ڪتاب جو نالو: پَلَئه پايو سَچُ
مصنف: پروين موسيٰ ميمڻ
ڇپائيندڙ: سنڌ راڻي پبليڪيشن حيدرآباد
ڪيٽيگري: لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق
شايع ٿيڻ جو سال: 2016
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: ڇنڇر، 18 مئي 2019 ع
پڙهيو ويو: 701 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 234 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ لکڻ جي حوالي سان الاهي تيزيءَ سان لکي رهي آهي ۽ سندس ڪتاب به ڪارائتا ليکيا وڃن ٿا. هي ڪتاب ”پلئه پايو سچ“ به تحقيق ۽ تنقيد تي مشتمل آهي ۽ هن جن موضوعن تي تحقيق ڪري لکيو آهي يا جن موضوعن تي تنقيد ڪئي آهي، هن انصاف کان ڪم ورتو آھي. ڇاڪاڻ ته هوءَ هڪ مثبت ليکڪا آهي ۽ هن جي لکڻ جو مقصد صرف علم ۽ ادب جي خدمت ڪرڻ آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • ارپنا
  • اَگِهيو ڪائو ڪَچُ، مَاڻِڪَن موٽَ ٿِي،
  • سنڌ سلامت پاران
  • اداري پاران
  • انمول ادبي هيرو
  • سنڌي زبان جو مکيه سرمايو ڊاڪٽر پروين موسيٰ جا ڪتاب
  • ڊاڪٽر پروين موسيٰ صاحبه کي جَسُ هُجي...
  • ويٺي وَوڙي
  • اگهيو ڪائو ڪچ
  • تحقيقي مضمون

  • صفِ اول جو محقق ۽ نقاد ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي
  • منگها رام ملڪاڻيءَ جي”نثر جي تاريخ“، تحقيقي جائزو
  • مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ
  • مخدوم محمد امين فهيم، ”پيغام،“ هڪ جائزو
  • ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي
  • ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو
  • جديد شاعري کي نئون موڙ ڏيندڙ شمشيرالحيدري
  • سنڌي صحافت جو اهم نانءُ: فقير محمد لاشاري
  • ڊاڪٽر نواز علي ”شوق“ جون علمي ۽ ادبي خدمتون
  • ناميارو سفر نامه نگار: عبدالحئي پليجو
  • سنڌي ادب جو سرموڙ شاعر ڊاڪٽر ادل سومرو
  • مسڪينن جو مسڪين، ”جهان خان“
  • لوڪ ادب جو پارکو ڊاڪٽر ڪمال الدين ڄامڙو
  • ڊاڪٽر عابدہ گهانگهرو جو فن: تحقيقي جائزو
  • ”وصيت نامو“ جو خالق انور ڪاڪا
  • ماهين هيسباڻي: بحيثيت شاعره
  • دادا هولا رام هنس ۽ ”فلاسافي جيون جيئڻ جي“، تحقيقي نظر
  • ڪتاب قومن جي طاقت، وقار ۽ وجود جو اهڃاڻ آهن
  • چند مضمون تاثر ۽ تبصرا

  • سائين محمد ابراهيم جويو سان 30 نومبر 2007ع تي ٿيل هڪ ملاقات جو احوال
  • آفتاب ميمڻ، هڪ گهڻ رُخي شخصيت
  • ڊپٽي صاحب جنهن جو گفتو گفتو گل
  • يوسف سنڌيءَ جي ادب شناسي
  • عورتن جي تعليم
  • ببليو گرافي
  • CV ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ

  • ارپنا

    پنهنجي پياري موڀي ڀاءُ
    آفتاب ميمڻ
    جي نانءُ
    جيڪو حياتيءَ جي هر موڙ تي مون کي
    همٿائيندو رهيو آهي
    رب پاڪ شل کيس خوش وخرم ۽ آباد رکي.(آمين)


    اَگِهيو ڪائو ڪَچُ، مَاڻِڪَن موٽَ ٿِي،

    اَگِهيو ڪائو ڪَچُ، مَاڻِڪَن موٽَ ٿِي،
    پَلَئَه پايو سَچُ، آڇِيندي لَڄَ مَران

    (سر سريراڳ4-14)


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”پَلَئه پايو سَچُ“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب نامياري ليکڪا ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ جي لکيل تحقيقي ۽ تنقيدي مضمونن جو مجموعو آھي.
    ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ لکڻ جي حوالي سان الاهي تيزيءَ سان لکي رهي آهي ۽ سندس ڪتاب به ڪارائتا ليکيا وڃن ٿا. هي ڪتاب ”پلئه پايو سچ“ به تحقيق ۽ تنقيد تي مشتمل آهي ۽ هن جن موضوعن تي تحقيق ڪري لکيو آهي يا جن موضوعن تي تنقيد ڪئي آهي، هن انصاف کان ڪم ورتو آھي. ڇاڪاڻ ته هوءَ هڪ مثبت ليکڪا آهي ۽ هن جي لکڻ جو مقصد صرف علم ۽ ادب جي خدمت ڪرڻ آهي.
    ھي ڪتاب سنڌ راڻي پبليڪيشن حيدرآباد پاران 2016ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون ميڊم پريون موسيٰ ميمڻ جا، جنھن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي ۽ ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گھر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    اداري پاران

    اداري پاران
    تحقيق ۽ تنقيد ٻئي محنت طلب ڪم آهن ۽ اهو ڪم ڪرڻ لاءِ محقق يا نقاد جو وسيع مطالعو هجڻ لازمي آهي. محقق کي ڄاڻ هوندي ۽ نقاد شين کان واقف هوندو. تڏهن ئي شين جي سٺي نموني ڇنڊ ڇاڻ ڪري سگهندو. ڪنهن به موضوع تي تحقيق ڪجي ته ان سان ڀرپور انصاف ڪري سگهجي يا ڪنهن ليکڪ جي ڪتاب توڙي سندس لکڻين تي تنقيد ڪجي ته دليل ايترا مضبوط هجن جو ليکڪ خود اعتراف ڪري ته جن شين جي نشاندهي ڪري تنقيد ڪئي وئي آهي. اها جائز آهي ۽ ان مان ليکڪ کي اصلاح به ملي سگهي. اسان وٽ سنڌي ادب ۾ تنقيد نه ٿيڻ برابر ٿئي ٿي ۽ جيڪا تنقيد ڪئي وڃي ٿي اها ذاتي بنيادن تي ڪئي وڃي ٿي ۽ اها تنقيد براءِ اصلاح نه پر تنقيد براءِ تنقيد هجي ٿي. جنهن جو مقصد صرف ان جي اوڻاين کي ظاهر ڪري ان جي دل شڪني ڪرڻ آهي، تنقيد براءِ اصلاح جو مقصد ليکڪ کي سندس اوڻاين جي نشاندهي ڪرڻ آهي ۽ ان کي صحيح راهه ڏسڻ به آهي ۽ تنقيد براءِ اصلاح جو اصول به اهو آهي ته شروع ۾ ان ليکڪ جي شين ۽ مثبت ڳالهين تي ڳالهائي سندس سٺي لکڻي جي ساراهه به ڪجي ۽ پوءِ ان جي اوڻاين تي ڳالهايو وڃي. ان سان اهو ٿيندو ته ليکڪ پاڻ تي ٿيل تنقيد کي به برداشت ڪري ويندو ۽ ان ڳالهه کي به سامهون رکندو ته نقاد سندس سٺي شيءَ کي ساراهيو به آهي پر جي ان جي لکڻيءَ جي صرف اوڻاين تي ڳالهايو ويندو ۽ شروعات ئي تنقيد کان ڪبي ۽ ختم به تنقيد تي ڪبو ته هو دل شڪسته ٿيندو ۽ اهو محسوس ڪندو ته نقاد سندس ذاتي مخالف آهي ۽ هن تنقيد ڪري پنهنجي دل جي ڀڙاس ڪڍي آهي، ان ڪري محقق توڙي نقاد کي تحقيق ۽ تنقيد جي اصولن کي سامهون رکي نيوٽرل ٿي ڪري لکڻ گهرجي. جنهن سان اسان جي سنڌي ادب ۾ تنقيد اُسري سگهي ٿي، ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ به لکڻ جي حوالي سان الاهي تيزي سان لکي رهي آهي ۽ سندس ڪتاب به ڪارائتا ليکيا وڃن ٿا. هي ڪتاب ”پلئه پايو سچ“ به تحقيق ۽ تنقيد تي مشتمل آهي ۽ هن جن موضوعن تي تحقيق ڪري لکيو آهي يا جن موضوعن تي تنقيد ڪئي آهي. مان سمجهان ٿو ته هن انصاف کان ڪم ورتو هوندو. ڇاڪاڻ ته هوءَ هڪ پازيٽو ليکڪ آهي ۽ هن جي لکڻ جو مقصد صرف علم ۽ ادب جي خدمت ڪرڻ آهي، اسان سندس هي ڪارائتو ڪتاب ڇپائي سرهائي محسوس ڪيون ٿا. اميد ته پڙهندڙن کي به هن ڪتاب مان لاڀ ضرور حاصل ٿيندو.

    غلام مصطفيٰ سولنگي
    سنڌ راڻي پبليڪيشن حيدرآباد


    انمول ادبي هيرو

    انمول ادبي هيرو
    ٿرپارڪر جي ننڍڙي ڳوٺ ڏيپلي شهر جا سيٺ سڪيلڌو، سيٺ احمد علي قاسماڻي، خان صاحب محمد سومار، خان صاحب محمد موسيٰ، آفتاب احمد ميمڻ ۽ ڪموڊور اقبال ميمڻ جنهن لڙيءَ جا موتي رهيا آهن، تنهن لڙيءَ جو هڪ انمول هيرو ڪموڊور اقبال ميمڻ ۽ آفتاب احمد ميمڻ جي ننڍي ڀيڻ ڊاڪٽر پروين موسيٰ آهي. ڏيپلي جي موتين ۽ سنڌي ادب سان زيادتي ٿيندي جي ڊاڪٽر پروين موسٰي جو ذڪر نه ڪبو ۽ سندس ادبي تخليق ۽ صلاحيت کي نه ساراهبو. ڊاڪٽر پروين موسيٰ ٿر جي وارياسي علائقي ۾ پيدا ٿيندڙ هڪ اهڙو انمول ادبي هيرو آهي جنهن پنهنجي بزرگ محمد عثمان ڏيپلائي ۽ پنهنجي خاندان جي روايتن کي روشن رکيو آهي.
    ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ ضلعي ٿرپارڪر جي ڏيپلي شهر ۾ محمد موسيٰ ميمڻ جي گهر ۾ 1958ع ۾ جنم ورتو. سندس پرائمري ۽ سيڪنڊري تعليم ڏيپلي ۽ ميرپورخاص ۾ ٿي. انگريزي ادب ۾ 1983ع ۾ ايم اي ڪيائين ۽ 1988ع ۾ ايم اي سنڌيءَ ۾ فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪري گولڊ ميڊل حاصل ڪيائين. سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان امتيازي نمبرن سان پاس ڪري. 1991ع کان ليڪچر طور، ايجوڪيشن اينڊ لٽريسي ڊپارٽمينٽ ۾ ڪم ڪرڻ شروع ڪيائين. ابنِ رشد گرلز ڪاليج ميرپورخاص، ايم بي اينڊ جي ايف گرلز ڪاليج حيدرآباد کان پوءِ موجوده وقت نذرٿ گرلز ڪاليج حيدرآباد ۾ ايسوسيئيٽ پروفيسر طور درس وتدريس جا فرض سرانجام ڏيئي رهي آهي. سندس تحقيق جو موضوع ”سنڌي نثر جي ترقيءَ ۾ عورتن جو حصو: تحقيقي اڀياس“ آهي. جا هن 2012ع ۾ مڪمل ڪري ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪئي. جنهن ۾ هند ۽ سنڌ جي ليکڪائن جي نثري ڪم جي ڇنڊ ڇاڻ ڪئي اٿس. ادبي زندگيءَ ۾ سندن پهريون افسانو”چري“ جي عنوان سان ۽ ٻيو”ماءُ جو دلاسو“(خليل جبران جي ڪهاڻيءَ جو ترجمو) 1980ع ۾ شايع ٿيا ۽ پوءِ مضمون پڻ لکيائين. اهي چند مضمون ۽ ڪهاڻيون لکڻ کان پوءِ ترت ئي سندس لاڙو تحقيق جي ميدان ڏي مڙي ويو. سندن لکيل ادب باقائدي ڇپجڻ شروع ٿيو. 2004ع کان سندس مڪمل ڪتاب ڇپجڻ شروع ٿيا آهن، جن ۾، (1) سنڌي ادب جو ادبي جائزو ۽ لطيفيات“ روشني پبليڪيشن 2004ع، (2) ”سنڌي نثر جي ڪن صنفن جو اڀياس“، هائر ايجوڪيشن ڪميشن اسلام آباد 2008ع، ٻيو ڇاپو روشني پبليڪيشن 2015ع(3) ”اٿي رائو ريل“، 2008ع، (4) ”آديسين ادب آهي اکڙين ۾“،(لطيفيات)، 2007ع ۽ ٻيو ڇاپو 2009ع، (5) ”سون ورنيون سوڍيون“(ڪهاڻيون)، ترتيب ۽ تحقيق، 2009ع، (6) ”اخلاقي قدر“،(ٻاراڻو ادب)، 2010ع، ٻيو ڇاپو، 2016ع، (7) ”وکر سو وِهاءِ“،(مضمون نويسي)، هائير ايجوڪيشن ڪميشن، اسلام آباد، 2011ع ۾ شايع ڪيا آهن.
    سندس هڪ ٻيو ڪتاب”سنڌي ادب تحقيقي ۽ تنقيدي مطالعو“ (ادبي تاريخ) لاهور جي هڪ وڏي اداري ائڊوانسڊ پبلشرز 2015ع ۾ شايع ڪيو آهي جيڪو موجوده وقت 2016ع جي سي ايس ايس جي نصاب مطابق آهي ۽ هر هنڌ پڙهايو وڃي پيو.
    سندن ايندڙ ڪتابن ۾ ”محمد عثمان ڏيپلائيءَ جون نثري ادب ۾ خدمتون، ”جي پارکو پارس جا“ (لطيفيات) ”ماڻڪ موتي لعل“ (مضمون ۽ مقالا)، ”مفتي منجهه ويهار“(آتم ڪهاڻي) ۽ ٻيا ڪتاب شامل آهن. ليکڪا جا سوين مضمون ۽ مقالا روزاني اخبارن، ماهوار مخزنن ۽ ريسرچ جرنلس ۾ ڇپيا آهن. جيئن روزاني عبرت، سوڀ، سنڌ ايڪسپريس، عوامي آواز، لوڪ، سنگت، سروپا، نئين زندگي، سوجهرو، ادبي تحقيق، سنڌي ٻولي،
    ٽه ماهي مهراڻ، سرتيون، تخيل، سنڌ راڻي، سنڌي ادب، ڪچ ڪوڏيون، ريکائون ۽ ٻيا مخزن آهن. سندن ٻن ڪتابن کي ايڇ اي سي تعريفي سرٽيفڪيٽ ۽ ڪيش ايوارڊ ڏنا آهن ته سنگت طرفان”اٿي رائو ريل“ ڪتاب کي بهترين تحقيق ۽ تنقيد جي ڪتاب جو ايوارڊ ڏنو ويو آهي. ۽ اخلاقي قدر“ ڪتاب کي نيشنل بڪ فائونڊيشن پاران ٻاراڻي ادب جي ڪتاب طور ميرٽ سرٽيفڪيٽ مليل آهي. کين، بهترين ڪمپيئر ۽ مضمون نگار جا ايوارڊ مليا آهن جن ۾ ڪينيڊين ايسوسيئيشن”جَسِ“ جي اشتراڪ سان ٿيل مضمون نويسيءَ جي مقابلي ۾ انعام مليو.
    سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن ۽ ناري سنگت جي طرفان”راهه بينظير ڀٽو“ ايوارڊ شيلڊ عورتن جي ڪم جي باري ۾ ڊاڪٽريٽ جي مقالي تي مڃتا طور 2013ع ۾ ڏني وئي. ان کان سواءِ کين ڪيترا ئي ايوارڊ ۽ اعزاز مليا آهن.
    ڊاڪٽر پروين موسيٰ مختلف تنظيمن جي ميمبر پڻ آهي، جن ۾ 1. سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن. 2. سنڌي اردو ادبي فائونڊيشن. 3 ناري سنگت، 4 سنڌي ادبي سنگت شامل آهن. هوءَ اڄ به پنهنجي گهريلو ۽ تدريسي جوابدارين جي باوجود مختلف سيمينارن ۽ ادبي ڪانفرنسن ۾ شرڪت ڪندڙ ۽ تحقيقي پيپرز پيش ڪندڙ آهي.
    ڊاڪٽر پروين جا 250 کان مٿي تحقيقي ۽ ادبي مضمون ۽ مقالا مختلف اخبارن ۾ ڇپجي چڪا آهن. ڊاڪٽر پروين موسيٰ هڪ اهڙي خاندان سان تعلق رکي ٿي جنهن ۾ ڳوٺ جو سڀ کان پهريون ڊپٽي ڪمشنر سندس چاچو خان صاحب محمد سومار هو ته وري سڀ کان پهريون ڊي. ايم جي آفيسر سندس ڀاءُ آفتاب ميمڻ، سندس گهر ۾ ٻه فرد يعني ڪموڊور اقبال ميمڻ ۽ سندس ڀاڻيجو ذوالفقار نظير تمغه امتياز ملٽري جا حامل آهن. سندس گهر وارو اليڪٽريڪل انجنيئر آهي. سندس وڏو فرزند ياسر رضا ڏندن جو ماهر ۽ ايف سي پي ايس ڊاڪٽر آهي. سندس نياڻي ڊاڪٽر ثمر رفيق الرحمان به ڊاڪٽر آهي ۽ ڊاڪٽر ثمر جو گهر وارو روينيو ڊويزن حڪومت پاڪستان جو سينئر آفيسر آهي. سنڌ ۾ اهڙيون عورتون تمام گهٽ آهن جن پنهنجي مصروف گهريلو زندگي هئڻ جي باوجود علم وادب جي ميدان ۾ پنهنجو پاڻ کي مڃرائيو آهي.

    آفتاب ميمڻ
    aftab467@yahoo.com


    سنڌي زبان جو مکيه سرمايو ڊاڪٽر پروين موسيٰ جا ڪتاب

    سنڌي زبان جو مکيه سرمايو ڊاڪٽر پروين موسيٰ جا ڪتاب
    ڏيپلي شهر جديد دور ۾ سنڌ جي حوالي سان وڏي شهرت ماڻي آهي. تعليم، صحت، نوڪر شاهي توڙي علم ۽ ادب ۾، ڏيپلي جو خاص ڪردار آهي. هن شهر جتي سنڌ کي نامور عالم ۽ اديب ڏنا اتي طب ۽ ڪامورا شاهيءَ ۾ به ان جو وڏو حصو آهي. ڏيپلي جي ميمڻ برادري اڄ سنڌ جي نقشي ۾ خاص رتبو رکي ٿي.
    ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ جو نالو به ان ڏس ۾ نشانبر آهي. ڊاڪٽر پروين جو تعلق پڙهڻ ۽ پڙهائڻ سان آهي. پاڻ هن وقت ڪاليج ۾ پروفيسر(سنڌي) آهن. پروين هڪ وڌيڪ وک وڌائيندي، پنهنجي مضمون ۾ ڊاڪٽريٽ پي ايڇ ڊي جي ڊگري به حاصل ڪري ورتي پڪ سان هي هڪ وڏو اعزاز آهي. جنهن کي حاصل ڪرڻ هر هڪ جي وس ۾ نه آهي. اسان جي ملڪ ۾ ڊاڪٽريٽ جي ڊگري مالي فائدي ۽ ملازمت ۾ ترقي حاصل ڪرڻ لاءِ ورتي ويندي آهي. پر ڪي ٿورا سنديافته عالم آهن. جي ڊگري وٺڻ کان پوءِ به لکڻ پڙهڻ ۽ تحقيق جي ڪم ۾ پاڻ کي مشغول رکندا آهن. ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ به انهن عالمن ۾ ڳڻجي ٿي جن ڊگريءَ جو مان مٿانهون رکندي لڳاتار تحقيق ۽ تصنيف ۾ پاڻ کي مشغول رکيو آهي. اميد آهي ته سندس هي ذوق ۽ جستجو جاري رهندي.
    ڊاڪٽر پروين، منهنجي ڄاڻ موجب، جيڪي ڪتاب لکيا آهن، انهن جو تعداد ٻارنهن آهي. انهن مان 9 ڪتاب ڇپجي چڪا آهن ۽ 3 اڃان اڻ ڇپيل آهن. ڇپيل ڪتابن جا نالا هن ريت آهن، 1. ”سنڌي ادب جو ادبي جائزو ۽ لطيفيات“، 2. ”سنڌي نثر جي صنفن جو اڀياس“، 3. ”اٿي رائو ريل“، 4. ”سون ورنيون سوڍيون“، 5. ”آديسين ادب آهي اکڙين ۾“ 6. ”اخلاقي قدر“7، وکرسو وهاءِ، 8. ”سنڌي ادب تحقيقي ۽ تنقيدي مطالعو“ 9، ”عالم سڀ آباد ڪرين“(لطيف شناسي) 10. ”سنڌي نثر ۾ عورتن جو حصو“(تحقيقي مقالو ڇپائيءَ هيٺ) ڪتابن جا نالا ۽ عنوان ڏسي اندازو ڪري سگهجي ٿو ته پروفيسر پروين جي مطالعي جا خاص موضوع ڪهڙا آهن. سنڌ ۾ شاعرن جي کوٽ ڪونهي. منهنجو اندازو آهي ته ڊاڪٽر پروين پاڻ شاعره ڪونهي. البته تحقيق، تنقيد، لطيفيات ۽ مضمون نگاري هن جي لکڻ ۽ پڙهڻ جا خاص محور آهن. اميد آهي ته مستقبل ۾ به ڊاڪٽر پروين نثر ۾ وڌيڪ گهرائيءَ ۾ وڃي، ماڻڪ موتي ميڙي، سنڌي ادب جي خدمت جاري رکندي.
    اسان پڙهيل لکيل سنڌي جيڪي شهرن ڏي لڏي آيا آهيون، اهي اردو زبان جي اثر هيٺ تيزيءَ سان درست سنڌي لکڻ ۽ ڳالهائڻ کان پري ٿي رهيا آهيون. ان پس منظر ۾ جيڪڏهن اسان جي هن ڀيڻ ڊاڪٽر پروين جي سنڌي لکت ڏسجي ٿي ته اها نهايت صاف سٿري ۽ شهري گدلاڻ کان پاڪ ڏسڻ ۾ ايندي. ان لاءِ لائق ليکڪا مبارڪباد جي حقدار آهي.
    ڊاڪٽر پروين موسيٰ جا لکيل ۽ ڇپيل ڪتاب سنڌي زبان جو مکيه سرمايو آهن. انهن ڪتابن مان عام پڙهندڙن کان وٺي، وڏن اديبن ۽ عالمن جي ڄاڻ لاءِ، وڏي جاکوڙ سان ڳچ معلومات هڪ جاءِ تي گڏ ڪري ڏني وئي آهي. اميد آهي ته هن اديبه جا اڻ ڇپيل ڪتاب به ڇپجي ايندا ۽ سنڌي ادب ۾ خاص جاءِ والاريندا.

    ڊاڪٽر غلام محمد لاکو
    13 اپريل 2016ع.
    ڄامشورو


    ڊاڪٽر پروين موسيٰ صاحبه کي جَسُ هُجي...

    ڊاڪٽر پروين موسيٰ صاحبه کي جَسُ هُجي...
    تحقيق ڇو ٿي ڪئي وڃي؟ ان جو سبب ڪهڙو آهي؟ جڏهن غور ڪنداسين ته ان جو جواب اهو ملندو ته تحقيق ڪنهن مسئلي جي حل ڪرڻ يا ڪنهن سوال جي جواب ڳولهڻ لاءِ ڪئي وڃي ٿي. ڳولها ۽ جستجو انسان جي فطرت ۾ شامل آهي. هر ماڻهو پنهنجي طور تي ڳولها ڪندڙ يا محقق آهي. هو گهڻي ڀاڱي پنهنجي ذات لاءِ حقيقي ۽ وسيلن جي ڳولها ۾ هوندو آهي. انفرادي ڳولها ۽ اجتماعي ڳولها ۾ وڏو فرق آهي. اجتماعي مسئلن جي حل ڪڍڻ وارا محقق عالم ۽ ڏاها هوندا آهن، هو پنهنجي پنهنجي شعبي جا ماهر ٿين ٿا. تحقيق ڪو سولو ڪم ناهي. ڪنهن ڳالهه کي عقلي دليلن ۽ حوالن سان ثابت ڪرڻ انتهائي اوکو ڪم آهي. اهوئي سبب آهي ته علم ادب هجي يا ٻيو ڪو شعبو هجي، ان ۾ محققن جو تعداد تمام گهٽ هوندو آهي. سنڌي ادب جو ئي مثال وٺجي ته اسان کي ليکڪ ۽ شاعر ته تمام گهڻا ڏسڻ ۾ ايندا پر انهن ۾ محققن جو انگ تمام ٿورو آهي. ساڳيءَ ريت محققن ۾ وري عورتن جو تمام گهٽ تعداد آهي. ان گهٽ ڳاڻيٽي ۾ پروفيسر ڊاڪٽر پروين موسيٰ به شامل آهي.
    ڪنهن سوال جي جواب حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ محقق کي جيترين تڪليفن مان گذرڻو پئي ٿو. ان جو اندازو ڪنهن محقق کان سواءِ ٻيو ڪونه ڪري سگهندو. لائبريرين مان ڪتاب ڳولڻ ته ڪجهه سولو آهي پر مختلف اديبن، شاعرن ۽ عام ماڻهن کان معلومات وٺڻ ۽ فيلڊ ۾ وڃڻ ڏاڍو اڻانگو ڪم آهي. ٽيليفون، فيڪس، اي ميل، واٽس ايپ ۽ ٻين سهوليتن جي باوجود پئسن سان گڏ، وقت ڪڍڻ ۽ سفر ڪرڻ ڪو سولو ڪم ناهي. انهن حالتن هوندي به جيڪڏهن ڪو تحقيقي ڪم ڪري ٿو ته جَسَ لائق آهي. ڊاڪٽر پروين صاحبه به انهن اڻانگن مرحلن مان گذري پنهنجو ڪم جاري رکندي پئي اچي، کيس شابس هُجي، ڊاڪٽر صاحبه جي جڏهن ادبي پورهيي تي نظر وجهجي ٿي ته هوءَ مسلسل ڪم ۾ جُنبيل ڏسڻ ۾ اچي ٿي، پي ايڇ ڊي ڪرڻ کان اڳ ۾ ئي سندس مختلف ڪتاب ملن ٿا. مون کي ته حيرت آهي ته هڪ عورت، جيڪا پنهنجو گهر ۽ ٻار سنڀالڻ سان گڏ نوڪري به ڪري ۽ ان جي باوجود تحقيق به ڪري ته حقيقت ۾ اهو هڪ وڏو جهاد آهي. ڊاڪٽر صاحبه پنهنجو آرام ڦٽائي، تڪليفون سهي سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ لاءِ ڪم ڪري سچ ته وڏو احسان ڪيو آهي.

    ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو
    ڪراچي – 2016-10-12


    ويٺي وَوڙي

    ويٺي وَوڙي
    جهڙي سونهن، سچائيءَ ۽ سادگيءَ ۾ هوندي آهي اهڙي سونهن دنيا ۾ ٻيو ڪٿي به موجود ناهي. مون کي به اهڙن ماڻهن سان ملي دلي خوشي ٿيندي آهي جن جو وجود سچائي ۽ سادگي جو اهڃاڻ هجي. ادي پروين موسيٰ ميمڻ پڻ اهڙي شخصيت جي مالڪ آهي. جنهن جو حُسن سندس سادگيءَ مان جلوه گر ٿيندو آهي. نياز نوڙت سان ڀرپور سندس پرخلوص وجود سچ پچ ان جهڪيل وڻ مثل محسوس ٿيندو آهي جنهن جو جهڪاءُ ڦلدائڪ هجڻ جي نشاني هوندو آهي. بلڪل ساڳيءَ طرح سندس لکڻي به پاڻ وانگر، سادي، سولي سٻاجهي ۽ سڀاويڪ آهي. جنهن کي سولائيءَ سان پڙهي سمجهي ان مان لاڀ پرائي سگهجي ٿو. پاڻ سالن کان سنڌي ادب لاءِ خاموشيءَ سان جاکوڙيندي رهي آهي. سندس ڪيئي تحقيقي ڪتاب سنڌي ادب جي شاگردن لاءِ وڏو سهارو آهن. تنهن ڪري ئي پروين موسيٰ ميمڻ جا ڪيئي ڪتاب شاگرد هٿوهٿ وٺن ٿا ته عالمن، اديبن ۽ محققن وٽ پڻ سندس ڪتابن کي وڏي پذيرائي ملي آهي. موجوده وقت 2016ع جي سي ايس ايس جي نئين نصاب مطابق لکيل سندس ڪتاب سنڌي ادب تحقيقي ۽ تنقيدي مطالعو(ادبي تاريخ) ڪامپيٽيٽو امتحان جي شاگردن لاءِ لکندي جي مضمون ۾ ڪاميابيءَ جي سندَ تي ڇپيو آهي. سندس ڪيترائي مضمون ۽ مقالا روزاني جي اخبارن جنهن ۾ عبرت، سنڌ ايڪسپريس، سوڀ ۽ ٻين اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپجي رهيا آهن.
    سندس هي ڪتاب”پلئه پايو سچ“ سون برابر آهي. ڇاڪاڻ ته سوانحي مضمونن تي مشتمل هي ڪتاب پروين موسيٰ جي صرف تحقيق نه آهي پر سندس سنڌي ادب سان محبت ۽ محنت جو نتيجو آهي. جيڪا هوءَ ورهين کان ڪري رهي آهي.
    هن ڪتاب ۾ سنڌي ادبي تاريخ جي مثالي ڪردارن جن ۾ هوتچند مولچند گربخشاڻي، منگها رام ملڪاڻي، دادا هولا رام هنس، مخدوم امين فهيم، شمشيرالحيدري جهڙين شخصيتن جا خاڪا ۽ سندن ادبي خدمتن جو جائزو ورتل آهي ۽ گڏوگڏ ڪجهه نئين ٽهيءَ جي ليکڪن کي شامل ڪري اتساهيو ويو آهي. انهيءَ صنف ۾ مون کي پڻ بيهاري سچ پچ ته ادي پروين مون کي مان بخشيو آهي.
    ”پلئه پايو سچ“ پڙهندي محسوس ٿئي ٿو ته ليکڪا هڪ ذميوار محقق طور پنهنجي ڀرپور سچائيءَ سان ڪتاب ۾ موجود ڪردارن کي تفصيلي پڙهيو ۽ سمجهيو آهي. انهن جي ادبي تخليقن، ڪتابن، مضمونن ۽ انٽرويوز جو مطالعو ڪري پوءِ ئي قلم هٿ ۾ کنيو آهي. سندس لکڻي ۾ به رس چس آهي. توڻي جو هوءَ مسلسل لکاري آهي پر جڏهن سندس لکڻيءَ تي غور ڪريون ٿا ته هوءَ تخليقي روپ ۾ پڻ معياري ليکڪ نظر اچي ٿي. سندس ٻولي ايڏي ته عام ۽ مٺڙي آهي جو پڙهندڙ هڪ ئي ويهڪ ۾ ڪتاب پڙهي پنهنجي سيني ۾ سمائي ڇڏي ٿو.
    توڙي جو ادي پروين موسيٰ ميمڻ پنهنجي هن ادبي پورهئي کي غير معمولي ڪم نٿي ڳڻائي پر واقعي وقت جي تارازيءَ ۾ ڪاڻ نٿي ٿي سگهي. تنهن ڪري سندس هن پورهئي جي ڪٿ به وقت جو منصف ضرور ڪندو.
    ڪنهن به قوم لاءِ ان فلسفيءَ کان وڌيڪ عزت لائق اهو استاد، شاگرد ۽ پورهيت هوندو آهي جيڪو کيس مليل ڪم چاهه ۽ ايمانداريءَ سان مڪمل ڪري ٿو. سنڌي ادب به اهڙن محنتي ۽ ايماندار ليکڪن جو گهرجائو آهي. اسان وٽ به چند ئي سهي پر پروين موسيٰ جهڙا خاموش طبع ليکڪ/ڪردار موجود آهن. جيڪي پنهنجي ذات کان مٿڀرا ٿي پنهنجي حصي جو علمي، ادبي تحقيقي ۽ تاريخي ڪم ڪري پنهنجي ٻولي کي مالا مال ڪري رهيا آهن. جيڪو ايندڙ نسلن لاءِ وڏي وٿ ثابت ٿيندو.

    ماهين هيسباڻي
    ڪراچي


    اگهيو ڪائو ڪچ

    اگهيو ڪائو ڪچ
    هن ڪتاب ”پَلئه پايو سَچ“جو تعارف لکندي آئون اڄ انتهائي خوشي پئي محسوس ڪريان، جو الحمدالله هيءُ منهنجو يارهون ڪتاب شايع ٿي رهيو آهي. الله تعاليَ جا لک احسان آهن جنهن هن قلمي سفر ۾، هر وقت ۽ هر هنڌ منهنجي رهنمائي ڪئي آهي. ڊاڪٽر غلام علي الانا چواڻي ته”منهنجي هن نياڻيءَ کي سنڌي ٻولي ۽ ادب سان جنون جي حد تائين عشق آهي. جنهن جي ڪري ئي هوءَ مسلسل تخليقي، تحقيقي ۽ تنقيدي ادبي ڪم ۾ رڌل نظر اچي ٿي ۽ مستقل ڪم ڪري رهي آهي“. سو بلڪل حقيقت آهي. آئون واقعي پي ايڇ ڊي ڪرڻ کان پوءِ به پنهنجي لکڻ پڙهڻ ۾ ائين ئي مشغول آهيان جيئن اڳ هيس. اهو تحقيقي ڪم مون انتهائي شوق سان ڪيو اهو پنجن سَوَن صفحن جو تحقيقي مقالو انشاءَالله جلدي شايع ٿيندو. ڌڻيءَ در دعا اٿم ته هو مون کي کوڙ سارا ڪارائتا ڪتاب سنڌي ٻولي ۽ ادب جي لاءِ لکڻ جي توفيق عطا فرمائي.
    در حقيقت ڪتاب لکڻ ۽ ڇپرائڻ هڪ وڏو پراجيڪٽ آهي. جنهن تي ڪم ڪندڙ انهيءَ ۾ سڄو پيهي وڃي ٿو ۽ انهيءَ مشڪل ۽ محنت طلب مرحلي ۾ هو محنت ۽ ٿڪ جي باوجود به خوش هجي ٿو. جو اهو سندس ذوق ۽ شوق آهي. جنهن جو مڪمل ٿيڻ ليکڪ لاءِ ائين آهي ڄڻ، ”هفتِ اقليم“ جي دولت ملڻ. منهنجي نظر ۾ ڪنهن ليکڪ جي لاءِ وڏي ۾ وڏي خوشي سندس ڪتاب جو مڪمل ٿيڻ/ڇپجڻ، عام تائين پهچڻ ۽ پڙهندڙن ۾ مقبول ٿيڻ آهي. ڪتاب فقط لفظن ۽ پنن جو ميڙ نه آهي. پر اهو لکندڙ جي دلي جذبن، اُمنگن ۽ دماغي قوت جو سرمايو آهي. جو هو پنهنجي دل جي سچائيءَ سان پڙهندڙن کي آڇي ٿو. پنهنجي جان ۽ روح جو سرمايو دان ڪري ٿو. ليکڪ کي رب پاڪ طرفان لکڻ جي جيڪا الهامي قوت ۽ فيض مليل آهي. انهيءَ کي ٻين تائين پهچائڻ لاءِ لکندڙ ڪيترو بيتاب هوندو آهي.؟ اها خبر انهن کي هوندي جيڪي ادب ۾ لکندڙ آهن. سندس آسائتيون اکيون انهيءَ لکيل تحرير کي ڇپيل صورت ۾ ڏسڻ لاءِ آتيون هونديون آهن. پڙهندڙن جي هٿن تائين پهچڻ کان پوءِ سندس محنتون، تڪليفون ۽ اوجاڳا انهيءَ مليل خوشي جي اڳيان تڇ هوندا آهن جڏهن هو پنهنجو پورهيو صاب پوندي ڏسندو آهي. منهنجو ته پنهنجي هرڪتاب جي ڇپجڻ تي اهو ويساهه پختو ٿيندو رهيو آهي ته لکيل لفظ معتبر ۽ ڪتاب جاندار تخليق ۽ زبردست طاقت آهن. جن سان قومن جي تقديرن کي تبديل ڪري سگهجي ٿو. اڄ سڄيءَ سنڌ ۾ سي ايس ايس جي اڪيڊمين ۾ سنڌيءَ جي مضمون لاءِ منهنجو ڪتاب”سنڌي ادب تحقيقي ۽ تنقيدي مطالعو“ (ادبي تاريخ، ڇپيندڙ ائڊوانسڊ پبلشرز لاهور) پڙهايو وڃي ٿو ۽ آئون پاڻ به ڪجهه سي ايس ايس اڪيڊمين ۾ ڪلاس وٺي چُڪي آهيان مون کي شاگردن جي اُتساهه مجبور ڪيو آهي ته آئون هن ڏس ۾ وڌيڪ محنت ڪريان. جيڪڏهن منهنجي محنت سان ڏنل سـٺي مواد کي پڙهڻ بعد سنڌيءَ جي مضمون ۾ ڪي شاگرد گهڻا نمبر کڻي، ڪامپيٽيٽو امتحان پاس ڪري اڳيان اچن ٿا ته آئون سمجهان ٿي، هن ڌرتيءَ جو قرض چڪائڻ ۾ مون ڪجهه حصو ضرور ادا ڪيو آهي.
    هلندڙ وقت ۾ سنڌ ۾ انيڪ سنڌي ڪتاب ڇپجي رهيا آهن. جڏهن ته عام طور اهو ٻڌو وڃي ٿو ته هن انٽرنيٽ جي دور ۾ ڪير ٿو ڪتاب پڙهي؟ ۽ هن مهانگائي جي دور ۾ ڪير ٿو خريد ڪري؟ پر دراصل ائين نه آهي. آئون نه فقط ڪتاب لکندڙ آهيان پر ُبڪ اسٽالن تي ويندڙ ۽ ڪتاب خريد ڪندڙ پڻ آهيان. مون کي هيترا سارا سنڌي ٻوليءَ جا نوان ڪتاب ڇپيل ڏسي ڏاڍي خوشي ٿيندي آهي. لڳي ٿو ته ڄڻ سنڌ جو هر ماڻهو صاحبِ ڪتاب ٿيڻ جو شرف حاصل ڪري رهيو آهي. اها خوش آئند تبديلي سنڌي قوم جي زنده هئڻ جو ثبوت آهي.
    ”پَلئه پايو سَچ“ ڪتاب تحقيقي ۽ تنقيدي مضمونن جو مجموعو آهي. جنهن ۾ خبرداريءَ سان ۽ مستنَد حوالن ذريعي موضوع جي وضاحت ڪئي اٿم. پي ايڇ ڊي ڪرڻ کان پوءِ منهنجو لاڙو تحقيق جي ڪم ڏي وڌندو رهيو آهي. هيءُ مقالا هر عام خاص جي معلومات ۾ اضافو ڪندا. جن ۾ ٻولي عام ۽ سولي استعمال ڪئي ويئي آهي. اميد ته پڙهندڙن ۾ منهنجو هيءُ ڪائو ڪچ اگهامبو . آئون سندن موٽ جي منتظر آهيان.

    ڊاڪٽر پروين موسى ميمڻ
    2016 -10-20
    moosa2018@gmail.comparween
    Cell: 0333-2766564


    تحقيقي مضمون

    صفِ اول جو محقق ۽ نقاد ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي

    صفِ اول جو محقق ۽ نقاد ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي
    ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻيءَ جو نالو سنڌ ڌرتيءَ جي هڪ نامياري محقق، شاهه لطيف جي پارکو ۽ لائق نقاد طور سڃاتو وڃي ٿو. بلڪه کين سنڌي تنقيد نگاريءَ جو ابو پڻ سڏيو وڃي ٿو. هُن حيدرآباد سنڌ ۾ 8 مارچ 1884ع تي جنم ورتو. سندن ڏاڏو ديوان ٽئنگداس زميندار هو. پاڻ واڌواڻي گهٽيءَ ۾ رهندا هئا. گربخشاڻي صاحب ابتدائي تعليم مڪاني پرائمري اسڪول۽ سيڪنڊري تعليم اين ايڇ اڪيڊمي حيدرآباد مان ورتي. 1899 ۾ ميٽرڪ 1905ع ۾ بي اي جي ڊگري امتيازي نمبرن سان پاس ڪيائين. ايم اي جي واسطي بمبئيءَ جي ولسن ڪاليج ويو جتان 1907ع ۾ انگريزي ۽ فارسيءَ جي تعليم حاصل ڪيائين. واپس اچي ڊي جي سنڌ ڪاليج ۾ فارسيءَ جو اسسٽنٽ پروفيسر ٿيو ۽ انهيءَ ڪاليج ۾ وائيس پرنسپال به رهيو ۽ 1936ع ۾ پرنسپال جي عهدي تي پهتو ۽ انهيءَ ملازمت جي دوران هو 1928ع ۾ لنڊن روانو ٿيو ۽ اتي لنڊن يونيورسٽيءَ ۾ هڪ مقالو، ”انگريزي شاعريءَ ۾ تصوف،“ لکيائين جنهن تي کين ڊاڪٽريٽ جي ڊگري ملي. پاڻ انتهائي محنتي شاگرد ۽ ڄاڻو استاد هو. سندس ڪم جو معيار بلند شمار ٿئي ٿو. جسماني طور ڪمزور هوندي به سندن ذوق ۽ شوق ۽ محنت جو جذبو اعليٰ درجي جا هئا. 11 فيبروري 1947ع تي اوچتو دل جي دوري پوڻ سبب سنڌي ادب جي هن محسن چوهٺ سالن جي عمر ۾ وفات ڪئي.
    ڊاڪٽر هوتچند صاحب جي ڪتابن جو مقدار گهٽ پر معيار سٺو آهي. منگهارام ملڪاڻي لکي ٿو ته، ”آخر اهو استاد اچي ويو جنهن جي هٿن ۾ سنڌي تنقيد ڪماليت تي پهتي، پروفيسر هوتچند انگريزيءَ ۾ ڊاڪٽر هو، فارسيءَ جو معلم هو، عربي، سنسڪرت ۽ هنديءَ جو عالم هو ۽ سنڌيءَ جو مصنف هو. ايترين زبانن ۾ مهارت هئڻ ڪري هو صاحب علم لُغت جو گهرو ڄاڻو هو ۽ سنڌ جو اهم اديب هو. جنهن تي سنڌين کي ناز آهي“. (1)
    ادبي تاريخ ۾ ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جو وڏو ڪارنامو، شاهه عبدالطيف ڀٽائيءَ جي رسالي جي ڇنڊ ڇاڻ ڪري مقدمي، معنيٰ ۽ شرح سان چئن جلدن ۾ تيار ڪرڻ آهي. جنهن جا پهريان ٽي جلد بالترتيب 1923ع کان 1931ع تائين شايع ٿيا ۽ چوٿون جلد تيار هئڻ جي باوجود شايع ٿي نه سگهيو. هي جلد سندن قابليت جو وڏو ثبوت آهن. اهم قلمي نسخا اڳيان رکي وڏيءَ محنت سان ڌاريون ڪلام جدا ڪري ڪلام جي صحيح متن ڏيڻ جي ڪوشش ڪيائين. ان سان گڏ لفظن جي بنياد جي به نشاندهي ڪيائين. رسالي جي منڍ ۾ مقدمو لکيائين جنهن ۾ شاهه لطيف جي سوانح عمري، سيرت، مذهب، ويدانيت ۽ تصوف سان تعلق ۽ سندن شعر وشاعريءَ تي بحث ڪيو اٿن. ان ۾ شاهه صاحب جي شعر جي مضمون ۽ عبارت، نظم، ان جي ٻولي، لغوي بناوٽن جو به پوريءَ طرح ذڪر ڪيو اٿن. انهيءَ مقدمي وڏي مقبوليت ماڻي جو پوءِ ”مقدمه لطيفي“ جي عنوان سان الڳ 1936ع ۾ شايع ٿيو. ان کان سواءِ شاهه جي سورمين جي باري ۾ هڪ ڪتاب، ”روح رهاڻ“ 1933ع ۾ شايع ڪيائين. ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ واري شاهه جي رسالي جي ٽن جلدن کان اڳ رسالي جو اهڙو مستند نسخو ڪوبه نه هو. هن وڏيءَ جاکوڙ سان شاهه صاحب جو نج نبار ڪلام ڏنو ۽ مناسب پڙهڻيون اختيار ڪيائين ۽ لهجو لاڙي مقرر ڪيائين. سر ڪيڏارو جي داخلا ڪرڻ تي مٿس تنقيد پڻ ٿي. هن رسالي ڇپجڻ شرط 1924 ۽ 23 جي ڀارت واسي اخبار جي پرچن ۾ ڄيٺمل پرسرام ڪيترا تنقيدي مضمون لکيا جنهن سان مرزا قليچ بيگ ۽ ديوان ليلا رام سنگهه به راءِ خيال ٿيا ته لعل چند امر ڏنو مل، ڀيرومل مهرچند ۽ مينگهراج گربخشاڻيءَ جي حمايت ۾ ليک ڏنا. سڀني تنقيدن جا اهم نڪتا هئا ته هن هڪ هزار بيت رسالي مان خارج ڪيا آهن ۽ ڪيترن هنڌن تي عربي ۽ فارسي ٻولين جا ڏکيا لفظ ڪتب آندا آهن ۽ ڪجهه بيتن جون تمثيلون ۽ معنائون به غلط ڏنل آهن. مطلب ته انهيءَ ڊگهي بحث سان رسالي جي وڪري تي به شروع ۾ اثر پيو جنهن جو احوال ڀيرومل مهرچند پنهنجي ڪتاب”گربخشاڻي وارو رسالو منهنجي نظر ۾“ ڏنو آهي. اخبارن ۾ جيڪا تنقيد ٿي ان سان ڊاڪٽر گربخشاڻي، دلبرداشته ٿي ويو. ڪاڪو ڀيرومل لکي ٿو ته،”هن رسالي جي مضمون ۽ بيهڪ ۽ بناوٽ کي ڏسي چئبو ته سنڌي ساهت ۾ هيءُ ڪتاب هر طرح لاثاني آهي. کيس همٿائڻ گهرجي، گربخشاڻيءَ کي همٿائڻ گويا شاهه صاحب کي عزت ڏيڻي آهي ۽ سنڌي ٻوليءَ جو ڀلو چاهڻو آهي.“(2)
    در حقيقت گربخشاڻي صاحب جو. وڏو سرمايو هن رسالي جي ڇپائيءَ تي لڳو ۽ هڪدم جهجهيءَ تنقيد کان پوءِ چوٿون جلد شايع ڪري نه سگهيو جنهن جو سنڌي ادب کي وڏو نقصان ٿيو. حالانڪه انهيءَ ٽئين جلد کان پوءِ گربخشاڻي صاحب 16 سال حيات هو. پر چوٿون جلد شايع ٿي نه سگهيو.
    ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ کي تصوف سان گهڻي دلچسپي هئي، سندن ڊاڪٽريٽ جي ڊگري به انهيءَ موضوع تي آڌاريل آهي. هن جا وڏا شاهه عنايت صوفي جهوڪ جي درگاهه جا معتقد هئا. هو اڪثر گفتگو ۾ پڻ شاهه لطيف، مولانا رومي ۽ ٻين صوفي شاعرن جا بيت حوالي طور ڪم آڻيندو هو. کيس راڳ ۽ سنگيت بابت پڻ ڄاڻ هئي. خاص ڪري سندس لکيل لطيفي مقدمي مان پڻ اها خبر ملي ٿي. هن شاهه لطيف جي شاعريءَ کي سندس زندگيءَ جي واقعن سان وابسته ڪري سوانحي تنقيد جو بنياد وڌو. اهو سڌريل طريقو يورپ جي ملڪن ۾ رائج ڏسي ان تي عمل ڪيائين ۽ اهڙيءَ ته سهڻائيءَ سان لکيائين جو اڄ تقريبن هن ڪم کي هڪ صدي ٿيڻ تي آئي آهي پر انهيءَ رسالي جي افاديت ۽ اهميت اڄ به قائم آهي. مقدمي ۾ شاهه لطيف جي باري ۾ لکي ٿو ته:
    ”شاهه عبداللطيف پنهنجي زماني ۾ هڪ يگانو فاضل ۽ عالم شخص هو. سندس ڪن قدرت جي ڪلام ڏي مائل هو ۽ سندس آڱر هڪ حاذق حڪيم جيئن، نوع انسان جي طبع جي نبض شناس، سندس روح جون رڳون، قدرت جي رتيءَ جيتري رهاڻ سان به تنبورن جي تارن جيئن واڄي اچي وينديون هيون“. (3)
    ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جو ترتيب ڏنل شاهه جو رسالو نامڪمل هوندي به اڄ تائين اهم خوبين سبب پسند ڪيو وڃي ٿو. سندن ٻين علمي ۽ ادبي ڪمن ۾ ”نور جهان“ ”روح رهاڻ“ ۽ ”لنواريءَ جا لال“ آهن. ”لنواريءَ جا لال“ ۾ چئن بزرگن جون سوانح عمريون ڏنل آهن. جي هن لنواري شريف جي ڪتب خاني مان مليل قلمي ڪتابن جي بنياد تي لکيون. جن بزرگن جو احوال آهي انهن ۾ سلطان الاولياءَ خواجه محمد زمان، خواجه گل محمد، محمد زمان ثاني ۽ خواجه محمد حسن آهن.
    ڊاڪٽر گربخشاڻي بنيادي طور تي هڪ صوفي منش انسان هو سندس ٿيسز
    Mysticisim in the early ninteenth century poetry of England
    پڻ تصوف جي موضوع تي آڌاريل آهي. ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جو ناول“نورجهان” بامحاوره ۽ سليس نثر ۾ لکيل آهي جنهن ۾ اثرانگيزيءَ جا سڀ گڻ موجود آهن. اهو هڪ سچو تاريخي واقعو آهي. جنهن ۾ ناول نگار ڪردار نگاريءَ جا ڪمال، ٻوليءَ جي حُسن جا جلوه، وڻندڙ نموني پيش ڪيا آهن. جو اڄ پڻ پڙهندڙن جي دلچسپي هن ناول ۾ قائم آهي. هن ناول جي ٻوليءَ جا مثال هن ريت آهن“تحقيق محبت هڪ عجيب چيز آهي. محبت جي ڪيميا ٽامي کي زرين ۽ تلخيءَ کي شيرين، ڦاهيءَ کي تخت ۽ آهيءَ کي بخت، نار کي نور ۽ وير کي حور، بيماريءَ کي صحت ۽ قهر کي رحمت، مردي کي زنده ۽ شاهه کي بندو بنايو ڇڏي”.(4)
    مهرالنساءَ شهزادي سليم کي، سمجهائيندي چوي ٿي ته“تون شاهي فرمان مڃي اڌيپور اُسهي، راجپوتن تي فتح حاصل ڪري، وطن ڏي واڳون ورائي ته شڪ نه آهي ته بادشاهه جي دل ڀڄي پوي”.(5)
    هن ناول جي منظر نگاري، ڪردار نگاري ۽ ٻوليءَ جي سونهن، پهاڪا ۽ چوڻيون تجنيس حرفيءَ سان سينگاريل جملا، نهايت دلڪش ۽ وڻندڙ نموني لکيل آهن.
    هن تاريخي ناول ۾ مغلن جي شان ۽ شوڪت جو احوال ته اڪبر بادشاهه ۽ سندس اڙٻنگ شهزادي سليم عرف نورالدين جهانگير جو منهن مقابل ٿيڻ لاءِ سنڀرڻ ۽ وري اڪبر جي حڪمت عمليءَ سان فساد کي ٽارڻ، مهرالنسا يعني راڻيءَ نور جهان جي ذهانت ۽ جهانگير جا انصاف مطلب ته ليکڪ اڪبر جو جلال، جهانگيري انصاف، نور جهان جي سمجهه ۽ سياڻپ، علي قلي بيگ جي خودداري ۽ غياث بيگ جي دور انديشيءَ کي اثرائتو ڪري پيش ڪيو. جو هي تاريخي ناول سنڌي ادب ۾ امر ٿي ويو.
    ان کان سواءِ سندس ڪتاب”روح رهاڻ“، شاهه لطيف جي سورمين بابت آهي جن جو ذڪر رسالي ۾ ڪيل آهي.
    ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ کي سنڌي نثر تي ملڪو حاصل هو. هن بهترين نثر نگار کي حياتيءَ مهلت نه ڏني جيڪڏهن وڌيڪ وقت زنده رهي ها ته ٻيون لاڀائتيون تصنيفات سنڌي ادب جو حصو هجن ها. سندن ڪتاب هائر ڪلاسن جي نصاب ۾ مقرر آهن. خاص طور، ”مقدمه لطيفي“ ۽ ”نور جهان“ ايم اي، پي سي ايس ۽ سي ايس ايس جي ڪورس ۾ مقرر آهن. سندن اهي محققانه ڪاوشون هميشه ياد رهنديون.

    حوالا:
    1- ملڪاڻي منگها رام،”سنڌي نثر جي تاريخ“، روشني پبليڪيشن
    ڪنڊيارو 1993ع، ص
    2-”ڀيرومل مهرچند، گربخشاڻيءَ وارو رسالو منهنجي نظر ۾،“ روشني
    پبليڪيشن ڪنڊيارو 1995ع، ص 47
    3-گربخشاڻي ڊاڪٽر، (ترتيب)”شاهه جو رسالو“ جلد پهريون ڪمشنر
    ڇاپو، ڪراچي، 1923ع. ص.16.
    4- گربخشاڻي، هوتچند مولچند، ڊاڪٽر، ”نورجهان“، ورسٽي پبليڪيشن،
    سنڌي شعبو، ڪراچي، 1971ع، ص-45-
    5-ساڳيو حوالو، ص.66


    منگها رام ملڪاڻيءَ جي”نثر جي تاريخ“، تحقيقي جائزو

    منگها رام ملڪاڻيءَ جي”نثر جي تاريخ“، تحقيقي جائزو
    منگها رام ملڪاڻيءَ جو نالو سنڌي علم وادب ۾ عزت ۽ احترام سان ورتو وڃي ٿو. هن عالم جو سنڌي ادب تي وڏو احسان آهي جو هن ”سنڌي نثر جي تاريخ“ جوڙي ورهاڱي کان اڳ جي نثري احوال کي هميشه لاءِ محفوظ ڪري ڇڏيو. منگها رام ملڪاڻيءَ جو جنم 14 ڊسمبر 1896ع تي حيدرآباد سنڌ ۾ ٿيو. سندس والد اُڌارام شيوڪرام ملڪاڻي عامل خاندان جو هڪ مشهور زميندار هو. سندن آڪهه روشن خيال هئڻ سبب هن خاندان جي نياڻين ان دور ۾ تعليم حاصل ڪئي، جڏهن عورتن جو لکڻ پڙهڻ اڃان عام نه هو. مشهور ليکڪا ريٽا شهاڻي سندن ڀائيٽي آهي. ملڪاڻي صاحب ناٽڪ نويس، مترجم، مضمون نگار، نقاد ۽ ادبي مورخ طور پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنيون. پاڻ علمي طور محنتي شاگرد هو ته ڊي جي ڪاليج ۾ استاد ٿيڻ بعد ته سنڌي ٻولي ۽ ادب مضمون طور پڙهائڻ سان سندن وڏي دلچسپيءَ جو باعث بڻيا ۽ پوءِ حياتي انهيءَ کي ارپي ڇڏيائين. 84 سالن جي عمر ۾ 1 ڊسمبر 1980ع ۾ وفات ڪيائين. سندن ڇپيل ڪتابن جو تعداد 25 تائين آهي. جن ۾ ناٽڪن جو ڳاڻيٽو وڌيڪ آهي. هن سنڌي ناٽڪ کي جديد حقيقت نگاريءَ سان روشناس ڪرايو نظماڻو نثر پڻ لکيائين ته يادگيرين تي مشتمل ڪتاب ۽ سفرنامو پڻ لکيائين کين نثر سان گهڻي دلچسپي هئي. انهي ڪري گهڻو نثر جي باري ۾ ڌار ڌار صنفن تي ڪيترائي تنقيدي ليک لکيائين جيڪي مختلف اهم اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيا. سندن ڇپيل ڪتابن ۾. ”گم ٿيل صندوقڙي“. (1924) ”قسمت“ (1926) ”ايڪتا جو آلاپ“(ناٽڪ 1929) ”کن جي خطا“(1930) ”انار ڪلي“(ناٽڪ. 1930)”پنج ننڍڙا ناٽڪ“(1937) ”پنگتي پردا“(ناٽڪ. 1938) ”پريت جا گيت“ (ترجمو. 1940) ”گيتانجلي“(ترجمو. 1942) ”ادبي اصول“(1950) ”جيون چهچٽا“(ناٽڪ. 1962) ”پاپ ڪين پڃ“(ناٽڪ. 1957) ”پڇمي ياترا“(سفرنامو آمريڪا جو) (1963) ”کڙ کٻيتا پيا ٽمڪن“.(ناٽڪ. 1967) ”سنڌي نثر جي تاريخ“(1968) ”جوانيءَ جا جذبا، پيري جون يادون“(نظماڻو نثر. 1975) ”آخري ڀيٽ“(ناٽڪ. 1975) ”سمنڊ جي گجڪار“(ناٽڪ. 1975) ”ساهتڪارن جون سمرتيون“(يادگيريون. 1979) ”ڀارت ۾ سنڌي ساهت جو مختصر جائزو“(1980) ”ڀارت ۾ ساهت جي سمالوچنا“(1982) ۽ ٻيا آهن.
    ملڪاڻي صاحب جي ڪتابن ۾ گهڻي ڀاڱي جي ناٽڪ آهن، سي اسٽيج تي پڻ پيش ٿيا آهن. سندن ڇپيل ناٽڪن مان سنڌ ۾ موجودگهٽ آهن ۽ موجوده وقت ڇپيل ناٽڪن جو لاڙو به گهٽ ڏسڻ ۾ اچي ٿو جيڪو يقينن ناٽڪ جي اوسر لاءِ هاڃيڪار آهي. ملڪاڻي صاحب جو ڪتاب”ادبي اصول“ جو تنقيد نگاريءَ تي آهي، ڪافي مقبول ٿيو. هن ڪتاب ۾ نثر، نظم، ناول، ناٽڪ، مضمون ۽ تنقيد جي باري ۾ فني اصول ڄاڻايا ويا آهن. ته نثر ۽ نظم جي سڀني صنفن جو مختصر تاريخي جائزو پڻ ڏنل آهي. هي ڪتاب ادبي ۽ علمي حلقن کان سواءِ شاگردن ۽ استادن لاءِ پڻ مفيد رهيو ۽ نصاب جو حصو رهيو آهي.
    منگها رام ملڪاڻي صاحب”سنڌي نثر جي تاريخ“ ڪتاب 28 مئي 1961ع تي لکي پورو ڪيو پر ڪجهه سببن جي ڪري اهو ڇپجي نه سگهيو ۽ 1968ع ۾ شايع ٿيو. ستن فصلن ۽ 346 صفحن تي مبني هن ڪتاب ۾ سنڌي نثر جي باري ۾ ڪارائتو احوال آهي. هن تاريخ جي ارپنا هُن پنهنجي استاد لعل چند امر ڏنو مل جي نالي ڪئي آهي. ڪتاب جي پهرين فصل ۾ سنڌي ٻولي ۽ آئيويٽا، اوائلي نثر، سنڌي نثر جو پهريون ڪتاب، نئين عربي آئيويٽا جا موضوع آهن. ٻئي فصل ۾ ڪهاڻي نويسيءَ جي اوسر، وندر۽ سکيا وارين آکاڻين جو دور، تاريخي ۽ سماجي آکاڻين جو دور، ديسي آکاڻين جا ترجما، ماهوار رسالن جو دور، جديد حقيقت نگاريءَ وارين ڪهاڻين جو دور، فصل ٽيون، ناول نويسيءَ جي اوسر، اوائلي ترجمو ڪيل ناول، اوائلي خود ساخته ناول، ازغيبي ۽ ڪرامتي قصا، هندوستاني شاهڪارن جا ترجما، ماهوار رسالن جو دور، ترجمو ڪيل ناول، سنڌ ۾ آخري خود ساخته ناول فصل چوٿون، ناٽڪ نويسيءَ جي اوسر، اوائلي سنڌي ناٽڪ، پهرين سنڌ ڪاليج منڊلي، سنسڪرت کان ڌرمي ناٽڪ، شيڪسپيئر کان رومانوي ناٽڪ، سيرت جو فلسفو، ٻيون جهونيون ناٽڪ منڊليون، لوڪ ڪهاڻين تي ٻڌل ناٽڪ ۽ ٻيا موضوع ڏنل آهن. فصل پنجون، ننڍي ناٽڪي اوسر ۽ حقيقت نگاريءَ واري دور جو بيان آهي. فصل ڇهون مضمون نويسي جي اوسر، ڌرمي، اخلاقي ۽ پنگتي مضمونن جا ڪتاب، داخلي ۽ شخصي مضمونن جا ڪتاب، خارجي يا شخصي مضمونن جا ڪتاب ۽ ٻيا موضوع آهن. فصل ستون، تنقيد جي اوسر، سنڌي تنقيد جي ڪماليت، دائود پوٽي جي شاهه ڪريم جي رسالي تي مباحثو، سندس ابياتِ سنڌي تي مباحثو، سنڌي نثر ۽ نظم تي تنقيدي ڪتاب، ادبي تاريخ تي مضمون ۽ ڪتابن جو جائزو ڏنل آهي.
    ملڪاڻي صاحب جي هيءَ نثر جي تاريخ فقط ۽ فقط 1947ع کان اڳ جي احوال، تي آڌاريل آهي. ڪتاب جي آخر ۾ 346 صفحي تي لکيو اٿن ته:”اتي ورهاڱي تائين سنڌي نثر جي تاريخ ختم ٿي ٿيئي“. 1966ع ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا جي ”نثر جي تاريخ “ شايع ٿي هئي. ٻنهي تاريخن ۾ سنڌي نثر جي باري ۾ ڪارائتو احوال ڏنل آهي. ملڪاڻي صاحب موجب ته کانئن اڳ 1937ع ۾”سنڌ جي ادبي تاريخ“ خان بهادر محمد صديق ميمڻ جي شايع ٿيل هئي ته لطف الله بدويءَ جو، ”تذڪره لطفي“ به 1943ع ۾ نڪري چڪو هو جنهن ۾ سنڌي شاعريءَ جو جهجهو احوال آهي. کين خيال ٿيو ته ڇو نه فقط سنڌي نثر جي تاريخ جوڙيان اهو سوچي هن ڪم جي شروعات ڪيائون. اڳيان اهو به لکيو اٿن ته:
    ”هاڻي هي ڪتاب سربستو ختم نه پر اڻ پورو سمجهڻ گهرجي ڇو جو مان ڄاڻان ٿو ته منجهس ڪيترا خال هوندا جي اڻ ڀريل رهجي ويا آهن. آخر هڪڙي ماڻهوءَ لاءِ ههڙي اٿاهه موضوع سان پورو انصاف ڪرڻ ناممڪن آهي. وري به شڪر جو ايترو ذخيرو ڪٺو ٿي پيو آهي جو فخر پيو ٿيئي ته سنڌي نثر هرو ڀرو اهڙو مسڪين ڪونهي جهڙو سمجهندا هئاسون.“ (1)
    تجزيي ڪرڻ سان اهو معلوم ٿئي ٿو ته ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب ۽ ملڪاڻي منگها رام صاحب جن جون نثر جون تاريخون تقريبن هڪ ئي ڏهاڪي ۾ لکيون ويون يعني 1961ع کان 68ع تائين انهيءَ کان اڳ ڪابه تاريخ خاص نثر جي احوال تي آڌاريل نه هئي. گهڻو پوءِ يعني 35 سالن کان پوءِ 2006ع ۾ منهنجو ڪتاب، ”سنڌي نثر جي صنفن جو اڀياس“ آيو. جنهن کي ڊاڪٽر الانا صاحب، سنڌي نثر جي تاريخ جو تسلسل شمار ڪيو. (ڏسو سنڌي نثر جي صنفن جو اڀياس: مهاڳ، ڊاڪٽر غلام علي الانا)
    ملڪاڻي صاحب جي هن تاريخ ۾ آيل احوال، سلسليوار هوندي به سمجهڻ ۾ ڪافي مشڪلات پڻ درپيش اچي ٿي. نثر جي احوال ۾ لوڪ قصن ۽ ڪهاڻين جو ذڪر ڪانهي. ڪيترن ڪتابن کي مضمون نويسيءَ جو شمار ڪيو ويو آهي جڏهن ته اهي مختلف موضوعن تي آهن. جيئن سير ۽ سفر جا ڪتاب يا تاريخي ڪتاب آهن. هن تاريخ ۾ مواد گهاٽو ۽ جهجهو آهي. جملن جو گهاڙيٽو لاڳاپي وارو پر ڊگهو جملو هئڻ سبب سمجهڻ ۾ ڪي قدر مشڪل به اچي ٿي. ڊاڪٽر فهميده حسين هن نثر جي تاريخ تي رايو ڏيندي لکيو آهي ته:
    ”ملڪاڻي صاحب جن نثر جي مختلف صنفن جي نه فقط تاريخ جوڙي آهي بلڪه انهن جي حوالي سان پنهنجي پنهنجي دور جي اهم ليکڪن ۽ انهن جي لکڻين تي باقاعده تنقيدي رايا ڏنا آهن. نه صرف ايترو پر مختلف فني گهرجن تي به ٿوري گهڻي روشني وڌي آهي ته جيئن تنقيد ڪرڻ وارن لاءِ اڳيان بنيادي نڪتا هجن”.(2)
    مجموعي طور ملڪاڻي صاحب جي، سنڌي نثر جي تاريخ، هڪ اهم ڪتاب آهي. اوائيلي دور جي هندو لوڪن جي تصنيفات جو جائزو جيترو ملڪاڻي صاحب سٺو پيش ڪيو آهي. ايترو اڄ تائين ڪنهن نه ڪيو. ممڪن آهي جيڪڏهن هي صاحب تڪليف وٺي اوائلي معلومات نه ڏئي ها ته اڄ شايد ادبي تاريخن ۾ اڳيان هلي اها ڪمي هميشه لاءِ رهجي وڃي ها. انهيءَ لحاظ کان سندن هيءَ محنت جس لهڻي. هيءُ ڪتاب تحقيق ڪندڙن ۽ عالمن ڏي گهڻو ڪارائتو آهي. شاگردن لاءِ ڪجهه قدر دقيق به شمار ڪري سگهجي ٿو. نثر جي هن تاريخ جي ترتيب وڻندڙ آهي. نثر جي اهم صنفن کي جيڪي 1947ع تائين عروج ماڻي چڪيون هيون تفصيلي ذڪر ڪيو ويو آهي. موجود احوال ورهاڱي تائين آهي. هن ڪتاب تي کين آڪادمي ايوارڊ مليو. منگهارام ملڪاڻي صاحب کي مغربي ۽ مشرقي ادب ۽ ادبي لاڙن جي پروڙ هئي. سندس تنقيدي معيار اوچو هو. هن سنڌي ادب ۾ تنقيد جو حق ادا ڪيو.

    حوالا:
    1- ملڪاڻي منگهارام،“سنڌي نثر جي تاريخ”، روشني پبليڪيشن
    ڪنڊيارو 1993ع. ص-16
    2- فهميده حسين، ڊاڪٽر، ”ادبي تنقيد فن ۽ تاريخ“، سنڌ ادبي
    اڪيڊمي، 1997ع، ص-153


    مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ

    مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ
    مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جو نالو جديد شاعريءَ ۾ اهم آهي. بزم طالب الموليٰ جو بنياد وجهندڙ مشهور و معروف عوامي شخصيت، قومي، ادبي، تعليمي، ثقافتي، سماجي ۽ سياسي خدمتن جي سرواڻ مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ نوح سروري سلسلي جي سجاده نشين جو جنم 4 آڪٽوبر 1919ع تي هالا نوان ۾ مخدوم محمد صديقيءَ جي گهر ۾ ٿيو.
    سنڌ جي هيءَ شهرت آفاق شخصيت ادبي ميدان ۾ اعليٰ پايي جي شاعر جي حيثيت سان سڃاتي وڃي ٿي. سندن چند ڪتاب سنڌي نثر ۾ آهن جيڪي پڻ اهميت جا حامل آهن، ڪل تصنيفات تقريباً ٻاويهه کن آهن جن ۾ شاعريءَ جي ڪتابن جو انگ زياده آهي کين سندن سماجي، ادبي ۽ ملڪي خدمت جي مڃتا طور ڪيترن ئي اعزازن سان نوازيو ويو آهي جن ۾ “تمغئه پاڪستان” “لطيف ايوارڊ” ۽ “هلال امتياز” اهم آهن پاڻ ٻه دفعا سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر ۽ ٽي دفعا قومي اسيمبليءَ جو ميمبر مقرر ٿيو سندن خاندان سياسي طور سنڌ ۾ سرگرم عمل آهي، طالب الموليٰ صاحب سنڌ جي علم و ادب جي ترقيءَ لاءِ ڪيتريون ئي ڪوششون عمل ۾ آنديون هالا ۾ پريس قائم ڪيائون جنهن مان اشاعتي ڪم عمل ۾ آيو پاڻ سنڌي ادبي بورڊ جو پهرين ميمبر پوءِ چيئرمين چونڊيو ويو انهيءَ حيثيت سان خاص سنڌي ادب جي خدمت ڪيائين مشاعرا منعقد ڪرائڻ شاعرن ۽ اديبن جي مدد ڪرڻ سندن ادبي خدمتن ۾ اهميت رکي ٿو. کين سنڌي شاعري ۽ راڳ سان گهڻي دلچسپي هئي، پنهنجو شاعريءَ ۾ تخلص-”طالب” اختيار ڪيائين.
    طالب الموليٰ جي ڪتابن ۾ “مصريءَ جون تڙون”، “ڪافي”، “سماع العاشقين في سرور الطالبين”، “يا درفتگان”، “مثنوي عقل و عشق”، “خود شناسي”، “بهار طالب”، “رباعيات طالب”، “امام غزاليءَ جا خط”، “ڪچڪول”، “سنڌ جو شڪار”، “ڇپر ۾ ڇڙيون”، “آءُ ڪانگا ڪر ڳالهه” “اسلامي تصوف”، “مضامين طالب الموليٰ”، “ڪوڙ ۽ سچ”، “تفڪرات”، “اشارات شاهه”، “عجيب لغت سنڌي”، “سنڌ جو سانوڻ”، “بي پير اکيون”، ۽ ٻيا ڪتاب شامل آهن.
    طالب الموليٰ جي گهڻي شاعري ناصحانه ۽ نيڪيءَ ڏي سڏيندڙ آهي، هن بيت جي صنف ۾ ٻن سٽن کان 16 سٽن تائين جا ڊگها بيت به چيا آهن جن جا موضوع رب ڏي راغب ڪندڙ آهن هن الاهي محبت ۾ سرشار شاعريءَ ۾ قرآني آيتون ۽ حديثون پڻ شامل آهن، فرمائين ٿا ته،
    ٿو چمان پنهنجا پير، جو وٺي تو وٽ آيا،
    طالب مولا تي ڪيئون، ڀلائيءَ جا ڀير،
    اوير ۽ سوير قدمن تان قربان ٿيان.

    شاعريءَ ۾ ڪافيءَ جي صنف کي هن گهڻو اڳيان آندو، بلڪه ويهين صديءَ جو وڏو ڪافي گو شاعر شمار ٿيئي ٿو.
    شاعريءَ جي نج صنف کي هن ٻيهر جياريو مخدوم صاحب جون لکيل ڪافيون ٻولي، گهاڙيٽي ۽ عام فهم هئڻ سبب گهڻيون مقبول ٿيون. مخدوم صاحب جي ڪافين ۾ سوزوگداز جو اڻ کٽ خزانو آهي، سندس ڪلام محبت ۽ مجاز جو هڪ جيرو جاڳندو مثال آهي، غزل ۾ محبت جي مام کي پنهنجي مخصوص انداز ۽ نرم لب ولهجي ۾ لڪائين ٿا اهڙيءَ طرح سندن رباعين ۽ ٻين صنفن ۾ به فڪري گهرائي ملي ٿي”. (1)
    سندس لکيل رباعين مان هڪ نمونو هن ريت آهي،
    گرگن کي زماني ۾ نگهبان ٿا چون،
    چورن کي ڏسي واسي مهمان ٿا چون،
    ڪم جن جو شب وروز ٿيو آدم خوري،
    هن دور ۾ سڀ تن کي ئي انسان ٿا چون.

    هن دور جي ڏيکاءُ ۽ مطلب واري سياست کان هيءُ دور انديش سياستدان شاعر هن ريت پَلي ٿو.
    اڄ ڪنهن ۾ نه ڪائي فراست آهي،
    ذهنن ۾ نزاڪت نه نفاست آهي،
    هن دور جي بيڪار سياست آهي،
    طاقت جي مقدر ۾ حراست آهي.

    مخدوم صاحب اهلِ علم، اهلِ ادب، موسيقيءَ جو پارکو ۽ اعليٰ درجي جو شاعر هو، هن لوڪ ادب کي سنوارڻ ۽ سينگارڻ ۾ اهم ڪم ڪيو، ڪيترائي مضمون ۽ مقالا لکيائين نثر جي ميدان ۾ سندن تحريرون وڏي ڄاڻ مهيا ڪن ٿيون موسيقيءَ ۽ راڳ کي وڌائڻ ۽ ويجهائڻ لاءِ “راڳ ڪانفرنس” ۽ “سنڌ سگهڙ ڪانفرنس” منعقد ڪرايائين. خادم حسين چانڊيو سندن علمي، ادبي، سياسي، سماجي ۽ مذهبي خدمتن جي حوالي سان لکي ٿو ته،
    “ادبي دنيا ۾ مخدوم صاحب علم ۽ ادب جا واهڙ وهائي ڇڏيا هو عوامي شاعر هو. پنهنجي وسيع ذات ۾ هڪ ادارو هو، سندن سياسي، سماجي ۽ ثقافتي ميدان ۾ سرانجام ڏنل خدمتن کي ڪڏهن به وساري نٿو سگهجي، لاکيڻي لطيف جي ميلي جي موقعي تي ٿيندڙ ادبي ۽ ثقافتي محفلون هجن، يا ون يونٽ تحريڪ هجي، سنڌي ٻوليءَ جي بچاءَ لاءِ هلايل مهم يا ايم آر ڊي تحريڪ هجي، مخدوم صاحب جن جي هڙان توڙي وڙان هر سطح تي هر هنڌ ڀرپور شرڪت رهي آهي، هو پاڻ هڪ شعر ۾ چوي ٿو ته،
    اگر خدمت ڪرڻ جي ناهه طاقت طالب الموليٰ،
    ته پوءِ مخدومي دنيا ۾ وڏو منصب ته ڪونهي.

    مخدوم صاحب جي محفلن مان ڪيترن ئي شاعرن، اديبن ۽ فن ڪارن ينفن حاصل ڪيو، سندس ادب پروري ۽ ادب نوازي جو ڪو مثال نٿو ملي”. (2)
    کين سنڌي ادب جي قادر الڪلام شاعر هئڻ جو اعزاز حاصل آهي، شاعريءَ جي هر صنف تي طبع آزمائي ڪئي اٿن.
    “مخدوم صاحب جا غزل منفرد ته ڪافيون ۽ بيت جدت آميز آهن، سندس شاعريءَ ۾ جمال جلوو پوري آب تاب سان نظر اچي ٿو سندس شاعريءَ جي خاص خوبي هيءَ آهي ته ان ۾ داخليت جو عنصر وڌيڪ آهي”. (3)
    مخدوم صاحب جو لکيل نثر روان، علمي ۽ ادبي آهي جن ۾ “درناياب عرف يادرفتگان” ڪتاب جي خاص اهميت آهي ان کان سواءِ لغات سنڌي مخففات، پڻ تمام ڪمائتو ڪتاب آهي لسانيات ۽ گرامر جي لحاظ کان هن جي نثر توڙي نظم ۾ انيڪ خوبيون آهن سندس ڪتاب سنڌي ادب جو اهم اثاثو آهن. 11 جنوري 1993ع تي سندن وفات دل جي تڪليف سبب ٿي. کين هالن ۾ پنهنجي مرشد مخدوم نوح فقير جي ڀر ۾ سپرد خاڪ ڪيو ويو. طالب الموليٰ هڪ نرم خو، وضعدار مهربان ۽ سٻاجهي شخصيت جو مالڪ هو اهو ئي سبب آهي جو هن جو ڪلام هن جي خيالن ۽ سوچن جي ترجماني آهي.
    رُڳو ڪعبي جي اڳيان، جي سکڻا سِرَ جُهڪن،
    ۽ هلي احرام اُجرا، ٻيڻا کڻي ٻڌجن،
    نيت ٺيڪ نه آهي جي، ۽ نمازون پڙهجن،
    چمجي چانئٺ رسول جي، روزا پڻ رکجن،
    ته به مولا محبوب ٻئي، دائم دليون ڏسن،
    قلب جڏهن ٿو قلب ٿئي، ته دهرا دان ملن،
    طالب مولا طلب سان، محبت رکبي من،
    حَجَ هزار ڪجن، ته به در جا آهن دلين تي.


    حوالا:
    (1) جوڻيجو، عبدالجبار ڊاڪٽر، “سنڌي ادب جي مختصر تاريخ”، 1994ع، ص-227.
    (2) چانڊيو، خادم حسين، “مارو جي ملير جا”، گنج بخش ڪتاب گهر، 2001ع، ص-351.
    (3) مير چانڊيو، “سنڌي ادب ۽ ان جي صنفن تي هڪ نظر”، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، 2007ع، ص-72.


    مخدوم محمد امين فهيم، ”پيغام،“ هڪ جائزو

    مخدوم محمد امين فهيم، ”پيغام،“ هڪ جائزو
    محمد امين مخدوم آگسٽ 1939ع جي 4 تاريخ بمطابق 17 جمادالثاني 1358هه بروز جمعته المبارڪ تي مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جي گهر ۾ جنم ورتو. سندن نالو ”محمد امين“ رکيو ويو. کانئن اڳ سندس همنام سروري خاندان ۾ ٽي سجاده نشين ٿي گذريا آهن. خاندان جي اهم بزرگن جي نالن جي سبب کين ”ڏاڏا سائين“ به چوندا هئا. سندن والد محترم هڪ اعليٰ پايي جي شخصيت طور سڃاتا وڃن ٿا. جن کي، ”تمغه پاڪستان،”هلال امتياز“، لطيف ايوارڊ ۽ ٻيا ڪئين ايوارڊ مليل هئا ته سنڌ جي هڪ اعليٰ پايي جي شاعر، سياستدان ۽ نوح سروري سلسلي جي (16) سجاده نشين طور مشهور هيا. سنڌي ادب ۾ سائين طالب الموليٰ جون وڏيون خدمتون آهن. سندن 22 ڪتاب ڇپيل موجود آهن جن ۾ شاعريءَ جي ڪتابن جو انگ وڏو آهي. طالب الموليٰ جي گهڻي شاعري ناصحانه ۽ نيڪيءَ ڏي سڏيندڙ آهي ۽ پنهنجي گهر جو ماحول پڻ نيڪيءَ جي پرچاريءَ جو رکيائون. هر هڪ جي ڪم ايندڙ ۽ هڏ ڏوکي، لالچ کان پري رهندڙ هئا. تڏهن ته چيائون ته:
    اگر خدمت ڪرڻ جي ناههِ طاقت طالب الموليٰ،
    ته پوءِ مخدومي دنيا ۾ وڏو منصب ته ڪونهي.

    سو پنهنجي آُل و عيال کي پڻ عام جي خدمت جي تلقين ڪيائين. مخدوم طالب الموليٰ پنهنجي هن موڀيءَ پٽ کي گهڻو ڀائيندو هو ۽ هن جي تربيت ۽ تعليم تي سندن خاص نظر رهي. مخدوم امين کي شاعريءَ جو شوق پڻ پنهنجي والد جي شوق ۽ ماحول کي ڏسي ٿيو. سندس ٻين ڀائرن مخدوم خليق الزمان خليق، مخدوم ڊاڪٽر رفيق الزمان، مخدوم شفيق الزمان، مخدوم سعيدالزمان ۽ مخدوم نويدالزمان مان مخدوم خليق ۽ مخدوم سعيدالزمان شاعر آهن. خود امين فهيم جي ستن پٽن ۾ مخدوم جميل الزمان، ”جميل“، مخدوم شڪيل الزمان، مخدوم عقيل الزمان، مخدوم نجيب الزمان، مخدوم فضل الزمان، مخدوم خليل الزمان، مخدوم ابو محمد سنڌ يار ۾، مخدوم جميل الزمان پنهنجي ڏاڏي طالب الموليٰ جيان پختو شاعر ۽ صاحبِ ديوان شاعر آهي. مخدوم جميل جا ٽي ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن جن ۾”ملاقات“ ”اتر لڳاءُ آءُ پرين“”محبت پائي من ۾“ (ديوانِ جميل) پوين ٻن ڪتابن جا عنوان شاهه لطيف جي شاعريءَ مان سرجيل آهن.
    مخدوم امين فهيم جو نالو سنڌ جي سياسي ۽ ادبي ميدان ۾ اهميت جوڳو آهي. 14 اپريل 2016ع جي روزاني عبرت، ۾ محمد حيات بلوچ لکيو آهي ته:
    ”مخدوم خاندان پ پ ۾ شامل ٿيڻ کان اڳ مسلم ليگ سان واڳيل هو. جڏهن شهيد ذوالفقار علي ڀٽو نئين پيپلز پارٽيءَ جو بنياد وڌو ته خاص ڪري نوجوان طبقو سندن مقناطيسي شخصيت کان متاثر ٿي وڌ ۾ وڌ پيپلز پارٽيءَ ۾ شامل ٿيڻ لڳو. سروري جماعت جو ولي عهد مخدوم امين فهيم ان وقت ڦوهه جوانيءَ ۾ هو. سندس لاڙو به نئين پارٽيءَ ڏانهن ڇڪجي ويو ۽ ائين پنهنجي موڀي پٽ جي راءِ جو احترام ڪندي مخدوم طالب الموليٰ پ پ ۾ شموليت اختيار ڪئي“.
    ۽ اڳيان هلي پوءِ مخدوم خاندان پيپلز پارٽيءَ سان هر وقت نڀايو توڙي جي کين ڪي شڪايتون به رهيون پر هو خانداني طور وضعدار، بااصول، سنجيده ۽ باوقار رهيا آهن. امين فهيم جو شمار پاڪستان جي هردلعزيز سياستدانن ۾ ٿئي ٿو. 1989ع جي چونڊن ۾ قومي اسيمبليءَ جي ميمبر چونڊجڻ کان پوءِ مختلف کاتن جو مرڪزي وزير ٿي رهيو. سندن سياسي ڪردار بي لوث ۽ بي داغ رهيو. سندس فهم ۽ فراست اعليٰ درجي جي هئي. هو ڏکين حالتن ۾ پڻ پنهنجي پارٽيءَ سان سچو رهيو. کيس پوري پاڪستان ۾ پنهنجي خلوص، نيڪ نيتي ۽ هردلعزيزيءَ باعث مقبوليت رهي. سنڌ جي ادبي وايو منڊل ۾ سندن سڃاڻپ هڪ سٺي شاعر طور آهي. 1953ع کان شاعري ڪرڻ جي شروعات ڪيائين. جيئن ته سندن والد هڪ اعليٰ پايي جو شاعر هو ۽ هالا شهر ۾ علمي ۽ ادبي محفلون ۽ مشاعرا ٿيندا هئا جن ۾ هو حصو وٺندو رهيو هو. سروري اسلاميه ڪاليج هالا جنهن مان مخدوم امين فهيم گريجوئيشن ڪئي هئي. مان سروري مئگزين باقاعدگيءَ سان نڪرندو هو ۽ ٻيا به ڪيترائي رسالا ۽ اخبارون هيون جيڪي هالا ۽ حيدرآباد مان نڪرنديون هيون جن جو هن جي شاعريءَ تي اثر رهيو ۽ ان کان سواءِ پڻ انجمن علم وادب هالا، بزم طالب الموليٰ، بزم سروري، بزم رفيق، بزم فردوس، جي طرفان مشاعرا ۽ محفلون ٿينديون هيون. جن ۾ سنڌ جا چوٽيءَ جا شاعر پنهنجو ڪلام ٻڌائيندا هئا. انهيءَ ئي دور ۾ امين فهيم شاعري شروع ڪئي. پاڻ محبوب سروريءَ کي اصلاح لاءِ پنهنجو ڪلام ڏيکاريندو هو ۽ پوءِ پنهنجي والد کان اصلاح ورتائين شروع ۾ ”امين“ تخلص اختيار ڪيائين ۽ پوءِ مخدوم طالب الموليٰ جن کين”فهيم“ تخلص عطا ڪيو.
    مخدوم امين فهيم جي شاعريءَ جو هڪ مجموعو”پيغام“ جي عنوان سان شايع ٿيل آهي جو سنڌي ادبي بورڊ، پاڪستان اڪيڊمي آف ليٽرز جي ساٿ سان 1990ع ۾ شايع ڪيو آهي. هن ڪتاب جي شروع ۾ نعت ۽ پوءِ غزلون، قطعات، نظم، ڪافيون ۽ بيت آهن ۽ آخر ۾ متفرقات ۽ مناجات، مثنوي، نظم ۽ غزل ڏنل آهن. ڪتاب جو انڊيڪس ڊاڪٽر
    در محمد پٺاڻ جو ترتيب ڏنل آهي. تحرير خاص ۾ مخدوم طالب الموليٰ لکيو آهي ته ”سروري خاندان ۾ ڪيترائي شاعر ٿي گذريا آهن پر امين فهيم پنهنجي هڪ جيڏن شاعرن ۾ سٺو شاعر آهي.سندس ڪلام ۾ جديد ۽ قديم شاعريءَ جو رنگ موجود آهي جو پڙهندڙن کي نهايت محفوظ ڪندو، پاڻ اڪثر غزل ئي لکيو اٿس ۽ بهترين لکيو اٿس.(ص-18)
    هن ڪتاب ۾ محبوب سروريءَ مخدوم امين جي شاعريءَ جو تفصيلي فني جائزو ڏنو آهي. سندس موجب ته، هڪ باڪمال شاعر جي شاعريءَ ۾ جيڪي خوبيون هجڻ گهرجن، سي امين فهيم جي ڪلام ۾ موجود آهن. جن ۾ تشبيهه، استعاره، ڪنايه، مجاز مرسل، تجنيس تامه، تجنيس لاحق، تجنيس حرفي، صنعت موقوف، صنعت ايهام، صنعت تضاد، مراعات النظير، مبالغه، صنعت تعجب، تجاهل عارفانه ۽ ٻين خوبين مطابق سندس شاعري سِر جي آهي. پيغام ڪتاب ۾ ڪل 101 غزل، 25 قطعات، 5 نظم، 34 ڪافيون ۽ متفرقه شاعري آهي. 23 نومبر 1954ع تي چيل نعت ۾ مخدوم امين صاحب هن ريت غمن ۽ ڏکن مان نڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.
    ”امين“ مشڪل اچي ڪوئي ته پڙهه صلوات سيد تي،
    غم واوندهه مان ٿي ويندا ٻيڙا پار بسم الله .

    (ص-3)
    اڳيان امت محمدي کي يقين جي قوت لاءِ چون ٿا ته:
    مدد منهنجي”امين“ آهي محمد ڄام سونهارو،
    نه جنهن جو ڪو آهي همسر، انهيءَ ۾ ڪو شڪ ناهي

    (ص.5)

    مخدوم امين پنهنجي طبع ۾ حُسنِ خلق، انڪساري، رواداري ۽ خير خواهي جا جذبا رکندڙ هو. جنهن جو اثر سندن شاعريءَ تي آهي. جيئن هن ڪافيءَ ۾ چوي ٿو ته،
    مان هيڻي، هو حاڪم، ڪا حجت ناهي،
    سگهان ڪيئن ٿي ساجن اڳيان سينو ساهي،
    ڪري قرب پنهنجو اچن اوشل طاري،
    سڄڻ ساڻ هردم هٿن جوڙ آهي،
    محبت مٺي محب لئي کوڙ آهي.
    سندس وس ٿيس مان جياري جي ماري.

    (ص.214)

    سندس شاعريءَ ۾ نيازمندي آهي ته رنگيني ۽ دلڪشي پڻ، ڪٿي پاڻ زماني جي بي قدريءَ کان شڪوه ڪنان آهي ته ساڳئي وقت قرب وارن وٽ سر قربان ڪرڻ لاءِ تيار آهي.
    بي قدر انسان کان پاسو ڪرڻ آهي چڱو،
    قرب وارن جي اڳيان سرڙو سٽڻ آهي چڱو،
    دل ڏيڻ توڙي وٺڻ مان ڇا ٿو حاصل ٿئي.”امين“
    هن جهان فاني جو لاڳاپو ڇنڻ آهي چڱو.


    (ص. 168)

    ”پيغام“ ڪتاب ۾ غزلن جو ڳاڻيٽو جهجهو آهي جن مان ڳچ سندن شروع دور جي شاعريءَ جون آهن.
    21 ڊسمبر 1957ع تي لکيل هڪ غزل جو مطلع ۽ مقطع هن ريت آهن
    يا مون کي علمبردار نه ڪر، يا منهنجو ڪو خالي وار نه ڪر
    هي عرض آ توکي منهنجا خدا، ڪنهن غير اڳيان لاچار نه ڪر.
    هت ڇاجو، فهيم اڄ فڪر ڪبو، لاڳاپا ڇڏي تون ڪاهي پو
    هن عشق جي دريا منجهه گهڙي، ڪو عار نه ڪر انڪار نه ڪر.

    (ص.141)

    مٿي شاعريءَ جا چند مثال ڏنا ويا آهن جن مان پڙهندڙن کي اها خبر ضرور پئي هوندي ته مخدوم امين صاحب جي شاعريءَ ۾ ٻوليءَ جي پختگيءَ سان گڏ، موضوع ۽ مواد جي وسعت ۽ جذبن جي ڪيتري نه بي ساختگي آهي. سادگي ۽ خيال جي اوچائي پڻ شامل آهي. هن ڪتاب جو مواد سندن ملازم مهر علي، تابع سروري مختلف اخبارن ۽ رسالن تان گڏ ڪري محفوظ ڪيو ۽ وڏي فرزند مخدوم جميل الزمان، شوق ۽ جذبي سان ترتيب ڏيئي شايع ڪرايو. اردو شاعري به ڪئي اٿن جيڪا سندن موجب جدا شايع ڪبي. هن همدرد ۽ پرخلوص شاعر علالت باعث وفات ڪئي. سندن علمي، ادبي، سياسي، سماجي ۽ ثقافتي خدمتون سنڌ واسين لاءِ وسارڻ جوڳيون نه آهن.


    ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي

    ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي

    ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي 17 آڪٽوبر 1931ع تي ڳوٺ ماڙي ضلع شڪارپور ۾ جنم ورتو. سندس شروعاتي تعليم پنهنجي ڳوٺ مان ٿي 1952ع ۾ ميٽرڪ لاڙڪاڻي مان ڪيائين ۽ اڳيان ايل ايل بي ۽ ايم اي ڪرڻ بعد اسلاميه ڪاليج سکر ۾ جڏهن ليڪچرر مقرر ٿيو تڏهن شيخ عبدالرزاق”راز“ سان گڏ علمي ۽ ادبي ڪم ۾ وڌيڪ سرگرم ٿيو. 1972ع کان پوءِ مختلف ڪاليجن ۾ پرنسپال رهيو. 1974ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪيائين. سندس مقالي جو موضوع ”بيان العارفين سنڌي جي ترتيب ۽ اپٽار،“ آهي. ميمڻ صاحب جي لکڻ جي شروعات 1953ع کان ٿي. شروع ۾ شاعري به ڪيائين پر کيس نثر ۾ ۽ خاص طور تحقيق ۾ وڌيڪ دلچسپي هئي. سندن تحقيقي ڪم جهجهو آهي. اٽڪل 80 ڪتاب سنڌيءَ ۾ لکيائين جن ۾ ويهه اڻ ڇپيل آهن. سندن لکڻين جا موضوع ادبي تاريخ، سوانح، ٻولي، شاعري ۽ تصوف رهيا آهن. ڪتابن جا موضوع هن ريت آهن. ڏور(لوڪ ادب) ۽ ”ماڻڪ موتي لال“(ٻه ڀاڱا) ، ”شاهه ڪريم جو ڪلام“، ”ديس ديس جون ڪهاڻيون“، ”ڏوهاري ڪير“، ”رتيءَ جي رهاڻ“، ”سکر جي سوکڙي“ (ترتيب) ”پرک ۽ پروڙ“ (تحقيق)، ”فڪر بيدل“ (تحقيق) ”سنڌي ادب جو تاريخي جائزو“ (تحقيق) ”سنڌي ادب جي تاريخ، ”سنڌي ادب جو تنقيدي اڀياس“، ”لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو“، ”سنڌي ثقافت تي اسلامي اثرات“، ”سچل جو پيغام“، ”سر ڪلياڻ“، ”لطيف جو پيغام“، ”سر سارنگ“، ”لطيفي لات“ ۽ ”فڪر لطيف“ کان سواءِ اردو ٻولي ۾”حضرت قلندر شهباز“ ”سنڌي ادب کي مختصر تاريخ“، ”لسانيات پاڪستان“، ”نگار شات سنڌ“، ”پاڪستان ۾ صوفيانه تحريڪين“ ۽ ٻيا ڪتاب آهن. سندن انيڪ مضمون ۽ مقالا مختلف اخبارن ۽ تحقيقي مخزنن ۾ شايع ٿيل آهن. ڊاڪٽر ميمڻ جي ڪم جي پرک ڄاڻائي ٿي ته سندن تحرير مدلل، شسته ۽ آسان ٻوليءَ ۾ لکيل آهن. جنهن جي ڪري سندن ڪم گهڻو مقبول ٿيو آهي تذڪره نويسي ۽ تاريخي ڄاڻ ڏيڻ ۾ پڻ ڊاڪٽر ميمڻ جا ڪتاب اهم شمار ٿين ٿا.
    ”سنڌي ادب جو تاريخي جائزو“، روشني پبليڪيشن، 2002ع ۾ شايع ڪيو جنهن ۾ ڪل ست باب آهن. جيڪي مختلف فصلن ۾ ورهايل آهن ۽ سڀ باب سنڌ جي مختلف تاريخي دورن جي علمي ۽ ادبي معلومات تي مشتمل آهن. باب پهريون عرب دور جنهن ۾ سياسي پس منظر کان قرآن پاڪ جي پهرين سنڌي ترجمي جو ذڪر آهي جنهن جو ٽيون فصل سومرن جو دور ۽ ان دور جون مذهبي تحريڪون ۽ واقعاتي بيت ۽ گنان بيان ڪيل آهن. ٻيو سمه دور آهي جنهن ۾ سياسي پس منظر کان پوءِ چند اهم شاعرن جو ذڪر آهي ٽيون دور ارغون، ترخان ۽ مغل دور آهي جنهن ۾ پڻ هن دور جي سياسي ۽ علمي حالتون ذڪر ڪيل آهن شاهه ڪريم، شاهه عنايت ۽ لطف الله قادري جي باري ۾ احوال ڏنل آهي. باب چوٿون ڪلهوڙا دور، مخدوم ابوالحسن کان شاهه ڀٽائي، خواجه زمان ۽ ٻين شاعرن سان گڏ اهم صنفن وائي، ڪافي، مناجات، معجزو ۽ مدح جو بيان آهن. باب پنجون ٽالپر دور سياسي، علمي، معاشرتي ۽ ادبي حالتن سان گڏ اهم شاعرن سچل سرمست، حمل لغاري، سامي، سيد ثابت علي شاهه ۽ ٻين جو بيان ڏنل آهي. ڇهون باب انگريز دور جو آهي جنهن ۾ شاعريءَ سان گڏ نثر نويسيءَ جي اهم صنفن ڪهاڻي، ناول، ڊرامي، مضمون، تحقيقن ۽ تنقيد سان گڏ مکيه نثر نويسن ۽ شاعرن کي ذڪر هيٺ آندو ويو آهي جنهن ۾ 36 نثر نويس ۽ ڏهه شاعر ڏنل آهن. ستون باب موجوده دور جي بيان تي آڌاريل آهي. جنهن ۾ ادبي رجحانات سان گڏ پير حسام الدين راشديءَ کان پروفيسر عبدالرحمان جتوئيءَ تائين 26 نقادن ۽ محققن جي فن تي تبصرو ڏنل آهي. ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار 38 آندا ويا آهن ۽ شاعرن ۾ 80 شاعرن جو مختصر تعارف ۽ سندن شعر جو نمونو ڏنل آهي. 278 صفحن جو هيءُ ڪتاب پنهنجي موضوع تي مختصر پر ضروري احوال ڏئي ٿو. ڊاڪٽر صاحب پاڻ لکيو آهي ته ”هن ڀيري هن ڪتاب کي گهڻو وڌيڪ سڌاريو ۽ وڌايو ويو آهي ۽ ڪيترائي اضافا ڪيا ويا آهن. ان هوندي به اختصار کي قائم رکيو ويو آهي. ڇاڪاڻ ته اختصار ۽ جامعيت ئي هن ڪتاب جي مکيه خصوصيت آهي.(1)
    ”سنڌي ادب جو تنقيدي اڀياس“ جو پهريون ڇاپو روشني پبليڪيشن 1996ع ۾ شايع ڪيو. هن ڪتاب ۾ ڪل 83 موضوع ڏنل آهن. جن ۾ خاص طور”ادبي اهڃاڻ ۽ لاڙا“ ”تنقيد جا جديد رجحان“، ”جديد ادبي تحريڪون“، ”نثر ۽ نظم جون ڪي اهم صنفون“ ۽ ”مختلف ادبي دور“، ”سنڌي ادب ۾ عورتن جو حصو“، ”نعتيه شاعري“، ”تصوف ۽ سنڌي ادب“، ”مثنوي مولانا روم جو هڪ سنڌي ترجمو“، ”تصوف ۽ صوفي شاهه جي نظر ۾“، ”مرزا قليچ بيگ ”شخصيت ۽ ڪردار” شيخ اياز جي شاعري ۽ ٻيا موضوع آهن هي ڪتاب قديم ۽ جديد سنڌي ادب جي موضوعن جو ميلاپ تحقيقي نموني سان آهي. ميمڻ صاحب جي پنهنجي لفظن ۾ ته،
    ”هن ڪتاب ۾ اوهان کي قديم ۽ جديد سنڌي ادب جا مختلف رنگ، روپ نظر ايندا. اوهان محسوس ڪندا، ته سنڌي ادب جي مختلف گلن جي سڳنڌ ۽ سرهاڻ، جلوو ۽ جمال جدا جدا آهي پر انهن جو روح هڪ آهي. سنڌي ادب جو منفرد انداز آهي ۽ ان جا پنهنجا قدر آهن جيڪي هر دور ۾ ڪار فرما رهيا آهن“.(2)
    ڊاڪٽر ميمڻ صاحب پنهنجي سڄي حياتي سنڌي ٻولي ۽ ادب جي خدمت کي ارپي. هو آخر تائين ڪم ڪندو رهيو ۽ خاص طور ڪيترائي نصابي ڪتاب به لکيائين جيڪي ڪورس ۾ شامل آهن. يوسف سنڌي لکي ٿو ته:
    ”ڊاڪٽر صاحب پنهنجي زندگيءَ ۾ جيڪي جواهر پارا سنڌي ٻوليءَ کي ڏيئي ويو آهي صدين تائين سنڌي قوم کي لاڀ ڏيندا رهندا. هن پنهنجي محنت سان سنڌي ادب جو دامن ڪيترن اهم ڪتابن سان مالا مال ڪيو آهي.“(3)
    ڊاڪٽر صاحب جي ٻن ڪتابن جو مختصر جائزو مٿي ڏنو اٿم. هڪ سندن اهم تصنيف”شاهه ڪريم جو ڪلام“ آهي. جا سندن تحقيقي ڪم جي سلسلي جي ڪڙي آهي. شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ وارو شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو تڙ ڏاڏو هو جنهن سنڌ جي سرزمين کي روحاني فيض عطا ڪيو. ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد شاهه ڪريم جي ”بيان العارفين في تنبيهه الغافلين“ تي تحقيق ڪئي هئي. جنهن بعد پاڻ مٿئين عنوان وارو ڪتاب لکي پيش ڪيائين. شاهه ڪريم جي باري ۾ احوال ”لطائف لطيفي“ مير عبدالحسين سانگي، ”مقدمه لطيفي“، ڊاڪٽر گربخشاڻي، ”رساله ڪريمي“، مرزا قليچ بيگ، ”تحفته الڪرام“، مير علي شير قانع، ۽ ٻين ڪجهه ڪتابن مان پڻ ملي ٿو.
    بيان العارفين، شاهه ڪريم جي ملفوظات تي مشتمل آهي جيڪو سندن مريد محمد رضا سندن وفات کان پوءِ لکيو. هن ڪتاب ۾ علم ۽ حڪمت جا قول فارسي نثر ۾ لکيل آهن ۽ وچ ۾ ڪجهه سنڌي بيت آهن جن ۾ گهڻا شاهه ڪريم جا آهن. هيءَ ڪتاب مقدمي ۽ ستن فصلن تي مشتمل شاهه ڪريم جي سوانح ۽ فن جي باري ۾ ماخذ قرار ڏنل آهي.

    شاهه ڪريم جو ڪلام:
    ڪتاب ٽن حصن ۾ ورهايل آهي. مقدمو ۾ ست فصل آهن جن ۾ شاهه ڪريم جي سوانح، شخصيت، ڪردار، علمي لياقت، مشرب ۽ ان وقت جون سنڌ جون سياسي حالتون ۽ سنڌ جو علم وادب بيان ڪيل آهن. متن جي ڀاڱي ۾ شاهه ڪريم جي ولادت پيري، مريدي، سندن بزرگيءَ جي تعريف، حق جي واٽ جي طلب، نماز ۽ درود، علم تواضع، سخاوت ۽ محبت جي اپٽار سان گڏ سماع ۽ وجد جو بيان آهي. سنڌ جي بزرگن جون حڪايتون، شاهه ڪريم جي شاعريءَ جي تصوف جي ذڪر سميت ڪل چوڏهن باب ڏنل آهن. اپٽار جي حصي ۾ شاهه ڪريم جي بيتن جي شرح، قاضي قاضن جي بيتن جي شرح، بيان العارفين ۾ آيل ٻيا بيت ۽ اهي بزرگ جن جو ذڪر بيان العارفين ۾ آهي. بيان ڪيل آهن. انهيءَ کان علاوه بيان العارفين ۾ آيل سنڌ جا شهر، پرڳڻا ۽ دريائن جي نالن جي عنوان سان ٽي فصل ڏنل آهن.
    ڊاڪٽر مجيد، ارغوني دور جي هن نيڪ بزرگ شاعر جي سوانح ۽ ڪرداري خوبيون ذڪر ڪندي ڪيترائي واقعا ۽ ڪرامتون ڄاڻايون آهن ۽ ديني ۽ دنياوي زندگيءَ بابت شاهه عبدالڪريم جا نظريا ۽ قول پڻ ٻڌايا اٿن. جن ۾ علم، عبادت، دنياوي زندگي، سلوڪ وسماع، ۽ وجد جا بيان، عارفن جون منزلون، يقين جي قوت، شريعت، طريقت، مطلوب جو تعلق ۽ ٻين مسئلن بابت سمجهاڻيون آهن جن ۾ عربي ۽ فارسيءَ جا قول، قرآني آيتون ۽ حديثون ڪتب آيل آهن. شاهه ڪريم جي ڪلام جو شاعراڻو تجزيو، ڪلام جي قدامت، شعر جو مضمون، لهجو، شعر جي ٻولي، بيتن جو تعداد، وزن، بيتن ۾ استعمال ٿيل پهاڪا، چوڻيون، صنعتون، رومانوي داستان ۽ سندن ڪلام جو پوئين شاعرن تي اثر ۽ ٻيا شاعريءَ سان لاڳاپيل موضوع، ميمڻ صاحب دليلن سان سمجهايا آهن. ان کان سواءِ ڪلام جي مشڪل لفظن جي معنيٰ، قولن ۽ ملفوظات جي معنيٰ سمجهايل آهن. جن بزرگن جو ذڪر بيان العارفين ۾ آيل آهي جيئن، شيخ ابراهيم، مخدوم بلاول، بهاءُالدين گودڙيو، پير پٺو، فقير جوڻو، قاضي حسن، سيد علي ثاني، مراد شيرازي، سيد يوسف بکري ۽ ٻين تي ڊاڪٽر صاحب لکيو آهي. ڪتاب مان شاهه ڪريم جي ملفوظات جا ڪجهه حوالا هيٺ پيش ڪجن ٿا.
    فڪر کان سواءِ ذڪر ائين آهي، جيئن ميوي کان سواءِ وڻ، عمل کان سواءِ علم اجايو آهي. انهيءَ ڪري طالب کي گهرجي ته پنهنجو وجود وڃائي علم سان عمل کي مشروط ڪري(ص- 77 ۽83) عابد جي نماز رڪوع ۽ سجدي سان آهي پر عارف جي نماز وجود وڃائڻ سان آهي. خدا جي حضور ۾ هٿن ۽ پيرن سان نه هلجي پر دل جي حضور هلجي(ص.92ـ)
    ”شريعت ۾ حقيقت ائين آهي جيئن کير ۾ مکڻ سمايل هوندو آهي.(ص.93)
    ”خدا جي وصال لاءِ چار اصول ضروري آهن.(1) پاڻ کي گهڻو کائڻ کان روڪڻ. (2) ماڻهن سان ٿوري محبت رکڻ (3) ننڊ ٿوري ڪرڻ. (4) الله تعاليٰ جو ذڪر ڪرڻ. ”طالب کي گهرجي ته خدا کي سڃاڻڻ جي خواهش نه ڪري. ڇو ته جهڙي طرح خدا کي سڃاڻڻ گهرجي، تهڙي طرح ڪوبه ان کي سڃاڻي نه سگهندو. ان ڪري گهرجي ته هو پاڻ کي سڃاڻي. ائين ڪرڻ سان معرفت حاصل ٿيندس.(ص- 93 ۽ 97)
    ”هڪدم خدا جي ياد کان غافل هئڻ ائين آهي جيئن هڪ نبي قتل ڪرڻ معنيٰ ته هردم الله جو نالو وٺو جو هر دم توهان وٽ الله جي امانت آهي. جنهن تنهنجي تعريف ڪئي تنهن ڄڻ ته توکي ڪٺو.“
    ”سماع پڻ علمن مان هڪ علم آهي جنهن ۾ ڪوبه خطرو ڪونهي.”ص- 82 ۽ 173 )
    مٿين حوالن مان ڄاڻ پوي ٿي ته شاهه ڪريم جا ملفوظات صبر وشڪر، نهٺائي، پيار ۽ امن ۽ تصوف جي تعليم جو پيغام آهن. پاڻ ان دور جو صوفي بزرگ هو جنهن دور ۾ سنڌ جو امن وامان تباهه حال هو. خوف وحراس واري ماحول ۾ هُن امن جي سبق سان گڏ تصوف جي راهه کي سنئون دڳ ڄاڻي شاعري ڪئي ۽ سُرن ۾ بيت چيا. سندس ڪلام جي اثر انگيزيءَ جو اثر شاهه لطيف جي ڪلام مان پسجي پيو. ڊاڪٽر ميمڻ صاحب هن ڪتاب ۾ اهو موضوع پڻ بحث هيٺ آندو آهي ته شاهه لطيف پنهنجي تڙ ڏاڏي کان گهڻو متاثر هو ۽ اهو به ثابت ڪيو اٿن ته شاهه ڪريم جو ڪلام سنڌي شاعريءَ ۾ بنيادي حيثيت رکي ٿو ۽ شاهه لطيف سائين، بيان العارفين کي پاڻ سان گڏ رکندو هو. شاهه ڪريم جو ڪلام ڪتاب، بيان العارفين في تنبيهه الغافلين جي اختصاري ڇنڊ ڇاڻ ڪيل صورت آهي. بيان العارفين جي اهميت مسلم آهي. تصوف جي تاريخ، تدريسي ارتقا ۽ ڪريمي فڪر وفهم کي سمجهڻ لاءِ بيان العارفين سان گڏ شاهه ڪريم جو ڪلام، هڪ خاص معاون ڪتاب شمار ٿئي ٿو. بيان العارفين جو مڪمل ترجمو، تحقيق ۽ تشريحي حوالن سان 2002ع ۾ اوقاف کاتي جي تعاون سان شايع ٿيو آهي.
    ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد صاحب جون بيشمار علمي ۽ ادبي خدمتون هميشه قائم رهنديون. کين پاڪستان حڪومت طرفان 23 مارچ 1983ع تي”تمغه امتياز“ ۽ 1996ع ۾”ستاره امتياز“ سان نوازيو ويو. سندن وفات 11 فيبروري 1996ع تي ٿي ۽ کين لاڙڪاڻي ۾ سپرد خاڪ ڪيو ويو.

    حوالا
    (1) ميمڻ عبدالمجيد ڊاڪٽر، ”سنڌي ادب جو تاريخي جائزو“ روشني
    پبليڪيشن ڪنڊيارو، 2002ع. ص-19
    (2) ميمڻ عبدالمجيد ڊاڪٽر،”سنڌي ادب جو تنقيدي اڀياس.“ روشني
    پبليڪيشن ڪنڊيارو، 1996ع ص.، 17
    (3) يوسف سنڌي، ”سنڌي ادب“ سچائي اشاعت گهر دڙو 2011ع ص.
    385.
    (4) ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، ڊاڪٽر، ”شاهه ڪريم جو ڪلام“.
    روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو. ص، 77، 83، 92، 93، 97-


    ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو

    ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو

    ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو ولد سلطان جوڻيجو 26 نومبر 1935ع تي ڳوٺ پير فتح شاهه تعلقي بدين ۾ جنم ورتو. بنيادي تعليم بدين مان ۽ پوءِ ٽنڊي باگي مان پڙهيائين. سنڌ يونيورسٽي مان بي اي آنرز ۽ 1982ع ۾ ايم اي سنڌي ڪيائين. 1982ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ليڪچرر جي حيثيت سان عملي زندگيءَ جي شروعات ڪيائين. ان کان پوءِ بحيثيت پروفيسر ۽ ڊين فيڪلٽي آف آرٽس جي حيثيت سان رٽائرڊ ٿيو. ڊاڪٽر عبدالجبار سنڌي ٻولي ۽ ادب جي ميدان ۾ استاد جي حيثيت سان شاگردن جي خدمت ڪئي. ۽ ڪيترن ئي شاگردن کي پي ايڇ ڊي ۾ رهنمائي ڪيائين. مختلف ادارن جو ميمبر رهيو. کيس سنڌي سرائيڪي، پنجابي، ۽ اردو ٻولين تي عبور حاصل هو. هُن 200 کان مٿي تحقيقي مقالا ۽ مضمون لکيا کيس موسيقيءَ سان رغبت هئي. شاهه لطيف جي شاعريءَ جو پارکو هو ته ڪلاسيڪل شاعريءَ جي به کين ڄاڻ هئي. سندن لائبريري ۾ ڪيترائي موسيقي جا البم ۽ سَون جي تعداد ۾ ڪتاب ۽ قلمي نسخا آهن. شاعر جي حيثيت سان”شام“ تخلص هين. دوها، بيت، وايون ۽ نظم چيا اٿن. سندن شاعريءَ جو مجموعو ”مرگهه ترشنا“ جي نالي سان آهي. سندن لکيل ڪتابن جو ڳاڻيٽو 65 تائين آهي. جن مان ڪي هن ريت آهن. ”سوکڙي“(1950) ”اباڻو گهر“(ڪهاڻيون) (1958) ”دانشمندي“(1958) ”ڪنز لطيف“(1963) ”سوري آ سينگار“(ناول 1963) ”غزلن جو غنچو“(ايڊٽ ڪيل. 1961) ”سنڌيون“(مذهبي شعر بابت 1970) ”سڄڻ نت سوجهرو“(رسول پاڪ بابت نظم جو ترجمو 1971) ”سنڌي ٻيو ڪتاب“(1973) ”مائوءَ جي ملڪ ۾“(سفرنامو. 1973). ”سنڌي ادب جي مختصر تاريخ“(1973) (ٻيو ڇاپو 3 جلد 2006) ”اڪيلي“(ناول ترجمو 1974) ”لاڙ جي لغات“(ببليو گرافي. 1974) ”مرگهه ترشنا“ (شاعري. 1975) لطيفيات)ببليو گرافي. 1977) ”لطيف ڪوئيز“. 1978) ”سنڌي شاعريءَ تي فارسي شاعريءَ جو اثر“، ڊاڪٽر صاحب جو پي ايڇ ڊي جو مقالو 1980سنڌ الاجي طرفان ڇپيل) ”نه ڪر هار سينگار“(ڪهاڻيون. 1981) (سچل نامو)ببليو گرافي 1981) ”ديپڪ ملهار“(آتم ڪهاڻي. 1981)، ”سنڌي لوڪ گيت“(1985) ۽ سومار شيخ (سوانح 1987) ”سليس سنڌي“(نصاب. 1989) ”ونڊ سر محل جو مسافر“(سفر نامو . 1987) ”لاڙ جو مطالعو“(ترتيب. 1991) ”ٿر جي ٻولي“(هدايت پريم ۽ جبار صاحب 1994). ”مقالا ۽ نر تي تند نياز سين“(شاهه لطيف ڪانفرنس 1988 جا مقالا ترتيب ڊاڪٽر جبار ۽ ڊاڪٽر قاسم ٻگهيو) ”ڪشف الابيات“ (1995) ”ڪٺمال“، ”ڊاڪٽر بلوچ، هڪ مطالعو“. ”شيخ اياز، هڪ مطالعو“. ”تنوير عباسي هڪ مطالعو“ ”ڊاڪٽر سنديلو، هڪ مطالعو“ ۽ ”محمد سومار شيخ، هڪ مطالعو“ ”سرائيڪي شاعري، هڪ مطالعو“. ”شاهه لطيف، هڪ مطالعو“ ۽ ٻيا ڪتاب لکيا آهن. چند ڪتاب اردو ٻوليءَ ۾ پڻ لکيا اٿن.
    لطيف شناسي ۽ سچل سائين تي سندن مقالا اهم آهن. ڪٺمال ڪتاب اهڙن معلوماتي مضمونن ۽ مقالن سان سجايل آهي جو اڪيڊمي آف ليٽرز اسلام آباد جي، سهڪار سان سنڌ الاجي 2002ع ۾ شايع ڪيو. هن ڪتاب ۾ شاهه، سچل، ۽ ساميءَ جي باري ۾ ليکن کان سواءِ مشهور ليکڪن، ۽ شاعرن جي سوانح ۽ تذڪرا آهن ته ٻيا بيت، گيت، وائي، نعتيه شاعري، سنڌيءَ ۾ سوانح نويسي، جديد عالمي ادب جا لاڙا، افسانوي ادب ۾ ڪردار جي اهميت ۽ ٻيا موضوع آهن. هيءَ ڪتاب، ٽيهٺ مضمونن ۽ مقالن تي مشتمل آهي. جنهن ۾ شاعريءَ جي باري ۾ ايڪيتاليهه ليک آهن.
    جبار صاحب جي ڪتابن ۾”سنڌي ادب جي تاريخ“ هڪ اهم ڪتاب شمار ٿئي ٿو جنهن جو پهريون ڇاپو 1973ع ۾ ڇپيو. جو هڪ ئي جلد ۾ هو ۽ ڳچ عرصو شاگردن ۽ ريسرچ ڪندڙن ۾ مقبول رهيو. اڳيان هلي ڊاڪٽر صاحب هن ڪتاب کي ٽن جلدن ۾ آندو جي سنڌي لئنگويج اٿارٽي 2004ع کان 2006ع تائين شايع ڪيا. پهريان 2 جلد مڪمل شاعريءَ متعلق آهن ته ٽيون جلد نثر بابت آهي.
    سنڌي ادب جي تاريخ ڪتاب جو پهريون جلد، 335 صفحن تي مشتمل آهي هيءُ ڪتاب ٽن دورن ۾ ورهايل آهي. پهريون دور ڇهن بابن تي مشتمل آهي. ان جو پهريون باب سنڌي شاعريءَ جي ابتدا، سومرن جو دور، اسماعيلي داعين جو ڪلام، هڪ بيت جي تحقيق، جي موضوعن جي ڄاڻ ڏئي ٿو. ٻيو باب، سمن جي حڪومت، شيخ حماد جمالي، درويش نوح هوٿياڻي، شيخ عبدالجليل چوهڙ، سيد حيدر سنائي، مخدوم احمد ڀٽي، اسحاق آهنڱر ۽ ٻين جي احوال تي مبني آهن. باب ٽيون ۾ قاضي قادن ، مخدوم نوح سرور جو احوال آهي. باب چوٿون پير محمد لکوي، دادو ديال، شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ واري جي ذڪر تي آڌاريل آهي. باب پنجون عثمان احساني، لطف الله قادري، پراڻ ناٿ جي باري ۾ آهي. باب ڇهون ميون عيسو هالائي، ميون عنايت رضوي، احسان فقير، ۽ ٻين مُوضوعن جي ڄاڻ ڏئي ٿو. هن تاريخ جو اهو پهريون دور 130 صفحن تائين اچي ٿو. هر باب جي آخر ۾ حوالا ڏنل آهن.
    ادبي تاريخ جي جلد پهريون جو ٻيو دور چار بابن تي مشتمل آهي. باب پهريون شاهه عبدالطيف ڀٽائي، باب ٻيو صوفي شاهه عنايت شهيد، جمن چارڻ، مخدوم عبدالرئوف ڀٽي، خواجه سلطان لااولياءَ محمد زمان ته باب ٽيون سيد محمد بقا شاهه، ميان صاحبڏنو فاروقي، مدن ڀڳت، مين شاهه عنايت ۽ تمر فقير جي باري ۾ آهي ته باب چوٿون عروضي شاعريءَ جي ابتدا لوڪ ادب، لس ٻيلي جا شاعر، ڪڇ جا شاعر ۽ صنفن جي احوال تي آڌاريل آهن. ٽئين دور جا ٻه باب هڪ ۾ ميرن جي صاحبي ۾ شاهه ۽ سچل، نانڪ يوسف، خير محمد هيسباڻي، محمد علي سومرو، نماڻو فقير ۽ ٻين جو احوال آهي. ۽ ٻئي ۾ سنڌي موسيقي ۽ ڪافي جي صنف بابت آهي.
    سنڌي ادب جي تاريخ(جلد ٻيون) جو مواد 595 صفحن تي مشتمل آهي. پهريون جلد سچل سرمست ۽ سندس ٻالڪن جي ذڪر تي اختتام پذير ٿئي ٿو. شروع ۾ سرفراز عباسي، روحل فقير، فتح فقير، عثمان سانگي، حمل فقير، سيد صاحبڏنو شاهه، سانوڻ فقير ٻين کي آندو ويو آهي ته اڳيان ويدانتي ڪلام صوفي دلپتراءِ، آسورام، ثابت علي شاهه، سيد فاضل شاهه، مير عبدالحسين خان سانگي، مرزا قليچ، ڪشنچند بيوس، مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ، جو احوال آهي. عروضي شاعري ۽ جديد شاعري يا ٻين لفظن ۾ 19 صديءَ ۽ ويهين صديءَ جي شاعرن جي سوانح ۽ شاعريءَ جي ڄاڻ هن ٻئي جلد مان پوي ٿي. جنهن ۾ جديد شاعرن ۾ سڳن آهوجا، شيخ اياز، حيدر بخش جتوئي، تنوير عباسي، امداد حسيني، سحر امداد، اياز گل، ادل سومرو، شمشيرالحيدري ۽ ٻيا ذڪر ڪيل آهن. جبار صاحب جي هن ادبي تاريخ جو ٽيون جلد مڪمل نثر جي باري ۾ آهي. جنهن جا ڪل نو باب آهن. پهريون سنڌي نثر جي ابتدا، قصو، ٻيو ناول، ٽيون ناٽڪ، چوٿون افسانو/ڪهاڻي، پنجون سوانح عمري، ڇهون آتم ڪهاڻي، يادگيريون، ستون سفرناما، خط ڊائريون ۽ خاڪا، اٺون، تنقيد، مضمون، ترجما ۽ نائون باب تحقيق ۽ ٻاراڻي ادب جي باري ۾ آهي. ڪل ڪتاب 249 صفحا آهي. ڊاڪٽر صاحب جي هيءَ ادبي تاريخ مختلف ادبي تاريخن جي آڌار تي ۽ وڏي محنت ۽ تحقيق سان عمل ۾ آئي آهي. ادبي تاريخون ائين ئي هڪ ٻئي جي تسلسل جي آڌار تي ٺهنديون ۽ اڳيان هلنديون آهن. هن ادبي تاريخ ۾ شروع جا ٻه جلد تفصيلي آهن پر نثر جو ٽيون جلد اڃان وسعت طلب هئڻ گهربو هو. ادبي تاريخ جي لحاظ کان نثر جي معلومات تشنه آهي جا ڪنهن به تحقيق ۽ معلومات لاءِ مستند هوندي پڻ اڻ پوري آهي. منجهس پروف جون به غلطيون آهن. (لئنگويج اٿارٽي جي ڇاپي ۾) ڊاڪٽر جبار هن تاريخ جي لکڻ لاءِ ڪيترن ئي ڪتابن کي ماخذ بنايو پر خاص طور جن ادبي تاريخن کي جيڪي کانئن اڳ موجود هيون. انهن ۾ سنڌي ادب جي تاريخ(ٻه ڀاڱا) خان بهادر محمد صديق ميمڻ، تذڪره ”لطفي ٽي ڀاڱا“ پروفيسر لطف الله بدوي، تاريخ شعراءِ سنڌ، هدايت علي نجفي تارڪ، سنڌي ادب، پير حسام الدين راشدي، سنڌي نثر جي تاريخ، منگهارام ملڪاڻي، سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ هسٽري آف سنڌي لٽريچر، لال سنگهه اجواڻي، ۽ هسٽري آف سنڌي لٽريچر، پوپٽي هيرا ننداڻي ۽ ان کان سواءِ مختلف شاعرن جي باري ۾ تذڪرن جا ڪتاب آهن. جبار صاحب موجب ته هن ادبي تاريخ ۾ هن اهم شاعر ۽ نثر نگار شامل ڪيا آهن لکيو اٿن ته:
    ”ادبي تاريخ ۾ هر ڪو شامل رهڻ جو خواهان هوندو آهي. اهڙي تنقيد منهنجي مختصر ادبي تاريخ تي به ٿي. ممڪن آهي ته ڪنهن اسرندڙ ڪهاڻيڪار پاڻ کي ادبي تاريخ ۾ نه ڏسي واويلا ڪئي. مون انهن تنقيدن مان پرايو ۽ ڪوشش اها ڪئي اٿم ته معياري ليکڪ ۽ تخليقون شامل رهن.(1)
    جبار صاحب محقق پڻ هو ته نقاد پڻ، شاعر پڻ هو ته اديب پڻ. سندن حلقهءِ احباب وسيع هيو. ڪيترن کي کانئن اها شڪايت به رهي آهي ته هُو شخصي تنقيد ڪندڙ پڻ هو. جيئن حليم بروهي ۽ سندن جي وچ ۾ اختلاف اخبارن ۾ پڻ هليا پر بهرالحال ادبي تاريخ جو ڄاڻو هو. ته به اهو اعتراف ڪيو اٿن، ته ”اڃان هن کان وڌيڪ تفصيلي ادبي تاريخ لاءِ ميدان کليل آهي. خدا توفيق ڏيندو“.،
    ڊاڪٽر فهميده حسين سندن تاريخ جي باري ۾ لکيو آهي، ته ”هيءُ ڪتاب نه صرف سنڌي ادب جي تاريخ جو ڪتاب آهي پر عملي تنقيد جو به ڪتاب آهي“.(2)
    ڊاڪٽر جبار سفرنامي جي صنف ۾ به لکيو آهي سندن يورپ جي سفر تي مبني سفر نامو”ونڊ سر محل جو مسافر“ آهي. جنهن ۾ لنڊن جي لائبريرين ۾ موجود ناياب سنڌي قلمي نسخن ۽ ڪتابن جي ذڪر سان گڏ انهن ڪتابن ۽ نسخن جو احوال پڻ لکيواٿن جن مان پاڻ اتي فائدو حاصل ڪيائين.
    چين جي باري ۾ سندس سفرنامو”مائوءَ جي ملڪ“ ۾ 1973ع ۾ شايع ٿيو. جو پيڪنگ۾ چيني زبان جي تعليم دوران (1965. 1966) ۾ لکيائين هن سفرنامي ۾ پيڪنگ توڙي ڪيترن ٻين شهرن جو تعليمي ۽ ثقافتي احوال ڏنل آهي. اتي جي تعليم ۽ سوشلسٽ سماج، کي جبار صاحب بيان ڪيو آهي ته چين جي ماڳن، عمارتن، عجائب گهرن، ادبي رجحانن ۽ تاريخي پس منظرن کي پڻ ذڪر ڪيو اٿن. سندن موجب ته اها قوم وقت جي پابند ۽ محنتي آهي ۽ منظم زندگي گهاريندڙ پڻ، لکي ٿو ته:
    ”وانگ فوچين بازار ۾ هڪ پوڙهي کان بيلچو گهريم ته ڊگهي تقرير ڪري وڌائين ته اوهين مهمان آهيو، اسان جو ڪم آهي، ”آءُ پاڪستاني آهيان“ مون چيو، پوءِ ته بلڪل تون ڪم نه ڪر، مون سوچيو ته، ”جهونا ڪامريڊ مون کي تون پنهنجي سوشلسٽ تعمير نو ۾ شريڪ نٿو ڪرين.“ (3)
    مطلب ته هيءَ قوم پنهنجو ڪم پاڻ ڪرڻ، ٻئي تي بوجهه نه وجهڻ ۽ مهمان جي عزت ڪرڻ ۽ ٻين ڪيترين خوبين سان نوازيل آهي. 169 صفحن جو هيءَ ڊيمي سائيز جو ڪتاب ٿائيلينڊ واري ننڍڙي ڪامريڊ جي نالي انتساب ٿيل آهي.
    جبار صاحب کي ڪلاسيڪل شاعريءَ سان وڏو لڳاءُ هو. سندن ايم اي جو مونو گراف 1962ع ۾”سنڌيون“ جي عنوان سان آهي جو ڪلهوڙن جي دور جي نظم سنڌيون بابت تحقيقي جائزو آهي ۽ 1970ع ۾ شايع ٿيو. نظم سنڌيون بابت لکيو اٿن ته، ”ڪلهوڙن جي دور واري هن طرز جي نظمن کي هڪ تحريڪ چئي سگهجي ٿو جنهن جو اولين ڪارج شريعت جي سمجهاڻيءَ سان پورو ٿيو جيئن ته پوءِ هن ۾ خدا ۽ رسول جي مدح ۽ ثنا به ٿيڻ لڳي ان ڪري هنن نظمن کي وڌيڪ مقبوليت حاصل ٿي ۽ منجهن جا نغمگي سمايل هئي. تنهن سنجيده ۽ بالغ ذهنن تي گهرو اثر ڪيو.(4)
    ڊاڪٽر صاحٻ شاهه لطيف، سچل سائين، شيخ اياز ۽ تنوير عباسيءَ جي باري ۾ مڪمل ڪتاب لکيا ته ٻين ڪلاسيڪل شاعرن تي شاهه لطيف جي باري ۾ سندن ڪتاب ”لطيفي ڪوئيز“، ”ببليو گرافي“، ”ڪنزالطيف“ ”ڪشف الابيات“ آهن ان کان سواءِ ڪٺمال ڪتاب ۾ 17 ليک لطيفي فن جي باري ۾ آهن جيڪي ادبي، علمي ۽ آسان ٻوليءَ ۾ وڻندڙ ۽ شاهه جي شاعري کي کولي بيان ڪندڙ آهن.
    شيخ اياز جو پارکو ۽ سندس شاعريءَ کان گهڻو متاثر هو هن شيخ اياز هڪ مطالعو، ڪتاب اياز جي عظمت کي بيان ڪرڻ لاءِ لکيو. سندس لفظن ۾ ته: اياز هڪ عظيم شاعر آهي. سندس تخليقن جو مڪمل جائزو وٺڻ ۽ صحيح ڪٿ ڪرڻ ايترو آسان ڪونهي جيترو هر ڪو پڙهندڙ پارکو قلم کڻڻ وقت سمجهي ٿو. اياز هڪ عظيم شاعر آهي. هيءَ ڳالهه هڪ جملي ۾ ته سمائجي ويئي پر اهو آئون اياز جي ڪلام مان ثابت ڪندس. اياز جي شاعري جيتوڻيڪ ويهين صديءَ جو ورثو آهي. پر ايندڙ صديون به سندس ڪلام جي ڪٿ ڪنديون“. (5)
    ڊاڪٽر صاحب شاعري، ٻولي، ادبي تاريخ جي مختلف موضوعن تي سوين مضمون ۽ مقالا لکڻ سان گڏ ڪارائتا ڪتاب تصنيف ڪيا جن مان ڪيترن ئي شاگردن ۽ ادب پڙهندڙن جي رهنمائي ٿي رهي آهي. مرتضيٰ سيال، ”سنڌي ادب جو خاموش خدمتگار “ مضمون ۾ لکي ٿو ته:
    ”ڊاڪٽر صاحب جي زندگي شاهه سائينءَ جي سٽ، ”جان جان هئي. جيئري ورچي نه ويٺي“ جيان هئي. هن وقت وڃائڻ بجاءِ سنڌي ٻولي ۽ ادب لاءِ ڪم ڪيو سندس علمي ۽ تحقيقي ڪم وارا ڪتاب سچ سنڌي ادب جو وڏو سرمايو آهن“(6)
    ڊاڪٽر صاحب هاڪاري سوچ رکندڙ ۽ پنهنجي ڪم مان مطمئن رهندڙ هو. 18 فيبروري 2010ع تي ڪاوش کي ڏنل انٽرويو ۾ چيائين ته؛
    ”سنڌي ٻوليءَ جو آئيندو روشن آهي. اسين مايوس نه آهيون سنڌي ادب شاهوڪار آهي. جيترو به لکيو ويو آهي. اهو فارسي ۽ اردو کان گهٽ نه آهي پر معياري ادب آهي. اسين اديب ۽ نقاد ٻوليءَ جي آئيندي بابت مايوس ناهيون.(7)
    ڊاڪٽر جبار 12 جولاءِ 2011ع تي هن فاني دنيا مان رحلت ڪئي سندن علمي ۽ ادبي خدمتون سنڌي ادب ۾ هميشه قائم رهنديون.

    حوالا:
    1- جوڻيجو جبار ڊاڪٽر، ”سنڌي ادب جي تاريخ“(جلد ٽيون، سنڌي
    لئنگيج اٿارٽي، 2006ع ص. 54
    2- فهميده حسين ڊاڪٽر، ”ادبي تنقيد فن ۽ تاريخ“ سنڌ ادبي
    اڪيڊمي 1997ع-ص.158
    3- جوڻيجو جبار، ڊاڪٽر، ”مائوءَ جي ملڪ “۾ زيب ادبي مرڪز،
    1973، ص. 34
    4- جوڻيجو جبار، ”سنڌيون“ انسٽيٽيوٽ اف سنڌ الاجي، 1970ع
    ص. 34
    5- جوڻيجو جبار ڊاڪٽر، ”شيخ اياز هڪ مطالعو، شاهه عبداللطيف
    يونيورسٽي خيرپور، 1999ع ص. 20
    6- مرتضيٰ سيال،”سنڌي ادب جو خاموش خدمتگار“، روزاني
    ڪاوش آچر 17 جولاءِ 2011ع.
    7- جوڻيجو، جبار ڊاڪٽر، روزاني ڪاوش، 18 فيبروري 2010ع.


    جديد شاعري کي نئون موڙ ڏيندڙ شمشيرالحيدري

    جديد شاعري کي نئون موڙ ڏيندڙ شمشيرالحيدري
    شمشيرالحيدري 15 سيپٽمبر 1932ع تي ڪڍڻ ڳوٺ، ضلعي بدين ۾ رسول بخش خواجه جي گهر ۾ پيدا ٿيو. شروعاتي تعليم بدين مان ۽ پوءِ ڪجهه وقت سنڌ مدرسته الاسلام مان پڙهيو پر ترت ئي اتان واپس آيو. سندس ساٿ محمد عثمان ڏيپلائيءَ سان ٿيو. جن جي سنگت ۾ هُن اورينٽل ڪاليج حيدرآباد مان پهريان اديب سنڌي ۽ پوءِ اديب عالم سنڌيءَ جا امتحان پاس ڪيا. بعد ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان بي اي آنرس ۽ ايم اي سنڌي ادب ۾ ڪيائين. انهيءَ دور ۾ ايم اي ۾”سنڌي نظم جي اوسر“ تي مقالو لکيائين. جو تمام گهڻو مقبول ٿيو. هن سنڌي شاعريءَ جي مزاج کي گهڻو پرکيو ۽ باقائدي طور سنڌي شاعريءَ جي بنيادي دور کان وٺي جديد دور تائين جي سڄي سلسلي تي نظر وجهي ان مان مکيه نتيجن تي پهچي جيڪي اهم نڪتا پيش ڪيا. انهن موجب ته، سنڌي جي عظيم شاعري(ڪلاسيڪل) عروضي پيماني تي نه، بلڪه هندي وزن ۽ موسيقيءَ جي اصولن تي ٻڌل آهي ۽ عروضي پابنديون سنڌي شاعريءَ جي مزاج سان ٺهڪندڙ نه آهن ۽ کڻي سنڌ جي شاعرن انهيءَ تي مڪمل عمل ڪيو آهي. ايراني ماحول واري روايتي شاعري شروع کان اڄ تائين، سنڌيءَ جي ڪنهن به دور سان نٿي ٺهڪي. ٻاهريون صنفون سنڌي شاعريءَ فقط اظهار جي سانچي طور اختيار ڪيون آهن ان کان سواءِ اهو به چيائين ته، ”جديد شاعري ڪلاسيڪي دور جو نئون تعبير آهي ۽ سنڌي مزاج سان موافق آهي“.
    مطلب ته شمشير صاحب سنڌي جديد شاعريءَ جي پٺڀرائي ڪئي. هو جيترو سٺو شاعر هو ايترو ئي سٺو نثر نگار پڻ، آزاد طبع ليکڪ هو. شروعاتي طور تي 1950ع ۾ بدين جي رائيس مل مان ڪم ڪرڻ بعد مختلف هنڌن تي ڪم ڪيائين. يوٿ ڊويزنل افيئرس جو پراونشل چيف ٿي 19هين گريڊ ۾، 1991ع ۾ رٽائر ڪيائين. هن ترقي پسند اديب جي قلم ۾ شمشير جي نوڪ موجود هئي جنهن ڪري مختلف اخبارن کي سنڀاليندي حڪومت خلاف پڻ لکندو هو. ايم آر ڊي جي تحريڪ دوران سندس لکيل ڪالم”ڀيڙ تي ڏونڪو“ تمام گهڻي مشهوري ماڻي.هُن ڪاوش، خادمِ وطن، مهراڻ ۽ هلال پاڪستان اخبارن ۾ ڪم ڪيو. ”ماهوار”هلچل“ ۽”هدايت“ رسالي جا 2 پرچا ڪڍيائين. سندس تخليقي قوت، محنت جو جذبو، مطالعو، خوش مزاجي، خودداري، سچائي ۽ نهٺائي اعليٰ درجي جي هئي. کلندي چوندو هو ته: ”مان شاعر ناهيان. ضرورت تحت شاعر ٿي ويو آهيان“. يعني پروڊيوسر مون کان ڪو گيت لکرائي وٺن ٿا. پر در حقيقت هو هر فن موليٰ هو. هو ميڊيا سان لاڳاپيل هو سندس ڪيترائي مداح رهيا آهن. ٽي وي تي سنڌي پروگرامن جو پهريون ڪمپيئر ۽ اسڪرپٽ رائيٽر هو. ڪيترائي ايوارڊ حاصل ڪيائين. 6 جون 2010ع تي کين سنڌي ادبي سنگت پاران لائيف ٽائيم اچيومينٽ ايوارڊ ڏنو ويو.
    شمشيرالحيدري جي ڇپيل ڪتابن ۾ انسان ڪامل(شخصيات – 1953) ڪاروان ڪربلا (تاريخ. 1954)، پورس جا هاٿي(ڪهاڻيون. 1958) ”تنهنجون ڳالهيون سڄڻ“(ترتيب. 1961) ”لاٽ“(شعر. 1962) ”تاريخ سنڌ ڪلهوڙا دور“ (ترجمو. 1963) آمريڪا جو سياسي سرشتو(ترجمو. 1964) ”سنڌي ۾ آزاد نظم جي اوسر“. (1987) ”ڪاڪ محل_ناٽڪ“. 1988) تاريخ جو ڪچرو(شاعري) آهن.
    ”ڪاڪ محل“ شمشير صاحب جو ناٽڪ 1988ع ۾ ڇپيو. سنگم پبليڪيشن طرفان ڇپايل هن ناٽڪ جي شروعات هن بيت سان ٿيل آهي.
    زندگي ڪاڪ محل آهي ڪو رنگا رنگي،
    جنهن ۾ مقصد ٿو ناز ڪري، سدا مومل جيان
    دور کان دل کي لڀائي، نه اچڻ ڏئي ويجهو،
    ڪير آهي جو لنگهي پار پوي مشڪل مان.

    ناٽڪ جي لکڻ جي مقصديت تي ليکڪ لکيو آهي ته،”لطيفي لات“ پروگرام ۾ جڏهن شاهه جي سورمين جي داستانن کي تاريخي روپ ۾ پيش ڪرڻ جي رٿ رٿي ويئي ته مون بنا سوچ ويچار جي”ڪاڪ محل“ جي ڪهاڻي لکڻ جي تجويز پيش ڪئي. سڄاڻ پروفيسر محمد بخش سميجو، هڪدم اتفاق ڪيو ۽ ان ريت 9 اپريل 1986ع کان 25 جون 1986ع تائين، ڪاڪ محل جون ٻارنهن قسطون هر اربع تي 6 لڳي 10 منٽن تي ٽي وي تان پيش ڪيون وينديون هيون.(2)
    هن ناٽڪ ۾ مومل راڻي جي تاريخي داستان کي آندو ويو آهي ته گڏ تاريخي ڪردارن جو تحقيق ڪري تعارف پڻ ڏنل آهي. جيئن همير بادشاهه، راڻو مينڌرو، راجا نند، مومل آهن ۽ هن ناٽڪ جي باري ۾ ڪجهه احوال ڊاڪٽر نبي بخش جي ڪتاب ”مشهور عشقيه داستان 5 مومل راڻو“ تان پڻ ورتل آهن. مڪالمه نگاريءَ جو مثال هن ر يت آهي.
    مومل:- هيءَ ٿڌڙي هير ڪيڏي نه سيبائيندڙ آهي.؟“
    راڻو: تنهنجي وارن جو واس ان کان وڌيڪ لڀائيندڙ آهي.
    مومل: هي وشال آڪاش، هي پکين جون مٺڙيون لاتيون، هي. هوا جي هنج تي کڄي ايندڙ سرهاڻيون، زندگي ڪيڏي نه سهڻي آهي راڻا! (3)
    هيءَ ناٽڪ گهڻو مقبول ٿيو ۽ پوءِ ڪتابي صورت ۾ ڇپيو. مٿي آئون ڄاڻائي آئي آهيان ته شمشيرالحيدري سنڌي شاعريءَ جي مزاج کي سمجهڻ ۽ سمجهائڻ لاءِ پاڻ پتوڙيو. هن جديد شاعريءَ جي موافقت ۾ متناسب نموني سان سمجهاڻين ۽ دليلن سان مقالو لکيو جنهن سان ئي جديد سنڌي شاعريءَ ۾ هڪ نئون موڙ آيو.
    همسفر گاڏهيءَ کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ سنڌ ۾ سرجندڙ ادب کان مطمئن يا غير مطمئن ٿيڻ جي حوالي سان شمشير الحيدري چيو ته، ”جيڪو به ادب، جنهن به دور ۾ سرجي ٿو. اهو ڪڏهن به مطمئن ڪندڙ نه ٿيندو آهي. ڇاڪاڻ ته اهو ادب، ادب جي ماضيءَ کان مستقبل ڏانهن ويندڙ سلسلي جو حصو ٿيندو آهي. تنهن ڪري جيستائين ان خاص وقت جي ادب کي اڳيان پويان ناتا نه ملندا آهن. تيستائين ان جي ڪٿ نه ٿيندي آهي. يا ٻين لفظن ۾ ادب جي ڪٿ ايندڙ زمانو ڪندو. باقي ادب جي جيڪا رفتار آهي جن موضوعن تي لکجي پيو يا جن ويچارن تي پڌرو ڪيو پيو وڃي. اهي مطمئن ڪندڙ آهن. يا نه.؟ ان لحاظ کان آئون سمجهان ٿو صورتحال تمام مطمئن ڪندڙ آهي. ڇاڪاڻ جو نئون ادب سرجي پيو ۽ نئين ٽهيءَ جا ليکڪ لکن پيا ۽ وقت جي ڪن موضوعن کي نظر انداز نه پيا ڪن.“(2)
    هن موجوده وقت جي ميڊيا ۽ پرنٽنگ جي ادارن، رسالن، اخبارن ۽ ٿيندڙ مشاعرن ۽ ادبي پليٽ فارمن کي ساراهيو. سندس موجب ته مستقبل جا نقاد موجود، ادبي صورتحال کي اطمينان بخش قرار ڏيندا.
    صحافت جي حوالي سان سندس تجربو وسيع هو. ادبي ميدان ۾ سندس مامي نظير حسين حيدري ۽ مهراڻ رسالي ۾ نوڪريءَ دوران محمد ابراهيم جويو ۽ مولانا غلام محمد گراميءَ سندس گهڻي رهنمائي ڪئي. هو ”ٽه ماهي مهراڻ“، جو ايڊيٽر رهيو ادبي بورڊ ۾ سندس وڏو ڪم آهي.”نئين زندگي“ مخزن جو به ڳچ عرصو ايڊيٽر رهيو. هن ڪهاڻيون ۽ ناٽڪ لکڻ سان گڏ ترجما ڪيا ته شاعريءَ ۾ سندس اهم مجموعو”لاٽ“ ۽ باقي ڪجهه ڪتاب پڻ ڇپيل اٿس. شعر جو نمونو هن ريت آهي:
    تنهنجي نيڻ ۾ جو نهاري ويو
    ڄڻ ته سنڌوءَ جي ٻي ڪناري ويو.
    پيار جي بک نه آهي دنيا کي،
    وقت اڄ واڳ پنهنجي واري ويو.
    هڪڙو”شمشير“ هو زماني ۾،
    سو به دنيا مان اڄ گذاري ويو.

    10آگسٽ تي شمشيرالحيدري هن فاني دنيا مان رحلت ڪري ويو.سنڌي شاعري، سوانح ۽ ترجما نگاريءَ ۾ سندس ڪم اهميت جوڳو رهندو.

    حوالا:
    1- شمشيرالحيدري،”ڪاڪ محل“ (سنگم پبليڪيشن
    ،1988ع. ص. 12
    2- ساڳيو . ص. 14
    3- ساڳيو ص. 180
    4- همسفر گاڏهي، ”سنڌ جي ڏاهپ کان سورنهن انٽرويو“، (حصو
    پهريون) سارنگ پبلشنگ هائوس، ڪراچي. ص. 273.
    5- سولنگي، غلام مصطفيٰ، ”شاعري ڳالهائي ٿي،“ سنڌ راڻي
    پبليڪيشن حيدرآباد، 2015ع، ص. 39.


    سنڌي صحافت جو اهم نانءُ: فقير محمد لاشاري

    سنڌي صحافت جو اهم نانءُ: فقير محمد لاشاري

    فقير محمد لاشاريءَ جو نالو سنڌي ادب جي بي باڪ صحافين ۾ شمار ٿئي ٿو. کيس ڪالم نگاري ۽ مضمون نگاريءَ تي ملڪو حاصل هيو. هو 4 سيپٽمبر 1951ع تي لاڙڪاڻي ضلعي جي، تعلقي وارهه جي قديم ڳوٺ، گاجي کهاوڙ ۾ پيدا ٿيو. پرائمري تعليم اباڻي ڳوٺ مان ته ميٽرڪ وارهه هاءِ اسڪول مان ڪيائين. 1972ع ۾ بي اي لاڙڪاڻي ڪاليج مان ته سنڌ يونيورسٽيءَ مان ايم اي ايڪانامڪس 1974ع ۾ ڪيائين. ڪجهه وقت درس وتدريس سان لاڳاپيل رهيو پر پوءِ، سندس توجهه صحافت ڏي ٿي ويئي ۽ ان ۾ گهري دلچسپيءَ سبب مستقل لکڻ لڳو. هُن اهڙي ريت صحافتي دنيا ۾ وڏو نالو ڪڍيو. هن سنڌ جي اهم اشوز تي مضمون ۽ ڪالم لکيا. سندس سياسي، سماجي، ادبي، فڪري ۽ ثقافتي مضمون سنڌ جي سڀني اخبارن ۾ ڇپبا هئا. هو انگريزي ٻوليءَ جو پڻ وڏو ڄاڻو هو. ننڍي لاڪون ڳوٺ ۾ فقط سندس ئي گهر ۾ انگريزي اخبار پڙهي ويندي هئي. 1972ع ۾ ڪراچيءَ ۾ اچڻ کان پوءِ ست سال سنڌي ادبي سنگت سان لاڳاپيل رهيو. محترمه بينظير ڀٽو جي لانگ مارچ جي سڏ ۾ سڏ ملائيندي، ف ، م لاشاري ڊاڪٽر اسماعيل، جگديش ملاڻي ۽ غلام قادر پليجو، 17 جولاءِ 1993ع تي لاهور کان اسلام آباد ويندي پنجاب صوبي جي شهر گوجر خان وٽ گاڏي سان حادثي جو شڪار ٿيا. جنهن ۾ اسماعيل اڍيجو ۽ ف.م لاشاري موقعي تي ئي فوت ٿي ويا. نوجوانيءَ جي عمر ۾ سندس وفات سنڌي صحافت ۽ ادب لاءِ هڪ وڏو سانحو شمار ٿئي ٿي. هن ٿوري عرصي ۾ گهڻو ڪم ڪيو. سندس ڪم جي رفتار تمام تيز هئي. هزارن ۾ ڪالم، مضمون ۽ ڪهاڻيون لکيائين ان کان سواءِ سفرنامو”سگهارو هماليه ۽ هيڻا ماڻهو“ لکيائين. هو آزاد ۽ جديد خيالن جو ليکڪ هو. کيس ڪڏهن به ڪير لالچائي مقصد تان هٽائي نه سگهيو. نه ڪنهن طاقت اڳيان جهڪيو سندس تحريرن ۾ فلسفو ۽ فڪر جي آزادي ته هئي. پر سنڌي قوم جا درد ۽ سور سمايل هئا. ٻوليءَ جي حوالي سان پختگي ۽ مضبوطي هئي. هن نه فقط صحافت کي جديد روين سان آشنا ڪيو پر سندس ڏنل پيغام ڪيترن کي بهادريءَ لاءِ اُتساهيو، ف.م لاشاري ڪافي ملڪن جا دورا ڪيا جن ۾ آمريڪا، برطانيه ۽ نيپال شامل آهن. سندس معلومات، مطالعو ۽ سوچ وسعت واري هئي. انهي ڪري گهڻو لکجندڙ ۽ ڇپجندڙ ليکڪ هو. سندس لکيل ايڊيٽوريل اخبارن جي وڪري جي ضمانت هيا. هن ڪافي اخبارن لاءِ لکيو خاص طور عوامي آواز ، جاڳو، ڪاوش ۽ ٻيون آهن.
    ف.م لاشاريءَ جي ڇپيل ڪتابن ۾ ”ڌرتي جي دانهن“ (1988) ”سنڌ جا سور“(1988) ”سنڌ پيپلز پارٽيءَ کان ڄام صادق تائين“.(1993) ”رڃ جهڙي ماحول ۾ مور جي رڙ“ (ٻه ڀاڱا) ”ڇپر جا سونهان“، ”سگهارو هماليه ۽ هيڻا ماڻهو“(نيپال جو سفرنامو 1985ع) آهن. هن صحافيءَ جي سنڌ جي ٻرندڙ مسئلن تي گهري نظر هئي. سندس ڪتاب پيپلز پارٽيءَ جي باري ۾ ان دور جي مسئلن جو گهرو مطالعو آهي. سندس مضمون سنڌ جي سورن کي ڄاڻائين ٿا پر انهن مسئلن مان نڪرڻ جو ڏس پڻ ڏين ٿا. هو سنڌ جو نوجوان دانشور هو. جنهن پنهنجي تحريرن وسيلي سنڌ ۾ سجاڳي آڻڻ ٿي چاهي. ”رڻ جهڙي سماج ۾ مور جي رڙ“ ڪتاب جو پهريون ڇاپو 1991ع ۾ ڇپيو. هي ف.م لاشاريءَ جا ڪالم ”انب گوپانگ“ سهيڙي سنڌيڪا اڪيڊميءَ مان شايع ڪرايا. هن ڪتاب جو پهريون حصو.(1) ”سنڌ پيپلز پارٽي کان ڄام صادق علي تائين“ آهي. اهي اداريا عوامي آواز ۽ جاڳو اخبار ۾ ڇپيا. هن ڪتاب جو مهاڳ سراج ميمڻ صاحب، ”ڪو ڪو ماڻهو موتي داڻو“ جي عنوان سان لکيو آهي. ٻيو ڀاڱو 1992ع ۾ شايع ٿيو. انهن ايڊيٽوريليز جا عنوان هن ريت آهن. ”آپريشن ڪلين اپ“ ۽ ”حڪومت جون مصلحتون“، ”پاڪستان عورتن جي خلاف ڇو آهي“.؟ ”جتوئي توتي دانهن“، ”جيئي سنڌ تحريڪ جو ڏوهه ڪهڙو آهي.؟“ ”سنڌ لاءِ کوڙ آزاديون“، ”سنڌين جي روزگار کي ڏنگيندڙ نانگ“، ”اسلام آباد جو ڳوڙهن سان ٿيل فصل“، ”تعليم، رياست ۽ سماج“، ”قومي بقا ۾ محنت ۽ محبت“، ”ڪوڙو تون ڪفرسين“ ۽ ٻيا عنوان آهن عنوانن مان ڄاڻ پوي ٿي ته اهي ڪالم خاص، سماجي، سياسي ۽ اقتصادي حالتن سان گڏ سنڌ جي انهيءَ وقت جي مسئلن جي نشاندهي ڪندڙ آهن. ٻوليءَ جي لحاظ کان ادبي نه هوندي به اهي ليک هڪ سجاڳ صحافيءَ جي قلم معرفت سندس دل ۽ ضمير جو آواز آهن ۽ ڪتاب جي عنوان سان اندريون مواد ٺهڪندڙ آهي.
    سگهارو هماليه ۽ هيڻا ماڻهو:
    ف. م لاشاريءَ جو نيپال جو لکيل سفر نامو آهي جو سنگم پبليڪيشن ڪراچيءَ وارن 1985ع ۾ پهريون ڇاپو ڇپايو. هن سفر نامي جو انتساب، محمد ابراهيم ميراڻيءَ جي نالي آهي. هي سفر ليکڪ صحافتي دور دوران حڪومت طرفان ڪيو، جنهن ۾ غلام نبي مغل جو به ساٿ هئن. رئوف نظاماڻي ڪتاب جي باري ۾ لکيو آهي ته، ”سفرنامي ۾ نيپال جهڙي ڏتڙيل ملڪ جي غريب ماڻهن جي پست سماجي حالتن جي نهايت دکدائڪ تصوير ڇڪي ويئي آهي ۽ سماجي تضادن کي سهڻي نموني سامهون آندو ويو آهي.“ (1)
    نيپال جنهن جا ماڻهو سادا، کرا ۽ مظلوم آهن. ليکڪ موجب، مظلومن کي مظلومن سان اتحاد ڪرڻ گهرجي ته هو ٻڌيءَ سان هڪ وڏي طاقت ٿي اڀرن لکي ٿو ته:
    ”هنن جبلن جي دنيا، انهن جو مزاج ۽ معاشرو بنهه انوکو ۽ پنهنجي قسم جو پئي لڳو، سڀئي وڏيون چوٽيون آسمان ڏانهن منهن ڪيو. ڌرتيءَ وارن سان ڪاوڙيون بيٺيون هيون“.(2)
    اڳيان لکيو اٿن ته، ”مون نيپال ۾ جيڪي ڪجهه ڏٺو تنهن سان منهنجو اهو ويساهه پختو ٿيو آهي ته مظلوم انسانيت جو سچو اتحاد ٿيڻ، تاريخ جو اڻ ٽر فيصلو آهي.“ سفرنامي لکڻ جي سبب کي ڄاڻائيندي چوي ٿو ته”مان رڳو ايترو ئي سمجهان ٿو ته پنهنجي مظلوم ڏيهه واسين کي هڪ ٻئي ڏيهه جي ستايل ماڻهن سان واقفيت ڪرايان. يقين ڄاڻو ته جيڪڏهن هنن پنهنجي مظلوميت تي سوڀ پائي ورتي ته اسان کي به سگهه ملي ويندي پر اسان ڪو اهڙو ڪم ڪري وڌو ته هو به سگهارا ٿيندا ۽ هو هيڻا ۽ هماليه سگهارو نه هوندو.“( 3) ليکڪ هن سفرنامي ۾ نيپال جي سونهن کي لفظن ۾ اوتيو آهي ته انهي جون تمام پست حالتون به لکيون آهن. هن ڊيمي سائيز مختصر سفرنامي ۾ ادبي رنگ مختصر آهي پر هن ڪتاب کي معلوماتي سفرنامو چئي سگهجي ٿو.
    فقير لاشاريءَ جو سنڌ ۽ سنڌي قوم سان عشق هو. هن وقت جي ڪيترن ٻرندڙ مسئلن تي لکيو جن جي لاءِ هن کي گهڻو ڀوڳڻو پيو. يوسف سنڌي لکي ٿو ته، ”هن جي سوچ ترقي پسند هئي. جنهن جي شروعات اسڪول جي زماني کان ٿي هئي. کيس محمد ابراهيم ميراڻيءَ جهڙو لائق استاد مليو جيڪو هڪ روشن خيال ۽ قوم پرست شخص هو. هن نه رڳو پنهنجي شاگردن ۾ قوم پرستيءَ وارا جذبا جاڳايا پر منجهن سنڌي ۽ ترقي پسند ادب پڙهڻ جو شوق جاڳايو. فقير محمد به ان استاد جي صحبت ۾ ترقي پسند ادب ۽ ترقي پسند سوچ ڏي مائل ٿيو“.(4)
    اها سوچ اڳيان سندس ايڊيٽريءَ ۾ نڪتل اخبارن ۽ رسالن مان چڱيءَ پر پروڙجي پيئي. ڊاڪٽر عزيز الرحمان ٻگهيو لکيو آهي، ته: صحافت وڏي ذميداري آهي ۽ عظيم فرض شناسي، جيڪا قلم جي تقدس کي هر حالت ۾ محفوظ رکڻ لاءِ لالچ ۽ خوف کان مٿڀرو ۽ غير متاثر رهندي، پنهنجي جدوجهد جاري رکڻ لاءِ ميدان ڪارزار ۾ قدم رکڻ چاهي ٿي“.(5)
    ف.م لاشاري اهو ڪم ڪيو هن ڄام صاحب جي دور ۾ هر آڇ ٺڪرائي پر پنهنجي لکڻين ۾ ثابت قدم رهيو. حڪومت طرفان سندس خدمتن جي مڃتا تي کيس ”ستاره امتياز“ جو ايوارڊ ڏنو ويو.

    حوالا:
    1- فقير محمد لاشاري، ”سگهارو هماليه هيڻا ماڻهو“، سنگم پبليڪيشن، ڪراچي. 1985ع. ص. 13
    2- ساڳيو حوالو.ص، 101
    3- ساڳيو حوالو. ص،10
    4- يوسف سنڌي، ”سنڌي ادب“ سچائي اشاعت گهر دڙو، 2011 ص. 337
    5- ٻگهيو، عزيز الرحمان ڊاڪٽر، ”سنڌي صحافت جي ارتقا ۽ تاريخ“ انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي، ڄامشورو، 1988ع. ص.4


    ڊاڪٽر نواز علي ”شوق“ جون علمي ۽ ادبي خدمتون

    ڊاڪٽر نواز علي ”شوق“ جون علمي ۽ ادبي خدمتون
    ڊاڪٽر نواز علي شوق جو جنم، رحمت خان تعلقي ڪنڌڪوٽ ۾ ٿيو هُن خيرپور ، سکر ۽ ڪراچيءَ مان تعليم حاصل ڪئي سنڌي ۽ اردو ٻوليءَ ۾ ايم اي ڪيائين ۽ ايل ايل بي جي ڊگري حاصل ڪيائين. ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ سنڌي شعبي جي سربراهه ۽ شاهه لطيف چيئر جي سربراهه جي حيثيت سان خدمتون سرانجام ڏنائين. علم ۽ ادب جو ڪوڏيو ۽ شاهه لطيف ۽ سچل جو پارکو، هي صاحب نثر توڙي شاعريءَ ۾ يڪتا خدمتون سرانجام ڏيئي چڪو آهي. کيس صوفياڻي شاعريءَ سان شغف آهي ڪيترن شاعرن جو ڪلام سهيڙي شايع ڪيو اٿن ته نثر جي مختلف صنفن جيئن ناول، ڊرامو، افسانو ۽ ٻين موضوعن تي ڪيترائي مضمون مقالا لکيا اٿن. سنڌي ٻولي ۽ ادب سان گڏ سنڌي ثقافت ۾ پڻ کين گهڻي دلچسپي آهي. ڪافين سان ته خاص رغبت اٿن. ڪتابن جا ڪوڏيا آهن. وٽن انيڪ ڪتاب ۽ قلمي مسودا اهم موضوعن تي موجود آهن. ڊاڪٽر نواز صاحب جي پي ايڇ ڊي جو تحقيقي مقالو هدايت علي نجفي تارڪ جي باري ۾ آهي. ڊاڪٽر صاحب محقق هئڻ سان گڏ تنقيدي ادب ۾ پڻ هڪ سَندَ جي حيثيت رکي ٿو. هڪ نقاد جي حيثيت سان غيرجانبداريءَ سان ڪم کي پرکڻ سندن معيار آهي.
    نواز صاحب جي ڪتابن ۾ ڪجهه جا نالا هن ريت آهن.”سامي سفر هليا“ (سفرنامو 1981) ”آديسي اٿي ويا“(غزل) ”شاعرن جو تذڪرو“(1981) ”ملاوٽ جا ماهر“(مزاحيه مضمون) ”وندر ۽ وڻڪار“ (مضمون، مقالا، شاعري) ”هٻڪار“(چونڊ مضمون) ”ڪلام حضرت سچل سرمست“(1981) ”وڏن جو ادب“، ”ديوان تارڪ“، ”سر ڏهر“، ”سچل سارو سچ“،(هي ڪتاب سي ايس ايس جي 2016ع جي نصاب ۾ مقرر ڪيو ويو آهي) ”معلوماتي دنيا“، گيت جي گلزاري، ”سچل سرمست جو طالب“(1992)”سنڌ جا هنر“ ”ڪلام فقير عبدالله ڪاتيار“ (1998ع) ”سياڻو سهو، بيوقوف بگهڙ“(ٻاراڻو ادب) ”شمس العلما مرزا قليچ بيگ“ سنڌ جو عطار، ”سکر، بکر ۽ روهڙي“(2001) ”صوفي روحل فقير“(2001) ”سدا سرها گل“ (2001)”نينهن جا نعرا“ ، ”گيت جي گلزاري“، ”اسان جي آزاديءَ جا اڳواڻ“(ترجمو) ”ٿر ۽ پارڪر جو احوال“ ”ڪلام شاهه نصير“، (2004) ”ڪلام عثمان سانگي“ (2004) ”ادبي اشارا“ (تنقيدي مضمون) ”ڪليات علوي“(مرتب) ۽ ٻيا ڪتاب آهن. کين علمي ۽ ادبي خدمتن عيوض ڪيترائي ايوارڊ ملي چڪا آهن.
    نواز صاحب جي ڪلام جو نمونو هن ريت آهي.
    دل ۾ خيالي زلف ورخ يار ٿي ويو،
    واليل والضحيٰ سان سروڪار ٿي ويو،
    تنهنجي ثنا ڪيم ته شعر بڻيا شاهڪار
    ٻيو شعر ڪو چيم ته سو بيڪار ٿي ويو.

    ڊاڪٽر صاحب جن کي نثر ۾ مضمونن ۽ مقالن، ۾ ته شاعريءَ ۾ صوفياڻي شاعريءَ جي باري ۾ عبور حاصل آهي. سندن مضمون جو سهيڙيل ڪتاب”هٻڪار“ ورسٽي سنڌ پبليڪيشن، سنڌي شعبي، ڪراچي يونيورسٽي طرفان پاپولر پرنٽرس، حيدرآباد مان 1976ع شايع ڪرايو. . هيءَ ڪتاب ايم اي سنڌي ۽ سي ايس ايس جي نصاب ۾ شامل آهي جنهن ۾ 23 مضمون مختلف موضوعن تي صاحبِ طرز مضمون نگارن جا شامل آهن. ڪتاب جي شروع ۾ نواز صاحب مضمون نويسيءَ جي باري ۾ جامع مقدمو ڏنو آهي. جنهن ۾ مضمون جي فن سان گڏ، سنڌي مضمون نويسيءَ جي اوسر تي روشني وڌي ويئي آهي. اهو ليک پروفيسر منگهارام ملڪاڻيءَ جي ”سنڌي نثر جي تاريخ“ ڪتاب جي روشنيءَ ۾ لکيو ويو آهي. هن ڪتاب ۾ آيل مضمونن ۾ پروفيسر نارائڻ داس ميوا رام ڀمڀاڻيءَ جي ادبي گلشن مان ۽ ڪوڙيمل جي”پڪو پهه“(جو هڪ ڊگهو مضمون زناني تعليم جي فائدي لاءِ لکيل آهي) مان هڪ صفحو ڏنل آهي. ان کان سواءِ مرزا قليچ بيگ جي ڪتاب، مقالات الحڪمت مان”سچ“ مضمون ڏنل آهي. اهڙيءَ ريت پرمانند ميوا رام جو”هٺ“ شمس الدين بلبل جو”قلندري ميلو“ صاحب سنگهه چندا سنگهه شهاڻيءَ جو”وهيو“ ۽ حڪيم فتح محمد سيوهاڻيءَ جو ”آزاديءَ ۽ غلاميءَ جو فرق“ لال چند امر ڏنو مل جو، ”چندا“ ”جيوت چٽا ڀيٽيءَ جو سلسلو“، نارائڻ داس ملڪاڻيءَ جو ”ڳوٺاڻي چهر“ ميران محمد شاهه جو ”گنجي ٽڪر جو سير“ ڪشنچند عزيز جو ”انسان“، عطا حسين شاهه موسويءَ جو ”جي نوٽن جو مينهن وسي“، پير علي محمد راشديءَ جو ”شڪارپور“، محمد اسماعيل عرساڻيءَ جو ”سنڌي سٻاجهڙا“ الهبچايو يار محمد سمون جو ”مهمان نوازي“ گوبند ڀاٽيه جو ”گهرجون“ ۽ ٻيا مضمون جيڪي سنڌي ادب جي مهان مضمون نگارن جي اهم ترين مجموعن ۾ آيل آهن. انهن سان هٻڪار کي سجايو ويو آهي.(ڪتاب هٻڪار جو تفصيلي، تحقيقي ۽ تنقيدي جائزو مون پنهنجي ڪتاب”سنڌي نثر جي صنفن جو اڀياس“ روشني پبليڪيشن 2015ع) ۾ ڏنو آهي. جتان پڙهندڙن کي هن ڪتاب جي علمي ۽ ادبي اهميت جي ڄاڻ پوندي.
    نواز صاحب جي اهم ڪمن ۾ شاهه لطيف ۽ سچل سائين جي باري ۾ مضمون، مقالا ۽ ڪتاب آهن. جن ۾ سندن مرتب ڪيل ڪتاب ”سچل سارو سچ“ جو پهريون ڇاپو 1989ع ۾ سنڌي شعبي ڪراچيءَ طرفان گريجوئيٽس ايسوسيئيشن جي تعاون سان ڇپيو. هن ڪتاب ۾ سچل سائينءَ جي شاعريءَ تي وڏن عالمن ۽ اديبن جا ليک آهن جيئن ”سچل سائين جي ڪلام جا سرچشما“، ”ڊاڪٽر تنوير عباسي“، ”سچل صوفي لاڪوفي“، ڊاڪٽر هرومل سدا رنگاڻي، ”سماجي لسانيات جي روشنيءَ ۾ سچل جي شاعريءَ جو جائزو“ ڊاڪٽر غلام علي الانا، ”منصور، حلاج۽ سچل“، اياز قادري، ”سچل ۽ بيدل“ ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، ”سچل سرمست جو جهولڻو“، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو ”سنڌي سماج ۽ سچل جي شاعري“، ڊاڪٽر حيدر سنڌي، ”صوفي تحريڪ ۽ سچل“ ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو ۽ ٻين جا مقالا آهن. تيرٿ سڀاڻي لکي ٿو ته”سچل سائين کي رواجي طور مذهبن جي خلاف سمجهيو ويندو آهي پر اها اڻ ڄاڻائي آهي. سندس ڪلام ۾ ڪٿي به مذهب جي مخالفت جو ڪوبه اشارو نٿو ملي. لاشڪ هن مذهب جي غلط روايتن ۽ تعصب کي ننديو آهي.“(ص.29)
    هي ڪتاب بين الاقوامي سچل ڪانفرنس جي موقعي تي پيش ڪيو ويو هو ۽ اهڙن قسم جا ڪتاب اسان جي وڏن شاعرن ۽ اديبن جي باري ۾ ڪيترن ئي اهل فڪر عالمن جا ويچار پيش ڪن ٿا. هيءَ هڪ ڪارائتي ڪوشش آهي جنهن جي لاءِ نواز صاحب جون محنتون جس لهن. ڊاڪٽر نواز صاحب جون سنڌي ٻولي، ۽ علم ادب لاءِ ڪاوشون اهم شمار ٿين ٿيون.


    ناميارو سفر نامه نگار: عبدالحئي پليجو

    ناميارو سفر نامه نگار: عبدالحئي پليجو
    محترم عبدالحئي پليجو جي ذات ڪنهن تعارف جي محتاج نه آهي. هو سنڌي ادب جو هڪ مشهور ومعروف سفرناما نگار شمار ٿئي ٿو. سنڌي ادب ۾ الطاف شيخ کان پوءِ جنهن ليکڪ وڌ کان وڌ سفر ناما لکيا آهن. اهو عبدالحئي پليجو صاحب آهي هن دنيا جي هڪ وڏي حصي جو سير ۽ سفر ڪيو آهي جنهن ۾ ڪيترائي ملڪ شامل آهن جن جو احوال سندس سفر نامن مان ملي ٿو. سفرنامو ادب جي اهم صنف آهي. جنهن ۾ هڪ مخصوص عرصي جو احوال ليکڪ جي پنهنجي زباني هجي ٿو، هڪ طرح سان سفر نامو سوانح نگاريءَ جو حصو پڻ شمار ٿئي ٿو جنهن ۾ ليکڪ جي ذات جو وڏو ڪمال آهي. سندس بياني قوت سان ئي هن جون شخصي خوبيون ۽ انفرادي حيثيت اڀري سامهون اچي ٿي. ليکڪ جي ذهانت، خاص طور ٻوليءَ جو استعمال، تحرير جو شانائتو هئڻ، سندس مطالعو، مشاهدو ۽ ٻيا سفر نامي لکڻ جا فني جزا سندس تحرير جي ڪاميابيءَ جي ضمانت آهي. انهن مان گهڻيون خوبيون، حئي پليجو جي سفرنامن ۾ ملن ٿيون. پليجو صاحب ننڍپڻ کان ئي علم ۽ ادب ڏي راغب رهيو. جنهن ۾ سندن گهرو تربيت ۽ تعليم جو هٿ آهي.
    عبدالحئي پليجو 31 جنوري 1945ع تي ٺٽي ضلعي جي ڳوٺ ٻنون ۾ جنم ورتو. شروعاتي تعليم ٻنون ۾ ۽ پوءِ نور محمد هاءِ اسڪول حيدرآباد ۽ مسلم سائنس ڪاليج ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ مان پڙهيائين. مڊل ڪلاس ۾ هو ته هن لکڻ شروع ڪيو، پر وچ ۾ ڳچ عرصو نه لکيائين. 4 مارچ جو ڏينهن، جو سنڌ جي قومي ۽ شاگرد سياست ۾ هڪ خاص حيثيت رکي ٿو. ان تحريڪ ۾ هن وڏو بهرو ورتو ٻه دفعا جيل ويو، حيدرآباد اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو نائب صدر ۽ سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽس يونين جو صدر پڻ رهيو. اي جي اتم لکيو آهي ته،”حئي پليجو تي پنهنجي پيءُ نور محمد کان ورثي ۾ مليل نيشنلزم، سيڪيولرزم ۽ سوشلزم جي ويچارن وڏو اثر ڪيو آهي.“ سندن والد سنڌ جي سياست ۽ ادب ۾ هڪ ڄاتل سڃاتل شخصيت هو. عبدالحئي پليجو جي تحرير ۾ مٿيون ڳالهيون موجود آهن.
    عبدالحئي پليجو ڪجهه وقت وڪالت ۽ پوءِ سرڪاري نوڪري به ڪئي پر پنهنجي والد جي وفات بعد 1980ع کان پوءِ هن پنهنجي زمينداري سنڀالي ۽ لکڻ پڙهڻ جو مشغلو جاري رکيو. سندن پهريون ڪتاب (They ruled sindh for fifteen years) آهي جو پاڪستان ٺهڻ بعد سنڌ تي شروعاتي پندرنهن سالن ۾ حڪمراني ڪندڙ ڪامورن بابت آهي. پهريون سفرنامو ”ڏوريم ڏيساور“ 1983ع ۾ ڇپيو جو سينگارپور، ملائيشيا ۽ جپان بابت آهي. جنهن ۾ هُن ٻين ڪيترن معلوماتي احوالن سان گڏ جپانين جي قوميت جي جذبي کي ساراهيو آهي. ان کان سواءِ سندن ڇپيل ڪتابن ۾ ”هي وري نه ورندو وڻجارو“(ارباب نور محمد پليجو جي وفات بعد سندن جي باري ۾ لکيل ليکن تي مشتمل) ”هو جي وڻ ولات جا“، ”ڪجل ڀنل نيڻ“، ”اتر لڳا آءُ پرين“، ”ديس بديس“، ”بندر مون ڏور ٿيا“، ”ٽوئر ٽو آمريڪا“، ”ُٻنون ٽو ٽوڪيو“، ”پريان سندي پار ڏي“، ”ڳر لڳي ڳالهيون ڪريون“،ڪنواريون ۽ ڪنول“، ”لنڊن جا ڏينهن اسڪاٽ لينڊ جون راتيون“ ۽ ٻيا سفر ناما آهن. ان کان سواءِ هڪ اهم ڪتاب”عالمي عجائبات“ آهي، جو 2004ع ۾ شايع ٿيو هن ڪتاب ۾ دنيا جي 75 عجائبات بابت تاريخي ڄاڻ سان گڏ تصويرون پڻ ڏنل آهن. جيئن، بابل جا باغ، تاج محل، نياگرا آبشار ۽ ٻين مشهور جاين جا رنگين فوٽوز ۽ گڏ انهن بابت ڪارائتو معلوماتي احوال ڏنل آهي جنهن سبب هي ڪتاب هڪ بلڪل منفرد ۽ مختلف انداز جو ۽ وڻندڙ آهي.
    2016ع ۾ سندن هڪ ڪتاب”تن سپون سوجهي ڪڍيون“ مضمون نويسيءَ تي مشتمل شايع ٿيو آهي. جنهن کي پڙهڻ کان پوءِ خبر پوي ٿي ته پليجو صاحب جيترو سٺو سفرناما نگار آهي. ايترو ئي سٺو مضمون نگار پڻ آهي. مضمونن جو هيءَ مجموعو ڇائيتاليهن ادبي، علمي، سماجي، سوانحي، تاريخي، طبي، سياسي ۽ معلوماتي مضمونن تي مشتمل آهي. جنهن جو انتساب، سنڌي ٻوليءَ جي مهان محسن مخدوم ابوالحسن ٺٽويءَ جي نالي آهي. مضمونن جا عنوان سنڌي ٻولي، ٿر جو سير، ترڪ ادب، اسڪاٽش ادب، آڪسفورڊ يونيورسٽي، قرطبه خلافت جو عروج، عثمانيه سلطنت، انڊيا آفيس رڪارڊ ۽ ٻيا موضوع شامل آهن هن ڪتاب جو پهريون مضمون سنڌي ٻولي آهي جنهن ۾ فاضل ليکڪ سنڌي ٻوليءَ کي ترقي يافته سڏيو آهي ته گڏ سنڌي ٻوليءَ جي ترقيءَ لاءِ اپاءُ به ڄاڻايا آهن. پليجو صاحب موجب ته، سنڌي ٻوليءَ ۾ پنهنجي بقا ۽ بچاءُ لا مزاحمتي قوت اعليٰ درجي جي آهي. هو لکي ٿو ته ”اها سنڌي ٻولي جي پهرئين کان ئي هڪ اهم خاصيت رهي آهي جو هن پنهنجي حاوي زبانن جن کي گهڻو ڪري سرڪاري پٺڀرائي حاصل هوندي آهي، جي پريشر هيٺ به پنهنجو تشخص انتهائي اهميت سان نه صرف برقرار رکيو آهي پر ان کي وڌيڪ اجاگر ڪيو آهي. سنڌي زبان پنهنجي مٿان ٿاڦيل ٻولين کي پنهنجي زور سان ختم ته نه ڪري سگهي آهي پر انهن ٻولين جي ڳالهائڻ وارن جو سندس وجود کي ختم ڪرڻ جو خواب ساڀيان ٿيڻ به نه ڏنو آهي.“(ص-9 ۽ 10)
    پليجو صاحب جي ڪيترن ڪتابن جا عنوان شاهه لطيف جي بيتن مان سرجيل آهن ۽ سندن ڪجهه سفرنامن ۾ ته شاهه سائين ۽ ٻين شاعرن جي شاعريءَ جو سهڻو ۽ موقائتو انتخاب ڏنل آهي. جيئن ”ديس بديس“، سفر نامي ۾ هندو سنڌين جي سنڌ لاءِ لامتنا سِڪ کي ڀٽ ڌڻيءَ جي بيت معرفت هن ريت ڄاڻايو اٿن:
    ڪوجو اُٺس مينهن، آريءَ جي عشق جو،
    راتيان روئي رت ڦڙا، سک نه سارو ڏينهن
    ٻاروچاڻو نينهن، متان ماٺو نه ٿيئي.

    ”ديس بديس“ سندن وڻندڙ سفرنامو آهي جنهن جا ٽي ڇاپا ڇپجي چڪا آهن. هن سفرنامي ۾ سنڌيت جي سُرهاڻ آهي ته تجينس حرفيءَ جا نثر ۾ سهڻا ڪمال آهن ليکڪ لکي ٿو ته:
    ”جتي سارين جي سڳنڌ سندن تن کي واسيو، جتي سنڌوءَ جو پاڻي سندن رڳن ۾ رت، بنجي ڊوڙيو، جتي آکاڙ جي نٽهڻ اس، پرهه جي پارن ۽ سانوڻ جي وسڪارن، سندن جيئندان جا گس گهڙيا جتي تنبوري جي تانَ سندن مَن کي موم ڪيو تنهن ڌرتيءَ کي ڏسڻ لاءِ هو آتا هئا“.(ص-22)
    هندوستان کان سواءِ هن انيڪ ملڪن جا سفرناما لکيا آهن جيئن سريلنڪا، ٿائيلينڊ، بئنڪاڪ، ڪولمبو، فلپائين، جپان، آمريڪا، ٽوڪيو، لنڊن ۽ ٻيا ملڪ ۽ شهر آهن. سندن مطالعو ۽ مشاهدو مضبوط آهي ته هر وقت وندر سان گڏ معلومات ۽ تفريحي هنڌن جون تصويرون ۽ انهن ملڪن جي سياسي، جاگرافيائي ۽ تاريخي حالتون، ماڻهن جا رويا، معاشي حالتون، تعليم، ادب، ثقافت ۽ ٻيون ڪيتريون حقيقتون هن پيش ڪيون آهن. جن سان پڙهندڙن کي انهن ملڪن کي گهمڻ جو نه فقط ُاتساهه ٿيئي پر کين انهيءَ سفرنامي پڙهڻ بعد اتي وڃڻ سان اهو هنڌ يا جڳهه اوپري نه ٿي لڳي. اهوئي سفرنامي لکڻ جو مقصد هجي ٿو. جنهن کي عبدالحئي پليجو صاحب سهڻائيءَ سان نڀايو آهي. ”ٽوئر ٽو آمريڪا“ پليجو صاحب 2011ع ۾ لکيو جنهن ۾ لنڊن کان آمريڪا وڃڻ ۽ واپس اچڻ جو احوال ڏنل آهي. سين فرانسڪو، لاس اينجلس، سين ڊيگو ۽ ٻيا شهر ۽ ڪيترائي بيچ گهميائون هن سفر نامي ۾ گهمڻ ڦرڻ جي احوال سان گڏ آمريڪا جي سياست جو به ذڪر آهي ته ڪيترن هنڌن تي پليجو صاحب مختلف ڪتابن جا حوالا موضوع مطابق ڏنا آهن جنهن ۾ انهن ڪتابن جا صفحا نمبر ۽ ليکڪ ڄاڻائڻ سان گڏ موضوع تي بحث به ڪيو اٿن. انهيءَ سان سندن مطالعي، حافظي ۽ سفري مشاهدي جي ڄاڻ ملي ٿي.
    سفر نامي کان سواءِ پليجو صاحب پنهنجي آتم ڪهاڻيءَ جا ٽي جلد لکيا آهن. ”سنڌي شاگرد سياست“، ڪتاب کي پاڻ پنهنجي شاگرديءَ جي دور جي آتم ڪٿا سڏيو اٿن ۽ ٻيو حصو ”اسان پنڌ پرين ڏي“ ۽ ٽيون حصو”ڪيڏي نه مختصر زندگي“ 2015ع ۾ شايع ٿيو آهي. جو 1965ع جي واقعن کان شروع ٿئي ٿو ته سندن تعليم، ٻنين ۽ باغن جا ذڪر آهن. ملڪ جي سياسي تاريخ جي ڪيترن رخن کي نمايان ڪيو ويو آهي. 191 صفحن جو هيءَ ڪتاب آتم ڪٿا به آهي ته ملڪي سياسي، سماجي ۽ معاشي حالتن جو بيان پڻ آهي. جنهن ۾ ليکڪ جون چند بليڪ اينڊ وائيٽ تصويرون پڻ ڏنل آهن. پليجو صاحب جا هن وقت پنج ڇهه ڪتاب اڻ ڇپيل آهن جن ۾ مضمون، خاڪا، سفرناما ۽ خط شامل آهن جيڪي پڻ جلد شايع ٿيندا ۽ سندن ڇپيل ڪتابن جو ڳاڻيٽو ايڪيهن تائين آهي، جي 1980ع کان پوءِ ڇپجڻ شروع ٿيا آهن. هو مستقل ۽ مسلسل لکي رهيو آهي ۽ سنڌي نثر کي پنهنجي فن وسيلي وڌائي ۽ ويجهائي رهيو آهي.


    سنڌي ادب جو سرموڙ شاعر ڊاڪٽر ادل سومرو

    سنڌي ادب جو سرموڙ شاعر ڊاڪٽر ادل سومرو

    عبدالڪريم سومرو/ادل سومرو ، محمد صالح سومرو جي گهر 15 آگسٽ 1955ع تي سکر ۾ پيدا ٿيو. سندس والد هنرمند هو. گهرو ماحول ادبي نه هئس پر حالتن مطابق سندس اندر جو تخليقڪار اڀري سامهون آيو. ننڍپڻ ۾ ٻاراڻي ادب سان لکڻ ڄي شروعات ڪيائين. سندس ادبي اوسر ۾ سنڌي ادبي سنگت جو وڏو هٿ رهيو. رشيد ڀٽيءَ جي معرفت سندس ملاقاتون شيخ اياز، تنوير عباسي، فتاح ملڪ ۽ ٻين ڪيترن اديبن ۽ عالمن سان ٿيون. کيس مطالعي جو جهجهو شوق رهيو آهي. علمي طور ايم اي ايڪانامڪس ۾ ڪرڻ بعد هن سنڌي ادب ۾ فرسٽ ڪلاس ۾ ايم اي ڪئي ۽ ان کان پوءِ پي ايڇ ڊي ڪيائين. جنهن جو موضوع ”سنڌي ادبي سنگت: تاريخ ۽ ڪردار آهي“. جا ڊگري ڊاڪٽر ادل صاحب 1999ع ۾ ورتي. پاڻ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي سنڌي شعبي ۾ ڪم ڪيائين. جتي سنڌي شعبي جو چيئرمين رهيو ته شيخ اياز چيئر پڻ سنڀاليائين.
    ڊاڪٽر ادل جي لکڻ جي شروعات، ”چنڊ پشم گولو“ ٻاراڻي ادب سان ٿي. سندس فن 1971ع کان پوءِ باقائدي ڇپجڻ لڳو. سندس سڃاڻپ، محقق، شاعر، مضمون نگار ۽ مترجم طور آهي. ٻاراڻي ادب ۾ سندس ڪتابن ۾ ”روز ٽڙن رابيل“(1977) ”چند پشم گولو“(1979) ”آچر جا احوال“(ڪهاڻيون) 1979ع، ”پتلين جو تماشو“، شاعري 1985ع، ”جيتن جي ڪانفرنس“(ڪهاڻيون 1984) ”پوپٽ جهڙا گيت“(شاعري 1986) مٽيءَ جا رانديڪا(شاعري) ”رنگ برنگي ڦوڪڻا“ (شاعري ترتيب ڏنل) آهن. نظم جي ٻين ڪتابن ۾”وليون وڻ ڦلارئا“”1982)”سمنڊ جاڳي ٿو“ (1984)”وساري نه ڇڏجو“(2004)”سو ديس مسافر منهنجو ڙي“ (ترتيب 2002) ۽ نثري ڪتابن ۾”اسين مسافر پيار جا“، (مضمون ۽ خاڪا)، ”نيروليءَ جو خواب“ (مضمون ۽ خاڪا) ”نئين دور جا نوان سبق“، (ڪالم) ”تنوير عباسي فن اور شخصيت“ (اردو ۾) آهن. هو تحقيقي جرنل جو ايڊيٽر پڻ رهيو آهي ته سنگت پبليڪيشن پاران”شاعري“، ”ڪهاڻي نمبر“ به ڇپرائي پڌرا ڪيا اٿس. سندس لکيل چوسٽا موجوده وقت ڪاوش اخبار ۾ پابنديءَ سان اچي رهيا آهن. شاعريءَ جي صنفن ۾ هن غزل، وائي، نظم، بيت ۽ گيت جي صنف ۾ بهترين لکيو آهي. سندس شاعري ڪيترن ئي مشهور فنڪارن ڪيسٽن تي ڳائي، مشهوري ماڻي آهي. مترجم طور ڊاڪٽر ادل، آصف فرخي، اصغر نديم ۽ ٻين جي شاعري ۽ ڪهاڻيون ترجمو ڪيون آهن. نثر ۾ هن 200 کان وڌيڪ مضمون ۽ مقالا لکيا آهن. سندن خاڪن ۽ تاثرن جي ڪتاب، ”اسين مسافر پيار جا“، ۾ شيخ اياز، نصير مرزا، اياز گل، رسول ميمڻ، بيدل مسرور، رشيد ڀٽي، حسام الدين راشدي، طارق عالم، غفار تبسم ۽ ٻين جي باري ۾ وڻندڙ خاڪا لکيل آهن جن ۾ هن انهن ڪردارن کي ادبي لقبن سان نوازيو آهي. هن ڪتاب جي ٻولي نثر ۾ هوندي به شاعراڻي سڳنڌ ڏئي پئي. ڊاڪٽر ادل کي سندس فن تي ڪيترائي ايوارڊ ۽ اعزاز ملي چڪا آهن. هو پنهنجي هم عصرن ۾ وڏو نالو آهي. سندس شاعريءَ ۾ نيون نيون تشبيهون، استعارا ۽ جدت آهي. موضوعن جي حوالي سان سندس شاعريءَ ۾ قوميت، وطنيت ۽ سنڌيت سمايل آهي. سنڌي سماج جي مسئلن کي دل جي گهراين سان محسوس ڪري ٿو. سندس غزلن ۾ سنڌيت جي سُرهاڻ آهي. چوي ٿو ته:
    مان جڏهن توسان مليس ڄڻ زندگيءَ ۾ سمنڊ هو،
    دل وئي منهنجي ٻڏي جو عاشقيءَ ۾ سمنڊ هو.
    مورڙي جي ماءُ جا سڏ ساحلن تي ويا مري،
    پوءِ ڪلاچي جي اکين جي هر گهٽي ۾ سمنڊ هو.
    درد جا ٻيڙا تو هيا سڀئي ٻوڙي ڇڏيا
    اي ڪوي، شمشير!، تنهنجي مئڪشي ۾ سمنڊ هو.

    يا هڪ هنڌ چوي ٿو.
    سڏڪو سڏڪو زندگي ڳڻجي ٿي،
    پن پن وانگر پاڻ ئي ڇڻجي کڻي.(1)

    هو لفطن جي استعمال جو فن ڄاڻي ٿو ته وٽس صنعت، تجنيس حرفي ۽ تشبيهن ۽ استعارن جا پڻ ڪمال آهن.
    ڪينجهر تي پرڀات، ڪنول بتيلا ننڊ ۾،
    رهاڻين ۾ رات، توسان گذري جاڳندي

    ڊاڪٽر ادل سومرو تحقيق، تنقيد، ٻاراڻي ادب ۽ ٻين صنفن ۾ وڏو ڪم ڪيو آهي پر سندس ئي لفظن ۾ ته: ”منهنجي بنيادي سڃاڻپ شاعر طور آهي ۽ مان اهو حوالو ئي پسند ڪيان ٿو. شاعريءَ جي دنيا ۾ ابتدا 1971ع کان وٺي هيل تائين منهنجو پڙهندڙن سان تعلق رهندو آيو آهي ۽ منهنجو اهو تخليقي سفر مسلسل رهيو آهي“. (2)
    سندس موجب ته، زندگيءَ جا جيڪي به رنگ آهن سي منهنجي شاعريءَ جا موضوع آهن. ڊاڪٽر ادل جو مطالعو وسيع رهيو آهي. سندس صلاحيتون سنڌي ادبي سنگت جي ساٿين رشيد ڀٽي، شيخ اياز، تنوير عباسي، فتاح ملڪ، جي همت افزائيءَ سان نکريون. هو مير معصوم شاهه لائبريريءَ ۾ لڳاتار ڪتابن پڙهڻ لاءِ ويندو هو. يوسف سنڌي سندن مطالعي بابت هڪ انٽرويو جي حوالي سان ڊاڪٽر ادل جي لفظن ۾ لکيو آهي ته:
    ”ڪتابن سان اهڙي ته دوستي قائم ٿي جو بي اي جي تعليم تائين، لئبريري تقريبن ڏهاڙي ويندو هئس ان عرصي ۾ شيڪسپيئر، ٽينسن، وليم بليڪ، ڪيٽس، بائرن ۽ ٻين جي انگريزي شاعري پڙهڻ جو موقعو مليو. ان لائبريريءَ لاءِ ڪتابن جي چونڊ شيخ اياز ڪئي هئي. تنهن ڪري دنيا جو چونڊ ادب اتي موجود هو. (3)
    ڊاڪٽر ادل جي ڪتابن ۾ شاعريءَ جا ڪتاب سرس آهن. هن وايون، گيت، نظم، غزل، آزاد نظم، نثراڻو نظم، سڀني صنفن ۾ لکيو ۽ خوب لکيو. مستقل ۽ مسلسل شاعريءَ سان نڀائي رهيو آهي. مختيار احمد ملاح، ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جي حوالي سان لکيو آهي ته، ”مبارڪ آهي، اهو ڏينهن، جنهن ڏينهن ادل سومرو ڄائو ۽ جنهن ڏينهن ڀٽائي ڄائو. جنهن ڏينهن سچل ڄائو.“
    اڳيان لکي ٿو ته، ”ادل سومري جي شخصيت جا ٻيا به گهڻائي پاسا آهن. شاعر جي حيثيت ۾، استاد جي حيثيت ۾، دوست جي حيثيت ۾، ڪهاڻي نويس جي حيثيت ۾، ٻارن جي شاعر جي حيثيت ۾، ادبي ڪارڪن جي حيثيت، ادبي سنگت ۾ ادل جو هڪ وڏو رول رهيو آهي. اهي سڀ ڳالهيون هڪ شخص ۾ هڪ وقت موجود هجڻ، هن وقت ۾ غنيمت آهن.(4)
    ڊاڪٽر ادل گهڻ پاسائون شاعر آهي سندس نالو پنهنجي هم عصرن ۾ توڙي ورهاڱي کان پوءِ جي اهم شاعرن ۾ ڳڻيو وڃي ٿو. سندس ڪتاب هائر ڪلاسن ۾ نصاب ۾ مقرر آهن. سندس نثر توڙي نظم لاجواب آهي. هن پنهنجي شاعريءَ معرفت نه فقط نواڻ ۽ جدت ڏني آهي. پر سنڌ جي هلندڙ مسئلن جي موضوعن تي لکيو آهي. هڪ نقاد ۽ محقق جي حيثيت ۾ پڻ سندس خدمتون تاريخ ۾ ڳڻڻ جوڳيون شمار ٿينديون.

    حوالا:
    1- سولنگي، غلام مصطفيٰ ”شاعري ڳالهائي ٿي“، (تحقيق ۽ ترتيب)
    سنڌ راڻي پبليڪيشن، 2015ع. ص. 68
    2- روزاني ڪاوش، ادل سومرو پروفائيل، 27 سيپٽمبر 2009ع.
    3- يوسف سنڌي،”سنڌي ادب“، سچائي اشاعت گهر، دڙو 2011ع. ص.6
    4- مختيار احمد ملاح، ”سنڌي ادب جي تاريخ جو جديد مطالعو“،
    ڪاٺيا واڙ اسٽور، 2014ع. ص. 592.


    مسڪينن جو مسڪين، ”جهان خان“

    مسڪينن جو مسڪين، ”جهان خان“
    قومي اڳواڻن ۽ مهندارن جي ڳڻن ۽ خاصيتن کي عام تائين پهچائڻ هڪ اهم ۽ افضل ڪم آهي. سوانح عمريون تاريخ جو حصو ته آهن پر قومي مهندارن جون سوانح عمريون ۽ آتم ڪهاڻيون انهيءَ قوم جي لاءِ لمحه فڪريه آهن ته ڇا اسين پنهنجي اهڙن اڳواڻن جو قدر ڪري سگهيا آهيون.؟ يا سندن پيروي ڪري سگهيا آهيون ۽ اهڙي دلي احساس ڪرڻ سان قومي ترقيءَ جي لاءِ خيال اتپن ٿيندا ۽ عام جي رهنمائي ٿيندي، مٿئين عنوان وارو ڪتاب مجنون بلوچ لکيو آهي جو پاڻ روينيو جي کاتي ۾ مختيارڪار هو پر کيس ادب سان دلچسپي رهي ۽ سندس لکڻ جو نوع نرالي هئڻ ڪري لکيل مضمون پڻ وڻندڙ آهن (هڪ مضمون مشهور مجموعي”هٻڪار“ ۾”مانيءَ جهڙو مٿو“ جي عنوان سان گهڻو مقبول ٿيو،) پر کيس گهڻي شهرت هن ڪتاب سبب ملي ۽ هن ڪتاب کي پسند ڪرڻ ۽ اُن مٿي تنقيدي، تاثراتي ۽ تعريفي مضمون لکڻ ۾ جن شخصيتن لکيو انهن ۾ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ شيخ عبدالحليم جوش، ڊاڪٽر شيخ ابراهيم خليل، مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي، لطف الله بدوي، قاضي عبدالمجيد عابد، احمد خان آصف مصراڻي، ڪريم بخش خالد، نجم عباسي، حميد سنڌي، ،م.ع ڏيپلائي ۽ ٻين لکيو ۽ ڪيترين اخبارن ۾ هن ڪتاب جي تعريف ۾ ڪالم آيا جنهن سان اهو مختصر ڪتاب ڪافي مقبول ٿيو ۽ يونيورسٽيءَ جي نصاب ۾ پڻ مقرر ٿيو جو انهيءَ کان اڳ هن قسم جو سوانحي احوال موجود نه هو. ليکڪ جي حسن بيان ۽ حسن انتخاب هن ڪتاب کي نه فقط مشهور ومعروف ڪيو پر رائيٽرس ڪلب جو انعام يافته ڪتاب پڻ قرار ڏنو ويو ۽ هڪدم ڪتاب جو ٻيو ڇاپو ڇپيو جن ۾ اهي رايا ۽ مضمون پڻ شامل ڪيا ويا جيڪي مٿين ليکڪن هن ڪتاب تي لکيا هئا.
    ”مسڪين جهان خان کوسو،“ ڪتاب هڪ ٿري مفلس پر مخلص شخص جي حياتيءَ جو زوردار ۽ اثرائتو عڪس آهي. هيءَ سوانح فقط ڄم ۽ موت جي رسمي تاريخ ۽ زندگيءَ جي سلسليوار بيان جي ڪٿا نه آهي. بلڪه ليکڪ هن ڪتاب ۾ مسڪين جهان خان جي دلي جذبن، پنهنجي ڏتڙيل ٿرين جي ڏکين حياتين تي آب هاريندڙ اکين کي فوٽو گرافر جيان چٽيو آهي. ننگرپارڪر تعلقي جي ڳوٺ سامي ويري ۾ 9 جولاءِ 1909ع تي کوسن جي خاندان ۾ جنم وٺندڙ، جهان خان فطري طور مسڪين طبع پر اندران فولاد هو. سندس پيءُ رئيس بجار خان پوليس ۾ صوبيدار هو ته چاچو پڻ پوليس ۾ هو. کيس پڻ گهر وارن پوليس ۾ ڀرتي ڪرايو پر هو پوليس کاتي جي ظلمن ۾ غريبن کي تڙپندو ڏسي نه سگهيو ۽ نوڪري ڇڏي سڄي حياتي غريبن جي خدمت کي ارپي ڇڏيائين. هيءُ بلوچ بهادر ۽ نڊر هو. انهيءَ ڪري ڪنهن به بالا آفيسر سان ملڻ ۾ ڪڏهن به حجاب نه ڪندو هو. بلڪه کين ڳولهي وڃي لهندو هو ۽ پنهنجي هٿ ۾ ٻڌل فائيل جنهن ۾ ڳوٺاڻن جي سورن جون داستانون هونديون هيون(يعني مختلف مسئلن جون درخواستون) سي آفيسرن جي اڳيان پيش ڪري سادن سودن ٿرين جا ڪم ڪرائيندو هو. بغير ڪنهن اُجوري ۽ محنت جي. ڏڪار جي ڏينهن ۾ ڊوڙ ڊڪ ڪري ٿرين لاءِ اناج ۽ ٻين سهوليتن جو بندوبست ڪندو هو. حڪومت کي ٿر لاءِ تعميري تجويزون لکي درخواستون موڪليندو هو ته ڪتابچا ڇپرائي اختياريءَ وارن ڏي موڪليندو هو. هن نه ڪڏهن سردي ڏٺي نه ڪڏهن گرمي. فائيلن جا انبار کڻي آفيسن جي در در تي رلندو هو ۽ تيستائين سڪون سان ڪونه ويهندو هو جيستائين اهو ڪم ٿي نه وڃي.
    جمال ابڙو پنهنجي آتم ڪٿا ۾ ٿر 1966ع ۾ وڃڻ جو ذڪر ڪندي لکيو آهي ته، ”مسڪين جهان خان بلڪل فقير منش، ننڍي سفيد ڏاڙهي، درخواستن جي پٺارڪ ڪلهي تي، کيس سڻس پئجي ويئي ته چار چڱا اچي بنگلي تي لٿا آهن، سو هليو آيو ملڻ، تمام ڳنڀيرتا سان ٿر ۽ ٿرپارڪر جا مسئلا بيان ڪرڻ شروع ٿي ويو. ڏک، بک، سال جون بيماريون، نانگ بلائن جي علاج لاءِ دوائن جي اڻ هوند، کڻي پڇوس ته پوءِ ڇا ڪم ڪجي.؟ ته هڪدم پٺارڪ لاهي ان بابت درخواستون پيو ڪڍي ڏيکاري جيڪي اڳيئي بالا اختياري وارن کي ڏنيون هئائين. اسان کي عرض رڳو اهو آهي ته ان جي پوئواري ڪجو. بالا عملدارن کي ڪن کڻائجو. هڪ عجيب آسماني انسان هو، جو ٿر جي واريءَ مان اڇي کنڀيءَ وانگر ڦٽي نڪتو هو. ٿر ۽ ٿر واسين لاءِ سندس هڏ ٿي ڪم ڪيو. اهڙو عجب انسان جو ڪو ديوتا هو يا اوتار يا ڪو ولي الله. مون حيدرآباد جي ڪمشنر عبدالله ميمڻ کي چيو ته تنهنجي ڊويزن ۾ ٻه وڏا ماڻهو رهن ٿا انهن جو خيال رکجانءِ هڪڙو استاد منظور علي خان ۽ ٻيو مسڪين جهان خان کوسو، لک احسان جناب محمد بخش مجنون صاحب جا جنهن مسڪين جهان خان جي شخصيت تي هڪ نهايت چڱو ڪتابڙو لکي ڇپائي ڇڏيو ۽ اهو ڪيئن به ڪري پڙهي ڇڏڻ گهرجي. ناياب هوندو”.
    مون وٽ هن ڪتاب جو ٻيو ڇاپو موجود آهي. جو جميل پبليڪيشن ميرپورخاص وارن 1969ع ۾ شايع ڪيو. پهريون ڇاپو 1967ع ۾ ڇپيو هو. 162 صفحن جي هن ڪتاب ۾ 88 صفحن تائين پهرين ڇپيل ڇاپي جي باري ۾ تبصرا آهن ۽ 89 کان 162 تائين صفحن ۾ مسڪين جهان خان جو ذڪر آهي.
    محمد بخش مجنون، مسڪين جي طبع جي باري ۾ لکي ٿو ته،”کوسو“ ۽”مسڪين“ ؟! کوڙو ئي ڪونه ٿو لڳي، کوسو پئسي پنجڙ ۾ کڻي مسڪين هجي پر طبيعت جو مسڪين ڪڏهن به ٿي نٿو سگهي. کوسو کٽل ته به خان آهي، جُتي نه آهي ته به جوان آهي. گهر ۾ ڀل، ٽي ڏينهن دانگي به نه چڙهي هجيس، پر ٻاهر کوسو، اهڙي مخرج سان ڳالهائيندو ۽ اها ڏيکاري ڏيندو جو اڳلو سمجهندو ته مڙس ڪو لک تي مٿو ڌوئي آيو آهي.“(1)
    اڳيان لکي ٿو ته ”مسڪين نه رڳو هڪ درويش صفت ۽ درويش سيرت بزرگ آهي مگر هڪ بلند اخلاق ۽ نڊر بلوچ پڻ آهي.“ (ص.23) اهو به لکيو اٿس ته مسڪين جي ٿر لاءِ محبت پڻ، انهيءَ اعليٰ ۽ ارفع دائري ۾ داخل ٿي چڪي آهي، جنهن ۾ مارئيءَ جو بيچين روح، ورهين کان وٺي ٿر جي ڀيانڪ ڀٽن ۾ ڀٽڪندو رهيو آهي. انهيءَ عفت ماب ۽ اعليٰ ڪردار مارئيءَ جي روح کي اڄ يقينن تسڪين هوندي ته سندس حب الوطنيءَ جي مشن کي زنده جاويد رکڻ لاءِ مسڪين جهڙو مجاهد سندس ئي ڏاڏاڻي ڏيهه ۾ پاڻ پتوڙي رهيو آهي.“(2)
    ”سرمائيدارن جي اکين ۾ مسڪين هميشه ڪنڊو ٿي چڀندو رهندو آهي. انهيءَ ڪَک جي ڪانيءَ ڪڍڻ لاءِ، وڏا ڪي وس ۽ حيلا هلائيندا آهن، آخر 1956ع ۾ اندريان ٻاهريان جانٺا هڻي، وارو ڪڍي مسڪين کي غنڊا ائڪٽ جي ڪارروائي ۾ اڙائي، کڻي دسي وڌائون مسڪين غريب کي، ٻه سال سخت پورهئي سان سزا ملي، ٻارنهن مهينا جيل ۾ رهيو.“(3)
    ليکڪ موجب مسڪين جهان خان جي انهيءَ گرفتاري سڄي سنڌ ۾ ٿرٿلو آڻي ڇڏيو. ڪيترن اخبارن ليک لکيا، قومي ۽ صوبائي اسيمبلين تائين سندس گرفتاريءَ جا احوال ويا. وڏن وڪيلن سندس وڪالت ڪئي. هاءِ ڪورٽ ۾ رٽ پٽيشن داخل ٿي ۽ هو ضمانت تي آزاد ٿيو پوءِ به سندس ويهه شنوايون ٿيون جيڪي هُن سامي ويري کان ڪراچيءَ تائين سُڃ جي ثمر تي ٿرن جي ڀٽن ۽ ريل جي سفرن سان ڪيون.
    ٿر جي ڪولهين، مينگهواڙن مطلب ته هر ڪنهن سان رهائيندو هو، ڪولهي ته سندس محبوب قوم رهي جو اهي سندس وانگر محنتي ۽ جفاڪش آهن. هو ٿرين جي ڪيترن مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ ڪوشان رهندو هو ۽ ان ۾ ڪامياب پڻ ٿيو. هر ننڍي وڏي مسئلي کي لکت ۾ آڻيندو هو پين ۽ مس ڪپڙي گڏ گڏ ئي هوندا هئس. پنهنجيءَ هڙ ۾ هر شيءَ رکندو هو سندس پويان ٿرين جا ولرن جا ولر هوندا هئا. پنڌ هلڻ کي ترجيح ڏيندڙ رهيو. سندس کاڌو صفا سادو ۽ اڪثر بکي پيٽ هوندو هو. ڪٿي به زمين تي ڪنڊ ۾ سمهي رهندو هو. کيس پنهنجي ذات لاءِ ڪوبه شوق نه هو. نه هو سياسي ماڻهو هو ۽ نه ئي علمي ۽ ادبي پر سندس سماجي خدمتن کيس سڀني جو محبوب بنايو. سندس شاندار سماجي خدمتن جو اعتراف آمريڪن بايو گرافيڪل انسٽيٽيوٽ 1996ع ۾ ڪري کيس عالمي ايوارڊ لاءِ نامزد ڪيو. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ ٻنهي ملڪن جي بارڊرن تي پاسپورٽ ۽ ويزا سسٽم جا معاهدا اڃان ڪونه ٺهيا هئا ته چوري چڪاري وڌي ويئي بارڊرن جي ٻنهي طرفن جا ڳوٺ خالي ٿيڻ لڳا. انهيءَ وقت مسڪين ميدان ۾ لٿو ۽ هڪ اهڙو ڪارنامو سرانجام ڏنائين جنهن سان سندس واهه واهه ٿي ويئي ۽ هن ”بين المملڪتي“ حيثيت ماڻي. سندس ڳوٺ سامي ويرو پاڪستان جو بارڊر ۽ ٻاکاسر هندوستان جي بارڊر جي آفيسرن جون ميٽنگون انهيءَ وقت جي مختيارڪار عبدالغفور آرائين ۽ صوبيدار عبدالله خان بروهيءَ جي حاميءَ سان ڪرايائين ته جيئن امن امان قائم ٿئي ۽ ان ريت چوري ٿيل مال پڻ ڀاڳين کي واپس وٺرايائين ۽ ائين ماهوار ميٽنگون منعقد ٿينديون هيون. ٻنهي ملڪن جي بارڊرن تي آباد ڳوٺن ۾ امن امان قائم ٿيو ۽ عوام جي چورن ۽ ڌاڙيلن جي آزار مان جند ڇٽي هو پنهنجا ڪک ڇڏي لڏڻ کان بچي ويا. اهو سندس وڏو ڪارنامو آهي. مطلب ته هن سوانحي ڪتاب ۾ مسڪين جهان خان کوسي جي نيڪ نيتي، درياهه دلي، عاجزي، همٿ، محنت، خلوص، پنهنجي تر جي ماڻهن سان گڏ سڄي انسانيت جو ڀلو چاهڻ ڏسيل آهي. اهو ڪتاب هن نيڪ دل انسان جي حياتيءَ ۾ ڇپيو. کيس وڏي مڃتا ملي. نيڪي ڪڏهن به ضايع نه ٿيندي آهي. اها پنهنجي خوشبوءَ سان دنيا کي ضرور واس ڏيندي آهي. حياتيءَ جو اصل مقصد جن پرکيو انهن حياتي سجائي ڪئي. دادا هولا رام هنس پنهنجي آتم ڪهاڻيءَ ۾ جيون جي مقصديت تي لکي ٿو ته، ”ڪي چون ٿا ته، ”جيون رُڃ آهي ته ڪي چون ٿا ته جيون سُڃ آهي. ڪي چون ٿا ته جيون سفر آهي ته ڪي چون ٿا ته جيون صدا آهي، ڪي چون ٿا ته جيون ڳولها آهي ته ڪي چون ٿا ته جيون ڪرم آهي. ڪي چون ٿا ته جيون ڪهاڻي آهي ته ڪي چون ٿا ته جيون ڪايا آهي. ڪي چون ٿا ته زندگي بهار جي موسيقي آهي ته ڪي چون ٿا ته هوءَ پن ڇڻ آهي.! آخر زندگيءَ جو مقصد ڇا آهي“.؟(2)
    منهنجي نظر ۾ ته زندگيءَ جو مقصد فقط ۽ فقط قرباني، دان ۽ ديا آهي پنهنجي حياتي دان ڪري ٻين جو جيون سڦل ڪرڻ ۾ آهي. جيڪو ڪم مسڪين جهان کوسو جهڙا ڪي مرد مجاهد ڪري ويا ۽ اهڙا ڪيترائي فرد جيڪي پنهنجي پنهنجي لاڳاپيل شعبي مطابق عوام الناس جي خدمت ڪري پنهنجو نالو امر ڪري ويا. سي زندگيءَ جو مقصد حاصل ڪري ويا آهن.
    مسڪين جهان خان جون خدمتون ٿر جي عوام کي هميشه ياد رهنديون. هن عظيم انسان 23 جولاءِ 1980ع تي ڄامشورو ۾ وفات ڪئي. سندس جسد خاڪيءَ کي ڪارونجهر جي هنج ۾ دفن ڪيو ويو.

    حوالا:
    1- محمد بخش مجنون”مسڪين جهان خان“ جميل پبليڪيشن
    ميرپورخاص 1969ع. ص.92
    2- ساڳيو حوالو؛ ص.128
    3- ساڳيو حوالو.128
    4- هولا رام هنس، آتم ڪٿا هڪ اديب جي، بيسٽ سنڌي سڀا،
    ممبئي، 2004ع. ص.5


    لوڪ ادب جو پارکو ڊاڪٽر ڪمال الدين ڄامڙو

    لوڪ ادب جو پارکو ڊاڪٽر ڪمال الدين ڄامڙو
    ڪمال الدين ڄامڙو، جو جنم 1 آگسٽ 1972ع تي لونگ خان ڄامڙو جي گهر راڻيپور ضلعي خيرپور ۾ ٿيو. سندس نالو سنڌي ادب جي اهم محقق، نقاد ۽ لوڪ ادب جي پارکن ۾ ڳڻجي ٿو. محقق، مرتب ۽ ليکڪ جي حيثيت ۾ ڊاڪٽر ڪمال ڪتابن جي ڇپجڻ ۾ خود ڪفيل آهي. سندن 13 کان مٿي ڪتاب ڇپجي چڪا آهن. جن جا موضوع سنڌي ٻولي، ادب، ثقافت ۽ خاص طور لوڪ ادب آهن. ته انيڪ مضمون ۽ مقالا لکيا اٿن. ڪيترن ئي سيمينارن، علمي ۽ ادبي ڪانفرنسن ۾ تحقيقي مقالا پيش ڪري چڪا آهن. سندن ٻي سڃاڻپ خاص، ريڊيو ۽ ٽي وي معرفت آهي. ريڊيو پاڪستان ڪراچي ۽ ٽيليويزن جي مختلف چئنلن تان پروگرام ڪيا اٿن. جن ۾ رهنما(ديني پروگرام) روشن راهون(نوجوانن لاءِ پروگرام) اسپورٽس ٽائيم ۽ ريڊيو جا ”باتين اپني مهران کي“، ”سنگم“، ”خوشبو“، ”محنت کشون کي آواز“ ۽ ٻيا پروگرام آهن. مطلب ته براڊ ڪاسٽنگز جي دنيا ۾ سندن خدمتون مڃڻ جوڳيون آهن. سندن سماجي ڪمن جي فهرست پڻ بيان ڪرڻ لائق آهي. سرهاڻ ويلفيئر ايسوسيئيشن، قائم ڪري پنهنجي مدد پاڻ تحت خاص طور ڪراچيءَ جي ڳوٺن ۾ تعليم، صحت ۽ ثقافت جون خدمتون سرانجام ڏنيون اٿن. 2010ع ۾ سيلاب متاثرين ٻارن لاءِ اسڪول کوليائين جنهن ۾ ڪيترائي ٻار تعليم حاصل ڪري رهيا آهن. آرٽ ۽ ادب جي انيڪ شخصيتن کي متعارف ڪرايو اٿن ته مهراڻ ميڊيا سروس پاران قرآن پاڪ جي جي ڪجهه سورتن جي ترجمن جون ۽ ٻيون سي ڊيون پروڊيوس ڪيائين.
    موجوده وقت، ڊاڪٽر ڪمال، وفاقي اردو يونيورسٽي ڪراچيءَ جي سنڌي شعبي ۾ سربراهه جي حيثيت ۾ ڪم ڪري رهيو آهي. هن”ڪارونجهر“ تحقيقي جرنل کي وڏي محنت ڪري هيڪ جي معيار تي آندو آهي ۽ سندن ايڊيٽريءَ ۾ اهو جرنل وفاقي يونيورسٽي جي سنڌي شعبي پاران شايع ٿي رهيو آهي. ڊاڪٽر ڪمال جي نگرانيءَ ۾ ڪيترائي شاگرد ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي ڪري رهيا آهن. ڊاڪٽر ڪمال جي ڇپيل ڪتابن ۾ وڏو انگ لوڪ ادب ۽ صوفي شاعرن جي باري ۾ آهي. سندن لکيل ۽ ترتيب ڏنل ڪتاب هن ريت آهن. ”شاهه عبدالطيف ڀٽائي ۽ پاڪستان ٻولين جا صوفي شاعر.“ 1998ع طارق عزيز شيخ سان گڏ، ”سنڌي ثقافت جا امر آواز“(2003) ”سنڌوءَ جا گيت“ (2008) هي ڪتاب ڊاڪٽر ڪمال جي پي ايڇ ڊي جي ٿيسز بعنوان”سنڌي لوڪ گيتن جو تحقيقي جائزو “آهي جنهن جو ڪتابي صورت ۾ ڇپجڻ مهل عنوان سنڌو جا گيت رکيل آهي ۽ ڪلچر ۽ ثقافت کاتي شايع ڪيو آهي.”ڪتيم ڪين ڪي“(مقالا)، لطيف شناسيءَ تي. 2014) ”ڪراچي جا اديب ۽ شاعر“(2007) ”لطيف ذهني چٽاڀيٽي“، (2005) ”سنڌي لوڪ ادب“(مضمون ۽ مقالا -2013) ”رسالو ڳجهارت“(2015) ”لوڪ رنگ لقمان جا“ (2015) ”پاڪستاني زبانون ڪا لوڪ ادب“(2015) ”سنڌي لوڪ ادب جو تحقيقي اڀياس“،(2016) ان کان سواءِ ڪي ڪتاب ۽ مخزن ايڊٽ ڪيا اٿن جن ۾ ڪارونجهر، وينجهار، موتي مور ملوڪ جا ۽ ٻيا ڪتاب آهن.
    لوڪ ادب تي لکيل سندن ڪتاب “ڪچهريءَ جا مور“ ۽ ”شاهه عبدالطيف ۽ پاڪستاني ٻولين جا شاعر“ موجوده وقت سي ايس ايس جي 2016ع جي نصاب ۾ شامل آهن. ”سنڌي لوڪ ادب جو تحقيقي اڀياس“،مارچ 2016ع ۾ سنڌيا پبليڪيشن شايع ڪيو جنهن ۾ سنڌي لوڪ ادب جي 1970ع کان 2013ع تائين ٿيل تحقيق جو جائزو ڏنل آهي ته ميمڻي لوڪ ادب ۽ محمد عثمان ڏيپلائيءَ جي لوڪ ادب لاءِ ڪيل خدمت ۽ سگهڙ محمد لقمان کوکر جي سگهڙائپ سان گڏ، سگهڙن جي پرامن سماج اڏڻ جي ڪردار تي روشني وڌل آهي ان کان سواءِ سنڌي لوڪ ادب جون تحقيق کان رهجي ويل صنفون پڻ ڄاڻايون ويون آهن.
    ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو، سنڌي لوڪ ادب ۾ ڪيل ڪم قومي سطح تي متعارف ڪيل رٿا مطابق محنت ۽ جفاڪشيءَ جو هڪ اعليٰ مثال آهي ان کان سواءِ پڻ اسان جي ڪجهه ليکڪن ۽ محققن هن ڏس ۾ ڪم ڪيو آهي. ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو جو پي ايڇ ڊي جو مقالو ”سنڌي لوڪ ادب جو تحقيقي جائزو “آهي. ان کان سواءِ عبدالحسين شاهه موسوي، الله بخش نظاماڻي، ڊاڪٽر نارائڻ ڀارتي، ڊاڪٽر ڄيٺو لالواڻي، ڊاڪٽر عنايت حسين لغاري، ڊاڪٽر علي اڪبر اسير قريشي، قاضي خادم، ڊاڪٽر نعمان گل پالاري ۽ ولي محمد پيرزادو ۽ ٻين جو ڪم ملي ٿو. ڪمال ڄامڙو صاحب مستقل هن موضوع تي لکي رهيو آهي. کين لوڪ ادب جي وڏي ڄاڻ آهي. هو سگهڙ ڪانفرنس لطيف سائينءَ جي عرس ۾ پابنديءَ سان شرڪت ڪندڙ آهي. لوڪ ادب ڪانفرنس منعقد ڪرائڻ ۽ ان ۾ پڙهيل مقالن کي ڇپرائڻ سندن وڏو ڪارنامو آهي.
    لوڪ ادب کي محفوظ ڪرڻ معنيٰ پنهنجي تهذيب، ثقافت ۽ تاريخ کي هميشه لاءِ زنده ڪرڻ، اهو صدري خزانو جن اڻ ملهه شخصيتن جي دلين ۾ موجود آهي ان کي ڪاغذ تي منتقل ڪرڻ لاءِ محققن کي وڏيون محنتون ڪرڻيون پيون آهن. ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو موجب ته:
    ”اهي سادي قوت قرارا، جڏهن به صدري خزاني وارا موتي هاريندا، تڏهن ٻڌندڙ دنگ رهجي ويندا ته سادي سيني مان ڪهڙا نه ملهه مهانگا موتي ملن ٿا. هر ادب جي ملڪ جو سينگار، اهي ئي لوڪ ادب جا ماڻڪ موتي لعل آهن.“(1)
    اهڙن جاکوڙين جن لوڪ ادب کي محنتون ڪري محفوظ ڪيو آهي ۾ ڊاڪٽر ڪمال الدين جو نالو وڏي عزت ۽ احترام سان ورتو وڃي ٿو. لوڪ ادب جي اهميت ڄاڻائيندي، ڊاڪٽر ڪمال لکيو آهي ته:
    ”اسان جي سموري ادب جي پيڙهه لوڪ ادب آهي. چوندا آهن ته پيڙهه مضبوط هوندي ته ڀت/عمارت به سگهاري هوندي. جيڪڏهن اسان جو لوڪ ادب سگهارو نه هجي ها ته ڪلاسيڪي ۽ جديد ادب به سگهارو نه هجي ها. پر افسوس آهي ته اسان هن وقت پيڙهه جي مرمت نه پيا ڪريون جنهن ڪري عمارت کي نقصان پيو پهچي.“(2)
    لوڪ ادب جي اهميت ۽ افاديت ادب ۾ مسلم آهي. جيڪا هر دور ۾ مڃي ويئي آهي. ڊاڪٽر ڪمال هن ڏس ۾ لکيو آهي ته: سڄيءَ دنيا جي ادبن ۾ لوڪ ادب کي بنيادي حيثيت حاصل آهي. ادب عام طور تي ۽ لوڪ ادب خاص طور تي ٻولين ۽ ثقافتن کي بچائڻ، اڳتي وڌائڻ ۽ ٺيٺ لفظن کي سانڍڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو.“ (3)
    ٻين لفظن ۾ ائين چئي سگهجي ٿو ته لوڪ ادب اسان جي ٻوليءَ جو محافظ آهي. جنهن کي هر قيمت ۾، هر دور ۾ سڄاڻن معرفت محفوظ ڪرڻ ۽ پکيڙڻ گهرجي ته جيئن سنڌي ٻولي وڌي ويجهي ۽ ترقي ڪري.
    ڊاڪٽر ڪمال جو هڪ ڪتاب”ڪچهريءَ جا مور“ هن ڏس ۾ خاص حيثيت رکي ٿو. هي ڪتاب، ثقافت کاتي 2013ع جي ڊسمبر ۾ شايع ڪيو آهي. هن ڪتاب ۾ ڊاڪٽر ڪمال وڏيءَ محنت سان، تحقيق بعد چونڊ سگهڙن جو تعارف ۽ سندن فن کي پيش ڪيو ويو آهي. پنجونجاهه سگهڙن جو تعارف ۽ ڪلام ڏنل آهي. ان کان سواءِ سگهڙن جون تنظيمون ذڪر ڪيون ويون آهن ۽ مشهور سگهڙن جي ڪتابن جو تعارف ۽ تبصرا پڻ ڏنل آهن جنهن ۾ استاد محمد ملوڪ عباسيءَ جا، ”مورتي مور ملوڪ جا“ ۽ ”موتين مٺ ملوڪ جي“، استاد عبدالرحمان مهيسر جا ڪتاب ”مهيسر جي مام“ ”مهيسر جي مرڪ“ ۽ ٻيا، محمد لقمان کوکر جا ”لاتيون سڻ لقمان جون“، ”لعل ڪڻا لقمان جا“، ”لوچون ڏس لقمان جون“، فقير هدايت جو ”سگهڙ ڪچهري“، وريام فقير شيخ جو، ”سچ ۽ سونهن وريام جي” ديدار علي سيال جو، ”ديس وسي ديدار اسان جو“، علي نواز وڳڻ جو، ”وڳڻ جا ويچار“، گل محمد غازيءَ جو ”گفتا گل محمد جا“ نظير احمد ميمڻ جو”صدين جي سوغات“ محبوب علي ڏيپر جو، ”پنهنجي شاعري پنهنجو رنگ“ ۽ ٻين سگهڙن جا ڪتاب ذڪر ڪيل آهن. هن ڪتاب جي شروع ۾ ڊاڪٽر صاحب طويل مقدمو موضوع جي حوالي سان ڏنو آهي. جيڪو صفحي 9 کان 73 تائين ڏنل آهي. هن مقدمي ۾ مفصل نموني تي ڪمال صاحب ڪچهريءَ جي اهميت ۽ اوطاقن کي آباد ڪرڻ لاءِ سگهڙن جو شوق ڄاڻايو آهي جيڪي پنهنجي هڙان وڙان خرچ ڪري پڻ اوطاقن کي آباد رکندا اچن ۽ ڪچهرين جا ڪوڏيا پيا گڏجي ڳجهارتون ۽ بيت ڏين ته راڳ ۽ رنگ قائم رکن. اوطاقن جي اهميت سُگهڙ گل محمد غازيءَ جي حوالي سان چئي اٿن ته:
    الله تون اوطاقين کي، سکيو رک سهنجو،
    سک ڏسن سدائين، اصل نه ڪرين اهنجو،
    ڪنهن کان گهرن ڪينڪي، پاڪ ڏين پنهنجو
    سُڻي سوال منهنجو، ڏين گنج”گل محمد“ چئي.

    ڊاڪٽر صاحب موجب ته اهي ڪچهريون ئي آهن جيڪي انساني اندر کي سرور ۽ آنند ڏين ٿيون. انتهاپسنديءَ کي روڪڻ جو ذريعو آهن ته امن امان قائم ڪرڻ جو هٿيار آهن، محبتن ۽ محبتين جا شل سدائين ميڙا متل هجن. هن ڪتاب ۾ ليکڪ ڪيترين لوڪ صنفن جو ڪچهريءَ جي حوالي سان تفصيل ڏنو آهي. حمد، مولود شريف، مناقبو، منقبت، معجزو، سماع، پرولي، ڳجهارت، ڏور، ڏهس، سينگار، ست سُريون، پنجڪا ، ٽيهه اکري ۽ ٻيون چند صنفون شامل آهن. هي هڪ قيمتي ڪتاب آهي جنهن کي پڙهڻ سان پنهنجي تهذيب، ثقافت ۽ ٻوليءَ لاءِ خوشيءَ جو احساس وڌي ٿو. ڊاڪٽر ڪمال صاحب جو پنهنجي ٻولي، ڌرتي، علم، ادب ۽ ثقافت سان محبت ۽ محنت جو هيءُ سفر جاري ۽ ساري آهي خدا پاڪ کين وڌيڪ ڪاميابيون عطا ڪري.

    حوالا
    1- سنديلو، عبالڪريم ڊاڪٽر،”لوڪ ادب جو تحقيقي جائزو“
    انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي ڄامشورو، 1986، ص.1
    2- ڄامڙو ڪمال، ڊاڪٽر،”سنڌي لوڪ ادب(تحقيقي اڀياس) سنڌيا
    پبليڪيشن، 2016ع ص.8
    3- ڄامڙو ڪمال الدين ڊاڪٽر،”پاڪستان زبانون کا لوڪ ادب) سنڌي
    شعبو ، وفاقي اردو يونيورسٽي، ڪراچي، 2015ع، ص.220
    4- ڄامڙو ڪمال، ڊاڪٽر، ”ڪچهريءَ جا مور“ ثقافت کاتو، حڪومت سنڌ،
    ڪراچي. 2016، ص. 10


    ڊاڪٽر عابدہ گهانگهرو جو فن: تحقيقي جائزو

    ڊاڪٽر عابدہ گهانگهرو جو فن: تحقيقي جائزو
    عابده گهانگهرو، محرابپور، تعلقو ڪنڊيارو، ضلعو نوابشاهه ۾ 24 نومبر 1969ع تي جنم ورتو. هن شروعاتي تعليم محرابپور مان حاصل ڪئي. اڳيان هلي شاهه عبدالطيف يونيورسٽي خيرپور ۽ ڪراچي يونيورسٽي ۽ فيڊرل اردو يونيورسٽي، ڪراچي مان بي اي، ايم اي ۽ پي ايڇ ڊي ڪيائين سندس تحقيق جو موضوع.”سنڌي شاعريءَ ۾ ترقي پسند نظريا ۽ لاڙا.“ آهي.
    ادبي دنيا ۾ سندس پهريون مضمون 1991ع ۾ شايع ٿيو ۽ ان کان پوءِ ڪهاڻي جي صنف ڏي رجحان ٿيس. 1997ع ۾”عوامي آواز“ اخبار ۾ عورتن جو صفحو”سورمي“ سنڀاليائين جنهن ۾ پڻ سندس ڪهاڻيون ڇپيون. تحقيقي ڪم ۾ اچڻ کان پوءِ سندس لاڙو مقالن ڏي رهيو. هوءَ استاد طور تدريسون خدمتون سرانجام ڏيئي رهي آهي. سندس تحريري فن ۾ مضمون، مقالا، ڪهاڻيون ۽ ٻارن لاءِ آکاڻيون شامل آهن جن جا سندس ٻه ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن. ”تخليق جو انت“(ڪهاڻيون) ۽”ماريه ميز ۽ لائبريري“ (ٻارن لاءِ ڪهاڻيون)، ”تخليق جو انت“ ڪتاب کي مهراڻ ميڊيا سروس وارن، سُرهاڻ ويلفيئر سوسائٽيءَ جي سهڪار سان 2014ع ۾ شايع ڪيو. جنهن ۾ 18 مختصر ڪهاڻيون آهن جن جا عنوان”الا ڏاهي مَ ٿيان، ”ليکڪا ۽ خوف“ ”خود غرض ماءُ“، ”غيرتي ڀاءُ“، ”زال جي نوڪري“، ”مهرالنسا“، ”اسٽيٽس“، ”انصاف کپي“ ۽ ٻيا آهن. ڪتاب جو انتساب شهيد نظير عباسي جي ونيءَ حميده گهانگهرو جي نالي آهي. ڊاڪٽر خورشيد عباسي، زوار پيرزادو، حميده گهانگهرو ۽ طاهره ڏيرو طرفان ڪتاب جي باري ۾ تاثرات ڏنل آهن. ڊاڪٽر عابده گهانگهرو جون هي ڪهاڻيون ساديون سوديون بناوٽ ۽ تصنع کان پاڪ، حياتيءَ جي حقيقت نگاريءَ تي مشتمل آهن. روزمره جا واقعا آهن. جيڪي فڪشنائيز ڪيا ويا آهن. جن جو اصل موضوع ۽ مقصد عورت ذات جي استحصال خلاف آواز اٿارڻ آهي. ليکڪا ڄاڻائڻ چاهيو آهي ته پڙهيل ڳڙهيل عورت کي ڪيتري قدر برداشت ڪرڻو ٿو پوي ۽ ڪيئن من مارڻو ٿو پوي؟. گڏ جيڪڏهن هوءَ نوڪري نٿي ڪري ته به قصوروار ۽ جيڪڏهن ڪري ٿي ته به قصوروار. پنهنجي ذهني سڪون ۽ گهر جي بهتريءَ لاءِ کيس ئي همٿ ڪرڻي آهي. اهڙا ڪردار پيش ڪري ليکڪا عورت کي دلي قوت ڏني آهي. سورٺ جو سوڍل کي سمجهائڻ، مارئيءَ جو پنهنجي ور ظفر جي يو اين او جي ايوارڊ حاصل ڪرڻ لاءِ جتن ڪرڻ، ريحانه فتح علي جو پنهنجي ڪيريئر ۾ ڪاميابي حاصل ڪري سياست کي منهن ڏيڻ(هوءَ يونيورسٽي ۾ پنهنجو سبجيڪٽ تبديل ڪري ٿي پر مقصد ماڻي اڳيان وڌي ٿي،) يا ڊاڪٽر سعيده جو سمجهه سان مسئلي کي منهن ڏيڻ اهي سڀ بهادر ۽ سمجهدار عورتون ليکڪا ذڪر ڪيون آهن ته ڪٿي ڪٿي هن مايوسيون پڻ بيان ڪيون آهن جيئن انيلا يا مهروءَ جي بيوسي(ڪهاڻي مهرالنساءَ) ُمرڪ (ڪهاڻي مرڪ) صفيه(الا ڏاهيءَ مَ ٿيان) ۽ـ چند ٻيا ڪردار آهن.
    عابده گهانگهرو جون هيءُ ڪهاڻيون سندس ادبي سفر جي شروعات آهن جيڪي تقريبن 2000ع جي دور کان لکيل آهن اڄ انهن ڪهاڻين کي 16 سال گذري چڪا آهن هن حساس ليکڪا وٽ عورت ذات جي ڏکن لاءِ دکي دل آهي هوءَ سندس غمن ۾ ڀائيوار ڏسڻ ۾ اچي ٿي ائين لڳي ٿو هن وڏيءَ دل سان لکيو آهي پر ڪٿي ڪٿي تسلسل جي ڪمي محسوس ٿئي ٿي ته ڪتاب ۾ ڪجهه بيهڪ جون نشانيون ۽ اعراب صحيح نموني ڏنل نه آهن. جيڪا پروف جي غلطي چئي سگهجي ٿي. ٻوليءَ جي حوالي سان سندس تحريرون متاثر ڪن آهن. جن ۾ خاص طور چند ڪهاڻيون سٺي ڪلائيميڪس ۽ موضوع جي حوالي سان منفرد آهن جيئن پر اعتماد چهرو، غيرتي ڀاءُ، تحقيق، ليکڪا، ايوارڊ، اسٽيٽس ۽ تخليق جو انت آهن. ٻوليءَ جو استعمال هن ريت آهي ڪهاڻي ”تخليق جو انت“ ۾ لکي ٿي ته:
    ”سيما جو مڙس سکيو ستابو ماڻهو هو، سيما جي مائٽن سندس اسٽيٽس ڏسي کيس سڱ ڏنو هو. ڄڻ کيس خدا سرٽيفڪيٽ ڏنو هو ته سيما پٽ ڄڻيندي سو هنن سيما کي ان اوڙاهه ۾ اڇلايو هئو. هوڏانهن سيما جو مڙس جيڪو پهرين زال مان ڇهن ڌيئرن ڄمڻ ڪري بيزار ٿي پيو هو، ان هيءَ ٻي شادي گهٽ پر پٽ ڄڻن جي لاءِ هڪ پروجيڪٽ سائين ڪيو هو. مٿان سيما کي اهو الٽيميٽم ته پٽ نه ڄڻڻ جي صورت ۾ هوءَ مائٽن وٽ ويندي بلڪل ائين جيئن پروجيڪٽ ناڪام ٿيڻ جي صورت ۾ ملازمن کي گهر موڪليو ويندو آهي.(ص.79)
    نصير سومرو هن ڪتاب جي تبصري ۾ لکيو آهي ته، ”جڏهن عورتن جي حقن بابت ليکڪائون لکنديون آهن ته جهڙڪر مرد ۽ عورت درياءَ جا ٻه ڪنارا محسوس ٿيندا آهن جيڪي ڪڏهن به ملي نٿا سگهن پر هن ڪتاب ۾ مرد بابت ليکڪا جا ويچار منصفاڻا آهن. اهو به لکيو اٿس ته هن ڪتاب ۾ شامل ڪيتريون ڪهاڻيون اهڙيون آهن جيڪي ناٽڪ جي رنگ ۾ اچي سگهن ٿيون.“ (ڪاوش دنيا)
    ڊاڪٽر عابده جو تخليقي سفر جاري ۽ ساري آهي. سندس ايندڙ ڪتابن ۾ ”سُکن واري سڌ“ (مضمون ۽ مقالا) ”سنڌي ٻوليءَ تي عربي ٻوليءَ جو اثر“(تحقيق) آهن.

    حوالا:
    1- گهانگهرو، عابده ڊاڪٽر، ”تخليق جو انت“ مهراڻ ميڊيا سينٽر، ڪراچي، 2014ع ص.79
    2- سومرو نصير، ڪاوش دنيا مئگ روزاني ڪاوش ڪراچي.


    ”وصيت نامو“ جو خالق انور ڪاڪا

    ”وصيت نامو“ جو خالق انور ڪاڪا
    انورالدين انور ڪاڪا، نيوسعيدآباد جي ويجهو هڪ ڳوٺ ۾ 1978ع ۾ جنم ورتو. سندس بنيادي تعليم پنهنجي تر مان رهي، اڳيان هلي سنڌي ادب ۾ ايم اي ڪري 2005ع ۾ سنڌيءَ جو ليڪچرر مقرر ٿيو. موجوده وقت ملير ڊگري ڪاليج ۾ پڙهائي رهيو آهي. انور ڪاڪا بنيادي طور ڪهاڻيڪار آهي. ڪهاڻين لکڻ جي شروعات ڪاليج جي زماني کان ڪيائين، جنهن جو ڪتابڙو ڇپيو پر سندس ڪهاڻين جي مجموعي”نڙيءَ ۾ اٽڪيل سج“ کيس جديد ڪهاڻيڪارن جي صف ۾ اڳيان آندو آهي. اهو ڪتاب ڪنول پبليڪيشن 2015ع آڪٽوبر ۾ شايع ڪيو. هن مجموعي ۾ 24 ڪهاڻيون آهن جن جا عنوان ”ٽيڙو“، ”مسجد جون اکيون“، ”نڙيءَ ۾ اٽڪيل سج“، ”روزي“، ”دوزخ جي ڇانو“، ”مندر“، ”روڳ“ ۽ ٻيا آهن.
    شاعر جي حيثيت سان نثري نظم جي مجموعي”وصيت نامو“ تحت انور پاڻ کي مڃايو. ُوصيت نامو“ کي پڻ ڪنول پبليڪيشن قمبر شايع ڪيو آهي. 2013ع ۾ ڇپيل هن ڪتاب ۾ 147 نثري نظم ڏنل آهن. 316 صفحن جي هن ڪتاب جو مهاڳ ايوب کوسو لکيو آهي ته مولابخش ڪاڪا، غوث پيرزادو، ڊاڪٽر مخمور بخاري، سهيل ابڙو، محمد صديق ۽ منور جوڻيجو جا هن ڪتاب تي تاثرات لکيل آهن. نثراڻي نظم جي هن ڪتاب جي ارپنا ميڊم مهتاب اڪبر راشدي ۽ مولابخش ڪاڪا جي نانءُ آهي. جن زندگيءَ جي ڏکي پل تي سندس مدد ڪئي ۽ جيئڻ جو اتساهه ڏنو.
    نثر ۽ نظم ادب جون اهم شاخون آهن. نظم ادب جو اهو قسم آهي جيڪو دنيا جي هر ادب ۾ اوائلي حيثيت رکي ٿو. سنڌي ادب جي نظمي حصي ۾، بيت، وائي، ڪافي، غزل، دوهو، قطعو، سانيٽ، ترائيل، نظم، آزاد نظم، نثراڻو نظم ۽ ٻيون صنفون شامل آهن. نثراڻو نظم شاعريءَ سان لاڳاپيل هوندي به نثر جو پڻ اهم حصو شمار ٿئي ٿو. هن صنف جي شروعات 1897ع ۾ ٿي. هن صنف جي باري ۾ انسائيڪلو پيڊيا ۾ هن ريت وضاحت ٿيل آهي.
    Prosepoem, brief composition that may contain all the attributes of lyric poetry but that is set on a page as prose The form was introduced in to French literature by Jacques Bertrand in 1897.
    شاعري ۽ نثر جي هن امتزاج کي نثري نظم يا نثراڻو نظم چيو وڃي ٿو. جو ادب ۾ اهميت رکندي دنيا جي تقريبن هر ادب ۾ ملي ٿو. سنڌي ادب ۾ هن صنف جا بنيادي اهڃاڻ سترهين ۽ ارڙهين صديءَ جي علمي مايي مان ملن ٿا. مخدوم ابوالحسن جي سنڌي ۽ مخدوم جعفر بوبڪائي ۽ ٻين جي تصنيفات جا جيڪي جملا نثر جو حصو شمار ڪيا وڃن ٿا . تحقيق اهي نثراڻي نظم تي مشتمل آهن. جيئن”ڀلا پير پٺا، هڪ مئا ٻيا ٽٺا“ اڳيان هلي جديد نثري نظم متعارف ٿيو جو ورهاڱي کان اڳ لالچند امر ڏنو مل جي”سدا گلاب“ کان شمار ٿيو. موجوده دور تائين ڪيترن ئي نثر نگارن ۽ شاعرن هن صنف ۾ لکيو آهي. نارائڻ شيام۽ شيخ اياز کان وٺي هلندڙ دور تائين اياز گل، انور ڪاڪا ۽ ٻين شاعرن ۽ شاعرائن جا لکيل انيڪ سهڻا نثري نظم ملن ٿا. پر هن هڪ صنف تي مڪمل ڪتاب ٿورا آهن جن ۾ انور ڪاڪا جو،” وصيت نامو“ خاص حيثيت رکي ٿو.
    ”وصيت نامو“ پڙهڻ بعد ائين به لڳي ٿو ته ڄڻ انور نثري نظم ۾ مختصر ڪهاڻيون لکيون آهن. جي مڪمل تاثر ۽ آهنگ سان ذهن تي حاوي ٿي اثر ڇڏين پيون.”وصيت نامو“ ڪتاب جي نثري نظمن جا عنوان”تون“ ”نجومي“، ”الائي ڪنهن جي ڪهاڻي...“ ”صحرا، سمنڊ تون ۽ مان“، ”اوجاڳي کان پوءِ“، ”اَنَ جو داڻو“، ”ڳوڙهن جون قبرون“، ”فرق“، ”مقابلو“، ”ڦاهي“، ”انا پرستي“، ”ماچيس“، ”محبت کان اڳتي“، ”صوف“، ”هڪ چميءَ جي صدا“، ”نابين شخص“، ”هڪ الوداعي نظم“، ”هڪ معصوم نظم“، ”مشڪرو“، ”سبق“، ”سچ“، ”مون کي پهرين ويساهه ڏيار“ ۽ ٻيا آهن. جن جي اڳيان ڪتاب جي فهرست ۾ صفحو نمبر ڄاڻايل نه آهي. هنن نثري نظمن ۾ انور ڪاڪا، زندگيءَ جون حسناڪيون، حقيقتون، هيبتون، دهشتون، نفرتون، محبتون، عقيدا، وهم وسوسا، خوف، ڏک ۽ ڪيترائي احساس اوتيا آهن. هي حساس شاعر ُدکي آهي، سنڌو درياهه ۾ اڏامندڙ واريءَ تي، سڙي ويل پنن تي، انساني اندر جي اونداهين تي، هزارن گهرن جي بک جو کاڄ ٿيڻ تي، ڀاءُ جي ڀاءُ سان دشمنين تي، شهرن جي ويران گلين تي، دوستين ۾ لڪل دشمنين تي، نفرتن جي انتهائن تي، فٽ پاٿ تي اڃايل ۽ بکايل ٻارن تي، يتيم ٻارن جي يتيميءَ جي بي وسيءَ تي، پنهنجي ڪيل نافرمانين ۽ لاپرواهين تي، ڏکن ۽ بکن تي، مطلب ته وٽس هر ننڍي ننڍي حياتيءَ جي ڏک جي حقيقت آشڪار آهي. اَنَ جو داڻو نظم ۾ لکي ٿو ته:
    هن کي بک
    بيحد ستايو
    هن ٻي ڪا واهه نه ڏسي
    بک کي پنهنجي ٻنيءَ ۾ پوکي ڇڏيو ته،
    سوين ان جا داڻا ُڦٽي نڪتا
    پر هو پوءِ به بضد آهي ته
    ُبکَ اَنَ جي داڻي مان ئي جنم وٺندي آهي.(2)
    انور ڪاڪا فطرت جو شاعر آهي ُهو وڻن ٽڻن، کنوڻين، انڊلٺن، بارشن، ساوڪن، خوشين، روشنين، چانڊوڪين، پکين جي مڌر ٻولين، ماڪ ڦڙن جي ڪوملتائن، نيڻن ۾ سمايل محبتن ۽ چانڊوڪين جي چانڊاڻن ۾ انيڪ رنگ فطرت جي حسن جا پسي ٿو.
    هو محبت جو شاعر آهي جنهن جا مثال پڻ سندس ڪئين نظم آهن خاص طور ”ساهن جي خوشبو، ”ڪافر ڇوڪريون“، ”گل خوشبو ۽ لڪيرون“، ”هوا جي چپن تي ڪا دعا آهي“. ”مان سوچيان ٿو“ ۽ ٻيا ڪافي نظم آهن. سندس نظم، ”عيد واڌايون“، هڪ اهڙو مڪمل طويل نثري نظم آهي جنهن ۾ هن سنڌ جي چپي چپي سان پنهنجي محبت ۽ عقيدت جو اظهار ڪيو آهي. ائٽمي جنگ کان کيس نفرت آهي هو ناانصافين ۽ بي رحمين خلاف واڪا ڪندي چوي ٿو ته:
    هڪ ڳيري جي دعا سان
    جنهن ڏينهن دنيا مان طوفان ٽري ويو
    ان ڏينهن هڪ ائٽمي ملڪ
    ناانصافي ۽ غلط بياني ڪندي
    هڪ غريب ملڪ تي حملو ڪري ڏنو ته،
    ڏک ۾ ان ڳيري خودڪشي ڪري ڇڏي
    ۽ سندس آکيرو الائي ڪاڏي اڏامي ويو
    پر سڄي دنيا مان ڪنهن به مذمت نه ڪئي
    انصاف واريون عدالتون، ٻوڙيون ۽ گونگيون بڻيل رهيون
    بس اَنَ جي داڻي مان منهن ڪڍندڙ
    هڪ سائي سِلي احتجاج طور
    پنهنجي طويل سجدي مان اٿي
    وڌيڪ ڦٽڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو
    ۽ اهو ڏينهن وقت کان اڳي رات ٿي ويو.(3)
    روزمره جي ننڍڙين ننڍڙين ڳالهين ۽ مختلف ڪيفيتن ۽ سوچن ۽ احساسن کي جڏهن تخليقڪار پنهنجو رت ۽ ست ڏيئي اوجاڳا ڪٽي تخليقي ڪرت سان وڏي سوچ ۽ ويچار سان، وڏيءَ دلچسپيءَ، ذوق ۽ شوق سان ڪاغذ جي ڪينواس تي آڻي ٿو تڏهن سندس اندر جي پيڙا جا عڪس ڏات جي صورت ۾ پڙهندڙن ۽ ٻڌندڙن تي جادوئي اثر رکن ٿا. ائين ئي انور ڪاڪا هڪ هڪ ڪيفيت ۽ احساس کي چٽڻ مهل پنهنجو اندر اوتيو آهي. هڪ بيروزگار نوجوان جا احساس بيان ڪندي چوي ٿو ته:
    هو بيروزگار نوجوان
    جنهن کان سندس دوستن کي،
    اڪثر اها شڪايت هوندي آهي ته
    هو ساڻن محفل ۾ گڏ هوندي به،
    گڏ نه هوندو آهي.
    سندن اها شڪايت پنهنجي جاءِ تي،
    صحيح به ٿي سگهي ٿي،
    پر هو ته هميشه سندن ٽهڪن ۾،
    نوڪريءَ جا اشتهار پيو ڳوليندو آهي.(4)
    انور فقط هڪ ئي صنف ۾ شاعري ڪئي آهي پر ڀرپور لکيو آهي. خاص طور سندس موضوع فطرت آهي جنهن ۾ انساني زندگيءَ جا ڪئين رنگ سمايل آهن. هو سنڌي ٻولي ۽ ادب جو خدمت گذار آهي. سندس ڪتابن”وصيت نامو“ ۽ ”نڙيءَ ۾ اٽڪيل سج“ کان پوءِ اميد ته هي جوان پنهنجو تخليقي سفر جاري رکندو ۽ سندس حوصلا بلند رهندا. سنڌ ۽ سنڌ واسين کي پنهنجي قلم جي جنبش سان نيون نيون تخليقون ڏيندو رهندو.

    حوالا:-
    1- Encyclo padia britanica 15th edition p-734
    2- ڪاڪا انور،”وصيت نامو“ ڪنول پبليڪيشن قمبر، 2013ع
    3- ايضا ص- 240
    4- ايضا ص-118


    ماهين هيسباڻي: بحيثيت شاعره

    ماهين هيسباڻي: بحيثيت شاعره
    ماهين هيسباڻي نوشهروفيروز ۾ غلام مرتضيٰ هيسباڻيءَ جي گهر ۾ پهرين اپريل 1976ع تي جنم ورتو. هن نياڻيءَ کي ننڍپڻ لاڪون علم، ادب سان پيار هيو. سندس ماءُ ماريه بلوچ چواڻيءَ ته، شاعريءَ سان ماهين کي روحاني لڳاءُ آهي. جنهن عمر ۾ ڇوڪريون گڏو گڏي راند ڪنديون آهن مون هن کي لکندي پڙهندي گهر جي ڪنڊ ۾ اڏيل ننڍڙي نيلام گهر جي ميزباني ڪندي شعر پڙهندي ڏٺو“. ۽ هن ڪيترن ئي ادبي پروگرامن ۾ ۽ پروگرامن جي ميزباني ڪندي انيڪ شعر سهڻي تلفظ ۽ ادائيگيءَ سان پڙهيا ۽ جهونگاريا آهن. سندس پهرين سڃاڻپ شاعريءَ کي سهڻائيءَ سان پڙهڻ هئي ۽ ٻي سڃاڻپ ذاتي مجموعي ”تون“ جو ڇپجڻ رهي. جنهن سان هوءَ هڪ شاعره جي حيثيت ۾ صاحبِ ڪتاب ٿي سامهون آئي آهي.
    ماهين شاعره هئڻ سان گڏ ڪالم نگار، ڪمپيئر ۽ جرنلسٽ آهي. هن پبلڪ ائڊمنسٽريشن ۾ 2001ع ۾ ايم اي ڪئي ته سنڌي ادب ۾ 2006ع ۾ فرسٽ ڪلاس ۾ ايم اي ڪيائين، ماهين جا ڪالم روزاني ڪاوش، عوامي آواز ۽ عبرت ۾ ڇپجي چڪا آهن جيڪي سياسي، ادبي، علمي ۽ سماجي موضوعن تي مشتمل آهن. سندس ڇپيل ڪتابن ۾”بينظير ڀٽو جون چونڊ لکڻيون“ (ترتيب) 2008ع، ”تون“ شعري مجموعو 2005ع ۾ ڇپيا آهن.
    ”تون“، ڪتاب 127 صفحن تي مشتمل آهي. جنهن ۾ بيت، دوها، ٽيڙو، چئوسٽا، نظم، گيت، وايون ۽ غزل آهن. ڪتاب جو مهاڳ، امداد حسينيءَ لکيو آهي ته مهتاب اڪبر راشدي ۽ حبيب جتوئيءَ پاران سندس فن جو جائزو ڏنل آهي. هن ڪتاب جو انتساب، سندس ماءُ ماريه بلوچ جي نانءُ آهي. جنهن ئي سندس شوق کي اتساهي پٺڀرائي ڪئي ۽ اهو ڪتاب وجود ۾ آيو. ”تون“ شعري مجموعو نظم سان شروع ٿئي ٿو سچ ته ادب جي شروعات نثر جي بجاءِ نظم سان ٿي آهي ۽ اهو به سچ آهي ته شاعريءَ جي شروعات عورت کان ٿي آهي. اها ماءُ جي هنج آهي. جتان ماءُ جي لوليءَ جي صورت ۾ شاعري اُسري آهي. عورتن ئي جذبن جي اظهار لاءِ ڳيچ، سهرا ۽ لوليون چيون. شاعري فقط ڏکن سکن ۽ محبتن جو عنوان نه آهي دراصل شاعري پنهنجي ارد گرد جي ماحول جي سياسي، سماجي، معاشي ۽ علمي حالتن جي عڪس سان گڏ مڙني انساني روين جي عڪاس آهي. شاعر جا احساس ۽ جذبا سهڻن لفظن جو روپ ڌاري سندس شخصيت جو آئينو ٿي سامهان اچن ٿا. ماهين جا احساس ۽ جذبا هن ڪتاب ۾ انهيءَ وقت جا آهن جڏهن هوءَ سندس چواڻيءَ ته”عشق جي عين کان به اڻڄاڻ هئي.“ سندس شاعريءَ ۾ خيالن جي گهرائي ۽ بيان جي روانيءَ سان گڏ ٻوليءَ جي سونهن آهي. جنهن ۾ وڏو ڪمال تجنيس حرفيءَ جي صنعت جو پڻ آهي. جيئن چوي ٿي ته:
    پهرئين پيار ۽ پيريءَ جي پيڙا ۾ ٿورو ئي فرق هوندو آهي.
    ڊاڪٽر منظور قادر لکي ٿو ته:
    ”ماهين جي شاعريءَ ۾ جيتري سادگي آهي، خيال جي اڏام اوتري اوچي ۽ مٿانهين آهي. سندس شاعري موکيءَ جي ان مڌ جيان آهي جنهن ۾ زهر جهڙي ڪڙاڻ به آهي ته مدهوشيءَ جهڙو سرور به آهي“. (1)
    سندس خيال جي بلنديءَ جي حوالي سان هتي چند مثال پيش ڪجن ٿا.
    پرين جن کان پنهنجا جدا ٿي وڃن ٿا
    خدا جو قسم سي جڏا ٿي وڃن ٿا
    نه ڪر پيار ماهين ايڏو انهن سان
    محبت مان جيڪي خفا ٿي وڃن ٿا.

    هيٺين چوسٽي ۾ درد جو اظهار ڪيترو نه اونهائيءَ سان ٿيل آهي.
    اندر اڌ لڳا پيا آهن
    سينا سڀ ُڇڳا پيا آهن
    سارا ساز ڀڳا پيا آهن.
    ڳايان گيت ڪيئن الا!مان،

    (2)

    نظم”اي ڄامشورا“ ۾ ڄامشوري جي هوائن، سپنن جي سنسارن، سهڻن مست نظارن، پيار جي ڪهاڻين ۽ حسن جي ادائن، کي هن دلفريب نموني سان پيش ڪيو آهي. ساڳيءَ ريت يونيورسٽي ۽ يادون پڻ هڪ بي انتها وڻندڙ نظم آهي هن ننڍڙي ڳٽڪي ۾ ماهين جو شاعراڻو اظهار جهجهين صنفن ۾ آهي. هوءَ چوڻ جو فن ڄاڻي ٿي. سندس چيل هڪ گيت جي لفظن جي اُڻت ڏسو:
    ماني پچايان، ويٺي واجهايان ڪڏهن ايندين ڍولڻا،
    ڏيئڙا ٻاريان، هر هر ساريان ڪڏهن ايندي ڍولڻا.


    تون ڪڏهن ايندين ڍولڻا.
    (3)

    شاعري ٿورن لفظن ۾ خيال جو اظهار آهي. ماهين جو هيءُ اظهار پيار، محبت ۽ رومانس ضرور آهي پر انهيءَ ۾ لفاظي نه آهي سنوان سڌا لفظ آهن. اثرائتا ۽ تزُ لفظ آهن، جن کي هن مختلف گهاڙيٽن اندر اوتيو آهي پر هوءَ مطمئن نه آهي کيس اڳيان وڌڻ جي جستجو آهي.
    چوي ٿي ته:
    آ درد ڏنو دورين، مون کي محبتون گهرجن،
    جيڪي ويون کسجي، سي قربتون گهرجن،
    مسجد مندر، چرچ ۾، ٿو ڇا ڳولين انسان؟
    افق تائين جي پهچن، سي عبادتون گهرجن،
    چون ٿا ته آهي، هڪ شاعره ماهين،
    مون کي ته شاعريءَ لاءِ، اڃان رياضتون گهرجن.
    (4)
    چندر ڪيسواڻي ماهين جي فن کي ڀيٽا ڏيندي لکيو آهي ته،”ماهين جي شاعري مفروضن کان آجي پروڙ ۽ پائڻ جي نئين جڳ ۾ ان جي اندر کي چٽي رهي آهي.“
    ماهين ڪيترن ئي ٽي وي چينلز جيئن، پي ٽي وي، آواز، مهراڻ ۽ ڪي ٽي اين تي پروگرام مئنيجر ۽ پروڊيوسر، نيوز ڪاسٽر ۽ ڪمپيئر طور ڪم ڪري چڪي آهي ۽ ڪري رهي آهي. سندس ور الطاف ميمڻ پڻ اليڪٽرانڪ ميڊيا سان لاڳاپيل آهي کيس ٻن نياڻين هڪ پٽ سنڌيار جو اولاد آهي سندس گهڻي توجهه ميڊيا جي ڪم تي هئڻ سبب آئون سمجهان ٿي سنڌي ادب کي نقصان ٿي رهيو آهي جو ماهين جو هڪ ڪتاب 2005ع ۾ آيو آهي ان کان پوءِ سندس ڪوبه ڪتاب نه اچي سگهيو آهي. هوءَ لکي رهي آهي پر وقت جي ڪميءَ سبب انهيءَ کي پڙهندڙن تائين پهچائڻ ۾ ڪجهه دير ٿي رهي آهي. اميد ته اڳيان سندس ٻيو ادبي پورهيو پڻ نروار ٿيندو.

    حوالا:
    1- قادر منظور/ سولنگي مصطفيٰ(ترتيب) ”سنڌ جون شاعر عورتون“، سنڌ
    راڻي پبليڪيشن حيدرآباد 2015ع، ص.174.
    2- هيسباڻي ماهين ”تون“ نئون نياپو پبليڪيشن، ڪراچي، 2013 ص
    -104
    3- ساڳيو حوالو، ص-104
    4- ساڳيو حوالو، ص-88


    دادا هولا رام هنس ۽ ”فلاسافي جيون جيئڻ جي“، تحقيقي نظر

    دادا هولا رام هنس ۽ ”فلاسافي جيون جيئڻ جي“، تحقيقي نظر
    موئن جو دڙي واري ماٿريءَ ۾ لاڙڪاڻي جي ڪپ وٽ قمبر ۾ جنم وٺندڙ دادا هولا رام هنس ننڍيءَ عمر ۾ سنڌ کي خيرباد چيو بيشڪ کيس هتان جون يادگيريون جهجهيون نه رهيون پر کيس سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ سان عقيدت جي حد تائين محبت رهي. هن پنجاهه سالن کان به وڌيڪ عرصو ”اکل ڀارت سنڌي ٻولي ساهت سڀا“ جي ساٿ سان سنڌي ٻولي ۽ ساهت جي واڌاري ۽ سڌاري لاءِ پاڻ پتوڙيو ۽ ان جي هر سال ٿيندڙ سيمينارن ۾ شرڪت ڪيائين. سندن اٿڻ ويهڻ وڏن ادبي شخصيتن جيئن اُتم، موتي پرڪاش، گوبند پنجابي، رام پنجواڻي ۽ ٻين ڪيترن سان رهيو. بيسٽ سنڌي سڀا معرفت پڻ وڏو ڪم ڪيائين سندن ڪتاب پڻ انهيءَ اداري مان گهڻي ڀاڱي ڇپيل آهن. هن ڪافي ڪتاب لکيا جن مان ڪيترا هندي، مرهٽي ۽ انگريزيءَ ۾ ترجمو ٿيا آهن. سندن ڪتاب ”ٽي عظيم شاعر“(شاهه، شيڪسپيئر ۽ مها ڪوي ڪاليداس) سنڌي ساهت گهر حيدرآباد شايع ڪيو. هڪ اهم ڪتاب”آتم ڪٿا هڪ اديب جي“ جو سندن يادگيرين تي مشتمل آهي. 2004ع ۾ ڇپيو. ان کان پوءِ سچيون ڪهاڻيون، مضمون ۽ ٻيا ليک لکيا اٿن. بنيادي طور فلسفيا نه خيال رکندڙ هولا رام صاحب جيون جيئڻ ۽ سهڻي جيوڻ جيئڻ جو قائل ۽ مثبت خيالن کي اهميت ڏيندڙ ۽ عمل ڪندڙ انسان رهيو. سندس چوڻ موجب ته:
    ”من کي ميزان ۾ رکڻ سان انسان وڏي آورجا ماڻي سگهي ٿو، سئو سالن تائين نِروڳي جيون جي سگهي ٿو. ڇاڪاڻ جو من جو ميزان تن جي توازن کي آڻي ٿو. پنجويهن سالن کان لکان پيو ۽ لڳاتار لکان پيو. لکڻ کان وڌيڪ پڙهندو آهيان. شهر ۾ ساهتيه ئي منهنجو سونهون ۽ ساٿي آهي... اکر ئي منهنجي پونجي آهن. منهنجي لاءِ ته زندگي هڪ سُرهاڻ جو سفر آهي.“(1)
    ”فلاسافي جيون جيئڻ جي“ هولا رام صاحب جو بيسٽ سنڌي سڀا ممبئي وارن طرفان 2000ع ۾ ڇپايل ڪتاب آهي جو فلاسافيڪل مضمونن تي آڌاريل آهي. مضمون نويسي هڪ اهڙو پُر اثر مشغلو آهي جنهن جا گوناگون موضوع هجن ٿا. چاهي اهي مضمون ادب تي هجن يا اخلاق تي، مذهبي هجن يا فلسفي تي پر اهي پنهنجي پڙهندڙ تي جيڪو اثر ڇڏين ٿا انهي جي پويان لکندڙ جي شخصي هنر جو وڏو ڪمال ٿو هجي هن لاءِ موضوع مطابق مضمون جي ٻولي پيش ڪرڻ ضروري آهي. مضمون تاريخي آهي، سياسي، ادبي، علمي يا فلسفياڻو آهي ته ليکڪ کي ٻوليءَ جي حوالي سان اهو ڌيان ڌرڻو آهي ته هو موضوع مطابق لکي ڇو جو مضمون اهڙي صنف آهي جنهن ۾ مضمون نگار جو ادبي ۽ شخصي عڪس موجود هجي ٿو.
    مون پنهنجي ڪتاب”اٿي رائو ريل“ ۾ اها وضاحت تفصيلي طور ڪئي آهي پر هتي اهو حوالو دهرائيندي مختصر طور اهو چونديس ته، ”مضمون ۾ مضمون نگار پنهنجي خيالن ۽ ويچارن کي ڪنهن به موضوع تي پيش ڪري ٿو. جنهن ۾ سندس ڄاڻ، مطالعو ۽ دماغي شخصيت ظاهر ٿين ٿا ۽ اهو هڪ موضوع سان لاڳاپيل هئڻ ضروري آهي ۽ ان ۾ هاڪاري ۽ مثبت پيغام هئڻ گهرجن، جو ادب مثبت خيالن کي فوقيت ڏيئي، سماج جي سڌاري جو پيغام ثابت ٿئي ٿو.(2)
    محترم هولا رام جو فلاسافيڪل مضمونن جو مجموعو هڪ اهڙو ئي سماج جي سڌاري جو پيغام آهي. هيءَ مختصر پر هڪ جامع ڪتاب آهي. جو هر گهر جي لائبريريءَ جي زينت هئڻ گهرجي. پنجيتاليهن مضمونن ۽ ڇانوي صفحن تي آڌاريل هن ڪتاب جو مواد گهاٽو ۽ ڪارائتو آهي. ٽائيٽل ڪور تي ڊگها وڻ ڏنل آهن جن منجهان سج جي روشني ليئا پائي رهي آهي. جنهن جي لاءِ ڄاڻايو ويو آهي ته وڻ ۽ سج ڄاڻ جا اهڃاڻ آهن.”فلاسافي جيون جيئن جي“ ڪتاب جي مضمونن جا موضوع، ”فلاسافي آهي. گيان ۽ سچ“، ”گيان ۽ سڃاڻپ“، ”آدمي خدا کان جدا نه آهي“.“ آتما امر آهي“، ”آتم وشواس“، ”ڪرم وڏو يا قسمت“، ”من ئي سچو سونهون آهي“. ”چنتائن کان ڪيئن ڇُٽجي“ ”صحتمند ۽ نروڳي آورجا ماڻڻ جا راز“، ”پورهيو به هڪ قسم جي پوڄا آهي“.”ارٿ شاستر“ ۽ ”اڄ جو انسان“ ”ٽيڪنالاجي“، ”وڏن ماڻهن جون وڏيون ڳالهيون“ ۽ ٻيا مضمون آهن.
    هي مضمون فلاسافي لفظ جي وضاحت سان گڏ، انساني حياتيءَ ۾ انهيءَ جي اهميت کي واضح ڪن ٿا ته گڏوگڏ حياتي گهارڻ جا مول متا پڻ ڄاڻائين ٿا.
    انسان، انساني زندگي، ان جو سماجي ڪارج، بندي ۽ مالڪ جو تعلق، زندگي ۽ موت جو ڳانڍاپو، ڪائنات جي گود ۾ ويهي ڪائنات جا اسرار سمجهڻ، ڌيان ۽ گيان، علم، سمجهه، سياڻپ، سادگي، خوش مزاجي، سائنس ۽ سياست مطلب ته حياتيءَ جي گهڻن رُخن کي هن مختصر ڪتاب ۾ سهڻائيءَ سان سمايو ويو آهي ۽ ليکڪ موجب ته:
    ”فلاسافيءَ جي معنيٰ آهي سچائي ۽ سٺائيءَ لاءِ ڇڪ“
    فلاسافر معنيٰ رهبر، گرو، اڳواڻ، فلاسافيءَ جو واسطو گيان سان آهي ۽ گيان جو واسطو ڏاهپ ۽ سڃاڻپ سان آهي ان ڪري فلاسافر کي ڏاهو به ڪري ڪوٺيندا آهن.
    هن ڪتاب ۾ هندو ازم، تائو زم، ٻڌ يزم، سکزم، ڪرسچينٽي ۽ اسلام سان گڏ ٻين مذهبن جي رهبرن ۽ اڳواڻن ۽ ڌرمي ڪتابن جيئن، گيتا، رامائڻ، بائيبل، ڪلپ سوتر، زينڊ اويستا، قرآن پاڪ ۽ ٻين مان حوالا ۽ سمجهاڻيون ڏنل آهن ته مشهور شخصيتن، حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وسلم، حضرت علي، حضرت عيسيٰ، رام ڪرشن، گرو نانڪ، ارسطو، افلاطون، سقراط، حافظ، جامي، شاهه لطيف، سنت ڪبير، رابعه بصري، شيخ سعدي، شيڪسپيئر، ڪارل مارڪس، گوئٽي، ٽالسٽاءِ، نيپولين بونا، پارٽ، ابراهيم لنڪن، ٽئگور، غالب، علامه اقبال، خليل جبران ۽ ٻين ڪيترن جي چوڻين کي بيان ڪيو ويو آهي.
    دادا هولا رام لکي ٿو ته:
    ”فنڪار، ڪلاڪار، سائنسدان، ديش ڀڳت، دانوير ۽ جيڪي به مهان انسان آهن انهن جي وڏي ۾ وڏي پونجي آهي، سٺا ويچار. ويچار شڪتيءَ جي پل تي ئي هو ناممڪن کي ممڪن بنائين ٿا. شاهڪار پيدا ڪن ٿا ۽ مهان ڪاريه ڪري ڏيکارين ٿا. خراب خيالن جي اثر هيٺ اچي انسان خراب ڪاريه ڪري ٿو. خراب ڪاريه انسان ۾ بي آرامي پيدا ڪري ٿو. بي آراميءَ سان تناءُ، ڊپ، چنتا، آخر بيماري ۽ ان کان پوءِ پرلوڪ، اهوئي آهي ٿورن خراب خيالن جو اُتهاس، اسين سنسار کي اهوئي ڏئي سگهنداسين جيڪو اسان جي اندر آهي. روحانيت انسان کي ٻل ۽ صحيح راهه ۽ رستو ٿي بخشي گهڻو پئسو انسان کي ڪٺور ٿو بنائي ۽ انسان جي سيوا ايشور جي سيوا آهي. “
    اڳيان چون ٿا ته:، ”انسان جو ڄمڻ ائين آهي جيئن ٻوٽي جو اُسرڻ يا گل جو ٽڙڻ، اچو ته تياڳ ورتي ڌاري جيئري ئي هلڻ جي ڪلا سکون. پاڻ سڃاڻڻ معنيٰ آتما کي سڃاڻڻ ۽ آتما کي سڃاڻڻ معنيٰ ايشور کي سڃاڻڻ.“(3)
    مطلب ته مضمون نگار هن ڪتاب ۾ مهان خيال ۽ سوچون سهڻن لفظن ۾ بيان ڪيون آهن. سڄي ڪتاب موجب جيون جيئڻ هڪ فن آهي جنهن جي فلاسافي آهي ته اهڙو جيون گهارجي جو موت کي مات ڏئي وجهي. مقصدي زندگي ئي ڪامياب آهي، روزمره جي زندگيءَ ۾ مقرر نيم سان وقت ڪٽڻ، سادگي، عبادت، ورزش، مناسب غذا ۽ ٻين جي ڪمن ۾ دست اندازيءَ کان بچاءُ، لين دين ۾ سچو رهڻ، ڪنهن ڪلا ۾ وقت گذارڻ، خوش مزاجي ۽ قربانيءَ جو جذبو ۽ ٻيون خوبيون ملائي هڪ سٺي حياتي گهاري سگهجي ٿي.
    ڪتاب جي ٻولي آسان هوندي به ڪنهن ڪنهن جڳهه تي مشڪل آهي ڪجهه هندي لفظن جو استعمال آهي جي سنڌ ۾ رائج نه آهن پر ته به اهڙا لفظ ڳاڻيٽي ۾ گهٽ آهن ڪيترائي هندي لفظ سمجهه ۾ ايندڙ استعمال ٿيل آهن جيڪي موضوع جي مناسبت سان جملن جي سونهن وڌائيندڙ آهن. مجموعي طور هي هڪ اعليٰ ادبي فن پارو آهي ڪتاب جي آخر ۾ رابندر ناٿ ٽئگور جي گيتانجليءَ مان هيٺين پرارٿنا ڏنل آهي. جا ليکڪ جي بقول سندس دل جي آواز آهي.
    ”هي پرڀو! ان راهه تي وٺي هل، جتي مَنَ ۾ ڊپ نه هجي. گيان تي ڪو ٻنڌن نه هجي ۽ اخلاق جي ڪري سر اوچو هجي. جتي دنيا جهگڙن ۾ ورهايل نه هجي. الفاظ سچ جي ساکي ڀرين. جتي انسان پنهنجي ڪرم سان عامل بنجي، جتي ٻڌيءَ جو بول بالا هجي. جتي من تنهنجي ديا سان سٺن سٺن خيالن ۽ ُسڪَرِمَن طرف رهبري ڪري.“

    حوالا:
    1- هولا رام هنس، ”آتم ڪٿا هڪ اديب جي“ بيسٽ سنڌي سڀا
    ممبئي، پشپ 47، سال 2004ع، ص. 7 ء۽ 8
    2- ميمڻ پروين موسيٰ ، ڊاڪٽر، ”اٿي رائو ريل“ محمد موسيٰ ادبي
    اڪيڊمي، حيدرآباد، 2008ع. ص. 22.
    3- هولا رام هنس”جيون جيئڻ جي فلاسافي“، بيسٽ سنڌي سڀا، ممبئي، سال 2000ع، ص. 56-41، 28 ۽ 26.


    ڪتاب قومن جي طاقت، وقار ۽ وجود جو اهڃاڻ آهن

    ڪتاب قومن جي طاقت، وقار ۽ وجود جو اهڃاڻ آهن
    (هلندڙ صديءَ ۾ ڇپيل سنڌي ادب جي ڪتابن جو مختصر جائزو)
    23 اپريل پوريءُ دنيا ۾ ڪتابن جي ڇپائيءَ جو عالمي ڏينهن ڪري ملهايو ويندو آهي جنهن کي هاڻي پاڪستان ۾ ۽ خاص سنڌي ٻولي ۽ ادب جي حوالي سان سنڌ ۾ پڻ سٺي موٽ ملي رهي آهي. هلندڙ وقت ۾ انهيءَ ڏينهن ۽ خاص طور پوري مهيني ۾ ڪيترائي ڪتابي ميلا ۽ سيمينار منعقد ڪيا وڃن ٿا ۽ ڪيترائي ليک نه فقط سنڌ ۾ پر پوريءَ دنيا ۾ انهيءَ موضوع تي لکيا وڃن ٿا ته جيئن اهو بيان ڪجي ته ڪتابن جي علميت ۽ افاديت ڇا آهي.؟ انهن جي اهميت ڪيئن وڌائجي.؟ موجوده نسل ۽ ايندڙ نسل کي ڪهڙيءَ ريت اهو ذهن نشين ڪرائجي ته ڪتاب سندن بهترين ساٿي دوست آهن ۽ کين پنهنجي حياتين کي سنئين دڳ لائڻ لاءِ مطالعي کي ڪيتري فوقيت ڏيڻ گهرجي. مطلب ته ڪتابن ۽ ڪتب خانن جي واڌاري ۽ اهميت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ هن ڏينهن کي خاص طور ملهائڻ اهميت جوڳو ۽ احسن عمل آهي.
    تحقيق، ڪتاب ۽ معياري ڪتاب انساني غور و فڪر ۽ دلي امنگن جا ترجمان هجن ٿا. جنهن ۾ ليکڪ جا جذبا، سوچون، ويچار، احساس ۽ اميدون ته شامل هوندا آهن پر وڌ ۾ وڌ ڪمال سندس همٿ، قوت، تعليم، تجربي، مطالعي ۽ محنت جو هجي ٿو. ڇو ته ڪوبه شخص جيڪڏهن بنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ جي قلم کڻي ٿو ته هو ڪا وڏي کيپ نٿو کٽي سگهي. ورق ويترا ورائڻ جي بجاءِ پڙهي قلوب ۾ ڪڙهڻ بعد ئي ڪا املهه تصنيف ليکڪ جي قلم مان صورت وٺي قائم دائم ٿئي ٿي. سنڌ جو مهان ڏاهو، اديب شمس العلما مرزا قليچ بيگ ڪئين سال اڳ اها ڳالهه سمجهائي ويو ته:
    ”اڀياس ڪرڻ سان ماڻهوءَ جون سڀاوي طاقتون ۽ عادتون ڪمال تي پهچن ٿيون، آزمودي ۽ تجربي ڪرڻ سان وري ماڻهوءَ جو اڀياس وڏي ڪمال تي پهچي ٿو. جڏهن علم استعمال ۾ آڻجي ٿو ۽ ان تي عمل ڪجي ٿو تڏهن ڏاهپ حاصل ٿئي ٿي.“(1)
    پروفيسر غلام مصطفيٰ شاهه پنهنجي ڪتاب”معاشرو ۽ تعليم“ ۾ صفحي نمبر 44 تي لکيو آهي ته:
    ”ڪتاب قومن جي وجود جي شاهدي ۽ ان جا ضامن آهن، قومن جو افتخار ڪثرت تصنيف ۾ آهي. ڪتابن کان سواءِ قومن جو ماضي مبهم ۽ اونداهو آهي، پر ڪتابن سان اهو روشن ۽ همت افزا آهي. ڪتابن کان سواءِ قوم جي نه جاگرافي آهي ۽ نه تاريخ ۽ نه ئي ڪتابن کان سواءِ قوم جو وجود آهي ۽ نه ئي وري وقار.“ (2)
    مٿئين جملن تي جيڪڏهن غور ڪبو ته سورهن آنا سچ لڳي ٿو، بيشڪ معياري ۽ علمي ۽ ادبي ڪتابن جو مطالعو، ماڻهوءَ کي برائيءَ کان چڱائيءَ طرف، ڪوڙ کان سچ طرف، جنگ کان امن طرف ۽ نفرت کان پيار طرف آڻي سندس ضمير کي اڇو اجرو ڪري ٿو.
    بخاري استاد ته ڪتابن ۾ دفن ٿيڻ ۽ انهن ورقن جي ڪفن کي ترجيح ڏيندي چئي ويو ته:
    ڪتابن سان آ دل منهنجي
    ڪتاب آهن چمن منهنجو
    ڪتابن ۾ دفن ٿيندس،
    ورق ٿيندا ڪفن منهنجو.


    (3)

    مطلب ته ڪتاب هڪ اهڙو بي بها ۽ اڻ ملهه خزانو آهي. جنهن جي بي قدري ”يا ڪمي ٿيڻ هڪ سانحي کان گهٽ نه آهي. منهنجي نظر ۾ ته ڪم نصيب آهي اها قوم جنهن جي پڙهيلن وٽ ڪتابن جي بدران هٿيار آهن ۽ بدبخت آهن اهي استاد يا شاگرد جيڪي مطالعي کان وانجهيل آهن. بي ادب آهن انهيءَ قوم جي ايندڙ نسلن جا معمار جن وٽ لکڻ پڙهڻ جو فقدان ۽ هٿن ۾ ڪتاب نه آهن. ڪتاب ته ٻارن جي لاءِ رهنمائي، جوانن جي لاءِ ترقيءَ جو گَسِ ۽ وڏن لاءِ وندر ۽ روح جي راحت آهن ۽ ڪتاب ئي پوري قوم جي طاقت، وقار ۽ وجود جي شناخت آهن.
    جڏهن ڪتابن جي افاديت ۽ علميت کان انڪار نه ڪالهه هو ۽ نه ئي اڄ آهي ته پوءِ ڇا هن انٽرنيٽ ۽ سوشل موبلائيزيشن جي دور ۾، سنڌ واسي هن علمي ۽ ادبي ترقيءَ ۾ اڳتي وڌيل آهن؟ ڇا سنڌ ۾ تعليمي شرح گهٽ هوندي به اسان کي پراميد هئڻ گهرجي ته سنڌ ڌرتيءَ جا رهندڙ علمي ۽ ادبي ذوق رکندڙ آهن ۽ اسان وٽ ادبي ڪتابن جو مستقبل روشن آهي.؟
    هاڻي انهيءَ سوال جا جواب ڪافي آهن پر ٿوري ۾ ايترو چونديس ته سنڌي قوم هڪ باشعور قوم آهي جنهن ۾ علمي ۽ ادبي ذوق صدين کان موجود آهي. اڄ جيڪڏهن سنڌ جو سروي ڪرايو وڃي ته سنڌ جي ڳوٺن ۽ شهرن ۾ انيڪ اخبارون، رسالا ۽ ڪتاب موجود ملن ٿا ته پبلڪ لائبريريون پنهنجي مدد پاڻ تحت قائم ٿيل آهن. هن مهانگائي جي دور ۾ خاص طور جڏهن ڪتاب ڪافي قيمت ۾ ڇپجن ٿا ۽ ملن به مهانگا ٿا ته به ماڻهو خريد ڪري پڙهن ٿا. روڊن، رستن، دوڪانن ۽ هوٽلن تي گهٽ پڙهيل ماڻهن جي هٿن ۾ پڻ اخبارون ۽ رسالا ۽ ڪي ڪتاب ڏسڻ ۾ اچن ٿا. جنهن مان اهو سمجهڻ گهرجي ته سنڌي ادب جو مستقبل روشن آهي. ڪو وقت هو ڪتابن جي ٽائيپنگ ٿيندي هئي ۽ هڪ ڪتاب چڱين ڏکين مرحلن مان نڪري پوءِ ڇپبو هو پر اڄ ڪمپيوٽر سان ڪمپوزنگ ۽ اعليٰ جديد مشينن سان ڇپائيءَ سان ڪيتريون ئي آسانيون ٿي ويون آهن، جو سوين ڪتاب بهترين ڪاغذ ۽ سهڻن ٽائيٽل ڪورن سان سنڌي ادب جي سونهن کي چار چنڊ لڳائي رهيا آهن.
    نئين صديءَ ۾ يعني 2001 کان پوءِ ته ڪتابن جي ڇپائيءَ جو نيٽ ورڪ گهڻو مضبوط ٿيو آهي. انهن ۾ ادبي ڪتابن جي ڇپائيءَ جو ڳاڻيٽو ڪيترو آهي.؟ يا معيار ڪهڙو آهي؟ يا انهن جا ڪيترا ڇاپا ڇپيا آهن؟ عام ۾ يا علمي طبقي ۾ ڪهڙي قسم جا ڪتاب وڌيڪ مقبول ٿين ٿا؟ ۽ ٻيا ڪيترائي سوال آهن جن جي جوابن سان تحقيق سنڌي ادب جي ترقيءَ ۽ ترويج جي موضوع تي روشني پئي سگهي ٿي. پر هتي آئون هنن چند صفحن ۾ فقط اهو ڄاڻائڻ ٿي چاهيان ته هلندڙ صدي سنڌي ٻولي ۽ ادب جي لاءِ خوش آئيند ٿي آئي آهي. خاص طور تي ڪتابن جي لکڻ، پڙهڻ ۽ ڇپائيءَ جي سلسلي ۾ وڏي پيش رفت ٿي آهي. ڪيترائي نوان ادارا پڻ ڇپائيءَ جا متعارف ٿيا آهن ته ڪي پراڻا ادارا پڻ ڪم ڪري رهيا آهن. سنڌ جا ڪي ڪتاب پنجاب ۽ ٻين صوبن مان پڻ شايع ٿيا آهن. پر انهن جو ڳاڻيٽو اٽي ۾ لوڻ برابر آهي. گهڻي ڀاڱي ڪراچي، حيدرآباد، سکر، جيڪب آباد، لاڙڪاڻو، خيرپور، شڪارپور ۽ ٻين هنڌان شايع ٿين پيا. جيڪي ادارا ليکڪن ۽ شاعرن لاءِ مددگار ثابت ٿين پيا. انهي ۾ سرڪاري ادارن کان سواءِ روشني پبليڪيشن، سنڌيڪا اڪيڊمي، مهراڻ اڪيڊمي شڪارپور، ناري پبليڪيشن، سمباره پبليڪيشن، سنڌيا، مارئي اڪيڊمي، گنج بخش، نيو فيلڊس، سچل مرڪز لاڙڪاڻو، ڪويتا حيدرآباد، محمد موسيٰ ادبي اڪيڊمي، سجاڳي پبليڪيشن حيدرآباد، سنڌ راڻي حيدرآباد، مهراڻ ميڊيا سروس ڪراچي، ڪاڇو پبليڪيشن ڪراچي، روپا سجاول، سنگهار شهدادڪوٽ، نئون نياپو ڪراچي، جنسار ميهڙ، پوپٽ خيرپور، ٻالڪ ادبي اڪيڊمي سچل ڳوٺ، ساهتي نوابشاهه، سچائي اشاعت گهر حيدرآباد. سنڌي ساهت ۽ ٻيا ڪيترائي ادارا آهن جن سان سنڌي ڪتابن کي ڇپجڻ ۾ هٿي ملي رهي آهي ۽ سوين علمي ۽ ادبي ڪتاب شايع ٿي رهيا آهن. پوين چند سالن ۾ ڇپيل ڪجهه ڪتابن جو وچور هن ريت آهي.
    نثر جا ڪتاب:
    ”زندگي جي ويڙهه ۾“ (ڪهاڻيون) ناياب کوکر، ”سيتا زينب“، ”زيب سنڌي“، ”جوڀن ٻه ٽي ڏينهڙا“، نواز خان زنئور، ”حيدرآباد شهر تاريخ جي آئيني ۾، “محمد وارث عباسي، ”ڪچهريءَ جا مور“، ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو، ”جهنگ جا ماڻهو“، خالد ڪنڀر، ”قلندري فڪر“، ڊاڪٽر مخمور بخاري، ”ون يونٽ ۽ سنڌ“، پروفيسر اعجاز قريشي، ”سفر زندگيءَ جو“، قاضي علي محمد ڏيپلائي، ”اڪن اڇا گل“، ”پيجو فقير“، ”چنڊ پيرن هيٺ“، ”پنهنجي ڌرتي“، عباس ڪوريجو، ”کڙ ياسين دامن صحرا ۾“، قربان شيخ، ”سونهن، سهائي، سوچ“، غلام حسين رنگريز، ”تڏهن ملنداسين“، موٽومل”ڪنول“ڪوهستاني، ”عزاداري جي تاريخ“، زوار عبدالستار درس، ”کير ٿر جي پٺيان ڪائي چنگهاڙ آ“، مختيار تنيو، عرفان سچل، ڊاڪٽر بشير احمد شاد، ”ڳالهيون کٽيون ناهن“، ”پيرا اڃان مون پنڌ ۾“، ”ياد ياد هڪ زندگي“، قاضي خادم، ”سِٽ سِٽ قصو ڪٿا“، ڪهاڻي(ڪهاڻيون) سليم چنا، ”راج ڪرتهه“، منظور ڪوهيار، ”تخليق جو انت“، عابده گهانگهرو، ”جمود“، امر جليل، ”پيهي منجهه پاڻ“، بدر ابڙو، ”اڌ صديءَ جو اوجاڳو“، انور ابڙو، ”مسافتون ياد جون“، محمد علي پٺاڻ، ”جديد ادبي تنقيدي رويا“، مبارڪ علي لاشاري، ”شاهه لطيف جا فڪري سرچشما“، تاج جويو، ”سنڌ جي تاريخ“، فقير محمد سنڌي، ”دنيا جا سور“، عطاءٌالله ڪوريجو، ”نڪري پيس نيپال ڏانهن“، اسحاق انصاري، ”ڏورمَ ڏيئان ڌار“، معشوق ڌاريجو، ”فن ۽ فنڪار“، (انٽرويو) ڪوثر ٻرڙو، ”ڪلاس فور جي محبوبه“، ”کن پل جو ڇانورو“، ممتاز بخاري، ”وطن پنهنجو وڙهي وٺبو“، عاشق مغيري، ”ڌرتيءَ جو ڌنار“،(مرتب) سارنگ منير سومرو، ”عظيم هستين جا عظيم قول“، فقير محمد سنڌي، ”سنڌ جا املهه هيرا“، مرزا نادر علي ابڙو، ”طارق توکان پوءِ“(ترتيب) فقير ڍول، ”اهل دل عظيم انسان“، ياسر عبدالغني خاصخيلي، ”هنگلاج ۾ چانهن“ غلام رباني آگرو، ”گل جو خواب“، ڪفايت گل، ”چڱو قاسم موڪلاڻي ڪانهي“، يوسف سنڌي، ”ڳولا جو سفر“(مترجم) اياز ڀٽو، ”نوابشاهه کان شهيد بينظير آباد تائين“، خادم حسين چانڊيو، ”شاعراڻه ويچار“، نصير سومرو، ”پرين وس نه پنهنجي“ ايوب گاد، ”پيار جي هڪ صدي“، رفيق سومرو، ”نيڻين ننڊاکوڙ“(لطيف شناسي) تاج صحرائي، ”شير مير بحر فن ۽ شخصيت“ مولائي ملاح، ”پانڌي ۽ پروڙ“، ادريس عاجز عباسي، ”محڪوم اکين ۾ آجپي جو سپنو“، موليٰ بخش ٻرڙو، ”شاهه عبدالطيف ڀٽائي“، ”شخصيتون، درسگاهون“، غلام شبير، ”لاڙي پهاڪا ۽ چوڻيون“، انجنيئر عبدالوهاب سهتو، ”مون کي هوائن ۾ ڳولجان“، ”تون منهنجي ساهه ۾ آهين“. طارق خشڪ، ”اڃان پنڌ ۾ آهيون“، ”ويندڙ رت جي شام“، پرويز، ”ٿر جو ماڻهو“،(ترتيب) واحد ڪانڌڙو، ”آواز جو شهنشاهه“، سيد صالح محمد شاهه(ترتيب) نصير مرزا، ”جاگيرداراڻي جبر هيٺ“، نسيم بخاري، ”اڻ سڃاتل“، انور شيخ، ”زيب النساءَ“(طويل ڪهاڻي) ڊاڪٽر محمود مغل، ”شاهه لطيف جي وائي ۽ وائيءَ جي اوسر“، عبدالستار پيرزادو، ”ٻنڌڻ ٻاروچن جا“، عبدالغفور الستي، ”ڌرتي منهنجو گهر“، ”ڏاهپ جو جنم“، آڳاٽي سنڌي ٻولي“، ڊاڪٽر محبت ٻرڙو، ”سنڌ آئيندي جو اتساهه“، نصير ميمڻ“، يار، ”حيدر“، ”رابيل مکڙي“، محمد انور بلوچ، ”بحر حاڪم“ سيد محمد شاهه بخاري، ”کنڀ مورڻين جا“، امر اقبال، ”زندگي مرجهي ويل گل جهڙي“، منصور حسين، ”ڪراچي سنڌي جي مارئي“، گل حسن ڪملتي، ”توکي مون ساريو“، زيب سنڌي، ”مون کي ساهه کڻڻ ڏيو“، ”همه منصور هزار“، غلام نبي مغل، ”گل گل هٻڪار“، رئوف نظاماڻي، ”هڪ ليکڪ جو تخليقي سفر“(امر جليل جي باري ۾ 5 جلد) ترتيب مختيار ملاح، ”سنڌو بقا مان فنا آهيان“، ”هيءَ منهنجي سنڌ ته ناهي“، ”امر جليل جي سنڌو“، امر جليل، ”سنڌو جا قديم وهڪرا“، شير خان سيلرو، ”ڏور به اوڏا سپرين“، ”مهرالنساءَ لاڙڪ“، ”اوسيئڙي ۾ جڙيل آس“، عبدالسلام ٿهيم، ”ڪچا رشتا“، دريا خان شنباڻي، ”لاڙڪاڻو ليڊرن جي ڌرتي“، ستار ڀٽي، ”اذيتن جي اُس“، جعفر شهاڻي، ”شاعر جي اک سان آمريڪا جا عڪس“، ڊاڪٽر مشتاق ڦل، ”شاهه لطيف جا شيدائي“، راهب علي لاڙڪ، ”ڪوجو قهر ڪلاچ ۾“، زاهد راڄپر، ”پاتم جهاتي جهان ۾“، شيام ڪمار، ”اڇي رات ڪارو چنڊ“،(ڊراما) محمد علي پٺاڻ، ”اجهاميو ٻران“، (ناول) ظفر، ”جڏهن ماڻهو بغاوت ڪن ٿا“(ترجمو) امان الله شيخ، ”معجزا اوهان لاءِ منتظر آهن“. نديم گل عباسي، ”اسلامي تهذيب جي تاريخ“، همسفر گاڏهي، ”وجود جي ڳولها“(ڪهاڻيون) فرزانه شاهين، ”سرواڻ“(ترجمو) عبدالرزاق عمراڻي، ”پهرين جنوري“،(ڪهاڻيون) انور ابڙو، ”آئينا ۽ عڪس(ڪالم) ڊاڪٽر ذوالفقار سيال، ”عشق جو آسيب“، رسول ميمڻ، ”نڙيءَ ۾ اٽڪيل سج“(ڪهاڻيون) انور ڪاڪا ”خوابن جا رشتا“، منور سراج، ”آءُ اسان وٽ ويهه“، امر اقبال، ”سنڌي ادب جو جائزو ۽ لطيفيات“، ”اٿي رائوريل“، ”اخلاقي قدر“، ”وکرسووهاءِ“،سنڌي نثر جي صنفن جو اڀياس،“ ”سنڌي ادب تحقيقي ۽ تنقيدي مطالعو“ ”عالم سڀ آباد ڪرين“(لطيف شناسي) ”سون ورنيون سوڍيون“(ڪهاڻيون ترتيب) ”پلئه پايو سچ، (تحقيق ۽ تنقيد)ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ، ”ايڪويهين صدي ۽ شاهه لطيف“ (ترتيب) امان الله شيخ، ”نسيم کرل ۽ سندس فن“، ڪشمير سومرو ”چئبو سچ“، ”دانهون منهنجي ديس جون“، غلام مصطفيٰ سولنگي، ”رشتن جو درد“، پارس صنم ڪاظمي، ”اڻ پورو وجود“(ڪهاڻيون) ممتاز لوهر، ”اجري ڌرتي ميرا ماڻهو“، بيدل مسرور، ”سرگوشيون(ڪالم) امر اقبال، ”ساهت ڏيهه جا سرجڻهار“، رضوان گل، ”جن سين لنئون لڳي“، اقرار پيرزادو، ”سگنيچر“، حسيب ڪانهيو، ”بدلجندڙ دور ۽ سنڌ“ نصير ميمڻ، ”ننڊ نه ڪجي ناکئا“، صدام حسين درس، ”جنم جنم الميو“ (ڪهاڻيون) يار محمد چانڊيو، ”دل جي شيلف مان“، محبوب ڀٽي، ”سائنس ڏنو سوجهرو“(ٻاراڻو ادب) آزاد بخاري ”سنڌ جي سڳنڌ“، فتح محمد ٿيٻو، ”چنڊ کڙيو چيلهار ۾“ (ترتيب) شهاب ۽ دليپ، ”ناري جا ڏات ڌڻي“، سائل ڀنڀرو، ”سهائي سپرين جي“، ايوب کوسو، ”چڱو ڀٽائي آءُ هلان ٿو“(صادق فقير جي ياد ۾ ) ترتيب، علي نواز آريسر ۽ زاهد.
    نظم جا ڪتاب: ”ٿر وڏو و ستار“ ”ڏوهيڙا“ حاجي محمد حاجن استاد، ”فناسواءِ سڀ فنا“، ”روپ به مايا پريت به مايا“، جاويد شبير، ”ڳاءِ ته ننڊ اچي“، حفيظ باغي، ”چنڊ، سمنڊ ۽ مان“، شبانه سنڌي، ”لفظن ڀوڳيو آ بنواس“، سيما عباسي، ”جلا وطن ننڊون“، آڪاش، ”ديوان بهرام“، بهرام اماڙي، ”عشق سينگار آ“، الطاف حسين لاکير، ”مرڪيو چهرو، مند جو“، خطائي ٿيٻو، ”زندگي جهومي پيئي“، نياز ملاح، ”خواب اکين ۾ پلجن“، اسير ملاح، ”منهنجو عشق سڪندري“، مشتاق علي مشتاق ميراڻي، ”صليب جو سڏ،“ اياز امر شيخ، ”مري شال ملهايان“، آزاد بخاري، ”گهٽيون گهاو ڏين پيون“. سليم چنا، ”آءُ آهيان نياز“، نواز علي نياز، ”تنهنجي سهڻي سار“، ”سونهن جي بارگاهه“، صديق مهيسر، ”هن مون کي ڇڏي ڏنو”، ايوب گل، ”جيءَ جيارو جن“، سجاد ميراڻي، ”آس جا ڏيئا“، جبار تاثير سومرو، ”ڪٿي شام ٿيندي“، يونس همدم، ”نيڻ آلا ٿي ويا“، رحمت سومرو، ”رڻ ۾ رات ٺري“، رحيم داد جوڳي، ”بند اکيون آواره سپنا“، اسير امتياز، ”ڪاڇي پيئي ڪوڪ“، جوهر بروهي، ”اسان کي اکيون ڄڻ روئڻ لاءِ مليون“، ايل داس ٻٻر، ”نيرا ناڻي نيڻ“، مريم مجيدي، ”موتي ميڙيا مون“، فقير اصغر سيتائي، ”پتڻ جون پڪارون“، عبدالغفار شيخ، ”توکي آ منهنجو سلام سائين”، سگهڙ فقير ڏاڏو ڏنل، ”تنهنجي خوشبو آئي هوا سان“، محبتي ملاح، ”چانڊوڪيءَ جي ڀاڪر ۾“ اداسي جکراڻي، ”سنڌو ڌارا“، ظفر پيرزادو، ” ُحُسن کي سجده“، حيدر ملاح، ”اکڙين آلاڻ“، ڪفايت علي لاڙڪ، ”جل تي ڪنول جيان“، ”جاڳ او ٻالڪ جاڳ“، گوهر سنڌي، ”سمنڊ ۾ سپ“، سرڪش سنڌي، ”ياد بهانا ڪيا“، ماڻڪ ملاح، ”خوشيون پرڏيهه جا پنڇي“، سائل پيرزادو، ”منفرد“، مسرور پيرزادو، ”هوائن جي هندوري“، وفا عظيم جلباڻي، ”چاهتون ۽ خواهشون“، محمد موسيٰ جروار، ”آسن جا ڏيئا“، جبار تاثير سومرو، ”هٽيوپاند رخن تان“، گلاب سولنگي، ”عشق جو آسمان“، مولابخش ڪيريو، ”ريشمي غزل“، بالا بلوچ، ”سانوڻي درد جي“، درد هوش محمد ابڙو، ”دراوڙ دل جي تنهائي“، اياز جاني، ”ڏونگر مون سين رو“، آتش پنهيار، ”اڃان مان سوچ ۾ آهيان“، علي حسن سرڪي، ”سپنا تڙپن ساڀيان لاءِ“، بشير سيتائي، ”قدم کان عدم تائين“، روبينه ابڙو، ”دنيا آکيرو“، زاهده تاج ابڙو، ”خواب ٿا کولين اکيون“،”صبح جو ستارو،“ حبدار سولنگي، ”خدائي رقص ۾ آهي“، رحمت پيرزادو،”آديسين ادب آهي اکڙين ۾“(ترتيب) ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ، ”چوٽاٽيل چنبيليا“ مارو جمالي، ”دل جي کول دري“، بخشل باغي، ”نگاهن جا سجدا“، رخسانه پريت چنڙ، ”آءُ غزل ڇو نه چوان“، نذير ناز، ”شاعري ڳالهائي ٿي“ (ترتيب)، ”پئسو لڌم پٽ تان“، غلام مصطفيٰ سولنگي، ”سونهن جون سوَ صورتون“، شاهه محمد پيرزادو، ”ڳوڙهو ڳوڙهو سوڳ ۾“، انجم قاضي، ”پيار جي پهرين بارش“، رضوان گل، ”سوچن جو سنسار“، عبالخالق عبد، ”هجوم درد جو“، سرتاج جاگيراڻي، ”سانڍي ڇڏ ساهه ۾“، ڪامل امداد جتوئي، ”عڪس ۾ رقص“، احسن چانڊيو، ”پيچرا تنهنجي پنبڻين جا“، گوهر شيخ، ”تنهنجي نانءُ“، نشا ڪنول، ”گهڙين ٻڌا گهنگهرو“، راشد بروهي، ”خواب آئينا ٿيا“، رجب ٻگهيو، ”سانجهه لهي ٿي سوڳ ۾“، اداسي جکراڻي، ”اکين جي حياتي“، نذير سروهي، ”سرجڻهار“(ترتيب) ڪوثر ٻرڙو، ”سڏڪا، سارون ۽ حاڪم“شاعراڻو نثر“حاڪم علي ڪٽوهر، ”نچڻا کيڏڻا کلڻا ٻار“، آزاد بخاري، ”اڃايل خواب“، نجم سرهيو، ”سهڻا ٻالڪ سنڌ جا“، عبدالحئي ڀٽو، ”واچوڙا وجود ۾“، ”ڊاڪٽر رضا چانڊيو“، ”سمنڊ جو رقص“، خالد ساحل ڪيريو، ”سرءُ جا پن“، نور محمد سومرو، ”انڌيرا روشني ٿيا“، ”سويرن جا الڪا“، ملزم سومرو، ”لفظن جي سوجهري ۾“ (14 شاعرن جي شاعري ترتيب) عبدالجبار جوش، “ ُمرڪون محبوبن جون“، شاد جلباڻي، ”چاهه چريا، اتساهه چريا“، بشير سيتائي. ۽ ٻيا کوڙ سارا ڪتاب آهن جيڪي هن صديءَ ۾ سنڌي ادب جي سونهن بڻيا آهن.
    هتي ته فقط چند ڪتابن جو ذڪر خاص طور نون لکندڙن جو ڪيو ويو آهي ته جيئن پڙهندڙن کي خبر پوي ته سنڌي ادب هاڻي ڪتابن ڇپجڻ جي لحاظ کان اڳتي اچي رهيو آهي. يعني سنڌ وڏو نصيبدار خطو آهي جنهن ۾ هن افراتفريءَ ۽ انٽرنيٽ ۽ ميڊيا جي دور ۾ ڪتاب لکيا، پڙهيا ۽ پسند ڪيا وڃن پيا ۽ وڪامجن به خوب ٿا. جَس آهي انهن ا دارن کي ۽ انهن ڏات ڌڻين کي جيڪي وڏيءَ محنت سان لکن ۽ ڇپرائين ٿا. لکڻ ته ڏکيو آهي پر وڏو مرحلو ڇپجڻ جو پڻ آهي. ڪنهن ليکڪ جي سڀ کان وڌيڪ خوشي ان ڏينهن هجي ٿي جنهن ڏينهن سندس ڪتاب ڇپجي پڙهندڙن تائين پهچندو آهي ۽ جڏهن انهيءَ ڪتاب جو مهورت ٿو ٿئي تڏهن هيڪاري سندس خوشي دوچند هوندي آهي. سوشل ميڊيا تي پيغامن جي وٺ وٺان شروع ٿي ويندي آهي ۽ بيشڪ ٿيئي پر هتي هڪڙو عرض ضرور ڪنديس ته ڪتاب جي ڪاميابيءَ جو دارومدار نه مهورت تي آهي ۽ نه ئي سوشل ميڊيا جي پبلسٽيءَ تي آهي. ڪتاب ته خود پنهنجي پڙهندڙ سان ڳالهائيندو آهي. ليکڪ جي فقط اها ڪوشش هئڻ گهرجي ته سندس ڪتاب زنده رهي، ڇو جو ڪتاب جو زنده رهڻ ئي سندس زندگيءَ جي خوشي آهي. ڪتاب اهو زنده رهندو جنهن جو لکندڙ انهيءَ فن کي پنهنجي رت جو ريج ڏيندو. لکڻ جو فن محنت طلب آهي. ان ۾ جلد بازي ۽ تڪڙي واهه واهه جي بدران جڏهن به ڪنهن موضوع تي قلم کڻجي تڏهن تمام دل جي سچائيءَ ۽ وڏيءَ ڄاڻ سان لکجي جنهن به صنف ۾ لکجي چاهي اها شاعري هجي يا نثر، انهيءَ جي سٺي معلومات هئڻ گهرجي جنهن لاءِ گهڻي ۾ گهڻو پڙهڻ گهرجي. سٺا ۽ عمدا ڪتاب مطالعي هيٺ آڻجن ۽ لکندڙ کي ڪڏهن به مطمئن ٿيڻ نه گهرجي. هو هڪ نقاد جيان پنهنجي لکيل کي وَرَ وَرَ ڏيئي پڙهي ۽ ان کي پرکي. اهوئي معياري ادب جي تخليق جو هڪ رستو آهي. مهورت ۽ اڀياسي ويهڪون ڪتابن جي واڌ ويجهه لاءِ سٺو ذريعو آهن ۽ انهيءَ سان ليکڪ جي همت افزائي ٿئي ٿي. ان ۾ به معياري طريقو هئڻ گهرجي. بعضي ائين به ٿيندو آهي ته ڪتابن تي ڳالهائڻ لاءِ جن مهمانن کي سڏيو ويندو آهي انهن کي انهيءَ ڪتاب جي موضوع ۽ مواد جي به ڄاڻ نه هوندي آهي. هو ته ليکڪ جي پورهئي کي به سجايو پيش ڪري نه سگهندا آهن۽ نه ئي ان ڪتاب تي ڪا روشني پئي سگهندي آهي.
    سنڌي ادب جي ڪتابن کي وڌائڻ لاءِ هڪ وڏي نيٽ ورڪ جي اڃان به گهرج آهي جنهن ۾ قائم ڪيل سرڪاري، ادارا ۽ پرائيويٽ ادارا مضبوط نموني گڏجي ڪم ڪن. سنڌ جا پبلشرز، مالي طور مضبوط نه آهن کين حڪومت وٽان ڪا مدد، ڪو قرضي حسنه نٿو ملي. هُو سڄي محنت پنهنجي روزگار لاءِ خود ذاتي طور ڪن ٿا(اهو سندن شوق پڻ آهي. جو ان پويان ڪيترا پبلشرز ته ليکڪ پڻ ٿي ويا) هو ليکڪن کان پئسا وٺي پوءِ ڪتاب شايع ڪن ٿا. وٽن مسودن جا انبار پيا آهن. ڪيترن ڪتابن جو وارو نه اچڻ ڪري اهي ضايع پڻ ٿي وڃن پيا. منهنجي خيال ۾ اهو به وڏو علمي ۽ ادبي نقصان آهي جنهن تي پڻ ڌيان ڏيڻ گهرجي. ڪي اهڙيون ڪوششون عمل ۾ آڻجن جو اسان وٽ جهجها، سستا ۽ سٺا ڪتاب ڇپجي هر هڪ پڙهندڙ تائين پهچن. هندوستان ۾ پڻ ڪتاب مهانگو ٿو ڇپجي ۽ اتي سنڌي ڪتابن جا خريدار پڻ گهٽ آهن پر جيڪي به ڇپجن ٿا انهن جون ڪجهه ڪاپيون مقرر ادارا خريد ڪن ٿا. انهيءَ ڪري اهو ڪتاب کپي وڃي ٿو. ساڳيءَ ريت هتي پڻ ٿيڻ گهرجي. هيءَ هڪ قومي فريضو آهي جنهن ۾ هر هڪ کي پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، اهي ڪتاب ئي آهن جن جو سٺو معيار ۽ مقدار اسان جي قوم جي زنده هئڻ جو ثبوت ثابت ٿيندو.

    حوالا:
    1- بيگ، مرزا قليچ،”مقالات الحڪمت“، سنڌي ادبي بورڊ، 1972ع
    -ص-35
    2- شاهه، غلام مصطفيٰ پروفيسر، ”معاشرو ۽ تعليم“، سنڌي ادبي بورڊ
    ص-44
    3- بخاري، استاد”پير نه هٽن پوئتي“، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو،
    2002ع- ص- 56


    چند مضمون تاثر ۽ تبصرا

    سائين محمد ابراهيم جويو سان 30 نومبر 2007ع تي ٿيل هڪ ملاقات جو احوال

    سائين محمد ابراهيم جويو سان 30 نومبر 2007ع تي ٿيل هڪ ملاقات جو احوال
    گهڻي عرصي کان دل ۾ سَڌ هيم ته سائين محمد ابراهيم جويو سان ملاقات ڪيان ۽ کين عرض ڪريان ته منهنجي ڪتاب تي”ٻه اکر“ لکي ڏين.(هن کان اڳ منهنجي ڪتابن جا مهاڳ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر غلام علي الانا، مظهرالحق صديقي صاحب، ڊاڪٽر فهميده حسين ۽ ٻين اهم شخصيتن لکيا آهن) پر جويو صاحب جي تحرير جي شدت سان ڪمي محسوس پئي ڪيم سو سائينءَ کان جڏهن ٽائيم ورتو ويو، تڏهن پاڻ تمام خوشدليءَ سان اجازت ڏنائون ۽ گهر پهچڻ تي سهڻي نموني ڀليڪار ڪيائون ۽ وڃڻ مهل دروازي تائين ڇڏڻ آيا ۽ مٿي تي هٿ رکي دعائن جي ڇانو ۾ مون کي روانو ڪيائون. انهيءَ ٻن ڪلاڪن جي ملاقات منهنجي دماغ کي معطر ڪري ڇڏيو. جويو سائينءَ جي لهجي جي ٿڌاڻ، ميٺاج، توريل تڪيل جملا ۽ شاهه صاحب جا بيت چوڻ، مطلب ته ائين پيو لڳي ڄڻ علم ۽ عرفان جو سمنڊ هجي. ڪنهن ڪنهن مهل سندن آواز، طبع جي ناسازيءَ سبب جهيڻو پڻ پئي ٿيو. پر ته به تمام وزنائتا جملا جن ڪنن کي هر دم متوجهه رکيو، مون سندن هڪ هڪ لفظ ۽ هڪ هڪ جملو هينئين سان هنڊايو. وڏي ڳالهه مون کي ذاتي طور پڻ پنهنجي ڇپيل ۽ اڻ ڇپيل ڪتابن(ڇپيل ڪتاب ۽ مسودا به آئون گڏ کڻي ويئي هيس.) تي ڪارائتا مشورا ڏنائون.
    ٿوري ئي وقت ۾ مون کي اندازو ٿيو ته سنڌ ڌرتيءَ جي آجپي جي جدوجهد ڪندڙ، قومي تحريڪن جي روح روان، هن عظيم مفڪر ۽ دانشور جو نه فقط لطيفي فن سان بي انتها شغف آهي پر هيءُ شاهه جو عاشق سندس ئي پيغام کي هر دم ورجائيندڙ آهي. چوي پيو ته”سنڌ واسيو! علم سان، عمل سان، عقل سان، جدوجهد ۽ همٿ سان، اڳيان وڌو، محبتون پکيڙيو. نفرتن کان پاسو ڪريو، ويڇا وساريو، ولر ڪري وڌو. فقط ۽ فقط امن جا پيامبر ٿي،“ جويو صاحب جي حياتيءَ جو هر رُخ نهٺائي، انڪساري، نيڪ نيتي، محبت ۽ پيار تي مشتمل آهي. سندس ئي لفظن ۾ ته”مون سنڌ وطن ۾ پنهنجي زندگيءَ جا 100 سال گذاريا آهن. ان ڪري مون کي پنهنجي ڌرتيءَ سان پيار آهي. مون سڄي ڄمار ڪنهن کي به نفرت جي نگاهه سان نه ڏٺو آهي. سنڌ وطن جي ماڻهن مون کي وڏو پيار ڏنو آهي. زندگيءَ جي ڪنهن به گهڙي مايوس نه ٿيو آهيان.“
    ”شاهه، سچل سَامي“ جهڙو ڪتاب سنڌي ادب کي ڏيندڙ شاهه لطيف جي هن شيدائيءَ کي منهنجي ڪتابن جا عنوان پسند آيا ۽ مون کي چيائون ته”بابا توهان کي،”آديسين ادب آهي اکڙين ۾،“ ”اُٿي رائو ريل“، ”وکر سو وِهاءِ“ ۽”سون ورنيون سوڍيون“ نموني جا لطيفي عنوان رکڻ جو خيال ڪيئن آيو؟”وري ”وکر سو وهاءِ“ جو مسودو کڻي پاڻ اهو سڄو بيت پڙهيائين. سندس وڏي آواز سان اُچاريل بيت مان مون کي اندازو ٿيو ته منهنجي مسودي تي لکيل عنوان ۾ لفظ وهاءِ جي”و“ تي زبر ڏنل آهي. يعني وَهاءِ“ ۽ سائين”وِهاءِ“ پيا اُچارين، مون پنهنجي غلطي محسوس ڪندي کانئن هڪدم پڇيو ته”سائين ڇا اهو لفظ وِهاءِ ٿيندو؟“ تڏهن مُرڪي وراڻيائين،”ها بابا!“مون جهڙي ادبي سيکڙاٽ جي غلطي ڪڍي ان کي شرمنده ڪرڻ جي بدران اهو بيت چٽائيءَ سان پڙهي غلط لفظ تي زور ڏئي تصحيح ڪرڻ جو اهو انداز منهنجي دل ۾ پيهي ويو.
    ڪتاب”آديسين ادب آهي اکڙين ۾“ جو مسودو ڏسي گهڻو پسند ڪيائون. خاص طور ڪتاب جو موضوع، ڪمپوزنگ، لطيفي بيتن تي لڳل اعرابن ۽ ترتيب تي اطمينان جو اظهار ڪندي، جويو صاحب مون کي چيو ته، ”هن کان اڳ هن قسم جو لطيفيات جو ڪم منهنجي نظر مان ڪونه گذريو آهي. توهان کي اهو آئيڊيا ڪيئن آيو؟ ته سنڌي ادب جي انهن ڪتابن جا عنوان جمع ڪريو جيڪي لطيفيات مان ورتل آهن ۽ اهي بيت پڻ ڳولهيو ته ڪهڙي ُسر۽ داستان مان ورتل آهن. مون کي توهان جو هيءُ ڪم ڏسي ڏاڍي خوشي ٿي آهي.“ Appriciation ڏيندي انگريزي ۾ چيائون ته “Baba! You are a creative writer Iam proud of you, iam very pleased to meet you, one can not imagine such a different and inventive ideas that you have.”
    جويو صاحب جا اهي جملا پنهنجي لاءِ مون کي وڏو اعزاز لڳا ۽ منهنجي همٿ پڻ وڌي، کين عرض ڪيم ته، سائين! مون کي ڪتاب تي ٻه”اکر“ لکي ڏيو. پر طبيعت ٺيڪ نه هئڻ سبب اها ها نه ڪيائين پر انهيءَ جو سبب واضح ڪندي وراڻيائين ته”بابا! آئون ڪنهن به ڪتاب تي تيستائين لکي ڪونه سگهندو آهيان جيستائين اهو مڪمل طور پڙهي نه وڃان ۽ آئون پڙهڻ کان سواءِ لکي ڪونه سگهندس ڳچ جيترو ڪم پيو آهي جيڪو ڪرڻ چاهيان ٿو پر طبيعت ناساز آهي ان ڪري نه پيو ڪري سگهان توهان جو ڪم خود ئي مڃتا ماڻيندو. مون کي ته خوشي آهي ته سنڌ جون نياڻيون هاڻي علم ۽ ادب جي ميدان ۾ چڱو اڳتي پيون اچن. توهان محمد عثمان ڏيپلائيءَ جي قلمي سفر کي وڌائي پنهنجي قوم ۽ خاص ڏيپلي شهر جو مانِ مٿانهون ڪري رهيا آهيو“.
    منهنجي نظر ۾ جامي چانڊيو جا جملا سئو سيڪڙو صحيح آهن ته”محمد عثمان ڏيپلائي، غلام رباني آگرو، شيخ اياز، سراج الحق ميمڻ، رسول بخش پليجو، شمشيرالحيدري ۽ ٻيا ڪيترائي فڪري اڳواڻ اسان کي هن عظيم اسڪالر ۽ فڪري رهنما معرفت مليا آهن ۽ ڪيترن ادبي نوواردن کي پاڻ اڄ تائين سنئين دڳ لائي رهيا آهن“.
    سنڌ جي هن مهان، مهربان ۽ ادب پرور شخص سان منهنجي ٿيل اها ملاقات حياتيءَ جو وڏو سرمايو ٿي ويئي. انهيءَ وقت اتي ممتاز علي ڀٽو پڻ ساڻن ملڻ آيو هو. گڏ ميڊيا وارا به هئا جن کي ڊرائينگ روم ۾ ويهاريو ويو هو. سائين اسان وٽان اُٿي ڪجهه دير لاءِ ڊرائينگ روم ۾ ويا پوءِ ڀٽو صاحب سندن بيڊ روم ۾ موجود لائبريري ڏسڻ آيو جتي اسين ويٺل هئاسين، ڪمري ۾ موجود ڪتابن جي شيلفن ڏانهن اشارو ڪري، جويو سائينءَ کان پڇيائين ته، ”توهان هيڏا سارا سڀ ڪتاب پڙهيا آهن.“ سائينءَ مُرڪي وراڻيو ته”هر ڪتاب پڙهيل ۽ پروڙيل آهي ۽ ڪيترن کي مارڪ ڪيو اٿم ۽ مٿن ريمارڪس به لکيل آهن ۽ ضرورت پوڻ تي اهو ڪڍي وٺندو آهيان. مون کي ياد آهي ته ڪهڙي ڪتاب ۾ ڪٿي ڇا ڇا لکيل آهي“.؟ سائينءَ جي مهمانن جي ڪري مون کانئن موڪلايو. 30 ڊسمبر 2007ع تي محمد ابراهيم جويو صاحب سان ٻن ڪلاڪن جي ٿيل انهيءَ ملاقات ۾، مون کانئن گهڻو ڪجهه پرايو ۽ وڏي رهنمائي ملي.


    آفتاب ميمڻ، هڪ گهڻ رُخي شخصيت

    آفتاب ميمڻ، هڪ گهڻ رُخي شخصيت
    آفتاب احمد ميمڻ 19 جون 1995ع تي ڏيپلي شهر ۾ محمد موسيٰ ميمڻ جي گهر جنم ورتو. هن نامياري نثر نگار ٻارنهن سالن جي عمر ۾ پنهنجي ادبي پورهئي جو آغاز”خادم وطن“ اخبار ۾ لکڻ سان ڪيو ۽ جيئن ئي پاڻ ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ پڙهڻ آيو ته ڪاليج مئگزين ۾سنڌي ۽ انگريزي ٻولين ۾ لکڻ سان گڏ ڪاليج مئگزين ائڊٽ ڪيائين. ڪاليج بعد انجنيئرنگ يونيورسٽيءَ ۾ 1972ع ۾ پهريان شاگرد ۽ پوءِ”پرهه ڦٽيءَ“ جي عنوان سان رسالا پنهنجي انقلابي ساٿين ارشاد نبي عباسي(پارس/شاد/سهيل سانگي، اختر درگاهي ۽ نذير عباسي شهيد سان گڏ ڪڍيائين. اهڙيءَ ريت سندس قلمي سفر قوي ٿيندو ويو. هن ڪيترين ئي اخبارن ۾ ڪالم ۽ مضمون لکيا ۽ چند ڪهاڻيون پڻ لکيائين، جيڪي مختلف رسالن ۾ ڇپيون نثر ۾ هن مضمون، ڪالم، ڪهاڻيون، ناول نما سفرنامو لکيا آهن. سندن لکيل ادبي پورهئي مان چار ڪتاب ڇپجي شايع ٿي چڪا آهن ته ڪجهه ڪتاب اڃان تڪميل جي مرحلن ۾ آهن. ڇپيل ڪتابن ۾”هر پل صليب تي“”نيٺ ته ڊهندي“، ”نيل نديءَ ڪناري“ (جنهن کي 2011ع ۾ سنڌي لئنگويج اٿارٽيءَ پاران بهترين سفرنامي جو ايوارڊ مليو آهي) ۽ ”قابل رحم قوم“ (اردو ٻوليءَ ۾) آهن.
    ”هر پل صليب تي آفتاب ميمڻ جو پهريون ڪتاب آهي جو موضوع جي حوالي سان ڪالمن تي مشتمل آهي. ڪالم نگاري صحافت جو حصو هوندي به ادب سان مضبوط ۽ مربوط نموني جڙيل آهي. روزاني اخبارن ۾ آيل ادبي، علمي، سماجي ۽ سياسي ڪالمن جي هڪ خاص اهميت آهي. ڪڏهن اهي مضمونن جي شڪل ۾ به هجن ٿا. بنيادي طور ڪالم مضمونن مان ئي اسريا آهن، انگريز دور ۾ جڏهن اخباري صنعت جي شروعات ٿي هئي، تڏهن ڪالمن ۽ مضمونن جي وچ ۾ ڪو خاص سنڌو نه هو، پر پوءِ آهستي آهستي وقت سان گڏ ڪالم، مضمونن کان الڳ نثري صنف شمار ٿيڻ لڳا. هلندڙ دور ۾ ڪيترن ئي ڪالمن جا مجموعا شايع ٿيا آهن، جن ۾ هر پل صليب تي هڪ خوبصورت اضافو آهي.
    هيءُ ڪتاب 1990ع کان 2008ع تائين جي دور جي ڪالمن ۽ مضمونن جو مجموعو آهي، جيڪي وقت به وقت سنڌي اخبارن ۾ ڇپيا. 2010ع ۾ سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي جي هن ڪتاب کي خوبصورت ۽ بامعنيٰ ٽائيٽل ۽ پڪي جلد سان شايع ڪيو. ڪتاب تي راءِ ڏيندڙن ۾ قاضي اسد عابد، ڊاڪٽر جبار خٽڪ، مختار عاقل، غازي صلاح الدين، احمد خان جمالي، فضل قلباڻي ۽ عمر قاضيءَ جا رايا شامل آهن. جنهن ۾ ڪنهن کين ملڪ دشمن عناصرن کي بي نقاب ڪندڙ آدرشي ۽ انقلابي ڪالم ڪار سڏيو آهي ته ڪنهن کيس قربائتو، بااخلاق، ديانتدار، ڪامورو سڏيو آهي. ڪنهن جي نظر ۾ شاگرد سياست ۾ سرگرم رهڻ وارو نظرياتي ڪارڪن آهي ته ڪٿي هو ڪرنٽ افيئر جو ماهر قلمڪار آهي.
    هنن ڪالمن جي مواد ۾ سماجي ناانصافين ۽ محرومين تي واڪا ڪيل آهن. ملڪي حالتن ۽ اخبار جي خبرن جي حوالي سان سچن واقعن ۽ حقيقتن کي سنجيدگيءَ سان پيش ڪيو ويو آهي ته ڪٿي ليکڪ طنزيه ۽ مزاحيه انداز سان پڻ مسئلن جي نقاب ڪشائي ڪئي آهي. نثري ادب جي حوالي سان جيڪڏهن انهيءَ ڪتاب جي ڇنڊ ڇاڻ ڪجي ٿي ته ظاهر ٿئي ٿو ته اهي اخباري ڪالمن هوندي به ٻوليءَ جي لحاظ کان اديباڻه ڪالم آهن جن جي اهميت سدا حيات آهي.
    اهي ادبي ليکڪ جي وسيع مطالعي ۽ مشاهدي جي ڄاڻ ڏين ٿا سڄي ڪتاب جو تنقيدي جائزو اهو ظاهر ڪري ٿو ته آفتاب ميمڻ کي سنڌي نثر جي اصولن جي ڀليءَ ڀت ڄاڻ آهي. سڄي ڪتاب ۾ بيهڪ جون نشانيون، چوڻيون، پهاڪا، اصطلاح، موقعي مطابق مهلائتا شعر ۽ موضوع سان مواد جي مطابقت اعليٰ درجي جي آهي. هن ڪتاب کان پوءِ ليکڪ جا ٻيا 3 ڪتاب پڻ ڇپيا آهن. جيڪي پاڻ نثر ۾ آهن ۽ سندس لکڻ جو سفر جاري ساري آهي.
    ڏيپلي شهر جو هي ڊي ايم جي گروپ جو ڪامورو سانگهڙ، نوابشاهه ۽ ڪراچيءَ جو ڊپٽي ڪمشنر رهيو. ان کان سواءِ سنڌ حڪومت جي ادارن جيئن ايڪسائيز ۽ ٽيڪسيشن، ايگريڪلچرل، انفارميشن ۽ وومين ڊولپمينٽ جي ادارن جو سيڪريٽري رهيو. سندس ڪالمن توڙي مضمونن ۾ انهن لاهين چاڙهين ۽ حالتن جا احوال پڻ آهن، جيڪي کيس بيورو ڪريسيءَ جي دور ۾ پيش آيون. وڌيڪ هن ڏس ۾ سندس آتم ڪهاڻي جلد منظر عام تي اچڻ واري آهي. پر اها خبر انهن سڀني کي چڱيءَ پر آهي ته هو جهڙو آهي ٻاهر، تهڙو اندر اٿس. قرب، تواضع ۽ نياز ۽ نوڙت ۾ پوئل آفتاب ميمڻ نه فقط ادب شناس پر ماڻهو شناس پڻ آهي. اميد ته سندس اديبانه ونگ ۾ رچيل تحريرون، سنڌي نثر جي سرسبز باغ کي سيراب ڪنديون رهنديون.


    ڊپٽي صاحب جنهن جو گفتو گفتو گل

    ڊپٽي صاحب جنهن جو گفتو گفتو گل

    مٿئين عنوان وارو ڪتاب سنڌي ادب جي سوانح نگاريءَ ۾ هڪ نئون اضافو آهي، جو نصير مرزا سهيڙيو آهي. غلام محمد مخدوم صاحب جي باري ۾ لکيل هن ڪتاب جو ڪاغذ ۽ ٽائيٽل وڻندڙ آهن. 360 صفحن جي هن سوانح ۾ سنڌ جي اهم علمي ۽ ادبي شخصيتن جا مخدوم صاحب جي باري ۾ ليک آهن. جن ۾ پير حسام الدين راشدي، عنايت بلوچ، ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو، نفيس احمد ناشاد، قربان منگي، انعام شيخ، ڊاڪٽر قاضي خادم، تاج جويو، شوڪت حسين شورو ۽ ٻين جون تحريرون شامل آهن. 84 صفحن تي مشتمل انگريزي ٻوليءَ جي ليکن ۾ گل محمد عمراڻي، ڊاڪٽر منصور ۽ ٻين گهر ڀاتين لکيو آهي ۽ اردوءَ ۾ محمد حسن ۽ سيد اسلم جعفريءَ جون تحريرون شامل آهن. هن ڪتاب ۾”عڪس درِ عڪس“ جي عنوان سان فوٽو گئلريءَ ۾ تقريبن اڍائي سو بليڪ اينڊ وائيٽ ۽ رنگين تصويرون آهن جن ۾ فئملي فوٽوز ۽ مخدوم صاحب جي منعقد ڪرايل سچل ڪانفرنسن جون تصويرون آهن ۽ مخدوم صاحب جن پنهنجي ذاتي وڏي لائبريري سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ کي گفٽ ڪئي جتي سندن نالي سان غلام محمد مخدوم ڪارنر قائم ڪيو ويو آهي. انهي موقعي جا فوٽوز پڻ شامل آهن ۽ ريڊيو پاڪستان کي پنهنجي جمع ٿيل موسيقيءَ جي ڪليڪشن ڏيڻ وقت جون تصويرون پڻ عڪس درعڪس جي البم ۾ شامل آهن.
    هن ڪتاب جي تحريرن کي پڙهڻ بعد اندازو ٿئي ٿو ته مخدوم صاحب جي سوانح جا سوين رنگ آهن. هو اديبن ۽ عالمن جو قدردان هيو ته ڪتابن وٺڻ ۽ پڙهڻ جو ڪوڏيو رهيو. ڪتاب ئي سندس حياتيءَ جو اهم محور رهيا. نهٺائيءَ سان ٻين جي دل جيتيائين نثار احمد صديقيءَ کين مخلص دوست ۽ بي لوث انسان سڏيو آهي ته ڊاڪٽر عبدالغفار موجب هو مهربان دوست ۽ برجستو آفيسر هيو. مشتاق شورو کين انتهائي نفيس، شفيق ۽ گهڻ سهو انسان سڏي ٿو.
    هاڪاري رويو رکندڙ مخدوم صاحب 80 سالن جي حياتيءَ ۾ حياتيءَ کان مطمئن آهي هو ڪڏهن به مايوس نه ٿيو آهي. موت کي برحق ڄاڻندي پنهنجي انٽرويو ۾ سنگت کي پيغام ڏيندي چوي ٿو ته:
    ”هلڻ وقت وکون ته ڳڻڻ گهرجن ۽ بس هلندو ئي رهڻ گهرجي، زندگي هڪڙو رقص آهي ۽ اهو رقص ڪبو رهجي، مڙي مڙي پويان ڏکن، اهنجن، يارن جي بيوفاين، پنهنجن جي وڇوڙن ۽ زماني جي مصيبتن کي بار بار پيو ڏسبو ۽ ڳڻبو رهبو ته زندگيءَ جو توازن هيٺ مٿي ٿي ويندو. پکي اڏامڻ مهل ۽ مڇي ترڻ مهل سوچيندي ٿورو ئي آهي بس پکي آسمان جي ڦهلاءُ ۾ اُڏامندو رهندو آهي ۽ مڇي درياءَ ۾ ترندي رهندي آهي. سو ماڻهو کي به زندگيءَ ۾ هلندو ۽ هلندو ئي رهڻ گهرجي، باقي سو هوا سان گڏ ڪوبه يا ڄمار ناهي رهندو ۽ نهايت جلد ڪو وقت اهڙو اچي ويندو آهي جو هوا نيٺ سرير جو ساٿ ڇڏي ويندي آهي ۽ ان کان پوءِ مٽيءَ جو ساٿ شروع ٿي ويندو آهي ۽ ماڻهو ازل تاابد زمين جي ڪتاب جو ورق بڻجي پوندو آهي. سو ماڻهو مٽي ۽ خاڪ جلد ختم ٿيڻ واري ۽ فاني شيءَ آهي. جنهن جي ذات سدائين رهڻي آهي ۽ اهوئي لافاني بخشڻهار ۽ اهوئي خلقڻهار آهي جنهن جو نوازڻ سڀ ڪجهه آهي ۽ ان ئي فلسفي پويان هلو ته، ”جو نوازي ڏڏ، آسرمَ لاهج اُن جو“(ص100)
    ڪتاب جو ٽائيٽل، ضخامت، اڇو پنو منفرد عنوان ۽ ٻاهرين سونهن ۽ سوڀيا پڙهڻ لاءِ هرکائيندڙ آهي، پروف ڌيان سان چڪاسيل آهن. ڪتاب ۾ پروف جون غلطيون نه هئڻ برابر آهن. هيءُ ڪتاب هڪ فرد جي انسان دوستي، ادب پروري، ذهانت، علميت ۽ فرض شناسيءَ جي ڄاڻ ڏئي ٿو. صاحب ڪتاب سان سوانحي رهاڻ صفحي 17 کان 103 تائين ڪيل آهي جنهن ۾ ڊپٽي صاحبِ جا انٽرويو ۽ ساڻن ڪيل ڪچهريون آهن. سندن گفتن کي نصير مرزا گلن سان تشبيهه ڏني آهي. هن ڪتاب جو ٻيو ڇاپو 2015ع ۾ ڇپيو آهي. جنهن جو عنوان”ڊپٽي صاحب جنهن جا گفتا سڀ گلاب“ ۽ اردوءَ ۾”ڊپٽي صاحب جن کي ساري حرف گلاب“ جي عنوان سان شايع ٿيا آهن.


    يوسف سنڌيءَ جي ادب شناسي

    يوسف سنڌيءَ جي ادب شناسي
    يوسف سنڌيءَ جو لکيل”سنڌي ادب“ ڪتاب 2011ع ۾ سچائي اشاعت گهر، اڪادمي ادبيات، جي سهڪار سان شايع ڪيو. 528 صفحن جي هن ڪتاب ۾ هڪ سئو اديبن جي سوانح ۽ ڪم جو جائزو شامل آهي ۽ مهاڳ ڊاڪٽر فهميده حسين جو لکيل آهي. هوءَ لکي ٿي ته:
    ”هن ڪتاب لکڻ تي آءُ محترم يوسف سنڌيءَ کي پڻ انهيءَ ساڳئي سٿ ۾ شمار ڪريان ٿي جن سنڌي ٻوليءَ کي ايڪيهين صديءَ ۾ مانائتو ڪيو آهي.“
    يوسف سنڌيءَ جو نالو سنڌي ادب ۾ هڪ وڏي وٿ طور قرار ڏنو وڃي ٿو. هن جاکوڙي اديب پنهنجي محدود وسيلن هوندي پڻ ادب توڙي اديبن جي وڏي خدمت ڪئي آهي ذاتي طور نهٺو، هڏ ڏوکي ۽ مددگار آهي. هو هميشه انڪساريءَ کان ڪم وٺندو آهي نه وٽس وڏائو، نه ٺاهه ٺوهه، هو ڪتاب ۽ پنن جي فائيل ڪڇ ۾ کنيو سيمينارن، ادبي محفلن، بڪ اسٽالن، پبلشرز ۽ پرنٽرز وٽ نون نون موضوعن تي لکڻ ۽ نون نون ڪتابن ڇپائڻ لاءِ سرگردان آهي. سندس حياتيءَ جو مقصد فقط ۽ فقط سنڌ، سنڌ واسين ۽ سنڌي علم ادب جي خدمت آهي. سنڌي ادبي سنگت جي سيڪريٽريءَ جي حيثيت سان پڻ يوسف صاحب ڪافي خدمتون سرانجام ڏنيون آهن. سڄي سنگت کي گڏ کڻي هلڻ ئي سندس مشن آهي. هو مستقل ۽ مسلسل لکندڙ اديب آهي.
    سندس ڪيترائي ڪتاب ترتيب، ترجما ۽ تصنيف ڪيل آهن، جن ۾”پسي تنهنجي تجلي“، ”سنڌي ادب جا سرچشما“، ”نه وڃڻ جو پڇتاءُ،“ ”تو ڇو پيار ڪيو“ ”اونداهي ۾ سوجهرو“، ”سدائين سفر ۾”، ”نجم عباسي“ ”فن ۽ شخصيت“، ”هل ته دهلي هلون.“ ”سنڌ سان ڇا ٿيو“، ”ڏيئو ۽ دريا“، قديم يونان جون ديويون ۽ ديوتا“، ”حضرت محمد صلي الله عليه وسلم“، ”هڪ سئو تاريخ ساز شخصيتون“ ”آزاديءَ جو ڊگهو سفر“، ”بُک“، ”اُسامه بن لادن جي پراسرار دنيا“، ”چي گويرا جي ڊائري“، ”سدا سُرها گل“، ”سنڌ پاڪستان کان پوءِ“، ”قاسم پٿر شخصيت/يادگيريون“، ”آزاديءَ جو ڊگهو سفر“ ۽ ٻيا ڪتاب آهن.
    ”سنڌي ادب“ ڪتاب جي ورق گردانيءَ کان اڳ جيئن ئي هٿ ۾ کنيم ته هن ڪتاب جي سرورق ۽ مواد مون کي پاڻ ڏي ڇڪيو، گذريل ڪيترن ئي سالن کان آئون پاڻ پڻ سنڌي نثر، نثري صنفن ۽ انهن صنفن ۾ لکيل مواد جي ڇنڊ ڇاڻ متعلق ڪم ڪندي پئي اچان، انهيءَ ڪري هي ڪتاب مون کي نه فقط پنهنجي مطلب ۽ مقصد متعلق لڳو پر جيئن جيئن پڙهندي ويس تيئن مون کي اندازو ٿيو ته سوانح لکڻ ڪو ڪمال هجي نه هجي پر ڪماليت سان لکڻ يقينن وڏو ڪمال آهي. يوسف سنڌيءَ هر ليکڪ جي باري ۾ تمام وڻندڙ ۽ تفصيلي معلومات ڏني آهي جيڪا ادبي تاريخن جي حوالي سان هڪ بلڪل منفرد اضافو شمار ٿئي ٿي. ”سنڌي ادب“ ڪتاب کان اڳ سندس ڪتاب“ ”سنڌي ادب جا سرچشما“ 2004 ۾ ڇپيو هو. جنهن ۾ 43 سوانحي مضمون شامل هئا. فاضل ليکڪ انهي سان گڏ ٻيا مضمون ملائي ڪل سو اديبن جو احوال هن ڪتاب ۾ آندو آهي. جنهن جي ليکڪن جا نالا الف ب وارا ترتيب سان ڏنل آهن. جو اڄڪلهه جي جديد تحقيق جو گهربل انداز آهي.
    ڪتاب ۾ جن عالمن، اديبن ۽ شاعرن جو سوانحي ذڪر ۽ خدمتون بيان ڪيل آهن. انهن ۾ آغا سليم، امر جليل، الطاف شيخ، اياز قادري، امداد حسيني، استادبخاري، تنوير عباسي، ڀيرومل مهرچند آڏواڻي، پير حسام الدين راشدي، ڄيٺمل پرسرام، حميد سنڌي، سراج الحق، سوڀو گيانچنداڻي، سندري اتم چنداڻي، غلام نبي مغل، گوبند مالهي، ليکراج عزيز، نجم عباسي، نسيم کرل، محمد عثمان ڏيپلائي، محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ۽ ٻين جو احوال آهي.
    هن ڪتاب ۾ مختصر پر جامع معلومات پيش ڪيل آهي. طارق اشرف جي خدمتن کي مڃتا ڏيندي ليکڪ لکي ٿو ته:”سهڻي جا ٻيئي دور، سنڌي ادب جي حوالي سان اهميت وارا آهن. سهڻي ڪيئن نوان ليکڪ پيدا ڪيا، جن اڳتي هلي وڏو نالو ڪڍيو. سهڻي هڪ رسالو ڪونه هو، سهڻي هڪ تحرڪ هو، سهڻي هڪ ڇاڻي هئي، جيڪا سٺا اديب ڇاڻي، سنڌي ٻوليءَ جي هنج ۾ وجهندي هئي.“(ص232)
    ظفر حسن جي باري ۾ لکيو اٿس ته:
    ”ظفر حسن، سنڌي ٻولي، سنڌي ادب ۽ سنڌ ڌرتيءَ سان”لاشريڪ له“ جي حد تائين عشق ڪيو. انهيءَ حوالي سان هو پنهنجي ذاتي توڙي ادبي زندگيءَ ۾ پنهنجي ٺاهيل اصولن کان ڪڏهن به ڪونه هٽيو. ظفر حسن سان انهن اصولن جي آڌار تي اختلاف ڪندڙ ماڻهو به سندس سچائيءَ ۽ ايمانداري کان انڪاري نه هوندا.“(ص_234)
    هن ڪتاب ۾ هر دور جي نثر نويسن ۽ انهن جي فن جي ڄاڻ ملي ٿي ته انهيءَ دور جي فڪر ۽ تخليقي قدرن جي پروڙ پڻ ملي ٿي ته گڏ مولوي احمد ملاح کان ذوالفقار سيال تائين اهم شاعرن ۽ سندن ڪم بابت معلومات موجود آهي.”سنڌي ادب“ هڪ ڪارائتو ۽ قيمتي مواد وارو ڪتاب آهي جنهن ۾ ڪمپوزنگ جون غلطيون نه هئڻ برابر آهن. نثر جو استعمال آسان ۽ عام فهم آهي. يوسف سنڌيءَ کي جس هجي جنهن ادب ۾ هڪ اهم ڪتاب جو اضافو ڪيو آهي.


    عورتن جي تعليم

    عورتن جي تعليم
    سعادت آ، فضيلت آ، حقيقت آ علم
    حڪومت آ، سياست آ، عبادت آ علم

    علم انسان جي ٽئين اک ۽ دين جو سوجهرو آهي، علم جي الاهي نور سان انساني ڪردار جا گل ڦل ٽڙي، انسانيت جي تعمير ڪن ٿا ۽ قومن جون تقديرون جاڳي اٿن ٿيون. سماج جي ترقيءَ ۽ خوشحاليءَ جو راز يقينن انهيءَ ۾ ئي سمايل آهي ته هتان جو هر فرد تعليم يافته هجي ۽ هو فقط ڪاغذي ڊگري هولڊر نه پر صحيح معنيٰ ۾ ڄاڻ ۽ شعور جو ادراڪ رکندڙ هجي علم جي نور جي سگهه تمام طاقتور ۽ مضبوط آهي جنهن جو اندازو اسان کي اڄ به ايترو نه آهي جيترو هئڻ گهرجي. انهيءَ جو سبب فقط اهو آهي ته آباديءَ جي اڌ حصي يعني عورت ذات جي، تعليم ۽ علمي سجاڳيءَ تي اسان جي توجهه گهٽ آهي.
    زناني تعليم جي ضرورت ۽ اهميت جو اندازو هن حديث سڳوريءَ مان احسن نموني ٿئي ٿو. پياري رسول پاڪ محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وآله وسلم جن فرمايو آهي ته:
    طَلبَ العلم فريضتهُ عليٰ ُڪلِ ُمسلِمَ وَ ُمسلِمَتَه.
    ترجمو: علم جي طلب فرض آهي هر مسلمان مرد ۽ عورت تي.
    مٿئين حديث مان معلوم ٿئي ٿو ته عورت جي علم جي حاصل ڪرڻ کي اسلام ۾ ڪيتري فوقيت ڏنل آهي؟ اها عورت ئي آهي جا پنهنجي معصوم ٻچڙي کي لوليون ڏيئي پينگهي ۾ سُمهاري ٿي ۽ فرشتو ٻار انسان به ٿيئي ٿو ته شيطان پڻ ٿي سگهي ٿو. هر ماءُ جي آس ۽ اميد هوندي آهي ته سندس اولاد نيڪ ۽ صالح هُجي کيس ڪڏهن به ڪوسو واءُ نه لڳي پر اهو ماءُ جي ڏنل تعليم، تربيت ۽ دعائن جو نتيجو هوندو آهي جو هو سمجهدار ۽ سماج جي لاءِ ڪارائتو فرد ثابت ٿيندو آهي. جيڪڏهن اها ماءُ پڙهيل لکيل هوندي ته طبيعت ۾ سلجهيل، سلقيه مند ۽ صلح پسند هئڻ ڪري چاهيندي ته سندس اولاد پنهنجو وقت ضايع نه ڪري ۽ هاڪاري سرگرمين ۾ هجي کيس وقت جو قدر، پئسي جي اهميت ۽ دنياوي ضرورتن جي ۽ دين جي حڪمن جي ڄاڻ ضرور هوندي آهي. انهيءَ ڪري سندس تربيت سان ملڪ جي تعليم جي تناسب ۾ اضافو پڻ ٿيندو ۽ هوءَ چاهيندي ته سندس اولاد تعليم يافته ٿيئي.
    عورتن جي تعليم جي اهميت کان انڪار نه اڄ ڪري سگهجي ٿو ۽ نه ئي پوين دور ۾ هو. اسلام جي حوالي سان نظر ڊوڙائبي ته حضرت عائشه صديقه رضه(محدث حديث) اسما بنت ابو بڪر، حضرت انس رضه جي والده، بيبي رابعه بصري ۽ ٻين ڪيترين عورتن قرآن پاڪ ۽ حديث جي علمن کي سکيو، اڳيان هلي ٻيون پڻ ڪيتريون عورتون پنهنجي علم ۽ عقل سان ڪامياب ٿيون. ان کان پوءِ هندوستان ۾ ملڪه نور جهان،
    مسز بند رانائيڪي، محترمه شهيد بينظير ڀٽو، حسينه واجد ۽ ٻين ڪيترين عورتن ملڪن تي حڪمرانيون ڪيون ۽ پنهنجي پنهنجي رياستن ۾ عوام جي اڪثريت جي دلين کي فهم ۽ فراست سان کٽيو.
    سنڌ جي تعليم جي حوالي سان جيڪڏهن تجزيو ڪجي ته سنڌي عورت اڄ ڪافي پٺتي پيل نظر اچي ٿي. ڳوٺن جي عورتن جي سماجي ۽ معاشي حيثيت مضبوط نه آهي جنهن جو وڏو سبب علم جي ڪمي آهي، انهيءَ جي ابتڙ شهرن ۾ سنڌي عورت جي ڪجهه قدر علمي، سماجي ۽ معاشي حيثيت مضبوط آهي. شهرن ۾ ڪيتريون نينگريون، اعليٰ تعليم حاصل ڪري رهيون آهن جنهن ۾ ڪي ڊاڪٽر ۽ انجنيئر آهن ته ڪن قانون جي تعليم ۾ پاڻ ملهايو آهي. اڄ جي سنڌي پڙهيل ڳڙهيل عورتن ۾ شوبزنس، بيوٽيشن، بيڪنگ ۽ ٻين شعبن ۾ پڻ ڪم ڪرڻ جو رجحان آهي. سنڌ جي شڪارپور جي پهرين عورت ڊاڪٽر ساران صديقي(جنم 1900ع) هئي. جيڪا پنج سئو هندو شاگردن جي وچ ۾ پهرين واحد مسلمان عورت هئي، جنهن دهليءَ مان 1934ع ۾ ايم بي بي ايس جي ڊگري حاصل ڪئي ۽ لاهور ۾ فاطمه جناح ميڊيڪل ڪاليج ۽ ڪنگ ايڊورڊ ڪاليج جا امتحان وٺڻ ويندي هئي. ڪراچيءَ جي سول اسپتال ۾ وڏو عرصو زنانو وارڊ اڪيلي سر هلايائين.
    اهڙي ريت پوءِ عورتن ۾ ڊاڪٽريءَ جي تعليم جو رجحان وڌيو. ڪيتريون اعليٰ درجي جون ليڊي ڊاڪٽرز جيئن ڊاڪٽر رضيه انصاري، ڊاڪٽر لطيفان گانڌي، ڊاڪٽر آفتاب منير، ڊاڪٽر امينا اشرف عباسي ۽ ٻيون آيون ۽ اڄ انيڪ ڇوڪريون ڊاڪٽريءَ جي تعليم حاصل ڪري رهيون آهن. ڪيتريون عورتون درس وتدريس جي شعبي سان لاڳاپيل رهيون. جن ۾ دادي ليلا، آپا مريم نوحاڻي، ڊاڪٽر شمس عباسي ۽ ٻيون آهن ته سياست ۾ بيگم طاهره آغا، بيگم صغران هدايت الله، ڊاڪٽر فهميده مرزا، ڊاڪٽر حميده کهڙو ۽ ٻيون آهن.
    مطلب ته شهر جي عورتن کي ڪيترائي موقعا مختلف فيلڊس ۾ تعليم جي باعث ميسر ٿين ٿا. جو هو پيرن تي بيهي پنهنجي حياتي نه فقط ٺاهين ٿيون پر وڏو نالو پيدا ڪن ٿيون. انهيءَ جي برعڪس سنڌ جي ڳوٺن ۾ تعليم جي وڏي ڪمي آهي جڏهن ته آباديءَ جو وڏو انگ ڳوٺن ۾ رهي ٿو. انهيءَ ڪري گڏيل طور تعليم جو سيڪڙو گهٽ ئي شمار ٿيندو. هن سيٽلائيٽ جي دور ۾ اسان جي آباديءَ جي اڌ حصي جو علمي معيار ايترو ته ڪريل آهي جو اسان ڪنهن به حالت ۾ دنيا جي حالتن جي برابري ڪرڻ جي لائق نه آهيون.
    هلندڙ وقت ۾ اخبار ۾ آيل هڪ خبر مطابق”سنڌ جا 12 هزار هڪ سئو اوڻٽيهه اسڪول اهڙا آهن جن کي ڇت ميسر ڪونهي. حميرا علواڻي ڪاوش 28 فيبروري 2009ع ۾ لکيو هو ته:
    ”اڪيڊمي آف ايجوڪيشن پلاننگ اينڊ مينيجمينٽ آف پاڪستان جي سروي مطابق پاڪستان ۾ 12737 اسڪول بند آهن جن ۾ 60 سيڪڙو اسڪول سنڌ جا اسڪول آهن جيڪي گهڻي ڀاڱي ڳوٺن جا اسڪول آهن ۽ سنڌ ۾ مجموعي طور 51 کان 64 سيڪڙو ٻار تعليم حاصل ڪرڻ کان محروم آهن.
    اهو تجزيو ته کڻي پنج سال اڳ جو آهي پر موجوده وقت به ڪو خاص ٻوٽو ٻريل ڏسڻ ۾ نٿو اچي مٿي ڄاڻايل انگن اکرن موجب 60 سيڪڙو ٻارن جي تعليم کان محروميءَ ۾ اڌ انگ بلڪل نياڻين جو به هوندو جڏهن ايتريون نينگريون بنيادي تعليم کان محروم آهن ته پوءِ سيڪنڊري ۽ هائر تعليم تائين ڪيئن پهچي سگهبو.؟
    هاڻي انهيءَ جا ڪهڙا سبب آهن؟ سببن کان پوءِ ئي انهن جي اپاءُ تي غور ڪري سگهجي ٿو.
    موجوده وقت ڳوٺن ۾ تعليم جي رڪاوٽن جي سببن ۾ اهم هيٺيان آهن.
    1. زنانن اسڪولن جو تعداد ۾ گهٽ هُجڻ.
    2. اسڪولن جو ڳوٺ کان پري هجڻ.
    3. ڀوتارن ۽ وڏيرن طرفان اسڪولن جي قائم ٿيڻ، کلڻ ۽ جاري رکڻ ۾ رڪاوٽون وجهڻ.
    4. نااهل استادن جون ڀرتيون
    5. مقامي ماسترياڻين جي کوٽ هجڻ.
    6. عوام جو تعليم جي لاءِ لاغرضائي، اٻوجهائي ۽ تعاون نه ڪرڻ.
    7. عورتن جي محنت مزدوريءَ سبب گهران وڃڻ جي ڪري، سندن ننڍين نياڻين جو گهر ۽ ٻار سنڀالڻ.
    8. معاشي مجبوريون ۽ سماجي پابنديون.
    9. والدين طرفان نياڻين جي تعليم تي گهربل توجهه نه ڏيڻ.
    10. انتظاميه ۽ تعليم کاتي جو پاڻ ۾ ايڪو نه هئڻ.
    ۽وڌيل ڪرپشن کان سواءِ ٻيا پڻ انيڪ سبب آهن جن لاءِ اڄ منهنجو هيءُ مضممون تئي تي ڇنڊ آهي. اسان ڪيترائي سيمينار ڪرايون هن ڏس ۾ ڪيتريون ئي ڪانفرنسون ڪرايون پر آئون فقط هڪڙو ئي عرض ڪنديس ته خدا کي حاضر ناظر ڄاڻي، دل جي سچائيءَ سان سنڌ جو هر هڪ شخص جيڪڏهن هن قومي مسئلي کي دل سان محسوس ڪري ۽ انهيءَ ۾ مدد ڪري ته سنڌ ڌرتي جنت ٿي ويندي.
    جيڪڏهن اسان هن گلوبل دور ۾ عورتن کي محڪوم ۽ ڪمزور رکڻ لاءِ، سڄاڻ ٿيڻ کان روڪڻ لاءِ، ذهني ۽ جسماني غلاميءَ لاءِ، معاشري ابتري لاءِ، علم کان محروم ڪيو ته هڪ اهڙي سماج جي اوسر عمل ۾ ايندي جيڪو بي وقعت، ڪمزور ۽ اخلاقي طور ڪريل سماج هوندو. اچو ته گڏجي عهد ڪري پنهنجي آسپاس علم جا ڏيئا منور ڪريون. پڙهيل لکيل مائرن سان پڙهيل ڳڙهيل قوم ٺاهيون شاعر چواڻيءَ ته:
    نياڻيون نماڻيون آهن، نيڻن جا تارا،
    تن کي نه ڪيو، بي علم خدارا.

    (”علمي سجاڳي“، سيمينار، 2014ع ۾ پڙهيل مضمون)


    ببليو گرافي

    ببليو گرافي
    گربخشاڻي هوتچند مولچند،(مرتب)”شاهه جو رسالو“، ڪمشنر ڇاپو، 1923 ۽ 1931ع.
    گربخشاڻي، هوتچند مولچند،”نورجهان“ ورسٽي پبليڪيشن، ڪراچي، 1971ع.
    ڀيرومل مهرچند،”گربخشاڻيءَ وارو رسالو منهنجي نظر ۾“، روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو. 1993ع.
    ملڪاڻي، منگهارام،”سنڌي نثر جي تاريخ“ روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، 1993ع.
    فهميده حسين، ڊاڪٽر، ”ادبي تنقيد فن ۽ تاريخ“، سنڌ ادبي اڪيڊمي، 1997ع.
    امين فهيم،مخدوم”پيغام، سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو 1990ع.
    شمشيرالحيدري، ”ڪاڪ محل“ سنگم پبليڪيشن، 1988ع،
    همسفر گاڏهي،”سنڌ جي ڏاهپ کان سورنهن انٽرويو“، سارنگ پبلشنگ هائوس، ڪراچي، 2004ع.
    سولنگي، غلام مصطفي، ”شاعري ڳالهائي ٿي“، سنڌ راڻي پبليڪيشن حيدرآباد 2015ع.
    لاشاري، فقير محمد،”سگهارو هماليه ۽ هيڻا ماڻهو،“ سنگم پبليڪيشن ڪراچي، 1985ع.
    شوق، نواز علي ڊاڪٽر،”سچل سارو سچ“، سنڌي شعبو ڪراچي يونيورسٽي، 1989ع.
    شوق نواز علي ڊاڪٽر ”هٻڪار“سنڌي شعبو ڪراچي يونيورسٽي. 1976ع.
    پليجو، عبدالحئي،”عالمي عجائبات“، روشني پبليڪيشن، 2004ع.
    پليجو، عبدالحئي،”تن سپون سوجهي ڪڍيون“ مومل پبليڪيشن، 2016ع.
    پليجو، عبدالحئي، ”ٽوئر ٽو آمريڪا“، مومل پبليڪيشن ٻنون 2011ع.
    پليجو، عبدالحئي، ”ڪيڏي نه مختصر زندگي آهي“، مومل پبليڪيشن ٻنون، ٺٽو 2015ع.
    پليجو، عبدالحئي، ”ديس بديس“، سهڻي پرنٽرز حيدرآباد، 1986ع.
    ملاح مختيار، ”سنڌي ادب جي تاريخ جو جديد مطالعو“ ڪاٺياواڙ اسٽور، 2014ع.
    سنڌي يوسف، ”سنڌي ادب“ سچائي اشاعت گهر دڙو، 2011ع.
    مجنون محمد بخش”مسڪين جهان خان“ جميل پبليڪيشن، ميرپورخاص 1969ع.
    هولا رام هنس، ”آتم ڪٿا هڪ اديب جي“، بيسٽ سنڌي سڀا، ممبئي، 2004ع.
    هولا رام هنس، ”جيون جيئڻ جي فلاسافي“ بيسٽ سنڌي سڀا ممبئي 2000ع.
    ڄامڙو، ڪمال ڊاڪٽر،”سنڌي لوڪ ادب جو تحقيقي اڀياس“، سنڌيا پبليڪيشن، 2016ع.
    ڄامڙو، ڪمال ڊاڪٽر،”ڪچهريءَ جا مور“، سنڌ ثقافت کاتو، حڪومت سنڌ، ڪراچي. 2013ع.
    ڄامڙو، ڪمال ڊاڪٽر، ”پاڪستاني زبانون کا لوڪ ادب“، سنڌي شعبو، وفاقي اردو يونيورسٽي ڪراچي، 2015ع.
    سنديلو، عبدالڪريم ڊاڪٽر، لوڪ ادب جو تحقيقي جائزو، انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي، ڄامشورو، 1986ع.
    ڪاڪا، انور،”وصيت نامو“ ڪنول پبليڪيشن، قمبر، 2013ع.
    ڪاڪا، انور، ”نڙيءَ ۾ اٽڪيل سج“ ڪنول پبليڪيشن، قمبر، 2015ع.
    ميمڻ، عبدالمجيد سنڌي، ڊاڪٽر،”سنڌي ادب جو تاريخي جائزو“ روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، 2002ع.
    جوڻيجو، عبدالجبار ڊاڪٽر،”سنڌي ادب جي مختصر تاريخ“، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، 2006ع.
    جوڻيجو، عبدالجبار ڊاڪٽر، ”مائوءَ جي ملڪ ۾“ زيب ادبي مرڪز، حيدرآباد، 1973ع.
    جوڻيجو، عبدالجبار ڊاڪٽر، شيخ اياز، هڪ مطالعو“، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور، 1999ع.
    بيگ مرزا قليچ، ”مقالات الحڪمت“، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو 1972ع.
    شاهه، غلام مصطفيٰ پروفيسر، ”معاشرو ۽ تعليم“ ، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد. 1973ع
    بخاري استاد، ”پير نه هٽن پوئتي“ روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، 2002ع.
    هيسباڻي، ماهين، ”تون“ نئون نياپو پبليڪيشن ڪراچي، 2005ع.
    ٻگهيو، عزيزالرحمان ڊاڪٽر، ”سنڌي صحافت جي ارتقا ۽ تاريخ“ انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي، ڄامشورو، 1988ع.
    ميمڻ پروين موسيٰ، ڊاڪٽر، ”اٿي رائو ريل“، محمد موسيٰ ادبي اڪيڊمي، حيدرآباد، 2008ع.
    گهانگهرو، عابده ڊاڪٽر، تخليق جو انت“ مهراڻ ميڊيا سينٽر، ڪراچي. 2014ع.
    ميمڻ، پروين موسيٰ ڊاڪٽر، ”آديسين ادب آهي اکڙين ۾“ محمد موسيٰ ادبي اڪيڊمي، حيدرآباد، 2009ع.
    خواجه، نور افروز ڊاڪٽر، ”مشڪ کٿوري مڻ“ گنج بخش پبليڪيشن، حيدرآباد. 2010ع
    خواجه، غلام علي الانا، ڊاڪٽر، ”سنڌي نثر جي تاريخ“ زيب ادبي مرڪز، حيدرآباد ٻيو ڇاپو، 1977ع.
    خواجه، غلام علي الانا، ڊاڪٽر، ”سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس“، انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي، 1987ع.
    مخدوم، غلام محمد، ”ڊپٽي صاحب جنهن جو گفتو گفتو گل“، دوستي پبليڪيشن، حيدرآباد 2013ع.
    بيگ مرزا قليچ، ”احوال شاهه عبداللطيف“ ڀٽ شاهه، ثقافتي مرڪز، 1976ع.
    بيگ مرزا قليچ”لُغات لطيفي“، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد 1967ع.
    شيخ محمد علي ”بينظير ڀٽو جدوجهد جي ڪهاڻي“، سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي، 2007ع.
    ميمڻ آفتاب،”هرپل صليب تي“ سنڌيڪا اڪيڊمي، ڪراچي، 2010ع.
    مير چانڊيو، ”سنڌي ادب ۽ ان جي صنفن تي هڪ نظر“ روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، 2007ع.
    (انهيءَ کان سواءِ روزاني جون اخبارون جيئن عوامي آواز، ڪاوش، سوڀ، عبرت ۽ چند مخزنن مان مدد ورتي ويئي آهي.)


    CV ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ

    CV ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ
    نالو: ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ
    جنم تاريخ: 20 نومبر 1958ع، ڏيپلو، ضلع ٿرپارڪر.
    عهدو: ايسوسيئيٽ پروفيسر، نذرٿ گورنمينٽ گرلس ڊگري ڪاليج، حيدرآباد.
    مستقل ايڊريس: A-03 ڏيپلائي ڪالوني، نزد راجپوتانا اسپتال، حيدرآباد.
    اي ميل: parweenmoosa2018@gmail.com
    فون نمبر: 0333-2766564, 022-2661262
    علمي لياقتون: ايم اي انگريزي ادب، ايم اي سنڌي ادب (گولڊ ميڊلسٽ)
    پي ايڇ ڊي. يونيورسٽي آف سنڌ ڄامشورو.
    تحقيقي مقالي جو موضوع: ”سنڌي نثر جي ترقيءَ ۾ ليکڪائن جو حصو، تحقيقي اڀياس (1985ع تائين)“
    تدريسي تجربو: ستاويهه سال

    ڇپيل ڪتاب:
    ”سنڌي ادب جو ادبي جائزو ۽ لطيفيات“، روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو، 2004ع.
    ”سنڌي نثر جي ڪن صنفن جو اڀياس“، هائر ايجوڪيشن ڪميشن، اسلام آباد، 2008ع.
    ”اٿي رائو ريل“، (تحقيق ۽ تنقيد)، محمد موسيٰ ادبي اڪيڊمي، حيدرآباد، 2008ع.
    ”آديسين ادب آهي اکڙين ۾“، (لطيفيات)، محمد موسيٰ ادبي اڪيڊمي، 2009ع.
    ”سون ورنيون سوڍيون“، (ڪهاڻيون)، ترتيب محمد موسيٰ ادبي اڪيڊمي، حيدرآباد، 2009ع.
    ”اخلاقي قدر“، (ٻاراڻو ادب)، محمد موسيٰ ادبي اڪيڊمي، حيدرآباد، 2010ع.(ٻيو ڇاپو) سنڌ راڻي پبليڪيشن آڪٽوبر 2016ع.
    ”وکر سو وهاءِ“، (مضمون ۽ مقالا)، هائر ايجوڪيشن ڪميشن اسلام آباد، 2011ع.
    ”سنڌي نثر جي صنفن جو اڀياس“، ٻيو ڇاپو، روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو، 2015ع.
    ”سنڌي ادب: تحقيقي ۽ تنقيدي مطالعو“، ائڊوانسڊ پبلشرز لاهور، نومبر 2015ع.
    ”عالم سڀ آباد ڪرين“ سنڌ راڻي پبليڪيشن نومبر 2016ع .
    ”پلئه پايو سچ“ سنڌ راڻي پبليڪيشن ڊسمبر 2016ع.

    اڻ ڇپيل ڪتاب:
    ”جي پارکو پارس جا“، (لطيفيات).
    ”ملهه مهانگا سپرين“، (سوانح).
    ”مفتي منجهه ويهار“، (آتم ڪهاڻي).
    ”هلڻ منهنجو هوت ڏي“، (حرمين شريف جي زيارتن تي مبني سفرنامو).
    ”ماڻڪ موتي لعل“، (مضمون ۽ مقالا).
    ”محبت پائي من ۾“، (مضمون ۽ مقالا)
    ”سنڌي نثر جي ترقيءَ ۾ عورتن جو حصو”، تحقيقي اڀياس، پي ايڇ ڊي جو مقالو، (1985ع تائين).

    اعزاز ۽ ايوارڊ:
    سرٽيفڪيٽ اڪيڊمڪ بحث مباحثي جي مقابلي ۾ رُڪنيت تي، بورڊ آف انٽر ميڊئيٽ حيدرآباد طرفان، 2004ع.
    بيسٽ ڪمپيئر شيلڊ، بورڊ آف انٽر ميڊئيٽ حيدرآباد طرفان، 2007ع.
    هائر ايجوڪيشن ڪميشن اسلام آباد طرفان، ”مونو گراف ۽ ٽيڪسٽ بڪ رائيٽنگ اسڪيم طور ڪتابن ”سنڌي نثر جي ڪن صنفن جو اڀياس“، 2015ع ۽ ”وکر سو وهاءِ“ 2006ع جي اسڪيم ۾ منظور ٿيڻ تي تعريفي خط ۽ ڪيش ايوارڊ.
    شمس العلماء مرزا قليچ بيگ، انٽر نيشنل ڪانفرنس 2009-03-03 تي شموليت ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ طرفان اعزازي سرٽيفڪيٽ.
    ڪئنيڊين ايسوسيئيشن ۽ جيجل سنڌ (جس) ريسورس سينٽر جي اشتراڪ سان بين الاقوامي مضمون نويسيءَ جي مقابلي ۾ نقد انعام ۽ سرٽيفڪيٽ 2008ع.
    پهرين قومي مضمون نويسيءَ جي مقابلي بعنوان ”جمهوريت ئي بهترين انتقام آهي.شهيد بينظير ڀٽو جي جمهوريت لاءِ ڪيل جدوجهد“، ۾ شموليت تي سنڌ يونيورسٽيءَ پاران اعزازي سرٽيفڪيٽ، 2010ع.
    ساڳئي مضمون نويسيءَ جي مقابلي ۾ اردو ٻوليءَ ۾ مضمون لکڻ تي اعزازي سرٽيفڪيٽ.
    نيشنل بڪ فائونڊيشن اسلام آباد پاران ٻاراڻي ادب ۾ مضمون نويسيءَ جي ڪتاب تي مقابلي ۾ “معاشي قدر” ڪتاب تي ٻيو انعام ۽ تعريفي خط ۽ سرٽيفڪيٽ.
    سنڌي ادبي سنگت پاران ”اٿي رائو ريل“ ڪتاب کي 2009ع جي بهترين تحقيق ۽ تنقيد جي ڪتاب طور منظور ٿيڻ تي 07 جولاءِ 2010 ع تي ممتاز مرزا آڊيٽوريم ۾ خيرالنساء جعفري ايوارڊ جي شيلڊ.
    سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئشن ۽ ناري سنگت جي طرفان ”راهِه بينظير ڀٽو“ ايوارڊ شيلڊ عورتن جي ڪم جي باري ۾ ڊاڪٽريٽ جي مقالي تي مڃتا طور 2013 ۾ ڏني ويئي.

    ميمبر شپ:
    سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئشن 2. سنڌي اردو ادبي فائونڊيشن.3 ناري سنگت. 4 سنڌي ادبي سنگت


    ڪانفرنسن ۽ سيمينارن ۾ پڙهيل مقالا:
    ”شمس العلماء مرزا قليچ بيگ جون لطيفيات ۾ خدمتون“، قليچ انٽرنيشنل ڪانفرنس آرٽس فئڪلٽي، سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو، 3-4 آڪٽوبر 2009ع.
    ”محمد عثمان ڏيپلائي جون سنڌي صحافت ۾ خدمتون“، قومي ادبي ڪانفرنس، 12 ڊسمبر، 2009ع، وفاقي اردو يونيورسٽي، ڪراچي.
    ”سنڌ سرزمين محبت آهي“ جيجل (جس) پاران سيمينار، سنڌي لئنگويج اٿارٽي حيدرآباد، 2009ع.
    ”خيرالنسا جعفريءَ جون ادبي خدمتون“، ناري پبليڪشن پاران ملهايل شام ۾ سنڌي لئنگويج اٿارٽي، 31 مارچ 2010ع.
    ”سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي ترقي“، ٻه روزه ڪانفرنس، وفاقي اردو يونيورسٽي ڪراچيءَ ۾ مقالو بعنوان، ”ڇا پخانن جي کوٽ ۽ ڇپيل تخليقي ادب جي معيار ۽ مقدار جو تحقيقي جائزو“، 8 ۽ 9 مارچ 2011ع.

    ڇپيل مضمون ۽ مقالا
    (جاکوڙ پيغام احمد، ٽه ماهي مهراڻ، سرتيون، نئين زندگي، سروپا، سنڌي ٻولي، بلاول تحقيقي جرنل، ڪارونجهر، ادبي تحقيق، ڪلاچي، سوجهرو، سنڌي ادب، سنگت ادبي مخزن، روزاني عبرت، ڪاوش، سوڀ ۽ ٻين مخزنن ۽ اخبارن ۾ ڇپيل مواد).
    ”چري“، ڪهاڻي چانڊوڪي، مخرن ميرپورخاص-1980ع.
    ”ماءُ جو دلاسو“ خليل جبران جي ڪهاڻي، (ترجمو) پارس، ماهوار مخرن ميرپورخاص-1982ع.
    ”شاهه عبدالطيف جي شاعريءَ ۾ انساني اخلاقي قدر“، ابن رشد گرلز ڪاليج، مخزن، 1998ع.
    ”شاهه جو فلسفو“، ڪاليج مخزن ميرپورخاص-2000ع.
    ذاتي انٽرويو، سورٺ ادبي مخزن، عبرت پبليڪيشن، حيدرآباد 2005ع.
    ”سون ورني سوڍي شهيد محترمه بينظير ڀٽو“، عبرت، مئي 2005ع.
    ”مرزا قليچ بيگ ۽ ادب جون خدمتون“، هفتيوار سنڌو ڊائجيسٽ، 27 فيبروري 2006ع.
    ”ڀٽائي جي طفيل“، سوجهرو، ايڊيٽر تاج بلوچ، ڪراچي، جنوري 2009ع.
    ”ڪهاڻي ڪلا ۽ سنڌي ادب جون ڪهاڻيڪارائون“، ڪلاچي، تحقيقي جرنل، ايڊيٽر پروفيسر سليم ميمڻ، شاهه عبدالطيف چيئر، ڪراچي يونيورسٽي، 2 ڊسمبر 2009ع.
    ”محمد عثمان ڏيپلائيءَ جون سنڌي صحافت ۾ خدمتون“، ادبي تحقيق، ريسرچ جرنل، سنڌي شعبو وفاقي اردو يونيورسٽي براءِ آرٽس، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، ڪراچي، 2009ع.
    ”سنڌ سرزمين محبت آهي“، (مضمون)، ترتيب ڪامران يوسف زئي، سورج پرنٽرز، حيدرآباد، 2009ع.
    ”جي هينئڙي منجهه هُرن“، (يادگيريون) نواءِ سروش، مخزن ابن رشد گرلز ڪاليج، ميرپورخاص-2009ع.
    ”ترجمي جي فن جو تعارف: اهميت، افاديت ۽ سنڌي نثر ۾ ترجما نگاري“، ڪارونجهر، (تحقيقي جرنل)، ايڊيٽر ڊاڪٽر عنايت حسين لغاري، سنڌي شعبو وفاقي اردو يونيورسٽي، ڪراچي، ڊسمبر 2010ع.
    ”مفتي منجهه ويهار“، جاکوڙ، ايڊيٽر محمد هنڱورو، ساڃهه ويلفيئر فيڊريشن، ٿرپارڪر، آگسٽ 2010ع.
    ”ڏورينديون ڏسن اڱڻ عجيبن جا“، پيغام احمد، مولوي حاجي احمد ملاح اڪيڊمي، بدين، مارچ 2011ع.
    ”سنڌ محبت جي زمين آهي“، سنگت، مخزن ايڊيٽر يوسف سنڌي، گاڏي کاتو حيدرآباد، 2011ع
    ”مطالعو انساني بقا ۽ تڪميل جو اهڃاڻ“، عبرت، 10 مئي 2011ع.
    ”لوڪ ادب ۽ ڊاڪٽر نبي بخش جون خدمتون“، عبرت، 1 مئي 2011ع.
    ”شاهه عبدالطيف ڀٽائيءَ جو فن ۽ پيغام“، عبرت، 4 مئي 2011ع
    ”لطيفيات تي سنڌي، اردو ۽ انگريزي ٻولين ۾ ٿيل ڪم“، عبرت، 16 مئي 2011ع.
    ”ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جون سنڌي ادب ۾ خدمتون“، عبرت، 20 اپريل2011ع.
    ”شهيد راڻيءَ جو جمهوريت لاءِ ڪيل جدوجهد“، عبرت، 27 ڊسمبر 2011ع.
    ”شهيد راڻيءَ محترمه بينظير ڀٽو جي زندگيءَ تي هڪ نظر“، ماهوار اڳواڻ، مخزن ايڊيٽر غلام مصطفيٰ سولنگي، جنوري- فيبروري 2012ع.
    ”معياري مطالعو انسان کي مڪمل بنائي ٿو“، ماهوار جاکوڙ، ايڊيٽر محمد هنڱورجو، مٺي، مئي 2011ع.
    ”ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو“، ماهوار پيغام احمد، حاجي احمد ملاح اڪيڊمي، بدين، آگسٽ 2011ع.
    ”جو وڙ جڙي جن سين“، ڊاڪٽر غلام علي الانا، اڻ ٿڪ انسان، (مرتب) محمد عثمان منگي، سنڌ ماڻڪ موتي تنظيم، حيدرآباد، 2011ع.
    ”اڌ صديءَ کان مسلسل لکندڙ هڪ تاريخ ساز شخصيت“، اڻ ٿڪ انسان، (مرتب) محمد عثمان منگي، سنڌ ماڻڪ موتي تنظيم، حيدرآباد، 2011ع.
    ”ترجما نگاريءَ جي ادبي اهميت“، ٽه ماهي مهراڻ، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، 2/2013ع.
    ”محمد عثمان ڏيپلائي“، سنڌي ٻولي، تحقيقي جنرل، جلد ڇهون، شمارو ٻيو، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، اپريل - جون 2013ع.
    ”حيف تنين هوءِ“، سوڀ سنڊي مئگزين، اپريل 2014ع.
    ”محمد ابراهيم جويو سان ٿيل هڪ ملاقات جو احوال“، ٽه ماهي مهراڻ، ”ابراهيم جويو خاص نمبر“، سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، 3 اپريل 2014ع.
    ”پورهئي ۾ عظمت آهي“، ڪاوش، آڪٽوبر 2014ع.
    ”تون ڇپر تون ڇانو“، ماهوار سرتيون، ايڊيٽر گلبدن جاويد مرزا، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، مارچ 2014ع.
    ”مهراڻ ڏيپلائي نمبر هڪ نظر“، ڪاوش مئگزين، جولاءِ 2014ع.
    ”لطيف شناسي“، ماهوار پيغام احمد، مولوي حاجي احمد ملاح اڪيڊمي، بدين، سيپٽمبر 2014ع.
    ”مشڪ کٿوري مڻ“، ڊاڪٽر نورافروز جي فن جو جائزو، سرتيون، ايڊيٽر گلبدن جاويد مرزا، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، جون - آگسٽ 2014ع.
    ”سنڌي نثر جي واڌري لاءِ م-ع ڏيپلائيءَ جون خدمتون“، ٽه ماهي مهراڻ، ڏيپلائي خاص نمبر، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، 01/2014ع.
    ”پورهئي هٿ سڪار“ ماهوار ”پيغام احمد“ ايڊيٽر عبدالمجيد ملاح بدين، ڪڙي نمبر 4 نومبر 2014ع.
    ”سنڌي نثر ۾ ليکڪائن جو حصو“، ماهوار مخزن سروپا، ايڊيٽر روشن ميمڻ، ڪراچي، شمارو نمبر 01، جنوري 2015ع.
    ”مفتي منجهه ويهار“، (آتم ڪٿا جو باب)، سروپا ماهوار، مخزن ايڊيٽر ميمڻ روشن، آگسٽ 2015ع.
    ”ڊاڪٽر غلام علي الانا جون مقالا تي ادب ۾ خدمتون“، بلاول ڇهه ماهي تحقيقي جرنل، شمارو نائون، ايڊيٽر نذير احمد زرداري، نوابشاهه، جنوري 2015ع.
    ”استاد قوم جا معمار آهن“، ماهوار پيغام احمد، ايڊيٽر عبدالمجيد ملاح، ڪڙي نمبر 48، مارچ 2015ع.
    ”ڏورينديون ڏسن اڱڻ عجيبن جا“، عبرت، اڱارو 24 فيبروري 2015ع.
    ”هو چونيئي تون مَ چئو واتان ورائي“، عبرت، 18 فيبروري 2014ع.
    ”سنڌي نثر ۾ ليکڪائن جو حصو“، عبرت، (ٻه حصا) 27 ۽ 28 فيبروري 2015ع.
    ”ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه اچي بوءِ بهار جي“، عبرت، 01 مارچ 2015ع.
    ”پورهئي هٿ سڪار تو وس آهن هٿڙا“، عبرت، 04 مارچ 2015ع.
    ”جو وڙ جڙي جن سين سو وڙسي ئي ڪن“، عبرت، 13 ۽ 14 مارچ 2015ع.
    ”سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ عورتن جو حصو“، عبرت، 8 مارچ 2015ع.
    ”اسين سڪون جن کي سي تان اسين پاڻ“، سوڀ سنڊي مئگزين، 15 مارچ 2015ع.
    ”ادب زندگيءَ جو آئينو ۽ عڪس آهي“، سوڀ سنڊي مئگزين، 29 مارچ 2015ع.
    ”مطالعي سان قومن جي ڪمال ۽ زوال جي خبر پوي ٿي“، سوڀ سنڊي مئگزين، 22 مارچ 2015ع.
    ”سنڌي نثر ۾ ترجما نگاري“، عبرت، 30 مارچ 2015ع.
    ”سڙيا مٿي سچ“، عبرت، 2 اپريل 2015ع.
    ”جيون گهارڻ جو فلسفو“، عبرت، 6 اپريل 2015ع.
    ”قومي ٻڌي ۽ سنڌي قوم“ روزاني عبرت، 8 اپريل 2015ع.
    ”پنهون ٿيس پاڻ، سسئي تان سور هئا“، سوڀ سنڊي مئگزين، 12 اپريل 2015ع.
    ”ڪتاب ۽ ڪتب خانا اڻ ملهه خزانا آهن“، سوڀ سنڌي مئگزين، 19 اپريل 2015.
    ”سنڌي ڪهاڻي ۾ عورتن جي شموليت جو جائزو“، ٽه ماهي ڪچ ڪوڏيون، ايڊيٽر انعام علي ڪٻر خيرپور، اپريل- جون 2015ع.
    ”سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي ترقي“، ٽه ماهي ڪچ ڪوڏيون، ايڊيٽر انعام علي ڪٻر خيرپور، جولاءِ-سيپٽمبر، 2015ع.
    ”ڪمپيوٽر سائنس جي افاديت“، سنڌ راڻي ماهوار، مخزن ايڊيٽر غلام مصطفيٰ سولنگي، اپريل 2015ع.
    ”سنڌي ٻوليءَ جي ترقي ۾ رڪاوٽون“، عبرت، 23 اپريل 2015ع.
    ”رسول پاڪ بحيثيت معلم“، عبرت، 12 اپريل 2015.
    ”تعليم جي تباهي جا ڪارڻ“، عبرت، 23 اپريل 2015ع.
    ”جديد ٽيڪنالاجي وقت جي اهم ضرورت“، سوڀ سنڊي مئگزين، 26 اپريل 2015ع.
    ”حيف تنين هوءِ وطن جن وساريو“، عبرت، 25 اپريل 2015ع.
    ”اٿي هن اونداهيءَ ۾ ٻارڻ ڪو ٻار“، عبرت، 28 اپريل 2015ع.
    ”مفتي منجهه ويهار ته قاضيءَ ڪاڻيارونه ٿين“، عبرت، 4 مئي 2015ع.
    ”هنري تعليم“، عبرت، 7 مئي 2015ع.
    ”انسان ۽ انسانيت ۽ مذهبن جون فلاسافيون“، عبرت، 10 مئي 2015ع.
    ”سي چِلوِلا چئجن جي در در لائين دوستي“، عبرت، 15 مئي 2015ع.
    ”سنڌي لوڪ ادب ۽ لوڪ شاعري“، سوڀ، 7 مئي 2015ع.
    ”سنڌ سرزمين محبت آهي“، عبرت، (ٻه حصا) 21 ۽ 22 مئي 2015ع.
    ”جو وڙ جڙي جن سين، سو وڙ سي ئي ڪن“، عبرت، 27 مئي 2015ع.
    ”انساني زندگيءَ جا قدر“، سوڀ، 24 مئي 2015ع.
    ”تعليم سڀن لاءِ“، عبرت، 21 مئي 2015ع.
    ”تندرستي هزار نعمت آهي“، عبرت، 1 اپريل 2011ع.
    ”سنڌي ادب ۾ مضمون نويسيءَ جو جائزو“، عبرت، 01 جون 2015ع.
    ”جديد دنيا ۾ سائنسي علمن جي ترقي“، 4/6 (ٻه حصا)، عبرت، جون 2015ع.
    ”علم لازوال دولت آهي“، عبرت، 11 جون 2015ع.
    ”نمي کمي نهار تون ڏمر ڏولائو“، عبرت، 11 جون 2015ع.
    ”ناڻي جو زيان ۽ پاڪستاني قوم“، عبرت، 16 جون 2015ع.
    ”آفتاب ميمڻ هڪ گهڻ رخي شخصيت“، عبرت، 19 جون 2015ع.
    ”شهيد راڻيءَ جو جنم ڏينهن“، عبرت، 21 جون 2015ع.
    ”شهيد راڻيءَ جي جمهوريت لاءِ ڪيل جدوجهد ۽ ڏنل عظيم قرباني“، سوڀ، 21 جون 2015ع.
    ”حضرت سچل سرمسترح“، عبرت، 3 جولاءِ 2015ع.
    ”مهربان محقق ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو“، عبرت، 11 جولاءِ 2015ع.
    ”جان جان پسين پاڻ کي تان تان ناهه سجود“، عبرت، 13 جولاءِ 2015ع.
    ”سنڌ جو سرموڙ ڪهاڻيڪار نسيم کرل“، عبرت، 14 جولاءِ 2015ع.
    ”پرت نه ڇنن پاڻ ۾“، عبرت، 21 جولاءِ 2015ع.
    ”عورتن جي ادب ۾ شموليت“، ماهوار سرتيون، اپريل- مئي 2015ع، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو.
    ”محمد عثمان ڏيپلائي سنڌي نثر جو اهم ليکڪ“ماهوار، ”پيغام احمد“، ايڊيٽر عبدالمجيد ملاح بدين جولاءِ 2015ع.
    ”سنڌي شعر جي ابتدا“، عبرت، 3 ۽ 4 آگسٽ 2015ع.
    ”ادب فن لطيف آهي“، عبرت، 6 آگسٽ 2015ع.
    ”سنڌي نثر جي ابتداءِ ترقيءَ لاءِ ورتل ڪوششون“، عبرت، 17 آگسٽ 2015ع.
    ”ننڍي کنڊ جو ناميارو اديب، ليکراج ڪشنچند عزيز“ روزاني عبرت، 19 آگسٽ 2015ع.
    ”تاريخ ساز شخصيت قاضي عبدالمجيد عابد“، عبرت، 27 آگسٽ 2015ع.
    ”نصاب ۾ مضمون نويسيءَ جي اهميت“، عبرت، 3 سيپٽمبر، 2015ع.
    ”نثر ۾ اثر انگيزيءَ جو ذريعو اسلوب بيان“، عبرت، 8 سيپٽمبر 2015ع.
    ”قلم تلوار کان وڌيڪ طاقتور آهي“، عبرت، 10 سيپٽمبر 2015ع.
    ”بيگم زينت عبدالله چنا“، سوڀ، سنڊي مئگزين 13 سيپٽمبر، 2015ع.
    ”سنڌي بيت جي اوسر“، عبرت، 25 سيپٽمبر 2015ع.
    ”استاد ۽ قوم“، عبرت، 1 آڪٽوبر 2015ع.
    ”مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ“، روزاني عبرت، 4 آڪٽوبر 2015ع.
    “شمس العلماء مرزا قليچ بيگ” روزاني عبرت، 7 آڪٽوبر 2015ع.
    ”سنڌي ٻوليءَ جي قدامت“، روزاني عبرت 28 نومبر 2015ع
    ”پسي لهس نه لڇئا“ سوڀ سنڊي مئگزين 28 نومبر 2015ع
    ”علامه محمد اقبال“ رحه، روزاني عبرت 9 نومبر 2015ع
    سنڌ جون رومانوي داستانون“ سوڀ سنڊي مئگزين 22 نومبر 2015ع
    ”شاگرد جي زندگيءَ جو مقصد“ روزاني عبرت نومبر، 2015ع
    شاهه جو فن، رسالو ۽ پيغام، گلشن لاڙ ڊسمبر 2015ع
    ”سنڌي ٻوليءَ جي قدامت“، سوڀ سنڊي مئگزين 26 ڊسمبر 2015
    ”اخلاقيات ۽ قدر“، سنڌ ايڪسپريس 29 ڊسمبر 2015ع.
    ”دلير نياڻي شهيد بينظير ڀٽو“، سوڀ سنڊي مئگزين 27 ڊسمبر 2015
    ”سون ورني سوڍي“، سروپا، ڊسمبر 2015ع
    ”اخلاقيات ۽ قدر“ روزاني سنڌ ايڪسپريس، 2 جنوري 2016ع
    ”والدين ۽ اولاد جو رشتو“ سنڌ ايڪسپريس، 9 جنوري 2016ع.
    ”سونهن ۽ سچ جو شاعر استاد بخاري“ روزاني عبرت، 16 جنوري 2016ع.
    ”استاد ۽ شاگرد“ روزاني سنڌ ايڪسپريس، 17 جنوري 2016ع.
    ”سنڌي لوڪ ادب ۽ لوڪ شاعري“، سوڀ سنڊي مئگزين 2 جنوري 2016ع.
    ”سائين جي ايم سيد عظيم مفڪر“، روزاني عبرت 17 جنوري 2016ع.
    ”دوستي“، روزاني سنڌ ايڪسپريس، 23 جنوري 2016ع.
    ”ڊاڪٽر فهميده حسين جون علمي ۽ ادبي خدمتون“ گلشن لاڙ، ڊسمبر 2016ع.
    ”گيت جي سئو سالا تاريخ“ ماهوار ريکائون، جنوري 2016ع.
    ”شيخ اياز جي منظوم ڊرامن جو جائزو“، ”ڪچ ڪوڏيون“ جنوري – مارچ 2016ع.
    ”حُسِن اخلاق“ سنڌ ايڪسپريس، 8 فيبروري 2016ع.
    ”ڊاڪٽر گربخشاڻي“ شاهه لطيف جو فڪري پارکو، روزاني عبرت، 10 فيبروري 2016ع.
    ”لاڙ جي فطرت جهڙو شاعر“ مولوي حاجي احمد ملاح، عوامي آواز، سنڊي مئگزين 14 فيبروري 2016ع.
    ”معاشي قدر“، روزاني سنڌ ايڪسپريس، 20 فيبروري 2016ع.
    ”سفرنامن جو تاريخي ۽ تحقيقي جائزو“، روزاني عبرت، 19 فيبروري 2016ع.
    ”تصوف ۽ وحدانيت جو شاعر قاضي قادن“، سوڀ سنڊي مئگزين 28 فيبروري 2016ع.
    ”ڌرتيءَ جو رهنما شاعر شيخ اياز“ روزاني عبرت، 2 مارچ 2016ع.
    ”مولوي حاجي احمد ملاح“، گلشن لاڙ، مارچ 2016ع.
    ”سادگي ۽ ڪفايت شعاري“، 5 مارچ 2016ع.
    ”حب الوطني“، روزاني سنڌ ايڪسپريس 19 مارچ 2016ع.
    ”سفرناما تحقيقي ۽ تنقيدي جائزو“، سوڀ سنڊي مئگزين، 13 مارچ 2016ع.
    ”سنڌ جي سياست جو تڪراري ڪردار، پير علي محمد راشدي“ عوامي آواز، سنڊي مئگزين، 13 مارچ 2016ع.
    ”ڪتاب ۽ ڪتب خانا اَمُلهه خزانا آهن“، سنڌ راڻي، ماهوار مئگزين اپريل 2016ع.
    ”عدل ۽ انصاف“ روزاني سنڌ ايڪسپريس 2 اپريل 2016ع.
    ”سچ“ روزاني سنڌ ايڪسپريس، 9 اپريل 2016ع.
    ”رهجي ويل منظر جو خالق“، طارق عالم ابڙو، روزاني عبرت 10 اپريل 2016ع.
    ”مير عبدالحسين خان سانگيءَ جون لطيفيات ۾ خدمتون“، روزاني جيجل 12 اپريل 2016ع.
    ”عورتن جي تعليم“، روزاني عبرت 14 اپريل 2016ع.
    ”لالچ ۽ حرص“، روزاني سنڌ ايڪسپريس، 23 اپريل 2016ع.
    ”سکو قدر ڪتاب جو“، روزاني عبرت، 23 اپريل 2016ع.
    ”معياري مطالعو“، سوڀ سنڊي مئگزين، 24 اپريل 2016ع.
    ”سنڌ جو سائين، جيئي سدائين“ روزاني عبرت 25 اپريل 2016ع.
    ڪاوش انٽرويو پروفائيل، 26 اپريل 2016ع.
    ”علم ڇا آهي“ روزاني عبرت، 28 اپريل 2016ع.
    ”شاهه ڀٽائيءَ جي شاعريءَ ۾ عورت جي عظمت“ مخزن ماهوار”همسري“ ايڊيٽر زاهده ابڙو مئي 2016ع.
    ”بي مثال بي نظير ڪانفرنس“ 31 مارچ 2016ع جائزو سنڌ راڻي، مخزن مئي 2016ع.
    ”ادبي تنقيد ارتقاءِ اوسر“ روزاني عبرت 10 مئي 2016ع
    ”تعليم جي اهميت“ روزاني عبرت، 12 مئي 2016ع.
    ”اخلاقي قدر جائزو“ عبرت 24 مئي ۽ ڪاوش 14 جون 2016.
    ”آغا سليم ۽ سندس ناول”همه اوست“، روزاني عبرت 27 مئي 2016ع.
    سڀيئي سبحان جي ڪر حوالي ڪم، روزاني عبرت 2 جون 2016ع.
    ڪري پاڻ ڪريم روزاني عبرت 7 جون 2016ع.
    نايو نيڻ نهار، روزاني عبرت 10 جون 2016ع.
    جنهن هادي ميڙيم ههڙو روزاني عبرت 5 جون 2016ع.
    ”سورهيه مرين سوڀ کي“ روزاني عبرت، 17 جون 2016ع.
    سنڌي نثر ۾ آفتاب احمد ميمڻ جون خدمتون روزاني عبرت 18 جون 2016ع.
    ”واڪا ڪندي ووءِ، صديون تو لاءِ سنڌڙي“ سوڀ سنڊي 21 جون 2016ع.
    الا جنگ جين روزاني عبرت 6 جولاءِ 2016ع.
    ”جي ڀانين جوڳي ٿيان“ روزاني عبرت 9 جولاءِ 2016ع.
    ”سنڌي ادب ۾ اول درجي جو ڪهاڻيڪار نسيم کرل“ روزاني عبرت 14 جولاءِ 2016ع.
    ”نثري نظم“ روزاني عبرت، 26 ۽ 27 جولاءِ 2016ع.
    ”سنڌي ادب جو سرموڙ ڪهاڻيڪار“، علي بابا، روزاني عبرت 10 آگسٽ 2016ع.
    ”شاهه جو رسالو مقصديت ۽ پيغام“، روزاني عبرت، 17 آگسٽ 2016ع..
    ”سڙيا مٿي سچ“، روزاني عبرت، 24 آگسٽ 2016ع.
    ”شاهه جي ڪلام“ جون فني خوبيون عبرت 26 آگسٽ 2016ع.
    ”قاضي عبدالمجيد عابد“، صحافت، سياست ۽ ادب جو وڏو نانءُ عبرت 27 آگسٽ 2016ع.
    ”سنڌي غزل، ارتقا ۽ اوسر، عبرت 30 آگسٽ 2016ع.
    نِيرُ منهنجي نينهن اُجاري اڇو ڪيو، روزاني عبرت 21 ۽ 22 سيپٽمبر 2016ع.
    ”سلطاني سهاڳ ننڊون ڪندي نه ملي.“ روزاني عبرت 28 سيپٽمبر 2016ع.
    ”شاهه ڀٽائيءَ جي شاعريءَ ۾ عورت جي عظمت“، روزاني عبرت سيپٽمبر 2016ع.
    ”جو سنڌ سنواري اهو جيئندو رهندو“، روزاني عبرت سيپٽمبر 2016ع.
    ”رُونديون ڏٺيون مون ان در تي دادليون“ روزاني عبرت 9 آڪٽوبر 2016ع.
    ”خود شناسي ۽ شاهه عبداللطيف“ سوڀ سنڊي مئگزين 2 آڪٽوبر 2016ع.
    ”علم ادب ۽ صحافت جو وڏو نانءُ“ پير حسام الدين راشدي، روزاني عبرت 21 آڪٽوبر 2016ع.
    ”عالم سڀ آباد ڪرين“ روزاني عبرت 24 آڪٽوبر 2016ع.
    ”شاهه لطيف جو پيغام محبت،“ روزاني عبرت 30 آڪٽوبر 2016ع.
    ”ادب زندگيءَ جو آئينو ۽ عڪس“ سوڀ سنڊي مئگزين 11 سيپٽمبر 2016ع.
    ”شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ عورت جي عظمت“ روزاني عبرت آڪٽوبر، 2016ع.
    ”شاهه جي شاعريءَ ۾ سجاڳيءَ جو سڏ“ روزاني عبرت 13 نومبر، 2016ع.
    ”شاهه جو ميلو“ روزاني عبرت، 22 نومبر 2016ع.
    ”مٽيءَ لڌو مان“ ”تخيل“ ٽه ماهي جرنل، شمارو نمبر(3) جولاءِ سيپٽمبر 2016ع ايڊيٽر سڪندر ملاح، مارئي اڪيڊمي حيدرآباد.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 858
    ڪتابن جو مشاهدو: 2336168
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 598249
    2019 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ