هڪ يا ٻه دفعا ٿا پين. آئون جنهن اداري سان سئيڊن ۾ وابسته هوس اتي جي ميس ۾ فقط ڪرسمس ڊي تي ڊنر تي منو گلاس ڪوڪا ڪولا يا سيون اپ جو Serve ٿيندو هو!

    پڙهڻ ۾ رڌل رهڻ سان منهنجو مطلب اهو هرگز ناهي ته شاگرد هر وقت ڪتاب کڻيو ويٺا هجن. هنن لاءِ صحتمند راند روند ۽ جسماني ورزش به ضروري آهي پوءِ کڻي اها ڊگهي واڪ هجي يا جاگنگ. ڇوڪريون اها کوٽ گهر ۾ ڪم ڪار ڪري پوري ڪري سگهن ٿيون. ملائيشيا ۾ اسان جي ڳوٺ جي هڪ ڊاڪٽرياڻيءَ کي تمام سٺي نوڪري ملي پر هوءَ جلدي ئي واپس موٽِي آئي!
    ڇو؟
    ڇو جو هن کي ماني پچائڻ نٿي آئي ۽ ملائيشيا جي حڪومت هن کي بورچياڻي آڻڻ جي ويزا نٿي ڏئي سگهي! ڪيڏي حيرت جي ڳالهه آهي! ٻيا ملڪ ته ڇڏيو پر سئيڊن، ناروي، ڊئنمارڪ جهڙن ملڪن جون وڏن عهدن تي فائز عورتون به رڌ پچاءُ پاڻ پيون ڪن. دادو شهر جي هڪ گهر ۾ ويس. ماءٌ ۽ پوڙهي ڏاڏي منهنجي اچڻ جي خوشيءَ ۾ ڪڏهن پڪوڙا پيون ٺاهين ته ڪڏهن چانهه وغيره. ۽ سندن فرسٽ ايئر جي ڇوڪري صوفي تي اڌ گابرو ليٽي، لڳاتار ڪنهن کي SMS ڪري رهي هئي ۽ آيل جواب پڙهي خوش ٿي رهي هئي.
    مون ڇوڪريءَ جو نالو وٺي هن جي ماءٌ کي چيو توهان ڇو پيون تڪليف ڪريو پنهنجي ڌيءَ کي اٿاريو ته اٿي چانهه ٺاهي ۽ پاڻي پياري.
    ”نه سائين اسان نٿا چاهيون ته هن جو پڙهائيءَ کانسواءِ ڪنهن ٻي ڳالهه تي وقت ضايع ٿئي“ هن وراڻيو.
    ”ٺهيو! اڄ ڪلهه دنيا جي ملڪن جا ڇوڪرا به پيا رڌ پچاءُ سکن، جو خبر ناهي ته ڪٿي نوڪرري ڪرڻي پوي ۽ ڇا حالتون هجن!“ مون دل ئي دل ۾ سوچيو. پر افسوس جي ڳالهه اها آهي ته اسانجي ڇوڪرين کي ڪو هنر سکڻ يا سخت جان ٿيڻ کان روڪيو پيو وڃي! ۽ اسانجي ڇوڪرن جي وري ڪهڙي ڳالهه ڪجي! اهي ته وري اتر ٿا لهن. هنن کان ڇوڪرين جيتري به پڙهائي نٿي پڄي. نه وري ٿا ڪا ذميواري محسوس ڪن. هنن جو هر وقت ڌيان اوچي موبائيل فون رکڻ ۽ ڪَلفُ لڳل ڪپڙا پائي خوابن جي دنيا ۾ رهڻ تي آهي. ڪاش اسانجا اسٽوڊنٽس ترقي يافته ملڪن جپان وغيره، يا ترقي ڪندڙ ملڪن ملائيشيا وغيره، يا ويندي ايران ۽ انڊيا جي ئي شاگردن کي ڏسي ڪجهه سکي سگهن ۽ هو اهو محسوس ڪن ته مقابلي جو دؤر آهي جنهن ۾ ڪاميابي فقط اهي ماڻي سگهندا جيڪي صحيح معنيٰ ۾ تعليم حاصل ڪري امتحان پاس ڪندا سو به مٿانهين پوزيشن ۾، ۽ زندگي ۾ درپيش ايندڙ Challenges کي منهن ڏئي سگهندا.


    الطاف شيخ جا ڇپيل ڪتاب

    اناميڪا
    منهنجو ساگر، منهنجو ساحل
    پيار جي گُهٽَ
    وايون وڻجارن جون
    سي ٻيڙيون رکين ٻاجهه سين
    دنيا آهي ڪاڪ محل
    سمونڊ جن ساڻيهه
    بندر بازاريون
    سمونڊ جي سيوين
    سي جوڀن ڏينهن
    بندر ديسان ديس
    خبرون کيڙائن جون
    ڪويت ڪنارا
    ڇا جو ديس ڇا جو وديس
    جاني ته جهاز ۾
    جپان جن جي جيءَ ۾
    ڳالهيون تنهن جپان جون
    خدا ڏي خط
    جپان رس
    سانڀاهو سمونڊ جو
    موج نه سهي مَڪڙي
    الطاف شيخ جي نوٽ بڪ تان
    بهترين سفرناما
    لنڊن تائين لفٽ
    ٻارن جون آکاڻيون
    ٽوڪيو جي گيشا گرل
    مڪليءَ کان ملاڪا تائين
    سنگاپور ويندي ويندي
    ڪوالالمپور ڪجهه ڪوهه
    ماستر هريام جو بئنڪاڪ وڃڻ
    دُنگيءَ منجهه درياهه
    ڏاهي جهرڪي
    جت جر وهي ٿو جال
    يادن جي انڊلٺ
    ڳالهيون آهن ڳچ
    اي جرني ٽو ٿائلينڊ
    Proverbs Of Far East
    اوهريا جي عميق ڏي
    اڇن جي ملڪ ۾ اسين ڪارا
    ملير کان مالمو
    جت برف پئي ٿي جام
    ڪراچيءَ کان ڪوپن هيگن
    ارائونڊ دي ورلڊ
    رٺي آهي گهوٽ سان
    يورپ جا ڏينهن راتيون
    اي روڊ ٽو مدينا
    هيلسنڪي جي حسينا
    سنگاپور ٿو سڏ ڪري
    آل ابائوٽ سنگاپور
    ملائيشيا منهنجي من ۾
    ڀلي ڀار تان ڀيرو
    هي ٻيٽ هي ڪنارا
    بوتلن جو سفر
    سوزيءَ سان پيار
    جل پريون
    ملائيشيا 12 سالن بعد
    تيستائين گڊ باءِ
    جپان پنجويهه ورهين بعد
    ڪراچيءَ کان ڪوڪورا
    دهليءَ جو درشن
    نيو هالا کان نيويارڪ
    بخشو لغاريءَ کان بالٽيمور
    ايران ڏي اُڏام چنڊ چوانءِ سچ
    هلي ڏسجي هندستان
    پکي اُڏاڻا پنهنجي ديس
    ممباسا، شيدي بادشاهه همباشا
    ڏيهه پرڏيهه جو سفر
    بمبئي منهنجي ڀاڪر ۾
    هليو آ، هليو آ، ملائيشيا
    مونکي موهيو ملائيشيا
    آمريڪا ڙي آمريڪا
    وسي وڏ ڦڙو
    نه سي سڙه سُکان
    بنارس کان برمودا
    برونائيءَ کان برازيل
    گهاتو گهر نه آئي
    ڪئمپس جا ڏينهڙا
    تاريخ جو سفر

    اردو میں

    سمندر کے دن
    ملائیشیا کے دن
    یورپ کے دن
    کراچی سے کوپن ہیگن
    ایران کے دن
    گيشائون کے ديس مين
    جہاز چلانے کے دن
    جپان کے دن
    کنارے کے دن
    میں چلا ممباسا
    چلو چلیں ہندوستان


    بئڪ پيج ٽائيٽل


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 865
    ڪتابن جو مشاهدو: 2388475
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 610201
    2019 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ