ڪتاب جو نالو: مان انسان ٿيندس
مصنف: محمد دين راڄڙي
ڇپائيندڙ: سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد
ڪيٽيگري: ڪهاڻيون
شايع ٿيڻ جو سال: 2018
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: آچر، 17 فيبروري 2019 ع
پڙهيو ويو: 582 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 327 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
محمد دين راڄڙي جي قلم مان سرجندڙ احساسن جي مهڪ من اندر تادير تاثير ڇڏڻ جي قوت سان سرشار ملي ٿي، سندس دلفريب ڪهاڻين جا ڪردار ۽ موضوع ظاهري طرح ته پنهنجي معاشري جا عڪاس آهن، پر مختصر ترين ڪهاڻين ۾ به هو سهڻي چترڪار جو روپ ڌاري پنن جي ڪئنواس جي لفظن جي موتين جا اهڙا ته نقش چٽيا آهن جو سندس معصوم سڀاءَ جيان لکڻين سان به پيار جي پالوٽ کي پسي سگهجي ٿو، ۽ يقينن انهن مان ڪي اڻ ڇهيا احساس پاڻ کي پنهنجي ڪهاڻي بيان ڪندي سڪ ۽ سوز جي رشتي سان پاڻمرادو ڳنڍي وٺن ٿا.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سنڌ سلامت پاران
  • حق ۽ واسطا اداري وٽ محفوظ
  • اداري پاران
  • پنهنجي پاران
  • ڊسڪورس
  • ڪهاڻيون

  • ٽوٻو...!
  • سرڪس
  • جاڳر...
  • ڦاٽڪ
  • اندر ٿو سڏي مونکي...!
  • اندر وارتا...!
  • سچ کي پُٺي...!
  • ڪراچي...
  • ڊرامو : سيڪنڊ اسٽيٽمنٽ
  • بودلو....
  • پٿرائجي ويل اکيون....
  • پيراڊو
  • مان انسان ٿيندس
  • احساس!
  • امداد...!
  • انگ اگهاڙا ٿري ٻار...!
  • پريت...!
  • مختصر ڪهاڻيون

  • ٻه مانيون
  • پئسو ڪونهي
  • اُساٽ
  • تضاد
  • اڇي پڳ مَ پس
  • ڏڪار
  • وزن
  • ATM مشين
  • سَرلان...!
  • تضاد
  • هڪ سٽ ڪهاڻي
  • نئين دور جي مارئي....!
  • بچل ڪلينڪ
  • پارٽي....
  • اُٿ ڏونگر ڏاري وينداسين
  • بئڪ ٽائيٽل صفحو

  • سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”مان انسان ٿيندس“ اوهان اڳيان پيش ڪري رهيا آهيون. هي ڪتاب نامياري ليکڪ ۽ ڪهاڻيڪار محمد دين راڄڙي جي ڪهاڻين جو مجموعو آهي.
    محمد دين راڄڙي جي قلم مان سرجندڙ احساسن جي مهڪ من اندر تادير تاثير ڇڏڻ جي قوت سان سرشار ملي ٿي، سندس دلفريب ڪهاڻين جا ڪردار ۽ موضوع ظاهري طرح ته پنهنجي معاشري جا عڪاس آهن، پر مختصر ترين ڪهاڻين ۾ به هو سهڻي چترڪار جو روپ ڌاري پنن جي ڪئنواس جي لفظن جي موتين جا اهڙا ته نقش چٽيا آهن جو سندس معصوم سڀاءَ جيان لکڻين سان به پيار جي پالوٽ کي پسي سگهجي ٿو، ۽ يقينن انهن مان ڪي اڻ ڇهيا احساس پاڻ کي پنهنجي ڪهاڻي بيان ڪندي سڪ ۽ سوز جي رشتي سان پاڻمرادو ڳنڍي وٺن ٿا.
    ھي ڪتاب سمبارا پبليڪيشن، حيدرآباد پاران 2018ع ۾ ڇپايو ويو آهي. ٿورائتا آهيون سمبارا جي سرواڻ ساجد سنڌيءَ جا جنھن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي ۽ مهربانيون ڀاءُ محمد دين راڄڙيءَ جون جنهن ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گھر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    حق ۽ واسطا اداري وٽ محفوظ

    ڪتاب نمبر 93

    ڪتاب جو نالو: مان انسان ٿيندس
    موضوع: ڪهاڻيون
    ليکڪ: محمد دين راڄڙي
    ڇاپو پهريون: مارچ 2018ع
    ڪمپوزنگ/لي آئوٽ: آفتاب احمد هنڱورو
    ٽائيٽل: آصف رضا نظاماڻي
    ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي سنگت ڏهرڪي
    ڇپيندڙ: سمبارا پبليڪيشن
    مٺو ٽاور سامهون عبرت پريس، ويجهو دوابه پوليس لائين، گاڏي کاتو، حيدرآباد
    03003513966

    مُلهه: 200 روپيا

    ڊجيٽل ايڊيشن:
    2019ع
    سنڌ سلامت ڪتاب گهر


    Maan Insan Thiendus
    (Stories)
    By: Muhammad Din Rajri
    Sambara Publication Hyderabad
    03003513966

    ڪتاب ملڻ جا هنڌ:
    ڀٽائي ڪتاب گهر حيدرآباد،. فڪشن هائوس حيدرآباد، ادبي بورڊ بڪ اسٽال تلڪ چاڙهي حيدرآباد، قليچ ڪتاب گهر سنڌي لينگويج اٿارٽي حيدرآباد، ڪنگ پن بڪ هائوس پريس ڪلب حيدرآباد، ڪامريڊ بڪ اسٽال ڄامشورو. رابيل ڪتاب گهر لاڙڪاڻو، مهراڻ ڪتاب گهر لاڙڪاڻو. وسيم ڪتاب گهر شڪارپور، سنڌيڪا ڪتاب گهر سکر. تهذيب بڪ اسٽور خيرپور ميرس، ٿر ڪتاب گهر مٺي. الفتح نيوز ايجنسي سکر.


    اداري پاران

    سنڌي ــ ڪهاڻي کيتر ۾جتي معاشرتي ڀڃ ڊاهه ۽ رومانوي پسمنظر جا اولڙا جابجا جهلڪندي محسوس ٿين ٿا، اتي من اندر اٿندڙ اڇل ۽ ذهن ۾ چڀندڙ احساسن جون چهنڊڙيون پڻ هڪ ڪهاڻيڪار جي حساسيت کي اڀاري سامهون آڻين ٿيون، اتر سنڌ جي ملوڪ ليکاري ۽ ڪهاڻيڪار محمد دين راڄڙي جي قلم مان سرجندڙ احساسن جي مهڪ پڻ من اندر تادير تاثير ڇڏڻ جي قوت سان سرشار ملي ٿي، سندس دلفريب ڪهاڻين جا ڪردار ۽ موضوع ظاهري طرح ته پنهنجي معاشري جا عڪاس آهن، پر مختصر ترين ڪهاڻين ۾ به هو سهڻي چترڪار جو روپ ڌاري پنن جي ڪئنواس جي لفظن جي موتين جا اهڙا ته نقش چٽيا آهن جو سندس معصوم سڀاءَ جيان لکڻين سان به پيار جي پالوٽ کي پسي سگهجي ٿو، ۽ يقينن انهن مان ڪي اڻ ڇهيا احساس پاڻ کي پنهنجي ڪهاڻي بيان ڪندي سڪ ۽ سوز جي رشتي سان پاڻمرادو ڳنڍي وٺن ٿا.
    گلاب جي پنکڙين تي پوپٽ جي ڇڏيل رنگن جهڙيون ڪهاڻيون سرجيندڙ محمد دين راڄڙي پنهنجي زندگيءَ جو اڌ حصو سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ تان پاڻ وارڻ ۾ وقف ڪري چڪو آهي، جهڙي طرح سندس شخصي ڪردار ۾ نهٺائپ ۽ بيساختگي کليل ڪتاب جيان پڌري پٽ آهي، اهڙي طرح سندس ڪهاڻين مان انساني الميا، پريت پچارون ۽ سرت سنيها جيون ريکائن کان ڀلي ڀت روشناس ڪرائڻ لاءِ اتساهن ٿا، هن ڪتاب ۾ شامل ڪهاڻيون دين محمد راڄڙي جي داخلي ۽ خارجي ڪيفيتن جو اهڙو نچوڙ آهن، جنهن ۾ نه فقط پنهنجي آس پاس جي ماحول پر اندورني اٿل پٿل کي به پنهنجي وجود مٿان گذرندي محسوس ڪيون ٿا، اميد ته سمبارا پبليڪيشن پاران پڙهندڙن لاءِ هيءَ سوکڙي نٽهڻ اس جي ٿڪاوٽ ۾ پنبڻين مٿان ٿڌڙي ڇڻڪار جو روپ ضرور ڌاريندي.

    ساجد سنڌي
    03003513966


    پنهنجي پاران

    ڪهاڻي تاريخ جي ماءُ آهي. ڪهاڻي جو آستان ماڻهو جو روح آهي. ڪهاڻي جي تاريخ، خود تاريخ کان به اوائلي آهي. پهرئين ڪهاڻي تڏهن جنم ورتو هوندو، جڏهن ڪنهن پکيءَ، جيو ۽ انسان پنهنجي درد ڪٿا پيرائتي نموني ڪنهن سان اوري هوندي.
    ڪهاڻي جا انيڪ روپ آهن، جيڪا شڪل ته مٽائي ٿي پر ختم نه ٿي ٿئي. هڪ اها ڪهاڻي آهي، جيڪا لکت ۾ اظهاري ويئي آهي، ٻي زبان سان ٻُڌائي ويئي آهي ۽ ٽيئن اها ڪهاڻي آهي، جيڪا ”راز“ ٿي پنهنجو انت آڻي چڪي آهي. ھر گھر ڪھاڻي آھي. ھر شخص ڪھاڻي آھي. بي شمار ڪھاڻيون آهن، ماڻهو ٿڪي ٽٽي ننڊ ۾ پناهه ڳوليندو آهي، پر ڪهاڻي مسلسل اُڻجي رهي آهي بنا ڪنهن ساهي جي، بنا ڪنهن ننڊ جي. تنهنڪري ڪهاڻي جا انيڪ رنگ آهن، بي شمار گهاڙيٽا آهن، رخ ۽ مهانڊا آهن، ڪهاڻي جي به هڪ ڪهاڻي آهي. ڪهاڻي جي هڪ زمين آهي، آسمان آهي ۽ ڪهاڻي جو هڪ سمنڊ اهي ۽ ڪهاڻيڪار هڪ ماهيگير آهي، جنهن جي ڄار ۾ ڪهاڻين جا پلو مڇي جهڙا منفرد ڪڻا جهلجي پوندا آھن.
    ڪھاڻي احساسن جي، ڪيفيتن جي، وارتائن جي احساساتي ريڪارڊنگ آھي. سماج ڪھاڻين جو ڪارخانو آھي. جيتري ڪھاڻي جي پئداوار آھي، اوترو اھا لکجي، محفوظ نه ٿي رھي آھي. نتيجي ۾ اڻ اظھاريل، اڻ ٻڌايل ئي رھي ٿي. ڪھاڻي جو وھڪرو بليڪ ھول جي ڪُن جيان مسلسل پئداواري صورت ۾ رھي ٿو. بي شمار ڪھاڻيون اندر جي مُقام ۾ مدفن ٿيل آھن. جيڪي ڪڏھن ڪڏھن اڀار کائي ڳوڙھن جي صورت ۾ اکين مان وھي اينديون آھن.
    لکڻ منھنجي لاءِ عبادت جھڙو آھي. ڇو ته لکڻ مھل اڪثر ماڻھو نرم ٿي وڃي ٿو،انسان ٿي سوچي ٿو، ان منجهه احساس پئدا ٿئي ٿو. ليکڪ گوناگون ڪيفيتي،احساساتي لقائن جو مشاھدو ماڻي ٿو. لکڻ جو عمل لکندڙ ۾ نرمي پئدا ڪري ٿو. ماڻھو پنھنجي ڪردارن ۾ پيوست ٿي نه فقط پيڙاءُ جي ڪيفيت مان گذري ٿو، پر لکندي ست رنگي ڪيفيتن جي وجهه ۾ رھي ٿو، ھو ڪنھن مھل جذباتي ٿئي ٿو، ڪنھن مھل نراش،اداس،خوش،۽ ڪنھن مھل روئي ٿو ويھي.مان ٽوٻي، سرلان، ڦاٽڪ، پٿرائجي ويل انسان، ٿري ٻارن، پنھنجي مزدور ڪردارن ۽ ڪوڏو تي لکڻ مھل رنو آھيان. مان پنھنجي سڀني ڪردارن ۾ پاڻ کي لاھي ڏٺو آھي. منھنجي ڪھاڻي اڪثر ڪنھن جي ڪھاڻي آھي. فنيءَ طور مون ڪھاڻي جا سڀ تفصيل ڪھاڻي ۾ بين المتن (Inter-textuality)ٽيڪنيڪ اپنائيندي اظھاري ڇڏيا آھن. منھنجي ڪھاڻي جو ھڪ حصو(Textual متن ) ۾ آھي؛ ته ٽي حصا اڻ لکيل ھوندي ڪھاڻي ۾ موجود آھن انڪري، انھن جي محسوسات تائين پڙھندڙ يقينن پھچندو. مان لفاظي بدران اختصارپڻيءَ ۾ احساساتي ڳَر سمائڻ جي ڪوشش ڪئي آھي ۽ ڪجهه ڪھاڻين کي نه چاھيندي به طوالت کان بچائي نه سگھيو آھيان. ٻولي جي حوالي سان مان پنهنجي علائقي جي ٻولي جي لهجي کي به استعمال هيٺ آندو آهي.
    منھنجي ڪھاڻين ۾ ڊاٽس.(............)ڪي ڪوڊ آھن شايد،يا ڪي منھنجا احساس، جيڪي پڙھندڙ ئي ڊي ڪوڊ ڪري سگھندا. مان پنھنجي ڪھاڻي کي فطري طور آزاد رکي پنھنجي انداز سان لکڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. مان پنھنجي ڪھاڻين تي تحقيق به ڪئي آھي. مان پنھنجي ٽارگيٽيڊ ڪردارن کان انٽرويو به ڪيا آھن، انھن سان ڪچھري به ڪئي آھي. منھنجيون ڪھاڻيون منھنجي ڪردارن ۽ سماجي اڻبرابرين، ڏاڍ، استحصال سان تعزيت آھن. يقينن منھنجي ڪوشش آھي. مڪملتا ڪڏھن ٿيڻي ئي ڪونھي. بس ھڪ مزاحمت آھي، ڪو مقصد آھي، ڪا دانھن يا ڪو احتجاج آھي؛ جيڪو مون ريڪارڊ ڪرايو آھي. لکڻ جي ماڻھو ڪوشش ئي ڪندو آھي، لکي ڪٿي سگھندو آھي، مان به فقط ڪوشش ئي ڪئي آھي.
    مان لکڻ جي شروعات ٻاراڻي ادب سان 'گل ڦل' ۽ ٻيا ٻاراڻا رسالا پڙھي ڪئي.پر ادب طرف لاڙو ٻالڪپڻيءَ کان ھو.پرائمري جا پنج درجا پنھنجي ڳوٺ سانڪو (عبدالله راڄڙي)جي اسڪول مان پڙھي ڇھين ڪلاس ۾ گورنمينٽ پرونشلائيزڊ ھاءِ اسڪول ڏھرڪي ۾ داخل ٿيس ته رسيس مھل چاچي عبدالڪريم جي بڪ اسٽور ۽ غفار بڪ ڊپو تي ھليو ويندو ھيس،جتي چاچو حقو ڇڪي رھيو ھوندو ھو ۽ سامھون ٽيبل تي ڪتاب پيل ھوندا ھئا.پر پئسن جي اڻاٺ سبب ھڪ رپئي،يا ڏيڊ رپئي ۾ ملندڙ ننڍڙا ڪتاب عمرو يار ۽ ٽارزن جي ڪھاڻين وارا ڪتاب وٺي سگھندا ھئاسين، اسڪول ۾ ٽي ادبي استاد مليا، سائين عبدالقدير ڪانڃون جيڪو اسانکي ڪلاس ۾ پنھنجي فوٽو ڪاپي ٿيل ڪھاڻين جي ڪتاب مان سماجي، اصلاحي ڪھاڻيون پڙھي ٻڌائيندو ھو،سائين عبدالرزاق ڊکڻ جيڪو ادبي ڳالھيون ڪندو رھندو ھو،ٽيون استاد جميل سومرو جنھن کان متاثر ٿيس. ايئن سائين عبدالمجيد ڪانڃون صاحب، سائين گل حسن ڪولاچي جو شفقت ڀريو ورتاءُ اڄ ڏينھن تائين نه وسريو آھي. پرائمري جي استادن سائين نظر محمد ڏھر، استاد حاڪم علي راڄڙي، غلام فريد راڄڙي، لطيف يونيورسٽيءَ ۾ سائين مڪيش ڪمار منڌاڻ، سائين ذوالفقار شاھ، سيد ظفر شاھ، ميڊم شميم گھمرو، سائين ممتاز مري، سائين حسن شيخ، غلام مصطفي مشوري، عبدالرشيد سومرو، حسن بخاري، انصاري صاحب، جھڙا استاد پئدا ٿيڻ ۽ منھنجو انھن وٽ پڙھڻ منھنجي لاءِ اعزاز آھي.
    واقعي، مبارڪ صاحب چواڻي مان پاڻ به ھڪ ڪھاڻي آھيان. مان غربت کي تمام ويجھو کان ڏٺو آھي. مونکي فخر آھي ته مان ان پيءُ جو پٽ آھيان، جنھن جا ھڏا ننڍي ھوندي کان ھر ھلائڻ سبب مُڙيل آھن. منھنجو عظيم بابا، جنھن وٽ داستان آھن ته محنتن جا، مشئقتن جا، جيڪو مونکي ڪلھي تي ٻني ءَ تي کڻي ويندو ھو، ۽ ڏاندن ۾ ھر جوٽي زمين کيڙيندو ويندو ھو ۽ ڏاندن جي جوڙي کي سڄي، کٻي جون ھدايتون به ڏيندو ويندو ھوندو ھو ۽ ويجھو اچڻ تي: بس ھڪ جاٽ ڏيئي گھر ھلڻ جون تسليون به. منھنجا پورھيت بابا منھنجو ھي ننڍڙو پورھيو؛ تنھنجي اُتم پورھئي کي ارپيان ٿو.
    مان انتھائي بي ڌياني، ويڳاڻائپ، اڻھوند کي به محسوس ڪيو آھي. ته بلاوجه شديد نفرتن، دشمنين کي به منھن ڏنو آھي. پر پنھنجي ورثيءَ ۾ مليل دشمنن سان به محبت، ھمدرديءَ، نيڪ نيتيءَ جو دامن ڪڏھن به نه ڇڏيو آھي نه ڇڏبو. الائي جي ڇو مونکي، مونسان انتھائن جي نفرت ڪندڙ ماڻھن تي رحم ايندو آھي، ته خوامخواهه ڪيڏي خفي ۾ آھن. ڪنھن ڏاھي چواڻي: اسان وٽ محبتن لاءِ به انتھائي محدود وقت آھي، ماڻھو نفرتن لاءِ الائي ڪٿان ٿا وقت ڪڍي اچن. شال اسان سڀ سک ڀرئي، پر امن، تعليم يافته، خوشحال، معاشي خودمختيار، مھذب سماج جي اڏاوت لاءِ پاڻ پتوڙيون. ۽ جيترو ٿي سگھي، ڪنھن جي ڪم اچون، ڪنھن جو ڀلو ڪيون. ڇو ته منفيت، نيت جي بدي، ٻيائيءَ، ٺڳيءَ، ڌوڪو، ٻهروپڻو پنڌ به ڪندو آھي ۽ ان کي اکيون به ٿينديون آھن، جيڪو آخرڪار ٻي ڪنھن نه اسانکي ئي ڳولي لھندو آھي. تنھنڪري، ڪر ڀلا، ھو ڀلا. منھنجي خاندان ڏاڏاڻي ۽ ناناڻي ٻنھي پاسن کان پيڙھين کان وٺي شديد استحصال جو شڪار رھندو پئي آيو آھي. منھنجي ڏاڏي کان ان جي نه ڪيل گناھن عيوض نه فقط تيار ڪيل فصل کسيا ويا؛ پر ڳوٺ جي سوين ايڪڙ زمين مان به ان وقت جي وڏيرن خرد برد ڪري ان کي ھڪ ايڪڙ به نه کڻڻ ڏنو. انڪري ھو آخر تائين مفلسيءَ ۾ رھندي. پرائي رھڪي پوکي ڪندي ٻچا پاليندو رھيو. ساڳي ڪار منھنجي نانا بابا سان به ٿيندي رھي. نانا کي پٽ جو اولاد نه ھو انڪري، جڏھن مان ڄايس ته ڇھن مھينن جو مس ٿيم ته امان مونکي نانا کي بخشش ڪري ڏنو. انڪري ھن مھل تائين مان ان گھر ۾ رھان پيو. منھنجو نانا بابا بعد ۾ وڏي جدوجھد کانپوءِ پنھنجا حق وڙھي ورتا.
    مان شايد ڪھاڻي طرف انڪري به آيس ڇو ته مون گھڻ رنگي استحصال کي به محسوس ڪيو، ٻيو مان ننڍپڻ کان وٺي ڪن لائي ٻڌڻ جو شوقين رھيو آھيان.مان استاد شھزادي ڇڄڻ ۽ عبدالرحيم سومري کي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ٻڌو آھي. نانا بابا جي پڳ مٽ يار نانا رسول بخش ڏھر جي چورين جا پيرائتا ڪارنامه ھجن، يا مامي علي حسن ڏھر جا قصا، ڪُتن جي شوق جا داستان، تڏن، شادين، فيصلن، ڳوٺاڻن پوڙھن ماڻھن، حمل فقير شر، ملھار ٽانگي واري، مرحوم الله بچائي راڄڙي جھڙن سگھڙن، توڻي پوڙهي عورتن جي سگهڙ ڪچھرين، خاص طور ڏاڏيءَ جي گفتگو مان ٻولي گڏائيندو رھيو آھيان. ننڍي عمر کان منھنجي تحت الشعور ۾ ٻولي جا ڀنڊار سمايل آھن.انڪري،شايد مان نوجوان ھوندي پنھنجي ڪھاڻين ۾ پوڙھو ٿي ڳالھائيندو آھيان. منھنجي اڪثر ڪھاڻين جي ٻولي جينيئن ٻولي آھي. جيڪا مون ڪٿي نه ڪٿي ٻُڌي آھي.
    منھنجي ذاتي ڪھاڻي کي منھنجي ڪنھن شاھڪار پينٽنگ جي نموني جھڙي نرلي واهه جي ڪنڌي تي اڏيل ڳوٺ سانڪو (عبدالله راڄڙي) جي گھٽين ۾ کيڏندڙ ٻار کان شروع ٿي، ليڪچرر ٿيڻ تائين منھنجي بي شمار دوستن، محترم استادن ۽ منھنجي ڀائرن پئي لکيو آھي. منھنجي وڏي ڀاءُ منير احمد قادري، عبدالشڪور جنھن منھنجي ننڍيءَ ڀاءُ ھوندي مونکي ننڍي ڀاءُ جيان پڙھايو، منھنجا تعليمي خرچ ڀريا، هميشه مون تي اعتماد ڪيو، بلڪه سموري خاندان جو ايئن ڀرجھلو ٿي بيٺو جيئن ڪو وڏو سياڻو ملاح ٽٽل ٻيڙي کي وڏي مھارت سان ڪناري تائين رسائيندو آھي. اسانجي خاندان ۾ اسانجو ھي ڀاءُ ڄڻ ھڪ ڀاءُ ٿي نه پر سموري خاندان جي حياتي پيو گذاري، سڀئي بار ان جي ڪلھن تي آھن الله سائين کيس وڏي حياتي عطا فرمائي، مقبول ڀاءُ جيڪو بابا جي ٻانھن جو ٻل آھي، عمران ننڍو ڀاءُ جنھن ھڪ ڏينھن شھدادپور مان منھنجي ڪھاڻي ڪاوش اخبار ۾ پڙھي ميسيج ڪيو ھو: ”ڀائو بھترين ڪھاڻي 50 رپئي جو نوبل انعام ايزي لوڊ ڪرايان ٿو“. يقين ڪيو، ڄڻ ته مونکي ايزي لوڊ جي صورت ۾ واقعي نوبل انعام مليو، هي ڀاءُ ۽ دوست ئي آھن، جيڪي مونسان منھنجي سنگين حالتن ۾ ڪلھو ڏيئي بيٺا آھن. پوءِ اھي جھيڙا ھجن، منھنجي ننڍڙي پري فائزه جي دل جي سرجري ھجي،فصل ٽٽڻ جا قرض ھجن، اسان ڀائرن ھڪ ٻي جو ساٿ ڏنو آھي. جڏھن ڪراچي ۾ پنھنجي پياري ڀائٽي رضوانه کي جناح اسپتال ۾ وڃي داخل ڪيوسين،جيڪا اسانکان وڇڙي ويئي،جيڪا هميشه اسانکي ياد رھندي... پر عبدالشڪور ڀاءُ انجي حياتي بچائڻ لاءِ پئسن جون ٿھيون کڻي آيو.حقيقت ۾ ھي ڪتاب پنھنجي سموري خاندان خاص طور ڀاڻيجن، ڀائٽن، بابا، امان، نانا، بابا، ڏاڏا، ڏاڏي، جيون ساٿي ۽ ڀينرن کي ارپيان ٿو، منھنجي ڪھاڻي ۾ منھنجي خاندان جو ڪردار رھيو آھي. ھڪ سيلف ميڊ ماڻھو، گھڻو تڻو اوڌر تي گذارو ڪندڙ،منھنجي لاءِ دنيا جو مشڪل ترين ڪم ڪنھن کان پئسا گھرڻ رھيو آھي؛ جيڪو مان ڪيو به تمام گھڻو آھي.شھر پھچڻ تائين ڪرايو به نه ھجڻ، پر تنھن ھوندي، سياست به ڪئي، ادب، اسٽيج ڊرامه نگاريءَ جتي استاد اورنگزيب ساگر، جاويد ڪانڃون، نديم شاهه، حسين مھر، معشوق چاچڙ، لطيف مھر، عزيز سومرو، احسان سومرو ۽ استاد جمال ڀٽو جھڙا دوست مليا، سوشل ورڪ کان ويندي، ليب ثيڪنيشن، پرائيويٽ اسڪول ٽيچنگ، ان ڪيترن ئي سالن جي جدوجھد ۾ منھنجي ڪھاڻي ڄڻ ته منھنجي دوستن ۽ استادن لکي آھي، مان سائين شھزادي ڇڄڻ صاحب کي ڪيئن ٿو وساري سگھان جيڪو منھنجو يارھين ڪلاس جو پرائيويٽ فارم وٺي آيو ۽ مان 1999 ۾ مئٽرڪ پاس ڪري تعليم کي خيرآباد چئي چڪو ھُيس،اھو فارم ڀرجڻ منھنجي حياتي جو يو ٽرن ھو،جو بعد ۾ مان شاهه لطيف يونيورسٽيءَ جي انگريزي ڊپارٽمينٽ تائين پھتس ۽ اھا سائين شھزادي جي ڪيريئر ڪائونسلنگ ھئي جنھن سي.ايس.ايس،پي. سي. ايس،جھڙا امتحان ڏياريا،منھنجي ڪھاڻي ۾ استاد شھزادي جو ڪردار مرڪزي رھيو آھي،جنھن نه فقط بنيادي برين واشنگ، شعور سازيءَ ڪئي، پر ڪردار سازي به ڪئي. انڪري، مان انھن کي ميرپور ماٿيلي جو سقراط چوندو آھيان. مان ڪيئن ٿو وساري سگھان زاھد ڀنگر کي جنھن مونکي پرائيويٽ اسڪول پڙھائڻ جي صلاح ڏني. ۽ منظور احمد لغاري صاحب جي اسڪول ۾ محترم تقي محمد شاھ ڏانھن موڪليو،جنھن اٿندي ئي انگريزي جي ٽيسٽ ۾ فيل ڪري وڌو ۽ سنڌي سٺي ھجڻ سبب سنڌي جو استاد ڪري رکيو، پوءِ انگريزيءَ سان دل لڳي...۽ ھڪ بھترين شريف النفس دوست به مليو. ۽ اتان عبدالشڪور ڪانڃون، واجد محمود، استاد عبدالقدوس، زاھد نائچ، حفيظ ٻنڀ، آصف ملڪ جھڙو درياءَ دل انسان، امجد چنه، حافظ فاروق سميجو، مشتاق لاشاري، ۽ ڪيترائي ٻيا بھترين دوست مليا.
    عبدالرحيم سومرو اھڙو ڀائرن جھڙو دوست به مليو،جنھن مونکي بي شمار ڪتاب پڙھايا. ھيءُ اھڙو انسان آھي، آدرشي،نيڪ نيت،ايماندار، سڀ ڪنھن جي ھڪ جھڙي عزت ڪندڙ، بااخلاق، ذميوار، حساس، انسان دوست روح. مان عبدالرحيم سومري کي لفظن ۾ بيان ڪرڻ کان قاصر آھيان.ھي اھڙو شخص آھي. جنھن ڪڏھن به ڪنھن جي لاءِ من ۾ مير نه رکيو ھوندو. ويتر استاد شھزادي جي صحبت. اسانجي سنگت ۾ استاد جي حيثيت رکندڙ. منھنجي ڪھاڻين جو بھترين نقاد، ۽ مونکي حوصلو ڏيندڙ ،ھڪ گمنام اديب.
    منھنجي تربيت ۾ محترم محمد اسماعيل سميجو،ڊاڪٽر مظھر اسحاق آرائين،سياسي،سماجي شعور،ادبي شعور جي حوالي سان محترم ڊاڪٽر مبارڪ لاشاري صاحب،استاد مفتون ڪورائي جيڪو منھنجو ادبي استاد، اتساھيندڙ ڪردار، پاڻ به اتساھ جي علامت، ڪچھرين جو ڪوڏيو، محفل جو مور، مان اڪثر چوندو آھيان. ھي ڪيترو حساس شخص آھي.فيض جي انقلابي نظمن کان ويندي ڀٽائي رح جي سٽن تي روئي ڏيندڙ، مان ھن شخص کي ڏٺو آھي ته ھن جي داد ھن جا ڳوڙھا ھوندا آھن. جڏھن به ڪا شاھڪار شاعري ٻڌندو،ڪنھن ظلم جو اظھار ٻڌندو،ڪو راڳي بھترين سُر وچان ڳائيندو،ڪا ڏک ڀري خبر پڙھندو،ٻڌندو،ھڪدم روئي ڏيندو! مان ھن جي شاعري کي ھن جي عبادت سمجھندو آھيان.مان پنھنجي نظماڻي ڪھاڻي آدرشي استاد مفتون کان متاثر ٿي لکي ھئي.اھڙن ماڻھن تي لکڻ ويھجي ته ڪتاب لکجي وڃن.
    ان کانپوءِ استاد جميل سومرو،جنھن سنڌي ادبي سنگت شاخ ڏھرڪي ۾ مونکي ۽ رميش ڪمار بي ايم کي به رڳو ڪم ڪرڻ جو اسپيس ڏنو،پر اڳتي وڌڻ جو اعتماد به ڏنو.جيڪو اڄ ڏينھن تائين مختلف صورتن ۾ جاري آھي.استاد جميل صاحب مون سميت ڪيترن ئي نوجوانن جي تربيت پئي ڪئي آھي. ۽ ڪڏھن به ناھي ڳڻائي.مان سائين جي خداداد صلاحيتن، سندس ٻولي جي ائپروچ، شعور جي عملي صورت،۽ سنڌي ٻولي جي دسترس، شاعري کان بي حد متاثر رھيو آھيان. جميل صاحب ڪڏھن به پنھنجي ادبي حيثيت ڪيش ناھي ڪرائي. ھو غير محسوساتيءَ انداز سان نوجوان دوستن جي ادبي، علمي رھنمائي ۾ هميشه اڳيان رھيو آھي. ايئن محترم پريم پتافي، سائين حقنواز شيراز چانڊيو، جي ايم لاڙڪ، امر کھاوڙ، سائين مشتاق گبول، سائين اياز لطيف دايو، محترم عبدالروف پارس دايو، وجيش ڪمار، سائين سڪندر مگسي، سائين عبدالحئي ڀٽو، سڪندر اوڳاھي، مير احمد مير، طالب کوکر، غلام حسين سيال، عرفان لنڊ،گل لنڊ،دوست سومرو، فھيم گبول کان ويندي سموري سنڌ جي ادبي حلقي کان مون ڪنھن نه ڪنھن صورت ۾ پرايو آھي.
    ان لمحي مان ڪيئن ٿو وساري سگھان پنھنجي سنڌي ادبي سنگت شاخ ڏھرڪي کي جنھن منھنجو ھي ڪتاب ڇپايو آھي. ۽ پياري فدا ملڪ کي جنھن هميشه مونکي پنھنجي ننڍي ڀاءُ جيان پيار ڏنو آھي. ۽ منھنجو ،منھنجي قد کان وڌ احترام ڪيو آھي.مونکي به ھُن لاءِ بي حد احترام رھيو آھي.ايئن ادبي سنگت ڏھرڪي جي سينيئر ساٿي سائين ملزم سومري لاءِ به بي حد احترام آھي. جي ايم لاڙڪ جنھن جي ادبي جنون کي ڏسي، اسان به اتساھ وٺندا آھيون.ٻين محترم دوستن ۾ منظور بيدار ڀٽو،حقنواز آڪاش ٻرڙو،سرمد مظھر، پيارو مسافر پتافي، غفار شيخ، باسط سومرو، سائين عبدالغفار ڊکڻ، سڪندر فراق لغاري جنھن سان ٻٽيهه دليون، غلام شبير لغاري، اشوڪ ڪمار بيڪس، پيارو عاشق راڄڙ جنھن جي لوڪ ڏاھپ، لاجيڪل ڊسڪشن مان پنھنجي ڪھاڻين جا موضوع ڳوليندو رھندو آھيان. ان جي ڪچھري مونکي گھڻو مواد ڏيئي ويندي آھي. نور احمد سومرو کان ته ڪافي پرايو، وڏي ڳالهه اھا ته انگريزي ليڪچررشپ جي انٽرويو جي تياري مھل ھفتو ان جي اوطاق تي رھيس.رات جو دير تائين گڏجي پڙھنداھياسين ۽ صبح جو نماز مھل اچي اٿائيندو ھو ۽ پڙھڻ لاءِ زور ڀريندو ھو،مان ھن دوست کان اڌاري ورتل ٿري پيس سوٽ ۾ انٽرويو ڏنو..ائين ئي ممتاز جلباڻي، سليم چنو، علي نواز نائچ، غلام نبي گبول، فرحان سومرو وري يونيورسٽيءَ جي آڻيون ۽ چاڙھيون دور جا اھڙا دوست رھيا...جنھن سان ڏنل سنگين حالتن ۾ ٽھڪ اڃان خيرپور جي فضائن ۾ گونجندا ھوندا.پرڀ داس پپو به ھڪ يگانو دوست،جنھن حالتن سان نه فقط مڙس ٿي منھن ڏنو آھي، پر پاڻ ملھائي ڏيکاريو آھي.ايئن ئي مجيب الرحمن راڄڙي. جنھن لاءِ فقط ايترو چوندس ته ھن ماڻھو سان اختلاف رکڻ لاءِ بلاوجه سبب ڳولڻا پوندا. انتھائي صابرين، مھذب ۽ ملائم طبعيت جو مالڪ. جنھن جي فطرت ۾ آھي ته فقط احساس ۽ محبت. پير بخش راڄڙي جنهن نانا بابا جي بيماري ۾ وڏي ڀاءُ جيان ساٿ نڀايو. استاد عبدالقادر چاچڙ جنهن قرآن پاڪ پڙهايو.
    ھا،ان سڀني دوستن کان منفرد محبوب دوست کي ڪيئن ٿو وساري سگھان،جنھن منھنجي جيون ۾ رنگ ڀريا،مونکي اعتماد ڏنو،مون تي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ايئن ڳالھائيندو ھو جيئن ڪو گڙنگ نقاد ڪنھن ڪتاب جي اکر اکر ۾ لھي وڃي.ان لاءِ فقط اردو جا ٻه شعر ئي ارپيندس:
    ملنے لگتا ہے جب کسی کی رفاقت میں سکون،
    پھر یوں ہوتا ہے! کہ وہ شخص بچھڑ جاتا ہے۔
    *
    تم نے کہا تھا آنکھ بھر کے دیکھ لیا کرو مجھے،
    اب آنکھ تو بھر آتی ہے، پر تم نظر نہیں آتے۔
    لک ٿورا محترم مشتاق گبول صاحب، مجيب اوٺي،مبارڪ صاحب،جميل سومرو صاحب،ملزم سومرو،فدا ملڪ،جي ايم لاڙڪ جنھن ڪتاب تي رايا ۽ بئڪ ٽائٽل لکي ڏنو.
    انتھائي گھڻو مشڪور آھيان نامياري نقاد محترم خليق ٻگھيو صاحب جو جنھن دل ۽ روح سان منھنجي ڪتاب تي مفصل انداز ۾ لکيو.ٿورائتو پياري آصف رضا نظاماڻي جو جنھن خوبصورت ٽائٽل ٺاھي ڏنو.
    ۽ سمبارا پبليڪيشن جي سموري سٿ ۽ خاص طور محترم ساجد سنڌي جو جنھن ڪتاب اوھانجي ھٿن تائين پھچايو.
    منھنجي فقط ھڪ ئي خواھش آھي ته اوھان منھنجو ڪتاب دل سان پڙھي پنھنجو رايو ضرور ڏيندا.

    مھرباني.

    محمد دين راڄڙي
    ليڪچرر انگريزي گورنمينٽ
    بوائز ڊگري ڪاليج، ڏهرڪي
    03324177619


    ڊسڪورس

    محمد دين راڄڙيءَ جون ڪهاڻيون
    هر دور ۾ ڪهاڻيءَ جي ٽيڪنڪ، ٻولي، اسلوب، موضوع ۽ پيشڪش تبديل ٿيندي رهي ٿي، هيءُ دَور سنڌي سماج جو هڪ عبوري دور آهي، هن دور ۾، سنڌي سماج جي اندر ڪنهن وڏي اُڇل جي اُميد ڪانهي، ڀڃ ڊاهه جي هڪ مسلسل عمل ۾ جتي نظرين جي رومانس جو دور ختم ٿي ويو آهي، اُتي آرٽ جو معيار چئلينج ٿي ويو آهي، شيون، ڳالهيون، رخ، رويا ۽ قدر اڻ طرفا بڻجي ويا آهن، جنهن جي ڪري آرٽ جا نوان زاويا دريافت ئي ڪونه پيا ٿين، هن وقت سنڌي ادب، آرٽ نه سياست جي سرواڻي ٿو ڪري، نه وري سياست آرٽ جي سرواڻيءَ جي قابل رهي آهي، محنت، رياضت، مطالعو، مشاهدو، تجربو ۽ فڪري سمتون اڳ سنڌي آرٽ جو مقدر هونديون هيون، جنهن جي جاءِ تي هاڻي آرٽ جي دنيا ۾، ڪثير سهل پسندي اچي ورتي آهي، گهرائيءَ جي جاءِ سطحيت پسنديءَ ورتي آهي، نظرين جي جاءِ فيشن ورتي آهي، منزلن جي جاءِ بي راهه رويءَ ورتي آهي، تسلسل جي جاءِ ٽُڪرن ورتي آهي ۽ فڪر جي سجاده نشينيءَ واري مسندتي ٻوليءَ جي هڪ طرفي بادشاهت قبول ڪئي وئي آهي، ڪو به اسلوب، ڪو به تخيل، ڪابه پيشڪش آئيڊل ناهي رهي، جتي سچ ۽ حقيقتن کي نسبتي بنايو ويو آهي، اُتي سوچن ۽ خيالن جا مرڪز ٽُٽي ويا آهن، نظرين کي شڪ جي نگاهه سان ڏسي، هڪ بي ترتيب، اڻ سڌي ۽ بي ڍنگي صورتحال کي جنميو ويو آهي، هر طرف عڪسن جي اوٽ ۾ ڌوکا آهن، ڪجهه به کٽڻ جي لاءِ ڪونهي، ڪجهه به هارڻ جي لاءِ ڪونهي، کٽڻ، هارائڻ وارا تصور ۽ فڪر جمود جو شڪار آهن، هر طرف فتح ئي فتح جو سلوگن آهي پر ڪا به فتح ڪانهي، تضادن جي سائنس وسيلي اڳ انسان، سماج ۽ پنهنجي پاڻ کي سمجهڻ شروع ڪيو هو، پر هاڻي تضادن ۾ مماثلتون ڳولي وڌيڪ پيچيدگين کي خلقيو ويو آهي، فارمولائيز پئمانا ڀڃي ڀوريا ويا آهن، اِهڙي سموري لقاءَ ۾ جتي ادب، آرٽ پنهنجي سماجي بقا جي جنگ جي حالت ۾ هُجي، اُتي باشعور تخليقڪارن جون ذميواريون اڃا به وڌي ويون آهن، موجوده دور ۾ سنڌي ادب، شاعري/فڪشن لٽريچر ۾ ڪي چند نالا آهن، جيڪي هن سموري آرٽسٽڪ، سماجي، تهذيبي ۽ ثقافتي بحرانن جي آگاهي رکن ٿا، آرٽ کي سماج جي اڳيان ذميوار سمجهن ٿا، ۽ پنهنجي فن ۾ مقصديت ڀري، پنهنجو ئي تخليقي دڳ وٺن ٿا، محمد دين راڄڙي به سنڌي ادب، آرٽ، شاعريءَ ۽ ڪهاڻيءَ جو هڪ اهڙو نانءُ آهي، اهو هڪ ئي وقت نثري نظمن کان وٺي مضمونن، مقالن، تنقيدَ ۽ ڪهاڻين تي پنهنجي هڪ جداگانه تخليقي پريڪٽس ڪندو رهي ٿو.
    محمد دين راڄڙي سنڌي ادب جو هڪ اهڙو نوجوان تخليقي لکاري آهي، جيڪو پنهنجي دور جي معروضي حالتن کي سمجهندي، پنهنجو نئون دڳ تلاشي ٿو، هُو رڳو رائج الوقت نظرين جي پوئواري نٿو ڪري، پر بحيثيت تخليقڪار جي، پنهنجي شعوري آئيڊيالاجي جنمي ٿو، ڇو ته رڳو نطرين جي پوئواري ڪرڻ سان اَدبُ تخليقي ۽ فڪري آزاديءَ کان محروم ٿي ويندو آهي ۽ مقرر ڪيل پابندين جو هيراڪ بڻجي ويندو آهي، محمد دين راڄڙيءَ جو تخليقي ادب، سندس اُنهيءَ شعور جو عڪاس آهي، سندس فڪشن لٽريچر ڏانهن ئي هڪ نظر ڪجي ته سندس ”خيالات جي سائنس“ مخصوص نظريات بنديءَ کان ٻاهر نڪرندي، پنهنجي ئي سماج سان گهري رشتيداري جوڙي ٿي، پنهنجي ئي سماج جي ڏکن سُکن، المين ۽ گوندرن، خاموشين ۽ حادثن جي نفسياتي ڪلچر جي اوک ڊوک ڪري ٿي، جنهن کي ميٽاآئيڊيالاجي وسيلي ئي سمجهي سگهجي ٿو، سندس ڪهاڻيون سنڌي سماج جي رڳو عڪاسي نٿيون ڪن، پر سنڌي سماج جي اندر موجود ناڪاريت خلاف تنقيدي زاويا به بخشين ٿيون، هُو نظرين کي يڪسر رد نٿو ڪري، ڇو ته هُو سمجهي ٿو ته نظريا سماجن جي لاءِ ڪرَنگهي جي هڏن جيان هُوندا آهن، پر سماجي حقيقتن کي بحثيت هڪ ڪهاڻيڪار جي، هُو مخصوص نظرياتي عينڪ جي برعڪس، پنهنجي تخليقي آئيڊيالاجيءَ سان ڏسي ٿو، هُو حقيقتن کي ڪنهن قطعي روپ بنديءَ جو محتاج نٿو ڪري، پر حقيقتن کي مصنوعي عڪسن مان پناهيندي، فطري نوع ۾ پيش ڪري ٿو، هُو ڪنهن وڏي مرڪزيت جي پوئواري ڪرڻ جي برعڪس، سماج جي ننڍن ننڍن حادثن تي به ڪڏهن ڪڏهن پنهنجو ردعمل ظاهر ڪري ٿو، هڪ طرف هُو سماج ۾ تيز شعوري وهڪري وارو ڪهاڻيڪار آهي، ٻئي طرف فني سطحَ تي هُو تجرباتي ڪهاڻيڪار آهي، فني ۽ فڪري سطح تي هُو ملٽي ڪلرس ۽ ملٽي ڪلچر بخشڻ ۾ ڪامياب ويو آهي، محمد دين راڄڙيءَ جو هي ڪهاڻين جو مجموعو بعنوان ”مان انسان ٿيندس“ جتي مٿين سمورن راين جو گواهه آهي، اُتي بحيثيت ڪهاڻيڪار جي سندس مقام/درجي جو پڻ تعين ڪري ٿو، سندس هن ڪهاڻين جي مجموعي ۾ 31 ڪهاڻيون آهن، هڪ ڪهاڻي ڊرامي جي روپ ۾ هڪ نئون تجربو آهي.
    محمد الدين جون ڪي ڪهاڻيون مختصر ترين آهي، ڪي وچوليون آهن ته ڪي ڪهاڻيون روايتي هيئت جي تشڪيل ويجهو آهن، ڪي ڪهاڻيون ڊگهيون آهن، پر ڪهاڻين جا سمورا فني ۽ فڪري تجربا جتي جدت خلقين ٿا، اُتي ڪلچرل سڀاءُ کان به ڏور نه آهن، هُو جدت جي جنون جو شڪار ٿي لوڪ مزاج جو دامن ڪونه ٿو ڇڏي، پر ڪلاسڪ قدرن ۽ نواڻ جا ڪي سنگم تخليق ڪري ٿو، هر اعتبار کان سندس ڪهاڻيون جديد سماج جي عصري تقاضائن جون شاهد آهن ۽ فني سطح تي فليش فڪشن جون هُو بنهو مظهر آهن، جيئنءَ جيئنءَ سندس ڪهاڻين جي گهرائيءَ ۾ وڃبو، تيئنءَ تيئنءَ پڙهندڙ نَون نَون فڪري زاوين سان هم ڪلام ٿيندو ويندو!
    محمد دين راڄڙيءَ جي هڪ ڪهاڻيءَ جو عنوان ”اندر وارتا“ آهي،
    هيءَ ڪهاڻي اسٽريم آف ڪانشينيس ۾ لکيل آهي، هن ڪهاڻيءَ جا ڊائيلاگ ڪوٽيشنس جهڙا آهن، ڪهاڻيءَ جي جتي نيوسينسبلٽي آهي، اُتي ”دانشورانه تنهائي“ کي به فوڪس ڪيو ويو آهي، ڪهاڻيءَ ۾ هڪ ڪردار جي لاشعوري وهڪري جو فائدو وٺندي، سماجي بدحالي جي خوبصورت عڪاسي ڪئي وئي آهي، سماجي بدحاليءَ جي عڪاسيءَ سان گڏوگڏ آرٽ جي بدحاليءَ ۽ آرٽ جي نقاليءَ واري درد کي به هڪ ئي جاءِ تي ڪرافٽمئنشپ سان پيش ڪيوويو آهي، ڪهاڻيءَ ۾ هڪ ئي ڪردار آهي، ڪهاڻيءَ ۾ سماجي ويڳاڻائپ ۽ سماجي مايوسيءَ کي جيئنءَ جو تيئنءَ فطري رنگ ۾ نمايان ڪيو ويو آهي، ڪهاڻيءَ ۾ آدرش نالي هڪ ڪردار آهي، جنهن جي ڪهاڻي هڪ سندس دوست ئي چوري ڪري، اُن ڪهاڻيءَ تي سندس سامهون ايوارڊ وٺي ٿو، جنهن جي درد عمل ۾ آدرش جي جذبن، درد، احساس کي اُپٽاريو ويو آهي، پر ڪهاڻيءَ ۾ آدرش موٽ ۾ پنهنجي باظرف هجڻ جو ثبوت ڏيندي تخليقي چوريءَ کي لڪائي ڇڏي ٿو ۽ پنهنجي اندر جي آنڌ مانڌ جي باوجود، پنهنجي، ضمير کي مطمئن ڪري وٺي ٿو، پر اُن چوريءَ واري سماجي مايوسيءَ کي پاڻ تي غالب پوڻ نٿو ڏي. هن ڪهاڻيءَ جو ڪلائيمڪس مصنوعي نٿو لڳي، پر اصلاحي ۽ هاڪاري آهي، ڪهاڻيءَ ۾ هن دور جي آرٽ واري نقل پرستيءَ واري رجحان کي ڪمرشلائيز ڪري سستي شهرت وٺڻ واري عمل کي منفي سمجهي، تاريخ جي وهڪري سان روان رهڻ صبر، استقامت، برداشت وڌيڪ محنت ۽ خوداراديت جهڙن سونهري قدرن کي هٿي ڏني وئي آهي، ڪهاڻيڪار آدرش جي ڪردار وسيلي اسٽريم آف ڪانشينيس جي تجربي ۾ ڪامياب ويو آهي، ڪهاڻيءَ جي جتي ٽريٽمينٽ خوبصورت آهي، اُتي آدرش جي سوچن جي ساگر ۾ ٻُڏي وڃڻ واري ڪيفيت پڙهندڙ کي تمام گهڻو متاثر ڪري ٿي ۽ اُنهي ڪيفيت جي برملا اظهار ۾ ڪهاڻيڪار شعوري وهڪري کي جتي هنرمنديءَ سان ٽاڪي ورتو آهي، اُتي ادبي دنيا جي لاءِ به اصلاحي نياپو ڏنو آهي، ڪهاڻيءَ جي اهڙي قسم جا ڊائيلاگ قابل گواهه آهن.
    ”.... سوچيائين: سڀئي نفرتون اظهاري ڇڏي..... پر سوچيائين منهنجي نفرت جو قد ڄامڙو آهي، دوستيءَ جو ڀرم الاهي وڏو آهي.... ڪڏهن ڪڏهن اِئين ڇو ڪندا آهيون اسين.....! مداري جي ڀولي ٿي پوندا آهيون، مداري جي اشارن تي نچندا آهيون. تماشبين خوش ڪندا آهيون.... ڪڏهن خواهشون اسان کي نچائينديون آهن، ڪڏهن سمجهوتا نچائيندا آهن، ڪڏهن سماج نچائيندو آهي، ڪڏهن دشمن ته ڪڏهن دوست.... اسان بنا ڪنهن وقفي جي نچندا رهندا آهيون.....! مان ايڏو سطحي ڇو ٿو سوچيان باظرف ماڻهو ته مشهورين، چاپلوسين کان مٿڀرا هوندا آهن... گُمنام جينيس جيان، اُهي شهرت جا نه شهرت انهن جي محتاج هوندي آهي.... هر ماڻهو چالاڪي ذريعي ٻين کي بيوقوف بڻائي پنهنجو ئي تعارف ڪرائي ٿو... ماڻهو آخر ڦِري ڇو ٿا وڃن؟.....!
    محمد دين جي ڪهاڻين ۾ واقعي جي عڪس بنديءَ کان پوءِ تعميري سوچ جي پرورش ٿئي ٿي، ضمير جهنجهوڙجن ٿا، سکڻي مادي پرستيءَ واري نام نهاد سائنسي سوچ جي مقابلي ۾ اخلاق جي روحاني قوت فتحياب ٿئي ٿي، سماج جي ڪلاسڪ قدرن جي اڳيان جنسي بي راهه روي شڪست کائي ٿي ۽ شعور جون وِکون سڦلتا ماڻين ٿيون ۽ ناصحانو نياپو سرخرو ٿئي ٿو، جيئنءَ سندس هڪ ڪهاڻي ”اندر ٿو سڏي مون کي....!“ آهي، جنهن ڪهاڻيءَ ۾ هڪ اديب جي سيڪسي بک جي صورت ۾ ڇڙواڳ سوچن کي فوڪس ڪيو ويو آهي، احمد صاحب جيڪو خود هڪ ليکڪ آهي، سندس فيملي پيڪين هجڻ ڪري سندس خالي گهر ۾ سندس نوڪرياڻي (ماسيءَ) جي جوان ڌيءَ کي هڪ ڏينهن ڪم ڪار ڪندي ڏيکاريو وڃي ٿو، جوان نوڪرياڻي مهران ڏانهن ليکڪ جي جنسي رغبت ۽ جنسي بي راهه روي واري بدنيتي تحت ليکڪ جي اسٽريم آف ڪانشينيس کي عڪس بند ڪيو ويو آهي، ڪهاڻيءَ جو تجسس پڙهندڙ کي موهي وجهي ٿو، هيءَ ڪهاڻي فني سطح تي پلاٽ سان گڏوگڏ ڪردار نگاريءَ ۾ به سگهاري آهي، هن ڪهاڻيءَ جي اندر جنسن جي بي راهه رويءَ يا اخلاق کان عاري نام نهاد سائنسي سوچ مُروج تخليقي، تهذيبي سماجي قدرن سان ٽڪراءَ ۾ ايندي ڏيکاري وئي آهي، احمد صاحب جو ڪردار، سماج جي اهڙن ڪردارن جي سوچ جي ساک پت وائکي ڪري ٿو، جيڪي پنهنجي سوچ جي ماديت پرستيءَ جي اڳيان سموري سماجي ۽ اخلاقي نظام کي هارائڻ چاهين ٿا، ڪهاڻيءَ ۾ سيڪس جي بي راهه رويءَ واري سوچ کي ڪلائيمڪس جي وقت آخر ۾ ضميري شعور سان شڪست نصيب ٿئي ٿي، ڇو ته احمد صاحب واري ڪردار کي وڏي فڪري ولوڙ کان پوءِ سماج سڌار واري جذبي سان شرسار ٿيندي ڏيکاريو ويو آهي، جنهن تحت هُو سنڌ جي ڪلاسڪ ڪردارن ٻاگهل، مارئي، سسئي يا ست سورمين واري آئيڊيلزم کي ياد ڪري، عورت جي تقدس جو خيال رکندي، نوڪرياڻي مهران کي نيٺ آخر پنهنجي ڌيءَ سمجهي وٺي ٿو، جنسي بک کي ڪهاڻيڪار شعور جي ادبي عدالت ۾ شرمسار ڪندي، هن ڪهاڻيءَ ۾ سماج جي تاريخي ۽ ڪلچرل روين کي تحفظ ڏيڻ جو سعيو ساريو آهي، اُتي ادب جي سماج سڌارڪ نظريي جو به ابلاغ ڪيو آهي، هيءَ ڪهاڻي روايتي ڪلائيمڪس جي ابتڙ اميد جاڳائيندڙ ڪهاڻي آهي، ڪهاڻيءَ ۾ اندر جي اُڇل جي زبردست نقاشي ڪئي وئي آهي، هيءَ ڪهاڻي بديءَ کي روڪي ٿي ۽ نيڪيءَ طرف راغب ڪري ٿي، ڪِن پڙهندڙن کي هن ڪهاڻيءَ جو ڪلائيمڪس اتفاق سان جيڪڏهن مصنوعي لڳي ٿو ته اُنهن جي اڳيان هي ڳالهه به سامهون رکي سگهجي ٿي ته ڪهاڻي رڳو اُها ڪانهي ته جيڪي ڪجهه ٿيو آهي، سو ڪهاڻيءَ جو روپ ڌاري، پر ڪهاڻي به فلسفن جي پيروي تحت ۽ تنقيد جي روشنيءَ ۾ اهڙي به هجڻ گهرجي ته ڇا نٿو ٿئي؟ جيڪو ٿيڻ کپندو هو! اُها روشني به مارڪسٽ فڪر ۽ ارسطوءَ جي فلسفن مان حاصل ٿئي ٿي ته ادب جي سماجي ڪارج تحت ليکڪ جي اُها به ذميواري آهي ته ناڪاريت کي هاڪاريت طرف راغب ڪجي، هن ڪهاڻيءَ ۾ به ڪهاڻيڪار حياتيءَ جي روشن روحاني اخلاقي پهلوئن ڏانهن اهڙن سماجي ڪردارن کي موڙڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ۽ ڪهاڻيڪار جي حيثيت ۾ پنهنجي ادبي ڪرافٽ وسيلي، ڪردارن جي بقائن کي ضمير، ظرف، من، روح جي موضوعي قوت وسيلي جاڳائي ٿو.
    محمد دين جون مختصر ڪهاڻيون اڪثر ڪري آفاقي صداقتن کي ڳولين ٿيون ۽ ابدي سچ جي تلاش ۾ ڪنهن به طبقاتي فرق جي رنڊڪ برداشت نٿيون ڪن جيئنءَ سندس هڪ ڪهاڻي ”امداد“ آهي، جنهن ۾ هڪ لوئر وچولي طبقي جي زميندار جي خود ڪلامي ڏني ويئي آهي، زميندار جي خود ڪلاميءَ مان واضح ٿئي ٿو ته ٻوڏ جي ڪري آيل ڏڪار جي صورت ۾ هُو به امدادي راشن جو بيگ وٺي ٿو، ڇو ته هُو وڏيري خانڻ کي راشن جا پنڌرهن بيگَ، خانو، ٺيڪدار کي ڏهه ٻاچڪا ۽ ٻين زميندارن، سُکين زمينن وارن آفيسرن ۽ پگهاردار ماڻهن کي به امدادي راشن وٺندي ڏسي ٿو، پر لوئر وچولي زميندار کي هڪ راشن جي امدادي بيگ وٺڻ کان پوءِ ملامت طور سڄي رات ننڊ نٿي اچي، سندس ظرف ۽ ضمير کيس سڄي رات جهنجهوڙين ٿا، هن کي اندر ئي اندر ۾ احساس ٿئي ٿو ته هُن غريبن، مسڪينن، بي پهچ ماڻهن جو حق کائي قومي، اخلاقي ۽ مذهبي ڏوهه ڪيو آهي، جنهنڪري هُو راشن جو بيگ واپس ڪرڻ جو فيصلو ڪري، پنهنجي پاڻ کي مطمئن ڪري وٺي ٿو، هن ڪهاڻيءَ جو ڪلائيمڪس زبردست ناصحانه آهي ۽ خود ڪلاميءَ واري پيشڪش به پُرڪشش آهي، هن ڪهاڻيءَ جو پيغام هيءَ آهي ته ”ماڻهو نه، ماڻهوءَ جو ظرف وڏو هجڻ گهرجي“ خودڪلاميه Monologic ڪهاڻين ۾ ڪردار آزاديءَ سان سفر ڪري نه سگهندو آهي، ڇو ته بقول روسي نقاد ميخاٽل باختن جي ته ”جيڪو ادبي متن خودڪلاميه هوندو آهي، اُهو ليکڪ جي نجي ۽ محدود نقطهءَ نظر تائين محدود ٿي ويندو آهي، ڪردارن جي هڪ الڳ شخصيت انهيءَ ۾ نه رهندي آهي، جنهن جي ڪري متن فقط ذهني دنيا جو عڪس بڻجي رهجي ويندو آهي“ جيستائين محمد دين جي مونولاگڪ ڪهاڻين جو تعلق آهي ته سندس مونولاگڪ ڪهاڻين ۾ سندس اُنهيءَ قسم جو عڪس، سندس بحثيت، ڪهاڻيڪار جي آئيڊيالاجيءَ ۾ پَسي سگهجي ٿو، ليکڪ جي حيثيت ۾ هُو جڏهن ڪردارن کي ڪلائيمڪس يا اينٽي ڪلائيمڪس ڏانهن موٽائي ٿو، تڏهن سندس وجودي احساساتي ۽ ترقي پسند فڪر توڙي ناصحانه/اصلاحي آئيڊيالاجي، سندس، ڪهاڻين کي پنهنجي سحر ۾ وٺي ڇڏي ٿي، ارسطو يوناني ڊرامي ليکڪ يوري پيڊز بابت چيو هو ته يوري پيڊز حياتيءَ جيئنءَ آهي، اُن کي تيئنءَ ئي ڏيکاري ٿو، پر حياتيءَ کي ايئنءَ نٿو ڏيکاري جيئنءَ اُها هئڻ گهرجي، چيخوف جون ڪهاڻيون به حياتيءَ کي جيئنءَ جو تيئن ڏيکارين ٿيون، پر اُنهيءَ قسم جي تخليقي ادب جي اڳيان فلسفن ۽ نظرين رڪاوٽ وڌي، فلسفن ۽ نظرين موجب ادب کي اُنهيءَ گس پنڌ جو به ذميوار هئڻ گهرجي ته سماج يا دنيا کي ڪيئنءَ هئڻ گهرجي؟ فڪشن لٽريچر ۾ ڪهاڻين جي ڪردارن کي بدلاءَ ڏانهن آماده ڪري، سماجي ڪارج کي وڌيڪ ڪارائتو ڪري سگهجي ٿو، محمد دين رڳو خود، ڪلاميه ڪهاڻيون ڪونه لِکيون آهن، پر آزاد ڪلاميه Dialogic ڪهاڻيون به لکيون آهن، ڇاڪاڻ ته هڪ باشعور تخليقڪار جي حيثيت ۾ هُو ڄاڻي ٿو ته آزاد ڪلاميه متن Dialogic ڪهاڻين ۾ ڪهاڻيڪار جي وجودي خودارادي، ڪهاڻيءَ جي آزاد تخيل تي غالب نه پوندي آهي، پر آزاد ڪلاميه Dialogic ڪهاڻين ۾ خود ڪهاڻيڪار آزاد تخيل جي پٺيان سفر ڪندو آهي، ڊائيلاگس وارين ڪهاڻين ۾ تخليق جو اسٽرڪچر ”سوانحي نوعيت“ جو نه هوندو آهي ۽ ٻيو ته ڊائيلاگس وارين ڪهاڻين جا ڪردار پنهنجي اصلوڪي شخصيت جي فطرت جي مطابق رهندا آهن، جيئنءَ محمد دين جي هڪ ڪهاڻي بعنوان ”احساس“ آهي، هن ڪهاڻيءَ ۾ ماءُ ۽ پُٽَ جا ڊائيلاگس آهن، اُهي ڊائيلاگس فون تي ڳالهايل آهن، ڊائيلاگس کي اهڙي فني ندرت سان ٽوپيو ويو آهي، جو اُهي فطري ۽ بي ساخته گفتگوءَ جا مظهر ڀائنجن ٿا، ڪهاڻيءَ جو ٿيم هيءَ آهي ته پُٽُ پرديس ۾ رهي ٿو، فون تي پنهنجي پوڙهيءَ ماءُ کان طبيعت پڇي ٿو، سندس لاءِ بلڊ پريشر ۽ هيڻائيءَ کان گوريون، دوائون به موڪلي ٿو، ڪجهه وقت جي لاءِ سنگنلس جو مسئلو ٿئي ٿو، جنهن جي ڪري پُٽ پنهنجي ماءُ کي چَئي ٿو ته امان وري سڀاڻي ڪال ڪَندسُ ..... پر ماءُ جو جواب درد ۾ ٻُڏل آهي، ڄڻ ته پوڙهي ماءُ کي پنهنجو رُوح اڳواٽ ٻُڌائي ڇڏيو هو ته هاڻي هوءَ دنيا کان موڪلائڻ واري آهي، ڪهاڻيءَ جو هڪ نقاطي احساس پڙهندڙ کي پنهنجي سحر ۾ وٺي ڇڏي ٿو ۽ پڙهندڙ جي دل جو آسمان ڏکن جي ڪڪرن سان ڀرجي اچي ٿو، ماءُ جي ڊائيلاگس ۾ ڪهاڻيڪارَ، ميٽا فزڪس کي نهايت ئي فني ڪرافٽ سان جذب ڪيو آهي، اُنهن ڊائيلاگس ۾ ڪهاڻيڪار آزاد تخيل جي پٺيان ئي سفر ڪري ٿو ۽ اُنهن ڊائيلاگس کي مادي بنيادن، جوازن ۽ منظق جي ڪسوٽين تي پرکڻ، اُنهن جي تخليقي فطرت جي خلاف آهي، هن مختصر ڪهاڻيءَ ۾ ماءُ جي اُنهن ڊائيلاگس کي جيئنءَ جو تيئنءَ دُهرايون ٿا، جن ۾ ڪهاڻيءَ جو ڪلائيمڪس به آهي ۽ درد جو وڏو ــ ڦڙو به آهي:
    ’ابا..... توکي ڏٺي ڏينهن ٿيا آهن.... اکين کي سِڪ لڳي آ ابا........
    ساهه تي ڪهڙو اعتبار.... ٻچا!..... هن ڀيري گوريون ڀلي نه موڪلجانءِ........ تون چڪر ڏيئي وڃجانءِ........!!!
    محمد دين جون مختصر ترين ڪهاڻيون جيڪي ٻارنهن ٻارنهن يا چوڏهن سِٽن جون آهن، اُهي ڪهاڻيون سنڌي سماج جي معاشي درد کي چِٽي طرح عڪاسين ٿيون ۽ سندس اهڙين ڪهاڻين ۾ يتيم لاوارث، ننڌڻڪا ڪردار مرن ٿا ۽ جيئن ٿا، جن جي سرپرستي ڪرڻ وارو ڪوبه ڪونهي ۽ نيٺ آخر سندن آواز آسمان ۾ گم ٿي وڃن ٿا، جيئنءَ سندس هڪ ڪهاڻي بعنوان ”انگ اگهاڙا ٻار“ آهي، جنهن ۾ ٻن يتيم ٻارن چندو ۽ چاندنيءَ جي درد ڀري ڪهاڻي آهي، جيڪي پيٽ جي دوزخ کي ٿڌي ڪرڻ لاءِ سرندي وارن وٽ کڏين ۾ ڪم ڪن ٿا، کڏين جي مالڪن پاران ٿوريءَ غلطيءَ تي به کين تشدد جو شڪار بڻايو وڃي ٿو، سموري ڪهاڻيءَ ٿر جي پس منظر ۾ آهي، ٿر کي ساڳئي وقت علامتي روپ ۾ پڻ ڏيکاريو ويو آهي، جيڪو روپ هڪ اهڙي شخص جو آهي، جيڪو چندو جي خواب ۾ اچي کيس سندس لاءِ دُعا جي اپيل ڪري ٿو ته جيئن برسات وسي ۽ سندس (ٿر) جي بدن تي ساوڪ اُڀري اچي چندو خواب ۾ دعا نٿو گُهري، جنهن جي ڪري ٿر کيس گُهٽو ڏئي ٿو ته هو رڙيون ڪري ٿو، جنهن تي کڏين جا مالڪ پهچي وڃن ٿا ۽ چندو چاندنيءَ جي آوازن کي هميشه جي لاءِ ختم ڪري ڇڏين ٿا، هيءَ ڪهاڻي ڪِٿي ڪِٿي فئنٽسي لڳي ٿي، ڪِٿي ڪِٿي ڊرامائي انداز ۾ آهي، گهڻو ــ تڻو هيءَ ڪهاڻي آ ڪهاڻي لڳي ٿي، ڪهاڻيءَ جي مروج فن ابتدا، وچ ــ عروج جي هن ڪهاڻيءَ ۾ پيروي نه ڪئي وئي آهي، ڇو ته هيءَ هڪ احساساتي ۽ تاثراتي ڪهاڻي آهي، ڪهاڻيءَ ۾ تجسس زبردست اهي، پر ڪهاڻيءَ ۾ چندو ۽ چاندنيءَ جي پيءُ ماءُ کي ٻن سِٽن ۾ مرندي نه ڏيکاريو وڃي ها ۽ اظهار بيان هڪ زمان ۾ هُجي ها ته وڌيڪ بهتر هو.
    محمد دين جيئنءَ ته هڪ تجرباتي ڪهاڻيڪار آهي، جنهن جي ڪري ڪِٿي ڪِٿي مختلف تجربن جي نتيجي ۾ سندس ڪنهن ڪهاڻيءَ مان ڪهاڻيپڻو گُم ٿيڻ جو انديشو ممڪن آهي، جيئنءَ سندس هڪ ڪهاڻي ”پريت“ آهي، جنهن ۾ مروج ڪهاڻيپڻيءَ واري روايت جي محتاجي قبول ناهي ڪئي وئي ۽ ٿيم کي آزاد فضائن ۾ پروان ڪرايو ويو آهي. هن ڪهاڻيءَ ۾ ڪهاڻيءَ جي رائج الوقت فن کان هٽي ڪري فليش بئڪ تحت نج رومانوي آئيڊلزم کي سموئيو ويو آهي، هن ڪهاڻيءَ جو سماجي ڪارج فقط رومانس مان سواد وٺڻ ۽ روحاني درد توڙي مسرت جي ويجهڙائي ڳولڻ ۾ ئي پَسي سگهجي ٿو. هيءَ جدائيءَ جي عالم ۾ هڪ ”روحاني تڙپ“ کي جذب ڪندڙ ڪهاڻي آهي، پر جدائيءَ جي منطق کان ڪُوهين ڏور، جذبن جي ساحلي ڪنارن تي سفر ڪندڙ ڪهاڻي آهي، ڪهاڻيءَ ۾ پرينءَ جي ڏک جي سيليبريٽ ڪرڻ جا سعيا ساريا ويا آهن، هن ڪهاڻيءَ کي ڊائريءَ جي ورق هجڻ واري انديشي کان ٻاهر ڪڍجي ها ته وڌيڪ بهتر هو.
    محمد دين جون ڪهاڻيون وڏن سماجي انقلابن، تاريخي حادثن ۽ عمرانياتي زلزلن ۽ سياسي طوفانن کي سڌو مخاطب ڪونه ٿيون ٿيون، پر انفرادي ۽ سماجي روين جي ناڪاريت خلاف احتجاج ڪندي نظر اچن ٿيون، فني سطح تي هُو ڪهاڻين کي وڏي پلاٽ ڏيڻ واري هنرمندي جِتي ڄاڻي ٿو، اُتي ڪهاڻين جي اختصارپسنديءَ جو به گهڻو قائل آهي هُو وڏن پلاٽن کي مختصر سِٽن ۾ اُوتي وجهڻ جو فن به ڄاڻي ٿو ته وري ڪڏهن ڪڏهن آکاڻين کي به ڪهاڻين جي جديد روپ ۾ ڍاري ٿو، روين جي ريگستانن مان هُو ڪهاڻين جا ڪلائيمڪس چونڊي ٿو، فني سطح تي اُها سندس هڪ جدا انفراديت جُڙي رهي آهي، ائينءَ ڪرڻ سان هُو روايتي ۽ زوريءَ ڏنل مصنوعي ڪلائيمڪس واري رواج کان پناهه وٺي ٿو، سندس مختصر ڪهاڻي ”ٻه مانيون“ کي پڙهجي ته اُن ۾ هڪ هٿ رومال ۽ ٽوپيون کپائيندڙ پورهيت جو ڪردار بازار ۾ ڏيکاريو وڃي ٿو، جيڪو پگهر اُگهندي هوٽل جي ڪائونٽر تي ويهندڙ مالڪ کان پڇي ٿو ته في ماني گهڻي آهي؟ جواب مليس ٿو ته ست روپيا پوءِ پورهيت پنهنجي کيسي مان مان ٻه مانيون خريد ڪري سگهي ٿو، هيءَ ڪهاڻي سماج ۾ رهندڙ پورهيت جي معاشي حالت جي پد کي ظاهر ڪري، سماج جي پورهيتن جي جيون بابت وڏا سوال جنمي ٿي، ائينءَ هڪ ٻي مختصر ترين ڪهاڻي جيڪا پنجن سِٽن تي مشتمل آهي، تنهن جو عنوان آهي ”پئسو ڪونهي“ هن ڪهاڻيءَ ۾ هڪ مڙهي جو ڪردار آهي، جيڪو سهڪي جي بيماريءَ ۾ سُڪي هَڏ ٿي ويو آهي ۽ مِٺي اسپتال جي ميدان تي کانئس ٽي وي نمائندو پُڇي ٿو چاچا اثرائتو علاج ڇو نٿا ڪرايو؟ مڙهو، جواب ڏئي ٿو ”پئسو ڪونهي!“ اِئين محمد دين لمحن کي قيد ڪري، اُنهن لمحن جي درد کي ڪنورٽ ڪرڻ وارو به ڪهاڻيڪار آهي ۽ وڏي ڳالهه کي سمرائيز ڪرڻ واري سندس ڪرافٽمئنشپ ساراهه جوڳي آهي، محمد دين جي ڪهاڻين ۾ سائيبر ادب جي مسئلن کي به عڪس بند ڪيو ويو آهي ۽ سندس ڪِن ڪهاڻين کي عام سادي واهپي واري فهم سان پرکڻ غلطي ڪرڻ آهي، ڇاڪاڻ ته جهڙيءَ طرح هُو روايتي انداز واري سادي سودي پلاٽ ۽ ڪلائيمڪس جي روايتي طاقت تي زور رکندڙ ڪهاڻيڪار ناهي، تهڙيءَ طرح هُو ڪلائيمڪس کانپوءِ اينٽي ڪلائيمڪس ڏئي، پڙهندڙ کان به معياري ائپروچ گهرندڙ ڪهاڻيڪار آهي، اِئينءَ هُو جدت ۾ به تجربا ڪندڙ ڪهاڻيڪار آهي، جيئنءَ سندس هڪ ڪهاڻي بعنوان ”وزن“ آهي، جنهن ڪهاڻيءَ ۾ ٻن شاعرن جي وچ ۾ وزن بحر تان اختلاف ٿيل ڳالهه ٿپا ٿُپي تائين پهچي وڃي ٿو، ٻئي شاعر دانهن کڻي ٿاڻي تي پهچي وڃن ٿا، ايس ايڇ او کي دانهون ڏين ٿا ۽ ايس ايڇ او هنن ڏانهن ڏِسندي رهجي وڃي ٿو، هن ڪهاڻيءَ ۾ جيڪي ڪجهه ڏنو ويو آهي، سو حقيقت کان مٿانهين حقيقت Hyper-Reality آهي، ڇو ته عصري حقيقت جي جاءِ تي مصنوعيت ساهه کڻي ٿي، صداقت جي جاءِ عدم صداقت ورتي آهي ۽ سماج جي اصلي حقيقت اِئين بلڪل ڪانهي جو وز بحر جو بحث ٿپاٿپيءَ تائين پهچي شاعرن کي ٿاڻي تي وڃڻو پوي، پر هن ڪهاڻيءَ مان ٻه چٽا مقصد اُهي به آهن ته اسان جون حالتون ريئلٽيءَ مان هائيپر ريئلٽيءَ ڏي وڃي رهيون آهن ۽ اُهو گمان ڪهاڻيڪار شايد واضح ڪرڻ چاهيو آهي، ٻيو ته ڪهاڻيڪار اُهو ڏيکارڻ چاهي ٿو ته سائيبر ادب ۾ اصليت به هاڻي نقليت وسيلي سڃاتي ويندي يا اصلي اديبن جي اهميت به هاڻي نقلي شهرت وٺندڙ اديبن ذريعي سڃاڻپ ۾ ايندي، بحرحال هي ڪهاڻي سولي سادي ناهي، پر جديدت پڄاڻان جي دور ۾ وڃائجي ويل قدرن جي وڃائجي وڃڻ جو انڪشاف ڪندڙ يا پيشنگوئي ڪندڙ نقيب ڪهاڻي آهي.
    محمد دين جون ڪجهه ڪهاڻيون پنهنجي وجود ۾ ڪِن خاص ايونٽس کي کڻي دستوري فني فارمولا ٽائپ فڪشن جي زيب و زينت نٿيون بڻجن، پر روزمره جي معاملن جي دستوري سماجي ڏکن کي پاڻ ۾ سمائين ٿيون، ۽ جديد دور جي ننڍڙن ننڍڙن وقتي ۽ عارضي ٽرئجڊيز کي به هوا جي جهونڪي جيان محسوس ڪرائين ٿيون، جيئنءَ سندس هڪ ڪهاڻي ”اي ٽي ايم مشين“ آهي، جنهن ۾ هڪ پرائيويٽ اسڪول جو اُستاد پنهنجو خالي کيسو ڏسي اي ٽي ايم مشين ۾ پنهنجو ڪارڊ داخل ڪري ٿو، پر سندس پگهار نه آئي آهي، رڳو ڪارڊ منهن واپس ڪڍي ٿو ۽ اُستاد کي اُنهيءَ تي بُڇان لڳي ٿي، هن کي اِئينءَ ٿو لڳي ڄڻ اي ٽي ايم مشين هُن تي کِلي رهي هُجي، محمد دين جي مختصر ترين ڪهاڻين ۾ پلاٽن جي پيچيدگين کان دفائيندي، ڪهاڻيءَ کي هڪدم ڪلائيمڪس جي ويجهو آندو وڃي ٿو، جيڪو مختصر ڪهاڻيءَ جو اهم فن آهي پنجن سِٽن ۾ به سندس ڪي ڪهاڻيون روايتي سماج جي غلط رواجن خلاف زبردست احتجاج ڪن ٿيون، جيئن سندس هڪ ڪهاڻي ”قسمت“ آهي، جنهن ۾ هڪ جوان جماڻ ارڙهن سالن جي عورت جو مڙس برادري تڪرار ۾ مارجي وڃي ٿو، ڪهاڻيءَ جي آخري سِٽ وارو ڊائيلاگ ڪهاڻيءَ جي ڪلائيمڪس انتهائي سگهاري ۽ تڪڙي انداز ۾ ظاهر ڪري ٿو، اُهو ڊائيلاگ هيءَ آهي:
    بس ادي جيڪا قسمت....... پُٽ نه هجيس ها ته پرڻايونس ها........!
    اِئين سندس ڪهاڻي ”ڊبل اسٽينڊرڊ“ آهي، جيڪا نقل/ ڪاپي ڪرڻ ڪرائڻ وقت ڪجهه ماڻهن جي ڪاپي متعلق ڊبل اسٽينڊرڊ کي ثابت ڪري ٿي، اُها ڪهاڻي موجوده تعليمي نظام جي انتظامي نقصن کي واضح ڪري ٿي، محمد دين جون مختصر ترين ڪهاڻيون فڪري ڪائنات ۾ ڀلي وڏو بدلاءُ نه آڻينديون هُجن، پر سماج جي ننڍين ننڍين براين تان پردو کڻن ٿيون، هڪ طرف اُهي مختصر ڪهاڻيون فني سطح تي جدت جو نمونو آهن ته ٻئي طرف اُهي سنڌي سماج جي غلط ميڊيائي ڪلچر جي اُبتڙ، سنڌي سماج جي ڪلاسڪ قدرن، ثقافتي رجحانن ۽ سڀيتائي لاڙن کي نئين سِر جيارڻ جي ڪوشش لڳن ٿيون، ”نئين دور جي مارئي“ به هڪ اهڙي ئي مختصر ترين ڪهاڻي اهي، جنهن ۾ نئين دور جي مارئي به پنهنجي پيار شيراز سان ڪورٽ مئريج ڪرڻ کان انڪار اُنهيءَ ڪري ڪَري ٿي، ڇاڪاڻ ته هوءَ پنهنجي بابا جي شفقت ۽ ماءُ جي عظيم ترين پيار ۽ رشتن جي عزتن جو جنازو ڪڍڻ نٿي چاهي، ڇو ته هُن وٽ پيار حاصلات نه پر قربانيءَ جو نالو آهي، محمد دين جي هن قسم جون ڪهاڻيون ناصحانه آهن، سماجي اصلاح جو پراڏو آهن ۽ سنڌي سماج جي ثقافتي اخلاقي، تهذيبي ۽ تمدني قدرن کي اصلي حالت ڏانهن موٽائين ٿيون، محمد دين جي ڪهاڻين ۾ مختلف سماجي لقائن جا عڪس، جهلڪيون، اُولڙا ترورا آهن، جيڪي پڙهندڙ کي مختلف عنوانن جا فليش ڏين ٿا، جنهن جي ڪري سندس ڪهاڻين کي فليش فڪشن چئجي ٿو، اُنهيءَ تناظر ۾ ڪهاڻي جي ڊيگهه يا اختصارپسندي ڪو فني مسئلو ناهي، هُو مائڪرو ڪهاڻين ۾ حياتيءَ جي اهم غير اهم ٽُڪرن ۽ لمحن کي عڪس بند ڪرڻ جون فنڪارانه صلاحيتون رکي ٿو، جديد مختصر ڪهاڻين جنهن کي ڪنهن هڪ مقرر پئماني يا ڪسوٽي تي پرکي ئي نٿو سگهجي، تنهن ۾ فني تجربن جي هڪ سيريز آهي، جنهن ۾ مختلف فني تجربا ساهه کڻن ٿا، محمد دين به اُنهن تجربن تي خوب مشق سازي ڪندي ”هڪ سِٽي ڪهاڻين“ کي به تخليق ڪيو آهي، هڪ سِٽي ڪهاڻين ۾ هُن پنهنجي عهد جي معروضي حقيقتن بابت پنهنجو ئي تخليقي ادراڪ ڏنو آهي، جيڪو نتيجه خيز اُنهيءَ ڪري آهي، جو اُهو سندس ذاتي نڪتئَه نظر آهي، جنهن سان هر پڙهندڙ جو متفق هجڻ ضروري ڪونهي، پر اُنهن ۾ ليکڪ جو ادراڪ سندس احساس کي ڀرپور پروموٽ ڪري ٿو هڪ سِٽ ڪهاڻي ۾ سندس نئون انداز آهي، هتي نموني طور ڏيان ٿو.
    1. فيس بڪ جديد ادبي سنگت آهي،
    2. ادب بهترين پناهه گاهه آهي،
    3. هتي انقلاب آسان قسطن تي وڪري لاءِ موجود آهي،
    4. سڀ کان بهترين شراب چانهه آهي.
    جديد مختصر ڪهاڻي هڪ هڪ سِٽ کان مختصر ٿيندي هڪ لفظ ۽ هڪ لفظ کان ٻُڙيءَ يا ٽٻڪي تائين محدود ٿي وئي آهي، پر ڪهاڻي اهڙي لمحي ۾ ”ڪهاڻي“ نٿي رهي، پر اُها هڪ اشارو، هڪ نڪتئَه نظر، هڪ احساس ۽ هڪ جذبو ئي منتقل ڪري سگهي ٿي، جڏهن ته اُنهن ڪهاڻين ۾ ”ڪهاڻيپڻو“ موجود نٿو رهي، پر اُهو ضرور آهي ته مختصر ترين ڪهاڻين/ هڪ سِٽ ڪهاڻين جي ڀڃ گهڙ Deconstruction ڪري، ڪهاڻيءَ جي هڪ سِٽي متن واري نثر جا تضاد ڳولي، ٻوليءَ جي ڀروسي، يقين، اعتماد تي شڪ ڪري سگهجي ٿو، ڇو ته متن اندر نوان نوان نياپا به ڳولڻا آهن ۽ حتمي راءِ واري لقاءَ کي چئلينج به ڪري سگهجي ٿو، تنقيد ۾ فڪر کي ڌَڪ رسائي ٻولي ائين ئي اڃا تائين پنهنجي سجاده نشينيءَ کي برقرار رکندي اچي ٿي، جيئن محمد دين جون مٿيون هڪ سِٽيون ڪهاڻيون آهن، ڪهاڻي آهي ”فيس بڪ جديد ادبي سنگت آهي“ هن جي هڪڙي معنيٰ هيءَ اهي ته ادبي سنگت اصلي ٻي آهي ٻي معنيٰ ته پراڻي ادبي سنگت به آهي، ٽين معنيٰ آهي ته نئين دور ۾ فيس بڪ ئي سڀ ڪجهه آهي، چوٿين معنيٰ آهي ته فيس بڪ واري ادبي سنگت اڃان ارتقا جي ڀڃ گهڙ واري مرحلي ۾ آهي، پنهنجي ميچوئرٽيءَ جي مقام تائين اسان وٽ اڃا ناهي پهتي! اِئينءَ ٻي ڪهاڻي آهي ”ادب بهترين پناهه گاهه آهي“ ٻوليءَ جي اسٽرڪچر کي ڏِسجي ته اُنهيءَ ڪهاڻيءَ مان به مختلف مفهوم نڪرن ٿا، هڪ مفهوم هيءَ آهي ته سماج ۾ اڻ وڻندڙ صورتحال کان بچڻ لاءِ ٻيون پناهه گاهون آهن، ٻيو مفهوم هيءَ آهي ته سماج ۾ ٿيندڙ ظلم کان اکيون ٻُوٽي، ادب ۾ پناهه وٺجي، ٽيون مفهوم هيءَ آهي ته ادب سياست کان پناهه آهي، چوٿون مفهوم هيءَ آهي ته سماج ۾ ادب کان سواءِ ٻيو ڪوبه رومانس ناهي رهيو، پنجون مفهوم هي آهي ته ادب کان سواءِ سروائيو ئي نٿو ڪري سگهجي، ٽيئن ڪهاڻين آهي ته ”هِتي انقلاب آسان قسطن تي وڪري لاءِ موجود آهي“ هن ڪهاڻيءَ جي ٻوليءَ جي بيهڪ مان هڪ مقصد هيءَ ٿو نڪري ته انقلابن جا دور ختم ٿي ويا، ٻيو مقصد آهي ته انقلاب لفظن، جملن، ڪتابن ۽ ميڊيائي سحر ۾ قيد آهي، عوام جو اُن سان ڪو به تعلق ڪونهي ٽيون مقصد هيءَ آهي ته هر شيءِ کي هن پوسٽ ماڊرن دور ۾ مارڪيٽ جي وکر بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، انهيءَ ڪري انقلاب، بدلاءُ هاڻي مارڪيٽ جي اگهن تي موجود هوندو، چوٿون مقصد هيءَ آهي ته ڪوبه وڏو واقعو، ڪوبه وڏو اوچتو انقلاب ڪونه ايندو، پر ريزڪي گهريلو وکر جيان گهرج پٽاندڙ ٿورو ٿورو قسطن ۾ پيو ايندو، پنجون مقصد هيءَ آهي ته دنيا ۾ شيون، انقلاب ڪنهن به تسلسل جا محتاج ناهن رهيا، پر ٽُڪرن ٽُڪرن جي صورت ۾ قسطوار، بي ترتيب، اڻ ڍنگي نموني هاڻي موجود رهن پيون، چوٿين ڪهاڻي آهي ”سڀ کان بهترين شراب چانهه آهي“ هن مان هڪ مراد هيءَ آهي ته غريب ماڻهوءَ جي سڀ کان وڏي عياشي چانهه پيئڻ آهي، ٻي مراد هيءَ آهي ته چانهه به صحت لاءِ نقصانڪار اهي، ٽين مراد هيءَ آهي ته دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ پسند ڪئي ويندڙ شيءِ چانهه ئي آهي، چوٿين مراد هيءَ آهي ته چانهه به ماڻهوءَ کي فنا ڏانهن وٺي وڃي ٿي، اِئين هنن توڙي ٻين مختصر هڪ سِٽي ڪهاڻين مان ٻوليءَ مان جنم وٺندڙ ڪيترائي مختلف پيغام جنم وٺن ٿا، ڪيترائي نوان تفسير سامهون اچن ٿا ۽ انهن تفسيرن/تشريحن ۾ موجود تضاد ڳولي سگهجن ٿا، جنهن عمل جي نتيجي ۾ اُهو چئي سگهجي ٿو ته معنائون، تشريحون لاتعداد آهن، ڪنهن به طئه ٿيل معنيٰ تي ڀاڙي نٿو سگهجي، پر اُنهيءَ جو مقصد اُهو به نه وٺڻ گهرجي ته حتمي معنيٰ جي اڻ هوند کي اڳيان رکي، ڪهاڻيڪار/ ليکڪ جي پنهنجي تخليقي معنيٰ کان ئي انڪار ڪَجي، تحرير خود ليکڪ جي پنهنجن ادراڪي نتيجن ۽ ذاتي ارادن جو به آئينو هوندي آهي، اُنهيءَ ڪري ڪثيري معنويت جي رش ۾ خود ڪهاڻيڪار/ ليکڪ جي اصلي معنيٰ کان به انڪار نٿو ڪري سگهجي، محمد دين جي مختصر ڪهاڻين کان پوءِ ڪجهه وڏين ڪهاڻين تي نگاهه وجهبي ته اُنهن ڪهاڻين ۾ هڪ طرف خود ڪهاڻيڪار جي خوداراديت ڳولي وٺبي، ٻيو ته سندس مختصر ڪهاڻيءَ جي وڏي سائيز وارين ڪهاڻين ۾ باقاعدي ڪهاڻيءَ جي فني لوازمات شروعات وچ ۽ ڪلائيمڪس جي به پابندي نظر ايندي، سڀ کان وڏي ڳالهه ته هنن ئي ڪهاڻين ۾ پڙهندڙ کي ڪهاڻيپڻو به نظر ايندو، جيئنءَ سندس هڪ ڪهاڻي بعنوان ”جاڳر“ آهي، هيءَ ڪهاڻي کيمي ڪولهڻ جي واقعي کان متاثر ٿي لکي وئي آهي، جنهن ۾ هڪ ڪردار الهه ڏني جي جوان جماڻ ڌيءَ ملوڪان، جنهن کي هسٽيريا جي بيماري آهي، تنهن کان جاڳر تي فقير جن ڪڍڻ جي ڪوشش ڪن ٿا، الغوزه ۽ جوڙي جي رون رون ٻيهر شروع ٿئي ٿي، ڀوپو، ملوڪان کي لٺيون هڻي ٿو ۽ آخر ۾ شِيخ تپائي کيس ڏنڀ ڏيڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ته ملوڪان باهه جي مچ ۾ منهن ڀر ڪري ڀسم ٿيڻ لڳي ٿي، هن ڪهاڻيءَ ۾ جاهلانه رسم رواج ۽ اجائي عقيدت پرستيءَ کان ڇوٽڪاري، وٺڻ جو سنيهو موجود آهي، ڪهاڻيءَ ۾ ڊائيلاگس ڄڻ ته فطري نوعَ ۾ ڀائنجن ٿا، ۽ ڪهاڻيءَ جو پلاٽ توڙي ڪلائيمڪس/ وچ توڙي عروج سگهارو آهي.
    ڪراچي ليکڪ جي هڪ علامتي ڪهاڻي لکڻ جو تجربو آهي، علامتي هئڻ جي باوجود ليکڪ اُنهيءَ کي ڪلائيمڪس ڏئي نتيجه خيز بنايو آهي، ”ڪراچي“ هڪ ماءُ جو ڪردار آهي، جنهنجو پُٽ ”امن“ اغوا ٿي ويو آهي، ڪراچيءَ پنهنجي خوبصورت ماضيءَ کي ياد ڪري ٿي ۽ حال جي بدامنيءَ، گولين جي آوازن، لاقانونيت، ڏاڍ، ايمبولينس جي ڪُوڪن، باهين، دانهن جي ڪربلا جو پيش منظر ڏيکاري ٿي، جنهن ۾ سندس پُٽ به زخمي سڪرات جي حالت ۾ آهي، سندس پُٽ امن وچن ڪري ٿو ته هُو پنهنجي ماءُ ”ڪراچيءَ“ ڏانهن نيٺ ضرور موٽي ايندو، هيءَ ڪهاڻي جيتوڻيڪ ضرورت کان زياده طوالت جو شڪار ٿي وئي آهي، پوءِ ڪٿي ڪٿي ڊائيلاگن جي وهڪري ۾ وَهي ويندڙ ڪهاڻي لڳي ٿي، پر ڪهاڻيءَ ۾ ڪهاڻيپڻو ضرور موجود آهي، ڪهاڻيءَ جي روايتي ۽ مروج فن کي محمد دين راڄڙي رڳو ابتدا ــ وچ ــ عروج جي معيار تي لکڻ جي برعڪس اڪثر ڪري ڪردارن تي زور ڏئي ٿو، هُو سماج جي نڌڻڪن، ڏتڙيل، مفلس، احساس محروميءَ جي شڪار ٿيل ڪردارن جو ڪهاڻيڪار آهي، هُن جي ڪهاڻين ۾ لگزري لائيف جي جاءِ درد جي اُس ۾ تڙپندڙ ڪردار پنهنجا عڪس پسائين ٿا، هُن وٽ نان اشوز کي اشوز بڻائڻ جو شوق نٿو پلجي، پر سماج جا حقيقي اشوز بک، بدحالي، بيروزگاري، ناخواندگي، بدامني ۽ ڏڪار جهڙا موضوع سندس ڪهاڻين جي رُوح ۾ زندهَه رهن ٿا، هُو تاثر جي گهرائيءَ ۾ وڃي ٿو، ڪردارن جي روح ۾ بحيثيت ليکڪ جي پاڻ جذب ٿي وڃي ٿو، ڪيفيتن جي ڪئنواسن کي چٽي ٿو ۽ غريب پٺتي پيل انتهائي لوئر ڪلاس جي ماڻهن جي ذهني، دلي، روحاني، معاشي ۽ سماجي دردن جو پاڻ ساٿي بڻجندي نظر اچي ٿو، جيڪا سندس سچيلتا، سندس حساس طبيعت جي بدولت پڙهندڙ جي سامهون اچي ٿي، اُهو ڪهاڻين جي پلاتن ۽ ڪلائيمئڪس جي زوردار اثر پذيريءَ وارو دامن به ڪِٿي ڇڏي ڏئي ٿو ۽ سڄو زور ڪردار نگاريءَ تي ڏئي ٿو، جيئنءَ زندگي ۾ ڪن ڪردارن جو ڪلائيمڪس نظر ناهي ايندو، ڇو ته اُنهن جي ڏکن غمن درد جي دنيا بي انت هوندي آهي، ائينءَ محمد دين به اهڙن پورهيت ۽ درد جي مسافتن کي ڪاٽيندڙ ڪردارن کي بنا ڪلائيمڪس ڇڏي ڏنو آهي، ڇو نه اُنهن ڪردارن جي هن سماج ۾ دردن جي ڪا به پڄاڻي ڪانهي، هڪ بي پيرو ۽ بي انت درد اُنهن کي سماجي ۽ معاشي زنجيرن واري نظام ۾ جڪڙيو بيٺو آهي، جيستائين اُهو نظام تبديل نٿو ٿئي، تيستائين اُهي ڪردار بمشڪل خوشيءَ جو صبح اُڀرندي ڏسي سگهن، سماج جي اهڙن ڪردارن کي هُن پنهنجي ڪهاڻين جا هيرا ڪري پيش ڪيو آهي، سندس هڪ ڪهاڻي ”ٽُوٻو“ ئي پڙهي وٺجي ته هن ڪهاڻيءَ ۾ هڪ ٽُوٻي کي ڪهاڻيءَ جو مرڪز بڻايو ويو آهي، جيڪو ڏينهن رات پاڻيءَ مان لاش ڪڍي ٿو، گهر جي ٻچن لاءِ سيڌو سامان وٺي ٿو، پر گهر وڃڻ وقت ڪانه ڪا فون ڪال کيس واپس گهرائي ٿي، پنهنجي ڏات پنهنجي ئي ڌنڌي تي هُن کي بُچان لڳي ٿي، هُو غربت، محروميءَ، بيروزگاريءَ جي ڪري پنهنجي ئي اندر ۾ پنهنجي خواهشن، بيوسين ۽ محرومين جا لاش لڙهندي ڏسي ٿو، هُن کي صاحب به ڏٽا ڏيندو رهي ٿو، پر آبپاشي کاتي ۾ پٽيوالي جيتري به نوڪري نٿو وٺي ڏئي، هُن ٽُوٻي جي ڪردار (ربن) جي ذهني پيڙاءَ، جسماني عذاب، نفسياتي ڪرب کي ڪهاڻيڪار محمد دين جنهن فنڪارانه صلاحيتن سان سرشار ڪري پيش ڪيو آهي، تنهن جي ساراهه نه ڪرڻ هڪ ادبي بدديانتداري هوندي، سموري ڪهاڻيءَ ربن جي پنهنجي خود ڪلاميءَ مان واضح ٿئي ٿي، ضمير متڪلم First Person ۾ لکيل هيءَ ڪهاڻي Stream of consciousness ۾ آهي ۽ اسلوب وجودي فلسفي جي پرچاري نوعيت جو آهي، پر ٽُوٻي جي پوري جيون ڪٿا جيڪا انتهائي درد ۾ ٻُڏل آهي، سا ڪهاڻيءَ ۾ آسانيءَ سان سمائي وئي آهي، سنڌي ادب ۾ اُهو شعوري روءِ ۾ لکڻ وارو انداز شوڪت حسين شوري، ڪيهر شوڪت، مشتاق شوري، نور گهلو، نور الهُديٰ شاهه، ماڻڪ ۽ مدد علي سنڌيءَ وغيره وٽ نظر اچي ٿو، محمد دين ڪِن ٻين ڪهاڻين جيان هن ڪهاڻي ٽُوٻي ۾ به ڪو مصنوعي ڪلائيمڪس ڏيڻ جو سعيو ڪونه ساريو اهي، پر ڪهاڻيءَ ۾ ربن جي ڪردار کي وري پاڻيءَ جي اندر لاش ڪڍڻ جي لاءِ آخر ۾ ٽُٻي هڻندي ڏيکاريو ويو آهي، بنا ڪلائيمڪس هن ڪهاڻيءَ کي پيش ڪرڻ جو هڪ مقصد هيءَ به آهي ته ڪجهه پڙهندڙ تي ڇڏي ڏيڻ گهرجي، ٻيو ته اسان جي سماج ۾ اهڙن مفلس محروم ڪردارن جي دردن جو ڪو درمان اڃان تائين ٿيو به ناهي، خود ڪلاميه ۽ اسٽريم آف ڪانشينيس ۾ محمد دين جي هڪ ٻي ڪهاڻي ”ڳولا“ آهي، جنهن ۾ هڪ باشعور فرد سماج ۾ آيل ماٺار تي پريشان آهي، هُن کي ائين ٿو لڳي ته سماج ۾ رڳو ڪوڙ ڳالهايو وڃي ٿو، ڪوڙا نعرا هنيا وڃن ٿا، عملي طور ماٺار جو راڄ آهي، ڪوبه بدلاءُ ڪابه تبديلي متحرڪ ناهي، ڪردار جي خود ڪلاميه انداز نهايت من موهيندڙ آهي، ڪجهه سِٽون اُن جون هِن نموني طور پيش ڪجن ٿيون:
    ”نئي سوچ، متحرڪ جذبا، انقلاب، شاعري، ادب، فلسفو، ڊرامو، آرٽ، مصوري، آرٽيڪل اخبارون........ ڪهڙي پاسي مُنهن ڪري ويو.......؟ اندر ۾ ايڏي چُپ، ايڏي مصلحت، جنگ بندي......!! جهنگ جهاڳيندڙ ڪولو جو ڏاند...... ڪيڏي نه سانت آهي........ اندر جي آويءَ ۾ ڄڻ....... ڇروهي آئي آهي، ڪيڏي نه ماٺار ٿي ويئي آهي........؟! قلم ڪير کڻي ويو..........؟
    هن ڪهاڻين جي مجموعي ۾ محمد دين جي هڪ اهم ڪهاڻيءَ جو عنوان آهي ”ڦاٽڪ“ هن ڪهاڻيءَ ۾ نهايت لوئر ڪلاس واري سرڪاري ملازم جي جيون جي درد ڪٿا کي سميٽيو ويو آهي، ڪهاڻيءَ ۾ ڪرافٽ هيءَ آهي ته ڪهاڻيڪارجي پنهنجي اظهار بيان ۽ ڪردار جي خود ڪلاميءَ جي وچ واري سرحد اِئين گم ٿي وڃي ٿي، جو پڙهندڙ ڪهاڻيڪار ۽ ڪردار جي شخصيت جي وچ واري فرق کي ڳوليندو رهجي وڃي ٿو، هن ڪهاڻيءَ ۾ رڳو ڦاٽڪ جا در بند ڪرڻ ۽ کولڻ واري سرڪاري ملازم جي درد ڀري ڪهاڻي ناهي، پر اُنهيءَ غريب سرڪاري ملازم جي اندر جي اک سان نه صرف ڦاٽڪ، ريل، مسافرن جي مجبورين مسئلن، ڏک، اڻ هوندين، محرومين، مايوسين ۽ عدم سهوليتن کي نهايت قابليت سان وائکو ڪيو ويو آهي، پر دنيا جهان جي ڪربن، عتابن، اُرهائين، بي رونقن ۽ غمن جي به اُپٽار ڪئي وئي آهي، اُنهيءَ کانسواءِ اُن سموري ماحول ۽ ان ماحول جي ماضي حال مستقبل جي اڳيان به ڪي سوال رکيا ويا آهن، اُهو ريلوي ملازم پنهنجي مُنهن ڳالهائي ٿو، سندس خود ڪلاميءَ ۾ فليش سان ماضيءَ جي جهلڪ اسڪرين تي نمودار ٿئي ٿي، اچو ته سندس سوچن جو عڪس پَسون:
    ”ڇا ته ريلوي جو ماضي هو، انگريز هيٺين ملازم جو ڪيڏو خيال رکندا هئا ........... سياري ۾ گرم ڪوٽ........... ٽوپ، بوٽ، وردي.......... ڦاٽڪ سان منسلڪ ڦاٽڪ واري لاءِ ڪوارٽر............ جنهن ۾ ڪمرو ورانڊو، اڱڻ، اندر وڻ پوکيل، غسل خانو ۽ سياري ۾ سرديءَ کي شڪست ڏيڻ لاءِ آتشدان......... اڄڪلهه ڦاٽڪ ڪوارٽرن جي تباهه حالي ڏسي اِئين لڳندو آ....... ڄڻ نوڪري ڪرڻ ٻيڻو عذاب آهي نه بجلي جي سهولت نه پاڻي، نه رهائش نه ماني، نه چانهه، گرمي، سردي، مينهن مڇر، طوفان، خوف، اڪيلائي........ نه تحفظ......... !“
    محمد دين هن ڪهاڻيءَ ۾ نه صرف نيو سينسبلٽي ڏني آهي، پر ٻارنهن سورنهن هزار پگهار واري ملازم ملوڪ جي انفرادي/فردي، گهريلو، معاشي ۽ سماجي مسئلن، ڏکن کي به نهايت ئي آرٽسٽڪ انداز ۾ اُڀاريو آهي، هيءَ ڪهاڻي بنا ڪلائيمڪس جي آهي، هيءَ ڪهاڻي پڙهندڙ کي پنهنجي سحر ۾ وڪوڙي وٺي ٿي.
    سرلان محمد دين جي هڪ اهڙي ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ ورهاڱي کان پوءِ هند جي سنڌي ماڻهن جي درد کي سهيڙيو ويو آهي، سرلان هڪ اهڙي عورت آهي، جيڪا سنڌ ڌرتيءَ جي سڪ محبت ۾ بيتاب ٿي سنڌ ۾ پهچي ٿي ته ڀاءُ سان ملندي ئي گهڻي سڪ ۽ خوشيءَ ۾ سندس ساهه جو پکيئڙو اُڏامي وڃي ٿو، هيءَ جذبن جي اُڇل واري ڪهاڻي آهي، جنهن جو پلاٽ حب الوطنيءَ جي جذبي جي چؤڌاري ڦري ٿو ۽ هن جو ڪلائيمڪس منفرد، غير امڪاني ۽ غير معمولي نوعيت جو آهي هيءَ ڪهاڻي هند ۾ رهندڙ سنڌين جي سورن کي تازو دم بنائي ٿي، پر کين روحاني سُرور به ڏيندي، هنن سڀني ڪهاڻين ۾ سڀ کان وڌيڪ سگهاري ڪهاڻي بعنوان ”سرڪس“ آهي، سرڪس ڪهاڻيءَ جو مرڪزي ڪردار ”ڪوڏو“ آهي، هيءَ هڪ زبردست علامتي ڪهاڻي آهي، ڪهاڻيءَ ۾ ڪوڏوءَ جي ڪردار جي وسيلي انسان جي وجودي مسئلن ۽ وجودي سوالن کي ڇيڙيو ويو آهي، ڪوڏو ميلي جي سرڪس ۾ ماڻهن کي پنهنجي اداڪاريءَ جي وسيلي مزاح ارپي ٿو، کِلائي ٿو ۽ مختلف جانورن ۽ پکين جي آوازن جو نقل ڪري ماڻهن کي تفريح مهيا ڪندو رهي ٿو، ڪهاڻيءَ جي منظر نگاريءَ ۾ جديد ادراڪ کي کنڊيريو ويو آهي، منظر ڪشيءَ جو هڪ مختصر روپ پيش ڪجي ٿو:
    ”......... آسمان سان ڳالهيون ڪندڙ جهولا......... بازارون، دڪان، ڪُلها گس.......... ماڻهو......... گهرن جي تهه خانن مان نڪتل ماڻهو.......... جيون جي نفسانفسيءَ کان فرار ٿيل ماڻهو........... گوڙ گهمسان ۾ وڃائجي ويل انسان.......... درٻار جي احاطي ۾ دُهل جي ٿاپ تي مدهوش ٿي نچندڙ ماڻهو............!“
    ڪهاڻيءَ ۾ مارڪيٽ ڪلچر کان وٺي ماڻهوءَ جي بيچينيءَ، بيقراريءَ، وجودي اڪيلائي ۽ غريب طبقي جي معاشي ولوڙ کي عڪس بند ڪيو ويو آهي، ڪهاڻيءَ ۾ ڪوڏو بار بار مزاح وسيلي ماڻهن جي خدمت ڪندو رهي ٿو، سمورو سرڪس هن جي تماشي جو محتاج آهي، هُو بيمار ٿي پوي ٿو، سخت بخار ۾ به سرڪس جو مئنيجر کانئس پرفارمنس ڪرائي ٿو ۽ هُو آخري بار ماڻهن کي کِلائي پوءِ مري وڃي ٿو، ڪوڏو دراصل هڪ سچي، حساس، باظرف با ضمير ۽ نيڪ ماڻهوءَ جو ڪردار آهي، جيڪو ماڻهن جي اڳيان جسماني ۽ روحاني مزدوري ڪري ٿو ۽ روزي ڪمائي ٿو ۽ نيٺ اِئين ڪندي ڪندي دنيا ڇڏي وڃي ٿو، سرڪس هن سماج جي علامت آهي ۽ ڪوڏو اسان پاڻ آهيون، جيڪي پاڻ کي تڪليف اُنهيءَ ڪري ڏيون ٿا، جيئنءَ ٻيا ماڻهو خوش رهن، اِئينءَ ڪندي اسين به ڪوڏوءَ جيان ختم ٿي وڃون ٿا، هن ڪهاڻيءَ ۾ ڪردار باقاعدي چرپر ڪن ٿا، ڪهاڻيڪار فنڪارانه انداز سان پنهنجي علامتي ڪهاڻيءَ جي ڪهاڻيءَ اندر ئي اوک ڊوک ڪئي آهي، ڪهاڻيءَ جون ڪجهه سٽون پڙهون ٿا:
    ”ڪوڏوءَ کي هي سڄي دنيا آسمان جي ڇٽيءَ هيٺيان وڏو سرڪس لڳي ٿي، جتي هر ماڻهو ڪوڏو آهي...... هر ڪنهن ڪونه ڪو تماشو سِکي ورتو آهي....... ڪي ڪردار جا ڪوڏو ته ڪي گفتار جا ڪوڏو........ ته ڪي ڪرتب باز ڪوڏو..........“
    مجموعي طرح محمد دين راڄڙيءَ جون ڪهاڻيون سنڌي فڪشن لٽريچر جي معيار جي دائري ۾ اچن ٿيون، سندس ڪهاڻيون منصوبابنديءَ سان ڪهاڻيءَ جي سمورن فني لوازمات کي اڳيان رکي لکيون نه ويون آهن، پر هُن ڪهاڻيءَ جي اندر ڪردار نگاري ڪئي آهي، اُها ڪردار نگاري سندس جذبي جي پويان سفر ڪري ٿي، جنهن جي ڪري ڪردار به جذبن جي اڳيان ڪنهن رٿابنديءَ جي اُصولن جي پيروي نٿا ڪن، ڪٿي اُهي ڪردار نتيجه خيز آهن، ڪٿي ڪلائيمڪس کان سواءِ آهن، ڪٿي اُهي ڪردار ڪلائيمڪس تي زور ڏيڻ جي برعڪس اينٽي ڪلائيمڪس تي زور ڏين ٿا، ڪٿي سندس ڪلائيمڪس مصنوعي لڳن ٿا، ڇو ته هُو ڪردارن کي ناممڪن هجڻ واري انقلابي صورتحال ڏانهن وٺي وڃي ٿو، سندس ڪردار امير ڪلاس جا ڪردار ناهن، پر غريب طبقي جا ڪردار آهن، جيڪي هر وقت چُست، روان، تحرڪ ۾ رهندي حياتيءَ جو گذران ڪن ٿا، انيڪ مسئلن کي منهن ڏين ٿا ۽ بدلاءَ جا طلبگار آهن، هُو ڪردارن کي جيئنءَ جو تيئنءَ هجڻ واري فوٽوگرافيءَ ڏيڻ جي بجاءِ، اُنهن ڪردارن جي حق خود اراديت واري سوچ کي نکاريندڙ ڪهاڻيڪار آهي، ڪردارن ۾ خود ڪهاڻيڪار جذب ٿيندي نظر اچي ٿو يا ڪردارن جي احساس ۾ لڙهندو وڃي ٿو، محمد دين جون هي ڪهاڻيون سندس شروعاتي تجربن جي ساک پت آهن، ڪهاڻي لکڻ جو سفر انتهائي ڊگهو ۽ پيچيده به هوندو آهي، جيڪو ڪثير زمانا طلبيندو آهي، ڪيترن ئي موضوعن کي جيتوڻيڪ هُن هنن ڪهاڻين ۾ ڇُهي ورتو آهي، پر ايڪيهين صديءَ جا نوان نوان ڪيئي، ڪردار اڃا سندس ڪهاڻين جي ڇانوَ ۾ پلجي ڪونه سگهيا آهن، وڏي ڳالهه ته محمد دين کي فني تجربن کان هٽي ڪري اڃا پنهنجو هڪ انداز سمجهڻو پوندو، کيس پنهنجي اسلوب ۽ انفراديت لاءِ اڃا پتوڙڻو آهي، اُنهيءَ سڀ جي باوجود، سندس هي ڪهاڻيون هڪ سگهه ۽ ڪشش رکن ٿيون ۽ دانشورانه شعور کي مخاطب ٿين ٿيون، هي عام ڪهاڻيون ناهن، پر شعور، مطالعي، مشاهدي، محنت، رياضت ۽ جديد ادراڪ جون گواهه ڪهاڻيون آهن، ايندڙ توڙي همعصر جا مورخ ۽ نقاد سندس ڪهاڻين جي معيار کان منهن موڙي نٿا سگهن.......!!

    ــــ خليق ٻگهيو/مورو


    ڪهاڻي جو ڀٽڪيل مسافر
    محمد دين راڄڙي ڪهاڻي جو ڀٽڪيل مسافر نه آهي پر ڪهاڻي جو ڪردار ڀٽڪيل مسافر آهي، شايد ان ڪري راڄڙي صاحب ڪهاڻي جي ماحول ۾ گم ٿي پاڻ به ڀٽڪي ويو آهي. ڀٽڪڻ به خراب ڳالهه نه آهي ڇو ته ڪنهن رستي کي اختيار ڪرڻ لاءِ پهريون ڏاڪو ڀٽڪڻ، وڃائجڻ، گم ٿيڻ، غلطيون ڪرڻ، سکڻ، اپنائڻ، حاصلات هٿ ڪرڻ، منزل ڳولڻ، رستا تلاش ڪرڻ جا مرحلا هوندا آهن. هي رستو ان ڪري به ڪٺن آهي جو سندس اردگرد جو سمورو ماحول شاعرن ۽ شاعري جو آهي. نثر جا ڪٺن پيچرا اختيار ڪرڻ سندن مرضي آهي يا ڪنهن جو مشورو پر هي رستو محمد دين جي عين فطرت سان ٺهڪندڙ آهي. جيڪڏهن ڪو ماڻهو غور سان سندن چهري کي جاچيندو ته راڄڙي جي اسڪن جي هر جيو گهرڙي ۾ نثر سان ٺينگ ٽپا نظر ايندا، اها ٻي ڳالهه آهي ته انهي نثر جي ميچوئرٽي کي ڪير قبول ڪري يا وقت جو انتظار ڪري.
    محمد دين راڄڙي ڪهاڻي جي ڪهاڻي آهي. پنهنجي اردگرد جي نون لقائن ۽ سهيوڳي صورتحال تي لکيل ڪهاڻيون ٻڌائن ٿيون ته ساڻس لهه وچڙ ۾ ايندڙ هر فرد ۽ هر واقعو سندن ڪهاڻين جو حصو آهي. اهي ڪهاڻيون جيڪڏهن ٻاهرين ماحول جون آهن ته انهن جي ٽريٽمينٽ راڄڙي صاحب جي اندر جي ڪهاڻي آهي يعني ايئن محسوس ٿيندو ته ڪهاڻي جو ٻاهريون ڍانچو معروضي حالتون آهن ته انهن ڪهاڻين جو اندريون ماس/ ڳر/ تت محمد دين راڄڙي جون اندريون حالتون آهن. هو ڪهاڻين ۾ داخلي احساس اوتيندو آهي. تنهنڪري ئي شايد ڪهاڻين ۾ رس چس آهي ۽ ڪهاڻي پڙهندڙ کي پاڻ سان گڏ وٺي هلندي آهي. محمد دين جي ڪهاڻين لاءِ ايئن ته نٿا چئون جو آخري ڪهاڻيون آهن پر ڪجهه ڪهاڻيون پنهنجو جواب پاڻ آهن جنهن ۾ موضوعن جي انفراديت سان گڏ انهن ڪردارن کي به زندگي عطا ٿئي ٿي جيڪي پنهنجن ڪهاڻين جو حصو آهن. اهڙيون ڪهاڻيون ان ڪري به اهم آهن جو جنهن ماحول مان راڄڙي صاحب ويهي هي ڪهاڻيون لکي رهيو آهي ان ماحول ۾ ادب عام ماڻهن لاءِ ايترو اجنبي آهي، جيتري زندگي، انهن ماڻهن لاءِ اجنبي آهي. جتي انسانيت اجنبي آهي، جتي ووٽ انهن ماڻهن جو پنهنجو ووٽ نه آهي. جتي ووٽ سندن هٿيار هجڻ بجاءِ وڏيري جو قرض آهي، جتي جي زندگي حاڪمن جي ڪرم نوازي آهي. تنهنڪري اهي ماڻهو اڌاري زندگي ۾ ڪيش تي موت وٺندا آهن اهي قبيلائي جهڳڙا هجن يا چورن ۽ ڦوروئن جون وارتائون هجن. پر جي ماريا نه وڃن ته خوشحال پنجاب مان ڪهي آيل ماڻهن، عورتن ۽ انهن جي اينگرو، ماڙي گيس، لبرٽي پاور پلانٽ وغيره واري زندگي ڏسي جيئري ئي مرندا ضرور آهن ته سڀ ڪجهه اسان وٽ هوندي به نه اسان وٽ گيس آهي نه بجلي آهي نه زندگي جون سهولتون آهن. راڄڙي جو ڳوٺ به انهن محرومين مان آجو نه آهي. محمددين راڄڙي اهڙي ماحول ۾ ويهي جڏهن محروم ڪردارن جون ڪهاڻيون لکندو آهي ته انهن ڪهاڻين ۾ هڏا ۽ چم ته ٻين جا هوندا پر رت محمد دين راڄڙي ۽ سندن ڳوٺ سانڪو جو هوندو آهي. پئراڊاڪس ۾ اهو رت سموري سنڌ جو آهي ۽ اهو حشر سموري سنڌ جي وارتا آهي.
    تهذيب به پيٽ ڀريل ماڻهن جي هوندي آهي. انگ اگهاڙن ۽ پيٽ بکايل ڪردارن ۽ ڪهاڻين جي ڪا تهذيب نه هوندي آهي. تنهنڪري شايد ٽوٻي جو پٽ پيءُ طرفان آندل ٽريڪٽر ٽرالي وارو کيڏوڻو حاصل ڪرڻ بجاءِ ٽوٻي پيءُ کي به وڃائي ويهي رهي ٿو. سرلان پنهنجي وطن جي ٽيهارو کان وڌيڪ سالن جي انتظار پڄاڻان پهچي به الميي جو شڪار ٿي وڃي ٿي ۽ سندس لاش واپس وڃي ٿو. ورهاست واري وڍ سموري مسلمان ورثي کي هندستان حوالي ٿيڻ کانپوءِ به انسانن جي وڍ جاري رکي آهي. مني صدي گذرڻ کانپوءِ به دوستانه رويه وجود ۾ نه آيا آهن. اهڙا ڪيترائي مسئلا آهن جيڪي تهذيبن جي دائري ۾ اچن ٿا جن کي محمد دين راڄڙي ڪنهن نه ڪنهن پاسي کان اجاگر ڪيو آهي.
    محمددين راڄڙي جون هونئن ته سموريون ڪهاڻيون ڪافي گهرجائون آهن پر ”ٽوٻو“، ”ڦاٽڪ“، پٿرائجي ويل اکيون ”پيراڊو“، ”بودلو“، ”سرڪس“، ”سرلان“، ”تضاد“، ”اندر ٿو سڏي مونکي“ ۽ ناٽڪ ”سيڪنڊ اسٽيٽمنٽ“ مون کي ان ڪري پسند آهن جو انهن جو ڪنٽيٽ يعني متن توجه طلب آهي. اُهي ڪهاڻيون پنهنجي جاءِ تي سٺي موضوعاتي چونڊ، ٽريٽمنٽ يا ڊڪشن سبب منفرد آهن. ٻي طرف انهن ڪهاڻين تي ڪهاڻيپڻو ايڏو جاندار نه آهي جو راڄڙي صاحب جون ڪهاڻيون پڙهندي ڪڏهن ڪڏهن محسوس ٿيندو آهي ته هو تڪڙو ئي ڪهاڻي جي انت تائين پهچڻ چاهيندو هجي جنهن جي لاءِ ڪجهه ڌيرج يا صبر جي ضرورت هوندي آهي. آرٽ جو مطلب ئي ترسڻ ۽ ترسائڻ هوندو آهي. اخبار جي خبر جيان ٻن يا ٽن سرخين ۾ سموري وارتا جي خبر پئجي وڃي ته پڙهندڙ تفصيلي خبر ۾ ورلي وڃڻ پسند ڪندو آهي. جڏهن ته ڪهاڻي جي متن ۾ ڪي به اخباري سرخيون نه هونديون آهن پر وارياسي زمين جي اهڙي ٿڌڙي هير هوندي آهي جو پنڌ ڪندڙ کي ڪٿي به احساس نه ٿيندو آهي ته هو ڪٿان روانو ٿيو ۽ ڪٿي پهتو آهي. ايئن مونکي هاروڪو موراڪامي جي ڪهاڻين Men with Women ‏ ۾ ڪهاڻي Drive my car ياد ٿي اچي جيڪا پڙهندي مونکي خبر ئي نه پئي ته ڪيتري ڪهاڻي پڙهي ويو آهيان ۽ ڪهاڻي ۾ آهي ڇا؟ پر ڪهاڻي جو سرور الئه ڪيئن جسم ۾ سرايت ڪندو الئه ڪٿي وڃي پهتو. ڪهاڻي ۾ اهو ڪهاڻي پڻو هوندو آهي. موراڪامي جون ٻيون ڪهاڻيون به لاجواب آهن. ايئن به ناهي ته محمد دين جي ڪهاڻين ۾ ڪهاڻي پڻو ناهي پر اها ڌيرج جي کوٽ محسوس ٿئي ٿي. اهو به ٿي سگهي ٿو ته سندن اهو انداز پنهنجو الڳ ۽ منفرد اسلوب آهي جيڪو اڳتي هلي پنهنجا گس جوڙي.
    ڪهاڻين ٽوٻو ۽ ڦاٽڪ ۾ ڪردارن جي پيڙاءَ ايئن بيان ڪيل آهي جو اسان جي سماج جي اجتماعي درد جا اولڙا نظر ايندا آهن، معاشي ڪسمپرسي ۽ زندگي جي معيار کان هيٺ جي زندگي اسان جي سماج جو اجتماعي درد آهي، جيڪو استحصالي قوتن جي هٿان محروميت جي چکيا تي چڙهي اسان جي وجود جو حصو ٿي ويو آهي ۽ اسان معياري زندگي جي خوابن کان به پري رکيا ويا آهيون. جڏهن ته سماج جي کوکلائپ تي سندس ڪهاڻين مان احساس ۽ سيڪنڊ اسٽيٽمينٽ ناٽڪ نمايان آهن. جيڪي ڊبل اسٽينڊرڊ ۽ ماديت پرستي سبب پنهنجي ذات جي انا تي چڙهي ڪنهن ٻي جي درد يا احساس ڪچلي ٿا ڇڏيون. ايئن به ناهي ته صفا احساسن جي موت جون ڪهاڻيون آهن پر آپٽيمزم جي حوالي کان سندن ڪهاڻي ”اندر ٿو سڏي مونکي“ مثال آهي جنهن ۾ هڪڙي ليکڪ جو اندر جاڳي پوي ٿو ۽ هو ضمير جي ملامت کي محسوس ڪري پڇتاءٌ جو شڪار ٿي، ڪڌي ڪم ڪرڻ کان باز اچي وڃي ٿو. اها ڪهاڻي زو معنيٰ ۾ به ڏسي سگهجي ٿي ته ڪهاڻي جي ڪردار مهران شايد گهر مالڪ کي اندر سڏي ٿي يعني اهو ڪم کيس اندر سڏي ٿو پر اصل ڪهاڻي اندر جي جاڳي پوڻ ۽ اندر جو سڏ آهي.
    ڪهاڻين ۾ بچل ڪلينڪ واري ڪهاڻي بلڪل منفرد ۽ سائنسي حقيقت تي آهي ته اسان جي سماج ۾ جنسي محرومي جا شڪار ماڻهو ڪيئن پنهنجي ضرورت جي پوراءُ لاءِ سيمينس جي چيڪنگ لاءِ فرٽيلٽي ٽيسٽ ڏيڻ بهاني پنهنجو ڪم ڪري ٿا وڃن. اهي سمورا پاسا پنهنجي جاءِ تي پر انهي موضوع تي ڊسڪورس پيدا ڪرڻ خود هڪ وڏي دعوت ۽ وڏو چيلينج آهي ته اولاد ٿيڻ يا بي اولادي لاءِ اسپرمز جي چيڪنگ به ضروري آهي. ٻي صورت ۾ اسان جهڙي پٺتي پيل سماج ۾ جتي ماڻهو اولاد پيرن تي پڙچاڙهي گهرندا هجن يا ٻين وهمي ڦيڻن يا ڌاڳن وسيلي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا هجن. اهڙي معاشري ۾ ماڻهو بهاني طور ئي سهي پر پنهنجي جنسي اسپرمز چيڪ ڪرائڻ ڪنهن ڪلينڪ تي وڃن ٿا، ته اها وڏي غنيمت آهي. محمددين راڄڙي پنهنجي ذاتي مشاهدن ۽ تجربن مان اهڙيون ڪهاڻيون کڻي اسان کي پڙهائي ٿو جنهن سان تمام گهڻيون نيون حقيقتون اسان جي سامهون اچي وڃن ٿيون. اهڙي ذاتي تجربن مان ڪهاڻي ”سچ کي پٺي“ به آهي جنهن ۾ هڪڙي اسڪول جا استاد سماج جي تبديلي لاءِ ته وڏا بحث ڪندا آهن پر پنهنجي عملي تبديلي لاءِ پاڻ به تيار نه هوندا آهن. تبديلي هميشه انفراديت کان شروع ٿي اجتماعيت جو حصو ٿي ويندي آهي، ڊائريڪٽ ڪا به تبديلي نه ايندي آهي. اهڙي ڏس ۾ ڪهاڻي ”مان انسان ٿيندس“ مونکي جج صاحب تي وڏي سٽاير واري ڪهاڻي محسوس ٿي ته ڪيئن جج صاحب ٻارن کان سندن مستقبل جو پڇي ٿو ۽ هر ٻار جي جواب ۾ منفي ڪمينٽس ڏئي ٿو جنهن سان انهي اسڪول جي ٻارن جي ذهن ۾ نه ڄاڻ ڪهڙا خاڪا پيدا ٿيندا هوندا جڏهن ته جج صاحب پاڻ به ٽيوشن پڙهائي جج ٿيو هو. ٽيوشن خود تعليمي نظام تي هڪ سواليه نشان آهي. اهڙيون ڪيتريون ڳالهيون اسان سماج مان کڻي سگهون ٿا جيڪي مشعل راهه ٿي سگهن ٿيون.
    بحيثيت هڪ فرد ۽ دوست جي، محمددين راڄڙي ادب ۾ ايترو تڪڙو آيو جو اچڻ جو ڄڻ پتو ئي نه پيو ۽ اچڻ سان ئي پنهنجي منفرد حيثيت ۽ جاءِ ٺاهي ويٺو، جنهن ۾ سندن ڪمٽمنٽ ۽ محنت شامل آهي. هو شين کي صرف ڪتب نٿو آڻي پر انهن کي پڙهي ۽ پرجهي به ٿو جنهن عرق ريزي جي نتيجي ۾ هو ڪافي حد تائين گهرائي ۾ به پهچي ويندو آهي. پر منهنجي ڪڏهن ڪڏهن دل چوندي آهي ته راڄڙي صاحب کي روڪجي ته في الحال لکڻ کان پري رهي پر اهو به هڪڙو نقصان هوندو پر پوءِ به وسيع مطالعو، نظرين، فلسفن، تاريخ، تهذيب ۽ آرٽ جي اصل سڃاڻپ وقت وٺندي آهي جيڪي شيون محمددين جي ڪم ۾ نکار سان گڏ نواڻ به آڻينديون. وڏي ڪهاڻي لکڻ لاءِ محمد دين کي وڏو ٿيئڻو پوندو جيتوڻيڪ هو ننڍڙو ماڻهو هيئنر به نه آهي. ٻي طرف ذاتي طور سدائين دوستن لاءِ هڪيو ٻڪيو حاضر هجڻ، دوستن جو سدائين اوسيئڙو ڪندڙ ۽ محبتون ڏيڻ به سندن وٽان سکڻ جهڙيون آهن. سماجي زندگي ۾ به هو متحرڪ هوندو آهي. پَر پنهنجي ڪهاڻين جيان منفرد ۽ پيارو آهي ۽ سندن روپ به ڪهاڻين جيان سمپل آهي. پر سندس شخصيت ۾ وزن نثر کي جلا بخشي ٿو. مونکي ذاتي طور سندن نثر مان ڪهاڻين ۾ وڏو دم محسوس ٿيندو آهي ۽ ڪهاڻي سندن فطرت وٽان پڻ آهي. ڪهاڻين جي محنت جو ثمر هي پورهيو سندن پهرين پيار جي پهرين نشاني آهي ۽ پهريون پيار نه وسرڻ جهڙو هوندو آهي. اسان سمورن دوستن جو دادلو شخص شال پنهنجي علمي ادبي سفر ۾ سڦل رهي، آمين!

    ـــــ ڊاڪٽر مبارڪ علي لاشاري/سنڌ يونيورسٽي


    جديد ترقي پسند ڪهاڻيڪار جون ڪهاڻيون
    محمد دين راڄڙي سنڌي ادب ۾ جديد ڪهاڻيڪار طور سڃاتو وڃي ٿو. هن جون ڪهاڻيون عوامي ڪهاڻيون آهن. ڦاٽڪ تي مزدوري ڪندڙ پوڙهي شخص کان اڌڙوٽ ٽوٻي جي داخلي ڪرڀ ، پيڙا ، بي چيني سميت هڪ حساس آرٽسٽ جي ذهني انتشار، نفسياتي مونجهارن تي پنهنجي منفرد تُڪ تيز انداز سان وزندار ڪهاڻيون لکيون اٿس. سندس ڪهاڻين ۾ سنڌي ماڻهن جي هر درد، اهنج ، آهه جي تصوير آهي. جنهن تصوير ۾ ليکڪ انيڪ طبقن جي ڪردارن کي زبان ڏيئي سندن بي وسي، محرومي، مايوسي ۽ خوابن جون تعبيرون کسجڻ کان بک، بدحالي، زيادتي، استحصال جهڙي ڀانت ڀانت عالم ۾ هڪ وڏي رڙ ڪرڻ جو حوصلو ڏنو آهي. ۽ اها مظلوم رڙ شعوري پڙهندڙ جي دماغ جا پردا ڦاڙهي ڇڏيندي!
    تبديلي هڪ فطري عمل آهي جيڪو مسلسل ٿي رهيو آهي پوءِ تبديلي عقيدن ۾ هجي، ڪنهن نظام ۾ هجي يا ڪنهن به مٽيريل / نان مٽيريل وجود ۾ هجي. سماج کي وقت جي تيز رفتار سان تبديل ٿيڻو آهي. ۽ ان سلسلي ۾ تبديلي آڻيندڙ عنصرن ۾ آزادي ۽ آرٽ جو وڏو هٿ رهيو آهي. ليکڪ جنهن سماج جو ذميوار فرد آهي اتي به تبديلي گهربل آهي جنهن جو مثال تعليم ۽ سماج تي لکيل سندس ڪهاڻيون آهن. جيڪي منافق، ٻٽاڪي، اندر کوٽن سماجي ڀلائي جي هام هڻندڙ جي منهن تي هڪ رانڀوٽي - هڪ ڀونڊي مثل آهن. ۽ پوءِ جڏهن هُو اندر جي آئيني ۾ پنهنجو منهن ڏسندا ته سندن منهن رهڙيل، ڦٽيل ئي هوندو جنهن مان بيضميري جي پونءِ وهي رهي هوندي!
    ڪهاڻي ’’ٽوٻو‘‘ جي ڪردار ربن جي خدڪلامي ۾ بيان ڪيل احساس ڪيڏا نه ترس کائڻ جهڙا آهن ، جن کي پڙهڻ کان پوءِ خاموش ئي ٿي سگهجي ٿو يا ربن سان همدردي جي ڏيک ڪارڻ ڳلن تي ٻه ڪوسا لڙڪ لاڙي سگهجن ٿا.
    جيئن؛ جنهن جو ٿا لاش ڪڍون هر ڪو روئڻ ۽ پٽڪي ۾ پورو ٿي ويندو آهي.... پنهنجي پيارن جي لاش تي روئيندڙ ماڻهن کان ڪير پئسا گهري؟... اسين ته جڳ جهان جا لاش ڳولڻ لاءِ نه ٿا ڏسون رات نه ڏينهن، درياءَ ۾ واهن ۾ لهي ٿا پئون...... پر اسان جي اندر ۾ ڪنهن لهي ڏٺوآهي! ته اندر ۾ ڪيترين ئي خواهشن، بيوسين ۽ محرومين جا لاش ٿا لڙهن....
    ايئن ئي، جيئن؛ محمد الدين راڄڙيءَ جي ڪهاڻي ’’ٽوٻو‘‘ آبپاشي کاتي جي سهاري تڳندڙ ماڻهن جي هڪ پوري درد ڪٿا آهي. / ماڻهن جا لاش پاڻي مان ڳولي ڪڍڻ تي ٽوٻن جي گهر زندگي ساهه کڻڻ لڳندي آهي، خوشيون منهن ڏيکارڻ موٽي اينديون آهن. ايئن ئي سندس هڪ ٻئي ڪهاڻي ’’ڦاٽڪ‘‘ ڪردار ملوڪ جي خدڪلامي تي مبني آهي جنهن ۾ ماڻهن تي مختلف زاوين سان تنقيد ڪئي ويئي آهي. ٽوٻي ڪهاڻيءَ جيئن هيءَ ڪهاڻي به پنهنجي شعبي (ريلوي) سان سلهاڙيل هيٺين ملازمن جي جيون ڪهاڻي آهي. ملوڪ جي تجربي جي نگاهه ايڏي تيز آهي جو ڦاٽڪ تان گذرندڙ ماڻهن جي اندر جهاتي پائي سندس کوکلي هجڻ تائين جو اندازو لڳائي وٺندو آهي. محمد الدين جون ڪهاڻيون مظلوم، محڪوم عوام جي دردن جون تصويرون آهن، جن جي منظرعام اچڻ تي – نمائش ٿيڻ تي اسان وقت جا مدبر، عالم ، ڏاها سندس ڪردارن سان همدردي جا رسمي لفظ ئي چئي سگهون ٿا.
    مجيب اوٺوــــ قاضي احمد

    جديد ڪھاڻي جي لاءِ عام طرح اھو به ٻڌو ۽ پڙھيو آھي ته ڪھاڻي جو زوال آھي يا زوال ٿي رھيو آھي.
    ائين ھرگز ناھي، ڪھاڻي اڄ به لکجي پئي ۽ تمام جدت سان لکي وڃي پئي. اڳ جي ڀيٽ ۾ ڪھاڻي پنهنجو رُخ ضرور مٽيو آھي،جديد ڪھاڻي مختصر آھي، پر تمام پُراثر آھي. تمام ٿورڙن جملن ۾ مفھوم ۽ تت پڙھندڙ جي سامھون اچي وڃي ٿو.
    ڪيترائي نوجوان ڪھاڻيڪار موجود آھن، جيڪي پنھنجو رت ۽ست ڏيئي سنڌي ادب کي پنھنجو ادبي پورھيو ارپي رھياآھن
    اھڙن ڪھاڻي جي قلمڪارن ۾ اسانجو پيارو ساٿي سائين محمد دين راڄڙي صاحب ھڪ سٺي نقاد ھجڻ سان گڏ ھڪ بھترين ڪھاڻيڪار آھي. ھن نوجوان جو ھي جيڪو ڪھاڻين جو مجموعو اڄ اسان جي ھٿن ۾ آھي، ان مجموعي۾ جيڪي به ڪھاڻيون شامل ڪيون ويون آھن سي سڀ سندس ذاتي مشاھدي جي بنياد تي لکيل آھن. ھر ڪھاڻي ۾ جدت سان گڏوگڏ حساسيت ۽ نفاست پڙھڻ سان محسوس ٿئي ٿي. ھن پنھنجين ڪھاڻين ۾ عام مسئلن کي قلم. جي نوڪ سان ڪاغذ جي ڪينواس تي وائکو ڪيو آھي جيڪي پڙھندڙن جي سامھون آھن.
    ”پيراڊو“، جاڳر، ٽوٻو ۽ ڦاٽڪ وارو ۽ ٻيون ڪھاڻيون سندس اهڙيون ڪھاڻيون آھن، جن ۾نج ٻھراڙي جي ماحول ۽ حالتن کي فوڪس ڪيو ويو آھي. پاڻ به ڳوٺاڻي ماحول ۾ پلي جوان ٿيو آھي انڪري ھن. پنھنجين ڪھاڻين ۾ اھڙا ڪردار ڏاڍي سليقي سان پيش ڪياآھن، شايد اڳ ۾ ڪنھن ٻي ڪھاڻيڪار پنھنجي قلم جي نوڪ تي آندا ھجن.
    اسين کيس پُر اميد آھيون ھي اسانجوپيارو ساٿي جنھن حوصلي ۽ ھمت، محنت ۽ مشاھدي جي آڌار تي تيزي سان وکون کڻي رھيو آھي، کيس اھو ڏينھن پري ناھي سندس نالوآڱرين تي ڳڻڻ جيترن مشھور ڪھاڻيڪارن ۾ ڳڻيو ويندو.

    ــــ ملزم سومرو/ ڏھرڪي

    مان انسان ٿيندس جي تخليقڪار ايم ڊي راڄڙي تي لکڻ مون لاءِ وڏو اعزاز آھي، ايم ڊي راڄڙي سان منھنجو ادبي دعا سلام گذريل ڏھن سالن کان وٺي آھي. سائين ايم ڊي جي ڪھاڻين ۾ ھر ڪردار واضع بيان ٿيل آھي، جھڙي طرح ٽوٻو اسان جي معاشري ۾ ھڪ اھم ڪردار رھيو آھي ٽوٻي کي هميشه ڪو نه ڪو لاش ڪڍڻ مھل ئي گھرائبو آھي،
    ڪوڊو پسته قد واري ماڻھو جي اندر جي آتم ڪٿا آھي جنھن کي ايم ڊي سھڻي طريقي ان ڪوڊو جي درد کي بيان ڪيو آھي،
    ايم ڊي جي ڪھاڻين ۾ ڪھاڻين جو پلاٽ ۽ موضوعات جي وسعت جي اڏام بھترين ٿيل آھي
    جيتري قدر مان انسان ٿيندس ته ان لئه ڪاش اسين سڀ اندر جي ڪوٺي ۾ پاڻ کي انسان سمجھون ته سڀ مسئلا حل ٿي ويندا.

    ـــــــ جي ايم لاڙڪ ــ ڏھرڪي

    گھڻ پاڙھو
    گھٽ ڳالھائيندڙ
    سريلي طبعيت جو مالڪ
    مصلحت جو مثالي ڪردار
    بھترين ڪھاڻيڪار
    تخليق جي روح کي سمجھندڙ نقاد
    نثر جي حسن ۽ نذاڪت کي پنھنجو ڪندڙ قلمڪار
    اسان جو دوست محمد دين راڄڙي تخليقي سفر جي قافلي ۾ پنھنجي حصي جي شعور ۽ پيار سان پنھنجي سٿ سان ھمقدم آھي. توڻي جو ھي دوست عمر ۾ اسان کان گھڻو ننڍو آھي پر ھن سان ملي ائين محسوس ٿيندو آھي ڄڻ اسان بس رڳو وڏا ٿي ويا ھجون وڏ پڻو ۽ماڻھپو ھن وٽ رھجي ويو ھجي. محمد دين با ڪمال شخصيت جو مالڪ آھي،سندس طبعيت ۽ مذاج پُر ڪشش ھجي به ڇو نه جو سندس جنم سال جي پھرين پر اميد ۽ سڀاويڪ ڏينھن تي ٿيو آھي.
    ھي دوست مونکي پنھنجي پيار جي احساس جي پھرين وک جھڙو پيارو آھي. اسان ھڪٻئي جي صحبت ۾ قرب جون ڪيئي راتيون گڏ ڪٽي خلوص جا سوين سج اڀاريا آھن.
    ھن دوست جي سچائي، محنت، ايمانداري، اخلاق، سھپ ۽ ساڃاھ ڏسي ھن جي اسان ۾ موجودگي تي فخر محسوس ٿيندو آھي. ھي ماڻھو اياز جي سٽن ”ڪٿي ته ڀڃبو ٿڪ مسافر“جو عملي ڪردار آھي. سنڌي ادب لاءِ سندس ڪيل خدمتن کي سدائين محبت ۽ قدر جي نگاھ سان ڏٺو ويندو.
    ڪھاڻي ھجي يا مضمون نگاري کيس پوري اتھاس سان طوالت کي چند سٽن ۾ سھيڙڻ جو فن ڄڻ کيس ورثي ۾ مليو ھجي. سندس ڪھاڻين ۾ ڦاٽڪ واري کان وٺي ٽوٻي تائين انيڪ سماجي درد ۽ ازيتون شامل آھن. سندس ڪھاڻيون سماجي انياءَ جون چٽيون تصويرون ته آھن ئي پر ان سان گڏ انھي پيڙا ۽ ڀڃ ڊاھ جي سلجھاوَ جو گس به آھن.
    آئون ھن پيار جي پانڌيئڙي جي بھتر مستقبل جو دعاڳو آھيان.

    ــــ فدا ملڪ ــ ڏهرڪي


    ڪهاڻيون

    ٽوٻو...!

    سج جهڙين پڙين ۾ هو... سڀني سوارين جا منهن گهرن ڏانهن هُئا... هر ماڻهو ٿڪاوٽون ڪمائي گهرن ڏانهن پئي موٽيو....... ربن پنهنجي ٽوٻن جي ٽولي کان موڪلائي ڳوٺ جي اڏي ڏانهن روانو ٿيو... ڳوٺ جون سڀ سواريون نڪري چڪيون هيون.... ربن اڏي تي بيهي سواري جو انتظار ڪري ٿو... متان ڳوٺ جي ڪا گاڏي ملي وڃي.... اڄ ربن کي پتيءَ ۾ پنج سئو مِليا هُئا.... اڄ ربن پنهنجي سڪليڌي پٽ لاءِ پاپا ورتا، کيڏڻو ورتو، اٽو، سبزي.... گيهه، کنڊ پتي...... اڄ ربن سرخرو پئي ٿيڻ چاهيو..... گهر وارا ڪيڏا خوش ٿيندا، منهنجي هٿن ۾ سودو ڏسي.........! منهنجو پٽ ڪيڏوخوش ٿيندو؛ جڏهن مان ان جي هٿڙن ۾ هي ننڍڙو ٽريڪٽر ٽرالي ڏيندس.... يا الله اڄ ڪا سواري ملي شل.... نه ته پيرين پنڌ نڪري پوندس..... رات ٿي ويئي آهي..... شل ٿورو سوير پڄان ها.... پر لاش به ته پٿر ٻڌل هجڻ سبب ڪو مليو پئي ڇا.... اِها ته شابس آهي ميوي جي ساهي کي جو وڃي تري مان لاش تاري آيو....... ڳوٺ ڪيئن پڄان.....؟ پنڌ وڃان......؟
    ائين نه ٿئي جو رستي ۾ ..... ڪچي جو پنڌ آهي.... ڪا رات واردات کان خالي ناهي.... ماڻهو ڌنڌو اهڙو ڪري جو گهٽ ۾ گهٽ ٻچن ۾ ٽيم تي پُڄي.... ڪڏهن ايس.پي صاحب فيڊر تي تو کڻي وڃي ته ڪڏهن ناري تي..... جِتي لاش ٿا ڏسن.....اُتي اسان ئي وڃون ٿا..... ماڻهو خودڪشيون به پاڻي ۾ ٽپو ڏيئي ٿا ڪن... بيروزگار، پريمي، جيڪو ٿو گهران رُسي ڏي ڌو درياءَ ۾ مان اڄ کانپوءِ لاش نه ڪڍندس ..... نه سرڪار نوڪري ٿي ڏي..... نه پگهار نه وظيفو... جنهن جو ٿا لاش ڪڍون هر ڪو روئڻ ۽ پٽڪي ۾ پورو ٿي ويندو آهي.... پنهنجي پيارن جي لاش تي روئيندڙ ماڻهن کان ڪير پئسا گهري...... هر دفعي سوچيندو آن اهو ڌنڌو ڇڏي ڏيندس..... هر دفعي ڦري ويندو آن.... مهينا پراڻا بدبو دار اُهي لاش به اسان ڪڍي ڏيون... وارث به جنهن کان پري ٿي بيهن ٿا...... هردفعي لاش ڪڍڻ لاءِ درياءَ ۾ لهي پوندا آهيون .... ڪيڏا ٽوٻا ٻين جو لاش ڳوليندي ڳوليندي پاڻ لاش ٿي ويندا آهن..... اڳئين مهيني اسان جو ٽوٻو ٻڏي ويو.... جيڪو درياءَ جي بئراج وٽ کڏ آهي، ان ۾ ته ڊگهي ساهي وارا ٽوٻا به ٻڏي ويندا آهن.... انور ته اڃان سيکڙاٽ هو... ڪڏهن مان به ..... ته منهنجي ٻچن جو ڇا ٿيندو.......؟
    پر مان لاش ڪڍڻ جو ئي ڌنڌو ڇو ڪندو آن؟................. رات مسافر خاني ۾ ٽِڪي پوان ٿو..... ملان جي ٻانگ مهل ئي ڳوٺ روانو ٿيندس.......
    جڏهن ربن شهر ڏانهن واپس پئي آيو ائين پئي لڳس ڄڻ ته معصوم ٻار ٻيلي ۾ گهر جو رستو ڀُلي ويو هجي..... ڌوڙ وجهندس اهڙي ڌنڌي کي....
    اها رات ڄڻ مفلس جي زندگي جهڙي ٿي پئي هُيس........ پاسي واري جيب ۾ موبائيل فون جي گهنٽي وڄيس ٿي.....ها چاچا سواري نڪري ويئي...... مُلان جي ٻانگ مهل سکر مان نڪرندس..... ٻيو مڙيئي ڳوٺ ڏي خير سلائي نه ..... ٺيڪ آ، ٺيڪ آ....................
    ربن کي موبائيل فون ڊي.پي.او صاحب وٺي ڏنو هو....... ته جئين لاش ملڻ شرط ٽوٻن جي ٽولي جي اڳواڻ سان تڪڙو رابطي ۾ اچي سگهجي....... صاحب به هر دفعي ڏٽا ٿو ڏي..................
    چي: بالا آفيسرن کي لکيو ٿم ته ٽوٻن کي آبپاشي کاتي ۾ ٻيو نه ته پٽيوالي جيتري پگهار ڏيئي به نوڪري ڏني وڃي..........
    هر دفعي صاحب کي درخواست ڏيندا آهيون........... هر دفعي صاحب آسرو ته پڪو ڏيندو آهي.... اجهو ٿي ٽوٻن کي نوڪري ملي.... ٻوڏ ۾ به ته مهينن جا مهينا اصل او ڪشمور کون وٺي نوشهري تائين لاش اسان ئي ڪڍيا ها.............
    ربن پنڌ ڪندي ڪندي مسافر خاني تي اچي پهتو...............
    اڄ رات ڏکي سکي گذري سڀاڻي ڳوٺ وڃي راهڪي سنڀاريندس...... ڀيڻان اِها به ڪا زندگي آ......... جو ڪڏهن ڪٿي ته دربدر ٿيون ڪڏهن ڪٿي..... صاحب وارا لاش ڪڍايون..... سکڻو سلام ئي نه ٿا ڪن..... ڪم نڪتو ڊکڻ وسريو................ ڪڏهن ڪڏهن ته ڀاڙي جا پئسا به جيبون ڀري گهر پُڄندا آهيون.... پر اسين تارا ٿياسين الاهي جي ڇو؟....... اها اٽڪل الائي جي ڇو سکي سين..... الائي جو ڏات هئي... هاڻي ته اهڙا هري ويا آهيون..... جيسن لاش ڳولي ٻاهر نه ڪڍون درياءَ مان نڪرون ئي نه........... ڪهڙي اچي مصيبت ۾ ڦاٿا آهيون..... مان ته سڀاڻي صاحب کي درخواست ڏيئي ٿو وٺانس معافي.......... پاڻي جهاڳڻ ڪي سولا آهن..... ڦڦر ٿا ٻاهر نڪرن... اسين ته جڳ جهان جا لاش ڳولڻ لاءِ نه ٿا ڏسون رات نه ڏينهن، درياءَ ۾ واهن ۾ لهي ٿا پئون............ پر اسان جي اندر ۾ ڪنهن لهي ڏٺوآهي! ته اندر ۾ ڪيترين ئي خواهشن، بيوسين ۽ محرومين جا لاش ٿا لڙهن... اسان جي جيءَ ۾ ڪنهن جهاتي پاتي آهي ته اسان جي ٻارڙن جي تن تي ڪپڙا ڪونهن..... پنج سون لاءِ هڪ ٻي لاش جو انتظار ڪرڻو پوندو آهي....!!! درياءَ جا پيٽ ڇڇولڻ ڪي سولا آهن....
    پنج سئو پتي ۾ به ڪڏهن ڪڏهن ٿا اچن... ڪڏهن ته رڳو گهران ڏيئي گهر پهچون ٿا.... پر اسين لاش ڪڍون ڇو ٿا؟...................
    پر سال جيڪا گڊو وٽ هاءِ. ايس درياءَ ۾ وڃي ڪري ته بروقت .... اتي هجڻ سبب اسان جي ٽولي ڪيترن ماڻهن، معصوم ٻارن جي حياتي بچائي هئي.... مارڻ واري کان بچائڻ وارو گهڻو طاقتور آهي..... پر آخر اسين به ته انسان آهيون. ..... قياس کائي لهي ٿا پئون پاڻي ۾..... بي گندرو هوندو جيڪو ماڻهن جون دانهون ٻڌي درياءَ ۾ نه لهندو.... پر ..... سڄي حياتي ڪنهن ٺيڪو کنيو آهي.... اسان جا ٻچا به ته بک تي آهن....... ڪيئن ڪجي؟.... اڄ ننڍا، سڀاڻي وڏا مان هن هن هوائي پورهئي مان گهر جو گاڏو ڪيئن گهليندس؟........سڀاڻي ٿو ڏيان جواب صاحب کي...... سڄي ڏينهن جي ٿڪاوٽ ربن جي اکين ۾ ننڊ جا غلاف چاڙهي ڇڏيا.....
    صبح جو سوير ربن جي موبائل جي گهنٽي هن جي اک کولي ڇڏي.... ربن ڪاٿي آن؟......... موبائيل موڪليانءِ ٿو؛ ٽولي کڻائي درياءَ تي پهچ.............لاش جو اطلاع مليو آهي. ڪنهن عورت جو لاش آهي.........
    حاضر سائين توهان موبائل موڪليو......
    ربن ٽولي سُميت لاشن جي ڳولا لاءِ درياءَ ۾ گُهتي هڻي گم ٿي ويو..... لاش جا وارث ۽ پوليس ڪناري تي ئي لاش جو انتظار ڪندا رهيا..............!!


    سرڪس

    شو شروع ٿيڻ ۾ اڃان دير ھُئي. وچين ڌمال ھُئڻ سبب ماڻھن جا ڪٽڪ اچي لٿا ھا. ھر پاسي گوڙ ئي گوڙ لائوڊ اسپيڪرن جا آواز: او ڀائو ھيڏي، او ادا ھلي آ ٻه ڌڙيو ٻار... ميجڪ شو... ھيڏانھن اچو عجيب و غريب جانور...روشنيون آواز... ڪن ڏاريندڙ آواز... ماڻھو ئي ماڻھو ھڪڙا تماشبين، ٻيا تماشو. ٺڪ ٺڪ ٺڪ آ ڀائو آخري شو، ٽڪيٽ وٺو. موت جو کوھ زندگي ۽ موت جو سودو ھڪ ڪار پنج موٽر سائيڪل..... زوڪاٽ.... ٺڪ ٺڪ ٺڪ شو ختم.... اچو پرين ٽرين تي... آسمان سان ڳالھيون ڪندڙ جھولا... بازارون، دڪان، ڪلھا گس.. وَنڪوونڪي گھرن جي تهه خانن مان نڪتل ماڻھو.... جيون جي نفسانفسي کان فرار ٿيل ماڻھو... گوڙ گُھمسان ۾ وڃائجي ويل انسان.. درٻار جي احاطي ۾ دھل جي ٿاپ تي مدھوش ٿي نچندڙ ماڻھو... گوڏن ڀر وار کولي الغوزي جي مڌُر آواز ۽ جوڙي تي ڪنڌ ڌوڏيندڙ عورتون... نغارا ڌمال.... نعرا.... بيت ڏوھيڙا.... پيرين اُگھاڙا قافلا، گھرن جي ٻِرن مان نڪري ايندڙ ماڻھو... شھر جي گھٽين ۾ ماڻھن جا ريلا... ڀورا، ڪارا، قد آور، بندرا، ڄامڙا، سھڻا، ڪوجھا، پڪا پوڙھا، ڏسڻا وائسڻا ماڻھو... ڪي ڪھڙي نيت سان ته ڪي ڪھڙي خيال سان. ڪي فقير منش ته ڪي گيڙو رتا... ملنگ، مَست. ڪي ٽولن ۾، ڪي اڪيلا... تن تنھا... ڪي جوش خروش ۾ ته ڪي ھيڏي ماڻھن ھوندي ھيکلا ھيکلا... اداس نِراس..... ماڻھو جو من به ته ميلي جيڏي ماپ رکي ٿو... سرڪس جي شو ۾ وڃي وقت بچو ھو؛ رڳو چند ڪرسيون خالي ھيون..... سرڪس جو مينئجر پريشان ھو جو ڪوڏو اڄ ڪرتب ڏيکارڻ کان نابري واري بيٺو ھو.....بخار جون ٻه ٽڪيون کائڻ باوجود ڪوڏو منجھيل ھو.. ته ڪيئن ڪري سندس برقي رفتار سان حرڪت ڪندڙ بُت اڄ چيو نه پيو ڪريس.... مينئجر جي ھر ممڪن ڪوشش: ڏس ڪوڏو اسان وٽ ھاٿي، گھوڙا شينھن، ڪرتب باز ڇوڪرا ڇوڪريون الائي جو ڪيترا ائٽم آھن. پر ماڻھن کي کلائبو نه ته سڀاڻي شو ۾ ڪير ايندو؟... ماڻھو مزاح چاھين ٿا.... سماجي ڇڪتاڻ سبب ماڻھو نراش آھن، ھو چند گھڙيون مسڪرائڻ چاھن ٿا... تون ھمت ڪر.... تون ھڪ ئي ڪوڏو آھين... شو شروع ٿيڻ ۾ ڪجهه وقت وڃي بچيو آھي.... اُٿ ھمت ڪر.... سڀئي سرڪس وارا ڪوڏو جي چوڌاري مڙي اچن ٿا. ھا ڪوڏو ھمت ڪر...
    ڏس ڪوڏو مان مينئجر آھيان سڀني کان وڌيڪ پگھار کڻان ٿو.. پر منھنجو پنھنجو ڪم آھي... مان باصلاحيت آھيان. مان گھڻوڪجهه ڪري سگھان ٿو؛ پر ڪوڏو نه ٿو ٿي سگھان... ڪوڏو تون ئي آھين.. ڪوڏو چند ماڻھو ھوندا آھن... ھر ڪو ڪوڏو ناھي ھوندو....ڪرسيون ڀرجي وڃن ٿيون. ماڻھو شو شروع ڪرڻ لاءِ ھوڪرا ھڻن ٿا.....
    انائونسر: انتظار جون گھڙيون ختم، اجھو اوھان سڀني جي مرجھايل چھرن تي مرڪون وکيريندڙ اسانجي سرڪس جو مشھورِ زمانه ڪردار ايندو ڪوڏو.... ماڻھو ھڪ آواز ٿي رڙيون ڪن ٿا ڪوڏو ڪوڏو ڪوڏو ڪوڏو ڪوڏو...... اُٿ ڪوڏو شاباش اڄ ميلو ڀريل آھي، اڄ ميلي جا اوج آھن... جي اڄ شو ڪامياب نه ويو ته اڳ ئي خساري ۾ ھلندڙ سرڪس ڪنگال ٿي ويندي.... ڪجهه ڪرتب باز، جوڪر انٽري ڪري ٿا اچن تماشبين خاموشي سان ڪرتب ڏسن ٿا.... ھاٿي، گھوڙن، شينھن جا ڪرتب....ھڪ دفعو ٻيھر شور شروع ٿي وڃي ٿو ڪوڏو ڪوڏو ڪوڏو....... ڏس ڪوڏو اسان سڀني جي روزي توسان مشروط آھي..... ڪوڏو رڳو تون ھمت ڪري ھڪ انٽري ڪري آ.... ماڻھن کي تنھنجي ضرورت آھي.... ماڻھن خوش ٿيڻ لاءِ پئسا ڀريا آھن..... ڪوڏو اٿي بيھي ٿو.... ڪوڏو جي چھري تي مصنوعي نڪ لڳي وڃي ٿو.... ڪوڏو کي ماسڪ پارايو وڃي ٿو.
    ڪوڏو جو گھربل ميڪ اپ ٿي وڃي ٿو...... سرڪس جا منتظمين پردي جي پٺيان اٿي بيھي ڪوڏو جي ھمت ٻڌائڻ لاءِ تاڙيون وڄائن ٿا... ڪوڏو بخار باوجود سموريون توانايون ميڙي ھٿ لوڏيندو سرڪس جي اسٽيج تي نمودار ٿئي ٿو.... سرڪس جو پنڊال ھوڪرن سان گونجي اُٿي ٿو.....ڪوڏو جي اکين آڏو انڌار اچي وڃي ٿو.... ڪوڏو کي ھي سڄي سموري دنيا آسمان جي ڇني ھيٺان وڏي سرڪس لڳي ٿي؛ جتي ھر ماڻھو ڪوڏو آھي... ھر ڪنھن ڪو نه ڪو تماشو سِکي ورتو آھي.... ڪي ڪردار جا ڪوڏو، ته ڪي گفتار جا ڪوڏو... ته ڪي ڪرتب باز ڪوڏو...ڪوڏو ڪرتب ڏيکاري... ماڻھو کلائي ساڻو ٿي سھڪي پردي پٺيان موٽي اچي ٿو.... سڀئي ڪوڏو جي پٺي ٺپين ٿا.... شاباس ڪوڏو.. مينيجر ڪوڏو کي ڀاڪر پائي ٿو.... ڪوڏو کي قدآور مينيجر دماغ جو ڪوڏو لڳي ٿو.... ڪوڏو کي پاڻي پياري ٻيھر انٽري لاءِ قائل ڪيو وڃي ٿو.... ڏس ڪوڏو بس رڳو ھڪ دفعو.... ڪوڏو سوچي ٿو ڪيترو مشڪل آھي؛ ڪوڏو ٿيڻ.... تماشو بڻجڻ...پاڻ روئي ماڻھو کلائڻ... شايد اسان مان ھر ماڻھو ڪوڏو آھي ڪو سرڪس جو ڪوڏو... ته ڪو ٻاھر جو ڪوڏو..... ته ڪو اندر جو ڪوڏو...استاد ڪوڏو جي انٽري..... ڪوڏو تيار ٿي.... بس تنھنجا ٻه آئٽم... اعلان ٿئي ٿو ھڪ دفعو ٻيھر اوھان کي کلائي کلائي کيرو ڪندڙ ڪردار ڪوڏو، ڪوڏو... ڪوڏو سرڪس جو پردو چيري ٻيھر تماشائين آڏو اسٽيج تي گھڙي اچي ٿو.... تماشبين سيٽيون وڄائي ڪوڏو جو استقبال ڪن ٿا. ڪوڏو ابتا سبتا مختلف ڪرتب ڏيکاري فنڪاريون ڪري ٿو.... ڪڏھن ڪھڙي حرڪت ته ڪڏھن ڪھڙو ڪرتب.... ڪوڏو جي واھ واھ ٿي وڃي ٿي..... سڀئي تماشائي ڪوڏو کي پاڻ جھڙا ڄامڙا لڳن ٿا.... ڪي مجبور ته ڪي مشھور...... ڪوڏو ھٿ لوڏيندو اسٽيج جوڪر حوالي ڪري پردي جي پٺيان موٽي اچي ٿو.....مينيجر:
    شاباس ڪوڏو.... اڙي بابا ڪوڏو کي چانهه پيارو.... ڏس نه ڪوڏو ھن تماشبين دنيا کي اِنگيج رکڻو ھوندو آھي.... پيٽ وڏو پاپي آھي ڪوڏو...انھي پيٽ جو کَڏو ڀرڻ لاءِ ماڻھو ڪوئلي جي کاڻين ۾ گھڙي ويندا آھن.. گٽرن ۾ لھي پوندا آھن.... ۽ ٻوساٽجي مري ويندا آھن... ٻچا پالڻ لاءِ ماڻھو سمنڊن ۾ ترورا ترورا ٿي نظرن کان اوجھل ٿي ويندا آھن ۽ ڪڏھن ناھن موٽندا......
    انائونسمينٽ ٿئي ٿي... کلڻ لاءِ تيار ٿيو.... توھانجي خدمت ۾ ڪوڏو اسانجي سرڪس جي جان ڪوڏو.... ڪوڏو ڳوڙھا ٽمائيندو اسٽيج تي ڊڪندو اچي ٿو....ماڻھن جا ھوڪرا.... ڪوڏو، ڪوڏو، ڪوڏو ڪوڏو رسي تي چڙھي بابو جيان سگريٽ پي ڏيکاري ٿو، ننڍڙي گھوڙي تي چڙھي ڪيئي حرڪتون ڪري ٿو.... مائيڪ وٺي اداڪارن، پکين، سياستدانن جي نقل ڪري ماڻھو کلائي ٿو..... آخر ۾ ماڻھن کان موڪلائي پردي طرف ايئن پٺيرو موٽي ٿو جيئن ماڻھو درگاھن جي درن تان پُٺيرا موٽندا آھن پردو ڪري پوي ٿو...شو پورو ٿيو جو اعلان ٿئي ٿو... ڪوڏو لاءِ پردي جي پٺيان ۽ پردي جي اڳيان بي شمار تاڙيون وڄن ٿيون.... ڪوڏو مينيجر جي ٻانھن ۾ ساڻو ٿي ڪري پئي ٿو.... استاد اسان جو آخري شو قبول پئي جا لفظ چئي... سالن جو ٿڪ ڀڃڻ لاءِ هميشه جي لاءِ سُمھي پوي ٿو.........!!


    جاڳر...

    باهه جي مچ جي چوڌاري ڪي ماڻهو ڪانڀ ڪڍي ويٺا هئا ته ڪي پلٿي ماريون، گهر جي ڪشادي اڱڻ تي الغوزه جي سُريلي آواز تي ڪيترن ئي ائين پئي ڪنڌ لوڏيا جيئن هلڪي هوا ۾ سج مُکي جا ٻوٽا لوڏيندا آهن. آچر، جمعي جي ڪن ۾ سرٻاٽ ڪيو ته: ”ٿڌ ۾ آواز پري تائين ويندو آهي“. پاڙي جون پوڙهيون عورتون پنهنجي ڌيئرن، پٽن ، گهرن، جنن ڀوتن، بيروزگارين، تنگدستين، قسمت جي خرابين کانسواءِ الاهي ڪهڙا ڪهڙا سوال ذهن جي پلو ۾ ٻڌي اچي مڙيون، هڪ عورت ٻي عورت سان ڀُڻڪي ادي مڙهو گوڏن کان ويهي رهيو آهي. اکين کان به گهٻرو گهر ۾ هڪ نه ٻي ڇڏي ئي نٿي ...“ڪاٺي” کان “سوال” ڪندم ته ڪنهن دشمن تعويذ ته ناهن ڪرايا.... ادي مائٽن تي ڪهڙو ڀروسو.... ها ادي توبهه ڪيو... اڄ ڪلهه ته ماڻهو هروڀرو دشمني تي لهي ايندا آهن... الغوزه سان گڏهاڻي ڏارم ڀوپي سان گڏ آيل هڪ چيلي عورت ۽ “جوڙي” واري جوڙي جي به الغوزه سان سنگت ڪرائيندي سُريلي جوڙي وڃائڻ شروع ڪئي... باهه جي مچ جي سامهون... الهڏني جي جوان ڌي ملوڪان مٿي تي ڪپڙو وجهي، ڪنڌ زمين ۾ جُهڪائي تماشو بڻجي ويٺل هئي.... ملوڪان کي دماغي دورا پوندا هئا، ڊاڪٽرن ”هسٽيريا“ جي نشاندهي ڪري مسلسل علاج هلائڻ ۽ نياڻي جي جلد از جلد شادي ڪرائڻ جو مشورو ڏنو هو...... ملوڪان جي سنڱ تي گوڙ هو....... ڳوٺ جي ماڻهن اچي الهڏني کي ٽپن تي کنيو... بابا ڊاڪٽرن کي ڀلا ”حساب“ جي ڪهڙي خبر... انهن کي ته رڳو ايندي آ سُئي هڻڻ .... پئسا ڦرڻ... ملوڪان جي ڪتاب ڪڍائي ... جي جنن جو اثر نه نڪري ته منهنجي ........ مُٽ سان ڪوڙجان پر سال.. پاروچن ۾ ڏارم ڀوپو پنجن، ڇهن ذائفن جي جنن کي ڪُٽي ناڙ ڪري اصل ڪُڪڙ ڪري ڪڍي ڏنائين .... ماين جو رنڀون هيون.... ڪُڪڙو ڪو ڪُڪڙو ڪو... ڪندا جن ويا ڀڄندا...
    اڄ آخرڪار جاڳر جو بندوبست ڪري مچ ٻاريو ويو...جڏهن سڀ ماڻهو اچي مچ جي چوڌاري ويٺا... ته ڏارم ڏونگي مچ ۾ وجهندي ... تيل جي بوتل منهن تي چاڙهي... اڌ کن بوتل ڳڙڪائي.....جيئن ئي واندو ٿيو... ته سندس گڏ آيل مائي اٿي بيٺي ... بابا پيران پير جو پيٽو ڪڍو مچ جي چوڌاري پوءِ جيڪو ٻاهر جيڪو اندر.. ڏارم چوڙي جنن کي به گيسي ڪرائي ڇڏي ... وچ ۾ ڪير نه ڳالهائي ... جنهن مهل ”فقير“ خوشي ڪندو... پوءِ ڀلي جنهن جو جيڪو سوال هجي پُڇي... ائين چئي جئين ئي چيلي ويٺي.....
    ڏارم پڙهائي شروع ڪئي.... ته الغوزه ۽ جوڙي واري فقيرن ساز بند ڪيا....الاهي ڇا جو ڇا پئي پڙهيائين.... آخر ۾ استادي، استاد جمعي فقير جي... چئي، ها بابا الله ڏنا... ڪيون الا توهار......
    جي سائين؛
    الغوزه ۽ جوڙي جي رون رون ٻيهر شروع ٿي ويئي.......
    ها فقير ...... کُل ڪر، ڪهڙي قبيلي جو آن..... هندو آن مسلمان آن... ڪاٺيءَ جو ڪهڙو قصور آهي... ڪاٺي کي ڪٿان قابو ڪيو اٿئي.... خوشي ڪر فقير، خوشي ڪر، شڪ شرم نه ڪر.... ملوڪان مندر جي مورتي جيان بت بڻيل رهي....
    ها فقير.... اڄ خوشي جو ڏينهن ٿي.... کُل ڪر... کيڏ.... ظاهر ٿي... ڪاٺي جي ڪيئن جان آجي ڪندين..... ڪهڙي پير کي مڃندو آن، ڪهڙي پير جو مريد آن .... جنهن درٻار تي چئو توکي چڪر لڳايون ... قلندر شهباز ، ڀٽائي، سچل سرمست، شاهه گاجي... حاجن شاهه حضوري... جنهن تي حڪم ڪر..... ملوڪان جي اکين احتجاج ڪندي نير وهائڻ شروع ڪيا....
    عورتن ۾ سُس پُس شروع ٿي....... چوڙو جن آ.... جان گُهٽي کڙو ٿس.... مشڪل کيڏي ... ظاهر ڪون ٿيندو ..... نه نه کيڏندو....
    ڏارم: اڙي تلهڙ کڻي ڏيو آ مونکي... لڳي ٿو ”فقير“ پيار ۾ نه مڃيندو.
    ها فقير ڪر بسم الله
    الغوزه ۽ جوڙي واري فقيرن سازن تي زور ڏنو....
    ملوڪان ڍنڍڪار ڏيئي روئڻ شروع ڪيو.... ملوڪان جي ماءُ جي دل جو کڙڪو وڌي ويو....
    ڏارم ملوڪان جي پٺي تي لڪڙن جو وسڪارو لائي ڏنو.....
    معصوم نياڻي جون جيڏيون دانهون هيون اوتريون نڪري ويون.... جي مرد هجي ها ته ڀڄي وڃي ها.....
    ملوڪان جو پيءَ چاهيندي به ڀوپي جو هٿ روڪي نه سگهيو.....
    هڪ مائٽ ڪن ۾ چيس: الهڏنا متان ڪجهه چئين ڏارم جلالي ۾ آ..... هي ڪاري جادو ۽ چلن جي ڪڙيل ڀوپن جي آهه هڪ هڪاڻ هوندي آ.... “حساب” سڌي نه ڪندو ته سختي ٿيندي....جهٽ گهڙي دل جهلي ويهه... فقير زبان کول... نه ته مون ديو قابو ڪيا آهن.
    هڪ مائي ڳالهايو.... ابا (ڪاٺي) کان پڇو ته سَهي فقير آ، ڪي ملوڪان آ........... مار مهل جن ڪاٺي جي جان مان نڪري ويندا آهن....
    مائي تون چپ ڪري ويهه .... مان سڀ مَڪر سُڃاڻان ٿو..... اڙي وجهو شِيخ باهه ۾، جنهن مهل تپي ڳاڙهي ٿئي ته ڏيانس ٿو ڏنڀ، ڏنڀ جو نالو ٻڌندي ئي ملوڪان جا ڇرڪ نڪري ويا...
    شيخ باهه ۾ وڌي ويئي.....
    ڏارم، ملوڪان جي وارن ۾ هٿ وجهي.... وار ڇڪڻ لڳو....
    هڪ مائي، ٻي کي ”چوٽ پڪڙي ٿس“... چوڙها جن به چوٽ جا ڪولا هوندا آهن....
    ڏارم ملوڪان جي وارن کان وٺي ڌنڌوڙي ٿو.......
    سڌي ڪندين يا نه.... کُل ، ڳالهائي ته ڪاٺي جي جان مان ڪيئن نڪرندين.....؟
    ملوڪان رڙيون ڪري روئڻ لڳي.... منهنجي جان ڇڏيو..... مان ملوڪان آهيان..... خدا جي واسطي منهنجي جان ڇڏيو.....
    وري مَڪر.....
    ڏارم ٻي هٿ سان ... ملوڪان جي پٺي تي لڪڙ وسائي ٿو......
    اڙي ڪڍي ڏيو آن شيخ .... ته ڏيانس ڏنڀ......
    ملوڪان جي بت مان خوف وچان سرڙيٽون نڪري ٿيون وڃن......
    ملوڪان ڏارم کان ڇڏائي ڀڄڻ جي ڪندي آهي ته پويان ويٺل مرد پڪڙي ويهاري ٿا ڇڏينس.... ملوڪان...... رڙيون، دانهون ڪري چئي ٿي ته مون کي جن نه آهن مان... هاڻي ٺيڪ آهيان....
    مونکي ڪا بيماري ناهي..... خدا جي واسطي مونکي ڇڏيو
    ڏارم جيئن ئي باهه ۾ ڳاڙهي ٿيل شِيخ هٿ ۾ کڻي ٿو.... ملوڪان..... اُڀ ڏاريندڙ رڙيون ڪندي ... بوکلائجي ٿي وڃي... پنهنجا سڀ مائٽ، ماءُ، پيءُ عورتن کي دشمن سمجهي ٿي.... اهڙي ذلت، ۽ پيڙاءُ کان بيزار ٿي.. سڀني جا هٿ ڇڏائي.... باهه جي وڏي مچ ۾ منهن ڀر وڃي ڪري ٿي سڀ اُٿي پون ٿا... اڙي ڇوڪري کي کڻو باهه مان... اُٿو وارو ڪيو... اٿو ڙي .....کڻو.....کڻو.... وٺو....کڻوس مٿي...... وارو ڪيو.... اڙي........... اڙي اڙي وارو ڪيو، وارو ڪيو......اڙي ....................................................................................
    فقير: جن کي چئبو آهي
    ڪاٺي: مخصوص ٻولي ۾ جن ورتل ناري/عورت کي ڪاٺي چيو وڃي ٿو.
    جاڳر: رات جو عاملن، ڀوپن پاران جن ڪڍڻ لاءِ ٻاريل مچ ۽ ماحول
    حساب: مخصوص ٻولي ۾ جنن جي اثر کي چئبو آهي
    ڪتاب ڪڍائڻ: تعويز ڏيندڙ ماڻهن وٽ موجود هڪ ڪتاب جنهن تي متاثر جو هٿ رکائي بيماري تشخيص ڪئي وڃي
    چوٽ پڪڙڻ: وارن جي چوٽي پڪڙڻ


    ڦاٽڪ

    ڦاٽڪ جا در کوليندي، بند ڪندي ڪيتريون ريلون ٽپايون اٿم.... هاڻي ته منهنجي جيون جي ڪويل پير ريل جي ڄڻ منزل اچڻ واري آهي، هاڻي پاڻي پونئين ٻاري ۾ آهي.... اجهو ٿو ڏيئو گل ٿئي.... ملوڪ ڦاٽڪ واري اندر جَاري ۾ ڦاٽڪ تي گهاريل زندگي جي اڻ کٽ بهارن ۽ ساروڻين جي ڏيئن کي پئي جرڪايو.... رات جي ريل باک جي ٽيشڻ تي رسڻ واري هئي...... سج اڃان ننڊ ۾ هو..... عصر ويل مينهن ڪڻين گلن، فصلن، وڻن کي غسل ڪرايو هو.... ڪڪرن جي ڍال اچڻ سبب تارن پردي پٺيان پئي فطرت جو درشن ڪيو..... چنڊ ڪنهن ڪنهن مهل بادلن جي وٿي مان جهاتي پئي پاتي.... ٿڌڙي هوا جي جهوٽن ۾ پنن هڪ ٻئي سان ڀاڪر پئي پاتا.... ۽ چوڏس ڪڻڪ جي سنهري فصلن منجهه سائي چُهت وڻن جا منظر ڌنڌيل ڌنڌيل پئي ڀاسيا.... آکيرن ۾ ڦڙٽوت پئجي چڪي هئي...... پکي ماڻهن کان پهرين جاڳي ڌڻي کي ٻئي ٻاجهايو ۽ ٻچا پئي ساريا.... سندن چِرڙاٽ شڪراني جا نغارا پئي ڀاسيا.... اذان ۽ پري کان ريل جا اُڌماٽ ملوڪ ڦاٽڪ جي ڀت تان سائي ۽ ڳاڙهي لاليٽن هيٺ لاهي اچي ٻن کٽن جيتري ڪوٺي جي ڪنڊ ۾ رکيون.... ۽ سائي جهنڊي کڻي ڦاٽڪ در وٽ بيٺو..... ڪُو..........! ڇِڪ ڇِڪ ڇِڪ ڇِڪ .... اک ڇنڀ ۾ نان اسٽاپ ريل مٽجندي.... ڦاٽڪ کان ڪجهه پرڀرو موڙ وٽ ڪُٻي ٿيندي.... اکين اڳيان سگريٽ جي دونهين جيان اوجهل ٿي ويئي ..... ۽ ڪجهه گهڙين کانپوءِ سج به اک ڪڍي.... ملوڪ ڦاٽڪ واري ڦاٽڪ جا ٻئي در کولي ڄڻ شهر کلڻ جو اعلان ڪيو..... ماڻهو جاڳيا، معنيٰ گوڙ جاڳيو.... ڦاٽڪ ڳوٺن ۽ شهر جو بارڊر ٿيندي آهي.... ملوڪ کير واري کان ڏهن رپين جو کير وٺي چانهه ڪاڙهي.... ۽ سُرڪيون ڀريندي چي: ڇا ته ريلوي جو ماضي هو انگريز هيٺين ملازم جو ڪيڏو خيال رکندا ها.... سياري ۾ گرم ڪوٽ، ٽوپ، بوٽ، وردي..... ڦاٽڪ سان منسلڪ ڦاٽڪ واري لاءِ ڪوارٽر، جنهن ۾ ڪمرو، ورانڊو، اڱڻ، اندر وڻ پوکيل، غسل خانو ۽ سياري ۾ سردي کي شڪست ڏيڻ لاءِ آتشدان... ڦاٽڪ واري جو ڪوارٽر ڇا هوندو هو.... ڄڻ ته بنگلو.... اڄڪلهه ڦاٽڪ ڪوارٽرن جي تباهه حالي ڏسي ائين لڳندو آ..... ڄڻ ته آفيسرن ۽ رياست جو ضمير ۽ احساس ريل جي ڦيٿي هيٺان اچي چيڀاٽجي ويا آهن...... اڄڪلهه ڦاٽڪ تي نوڪري ڪرڻ ٻيڻو عذاب آهي.... نه بجلي جي سهولت، نه پاڻي، نه رهائش، نه ماني، نه چانهه، ويران علائقن جي ڦاٽڪن تي ته ويچارو ڦاٽڪ وارو ڪڏهن ڪڏهن بک تي به سمهي گذاري.... گرمي، سردي، مينهن، مڇر، طوفان، خوف، اڪيلائي..... نه تحافظ، نه..... ٻين جا در کولي کولي ڄڻ پنهنجا در ٻيڪڙي ڇڏيا آهن.... نوجوان نياڻين جي شادي... ٻارڙن جي تعليم، مهانگائي جو مانگر مڇ.... ڇا ٿو ٿئي ٻارنهن، سورنهن هزارن مان پر ڇا ڪجي جيون جي ريل گاڏي جو گهيلڻي آ...... اٺ ڪلاڪ جي پگهار ۾ ٻارنهن ڪلاڪن جي نوڪري. هڪ پوري پِني پگهار ان مان وري هزار روپيو بيٽ آفيسر ڪاٽيو وڃي آفيسر جو پيٽ به ڦاٽڪ جي ڪڇ ۾ دُٻي جيترو آهي، ٽئين گريڊ جي نوڪري. سفر فري .. ڪهڙو اسان غريب ماڻهو سياح آهيون...... جو وتندا سين گهمندا..... ميڊيڪل فري ريلوي جي اسپتال سکر يا........... ڪير ٿو پهچي سواءِ اجگر بيمارين جي اڪثر ماڻهو ڪاوڙيا ٿا اچن ڦاٽڪ واري تي...... ٽرين مهل در نه کول ته ماڻهو گارين تي لهي ٿا اچن، جي کول ته نوڪري تيل...... هر ماڻهو کي الاءِ جي ڇا جي تڪڙ آهي؟..... اسان کي هر دم ريل جو انتظار..... اڳئي ته ڏينهن رات ڪيڏيون ريلون مٽجنديون هيون.... هاڻي ته رڳو رات جو ريلن جي رش هوندي آهي..... ڪي ريلون طوفان جيان تيز ته اڪثر پوڙهيون ٿي چڪيون آهن. ڊگ .. ڊگ .. ڊگ .. ڪري ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڏٻري ڏاند جيان پِڙ ڪڍي بيهجيو رهن..... گهٽ اجرت ۾ ڪيڏو ڪم آهي..... نه ڏينهن جو سڪون نه رات جي راحت.... ننڊ مهل به اندر ۾ ريلن جا ڪوڪاٽ ۽ ڇرڪ هر دم اندر ۾ ريل اچڻ جو الڪو جاڳي ٿو، متان ريل اچي وڃي ..... ! هر دم حاضر دماغ رهڻو ٿو پوي..... ڪنهن مهل مال گاڏي، ڪنهن مهل تيل گاڏي ته ڪنهن مهل مسافر گاڏي ڪي تيز ته ڪي ڍريون........بند جي پٽرين جيان اندر ۾ پڻ ريل پٽڙيون وڇايل آهن جتان ڪيئي بدسلوڪ روين ڀوڳنائن، پيڙائن، بيوسين، محرومين ۽ ڪنهن مهل خوشين جون ريلون مٽبيون آهن پر پٽڙين جيان نه ٿِڙيا آهيون نه مُڙيا آهيون...... بس حدِ نگاهه تائين سڌا وڇايل آهيون....... ۽ ريل جي رياست جو لنگهه آهيون...... نوڪري تي چڙهڻ کانپوءِ گهر ۾ ڪهڙي به هنگامي صورتحال ٿئي نوڪري تان ناهي لهڻو.... ڀلي ڪو پيارو گذاري وڃي..... اسان ڦاٽڪ جي درن سان ڳچي لڳي پار ٿا ڪڍون ۽ پٽڙين سان ٿا ڏک ونڊيون.... جيستائين وڃي ساٿي پهچي.........
    ڪيڏي نه اوپرائپ آهي ماڻهن ۾، نفسا نفسي ڇڪتاڻ، افراتفري....... هر ماڻهو وائڙو وائڙو آهي، هر مسافر وائڙو آهي، هر ڪنهن جو ڌيان اڻ کٽ ورهايل آهي... ڪيترا ماڻهو ٽپندا آهن ڪي ڪي خوش باقي اڪثر ورهايل.... پريشان....... ڪير ٿو پڇي اسان جو حال ماڻهو ته پنهنجو پاڻ کي به وساري ويٺا آهن ........ وڃايل وجود ڪارن ۾، موٽر سائيڪلن تي، گاڏين تي پنهنجا بت سينگاري رڳو ٿا ڀرم بچائن.... زنده مجسما..... هر ماڻهو ڪوئا ڊوڙ ۾ آهي اکٽ بيچين، بيسود ڀاڄ..... ماڻهو لڳي ٿو قبر جي گور ۾ ئي ساهه پٽيندا..... الاءِ جي ڇو سڀ ڊوڙن ٿا.... ماڻهن جا اندر ريل جي انجڻ جهڙا ساڻا ٿي پيا آهن سندن حياتي جي ريل دٻي ۾ قرب، خوشي، سڪون، تعاون، مهذپڻي، اخلاق، باهمي تعاون ۽ تهذيب جون دريون ٻيڪڙيل آهن ۽ روحانيت جا گاڏا ڪنهن ويران اسٽيشن ۾ ڍڪجي پيا آهن ... ريل جي اوج سان گڏ ماڻهن جا معيار ۽ قدر به ڏيوالپڻي جو شڪار ٿي پيا آهن.... ماڻهن جي اندر ۾ رڃ ٿر جي ڏڪار جيان ڪاهي آئي آهي نه ماڻهو اپ ۾ خوش آهن ۽ نه ڊائون ۾... ماڻهو الاءِ جي ڇو ريل جي دٻن جيان ترتيب ۾، اتحاد ۽ ايڪي ۾ نٿا هلن ۽ هر ڪو انجڻ ٿيئڻ ٿو چاهي...!!
    هر ڪو ٽرين ٿي ڳاهڻ ٿو چاهي، ڪو ريل پٽڙيون به ٿئي!! آءُ ته ٻن رستن جي وچ ۾ آهيان هڪ روڊ رستو ٻيو ريل رستو... رستن جو انت ٿئي ٿو- پٽڙيون به دم پٽن ٿيون جي نٿا کٽن رستا ته انساني خواهشن جا، لالچن جا، بيواجبين، اٽڪلن، چالبازين، ٻين کي بيوقوف بڻائڻ جا، مادي ترقي جا ۽ ڪاٽڪاڻين جا... هر ڪو ٿو ريلون ڀڄائي..، هر ڪو ٿو پاڻ کي ٿڪائي ساڻو ڪري، هر ڪنهن وٽ سائي بتي آهي... دل ٿي چاهي ماڻهن جي بيچيني جي ڀريل ريل گاڏي کي ڳاڙهي جهنڊي ڏيکاري بيهاري ڇڏيان ۽ برابري، چين سڪون، انصاف ۽ پيار سيکاريان..... الاءِ جي ڇو سماج به ٽرين جيان ورهايل آهي... ڪو ايڪانامي درجو، ڪو بزنس ڪلاس، ڪو اي.سي ڪلاس... ڪي ته دروازن، رستن، ليٽرين، ڇتين تي لٽڪليل مسافر... هميشه ڌڪن، ٿاٻن ۾، پيرن ۾، ڌڪار ۽ ٿوڻن ۾ انهن لاءِ ته ريل جو فرش ئي وڏي نعمت آ ڄڻ... هر ماڻهو جي اندر ۾ طويل پٽڙين جو ڄار وڇايل آهي جتي هو بنا ڪنهن وقفي جي مختلف سوچ جون ٽرينون ٿا ڊروڙائن ... ڦاٽڪ تان گذرندڙ سون چهرن تي اهو تاثر چٽريل هوندو آهي ته ماڻهو شهر پيڙاءُ جو سودو ڪرڻ ايندا آهن پر اڪثر ماڻهن جي ميلن مان دڪانن جي ٻيلن مان مايوس ٿي ڳوٺ موٽندا آهن... ماڻهو پٽڙين هيٺان ويڇايل ڪاٺي ڦٽن جيان ڳري رهيا آهن... ڇيتيون ٿي رهيا آهن... منهنجي وس ۾ هجي ته ڦاٽڪ در کي اذيت- ڇاڻي ڪيان ها ۽ ريل جيتري ڪوڪ ڪري ماڻهن کي سڄاڳ ڪيان ها... اڪثر ماڻهو ريل دٻي جيترا آهن؛ ڪو ڪو ريل جيڏو آهي ماڻهن پٽڙين جيان طويل ڄميل ۽ صابرين الاءِ جي ڇو ڪونهن جِنهن کي وزني ريل جا ڦيٿا به لتاڙين ته روڊ رستي ايندڙ هزارين سواريون به ...
    ڊي وارو ساٿي به الاءِ جي اڄ ڇو ڪونه پهتو آهي .... نه اطلاع ڪيو اٿس.... شام ٿيڻ تي آهي.... سج جو ڳاڙهو گولو پوڙهي نم جي وڻ پٺيان موڪلائي رهيو آهي تڪليف باوجود ڪيڏو انس ٿي ويو آهي ڦاٽڪ گيٽن سان.... پٽڙين سان.... ريل سان.... پنهنجي ننڍڙي ڪوٺي سان.... ريل ۾ گذرندڙ هٿ لوڏيندڙ ماڻهن سان.... معصوم خوبصورت مسافرن سان.... ريل درين مان نهاريندڙ انسانن سان..... ڄڻ ته منهنجو وجود به ريل ۾ پيوست ٿي ويو آهي ۽ حياتي مسافري ٿي پئي آهي.....!


    اندر ٿو سڏي مونکي...!

    جون جي ٽاڪ منجهند پکين کي وڻن تي ويهڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو هيو.... سج ڄڻ باهه وسائي رهيو هو، ڪالوني جون گهٽيون ويران هيون. احمد صاحب جي فيملي پيڪن هجڻ ڪري پنجن ڪمرن جي گهر ۾ اڪيلو هو.... ويتر آچر جو ڏينهن گهر ۾ ڪنهن مهل ڪتاب ته ڪنهن مهل اخبار پئي پڙهيائين......... ته ڪنهن مهل ٽي وي تي مختلف چئنل ڏسي دل پئي وندرايائين.... اڄ عجيب بوريت آهي.... گهر جي دري جو کولي ته ٻاهر سانت ئي سانت پکي پکڻ جيءَ بچائي آکيري ڀيڙا ٿي چڪا هئا.... پل لاءِ منهن ۾ ڀڻڪيو؛ الله تنهنجا لک شڪر آهن جو اهڙي ڪاڙهي ۾ اي. سي. جي ٿڌڙي هير پيو وٺان.... دل چيس ته ڪار ڪڍي ڪنهن دوست سان ملڻ هليو وڃان.... يا ان ڪاڙهي جهڙي گرمي تي ڪهاڻي لکان.... يا ڀٽائي جو سرسسئي پڙهان.... ڪنهن ڪنهن مهل خيال پئي آيس ته ان موتمار بوريت کي هارائڻ لاءِ آرام جي ٽيبليٽ وٺي شام تائين سمهي پوان.... فرج مان پاڻي جو ٿڌو گلاس ڪڍي پيتائين. اڄ ماسي به ناهي آئي جو چانهه ٺاهي ڏي.... ماڻهو اڪيلائي پسند..... تنهائي پسند الائي جي ڪيئن هوندا آهن..... تنهائي ته پاڻ سان ويڙهه جو ٻيو نالو آهي..... ماڻهو واقعي ئي اڪيلائي نٿو ڀوڳي سگهي... سوچيائين موبائيل کڻي ڪنهن ويجهي دوست سان ڊگهي ڪچهري ڪيان..... پر سڀ ستا پيا هوندا..... ايتري ۾ درکڙڪيس..... در کوليائين.... ماسي جي ڌيءُ مهران هئي... جوان جماڻ... سادڙن ڪپڙن ۾ پئي بکي.... ڏسڻي ويسڻي خوبصورت خدو خال.... بيگم صاحبه ڪونهي ڇا صاحب.....؟
    نه اها ته پيڪن ڏانهن ويل آهي.... ماسي ڪٿي آهي؟
    امان کي بخار آهي صاحب.... ان ڪري مونکي مُڪو اٿس ته...... اوهان کي ماني پچائي ڏيان..... مهران جي چهري تي بي اعتمادي جا اولڙا واضح نظر اچڻ لڳا.... اندر جي وهم ۽ وسوسن سبب ڳالهائڻ مهل پئي هٻڪي ۽ حياءَ وچان ويئي پئي لال ٿيندي...... مهران جي ماءُ ملوڪان سالن کان صاحب جي ڪوارٽر نما بنگلي تي ڪم ڪندي هئي ۽ ملوڪان جو مڙس جمعو احمد صاحب جو مالهي هيو.... احمد صاحب مهران جي حالت کي سمجهندي، ٺيڪ آهي تون ڪچن ۾ وڃ ۽ فرج مان کاڌو ڪڍي گرم ڪري ڏئي.
    مهران جيئن جو ڪچن ۾ ويئي احمد صاحب جي دل جي ڌڙڪن تيز ٿي ويئي..... پنهنجي اڪيلائي جو سامان محسوس ٿيڻ لڳس مهران....... واهه جو جواني جو رنگ اٿس.
    ڇو نه..................!
    بي چيني ويتر ويس وڻ ٿيندي....... غريب آ ته پوءِ ڇا هي..... عزت.... دنيا ۾ ڪير غريب آهي؟..... ڌيءَ جيتري آهي پر ڌيءَ ته ناهي نه......... سيڪس پنهنجي وس ۾ ٿورو آهي.... ڪير ٿو ڪنٽرول ڪري سگهي... پنهنجي سڄي بوريت هڪ ڌڪ ۾ ........ نه........... ها........... عجيب ٻڏ تر......... سالن جو اعتماد.......... اها ڳالهه هڪ باشعور پڙهئي لکئي...... آفيسر ........ اديب ماڻهو کي نه جڳائي......... پر اڄڪلهه جي زماني ۾ ڪير شريف آهي....... دنيا جا وڏا نالا، اديب، دانشور به ته...................
    دل جي رفتار ويس تيز ٿيندي............ ڌڪ ........ ڌڪ........ڌ چپ خشڪ ٿيڻ لڳس... ائين به خواهش کي دٻائڻ نه گهرجي.... خواهش جي طوفان هِن جي شرافت جا ڏيئا اجهائڻ شروع ڪيا.......... ماني صاحب......... هون.......... ها.....ها اِتي رک.........
    مهران ماني ٽيبل تي رکڻ لاءِ جئين جو جُهڪي....... ان جي بدن جي ور وڪڙن احمد صاحب جي اندر ۾ وڍ وجهڻ شروع ڪيا..... مهران جي منهن تي لٽڪندڙ وارن جي لٽ هن جي شرافت کي لٽڻ لڳي.... ايتري ۾ مهران ڪچن مان ڪجهه کڻڻ لاءِ واپس هلي ويئي.....
    احمد صاحب هٿ ڌوئڻ لاءِ آئيني جي سامهون اچي بيٺو... پنهنجي انسانيت جي ڳالهين. انسانيت پرستي ۽ ادب ڄڻ ته آئيني جي شڪل ڌاري ورتي هئي.... ڄڻ آئينو چئي رهيو هيس... اهو تنهنجي قول ۽ فعل جو تضاد آهي.... واپس صوفي تي اچي ويٺو........ بدن تپي باهه ٿي ويس.....
    مهران: صاحب چانهه ٺاهيان؟
    هان ...... ها..... ٺاهه......... دل ۾ طوفان اٿڻ لڳس.....
    ٻانهن کان وٺي گڏ ويهاريانس ها.......
    يا ڪچن ۾ هليو وڃان... جوان جماڻ آهي انڪار ڪو نه ڪندي ڪچن ۾ وڃان... نه وڃان.... ها نه ......... نه ها............ ڪچن ۾ وڃڻ لاءِ صوفي تان اٿي بيٺو...........
    ائين لڳس ڪمري ۾ وڃ..... نه وڃ....... وڃ نه وڃ .... وڃ ........ جا آواز گونجي رهيا هيا.....
    ڪچن طرف وزني قدمن سان وڌڻ لڳو.... ڪچن تائين پهچڻ لاءِ ڄڻ واري جو پنڌ هو..... آهسته آهسته اچي ڪچن جي دروازي تي پهتو.... مهران پٺيري چانهه ٺاهڻ ۾ مصروف هئي.....
    .......... وڃي ٻک وجهانس...... دروازي ڀرسان ڪتابن جي شيلف تي نظر پيس...........
    پنهنجون ڪهاڻيون... ڪتاب افسانا، تحريرون چٿرون ڪندي وڏا وڏا ٽهڪ ڏيئي کلندي محسوس ٿيس.... ائين لڳس هڪ اديب پنهنجي ئي لکڻين جي ڪورٽ ۾ آهي...........
    مهران تائين پهچڻ لاءِ هزارين رڪاوٽون، هزارين لوڙها آهن......... پنهنجي ڪهاڻين جا ٽائيٽل: سنڌ جي نياڻي ٻاگهل، مارئي......... سسئي.. ڀٽائي جون ست سورميون.
    احمد گهڙي کن جي شيطاني کانپوءِ .......... اندر واري همراهه کي ڪهڙو منهن ڏيکاريندين..........اِن حرڪت عيوض ......... ضمير جي هٿ ۾ توا ۽ بُجا ٽنگيل نظر آيس............ اِهو ڪريل ڪم توکي نه جڳائي ......... واپس اچي صوفي تي ويٺو.........
    مهران چانهه کڻي آئي.........صاحب اڃان اوهان ماني ناهي کاڌي!
    ڪنڌ مٿي کڻي مهران جي معصوم چهري ڏانهن ڏٺائين ...... ائين لڳس پنهنجي ڌيءَ مارئي بيٺي آهي....... ضمير جي مينهن سڀ آويون اجهائي ڇڏيون بس پٽ کاوان ٿو........ تون پنهنجي گهر وڃ..... مٿي تي هٿ رکندي مهران کي چيائين............. مهران گهر جو دروازو ٽپي گم ٿي ويئي.......
    احمد صاحب چانهه جو ڪپ کڻي لان جي دري جو کولي ته ٻاهر ڪاڙهي جهڙو ڏينهن ملهاري موسم ۾ مٽجي چڪو هو........ پکين جي قطارن مٿان جهڙ جا قافلا ٽپي رهيا ها..... هلڪي هلڪي هير ۾ روح جهمريون هڻڻ لڳس..........
    ائين لڳس پنهنجي تحريرن آڏو ڄڻ ته سرخرو ٿي پيو هو.........
    پنهنجون تحريرون لکڻيون، ڪتاب، قول ڄڻ ته هن جي گهر جي وسيع لان تي ضمير جي مداري آڏو جهمريون هڻي رهيون هيون........


    اندر وارتا...!

    هال ۾ تاڙين جي گونج.... آدرش ڪنڌ ڦيرائي ڏٺو هن کانسواءِ سڀ تاڙيون وڄائي رهيا هئا...... ۽ هڪ مهان اديب: مهمانِ خاص ڪهاڻي تي رايو ڏيندي چيو: هي ڪهاڻي ماڻهو جي اندر جو تعارف آهي. اسين اندر ۾ ڪٿي نه ڪٿي کٽل هوندا آهيون ۽ هي ڪهاڻي اندروارتا، ان کوٽ جو ڀرپور اظهار آهي. هي ڪهاڻي حياتي جي ڪتاب جو مُهاڳ آهي. ڪهاڻيڪار جا ڪردار الاهي ذهين، باشعور آهن.... اڇوتا ڪردار آهن.... ڀٽائي رحه جي سِٽ ڀلي بک ڀرم جي جهڙا.... هال ۾ تاڙين جي ٻيهر گونج.... آدرش جي اندر ۾ ڄڻ فائر ٿي پئي لڳا... هڪ لِڱا محسوس ٿيس رڙيون ڪيان، چئي ڏيان ته تاڙيون منهنجي لاءِ وڄايو، ڪهاڻي منهنجي آهي.....!! دوست بهترين ڪهاڻي جو انعام وٺي آدرش ڏانهن وڌي رهيو هو...... آدرش دوست جي ڀاڪر مان پاڻ کي آجو ڪرائي ائين محسوس ڪيو ڄڻ ته ڪنهن ننڍي نينگري معصوم ڳوٺاڻي ڇوڪري پيءَ جيڏي پوڙهي مڙس جو ڀاڪر ڇڏائي جان آجي ڪرائي هجي.... سوچيائين: سڀئي نفرتون اظهاري ڇڏي.... پر سوچيائين منهنجي نفرت جو قد ڄامڙو آهي، دوستي جو ڀرم الاهي وڏو آهي.... پر اسين بي زبان نياڻي جيان پنهنجي وجود جا سڀئي اختيار ڪڏهن ڪڏهن مڪمل طرح ٻين جي حوالي ڇو ڪندا آهيون؟..... ڪڏهن ڪڏهن ائين ڇو ڪندا آهيون اسين.... ! مداري جي ڀولي ٿي پوندا آهيون، مداري جي اشارن تي نچندا آهيون.... تماشبين خوش ڪندا آهيون.... ڪڏهن خواهشون اسان کي نچائينديون آهن، ڪڏهن سمجهوتا نچائيندا آهن، ڪڏهن سماج نچائيندو آهي، ڪڏهن دشمن ته ڪڏهن دوست، ڪڏهن مجبوريون، بي وسيون، محروميون، مشڪلائتون، رويا، احساس... اسان بنا ڪنهن وقفي جي نچندا رهندا آهيون.... اسين پنهنجي پر ڪٿي آزاد آهيون!! اسين نچون پيا ڪڏهن پيٽ گذر لاءِ ته ڪڏهن خاندان لاءِ، اسين رڳو نچندا وتندا آهيون، ڪڏهن پنهنجن لاءِ ته ڪڏهن پراون لاءِ.... ماڻهو ته نه ٿيا سين ناچو ٿياسين......!
    رات جا ٽي ٿِيا ها، هن جي دوست سميت سڀ موڪلائي گهرن ڏانهن روانا ٿي چُڪا هئا.... اڄ آچر جي رات آهي، ۽ چنڊ جي چوڏهين، ائين لڳي ٿو رات پنهنجي وجود تي سفيد چادر ويڙهي ڇڏي آهي..... ڪيڏي نه چُپ آهي، رستا دم پٽن ٿا، مسئلن ساهي پٽي آهي..... دل چوي ٿي اڄ پوري رات خاموشي محسوس ڪيان ۽ ماٺار سان سرٻاٽ ڪيان ته حد درجي جي سچائي پيڙاءُ آهي. ماڻهو سادگين، سچائين کي ڪيش ٿا ڪرائين. ائين ٿو لڳي اسين سڀ چور آهيون. سماج ٻيلو ٿو لڳي، قبرستان ٿو لڳي، سڀ سُمهي پيا آهن، رڳو چند روح ٿا جاڳن .... جو چوندا آهن، روح مرندا ڪونهن .... سچائي جي نسل اڻلڀ ٿيندي پئي وڃي..... رات جي پيٽ ۾ هزارين ڪهاڻيون جنم وٺن ٿيون... رات به حياتي جي سِٽ ۾ اڌ دم جيان آهي .... رات شاندار نعمت آهي... ماڻهن سان گڏ مسئلا به ننڊ ڪن ٿا. ۽ جئين ئي سج اک ڪڍي ٿو. ماڻهو مسئلن جو تسلسل جوڙي اڳتي وڌن ٿا... ائين ٿو لڳي ماڻهو هُجڻ مڃائن ٿا... رات پوري ٿي ته ڏينهن جو پردو چاڙهيو ويو...... اڄ آچر آهي، پر الائي جي ڇو مسئلن جي موڪل ڪونهي!..... ماڻهو اندر جي قلعي ۾ قيد آهن. هر ماڻهو وقت اٻاري ٿو ۽ حياتي جا دونهان جهٽي ٿو..... ڪڏهن ڪڏهن ائين لڳندو آهي اسين سڀ ڪوئلي جا ڪاروباري آهيون. اسان جو اندر غار آهي، جتي ڪيئي ڏينڀن جا مانارا آهن.... اسين هر روز ڏنگجون ٿا، هر دفعي وقت سان ڊوڙيون ٿا ۽ هر دفعي شڪست ڪير ٿو کائي..... اسين هر وقت ٻين کي الٽيميٽم ڏيون ٿا، ڪڏهن پنهنجو پاڻ کي الٽيميٽم ڏنو آهي؟.... اسان جو وجود بندوق جهڙو آهي ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي اندر ۾ ڦاٽندڙ پر اڪثر ٻين جا سينا چيريندڙ......
    من ڪيڏو اٻاڻڪو ٿي پيو آهي، جو آرٽ اڻلڀ آهي، نه ڪو، آدرشي ماڻهو ٿو ملي نه ڪو تخليقي مصور جنهن کان بي وسي جي تصوير ٺهرائجي.... اسان جي گهرن جا نقشا به بنهه سادا آهن، ڪيڏو نه دونهون آهي، ماڻهن جا اندر لالٽين جي اندر جيان ڪاراٽيل آهن.... نه لائبريري آهي نه آرٽ گيلري، نه ناٽڪ منڊلي آهي ۽ نه ئي ٿيٽر: جتي حياتي پرفارم ڪجي، هر ڪو پنهنجي مطلب جي ديو جو پوڄاري آهي، هر ڪو ڪم جي ڳالهه ڪري ٿو ۽ پڇي ٿو.... محبت جا معيار ڪيڏا نه بازاري ٿي پيا آهن، سطحي ٿي پيا آهن..... خوشيون به خالص ناهن رهيون، اخلاق، قدر، اڏوهي جي ور چرهيل آهن. شين سان گڏ ماڻهن جي سوچ ۾ به ملاوٽ آهي.... ڪي ماڻهو ته پنهنجي پاڻ لاءِ به ڄڻ اجنبي آهن.... سڀئي رشتا ڇو جُڙتو لڳن ٿا، ماڻهن مان رشتن جي شناس ئي ڇڏائي ويئي آهي..... سڀ ماڻهون مشينون آهن ڄڻ.... مان اڄ کانپوءِ ٻين لاءِ نه لکندس... تخليق به ته اولاد جهڙي ئي پياري ٿئي ٿي.....
    پوءِ آءُ پنهنجا ٻچا ٻين حوالي ڇو ڪيان؟...... پر.....
    مان ايڏو سطحي ڇو ٿو سوچيان، باظرف ماڻهون ته مشهورين، چاپلوسين کان مٿڀرا هوندا آهن...... گُم نام جينيس جيان، اُهي شهرت جا نه شهرت انهن جي محتاج هوندي آهي.... پر تخليق اظهار کان سواءِ اندر جي ڄر آهي...... هر ماڻهو چالاڪي ذريعي ٻين کي بيوقوف بڻائي پنهنجو ئي تعارف ڪرائي ٿو.... ماڻهو آخر ڦِري ڇو ٿا وڃن؟!...........
    ان راز کي ڪير ڇو ڪو نه پروڙي سگهيو آهي ته نفرتن جي هزارين حصي ۾ به محبت ڀريل هوندي آهي.... نفرت جي دٻي منجهه ئي ڪنول جا خوبصورت گل ٽڙندا آهن.... ڪي ماڻهو بلڪه اڪثر ماڻهو چوندا آهن ته اميدون نه رکجن، اميدن جا ڏيئا هلڪڙي ڦوڪي سان گل ٿيو وڃن، پر اميد بنا ڪيئن ٿو جي سگهجي...ڪڏهن ڪڏهن اميدون پنهنجي مڪمل بي يقينين کانپوءِ به ڪبيون آهن.... اسان وٽ قابليت جاچڻ جا معيار به الاهي مدي خارج آهن، شعور بجاءِ چالاڪي ٿي جاچي وڃي..... محبت ۽ زندگي کي ماڻهو سمجهندو مس آهي ته حياتي پوري ٿيڻ لڳندي آهي..... محبت کي مڃائڻ لاءِ ته ست جنم به ٿورا آهن..... پر آءُ واري ويڙهي سمنڊن جي گهراين تائين غوطو هڻندس.... آءُ محبت سان گڏ حياتي جو مقصد ماڻيندس.... آءُ بنا ڪنهن پرواهه جي هلندو ويندس.... پنڌ ڪندو ويندس بنا ڪنهن ٿڪ جي اڻ کٽندڙ منزل طرف.... آءُ هلندو ويندس..... پنڌ ڪندو ويندس....... پولارن تائين پنڌ ڪندو ويندس..............


    سچ کي پُٺي...!

    سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ذريعي تازو هيڊ ماستري جو امتحان پاس ڪري ٿري پيس واري هيڊ ماستر نوجوان کي پري کان ايندو ڏسي اُس ۾ اخبار پڙهندڙ هڪ استاد سگريٽ اجهائيندي منهن ۾ ڀڻڪيو....
    استاد، ٽاءِ ڪوٽ وارو صاحب پهچي ويو ٿي..............
    ٻئي استاد اخبار مان منهن ڪڍندي، جواب ڏنو..........نئون آ، ٻه ٽي ڏينهن جوش اٿس ڏسون، سائين! ته... لکن جي لوڏ ڪيستائين ٿي هلي....... جنهن مهل ٿو موقعو مليس.......... ڄاڙي شروع........... استاد قوم جا اڏيندڙ آهن............. استاد سماجي سائنسدان آهن..................استاد سڌا ٿي پون ته انقلاب چند وکن تي آهي. رُڳي چٽي استادن تي آ ڇا ؟................ بابا سڄو نظام ئي اُلٽ لڳو پيو آهي. ڪير ٿو گهٽ ڪري............... جڏهن کان اهو هيڊ ماستر آيو آ، ڇورا بدتميزي تي لهي آيا آهن. سائين اوهان جو پيرڊ آ، سائين پڙهايو..................... ڄڻ پڻي جا نوڪر هجون.
    ٽرڙا ٽرڙا ڇورا کڻي ڪيا ٿن ڀرتي............. پينٽ سوٽ پاتيون وتندا هن بالم بڻيا............... ڀيڻان............ اسان جي سروس، هنن جي عمر کان به وڏي آ........... هاڻي وري ٿيون هنن جا ............ زيردست....... ايتري ۾ نوجوان هيڊ ماستر اچي پاسي مان لنگهيو............. استادن رسمي سلام ڪيو............. ۽ اُٿي وڃي اسٽاف روم ۾ ويٺا.
    هيڊ ماستر آفيس مان صحيح ڪري جئين ئي وزٽ تي نڪتو ته اڌ کان وڌيڪ ڪلاس خالي هئا....... ۽ ٻار لاوارث........... ڪي وڙهي رهيا هيا..... ته ڪي وڏي آواز سان گوڙ ڪري رهيا هئا...... ۽ ڪجهه ٻار چاڪ کڻي بورڊ تي”سخت گوڙ ڪندڙن جا نالا” لکي رهيا ها.......
    نوجوان هيڊ ماستر ڪلاس روم ۾ داخل ٿيندي ئي گجگوڙ ڪئي...... ڪلاس آ يا مڇي مارڪيٽ آ، ڪهڙي استاد جو پيرڊ آ؟ ٻارن جو گوڙ چپ ۾ تبديل ٿي ويو..........
    سائين انگريزي جو ................. سر نور احمد جو.....................
    وڃو، سائين کي سڏي اچو..................... ۽ خاموش ٿي هوم ورڪ وارو بڪ کولو................
    نوجوان، هيڊ ماستر لڳاتار سڀئي ڪلاس وزٽ ڪيا، سواءِ چند استادن جي................ ٻيا استاد ٽولن جا صورت ۾ اسڪول جي ميدان تي ڪچهرين ۾ مصروف هئا، ڪجهه اخبار جو انتظار ڪري رهيا هئا، ته جيئن هڪڙا استاد پڙهي پوري ڪن، ته ٻيا شروع ڪن...... استاد اخبار ايڏي دلچسپي سان پڙهندا هئا، جو لڳندو هو اخبار ياد ٿا ڪن......
    غوث ڏنا.............
    جيءُ....................
    سرور پٽيوالي کي ته ڏسو....................... چانهه ٿو ڪاڙهي، ڪي هڏا چاڙهيا اٿس جو پچن ئي نٿا ....................
    ڪير چئي سائين سچ پٽيوالن کي، سڀئي ڪم چور، سست، ڪاهل........ ٽوٽي.......... اتي تي چٽي هن سائين! ڪم جا نه ڪار جا دشمن اناج جا.................
    اسلام عليڪم سائين!
    وعليڪم اسلام؛
    هيڊ ماستر جئين ئي اسٽاف روم ۾ داخل ٿيو................
    ڪي استاد مئل ساهه سان اٿي بيٺا................... ڪنهن هٿ ڏنو، ته ڪنهن ڀاڪر پاتو.......................
    هڪ استاد اخبار مان نظر چورائيندي.................. هٿ جي ٽيڪ ڏيئي ائين اٿڻ جي ڪوشش ڪئي جئين ڏانداري سان ڇپر ٿو کڻي.........
    چي؛ سائين!
    اُٿيو سمجهجهو...............
    سر ڪلاس خالي پيا هن.......................
    استاد هڪ ٻئي ڏي نهارڻ لڳا.......................
    سائين فضل اوهان جو اٺين ڪلاس ۾ پيرڊ آ................. توهان جو ڏهين ۾................ سائين مراد توهان جو نائين ۾ ................... ڪجهه استاد ڪلاس ۾ هليا ويا..........................
    هڪ استاد هيڊ ماستر کي ويهڻ جي صلاح ڪئي........................بحث شروع ٿيو................... چند استاد ڪلاس وٺي ايندا رهيا، ۽ ويندا رهيا پر اڪثريت استادن جي بحث ۾ زور شور سان حصو ورتو................... ڄڻ سنڌ اسيمبلي جو اجلاس پيو هلي.......................
    ايتري ۾ ٻاهر اس ۾ ويٺل استادن جا چند گروپ به اچي اسٽاف روم ۾ هلندڙ بحث ۾ شامل ٿيا.......................... صاحب نئون آيو آ، ڪيئي آيا سائين اهڙا............. اصل ۾ ڇا آهي نه سر ڪرپشن جاتي ڪاٿي وڌي ويئي آ...................... ڪو به مسيت جو ڪک ڪونهي، باقي هنن جي ڪاوڙ رڳو تعليم کاتي تي آ................. چي: استاد گوسڙو آهن، اسڪول بند آهن.......... ٻه ٽي ڏينهن ته ججن لولو رد ڪيو...........ڀيڻا خدا جو قهر آ................. پنجين وڳي پيا اسڪول جا دورا ڪن.......... آهي ڪو ملڪ ۾ راڻو راڻي................
    چانهه آئي................. سڀني پيتي............
    ڪميشن پاس هيڊ ماستر ڳالهائڻ شروع ڪيو..........
    ڏسو، اسان هن اسڪول ۾ پنجاهه کن استاد آهيون ۽ چند سئو شاگرد آهن..... پاڻ رڳو ايمانداري سان پڙهايون ته مهذب، خوشحال، امن ڀريو، تعميري سماج تعمير ڪري سگهون ٿا..........استاد ئي ڪنهن سماج جو ڪرنگهو هوندا آهن.........
    سڀئي استاد متفق ٿيا ۽ سنڌ جي تعليم جي تباهي تي اخباري، ڪتابي، ڪانفرنسي حوالا ۽ انگ اکر ٻڌائڻ لڳا...... ڳالهه تعليم کان ٿيندي فرقي واريت تي پهتي.......
    ڪي شيعا، ڪي سني، ڪي صوفي ڪي ڪهڙي فرقي جا ته ڪي ڪهڙي فرقي جا......
    گهنڊ لڳندا رهيا....... پيرڊ پهريون، ٻيون، ٽيون..... پر اڪثريت استادن جي سنڌ جي معيشت، سياست، راندين، قبائلي تڪرارن، سنڌي قوم جي تباهي جا سبب ۽ انهن جي حل تي بحث ڪندا رهيا..... ڪاروبار پلاٽنگ، ڪهڙو ڌنڌو ڪجي، ڪهڙو نه ڪجي پر........ سندن خاص عنوان هو.....
    سنڌ جي تعليمي تباهي.....
    هڪ استاد بحث جي واڳ پرائيويٽ اسڪولن جي زبردست نظام ڏانهن ڇڪي سڀني جو ڌيان ڇڪايو. سائين اڄڪلهه ٿوري گهڻي تعليم وري به پرائيويٽ اسڪولن ۾ بچي آ......
    سائين! منهنجو پٽ برائٽ فيوچر ۾ فرسٽ آيو آهي............... ٻي چيو...... مون اسٽار پبلڪ اسڪول ۾ منهنجي نياڻي ٽاپ ڪيو آهي....... ۽ ٽئين چيو.... اڄڪلهه رائزنگ اسٽار اسڪول ۾ وڏي رش آهي..... جو ڊگري ڪاليج جا سڀئي استاد اتي ٿا پڙهائين.....
    هيڊ ماستر ڪنهن جي ٻڌي، ڪنهن جي ٻڌي....
    پيرڊ لڳو.... مانيٽر آيو..... سر! ڪريم اوهان جو پيرڊ آهي امتحان ويجهو آهن.... ڪورس صفا ناهي ٿيو.....
    ها ابا تون هل مان اچان ٿو.......هوم ورڪ چيڪ ڪر، هلي گوڙ بند ڪرائي مان اچان ٿو.............
    ها سائين مان ڳالهه پئي ڪئي ته..... چڱو جي پرائيويٽ اسڪول کليا، نه ته تعليم جو ته مهڪارو هو....
    هڪ استاد موليڏني ..... جيڪو استادن جي حقن لاءِ ڪم ڪندڙ تنظيم جو چڱو مڙس هو.... ان اخبار جي هڪ سرخي ڏانهن سڀني جو ڌيان ڇڪائيندي رڙ ڪئي..........
    اڙي بابا ڳالهه ٻڌو هن دفعي ووٽ منظور کي ناهن ڪرڻا...... استادن جي ڪنهن به حق لاءِ آواز نٿو اٿائي...رڳو بالا آفيسرن کي بليڪ ميل ڪرڻ ۾ پورو آهي...... اچي، سياست تي بحث شروع ٿيو....
    پيرڊ لڳو........
    هڪ استاد مسلسل ڪلاس وٺندو رهيو، گهڻا تڻا بحث ۾ ئي رڌل رهيا.......
    نوجوان هيڊ ماستر............ سڀني کي پڙهائڻ ۽ سماج تبديل ڪرڻ لاءِ ليڪچر ڏيندو رهيو....
    هڪ چانهه، ٻيئن، ٽيئن....
    رسيس ٿي................... هيڊ ماستر ڪلاس وزٽ ڪيا....
    ساڳيا لاٽون، ساڳيا چُگهه....
    پنجون پيرڊ، ڇهون.....
    هيڊ ماستر ٻيهر اسٽاف روم ۾ آيو....
    استادن وري سَندين ڳالهين ۾ لڳائي ڇڏيو.....
    هيڊ ماستر.... ڳالهائڻ شروع ڪيو.....
    ڏسو، اسان پنهنجو بنيادي ڪم نه ٿا ڪيون.... دنيا جون قومون علم جا، ادب جا، فلسفي جا، سائنس جا، ٽيڪنالاجي جا.... تحقيق جا، ميڊيسن جا، انقلاب پيون آڻين ۽ اسين پنهنجي ئي پير تي پاڻ ڪهاڙي پيا هڻون.... هلي پاڻ نه سگهون ڏوهه گوڏن تي.... اسان جيڪڏهن پاڻ قوم سان سچا ٿيون ته ڪو به ٻاهريون اسان جي تعليم تباهه نٿو ڪري سگهي....اسان کي حقيقت پسند ٿيئڻو پوندو ۽ پنهنجي بيواجبين، سستين ۽ ناانصافين کي مڃڻو پوندو...... پنهنجي حق وٺڻ لاءِ مهينن جا مهينا احتجاج ٿا ڪيون ۽ اسڪون نٿا اچون.... پاڻ سڀني کي قوم جي اٻوجهه، غريب بي پهچ ٻارن کي پڙهائڻو آهي......
    اسان حق وٺون ته ٿا، ڇا حق ادا به ڪيون ٿا... هڪ استاد ٻي کي ٺونٺ هڻي اٿڻ جو اشارو ڪيو...هڪ استاد منهن ۾ ڀڻڪيو ڇا رڳو تعليم جي تباهي ۾ استاد جو ڪردار آهي، ڇورا پڙهن ٿا...؟ ۽ والدين ۽ سماج ذميوار ناهي....؟ ڪي استاد اکين جا اشارا ڪرڻ لڳا..... جيئن جيئن هيڊ ماستر جي اصلاحي تقرير ڊگهي ٿيڻ لڳي، تيئن تيئن ڪي استاد ٻيهر اخبارن کي لڳي ويا، ته ڪي اوٻاسيون ڏيڻ لڳا، ته ڪي چهري جي ٿڪل تاثرن سان بيزاري جو اظهار ڪرڻ لڳا.....
    هڪ استاد کان رهيو نه ٿيو......
    چي؛ سائين ڀلا سموري سماج جو استاد ٺيڪو کنيو آ ڇا....؟ اوهان جون ڳالهيون بروبر صحيح پر حمام ۾ سڀئي ننگا آهيون......
    هر ڪو گناهگار آ سائين......
    هيڊ ماستر بيزاري وچان چيو، پر اسين استاد سماج جي تقدير مٽائي ٿا سگهون.... يقين ڪيو، ڦرون، ڌاڙا بدامني، دهشتگردي، لٽ مار، سماجي بيچيني ، افراتفري شايد اسان استادن جي ڪري آهي..... ڇو جي يا ته اسان پڙهايون نٿا... جي پڙهايون به ٿا ته رڳو درسي ڪتاب..... جڏهن ته اسان کي درسي ڪتابن سان گڏوگڏ شاگردن کي سماجيات، مارڪيٽ، مذهب، سيرت نگاريءَ، ڪردار نگاريءَ، مستقبل جي تياري، شخصيت سازيءَ، جديد ايجادون، سائنس، سماجي خدمت جو شعور پڙهائي انفراديت بجاءِ اجتماعيت جي پرچار سيکاريون ۽ انهن کي مهذب ۽ خوشحال سماج جو ڪارائتو ۽ هڏڏوکي ٻين ڪاڻ جيئڻ وارو معتبر ۽ مهذب شهري بڻائڻو آهي. نه ڪي غريب عوام جا کيسا تڪيندڙ ڊاڪٽر ۽ ڀُتيون روڊون ۽ پليون ٺاهيندڙ ڪرپٽ انجنيئر ۽ عوام حقن جي استحصالي ڪندڙ ڪامورو............
    ايتري ۾ اٺين پيرڊ جو گهنڊ لڳو...... ته مسجد جي منارن مان لائوڊ اسپيڪرن تي اذانون اچڻ شروع ٿيون....
    ۽ اڳ ۾ ئي هيڊ ماستر جي تقرير مان مڪمل بور ٿي ويل مکيه استاد ڪرسيون ڇڏي اٿي بيٺا ۽ چوڻ لڳا.....
    سائين هاڻي موڪلاڻي ناهي..... نماز جو به ٽائيم ٿي ويو آهي...... سڀاڻي گڏ آهيون.....


    ڪراچي...

    هاڻي ته ڦٽ به ناسور ٿي پيا آهن.... منهنجي وجود ۾ آري ڪير پيو وهائي ..... اڄ ڪراچي ماءُ جي مامتا جي من ۾ بي شمار ميار جاڳي پيا هئا..... پنهنجي وجود ۾ وهندڙ اجگر سمنڊ جي لڳاتار ڇولين جي قطارن جي مڌر آواز ۽ موسيقي گاڏڙ گولين جي گونج ۽ ايمبولينس جي ڪوڪاٽن ڪراچي ماءُ جي اندر ۾ وڍ پئي وڌا.... ڪراچي ماءُ خوبصورت صبح جهڙو اڇو اجرو پٽ امن گذريل ڪيتري عرصي کان وٺي گهر مان جلاوطن هجڻ سبب ڪراچي امڙ جو گهر کائڻ لاءِ اچي پيو....
    چي: ڪيڏي نه سڃ آهي، رڃ آهي، راڪاس آهي، سمنڊ ماڻهن جا هوندي به ماڻهپو ڦڙو، قطرو مس بچيو آهي..... ماڻهپو ڌنڌليل عڪس جيان ائين پيو ڀاسي جئين جهڙيالي ۾ اڻ لکو سج..........! منهنجو پٽ “امن” ماضي ۾ ڪراچي تي شهنشاهن جيان راڄ ڪندو هو ۽ آءُ ننڍڙي کير پياڪ ٻار جيان سڪون ڏيندڙ لولي ٻڌي سڪون سان سُمهي رهندي هيس..... اهي هڙيئي رنگ، خوشيون.... منهنجي اندر ۾ جهير ٿا ڏين..... روڊن تي ٽڪ ٽڪ ڪري هلندڙ شاهي ٽانگن جو رومانس ..... ٽرام جي لکن جي لوڏ...... شام ڌارا سمنڊ جي پيٽ ۾ ڳاڙهي سج جي لولي جو ٽٻي هڻڻ ۽ اتان سفيد سفيد ٻگهه پکين جي ٽولن جو گذرڻ..... منهنجا اهي ٻاڪڙا هوٽل.... ادبي محفلون... پارسين جون خوبصورت عمارتون ۽ هر ڏسا، هر ڏيک، هر منظر هر وک امن، پيار، پاٻوهه، خوشي ۽ خوشحالي جي خوشبو.......
    اڄ ڪراچي جي مامتا جو جسم زخمن سان چُور چُور ۽ روح زخمي پرند جيان جيئڻ ۽ مرڻ جي ڪشمڪش ۾ هو.... چي: آءُ ته سڄي ملڪ کي پنهنجي ٿڃ ٿي پياريان! آءُ ته وطن جو چهرو آهيان، جيڪا طاقت ۽ توانائي ٿي واپرايان اها ديس جي هر جيوگهرڙي تائين زندگي ٿي پهچائي..... آءُ ته سڄو جهان ٿي پاليان...... پوءِ آخر ڇو منهنجي ئي اکين ۾ مرچ وجهي منهنجي روشنين جو قتل ڪيو ٿو وڃي............! هي منهنجي اندر ۾ ڪير ماڻهو گهڙي آيا آهن............ جيڪي منهنجو اندر چاڪ ٿا ڪن.............هي گلابن جي پوک ۾ ڏاند ڪنهن ڇڏيا آهن؟ هن عمارتن جي جهنگ ۾ ماڻهپو ڪٿي دفنائجي ويو آهي؟ ماڻهپو دفنائيندڙ هي ڪفن چور ڪير آهن.... هي قبضا گير ڪير آهن.......... ماءُ جي پيرن هيٺان ته جنت هوندي آهي.......... هي دوزخ برپا ڪندڙ ڪير آهن.......!؟
    منهنجو پٽ امن، ڪنهن اغوا ڪيو آهي؟ ڇا منهنجي پٽ ”امن“ کي پڻ ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ ماريو ويندو.... هي ٽارگيٽ ڪلر ڪير آهن؟
    مان ته پنهنجي وجود ۾ بنا ڪنهن رنگ ۽ نسل جي فرق جي مختلف مذهب، ذات پات ۽ ڀانٿ ڀانت جي ماڻهن کي روزگار، گهر، مال ملڪيت ڏنو آهي پوءِ هي احسان فراموش ۽ منهنجي پٽ ”امن“ جا اغوا ڪندڙ ڪير آهن؟!
    منهنجو هانءُ ٿو ڦاٽي منهنجو پٽ ”امن“ ڪٿي آهي؟............ هي گولين جا آواز، لاقانونيت، ڏاڍ........... هي لاشن جون قطارون، بم ڌماڪا ۽ ايمبولينس جون ڪوڪون .... گاڏين، دڪانن، مارڪيٽن ۽ ملڪيتن کي باهيون..... هي تباهي هي دانهون.... اِنهي دونهين ۾ گم ٿي ويل منهنجو موڀي پٽ ”امن“، ڪٿي آهي ”امن“؟ امن.. امن... ام... ام... ام.... امن.... ڪراچي ماءُ جي اکڙين جا بچاءُ بند “امن” جي سڪ جي سيلاب لوڙهي ڇڏيا.... مان امن کي ڪئين موٽايان ......! امن جنهن جي وجود هجڻ سان هرسو مسرتون ئي مسرتون هونديون هيون.... امن جو چهرو ڪيڏو نه وڻندڙ هيو.... ”امن“ کانسواءِ من ڪيڏو مونجهو آهي..... امن جيئڻ جي آس هو، يقين هو ۽ سهارو هو.... امن جو هجڻ روزگار، خوشحالي، ترقي، سڪون، محبت، پريت جو هجڻ هو... امن ناهي ته ڪجهه به ناهي. امن انسان جي تعميري جبلت آهي؛ ازلي خواهش آهي جيڪا سڀني تخريبي ديو ۽ شيطانن کي شڪست ڏي ٿي.... امن زندگي آهي....... امن ڪٿي آهي؟ ڇا هو امن کي موت جي ننڊ سمهاري ڇڏيندا، جي امن مري ويو ته آءُ به ڪٿي جيءَ سگهنديس.... امن ته آب حيات آهي! امن روح جي راحت آهي..... امن آسرو آهي، ڏڍ آهي...... امن اطمينان آهي..... امن پيار آهي، پريت آهي..... مونکي امن موٽائڻو پوندو امن کانسواءِ هر من اداس آهي، هر دل ويران آهي...... جي مان پريشان ٿيندس ته ملڪ پريشان ٿيندو.... پر مان ڇا ڪيان آخر ماءُ آهيان.... امن منهنجي آنڊ آهي .... امن ڪنهن جي چنبي ۾ آهي..... آءُ آخر بيوسي جي تصوير ڇو ٿي آهيان..... اِهي ڪير ماڻهو آهن منهنجي وجود اندر فرقي، نسل، ذات پات جي بنياد تي جهيڙا ٿا ڪرائين ۽ منهنجي اندر ۾ چاقو ٿا هلائين.... اِهي ماڻهو ڪير آهن جيڪي پنهنجي مفاد خاطر منهنجو اندر ٿا ڀيلن.... آءُ ته سوني جهرڪي آهيان..... پر منهنجو آکيرو، واهيرو وٿاڻ امن ڪٿي آهي..... امن... امن
    ڪراچي ماءُ جي گهر جو در کلي ٿو ۽ اندر هڪ اڌ مڻو لاش مثل، رت جي داغن سان رڱيل سفيد لباس پهريل، ڪپڙا ليڙون ليڙون ٿيل اچي هيٺ ڪري ٿو....
    اڙي هي ته منهنجو پٽ امن آهي!؟ هي زخم، رت..... منهنجا ٻچا آءُ ته تنهنجي سڪ ۾ سڪراٽ جهڙي ڪيفيت مان پئي گذران.... منهنجو ساهه کي سرير ناهي...... تون ڪٿي هئين.... تنهنجي غير موجودگي ۾ منهنجا سڀئي رنگ، خوشيون، سڪون عذاب ۽ ازيت ۾ مٽجي ويا هئا..... تنهنجي هي حالتِ زار ڪنهن ڪئي آهي؟
    ”امن“ سڀ توانايون ميڙي هٻڪي هٻڪي ڳالهائي ٿو، امان ! مان ڏهاڪن کان وٺي اغوا ٿيندو رهيو آهيان..... خوار ڪيو ويو آهيان، ڪن سمجهوتن تحت چند گهڙين لاءِ تو ڏانهن موٽايو ويندو آهيان.... ۽ وري ڪنهن نئين عذاب، سازش، مطالبي جو انتظار ڪندو آهيان ته ڪڏهن ٿو اغوا ٿيان...... دربدر ٿيان..... مان گذريل گهڻي عرصي کان وٺي وقتاَ به وقتاَ اغوا ٿيندو رهيو آهيان...... صليب چاڙهيو ويندو رهيو آهيان...
    پٽ آخر تون ڪيستائين اغوا ٿيندو رهندين .......؟ سندس امڙ ڪراچي هاڻي امن کي پنهنجي ٻاجهاري جهولي ۾ جهلي سوال ٿي ڪري..... تون مڪمل آزاد ڪڏهن ٿيندين..... منهنجا ڪُل سڪون ۽ سر تو سان سلهاڙيل آهن....... تون ئي منهنجو جيئندان آهين....... مان هاڻي وڌيڪ تنهنجي جدائي جي پيڙاءَ برداشت نٿي ڪري سگهان.... پٽ! منهنجي رڳ رڳ ۾ باهه ٻاري ويئي آهي..... منهنجو وجود باهه جي بٺي ٿي پيو آهي...... آوي جواندر ٿي پيو آهي... ۽ شمشان ٿي پيو آهي جتي ماڻهپي، انسانيت، سماجي قدرن جا لاش پيا سڙن......
    منهنجي اندر منجهان لاش ڍوئيندڙ ايمبولينس جا آواز پيا اچن.....
    منهنجو اندر ميدان جنگ ٿي پيو آهي پٽ ! جتي هر ڪو پنهنجي مفاد جي جنگ پيو وڙهي... اُهي ڪير ماڻهو آهن، جنهن توکي مونکان ڌار ڪيو آهي؟.... اُهي ڪير آهن جنهن منهنجي جهولي لنگڙي لولي ڪري ..... اُن ۾ آڱار ڀريا آهن......
    آءُ آتشدان ٿي پئي آهيان ٻچا.... منهنجي اندر ۾بارود ڀريو ويو آهي.... ائين لڳي ٿو هڪ ڌماڪي سان ڦاٽي پونديس......
    ٻاهر زوردار فائرنگ جو آواز...... ۽ ايمبولينس جا ڪوڪاٽ ..... “امن” ڪراچي امڙ جي آغوش مان زخميل جسم سان اٿڻ لڳي ٿو.......
    نه ٻچا نه هاڻي آءُ توکي ڪيڏانهن به وڃڻ نه ڏينديس آءُ توکي پنهنجي اندر ۾ لڪائي ڇڏينديس.... تون ڪجهه گهڙين لاءِ اچي وري مهينن جا مهينا گم ٿي ويندو آهين......
    امان ماڻهو وحشي آهن.... پنهنجي خصيص مطلب خاطر مون کي توکان ڌار ڪندا آهن.... فائرنگ جو آواز ويتر تيز.... پوليس موبائيل جو آواز .... گوليون کائيندڙ ماڻهن جون رڙيون ۽ ڪيهون.... امان مون کي وڃڻ ڏي..... نه ته اهي خوني مون کي ڪُهي ڇڏيندا.... هميشه لاءِ مان توسان وچن ٿو ڪيان امان! آءُ هڪ ڏينهن پنهنجي مڪمل جوڀن سان تو ڏانهن موٽي ايندس ۽ هميشه توسان گڏ رهي پوندس فائرنگ جو آواز وڃي ٿو اسان جي گهر جي ويجهو ٿينديو..... انکان پهرين جو منهنجا قاتل، منهنجي وجود جا ويري پهچي وڃن.... مون کي هڪ دفعو ٻيهر وڃڻو پوندو..... امن سٽ ڏيئي اٿيو ۽ ويندي مهل دروازي تي بيهي امڙ کي آخري پيغام ڏنائين ته امان مان تمام جلد واپس ايندس ۽ پوءِ پنهنجا سڀ سور جدايون ختم ٿينديون.... نه پٽ امن نه وڃ منهنجي سيني ۾ باهه جو مچ ٻري ٿو.... اچ منهنجي وجود سان ويڙهجي وڃ.... اچ مان توکي پنهنجي جيءُ ۾ لڪايان......
    نه امان مان واپس ٿيس ته هي خوني مون کي ماري ڇڏيندا..... مان تو خاطر جيئڻ ٿو چاهيان..... جيئڻ ٿو چاهيان ...... مان موٽي ايندس..... توسان وچن آ امان..... مان موٽي ايندس........ مان موٽي ايندس..........


    ڊرامو : سيڪنڊ اسٽيٽمنٽ

    پهريون ڏيک: (شام جو پهر، جهڙيالي موسم هڪ جوڙو بينچ تي ويٺو آهي، ٿڌڙي هوا هلي ٿي).
    ڪردار: پريت، وشال
    پريت: پنهنجي محبت جي هي ڪائين جهڙيالي آهي وشال!؟
    وشال: شايد پنجين...
    پريت: ستين... وشال! مردن کي محبت جا ايونٽ اڪثر ياد ناهن هوندا... نه پنهنجي پرينءَ جي سالگرهه جو ڏينهن ياد ڪري سگهندا آهن، نه ئي پهرين ملاقات...
    وشال: ها... ائين ته بلڪل آهي... پريت! ائين نٿو لڳي ته جهڙيالي ڪنهن محبوب ئي پينٽ ڪئي هجي، اهڙو خوبصورت منظر ته ڪوئي محبوب ئي ٺاهي سگهي ٿو...
    پريت: جهڙيالي محبت جي مستي آهي...
    وشال: پريت!
    پريت: جيءَ...
    وشال: پاڻ پنهنجي آکيرو ڪڏهن ٺاهينداسين...
    پريت: نه تنهنجي گهر وارا راضي آهن؛ نه ئي منهنجي گهروارا... ظاهر ڳالهه آهي پاڻ ٻنهي وٽ ٽيون رستو آهي... فيصلو پنهنجي هٿ آهي... يا هٿ ملائي هميشه لاءِ هڪ ٿي وڃون يا...... پر توهان ته محبت ۾ حاصلات جي نظريي جا پوئلڳ آهيو نه.......
    وشال: يقينن، محبت حاصلات ئي آهي... جز ڪل نه ٿيندا ته سڄي حياتي اڌ ڪٺل وجود جيان لڇندا، لوچيندا رهندا... حياتي ٽڪ ٻڌي بيهي رهندي...
    پريت: ماڻهو چوندا هن وشال!... محبت ماڻڻ کانپوءِ شدتون ڍريون ٿي وينديون آهن، اميدن جا قافلا اڌ پنڌ ۾ ئي ڦرجي ويندا آهن، محبتن جا معراج ڌرتي هاڻا ٿي پوندا آهن، ماڻهو رڳو زال مڙس ٿي پوندا آهن... پوءِ نه جهڙيالن جا رومانس رهندا آهن ۽ نه احساس جي محسوسات، نه انتظار جا مزا رهندا آهن ۽ رسڻ ۽ مڃائڻ... زندگي تڙپ جو پيٽو لنگهي ضرورت ۽ سمجهوتي جي پاتال ۾ پيهي ويندي آهي... ائين لڳندو آهي وشال! هٿ مان ڪا شيءِ ڪري پيئي آهي... زندگي پنڃرو ٿي پئي آهي... هٿن مان چاهت جو ڪبوتر اڏري وڃي ڪائنات جي اونهائين ۾ گم ٿي ويو آهي... عورت خوف ۽ وسوسن جي غار هوندي آهي وشال! مونکي ڊپ ٿو ٿي، پاڻ ڪٿي هڪ ٿي محبت جا پيمانا ڇلڪائي نه وجهون.... گهٽائي نه وجهون....
    وشال: خوف جبلت آهي، محبت حقيقت آهي.... محبت پنڌ آهي ۽ حاصلات منزل.... جيڪي ماڻهو محبوب ناهن ماڻي سگهندا؛ اهي کٽل کٽل ۽ اڻپوري تصوير جيان هوندا آهن... جنهن ۾ يا رنگ ڦڪا هوندا آهن يا...... اهڙن ماڻهن جي اندر ۾ محرومين جي ڇر وهي ايندي آهي..... جيڪا احساسن، اميدن جا ڪچا گهر پائڻ شروع ڪندي آهي.... ۽ پوءِ پريت! اندر جو سمورو ڳوٺ آهسته آهسته ڀُرڻ شروع ڪندو آهي.... حاصلات بچاءُ بند آهي پريت!... آءٌ اڪيلائين جي ڪُن ۾ ٻڏڻ نٿو چاهيان.... محبت عظيم اعتماد آهي، محبت آهڙ جو مينهن آهي، جيڪو وهم، وسوسن جا غبار ڌوئي حياتي کي فطرت جهڙو خوبصورت ڪري ڇڏيندو آهي.... مان اڌ وجود آهيان پريت! مونکي توسان ملي پورو ٿيڻو آهي.... ائين سوچ آءٌ غزل جي پهرين سٽ آهيان، تون ٻين، مان ٽئين.... ائين سڄي حياتي پورو غزل مطلع کان مقطع تائين پاڻ لازم و ملزوم آهيون...
    پريت: محبت احساسن جو سودو آهي وشال! محبت اعتماد جي الاهي سنهي ڌاڳي سان ٻڌل هوندي آهي.... شال نه ماڻهو جو اعتماد کوٽو ٿئي.... ڪڏهن ڪڏهن محبت جي انڌ ۾ اسان ماڻهن جا اصلي چهرا نه پسي سگهندا آهيون.... پوءِ... اڳتي هلي زندگي جو ڪڙو سچ کير ۽ پاڻي جا فرق سمجهائيندو آهي... انکان پهرين رڳو کير ئي کير هوندو آهي....
    (بيرو ٻه چانهه جا ڪپ کڻي اچي ٿو)
    وشال: چانهه جو ڍُڪ پي------ پريت! هميشه پهريان احساس خوشي ماڻڻ چاهيندا آهن.... آءٌ حتي الامڪان چاهيندس ته تنهنجي مُرڪ ميري نه ٿي......
    ٻيون ڏيک:
    پنجويهه سالن کانپوءِ ------------
    گهر جو ڪمرو، وشال جي اکين جي عينڪ گڏ پريت ويٺي آهي....
    پريت: وشال! عيني جي مستقبل جو مسئلو آهي، پسند جي شادي جي ته اسان جو مذهب به اجازت ڏي ٿو.... پنهنجي اڪيلي اولاد آهي، حياتي ڀر جي ڪمائي آهي، محبت سماج کان مٿانهين هوندي آهي.... جي اها ارسلان سان شادي ڪرڻ ٿي چاهي ته ان ۾ ڇا برو آهي، ٻئي هم عمر، هم ڪلاس ۽ ساڳي شعبي ۾ ليڪچرر آهن.... حياتي جو پنڌ بخوبي ڪري ويندا....
    وشال: پريت! تنهنجي ڳالهه صحيح آهي، پر اسان جي خاندان ۽ برادري ۾ ذات کان ٻاهر رشتو ورتو ته ويندو آهي؛ پر ڏنو ناهي ويندو!..... ٻيو ته ٺهيو پر ادا وڏو به ڀونچال پيدا ڪري ڇڏيندو.... اسان جي لاءِ سماجي مسئلو پيدا ٿي پوندو....
    پريت: پاڻ ٻيئي به ته مختلف ذاتين جا هئاسين.... گهروارا راضي نه ٿيا ته.... ڪورٽ مئرج ڪئي سين...
    وشال: (بيچين ٿيندي) پنهنجو دور ٻيو هو.... بعد ۾ پنهنجا مائٽ ٺهي ويا هئا...
    پريت: مان عورت آهيان وشال! محبت کي آخر تائين نڀائڻ ۽ سمجهڻ ڄاڻان ٿي، عيني جي ارسلان سان سٺي انڊراسٽينڊنگ آهي....
    وشال: توهان نٿا سمجهو، منهنجي سماجي زندگي آهي، اٿڻي ويهڻي آهي... آءٌ ڪيتري سوالن جا جواب ڏيندس، توهان سمجهدار آهيو.... عيني کي سمجهايو... هو اڃان ٻار آهي......
    (وشال اخبار ويڙهي ٿو، پريت هلي وڃي ٿي، وشال لائيٽ آف ڪري ٿو)
    (صبح ٿئي ٿي)
    پريت: وشال...!!! وشال! رڙ ڪندي ڪمري ۾ داخل ٿيئي ٿي....
    وشال: (ڇرڪ ڀري اٿي ٿو) ڇا ٿيو خير ته آهي!؟
    پريت: وشال! خير ڪونهي............... عيني ڪمري ۾ ڪونهي!!

    (پردو ڪِري ٿو)
    (ڊرامو ختم)


    بودلو....

    سڀ مرضيون تنھنجيون ھلنديون ڇا؟..... ايترو نواب صاحب آھين ڇا؟
    نه ڪنھن چيو؛
    پوءِ اچين ڇو نه ٿو .........
    نه اچڻ جي به ڪي سبب ٿين ٿا ...
    خبر آ.... سُستي ٻيو ڇا.....
    نه سڪ ته مونکي به الاھي لڳي آھي..... پر.....
    پر ڇا......
    سڀ ڳالھيون ٻڌائبيون نه آھن...ڪجهه ڳالھيون سمجھي وڃبيون آھن.......
    اھو ته مان ڄاڻان ٿي......
    پوءِ اجايو ضد ڇو ٿي ڪرين.....
    پر، مان ھڪ ڀيرو توکي روبرو ٻڌڻ چاھيان ٿي.... جيئن گوتم ٻڌ جا ڀڪشو، گوتم کي ٻڌندا ھُئا، وڏي گيان سان، وڏي ڌيان سان..... جڏھن يونيورسٽيءَ ۾ توکي آخري دفعو ٻڌو ھئم..... پنھنجي عمر کان به وڏيون ڳالھيون ڪيون پئي تو.... گھڻو عرصو گذرڻ ڪري ڪجهه ڪجهه وسري ويو آھين.... مان توکي دھرائڻ ٿي چاھيان.... تنھنجي چھري جو سبق پڪو ڪرڻ ٿي چاھيان ....
    وقت سان چھرا ڌنڌلائجي ويندا آھن..... ماڻھوءَ جون ترجيحات مٽبيون رھنديون آھن.... ماضيءَ ۾ جيئڻ وڏو عذاب آھي.......
    پر توکي اچڻ ۾ رڪاوٽ آھي ڪھڙي.... ڪجهه ته خبر آھي.... ڪجهه ڄاڻڻ چاھيان ٿي... يه ايئن چئو کڻي ڊسمبر ۾ ايندس، ڊسمبر ۾ نکري پوندو آھيان، ڊسمبر ۾ منھنجو رنگ صاف ٿي ويندو آھي، ڊسمبر جي ڌُپ مزو ڏيندي آھي....
    نه اھڙي ڳالهه نه آھي....
    ھي ڳالهه به نه آھي،ھو به نه آھي ....
    پوءِ ڳالهه آھي ڪھڙي جيڪا لڪائين ٿو....
    اچي ڪيان ڇا؟
    ڪھڙو تون اندر ۾ دٻايل، اڻ اظھاريل ڪيفيتن جو اظھار ڪنديئن....
    پنھنجي وچ ۾ شايد ڪجهه به نه ھو.... شايد انڊراسٽينڊنگ ھئي، ڪلاسميٽنيس، دوستي... بس.... ان کان اڳتي ....
    ڪي احساس جا رشتا به ته ھوندا آھن.... ڪي اڻپوريون خواھشون به ته ھونديون آھن، ماڻھو جي اندر جي ڪنھن اکيل ڪري ڏٺي آھي... ڪي دل مان نڪتل جملا نڙي جي پند تائين ٿڪي پوندا آھن؛ ڪي احساس جا وھڪرا زبان جي پٽ تي وگھري ويندا آھن؛ ڪڏھن ڪڏھن ماڻھو ڳالهه ڪرڻ ھڪڙي چاھيندو آھي، پر ڪري ٻي ويندو آھي. ڪيترين ئي ڳالھين جا ڳلا اسين گھٽي ڇڏيندا آھيون.... ڪي ڳالھيون ته تڪراري گھٽيءَ جيان هميشه جي لاءِ بند ڪري ڇڏيندا آھيون. ڪڏھن ڪڏھن ماڻھو ڪيچ جا پنڌ به ڪري ٿو وڃي ۽ ڪڏھن ڪڏھن جملن ۾ به سھڪي پوندو آھي ـ ڪڏھن ڪڏھن ھڪ جملو چوڻ لاءِ سوين جملا ڳالھائڻا پوندا آھن ـ پوءِ به اھو جملو ادا نه ٿي سگھندو آھي.... يا ماڻھو چوڻ ئي ناھي چاھيندو.....
    مطلب تون مونکان اعتراف ڪرائڻ ٿو چاھين....؟
    ڇا جو اعتراف؟
    ڇا ڪجهه شيون اڻ چيون سٺيون نه لڳنديون آھن..... شروع ڪري اڌ ۾ ڇڏي ڏيڻ ....
    ۽ ھا متان ايئن سمجھين ته تون منھنجي طلب ٿي پيو آھين...... ايئن بلڪل به ڪونھي....
    ڀلي ايئن نه ھجي پر مان توکي سمجھي به ٻيھر سمجھڻ الائي جي ڇو ٿو چاھيان....
    پر ڪجهه رشتا سمجهائي ناھن سگھبا ـ شايد انھن کي سمجھائڻ لاءِ اظھار جا، ٻولي جا گھاڙيٽا کٽي پوندا آھن ـ اھڙن رشتن کي محسوس ڪبو آھي، اھڙن رشتن جو احترام ڪبو آھي، اھڙي رشتن کي ملھائبو آھي.... سمجهه ۾ ئي ناھن ايندا... ڪڏھن ڪي معاملا، ڪي مسئلا، حياتي ڀر ڪجهه رشتن جيان اڻ سمجھا ئي رھندا آھن.....
    انھن کي اڻ سمجھو ئي رھڻ ڏبو آھي...
    ڪنھن به ڪتاب کي مڪمل سمجھي وٺبو؛ ته اھو ڪتاب ٻيھر ڪٿي پڙھبو....
    مان ته توکي آھستي آھستي سمجھڻ ٿي چاھيان... مان ته توکي ڀٽائيءَ جي رسالي جيان حياتي ڀر ورد ڪرڻ ٿي چاھيان.... مان ته چاھيان ٿي ـ مون وٽان ھر شيءَ کُٽي وڃي.... پر تنھنجو سمجھڻ نه کُٽي....
    جيئن تون ھر پيپر ڪرڻ کانپوءِ اڪثر عادتن چوندو ھئين. وڏي تياري ھئي.... ٽائيم گھٽ ھجڻ ڪري گھڻو ڪجهه رھجي ويو..... ھي رھجي ويو، ھو رھجي ويو.... رھجي وڃڻ سٺو ھوندو آھي سي ايس ايس پي.... جيئن ڪنھن جو ڪنھن وٽ رھجي وڃڻ ........
    حياتي جي ننڍي وٿي ۾ گھڻو ڪجهه رھجي ئي ويندو آھي.....
    پوءِ مان اچي ڇا ڪيان؟
    مان اچي ھڪ بند ڪيل باب کي نه ٿو کولڻ چاھيان....
    ڪڏھن ڪڏھن بي سبب به اچبو آھي. ڪيتري عرصي کان چوانءِ ٿي.... پر توکي ھر ڳالهه جو جواب کپي...... مونکي توسان ڪي راز عمر ڀر شيئر ناھن ڪرڻا.... الائي جي ڇو، مونکي ايئن لڳندو آھي، پاڻ گڏ پڙھڻ کان پھريئن به ڪٿي مليا آھيون... شايد مونکي وسري ويو آھي... مونکان اڪثر خوبصورت خواب جڏي شاگردن جيان وسري ويندا آھن.... مونکي ايئن ڇو لڳندو آھي ته تون منھنجو ئي ڪو وجود آھين..... پر مان مڃان نه ٿي... ڪي ماڻھوءَ توھان جي زندگي ۾ ايندا آھن... توھان جي شخصيت سنوارڻ، شخصيت ساز ماڻھو.. جيڪي توھانکي توھانجي شخصيت جو تعين ڪري ڏيندا آھن، توھانکي توھانجي معنيٰ ٻڌائيندا آھن...ته توھان ۾ ڪھڙيون ڪھڙيون صلاحيتون آھن، توھانجي ھجڻ جو احساس ڏياري، توھانجي پنھنجي ذات جو شعور ڏيئي... چُپ چُپاتا، توھانجي زندگي مان پولارن جا پنڌ ڪري، نظر جي حد کان ترورا ترورا ٿي ـ اکين کان اوجھل ٿي ويندا آھن. توھان کان شين جيان ھٿ مان ڇڏائجي ويندا آھن. پوءِ ڳولئي ناھن لڀندا، اتفاق سان به نظر تي ناھن چڙھندا. جيئن سماعتون انھن جي آواز کان سڪي مرنديون آھن؛ تيئن اکين جا اوسيئڙا ويندا آھن وڌندا.... ڪي ويجھا ئي ڏور، ڪي ڏور به اوڏا سُپرين....
    ڪوهه ڄاڻان ڪھڙا پرين....
    مطلب اڃان ان کي وساري نه سگھيو آھين نه....
    نه بلڪل نه....
    جيڪي ماڻھو ساھن ۾ سِبيل ھوندا آھن.... اھي ڪٿي وسرندا آھن....
    پوءِ تنھنجي زندگي ۾ منھنجي ڪھڙي حيثيت آھي.....؟ سيڪنڊ چوائس.... مونکي ثانوي حيثيت قبول ناھي...
    شايد، محبت ڪڻڪ جي ماني جيان ھوندي آھي، جنھن مان ڪڏھن به منھن ناھي ڀڄندو....
    پر ڪي خال ماڻھو ھڪ حياتي جيتري تمام محدود وقت ۾ ڀري ناھي سگھندو.... سچ ته اھو آھي، ڪن ماڻھن جا خال ڀربا ئي ڪونھن.... انھن جي جڳهه ڪير به وٺي ناھي سگھندو... انھن جي جڳهه هميشه خالي رھندي آھي... ھا! اھا الڳ ڳالهه آھي ته ڪي تو جھڙا روح ان خلا کي ڀرڻ ايندا آھن..... آسيس ملندي آھي.... ڪن ماڻھن جي ڪي ھڪجھڙايون ھونديون آھن... ماڻھو سڪ لاھيندو آهي... گھاءُ ڀرڻ جي ڪوشش به ڪندو آھي... پر ھوندو پورائو آھي.. شايد ھا، شايد نه..... ھا ۽ نه جي وچ ۾....
    پوءِ، منھنجو ڪھڙو ڏوھ....؟
    منھنجا به ته ڪي خواب آھن... ڪي آئيڊيل آھن... خبر اٿي، سموري زندگي ماڻھو پنھنجي آئيڊيل جي تلاش ۾ ھوندو آھي. اھو ماڻھو به reserved ملي ته؛ من اٻاڻڪو ٿي پوندو آھي.... ماڻھو بي شمار آھن، پر ڳالهه روح ملڻ جي آھي... مان سمجھيو شايد مونکي آئيڊيل ملي ويو آھي... منھنجو مئچ... جنھن کي مون ٻه سال سمجھيو، سوچيو، ڪي خواب اُڻيا.... خبر اٿي سَمجھيل ماڻھو ڇڏڻ ڪيترا اوکا ھوندا آھن.....
    پر تون ته منھنجي زندگي ۾ ليٽ آئي آھين..... ۽ چوندي ته پاڻ ھيائين ته مان تنھنجو پيار نه آھيان... مان تنھنجو ڪلاس ميٽ، وڌ کان وڌ سٺو دوست.... جنھن جي ھئي ته فقط انڊراسٽينڊنگ ....
    پوءِ به مونکي سمجھائي سگھنديئن ته... جيڪو ھڪٻئي جا چھرا پڙھي وڃي، جيڪو ڪلاڪن جا ڪلاڪ چپ ويھي به گھڻو ڪجهه ڳالھائي وڃي... چاھيندي به، اوھان ان کي پنھنجي سوچ مان ڪڍي نه سگھو... ان کان پل به پري نه رھي سگھو... جنھن مان اکيون ڍوءَ ئي نه ڪن ... اچي ته خوشي محسوس ٿئي، وڃي ته اداسي... موڪلون ڪري ته، ميسيج ڪري اچڻ جو پڇجي.... ڪو ان جو نالو کڻي ته خوشي ٿيڻ باوجود، خوامخواهه ڪاوڙ جو اظھار ڪجي.... ڪنھن سوال پڇڻ تي جي ڪو رکو جواب ڏي ته ڪاوڙجي... حيرت واري نگاھن سان ڏسي ڪلاس ۾ وڃي اڪيلو ويھجي.... جي احساس ٿيڻ کانپوءِ پرچائڻ اچجي نه ـ منھن ٻي پاسي ڪري ڪجهه نه ڳالھائجي.... فقط ڀِت ڏانھن بي سود ڏسبو رھجي... آخرڪار ڪاوڙ ۾ ايترو چئجي ايترو مصروف آھين ته ٻي دفعي توسان ڊسڪس نه ڪبو.... بس ڳالهه ايتري نه...بس خوش....
    ۽ جڏھن ڪلاس ۾ آخري ڏينھن موڪلائڻ مھل چيم:
    حياتي رھي ته ملبو......
    تو چيو..... بس..... فقط ملبو......
    ايتريون ڳالھيون ياد اٿئي....... نه.... بس چند ڳالھيون.....
    مون ته ايم اي جي نصاب سان گڏ توکي به سٽ سٽ پڙھيو ھو، وڏي نفاست سان تنھنجا نوٽ ٺاھيا ھا... تنھنجا ڪھڙا آدرش آھن، توکي ڪھڙا ڪتاب لکڻا آھن، تنھنجي پسند، ناپسند، تنھنجيون ڪمزوريون.... نه گرمي برداشت، نه گھڻي سردي، سردي ايندي بيمار، گرمي جو ڪچو.... تنھنجو مرڪڻ.....
    پر مان به توکان وڌ، توکي سڃاڻان.....
    مونکي به تنھنجي بھادري سان، بي باڪي سان چاهه آھي.... انڪري ئي ان ڏينھن ۾ فيصلو ڪيو ھيم ته تنھنجي آنر، گريس، فقط تنھنجي محبوب جي امانت سمجھي توھان ٻنھي جي حياتي مان نڪري ويندس.....
    توھان مونکي ٻڌائڻ ۾ الاھي دير ڪري ڇڏي..... ته تنھنجي من ۾ ڪو ٻيو آھي... ۽ توھان ان کي تر جيترو به وساري نه سگھيا آھيو..... ۽ نه وساري سگھندو....
    ظاھر ڳالهه آھي؛ مان ان ماڻھو سان ڪيئن ٿي زندگي گذاري سگھان، جيڪو اڳواٽ ئي ورھايل آھي ـ ان پھريئن محبت ۾ جيڪا ڪنھن ٻي جي حياتي جو حصو ٿي چڪو آھي......
    پوءِ به شايد ڪي گنجائشون نڪري اينديون آھن، تو جھڙا ماڻھو پوءِ به...... الائي جي ڪيئن ڪنھن جي من ۾ پنھنجو مقام ٺاھي وٺندا آھن.... شايد اھو انھن جي روين، اخلاق جو ڪمال ھوندو آھي..... انھن جي سچائيءَ جو نتيجو ھوندو آھي... ڇو ته اوھانجي زندگيءَ ۾ سچا ماڻھو به ايندا رھندا آھن....
    يا توجھڙن ماڻھن جو ڪجهه بچي ويل پيار، جيڪو اسان جھڙن ماڻھن جي حصي ۾ ايندو آھي... مان فيصلو نه ٿي ڪري سگھان.... مان توکي چاھيو ھو، يا چاھت کان مبرا ٿي ڪو روح جو رشتو ڳنڍيو ھو. جنھن ۾ نه جنس جي لالچ ھئي. نه گڏ رھڻ جو خواب..... شايد اھو ٻيو ڪجهه ھو... جنھن کي شايد مان لفظن جو روپ نه ٿي ڏيئي سگھان..... تو جيان ليکڪ ھجان ھا ته متان بيان ڪري وڃان ھا..... پر سي.ايس.ايس.پي....ڪڏھن مھا اديب به ڪي احساس پنھنجي سموري صلاحيتن باوجود اظھارڻ کان عاري ھوندا آھن... جڏھن ٻولي کٽي پوندي آھي نه سي.ايس.ايس.پي ته ماڻھو روئي ڏيندا آھن.اداس ٿي ويندا آھن... چپ ڪري ويهي رهندا آهن.....
    مان ته وري به........
    پر شايد مان ان نتيجي تي پھچي سگھان ۽ پنھنجي رشتي کي ڪو نانءُ ڏيئي سگھان.....
    تون ايڏي به سادي نه آھين.... ھا اھا الڳ ڳالهه آھي ته رٽائي آھين.... شين کي تهه تائين سمجھڻ چاھيندي آھين. انڪري تو Candida جي سماجي، روحاني پناهه چوائيس کي ساراھيو ھو ته عورت فقط محبوبه نه ھوندي آھي، اھا زال به آھي، ماءُ به آھي. انڪري، ان ۾ مامتا جو جذبو، محبوب واري جذبي تي اڪثر حاوي ھوندو آھي. شايد انڪري توکي Hamletجي محبوبه Ophilia سان ھمدردي ھوندي ھئي ته جڏھن عورت ٻن مقدس رشتن وچ ۾ چونڊ جي آزمائش ۾ پوندي آھي ته ھو ٻنھي سان برابري جو انصاف ڪري پاڻ جيون جي دستبرداري قبول ڪندي آھي. شايد تون Ophilia واري ڪامپليڪس ۾ ڦاسي پئي آھين. ڇو ته عورت جي درد کي تون ئي بخوبي سمجھي سگھين ٿي.... شايد انڪري توکيJan Austen جي ناول Pride & Prejudiceجي ھيروئين ۽ هِن جي ڀينرن کي مڙس ڳولڻ جي نمائش ۾ پيش ڪرڻ واري عمل تي اعتراض ھو ته عورت فطري طور سکيو گھر ته تلاش ڪندي آھي، پر روحاني سک به.....محفل ڇڏي اچڻ واري ھيروئن جي انا توکي ڪيڏي وڻي ھئي....
    پر،بودلا مان ته توکي سڀني ڪردارن کان اتم ڏٺو آھي... اھڙو ڪردار، جنھن کي سموري حياتي اھو نه ٻڌائجي ته ھو ڪيتري مئچوئر آھي ـ ان ۾ ڪيتري فقيري آھي. ان ۾ ڪھڙيون صلاحيتون آھن. اھا پنھنجي سڀاءُ ۾ جوھر ۾ آھي ڇا؟
    ماڻھن ۽ ڪتابن ۾ فرق ھوندو آھي سي.ايس.ايس.پي.... ڪتاب ھڪ دفعو لکبو آھي... ماڻھو روز لکجي رھيو ھوندو آھي.... مونکي تون ھڪ اينالائسز ۾ ڪيئن ٿو سھيڙي سگھين؟
    ٻي ڳالهه ته،مان توکي ايڏو سيريس الائي جي ڇو نه ورتو ھو.....
    مون کان وڌ.....
    شايد........
    مونکي اھا ئي تنھنجي ادا وڻندي آھي.... جو تون ڳالھين کي لفظن جي روپ ڏيڻ بجاءِ اکين سان اچاري ويندين آھين....
    جڏھن سڀ خبر اٿئي ته پوءِ ڇو ٿو منھنجي واتان چورائين.....
    واقعي ڪي واسطا ھوندا آھن ـ جيڪي حياتي ڀر بي نام رھندي به پنھنجو طعين ڪندا رھندا آھن..... ڪڏھن ڪڏھن ڪي شيون واقعي ئي ناھن سمجھي سگھبيون.... شايد ماڻھو، انھن کي سمجھڻ جي صلاحيت رکندي به سمجھڻ ناھي چاھيندو. شايد ڪي رشتا سمجھڻ کانپوءِ پنھنجي اھميت وڃائڻ شروع ڪندا آهن.... رشتن جو ٺھڻ ڪائناتي مظھر آھي ڪي ماڻھو اوھانجي سموري حياتي ۾ رھڻ کانپوءِ به توھانکي پنھنجو ناھن ڪري سگھندا..... جڏھن ته ڪي ماڻھو لمحن ۾ توھانکي پنھنجو ڪري وٺندا آھن ۽ سالن تائين پيا سمجھبا آھن. ڪن ماڻھن سان اوھان ڪي غير مشروط سمجھوتا ڪري حياتي زندگيءَ جو رڻ جھاڳيندا آھيو ۽ ڪي ماڻھو توھانجي حياتي ۾ نه ھجڻ باوجود اوھانجي روح ۾ ڪنھن بي گھر مسافر جيان ترسيل ھوندا آھن. توھان انھن کي ڪنھن ڀوائتي خواب جيان وسارڻ چاھيندا آھيون. پر ھو ڌنڌ پڄاڻان سج جيان اڀري ايندا آھن. اوھان ڪٿي انھن جو ذڪر ٻڌندا آھيو، ڪو انھن جو نالو کڻندو آھي... ته توھان جو ساهه ڀرجي ايندو آھي. من اساٽيل شام جھڙو ٿي پوندو آھي. منظر اوھانکي اوپرا لڳندا آھن. اوھان روئڻ چاھيندا آھيون، روئي نه سگھندا آھيون..... پر، اھڙن ماڻھن لاءِ ڪي اڻ لکا ڳوڙھا پاڻ ھُرتو نڪري ايندا آھن. اھي ڳوڙھا ئي ته ڪنھن کي پنھنجي مڪمل سچائين سان چاھڻ جي گواھي ھوندا آھن.. وڏي ڳالهه ته اھا آھي اوھان ڪي غم روئي نه ملھائي سگھندا آھيو نه ڪي خوشيون.... ۽ ڪيئي دفعا ته اھڙا ماڻھو سالن جا سال دل تان لھي ويندا آھن.... ڪي پل وسري ويندا آھن.... ماڻھو بي گُندرو ٿي پوندو آھي..... محبت کي وساري ويھندو آھي.ڪي زماني جون مصروفيتون، نوڪري، ٻار، گھر، آسائشون ڪي سمجھوتا.... پر پوءِ به اھي مور ماڻھو من جي ڪنھن ڪنڊ مان،ڪنھن روح جي جزيري مان،ڪنھن مختصر خواب وسيلي،ڪنھن ڊائري جي پنن ورائڻ سان،ڪنھن خوبصورت شام،ڪنھن جھڙياليءَ مھل اوھان جي ذھن جي پڌر تي نروار ٿي بيھندا آھن.ماڻھو کي پنھنجي ويساري تي ملامت ٿيندي آھي. بودلا!
    ويسارا عارضي ٿيندا آھن. مستقل محبت ٿيندي آھي.
    خبر اٿئي، هن سموري ڪائنات جو مرڪز محبت اٿئي.... اھي ماڻھو وڏا ڀاڳوند ھوندا آھن؛ جيڪي محبوب ماڻيندا آھن.
    ڪاش! سي.ايس.ايس.پي. پاڻ پھريئن ملون ھا.... ته منھنجي نصيب ۾ ......
    ڪھڙو نصيب.....
    بقول تنھنجي مان ته..... پوءِ به بودلا! تو اسان جھڙي ماڻھن کي خبر ئي نه پوندي آھي.... ۽ ماڻھو لاشعوري طور ويندو آھي ڪنھن جي من ۾ لھندو...
    توکي اھا ڳالهه ياد آھي... ھڪ ڏينھن ڪاريڊور جي ڀت تي ڪتاب سيني سان لڳائي اداس ويٺي ھُئين... مان امتحاني ڪمري مان اٿي اچي تنھنجي آڏو ايئن اچي بيٺو ھُيس، جيئن پُوڄاري بت آڏو بيھندا آھن......
    الائي ڪھڙي حُجت ھُئي توسان.....
    چيومانءِ .......
    پيپر جو ٽائيم ٿي ويو آھي،ھتي ڇا ٿي ڪرين...
    مان نه ڏيندم؛ تياري ناھي.....
    توھان ڏيئي اچو....
    پوءِ مان پھريون دفعو.....ھڪ منٽ لاءِ تنھنجي اکين ۾ ڏٺو ھو..... تُنھنجي تياري ھوندي آھي. پاڻ تي يقين نه ھوندو اٿئي، اٿي ھل پيپر ڏي.....
    نه مان نه ڏيندم.....
    پوءِ تياري ڪرين ھا نه،توکي ڪنھن روڪيو ھو......
    اٿي به ھاڻي...... شاباش...... ٻڌي نه ٿي ..... ٽائيم وڃي ٿو.....
    تون پوءِ به ويٺي رھي ھُئين....
    مان چيو نه، تون ڪرين سگھين ٿي پيپر..... اٿي اٿي، شاباس....
    ..........
    پوءِ ڀلا مان به نه ڏيندم پيپر.......
    تون منھن خراب ڪري ڪلاس روم ۾ ھلي ويئي ھُئين......
    ۽ ھا.... جڏھن پريزنٽيشن گروپ جي اڳواڻ ٿي ھُئين مان حسب معمول ڪلاس مان absent ھُيس.... ته تون...گروپ جا سڀ ميمبر ڪنفرم ڪري ھڪ نالو خالي ڇڏي ڏنو ھو..... خبر اٿئي ھن سنسار ۾.. بيشمار ماڻھن... ايئن ڪيترائي نالا خالي ڇڏي ڏيندا آھن...... ڪڏھن ڪڏھن ڪي جايون خالي ڇڏبيون آھن... ڪڏھن ڪڏھن اھي خال ڀرڻ جي اميد تي حياتين جا ڪيئي سج لھي ويندا آھن.... انھي خالي پڻيءَ جا اوسيئڙا وارن ۾ چاندي آڻي ڇڏيندا آھن.... ان خالي پڻيءَ جو به پنھنجو درد آھي، پنھنجو رومانس آھي..... اِھي خالي پڻا به معني خيز لڳندا آھن.... انھن جا پنھنجا نَشا، پنھنجون ڪيفيتون، پنھنجون اُداسيون ھونديون آھن... پوءِ جڏھن مان به ڪلاس ۾ موٽي آيو ھئس.... ھڪ استاد توکي ڊائس تي سڏائي گروپ پورو ڪرڻ جو چيو ھو...... تون ھَٻڪي ھَٻڪي منھنجو نالو کنيو ھو ۽ ڪلاس ۾ ھوڪرا پئجي ويا ھئا..... ڄڻ ته پنھنجو coupleٺاھيندڙن کي پڪ ٿي ھئي..... انھن ھوڪرن، سيٽين، نعرن مھل مان تنھنجي چھري کي چتائي ڏٺو ھو...... تنھنجي ان بااعتماد تاثراتن کي لفظن جي اڻپورن انگوڙن ۾ ڪيئن ٿو لاھي سگھجي.......
    ڪيتريون ڳالھيون ياد ڪري ڪيتريون ڳالھيون ياد ڪندين..... ماضي ۾ جيئڻ ڪيڏو نه مشڪل ٿئي ٿو سي.ايس.ايس.پي
    شايد ڪي ماڻھو توھانجي زندگيءَ ۾ ايندا ئي مھمان ٿي آھن..... مھمان، مھمان ئي ھوندا آھن سي.ايس.ايس.پي.... مھمانن کي آخر ڪار ھڪ ڏينھن وڃڻو ھوندو آھي..... انھن کي ڪيترو ترسائبو...... ڪڏھن خوشي پڄاڻان اداسي کي محسوس ڪيو اٿئي.... عيد جي شام، شادي جي پُڄاڻي، ۽ ڪنھن ماڻھو جي موڪلاڻي...... ماڻھو ننڍڙو ٻار ھجي ته روئي ڪڍ لڳي پئي.....
    واقعي بودلا!
    ڪي ماڻھو من جا مھمان ھوندا آھن،اوھان جي روح ۾ انھن جون اوطاقون ھونديون آھن.... انھن ماڻھن بنان اڻپورو جيئڻ ھڪ احساس جو سفر شروع ڪندو آھي جيڪو سفر اندر کي رھڙيندو رھندو آھي. افسردگين جي ڪيفيت پئدا ڪري ننڊ مان ڇرڪ ڏياري اٿاري ويهاريندو آھي. پوءِ ماڻھو ڪنھن ٻي محبوب دوست، ڪتابن، جاب، ڪچھرين ۾ پناهه ڳوليندو آھي.....
    پر بودلا! ڇا اھو ضروري آھي ته جنھن کي اوھان روح سان ياد ڪيو، اھو به اوھانکي ياد ڪندو ھوندو؟
    شايد......
    سي ايس ايس پي اھي ماڻھو ڪيڏا نه خوشنصيب ھوندا آھن، جيڪي اوھانجي زندگي ۾ پھريئن ايندا آھن، انھن سان ڪھڙي ريس..... ڪاش! مونکي به تو جھڙي روح جي رياضت قبول ٿئي ھا.... پاڻ تي ضابطو آڻيندي به توڏانھن تانگهه ٿيندي رھندي ھئي.... پر تو منھنجا سڀ رستا ھڪ ھڪ ڪري بند ڪري ڇڏيا...... تو جھڙي انسانن سان ماڻھو ڪيترائي سمجھوتا ڪري سگھي ٿو.... ڇو ته تنھنجا ڪي آدرش آھن.... ڪي مقدس خواب آھن.... تنھنجي پھريئن محبت به قبول؛ ڇو ته ان وقت مان تنھنجي زندگي ۾ نه آئي ھيس.... مان ڪيتري به ڪوشش ڪيان.... تنھنجي پھريئن پيار جي جڳه نه ٿي وٺي سگھان.... ڇو ته تون ان کي ھڪ پل به وسارڻ لاءِ تيار نه آھين...... تون شادي به ڪري ڇڏي .... ڪيڏو تڪڙو آھين سي. ايس. ايس. پي.... ھاڻي تون ٻڌائي ته منھنجي لاءِ ڪھڙي گھٽي بچي ٿي....... مونکي توکي گھڻو ڪجهه چوڻو ھو.... تنھنجي ذات تي ڄڻ ته مون ڪيئي ناول لکيا ھئا.... پر سڀ احساس تنھنجي پھريئن پيار کي ارپيان ٿي.... تنھنجي ٻارن کي ارپيان ٿي.... ائين به ڪي راز، ڪي من جا ڀيد، ڪي غم، ڪي خوشين، خواھشن جا ماڻھو جي اندر ۾ ئي مقام ھوندا آھن. تو جھڙا ماڻھو قسمت وارن کي ملندا آھن..... خبر ٿي نه ھڪ ماڻھو جا، ڌرتي جي ھن گولي تي محدود اختيار ھوندا آھن. ماڻھو چاھيندي به پنھنجا مَن ناھي ماڻي سگھندو.... ھا باقي اھو اعتراف ڪيان ٿي........ توسان ھڪ رشتو رھندو؛ پر مان ان کي ڪو عنوان نه ڏيئي سگھنديس... اھو انام رشتو ھوندو يا ڪا انڊراسٽينڊنگ آءِ ڊونٽ نو.... آءِ ڪانٽ ايڪسپريس ان ورڊس...... پر تون ڄاڻين ٿو منھنجو پيار ڪو ٻيو آھي..... جيئن تون ڪنھن سان سچو آھين، ايئن مان به...... ان رات فون تي جڏھن تون ٽاپڪ تي ڊسڪس ڪندي ڪندي اچانڪ پنھنجي سموري زندگي جو ڪتاب مون آڏو کولي رکيو ھو ته زندگي ۾ پھريون دفعو مان ڪنڀر جي ڪچي ٿانو جيان تنھنجي اعتراف جي پاڻي ۾ ڀُرندي رھي ھيس... نه چاھيندي به، تنھنجو سھارو نه سمجھي مان فراز ڏانھن مائل ٿي ويئي ھيس..... مان ڪيترائي ڀيرا توڏانھن واجھايو..... پر تنھنجي دل جي قلعي تي تنھنجو پھريون پيار قابض ڀائنيم..... مان ھر ڀيري ڀُري.... ٻيھر جڙندي رھيس.....
    مان بار بار ڀرڻ نه ٿي چاھيان سي ايس ايس پي .....
    مان تنھنجي شادي جي مٺائي کي ڪيتري وقت کان ھٿ ۾ گھڻي دير تائين رکي، توکان لڪائي ڪلاس جي دري مان اڇلائي ھئي.... پوءِ به احساس جا رشتا ڪنھن نه ڪنھن صورت ۾ زندھ رھندا آھن، جي حياتي ۾ ڪٿي آمھون سامھون ٿياسين به، ته در گذر ڪري ڇڏينداسين، ڏٺو اڻ ڏٺو ڪري ڇڏينداسين.... تون ايئن ضرور ڪجانءِ نالا مٽائي اھا ڪٿا لکندو رھجانءِ، ڇو ته اھڙين ڪھاڻين جا نه ڪڏھن انت ٿيندا آھن نه پڄاڻيون.....
    ....ھي سمورو جھان رشتن جو الجھي ويل سُٽ ئي ته آھي. جنھن ۾ تو مان جھڙا سوين، ھزارين، لکين ڌاڳا ھڪ ٻي کان ھٿ ڇڏائڻ جي باوجود، ھٿ ناھن ڇڏائي سگھيا..... مختلف ڳنڍن ۾، ھڪ ٻي کان پري، مختلف وڪڙن، وٽن، ۾ ويڙھيا پيا آھن.... سي. ايس. ايس پي...... احساسن جي واٽ جا ھزارين موڙ آھن،ھزارين چوراھا.... ڪا خبر نه ٿي پئي ته ڪھڙي واٽ وٺجي.... احساسن جا رشتا نه ساڻا ٿيندا آھن نه ئي انھن کي اَڇا پوندا آھن...ڪنھن سچ چيو آھي ته موت ماڻھو کي ھڪدم نه پر ڪيئي دفعا ايندو رھندو آھي..... مان ھڪ ڏينھن ڪلاس ۾ ان ڏينھن به شايد مري ويئي ھيس؛ جڏھن توکي شادي جي بوسڪي واري وڳيءَ ۾ تنھنجي ميندي لڳل ريٽي ھٿن ۾ پنھنجي خواب کي ڳاڙھو رئو پارائي تحليل ڪري ڇڏيو ھيم....!!


    پٿرائجي ويل اکيون....

    ٻُڌ...
    چئو....
    ڪِرائي جي پَٽ سٽ ڪر ته..... سڀاڻي آخري ٻاڻ ماري اچون...... مانَ.... بي الله... ٻچو بَچي پَئي.....
    ڪنھن کان گھران ـ ؟ نظري ته ماڻھن کي پاڻ ـ گُھر ان کان جيڪو ڏيئي نه پچاري... اوڌر به ساون کي ملندي آھي.
    تون وڃي ته ڏسجان ...... ڪڏھن ڪڏھن ڪَک مان لک ٿي پوندو آھي...
    تنھنجو ته دماغ ڪم ڇڏي ويو آھي... چري ٿي پئي آھين.... جنھن کي ڊاڪٽرن لي دوا ڪيو آھي......
    مان ماءُ آھيان..... اميد ڪيئن ٿي پلي سگھان!؟ ماءُ جي اميد قبر کان ڊگهي ٿيندي آهي.
    پاڻ غربت ھوندي وسان ته ڪونھي گھٽايو.... پُٽ پنھنجي حصي جو آھي ته بيماري ان کي ڪون ماريندي..... درگاھ پري آھي.... اچ وڃ جو ڀاڙو ڪٿان ايندو؟
    مڙيئي ڏس ڪنھن کي..... الله وڏو آھي... ٻچڙي کي درگاهه تي کڻي ھلون... ھٿ پير ھڻي رڳو ڪرايو ھٿ ڪري اچ... باقي پٽ تي سمھي، ننگر پاڻي پي گذارو ڪنداسين... ڳالهه نو راتين جي آھي... مان بِي الله....
    رات گذري ته ڪنھن کي منٿ ڪيان ٿو .پر اسان کي اوڌر به ڪير ڏيندو؟ اوڌر به سُکين ستابن کي ملندي آھي، ڪنھن آسري تي ملندي آھي.... ڪو سچ ڪوڙ ڪرڻو پوندو آھي.... پاڻ کي اوڌر ڪير ڏيندو ...... پوءِ به سڀاڻي ڪنھن کي ڏسان ٿو...... رات رڻ ۾ ڪَويل جو پنڌ ٿي پئي ٿي. ماءُ جون اکيون آسمان سان ھمڪلام ٿيڻ لڳن ٿيون..... پيٽ پالڻو ھجي ته پِني به پالي وڃون... سج نڪرڻ کان پھريئن ئي مراد ڳوٺ ۾ نڪري وڃي ٿو...... ۽ آخرڪار ڪجهه پئسا اوڌر تي وٺي واپس گھر پھچي ٿو...... معصوم ٻچڙي کي کڻي درگاهه تي پھچن ٿا..... گھڙيون پاسو ورائين ٿيون، ھڪ ٻيو ڏينھن به گذري واڳون شام حوالي ڪري ٿو......درگاھ جي اڱڻ تي بي شمار بيوسين جا ھٿ پنھنجي پنھنجي نٻل، ڪمزور، مرضن ۾ وڪوڙيل پيارن کي ھٿ پکا لوڏي رھيا ھجن ٿا. ڪنھن کي ڪھڙا مرض ته ڪنھن کي ڪھڙا مرض.... سڀئي مسئلا، سڀئي مرض دعائن جي ڌاڳن، اميدن جي آسن سان ٻڌل.... ھڪ ٻي کي آٿت.... درگاھ جي در تي ڳچي ۾ ڪپڙو ويڙھي پنھنجي پيارن جي صحتيابي لاءِ دعائون پندڙ پوڙھيون عورتون.... درگاھ جي ڪنڊ ۾ قران پاڪ جي تلاوت ڪندڙ ماڻھو.... درگاھ جي مجاور جون آٿتون ۽ آسرا..... اگر بتين جي خوشبو... چندي جي وڏا ڪلف لڳل پيٽي، درگاھ جي دروازي تي چُمجي چمجي لَسا ٿي ويل پٿر، جاري ۾ جھيڻا ٻرندڙ ڏيئا ۽ انھن جو متاثر مريضن جي بيمار بدن تي مکجڻ، درگاھ جي دري ۾ لوڻ جي لوٽي مان، لوڻ جي چپٽيءَ جو زبان کان ھيٺ لھڻ..... درگاھ جي چوٻاري کان پُٺيرا موٽندڙ زائرين جا قافلا... درگاھ جي سرينھن جي چوٽي ۾ ٻڌل علم پاڪ ۽ مجاور جي ڪوٺي سان گڏ جھونو ڇپر. ڇپر سان گڏ قبرستان، قبرستان ۾ کبڙ جي پوڙھي وڻن جو مُڙي وڃي ٿڌڙين گڦائن ۾ پٽ تي تڏي ويڇائي سمھندڙ جھونو مُجاور ۽ ڀرسان پاڻي جا ٿڌا مَٽ.... آزيون، درگاھ جي مسجد ۾ عشاءَ جي آذان.... ننگر جي تقسيم.... ننگر بطور شفا.... ۽ قبرستان ۾ ھانءُ ڏاريندڙ خاموشي.... خوابن جي قتلام، مختلف نفسياتي مونجھارن ۾ وڪوڙيل آسن سان سمجھوتا ڪندڙن، چپ، ٻڙڪ به ٻاھر ڪڍندڙ، جنن، پرين، ديو، تعويزن ۽ آسيبن جي اثر ھيٺ چُپ چپ ڪري، رکي رکي درد وچان رڙيون ڪندڙ نوجوان ڇوڪريون ۽ عورتون.. امڙ جون آٿتون.... شُڪارا ڀري ڪچي ننڊ مان اٿي ويندڙ سندن مائٽ..... الله ٻاجھاري کي ٻاڏائيندڙ مائٽ..... اڌ رات جو ڪنھن مھل مسجد جي در تي ته ڪنھن مھل پنھنجي پيارن کي سھارا ڏيئي درگاھ جي در تي رسائيندڙ ھٿن جو ٻاڏائڻ... درگاھ کان پرڀرو لوڪ کان لڪائي ڍوءَ تي ڍنڍھڪار ڏيئي روئي ھانءُ ھلڪو ڪري ايندڙ پيءُ جا بس نه ڪندڙ ڳوڙھا.... درد وچان دانھن، آھن، چرپر، روئاٽ تي بار بار ڦٽندڙ ننڊ.... اُڪ، مڇر بي چيني..... ڪنھن ڪنھن مھل ڏکڻ جي ھوا جو ٿڌڙو جھوٽو...... ۽ پيڙاءُ کي جھٽ گھڙي جي ننڊ....... عصر ويل اڊڪو ڏيئي اٿندڙ پيءُ جو بيمار پٽ کي سنڀارڻ...... ٿَڪي پيل ننڍڙي دل ۽ ٿڌو ٿي ويل وجود..... خالي کيسو..... درد کي ڳيت ڏيئي...... ڪلھي تان ڪپڙو لاھي.... معصوم ٻچي جي چوڌاري ويڙھي ڪلھي تي رکي..... تازو ئي ٿڪي ستل ماءُ کي لوڏو..... ۽ ھلي پوڻ.....
    ڇا ٿيو؟
    منھن تي آيل مضبوط ھٿ......
    ۽
    پويان پويان اچڻ جو اشارو..... وڏي وڏي ٻرانگھن سان درگاھ جي حد مان نڪرڻ.... ماءُ جون سُوالي نگاھون... ماءُ جون اميد اڃان قائم.... متان ٻچڙي کي اسپتال کنيون ٿا وڃون...... متان ٻي ھنڌ... ڪنھن مھل سڄي پاسي منھن تان ڪپڙو لاھي، ڪنھن مھل ڊُڪي کٻي پاسي ڏانھن منھن تان ڪپڙو ھٽائي ڏسڻ جي ڪوشش...... اڍائي اڍائي مڻن جو وزني ٻوريون کڻي ڪُڏائيندڙ مزدور پيءُ جي ڪُلھن تي ايترو بار جيئن ڪنواٽ جي ڪلھن تي اٺ جيترو بار..... پنڌ ئي پنڌ... واريءَ جو پنڌ..... پويان سوالي اَکيون...... واپس گھر تائين پنڌ....... ڇِڳل کٽ تي رکيل معصوم لاش..... ماءُ جا اڀ ڏاريندڙ پار...... ۽ ڀت سان ٽيڪ لڳائي ويھندڙ پيءُ جو پٿرائجي ويل اکيون....!!


    پيراڊو

    سج زمين جي سيني تي جيئن ئي روشني جو پلئه وڇايو.......تر جي ونگاريل ٽريڪٽرن ٻن واريءَ جي دڙن جي وچ واري زمين ۾ ڪيڻ گھمائڻ شروع ڪئي......رات اڳواٽ ئي سموري تر ۾ پيراڀيٽ جو پڙو گھمايو ويو ھو ته علائقي جا سمورا نوجوان نيت پت ڏيڻ لاءِ وارياسي پٽ تي پيرا ڀيٽ ڪرائين ـ جيئن ئي صبح جُوان ٿي ته واريءَ جي دڙن تي پڪا پوڙھا، نوجوان ويا گڏ ٿيندا. چوڌاري واريءَ جي دڙن تي ويئي ڪَئه وڌندي..... دڙا ماڻھو جي ڪپڙن سان ويا رنگين ٿيندا.... جيترا وات، اوتريون ڳالھيون.... ڳالھين جا ڳوٺ ٻڌجي ويا.....
    چوري والو واري آڪهه کان ٻاھر ڪونھي.... ڀٽاريءَ ھُئي به پنھنجي مھينن ۾.... چاچي ڪيھر ڪانڀ ڪڍندي چيو.....
    جندل الله نه ڀلائي ته چور ڳئون ڏاکڻين ڪس وڃي ٿمي......
    واھور پيرو ڪاٿي وڃايو؟
    ادا پيرو ڏنگو ڦِڏو ،انڌو منڊو لڳندو ويو...مڙس ڪاھڻ وارا ٽي ھِن ـ ھڪ کي ٽائر آ،ھڪ جو دڦ،ٽيون پيرن اگھاڙو....ھوا پير لٽي ڇڏيا ھا....پر مڙسن پيري جي جند ڇڏي ڪون...وڃي گھٽ جھليائون.....پر چورن جي ڪاتيءَ تکي.....
    پوءِ.......
    پوءِ وڃي ريل جو بند ڏنو اٿن....
    خيرا! آھي ته بخشڻ جاڳريءَ جو تڪڙو..... پوءِ....
    بس ادا ڪِسني........
    سڄو ڏينھن ھو زمين تي.... ان ڏينھن ئي ٻنو جھلي... مس اچي رات چِرڪي گھر پھتو ھو.... بس پوءِ پوئين رات جيئن ئي اک لڳي اٿس ته ھنن ڪئي آ الله تُھار.....
    ھائو يار........
    ڪُتن جي به باھوڙ ھُئي....... مان ڪَنايو... صدوري کي به اُٿايم.....
    مان چو، ابا ٻاھر نڪري، واڙي ۾ مال سنڀار..... ڪُتا ڇو ٿا ڀونڪن؟؟!
    چي: ابا ملڪ ۾ چوري جو نانءُ ئي ڪونھي ،ڪتن ڪو اوپرو ڪتو ڏٺو ھوندو.... ڪت جي به موسم آ.......
    ادا!
    جوان مڙس ھِن.......
    مونکان سُمھيو ٿئي ئي نه..... مينھن ڀٽاريءِ جي ٽلي به وڌو وھم..... چڱو جي اٿي وڃي....ليٽ ٻاري ڏٺم ته ڀٽاريءِ جو رسو سوڙھو ٿيڻ ڪري، گھٽو پئي کاڌئين.... اجو وڃي پاڻ ڍلو ڪيو ٿم....
    اڃان موٽي آلھيو مس آن ته ايڏانھون توھان آري پاسي ڏانھن ڪُوڪڙي ٿي...... مان ته پھريئن ھڪل سڃاتي..... بخشڻ جي ھئي.....
    ايئن ئي جندل سٽ ڏيئي اٿيو.....
    آيا سي ڙي آياسي.......پئجي ويئي......
    پنھنجي ته پيڙھين کان وٺي پھريئن ڪوڪڙي جي واٽ آ ادا..... پوءِ ملڪ اٿي پيو.... جنھن کي جتئون آئي لٺ، باٺو بندوق کڻي اٿي پيو.... پئي بندوقون ڇڏيائون... پر، پوءِ پتو پيو ته بخشڻ کي مال سنڀارڻ ۾ ڳچ دير ٿي ويئي ھئي.... چور پھريئن نڪري ويا ھا.....
    ھائو ادا!
    پوءِ رات پنڌ جو نبيرو..... پر ٻيلي گھٻراءِ نه خدا بخش تر جي ذات انسان جو پيرو ڇڏيندو ڪون. چوندا ھن خدا بخش کي چور جي پيري جي ڌپ پوندي آھي...... چور ڀلي ست پر پائي اچي؛ پر پُئي وڃي پٽيندس. چاچي الله جوائي ٻِيڙي دُکائيندي چيو...
    الله جوايا تنھنجي ڳالهه اڳتي پر ٻيلي ڪنھن ڪنھن مھل لِڪ به ڪندو ٿي.......
    ضرور زمانو آھي ادا،ست ـ طرفي دشمني کي به ڪي مڙس منھن ڏين....
    نه نه ان ڳالهه ۾ خدا بخش ٻه دفعا مڙس ماڻھو آھي.... مھل به ملھائي ڄاڻي..
    تڏي جو به مڙس ماڻھو آ،ڀلي ڪٽڪ اچي مھمانن جا لھنس ته به منھن ۾ وڪڙ نه وجھندو....
    ھائو ير، تر ۾ خدا بخش جو نالو ته گاڏي ئي ناھي کڻندي.....
    او ميان ٻيو ته ھن جي پيرا پرکائي جا سوين قصا پر ورھين کان زمين تان گم ٿيل لسي جو وٽو گم ٿي ويو ھو.... سو ھي پئي آيو رستو ورتي، گدڙ جي پيري تي نظر پوندي ئي، ٻي ڏينھن وڃي گدڙ جو پيرو گدڙ جي گور ۾ وڌائين؛ گورکوٽائي وٽو وڃي ڪڍايائين....
    رسول بخش پيو ڳالهه ڪري ته ھڪ چوري وڃي ڪيائون.پيرن تي ڳوڻيون ويڙھي، مٿئون ڏاندن وارا ڇڪا چاڙھي، دڦ به ڪندا ويا، چال به مٽايائون، پيري وڃائڻ لاءِ ڄنگھن سان ٽارا ٻڌي، گھسيٽا به ڪندا ويا....وڏي ڳالهه اھا ته ان چوري ۾ ھڪ نئون ڇوڪراٽ لقمان به گڏ ھئن.... نئون نئون اٿيو ھو.... پھريئن چوري ھيس.... خدا بخش کان پيرو ڪرايائون ......
    پيرو جاچيندي....... اتي ئي ڦھڪو ڪرايائين....
    چي: نئون پير آ، پر پيڙھي رسول بخش وارن جي مان آ، پوءِ جي رسول بخش جو ماروٽ لقمان آ، ته به خاصو، جي ڪو نئون چور سماڻو اٿن ته به خاصو.....
    خدا بخش اچي چورن کي ڪَڪ ڪيو.....ڪا چوري ڦٻڻ ئي نه ڏين.... اصل وڃي واھر کي ٿم تي بيھاري.... ڪيئي دفعا چورن اڳ وريس، وڙھيس، دھمان دڙڪا، دشمنيون پر خدا بخش پيرو ڪرڻ نه ڇڏيو.....
    چاچا اھا به خدا جي ڏات چئبي..... جو ماڻھو ، ماڻھو جي وک، کُر، پير، چال، چنبو لَکي وڃي چور جي ڪلھي تي ھٿ رکي.... جمعي مُڇ ٺاھيندي چيو
    پر يار جواني جي جوڀن ۽ پوڙھائپ ۾ زمين آسمان جو فرق آ.... ھاڻي خدا بخش ۾ اھا رَڏي نه رھي آھي... اکيون به ويھجي ويون اٿس، پير پاکڙن ۾ اٿس.... ويتر زمانو به ظھير ٿي ويو آھي، اڳيون وقت ڪاٿي رھيو آهي.
    پيريءَ کي سئو سوراخ.....
    پر چاچا پوڙھو اٺ ٻه ڪنواٽ لھي.....
    نه با، نه ھاڻي اُھي چور رھيا آھن؛ نه ساڌ... نه اھا زبان، ھاڻي ته ابا ماڻھو ست زبانو ٿي پيو آھي.. اڳي چور تَر ۾ چوري نه ڪندو ھو.... اوڙي پاڙي جو خيال ڪيو ويندو ھو.... مڃبي ھئي ته موثائبي ھئي.... چوري ھئي، ڏاڍ نه ھو... ھاڻي ته تيل جي جاءِ تي پاڻي ٿو ٻري........ ماڻھو صبح جو ھڪ ته شام جو ٻي ڳالهه ڪندو.....ماڻھو ڦرندي دير ئي نه آھي ....ماڻھو جھٽ تولو آ، ته جھٽ ماسو......
    ميدان تي پٽڙو ته لڳي ويو آھي......
    پر خدا بخش دير ڪئي.....کڻڻ ويا اٿس.....
    مڙس جھونو آ......
    ادا ھو ڏس اچي نه ويا......چاچي الله جوايي اکين مٿان ھٿ جو ڇپر ٺاھيندي چيو...
    ھائو ٻيلي.....
    وڏي واڪي اعلان ٿئي ٿو......
    اتريان،ڏاکڻيان،اوڀاريان،اولھائان سڀ لھو ميدان ۾.....شلوارون ڪُنجي پنين تي ڪيو .....
    پھريئن ٽولي گھمڻ کانپوءِ....خدا بخش پير ڏٺا....
    ٻي ٽولي،ٽيئن ٽولي آخرڪار سڀ ميدان تي پيرين اگھاڙا گھميا ـ جيئن ئي پھريئن ٽولي گھمي چڪر پورو ڪيو ته، ٻي ٽولي گھمائڻ کان پھريئن ٽريڪٽر سان پٽڙو گھمائي پيرن جا نشان مٽايا پئي ويا.....آخر ڪار علائقي جا سڀ نوجوان گھمي مٿي چڙھي بيٺا ته...سڀني ماڻھن جي نظرن خدا بخش جي چھري کي چنڊ جيان ڏسڻ شروع ڪيو....اجھو ٿو خدا بخش چور جو نالو هتي ٿو کڻي.....يا ڀاڳئي کي پنھنجي جاءِ تي ٿو ٻڌائي.....
    خدا بخش پاڳيءَ چور جو نالو کڻندي وراڻيو......سواءِ چند پيرن جي ھر پير ؛ چور جو پير ٿو لڳي ـ ايئن ٿو لڳي ھر ڪنھن ڪا نه ڪا چوري ڪئي آھي ـ ڪنھن جو نالو کڻي ڪنھن جو نالو کڻان ـ ايئن سمجيو کڻي بخشڻ جي ڳئون جو پيرو چند گھرن کان سواءِ؛ مان ھر دَر اڳيان وڃايو آھي....!!


    مان انسان ٿيندس

    اڄ،ڌنڌ ،جهڙيالي ۽ سخت سيءُ باجود هيڊ ماستر صاحب ساجهر اسڪول پهتو هو.پٽيوالا ڪلاسن کي گهوٽ جيان سينگارڻ ۾ جنبيل هئا. ڪنهن ٻهاري ڏيئي ڇڻڪار پئي ڪئي، ته ڪنهن کجي جي ڦرهن سان ڄارا پئي لاٿا، ته ڪي وري فرنيچر جي ڇنڊ ڦوڪ ۾ رڌل هئا.ڪجهه رستي تي چوني سان آڌر ڀاءُ لکڻ ۾ مصروف هئا. ڪلارڪ به گرم ڪپڙن ۾ ويڙهجي سيڙهجي پهتل هئا ۽ ريڪارڊ سيٽ ڪرڻ ۾ پورا هئا.استاد صاحبان به معمول جي ابتڙ ٽائيم تي هڪ هڪ ٿي پئي پهتا ۽ پهرين سَٽ حاضري رجسٽر تي صحيح ڪرڻ لاءِ پئي ڪيائون.......اسيمبلي لاءِ گهنڊ وڳو،ٻار گڏ ٿي قطارون ٺاهي بيٺا،قرآن پاڪ جي تلاوت کانپوءِ ترانو پڙهيو ويو جئين ئي ٻارن استادن ۽ هيڊ ماستر کي سلام ڪيو ته هيڊ ماستر ٻارن سان مخاطب ٿيندي چيو: اڄ ڪيڏا سهڻا لڳو ٿا اسڪول يونيفارم ۾_بابا جيئن ته توهان کي خبر آ،اڄ جج صاحب سيڪيورٽي رپورٽ جي سلسلي ۾ پنهنجي اسڪول جو دورو ڪندو_ ڪلاسن ۾ گوڙ نه هجي،هڪ استاد جو پيرڊ پورو ٿئي ته يڪدم ٻي استاد کي سڏي اچڻو آهي_جج صاحب سوال پڇي ته ڪوشش ڪري صحيح جواب ٻڌائڻا آهن.
    هاڻي قطار ٺاهي ڪلاسن ۾ هلو................
    ٻارن جي وڃڻ کانپوءِ استاد به پنهنجي پنهنجي پيرڊ وٺڻ لاءِ ڪلاسن ۾ هليا ويا ۽ ڪجهه استادن اسٽاف روم جو رخ ڪيو... اڄ اسڪول جو نقشو ئي مٽيل هو...
    پٽيوالي جي ديد دڳ ڏانهن هئي... جئين ئي جج صاحب جي ڪار کي ايندو ڏٺائين...سڌو وڃي صاحب جي آفيس جو در کولي چيائين:
    سائين جج صاحب اچي ويو.............
    ٺيڪ آ،استادن کي ٻڌائي،ڪلاسن ۾ ڪنٽرول ڪن.....
    پٽيوالو هر ڪلاس جي در آڏو بيهي هڪ ئي جملو ورجائيندو ويو....
    سائين جج صاحب پهچي ويو اٿوءَ،هوشياري وٺو_ٻار ڪتاب کولي پڙهڻ لڳي ويا.....جج صاحب ، هيڊ ماستر ۽ جج صاحب جو گن مين آفيس مان ٿيندا سيڪيورٽي معاملن تي ڳالهائيندااچي ڏهين ڪلاس ۾ داخل ٿيا ته سڀني شاگردن ڪورس جي انداز ۾ اٿي سلام ڪيو....۽ جج صاحب وعليڪم سلام چئي سڀني کي ويهڻ جو اشارو ڪيو.....
    سڀ ٻار جج صاحب ڏي اچرج وچان نهارڻ لڳا..... جج صاحب روايتي سوال پڇڻ کانپوءِ هڪ ٻار ڏي آڱر جو اشارو ڪيو ۽ پڇيائين:
    ها پٽ تون وڏو ٿي ڇا ٿيندين؟
    سائين ڊاڪٽر!
    ڍورن جو،ماڻهن جو؟ ڪلاس ۾ ٽهڪڙو
    ماڻهن جو سائين
    هممم،ماڻهن جي ڳري فيس ذريعي کل ته نه لاهيندين ؟ ڪي ڦورو ڊاڪٽر ٿيندين؟
    نه سائين مان ڊاڪٽر ٿيڻ کانپوءِ غريب مريضن جو علاج فري ڪندس.........!
    همممم،سڀ ائين چوندا آهن،بعد ۾ ڦري ويندا آهن....
    ها بابا تون ٻڌاءِ؟
    سائين مان انجنيئر ٿيندس...
    گڊ،پر ايماندار انجنيئر ٿجان_ائين نه ڀُتيون پُلون ٺاهين ۽ ڀيلا روڊ اهي به ڪاغذن ۾...........................!
    ها ڇوٽو تون ڇا ٿيندين؟
    سر مان فوجي_ ويلڊن
    ها ننڍڙا تون ؟
    سائين مان استاد ٿيندس.....
    همم،گوسڙو استاد ته نه ٿيندين نه؟
    نه سائين _
    ها بابا فرض شناس استاد ٿجان_ پنهنجي قوم کي هڏ ڏوکي ۽ ايماندار استادن جي شديد ضرورت آ.....
    ها بابا تون؟
    سائين مان؟
    نه هو جيڪو دري جي ڀرسان ويٺو آهي_ ها ،ها تون.....
    سائين مان پوليس آفيسر ٿيندس.....
    زبردست،راشي پوليس آفيسر ٿيندين يا فرض شناس؟
    سائين فرض شناس....
    ڏسون.....
    تون مشڪي؟
    مان وڏو ٿي گهوٽ ٿيندس! ڪلاس ۾ ٽهڪڙو....
    جج مسڪرائيندي.... همممم،اهي ته سڀ ٿيندا.
    ها ،تنهنجو نالو ڇا آهي.....؟
    سر بلال، تون ٻڌاءِ؟
    سائين مان ڊي سي ٿيندس.
    واھ واھ...... تون؟
    مان سائين سياستدان ٿيندس ۽ ملڪ جي خدمت ڪندس......
    ڏسجي،جيتري ٻين ڪئي آ،پنج ئي آڱريون پيٽ ۾_ پٿر هضم،لڪڙ هضم.....
    نه سائين مان بي ايمان سياستدان نه ٿيندس......
    ۽،ٽوپي وارا تون؟
    سائين مان عالم ٿيندس
    ها،عالم ٿجان ۽ حقيقي مذهب جي پرچار ڪجان.....
    تون ؟
    سر مان ڪرڪيٽر......
    سائين مان دڪاندار...
    مان،سر،پائليٽ....
    سائين مان مختيارڪار....
    گڊ، ها مفلر وارا تون ڇا ٿيڻ پسند ڪندين؟
    سائين ! جيڪو نصيب ۾ لکيل هوندو....
    ها،پر سخت محنت ڪندين ته نصيب به ڀلو ٿيندءِ نه ....
    جي سائين...
    ڏسو ،آءُ جڏهن ايل .ايل. بي ڪندو هئس ته ڪاليج ٽائيم کانپوءِ ٽيوشن پڙهائي،پڙهائي جا خرچ پورا ڪندو هئس ۽ سخت محنت ڪيم ته آخر ڪار جج جو امتحان پاس ڪيم _تعليم غريب ماڻهن جي دولت ٿيندي آهي. غريب ماڻهن وٽ هڪ ئي هٿيار آهي ۽ اهو آهي تعليم ۽ ميرٽ. جنهن وقت جو قدر ڪيو ۽ سخت محنت ڪئي ته اهو منزل ضرور ماڻيندو:
    جي سائين!
    ها بابا توهان ڇا ٿيندوء ؟
    مان وڏو ليڊر ٿيندس....عوام دوست ليڊر ٿجان.
    سائين مان صحافي ٿيندس...
    صحيح آ،پر قلم جي حرمت جي پارت اٿئي،صحافت انتهائي نازڪ فيلڊ آهي....۽ ،هي جيڪو توهان سان ڊيسڪ تي گڏ ويٺو آهي.....سر،مان وڪيل ٿيڻ چاهيان ٿو....تون،آءُ پنهنجو ڪاروبار ڪندس...،مان وڏو زميندار ٿيندس....
    هاڻي آخر ۾ تون ٻڌاءِ..........او جيڪو ڪُنڊ ۾ ويٺو آهي....نه نه تون نه .... جيڪو آخر ۾ ڪنڊ ۾ ويٺو آهي....
    سائين ذري گهٽ هر شعبي ۾ ماڻهن جو رش آهي؛ پر ماڻهپي جو ڪال آهي،انسانيت جي اُڻاٺ آهي....ان ڪري مان ڪجھه ٿيڻ کان پهرئين ”انسان ٿيندس....!“


    احساس!

    هلو..... ها، امان کي فون ڏي.....
    هلو... امان!....
    جي ابا.....
    امان طبعيت ڪيئن آ....
    ها ابا.... هاڻي ڪجهه ٺيڪ آهي....
    امان... بلڊ پريشر جي گورين سان هيڻائي جون گوريون به موڪليون اٿم..... رات جو هڪ کير سان کائيندي ڪر....
    ها ابا........
    ٻيو امان!....ڳالهه ڪٽجي ٿي شايد ڳوٺ ۾ سگنلس جو مسئلو آ..... سڀاڻي ڪال ڪندس.....
    ابا.... توکي ڏٺي ڏينهن ٿيا هِن....اکين کي سڪ لڳي آ ابا..... ساھ تي ڪهڙا اعتبار.... ٻچا!.... هن ڀيري گوريون ڀلي نه موڪلجان...... تون چڪر ڏيئي وڃجان...............................................!!!!!!!


    امداد...!

    اڄ رات ننڊ نيڻن کي پنهنجو ڪري ئي نه پئي........... امدادي راشن جو ٻاچڪو مرچن جي لپ ٿي پيو هو ڄڻ.... ڇا آهي پوءِ؟........ وڏيرو خانڻ به ته پنجاهه بيگ راشن جا وٺي آيو آ................ چي: توهان غريب پِني، سر تغاري کڻي به پنهنجو ٽٻر پالي سگهو ٿا؛ اسان ته نه روزي ڪمائڻ جهڙا نه پنڻ جهڙا............. سو وڃي پنهنجو بلو پاڻ ڪيو...................!
    هڪ ٻاچڪو ئي ته وٺي آيو آهيان............... ائين به منهنجا پورا پنج ايڪڙ وونئڻ برساتي پاڻي هيٺ آهن........... ان حساب سان مان به حقدار ٿيس نه..............
    هو خانو ٺيڪيدار به ته ڏهه ٻاچڪا وٺي ويو آ.......... پر يَر منهنجو گهر ته نه ڪريو آهي............. منهنجو سارين جو فصل به بچي ويو آ.......... پگهار به کڻان ٿو....... ائين به، اڄڪلهه جي زماني ۾ ڪير مسيت جو ڪک آ...........؟! مختيارڪار کان ويندي منسٽر تائين.......... سڀئي امدادي مال ڳڙڪائين پيا ............ مان به هڪ بيگ ئي ته ورتو آ......... ڪهڙو ڏوهه ڪيو اٿم................
    جيڪڏهن مان مستحق آهيان............. پوءِ هي اڻ تڻ ۽ اندر ۾ اڌ ماٽ ڇا جو؟ ڇا مان غلط ڪم ڪيو آ...........؟!
    سڄي ڳوٺ وارا ته راشن وٺي آيا آهن زميندار، سکيا، زمينن وارا، پگهاردار ........ ٻيو ته ٺهيو.........
    خير جانب وارا ته وري به حقدار آهن..................
    حرام ۽ حلال جو ته ليکوئي ناهي........... رڳو آ نفسا نفسي..........
    پر مان ڪنهن جو حق ته نه کسي آيو آهيان........!؟
    خير هڪ بيگ جي ڪهري ڳالهه آهي............
    ڪئين ڪيان..................؟
    راشن بيگ ڪنهن حقدار کي ڏيان...........
    ڏجي.................
    نه ڏجي..............
    ڏجي...............
    ائين ٿو لڳي هي راشن وٺي مان پنهنجي نظرن ۾ پاڻ ڪري پيو آهيان!!! ماڻهو ته سمهي پيا آهن پر هي چنڊ، تارا ۽ رات ڄڻ منهنجي بي واجبي جا تماشائي ٿي پيا آهن
    ڀلي بک ڀرم جي شل مَ وڃي شان.......
    پکي به ته انسانن کان ڀلا آهن.....
    حريص انسان...........!
    ماڻهو نه، ماڻهو جو ظرف وڏو هجڻ گهرجي...........
    ماڻهو ڀلي سڀني جي نظرن ۾ ڪِري پوي؛ پر پنهنجي ضمير جي نظرن ۾ نه ڪِري..........
    ڇا آءُ واقعي ڏوهه ڪيو آهي................
    ها شايد.............. بلڪه پڪ سان وڏو ڏوهه، قومي، اخلاقي مذهبي، سماجي ڏوهه..........
    آءُ اهو ڏوهه نه ڪندس..............
    سڀاڻي هي راشن جو بيگ ڪنهن حقدار جي حوالي ڪري پنهنجي اندر جي آڏو، پنهنجي ضمير جي آڏو پنهنجي سماج آڏو سرخرو ٿيندس........ ۽ ڪپهه جهڙو هلڪو ٿي پوندس..................!


    انگ اگهاڙا ٿري ٻار...!

    چندو ۽ چاندي راڻي نالي مينگواڙ کي ٻه ڌيءَ پٽ هئا. جيڪي جاڙا پئدا ٿيا هئا. ماءُ انهن کي جنم ڏيئي وڃي موت جي اگهور ننڊ سمهي پئي. پاڙي جون عورتون انهن جو پيءُ چندو ۽ چاندني کي پالڻ لڳو. جڏهن چندو ۽ چاندني 8 سالن ي عمر ۾ پهتا ته انهن جو پيءَ راڻو ٽي.بي جهڙي موذي مرض ۾ وٺجي ڪجهه مهينن اندر زندگي جي بازي هاري ويٺو. هاڻي چندو ۽ چاندني يتيم ٿي ويا. پيٽ جي دوزخ کي ٿڌو ڪرڻ لاءِ سرندي وارن وٽ کڏين ۾ ڪم ڪرڻ لڳا جتي لوئيون. کيس ۽ کٿا ٺاهيا ويندا آهن. اڄ انهن جو ڪم ڪندي پهريون ڏينهن هو. چندو کان ڪم ڪندي غلطي ٿي پئي ته کڏي جي مالڪ هٿ ۾ پڪڙيل ڌاڳا ڪٽڻ وارو اوزار هو ۽ اهو تيز ڌار اوزار چندو جي هٿ ۾ زور سان هنيائين. چندو کان اڀ ڏاريندڙ دانهن نڪري ويئي ۽ چاندني کي ڀاءَ جي هٿ مان وهندڙ رت ڏسي وڃي ڀاءُ جي ڇاتيءَ سان چنبڙي پئي. آخرڪار سور ۽ سختين جا ڏينهن گذاري جيڪي مزدوري جا پئسا مليا. انهن مان گذارو ڪري چندو شيون خريد ڪري پنهنجي سفر پورو ڪري وڻن جي پويان لڪي ويو ۽ رات ڪاري چادر اوڍي ڀرپاسي جي هر شئي کي ڪاري اونداهي هيٺ لڪائي ڇڏي ٿي ۽ ٿر جي واري جي دڙن جي پوئين پاسي ڏانهن طوفان جو آواز اچي ٿو ۽ اهو آواز ايترو ته خطرناڪ هجي ٿو جو چاندي ۽ چندو هڪ ٻي کي ڀاڪر پائي رڙيون ڪرڻ لڳن ٿا ۽ روئي رڙيون ڪري جهونگارين ٿا.
    اوسين آهيون ٿر جا لاوارث ٻار،
    نه ابو نه امان تنهنجو آسرو اي يتيمن جا يار،
    ڪر ڪا سار سنڀار اي ٻاجهارا رب ستار،
    اسين ٿري لاوارث ٻار آهيون آسري تنهنجي.
    طوفان پهنجو تباهيون مچائي هليو ويو ۽ چاندي سڏڪا ڀري چندو کان پڇڻ لڳي، چندو ڇا اسين واقعي ڇورا ٻار آهيون؟.... هن هيڏي ساري سنسار ۾ پنهنجو ڪم سهارو ڪونهي؟ چندو وڏو ساهه ڀري چپن جا بند ٽوڙي چوڻ لڳو چاندني پنهنجي قسمت جي چاندني ۾ ڪڏهن به چانڊاڻ ڪونه ايندي. پنهنجي زندگي ۾ ڏکن جا کوڙ ڪڪر دردن ڀري برسات وسائيندا پر هوا جي هڪ خوشگوار جهٽڪي کان به ٽپندي سسڪندي رهندي پنهنجي سورن ڀريل زندگي ۽ ايئن ڳالهيون ڪندي ڪندي چاندني جي چهري تي ننڊ جا خمار ڦيريون پائڻ لڳن ٿا. ۽ آخر ننڊ جي ديوي چاندني کي ورائي وڃي ٿي. چندو به آسمان ڏانهن تڪيندي سُمهي پوي ٿو. صبح جو جهرڪيون سجاڳ ٿيندي ئي گوڙ ڪن ٿيون ۽ چندو جي اک کلي وڃي ٿي، چاندني به ننڊ مان سجاڳ ٿئي ٿي بنا نيرن ڪرڻ جي کڏي تي ڪم ڪرڻ لاءِ هليا وڃن ٿا. اڌ ڏينهن بنا ڪنهن ساهي جي ڪم ڪرڻ کانپوءِ چندو ڪجهه گهڙيون آرام ڪرڻ چاهي ٿو. پر بي قياس کڏي جو مالڪ چندو جي ڳل تي ٿلهي هٿن سان چماٽ وهائي ڪڍي ٿو ۽ ٿلهيون اکيون ڦوٽاري چوڻ لڳي ٿو ڇورا جي ڪم ڪرڻو اٿئي ته بنا ڪنهن ساهيءَ جي ڪر. نه ته مونکي توجهڙا ٽوٽي مزدور نه کپن. لالچ جي ٻيڙي تي سوار ان وحشي مالڪ کي چندو جي بي وسي نظر ڪو نه ٿي اچي ۽ چندو جي اکين مان ڳوڙهن جا وهڪرا نديون ڪري وهن ٿا. ڏکن جو سڄو ڏينهن گذاري جڏهن شام جو کڏي جو مالڪ چندو جي تري تي چند روپيا رکي ٿو ته چندو جي سڪل ۽ ڏٻري منهن تي خوشي جا جهومر جهمر ڪرڻ لڳن ٿا ۽ ڀيڻ چاندني کي ساڻ ڪري دڪان تان ڪا شئي خريد ڪري پيٽ جي گهرج کي پورو ڪن ٿا.گهر اچي رات ٿيڻ کان پهريائين ٿڪاوٽ جي ڪري ٻنهي کي ننڊ ورائي وڃي ٿي. رات جو ڪجهه پهر گذرڻ کانپوءِ ڊگهي قد جو هڪ شخص جنهن جي پوري بدن تي باهه ٻري رهي هوندي آهي اچي ٿو. چندو ڊپ وچان ان کان پڇندو آهي. تو.... توتو.... تون. ڪ ڪ ڪ ڪير آهين. اهو همراهه وڏا وڏا ٽهڪ ڏيئي چئي ٿو........“آئون ٿر آهيان” ٿر! چندو هٿ ٻڌي عرض ڪري ٿو اي ٿر مون کي بخش ڪر مون کي نه ساڙ، مون کي معاف ڪر! ٿر چوڻ لڳيس ٿو اي لاوارث ڇوڪرا تون مون کان نه ڊڄ آءُ به تو وانگي لاوارث آهيان. هي ڏس منهنجي بدن تي باهه ٻري رهي آهي. سالن کان منهنجي بدن تي مينهن جو هڪ ڦڙو به ناهي وسيو مون تي رهندڙ ماڻهو ظالم ٿي پيا آهن، ٿر جهڙي پُرامن ڌرتي تي ايڏو انياءُ، ٻِٽا قتل، ظلم بربريت.... هر ظلم تورڻ کان به ڳرو ٿي ويو آهي. هاڻي آئون پنهنجي مظلومن جا بي گناهه بار نٿو جهلي سگهان. اي ڇوڪرا تون خدا آڏو هٿ کڻي دعا گهر، ته جيئن خدا مونتي مينهن وسائي ۽ منهنجي سڙي ويل بدن تي ساوڪ ئي ساوڪ ٿي پئي. چندو تجسَس وچان ان ڏي ڏسي ٿو. ٿر جي چوڻ باوجود دعا لاءِ هٿ نٿو کڻي آخر ٿر تنگ ٿيندو چندو جو ڳلو پڪڙي ٿو ۽ چندو رڙيون ڪري ننڊ مان اُٿي ويهي ٿو. چندو جي رڙين تي چاندني به سجاڳ ٿي پئي ٿي. چندو
    چاندني کي چوڻ لڳي ٿو اٿي چاندني هن ٿر مان ڀڄي هلون نه ته هي ٿر پاڻ کي ساڙي ڇڏيندو ۽ پوءِ ٻئي اٿي ڀڄڻ لڳن ٿا. سڄي رات ڀڄڻ کانپوءِ به ٿر کان ڪونه ٿا نڪري سگهن ۽ کڏي جو مالڪ ٻنهي کي پڪڙي وٺي ٿو چندو دانهن ڪري ٿو. آهي ڪو جيڪو اسان کي هن ظلمي مالڪ کان بچائي! آهي ڪو آهي ڪو ۽ چندو جا آواز ٿر مان ٿيندا آسمان ۾ وڃي گم ٿي وڃن ٿا.


    پريت...!

    ڇا احساس پوڙها ٿيندا آهن......؟ محبت جي منزل به ٿيندي آهي. ڇا.....؟.... هِن جي محبت شام جهڙي خوبصورت هُئي، جنهن ۾ سڀئي احساس مي رقصم هوندا هئا.... هِن جو ساٿ يارن جي ٽولي جهڙو هو، جتي سڀ سور، هڙيئي ڏک، دل ۽ دماغ جا جُملي عذاب پنهنجا پنڌ مٽائي سک، سانت، سُرور، سُر ۽ سنگيت جهڙي دلڪش دنيا ڏانهن هلي پوندا هئا.... هوءَ ! هُئي ته ڄڻ اڪيلو به مِيلو هيس؛ هاڻي جڏهن هو ناهي ته هجومن ۾ هوندي به اڪيلو آهيان....!! هن جو ساٿ جيون ۾ هڪ منفرد رنگ هو، ڪلا هو.... ماڻهو الائي جي ڇو اڌ پنڌ تائين سنگت ڪندا آهن!!.....؟ پر هِن سان ته زندگي ساٿ نه نڀايو.... ماڻهن جي بيوفائي ته سمجهه ۾ اچي ٿي، پر جي حياتي ئي وفا نه ڪري ته ڇا ڪجي.....؟؟.... اڄ سارنگ جي من ۾ پرينءَ جي سار، اڪير، سنڀار ديرو ڄمايو هو.....
    ڪيڏي چُپ آهي..... رڃ جهڙي سانت.......
    من! توبن ڄڻ اڌ اڌ آهيان ڀڳل ٽٽل رستا، ڳوٺ، ماڻهو ۽ ماحول تقريباَ ساڳيو ئي ته آهي. رڳو کوٽ آهي تنهنجي.....
    تنهنجو وجود ته منهنجي اماس راتين ۾ چوڏهين جي رات جهڙو هو..... تون جي ناهين ته ڊسمبر جي وشال راتين جا سرد احساس ۽ پوهه جا پارا به جولاءِ جا ڪاڙها ٿا ڀاسن...... تنهنجو عدم وجود هڪ ڊگهي اذيت آهي.... گهٽ ٻوسٽ آهي......
    اڃان اسان جي محبت بانبڙا مس پاتا، اڃان ته ان کي جوڀن ۾ اچڻو هو.... اڃان ته اسان جي محبت ان پکي جي ٻچڙي جيان هئي، جيڪو پَر به ناهي لهندو اڃان ته اسان کي تمام ڊگهي اڏار ڪرڻي هئي......
    پرين! تنهنجي عبادت تنهنجي معصوم محبت جو عڪس هئي. تنهنجي محبت مون لاءِ عنايت هئي، انڌاري من لاءِ سنهري مشعل هئي. پنهنجاخواب ڄڻ......
    تنهنجي مرتيي تي، پنهنجو پاڻ تي ضبط ڪري، مون تنهنجي عزت ڇا رَکي، ڄڻ ڪنهن تنهنجو ڏک روئي ملهائڻ جو حق به کسي ورتو....... سماج قيد خانو آ ڄڻ! جتي احساس واڙيل آهن.......
    تو کانپوءِ، تو سان ابدي ميلاپ جي شديد خواهش پاڙيندي حياتي کان به موڪلائڻ چاهيو، پر شايد نصيب جا ڏانوڻ هِن جو ڇنن ئي نٿا جي اچي توسان ملان.......
    تون جي ناهين ته ڄڻ بهار ناهي....... وجود اڻهوند جي احساسن ۾ جڪڙيل آهي......
    مُحبت ۾ حاصلات کڻي بي معنيٰ ئي سهي...... پر پرين ! حياتي ئي نه هجي ته يادون ڪڏهن ڪڏهن اکٽ عذاب لڳنديون آهن.......
    اڄ سارنگ کي مَن جي سڪ پکين جي ولر جيان ورائي ويئي هئي..... سائين! پنهنجي محبت ۾ ته نه گناهه جا اولڙا هئا ۽ نه ئي جسم جي بُک..... الائي جي ڇو جسم سان گڏ پنهنجو روح به اکين کان اوجهل آهي.......
    اڄ سارنگ پنهنجي محبت جا لمحا، پل پل ميڙي پنهنجي محبوب جي لازوال محبت جي ڪلاسڪ تصوير پئي اُڻي..... اسان جي محبت ته صبح جي پهر جهڙي ٿڌيريڙي، رات جهڙي خاموش، چنڊ تارن جهڙي خوبصورت، فطرت جهڙي وڻندڙ ڏکڻ جي سرور بخشيندڙ هير هئي، جنهن جي لهڻ شرط ماروئڙا سک جي ننڊ ڪندا آهن.....
    ماڻهو ايڏو جلدي ڇو گذاري ويندا آهن پرينءَ !..... اڄ سارنگ جي اندر ۾ ڳوڙها سيلاب جي صورت اختيار ڪري اکين جا بچاءَ بند پُسائي رهيا هئا..... محبت ته زندگي ڄڻ رنگينين، شعائين ۽ مسرتن سان ٽمٽار ڪري ڇڏي هئي..... هر ڏسا، هر پل، هر واهڻ تنهنجي محبت جي خوشبوءَ هوندو هو ۽ آهي... چارسو تنهنجي ئي سار جا نغارا ٿا وڄن. ائين ٿو محسوس ٿئي ڄڻ آءُ تنهنجي محبت جي نگري مان محبتون پنڻ آيو آهيان... پر پرين! منهنجي ڪشڪول ۾ رڳو تنهنجا افق جهڙا عڪس، چهنڊڙيون وجهندڙ احساس ۽ يادون ۽ اڻ ميا احساس آهن......
    اڄ رات ڪيڏي نه ٿڌڙي ۽ خوبصورت آهي..... هو ڏِس چنڊ جي ڪڪڙ ماءُ پنهنجي تارن پٽن سان جڳ پئي جرڪائي..... چوڏس روشنيون آهن..... چپ آهي.... پر آواز آهي... رڳو تنهنجي محبت جي نغارن جو....... تون اِنهي روشن آڪاش جي اونهائين ۾ ڪِٿان محبت جون روشنيون پئي ورهائين.....
    خودڪشي جي ڪيان ها پرين! ته تنهنجي يادن جو واس ڪئين وٺان ها..... زندگي مِٺي آسائين! پر توکانسواءِ ڄڻ ته منهنجي زندگي جي پيالي ۾ ڪنهن زهر ڀري ڇڏيو آهي.... تنهنجو ساٿ مِٺاس هو پرينءَ!
    يادن جي گهيرٽ ۾ رات جو اڌ پهر اچي ٿيو هو، رات پنڌ ڪندي ڪندي ...... اڌ پهر کان ٽپي باک جي ويجهو پهچڻ واري هئي..... سارنگ جي اکين جا ڇپر پاڻ ۾ ڀاڪر پائي هڪ ٿي ويا...... ۽ پوءِ خواب ۾ پرينءَ سان ڪچهرين ٽهڪن ۽ ملاقاتن جو اکٽ سلسلو..... جنهن ڄڻ پت جهڙ کانپوءِ بهار آڻي ڇڏي..... ۽ هر سو پرينءَ ! جي يادن، احساسن جا گلاب ٽڙي پيا..... اڄ رات جو خواب حياتي جي نويد هو ڄڻ.... رهيل جيون گهارڻ جي ڏڍ هو ڄڻ...!


    مختصر ڪهاڻيون

    ٻه مانيون

    بازار ۾ گنجيون، هٿ رومال ۽ ٽوپيون کپائيندڙ پورهيت کي جڏهن بُک اچي ورايو ته ڳوليندي ڳوليندي هڪ سستي هوٽل جي ڪائونٽر تي ويٺل... مالڪ کان پگهر اُگهندي مخاطب ٿيو: ماني جو ڇا حساب آ سائين...
    ستر رپيا في ماڻهو........
    رعايتي رعايت...
    ان کان وڌيڪ ڪهڙي رعايت ڪيون....... ٻين هوٽلن تي ته في ماڻهو هڪ سئو ويهه رپيا آهي......
    ٻڏتر...... سوچ...
    ڀلا سائين هڪ ماني گهڻي جي آ......؟
    ست رپيا......
    پوءِ ڀلا ايئن ڪيو..... ٻه مانيون ڏيو......


    پئسو ڪونهي

    مِٺي اسپتال جي ميدان تي ڪيترائي سوال پڇڻ کانپوءِ آخر ۾ ٽي وي جي نمائندي دَمي جي بيماري ۾ سهڪندڙ سُڪي هڏ ٿي ويل ٿري کان سوال پڇيو: چاچا پنهنجو اثرائتو علاج ڇو نه ٿا ڪرايو....؟ مڙهي سهڪي کان آجو ٿي جواب ڏنو:
    پئسو ڪونهي.........!!!


    اُساٽ

    انهي عذاب جي حياتي کان ته ڀلو اٿس جو پيءُ جي گهر لولو کائي مري وڃي...
    ادا ٻيو گهر پرڻايوس... جيستائين ماءُ پيءُ اٿس ته ٺيڪ نه ته...... هونئن به اڃان جوان جماڻ ارڙهن سالن جي ته مس ٿيندي....مڙس برادري تڪرار ۾ مري ويس.... ويچاري ڪهڙي زندگي جي آسيس ماڻي.....
    بس ادي جيڪا قسمت....... پُٽ نه هجيس ها ته پرڻايونس ها.....


    تضاد

    ڏي حال ڪيئن ٿو هلي پيپر....
    ڪاپي جي ڌم آ....
    پوءِ اوهان ڇا ٿا ڪيو...
    بس سهڻا ڇا ڪيون.... سمورو نظام خراب آهي....
    اسان واري سينٽر جي اسان اهڙي سختي ڪئي آهي جو هيڪڙ ٻيڪڙ شاگردن کانسواءِ سڀئي ويٺا ٿي ڇت جا ثي اَر ڳڻيندا.....
    اڇا.....
    ها.....
    اڇا ٻي ڳالهه ٻڌ....
    چئو....
    شهر واري سينٽر تي آن نه..
    ها، ها
    اِتي بلاڪ پنجين ۾ منهنجو ڀائيٽيو ويٺو ٿي.... ان جي پارت هجيئي...!!!


    اڇي پڳ مَ پس

    ڪامريڊ وارو ڪيو ڪاپي بند ڪرايون...
    پريشر گروپ ٺاهيون... جلسا جلوس ڪيون... پريس ڪانفرنس ڪيون.... هڙتال ڪيون..... جيستائين ڪاپي ڪلچر هوندو،قوم جو مستقبل اسري نه سگهندو.... سگهارو تعليمي نظام ئي ڪي ڪارگر نتيجا ڏيندو.... نه ته قوم ڪڏهن به بحرانن مان نڪري ڪين سگهندي... جهالت جي دلدل ۾ ئي ڦاٿل رهنداسين....
    وارو ڪيو ڪجهه ڪيون......
    هن سال ڇڏيو ايندڙ سال لائحه عمل جوڙينداسين......
    چڱائي جي ڪم ۾ دير ڇو... هن سال ڇو نه؟
    ڇڏ ان ڳالهه کي، ويندو ڪر... ٻيا اشو به جام آهن....
    پوءِ به ٻڌون ته سهي....
    هن سال منهنجي پٽ جا پيپر آهن...!!!


    ڏڪار

    ٿر جي ڏورانهين ڳوٺن ۾ بُک، بيوسي ۽ بيماري وگهي مرندڙ ٻارن کي ڏسي موٽندي- قومي اڳواڻ ٿر جي حالت زار تي ڳوڙهن ڀريو تبصرو ڪندي. رياست تي پرزور ڇوهه ڇنڊيا...... چيائين پئي؛ ڇا سرڪار وٽ ايتريون ايمبولينسس ناهن؛ جو کڻي هي تڙپندڙ ٻارڙا مٺي اسپتال تائين پهچائين........
    پوئين سيٽ تي ويٺل ڪُل وقتي ڪارڪن..... قومي اڳواڻ جي ڊگهي لينڊ ڪروزر گاڏي جو سراسري جائزو وٺندي.......... دل ۾ حساب لڳايو.................
    هن لينڊ ڪروزر بدلي ڪيتريون ايمبولينسس خريد ڪري سگهجن ٿيون..........!!؟


    وزن

    هوٽل جي بيئنچ تي ٻه شاعر بحث ۾ رُڌل هئا، هڪ چيو تنهنجو غزل فاعلاتن، فاعلاتن فاعلاجي وزن تي آهي... جڏهن ته ٻيو بضد هيو ته سندس غزل فاعلاتن، فاعلاتن فعولا تي آهي......
    بحث تيز ٿيو، ڳالهه وڃي ٿَپا ٿُپي تائين پُهتي.... دانهن کڻي ٻئي ٿاڻي تي پهتا......
    جي سائين... توهان جو ڇا مسئلو آهي؟
    سائين! هڪ شاعر وارتا ٻڌائڻ شروع ڪئي.......
    مان هن دوست کي چوان پيو ته هن جو غزل فاعلاتن، فاعلاتن فاعلا تي آهي. جڏهن ته سندس خيال آهي ته غزل فاعلاتن، فاعلاتن فعولا جي وزن تي آهي....!
    ان خسيس ڳالهه تان گرم ٿي دست گريبان ٿيا آهيون....... اها هي حال حقيقت .......
    سپاهي مان ترقي ڪري ايس. ايڇ. او ٿيل عملدار........ واري واري ٻنهي شاعرن ڏانهن ڏسندو ئي رهجي ويو......


    ATM مشين

    آخري تاريخن ۾ کيسو خالي ڏسي.......
    A.T.M مشين جي وات ۾ پلاسٽڪ ڪارڊ داخل ڪندي. پرائيويٽ اسڪول جي استاد Code دٻايو..............
    موجودهه بيلنس 485 رپيا..................
    هن، 450 لکي. انٽردٻايو......................
    مشين جي پيٽ ۾ ڪُرڙاٽ پئجي ويا...............
    اجهو، پئسا نڪتا..............
    پر؛ جهٽ گهڙي کانپوءِ..............
    رڳو، ڪارڊ مُنهن ڪڍيو.........
    پرائيويٽ اسڪول جي استاد کي بڇان لڳي............
    ائين لڳس..............
    ڄڻ ته؛ ATM مشين ڪرڙاٽ نه پر، هن تي کلي رهي هُئي..........
    ۽ اهو سمورو لقاءُ...........
    A.T.M مشين جي نرڙ تي لڳل ڪئمرا ۾ قيد ٿي ويو.................


    سَرلان...!

    ديدي!
    جي ڪيائين سُندرتا.
    ديدي اوهان ايڏا نِراش ڇو رهندا آهيو؟ اوپرا اوپرا، هر پل هڪ اُلڪو، ويچار......... وِياڪل وِياڪل ......
    سندرتا........!
    جي ديدي...........
    هو ڏس آسمان جي اڱڻ ۾ تارا دائرن ۾ ورهايل آهن؟......... ۽ ڇا چنڊ قيد آهي............. ڪڪرن تي پهرو آهي؟
    نه ديدي ........!
    هوا جي پيرن ۾ ڏانوڻ وڌل آهن..........؟
    نه ديدي ........!
    ڇا پکين جي اُڏار لاءِ ڪي محدود پيٽا نڪتل آهن؟
    نه ديدي ........!
    پوءِ اسين انسان ڇو ڪونه آزاد آهيون...............؟ ڪاش! آءَ پکين جي روح ۾ پيوست ٿي پنهنجو وطن ڏسي اچان ها.........
    ڪاش! آءَ آزاد هِير هجان ها............. جو هوا جي ويزا ناهي ٿيندي ........... پکي پاسپورٽ کان آجا آهن. آءُ ڪو جُهڙ، تارو، چنڊ هجان ها........ پولارن جا پنڌ ڪري پنهنجي وطن جو درشن ڪيان ها......... جيڪر آءَ واريءَ، مٽي هجان ها...... هوا جي جهولن ذريعي اڏري ڌرتي ماتا جي سيني سان چنبڙي پوان ها........... پر مان انسان آهيان سندرتا.......... انڪري قيد آهيان .......... سرلان ڍُنڍهڪار ڏيئي روئڻ لڳي.......... سندس سڪ ۽ اُڪير جي درياءُ جا ڪپر اٿلي پيا......... ۽ سندرتا جي جهولي ۾ ڪنڌ رکي سڏڪي ۾ پئجي ويئي ۽ سندرتا ڄڻ ديدي جو درد پروڙي ورتو.
    وطن کان دربدر ٿيل ماڻهو ٻوٽي کان ڇنل گلاب جيان هوندا آهن سندرتا، فرق صرف ايترو آهي گلاب تمام جلد مرجهائجي ويندو آهي، پر اسين جلاوطن روز سُسندا ۽ سُڪندا رهندا آهيون هن درد نه ڀُتو ٿيندو آهي نه ان کي سُرو لڳندو آهي. ان پيڙاءُ جي حياتي به حياتي جيڏي طويل ٿيندي آهي. ان بيچيني کي ته ابديت حاصل آهي. ............ ديس جي ياد ڪاٺي جي وجود ۾ پيوست ٿيل ڪِل جيان چڀندي رهندي آهي.
    ڪيڏو انياءُ آهي جڏهن پنهنجا گهر اوپرا ٿي وڃن ۽ ماڻهو کي پنهنجي ڌرتي لاءِ پنجٽيهه سالن تائين ويزا لاءِ انتظار ڪرڻو پوي............... اسان دربدر ٿيل ماڻهو به سندرتا! نوٽڻ راند جهڙا ٿي ويندا آهيون، جنهن ۾ ڳوٽ جي چرپر جا سڀئي حق ئي واسطا رانديگر وٽ هوندا آهن ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته ماڻهو نوٽڻ کان بيزار ٿي ڳوٽين ۽ آڱار سان ڪڍيل پيٽن کي اڪيلو ڇڏي بيزار ٿي اُٿي هليا ويندا آهن. پيٽا جي پنڌ ڪري سگھن ته ڪڍ لڳي پون ۽ ڏانوڻ ٿي پون- پيٽا ته سڏ به ناهن ڪري سگھندا........... ڪيڏا بي اختيار هوندا آهن. ديس بَدر ماڻهو ................ ڄڻ پنڌ ڪندا ڪندا طويل سُرنگهه م گهڙي آيا آهيون ۽ لنگهه وٽ سرنگهه ڪِري پئي آهي........... اسان جو ساهه ته ٻوساٽجي ٿو........ پر موت نٿو اچي، سڪرات جھڙي حيات ٿا گھاريون..........چوڌاري ڌاري ٻولي، بازار ۾، رستن ۾، سوارين تي ڌاريا ماڻهو، عجيب ٻوليون........... هاءِ منهنجي مٺڙي سنڌي ٻولي ماءُ جي لولي ............... وطن جي ياد ان ماءُ جي درد جھڙي هوندي آهي جنهن جا ٻچا وڃائجي ويندا آهن ......... هڪ دفعو پنهنجي مارن سان ملان، پنهنجا گهر، شهر، ڳوٺ ڏسان.............. هِتي ته ڄڻ سُڪي ٺوٺ ٿي ويل وڻن ۾ ٺهيل آکيرن جهڙا آهيون.... اوپرا اوپرا
    ديدي اوهان جي ويزا ته ٿي وئي آهي ته پوءِ ايڏا اداس ڇو آهيون............؟
    الائي جي ڪڏهن اهو سڀاڳو سج ڪَني ڪڍندو، جڏهن آءُ پنهنجي ڌرتي ڏانهن سفر ڪنديس ۽ سنڌو درياءُ جو درشن ڪنديس، لاڙڪاڻو گھمنديس............ قلندر شهباز ۽ ڀٽائي رح سرڪار جي ڪشادي اڱڻ ۾ ويهي ڀٽائي جي راڳين جا آلاپ ٻڌنديس................ موهن جو دڙي تي ويهي پنهنجي شاندار تهذيب تي فخر ڪنديس................
    جتي لُڪ لڳي، جتي اڪ تپن
    سو ديس مسافر منهنجو ڙي
    منهنجو اتر، لاڙ، ٿر، ڪوهستان، وچولو، منهنجو منڇر، ڪينجهر. ٺٽو، مڪلي، مومل ماڙي.......... جڏهن مينهن پوندا ته آءُ چيڪي مٽي جي واس وٺنديس، رهڙڪي وينديس. سڪ جي اڌ سِير ۾ آهيان........... الائي ڪڏهن ڪَپر تي پهچنديس........... پنهنجي مٺڙن ڀائرن، مائٽن سان رهاڻيون ڪري اکين جي سڪ لاهينديس.........
    سيڪنڊن جو پنڌ ڏينهن جون مسافتون پار ڪندي آخر اُهو سج به اڀريو جڏهن سرلان ڪجهه گھڙين ۾ اباڻي ديس لاءِ اُسهڻ واري هُئي ته پاڙي جا سڀ سنڌي الوداع ڪرڻ ۽ ملڻ لاءِ اچي سرلان جي گھر گڏيا. ائين پئي لڳو ڄڻ هڪ قيدي جي اڄ رهائي ٿي رهي آهي ۽ سڀن جي اکين ۾ آلاڻ هئي ۽ اکين ۾ ياد جا ٽاڪيل اوسئيڙا ڄڻ ڪورس ۾ چوندا هجن، پيغام ۽ نياپا، سلام ڏيندا هجن:
    اي مٺڙي هوا سنڌ ڌرتي جي
    منهنجي مارن کي تون سلام ڏجان
    موهن، مڪلي کي تون پيار ڀريا
    سلام ڏجان
    سرلان نياپا، پيغام ۽ سلام وٺندي اچي ديس لاءِ اسهندڙ ريل گاڏي ۾ ويٺي...............جيئن ريل ڪوڪ ڪئي ۽ ڦيٿن جا چيڪاٽ ٿيا ............ منظر مٽجڻ لڳا................. سرلان کي الوداع ڪرڻ آيل مائٽن ڳوڙها اگھندا ۽ ريل نظر اچڻ تائين هٿ لوڏيندا رهيا ............ جيئن ريل هلڻ لڳي، ڄڻ سرلان جي خوشي ٻيڻي ٿيڻ لڳي.......... ۽ من ۾ سنڌي کاڌا تهري، بُسري، سرنهن جو ساڳ چرڙا کائڻ ............ ميل ملاقاتون ڪرڻ جا خواب تعبير ٿيڻ لڳا............... پنهنجي وطن ڏانهن واپسي، پنهنجي گهر ڏانهن واپسي، پنهنجي مارن ڏانهن واپسي جو احساس ۽ خوشي حياتي جو محترم احساس آهي، جنهن کي دنيا جو ڪو به ادب سگھاري انداز سان اظهاري ناهي سگهيو. شايد ان محسوس ٿيندڙ اظهار لاءِ اڃان اهڙا معتبر لفظ تخليق ئي ناهن ٿي سگھيا............ اڄ هرپل، هر عمل ڪنوار جيان سينگاريل پئي لڳو........ سرلان کي ائين پئي ڀاسيو ڄڻ ته دنيا جي سڀني پڃرن ۾ قيد سمورن پکين کي هڪ ئي وقت آزاد ڪري هوا ۾ اڏاريو ويو آهي.... تان جو لاهور اسٽيشن ويجهو ٿيڻ لڳي.......... سرلان جي دل جي رفتار ٽرين کان به تيز ٿيڻ لڳي، خوشي جي طوفان سان گڏ اکين جي آسمان مان ڪڻ ڪڻ ٿيڻ لڳي....... ٽرين اچي لاهور اسٽيشن تي بيٺي ......... ماڻهو سامان سنڀاري لهڻ لڳا هر پاسي ميلاپ جا جذباتي منظر ها.......... سرلان جي آس وندين اکين پنهنجي ڀائرن، پيارن جي تلاش شروع ڪئي........ جيئن ئي ڀاءُ جي سرلان تي نظر پئي ڊُڪي اچي هڪ ٻئي سان ڳچي لڳا.............. سڪ ۽ خوشي جي طوفان ۾ سرلان جو ساهه پکيئڙو اڏرندو اچي لاڙڪاڻي لٿو............. ۽ جسم ڀاءُ جي ٻانهن ۾ ڍَرڪي پيو.......... سرلان جي لاش کي هڪ رات لاهور مردي خاني ۾ ترسائڻ کانپوءِ واپس انڊيا نيو ويو............ ائين لڳو ڄڻ ته ڪيترن ئي ڏينهن کان اڃايل هرڻي رڻن جي مسافري ڪٽڻ کان پوءِ پاڻي جي تلاش ۾ ڀٽڪندڙ روح سان پاڻي جي ٽوڀي جي ڪناري تي پهچي اڃ جي آس اندر وسندين ۾ سانڍي روح کان موڪلايو........!!.


    تضاد

    گائيڊ مان آخري سوال ڪڍي وٺ ته پُهچائي نڪرون: 12 بجي سيمينار تي به پهچڻو آهي. ڏاڍو زبردست عنوان رکيو اٿن.
    ”تعليمي تباهي ۽ اسان جو مستقبل!........“


    هڪ سٽ ڪهاڻي

    1. فيس بڪ جديد ادبي سنگت آهي.

    2. سڀ کان بهترين شراب چانهه آهي.

    3. هتي، انقلاب آسان قسطن تي وڪري لاءِ موجود آهي.

    4. هُن مُصورن جي بازار وچ ۾ بيهي وڏي واڪي اعلان ڪيو؛ جيڪو بيوسي جي تصوير ٺاهي ڏي هٿ مٿي ڪري.....!!

    5. ٻڌ ڀائو! “امن” ڇا لاءِ “جلا وطن” ڪيو اٿن؟!

    6. مادي افراتفري: ڄڻ قلندر جي ميلي ۾ بم جو اطلاع.
    7. ادب بهترين پناهه گاهه آهي.

    8. ............ پئسا گهڻا پيا اٿئي جيب ۾.....؟؟!


    نئين دور جي مارئي....!

    نه تنهنجي محبت تي شڪ آهي... نه سچائي تي....
    پوءِ.... ڪورٽ ميرج کانسواءٍ ته ڪو ٻيو دڳ سُڄي ئي نٿو...
    نه شيراز!
    پنهنجي محبت حاصلات کان مٿانهين آهي... اها ڪهڙي محبت آهي ته.... ٻن دلين جي ميلاپ لاءِ ٻن خاندانن... ٻن ڳوٺن جي عزت جي بلي چاڙهجي...
    شيراز!..... مونکي معاف ڪجانِ پاڻ ٻنهي جو پيار ڀلي ٻيڻو به ڪيون ته بابا جي شفقت جو پُڙ ڳرو آهي، ڌرتي جي گولي تي موجود هڙيئي پريمين جو پيار گڏائجي تڏهن به امڙ جيجل جي پيار جي پير مٽ به ناهي، مان پنهنجن جي عزتن جا جنازا نه ٿي ڪڍي سگهان... پيار، پيار کي ڌوڪو ڪيئن ٿو ڏيئي سگهي؟!... پيار ته امن جي علامت آهي، پيار ته تحفظ جي تمثيل آهي، پيار ته هڪٻئي جي عزتن جو احترام آهي، پيار قرباني آهي شيراز!... تنهنڪري مان هڪ محبت ماڻڻ لاءِ....بي شمار سچا پيار قربان نٿي ڪري سگهان....!!


    بچل ڪلينڪ

    سائين!
    جي...
    بي اولادي پنھنجي پسگردائي ۾ وڌندي نه وڃي... جو اوھان وٽ عام مرض وارا مريض گھٽ پر ليبارٽري ڪيس وڃن ٿا ڏينھون ڏينھن وڌندا.... خاص ڪري سِيمن اينا لائسس....!
    پنھنجي رپورٽ جو معيار جو اھڙو آ......
    ڊاڪٽر صاحب ھي ٽيسٽ ڪرائڻي آ....
    ھا بابا
    ڇوڪرا
    جي سائين
    سائين کي باٽل ڏي، سمجھائينس به
    ...........................
    سائين اسان ھون ڳوٺ جا، پوءِ ڪا اھڙي جاءِ.... جڳه ته ڪونھي.... ٻيو توھان چئو ٿا ته ڏھن منٽن اندر ليبارٽري ۾ پھچائيون، نه ته نتيجو صحيح نه ايندو وي......
    نه نه بندوبست آھي....
    ڇوڪرا.....
    ھنن کي ڪمرو ڏيکار.......
    .........................
    سائين!
    پوءِ رپورٽ
    رپورٽ سڀاڻي اڍائي سئو جمع ڪرائي ڇڏيو......
    ڊاڪٽر پرچي پڙھي......
    ڇوڪرا
    جي سائين
    اَدي کي ڪمرو ڏيکار...... سمجھائيس به صحيح.....
    سائين گھڻا پئسا؟
    اڍائي سئو رپيا....
    زال مڙس.....
    پرچي.....
    ڇوڪرا....
    سائين سائين!
    ادي کان پرچي وٺ.... باٽل ڏينس.... سمجھائيس به...
    ٺيڪ سائين....
    ادا ھيڏي آءَ، ھي ڪمرو ٿي........
    ٺيڪ.....
    بابا رپورٽ سڀاڻي کڻي وڃجو......
    ھا سائين رپورٽ جي خير آ..... کڻي وٺنداسين.... پئسا گھڻا.... اڍائي سئو....
    اچي سائين.....
    پنجاھ بقايا ته وٺو....
    سائين رکي ڇڏيو پنجاھ جو پڇ مٿي.... پنجاھ جي ڪھڙي ڳالهه آ....
    ٻيو جوڙو...
    سائين ھي ٽيسٽ ھتي ٿيندي، ھاھا بابا ھتي ئي ٿيندي......
    ڇوڪرا!
    ھا سائين!
    سيمپل لاءِ....... مريض کي سمجھائي به ڇڏ.....
    ھا سائين.....
    اچ ادا.....
    رپورٽ ۾ دير لڳندي آھي..... سڀاڻي کڻي وڃجو....
    جي سائين.... ٺيڪ آ.....
    .......................
    ڊاڪٽر صاحب! ھڪ ڳالهه ته ٻڌو.....
    ھا ٻڌاءِ.....
    سيمن اينالائسز ٽيسٽ جا پيشنٽ پاڻ وٽ وڌي ناھن ويا...؟!! ٻيو ته ٻه ٽي مھينا ٿي ويا آھن، ھڪ مريض به واپس ناھي آيو رپورٽ کڻڻ.....!! رپوٽن جي ٽوڪري ڀرجي ويئي آھي.......
    مان ٻي ڳالهه تي پريشان آھيان.......
    ڪھڙي ڊاڪٽر صاحب؟!
    سڀئي رپورٽون به نارمل آھن.......!!


    پارٽي....

    فون ڪال:
    ادا
    جيءُ
    بابا کي ڊاڪٽر کان چيڪ اپ ڪرائڻو آھي، پوءِ
    ھا، پر ھن مھيني ته بجيٽ شارٽ آھي. اڳيئن مھيني ڏسنداسين. في الحال ساڳي دوا ھليايو، ڊاڪٽر چيو ھو، ڪو خاص اشو ناھي....
    فون ڪال:
    ھيلو
    اڙي يار ڪاٿي آھيو؟ ھا، ڪڏھن آھي پارٽي جو پروگرام. ڪھڙي ھوٽل تي؟ ھا، ھا، في ماڻھو گھڻو خرچ ايندو؟ ھا، سمجهان ٿو، آمريڪن سسٽم، اڇا.... اڙي يار اُئين به ٽي ھزارن جي ڪھڙي ڳالهه آھي...سنگت سان ڪچھري ڪئي ڏينھن ٿيا آھن ويھنداسين، ماني کائينداسين، ڀوڳ ٺڪاءَ ڪنداسين وڏو مزو ايندو..........!!


    اُٿ ڏونگر ڏاري وينداسين

    رات ٺري رهي آهي چوڏس چپ آهي، ماٺار آهي. جي سمهي نٿي ته رڳو عبدالقدير گهانگهري جي اذيت. سندس درد مسلسل جاڳي ٿو، جڏهن جگر رت بدران پٿريون ٺاهي ته ڪير ٿو جي سگهي. سندس بيماري غربت کان وشال آهي. سندس پيءُ جي اکين مان خواب ٽمن ٿا.... ۽ پٽ جي حياتي جي وڻ تي ڄڻ بهار ۾ ٻيهر خزان آئي آهي.... جڏهن مون جهڙي غريب جي گهرن ڏانهن اجگر بيماريون رخ ڪنديون آهن ته محتاج ماڻهو ڪري به ڇا سگهندا آهن..... رڳو موت جي انتظار کانسواءِ....... عبدالقدير جي ماءُ جي پوڙهين اکين ۾ ايم. بي. بي. ايس جي چوٿين بهار ۾ پهتل موڀي پٽ لاءِ اڻ ميا خواب ٽاڪيل آهن..... ۽ ٻاروتڻ کان جواني تائين جا سڀئي پل.... ان جا لاڏ ڪوڏ ..... ٻاتيون ٻوليون..... هڪ هڪ منظر اکين جي ماڻڪين ۾ سانڍيل آهي.....اولاد ته ساهه کان به مٺي ٿيندي آهي..... مرڻ جي مند ته اسان ٻنهي جي آهي.... اسان ته من ۾ پٽ جي سيج جا نظارا پئي ڏٺا آهن.... هاڻي پٽ جو جنازو..... منهنجو هانو ڦاٽي پوندو.... حياتي جا سڄا پنڌ نااميدين ڏانهن وڃن ٿا.
    عبدالقدير جي من ۾ ڪيئي سوال آهن...... ايم. بي. بي. ايس خواب محنتون، روشن مستقبل، ڪئمپس ، اسٽڊي..... هاسٽل...... ڪلاس فيلوز.... استاد..... جي. ايم. سي.... سڀئي منظر ڄڻ ماضي ٿيندي نظر اچن ٿا..... سڀئي خوبصورت عڪس ڌنڌلائجڻ لڳن ٿا.... ائين لڳيس ٿو، اهي سڀ خوبصورت پل، ساٿ ۽ احساس ڇڏي هو ڏور آسمان جي انتهائن ۾ گم ٿي ويندو، سندس اکين ۾ ڇرلهي ٿي اچي، پر رڙيون ڪري، ان ڪري نٿو روئي جو سندس پريشان حال والدين ويتر پريشان نه ٿي وڃن..... من ۾ ڪيڏي مونجهه آهي...... جي ايم سي لاءِ دوستن سان گڏ ٽهڪ ڏيڻ لاءِ...... شرارتون ڪرڻ لاءِ ..........پاڻ مسيحا هوندي پنهنجي مرض جو نه مون وٽ علاج آهي، نه منهنجي اداري ۾ نه ملڪ ۾ ....... اسان وٽ هٿيار ته آهن، پر بهترين اسپتالون نه آهن ٻيو ته ٺهيو اسان گلن جهڙي ٻارڙن کي ارڙيءَ کان تحفظ به نٿا ڏيئي سگهون، ڪيڏو ڪرب آهي اندر ۾! منهنجو مستقبل منهنجي نصيب سان ٻڌل آهي. هزارين اهڙن مريضن وانگي، جيڪي بيوسيءَ جي تصوير ٿي موذي مرضن ۾ چُڙي رهيا آهن. ائين ٿو لڳي اندر ۾ ڪيئي نانگ گهڙي آيا آهن. جيڪي مسلسل ڏنگي رهيا آهن. ۽ سمورو وجود زهر نگر ٿي ويو آهي.
    چوندا آهن ته مايوسي موت آهي. ساهه جي آخري سلسلي تائين جيئڻ جي اميد ڪبي آهي. وري به شابس آهي ميڊيا وارن کي، جو منهنجي استادن ۽ ڪلاس فيلوز جي اطلاع تي علي محمد اليڪشن جي نفسا نفسي ۽ وٺ وٺان هوندي منهنجي اسٽوري ڪئي آهي..... شل! منهنجي ملڪ جا سڀ صحافي اهڙا ٿي پون ته، ڪيترين ئي مايوس ٿيل اکين ۾ اميد جا ڏيئا جرڪي سگهن ٿا. جان محمد نه رڳو منهنجي اسٽوري ڪئي آهي، پر هو فنڊنگ ۾ پڻ ڀرپور ساٿ نڀائي پيو......هيءَ دنيا اهڙن انسانن جي ڪري قائم آهي، جيڪي انسانيت لاءِ سوچين ٿا.
    اڄ اداري جا سڀئي شاگرد اٻاڻڪا آهن. ڪلاس ان رومانس سان نه هليا. سڀني جي اندر ۾ عبدالقدير گهانگهري جي بيوسي ۽ لاچاري جا عڪس ۽ اولڙا آهن. ڪلاس ميٽ جو رشتو احساس جو رشتو هوندو آهي..... ۽ عجيب مٺڙو رشتو آهي.... ڪيڏي پنهنجائپ ٿي ويندي آهي.... ۽ عجيب مٺڙو رشتو آهي.... اهڙي پنهنجائپ ٿي ويندي آهي، جو ڄڻ ايامن جو ساٿ هجي. ايترو اُنس هوندو آهي جو ڪلاس ميٽ ڀائرن جهڙا ٿي ويندا آهن. اڄ ڪلاس ۾ هڪ ڀاءُ ڪونهي، هڪ دوست ...... هڪ محبوب ڪونهي..... ڪورم پورو ناهي....... ۽ ان جي اڄ جي اميد به ته ناهي......!!
    اڄ علي محمد، ڪجهه استاد ۽ شآگرد دوستن جي ايم سي جي آڊيٽوريم ۾ عبدالقدير بابت تاثراتي رپورٽ سڀني شاگردن ۽ ڪجهه استادن سامهون پروجيڪٽر تي هلائي...... ۽ ان کان پوءِ تقريرون ٿيون؛ هڪ اردو اسپيڪنگ ڪلاس ميٽ ڇوڪري، جيڪا انسانيت جي خدمت جي جذبي سان ٽمٽار آهي، تقرير ڪندي چيو ته؛ اسين ادارن ۾ رڳو ڊاڪٽر ۽ انجنيئر ٿيڻ ۽ ڊگريون ڪمائڻ ناهيون ايندا؛ اسين انسان ٿيڻ ايندا آهيون..... ۽ جي اوهين اخلاق ۽ انسانيت جي جذبي کان خالي ڊاڪٽر آهيو، ته اوهان جي ڊاڪٽري ڪنهن ڪم جي ناهي..... 80 لک گڏ ڪرڻ ڏکيو ڪم ناهي..... اسين گڏ ڪري وينداسين اهي پئسا... ڦڙو ڦڙو ٿي درياءَ ٺهندا آهن ۽ واريءَ جا ننڍڙا نڍڙا ذرڙا ملي وڏا صحرا ٺاهيندا آهن.... جڏهن سڀ پن پاڻ ۾ ملي هڪ ٿيندا آهن ته ڇانورا جوڙيندا آهن.... اٿو...... جاڳو پاڻ سڀ گڏ ٿي عبدالقدير گهانگهري جي ڪاڙهي جهڙي زندگي ۾ بهار آڻيون..... هڪ ٻي شاگرد تقرير ڪندي چيو ته: ”دوستو! بيمار عبدالقدير آهي“، اسان جا جذبا نه اسان جي همٿن جا جگر ختم ناهن ٿيا. دوستي ملهائڻ جو موقعو مليو آهي اڄ. اچو ته هڪ مثال قائم ڪيون. حياتيءَ جا اختيار ته رب ٻاجهاري وٽ آهن، پر ڪوشش اسان جي هٿ آهي. اميد ته توهان سڀ اسان کي 80 لک، جيڪي عبدالقدير جي علاج لاءِ گهربل آهن، گڏ ڪرڻ ۾ ساٿ نڀائيندا، عبدالقدير جي پيءُ روئيندي مدد جي اپيل ڪئي.
    هڪ استاد چيو ته؛ ”عبدالقدير کي جگر جي هڪ اهڙي بيماري آهي، جيڪا هزارن مان ڪنهن هڪ مريض کي ٿيندي آهي..... جنهن تحت جگر رت ٺاهڻ بدران پٿريون ٺاهيندو آهي ۽ اهي پٿريون جسم جي مختلف حصن ۽ اندروني عضون ۾ ڦاسي انهن کي بلاڪ ڪنديون آهن، ان ڪري عبدالقدير جا ٻئي گردا انهن ننڍڙين ننڍڙين پٿرين سبب خراب آهن ۽ جگر جو هڪ حصو به متاثر آهي“. هاڻي گردن ۽ جگر جي ٽرانسپلانٽيشن، جيڪا انڊيا ۽ ٻين ترقي يافته ملڪن ۾ ممڪن آهي. ان تي 80 لک رپيا خرچ ايندا جي اوهان همٿ ڪيو ۽ اتساهه سان، سچائي سان فنڊنگ ڪيون ته اسين پنهنجي مستقبل جي هڪ بهترين ڊاڪٽر جي حياتي بچائي سگهون ٿا ۽ هڪ نئون باب لکي سگهون ٿا.
    آخر ۾ علي محمد تقرير ڪري ساٿ نڀائڻ جو وچن ڪيو...... ۽ چيائين ته، ”اسين اڪثر اهو چوندا آهيون ته اسان جي سماج ۾ سوشل سينس جي اڻاٺ آهي. خود غرضي آهي، خودپسندي آهي.... “هڪ شاگرد ٻي جي ڪن ۾ ڀڻڪيو، 80 لک مشڪل آهن..... وڏي رقم آ.... ٻيو ته.... سماج ڪهاڙيل روين سان ڀريل آهي“.
    هڪ شاگرد اٿي بيٺو ۽ علي محمد کي مخاطب ٿيندي چيائين، ”سر! اوهان چيو ته .... ماڻهن ۾ زبردست سوشل سينس آهي..... رڳو ايماندار ۽ ذميوار ماڻهن ۽ پليٽ فارم جي کوٽ آهي .... اسين ڪروڙين رپيا گڏ ڪري سگهون ٿا.....“
    علي محمد جي تقرير کان پوءِ سڀ شاگرد، ڪجهه استاد ۽ جان محمد سکرشهر جي گهٽين ۾ نڪري پيا، سوشل ميڊيا تي پيج ٺاهيو ويو. ڪي ڪروڙ پتي 100 رپيو ڏين ٿا ته ڪي ڪک پتي لکن جو اتساهه شاگردن کي سماجي روين جو تجربو ٿئي ٿو. اهي ماڻهن جي سوچ جو، عمل جو اڀياس ڪن ٿا. ان فنڊنگ مهم دوران ڪيترائي خوبصورت واقعا ۽ ڪهاڻيون جنم وٺن ٿيون. مثال قائم ٿين ٿا، جنهن ۾ هڪ سلام ان ماءُ کي به پيش ٿئي ٿو. جنهن پنهنجي پٽ جي ڪلاس ميٽ لاءِ سونوهار ۽ ستر هزار رپيا ڏنا. ڪيڏي نه عظيم ماءُ آهي.... مائرون ته سڀ عظيم هونديون آهن. جڏهن سماج ۾ احساس جاڳي پوي ٿو ته سڀ نراسايون ۽ نااميدون سمهي پون ٿيون. پهرين ڏينهن رڳو 20 هزار گڏ ٿين ٿا. ڪجهه دوست همٿ هاري ويهن ٿا. 80 لک وڏي رقم آهي ۽ ماڻهن جو تعاون ننڍو، ڪيئن پئسا گڏ ٿيندا؟ پر ڪجهه پر اميد دوست دوستن کي ٻيهر فنڊ وٺڻ لاءِ قائل ڪن ٿا.... ۽ هڪ دفعو ٻيهر نون جذبن سان سڀني ڪروڙ پتين، زميندارن، سرمائيدارن، سياستدانن ۽ واپارين ڏانهن نڪري پون ٿا.
    چوندا آهن ته جڏهن ارادا اٽل هوندا آهن. ته پوءِ سسيون پنهون ماڻينديون آهن. ڪجهه ڏينهن ۾ 50 لک گڏ ٿي وڃن ٿا ۽ منزل جا نشان واضع نظر اچڻ لڳن ٿا. عبدالقدير جي مرجهايل چهري تي حياتي جي آس جاڳي پئي ٿي. ان سڄي صورتحال ڪور ڪندڙ صحافي پنهنجي ending words ۾ چوي ٿو؛ “جڏهن دوستين ۾ سچائين، سهارن، ايماندارين ۽ نيڪ نيتن جا سگهارا عمل شام ٿي وڃن ته 80 لک ته ڇا 80 ڪروڙ، ارب ۽ کرب به گڏ ڪري سگهجن ٿا.... ناظرين.... 80 لک ٿي ويا آهن ۽ عبدالقدير کي پرڏيهه علاج لاءِ اماڻيو ويو آهي. عبدالقدير جي چهري تي مرڪ آڻيندڙ جي. ايم. سي. جا شاگرد جس لهڻا. اچو ته رڳو جيئي جيئي.... جي سکڻن نعرن بجاءِ جي ايم سي جي شاگردن جيان عملي ڪم ڪري ڏيکاريون ۽ حياتيون کسڻ بجاءِ بچايون، ڪارنامن جا مثال قائم ڪيون. رڳو شاگرد نه ٿيون پر سڄو سماج ٿيون، ڌرتي ٿيون، وطن ٿيون.... ڪئمرامين سعيد سان علي محمد جي. پي. ايم نيوز سکر.....!


    بئڪ ٽائيٽل صفحو


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 823
    ڪتابن جو مشاهدو: 1890663
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 511395
    2019 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ