ڪتاب جو نالو: سنڌ سڀيتا
مصنف: عنايت الله کٽياڻ
ڇپائيندڙ: رشيد صابر آرٽس سرڪل
ڪيٽيگري: لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق
شايع ٿيڻ جو سال: 2017
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: آچر، 12 جنوري 2020 ع
پڙهيو ويو: 855 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 218 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ھي ڪتاب ليکڪ ۽ محقق عنايت اللھ کٽياڻ جي تحقيقي مضمونن، سفري احوالن ۽ شخصيتن بابت لکيل ڪالمن جو مجموعو آھي.
هن ڪتاب ۾ سنڌ جي تاريخي ماڳن ۽ تاريخي شخصيتن بابت مضمون آهن جيڪي مختلف وقتن تي اخبارن ۾ ڇپيل آهن. تاريخ هڪ خشڪ موضوع آهي پر عنايت الله کٽياڻ ان کي سفرنامي واري انداز ۾ لکي دلچسپ بڻائي ڇڏيو آهي جنهن ڪري اوهان کي بوريت محسوس نه ٿيندي ۽ تاريخ جي ڄاڻ ۾ اضافو ٿيندو.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ آهن
  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران
  • مون کان تاريخ پڇي ٿي ڪٿي بيٺو آهيان،
  • پبلشر پاران
  • مهاڳ
  • ڪجهه ليکڪ بابت
  • پنهنجي پاران
  • رني ڪوٽ
  • عمر ڪوٽ تاريخ جي آئيني ۾
  • ٿر ياترا
  • جين ڌرم جو گوڙي مندر
  • مارئيءَ جو ملير
  • ننگرپارڪر
  • چُوڙهيو جبل
  • ڀوڏيسر تلاءُ
  • روپلو ڪولهي
  • مڪليءَ جا تاريخي ماڳ
  • ڄام نظام الدين جو مقبرو
  • دولھه دريا خان جي مزار
  • ڄام تماچيءَ جو مقبرو
  • ارغونن ۽ ترخانن جا مقبرا
  • عيسيٰ خان ترخان (ثانيءَ) جو مقبرو
  • درگاهون
  • ماتا شنگهه ڀواني مندر
  • ڪلان ڪوٽ
  • صوفي شاهه عنايت شھيد
  • دولھه دريا خان
  • سچل سرمست

  • حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ آهن

    هن ڪتاب جا سمورا حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ آهن.

    ڪتاب : سنڌ سڀيتا
    موضوع : تاريخي ماڳ ۽ شخصيتون
    ليکڪ : عنايت الله کٽياڻ
    ڇاپو : پهريون - مئي 2017
    تعداد : 1000 ڪاپيون
    ڪمپوزنگ : اڪرام چانڊيو
    ٽائيٽل ۽ پيج ميڪنگ : اشفاق گهانگهرو
    پروف ريڊنگ : جمال ڄامڙو
    ملهه : 350 روپيه

    ڇپائيندڙ:
    رشيد صابر آرٽس سرڪل

    ڊجيٽل ايڊيشن:
    2020ع
    سنڌ سلامت ڪتاب گهر

    پاران:
    سنڌ هسٽري اويئرنيس فورم
    رابطي لاءِ : 0345-3343003

    ڪتاب ملڻ جو هنڌ :

    سچل ڳوٺ، نزد پي سي ايس آءِ آر ليباريٽري سپارڪو روڊ ڪراچي سنڌ .


    ارپنا

    ارپيان ٿو پنهنجي پهرين ڪتاب جو هي پورهيو
    پنهنجي والد آخوند ابوبڪر کٽياڻ کي
    آءٌ جڏهن يارهن سالن جو هئس ته بابا سائين وفات ڪئي پر ننڍي هوندي ئي مونکي تفريحي ماڳن، نمائشن ۽ مختلف پروگرامن ۾ وٺي ويندا هئا ۽ مونکي معاشري ۾ عزت سان اٿڻ ويهڻ ۽ گهمڻ ڦرڻ جا ڳڻ سيکاريائون. بابا سائينءَ مون کي مختصر نصيحتون ڪيون ۽ انهن تي عمل ڪرڻ به سيکاريائون. هڪ ته استاد کان سواءِ ڪنهن کي نوڙي نه ملجانءِ ٻيو ته ڪنهن به وقت موقعي پرستي نه ڪجانءِ. گهٽ کائجي پر سٺو کائجي. الله پاڪ بابا سائينءَ کي جنت الفردوس ۾ جڳهه عطا فرمائي. آمين.


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”سنڌ سڀيتا“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. ھي ڪتاب ليکڪ ۽ محقق عنايت اللھ کٽياڻ جي تحقيقي مضمونن، سفري احوالن ۽ شخصيتن بابت لکيل ڪالمن جو مجموعو آھي.
    هن ڪتاب ۾ سنڌ جي تاريخي ماڳن ۽ تاريخي شخصيتن بابت مضمون آهن جيڪي مختلف وقتن تي اخبارن ۾ ڇپيل آهن. ڪتاب ۾ هر مضمون جي آخر ۾ هن جي ڇپجڻ جي تاريخ ۽ اخبار جو نالو به لکيل آهي ان ڪري هر مضمون کي ان جي ڇپجڻ جي تاريخ کي نظر ۾ رکندي پڙهيو وڃي ته اوهان کي صحيح ڄاڻ ملندي.
    تاريخ هڪ خشڪ موضوع آهي پر عنايت الله کٽياڻ ان کي سفرنامي واري انداز ۾ لکي دلچسپ بڻائي ڇڏيو آهي جنهن ڪري اوهان کي بوريت محسوس نه ٿيندي ۽ تاريخ جي ڄاڻ ۾ اضافو ٿيندو.
    ھي ڪتاب 2017ع ۾ رشيد صابر آرٽس سرڪل پاران سنڌ ھسٽري اويئرنيس فورم، ڪراچي جي سھڪار سان ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون عنايت کٽياڻ صاحب جا جنھن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي ۽ ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گھر ۾ اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    مون کان تاريخ پڇي ٿي ڪٿي بيٺو آهيان،

    مون کان تاريخ پڇي ٿي ڪٿي بيٺو آهيان،
    زندگي موت ٻه واٽو اتي بيٺو آهيان،

    واءُ ڀڻڪيو ته اهو موڙ ڀيانڪ آ هٽي وڃ،
    ڇو هٽان؟ آءٌ ڪروڙن سان ڪٺي بيٺو آهيان،

    ڇا ٿيو، ڇا ٿيندو، سو پتو ٿم ڇو جو،
    وقت جي نبض تي هٿ پنهنجو رکي بيٺو آهيان،

    استاد بخاري


    پبلشر پاران

    هيءُ سنڌ جي تاريخ تي لکيل ڪتاب آهي جنهن ڪري تمام اهم آهي جيڪو سنڌ جي سنجيده ادب ۾ هڪ اضافو ٿيندو. هن ڪتاب جو ليکڪ عنايت الله کٽياڻ سنڌ سان عشق رکندڙ انسان آهي. هن ڪتاب ۾ سنڌ جي تاريخي ماڳن ۽ تاريخي شخصيتن بابت مضمون آهن جيڪي مختلف وقتن تي اخبارن ۾ ڇپيل آهن. ڪتاب ۾ هر مضمون جي آخر ۾ هن جي ڇپجڻ جي تاريخ ۽ اخبار جو نالو به لکيل آهي ان ڪري هر مضمون کي ان جي ڇپجڻ جي تاريخ کي نظر ۾ رکندي پڙهيو وڃي ته اوهان کي صحيح ڄاڻ ملندي.
    تاريخ هڪ خشڪ موضوع آهي پر عنايت الله کٽياڻ ان کي سفرنامي واري انداز ۾ لکي دلچسپ بڻائي ڇڏيو آهي جنهن ڪري اوهان کي بوريت محسوس نه ٿيندي ۽ تاريخ جي ڄاڻ ۾ اضافو ٿيندو. اسان کي پوري اميد آهي ته هي ڪتاب اوهان کي پسند ايندو ۽ اوهان جي سنڌ جي تاريخي ماڳن ۾ دلچسپي پيدا ڪندو ۽ وڌائيندو جنهن مقصد لاءِ لاءِ ليکڪ هي پورهيو ڪيو آهي. هن ڪتاب ۾ تاريخي ماڳن جون تصويرون به آهن ۽ تاريخ جي شاگردن لاءِ مختلف ڪتابن جا حوالا به ڏنا ويا آهن.
    اسان جو ادارو سنڌ جي تاريخي ماڳن بابت لکيل هيءُ ڪتاب ڇپائڻ تي خوشي محسوس ڪري ٿو ۽ پوري اميد آهي ته ليکڪ جو پورهيو ۽ اسان جي پيشڪش اوهان جي ڄاڻ ۾ اضافو ڪندي ۽ اميد ته اوهان هن ڪتاب کي پسند ڪندا.

    رضوان صابر
    رشيد آرٽس سرڪل


    مهاڳ

    پياري دوست، قومي ڪارڪن ۽ هڪ ئي آفيس ۾ ڪم ڪندڙ عنايت کٽياڻ سان جڏهن به ملبو ته پنهنجائپ جو احساس ٿيندو آهي. ڪچهريءَ جو هميشه موضوع سنڌ، سنڌ جي قومي تحريڪ، ادب، ماڳ مڪان ۽ انهن جي تباهي رهندو آهي.
    عنايت کٽياڻ جو ماضيءَ ۾ ادب سان لاڳاپا هئڻ ڪري سندس مطالعو وسيع آهي. جڏهن به هو ڪيڏانهن گهمڻ ويندو آهي ته پوءِ اچي انهيءَ سفر بابت، اتان جي ماڻهن، رهڻي ڪهڻي ۽ قديم آثارن تي بحث ڪندو آهي. دوستن جي صلاح سان عنايت انهن تي لکڻ شروع ڪيو ۽ تحريرن ۾ هن پنهنجا تجربا ماڻهن سان شيئر ڪيا. جڏهن به سندس ڪو مضمون ڪنهن اخبار ۾ ڇپجندو هو ته فون ڪري چوندو هو ۽ تاڪيد ڪندو هو ته ”مضمون پڙهو پر تبصرو ضرور ڪيو ۽ منهنجي خامين جي نشاندهي ڪريو“. عنايت جي اها روايت، پنهنجائپ هميشه چڳي لڳي. ادبي سرڪل نه هئڻ ڪري اسان پنهنجون لکڻيون هڪ ٻئي سان شيئر نٿا ڪري سگهون انهن تي بحث نٿا ڪري سگهون. هر علائقي ۾ دوست اهڙا سرڪل جوڙين، هفتي ۾ هڪ ڀيرو ويهي پنهنجن لکڻين تي ڇنڊ ڇاڻ ڪن، جنهن سان نوجوان لکندڙ کي هڪ ڏس ۽ رستو ملندو. انهن جي حوصلا افزائي ٿيندي، جنهن سان تحقيقي ۽ تخليقي ادب ۾ جيڪو جمود آهي اهو ٽٽي سگهي ٿو.
    عنايت کٽياڻ جو هي ڪتاب ”سنڌ سڀيتا“ عنايت جي مختلف اخبارن ۾ ڇپجندڙ مضمونن جو مجموعو آهي، جيڪي سفري نوٽس سان گڏ تاريخي مضمون به آهن. جڏهن عنايت کٽياڻ ڪتاب جي مهاڳ لکڻ لاءِ چيو ته مصروفيتن جي باوجود هن نفيس ۽ پياري دوست کي جواب ڏيئي نه سگهيس.
    عنايت کٽياڻ ۾ لکڻ جو ڏانءُ آهي. هن جي قلم ۾ مٺاس ۽ چاشني سان گڏ درد به آهي. عنايت پنهنجو مطالعو ۽ مشاهدو اڃان به وسيع ڪري ته تاريخي ادب جو هڪ بهترين سرمايو ثابت ٿي سگهندو. تاريخ خشڪ موضوع آهي، جنهن ڪري گهڻا نوان ۽ نوجوان ليکڪ ۽ پڙهندڙ هن پاسي گهٽ ڌيان ڏين ٿا. تاريخ ۽ تحقيق لاءِ مطالعو ۽ مشاهدو انتهائي ضروري آهي. تحقيق لاءِ انهن ماڳن مڪانن تائين پهچڻ ضروري آهي جن تي اسان لکڻ چاهيون ٿا نه ته اوهان تاريخ ۽ تحقيق سان انصاف نه ڪري سگهندا.
    تاريخ خشڪ موضوع هئڻ ڪري گهٽ پڙهيو ويندو آهي. مون جڏهن تاريخ تي لکڻ شروع ڪيو ته هن کي نئون انداز ڏنو. هن کي سفرنامي طور دلچسپ بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي. جڏهن به ڪنهن تاريخي عمارت، ماڳ مڪان ڏانهن ويندو هوس. سفر جي احوال، ماڻهن جي مشاهدي، آسپاس جي تاريخ، رهڻي ڪهڻي، مسئلن جو ذڪر ڪري پنهنجي مطلب جي ڳالهه به لکي ويندو هوس، جنهن جي ڪري پڙهندڙن ۾ واڌارو ٿيندو ويو. انهيءَ طريقي تي نقادن تنقيدون به ڪيو، منهنجو مقصد آهي ته پڙهندڙ آساني سان مون سان گڏ انهيءَ ماڳ، تاريخي جاءِ يا عمارت تائين پهچي، جيڪو طريقو ڪامياب رهيو، هاڻي گهڻا محقق، تاريخ جا لکندڙ انهيءَ طريقي کي اپنائي لکي رهيا آهن ته پڙهندڙن ۾ به واڌارو ٿي رهيو آهي ۽ نوان لکندڙ تاريخ ڏانهن اچي رهيا آهن.
    مون کي خوشي ٿي رهي آهي ته عنايت به تاريخي مضمونن ۾ انهيءَ طريقي کي اختيار ڪيو آهي. ڪتاب ۾ تاريخي جاين ۽ ماڳن جو احوال سفري نوٽس آهن، جنهن سان پڙهندڙن کي بوريت جو احساس نه رهندو.
    عنايت کٽياڻ، دوستن سان ٿر وڃي ٿو ته امر ڪوٽ کان ننگرپارڪر تائين پوري سفر جو داستان بيان ڪري ٿو ته تاريخ ۽ تحقيق جي ڳالهه به ڪري ٿو. ماڻهن سان انهن علائقن، ماڳن، مڪانن، مندرن، مسجدن ۽ جبلن بابت معلومات حاصل ڪري پڙهندڙ تائين پهچائي ٿو.
    عنايت جي لکڻي نهايت سادي ۽ معنيٰ سان ڀريل آهي. جنهن جي ڪري عنايت جو قديم تاريخي ماڳن ۽ ڪجهه تاريخي شخصيتن تي لکيل هي ڪتاب پڙهندڙ شوق سان پڙهندا ۽ تاريخ جي شاگردن لاءِ دلچسپ ۽ ڪارائتو پڻ آهي.
    عنايت کٽياڻ جو هن ڪتاب ۾ سفري نوٽس سان گڏ تاريخ جا ترورا به آهن. هن ڪتاب جو پهريون مضمون، سنڌ جي قديم ۽ تاريخي قلعي ”رني ڪوٽ“ بابت آهي. رني ڪوٽ تي گهڻو ڪجهه لکيو ويو آهي. هر ڀيري هر لکندڙ ڪوٽ بابت نيون ڳالهيون ظاهر ڪري ٿو. عنايت جو هي مضمون مختصر پر هڪ ڀرپور مضمون آهي. هو پنهنجي سفر سان گڏ سرسري طور ”رني ڪوٽ“، هن جي مختلف حصن، برجن ۽ نئن جو ذڪر ڪري ٿو.
    رني ڪوٽ بابت مختلف رايا آهن. اڃان تائين محقق ڪنهن هڪ ڳالهه تي متفق نه آهن ته هي قلعو ڪهڙي دور ۾ ڪنهن ۽ ڪهڙن مقصدن لاءِ ٺاهيو ويو آهي؟ ڪن محققن ڪوٽ کي ”ديوار ڪلهوڙا“ قرار ڏيئي اها ڳالهه ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته ”رني ڪوٽ“ ڪلهوڙن حڪمرانن جو ٺاهيل آهي.
    ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، اشتياق انصاري ۽ ٻين جو خيال آهي ته هي ”ڪوٽ“ ٽالپرن جو ٺهرايل آهي. شمس الدين قريشي ۽ بدر ابڙي مطابق هي نيرون ڪوٽ آهي.
    مير حسن علي خان ٽالپر ”1909ع – 1824ع“ پنهنجي سنڌي مثنويءَ ”شاهه نامه سنڌ“ ۾ دعويٰ ڪئي آهي ته ”رني ڪوٽ“ مير ڪرم علي خان ۽ مير مراد علي حڪومتي دور (1244 – 1227هه) ۾ ٺهيو. قلعي جي اڏاوت تي 17 لک رپيا خرچ آيو. جيڪو نواب ولي محمد لغاريءَ جي نظرداريءَ ۾ مڪمل ٿيو.
    ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پنهنجي مضمون ”سنڌ جو شاهي قلعو“ رني ڪوٽ، ۾ لکي ٿو ته، هي قلعو ٽالپرن جي دور ۾ تعمير ٿيو ۽ قلعو جو نالو ”علي آباد“ رکيو ويو. جيڪو 1815ع ۾ ٺهڻ شروع ٿيو ۽ 1819ع ۾ ٺهي راس ٿيو. بلوچ صاحب ان دور جي شاعر غلام علي مائل جي هڪ فارسي شعر جو حوالو ڏئي ٿو جنهن ۾ قعلي بابت، اڏاوت ۽ علي آباد جو ذڪر آهي.
    سن 1845ع ۾ ڪراچيءَ جي ڪليڪٽر ۽ مئجسٽريٽ ايڇ ڊبليو پريڊي هن قلعي بابت سنڌ جي گورنر چارلس نيپيئر کي رپورٽ پيش ڪئي هئي. هي رپورٽ برٽش انڊيا آفيس لائبريري لنڊن جي رڪارڊ ۾ محفوظ آهي. قلعي جي تعمير بابت هو لکي ٿو ته ”هي شاهي قلعو، ٽيهه سال اڳ مير مراد علي جي حڪم تي تعمير ٿيو.“ (ڏسو ڪوهستان جو سفر – بدر ابڙو – صفحو 401 ۽ 402)
    رني ڪوٽ بابت سڀ کان پهرئين 1956ع ۾ ”آئينه قديم سنڌ“ جي ليکڪ ميان شمس الدين قريشي مطابق هي قلعو چچنامي وارو نيرون ڪوٽ آهي.
    ڪرنل رشيد جو هڪ مقالو جيڪو 1965ع ۾ لاهور مان انگريزيءَ ۾ ڇپيو، جنهن ۾ هن ٽالپرن جي دعويٰ کي رد ڪندي لکيو ته هي قلعو سٿين ۽ ساسانين جي دور جو آهي. 26 مارچ 1981ع تي رني ڪوٽ ۾ هڪ سيمينار ٿيو. هن موقعي تي مختلف مقالا پڙهيا ويا. جنهن ۾ محقق ڪنهن نتيجي تي نه پهتا ۽ بقول بدر ابڙي جي ته رني ڪوٽ بابت عالمن جي راءِ هن ريت ورهائجي ويئي.
    رني ڪوٽ اخميني بادشاهت واري دور (500 ق.م کان 325 ق.م) ۾ ٺهيو
    رني ڪوٽ سٿيو ساساني دور ۾ ٺهيو.
    رني ڪوٽ عرب گورنر عمران بن موسيٰ برمڪي (835ع) ۾ ٺهرايو.
    رني ڪوٽ چچنامي وارو نيرون ڪوٽ (712ع) آهي.
    رني ڪوٽ ٽالپرن جي دور ۾ ٺهيو (بدر ابڙو – ڪوهستان جو سير)
    بدر ابڙي موجب ته اهو درست آهي ته رني ڪوٽ جي آخري ۽ مڪمل مرمت ۽ واڌارا ٽالپرن جي زماني ۾ نواب ولي محمد لغاري جي نگرانيءَ ۾ ٿيا. ڪوٽ جا مختلف حصا پنجن ڇهن نوابن جي هٿان پنجن سالن ۾ سن 1815ع کان 1819ع دوران ٻيهر ٺهي تيار ٿيا پر اهو درست نه آهي ته رني ڪوٽ ان کان اڳ موجود ئي ڪونه هو. شاهه پير گيٽ وٽ ديوار مان ثابت آهي ته ديوار مٿان ديوار ٺاهي وئي آهي. ٽالپرن کان سواءِ غلام شاهه ڪلهوڙي جي دور ۾ اڏاوتون ٿيون آهن. رني ڪوٽ جي ديوارن تي انهن جي ڪاريگرن جا نشان موجود آهن. جن پوءِ ميان غلام شاهه جي مقبري تي ڪم ڪيو. بدر ابڙي مطابق هي نيرون ڪوٽ آهي. بدر لکي ٿو ته ”هن کي رني ڪوٽ مان ميريءَ جي ڀرسان اسلام جي شروعاتي ۽ سمن جي زماني جا سڪا به مليا آهن. (بدر ابڙو – ڪوهستان جو سير)
    بهرحال رني ڪوٽ تي اڃان تحقيق هلندڙ آهي. هڪ ڏينهن محقق ضرور ڪنهن نتيجي تي پهچندا ته هي ڪوٽ ڪڏهن، ڪنهن ۽ ڪهڙي مقصد لاءِ ٺهرايو؟ ڪابه حتمي ڳالهه هن وقت ڪرڻ ممڪن نه آهي.
    ڪتاب جو ٻيو مضمون امر ڪوٽ / عمر ڪوٽ بابت آهي، جيڪو عنايت کٽياڻ جي ٿر ياترا جي شروعات آهي. عنايت امر ڪوٽ بابت به سرسري طور حوالن سميت ذڪر ڪيو آهي. پڙهندڙ کي تاريخ جي ڳٿين ۾ الجهائڻ بجاءِ فقط ايتري معلومات ڏئي ٿو جيڪو عام پڙهندڙ چاهين ٿا. جيڪا قلعي جي تاريخ ۽ هاڻوڪي حالت بابت هڪ بنيادي معلومات آهي. هو حر يادگار (هنڱوره معرڪي) بابت جيڪي ڪجهه لکي ٿو اهو پڙهڻ وٽان آهي، جنهن سان هن ملڪ تي حڪومت ڪندڙن جي مائينڊ سيٽ جي خبر پوي ٿي.
    امر ڪوٽ کان پوءِ مضمون ”ٿر ياترا“ جيڪو عنايت کٽياڻ پنهنجن دوستن سان چوڙهيو جبل تائين ڪيو، جنهن ۾ ٿر، هتان جي ثقافت، رهڻي ڪهڻي، ڏکن، گوڙي مندر، جين ڌرم بابت، مارئي، مارئيءَ جي کوهه ۽ ملير بابت، ننگر پارڪر، چوڙهيو جبل ۽ امر شهيد رولي ڪولهي بابت تاريخ جا ترورا ڏنا آهن ته هاڻوڪي دور ۾ ٿر جي زندگيءَ بابت پنهنجا مشاهدا پڙهندڙن سان شيئر ڪيا آهن. جيڪي تاريخ جي شاگرد جي معلومات لاءِ ڪافي آهن. عنايت سفر سان گڏ پڙهندڙ کي تاريخ جي ڏکين رستن ڏانهن وٺي وڃي ٿو.
    ٿر سموري جديد سماجي لاڙن ۽ سهولتن کان ڪوهين ڏور آهي. هي خطو قديم سنڌي سماج جو ڀرپور عڪس آهي ۽ هو اڄ به پر امن سماج ۾ ساهه کڻن ٿا جيڪا سنڌ جي اصل سڃاڻپ آهي. هاڻي جڏهن ٿر ۾ ڪوئلو نڪتو آهي ته ترقي جي نالي تي گوڙاڻي ڊيم وسيلي ٿر کي زهريلو ڪيو پيو وڃي جنهن جا اثر ٿر جي عام ماڻهن، ڪار وهنوار، معاشي مسئلن سان گڏ سماج تي به پوندا. شايد ٿر پنهنجي اصلي سڃاڻپ وڃائي وڃي.
    ٿر ۾ پاڻي ڀريندڙ پاڻياري اڄ به هن جديد ۽ ارتقائي ترقي واري دور ۾ به ٽي سؤ فٽن جي اونهائيءَ وارن کوهن مان پاڻي حاصل ڪري ٿي. جن جي ڏکن ۽ تڪليفن جا اولڙا اوهان کي عنايت کٽياڻ جي هن ڪتاب ۾ ملندا.
    عنايت کٽياڻ ۽ سندس دوستن جو هي سفر اپريل جي مهيني ۾ ڪيو هو. جيڪو سنڌي سال جو چيٽ جو مهينو آهي ۽ اڄ جڏهن هي مهاڳ لکان پيو ته چيٽ جو مهينو آهي. چيٽ لاءِ ٿر ۾ چوڻي مشهور آهي ته ”چيٽ لڱين ميٽ“. هن مهيني ۾ گرمي ۾ موجود پاڻياٺ نڪرڻ ڪري بدن ۾ سستي پيدا ٿيندي آهي. جنهن کي آرس ۽ سستيءَ جو مهينو به سڏين ٿا. هن مهيني ۾ شين جي کوٽ ڪري وڌيڪ محنت ڪرڻي پوندي آهي. ٿر ۾ مشهور آهي جيڪو ماڻهو ”چيٽ جي پهرئين تاريخ تي ستو، تنهن کي سستي نه ڇڏيندي آهي.“ هن (چيٽ) مهيني ۾ ننڊ نڀاڳ جي نشاني آهي، جنهن لاءِ چيٽ جي سستي بابت اها چوڻي مشهور آهي ته ”چيٽ تتو ڀلو، ويساک لڳو ڀلو.“ ويساک مئي جو مهينو آهي، جنهن ۾ گرم لڪ لڳڻ ڪري بارش ۾ مدد ملندي آهي.
    ٿر وارا هميشه وسڪاري جي اوسيئڙي ۾ رهندا آهن. وسڪاري ڪري وڇڙيل جي ملڻ جو آسرو هوندو آهي ڇاڪاڻ ته ڏڪار ۾ ٿري روزگار جي لاءِ ٿر ۾ پنهنجن کان وڇڙي سنڌ جي ٻين ماڳن ڏانهن ويندا آهن ۽ وسڪاري ۾ وري اچي ملندا آهن جنهن ڪري ٿر ۾ اها چوڻي مشهور آهي ته ”ڏڪار وڇوڙو، ميلاپ وسڪارو“
    ٿر ياترا کان پوءِ جيڪي مضمون آهن اهي سنڌ جي تاريخي قبرستان مڪلي بابت آهن، مختلف مقبرن، درگاهن بابت چڱي معلومات ڏنل آهي. مقبرن ۾ ڄام نندي، ڄام تماچي، دولهه دريا خان ۽ عيسيٰ خان ترخان جي مقبرن، انهن جي اڏاوت ۽ تاريخ بابت مختصر احوال ڏنل آهي ۽ حوالا پڻ ڏنا ويا آهن. ماتا ڀواني مندر جنهن جو تعلق ڪراچي جي رتنيشور مندر ۽ هنگلاج ماتا سان آهي. جيڪڏهن عنايت گنجي ٽڪر کان مڪلي، ڪراچي، ڀواني کان هنگلاج تائين کاهوڙين جي رستي جو مختصر ذڪر ڪري ها ته بهتر هجي ها پر عنايت جو موضوع فقط مڪلي جي مشهور درگاهن ۽ مقبرن تائين هو جنهن ۾ هڪ مقبرو ميان سيد علي شيرازيءَ جو به آهي جيڪو اسان جي تر جي جوکين جو مرشد ۽ ٺٽي جي شيرازين جو وڏو آهي. جتي هر سال ميلو لڳندو آهي. مڪلي جي هڪ ڪنڊ تي ”ملان لٽر“ جو مقبرو به آهي ۽ اها ڳالهه به گهڻن ليکڪن لکي آهي ته نوري ۽ ڄام تماچيءَ جون قبرون به هتي آهن جن تي مان به هڪ ڀيرو وڃي چڪو آهيان. مائي مڪلي جي قبر به انهن جي ويجهو آهي. مضمون ۾ ڪلان ڪوٽ ۽ ساموئيءَ بابت به معلومات ڏنل آهي جيڪي سنڌ جا اهم تاريخي ماڳ آهن. ڪلان ڪوٽ هاڻي ختم ٿي رهيو آهي. جڏهن ته ”ساموئي“ وارو ماڳ ضياءالحق جي دور ۾ سياسي رشوت طور ٺٽي جي سگهاري سياسي ڌر کي الاٽ ڪيو ويو. جتي هاڻي آثارن جي بجاءِ زراعت موجود آهي.
    ڪتاب جي آخر ۾ ٽن شخصيتن بابت مضمون آهن جن مان پهريون مضمون صوفي شاهه عنايت لانگاهه شهيد بابت آهي جنهن ۾ ڪلهوڙن جي دور ۾ ٿيل هن واقعي جا تفصيل ڏنل آهن جيڪو هن دور ۾ سيڪيولر سنڌ تي مذهب جي نالي تي هڪ خطرناڪ وار هو جنهن جا اثر اڄ به موجود آهن. عنايت کٽياڻ صوفي شاهه عنايت بابت لکي ٿو ته ”صوفي شاهه عنايت کي سنڌ جي تاريخ ۾ لانگاهه لکيو ويو آهي.“ ظاهر آهي ته هو لانگاهه آهي ته لاگاهه ئي لکيو ويندو. صوفي شاهه عنايت کي سيد ثابت ڪرڻ لاءِ هرو ڀرو هن جو سلسلو حضرت امام حسين سان ملائڻ جي ڪوشس ڪئي وڃي ٿي.
    پروفيسر محمد علي مانجهي جي پي.ايڇ.ڊي جو مقالو ”صوفي شاهه عنايت شهيد ۽ سندس سلسلي جا شاعر“ جيڪا ڪتابي صورت ۾ موجود آهي جنهن ۾ هو شجري بابت مختلف تاريخي ۽ مستند حوالن سان لکي ٿو ته ”شاهه عنايت شهيد جو شجرو مستند نموني ڪٿي به نٿو ملي. سڀ کان پهرين اسان کي سنڌ جي عظيم تاريخدان مير علي شير قانع ٺٽوي جو ڏنل شجرو ملي ٿو، جيڪو هن پنهنجي شاهڪار تصنيف ”مقالات الشعراء“ (جيڪو هن شاهه شهيد جي شهادت کان فقط 44 سال پوءِ لکيو) ۾ ڏنو آهي سو هيٺين ريت آهي.
    ”صوفي شاهه عنايت ولد مخدوم فضل الله بن ملا يوسف بن ملا شهاب الدين بن ملا آجب بن مخدوم حضرت صدو لانگاهه.“
    ملا آج (عجائب الدين) ۽ صدو لانگاه (صدر الدين لانگاهه) جيئن ته هي ڪتاب شاهه عنايت جي شهادت کان فقط 44 سال پوءِ لکيو ويو آهي تنهنڪري هن ۾ ڏنل شجرو صحيح لڳي ٿو.
    مخدوم صدرالدين عرف صدو لانگاهه اُچ شريف مالتان جي مشهور لانگاهه خاندان جو هڪ مشهور صوفي بزرگ ٿي گذريو آهي. سندس وڏا اتي مشهور غوثيه درگاهه جا مريد هئا. مخدوم صدو لانگاهه درگاهه جو خليفو ٿي سنڌ ۾ آيو ۽ نصريه ڳوٺ ۾ اچي رهيو، بعد ۾ اتان لڏي ميرانپور ۾ اچي قيام ڪيائين.
    صوفي شاهه عنايت جنهن تحريڪ جو بنياد وڌو ”جوکيڙي سو کائي“ جنهن لاءِ هو ۽ هن جا هزارين ساٿي شهيد ٿيا. هو پورهيت ۽ هارين جو رکوالو هو. هاڻي هن جي درگاهه تي ڌاڳا، ڦيڻا، چندي جي پيتي ۽ گادي نشيني، شاهه عنايت انهن سڀني شين جي خلاف هو. هو محنت عظمت آهي جو قائل هو. آغا سليم جي ناول ”همه اوست، جو هڪ ڪردار ماڻڪ جا مغل فوجين هٿان زخمي ٿيڻ کان پوءِ پنهنجي هڪ دوست جي جهوليءَ ۾ ڪري چوي ٿو ته ”سائين کانپوءِ (سائين صوفي شاهه عنايت) سائين جي نالي درگاهون ٺهنديون، مجاور ويهندا، اوڳاڙيون ٿينديون، سائين جي نالي روحاني پرمار ٿيندي ۽ ماڻهو سائين جي پيغام کي وساري ڇڏيندا.“ آغا سليم ماڻڪ واتان اڄوڪي ماحول تي زبردست تجزيو ڪيو آهي ۽ اڄ هتي ائين ٿي رهيو آهي.
    ڪتاب ۾ هڪ مضمون درياخان تي به آهي، درياخان تي اهو بحث گهڻي عرصي کان هلندڙ آهي ته هي اصل ۾ ڪير هو؟ ڇا مبارڪ خان ۽ درياخان الڳ الڳ شخصيتون آهن؟ ڪجهه هن کي لاشاري ڄاڻائين ٿا. بهرحال اها ڳالهه طئه ٿيل آهي ته قبوليو، درياخان ۽ مبارڪ هڪ شخص ئي آهي. مبارڪ سندس لقب هو.
    ڪتاب جو آخري مضمون سنڌ عطار سچل سرمست تي آهي. جيڪو رواجي مضمون آهي، جنهن ۾ هڪ هنڌ عنايت کٽياڻ لکي ٿو ته ”سچل سنڌيءَ کان سواءِ سرائڪي، اردو، فارسي، پنجابي ۽ هندي زبانن ۾ به شاعري ڪئي.“
    سچل لاءِ اهو به مشهور ڪيو ويو ته هي هفت زبان شاعر هو. ڊاڪٽر عطا محمد حامي پنهنجي هڪ مقالي ”ڪجهه غلط روايتون“ ۾ انهي متعلق لکي ٿو ته سچل سائين جو ڪلام چئن بدران ستن زبانن ۾ آهي. اها غلط روايت آهي جنهن لاءِ حامي لکي ٿو ته ”راڻيپور ۾ سچل ڪاليج جي کلڻ کان اڳ ڪنهن به اديب عالم يا بزرگ جي معتقد اها دعويٰ نه ڪئي آهي. مرزا قليچ بيگ پهريون بزرگ آهي جنهن سچي سائين جي سنڌي، سرائڪي ۽ ريختي (اردو) ڪلام تي قلم کنيو آهي. ان به سچل سائين کي ستن زبانن جو شاعر نه سڏيو آهي. ان کان پوءِ وڏي معتقد اديب آغا غلام نبي سچل سائين تي هڪ ضخيم ڪتاب لکي به اهڙي دعويٰ نه ڪئي آهي. مرحوم آغا عبدالنبي به چٽيءَ طرح مڃيندو هو ته سچي سائين جو ڪلام صرف چئن زبانن سنڌي، سرائڪي، ريختي (اردو ۽ فارسي ۾ آهي. هڪ هندستاني فقيرياڻي عرف نماڻو فقير به هڪ تحقيقي ڪتاب لکيو آهي مگر هن به هفت زبان هجڻ جي دعويٰ نه ڪئي آهي. اهو ڳٻوڙو فقط پندرهن سالن کان پڙاڏي جي صورت وٺي، گرهوڙي جي پيشن گوئي وانگر سنڌ جي فضا ۾ گونجندو رهي ٿو. دعويٰ هميشه دليل سان ۽ روايت سدائين سند سان قبول ڪئي ويندي آهي. هن دعويٰ متعلق ڪا روايت يا دليل ڪونهي. سچل سائين جن جي وقت کان وٺي راڻيپور جي ڪاليج کلڻ تائين ڪنهن به اديب، عالم، شاعر يا بزرگ جي موجود ٿيل ڪلام به نٿو ٻڌائي ته ستن زبانن ۾ آهي. پوءِ رڳو هٽ ڌرمي ڪري علمي مسئلي تي ڌيان نه ڏيڻ ۾ ادبي خدمت ناهي. فقط چاچي علي اڪبر زرداري هڪ چوپڙي لکي آهي، جنهن پاڻ پنهنجي دعويٰ جي برخلاف دليل ڏنا آهن. سچي سائين جي ڪلام ۾ تضمين طور ڪٿي هڪ يا ٻه لفظ ڪنهن زبان جا آهن ته، ان شعر کي هن انهيءَ زبان جو ڄاڻايو آهي. انهن هڪ ٻن لفظن جي مقابلي ۾ سمورن سنڌي لفظن کي ڇڏي ڏنو اٿس. هو سچي سائين جي شعرن سان گڏ پنهنجا به اهڙائي شعر ڏيندو پاڻ کي هفت زبان ثابت ٿو ڪري ته پوءِ سچي سائين کي ته مزلر زبانو شاعر سمجهڻ گهرجي.
    اهڙن هٿرادو دليلن سان ته سنڌ جو هر شاعر ويندي چاچي علي اڪبر تائين هفت زبان شاعر بڻجي ويندو. پوءِ اسان جي بزرگ جي تخصيص ڪهڙي ٿيندي. (ڊاڪٽر عطا محمد حامي. سچل سرمست جو آفاقي پيغام. مرتب ڊاڪٽر مخمور بخاري)
    عنايت کٽياڻ جو هي پورهيو، تاريخ جي شاگردن لاءِ هڪ دڳ ضرور آهي، جنهن تي هلي هو تحقيق جا نوان در کوليندا.
    تحقيق جي فن جا مختلف قسم ٿين ٿا. عنايت کٽياڻ جا هي مضمون اصل ۾ تجزياتي تاريخ تي ٻڌل تحقيق آهن. عنايت کٽياڻ جو هي ڪتاب سفري نوٽس سان گڏ بياني انداز آهي جنهن ۾ سنڌ جي تاريخ سان گڏ مشاهداتي رنگ پڻ شامل آهن. دعا آهي ته عنايت هميشه ائين لکندو رهي.

    گل حسن ڪلمتي
    ملير ڪراچي
    تاريخ 3 اپريل 2017ء


    ڪجهه ليکڪ بابت

    سفر ڪهڙو به هجي، وندرائيندڙ به ٿئي ٿو ته ٿڪائيندڙ به ٿئي ٿو. من اندر وارو سفر، درياهي سفر، خشڪيءَ وارو سفر؛ اسان جي سنڌي ماڻهن مان ڪيترن ئي ڪاميابين سان طئي ڪيو آهي ۽ پنهنجي انهن ڪاميابين تي ڪتاب به لکيا آهن. عنايت الله کٽياڻ جو هيءُ ڪتاب به ان ڏس ۾ هڪ اهم حصو ضرور ثابت ٿيندو. ڪڏهن ڪڏهن سندس ئي واتان ٻڌندو هوس ته ”سائين! دوستن سان ڪٿي ڪنهن ماڳ تي ويل هياسي“، پر مونکي اهو اندازو ڪڏهن به نه ٿيو ته هو ڪو انهن ماڳن تان گهمي ڦري اچڻ کان پوءِ انهن کي ڪتابي صورت ۾ به پيش ڪري وٺندو.
    عنايت الله کٽياڻ اصل ۾ هڪ سادو سودو ماڻهو آهي، اٿڻي ويهڻيءَ مان نه سماجي ڪارڪن لڳندو آهي نه ئي سياسي ڪارڪن. هلندو به پروقار انداز سان آهي، ته ڳالهائيندو به سوچي سوچي آهي جو گهڻو ڪري سندس جملي پوري ٿيڻ کان اڳ ڪو ٻيو ئي سندس جملو پورو ڪري وٺندو آهي. پوءِ هو رڳو ”ها“ ڪري ڳالهه کي اڳتي وڌائيندو آهي.
    اسان جي پاڻ ۾ ڏيٺ ويٺ هتي سچل ڳوٺ ۾ اٽڪل 1988ع ڌاري ٿي هئي. جڏهن ڪجهه سنڌي نوجوانن سچل ڳوٺ کي آباد ڪرڻ لاءِ پلاٽنگ ڪئي هئي ۽ اسان جهڙن ڪراچيءَ جي مختلف آبادين ۾ رهندڙ سنڌين کي هڪ هنڌ رهڻ جو اتساهه ڏنو هو. تڏهن سچل ڳوٺ ۾ جهنگلي جانور خاص ڪري اجاڙ ٿي ويل صفوران ڳوٺ ۽ سيتا نگر جي ويجهي هئڻ سبب نانگ بلائون گهڻيون هونديون هيون. پر جڏهن ڳوٺ ۾ پڙهيل لکيل ماڻهو اچي رهيا ته وري ٻيا نانگ انساني صورت وٺي ٻرن مان نڪري آيا. ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته سچل ڳوٺ جي هيءَ زمين ڀڙڀانگ پيل هئي تيستائين انهن لينڊ گريبرن ۽ سرڪاري ڇاڙتن کي خبر ڪانه هئي پر جڏهن آبادي ٿيڻ لڳي ته معاملا خراب ٿيڻ لڳا.
    سچل ڳوٺ ۾ آباد ٿيل ڪجهه پڙهيل لکيل نوجوانن سچل ڳوٺ ريزيڊنٽس ويلفيئر ايسوسيئيشن جو بنياد وڌو. ابتدا ۾ مان به گهڻو پاسيرو رهيس پر پنهنجن توڙي سرڪاري مداخلت سبب اڳتي اچڻو پيو. انهيءَ دوران هن ڪتاب جي ليکڪ عنايت الله کٽياڻ سان ويجهڙائپ ٿي ۽ جلد ئي ويلفيئر ڪاميٽيءَ کي سٺن هٿن جي حوالي ڪري مسئلن سان منهن ڏنو سي.
    ڳوٺ ۾ بجليءَ لڳرائڻ جي ڪوشش هجي يا روڊ رستن جي تعمير. بالادي صاحب، ربنواز ڀٽو، تاج محمد وساڻ، عبدالڪريم چانڊيو، عنايت الله کٽياڻ توڙي مان اڳڀرا رهياسين. ان وقت ۾ هڪ دفعي سرڪاري بلڊوزر ڳوٺ جا گهر ڊاهڻ آيا ته ڪارڪنن انهن بلڊوزرن کي باهه ڏئي ڇڏي. جنهن بعد نيون اليڪشنون ڪرائي نوان عهديدار چونڊياسي ته گل محمد سومري کي صدر منتخب ڪيو ويو ۽ عنايت الله کٽياڻ جوائنٽ سيڪريٽري ٿيو. ان ايسوسيئيشن جي وقت ۾ ڳوٺ جي اسڪولن وارن پلاٽن تي ڪجهه قبائلي سردارن پاران قبضو ڪرڻ واري ڪوشش کي ناڪام ڪري اتي اسڪول ٺهرايا ويا جنهن لاءِ اتي ڏينهن رات اسان سڀني دوستن کي چوڪيداري به ڪرڻي پئي ۽ قبضا مافيا پاران گل محمد سومرو ۽ عنايت کٽياڻ تي ڪوڙو ڪيس داخل ڪرايو ويو جنهن جو مان ضامن پئي سندن ضمانت قبل از گرفتاري ڪرائي. اڳتي هلي ڳوٺ جي ٻين سماجي تنظيمن سگا سچل ڳوٺ برانچ ۽ ايس آر ڊي ايف کي پاڻ سان ملائي هڪ ايڪشن ڪاميٽي ٺاهي وئي جنهن جو صدر مون کي مقرر ڪيو ويو ۽ ڳوٺ جي ڊولپمينٽ جي ڪمن جي نگرانيءَ لاءِ پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ جو انچارج عنايت الله کٽياڻ کي مقرر ڪيو ويو، هن ايڪشن ڪاميٽي کي هڪ سال کان پوءِ سچل ڳوٺ ڊولپمينٽ ڪاميٽي جو نالو ڏنو ويو جنهن ۾ مان چيئرمين ۽ عنايت الله کٽياڻ جنرل سيڪريٽري به رهياسين. سچل ڳوٺ ۾ بجلي لڳي، روڊ ٺهيا، بلاڪ ڪاميٽيون مقرر ڪيون سي. حساب ڪتاب ۽ لکپڙهه جو باقاعدي انتظام ڪيوسين. آفيس کولي ان ۾ وقت ڪڍي معاملن سان منهن ڏنو سين جنهن جي نتيجي ۾ هر ڪارڪن متحرڪ ٿي ويو.
    ڪراچيءَ ۾ سنڌين جي اها پهرين گڏيل تحريڪ هئي جنهن هڪ سنڌي وسنديءَ کي آباد ڪرڻ لاءِ تمام مضبوط انداز سان جاکوڙ ڪئي. ان دوران اندروني توڙي بيروني مداخلت سان منهن ڏنو.
    ڳوٺ جي وچ تي بچيل هڪ دڙي کي ڳوٺ جي فلاح لاءِ راندين جي ميدان، عيد گاهه، پارڪ ۽ اسپتال لاءِ رکيا ويا هئا، انهن تي قبضي خورن جي ٻاهرين سياسي ۽ حڪومت ۾ ويٺل زميندارن جي يلغار شروع ٿي وئي. معاملا جهيڙن ۽ جنگين جي صورت اختيار ڪري ويا.
    جڏهن راندين لاءِ ڇڏيل گرائونڊ تان ٻاهرين قبائلي سردارن ۽ پوليس جي ملي ڀڳت سان مٽي کڻائي ان تي قبضو ڪيو ته ان تي جهيڙا ٿيا ۽ ڳوٺ وارن پاڻ ۾ گڏجي هٿ هٿ ۾ ڏئي کين سوڙهو ڪيو. انهن قبائلي سردارن جي چرچ تي ڪيترن ئي ساٿين کي ٿاڻن تائين رسايو ويو، ايف آءِ آر ڪاٽرايون ويون، ڪيس داخل ڪيا ويا. انهن ۾ گل محمد سومري ۽ عنايت کٽياڻ جون ٻيهر ضمانتون ڏنيون سين.
    ان بعد پارڪ تي سرڪاري ڪم ٿيڻ دوران عنايت الله کٽياڻ ۽ گل محمد سومري (صدر) کي ته پوليس کڻي به وئي هئي. تڏهن ثناء الله عباسي صاحب ملير ضلعي جو ايس پي هو. پر سليم شاهاڻي، محبوب عباسي نواز سانگيءَ جي اڳواڻيءَ ۾ سچل ڳوٺ وارن پنهنجي مڙسي ڏيکاري ايس پي آفيس تي سون جي تعداد ۾ گڏ ٿي احتجاج ڪيو ۽ ٻئي طرف سينئر ساڃاهه وند ڳوٺ واسي ان وقت جي گورنر معين حيدر وٽ وڃي پهتا جنهن جي نتيجي ۾ هنن ٻنهي کي راتو رات پوليس معافي وٺي واپس گهرن تي پهچايو. بهرحال ڪيس ڳاهي جان ڇٽي ۽ فلاحي پلاٽن کي بچائي اتي عيد گاهه، راندين جو ميدان، پارڪ، ڊسپينسري ۽ هڪ مسجد ٺهرائي وئي.
    اڳتي هلي الائي ڪهڙو واءُ وريو جو پيپلز پارٽيءَ جي اقتدار ۾ اچڻ سان سچل ڳوٺ جي قومي سوچ ۾ ڦيرو اچي ويو ۽ ڳوٺ جي قومي برادريءَ وارو رجحان وفاقي سوچ ۾ تبديل ٿي ويو. گهڻن ئي ماڻهن کي پي پي مان وڏيون اميدون هيون پر اهي شخصي سطح تي فائدو ڏيندڙ ثابت ٿيون جنهن جي ڪري سچل ڳوٺ جي قومي ٻڌيءَ کي ڇيهو رسيو. ان دوران هڪ ٻيو نوجوان محمد سليم شاهاڻي سچل ڳوٺ جي رهاڪن ۾ سجاڳي آڻڻ لاءِ اڳتي آيو جنهن سان اسان جو ساڳيو ئي ٽولو گڏجي ڪم ڪرڻ لڳو. ليڪن اصل ۾ پي پي جي اقتدار سبب سنڌي ماڻهن ۾ لالچ ۽ خودغرضي جو رجحان وڌي ويو ان ڪري سچل ڳوٺ جون اندروني سماجي ڪوششون سرڪار جي زڪوات خيرات ڏانهن واجهائڻ لڳيون. جڏهن ته ان کان اڳ سچل ڳوٺ پنهنجي مدد پاڻ تحت تمام وڏا ڪم ڪيا. ائين سليم شاهاڻي به سچل ڳوٺ ڪاميٽيءَ بجاءِ پنهنجي الڳ ڪاميٽي جوڙي ڪم ڪرڻ لڳو.
    ڪتاب ”سنڌ سڀيتا“ ۾ 21 مضمون آهن جيڪي 2009 کان 2013 تائين روزاني عوامي آواز ۽ روزاني مقدمو ۾ شايع ٿيل آهن، ڪي تاريخي ماڳن مڪانن متعلق آهن ته ڪي سنڌ جي عظيم شخيتن متعلق لکيل آهن. سندس چوڻ مطابق ”سونهن ڀري سنڌ جي چپي چپي کي اکين سان چُمڻ جي آس ۽ سنڌ جي تاريخي ماڳن مڪانن جي سونهن ۽ سوڀيا پسڻ ۽ سنڌ جي سڀيتا کي پرکڻ، پروڙڻ ۽ اُجاڳر ڪرڻ جي جذبي روح کي ته رولاڪ بڻائي ڇڏيو پر وسيلن جي کوٽ منهنجي هن عشق کي هميشه اڌورو رکيو. پوءِ به حوصلو ڪري سنگت جي ساٿ سان ٿر جو سفر ڪيو.“ اهو سنڌ سان سندس محبت کي ظاهر ڪري ٿو.
    جيئن ڪو داستان، ناول يا فلم پڙهندڙن يا ڏسندڙن کي پاڻ سان گڏ وٺي هلندو آهي تيئن سير سفر متعلق لکيل ڪتاب به پڙهندڙن کي ليکڪ سان گڏ سير سفر ڪرائيندو آهي ۽ عنايت الله کٽياڻ پڙهندڙن کي نه رڳو ساڻ کڻي هلي ٿو پر هو تاريخي حوالا به ڏيندو هلي ٿو. هن جي لکڻيءَ جي هڪ خوبي اها به آهي ته پڙهندي تصوراتي منظر به اڀرڻ لڳن ٿا. مثال طور جڏهن رني ڪوٽ جي سن در جو اوٽ ۾ هجڻ جو جواز ڏيندي ٻڌائي ٿو ته نئه رنيءَ جو پيٽ ئي ڪوٽ اندر وڃڻ جو رستو سمجهيو وڃي ٿو ته مونکي مومل واري تلسماتي ڪاڪ محل ۾ گهڙڻ وارو رستو ذهن تي تري آيو جيڪو پڻ شهزادن کي ڀلائڻ ڀٽڪائڻ لاءِ ٺاهيو ويو هو. يا جيئن ٻڌائي ٿو ته سن در جي سامهون هڪ چورس اڪيلو ڪمرو جنهن جي مٿان گنبذ نما ڇت آهي جنهن کي بارود خانو چيو وڃي ٿو ته مونکي اروڙ واريون چار ڦاڪون ٿيل جبل ياد اچي ويو جنهن لاءِ روايت آهي ته اهو راجا ڏاهر جي (هاڪڙي) پاڻيءَ اندر فوجي چوڪي هئي ۽ هٿيارن جو تهه خانو هئو. اڳتي ٻڌائي ٿو ته ”رني ڪوٽ ۾ نئه رني جيئن موهن در کان داخل ٿئي ٿي ته ان جي وچ پيٽ مان هڪ چشمو نڪري ٿو جيڪو شيرڳڙهه ۽ ميري ڪوٽ جي هيٺان گذري اڳتي اچي زمينن ۾ گم ٿي وڃي ٿو. هن چشمي تي هڪ هنڌ خوبصورت تلاء آهي جنهن کي هتان جا مقامي ماڻهو پرين جو تڙ چون ٿا. پرين جي تڙ تي مون کي هوٿل پريءَ وارو اهو تلاءُ ياد اچي ويو جتي ڄام اوڍي کيس تڙ ڪندي ڏٺو هو. پرين جا اهڙا تڙ مڇ (بلوچستان) جي اولهه ۾ پير غيب وٽ به آهن جيڪي فطرت جي سونهن جا شاهڪار آهن.
    عنايت الله کٽياڻ عمر ڪوٽ واري مضمون ۾ سنڌ حڪومت جي آثار قديمه ۽ ثقافت کاتي کان قومي ورثي جي بچاءَ جي گهر ڪري ماضيءَ ۽ تاريخ سان پنهنجي محبت جو ثبوت ڏنو آهي.
    اسلام ڪوٽ واري سفر ۾ چيڪ پوسٽ وٽ رينجرز طرفان مسافرن کي چيڪ ڪرڻ جو ذڪر به عنايت الله کٽياڻ کي ان ڪري ضروري لڳو آهي جو سنڌ ۾ اهي چيڪ پوسٽون رڳو سنڌين کي چيڪ ڪرڻ لاءِ قائم ڪيون ويون آهن. اهڙي رينجرز جي چوڪي ليکڪ چوڙهي جبل جي رستي تي بڙ تلاءَ وٽ به ٻڌائي آهي جتي کين ٻڌائڻو پيو ته وٽن ڪا ڪيمره وغيرو ساڻ نه آهي. ڪيڏي نه ڏک جهڙي ڳالهه آهي جو امير ته بندوقون کڻي بي ايم ڊبليو گاڏين ۾ گذرن ٿا پر انهن کي ڪابه چيڪ پوسٽ روڪي پڇڻ جي جرئت نٿي ڪري. جيڪي شوق شڪار لاءِ اهڙن وارياسن ۾ بي ڌڙڪ گهمندا ڦرندا رهن ٿا.
    ليکڪ جين ڌرم جي گوڙي مندر جو خاڪو به اهڙو چٽيو آهي جيڪو ڀٽن جي ديوارن جي وچ ۾ هجڻ ڪري هڪ خوبصورت منظر جو ڏيک ڏئي ٿو. مارئي جو کوهه ۾ ٽپو ڏيڻ جو هتي ذڪر ڪري ليکڪ هن جي پاڪ دامني کي واضح ڪرڻ چاهيو آهي. ائين ٽالسٽاءِ به پنهنجي ناول ”اينا ڪريننا“ ۾ اينا کي ريل هيٺان اچي خودڪشي ڪرڻ کي سماجي اڻ برابري سان احتجاج کي ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. سماجي اخلاقي اڻ برابريءَ سبب ڪردارن جي خودڪشي جو عمل به اهڙن وقتن تي سماج سان احتجاج کي ئي ثابت ڪري ٿو. مومل جو ڏاگ تي چڙهڻ به پنهجي پاڪ دامني کي ثابت ڪرڻ لاءِ هو، تيئن مارئي به پنهنجي پاڪدامنيءَ جو ثبوت کوهه ۾ ٽپو ڏئي ڏنو آهي.
    تشبيهون:
    جبلن جي چوٽين کي هونئن ته شاعرن مخلتلف علامتن ۽ تمثيلن ذريعي اظهاريو آهي پر عنايت کٽياڻ انهن جي چوٽين کي اٺ جي ڪونهن سان تشبيح ڏني آهي جا واقعي وڻندر ۽ منفرد آهي.
    ڪارونجهر جي گرينائيٽ جو ذڪر ڪندي ليکڪ حڪومت کان اها به گهر ڪئي آهي ته اتي ڪارخانا لڳايا وڃن ته جيئن علائقي جي ماڻهن ۾ خوشحالي جو ڪو احساس پيدا ٿئي.
    عنايت الله کٽياڻ بنيادي طور سياسي ۽ سماجي ساڃاهه رکندڙ شخص آهي. گهڻي وقت کان قومي سياست سان واڳيل رهيو آهي. ورڪر جي حيثيت ۾ هو هڪ رول ماڊل آهي. ڳوٺ جي ڇيڙي نبيري ۾ به سندس وڏي دورانديشي مشهور آهي. ٻين کي مان ڏيڻ، دوستن سان نڀائڻ توڙي عام سنڌي ماڻهن سان غم ۽ خوشين ۾ ڪلهوڪلهي ۾ ملائي بيهڻ وارو شخص آهي.
    سياسي توڙي سماجي ڪمن سان گڏوگڏ هن دوستن سان گڏجي جيڪي سير سفر ڪيا آهن تن کي قلمبند ڪري عنايت الله کٽياڻ سنڌي علم و ادب ۾ هڪ اهڙي ڪتاب جو اضافو ڪيو آهي جيڪو پنهنجي عنوان ”سنڌ سڀيتا“ ذريعي ئي پنهنجي تعريف پاڻ ڪرائيندڙ آهي.

    بيدل مسرور


    پنهنجي پاران

    سا قوم ٿي زنده رهي جا ياد ماضي ٿي ڪري
    حال ماضيءَ سان ڳنڍي تاريخ سازي ٿي ڪري
    (سيد ظفر ڪاظمي)

    هي ڪتاب منهنجي لکيل تاريخي ماڳن جي مضمونن تي مشتمل آهي. گهڻي وقت کان سنڌ جي تاريخي ماڳن بابت لکندو رهيو آهيان. انهن مان جيڪي مضمون اخبارن ۾ ڇپيل آهن انهن کي سهيڙڻ لاءِ ڪجهه دوست به زور ڀريندا رهيا ۽ پنهنجي به خواهش رهي ته انهن کي هڪ ڪتابي صورت ۾ محفوظ ڪجي.
    ننڍپڻ ۾ ئي بابا سائينءَ جا اوطاق جي المارين ۾ رکيل ڪتاب پڙهندو رهيس، پهريان صرف ناول پڙهندو هئس پوءِ تاريخ ۽ شاعري سان دلچسپي وڌندي وئي. ننڍپڻ ۾ ئي بابا سائين جي وفات کان پوءِ 1974ع ۾ سائين جي.ايم سيد جو هڪ تفصيلي انٽرويو تحريڪ رسالي ۾ پڙهيو. رسالي جي ٽائيٽل تي سائينءَ جي تصوير هئي جنهن کي فريم ڪرائي اوطاق ۾ لڳائي ڇڏيو ۽ آءٌ سنڌ جي عشق ۾ مبتلا ٿي ويس. جيئن جيئن وڏو ٿيندو رهيس ڳڀي جي ڳولا ۽ گهر جون ذميواريون نڀائيندي به رات جو ڪتاب ضرور پڙهندو هئس ۽ ائين منهنجي سنڌ جي تاريخ سان محبت وڌندي رهي.
    تاريخي ماڳن ۽ تاريخي شخصيتن کي نوجوانن ۾ متعارف ڪرائڻ لاءِ اسان ڪجهه دوستن 2000ع ۾ هڪ فورم ”سنڌ هسٽري اويئرنيس فورم“ جوڙيو هيو. هن فورم ۾ سنڌ جو منفرد ۽ سينئر ليکڪ علي بابا ۽ سنڌ جو وڏو شاعر تاجل بيوس به اسان جي رهنمائيءَ لاءِ فورم ۾ گڏ هئا. هن فورم ۾ آئيني جوڙجڪ باري منگي صاحب ڪئي، مون کي فورم جو چيئرمين ۽ ممتاز ماڻڪ کي سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو، اسان ڪجهه پروگرام ڪرايا ۽ پوءِ سڀني دوستن جي سستيءَ سبب انهن کي جاري نه رکي سگهياسين ته رسالو ڪڍڻ جو فيصلو ڪيوسين ۽ ”سنڌ سڀيتا“ نالي هڪ سال تائين اهو رسالو نڪرندو رهيو. بعد ۾ مالي وسيلن جي کوٽ سبب ان کي به جاري نه رکي سگهياسين. ان وقت ۾ منهنجي علي بابا سان ويجهڙائپ رهي ۽ مڪليءَ جي تاريخي ماڳن ۽ ڪجهه ٻين هنڌن تي علي بابا سان گڏ وڃڻ ٿيو ۽ پوءِ سڀ کان پهرين مون کي علي بابا لکڻ تي اتساهيو ۽ رهنمائي به ڪيائين ته پوءِ مون پهريون مختصر مضمون دولهه درياخان تي لکيو جيڪو سندس ورسيءَ جي ڏينهن 12 سيپٽمبر 2002ع تي پنجن سنڌي اخبارن ۾ ڇپيو جنهن کان پوءِ آءٌ مختلف وقتن تي مختلف ماڳن ۽ شخصيتن تي لکندو رهيس. آءٌ سمجهان ٿو ته تاريخ بابت لکڻ تمام ڏکيو آهي پر شيخ اياز چواڻي:
    مون شاهي رستو دور ڇڏي جهاڳيو پنڌ پهاڙن جو،
    هو جو سوڙهو لڪ وڃي ٿو دور انڌيرن لاڙن مان.
    آءٌ هر ماڳ متعلق پهريان پڙهندو آهيان پوءِ ان ماڳ تي وڃي ڏسندو آهيان ۽ اتي جي مقامي ماڻهن جي راءِ حاصل ڪندو آهيان، ان راءِ، مشاهدي ۽ ان تي ٿيل تحقيق کي ٻيهر پڙهي پوءِ لکندو آهيان جنهن لاءِ ڪجهه ماڳن تي ته بار بار به وڃڻو پيو آهي. منهنجو مقصد سنڌ جي تاريخ کي هر عام ۽ خاص سان متعارف ڪرائڻ آهي ته جيئن سنڌي قوم پنهنجي تاريخي ورثي کي پرکي پروڙي ۽ پنهنجي تباهه ٿيندڙ تاريخي ماڳن کي بچائڻ جي ڪوشش ڪري ۽ ويران پيل ماڳن سان سندس دلچسپي وڌي ۽ اتي وڃي انهن کي ڏسي ته جيئن انهن جي مالڪي ڪري سگهي.
    آءٌ تمام گهڻو تورائتو آهيان مانَ واري دوست گل حسن ڪلمتيءَ جو جنهن هن ڪتاب لاءِ مون کي مان ڏيندي مهاڳ لکيو آهي ۽ هرهڪ مضمون تي پنهنجي تحقيقي راءِ لکي آهي. گل حسن صاحب کان آءٌ مضمونن جي لکڻ ۾ اڳ به رهنمائي وٺندو رهيو آهيان ۽ سندس لکيل مهاڳ ۾ به مون کي نوان رستا ملن ٿا. گل حسن صاحب منهنجي لکڻيءَ متعلق جيڪا پنهنجي راءِ ڏني آهي ان لاءِ سندس ٿورائتو رهندس.
    قومي راڳي، ليکڪ، شاعر ۽ پي ٽي وي جي اڳوڻي سينئر پروڊيوسر بيدل مسرور صاحب جن جو به نهايت ٿورائتو آهيان جن سچل ڳوٺ جي تعمير، ترقي ۽ تحفظ لاءِ منهنجي خدمتن، جاکوڙ ۽ ڪردار بابت لکي ڏنو ۽ بيدل مسرور صاحب جا لک قرب جو هنن ڪتاب جو جائزو وٺندي منهنجي لکڻين جي تعريف ڪئي آهي.
    آءٌ احسانمند آهيان سينئر سياسي اڳواڻ سيد غلام شاهه صاحب جن جو جن منهنجو تعارف لکندي هڪ صفحي ۾ مختصر ۽ جامع منهنجي تاريخ لکي ڇڏي آهي. سائين غلام شاهه جي ڏاهپ، علم، ادب ۽ سندس پروقار شخصيت جو آءٌ هميشه قائل رهيو آهيان.
    تمام ٿورائتو پنهنجي دوست رضوان صابر مينڌري جو جنهن هي ڪتاب پنهنجي والد جي نالي تي قائم ڪيل ”رشيد صابر آرٽس سرڪل“ پاران ڇپائي پڌرو ڪيو.
    منهنجي رولاڪين ۽ پيڙائن جي هيءَ ڪٿا قبول پئي. آءٌ سمجهان ٿو ته لکڻ ۽ ڇپرائڻ ۾ مون کان ڪافي ڪوتاهيون ٿيون هونديون جن کي منهنجي پهرين ڪوشش سمجهي معاف ڪيو وڃي ۽ منهنجي پورهئي ۾ بهتري آڻڻ لاءِ پنهنجا رايا ڏنا وڃن ته اوهان سڀني پڙهندڙن جو احسان مند رهندس. منهنجي حياتيءَ جو عڪس منهنجو هي لکيل غزل اوهان جي نذر ڪيان ٿو:
    اسين رولاڪ راهن جا ڪڏهن ڪاٿي ڪڏهن ڪاٿي،
    سفر ۾ ڪيئي مليا ساٿي ڪڏهن ڪاٿي ڪڏهن ڪاٿي،

    وياسين مندر ۾، مسجد ۾، ڏٺو مئڪدي ۾ ڀي پائي جهاتي،
    اصل جي ڳولا اڃان تائين ڪڏهن ڪاٿي ڪڏهن ڪاٿي،

    نه ماڻي منزل ڪائي مذهب ۾ نه عشق ۾ اڳڀرا ٿياسين،
    هليا سين ڀي رهياسين ڀي ڪڏهن ڪاٿي ڪڏهن ڪاٿي،

    سياست ۽ سماجت جو ڀي چوکو چکيو ذائقو،
    سچائيءَ کي ”ضمير“ ڳوليو ڪڏهن ڪاٿي ڪڏهن ڪاٿي.

    عنايت الله کٽياڻ


    رني ڪوٽ

    جيئن ته سنڌ سونهاري تاريخي ماڳن سان مالامال آهي جيڪي هن ڌرتيءَ جي قديم تهذيب ۽ تمدن جا گواهه آهن. هر شعوروند کي تاريخ جي ڄاڻ هئڻ ضروري آهي ته جيئن مستقبل لاءِ بهتر رٿابندي ڪري سگهجي.
    سنڌو درياهه جي ساڄي پاسي انڊس هاءِ وي تي ”سن“ شهر کان 28 ڪلوميٽر جي فاصلي تي قديم تاريخ جو اهم نشان ”رني ڪوٽ“ واقع آهي. هن علائقي ۾ کيرٿر جبلن جو هڪ وڏو سلسلو آهي جنهن جي هڪ حصي جو نالو ”لڪيءَ جا جبل“ آهي ۽ لڪيءَ جي جبلن جو سلسلو ٽن قطارن تي مشتمل آهي. اهي ٽئي قطارون ڀڳي ٺوڙهي وٽان ڌار ڌار ٿي ڏکڻ طرف وڃي رني ڪوٽ تائين پهچن ٿيون. هنن جبلن جي اوچائي مجموعي طور تي 2 هزار فوٽن تائين آهي ۽ هنن ٽنهي جابلو قطارن جي پڇاڙيءَ تي رني ڪوٽ ٺهيل آهي. هتي رني ڪوٽ جي بيهڪ اهڙيءَ طرح آهي جو اوڀر واري جابلو قطار تي سن در ۽ اوڀاري ديوار جڙيل آهي. اولهه واري قطار تي موهن در ۽ اولاهين ديوار آهي ۽ وچ واري جابلو قطار رني ڪوٽ جي وچ ۾ اچي ختم ٿي وڃي ٿي.
    سنڌ جو هي قلعو نه صرف سنڌ جي ڪوٽن ۽ قلعن ۾ نمايان حيثيت جو مالڪ آهي ليڪن ايراضيءَ جي لحاظ کان دنيا جو وڏي ۾ وڏو قلعو آهي. رني ڪوٽ جو گهيرو 108174 فٽ برابر 20 ميل يا ½32 ڪلوميٽر آهي.(1) جنهن جو چوٿون حصو پٿر جي ديوار آهي. باقي ٽي حصا قدرتي ديوار يعني جبلن جون اڀڪپريون ۽ جبلن جا ڇن آهن، جن کي ڪو به پار ڪري نٿو سگهي. هن وسيع قلعي ”رني ڪوٽ“ اندر هڪ وڏي نئه آهي جنهن کي نئه رني يا نئه روڻي سڏيو وڃي ٿو. هيءَ نئه ڪوٽ ۾ اولهه پاسي کان موهن در ڀرسان داخل ٿئي ٿي ۽ اوڀر ۾ سن در جي ڀر مان ٻاهر نڪري وڃي سنڌو درياهه ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. هن نئه کي ڪوٽ ۾ داخل ٿيڻ کان مٿي اولهه ۾ ”موهن نئه“ سڏيو وڃي ٿو. رني ڪوٽ اندر نئه رني يا نئه روڻي ۽ اوڀر ۾ ڪوٽ کان ٻاهر نڪرڻ کان پوءِ ڇوڙ ڪرڻ تائين ”سن نئه“ سڏيو وڃي ٿو ۽ چيو وڃي ٿو ته ”رني ڪوٽ“ به هن نئه جي نالي سان منسوب ٿيل آهي.
    رني ڪوٽ ۾ ٻه مکيه در آهن، هڪ اوڀر ۾ سن در ۽ ٻيو اولهه ۾ موهن در. رني ڪوٽ جي اندر 3 ننڍا قلعا پڻ ٺهيل آهن 1. ميري ڪوٽ 2. شير ڳڙهه 3.موهن ڪوٽ. رني ڪوٽ ۾ ٻاهرين ديوار ۾ 47 برج ٺيهل آهن جن ۾ ست برج چورس يا مستطيل ۽ چاليهه برج گول ٺهيل آهن جن ۾ ٻه برج اولهه پاسي کان اڪيلا، اڪيلا مورچي طور ٺهيل آهن ۽ چار ٻيا برج هڪ ٻئي سان ويجها ويجها ديوار سان جڙيل آهن. ٻه ٻيا برج هڪ ڊگهي ديوار سان جڙيل آهن اهڙيءَ طرح اولهه پاسي کان بچاءَ لاءِ هنن برجن کان ٿورو اندر هڪ ٻيو برج ۽ ديوار ٺاهي وئي آهي جنهن کي ”ل“ لڪڻ ديوار سڏيو وڃي ٿو. اهڙيءَ طرح سن در کان ڏکڻ طرف واري ديوار جي پڄاڻيءَ کان پوءِ ٿورو اڳتي هڪ اڪيلو برج ٺهيل آهي جيڪو مٿاهينءَ تي هئڻ ڪري رني ڪوٽ ۾ اندر ۽ ٻاهرگهڻي حصي ۾ نظرداريءَ لاءِ ڪم ايندو هوندو باقي ٻيا برج ديوارن سان ۽ ٻاهر جڙيل آهن هن کان سواءِ پنج برج ميري ڪوٽ ۽ پنج برج شير ڳڙهه ۾ ٺهيل آهن. اهڙيءَ ريت رني ڪوٽ جا ٽوٽل برج 57 ليکيا وڃن ٿا.
    هن وقت رني ڪوٽ وڃڻ لاءِ انڊس هاءِ وي تي سن شهر کان ٿورو اڳتي اولهه پاسي هڪ روڊ رني ڪوٽ جي سن در تائين پهچائي ٿو. هتي سن در اوٽ ۾ هجڻ ڪري نئه رني جو پيٽ ئي ڪوٽ جي اندر وڃڻ جو رستو سمجهيو وڃي ٿو. اصل ۾ ڪوٽ جي اڏيندڙن دشمن کي ڀلائڻ لاءِ اهڙي تعمير ڪئي هوندي، پر هاڻي ان نئه مان ئي اندر وڃڻ جو رستو آهي جيڪو ميري ڪوٽ تائين ٺهيل آهي. هتي سن در وٽ نئه جي مٿان پل ٺهيل هوندي جنهن جا نشان موجود آهن. هن جاءِ تان هڪ ديوار نئه جي مٿان چورس برج کان شروع ٿي جبل تي هيٺ مٿي ۽ وروڪڙ کائيندي اتر طرف وڃي ٿي. هن ديوار ۾ پهرين چورس برج کان سواءِ اٺ گول برج آهن جن مان هڪ برج اوڀر طرف اڳتي نڪتل آهي ته جيئن وڌيڪ نظرداري ۽ حفاظت ڪري سگهجي. هن جاءِ تي هيءَ ديوار ۽ ان جا برج وروڪڙ کائيندي پهاڙن ۽ پوٺن تي لهندي ۽ چڙهندي ”ديوار چين“ جهڙو خوبصورت نظارو پيش ڪري رهيا آهن. نئه جي ڏکڻ واري ڪپ تي هڪ شاندار گول برج آهي جنهن کان وڪڙ دار ديوار اڳتي هلي هڪ ٻيو وڪڙ کائي ڪوٽ ۾ سن در ٺاهي ٿي. هن در کان اندر ويندي رستي تي چوڪيدارن لاءِ ڪوٺيون ٺهيل آهن ۽ بعد ۾ اندر وڃڻ لاءِ هڪ محرابي در ٺهيل آهي. سن در کان ڏکڻ طرف ديوار جبل تي چڙهندي وڃي ٿي. هن ديوار ۾ چار گول برج ۽ آخري ڇيڙي تي مستطيل برج آهي جنهن کي بعد ۾ مسجد بڻايو ويو آهي. سن در جي سامهون اندر هڪ چورس اڪيلو ڪمرو جنهن تي مٿان گنبذ نما ڇت آهي جنهن کي بارود خانو چيو وڃي ٿو ۽ ڪي وري ان کي ٻڌمت جي عبادتگاهه چون ٿا. سن در جي ديوار کان پوءِ ڪوٽ کي قدرتي بند آهن جن کي پار ڪرڻ سولو نه آهي. پوءِ به هڪ برج نظرداريءِ لاءِ اڪيلو ڳاٽ اوچو ڪيون بيٺو آهي ان کان اڳتي ڏکڻ طرف جابلو رڪاوٽن کان پوءِ گهڻو اڳتي ڏاکڻي ديوار شروع ٿئي ٿي جيڪا وڃي ڪوٽ جي اولهه ۾ قدرتي مورچي وٽ ختم ٿئي ٿي. هيءَ ديوار رني ڪوٽ جي سڀ کان ڊگهي ديوار آهي جنهن ۾ چوڏهن برج آهن جن ۾ چار چورس برج آهن ۽ ڏهه گول برج آهن. هيءَ ديوار به لاهين چاڙهين ۽ ڏکڻ جي ميدان ۽ پوٺن کان ايندڙ پاڻيءَ جي رستن کي پار ڪندي تمام خوبصورت نظر ايندي آهي. هن ديوار جي سِڌَ ۾ ڪوٽ جي اندر تقريباَ ٽن ڪلوميٽر تي هڪ ٻي اڻپوري ديوار آهي جيڪا شايد ڏکڻ کان ٻي دفاعي لائن جوڙڻ لاءِ ٺاهي پئي وئي ليڪن اها مڪمل نه ٿي سگهي. رني ڪوٽ جي اولهه ۾ مٿي ذڪر ڪيل اڪيلن ۽ ڳنڍيل برجن کان پوءِ موهن ڪوٽ اچي ٿو ۽ موهن ڪوٽ کان ديوار نئه رني جي داخل ٿيڻ واري جڳهه تائين هلندي وڃي ٿي. هن ديوار ۾ موهن ڪوٽ کان سواءِ ٽي گول برج آهن. نئه کي پار ڪندي ديوار ۾ موهن در آهي جتان ديوار پهريان اولهه طرف وڃي ٿي ۽ پوءِ موڙ کائي اوڀر طرف رواني ٿئي ٿي. هن ديوار ۾ چار برج ٿوري ٿوري فاصلي تي آهن ته جيئن موهن در جي حفاظت ٿي سگهي. آخري پنجون برج هن ديوار جي ڊگهي مفاصلي کان پوءِ اچي ٿو ۽ هي برج رني ڪوٽ جي سڀني برجن ۾ وڏو برج ليکيو وڃي ٿو. هن برج کان پوءِ وري قدرتي ديوار يعني اڀڪپريون شروع ٿي وڃن ٿيون ويندي اوڀر واري ديوار جي شروع ٿيڻ تائين. اهڙيءَ ريت رني ڪوٽ ٻاهران گهيرو مڪمل محفوظ ٿي وڃي ٿو.
    رني ڪوٽ ۾ نئه رني جيئن موهن در کان داخل ٿئي ٿي ته ان جي وچ پيٽ مان هڪ چشمو ڦٽي نڪري ٿو جيڪو شير ڳڙهه ۽ ميري ڪوٽ جي هيٺان گذري اڳتي اچي زمين ۾ گم ٿي وڃي ٿو. هن چشمي تي هڪ هنڌ هڪ خوبصورت تلاءُ آهي جنهن کي هتان جا مقامي ماڻهو پرين جو تڙ چون ٿا، هن چشمي جو پاڻي پيئڻ کان علاوه پوک ڪرڻ جي به ڪم اچي ٿو. هي به هڪ خوبصورت نظارو آهي.

    1. ميري ڪوٽ
    رني ڪوٽ جي اندر هي هڪ ننڍو قلعو ٺهيل آهي جيڪو لڳ ڀڳ رني ڪوٽ جي وچ ۾ قائم آهي ۽ رني ڪوٽ جي مک دروازي سن گيٽ کان تقريبن 3 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي آهي. هن تائين پهچڻ لاءِ ٻه دفعا رني ڪوٽ اندر هڪ نئه (جنهن جو نالو نئه رني آهي) کي پار ڪرڻو پوي ٿو. هي قلعو به هڪ ننڍي ٽڪريءَ تي قائم آهي جنهن جي ٽن طرفن کان مٿي چڙهي قلعي تائين پهچڻ تمام مشڪل آهي صرف در واري پاسي کان ئي قلعي تائين پهچي سگهجي ٿو. جيئن ته هي پنهنجي نالي مان ئي ظاهر ٿئي ٿو ته هتي حاڪم يا سپهه سالار جي رهائش هئي جنهن لاءِ هن جي مخصوص اڏاوت ڪئي وئي هئي. هن قلعي اندر ڊٿل اڏاوتن مان به هي قلعو شاهي رهائش لاءِ استعمال ٿيندڙ محسوس ٿي رهيو آهي ڇو ته هن جي اندر گهٽيءَ ۾ ٿيل چٽسالي خوبصورتي لاءِ ٿيل ڪم اهو ئي ظاهر ڪري رهيو آهي. ميري ڪوٽ جي چوڌاري ڏنل ديوار جي ڊيگهه 1434فٽ آهي. هي ديوار هيٺان 11 فٽ ۽ مٿي 8 فٽ ويڪري آهي. هن ڪوٽ کي ڪل پنج برج آهن جن ۾ مک دروازي وارو وڏو برج آهي جنهن جو قطر 22.5 فٽ آهي باقي چئن ڪنڊن تي 4 برج آهن. ميري ڪوٽ ڏسڻ کان پوءِ محسوس ٿئي ٿو ته پهرين اڏاوت کان پوءِ جي دور ۾ ڪوٽ ۾ مرمت ڪرائي ان ۾ ڦير گهير ڪرائي وئي آهي. هن قلعي اندر پراڻي ڊٿل اڏاوتن کان علاوه هڪ ٻن ڪمرن وارو ”ريسٽ هائوس“ سائين جي.ايم سيد پاران ٺهرايو ويو هئو ته جيئن هتي تفريح ۽ تحقيق لاءِ ايندڙ ماڻهو ترسي سگهن. اڄ به قلعي اندر اها ئي واحد جڳهه آهي جتي ڪجهه وقت لاءِ يا رات به رهي سگهجي ٿو ۽ هن قلعي جي ديوار تي چڙهي آسپاس جون جابلو قطارون، ڀرسان وهندڙ قدرتي چشمو ۽ سامهون تمام اوچائي تي اڏيل شيرڳڙهه جو نظارو به ڪري سگهجي ٿو.

    2. شير ڳڙهه
    هي قلعو مڪمل طور حفاظتي ۽ فوجي نوعيت واري انداز ۾ ٺهيل آهي. هن قلعي جي ديوار جي ڊيگهه 1255 فٽ آهي ۽ 5 برج ٺهيل آهن. در کان داخل ٿيڻ لاءِ ميري ڪوٽ وانگر ٻن برجن جي وچ ۾ هڪ گهٽي آهي. شير ڳڙهه رني ڪوٽ جي اتر اولهه واري ڊگهي جابلو قدرتي ديوار تي قائم ڪيو ويو آهي. هي قلعو رني ڪوٽ اندر تمام مٿاهينءَ جڳهه ۽ سمنڊ جي سطح کان 1480 فٽ اوچائيءَ تي ٺهيل آهي جتان رني ڪوٽ کان ٻاهر ڪافي وڏي ميداني علائقي تي نظر رکي سگهجي ٿي ۽ رني ڪوٽ اندر به وڏي حصي تي نظرداري ڪري سگهجي ٿي. هن قلعي اندر صرف هڪ وڏو پاڻيءَ جو حوض ٺهيل آهي جنهن ۾ اتي رهندڙ فوج جي استعمال لاءِ پاڻي جمع ڪيو ويندو هوندو. شير ڳڙهه تي صرف هڪ طرف کان پاڻيءَ واري چشمي کان مٿي شيرڳڙهه تي چڙهڻ جو رستو آهي جيڪو به پنڌ ڪري اٽڪل ڏيڍ يا ٻه ڪلاڪ جي وقت ۾ طئي ڪري مٿي پهچي سگهجي ٿو. ان ڪري قلعي ۾ ٺهيل حوض ۾ پاڻي ڀرڻ لاءِ به چشمي کان شير ڳڙهه تي چڙهڻ واري رستي تي وچ ۾ به هڪ حوض ٺهيل آهي ته جيئن پاڻي ٻن ساهين ۾ مٿي پهچائي سگهجي. هن قلعي ۾ فوج جي رهائش هوندي جيڪا قلعي اندر ۽ ٻاهر نظرداريءَ ۽ حفاظت لاءِ مقرر هوندي. رني ڪوٽ اندر شير ڳڙهه تمام اوچائيءَ تي جڙيل آهي جنهن تائين پهچڻ لاءِ جيڪو رستو آهي سو تمام ڏکيو ۽ ٿڪائيندڙ آهي. هن پٿريلي چڙهائيءَ تي چڙهڻ لاءِ jogger shoes هجڻ ضروري آهن.

    3. موهن ڪوٽ
    هي قلعو موهن در کان 1500 فٽ پري هڪ اڀڪپريءَ تي ٺهيل آهي. هي مستطيل قلعو آهي ۽ ميري ڪوٽ ۽ شير ڳڙهه کان ايراضيءَ ۾ ننڍو آهي. سندس ڊيگهه 123 ۽ 127 فٽ آهي. ڪنهن به هڪ پاسي 32 فٽ ۽ ٻئي پاسي 58 فٽ آهي. هي به هڪ حفاظتي ڪوٽ آهي جنهن جي ٽن پاسن کان وڏيون کاهيون آهن ته جيئن هي ڪوٽ رني ڪوٽ جي اولهه واري در (موهن در) جي ڀر ۾ آهي ۽ هتي هن پاسي مقرر ٿيل لشڪر ۽ اعليٰ عملدار جي ڪم ايندو هوندو ۽ هتان قلعي جي اندر ۽ ٻاهر واري موهن وادي ۽ ٻئي وڏي علائقي جي نگهباني ڪئي ويندي هوندي.
    رني ڪوٽ جي اڏاوت ڪڏهن ٿي ۽ ڪنهن ڪرائي ان تي محققن جو تمام وڏو بحث ٿيل آهي پر اڃان تائين ان جي ڪا حتمي راءِ نه جڙي سگهي آهي ته ڪهڙي سن ۽ ڪنهن جي دور ۾ ٺهيو ليڪن اهو طئي آهي ته هي تمام اوائلي دور جو قلعو آهي جنهن جي اڏاوت ”ديوار چين“ ۽ ايران جي اتر ۾ ٺهيل ديوارن سان مشابهت رکي ٿي جن کي شڪه ياجوج چيو وڃي ٿو. اهي ديوارون سائرس اعظم ۽ سندس پوين ڪياني شهنشاهن ٺهرايون هيون. هي دؤر سڪندر اعظم جي دور کان به اڳ جو دؤر هو.(2) محقق چچنامي مان مثال ڏنو آهي ته محمد بن قاسم هن قلعي ۾ اچي ترسيو ۽ هتان حجاج بن يوسف کي خط لکيو جنهن ۾ هن رني ڪوٽ کي دنيا جو وڏي ۾ وڏو قلعو لکيو آهي.(3) هن قلعي اندر عربن ۽ رومين جا قبرستان به موجود آهن ۽ هتي ٻڌمت جا نشان به ملن ٿا جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته هي ڪوٽ عربن کان اڳ جو اڏيل آهي. هڪ تاريخي ڪتاب موجب سنڌ جو هي جابلو ڪوهستاني علاقو ايران تي ساساني حڪمرانن جي دؤر ۾ ايران جو آخري سرحدي علائقو هو. ان ڪري انهن اتي ڪوٽ ۽ قلعا تعمير ڪرايا.
    بهرحال سنڌ جو هيءُ عظيم قلعو اڄ به پنهنجي طلسماتي ڪهاڻين ۽ نظارن سان گڏ تحقيق جو طلبگار آهي. بدقستمي اها آهي ته سنڌ تي ڌارين جي باربار يلغارن ۽ ڦرلٽ سنڌ جي ڪتبخانن کي به تهس نهس ڪيو آهي جنهن ڪري سنڌ جي تاريخ ۾ تسلسل نه آهي. اڄ جا محقق به ڌارين جي لکيل تاريخ جي بنياد تي اڳتي وڌيا آهن، سندن جاکوڙ ضرور منزل ماڻيندي. رني ڪوٽ دنيا جو وڏي ۾ وڏو قلعو آهي، مون صرف ان جو اوهان سان مختصر تعارف ڪرايو آهي ته جيئن شعور وندن کي اتساهه ڏياري ته سنڌو ماٿريءَ جي اهڙن تاريخي ماڳن تي وڃي پنهنجي وڏڙن جي ٿيل پورهئي، محنت ۽ ڪاريگريءَ کي ڏسي کين خراج پيش ڪري سندن عظمت کي سلام ڪجي ۽ ضروت آهي ته پنهنجي تاريخي ماڳن ۽ قومي ورثي بابت معلومات حاصل ڪري پنهنجي ماضيءَ کي پروڙي پنهنجو مستقبل سنوارڻ جي لاءِ جاکوڙ ڪجي ته جيئن پنهنجي قوم کي ترقي ۽ خوشحالي جي شاهراهه تي آڻڻ لاءِ پاڻ به ڪو ڪردار ادا ڪري سگهجي.

    (روزاني عوامي آواز 24 نومبر 2009ع)

    ڪتاب سنڌ جا ڪوٽ ۽ قلعا صفحو نمبر 409 ليکڪ اشتياق انصاري
    ڪتاب رني ڪوٽ صفحو نمبر 97 ليکڪ بدر ابڙو
    ڪتاب رني ڪوٽ صفحو نمبر 109 ليکڪ بدر ابڙ


    عمر ڪوٽ تاريخ جي آئيني ۾

    گهڻي وقت کان دلي خواهش هُئي ته ٿر جو سير ڪجي. چئن پنجن سالن کان هر سال دوستن سان پروگرام ٺهن پيا پر ٿر وڃڻ نه پيو ٿئي. ڪي دوست چوَن ته وسڪاري جي موسم ۾ ٿر هلجي ۽ جڏهن ٿر ۾ وَسڪارو ٿئي ته هت ڪراچيءَ ۾ به برساتون هجڻ ڪري نڪري نه پئي سگهيس ۽ ٻيو ته مُنھنجي خواهش هُئي ته ٿر کي اصل حالت يعني سوڪهڙي جي مند ۾ ڏسجي. جيئن اُتان جي مُند، مٽيءَ ۽ ماڻهن جي رهڻيءَ ڪھڻيءَ ۽ ڏُکن ڏوجهرن جي پروڙ پئجي سگهي ۽ خاص طور ٿر جي ماڳن مڪانن ڪارونجهر جبل ۽ جين ڌرم جي پُراڻن تاريخي مندرن کي به عام موسم ۾ ڏسي سگهجي. اها مُنھنجي آس ۽ اُڪير هميشه دل کي ستائيندي رهي. نيٺ اها من جي مراد پوري ٿي. ٿيو ائين ته من موهيندڙ مُرڪ جي مالڪ دوست انجنيئر ممتاز علي سانگيءَ جي تعلقي ڇاڇري ۾ پوسٽنگ ٿي ته هن چيو هاڻي ته اچو ته ٿر گڏجي گھمون! پوءِ مُون محترم امتياز ابڙي ۽ لال محمد لاکي صاحب سان صلاح ڪئي. لال محمد لاکو پهريان به ٿر وڃي چُڪو هئو ۽ اُتي جي ڪُجهه معلومات به هُيس. بھر حال اسان ٽئي دوست پروگرام طئه ڪري 16 اپريل 2011ع تي صبح جو 7 وڳي ڪراچيءَ کان روانا ٿياسين. حيدرآباد باءِ پاس ميرپور خاص جي ٻاهران عمر ڪوٽ واري روڊ تي الحسنا ريسٽورنٽ تي چانھن پيئڻ لاءِ 15 منٽن جو اسٽاپ ڪيوسين. چانهن پيئندي لال محمد لاکي پنهنجي هڪ دوست حاجي صديق ميمڻ کي فون ڪيو ته اسين عمر ڪوٽ اچي رهيا آهيون. (حاجي صديق ميمڻ سيشن ڪورٽ عمر ڪوٽ ۾ ريڊر آهي) اسان چانهن پي عمر ڪوٽ روانا ٿياسين.
    هلندي خيال آيو ته عمر ڪوٽ هلون ٿا. اُتي رهندڙ سنڌ جي مھان ڪلاسيڪل ۽ صُوفي راڳ جي راڻي شفيع فقير سان مُلاقات ڪجي. اهو سوچي ساڻس رابطو ڪيوسين. اسان جي خوش قسمتي هُئي جو فقير به شهر ۾ موجود هو. اسان هڪ ڪلاڪ ۾ ميرپور خاص کان عمر ڪوٽ جو سفر طئه ڪيو. هن رستي تي بچاءُ بند اسٽاپ کان ٿيندي اسان 12هين وڳي عمر ڪوٽ شهر جي مُک چوڪ تي پھتاسين جتي حاجي صديق ميمڻ صاحب اسان جو انتظار ڪري رهيو هئو. اسين کيس ساڻ ڪري شفيع فقير جي جاءِ تي پهتاسين جنهن کي هُن راڳ جي سکيا لاءِ ”آلاپ سنگيت اڪيڊميءَ“ جو نالو ڏنو آهي. اُتي هڪ وڏي ڪمري ۾ شفيع فقير ۽ سندس ساٿين سان ملاقات ڪئيسُون. هُن اسان جي گرم جوشيءَ سان آجيان ڪئي. مُنھنجي ته ساڻس گذريل 10 سالن کان واقفيت هُئي ۽ ملاقاتن جو هڪ سلسلو رهيو آهي. هُن اسان کان مانيءَ لاءِ پُڇيو ته مون کيس ٻڌايو مانيءَ جو بندوبست اسان جي دوست حاجي صديق ڪري ڇڏيو آهي. اهو ٻُڌي هُن بوتلون گھرايون جيڪي پيئندي ڪچهري به ٿيندي رهي.
    مون کائنس ننگر پارڪر جي تاريخي ماڳن بابت پُڇا ڪئي ته هُن ننگر شهر جي هڪ سُگھڙ نواز خان کوسي لاءِ چيو ته اُن سان مِلجو. اوهان کي تاريخ بابت پُوري پُوري ڄاڻ ملي ويندي. شفيع فقير اسان کي کيس مليل ايوارڊ به ڏيکاريا جيڪي هڪ شوڪيس ۾ سجايل هُئا ۽ ٻُڌايائين ته هِن ڪمري ۾ سنگيت جي شاگردن کي سُرن جي سکيا ڏني ويندي آهي. ڪمري ۾ ساز به سُٺي نمُوني سان سجائي رکيل هُئا جيڪي ڏسڻ کان پوءِ کائنس موڪلايوسين.
    حاجي صديق ميمڻ اسان کي ڪارونجھر ريسٽورينٽ تي وٺي هليو جتي مانجھاندو ڪيوسين. مون محسوس ڪيو ته عمر ڪوٽ شهر ۾ شايد سڀني کان سُٺو هيءُ ريسٽورينٽ آهي ان ڪري ئي حاجي صديق اسان کي هت وٺي آيو. هتي ماني به سُٺي ۽ اسان جي وس کان وڌيڪ هُئي جنهن مان ميزبان جو خلُوص جھلڪي رهيو هئو. هتي صاف سُٺو ماحول هئو جتي فيمليءَ سان گڏ به ويھي ماني کائي سگھجي ٿي. هيءُ ريسٽورينٽ قلعي جي ڀر سان ئي موجُود آهي. هيٺ مارڪيٽ ٺهيل آهي ۽ مٿي هيءُ ريسٽورينٽ ٺهيل آهي. ماني کائي قلعي ڏانھن روانا ٿياسين.
    عمر ڪوٽ قلعي مُتعلق مون گهڻو ڪُجهه پڙهيو هو ۽ ٻُڌو هو. ان ڪري سنڌ جي هن اهم اُهڃاڻ کي ڏسڻ جي وڏي آس هُئي جيڪا پُوري ٿي رهي هُئي. مُک دروازي تي پهتاسين ته دروازي ٻاهران ٻنهي پاسن کان ٺهيل وڏا ويڪرا ۽ اُوچا ٻه گول برج سنڌ ڌرتيءَ جي تاريخي عظمت جي شاهدي ڏئي رهيا هُئا ۽ ائين محسُوس پئي ٿيو ته اڄ به هي ٻئي برج سنڌ جي سڀيتا جا محافظ بڻيا بيٺا آهن. مُک دروازي کان وَڪڙ کائي قلعي جي اندر پهتاسين ته قلعي جي اندر جديد دور جون اڏاوتون ڏسي دل کي مھٽو آيو ۽ کُليل ميدان ۾ به مونجهه محسُوس ٿي رهي هُئي پر اڳتي اچي هڪ وڻ جي هيٺان ڪار بيهاري ڪوٽ جي وچ ۾ ٺهيل هڪ گول برج ويجھو آياسين. هيءُ تمام وڏو برج آهي. هن تي چڙهڻ لاءِ هڪ وڏي ڏاڪڻ ٺهيل آهي جنھن جا 59 ڏاڪا مٿي چڙهي برج تي پھچي سگهجي ٿو. هِن برج تي چوڌاري ڪٽهڙو ڏنل آهي جنهن ۾ توبن جي مار لاءِ ڳڙکا رکيل آهن ۽ انهن ڳڙکن وٽان مُختلف سائيزن جو 7 عدد توبون رکيل آهن جن لاءِ چيو وڃي ٿو ته انگريزن پنهنجي دؤر ۾ اهي توبون برج تي رکرايون هيون ۽ هيءُ برج پهريان ڪلهوڙن جي دؤر ۾ ٺهرايو ويو ۽ اندران خالي هئو جنهن ۾ انگريزن مٽي ڀرائي مٿان توبون رکرايون هيون. هي توبون پُراڻيون هُوندي به خوبصورت ٺهيل آهن. اهي توبون ٻُڌائي رهيون هيون اسان جي اڄ به اهميت آهي. هن برج تان سڄو عمر ڪوٽ شهر ڏِسڻ ۾ پئي آيو ۽ سڄي شهر کان ٻاهر پري پري تائين وارياسيون ڀِٽُون پڻ ڏسڻ ۾ پئي آيون ڇو ته قلعو حفاظتي اعتبار کان تمام مٿانهينءَ تي ٺهيل آهي ۽ ڪوٽ جي اندر به برج مٿانهينءَ تي ٺهيل آهي ۽ اڄ به هن برج کان بيهي شهر کان ٻاهرينءَ چُرپُر تي به نظر رکي سگهجي ٿي. هيءُ سڄو برج ۽ ڏاڪڻ پڪين سرن سان ٺهيل آهي. هيءُ برج زمين کان 32 فوٽ اُوچو ٺهيل آهي. هيءُ قلعو مستطيل ٺهيل آهي. هِن جي ديوار جي ٿولهه ڪٿي 10 فوٽ ته ڪٿي 14 فوٽ آهي جيڪا مُک دروازي واري پاسي کان تمام گهڻي مضبوط بيٺي آهي. باقي ٻين پاسن کان ڪافي ڀُريل ۽ ڳريل لڳي ٿي جنهن ڪري سندس اُوچائي ڪٿي گهٽ ڪٿي وڌ نظر اچي رهي آهي. هن قلعي ۾ مُک دروازي وارا ٻه برج ۽ وچيون برج مضبوط بيٺا آهن. باقي ديوار جي چئن ڪُنڊن وارن برجن مان ٽي برج ڪمروز حالت ۾ موجود آهن. چوٿينءَ ڪُنڊ واري برج جا صرف آثار نظر اچي رهيا آهن. باقي سڀني برجن جي اڏاوت گول آهي.
    تاريخ جي آئيني ۾ عمر ڪوٽ کي پهريان امر ڪوٽ سڏيو ويندو هُئو ۽ واديِ سنڌ کي زرخيز ڪندڙ سنڌو درياهه جو هڪ وهڪرو جيڪو اروڙ ”روهڙيءَ“ وٽ سنڌو درياهه کان الڳ ٿي ٿر جي علائقي امر ڪوٽ جي ڀر مان ٿيندو ڇاڇري جي اولهه کان ٿيندو سمُنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو هئو. سنڌو درياءَ جي هن شاخ کي ”هاڪڙو“ سڏيو ويندو هئو ۽ 13هين صدي عيسويءَ جي آخر ۾ سنڌو درياءَ جي هن شاخ ۾ پاڻي گهٽ ٿي ويو ۽ اروڙ کان ٺٽي واريءَ شاخ ۾ وڌي ويو. اڳتي هلي هاڪڙو بلڪل خُشڪ ٿي ويو ۽ ٿر جي علائقي جنهن مان هاڪڙو گُذرندو هو اُن کي اوائلي دور کان اڄ تائين مھراڻو سڏيو وڃي ٿو. هن مھراڻي ۾ امر ڪوٽ قلعو صدين کان ڳاٽ اونچو ڪيون بيٺو آهي.
    چيو وڃي ٿو ته هن قلعي کان پُراڻو ٻيو قلعو امر ڪوٽ هئو پر اُن جا ڪي به آثار نه ٿا ملن جنهن ڪري مورخ هن کي ئي اوائلي قلعو قرار ڏين ٿا جيڪو ڪنهن ٺهرايو؟ ان جي تصديق نه ٿي ٿئي پر مُختلف حڪومتي دؤرن ۾ هن قلعي تي حملا ٿيندا رهيا آهن ۽ قبضا به ٿيندا رهيا آهن ۽ مُختلف دؤرن ۾ هن قلعي کي مضبوط ڪرائڻ لاءِ هن تي ڪم به ڪرايو ويو آهي.
    هن قلعي جي اوائلي تاريخ موجب جيڪا ڇهين صدي عيسويءَ کان ملي ٿي ته هتي پرمارن جي حڪومت هئي ۽ 559ع ۾ راجا معظم راءِ عرف منڊم راءِ امر ڪوٽ جي گاديءَ تي ويٺو. ان بعد جي تاريخ 1125ع کان ملي ٿي ته هتي سڄي سنڌ تي سومرن راجپوتن جي حڪومت هُئي. امر ڪوٽ گاديءَ جو هنڌ هئو. اُن وقت آبو (راجستان جو علائقو) جي راجا ڌرڻي براهه جي ننڍي پٽ باهڙ جو وڏو پٽ سوڍو امر ڪوٽ ۾ سومري حاڪم وٽ مدد لاءِ لنگهي آيو ۽ سومري حاڪم کيس رتو ڪوٽ مهربانيءَ طور ڏنو. هن رتي ڪوٽ جا آثار کپري شهر کان ڪجهه ميل پري اڄ به موجود آهن. اهڙيءَ طرح سوڍو رتي ڪوٽ جو حاڪم ٿيو ۽ سندس مرڻ کان پوءِ سندس وڏو پٽ رتي ڪوٽ تي حاڪم رهيو پر هن جي ننڍي پُٽ راج ديو 1226ع ۾ امر ڪوٽ تي قبضو ڪري ورتو ۽ پوءِ وري 1330ع ۾ راڻي ڌارا برش کان دودي سُومري (ٽئين) امر ڪوٽ کسي پنهنجي حڪومت جي گاديءَ جو هنڌ بڻايو ۽ پوءِ 1439ع تائين امر ڪوٽ تي سومرن جي حاڪميت رهي. (سُومرا راجپوت پهريان هندو ڌرم جا هُئا جيڪي بعد ۾ مُسلمان ٿيا) پهريون همير سومرو همير سنگھه سومرو لکيو ويو آهي ۽ سُومرن جو سنڌ تي حاڪميت جو دؤر 500 سال ليکيو وڃي ٿو. (وضاحت ڪندو هلان ته تحفته الڪرام ۽ تاريخ معصوميءَ ۾ سُومرن جي حُڪومت جو دورانيو 505 سال جڏهن ته مُنتخب التواريخ ۾ 365 سال ڄاڻايو ويو آهي.)(1)
    اهڙيءَ طرح هتي سومرن ۽ سوڍن جي وارا ڦيري هلندي آئي ۽ 1439ع ۾ سومرن جي آخري حاڪم همير سُومري کان راڻي همير سوڍي امرڪوٽ کسي ورتو جنهن کان پوءِ سنڌ ۾ سومرا ڪمزور ٿي ويا ۽ سڄيءَ سنڌ تي سمن جي حاڪميت قائم ٿي وئي ۽ سوڍا به سمن جي بادشاهيءَ ۾ اچي ويا پر امر ڪوٽ سوڍن وٽ قبضي ۾ رهيو جنهن کان پوءِ هِن قلعي بابت معلومات وري ڪلهوڙن جي دؤر ۾ ملي ٿي ته ڪلهوڙن هِن قلعي ۾ وچون برج تعمير ڪرايو ۽ 1807ع ۾ جوڌپور جي راجا امر ڪوٽ تي قبضو ڪيو جنهن کان پوءِ مير ڪرم علي ٽالپر ۽ مير سهراب خان ٽالپر پنهنجي سپهه سالارن نواب طاهر، نواب ولي محمد لغاريءَ ۽ سيد گولي شاهه جي اڳواڻيءَ ۾ فوج موڪلي ۽ عمر ڪوٽ فتح ڪيو. هِن جنگ ۾ راجپوت لشڪر گھڻو مارجي ويو، باقي لشڪر ڀڄي جان بچائي. 1817ع ۾ هيءَ جنگ ٿي ۽ وري عمر ڪوٽ ٽالپرن جي قبضي ۾ اچي ويو.
    ان کان پوءِ سنڌ تي انگريزن چڙهائي ڪئي ۽ مير شير محمد خان ٽالپر دُٻي جي جنگ مان نڪرڻ کان پوءِ ڪُجهه وقت ميرپور خاص ۾ رهڻ کان پوءِ اچي عمر ڪوٽ ۾ رهيو. انگريز لشڪر سندس پيڇو ڪندي اچي عمر ڪوٽ تي حملو ڪيو. ميرشير محمد خان هڪ هفتي تائين انگريزن جي فوج سان مقابلو ڪندو رهيو ۽ پوءِ ٿر ڏانهن نڪري ويو ۽ انگريزن عمر ڪوٽ تي پنهنجو جھنڊو ڦڙڪائي 21هين اپريل 1843ع تي سنڌ تي قبضو مُڪمل ڪيو پر اڃا گھڻو ڪُجهه تحقيق طلب آهي ۽ سنڌ حڪومت جي آثارِ قديمه ۽ ثقافت کاتي کي ماضيءَ تي تحقيق ڪرائڻ گھُرجي ۽ هِن قومي ورثي جي بچاءَ لاءِ به اُپاءَ وٺڻ گھرجن.
    ڪوٽ اندر ٺهيل ميوزم به ڏٺوسين جنهن ۾ مارئيءَ جي کوهه جون تصويرون ۽ ماڊل به ٺهيل آهن ۽ هتي ٿر جي تاريخي مندرن جون تصويرون ۽ ڪارونجھر جبل جون تصويرون به موجود آهن ۽ ڪجهه ثقافتي مواد به آهي پر گھڻي جڳهه مُغل ثقافت کي ڏني وئي آهي. ياد رکڻ گھُرجي ته جڏهن راڻو پرشاد سوڍو امر ڪوٽ جو حاڪم هو ته 1542ع ۾ هندستان جو بيدخل ٿيل مُغل شهنشاهه همايون راجپوتانا کان به مايوس ٿي اچي امر ڪوٽ پهتو ۽ راڻي پرشاد سوڍي سندس آجيان ڪئي ۽ سوڍي سردار هن هارايل ۽ ٿڪل شهنشاهه جي ميزباني ڪئي هُئي. اِن دوران همايونءَ جي گھر واريءَ کي پُٽ ڄائو جنهن جو نالو محمد اڪبر رکيو ويو جيڪو بعد ۾ هندستان جو شهنشاهه اڪبرِ اعظم بڻيو. اُن لاءِ ميوزيم جو وڏو حصو مخصوص ڪيو ويو آهي جڏهن ته هيءُ قلعو سُومرن ۽ سوڍن جو يادگار آهي. هِن قلعي کي مُغلن فتح نه ڪيو هو ته اُنهن جي تيرن تلوارن، ڀالن بڙڇن ۽ ڍالن سان هن ميوزم کي سينگاريو وڃي. هتي ٿر جي ثقافت ۽ تاريخ کي اُجاڳر ڪرڻ جو ساز و سامان رکيو وڃي ته جيئن هِن قلعي جي اصل صورت سامهون اچي سگھي. ميوزيم جي ٻاهران سجاوٽ لاءِ توبون رکيل آهن ۽ ڀر ۾ توبن ۾ استعمال ٿيندڙ گولا به هيٺ پيل آهن. هي هيٺ رکيل توبون ۽ گولا ميوزيم جي جديد عمارت جي اڳيان ڄڻ لاچار ۽ ويچارا لڳي رهيا آهن.
    ميوزيم جي ڀر ۾ 1971ع جي جنگ ۾ شهيد ٿيل حُر مجاهدن جي يادگار (هنڱورو معرڪا) به ٺهيل آهي. ٻُڌايو ويو ته 1971ع ۾ ڀارت جڏهن پاڪستان تي حملو ڪيو ته سنڌ جي سرحدن تي ڪا به فوجي مزاحمت نه ٿي ۽ ڀارتي فوج ننگر پارڪر ۽ ڇاڇرو فتح ڪندي عمر ڪوٽ پهتي ۽ پوءِ سنڌ جي آزاديءَ جي علمبردار سورهيه بادشاهه جي پوئلڳ حُر مُجاهدن هنن ڀارتي فوجن جي رستي روڪ ڪئي ۽ ڀارتي فوج سان وڙهندي وڙهندي انهن کي پوئتي ڌڪيندي وڃي ڀارت جي سرحد پار ڪري ويا. ان جنگ ۾ وڏي تعداد ۾ ڀارتي فوجي مارجي ويا هُئا ۽ ڪافي تعداد ۾ حُر مجاهد به شهيد ٿيا هُئا. انهن شهيدن جا يادگار ٿر جي ٻين هنڌن تي به ملن ٿا. قلعي اندر ٺهيل يادگار (هنڱورو معرڪي) جي مٿان هڪ فوجيءَ جو پُتلو به ٺهيل آهي جيڪو ڏسي عجيب لڳو ته يادگار جو نالو هنڱورو معرڪا! جڏهن ته وڙهيا ۽ شهيد ٿيا بهادر حُر مجاهد جيڪي نه ڪڏهن پَتلون پائين، نه وري لوهي ٽوپي پائين. هُنن کي ته سدائين مليشيائي ڪپڙن جون وڏيون سلوارون، قميصون ۽ اجرڪ جا وڏا پٽڪا پهريل هُوندا آهن جنهن جي ڪري حر مجاهد پري کان ئي سنڌي ثقافت جا جھنڊا نظر ايندا آهن ۽ اُنهن جي شهادت جي يادگار تي وري هن ورديءَ واري جو پُتلو جيڪي سنڌ جي سرحدن تي حملي وقت نظر ئي نه آيا ليڪن جيڪڏهن هن يادگار تي پُتلو سلوار قميص ۽ پٽڪي وارو هجي ها ته ٻاهران ايندڙ سياح ۽ عملدار ضرور پُڇن ها ته هيءُ پٽڪي وارو ڪير آهي؟
    ڪڇان ته ڪافر ٿيان، ماٺ ٿيان ته مشرڪ
    بهر حال هتي هن قديم تهذيب جي ورثي ڪوٽ اندر ميوزيم يا شهيد حر مجاهدن جو يادگار ته ٺيڪ آهي پر ٻيون سرڪاري آفيسون ۽ رهائشي بنگلا يا ڪوارٽر قلعي اندر نه هجن ها ته بهتر هو پر هاڻي وڌيڪ اڏاوتون نه ٺهڻ گھرجن ڇو ته هن ڪوٽ جي پنهنجي هڪ خوبصورتي آهي جيڪا جديد اڏاوتن جي ڪري متاثر ٿي رهي آهي. ڪوٽ جون ڀتيون به ننڍيون ٿينديون پيون وڃن. اهي ڀُري رهيون آهن يا وري پاڙي وارا انهن مان سرون ڪڍي وڃي پنهنجي گھرن ۾ هڻي رهيا آهن. ڪوٽ جي حفاظت ٿيڻ گھُرجي ڇو ته هيءُ هڪ اهم قديم قومي ورثو آهي.
    قلعي کان ٻاهر اچي شهر مان ٿيندا ڇاڇري واري روڊ تي آياسين ۽ جڏهن واريءَ واريون ڀِٽون شروع ٿيون ته حاجي صديق ميمڻ صاحب کان زوريءَ موڪلايوسين ڇو ته هُو رات ترسڻ لاءِ گھڻو اصرار ڪري رهيو هئو. سندس محبت ۽ خلوص اسان کي سدائين ياد رهندو.

    (روزانه مقدمو 20 مئي 2011ع)

    ڪتاب سنڌ جا ڪوٽ ۽ قلعا صفحو نمبر212 ليکڪ اشتياق انصاري


    ٿر ياترا

    سونهن ڀري سنڌ جي چپي چپي کي اکين سان چُمڻ جي آس ۽ سنڌ جي تاريخي ماڳن مڪانن جي سونهن ۽ سوڀيا پسڻ ۽ سنڌ جي سڀيتا کي پرکڻ، پروڙڻ ۽ اُجاڳر ڪرڻ جي جذبي روح کي ته رولاڪ بڻائي ڇڏيو پر وسيلن جي کوٽ منهنجي هن عشق کي هميشه اڌورو رکيو. پوءِ به حوصلو ڪري سنگت جي ساٿ سان ٿر جو سفر شروع ٿي رهيو هئو .
    عمر ڪوٽ شهر کان ٻاهر نڪرندي ئي ٿر جي سونهري سر زمين شروع ٿي وئي. روڊ سٺو ٺهيل هو جيڪو ڀِٽُن جي وچ ۾ ڏاڍو خوبصورت لڳي رهيو هئو. هر طرف ڀٽون ئي ڀٽون نظر اچي رهيون هيون. ڪنهن ڪنھن مهل هيٺانهينءَ تي هلي رهيا هئاسين ته ڪنھن ڪنھن مھل مٿانهينءَ تي. نظارو اهڙو لڳي رهيو هئو ڄڻ جاڳندي ڪو خواب ڏسي رهيو هُجان. هُونءَ به انهن ئي وارياسين ڀٽُن کي ڏسڻ لاءِ سالن کان آس ۽ اوسيئڙو هئو ۽ سڄي ڏينهن جو سفر ڪيو هئوسين. ڀٽن تي هن مُند ۾ مُختصر ۽ سُڪل ٻوٽا نظر آيا ۽ پري پري ڪو ننڍو يا وڏو وڻ جيڪو به پورو يا اڌ سڪل نظر پئي آيو. ڪيترن ئي ميلن تائين ڪا ئي آبادي نه هُئي. 5 يا 8 ڪلوميٽرن کان پوءِ سڄي هٿ تي يا کٻي هٿ تي روڊ کان پري پري ڪنهن ڪنھن ڀٽ جي چوٽيءَ تي يا ٻن يا چئن ڀٽن جي وچ واري ترائيءَ جي ويجهو گھر (چوئنرا) ٺهيل نظر پئي آيا.
    ٿر جي وارياسين ڀٽن تي سانوڻ جي تمام گهڻيءَ گرميءَ ۽ تمام گهڻيءَ سرديءَ کان بچڻ لاءِ چوئنرا ٺاهيا وڃن ٿا. گول يا چورس ڪچين ڀتين وارو هڪ ڪمرو ٺاهي اُن تي ڪاٺ ۽ سڪل گاهه سان قُبي نما ڇت وڌي ويندي آهي جنهن ڪري هي گھر (چوئنرا) سج جي گرم تپش ۽ سياري جي ٿڌين هوائن کي روڪڻ جي وڏي صلاحيت رکن ٿا ۽ پنهنجي مالڪن کي موسمي اثرن کان بچائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. عمر ڪوٽ کان ڇاڇري شهر تائين 55 ڪلوميٽرن جو سفر آهي ۽ هن سڄي سفر ۾ اسان کي 2 يا 3 ڪار گاڏيون مليون. باقي سوزوڪي جيپ جيڪا هاڻي ٿر ۾ ننڍي ڇڪڙي طور استعمال ٿي رهي آهي. هيءَ جيپ پڪن روڊن تي به هلي ٿي ۽ ٿر جي ڪچي واريءَ واري رستي تي به 8 کان 12 ماڻهو کڻي پنهنجو سفر جاري رکي ٿي. ٿر ۾ هن جيپ تي به سرنديءَ وارا سفر ڪن ٿا، باقي ماروئڙا ماڻهو ته ڏاند گاڏين ۽ گڏهه گاڏين تي سفر ڪن ٿا. هن ڇاڇري واري روڊ سان ڪئي جڳهن تي روڊ جي پاسي عورتون ۽ مرد سواريءَ جي انتظار ۾ ويٺل نظر آيا.
    ڇاڇري کان عمر ڪوٽ پوري ڏينهن ۾ شايد هڪ يا ٻه بسون هن روڊ تان گذرنديون هونديون ڇو ته اسان کي ڪا به بس رستي تي نه ملي. ڪيترن ئي هنڌن تي هي مارئيءَ جي ماڳ جا مارو ماڻهو پنهنجي ثقافتي لباس ۾ ٽولن جي صورت ۾ پنڌ سفر ڪندي نظر آيا. هنن ٽولن ۾ مردن سان گڏ عورتون، ڪٿي صرف عورتون ۽ ڪٿي صرف مرد پيادل سفر ڪندي نظر آيا. عورتون پنهنجي رنگ برنگي روايتي لباس پهريل، سفيد چوڙين سان سندن ٻانهون ڀريل ۽ رئي جي جھُنڊ ۾ مڪمل منهن لڪيل هجڻ باوجود جڏهن پري کان ڪنهن کي ايندي ڏسن ته پنهنجو مُنھن پري ڪري ڇڏڻ جي روايت کي به قائم رکيو پيو هلن. اڄ جي دؤر ۾ به انهن جي ان عمل کي ڏسي مون کي محسوس پئي ٿيو ته ڄڻ هي به مارئيءَ جون ڀينرون هُجن ۽ اڄ به پنهنجي لوئيءَ ۽ لڄ کي پنهنجي ميراث سمجهندي پنهنجي روايت تي قائم ۽ دائم آهن ۽ ثابت ڪن ٿيون ته صديون اڳ سندن ڀيڻ مارئيءَ ڪوٽن ۾ قيد هوندي به پنهنجي لڄ بچائي ڪيئن عورت جي عظمت کي آسمانن جيترو اُوچو ڪيو هئو! هن رستي تان هلندي ۽ هنن کي ڏسندي شاهه لطيف جي شاعري به نئين نڪور پئي لڳي. شاهه سائينءَ مارئيءَ جي ماڳ تي گھڻو لکيو آهي ۽ پاڻ به ٿر جي هڪ پاسي واريءَ ڀِٽ کي اچي وَسايائين ۽ ڀلارو ڀٽ ڌڻي سڏجڻ لڳو ۽ سُر مارئيءَ ۾ لکيائين:
    نڪا ڪن فيڪون هُئي، نڪا مورت ماهه،
    نڪا سُڌ ثواب جي، نڪو غرض گناهه،
    هيڪائي هيڪ هُئي، وحدانيت واهه،
    لکيائين لطيف چئي، اُت ڳُجھاندر ڳاهه،
    اکين ۽ ارواح، اُها ساڃاهه سپرين.
     مفھوم: اڃا ڌڻيءَ ڪائنات کي رَچڻ جو امر ئي نه ڪيو هو ۽ چنڊ جي تصوير ئي نه خلقي هُئي، نه ڪا نيڪيءَ جي خبر هئي نه وري گُناهه سان واسطو هئو. جڏهن رُڳو ڌڻيءَ جي هيڪڙائي هُئي تڌهن مارئيءَ اُتي پرولي پروڙي هُئي. اي جانب! منهنجي نيڻن ۽ قلب کي اها تنهنجي شناس هُئي.
    ڌرتيءَ جي هِن گولي تي هڪ وڏو حصو پاڻي آهي جنهن ۾ سمنڊ، درياءَ ۽ ڍنڍون اچي وڃن ٿيون. باقي زمين جي حصي تي وري ٻيو حصو پهاڙن ۽ ريگستانن تي مُشتمل آهي. باقي بچيل زمين تي پوک ٿئي ٿي جنهن کي زرعي زمين چيو وڃي ٿو. اسان جي سنڌ ڌرتيءَ تي زرعي زمين سان گڏ سمنڊ، درياهه، جابلو علائقو (ڪوهستان) ۽ وارياسو علائقو ٿر به آهي.
    دُنيا ۾ زرعي زمين وارا ماڻهو ته خوشحال رهندا آيا آهن پر اڪثر جابلو علائقن جا ماڻهو جنگجو ٿين ٿا ۽ ٻين جي علائقن ۾ وڃي قبضا ڪندا رهيا آهن ۽ لُٽ ڦُر ڪندا رهيا آهن ۽ ريگستانن جا رهندڙ به ڦورو ۽ ڌاڙيل رهيا آهن پر سنڌ جي ڌرتي جيڪا اوائلي دؤر کان صُوفين ۽ امن جي پرچار ڪندڙن جي ڌرتي رهي آهي ۽ هتان جا ڪوهستاني بهادريءَ سان مالا مال هُجڻ جي باوجود ماٺيڻا ۽ محبتي آهن ته ريگستاني علائقي ٿر جو به پنهنجو الڳ رنگ ۽ ڍنگ آهي. هتي جا ماڻهو ثقافت ۽ روايت جا علمبردار آهن ۽ هتي چوريءَ ۽ ڦُر جو ته وجود ئي نه آهي. وڏي پئماني تي غُربت ۽ اڪثر ڏُڪار هجڻ جي باوجود پنهنجي رُکيءَ سُکيءَ تي خوش آهن. هتي لباس به رنگين پهرين ته سندن مزاج به رنگين آهي. هي روايتن جا پاسدار وڏا سُگھڙ ۽ پنهنجي وارياسين ڀٽن سان پيار ڪندڙ عظيم انسان آهن.
    ٿر ۾ مينهن وَسڻ کي ”وسڪارو“ چيو وڃي ٿو ۽ وسڪارو اڪثر مئي، جون ۽ جولاءِ جي مهينن ۾ ٿئي ٿو ته هتي ڀٽن تي ساوا گاهه ٿين ٿا ۽ وڻ ساوا ٿين ٿا. تراين (هيٺانهين) ۾ پاڻي گڏ ٿئي ٿو جيڪو ڪئي مهينا انسانن ۽ جانورن جي ڪم اچي ٿو ۽ جڏهن پاڻي کُٽي وڃي ٿو ته گاهه سُڪي وڃي ٿو ۽ هتان جا مالوند ماڻهو پنهنجو مال ڪاهي سنڌوءَ جي بيراج وارن علائقن ڏانهن روانا ٿين ٿا. (بيراج جي پاڻيءَ واري علائقي کي ٿري ماڻهو سنڌ چون ٿا) مقامي ماڻهو چوَن ٿا ته جڏهن ٿر ۾ گاهه سُڪي وڃي ٿو ۽ پاڻي کُٽي وڃي ٿو ته مال (ڳئون، ٻڪريون، رڍون، مينهون ۽ اُٺ وغيرهه) پاڻ ئي سنڌ ڏانهن وڃڻ جو رُخ ڪري ٿو. ڪنهن سال وسڪارو نه ٿو ٿئي ته هنن مارو ماڻهن جو سفر ڊگهو ٿي وڃي ٿو ۽ تمام گهڻو مال مري وڃي ٿو ۽ خود انسان به بُکن ۾ پاهه ٿيڻ لڳن ٿا. بهرحال هنن جي زندگي ڏاڍي ڏُکي گذري ٿي. تنهن هوندي به هو پنهنجي پٽن کي ڇڏڻ لاءِ تيار نه آهن ۽ پنهنجي ڌرتيءَ سان جان کان وڌيڪ پيار ڪن ٿا.
    ڪار روڊ سان هلي رهي هُئي. آءٌ ٿر جي منظرن ۾ گُم هيس ۽ منهنجو روح هنن ڀٽن ۾ ڀٽڪندي هتان جي رهواسين جي ڏکن ڏوجهرن واري زندگيءَ جو تصور ڪندي ڏکارو ٿي رهيو هيو. اسين ڇاڇري جي ويجهو پهتا هئاسين ته اچانڪ روڊ چئوڻ تي ويڪرو ٿي ويو ۽ اٽڪل هڪ ڪلوميٽر کان پوءِ وري پهريان جيترو سوڙهو ٿي ويو. اسان کي سمجهه ۾ نه آيو ته هي ڇا آهي؟ خيالن جو سلسلو ٽُٽي چُڪو هو ۽ اسين روڊ جي پاسي کان گذرندڙ اُٺن جي وَڳن ۽ ڏاند گاڏين تي سامان سان گڏ ويٺل مردن، عورتن ۽ ٻارن کي ڏسندا ڏسندا اچي ڇاڇري شهر پهتاسين. تعلقي جي ميونسپل آفيس جي پُڇا ڪئي جيڪا شهر ۾ موجود هڪ ئي چونڪ جي ڀر ۾ هُئي ۽ شام ٿي چُڪي هُئي جنهن ڪري سڌو ٽي ايم او آفيس وياسين جتي اسان جو ميزبان ۽ مهربان دوست انجنيئر ممتاز علي سانگي صاحب ڪنهن ڪم جي دوري تي ويل هو. سندس آفيس جو ايڊمنسٽريٽر اميربخش جوڻيجو صاحب ۽ ٻيو آفيس جو عملو موجود هئو جن گرم جوشيءَ سان اسان جو استقبال ڪيو ۽ سڀني سان ملڻ بعد اسان هٿ مُنھن ڌوئي توانا ٿياسين ته ايڊمنسٽريٽر صاحب چانهن سان گڏ بسڪيٽ به گھُرايا هُئا. تعارف کان پوءِ ڪچهري ٿي. سائين جوڻيجو تمام سٺو ماڻهو ۽ يار ويس طبيعت جو مالڪ هئو. اسان سان ائين ڪچهري پئي ڪيائين ڄڻ اسان جو پُراڻو دوست هُجي. اڌ ڪلاڪ کان پوءِ ڀاءُ ممتاز سانگي به اچي ويو. ملياسين ۽ ڪُجهه دير ويهڻ کان پوءِ چيائين ته ڪجهه ڪمن جي جاچ جُوچ ۽ دورو ڪرڻو آهي. اوهان جي ٿَڪل نه آهيو ته گڏ هلو ته اسان جي ڪمن کي به ڏسي وٺو ۽ علائقو به ڏسو. اسان هلڻ لاءِ تيار ٿي وياسين ۽ چيوسين اسان ته آيا ئي گھُمڻ آهيون. هلو ته اسين به ڏسون ته اوهان ڪهڙا ترقياتي ڪم ڪرائي رهيا آهيو؟
    ٻاهر نڪتاسين ته سج لهي چُڪو هئو. اسين هڪ سوزوڪي جيپ تي روانا ٿياسين. ٿورو پنڌ روڊ تي هلڻ کان پوءِ هيٺ واريءَ تي ٺهيل پيچري تي گاڏي لٿي ته خبر پئي ته ٿر ۾ جيپ ڪيئن هلندي آهي. ڪُجهه ڪلوميٽر سفر ڪرڻ کان پوءِ هڪ هنڌ جيپ بيٺي ته اسين سڀ لٿاسين. اُتي هڪ ننڍڙو ڳوٺ هو. چئني پاسن کان ڀٽون هيون ۽ وچ ترائيءَ ۾ اسين بيٺا هئاسين. هڪ کوهه کوٽيو ويو هئو جيڪو اٽڪل 265 فوٽ اُونهو هو ۽ اُن جي گولائيءَ جو قطر 3 فوٽ هو ۽ هڪ فوٽ پڪي ڪنڪريٽ سان هيٺ تائين ٺهيل هو. ممتاز سانگي صاحب ٻُڌايو ته هِن کوهه جي کوٽائي مٿي کان هيٺ ٿيندي آهي ۽ ان کي پڪو به مٿي کان هيٺ ڪيو ويندو آهي. هڪ ڪاريگر هن کوهه جي کوٽائي ڪندو ۽ فرمي سان ڪنڪريٽ ڀريندو هيٺ لهندو ويندو آهي. جيستائين پاڻي نڪري کوٽائي جاري رهندي آهي. جيئن کوهه مان رسيءَ ۽ ڏول ذريعي پاڻي ڪڍبو آهي اهڙيءَ طرح ڪاريگر مٿي کان هيٺ رَسيءَ ذريعي لهندو ۽ ٻاهر نڪرندو آهي ۽ ڪنڪريٽ به ائين ئي پهچايو ويندو آهي. هِن علائقي ۾ هنن کوهن ذريعي مارو ماڻهن کي پاڻي پهچائڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي. هيءَ نئين ٽيڪنالاجي آهي جنهن تي عمل ٿي رهيو آهي.
    منهنجي هڪ سُوال تي ممتاز صاحب ٻُڌايو ته هتي 250 فٽن کان 300 فٽن تائين کوٽائيءَ سان مِٺو پاڻي ملي ٿو جيڪو مڪمل مِٺو ته نه هُوندو آهي ۽ هڪ کوهه جي تياريءَ تي ٽن کان ساڍا ٽي لک رُپيا خرچ اچي ٿو. هن سال اسان کي تعلقي ۾ 600 کوهه ٺهرائڻا آهن جيڪي ٺيڪيدارن کان ٺهرايا وڃن ٿا ۽ ٻي رٿا پاڻيءَ کي گڏ ڪرڻ جي آهي جنھن پٽاندڙ پڪو تلاءُ ۽ ٽينڪ جيڪا زمين جي اندر ۽ ڪجهه ٻاهر ٺاهي وڃي ٿي. هن کي ٿري لھجي ۾ ”ٽانڪو“ چيو وڃي ٿو ۽ کوهه کي ”تَڙو“ چيو وڃي ٿو. اِهي ڳالهيون ڪندي اسان ڳوٺ وارن کان موڪلايو ته هڪ ڳوٺاڻي ممتاز صاحب کان موڪلائيندي ڪجهه رقم ڏيندي چيو سائين! هيءُ ”اوڍاڻو“ آهي ته ممتاز صاحب اُن کان انڪار ڪندي چيو آءٌ ٿر ۾ اوڍاڻو نه وٺندو آهيان جنهن تي ڳوٺاڻو ڄڻ ناراض ٿيو ۽ چيائين سائين! اوهان اسان جي چانهن به نه پيتي ۽ اوڍاڻو به نه ٿا وٺو. هيءَ ته اسان جي روايت آهي ليڪن ممتاز صاحب نرميءَ سان کيس ريجهائيندي چيو آءٌ نه ٿو وٺان. باقي اوهان جي چانهن ٻئي ڀيري پيئنداسين. وضاحت ڪندو هلان ته جيڪڏهن ٿر ۾ ڪو مھمان اوچتي ايندو آهي ۽ اُن لاءِ اجرڪ، ٽوپيءَ، ٿري چادر يا ڪنھن ٻيءَ سُوکڙيءَ جو بندوبست نه هُوندو آهي ته کيس اُن جي عيوض روڪ رقم ڏني ويندي آهي جنھن کي اوڍاڻو چيو وڃي ٿو.
    مون ممتاز صاحب کان پڇيو ته هِن ڳوٺ جو نالو ڇا آهي؟ ته هُن وراڻيو ته هِن ڳوٺ جو نالو ”ٻاڻيئو“ آهي ۽ هيءُ هندو بجيرن جو ڳوٺ آهي ۽ هتي ٿر ۾ بجير قبيلي وارا هندو به آهن ۽ مُسلمان به آهن.
    اسان گاڏيءَ ۾ اچي ويٺاسين ته ممتاز صاحب اسان جو چندي رام سان تعارف ڪرايو ته هيءُ ٺيڪيدار آهي ۽ هي کوهه (تڙو) يا جيڪي اڳتي هلي ڪم ڏسندس اُهي سڀ هن ٺيڪيدار ٺهرايا آهن.
    رات ٿي چُڪي هُئي. وارياسي رستي تي جيپ تيزيءَ سان هلي رهي هُئي ڇو ته هتي آهستي هلائڻ سان جيپ جي ڦاسي پوَڻ جو خطرو رهي ٿو پر تکي هلائڻ سان جھاڪا اچن ٿا پر بيهي وڃڻ جو خطرو نه هوندو آهي. 2 يا 3 ڪلو ميٽر سفر ڪرڻ کان پوءِ اسان ڳوٺ ”نئين پور“ ۾ پهتاسين جتي چندي رام پاڻيءَ جي ٽينڪ (ٽانڪو) ڏيکاريو ۽ هن ٽينڪ جي ماپ ٿي جيڪا ڊيگهه 30 فوٽ، ويڪر 20 فوٽ ۽ اونهائي 10 فوٽ هُئي. ممتاز صاحب ٻُڌايو ته هِن ٽينڪ ۾ برسات جو پاڻي گڏ ٿئي ٿو جيڪو برساتن جي موسم کان پوءِ ڳوٺ وارن جي ڪم اچي ٿو ۽ اسان جيڪي به ٽانڪيون ٺهرايون ٿا اُنهن جي ماپ ساڳي ٿئي ٿي جيڪا هِن ٽينڪ جي آهي.
    وري اسان جو سفر شروع ٿيو ڇاڇري واري روڊ تي اچي چڙهياسين ۽ عمر ڪوٽ واري پاسي تي هلڻ لڳاسين ته ڪُجهه پنڌ هلڻ کان پوءِ جيپ جو ٽائر پنچر ٿي پيو. جيپ مان لٿاسين. آسپاس ڪا ئي آبادي نه هُئي. رات جي اونداهيءَ ۾ ستارا وڏا نظر اچي رهيا هُئا ۽ اُنهن جي روشنيءَ ۾ ئي آسپاس وارياسين ڀٽُن تي اڌ سُڪل ٻُوٽا نظر اچي رهيا هُئا. جيستائين ٽائر مٽجي اسين ممتاز ۽ چندي رام صاحبن سان ڪچهري ڪري رهيا هُئاسين. امتياز ابڙو صاحب جيڪو دوائن جي ڪمپنيءَ ۾ ڪم ڪندو آهي جنهن جو ڪم آهي زندگي بچائڻ واريون دوائون ٺاهڻ ۽ امتياز صاحب اهي دوائون سنڌ جي ڏورانهن علائقن تائين پهچائيندو آهي ان لاءِ هُن محترم چندي رام کان ٿر ۾ نانگن بابت معلومات ورتي. چندي رام کيس ڪافي نانگن جا قسم ٻُڌايا ۽ چيائين هتي ”لُنڊي“ سڀ کان گھڻي ٿئي ٿي ۽ وسڪاري کان پوءِ تعداد ۾ تمام وڌي وڃي ٿي پر هتي جا ماڻهو 3 ڏينهن يا 4 ڏينهن بغير علاج جي هلندا رهن ٿا ۽ پوءِ ڪو ٽوٽڪو آزمائيندا آهن يا ڪنهن شهر تائين پهچي علاج ڪرائن ٿا. هتي نانگ گھڻا ٿين ٿا ۽ ڏَنگين به گھڻو ٿا پر هتي ماڻهو نانگ جي ڏَنگڻ سان ڪو گھڻو پريشان نه ٿا ٿين ۽ پنهنجو ڪم ڪار جاري رکن ٿا ۽ ڪم ڪار ڪندي علاج به ڪرائن ٿا. جيپ ڏانهن خيال ڪيوسين ته خبر پئي ته اسپيئر ٽائر به پنچر هو پر ڊرائيور ٽائر کي پنچر به پاڻ لڳايو ۽ جيپ ۾ هوا ڀرڻ جو اوزار به لڳل هئو جنهن سان ٽائر ۾ هوا ڀري وئي ۽ وري سفر شروع ٿيو ۽ اسين ڳوٺ ”ڀاڏاريءَ“ ۾ پهتاسين جتي پڻ هڪ واٽر ٽينڪ (ٽانڪو) هُئي. ان جي ماپ ڪرڻ کان پوءِ وري اچي روڊ تي چڙهياسين ۽ ”مٺڙئي موڙ“ کان کاٻي هٿ تي 2/3 ڪلو ميٽر هلي ڳوٺ ” مٺڙيو پير“ پهتاسين جتي هڪ کوهه ٺهي رهيو هيو. رات جي هوندي به ڪم جاري هئو ۽ رسيءَ ذريعي هڪ ڪاريگر کوهه ۾ هيٺ ڪم ڪري رهيو هيو. ممتاز صاحب جيپ جي هيڊلائٽ جي روشنيءَ تي اسان کي اُن ۾ ڪم ٿيندي ڏيکاريو. چوَندا آهن ته ضرورت ايجاد جي ماءُ آهي سو هتي اونداهه ۾ به جيپ جي لائيٽ ۽ آئيني جي مدد سان 150 فوٽ اونهائيءَ ۾ ڪم ڪندڙ ڪاريگر نظر اچي رهيو هئو جيڪو کوهه جي پاسن ۾ ڪنڪريٽ ڀري رهيو هئو. ممتاز صاحب کوهه جي ڀر ۾ پسيل ڪنڪريٽ به چيڪ ڪيو ۽ موڪلائڻ مهل اسان کي اجرڪ اوڍاڻي طور پيش ڪيا ويا جيڪي چندن زور ڀري چيو سائين! هي مهمانن لاءِ آهن سو مهرباني ڪري هي قبول ڪريو. هن جي ضد ۽ محبت کي ڏسندي ممتاز صاحب چيس ته ٺيڪ آ رکو گاڏيءَ ۾ ته هلون.
    پوءِ اسان جيپ ۾ سوار ٿي اچي مٺڙيو موڙ تي پهتاسين جتي هڪ ٻه دُڪان ٺهيل هئا. اُتي اچي هوٽل تي چندي رام پاران ٿڌيون بوتلون پيتيونسين ۽ ڪُجهه دير چندي رام صاحب سان ڪچهري ڪئي. چندي رام هڪ اُستاد، سماج سُڌارڪ ۽ وڏو محبتي ماڻهو پڻ هو. هتان کان پوءِ واپس ڇاڇري روانا ٿياسين.
    ڇاڇري پهتاسين ته رات جا 11 ٿي رهيا هُئا ۽ امير بخش جوڻيجو صاحب آفيس جي پڌر تي کٽون ۽ ڪُرسيون رکرايون ويٺو هو. اسان هٿ مُنھن ڌوتا ۽ پوءِ سڀني اندر ڊائننگ ٽيبل تي گڏجي ماني کاڌي.
    اُتي جوڻيجي صاحب ۽ ممتاز صاحب ٻُڌايو ادا اسين هتي رات ڏينهن ائين ئي مصروف هوندا آهيون ۽ صُبح ڏسجو سويري وري ماڻهن جا هتي هجُوم هوندا ڇو ته هيءَ اسان جي آفيس به آهي ۽ گهر به ۽ ماڻهن جون گهُرجون به تمام گهڻيون آهن. پوءِ بجيٽ آهر پوريون ڪرڻ جي ڪوششن ۾ رهون ٿا.
    اسان به واريءَ واري پنڌ ۾ ٿڪجي پيا هُياسين ۽ ننڊ لاءِ وڃي سُتاسين. صُبح جو مون کي 7:30 سُجاڳ ٿي. نيرن ڪري ننگر پارڪر وڃڻ لاءِ ممتاز صاحب کان موڪلايوسين ۽ هن چيو ته ننگر پارڪر ۾ آءٌ شام پهچڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو. اسان ماڻهن جي هجوم ۾ جوڻيجي صاحب کان به موڪلايو ۽ ٻاهر نڪتاسين ته لال محمد لاکي صاحب چيو هتي سول جج عبدالستار منهنجو دوست آهي. رات به اُن سان ملي نه سگھياسين. هلو ته اُن سان ملندا پوءِ هلون ٿا. چونڪ جي ٻئي پاسي ڪورٽ هُئي سو سڌا وڃي جج صاحب سان ملياسين. محترم عبدالستار عباس تمام سُٺو، خوش مزاج ۽ تاريخي ڄاڻ رکندڙ ماڻهو هو. هُن اسان کي ٻُڌايو ته هتي ڏوهه تمام گھٽ ٿين ٿا. ان ڪري ڪيس به گھٽ داخل ٿين ٿا. مون وٽ صرف 11 ڪيس داخل ٿيل آهن جيڪي هڪ نه ٻئي ڏينهن حاضري رکي هلائيندو آهيان. مون کائنس گوڙيءَ جي مندر جي رستي بابت پُڇا ڪئي ته هُن ٻڌايو ته هاڻي مندر تائين پڪو روڊ ٺهي ويو آهي ۽ ننگر پارڪر واري روڊ کان کاٻي هٿ تي لنڪ روڊ آهي ۽ آثارِ قديمه جو بورڊ به لڳل آهي. اسان کي تاڪيد پڻ ڪيائين ته ضرور وڃي هي مندر ڏسو. مان اُن وقت کان اُتي ويندو آهيان جڏهن ننگر پارڪر وارو روڊ به ٺهيل نه هو. هاڻي ته وڏي سهولت آهي. عبدالستار صاحب ننگر پارڪر جي سول ڪورٽ جي جج افضال خان سان ڳالهائي ننگر پارڪر جي ريسٽ هائوس ۾ اسان جي رهائش جو بندوبست به ڪري ڇڏيو. اسان سندس محبت جي ميٺاس واري چانهن ۽ بسڪيٽ واپرائي کانئس موڪلايو ته هي صاحب اسان کي ڪورٽ جي گيٽ تائين ڇڏڻ آيو ۽ اسان موڪلائي ساڳئي شهر واري چونڪ کان ننگر پارڪر لاءِ روانا ٿياسين.

    (روزانه مقدمو 13 مئي 2011ع)


    جين ڌرم جو گوڙي مندر

    ڇاڇري شهر کان عمر ڪوٽ واري روڊ تي هلندي ڪجهه فاصلي کان پوءِ ويڪرو روڊ اچي ويو جنهن جي وچ تي سفيد رنگ جو پٽو به ٺهيل هئو. هن ويڪري روڊ  لاءِ ممتاز سانگيءَ اسان کي ٻُڌايو هئو ته اهو جنگي جهازن جي هنگامي لينڊنگ لاءِ رن وي آهي ۽ ان کان وڏو رن وي اوهان کي ننگر پارڪر کان پهريان به نظر ايندو ۽ ڇاڇري شهر کان 10 يا 12 ڪلوميٽرن کان پوءِ کاٻي هٿ تي اسلام ڪوٽ لاءِ روڊ نڪري ٿو ۽ اسلام ڪوٽ جي ٻاهران ئي روڊ مٺيءَ کان ننگر پارڪر واري روڊ سان وڃي ملي ٿو. رن وي کان پوءِ روڊ تي هلندي جيئن ئي کٻي هٿ تي اسلام ڪوٽ وارو بورڊ نظر آيو ته اسين ان روڊ تي مُڙي پياسين ۽ هي روڊ به عمر ڪوٽ کان ڇاڇري واري روڊ جهڙو ئي هئو ۽ هن تي هلندي به ساڳيون ڀِٽون، لاهيون، چاڙهيون ۽ پري پري ڳوٺ نظر اچي رهيا هئا. هن رستي تي هلندي هلندي روڊ ڪناري هڪ ڳوٺ آيو ته اسين ڪار کي پاسي تي بيهاري هيٺ لهي آياسين. ڳوٺ جي ٻاهران هڪ کوهه موجود هئو جنهن مان ٻه گڏهه رسي ڇڪي رهيا هُئا جنهن سان پاڻي ڪڍيو پئي ويو. کوهه تي ڪُجهه مرد ۽ ٻار موجود هُئا ان ڪري اسان انهن جي ويجهو وياسين ۽ سلام دُعا کان پوءِ کوهه جو پاڻي پيتوسين ۽ هٿ منهن به ڌوتوسين .کوهه تي موجود هڪ ڳوٺاڻو جيڪو اسان کي پاڻي پيئاري ڏاڍو خوش ٿي رهيو هيو اُن کان ڳوٺ جو نالو پڇيم ته هن ٻڌايو ته ڪلوءَ جو ڳوٺ سڏبو آهي. هيءُ ڳوٺ روڊ جي ٻنهي پاسن تي آهي ۽ مون ڏٺو ته هن ڳوٺ ۾ چؤنرن سان گڏ ٻه ٽي سڌيءَ ڇت واريون پڪيون جايون به ٺهيل هيون. اسان ڳوٺاڻن کان موڪلايو ۽ روانا ٿياسين. اسان جي ڪار ۾ پاڻي موجود هئو ليڪن اسان کي ڳوٺ واري کوهه جي پاڻيءَ جو ذائقو چکڻو هيو سو چکيوسين. هتي به پاڻي مٺو به نه هو نه ئي ان کي کارو چئي سگھجي ٿو. هن کي ٻاڙو پاڻي چئي سگھجي ٿو ليڪن ٿر جي علائقي ۾ پاڻيءَ جي اڻاٺ هوندي آهي اُتي هي پاڻي به وڏي غنيمت آهي.
    اسان جو سفر جاري هو. اسان اسلام ڪوٽ ويجهو آياسين ته هڪ رينجرس جي چيڪ پوسٽ هئي جتي اسان کي چيڪ ڪرڻ بعد اسان جو نالو ۽ گاڏيءَ جو نمبر رجسٽر تي لکڻ بعد اسان کي اڳتي وڃڻ لاءِ ڇڏيو ويو. هن چيڪ پوسٽ کان پار ٿيندي ئي سڄي هٿ تي روڊ هو جنهن تي هلندي ئي اسان اسلام ڪوٽ شهر جي ٻاهران ئي ٻاهران مٺيءَ کان ننگر پارڪر واري روڊ تي اچي وياسين ۽ کٻي هٿ تي مُڙي ننگر پارڪر روانا ٿياسين. هن روڊ تي هلندي اسان اسلام ڪوٽ کان گهڻو اڳتي نڪري آيا هُئاسين ته هڪ وڏيءَ ڀِٽ کان هيٺ لهندي سڄي هٿ تي پاڻيءَ جي وڏيءَ ڍنڍ وانگر اَڇ نظر آئي ته مون لال محمد لاکي کان پڇيو ته هي ڇا آهي؟ ته هن وراڻيو ته سائين هاڻي اهڙا ڪافي نظارا ملندا. هي ڪلر آهي جيڪو پاڻيءَ وانگر نظر اچي رهيو آهي. پوءِ اسين هن ڪلر جي پاسي کان گُذري رهيا هُئاسين جيڪو ويجهو ڪلر ۽ پري کان پاڻي نظر اچي رهيو هو ۽ هي به هڪ خوبصورت نظارو هو جنهن کي رُڃ چئبو آهي. رُڃ مُتعلق گهڻو ٻڌو ۽ ڪجهه پڙهيو به هو ۽ اڄ اکين سان ڏٺيسين. هن کان اڳتي نڪتاسين ته اسان جون نظرون گوڙيءَ جي مندر واري بورڊ کي ڳولهي رهيون هيون ته ائين نه ٿئي جو اسان ان کان  اڳتي نڪري وڃون. ننگر پارڪر کان 28 ڪلو ميٽر پهريان روڊ جي کٻي پاسي تي ننڍو بورڊ نظر آيو جنهن تي آثارِ قديمه لکيل هئو ۽ هن جي ڀر سان هڪ ننڍو لنڪ روڊ نڪري رهيو هئو. ڀر سان هڪ وڻ جي ڇانوَ ۾ بيٺل ٻن ڳوٺاڻن کان تسليءَ لاءِ پڇيوسين ته هي رستو گوڙيءَ جي مندر ويندو؟ ته هنن هائوڪار ڪئي ته اسين اڳتي ننڍي روڊ تي گوڙيءَ جي طرف روانا ٿياسين. هن روڊ تي هلندي 4 ڪلو ميٽرن کان پوءِ اسين گوڙيءَ جي ڳوٺ ۾ پهتاسين جتي اسان کي ٻڌايو ويو ته مندر ڳوٺ کان ٻاهر آهي ۽ هي روڊ سڌو اُتي وڃي ختم ٿيندو. اسين ڳوٺ جي وچ کان ٻاهر آياسين ۽ هن رستي جي اٽڪل هڪ ڪلوميٽر ڳوٺ کان ٻاهر اچڻ کان پوءِ مندر تي پهتاسين. ڳوٺ مٿاهينءَ تي هئو ۽ مندر هيٺانھينءَ تي هو. بلڪل ويراني ۾ اڪيلي مندر جي هيءَ عمارت ڏاڍي خوبصورت لڳي رهي هُئي. احاطي جي ٻاهران به آثار قديمه جو بورڊ لڳل هئو. اسان ڪار بيهاري احاطي جي اندر ٿياسين ته مندر جي ٻاهران هڪ ٻي ننڍي ديوار به هُئي جنهن جي دروازي تي اسان پنهنجون جُتيون لاهي اندر گھڙياسين. هيءُ مندر سنگ مرمر جهڙي هلڪي ڳاڙهي رنگ واري پٿر سان جُڙيل آهي ۽ ڇت تي هڪ وڏو گُنبذ ۽ ڪيترا ئي ننڍا گنبذ اٿس جيڪي خوبصورت نظارو پَسائي رهيا هُئا. مندر ۾ اندر گھڙياسين ته اسان کي هڪ پوڄاري ويٺل نظر آيو جنهن اڳتي وڌي اسان جو استقبال ڪيو. مندر جي اندر ننڍي صحن کان پوءِ ٽن طرفن کان کُليل هڪ دالان آهي ۽ دالان جي چوٿين طرف مندر جو وڏو هال آهي ۽ هال جي آخر ۾ وري هڪ ننڍو هال آهي جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته هتي ”پارس ناٿ“ جو وڏو بُت رکيل هوندو هيو. دالان پٿر جي ٿنڀن تي ٺهيل آهي جيڪي دالان جي ٽن طرفن کان ڏاڍا خوبصورتيءَ سان ٺهيل آهن ۽ دالان جي ڇت هڪ وڏو گول گنبذ ٺهيل آهي. گنبذ جي اندران خوبصورت ۽ پائيدار چٽ سالي ٿيل آهي جيڪا اڄ تائين قائم آهي ۽ دالان جي ٿنڀن تي به اُڪر جو ڪم ٿيل آهي ۽ ننڍيون ننڍيون مورتيون ٺهيل آهن. دالان جي پاسي واريءَ ڀِت تي به مورتيون اُڪريل آهن جن تي ڌڪ لڳل آهن. چيو وڃي ٿو ته هڪ ڀيري انتها پسند مُسلمانن هن مندر تي حملو ڪري هنن ننڍين مورتين کي نقصان پهچائي پاڻ کي بُت شڪن ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هُئي. دالان کان وڏي هال ۾ هڪ دروازو آهي. اسان اُن دروازي کان وڏي هال ۾ داخل ٿياسين ته اندر هڪ دم چمڙن جي اُڏرڻ جي ڦَڙ ڦَڙاهٽ ۽ چون چون جا آواز شروع ٿي ويا. ڄڻ اسان هنن چمڙن جي آرام ۽ اڪيلائپ واري ماحول ۾ مداخلت ڪئي هُجي جن تي هو احتجاج ڪري رهيا هُجن. پُوڄاريءَ اسان کي مخاطب ٿيندي چيو ته سائين اڳ ۾ هتي چمڙا گھڻا هُئا ليڪن هاڻي آءٌ مندر جي صفائي سُٿرائي ڪندو آهيان ان ڪري گھٽ ٿي ويا آهن، اسان پوڄاريءَ جي ڳالهه ٻُڌندي هال جو جائزو ورتو ته وڏي هال جي وچ ۾ ڪيترا ئي پٿر جا ٿنڀا نظر آيا جن جي آڌار تي ڇت بيٺل آهي. ڇت به ننڍن ننڍن گول گُنبذن تي مُشتمل آهي. هال جي وچ وارن ٿنڀن تي به دالان جي ٿنڀن جيان مورتيون اُڪريل آهن. هال جي چوڌاري ننڍڙيون ڪوٺڙيون خاص پُوڄارين لاءِ ٺهيل هيون جن ۾هڪ هڪ پوڄاري ويهي پُوڄا پاٽ ڪندو هو ۽ هال جي آخر ۾ جيڪو ننڍو هال موجود هو اُن ۾ ”پارس ناٿ“ جو وڏو بُت رکيل هو. ننڍي هال جي مٿان اونچي چوٽيءَ وارو چورس گُنبذ موجود  آهي جنهن جي چوٽي ڊٿل آهي ليڪن چورس چوٽيارو گنبذ ٻاهران ڏاڍو خوبصورت ٺهيل آهي. هن جي ٻاهران مورتيون ٺهيل آهن ۽ ٻيون پٿر تي اُڪر جون دلڪش ڊزائنون ٺهيل آهن جن جي ڪري هيءُ گُنبذ مڪمل نه هجڻ جي باوجود ڏاڍو خوبصورت نظر اچي ٿو. هِن مندر جي ننڍن وڏن گُنبذن جو تعداد 52 آهي جيڪي پنھنجي خوبصورت بيھڪ جي ڪري دلڪش نظارو پَسائي رهيا آهن.
    اسان کي پُوڄاريءَ ٻُڌايو ته هتي هاڻي ڪو به جين ڌرم وارو نه رهيو آهي ۽ هُو پاڻ هندو آهي ۽ هن دالان جي ٻاهران ديوار تي ”گَڻِيش ديوتا“ جي تصوير لڳائي ڇڏي آهي ۽ اُن جي پوڄا پاٽ ڪندو آهي ۽ ٻُڌايائين آءٌ غريب آهيان ۽ مون کي هتي ايندڙ سياحن کان ڪجهه خرچ پکو به ملي ويندو آهي. هن کي جين ڌرم بابت ڪا به خاص معلومات نه هُئي ۽ هُو هتي صرف پنهنجي روزگار ڪمائڻ لاءِ ويٺو هو. مون هُن کان سوال پُڇيو ته هتي سرڪار طرفان ڪنهن کي مُقرر ڪيو ويو آهي يا ڪا ٻي ڪهڙي سهولت سرڪار پاران هتي ڏنل آهي؟ اِن تي پُوڄاريءَ وراڻيو ته منهنجي هڪ سوٽ کي هتي جي سار سنڀال لاءِ سرڪار کان پگهار ملندي آهي، باقي ٻي ڪا به سهولت نه آهي. آءٌ پنهنجي طور تي هن جي صفائي سٿرائي ڪري ويٺو هوندو آهيان. اسان دالان ۾ ڪجهه دير لاءِ ويٺا رهيا سين ۽ پُوڄاريءَ کي ڪجهه خرچو پاڻي به ڏنوسين.
    محترم عبدالقادر منگيءَ جي مُرتب ٿيل ڪتاب ”ٿر“ ۾ ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ جي لکيل مضمون ۾ جين ڌرم ۽ ٿر ۾ موجود جين ڌرم جي مندرن بابت ڪافي معلومات آهي. ميمڻ صاحب  لکي ٿو ته گوڙيءَ جي مندر جي اڏاوت 1376ع ۾ منگهي نالي اوسواڙ ذات جي هڪ دولت مند ڪرائي ۽ هن مندر جي اڏاوت لاءِ پٿر راجستان کان گهرايو ويو هئو ۽ جين ڌرم بابت لکيو اٿائين ته ”مھا وير“ کان اڳ جين ڌرم جا (23) ڌرم نيتا ٿي گذريا آهن ۽ جين ڌرم جو پھريون نيتا ”رَشپ ناٿ“ هئو ليڪن برِ صغير ۾ موجود جين ڌرم ”مها وير“ جي پوئلڳن تي مشتمل آهي. جين ڌرم جي تاريخ قبلِ مسيح کان تمام پُراڻي آهي ۽ سندس آخري نيتا ”مها وير“ هئو جنهن جو اصل نالو ”ورڌماڻ“ هئو ۽ جڻاٿ قبيلي جي راجا جو پُٽ هئو. هُن پنهنجي بادشاهي تياڳي جنگل ۽ رڻ پٽ ۽ ريگستان جهاڳيا ۽ جين ڌرم جي (23) ڌرم نيتا ”پارس ناٿ“ کي گرو مڃي ڌرم جي پرچار ڪئي. جين ڌرم موجب ”مها وير“ 545 قبلِ مسيح ۾ ديھانت ڪري ويو ليڪن ٻين ڪتابن موجب ”مھا وير“ 599 قبلِ مسيح ۽ 527 قبلِ مسيح واري زماني ۾ جيئرو هئو ۽ هيءُ اُهو دور هو جنهن ۾ هندستان ۾ ”گوتم ٻُڌ“ پنهنجي ”ٻُڌ ڌرم“ جي پرچار ۾ مصروف هئو. ايران ۾ زرتشين جو دور هئو ۽ عربستان ۾ حضرت اسماعيلعھ ۽ حضرت اسحاقعھ پنهنجي پنهنجي دين جي تبليغ ڪري رهيا هُئا. اُن وقت ”مھا وير“ هندستان جي ڏکڻ ۽ اولهه جي علائقن ۾ مختلف راجائن سان ملاقاتون ڪري ۽ کين جين ڌرم لاءِ آمادو ڪيو ۽ ڌرم جي وڌائڻ لاءِ وڏي جاکوڙ ڪئي ۽ پوءِ 72 سالن جي عُمر ۾ ڏکڻ بِھار جي شهر ”پاوا“ ۾ وفات ڪيائين.(1)
    مھا وِير سميت جين ڌرم جا 24 ڌرم نيتا پيدا ٿيا جيڪي سڀ جا سڀ کتري ذات مان هُئا. کتري هندستان جي مُک ذاتين مان هڪ ذات آهي. اِن ذات جا ماڻهو هندستان جي هڪ وڏي پرڳڻي جا حاڪم رهيا آهن. جين ڌرم هي 24 ڌرم نيتائن مان يارهون نمبر ڌرم نيتا ”شري انشا ناٿ“ سنڌ ۾ پيدا ٿيو. سندس پيءُ جو نالو وسڻ هو ۽ ماءُ جو نالو وشني هو. هُن سنڌ ۽ هند جي تمام وڏي پرڳڻي ۾ جين ڌرم جي پرچار ڪئي ۽ ڌرم کي وَڌايائين وِيجهايائين. شري انشا ناٿ وارو دور 1500 سال قبل مسيح وارو زمانو هو جنھن کي اڄ تائين ساڍا ٽي هزار سال گُذري چُڪا آهن. هيءُ جين ڌرم جو وچولو دور هو جنھن مان لڳي ٿو ته موهن جي دڙي واريءَ تھذيب جي پُڄاڻيءَ کان پوءِ سُتت ئي جين ڌرم جو بُنياد پيو ۽ هِن ڌرم جو وڏو اثر سنڌ جي ٿر، لاڙ، گُجرات ۽ راجستان وارن علائقن ۾ رهيو.(2)
    جين ڌرم جا مکيه بنياد:
    1. ڪنهن ساهواري کي نه مارجي ۽ نه تڪليف ڏجي.
    2. ڪنھن انسان سان ڪا زيادتي (قتل، چوري، زنا ۽ پرماريت وغيرهه) نه ڪجي نه ڏُکوئجي
    3.. ڪنهن بُت، ڪنهن انسان يا ٻيءَ ڪنهن شئي جي پوڄا نه ڪئي وڃي.
    4. جين ڌرم موجب ڌڻي انسان جي روح ۾ سمايل لياقتن ۽ صلاحيتن جي تڪميل ۽ اظهار جو ٻيو نالو آهي. جين ڌرم موجب ڪنهن انسان کي ٻئي انسان جي پُوڄا نه ڪرڻ گھُرجي ۽ پنهنجي خواهش کي ضابطي ۾ رکي زندگي گُذارجي. ڪنهن کي ڏُک نه ڏجي.
    ”مھا وير“ به اهڙي ئي ڌرم جي پرچار ڪئي ۽ انهن ڳالهين لاءِ ڪنهن به عبادت گھر جي ضرورت نه هُئي. هُن جي دور ۾ ڪو به جين ڌرم جو مندر نه ٺهيو ليڪن گھڻو پوءِ جين ڌرم جا مندر ٺاهيا ويا ۽ اُنهن ۾ پهرين (23) ڌرم نيتائن جا بُت رکيا ويا ۽ خود ”مھا وير“ ۽ سندس گرو ”پارس ناٿ“ جا بُت ٺاهي اُنهن جي پُوڄا ڪئي ويئي. هن نقطي (بت پرستيءَ) کان سواءِ باقي ٻين نقطن تي (جين ڌرم) جا سندس پوئلڳ قائم رهيا. ايتري قدر جو رات جو سفر به نه ڪندا هُئا ته ڪٿي رات جي سفر ۾ ڪو ڪيڙو ماڪوڙو پير جي هيٺان اچي مري نه پوي ۽ رات جو بتي به نه ٻاريندا هُئا ڇو ته بتيءَ جي روشنيءَ تي پتنگ اچي مِڙن ٿا ۽ پوءِ سڙي وڃن ٿا جنهن کي پاپ سمجھيو ويو. هن ڌرم ۾ ڪافي سخت اُصُول هُجڻ ڪري هيءُ ڌرم اڳتي وڌي ويجھي نه سگھيو. جين ڌرم جا پيروڪار گوشت مڇي نه کائيندا هُئا ڇو ته انهن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪنهن ساهواري جي جان وٺڻي پئي ٿي ۽ پيرن ۾ به ڪپھه ٻَڌي هلندا هُئا ته ڪو ساهوارو هيٺان اچي مري نه پئي ۽ وڻ وڍڻ کي به پاپ سمجھندا هُئا. ان ڪري هن ڌرم وارا آهستي آهستي گھٽ ٿيندا ويا. خاص ڪري ٿر جي علائقن مان هنن جي مختلف وقتن ۾ وڏي لڏپلاڻ به ٿي جنهن ڪري هتان هي لڏي وڃي هندستان واري راجستان ۾ آباد ٿيا آهن جتي هن ڌرم وارا اڳي ئي موجُود هُئا. ٿر جي علائقي ۾ جين ڌرم جا ڪافي مندر آهن ليڪن سڀ ويران آهن ۽ سڀ آثار قديم وارن جي حوالي آهن.
    گوڙيءَ جي مندر ۾ رکيل ”پارس ناٿ“ جي بُت لاءِ چيو وڃي ٿو ته 1716ع ۾ هِن مندر ۾ بُت موجود هئو جنهن جي درشن ڪرائڻ لاءِ ميلا لڳايا ويندا هُئا ۽ جيڪا ڀيٽا ملندي هُئي اُن مان هڪ حصو راجا کي ملندو هئو ۽ ٻيو حصو پُوڄاري پاڻ ۾ ورهائي کڻندا هُئا. 1716ع ۾ سوڍَي راجا ”سڌيجي“ هيءَ بت زوريءَ کڻائي وڃي ٻاکاسر (جوڌ پور رياست) ۾ رکرايو ۽ ان جي درشن مان رقم ڪمائيندو رهيو. بعد ۾ سندس پونئير سوڍي ”پونجاجي“ ۽ ٽالپرن ۾ جنگ ٿي ۽ سوڍو راجا مارجي ويو. سندس مرڻ کان پوءِ بُت جي ڪا به خبر نه پئجي سگهي ڇو ته سوڍا حُڪمران درشن ڪرائڻ کان پوءِ بُت کي پُورائي ڇڏيندا هُئا. صرف ميلي جي موقعي تي ٻاهر آڻي درشن ڪرائي رقم ڪمائيندا هُئا.(3)
    گوڙيءَ جي مندر جي اڏاوت 1376ع ۾ ٿي ان وقت ۾ هتي جا حڪمران سوڍ هئا ۽ هن مندر جي آخري مرمت 1715ع ۾ ٿي هُئي. اُن کان پوءِ هن جي ڪا به مرمت نه ٿي آهي(4) بلڪه مختلف وقتن تي مندر تي حملا ٿيا آهن. هن جي عمارت ۽ نقش و نگار کي نقصان پهچندو رهيو آهي.
    جين ڌرم جي هن مندر کان سواءِ ننگر پارڪر شهر ۾ به هڪ جين ڌرم جو مندر آهي ۽ ننگر پاڪر کان 3 ڪلو ميٽر پهريان ”ڀوڏيسر“ ۾ هڪ زبون حال مندر ۽ ڦِٽل شهر جا آثار موجود آهن. ويرا واهه جي ڀر سان ”پاري ننگر“ ۾ جين ڌرم جا گھڻا مندر هُئا جن ۾ وڏي تعداد ۾ بُت رکيل هُئا. هن شهر جي آبادي چاليهه هزار هُئي ۽ هتي 5200 جين ڌرم وارا رهندا هُئا. هن شهر جو بُنياد پهرين عيسوي صديءَ ۾ پيو. اُن وقت رڻ ڪڇ وارو علائقو سمنڊ هئو ۽ پاري ننگر بندرگاهه وارو شهر هئو ۽ ٿر جو وڏو واپاري مرڪز هو. هِن شهر تي 1226ع ۾ هندستان پاران حملو ٿيو جنهن بعد هيءُ شهر برباد ٿي ويو ۽ هتان وارن بُتن مان هڪ وڏو بُت ويرا واهه جي مندر ۾ موجود هو. 1971ع واري هندستاني حملي جنهن ۾ هيءُ علائقو وقتي طور هندستان جي قبضي ۾ رهيو اُن وقت هيءُ بت هتان غائب ٿي ويو. چيو وڃي ٿو ته اُهو بُت هندستاني پاڻ سان گڏ کڻي ويا.
    ٿر جي علائقي ۾ ”پاري ننگر“ ۽ ”ڀوڏيسر“ جين ڌرم وارن جا پهريان شهر هُئا جيڪي جين ڌرم جي دولت مند واپارين ٿر ۾ اچي آباد ڪيا هُئا جن لاءِ چيو وڃي ٿو ته هو هتي راجستان واري علائقي کان اچي آباد ٿيا هُئا ۽ هتي خوبصورت مندر به جوڙايائون ۽ پوءِ هتان سمنڊ پري ٿي وڃڻ ڪري ۽ مختلف حاڪمن جي ڏاڍ ۽ ڏمر کان آهستي آهستي هتان لڏي ويا ۽ آخري جيڪي چند گھر بچيا ته اُهي به 1971ع واري پاڪستان ۽ هندستان جي جنگ ۾ هتان لڏي ويا ۽ هاڻي سندن سڀ مندر ويران ۽ لاوارث آهن. موجُودهه دور ۾ جين ڌرم وارن جو مرڪز گُجرات وارو علائقو آهي ۽ اُتي آبو جبل جي گرنار واري پاسي ۾ جين ڌرم جا شاندار مندر آهن.

    روزانه مقدمو 2 جون 2011ع

    ڪتاب ” ٿر “ صفحو نمبر 142 مرتب عبدالقادر منگي
    ڪتاب پراڻو پارڪر صفحو نمبر 41 ليکڪ منگهارام اوجها
    ڪتاب تاريخ ريگستان ڀاڱو پهريون صفحو 114 ليکڪ راءِ چند هريجن
    ڪتاب تاريخ ريگستان ڀاڱو پهريون صفحو 116 ليکڪ راءِ چند هريجن


    مارئيءَ جو ملير

    مٺيءَ کان ننگرپارڪر واري روڊ تي هلندي گوڙيءَ جي مندر واري موڙ کان 3 ڪلوميٽر اڳتي ۽ ننگرپارڪر شهر کان 25 ڪلوميٽر پهريان ”ڀالوا ۽ مارئيءَ جي کوهه“ وارو بورڊ نظر اچي ٿو ۽ ان بورڊ جي ڀر سان هڪ ننڍو روڊ نڪري ٿو جنهن تي اسين هلڻ لڳاسين ۽ ڀالوا ڳوٺ جي وچ مان گذرندي اسان مارئيءَ جي کوهه جي پُڇا ڪئي. اسان کي ٻُڌايو ويو ته هيءُ روڊ مارئيءَ جي کوهه تي وڃي ختم ٿيندو ۽ ننگر پارڪر وارري روڊ کان تقريبن اڍائي ڪلوميٽر طئه ڪياسين ته مارئيءَ جو کوهه اچي ويو ۽ روڊ به اُتي پورو ٿيو. اسان ڪار مان لهي کوهه تي لڳل بورڊ پڙهيو جنهن تي ڪو به سن يا تاريخ وغيرهه لکيل نه هُئي. کوهه جي ٻاهران تقريبن 4 فوٽن جي پڪي ديوار احاطي طور ٺهيل آهي ۽ هڪ دروازو به آهي جنهن کان پار ٿي اسين احاطي جي اندر آياسين. کوهه جي ڀر ۾ هڪ پٿر جي ڪُونڊي به رکيل هُئي جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته مارئي ان ڪونڊيءَ مان پنهنجي ٻڪرين کي پاڻي پيئاريندي هُئي. هيءَ ڪُونڊي هاڻي هڪ پاسي کان ڀڳل آهي ليڪن هڪ تاريخي نشان طور موجود آهي. مارئيءَ جو کوهه ويڪرو ۽ اندران پٿر سان جڙيل آهي ليڪن مٿيون ڪنارو هاڻي سيمينٽ ۽ پڪين سرن سان ٺاهيو ويو آهي. اسان کوهه تي بيهي آس پاس جو نظارو ڪرڻ لڳاسين. هتي سارو سڌو پٽ نظر اچي ٿو. هن وارياسي ميدان تي پري پري وڏا ليڪن اڌ سُڪا وڻ نظر اچن ٿا ۽ هن کوهه کان تقريبن 100 فوٽن جي مفاصلي تي هڪ ٻيو کوهه به موجود آهي جيڪو اندران پڪين سرن سان جُڙيل آهي ۽ مارئيءَ واري کوهه کان پوءِ جو ٺهيل نظر اچي رهيو هئو ۽ باقي سارو خالي پَٽ آهي ۽ آس پاس ٻي ڪا ئي آبادي نظر نه پئي اچي. خود ڀالوا ڳوٺ هن کوهه کان 2 ڪلو ميٽرن جي مفاصلي تي آهي.
    هن وارياسي پٽ تي نظرون ڊوڙائيندي منهنجو خيال ماضيءَ ڏانهن ڇڪجي ويو ته جڏهن مارئي هت موجود هُئي ته اُن وقت هتي يقينن آس پاس آبادي هُوندي ۽ ساوڪ هوندي ڇو ته مارئيءَ جي ديس کي شاهه سائينءَ ۽ ٻين محققن به ”ملير“ جو نالو ڏنو آهي ۽ ملير سر سبز ۽ آباد علائقي کي چيو ويندو آهي. هن وقت ته هتي صرف وارياسو پَٽ آهي ليڪن ماضيءَ ۾ ٿي سگھي ٿو ته ”هاڪڙي درياهه“ يا ”مهراڻي“ جي ڪا شاخ هتان گُذرندي هُجي جنهن ڪري هيءُ علائقو ٿر ۾ ”ملير“ سڏبو هُجي ۽ اُن وقت هن کوهه جي ڀر سان چوئنرن، پکن ۽ ڇپرن واري ڳوٺ ۾ مارئي پنهنجي مارن سان پنهنجي زندگي گذاري رهي هُئي ته مارئيءَ جي ناني ”پالڻي“ کان هڪ ڳوٺاڻي ”ڦوڳ“ مارئيءَ جو سڱ گھُريو جنهن تي پالڻيءَ اُن کي ٻُڌايو ته مارئي ”کيت“ سان مڱيل آهي ۽ سندس شادي به اُن سان ئي ٿيندي. ڦوڳ انڪار ٻُڌي ساڙ ۾ اچي ويو ۽ عمر ڪوٽ وڃي بادشاهه عمر سومري جي سامهون مارئيءَ جي سونهن ۽ سوڀيا جي وڏي ساراهه ڪيائين ۽ چيائين ته بادشاهه! اوهان جي محل ۾ مارئي سونهين ٿي. اهو ٻُڌي عمر سومري مارئيءَ کي کڻي اچڻ جو فيصلو ڪيو.
    مارئيءَ جي کوهه کان عمر ڪوٽ تقريبن 150 ڪلو ميٽرن جي مفاصلي تي آهي جتان عمر سومري پنهنجي اُٺ تي سوار ٿي ڪُجھه ساٿين سميت اچي مارئيءَ جي کوهه تي پهتو ۽ مارئيءَ کي زوريءَ کڻي وڃي ڪوٽ ۾ قيد ڪيو ۽ مارئيءَ کي شاديءَ تي راضي ڪرڻ لاءِ ريشمي ڪپڙا ۽ سونا زيور آڇيندو رهيو پر مارئي ڪنهن لالچ ۽ لوڀ ۾ نه آئي ۽ عمر بادشاهه کي ليلائيندي عرض ڪندي رهي ته مون کي آزاد ڪر! آءٌ پنهنجي ملڪ ملير وڃان ۽ وڃي پنهنجي مارن سان ملان! عمر سومرو وقت جو بادشاهه هيو. هُن مارئيءَ کي کڻي اچي پنهنجي ڪوٽ ۾ قيد ته ڪيو ۽ کيس شادي ڪرڻ لاءِ هن پنهنجو هر حربو آزمايو ليڪن مارئيءَ هڪ نماڻي ڳوٺاڻي ڇوڪري هوندي به پنهنجي لوئيءَ جي لڄ بچائي ۽ پنهنجي وطن جي محبت ۽ پنهنجي مارن (مائٽن) جي سڪ ۽ ملڻ جي اوسيئڙي ۾ قيد ڪاٽيو پر پنهنجي عصمت تي داغ اچڻ نه ڏنو ۽ پنهنجي عظيم ڪردار جو مثال قائم ڪيو ته هڪ جسماني طور ڪمزور ڇوڪري به پنهنجي اصولي فيصلي تي اٽل ٿي بيهي ته وقت جو بادشاهه جنهن وٽ دولت، شهرت، هٿيار، ڪوٽ ۽ قلعا هجن ته به اُن کي جھڪائي نه ٿو سگھي جنهن لاءِ شاهه سائينءَ چيو آهي:
    سنهيِءَ سُئيءَ سبيو، مون مارن سين ساهه،
    ويٺي ساريان سومرا!، گولاڙا ۽ گاهه،
    هينئيون منهنجو هِت ٿيو، هُت مٽي ۽ ماهه،
    پکن منجهه پساهه، قالب آهي ڪوٽ ۾.
     مارئي محل ۽ ماڙين کي ٿُڏي پنهنجي پکن ۽ پنهوارن کي ساريندي رهي. ريشمي ڪپڙا، محل ۽ ڪيمخوابن کي ٺُڪرائي پاڻ کي لاک جي لوئيءَ ۾ محفوظ رکيائين. عطرن ۽ عنبرن کان مُنھن موڙي کٻڙن ۽ ڄارين، ڪنڊين ۽ ٻٻرن جي پيلن گلن کي ساريندي رهي ۽ پوءِ به عمر نه ڇڏيُس ته هُن کائڻ پيئڻ بلڪل ڇڏي ڏنو ۽ چيائين مون کي جيئري آزاد نه ٿو ڪرين ته آءٌ بُکون ڪٽي مري وينديس ۽ پوءِ منهنجو مڙهه ملير ضرور موڪلجانءِ ۽ آءٌ جيئري نه ته مُئي به وڃي مارن سان ملان ۽ پنهنجي ڌرتيءَ ۾ دفن ٿيان.
    واجھائي وطن کي، آئون جي هت مُياس،
    ته گور منهنجي سومرا، ڪج پنهوارن پاس،
    ڏج ڏاڏاڻي ڏيهه جي، منجهان ولڙين واس،
    مُيا ئي جياس، جي وڃي مڙهه ملير ڏي.
    (شاهه سائين)
     نيٺ مارئيءَ جي اٽل ارادي اڳيان بادشاهه عمر ٿڪجي ۽ هارجي مارئيءَ جي مٿي تي رئو پارائي کيس ڀيڻ بڻائي پنهنجي مارن سان ملڻ لاءِ واپس موڪلي ٿو. مارئيءَ جي حُب الوطنيءَ ۽ اٽل ارادي مارئيءَ جي ڪردار کي عظيم بڻائي ڇڏيو.
    هڪ چوڻي هيءَ به موجود آهي ته جنهن وقت عمر سومري جو والد عمر ڪوٽ جو بادشاهه هو ته مارئيءَ جا ناناڻا ڪجھه وقت لاءِ اچي عمر ڪوٽ ڀر سان رهيا هُئا ۽ عمر جي والد مارئيءَ جي ماءُ ”ماڏوهيءَ“ سان شادي ڪئي هُئي جنهن جي خبر صرف مارئيءَ جي ناناڻن کي هُئي ۽ بادشاهه چيو ته ڪُجھه وقت کان پوءِ هو اهو راز عمر ڪوٽ جي اندر پڌرو ڪندو ۽ انهيءَ دوران ماڏوهيءَ کي حمل ٿيو ۽ ٻئي طرف وري بادشاهه پنهنجي شاديءَ جي راز پڌري ڪرڻ کان اڳ ئي فوت ٿي ويو ۽ مارئيءَ جو نانو مارئيءَ جي ماءُ سميت موٽي اچي ملير ۾ رهڻ لڳو ڇو ته هي غريب مارو ماڻهو ته بادشاهه سان مائٽيءَ جي ڳالهه به نه پيا ڪري سگھن. اهڙيءَ طرح مارئي پيدا ٿي جيڪا عمر سومري جي ڀيڻ ٿئي ٿي. ان راز جي خبر مارئيءَ کي هُئي ان ڪري هُوءَ عمر کي چوندي هُئي تون منهنجو ڀاءُ آهين ۽ تنهنجي مون سان شادي نه ٿي ٿي سگھي. پوءِ دير سان ان ڳالهه جي عمر سومري کي به خبر پئجي وئي ۽ هُن مارئيءَ کي ڀيڻ بڻائي واپس ڪيو. مارئيءَ جي موٽ کان پوءِ به ٻه ٽي رايا آهن. هڪ راءِ هيءَ آهي ته مارئيءَ واپس اچي پنهنجي عصمت جي ساک ڏيڻ لاءِ باهه مان اُڪري پنهنجي سچائيءَ جو ثبوت ڏنو ۽ سندس مڱيندي کيت کيس قبول ڪري ساڻس شادي ڪئي. ٻي راءِ هيءَ آهي ته کيس قبوليت نه ملي ۽ هُن وڃي کوهه ۾ ٽُپ ڏئي پنهنجو انت آندو. ٽين راءِ هيءَ آهي ته عمر ڪوٽ کان واپسيءَ تي مارئيءَ اهو سوچيو ته هاڻي مون کي مارو قبول ڪندا يا نه؟ ان ڪري رستي تي ئي کوهه ۾ ٽُپ ڏيئي اُن ۾ فوت ٿي وئي ۽ پنهنجي مارن سان ملي ئي ڪو نه.
    هڪ راءِ هيءَ به آهي ته مارئي ڳوٺ موٽي آئي. کيس ڇڏڻ لاءِ بادشاهه عمر سُومري جا ماڻهو ساڻس گڏ آيا ۽ مارئيءَ جي مائٽن کي چيائون ته مارئي پاڪ دامن آهي ۽ بادشاهه کيس ڀيڻ بڻايو آهي ليڪن مارئيءَ جي ڪُجھه مائٽن ان ڳالهه تي يقين نه ڪندي مارئيءَ جي پاڪ دامنيءَ تي شڪ ڪيو جيڪا خبر عمر سومري کي پئي ته هُن مارئيءَ جي مائٽن تي ڏمرجي اُنهن تي حملو ڪرايو جنهن تي مارئيءَ سوچيو ته منهنجي ڪري منهنجي مارن تي الزام ۽ تهمتون به آيون ۽ منهنجي ڪري سندن بدنامي به ٿي ۽ هاڻي وري منهنجي ڪري اُنهن تي حملا به ٿين ٿا. ان کان بهتر آهي ته آءٌ مري وڃان. اهو سوچي مارئيءَ وڃي هڪ کوهه ۾ ٽُپ ڏنو ۽ پاڻ کي مارن تان گھوري ڇڏيو.
    ٿورا منجهه ٿرن، مون سين مارن جي ڪيا،
    عمر! اُن ڳڻن، آءٌ ڪيئن لوئي لاهيان.
    (شاهه سائين)
    مارئيءَ جي موٽ ڪيئن ٿي ۽ سندس موت ڪيئن ٿيو؟ اهو سُوال اڃا تحقيق طلب آهي ليڪن مارئي ته اڄ به زندهه آهي ۽ عورت جي عظيم ڪردار جي علامت آهي جنهن وطن پرستيءَ جو هڪ مثال قائم ڪيو. هُن پنهنجي مارن ۽ ملير واسين، پکن ۽ ڇپرن، چونئرن، لوڙهن، لانڍين، مال، ڌڻ، ڏُٿ ۽ ڌوٿيئڙن سان محبت ڪرڻ ۽ پنهنجي قومي ريتن، رسمن ۽ روايتن کي قائم رکڻ جو عظيم مثال قائم ڪيو. جيئن سنڌ جي تهذيب دُنيا جي تهذيبن ۾ سڀني کان قدآور آهي ائين ئي مارئيءَ پنهنجي جسماني ڪمزوريءَ جي باوجود ارادي جي مضبوطيءَ سان حُب الوطنيءَ ۽ اُصول پرستيءَ جو هڪ اهڙو مثال قائم ڪيو آهي جنهن عورت جي عظمت کي لازوال بڻائي ڇڏيو آهي.
    جنهن ستيءَ ست نه ڇڏيو، سا مارئي مر ڄائي،
    انهيءَ عمر ڪوٽ ۾، لڄ نه لڄائي،
    سا پيئي بندياڻي بند ۾، ڪوٺين ڪُڄائي،
    جا سانگين سيڏائي، سا مور نه مرڪي ماڙين!
    (شاهه سائين)

     روزانه مقدمو جون 2011ع

    نوٽ: عمر ۽ مارئيءَ واري واقعي جي صحيح سن يا تاريخ جي ڄاڻ نٿي ملي پر عمر سومري جي حاڪميت 1355ء کان 1390ء تائين رهي آهي.
    (ڪتاب سنڌ جا ڪوٽ ۽ قلعا صفحو 213)


    ننگرپارڪر

    اسين مٺيءَ کان ننگر پارڪر واري رستي سان گوڙي مندر ۽ مارئيءَ جو ماڳ ڏسندا جڏهن ننگرپارڪر شهر جي ويجهو آياسين ته هتي به تقريبن هڪ ڪلو ميٽر روڊ ويڪرو ٿي ويو جيئن ڇاڇري شهر جي ٻاهران جنگي جهازن لاءِ رن وي آهي. اهڙيءَ طرح هتي به هڪ رن وي آهي ليڪن هيءُ ڇاڇري واري رن وي کان تمام وڏو ۽ خوبصورت آهي. هن رن وي جي پاسي کان جهازن کي بيهارڻ لاءِ به ڪُشادي جڳهه آهي. رن وي کان اڳتي نڪتاسين ته پري کان ئي ڪارونجهر جبل اونچي ڳاٽ سان آڌرڀاءُ ڪري رهيو هئو. هن جبل جون چوٽيون جيڪي اُٺ جي پُٺيءَ سان مشابهت رکن ٿيون پري کان به ڏاڍيون خوبصورت لڳي رهيون هيون. ڪارونجهر کي ڏسندي ڏسندي سندس ڀر ۾ روڊ جي کاٻي پاسي ٺهيل هڪ ريسٽ هائوس تي اچي ڊراٻو ڪيوسين. اسان جو آڌر ڀاءُ هن ريسٽ هائوس جي سپروائيزر غلام رسول کوسي صاحب ڪيو ۽ اسان کي هڪ ڪمرو کولي ڏنائين ۽ چيائين ته سائين هڪ ٻيو ڪمرو به اوهان لاءِ حاضر آهي ليڪن اسان هڪ ئي ڪمري ۾ سامان رکي ٻاهر نڪتاسين ۽ ڀاءُ ممتاز علي سانگي به پهچي چُڪو هئو جنهن جي جيپ ۾ چڙهي پهريان ننگر پارڪر شهر کان ٿورو ٻاهر سندس هڪ دوست گِرڌاريءَ جي اوطاق تي وياسين. هُن اوطاق کان ٻاهر اچي اسان جو آڌرڀاءُ ڪيو. اسان سان ملي پوءِ اسان کي هڪ چوئنري ۾ هلي ويهاريائين. چوئنري ۾ پنج کٽون پيل هيون جن تي خوبصورت رليون وڇايل هيون ۽ وِهاڻا به رکيل هُئا ۽ کٽن جي وچ ۾ هڪ ميز رکيل هُئي. گرڌاري ڏاڍو يار ويس ماڻهو آهي. جلديءَ جلديءَ ۾ اسان لاءِ ٿڌيون بوتلون، بسڪيٽ، چھراڻ ۽ پاپڙ اچي ويا جيڪي کائيندي گرڌاريءَ سان ڪچهري ڪئيسون. هُن اسان کي پوري اوطاق ڏيکاري جيڪا تقريبن ٻن ايڪڙن تي مُشتمل هُئي جنهن ۾ مختلف ڊزائينن ۽ مختلف سائيزن جا تمام خوبصورت چوئنرا ٺهيل هُئا. اسين ڪجهه دير هن سان گڏ رهياسين ۽ پوءِ موڪلائي اچي ننگر شهر جي مکيه بازار گهُمياسين. بازار جي ڀر ۾ ڪارونجهر جبل جي دامن ۾ جين ڌرم جو هڪ مندر آهي. اُتي وياسين. هيءُ مندر به ڏاڍو خوبصورت ٺهيل آهي پر هاڻي اُجڙيل نظر اچي ٿو. خوبصورت مورتيون ٺهيل اٿس. پکين ۽ جانورن جون مورتيون به ٺهيل اٿس جيڪي پٿر تي خوبصورت نمُوني اُڪريل آهن. اها اُڪر هاڻي دونهاٽيل نظر اچي ٿي. اسين مندر جي اندر وياسين. اندرئين ڪمري ۾ فرش ٽُٽل ۽ ديوارن تي نقش ٺهيل هُئا جن تي ڌڪن جا نشان واضح نظر اچي رهيا هُئا. مندر جو اندريون ڪمرو به دونهاٽيل نظر اچي رهيو هئو.
    ننگر شهر کان ٻاهر نڪتاسين ۽ ڪاسبَي طرف روانا ٿياسين. رستي تي شهر جي ٻاهران سنڌ جي قومي هيري ”روپلي ڪولهيءَ“ جي يادگار آهي جنهن جو ذڪر اڳتي هلي ڪنداسين.
    اسين ڪاسبو وڃي رهيا هُئاسين جنهن لاءِ مشهور آهي ته هتان جا ماڻهو تمام خوبصورت ٿين ٿا ۽ ڪارونجھر جي دامن ۾ هي شهر به صديون پراڻي تاريخ رکي ٿو. هاڻي ته هڪ پسماندو ڳوٺ نظر اچي ٿو جنهن جي وچ مان اسان جي جيپ گذري رهي هُئي ۽ ڪاسبي جي آباديءَ کي پار ڪري اسين اچي مندر تي پهتاسين. هي هڪ ”صوفي سَنت بابا شري راما پير“ جو مندر آهي. هن مندر جو اڱڻ تمام وڏو آهي ۽ سڄي احاطي تي وڻڪاري آهي. چيو وڃي ٿو ته هتي هندن سان گڏ مُسلمان به اچن ٿا ۽ هيءُ صوفياڻو مندر ليکيو وڃي ٿو. هتي مور پکي به ڪافي تعداد ۾ نظر آيا. پري ويٺل هڪ پُوڄاري اسان وٽ آيو ۽ مندر جو دروازو کولي اسان کي راما پير جي مورتيءَ جو درشن ڪرايائين.
    هن مندر کان ٿوري مفاصلي تي ٻه ٻيا مندر هُئا. اُتي به وياسين. اُنهن مان هڪ نانگ ديوتا جو مندر هئو ۽ ٻيو ماتا جو مندر هئو جتي هڪ پنڊت گيان ۾ مشغول ويٺو هئو ۽ سندس ويجهو ڪُجهه ٻالڪا به ويٺا هُئا جيڪي شايد سندس گيان مان ڪجهه پرائي رهيا هُئا. اسين هن جي ويجهو وياسين ته هُن اُٿي اسان جو آڌرڀاءُ ڪيو. اسان ساڻس ملي واپس روانا ٿياسين. هِن مندر ۾ مور پکي ته هُئا پر ننڍي قد جي نسل وارا ڏاڍا خوبصورت گھوڙا به موجود هئا جن جو قد ننڍو ۽ ڪنڌ جا وار تمام وڏا ۽ خوبصورت هئا. اهڙي نسل جا گھوڙا سنڌ ۾ عام نه آهن. ان کان پوءِ اسان چُوڙهئي جبل لاءِ روانا ٿياسين.

    روزانه مقدمو جون 2011ع


    چُوڙهيو جبل

    اسان جيپ تي چوڙهئي جبل روانا ٿياسين. جيپ جو ڊرائيور غلام رسول کوسو هئو ۽ هيءُ هن پاسي ”بڙ تلاءَ“ جي ڀر سان جو رهواسي هئو. هُن کي سارو رستو معلوم هيو. مون ڊرائيور کان پُڇيو ته چُوڙهيو جبل ننگر پارڪر کان ڪيتري مفاصلي تي آهي؟ هُن وراڻيو ته ننگر پارڪر شهر کان چوڙهيو جبل 33 يا 35 ڪلوميٽر مفاصلي تي آهي ۽ بڙ تلاءُ چوڙهئي جبل کان 6 يا 7 ڪلوميٽر پهريان اچي ٿو. اسان جي جيپ ٿر جي وارياسن پيچرن تي تيزيءَ سان هلي رهي هُئي ڇو ته هتي آهستي هلائڻ سان جيپ ڦاسي پوَڻ جو خطرو هوندو آهي. ان ڪري اسان لوڏا کائيندا هلندا رهياسين. رستي تي اسان کي ڏاند گاڏين، اُٺ گاڏين ۽ گڏهه گاڏين تي پاڻيءَ جا ڀريل ڊرم ۽ مَٽ پنهنجي گھرن ۽ ڳوٺن ڏانهن کڻي ويندڙ ڪئي ٿري ماڻهو مليا جن جي مُتعلق ڊرائيور کوسي صاحب ٻُڌايو ته هي سڀ ”بڙ تلاءَ“ کان پاڻي ڀري اچي رهيا آهن ۽ بڙ تلاءَ تان 15 ڪلوميٽر پري پري رهڻ وارا ماڻهو به پاڻي ڀرڻ اچن ٿا. هن علائقي ۾ پاڻيءَ جي تمام گھڻي اڻاٺ آهي ۽ سرحدي علائقو هجڻ باوجود ترقياتي ڪم نه ٿا ٿين. هن رستي تي اسان کي ڪولهين جو ڳوٺ “ڪُھاڙو“ ۽ راڻن جو ڳوٺ ”سُورا چند“ نظر آيا، جن جي ڀر سان اسان جو گُذر ٿيو ۽ پوءِ بڙ تلاءَ جي ڀر سان پهتاسين ته رينجرس جي هڪ چونڪي نظر آئي ۽ ڊرائيور گاڏي بيهاري ته هڪ رينجرز وارو اسان جي ويجھو آيو ۽ ڊرائيور کان هڪ ٻه سوال ڪيائين. ڊرائيور کيس ٻڌايو ته اسين مهمان آهيون ۽ انجنيئر صاحب به گڏ آهي ۽ ڪا به ڪئمرا وغيرهه نه آهي. رينجرز واري اهو ٻُڌي اسان کي اڳتي وڃڻ ڏنو ۽ اسان ”بڙ تلاءُ“ تي پهتاسين. ٿر جي وارياسي علائقي ۽ اُڃايل ماڻهن لاءِ ته هيءُ هڪ وڏو تلاءُ ليکيو وڃي ٿو. تلاءَ جي پاسي ۾ وڏا وڻ ۽ ساوڪ هُئي، جنهن ڪري ٿڌڪاريءَ جو احساس ٿي رهيو هئو. تلاءَ تي پري کان پاڻي ڀرڻ لاءِ آيل ماڻهو نظر آيا. اسان بڙ تلاءَ جو نظارو پَسي اڳتي روانا ٿياسين. بڙ تلاءَ کان پهريان ۽ پوءِ هن رستي تي هندستان جي سرحد به پري کان نظر اچي رهي هُئي ۽ هن وارياسي ريگستان ۾ ور وڪڙ کائيندي ۽ ننڍا وڏا جھاڪا کائيندي اسان جي جيپ اڳتي وڌي رهي هُئي. سائين ممتاز سانگي اسان کي هن علائقي متعلق ٻُڌائي رهيو هيو ۽ اسان کي هندستان پاران سرحد تي لڳايل لوهي ڄاري به نظر اچي رهي هُئي. ڄاريءَ سان گڏ سرچ لائيٽن وارا ٿنڀا به نظر اچي رهيا هُئا ۽ وقفي وقفي سان سرچ ٽاور به ڏسڻ ۾ اچن پيا. اسان کي ٻُڌايو ويو ته ڄاريءَ جي پرئين پاسي رِڻ ڪڇ آهي ۽ ڪا به آبادي نه آهي ليڪن هندستاني فوج جي سهولت لاءِ روڊ به ٺهيل آهي. اسان هن علائقي مُتعلق ڳالهيون ڪندي اچي چُوڙهئي جبل جي دامن ۾ پهتاسين جنھن جي ڀر سان هڪ ڳوٺ به هيو ۽ رينجرز جي هڪ چونڪي به موجود آهي. جيپ تان لهي اسان چوڙهئي جبل کي ڏسڻ لڳاسين. هيءُ جبل ڪوهستان وارن جبلن جي ڀيٽ ۾ ننڍو جبل آهي پر ٿر جي وارياسين ڀٽن ۾ ته ڪارونجھر کان پوءِ هيءُ وڏو جبل ليکيو وڃي ٿو ۽ چوڙهيو جبل هڪ منفرد ۽ خوبصورت جبل آهي. هن جو رنگ هلڪو ڳاڙهو آهي ۽ ائين نظر اچي ٿو ته جيئن وڏي گول پٿر جون ڇپون هڪ ٻئي مٿان رکيون ويون آهن ۽ اهي ڇپون بلڪل لَسيون نظر اچن ٿيون. چُوڙهيو جبل هيٺان تمام خوبصورت نظر اچي رهيو هيو. جبل جي بيهڪ مون کي ائين لڳي رهي هُئي جيئن قدرت ٿر جي وارياسي پَٽ ۽ رڻ ڪڇ جي رُڃ جي وچ تي هڪ خوبصورت ”شو پيس“ رکي ڇڏيو آهي. سچ پچ هن جبل جو نظارو منفرد ۽ ايترو ته دلفريب آهي جو هن کي ڏسندي اکين جو ڍؤ ئي نه پئي ٿيو.
    مون دوستن کي جبل تي مٿي هلڻ لاءِ چيو ته لال محمد لاکي مٿي هلڻ کان نابري واري. پوءِ امتياز ابڙو، ممتاز سانگي ۽ آءٌ جبل تي چڙهياسين.
    جيئن مون اڳ ٻُڌايو آهي ته هيءُ جبل گول ۽ لسين ڇپن جو ٺهيل آهي ان ڪري هن تي چڙهڻ ڏکيو آهي ۽ اهو ڏکيو رستو به صرف اڌ تائين آهي جتي هندو ڌرم جي ماتا جو مندر آهي. اسين ٽيئي به مندر تائين پهتاسين پر ايسيتائين پهچڻ ۾ به اسان ٿڪجي صفا ساڻا ٿي پيا هئاسين ۽ رڻ ڪڇ ڏي منهن ڪري ويهي رهياسين. اسان جي سامهون رڻ ڪڇ جو دلڪش نظارو هو. هيءَ رڻ ڪڇ جي رُڃ هئي جيڪا پري کان سمنڊ جي پاڻيءَ وانگر نظر اچي رهي هُئي. مون چيو ته صاف نظر اچي رهيو آهي ته هي پاڻي آهي پر ممتاز سانگي صاحب ٻُڌايو ته اِهو پاڻي بلڪل نه آهي بلڪه اها ڪلر واري زمين ”رُڃ“ آهي جيڪا پاڻيءَ وانگر نظر اچي ٿي. اها ئي رڻ ڪڇ جي رُڃ آهي. اِن تي مون چيو ته هيءَ رُڃ به تمام خوبصورت آهي.
    چُوڙهئي جبل جي ٽن طرفن کان رڻ ڪڇ آهي، هڪ طرف کان ٿر آهي. جبل کان رڻ ڪڇ ۽ ٿر جو تمام خوبصورت منظر نظر اچي ٿو، جنهن کي اکرن ۾ لکي نه ٿو سگھجي. اسان تقريبن 15 منٽ ويهي هت ساهه پٽيو ۽ رڻ ڪڇ جو نظارو ڏسندا رهياسين. پوءِ اُٿي مندر طرف وڌياسين. هيءُ ماتا جو مندر آهي جيڪو وڏي هال نما غار ۾ ٺهيل آهي. هن جون ديوارون به اصلي جبل جون ڀِڪُون ۽ ڇپون آهن ته ڇت به جبل آهي جيڪو چوٽيءَ تائين وڃي پورو ٿئي ٿو. مندر جو دروازو لوهي ڄاريءَ جو ٺهيل آهي، جيڪو بند هئو پر ڄاريءَ کان اندر مندر جو نظارو ڏسڻ ۾ اچي ٿو ۽ ماتا جي مورتيءَ جو درشن به ڪري سگهجي ٿو. هن مندر جي ڇت واري ٽَڪريءَ جي بيهڪ به قدرت جو ڪرشمو آهي ڇو ته جبل اندران پورو غار آهي ۽ پوئين جابلو ديوار کان ڇت واري وڏي ڇپ اڳتي وڌي اچي ٿي، جنهن جي اوچائي هن ٽَڪريءَ جي چوٽيءَ تائين آهي ۽ ايڏو وڏو وزن هڪ طرف جي سهاري تي بيٺل آهي. هي پڻ هڪ وڏو قدرتي نظارو آهي جنهن کي ڏسڻ سان وڏي حيراني محسوس ٿئي ٿي. اسين ڪجھه دير هن مندر جو نظارو ڪندا رهياسين ۽ پوءِ جبل تان هيٺ لهي آياسين.
    جيپ وٽ اسان کي پنهنجي دوستن سان گڏ ڳوٺاڻا به نظر آيا، جيڪي ڊرائيور جا مائٽ هُئا. هُنن اسان کي چانهن پيئڻ لاءِ گھڻو ئي چيو پر اسين هُنن کان موڪلائي واپس روانا ٿياسين ڇو ته سج لهي چُڪو هئو ۽ اسان کي واپس ننگر پارڪر به وڃڻو هئو.
    چوڙهئي جبل کان اڳتي هڪ ٻيو جبل آهي جنهن جو نالو ”ووڙائو جبل“ آهي. ووڙائوءَ کي هتي ڏس ڏيندڙ جبل چون ٿا. هيءُ جبل گُجرات، راجستان ۽ ڪڇ کان ايندڙ مُسافرن لاءِ وڏو اهم نشان ليکيو ويندو هئو، ان ڪري هن جو نالو ووڙائو يعني ڏس ڏيندڙ رکيو ويو آهي. اسان وٽ وقت نه هئو ۽ سج لهي چُڪو هئو ان ڪري اسان اڳتي وڃي نه سگھياسين. واپسيءَ تي ڊرائيور چيو منهنجو ڳوٺ رستي تي بڙ تلاءَ جي ڀر سان آهي. اُتي هلون ٿا. صرف 15 منٽ لڳندا. اوهان چانهن پاڻي پيئندا ته آءٌ گھر وارن سان ملي وٺندس. سندس ان حجت تي اسان سڀني هائوڪار ڪئي ۽ سندس ڳوٺ وياسين. هُو اسان کي اوطاق ۾ ويهاري پاڻ گھر ويو. سندس هڪ ڀاءُ ۽ سئوٽ اسان سان ڪچهري ڪئي ۽ چانهن اچي وئي، اسان اڃا چانهن پي ئي رهيا هُئاسين ته غلام رسول پاڻ به واپس اچي ويو. هيءُ ڳوٺ به عام ٿري ڳوٺ هو پر ڪجهه پڪا گھر ٺهيل هُئا ۽ اوطاق به عام سنڌ جي ڳوٺن وانگر پڪي ۽ ڪُشادي ٺهيل هُئي. هن ڳوٺ ۾ سڀ کوسا رهن ٿا.
    واپسيءَ جو سفر رات جي اونداهيءَ ۾ ٿيو. اسان کي رستن جي ڪا به خبر نه ٿي پئي. جيپ ساڳيءَ تيز رفتاريءَ سان هلندي رهي ۽ اسان به جھاڪا ۽ لوڏا کائيندا رات جو 9 وڳي اچي ننگر پارڪر جي ريسٽ هائوس تي پهتاسين. اسان ريسٽ هائوس تي موٽي اچي هٿ منهن ڌوئي ٻاهر صحن تي آياسين ته تعلقي ننگر پارڪر جي مُختيارڪار الله بخش مگسي صاحب اچي اسان جو خوش دليءَ سان ڀليڪار ڪيو. اسان جي رات جي ماني به مگسي صاحب ڪرائي هئي، جيڪا ڪجهه دير ۾ اچي وئي ۽ ماني کائڻ کان فارغ ٿي اسين رات هڪ وڳي تائين مگسي صاحب سان ڪچهري ڪندا رهياسين.
    مگسي صاحب منهنجي هڪ سوال تي ٻُڌايو ته تعلقي ننگر پارڪر جي هن وقت آدم شُماري هڪ لک ويهه هزار (1،20،000) آهي جنهن ۾ 30،000 ٽيهه هزار مُسلمان ۽ 90،000 نوي هزار غير مُسلم آهن. هِتي زمين جي خريد و فروخت بلڪُل نه آهي. ماڻهن جو گُذران صرف مال ۽ وَسڪاري تي ٿيندڙ پوک تي آهي. سامهون ڪارونجهر جبل آهي جنهن جو پٿر ”گري نائيٽ“ تمام اعلى درجي جو پٿر آهي جيڪو هتان نڪري ٿو ليڪن ان جي ڪٽائي وڃي وڏن شهرن ۾ ٿئي ٿي. جيڪڏهن حڪومت اهڙو ڪو قانون ٺاهي ۽ هتي ئي ڪارخانا لڳايا وڃن ته هن علائقي جي ماڻهن کي سُٺو روزگار ملي سگهي ٿو. مگسي صاحب اسان کان رات هڪ وڳي موڪلايو ۽ پُڇيائين ته صبح ڪهڙي وقت جاڳندؤ؟ ته مون کيس 9:00 وڳي جو چيو ۽ پوءِ اسين وڃي ڪمري ۾ سُتاسين.
    صُبح جو مون کي سوير جاڳ ٿي ۽ آءٌ تيار ٿي ريسٽ هائوس جي ڇت تي ويس ۽ ڪارونجهر جبل جو نظارو ڪندو رهيس. هيءُ جبل ننگر شهر جي ٽن پاسن کان ڦري اچي ٿو جيڪو ُصبح جو تمام خوبصورت نظر اچي رهيو هئو. آءٌ ڪارونجهر جي حسين نظاري ۾ گم هئس ته ريسٽ هائوس جو سپروائيزر غلام رسول کوسو به ڇت تي اچي ويو ۽ دُعا سلام کان پوءِ مون کائنس نامياري سُگهڙ نواز خان کوسي مُتعلق پُڇيو ته هُن وراڻيو ته هُو شهر جي ٻئي پاسي رهي ٿو. جيڪڏهن اوهان ڪچهري ڪرڻ چاهيوس ته وٺي اچانس. چيومانس هل ته ڪار تي وٺي اچونس ٿا ۽ پوءِ نواز خان کي وٺي آياسين ته امتياز ابڙو ۽ لال محمد لاکو صاجب به تيار ٿيا ويٺا هُئا. اسان گڏجي نواز خان سان ڪچهري ڪئي. هيءُ جهونو واقعي وڏي تاريخ جي ڄاڻ رکي ٿو ۽ پيرسنيءَ ۾ به خوبصورت يادگيري اٿس. هن جين ڌرم، مارئيءَ ۽ ٻين تاريخي ماڳن بابت سٺي ڄاڻ ڏني. اسان کان موڪلائيندي ”بدر ابڙي صاحب“ لاءِ سلام چيائين ۽ مون کي چيائين ابڙي صاحب کي چئو ته جلد اچي ملي وڃي. منهنجو ٻيڙو تيار بيٺو آهي.
    نواز خان کوسي مونکي ٿر جي فصلن، وڻن، ڀاڄين ۽ ريتن رسمن بابت وڏي ڄاڻ ڏني ۽ روپلي ڪولهيءَ، مارئيءَ ۽ جين ڌرم بابت به مون کي تمام گهڻي معلومات ڏني.
    نواز خان کوسو اهو ئي شخص آهي جنهن بدر ابڙي صاحب ۽ انور پيرزادي صاحب کي سنڌ جي سورمي روپلي ڪولهيءَ جي بابت تفصيلي احوال ڏنو هو ۽ ان جي ڦاسيءَ واري جاءِ جي ڄاڻ ۾ مدد ڪئي هئي ۽ ان لاءِ هڪ وڏي ڄمار واري دوست مهرو ڪولهيءَ کي هٿ ڪيو جنهن کي سندس والد اهو وڻ ڏيکاريو هو جنهن ۾ روپلي کي ٽنگي ڦاسي ڏني وئي هئي. مهرو ڪولهيءَ اها جاءِ ڳولي لڌي جتي اڳ اهو وڻ هئو ۽ هنن سڀني ان جاءِ تي ڪجهه پٿر رکي روپلي ڪولهيءَ جي پهرين يادگار ٺاهي هئي.
    9:00 وڳي مختيارڪار مگسي صاحب به اچي ويو ۽ پاڻ سان گڏ اسان لاءِ نيرن به کڻائي آيو. پوءِ گڏ ويهي نيرن ڪئيسون. مگسي صاحب رات جي مانيءَ وانگيان نيرن به سُٺي پَچرائي هُئي ۽ ٿر جو خاص ساڳ به پچرايو هُئائين. هُو تمام پُر خلوص ۽ محبتي ماڻهو آهي. نيرن ڪرڻ کان پوءِ ٿوري ڪچهري ڪري مگسي صاحب کان موڪلايوسين ۽ پنهنجو سامان ڪار ۾ رکي ”ڀوڏيسر تلاءَ“ تي وياسين.

    روزانه مقدمو 14جولاءِ 2011ع


    ڀوڏيسر تلاءُ

    هيءُ تلاءُ ننگر پارڪر کان واپس مٺيءَ واري رستي تي ننگر پارڪر کان 3 ڪلو ميٽرن جي مفاصلي تي روڊ کان ٿورو اندر تي آهي ۽ ڪارونجهر جبل جي دامن ۾ آهي. هيءُ تلاءُ ”پرمارن“ جي حڪومت ۾ ٺهرايو ويو هو. ڏهين صديءَ ۾ پارڪر تي ”هاسو“ راجپوت جي حڪومت هُئي ۽ هُن جي ڀاءُ ”ڀوڏي“ ڀوڏيسر جو شهر آباد ڪيو ۽ تلاءُ به ٺهرايو هو. هِن تلاءَ ۾ پاڻيءَ کي زمين ۾ جذب ٿي وڃڻ کان روڪڻ لاءِ تلاءَ جي تري ۾ ٽامو لڳرايو ويو هئو.
    ڀوڏيسر ۾ اڪثريت جين ڌرم وارن جي هُئي جنهن ڪري هاڻي به جين ڌرم جو هڪ مندر زبون حالت ۾ موجود آهي. باقي شهر جا صرف آثار ئي ملن ٿا. ڀوڏيسر جي مسجد سُٺيءَ حالت ۾ اڄ به موجود آهي. هِن مسجد کي ”بيگڙي“ جي مسجد به چيو وڃي ٿو. هِن مسجد جي ڊيگهه ۽ ويڪر اندازن 30 فوٽ آهي ۽ تمام خوبصورت جڙيل آهي. ٽن پاسن کان ديوار اٿس. اڳيان ۽ وچ ۾ پٿر جا ٿنڀا اٿس. ڇت تي هڪ گُنبذ آهيس. هن مسجد جي اڏاوت ۾ سنگ مرمر جهڙو هلڪو ڳاڙهو پٿر استعمال ٿيل آهي. پٿر جو قسم ۽ مسجد جي اڏاوت ”گوڙيءَ واري مندر“ جي اڏاوت جهڙي آهي. هِن مسجد جي محراب وٽ هڪ پٿر تي سن 1505ع ۽ محمود شاهه بن مظفر شاهه لکيل آهي.
    هن مسجد لاءِ ٻُڌايو ويو ته سُلطان محمود بيگڙو جيڪو گجرات جو حاڪم هئو. هُن پارڪر تي ڪاهه ڪئي ته اُن وقت پارڪر جا حاڪم سوڍا هئا، جن کي سيکت ڏئي موٽي ويو ۽ هيءَ خوبصورت مسجد به ٺهرايائين.
    ڀوڏيسر جو تلاءُ وڏو تلاءُ آهي ۽ نظارو به تمام خوبصورت اٿس. هن جي هڪ پاسي تي ڪارونجهر جبل بيٺو آهي، ٻئي پاسي تي ڀوڏيسر جي ڦِٽل شهر جا آثار ۽ ٽئين پاسي هڪ ڪُنڊ تي مسجد آهي. اسان ڪُجهه دير تلاءَ جي هن من موهيندڙ منظر جو نظارو ڪندا رهياسين.

    روزانه مقدمو جولاءِ 2011ع


    روپلو ڪولهي

    انگريزن پارڪر تي 1832ء ۾ پهرين ڪاهه ڪئي جنهن جو سبب ڄاڻايو هُئائون ته هتي ڌاڙيل رهن ٿا جيڪي انگريزن جي مال کي لٽيندا رهن ٿا جنهن ڪري ڪمپنيءَ کي نُقصان ٿئي ٿو ۽ سنڌ جا ٽالپر حاڪم انهن تي قابو نه ٿا پائي سگهن. ان ڪري اسان انهن ڏوهارين تي سڌي ڪارروائي ڪريون ٿا. اهو بهانو بڻائي انگريزن سنڌ جي هِن ٽُڪري تي قبضو ڪري ورتو هو.
    حقيقت ۾ انگريزن لاءِ چيو وڃي ٿو ته انهن پارڪر جي ڏوهارين ۾ پنهنجي جاسوسن جي معرفت هٿيار ورهايا هُئا ۽ پاڻ ئي هتي امن امان جو مسئلو پيدا ڪرايو هُئائون. هتي مقامي طور حاڪميت راڻن جي هُئي. انگريزن جي حملي وقت ويرا واهه جو راڻو انگريزن سان سهڪاري هئو، ان ڪري ننگر پارڪر جو راڻو ”جگو جي“ مُقابلي کان ڀڄي ويو جنهن کي بعد ۾ ميرن گرفتار ڪري انگريزن جي حوالي ڪيو هو ۽ ”راڻي ڪِرڻ“ کي ننگر پارڪر جو حاڪم بنايو ويو ۽ سنڌ جي هيءَ ڪُنڊ انگريز سرڪار جي اثر ۾ اچي ويئي ڇو ته ٽالپر حُڪمران سنڌ جي هِن ڏورانهين علائقي ۾ اڳ ئي بي اثر ٿي چُڪا هُئا، باقي مقامي طور تي هتي راڻن جو ئي راڄ هلندو رهيو.
    1843ع ۾ جڏهن انگريزن ٽالپرن کي شڪست ڏئي سڄي سنڌ فتح ڪئي تڏهن به هتي راڻن جو ئي راڄ هلندو رهيو ۽ راڻا پاڻ کي آزاد ۽ خودمختيار سڏائيندا رهيا ليڪن انگريزن پنهنجي طور تي هتان جو پهريون پوليٽيڪل ايجنٽ ڪئپٽن ”اسٽئنلي ريڪس“ کي مقرر ڪيو هئو ۽ پوءِ 1846ع ۾ ”ڪرنل تروٽ“ کي هتان جو پوليٽڪل سُپريڊنٽ مُقرر ڪيو ويو جيڪو عمر ڪوٽ ۾ رهندو هئو. 1856ع ۾ پارڪر کي ڪمشنر حوالي ڪيو ويو.
    1859ع ۾ ”راڻي ڪرڻ“ ۽ ننگر پارڪر ۾ انگريزن پاران مُقرر ڪيل مختيارڪار ”ڏيئو مل“ ۾ اختلاف پيدا ٿي پيا جن جي بُنياد تي ۽ ٻين راجپوت راڻن سان به انگريزن جي غلط روين ڪري سڀني ۾ انگريزن خلاف نفرت پيدا ٿي ۽ پوءِ سڀني کي ”راڻي ڪرڻ“ گڏ ڪيو، جن ۾ سندس ڀاءُ ڀُوپت سنگهه، ويرا واهه جو راڻو لاڌو سنگهه، ٻهراڻي جو ٺَڪُر ڪَلجي ۽ ٻيا به موجود هُئا ۽ راڻي ڪِرڻ لاءِ پنج هزار ڪولهين جو لشڪر به اچي ننگر پارڪر ۾ گڏ ٿيو. سڀني گڏجي انگريزن خلاف بغاوت ڪئي. 15هين اپريل 1859ع جي ڏينهن تي ٽيلي گراف کاتي جون تارون ڪٽيون ويون، رستا ٽوڙيا ويا، خزانو لٽيو ويو، ڪاردار جي ڪچهريءَ کي باهه ڏني ويئي، پوليس ٿاڻي تي حملو ڪيو ويو جنهن ۾ پوليس اهلڪار زخمي ٿي ڀڄي ويا، سرڪاري سامان ۽ ملڪيتن کي نقصان ڏنو ويو. ان سڄي رُوئداد جي خبر مختيارڪار ڏيئو مل حيدرآباد موڪلي جيڪا 18هين اپريل 1859ع تي حيدرآباد پهتي. حيدرآباد جي اسٽيشن ڪمانڊنگ آفيسر ”ڪرنل ايونس“ جلديءَ ۾ بلوچ ريجمينٽ جي هڪ ونگ ننگرپارڪر موڪلي ۽ ڪراچيءَ کان ڪُجهه توب خانو به ننگر پارڪر لاءِ روانو ڪيو ويو. ڪرنل ايونس کي حُڪم مليو ته پاڻ وڃي سڀني فوجن جي اڳواڻي ڪري ۽ بغاوت کي ختم ڪري. حُڪم ملڻ ڪري ڪرنل ايونس به ننگر پارڪر لاءِ روانو ٿيو. اسلام ڪوٽ وٽ وڃي اڳ ۾ موڪليل فوج وٽ پهتو ۽ اُتان ٿر جو ڊپٽي ڪليڪٽر ۽ سپرنٽيڊنٽ تروٽ به پنهنجي سپاهه سميت ساڻس گڏ ٿيا ۽ هڪ وڏي فوج وٺي 3 مئي 1859ع تي اچي ننگر پارڪر پهتا. هتي سخت مقابلو ٿيو، ڪارونجهر جبل تي راڻي چندن جو ٺهرايل ڪوٽ ”چندن گڊ“ مان راڻن مقابلو ڪيو. سڄو ڏينهن وڏي ويڙهاند هلي ۽ بهادر ٿري بي جگريءَ سان پنهنجي وطن جي آزاديءَ لاءِ وڙهندا رهيا. شام جي پهر انگريزن جي توبخاني چندن گڊ کي اُڏائي ڇڏيو ته راڻن جو لشڪر ڇڙوڇڙ ٿي ويو ۽ سندن بارود به ختم ٿي چُڪو هئو. تنهن هوندي به سنڌ جا سپوت جبل ۾ انگريز فوجن سان مُقابلو ڪندا رهيا. نيٺ راڻو ڪِرڻ ۽ راڻو لاڌو سنگهه گرفتار ٿي پيا ۽ شهر تي انگريزن جو قبضو بحال ٿي ويو. اُن کان پوءِ ڪرنل ايونس ننگر پارڪر تروٽ حوالي ڪري پاڻ ڀر پاسي جي سوڍن کي زير ڪرڻ لاءِ روانو ٿيو ۽ ڪَجڙالوءَ ۽ مارواڙ تائين سوڍن جي ڪئمپن تي حملا ڪيائين.
    ننگر پارڪر ۾ لاڌو سنگهه جو پُٽ اَڌي سنگهه جيڪو جنگ واري ڏينهن ۾ ٻاهر ويل هئو اُهو موٽيو ۽ هن تروٽ تي حملو ڪري پنهنجي پيءُ لاڌو سنگهه ۽ راڻي ڪِرڻ کي آزاد ڪرايو. هِن حملي ۾ تروٽ لڪي جان بچائي ۽ ڪافي انگريز فوجي مارجي ويا ۽ زخمي ٿيا جنهن جي خبر ڪرنل ايونس کي پهتي ته هُن وري اچي 19هين جون 1859ع ننگر پارڪر تي حملو ڪيو جنهن ۾ راڻي ڪِرڻ وڃي ڪارونجهر جبل ۾ پناهه ورتي. ٻه دوست ۽ ڪولهي سپاهه جو اڳواڻ ”روپلو ڪولهي“ ساڻس گڏ هُئا. هُنن فيصلو ڪيو ته جبل جي غارن ۾ لڪي انگريزن تي گوريلا ڪارروايون ڪندا رهندا. جيسيتائين اُهي ملڪ ڇڏي نه ويندا تيسيتائين ساڻن مقابلو جاري رهندو.
    هڪ ڏينهن روپلو ڪولهي جبل تان لهي اچي رهيو هئو ۽ برساتي نديءَ ”گوڙ ڌَرو“ مان پاڻي پي رهيو هئو ته اچانڪ انگريز فوج اچي گهيري ۾ آڻي کيس گرفتار ڪيو. روپلي کي گرفتار ڪري تروٽ وٽ پيش ڪيو ويو. تروٽ پهريائين هُن کي جاگير ڏيڻ ۽ پينشن ڏيڻ جي لالچ ڏني ته ”راڻي ڪِرڻ“ جو ڏس پَتو ڏي ته تو کي مالا مال ڪيو ويندو. سنڌ جو هيءُ سچو سپوت هئو. لالچ ۾ نه آيو ته پوءِ هُن تي وڏو تشدد ڪيو ويو ۽ هُن جي سامهون سندس گهرواريءَ کي آندو ويو ته اُها پنهنجي مڙس کي سمجهائي ته هو راڻي ڪِرڻ جو ڏس پتو ڏئي نه ته کيس عذاب ڏيئي ماريو ويندو.
    روپلي جي گهرواريءَ روپلي سامهون اچي پنهنجي ٻوليءَ ۾ چيو روپلا تو کي مرڻو ته آهي ليڪن جيڪڏهن مُڙس ٿي مرندين ته تو کي سدائين قوم ياد رکندي ۽ منهنجو ڳاٽ به اونچو هوندو. اُن ملاقات کان پوءِ ته روپلي جي هٿن جي ترين تي تيل رکي سندس آڱرين سان ڪپهه جون وٽيون ويڙهي اُنهن کي باهه ڏني ويئي. هُن جي هٿن جون آڱريون ڏيئي وانگر ٻرنديون ۽ سڙنديون رهيون. اهڙي عذاب سهڻ باوجود هُن راڻي ڪِرڻ يا ٻين ساٿين جو ڪو به ڏَس پتو نه ڏنو ۽ آخر کيس جنهن برساتي نديءَ گوڙ ڌَرَي تان گرفتار ڪيو ويو هئو اُن جي ئي ڪناري هڪ وڻ تي ٽنگي سرِ عام ڦاسي ڏني ويئي. اهڙيءِ ريت روپلو ڪولهي پنهنجي وطن تان قربان ٿي امر ٿي ويو ۽ سڀني ڪولهي ذات وارن جو ڳاٽ اونچو ڪري ويو.
    روپلي ڪولهيءَ کي سرِ عام ڦاسي ڏيڻ جو مقصد مقامي ماڻهن ۾ انگريزن جي دهشت قائم ڪرڻ هُئو ۽ پوءِ راڻي ڪرڻ جي ٻين ساٿين مها وجي سيٺ ۽ هنس پوري ٻائَي کي تروٽ هٿ ڪري کين لالچ ڏيئي ”راڻي ڪِرڻ“ جو ڏس پتو پُڇيو جن راڻي سان ڌوڪو ڪري کيس گرفتار ڪرايو ۽ انگريزن کان جاگيرون انعام ۾ ورتيون. راڻي ڪِرڻ ۽ راڻي لاڌو سنگهه ۽ سندس پُٽ اَڌي سنگهه انگريزن جي تابعيداري قبول نه ڪئي ۽ کين ڪاري پاڻيءَ ڏانھن سزا طور موڪليو ويو.
    روپلي ڪولهيءَ جي ڪردار تي تاريخ ۾ وڌيڪ مواد نه ٿو ملي ڇو ته هندو ذاتين ۾ ڪولهين کي گهٽ ذات سمجهيو وڃي ٿو ۽ اُن وقت ۽ بعد جي پڙهيل لکيل هندن به هُن جي باري ۾ ڪجهه به نه لکيو آهي. روپلي ڪولهيءَ کي ڦاسي ڏيڻ واري ڏينهن ۽ تاريخ کي به نه لکيو ويو آهي. روپلي ڪولهيءَ کي ڦاسي ڏيڻ واري جاءِ به 1992ع ۾ سنڌ ڌرتيءَ ۽ سنڌ جي سڀيتا سان پيار ڪندڙ محترم بدر ابڙي صاحب ۽ انور پيرزادي صاحب ننگر پارڪر وڃي سُگهڙ نواز خان کوسي ۽ مَھرُو ڪولهيءَ جي مدد سان ڳولهي لڌي. جنهن وڻ ۾ روپلي ڪولهيءَ کي ڦاسي ڏني وئي هُئي ان جاءِ تي ڪُجهه وڏا پٿر رکي روپلي جي سماڌي ٺاهي وئي هُئي. جيڪڏهن اُن وقت اهو به نه ٿئي ها ته اڄ روپلي جو ”نانءُ“ ته ملي ها ليڪن ”نشان“ نه هجي ها ڇو ته 1992ع کان ڪُجهه سال پوءِ مهروڪولهي به ديھانت ڪري ويو، جنهن کي اهو وَڻ سندس پيءُ ننڍپڻ ۾ ڏيکاريو هئو. جڏهن هُن بدر ابڙي ۽ انور پيرزادي صاحب کي اها جاءِ ڏيکاري هُئي ته اُتي وڻ ته ڪونه هئو ليڪن مهرو ڪولهيءَ کي اُن وڻ واري جاءِ ياد هُئي جتي انور پيرزادو صاحب ۽ بدر ابڙو صاحب جن ڪجهه ننڍا وڏا پٿر رکي پهريون نشان ٺاهيو هو هاڻي اتي پڪو يادگار ٺهيل آهي ۽ آزاديءَ جا عاشق سنڌ جي هِن سپوت کي سلام ڪرڻ لاءِ اُتي پهچن ٿا.

    روزانه مقدمو جولاءِ 2011ع

    مددي ڪتاب:
    1. سنڌ جا سورما، ليکڪ سائين جي ايم سيد
    2. تاريخ ريگستان، ڀاڱو پهريون، ليکڪ رائچند هريجن
    3. پراڻو پارڪر، ليکڪ منگهارام اوجها


    مڪليءَ جا تاريخي ماڳ

    سنڌ ڌرتيءَ جي قديم ثقافت ۽ تاريخ جي گواهي ڏيندڙ صديون پراڻا ڪيئي تاريخي ماڳ سنڌ جي سيني تي وکريا پيا آهن جن ۾ ڪي اهڙا به آهن جيڪي دنيا جي تاريخي ماڳن ۾ پنهنجي نمايان حيثيت رکن ٿا جهڙوڪ ”رني ڪوٽ!“ هيءَ قلعو پکيڙ جي لحاظ کان دُنيا جو وڏي ۾ وڏو قلعو آهي. اهڙيءَ ريت ضلعي ٺٽي ۾ واقع مڪليءَ جو قبرستان به دُنيا جو وڏي ۾ وڏو قبرستان ليکيو وڃي ٿو ڇو ته قبرستان ۾ مقبرن، مزارن ۽ درگاهن سميت ڏهن لکن کان وڌيڪ قبرون ليکيون وڃن ٿيون.
    هن قبرستان جي ٻي خاصيت هيءَ به آهي ته هن قبرستان ۾ سنڌ جي 600 سالن کان وڌيڪ جي تاريخ دفن آهي. هتي سنڌ ڌرتيءَ تي حملا ڪندڙ ظلم ۽ ڏاڍ جي علمبردار ارغونن ۽ ترخانن جا وڏا وڏا ۽ محلن جھڙا مقبرا به آهن ته هتي سنڌ جي سورمن ڄام نظام الدين، دولهه درياهه خان ۽ ٻين سمن حاڪمن جون مزارون به آهن ۽ انهن سان گڏو گڏ هن وسيع قبرستان ۾ صوفي خانقاهون به آهن ۽ هتي هندو ڌرم جو قديم ”ماتا شنگهه ڀوانيءَ“ جو مندر به آهي ته هن ٽڪريءَ جي هڪ پاسي تي قديم زماني جي اڏيل ”ڪلان ڪوٽ“ جا آثار به آهن. مڪليءَ جي موجُودهه قبرستان جي ٽين خاصيت هيءَ به آهي ته هن قبرستان ۾ موجُود پٿر جي مزارن ۽ مقبرن جي خوبصورت اڏاوت ۽ انهن تي اُڪريل نقش نگار به سنڌ جي عظيم تاريخي ڪاريگرين ۽ هُنرن جو هڪ اعليٰ مثال آهي.
    مڪليءَ جي ٽڪري کير ٿر جبل جي هڪ شاخ جي آخري ٽڪري آهي، جيڪا ”سَموئيءَ“ وٽان ڪر کڻي شروع ٿئي ٿي ۽ (19) اُڻويهه ڪلو ميٽر ڏکڻ طرف هلي اچي ”پير پَٺَي“ وٽ پوري ٿئي ٿي.
    هن ٽڪريءَ تي ”مڪلي“ نالو ڪيئن پيو؟ ان لاءِ گهڻا ئي رايا آهن پر انهن مان ٻه رايا اهم آهن. هڪ عام راءِ هيءَ آهي ته هن ٽڪريءَ تي پهرين قبر هڪ نيڪ عورت جي ٺهي ۽ اُن عورت جو نالو مائي مڪلي هئو جنهن ڪري هن ٽڪريءَ تي مڪليءَ جي ٽڪري ۽ قبرستان تي مڪليءَ جو قبرستان نالو پيو. مائي مڪليءَ جي قبر اڄ به موجُود آهي جيڪا ٽڪريءَ جي اُتر ۾ بلڪُل شروعات ۾ آهي. ٻي راءِ آهي ته پراڻي زماني کان هندو ياتري، شِو جا پوڄاري ۽ جين ڌرم وارا هندستان کان هنگلاج ويندي هتان گُذرندا هُئا ۽ هتي به اُنهن جا آستان موجود آهن ۽ هتان ئي هُو پنهنجي تيرٿن جي شروعات ڪندا هُئا. جيئن ته جين ڌرم مسيحي دور کان به گهڻو آڳاٽو آهي ۽ ان جي هڪ فرقي ڊيگامبر جي بانيءَ ”منڪليءَ“ جي نالي پويان هن ٽڪريءَ کي منڪلي ٽڪري چيو ويندو هئو جيڪو اڳتي هلي مڪلي سڏيو ويو آهي. سائين جي ايم سيد ۽ ڪُجهه ٻيا محقق به هن پوئينءَ راءِ کي صحيح سمجهن ٿا (1) ۽ اڄ به ياتري ”ماتا شنگهه ڀوانيءَ“ کان پوءِ هنگلاج وڃڻ جو سفر شروع ڪن ٿا. هن مندر جي ڀر سان هڪ غار به آهي جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته هي غار سڌو هنگلاج وڃي نڪري ٿو. هيءُ مندر مائي مڪليءَ جي قبر ۽ فوتگيءَ کان گهڻو اوائلي آهي. ان ڪري پوئين راءِ صحيح سمجهه ۾ اچي ٿي.
    لاڙ جي علائقي ۾ ٻه شهر تاريخي طور تي خاص اهميت وارا آهن. هڪ ”ديبل“ جيڪو اوائلي دور ۾ سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ رهيو ۽ ٻيو ”ٺٽو“ جنهن کي بعد ۾ سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ بڻايو ويو. ٺٽو شهر سنڌ جي سمي بادشاهه ڄام ”نظام الدين“ قائم ڪيو هو. هُن کان پهريان سمان حُڪمران ”سَموئيءَ“ ۾ رهي سنڌ تي حڪمراني ڪندا رهيا. ڄام نظام الدين سموئيءَ کان ٽن ميلن جي مفاصلي تي نئون ۽ جديد شهر ٺٽو آباد ڪرايو ۽ مڪليءَ جي ٽڪري هنن ٻنهي شهرن جي وچ مان گذرندي وڃي پير پٺي تي ختم ٿئي ٿي.

    حوالو
    (1) ڪتاب سنڌ جا ڪوٽ ۽ قلعا، صفحو 185، 187


    ڄام نظام الدين جو مقبرو

    ڄام نظام الدين کي ”ڄام نندو“ به سڏيو وڃي ٿو. سنڌ تي سومرن جي حاڪميت واري دور کان پوءِ ”سمان“ قبيلي وارا سنڌ جا حاڪم ٿيا ته هُنن جي گاديءَ جو هنڌ ”سموئي“ هئو جيڪو مڪلي ٽڪريءَ کان اُتر ۾ هئو. سُلطان ڄام نظام الدين 896هه بمُطابق 1490ع ۾ سنڌ جي حڪومت سنڀالي. هيءُ هڪ ذهين، مردم شناس، عوام لاءِ نهايت مُخلص، شفيق، پاڪ دامن، پرهيزگار ۽ هڪ نيڪ نام سُلطان هئو. ڄام نظام الدين جي دور انديشيءَ ڪري سندس دور ۾ سنڌ اڳي کان گهڻي ترقي ڪئي. هُن پنهنجي حڪومت دوران ”سموئيءَ“ کان 3 ميلن جي مفاصلي تي ٺٽو شهر آباد ڪيو ۽ ان کي 900هه ۾ پنهنجي گاديءَ جو هنڌ بڻايو (2) ۽ ترقي وٺرائي ٺٽي شهر ۾ تعليمي درس گاهون قائم ڪرايون ۽ ٻاهرين ملڪن کان تعليم جا ماهر گهُرائي اُنهن کي وڏيون درس گاهون ٺهرائي ڏنيون ۽ اُنهن جي علم کان سنڌي عوام کي رُوشناس ڪرايو ۽ تعليم کي عام ڪيو. ڄام صاحب ٺٽي شهر ۾ هُنرمندن لاءِ ڪارخانا به ٺهرايا. هُنرمنديءَ کي اُڀاريو ۽ واپار کي هٿي ڏئي عوام کي ترقي ڏياريائين جنهن ڪري سنڌ تمام گهڻي خوشحال ٿي. ڄام نظام الدين زراعت کي وڌائڻ لاءِ واهه ۽ کوهه کوٽايا. هُن جي ئي دور ۾ سنڌ ۾ پهريون آبپاشيءَ جو نظام قائم ٿيو. هُن جي دور ۾ سنڌ مُڪمل آزاد، خودمُختيار ۽ خوشحال هُئي. ڄام نظام الدين پنهنجي دور ۾ هندن کي به نهايت اهم عهدن تي فائز ڪيو ۽ کين به مُسلمانن جي برابر عزت سان ترقيءَ ۽ خوشحاليءَ ۾ ڀاڱي ڀائيوار بڻايائين. ڄام صاحب ڀر پاسي جي مُلڪن سان برابريءَ وارا ناتا قائم رکيا جنهن ڪري سنڌي عوام سڪُون سان وقت گُذاريو ۽ ترقي توڙي خوشحالي حاصل ڪئي.
    ڄام نظام الدين جي دور ۾ دولهه درياهه خان سندس وزيراعظم ۽ سپهه سالار رهيو، جنهن سنڌ ملڪ تي ٿيندڙ ٻاهرين حملن کي روڪيو. سندس ذڪر الڳ مضمون ۾ آهي. ڄام صاحب جي دور ۾ بهاول پور، سبيءَ، مڪران ۽ ڪڇ وارا علائقا به سنڌ ملڪ جو حصو هُئا. هِن دور ۾ ئي سنڌ کي هڪ مُنظم فوج هُئي. مطلب ته سنڌ تي عربن جي ڪاهه کان پوءِ هِن دور ۾ ئي سنڌ ۾ خوشحالي آئي ۽ علم ۽ هُنر ۾ عوام ترقي ڪئي. ڄام نظام الدين جو دور سنڌ جو هڪ مثالي دور ليکيو وڃي ٿو.
    ڄام نندي جي وفات 914هه مطابق 1508ع ۾ ٿي. هُن جي وفات کان پوءِ سندس پٽ ”ڄام فيروز“ سنڌ جو حاڪم بڻيو(3) جنهن ۾ پنهنجي والد واريون خوبيون نه هُجڻ جون روايتون ملن ٿيون. هُن حڪومتي ڪار وهنوار هلائڻ لاءِ پنهنجي والد جا مقرر ڪيل سٺي عمل ۽ ڪردار وارا وفادار ماڻهو هٽائي پنهنجا من پسند، خوش آمدڙيا، مسخريون ڪرڻ وارا ۽ عياشون ڪرائڻ وارا عملدار مقرر ڪيا جنهن ڪري حڪومت ڪمزورين جو شڪار ٿي ويئي ۽ شاهه بيگ ارغون اچي سنڌ قبضو ڪئي ۽ سنڌ کي لٽيو ڦريو ۽ برباد ڪيو ۽ سنڌ وري اونداهين جي دور ۾ داخل ٿي ويئي.
    ڄام نظام الدين جو مقبرو مڪليءَ جي ”ساموئيءَ“ واريءَ ڪُنڊ تي آهي جيڪو سنڌ تي ارغونن جي حملي سبب مُڪمل ٿي نه سگهيو پر هِن مقبري جي ديوارن تي جيڪو پٿر تي اُڪر جو عالي شان ڪم ٿيل آهي اُهو پنهنجو مَٽ پاڻ آهي. هِن مقبري جون چورس ديوارون ٺهيل آهن جيڪي پٿر جون آهن ۽ تمام اونچيون ۽ ويڪريون آهن. اولهه واريءَ ديوار ۾ هڪ محراب ٺهيل آهي ۽ اُن جي ئي پاسي کان هڪ ننڍو دروازو آهي جنهن مان مقبري ۾ اندر وڃي سگهجي ٿو ۽ ڏکڻ واريءَ ديوار مان اندران هڪ ڏاڪڻ ٺهيل آهي جنهن تان مٿي وڃي سگهجي ٿو ليڪن هاڻي هِن ڏاڪڻ کي حفاظت خاطر بند ڪيو ويو آهي. هنن ديوارن جي اڏاوت ٻُڌائي ٿي ته هنن مٿان هڪ وڏو گُنبذ ٺهي ها جيڪو ارغونن جي حملي ۽ سنڌ فتح ڪرڻ ڪري نه ٺهي سگهيو. مقبري جي اندر چار قبرون آهن جيڪي هڪ ئي قطار ۾ آهن؛ هڪ جهڙيون آهن ۽ هنن قبرن تي ڪو به ڪَتبو لکيل نه آهي جنهن ڪري خبر نه ٿي پئي ته ڄام نظام الدين جي قبر ڪهڙي آهي ۽ ٻيون ٽي قبرون ڪنهن جون آهن؟ مقبري جي سڀني ديوارن تي نقش نگاريءَ جو خوبصورت ڪم ٿيل آهي. اندران توڙي ٻاهران پٿر تي خوبصورت اُڪر جو ڪم ٿيل آهي. خاص طور تي اولهه واريءَ ديوار جو محراب اندران به تمام خوبصورت ٺهيل آهي پر ٻاهران ته هيءُ محراب هُنرمنديءَ جو هڪ دلڪش ۽ نادر نمونو آهي جنهن جو ڪو به مثال نه آهي. هن محراب تي خاص سنڌي نقش نگاريءَ سان گڏو گڏ راجستاني هُنرمنديءَ جو به وڏو ڪم ٿيل آهي جنهن ڪري هيءُ محراب ڄڻ سنڌي، اسلامي، راجستاني ۽ هندي طرز تعمير جو هڪ گڏيل شهڪار آهي. هن تي اهڙو ته سنهون ۽ سُهڻو اُڪر جو ڪم ٿيل آهي جو هُنرمندن جي پنهنجي بادشاهه سان محبت جو اظهار لڳي ٿو. هيءُ مقبرو سنڌ جي هڪ عظيم سلطان جي آخري آرام گاهه ته آهي پر سنڌ جي هنرمندن جو تخليق ٿيل هڪ عظيم شاهڪار پڻ آهي.

    حوالا
    (1) (2) ڪتاب جنت السنڌ، صفحو 301، ليکڪ مولائي شيدائي
    (3) ڪتاب جنت السنڌ، صفحو 306


    دولھه دريا خان جي مزار

    مڪليءَ جي شروعاتي حصي ۾ ڄام نظام الدين جي مقبري جي سامهون اولهه پاسي دولهه دريا خان جي مزار آهي. دولهه درياهه خان ڄام نظام الدين جو وزيراعظم ۽ سپهه سالار رهيو. هُن جو اصل نالو قبُوليو هئو پر بهادريءَ، جُرئت منديءَ، عقل منديءَ، ڏاهپ ۽ سندس ڪيل ڪارنامن سبب مختلف وقتن تي کيس ڄام صاحب پاران مختلف لقبن سان نوازيو ويو جنهن ڪري هيءُ دولهه دريا خان، مُبارڪ خان ۽ خان اعظم سڏجڻ لڳو. سنڌ جي هن سپوت جي بهادريءَ جا ڪيئي ڪارناما آهن. هُن پنهنجي سپهه سالاريءَ دوران ڪنهن به ڌارئي کي سنڌ جي ڪنهن به حصي تي پير ڄمائڻ نه ڏنو ۽ سنڌ جي سرحدن جي بهادريءَ سان حفاظت ڪيائين. ڄام نظام الدين جي وفات کان پوءِ ڄام فيروز جي غلط روش کان بيزار ٿي ٺٽو شهر ڇڏي وڃي پنهنجي جاگير تي رهڻ لڳو هو پر جڏهن ارغونن سنڌ تي ڪاهه ڪئي ته سنڌ جي هِن عاشق کان رهيو نه ٿيو. ٺٽي پهچي پنهنجن پُٽن، دوستن ۽ پنهنجي سپاهه سميت اچي ارغونن سان مهاڏو اٽڪايائين ۽ سنڌ وطن جي عزت ۽ نامُوس لاءِ آخري دم تائين وڙهندو رهيو. هُو بهادريءَ سان وڙهندي، وڙهندي شهيد ٿيو پر پنهنجي حياتيءَ ۾ ارغونن کي ٺٽي شهر ۾ پير پائڻ نه ڏنائين ۽ پُٽن ۽ ٻين ڪيترن ئي ساٿين سميت سنڌ تان سر گهوري سُرخرو ٿيو.
    دولهه درياهه خان جي مزار هڪ وڏي قلعي نما چوديواريءَ اندر آهي. هيءَ چوديواري به پٿر جي ٺهيل آهي ۽ سڄي چوديواريءَ تي اندران توڙي ٻاهران اُڪر ۽ چٽ ساليءَ جو ڪم ٿيل آهي. چوديواريءَ جي اولهه ۾ محراب ٺهيل آهي، اوڀر ۽ ڏکڻ کان ٻه وڏا محرابي دروازا ٺهيل آهن. هِن چوديواريءَ اندر لاتعداد قبرون آهن جن لاءِ چيو وڃي ٿو ته هن سان گڏ شهيد ٿيل سندس پٽن، مائٽن ۽ ٻين ساٿين جون آهن ۽ انهن سڀني جي وچ ۾ اولهه واري محراب ويجهو دولهه درياهه خان جي اوچي ۽ پڳدار مزار نمايان آهي جنهن تي نظر پوَندي ئي محسوس ٿئي ٿو ته هن قلعي نما ديوار جي وچ ۾ ڪو وڏو بهادر سپهه سالار سُتل آهي. دولهه درياهه خان جي مزار پٿر جي ٺهيل آهي جنهن کي سيرانديءَ کان تاج به ٺهيل آهي. هن سڄيءَ مزار تي اُڪر جو تمام خوبصورت ڪم ٿيل آهي. ڪو به مقبرو يا ڇپرو نه هجڻ جي باوجود کُلي آسمان جي هيٺان هيءَ مزار اوچي ڳاٽ سان سڀني کان نمايان ۽ شاندار محسوس ٿئي ٿي.
    آءٌ ڪيئي ڀيرا مڪليءَ تي ويو آهيان ۽ سڀ کان پهريائين دولهه درياهه خان جي مزار تي حاضري ڏيندو آهيان. هڪ ڀيري سنڌ جي تمام وڏي ليکڪ، خوددار ۽ سچار محترم علي بابا سان گڏ مڪليءَ تي وڃڻ ٿيو ۽ اسان جيئن ئي دولهه درياهه خان جي مزار تي پهتاسين ته علي بابا دولهه درياهه خان کي سلام پيش ڪندي چيو:
    “The commander is dust, his good surd is rust, he is with saints I trust.”
    مفھُوم: سپهه سالار مٽيءَ ۾ ملي چُڪو آهي، سندس خوبصورت تلوار زنگجي چُڪي آهي، هيءُ قومي اڳواڻن سان ويٺو آهي، مون کي يقين آهي.
    دولهه درياهه خان قومي هيرو آهي. سائين جي ايم سيد کيس سنڌ جو سورمون لکيو آهي. اسان سڀني تي فرض ٿئي ٿو ته سنڌ جي سورمن جي يادگارن ۽ مزارن تي وڃي کين مڃتا ڏيون ۽ پاڻ به سنڌ ڌرتيءَ سان محبت ۽ وفاداريءَ جو وچن ورجايون.


    ڄام تماچيءَ جو مقبرو

    ڄام تماچيءَ ۽ نُوريءَ جو قصو مشهور آهي جنهن کي شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَرحھ به ڳايو آهي. نوري هڪ خوبصورت ڇوڪري هُئي جيڪا ڪينجهر ڍنڍ تي آباد مهاڻن جي گهر ۾ پيدا ٿي هُئي. نوري ۽ سندس مائٽ ڪينجهر ڍنڍ مان مڇي ماري پنهنجو گُذران ڪندا هُئا. هڪ ڏينهن ڄام تماچيءَ کي ڪينجهر جو سير ڪندي نوري نظر اچي ويئي ۽ ڄام صاحب نوريءَ جي سونهن ۽ سوڀيا تي دل هاري ويٺو ۽ نوريءَ جي مائٽن کان شاديءَ لاءِ سنڱ گهُريائين. هُنن غريب مهاڻن خوشيءَ سان نوريءَ جي شادي ڄام تماچيءَ سان ڪرائي. ڄام تماچيءَ ان خوشيءَ ۾ مهاڻن تان ٽيڪس معاف ڪري ڇڏيو ۽ مٿن ٻيون به رعايتون ۽ عنايتون ڪيائين. ڄام تماچيءَ جو مقبرو به مڪليءَ تي شيخ حماد جماليءَ جي جامع مسجد جي اوڀر ۾ موجُود آهي. هيءُ مقبرو مُڪمل پٿر جو ٺهيل آهي.
    ڄام تماچيءَ جي مزار جي چوڌاري پٿر جا خوبصورت ٿنڀا ٺهيل آهن ۽ اُنهن ٿنڀن جي آڌار تي گول ڇٽي ٺهيل آهي جيڪا به مُڪمل طور تي پٿرن جي جڙيل آهي. هن ڇٽيءَ تي اندران نقش نگاريءَ جو ڪم ٿيل آهي ۽ ٿنڀن تي به خوبصورت نقش اُڪريل آهن. هاڻي هيءُ مقبرو هڪ پاسي جهُڪيل نظر اچي ٿو. هن مقبري جي ڀر سان ئي ڄام نظام الدين جو وڏو مقبرو آهي.


    ارغونن ۽ ترخانن جا مقبرا

    مڪليءَ جي قبرستان جي شروعات مائي مڪليءَ جي قبر کان ٿئي ٿي جڏهن ته پوءِ حماد جماليءَ جي جامع مسجد ۽ سمن ڄامن جا مقبرا ٺهيا. پوءِ هيءُ قبرستان اڳتي وڌندو رهيو ۽ هتي ڪئي عالمن، بزرگن، ۽ اوليائن جو درس گاهون ۽ درگاهون پڻ آباد ٿيون. جيئن ته ڄام نظام الدين جي دور ۾ ٺٽو شھر آباد ٿي چُڪو هو ۽ ارغونن ۽ ترخانن اچي اُن تي قبضو ڄمايو هئو ۽ اُنهن پنهنجا مقبرا به مڪليءَ تي ٺهرايا پر سندن مقبرا ٺٽي جي ويجهي حصي تي آهن. هاڻي جيڪو رستو ڪراچيءَ کان ٺٽي شهر وڃي ٿو اُن رستي تي مڪليءَ جي ٽڪريءَ تان گُذرندي ٺٽي جي طرف هيٺ لهڻ کان ٿورو پهريان کٻي پاسي کان ترخانن جا وڏا وڏا مقبرا نظر اچن ٿا ۽ ان هنڌ کان آثار قديمه وارن هڪ پڪو رستو به ٺهرايو آهي جيڪو مڪليءَ جي قبرستان جي هن کٻي پاسي واري حصي جي وچ کان گذري ٿو. اهو رستو ترخانن ۽ ارغونن جي مقبرن جي پاسي کان ٿيندي عبدالله شاهه اصحابيءَرحھ جي درگاهه جي ڀر سان ختم ٿئي ٿو ۽ پوءِ ڪچو رستو آهي جيڪو وڃي سمن ڄامن جي مقبرن تائين پهچي ٿو. هن رستي جي شروع ۾ هڪ وڏو دروازو ٺهرايو ويو آهي جنهن کان اندر هلندي هن رستي جي سڄي هٿ تي پهريون مقبرو مرزا جاني بيگ جو آهي. (2) طغرل بيگ جو مقبرو، (3) مرزا باقي بيگ (4) مرزا عيسيٰ خان ترخان (ثاني) جو مقبرو آهي ۽ هن رستي جي کٻي پاسي تي (5) مرزا شرف خان جو مقبرو آهي ۽ مرزا عيسيٰ خان ترخان (ثاني) جي مقبري جي دروازي سامهون سندس ”والد مرزا جان بابا جو مقبرو آهي. هي اُهي مقبرا آهن جيڪي اڃا تائين ثابت بيٺا آهن ۽ انهن کان سواءِ ڪيترا ئي مقبرا آهن جيڪي ٽُٽل ۽ زبون حال آهن پر اهي به پنهنجي طرز تعمير سان اُن وقت جي ڪاريگرن جي هنرمنديءَ جي ساک ڀرين ٿا. هنن سڀني مقبرن مان خوبصورتيءَ، ڪاريگريءَ ۽ دلڪشيءَ ۾ مرزا عيسيٰ خان ترخان ثانيءَ جو مقبرو منهنجي سمجهه مطابق پهرئين نمبر تي اچي ٿو.


    عيسيٰ خان ترخان (ثانيءَ) جو مقبرو

    هيءُ مقبرو ٻه ماڙ ٺهيل آهي ۽ ٻه ماڙ کان پوءِ هن تي هڪ وڏو گُنبذ ٺهيل آهي ۽ وڏي گُنبذ جي چوڌاري سڄي ڇت ننڍن ننڍن گُنبذن تي مُشتمل آهي. هيءُ سڄو مقبرو پٿر جو ٺهيل آهي. هن مقبري جون ڇتيون پٿر جي ٿنڀن تي پٿر جون وَنگون ۽ سڌا پٿر رکي جوڙيون ويون آهن. هن مقبري جي عمارت جي هر پٿر تي خوبصورت اُڪر جو ڪم ٿيل آهي ۽ نهايت نفاست سان دلڪش چٽ سالي ٿيل آهي. هن عمارت جي وڏي گُنبذ جي هيٺيان واري وڏي هال ۾ عيسيٰ خان ترخان ۽ ٻين جو وڏيون اوچيون پٿر جون قبرون ٺهيل آهن جن جي مُھاڙيءَ تي وڏا وڏا ڊگها ڪَتبا لڳل آهن جن تي سندن مُتعلق فارسيءَ ۾ لکيل آهي. هال جي چوطرف ورانڊو آهي. اهو سڄو ورانڊو خوبصورت ٿنڀن جي مٿان خوبصورت وَنگن سان جڙيل آهي. هيءُ مقبرو پٿر جي اڏاوت جو هڪ نادر نمُونو آهي ۽ پٿر جي ٺهيل هڪ محل جو ڏيک ڏيئي رهيو آهي. هيءُ مقبرو هر طرف ۽ هر ڪُنڊ کان خوبصورت ۽ دلڪش نظر اچي ٿو. هن مقبري جي ٻاهران به پٿر جي وڏي چوديواري آهي ۽ ان کي هڪ وڏو محرابي دروازو به آهي. هيءَ ديوار به انتهائي خوبصورت ۽ دلڪش آهي.
    مرزا عيسيٰ خان (ثاني) مرزا جان بابا جو پُٽ ۽ مرزا عيسيٰ خان ترخان (اول) جو پوٽو هئو. پنھنجي ڏاڏي جي مرڻ بعد هيءُ ڄائو ته هُن تي سندس ڏاڏي جو نالو رکيو ويو. مرزا عيسيٰ خان اول شاهه بيگ ارغون سان گڏ پنهنجي قبيلي جي وڏي جٿي سميت 927هه ۾ سنڌ ۾ داخل ٿيو ۽ ارغونن جي حڪومت دوران خاص امير رهيو. شاهه بيگ ارغون کان پوءِ شاهه حُسين ارغون سنڌ جو حاڪم ٿيو ۽ 962هه ۾ فوت ٿيو. شاهه حُسين ارغون کي اولاد نه هُئي جنهن ڪري سندس ٻن اميرن سنڌ کي ٻن حصن ۾ ورهايو. بکر جي قلعي کي اُتر سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ بڻائي اُتي سلطان محمود کوکل تاش حڪومت قائم ڪئي ۽ ٺٽي ۾ مرزا عيسيٰ ترخان اول حاڪم بڻجي ويهي رهيو.(1)
    974هه ۾ عيسيٰ ترخان (اول) فوت ٿيو ته سندس ٻيو نمبر پُٽ مرزا باقي بيگ هتي جو حاڪم بڻيو جيڪو تمام ظالم هو. هُن پنهنجي خاندان جا ست فرد قتل ڪرائي ڇڏيا ۽ مرزا جان بابا کي به قتل ڪرائي ڇڏيائين ته مرزا جان بابا جي گهر واري جيڪا ”سميجا“ قبيلي مان هُئي اُن پٽ مرزا عيسيٰ ٻئي سميت وڃي پنهنجن مائٽن (پيڪن) ۾ پناهه ورتي. هيءُ واقعو 978هه جو آهي ان ڪري مؤرخ عيسيٰ ترخان (ٻئي) جي ڄم جو سال 75-976هه لکن ٿا، جيڪو سندس ڏاڏي جي فوت ٿيڻ ۽ پيءَ جي قتل ٿيڻ جي وچ وارو وقت آهي. هن جي زندگيءَ جا پهريان سال ناناڻن ۾ گُذريا ۽ پوءِ جڏهن 983هه ۾ مرزا باقي بيگ پاڻ خودڪشي ڪئي ته سندس پٽ پائيندهه بيگ حاڪم ٿيو پر ذهين نه هُئڻ ڪري حڪومتي وهنوار سندس پُٽ مرزا جاني بيگ حوالي هئو ۽ مرزا جاني بيگ پنهنجي ڏاڏي مرزا باقي بيگ جي خُون کان بچي ويل سڀني عزيزن کي هٿ ڪري آڻي ٺٽي ۾ آباد ڪيو ۽ اُنهن کي حڪُومت ۾ عهدا به ڏنائين. اهڙيءَ طرح مرزا عيسيٰ ترخان (ٻئي) کي به 984هه ۾ واپس آڻي ٺٽي ۾ آباد ڪيو ويو.(2) مرزا جاني بيگ وارو دور مرزا عيسيٰ لاءِ تمام سُکيو دور رهيو. هن ئي دور ۾ هيءُ ننڍپڻ کي عبور ڪري جوانيءَ تي پهتو ۽ مرزا جاني بيگ پاران مليل سهولتن جا مزا ماڻيائين. مرزا جاني بيگ جو دور علائقي ۽ هنن جي پنهنجي خاندان لاءِ امن ۽ خوشيءَ جو دور رهيو. پوءِ 999هه ۾ خان خانا هندستاني مُغلن پاران شاهي لشڪر سان سنڌ تي ڪاهه ڪري آيو ۽ هڪ سال تائين چڪريون هلنديون رهيون. 1000هه ۾ مرزا جاني بيگ کي گرفتار ڪري اڪبر شهنشاهه وٽ پيش ڪيو ويو ۽ سنڌ سڌيءَ ريت مُغلن جي قبضي ۾ اچي ويئي پر دهليءَ جي شهنشاهه اڪبر پاران سنڌ جي هِن حصي کي جاگير جو درجو ڏئي مرزا جاني بيگ جي حاڪميءَ ۾ ئي ڏنو ويو. 1009هه ۾ مرزا جاني بيگ فوت ٿيو. هن جو مقبرو به هتي نهايت خوبصورت ڪاشيءَ جي سِرن سان ٺهيل آهي.
    مرزا جاني بيگ جي وفات کان پوءِ سندس پُٽ مرزا غازي بيگ حاڪم بڻيو ۽ هُن به شروع ۾ مرزا عيسيٰ سان سُٺي روش رکي پر اڳتي هلي رنجش پيدا ٿي ۽ مرزا عيسيٰ 1012هه ۾ سنڌ ڇڏي ۽ 1013هه ۾ هندستان جي شاهي درٻار ۾ وڃي مُغل شهنشاهه اڪبر وٽ پهتو. اڪبر بادشاهه هُن کي عزت ۽ عهدو به ڏنو ۽ پوءِ وري 1014هه ۾ اڪبر فوت ٿيو ۽ جهانگير شهنشاهه بڻيو. هُن به عيسيٰ ترخان کي ڪافي نوازيو ۽ کيس مُختلف عهدن تي مُقرر ڪندو رهيو ۽ هُن کي ترقي ملندي رهي. جهانگير جي وفات کان پوءِ 1037هه سندس پُٽ شاهجهان هندستان جو شهنشاهه مُقرر ٿيو ته هُن مرزا عيسيٰ کي سنڌ جو صوبيدار ڪري موڪليو ڇو ته هتي شريف الملڪ صوبيدار هئو (3) جنهن تي شاهه جهان ناراض هئو. هُن مرزا عيسيٰ کي حڪم ڪيو ته شريف الملڪ کي گرفتار ڪري سزا ڏني وڃي. مرزا لشڪر وٺي جڏهن ٺٽي پهتو ته شريف الملڪ هُن سان مقابلو ڪيو پر شاهي لشڪر کان هار کائي ويو ۽ کيس گرفتار ڪري شاهي درٻار موڪليو ويو. ان فتح جي ڪارنامي تي مرزا عيسيٰ کي هڪ لک روپيا انعام ڏنو ويو جڏهن ته کيس عهدي ۾ ترقي پڻ ملي پر اڍائي مهينن کان پوءِ مرزا کي هٽائي شير خواجا کي سنڌ جو صوبيدار مقرر ڪيو ويو ۽ مرزا کي ٻي ذميواري ڏني ويئي. مرزا هتي رهي پنهنجي والد مرزا جان بابا جي مقبري جي اڏاوت ڪرائي ۽ پوءِ پنهنجي مقبري جي ٺهرائڻ جو بندوبست به ڪيو. هي ٻئي مقبرا هن جي پنهنجي سوچ ۽ رٿابنديءَ تحت ٺهيا آهن ڇو ته هن جي هندستان جي گهڻن حصن ۾ مُقرري ٿي هُئي ۽ هُن اُتان جي طرز تعمير ڏٺي هُئي. مرزا عيسيٰ خان ٺٽي ۾ مُقرريءَ کان اڳ ۽ پوءِ گهڻو وقت گُجرات ۾ به مُقرر رهيو جتي هن هڪ قلعو ۽ ٻيون به تاريخي اڏاوتون ڪرايون. هُن کي فن تعمير جو شوق به هئو ۽ ڄاڻ به هُئي جنهن جو مثال سندس مقبري جي اڏاوت به آهي. هن 1062هه ۾ وفات ڪئي پر وفات کان اڳ ئي پاڻ رٽائر ٿيو هو ۽ سندس جاءِ تي سندس پُٽ مرزا محمد صالح کي مُقرر ڪيو ويو هو. سندس آخري وقت پنهنجي جاگير (سورٺ) راڌڻ پور ۾ گذريو ۽ آخر ۾ مُغل شهنشاهه کيس پاڻ ڏانهن گهُرايو ته اُن ڏانهن ويندي رستي ۾ وفات ڪيائين.(4)
    مرزا عيسيٰ خان لاءِ چيو وڃي ٿو ته هيءُ بهادر به هئو ته دانشمند به هئو ۽ فن تعمير سان شوق به هئس ۽ موسيقيءَ سان لڳاءُ به هئس. بھر حال سندس مقبرو مڪليءَ جي هِن قبرستان جي هڪ خوبصورت ترين عمارت آهي جنهن کي مون مٿي به هڪ محل ڄاڻايو آهي. هن جو نظارو دلڪش ۽ دلفريب آهي.
    سنڌ تي ترخان به ارغونن سان گڏ ڪاهه ڪري آيا هُئا ۽ سنڌ تي قبضو ڪيو هُئائون. اصل حملو ڪندڙ ارغون هُئا پر ترخان به اُنهن جي لشڪر ۾ موجُود هُئا. ارغونن ۽ ترخانن جو گڏيل اٽڪل 100 سالن تائين سنڌ تي قبضور هيو. ارغونن جي وقت ۾ مقامي عوام سان ظلم ۽ زيادتيون تمام گهڻيون ٿينديون رهيون ۽ ترخانن جي دور ۾ هتي جي عوام سان ظلم گهٽ ٿيو ڇو ته هُو پنهنجيءَ ڄُنڊا پٽ ۽ قتل غارت ۾ رُڌل رهيا. ترخانن سنڌين سان مٽيون مائٽيون به ڪيون پر 100 سالن ۾ به سنڌي ٿي نه سگهيا ۽ آخر ۾ به جڏهن مغلن هُنن جي هتان تڏا ويڙهه ڪرائي ته سنڌين کي ان جو ڪو به ڏک نه ٿيو ۽ انهن جي جنگين کان لاتعلق رهيا.

    حوالا:
    مڪلي نامون، صفحو 237
    مڪلي نامون، صفحو 245
    مڪلي نامون، صفحو 291
    مڪلي نامون، صفحو 223


    درگاهون

    مڪليءَ جي هن حصي تي لاتعداد مقبرا ۽ مزارون آهن. هتي شيخ جيئو، عيسيٰ لنگوٽيو، حماد جمالي ۽ ٻيا به ڪيترا ئي اولياءَ، بادشاهه، حاڪم، امير وزير، اديب ۽ شاعر دفن آهن. هتي شاهه پَريُن جو آستان به آهي جتي عورتن لاءِ زيارت گاهه هُئي. هن حصي ۾ سيد عبدالله شاههرحھ جي درگاهه به آهي جتي هر مهيني جي چنڊ جي پھرينءَ جُمعي رات تي وڏي تعداد ۾ عقيدتمند اچن ٿا ۽ هر مهيني ميلي جو منظر نظر اچي ٿو ۽ پُوري رات محفل سماع ٿئي ٿي.
    ڪراچيءَ کان ويندڙ رستي جي سڄي هٿ تي به قبرستان ڦهليل آهي. هن حصي ۾ به ڪٿي ڪٿي سيدن، پيرن ۽ مخدومن جون مزارون ۽ مقبرا آهن جن ۾ خاص ڪري مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ، مخدوم ابوالقاسم نقشبنديءَ، پير عاليءَ، محمد يوسف بکريءَ ۽ عبدالرحيم گرهوڙي صاحب جون مزارون مشھُور آهن. رستي جي ساڄيءَ ڀر سان هندو ڌرم جو هڪ قديم مندر به آهي.


    ماتا شنگهه ڀواني مندر

    جڏهن ڪراچيءَ کان ويندڙ رستو مڪليءَ جي ٽڪريءَ تان هيٺ ٺٽي شهر ڏي لهي ٿو ته بلڪُل اُن هنڌ مندر آهي. هيءُ مندر هندو ڌرم جو وڏو ۽ قديمي مندر آهي. هن مندر جو اصل نالو ”ماتا شنگهه ڀواني مندر“ آهي. ماتا شنگهه ڀواني ڪالي ديويءَ ۽ ڪالي ماتا جي نالي سان به مشھُور آهي. هِن مندر ۾ ماتا شنگهه ڀوانيءَ جي قُدرتي مُورتي آهي جنهن ڪري هيءُ مندر قديمي دور کان هندو ڌرم جو هڪ اهم زيارت گاهه آهي. هتي پري پري کان زيارتي اچن ٿا. هن مندر جي هڪ ٻي به خاص اهميت آهي ته هنگلاج وڃڻ وارا ياتري هِن مندر تي پهچي پوءِ هتان پنهنجي ڌرمي ياترائن لاءِ پنهنجو سفر شروع ڪن ٿا. سڄي برِ صغير خاص ڪري رِڻ ڪڇ ۽ راجستان کان هنگلاج لاءِ وڃڻ وارا هن مندر تي پهچندا آهن. هِتي قُدرتي مُورتيءَ کان سواءِ ماتا ڪالڪا ديوي (جنهن کي عام طور ڪالي ماتا به چيو وڃي ٿو) ۽ هندو ڌرم جي ٻين اهم اوتارن جون مُورتيون به رکيل آهن ۽ هيءُ مندر ڪالڪا جي مندر طور به مشهور آهي. هن مندر جي ڀر سان هڪ غار به آهي جنهن لاءِ مُختلف وقتن جون مُختلف ڏند ڪَٿائون موجُود آهن. غار لاءِ چيو وڃي ٿو ته شاهه عبداللطيف ڀٽائيرحه هن غار ۾ اندر داخل ٿيو ۽ سڌو وڃي هنگلاج نڪتو. اهڙيءَ طرح جون ڏند ڪٿائون ڀٽائي صاحب کان اڳ جي هندو سامين ۽ ساڌوئن لاءِ به مشھُور آهن.
    مڪليءَ جي هِن حصي تي مندر کان پوءِ شهري آبادي آهي. ضلعي ٺٽي جون اهم سرڪاري آفيسون پڻ هتي قائم آهن ۽ هتي هڪ نئون شهر آباد آهي.


    ڪلان ڪوٽ

    هيءُ ڪوٽ مڪليءَ جي ٽڪريءَ تي ڪراچيءَ کان ويندي سڄي هٿ واري پاسي تي مڪليءَ جي شهر کان ٻاهرئين باءِ پاس کان 5 ڪلو ميٽر ڏکڻ طرف آهي. باءِ پاس کان ور غُلام الله شھر ڏانهن ويندڙ رستي جي کٻي هٿ واري پاسي تي آهي. پڪي روڊ کان اٽڪل هڪ ڪلو ميٽر جي مفاصلي تي هڪ اوچي ٽڪريءَ تي ڪلان ڪوٽ جا آثار موجود آهن جيڪي ور غُلام الله واري روڊ تان ئي نظر اچن ٿا. هن وقت ور غُلام الله واري روڊ جي ڪلان ڪوٽ واري پاسي تي هڪ وڏو ضلعي جيل پڻ ٺهيو آهي جنهن جي پٿرن جي اُوچي ديوار آهي. هن ديوار کان پوءِ هڪ ڪچو رستو آهي جنھن تي اٽڪل هڪ ڪلو ميٽر هلڻ کان پوءِ ڪلان ڪوٽ ۾ داخل ٿي سگهجي ٿو.
    هن وقت ڪلان ڪوٽ جي ڪا به ديوار يا ڪو به برج سلامت نه آهي. هاڻي هتي چوڌاري ڊٿل ديوار جي سرن جو ڍير نظر اچي ٿو ۽ ڪنهن ڪنهن هنڌ اهو سرن ۽ مٽيءَ جو وڏو ڍير ڏسي سمجهي سگهجي ٿو ته هتي ديوار سان گڏ برج به هوندو. اسان ڪوٽ اندر اولهه ڏکڻ ديوار کان داخل ٿي ڪچي رستي تي گاڏي هلائيندا رهياسين ۽ هڪ هنڌ گاڏي بيهاري پوءِ ڪوٽ جي اندر پنڌ گهمڻ لڳاسين. ڪوٽ جي اوڀارينءَ ديوار جي دَڙن تي هلندي هلندي اسان کي هڪ برج جي ڪُجهه اڏاوت نظر آئي. اُتان اسين ديوار کان پرئين پاسي لهي برج جي مختصر وجود کي ڏسي ڏاڍو خوش ٿياسين. مون چيو ته ڪجهه ته نظر آيو. هن برج جي ديوار جي اڏاوت جي بُنياد ۾ اڻ گهڙيو پٿر ڏسڻ ۾ اچي ٿو ۽ ان کان مٿي پڪين سرن جي اڏاوت آهي. هن ديوار کان هيٺ پرئين پاسي ساوَڪ ئي ساوڪ نظر اچي ٿي. ڪوٽ تمام مٿانهينءَ تي آهي ۽ اُتان هيٺ تمام خوبصورت واديءَ جو منظر نظر اچي ٿو.
    هن ڪوٽ جي اندر هن وقت نمايان نظر ايندڙ صرف مسجد جا کنڊر آهن جيڪي اولاهينءَ ديوار جي وچ واري حصي جي ڀر سان آهن. هيءَ چورس مسجد آهي. هِن جي ڇت ڪِريل آهي ۽ ديوارون موجُود آهن پر انهن جو به مٿيون حصو ڊٿل آهي. هن مسجد ۾ داخل ٿيڻ لاءِ وڏو محرابي دروازو آهي ۽ مسجد جي اندر اولهه واريءَ ديوار ۾ پيش امام لاءِ خوبصورت محراب ۽ ممبر پٿر جا ٺهيل آهن باقي مسجد جون سڀئي ديوارون پڪين سِرن جون ٺهيل آهن ۽ اندر ڪجهه ڪاشيءَ جون سرون به لڳل نظر اچن ٿيون. مسجد جي اُتر ۽ ڏکڻ وارين ديوارن ۾ به هڪ هڪ محرابي دروازو آهي جيڪي ڪجهه ڊٿل نظر اچن ٿا. هي کنڊر ٻُڌائين ٿا ته مسجد تمام خوبصورت هُئي. قلعي اندر هيءَ مسجد ترخانن جي دور ۾ ٺهي.(1) هن مسجد کان ٻاهر پاڻيءَ جو هڪ ننڍو حوض به ٺهيل آهي جيڪو يقينن وضوءَ لاءِ استعمال ٿيندو هوندو پر ان جي ڀر سان پاڻيءَ جو هڪ ٻيو وڏو تلاءُ ٺهيل آهي جيڪو هِن وقت ٽُٽل حالت ۾ موجُود آهي. اهڙي قسم جا ٻه ٻيا تلاءَ پڻ ڪوٽ جي مُختلف حصن ۾ نظر آيا.
    مسجد کان ٻاهر اچي اسان ڪوٽ جي اولاهينءَ ديوار جي دڙن تي آياسين. هِن پاسي کان ٻاهر هڪ وڏي ڍنڍ آهي. ڪوٽ جي مٿانھينءَ کان هيٺ ڍنڍ جي پاڻيءَ جو نظارو اڄ به تمام دلڪش نظر اچي ٿو. هن ڍنڍ کي اکور ڍنڍ جي نالي سان سڏيو ويندو هو.(2) اسان ڪُجهه دير اُتي ويهي رهياسين ۽ هن خوبصورت نظاري مان لُطف اندوز ٿيندا رهياسين. هِن ديوار جي دڙن تان لهي ڪوٽ اندر اچي وري اُتر واريءَ ديوار ڏانهن روانا ٿياسين. هن پاسي ڪُجهه نيون اڏاوتون هيون جيڪي يقينن انهن قبضا خورن جو جڙيل هيون جن ڪُجهه سال اڳ اچي هن تاريخي ماڳ تي قبضو ڪيو هو ۽ هِن قومي ورثي کي نقصان به پهچايو هُئائون. اسان پيادل هلندي هلندي اچي ڪوٽ جي اُتر اوڀر واريءَ ڪُنڊ تي پهتاسين. ديوار جي دڙي کي پار ڪري ڪوٽ کان ٻاهر آياسين ته اسان کي ڪوٽ جي ٻن برجن جا مضبوط بُنياد نظر آيا. ڪوٽ کان ٻاهر به پڪيون سرون وِکريون پيون هيون. هِن پاسي بُرجن جي وچ واريءَ ديوار جا بُنياد به موجود آهن جن کي ڏسي چئي سگهجي ٿو ته اسان هن ڪوٽ جي زبون حال ديوار جو ڪُجهه ٽڪرو به ڏٺوسين. هتان به ڪوٽ کان ٻاهر جو نظارو تمام خوبصورت آهي. اولهندي ديوار پاسي واري ڍنڍ اُتر پاسي کان هلندي اچي هن اُتر ۽ اوڀر واريءَ ڪُنڊ تي ختم ٿئي ٿي. هِن ڪُنڊ کان هيٺ ڍنڍ ۽ ان سان گڏ سر سبز زمينون خوبصورت منظر پيش ڪري رهيون آهن. هيءُ منظر به ڏاڍو دلڪش ۽ دلفريب محسوس ٿيو. مون کي هن ڪوٽ جي تعريف ۾ مير علي شير قانع جي ڪتاب ”مڪلي ناما“ ۾ لکيل خوبصورت تشبيھُون ۽ منظر ڪشي ياد اچي ويئي. مير صاحب هن ڪوٽ لاءِ لکي ٿو ”هيٺانهينءَ کان ڪوٽ جا بُرج ڏسجن ٿا ته اُهي آسمان سان ڳالهيون ڪندي نظر اچن ٿا ۽ ڪوٽ جي ديوارن ۽ بُرجن تان ڪوٽ جي ٻاهران ڍنڍ جو دلڪش نظارو ساوا ساوا باغات جنت جو منظر نظر اچي ٿو.“
    مير صاحب هيءَ منظر ڪشي شام جي ٿڌڙي هير لڳندي ۽ چانڊوڪين راتين جو ذڪر ڪندي ڪئي آهي جيڪا مون کي 100 في صد صحيح لڳي ٿي. مير صاحب تاريخ فيروز شاهيءَ جي حوالي سان لکيو آهي ”دهليءَ جي شهنشاهه فيروز سنڌ تي ڪاهه ڪئي ته ڪلان ڪوٽ کي ڏسي ۽ اُن کي فتح ڪرڻ مشڪل سمجهي واپس هليو ويو. اُن وقت شهنشاهه فيروز جي لشڪر ۾ نوي هزار (90000) سوار، چار سئو اسي (480) هاٿي، پنج هزار (5000) ٻيڙيون ۽ لکين پيادا شامل هُئا ۽ هن ڪلان ڪوٽ جي اندر سنڌ جي فوج جا ويهه هزار (2000) سُوار ۽ چار لک پيادا سپاهه موجُود هُئا. ڪوٽ جي مضبوطيءَ ۽ اُن ۾ سپاهه جي گنجائش کان سواءِ حاڪمن (ڄامن) ۽ ٻين حڪومتي ڪارندن جون رهائش گاهون به ڪوٽ جي اندر هيون.“(3)
    اهي سڀ حوالا ثابت ڪن ٿا ته ڪلان ڪوٽ تمام مضبوط ۽ وسيع ڪوٽ هو. هن وقت به تحقيق ڪندڙ ايراضيءَ جي لحاظ کان رني ڪوٽ کان پوءِ ٻيو نمبر سنڌ جو وڏو ڪوٽ هن کي قرار ڏين ٿا. هن ڪوٽ جي برجن جو تعداد 58 ليکيو وڃي ٿو جيڪي هاڻي ته نظر نه ٿا اچن پر برجن جو اهو تعداد ڪوٽ جي مضبوطيءَ جو واضح مثال آهي. ٻيو ته هن ڪوٽ کي اُتر کان وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ وڌيڪ برج ۽ ٻي دفاعي ديوار به ڏنل هُئي. ان کان سواءِ ڪوٽ جي ٻاهران جنهن پاسي کان ڍنڍ نه هُئي اُن پاسي کان ڪوٽ جي حفاظت لاءِ کاهيون کوٽيل هيون. اهي سڀ حفاظتي قدم ثابت ڪن ٿا ته هيءُ ڪوٽ تمام قديم هئڻ سان گڏو گڏ انتهائي حڪمت عمليءَ سان پڻ ٺاهيو ويو هو جيڪو سنڌ جي تاريخي اڏاوت جو هڪ عظيم شاهڪار ۽ مثالي ڪوٽ هئو.
    راجا ڏاهر جي وقت ۾ ديبل جو ڪوٽ سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ هئو پر ڪلان ڪوٽ راجا ڏاهر جي حڪُومت کان اڳ جو تعمير ٿيل آهي. هن ڪوٽ جي اڏاوت تمام پُراڻي آهي ۽ ٻه ڀيرا ڊهي وڃڻ کان پوءِ هِن کي وري ٺاهيو ويو. (4)ديبل جي اُجڙڻ کان پوءِ سمن جي دور ۾ سمان ننگر/ سموئي / ٺٽو سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ بڻيا ۽ سنڌ تي ڪلهوڙن جي دور تائين ٺٽو ئي سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ رهيو ۽ ڪلان ڪوٽ ۾ ٺٽي جي هر حاڪم هر ڏُکئي دور ۾ پناهه ورتي هُئي. اوائلي دور کان پوءِ سمن ڄامن، ارغونن، ترخانن ۽ مُغلن جي دورن تائين هيءُ ڪوٽ مُختلف نالن سان سڏيو ويو. هن کي ڪڏهن ڪلان ڪوٽ ۽ ڪڏهن ڪلياڻ ڪوٽ چيو ويو ته ڪن وري هِن کي تُغرل آباد ۽ تُغلق آباد به نالو ڏنو. راجا ڏاهر واري دور کان اڳ جي ٺهيل هن ڪوٽ کي ڊهي وڃڻ کان پوءِ وري سمن پنهنجي دور ۾ ٺهرايو ۽ ترخانن به هن ڪوٽ جي مرمت ڪرائي ۽ مغلن جي دور کان پوءِ هيءُ زبون ٿيندو ويو ۽ اڄ مٽيءَ ۽ سِرن جي ڍير جي شڪل ۾ موجُود آهي. ڪُجهه سال اڳ قبضا گيرن هن تاريخي ماڳ تي به وڃي قبضو ڪيو ۽ پوءِ ڪوٽ اُنهن کان خالي ڪرايو ويو پر اهي قبضا گير جيترو وقت به اُتي ويٺا ته اُنهن هن تاريخي ماڳ کي تمام گهڻو نُقصان ڏنو. ڪوٽ جون پڪيون سرون پٽي پنهنجا گهر پيا ٺاهين، ٻيو ته ڪوٽ اندر پوليس ٽريننگ لاءِ فائرنگ رينج به ٺاهي ويئي آهي جنهن لاءِ ڪوٽ جي هڪ پاسي ديوار جي دڙن کي وڌيڪ مٽي چاڙهي اُوچو ڪيو ويو آهي.
    هن دور ۾ جنهن ۾ تاريخي ماڳن جي بچاءَ لاءِ ڌار وزارتون آهن اُن جي هوندي به اسان جي تاريخي ماڳن جو اهو حال آهي ته انهن جي ديوارن جي صفائي ڪرائي انهن کي ظاهر ڪرڻ بدران بلدوزرن سان انهن مٿان مٽي چاڙهي چست پڪي ڪرڻ جو ڪم ورتو وڃي ٿو.
    انهن اهم تاريخي ماڳن کان سواءِ به مڪلي ٽڪريءَ تي ڪئي تاريخي نشانيون وکريون پيون آهن. هتي سنڌ جي 600 سالن جي تاريخ دفن آهي. ان تي تحقيق ٿيڻ گهُرجي ۽ ان کي اُجاڳر ڪرڻ جي ضرورت آهي.

    (روزانه عوامي آواز سنڊي ميگزين ۾ قسطوار 1 مارچ کان 7 اپريل 2013ع)

    حوالا:
    مڪلي نامون، صفحو 686
    مڪلي نامون، صفحو 685
    مڪلي نامون، صفحو 35
    سنڌ جا ڪوٽ ۽ قلعا، صفحو 188


    صوفي شاهه عنايت شھيد

    سنڌ ڌرتي صوفي درويشن ۽ روحاني رهبرن جي درگاهن سان ڀري پئي آهي. صوفي درويشن پنهنجي پنهنجي وقت ۾ تصوف جي فلسفي کي روشناس ڪرايو آهي. هنن تصوف جي نظريي موجب حق ۽ انصاف لاءِ آواز پئي اُٿاريو آهي. مذهبي ڪٽرپڻي ۽ فرقيواريت کان پاسو ڪرڻ ۽ انساني برابريءَ جو ڏس ڏيندي امن، ڀائيچاري ۽ آجپي لاءِ جدوجهد ڪئي اٿن.
    تاريخ ۾ سنڌ جي صُوفين جي سرتاج صُوفي شاهه عنايت شهيد جو اهم ڪردار آهي، جنهن سنڌ ۽ هند جي صوفين کي گڏ ڪري هاري ۽ پورهيت کي حق ڏيارڻ لاءِ ”جو کيڙي سو کائي“ جي نظام واري فلسفي جو بُنياد وڌو. هُن جي ئي فلسفي جي بُنياد تي يورپ جي ڏاهن ”سوشلسٽ“ نظام جو بُنياد رکيو.
    شهيد شاهه عنايت هڪ اهم انقلابي اڳواڻ هئو، جنهن پورهيت ۽ هاريءَ جي زمين تي مالڪيءَ جي حق، خوشحاليءَ ۽ برابريءَ جي نظريي کي عام ڪرڻ ۽ اُن تي عمل ڪرائڻ جي ڏوهه ۾ اُن وقت جي هندستان جي مغل شهنشاهه ۽ اُن جي ڏن ڀرُو سنڌ جي ڪلهوڙن حُڪمرانن جي هٿان شهادت ماڻي. سنڌ جي هن سورمي جي پيدائش 1065هه بمُطابق 1655ع ۾ مُلتان ۾ ٿي. مُلتان اُن وقت سنڌ جو حصو هئو. صوفي شاهه عنايت کي سنڌ جي تاريخ ۾ لانگاهه لکيو ويو آهي ۽ سندس نسبت جو سلسلو مخدوم صدرالدين کان شروع ڪيو وڃي ٿو ۽ ٻيو خيال هي به آهي ته شاهه عنايت جو شُجرو حضرت امام حُسينرضھ جي پٽ حسن مثنى کان شروع ٿئي ٿو ۽ اُن جي شُجري کي اُچ شريف جا جيلاني پاڻ ڏانهن منسوب ڪن ٿا.(1)
    صوفي شاهه عنايت دهليءَ ۾ رهي تعليم پرائي. اُن وقت اورنگزيب مُغل هندستان جو شهنشاهه هو. دهلي هندستان جي گاديءَ جو هنڌ هُئي ان ڪري شاهه عنايت تعليم سان گڏو گڏ حڪومتي حڪمت عملين ۽ مُلڪي حالتن جو مُطالعو به ڪيو. خاص طور تي مرڪز پاران سنڌ جي لُٽ مار ۽ پنهنجي حاڪميت جو ڌاڪو ڄمائڻ لاءِ سنڌ جي عوام سان ظلم ۽ ڏاڍ جي پروڙ ڪري اُن وقت مُغل سلطنت جي ايندڙ زوال کي پرکيندي پنهنجي اُستاد محترم سيد عبدالملڪ کان سنڌ وطن وڃڻ جي اجازت گھُريائين. سندس اُستاد کيس خوش دليءَ سان اجازت ڏني ۽ کيس صوفياڻي خلعت سان گڏ هڪ تلوار به ڏني ۽ چيائين تون منهنجو هڪ ذهين شاگرد آهين ۽ تنهنجي اندر مظلوم ۽ مسڪين انسانن لاءِ ڪُجهه ڪرڻ جي لوچ آهي. ان کي ڏسندي تو کي هيءَ تلوار ڏئي رهيو آهيان.
    صُوفي صاحب جڏهن سنڌ ڏانهن سفر شروع ڪيو ته ڪافي تعداد ۾ سندس مريدن گڏ هلڻ لاءِ چيو پر پاڻ وڏي ميڙ کان پاسو ڪندي 500 فقيرن کي ساڻ وٺي سنڌ پهتو ۽ سنڌ جي مختلف علائقن مان گذرندي ۽ تصوف جي پرچار ڪندي سنڌ جي اُن وقت جي گاديءَ واري شهر ٺٽي ۾ اچي رهائش اختيار ڪيائين. صوفي شاهه عنايت وٽ سنڌ ۽ هند جي مختلف علائقن مان ماڻهو ايندا رهيا ۽ سندس پوئلڳ بڻجندا رهيا. ائين صوفي ازم جو پيغام سڄيءَ سنڌ ۾ ڦهلجي ويو. ٺٽي ۾ شاهه لطيف به شاهه عنايت سان ملاقاتون ڪيون.
    اُن وقت سنڌ جون حالتون تمام خراب هيون. مرڪزي ۽ صوبائي حاڪمن ۽ سندن ڇاڙتن جي عوام سان انتهائي بدسلوڪي، ڏاڍ ۽ ڦر لٽ وارو دؤر هلي رهيو هيو. ان ڪري صوفي ازم جي پرچار، برابريءَ ۽ ڀائيچاري جي درس سنڌ جي ڏُکايل ۽ بُکايل عوام ۾ هڪ نئين اُميد پيدا ڪئي. هونءَ به جڏهن ۽ جتي به ظلم ۽ ڏاڍ وڌي ويندو آهي ته اُن علائقي يا مُلڪ جا ماڻهو مجبُور ٿي ظلم خلاف آواز اُٿاريندا آهن ۽ پاڻ کي آزاد ڪرائڻ لاءِ ميدان تي نڪري ايندا آهن. ان سوچ کي سمجھندي صوفي شاهه عنايت ٺٽي کان ٻاهر نڪري تڏهوڪي ميران پور ۽ هاڻوڪي جھوڪ شريف ۾ اچي پنهنجي فقيرن سميت اچي رهائش اختيار ڪئي. اُتي ”جو کيڙي سو کائي“ جي نظام کي عملي جامو پهرائڻ لاءِ زمين گڏجي آباد ڪئي ۽ اُن جي آمدني سڀني ۾ برابر ورهائڻ جو بنياد رکيو ويو. ان نظام جو ٻُڌي پري پري کان هاري پورهيت جھوڪ شريف اچڻ لڳا ۽ هِن پرڳڻي تي آزاديءَ ۽ خوشحاليءَ جو خواب ساڀيان ٿيڻ لڳو. سنڌ جي حُڪمرانن ۽ مُغل شهنشاهه جي اسحتصالي قوتن ان انساني برابريءَ واري نظام جي مُخالفت ڪندي ان کي ختم ڪرڻ جا سانباها شروع ڪيا.
    هيءُ اهو دؤر هئو جڏهن هڪ طرف ته سنڌ جي هن علائقي ۾ ڏُڪار پيل هو ته ٻئي پاسي حڪمرانن جي ظلم ۽ ڏاڍ جي به انتها هُئي. عام ماڻهن کي کائڻ لاءِ ڪُجهه به ڪو نه هئو ۽ دانهن ٻُڌڻ وارو به ڪو نه هئو. بربريت واري اهڙي دور ۾ شاهه عنايت جو فلسفو ۽ اُن تي عمل ڪرڻ جي واکاڻ سڄيءَ سنڌ ۾ ٿي وئي ۽ جھوڪ ”ميران پور“ ۾ بُکن ۽ ڏُکن جا ستايل ماڻهو ايندا رهيا ۽ ” جو کيڙي سو کائي“ واري نظام مان فيضياب ٿيندا رهيا. هِن نظام هيٺ سڀني کي برابريءَ جي بُنياد تي عزت به ملي رهي هُئي ته مال به برابريءَ جي بُنياد تي ملي رهيو هو. ان ڪري فطري طور هنن ۾ آزاديءَ ۽ خوشحاليءَ جو احساس ٿيڻ لڳو ۽ صوفي فقير وقت جي حُڪمرانن کان پاڻ کي آزاد سمجھن پيا، جيڪا ڳالهه حڪومت جي ڪارندن کان برداشت نه پئي ٿي ۽ هُنن گورنر لُطف عليءَ کي صوفين کي سيکت ڏيڻ لاءِ اُڪسايو. پوءِ پير واسع، حمل جت ۽ نور محمد پليجي جي اڳواڻيءَ ۾ وڏي تعداد ۾ لشڪر اچي هڪ رات جي اونداهيءَ ۾ سارو ڏينهن پورهيو ڪري سُتل صوفي فقيرن تي حملو ڪري ڏنو. صوفين کي وهم گُمان به نه هو ته ائين اوچتي سَوَن جي تعداد ۾ هٿياربند مٿن حملو ڪندا. ان ڪري هُنن بي هٿيار ۽ سُتل ماڻهن تي ڄڻ قيامت ڪڙڪي پئي. ڪُجهه ئي دير ۾ ”ميران پور“ جي ماڻهن جي مال متاع جي لٽ مار سان گڏو گڏ 30 کان 35 ماڻهن کي قتل به ڪيو ويو. هِن حملي تي صوفي فقيرن ۾ وڏو تاءُ پيدا ٿيو پر شاهه عنايت پنهنجي عقل ۽ فهم جي بُنياد تي اها ڳالهه سمجهي ٿي ته دُشمن اسان کي اشتعال ڏياري اسان جي طاقت ۽ تنظيم جو اندازو ڪرڻ لاءِ هيءُ حملو ڪيو آهي. سو هُن فقيرن کي ٿڌو ڪيو ۽ فيصلو ڪري صوفين جو هڪ وفد سنڌ جي گورنر کي هن راتاهي ۾ قتل ٿيل ۽ ڦر لٽ جي دانهن ڏيڻ لاءِ موڪليو پر گورنر لُطف عليءَ وفد جي ڳالهين کي ٻُڌو اڻ ٻُڌو ڪري کين باغي ۽ شرارتي چيو ۽ حڪومت خلاف انتشار ۽ ڏڦيڙ پيدا ڪرڻ وارين ڪاررواين کي بند ڪرڻ جي تنبيھه ڪندي کين واپس موڪلي ڇڏيائين.
    گورنر جي هن اُبتي انصاف جي دانهن دهليءَ جي شهنشاهه کي پُڄائڻ لاءِ صُوفي شاهه عنايت هڪ وفد ٺاهي دهليءَ ڏانهن اُماڻيو ۽ دهليءَ ۾ پنهنجي دوستن ڏانهن خط به لکي ڏنو ته سنڌ ۾ صوفين سان ٿيل ظلم بابت هن وفد سان گڏ وڃي شهنشاهه کي آگاهه ڪن. هُنن ائين ئي ڪيو ۽ شاهه عنايت جي دوستن جو دهليءَ جي شهر ۾ خاص اثر هئو جنهن ڪري هي دهليءَ جي درٻار ۾ پهتا جتي هُنن مُغل شهنشاهه فرخ سير کي دانهن پهچائي. هن عمل جو مُغل شهنشاهه فرخ سير تي وڏو اثر پيو ۽ هُن سنڌ جي گورنر کي لکيو ته پير واسع، حمل جت ۽ نور محمد پليجي وارن جي زمين جا ڪُجهه ٽُڪرا مقتولن جي وارثن کي خون بها طور ڏنا وڃن ۽ زمينن تان ڍَل به نه ورتي وڃي. هيءُ حُڪم نامو جڏهن سنڌ جي گورنر وٽ پهتو ته اها ڳالهه هُن کي ۽ هُن جي درٻاري وڏيرن کي پنهنجي بي عزتي محسوس ٿي پر شهنشاهه جو حڪم هئو ان تي کين عمل ڪرڻو پيو.
    انهيءَ عرصي دوران سڄيءَ سنڌ مان صوفين جي حوصلي افزائيءَ لاءِ ماڻهو جھوڪ اچڻ لڳا ۽ پنهنجي جاني ۽ مالي قربانيءَ لاءِ پاڻ کي صوفي شاهه عنايت سامهون پيش ڪندا رهيا. نتيجي ۾ صُوفين جي تحريڪ وڌيڪ طاقتور ٿي وئي. پير ۽ وڏيرا پاڻ کي ڪمزور ٿيندو ڏِسي سنڌ جي حاڪم يار محمد ڪلهوڙي کي وڃي دانهين ٿيا ته صوفي حڪومت جي اندر پنهنجي حڪومت ٺاهيون ويٺا آهن ۽ اها اوهان جي حڪُومت خلاف سازش آهي. ان کي ڪچليو وڃي. يار محمد ڪلهوڙي کين تسلي ڏئي اها ڳالهه مُغل شهنشاهه تائين پهچائي ۽ سنڌ جو گورنر به تبديل ٿيو ۽ نئون گورنر نواب اعظم خان 1128هه ۾ مُقرر ٿيو. نواب اعظم خان يار محمد ڪلهوڙي جو دوست هئڻ سان گڏ شهنشاهه فرخ سير جو به خاص ماڻهو هئو ۽ هي سڀ صوفين جا مُخالف هُئا ۽ اُنهن کي ختم ڪرڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ شروع ڪيائون ۽ جنگ جي تياري ٿي وئي. توپن ۽ ٻئي ڳري جنگي سامان تي ٻڌل ميرن، پيرن، جاگيردارن ۽ مُغلن جو تمام وڏو لشڪر سپهه سالار گورنر نواب اعظم خان، ميان يار محمد ڪلهوڙي ۽ مير شهداد خان ٽالپر جي اڳواڻيءَ ۾ صوفين کي ڪُچلڻ لاءِ اُسهيو. هنن 1129هه بمُطابق 1717ع ۾ ذوالقعد جي مهيني ۾ جھوڪ ميران پور جو گھيرو ڪيو. ميران پور جي صوفين شهر جي ٻاهران هڪ وڏي کاهي کوٽي ڇڏي، جنهن ڪري لشڪر هڪ دم شهر ۾ داخل ٿي نه سگھيو. هيءَ جنگ تاريخ 18هين ذوالقعد 1129هه بمُطابق 13هين آڪٽوبر 1717ع کان شروع ٿي ۽ ٽي مهينا جاري رهي(2) جنهن ۾ هڪ طرف وڏو ۽ تربيت يافته لشڪر ۽ ٻئي طرف عام هٿيارن سان سنڌ جا صوفي فقير هُئا تنهن ڪري شاهه عنايت پنهنجي فقيرن کي رات جو مُغل فوج تي ڇاپا هڻڻ جي حڪمت عملي ڏني جنهن ۾ شاهي فوج جو تمام گھڻو نُقصان ٿيندو رهيو. هڪ رات صوفي فقيرن شاهي لشڪر تي راتاهو هنيو. يار محمد ڪلهوڙي ۽ گورنر نواب اعظم جي خيمن تائين وڃي پهتا، جنهن ڪري شاهي سالارن کي پاڻ دوبدو وڙهڻو پئجي ويو ۽ پنهنجي جان بچايائون. هن وڏي لشڪر تي پنهنجي سرسي ڏسندي هڪ صوفي فقير جوش ۾ اچي نعرا هنيا ۽ هنن نعرن هڻڻ ڪري هو ظاهر ٿي پيا ۽ شاهي لشڪر کين گھيري ۾ آڻي ڇڏيو ۽ پوءِ صوفي فقيرن جو به وڏو نقصان ٿيو.
    شاهي فوج جنهن جو اڳ ۾ تمام وڏو نقصان ٿي چُڪو هو تنهن ڪري شاهي فوج جي اڳواڻن هڪ سازش تيار ڪئي ته صُوفي شاهه عنايت کي پاڻ وٽ گھُرائجي ۽ پوءِ جھوڪ تي ڀرپُور حملو ڪري شهر تي قبضو ڪجي. اِن سازش هيٺ مير شهداد خان ويهن پنجويهن سپاهين کي اڇا جھنڊا کڻائي ۽ پاڻ قرآن شريف هٿن تي کڻي اچي شهر ٻاهران کوٽيل کاهيءَ تي پهتو ۽ وڏي واڪي امن ۽ صُلح جا سڏ ڏيڻ لڳو. هن عمل تي صوفي شاهه عنايت پاڻ وٽ ويٺل صوفي فقيرن سان صلاح ڪئي ته صُلح لاءِ ڳالهيون ڪجن يا نه؟ ٻنهي راين کان پوءِ صُلح جي حق ۾ فيصلو ڪيائون ۽ صُلح لاءِ ايندڙ وفد کي پاڻ وٽ گھُرايائون. مير شهداد خان ۽ سندس ساٿي جڏهن شاهه عنايت وٽ پهتا ته مير شهداد خان کي قُرآن پاڪ هٿن تي هيو ۽ شاهه عنايت آڏو نيازمنديءَ سان عرض ڪيائين ته گورنر اعظم خان بيمار آهي ۽ ميان يار محمد ڪلهوڙي جو پُٽ دائود خان به سخت زخمي آهي جنهن ڪري اُهي هتي اچي نه ٿا سگھن. اوهان مهرباني ڪري گورنر اعظم خان جي خيمي تائين هلو. هِن جنگ ۾ خلقِ خُدا مارجي رهي آهي. اوهان هلي هِن جنگ کي هميشه لاءِ ختم ڪريو. صوفي شاهه عنايت قرآن شريف ۽ سندس ڳالهه تي اعتبار ڪندي هلي ڳالهيون ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. صفر مهيني جي 9 تاريخ 1130هه ۽ پھرين جنوري 1718ع هُئي جڏهن صوفي شاهه عنايت پنهنجي ننڍي ڀاءُ رحمت الله، سندس پُٽ ميان محمد يوسف، قاسم پنهور، سبوءَ پنهور ۽ ٻين 10 ساٿين جو وفد وٺي صُلح لاءِ روانو ٿيو،(3) جنهن تي سڀني صوفي فقيرن گڏ هلڻ لاءِ عرض ڪيو پر جيئن ته هي صوفين جي سپريم ڪائونسل جو فيصلو هئو، ان ڪري ٻين ساٿين کي سختيءَ سان منع ڪيو ويو.
    صوفي شاهه عنايت جو وفد گورنر نواب اعظم خان جي خيمي وٽ پهتو ته هٿياربند سپاهين جي دستي هنن هٿين خالي مهمانن کي اچي هٿڪڙيون وڌيون ۽ صوفي شاهه عنايت کي قيد تنها ۾ رکيو ويو ۽ سندس ڀاءُ ۽ ڀائٽئي کي الڳ قيد ڪري باقي قاسم پنهور ۽ سبوءَ پنهور سميت 12 صوفين کي شهيد ڪيو ويو. هيءَ ماجرا جڏهن صوفين تائين پهتي ته هُنن پروڙي ورتو ته هاڻي دُشمن جلد ميران پور تي حملو ڪندا، جنهن کي مُنھن ڏيڻ لاءِ صوفي شاهه عنايت جي فرزند عزيز الله شاهه جي اڳواڻيءَ ۾ صوفين جي اعلى ڪائونسل جي گڏجاڻي گھُرائي وئي. هيءَ گڏجاڻي ٻي جنوريءَ تي شام 5 وڳي کان شروع ٿي ٽين جنوري صُبح تائين هلندي رهي، جنهن ۾ صوفي فلسفي، عزت، آزاديءَ، ننگن ۽ دَنگن جي حفاظت لاءِ آخري دم تائين وڙهڻ جي حڪمت عملي تيار ڪئي وئي.
    هوڏانهن ٻي جنوريءَ تي صُوفي شاهه عنايت کي گورنر اعظم خان آڏو پيش ڪيو ويو، جتي ٻيا حاڪم به موجود هُئا. اُتي شاهه عنايت کان گورنر نواب اعظم خان ڪئي سوال ڪيا، جن جا صُوفي صاحب وڏيءَ ڏاهپ ۽ بهادريءَ سان جواب ڏنا. هنن سوالن ۽ جوابن جو هڪ وڏو سلسلو آهي جيڪو هتي سڄو ته نه ٿو ڏئي سگھجي پر انهن مان روايت ڪيل ڪُجهه خاص سوال جواب هي هُئا.
    نواب اعظم خان: آخر تو اها شورش ڇو برپا ڪئي؟
    شاهه عنايت: جنهن ڏينهن خُدا تعاليٰ آسمان کي گردش جو حُڪم ڏنو ۽ ستارن جي جهرمٽ سان ان کي سينگاريو اُنهيءَ ڏينهن خُدا منهنجي نصيب ۾ ائين ئي لکي ڇڏيو. ان ۾ منهنجو ڪهڙو ڏوهه آهي؟
    ان جواب تي گورنر جي واقعي نويس ۽ شاعر محمد رضا شاهه چيو ته دوست سُجاڳ ٿي بيھه! هيءَ موت جي جڳهه آهي! بيھُودو لفظ نه ڳالهاءِ! هتي حساب ڏيڻ جي جاءِ آهي!
    شاهه عنايت: مُنھنجو نيڪ ناميءَ واري گهٽيءَ مان گُذر نه ٿيو آهي! جيڪڏهن تو کي ڳالهه نه ٿي وڻي ته قضا جو قانون بدلائي ڇڏ!
    نواب اعظم خان: ٺيڪ آهي ته پوءِ مُصيبت لاءِ تيار ٿي وڃ! تون پاڻ کي بدنام ڪري مُصيبت جي تير جو ڇو ٿو نشانو بڻجين؟
    شاهه عنايت: عاشق جو ڪهڙو وس جو ملامت جو بار کڻي؟ موت جي تير کان بچاءَ جي ڍال ڪنهن به بهادر وٽ نه آهي!
    يار محمد ڪلهوڙو: پوءِ تيار ٿيءُ مرڻ لاءِ!
    اُن کان پوءِ صوفي شاهه عنايت کي جيل ۾ بند ڪيو ويو ۽ اُتي وڃي ڪڏهن گورنر اعظم خان ۽ ڪڏهن يار محمد ڪلهوڙو ساڻس مُلاقات ڪري کيس ڏهڪاءَ ۽ ڊپ ڏيندا هُئا. لوڀ ۽ لالچ ڏئي کيس حق ۽ سچ جي راهه تان هتائڻ جي ڪوشش پڻ ڪندا رهيا. هڪ ڀيري گورنر اعظم صُوفي شاهه عنايت کي چيو تنهنجا ساٿي روز جنگ ۾ مري رهيا آهن. اُنهن کي چئو ته هٿيار ڦِٽا ڪن جنهن تي شاهه عنايت وراڻيو مان هڪ قيدي آهيان، هو آزاد آهن، هو آزاد رهي پنهنجي نفعي نُقصان کي سمجهي صحيح فيصلو ڪري سگهن ٿا. اهڙن جوابن کان پوءِ شاهه عنايت کي شهيد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
    15هين صفر 1130هه بمُطابق 8 جنوري 1718ع تي حُڪمرانن جي خيمن جي چوڪسي وڌائي وئي ۽ هڪ ميدان به صاف ڪرايو ويو جتي صوفي شاهه عنايت کي اڃا به ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ۽ سندس سامهون سندس ڀاءُ ۽ ڀائٽئي کي قتل ڪرڻ جو حُڪم ڏنو ويو ۽ صوفي شاهه عنايت کي پنهنجي نظريي تان هٿ کڻڻ لاءِ چيو ويو پر شاهه عنايت پنهنجي ڀاءُ ۽ ڀائٽئي کي چيو ته ڪُسڻ کان نه ڊڄو، مقتل ۾ ڪمزور ۽ هيڻا نه پر حق ۽ سچ جا عاشق سر ڏيندا آهن، جنهن کان پوءِ جلادن ٻنهي پيءُ ۽ پُٽ کي شهيد ڪري ڇڏيو(4) جنهن لاءِ شاهه لطيف چيو آهي:
    دوست ڪُھائي دادلا، مُحب مارائي
    خاص خليلن کي سختيون سهائي
    الله صمد بي نياز، جا ڪري سا چاهي
    انهين منجهه آهي، ڪا اونهي ڳالهه اسرار جي.
    (شاهه لطيف)
     ان کان پوءِ صوفين جي سرتاج گيڙو ويس واري انسانيت جي برابريءَ جو درس ڏيڻ واري جديد صوفي نظريي جي باني ”جو کيڙي سو کائي“ جي نظام جي خالق، آزاديءَ جي علمبردار صوفي شاهه عنايت کي مقتل جي اَڏيءَ تي آندو ويو ته هن حق سچ جي علمبردار انساني برابريءَ واري نظام لاءِ پنهنجو ڪنڌ اڏيءَ تي آڻڻ کان پهريان جلاد جي هٿ ۾ پنهنجي اُستاد کان مليل تلوار ڏٺي ۽ جلاد کي پنهنجي پاران ڪُجهه سڪا ڏئي چيو ته هيءَ تنهنجي مزدوري آهي. تون مون کي هستيءَ جي قيد مان آزاد ڪرائين ٿو، الله تو کي ان خير جو بدلو ڏيندو ۽ پوءِ سندس اُستاد کان تحفي ۾ مليل تلوار جيڪا کيس گرفتار ڪرڻ مهل ضبط ڪئي وئي هُئي اُنهيءَ ئي تلوار سان هِن مُحبِ وطن، قوم پرست، نئين سماجي نظام جي پيڙهه رکندڙ، انسانيت، آزاديءَ، مساوات ۽ تصوف جي مُدرس سنڌ جي سورهيه کي قسم ۽ قرآن جا واسطا ڏيئي ڌوڪي سان پاڻ وٽ گهرائي شهيد ڪيو ويو ۽ سندس سِر هندستان جي شهنشاهه فرخ سير جي درٻار ۾ موڪليو ويو.
    شاهه عنايت جي شهادت جي خبر جھوڪ ميران پور پهچائي وئي ۽ صوفين کي هٿيار ڦٽا ڪرڻ لاءِ چيو ويو پر صوفي فقيرن شاهه عنايت کان سواءِ جيئڻ فضول ٿي سمجھيو ۽ هو فدائين جيان دُشمن جي لشڪر تي ڪڙڪي پيا. ان صورتحال کي ڏسي شاهي لشڪر هڪ وڏو حملو ڪري ڏنو. شهر جي قلعي کي توبن سان مُسمار ڪيو ويو، شهر کي باهه ڏني وئي، صوفين جا مڪتب ۽ لائبريريون ساڙيون ويون. سڀ صوفي فقير وڙهندي وڙهندي شهيد ٿي ويا. شاهي لشڪر صُوفين جي شهر کي تاراج ڪرڻ ٻئي ڏينهن تائين جاري رکيو ۽ هيءُ سڄو شهر کنڊرن ۽ رَک ۾ مَٽجي ويو. هيءَ جنگ جيڪا 4 مهينا جاري رهي اُن ۾ اٽڪل پنجويھه هزار (25000) صوفي فقير شهيد ٿيا جن کي اجتماعي قبرون کوٽي انهن ۾ دفن ڪيو ويو. اِنهن اجتماعي قبرن کي هاڻي ”گنج شھيدان“ سڏيو وڃي ٿو جيڪي شهيد شاهه عنايت جي مقبري ڀر سان موجُود آهن.(5)
    حق ۽ سچ جا سفير سنڌ جا هي سڀئي صوفي فقير وڙهندي وڙهندي سر گهوري سورهيه ٿيا. هيءَ جنگ صرف هن علائقي يا سنڌ جي حاڪميت لاءِ نه هُئي بلڪِه هيءَ جنگ پُوري برِ صغير ۽ اُن کان پوءِ پُوري دُنيا جي سامراجي قوتن خلاف جنگ هُئي. جيڪڏهن هِن جنگ ۾ صوفي شاهه عنايت جا صوفي فقير سوڀارا ٿين ها ته سنڌ ۾ هارين کي زمين تي مالڪيءَ جو حق ملي وڃي ها ۽ اهو انقلاب ۽ نعرو دُنيا جي ڪُنڊ ڪڙڇ تائين ڦهلجي وڃي ها ۽ دُنيا ۾ رائج اڻ برابريءَ کي ختم ڪري معاشي خوشحاليءَ جو سبب بڻجي ها.
    هر سال اڄ به 17هين صفر تي صوفي شاهه عنايت جو ميلو ”جھوڪ شريف“ ۾ لڳندو آهي جنهن ۾ هند ۽ سنڌ جا صوفي سندس ڏنل درس کي صوفياڻي راڳ ذريعي ڦهلائڻ جي روايت کي جاري رکيو اچن پيا پر عام ماڻهن کي خبر نه آهي ته صوفي شاهه عنايت معصوم ۽ مظلوم ماڻهن کي آزادي، خوشحالي، عزت ۽ برابري ڏيارڻ لاءِ هڪ مُنظم انقلابي جدوجهد ڪئي، حق ۽ انصاف لاءِ جنگ ڪري صوفياڻي فلسفي ۾ ”مجاهدو“ ڪرڻ جو نئون دڳ ڏنو.
    سنڌ جي هن سورهيه جي فڪر، فلسفي، جدوجهد ۽ ساٿين سميت شهادت جھڙي قرباني ڏيڻ واري جذبي کي روشناس ڪرائڻ جي ضرورت آهي ته جيئن عام ماڻهن کي خبر پوي ته صوفي شاهه عنايت سنڌ جي تاريخ جو اهم ڪردار آهي، جنهن روحانيت سان گڏ حق ۽ انصاف لاءِ هڪ وڏي تحريڪ هلائي. برابريءَ ۽ جمهوريت کي عملي جامو پارائڻ واري هن انقلابي اڳواڻ کي ڪيئن ڌوڪي سان شهيد ڪري ظالماڻي ۽ جاگيرداراڻي نظام جي مخالف تحريڪ کي ڪُچليو ويو؟ صوفي شاهه عنايت جي انقلابي پاسي کي ڄاڻي واڻي اونداهيءَ ۾ رکيو ويو آهي ڇو ته اڄ به سنڌ سامراجيت جي چڪيءَ ۾ پيسجي رهي آهي ۽ غريب عوام اڄ به حق ۽ انصاف لاءِ پُڪاري رهيو آهي. اڄ به سنڌ کي مهانگائيءَ ۽ بيروزگاريءَ جي گھاڻي ۾ پيڙهيو وڃي ٿو. ضروري آهي ته صوفي شاهه عنايت جي فلسفي، عمل ۽ ڪردار تي سيمينار ڪرايا وڃن ته جيئن سندس تحريڪ ۽ قربانيءَ جو مقصد به عوام اڳيان آڻي سگھجي ۽ مذهبي ڪٽرپڻي ۽ رجعت پسنديءَ جي آيل طوفان کي به روڪي سگھجي.

    (روزانه برسات 2 فيبروري 2010ع)

    حوالا:
    ڪتاب صوفي شاهه عنايت شهيد، صفحو 14، ليکڪ صوفي حضور بخش
    ڪتاب صوفي شاهه عنايت شهيد، صفحو 139
    ڪتاب صوفي شاهه عنايت شهيد، صفحو 160
    ڪتاب صوفي شاهه عنايت شهيد، صفحو 169، 170
    ڪتاب صوفي شاهه عنايت شهيد، صفحو 175


    دولھه دريا خان

    سنڌ ڌرتيءَ هميشه جوڌن، جوانن، بهادرن ۽ سرويچن کي جنم ڏنو آهي جن ۾ ڪيئي اهڙا نالا آهن جيڪي تاريخي ڪردار بڻجي ويا آهن. سنڌ جي جن تاريخي ڪردارن انتهائي جُرئت ۽ بهادريءَ سان سنڌ وطن جي حفاظت ڪندي پنهنجي جان جو نذرانو ڏيئي ڌرتيءَ جي سينڌ سنواري آهي اُنهن شهيدن کي سنڌ جي سورمن جي نالي سان ياد ڪيو وڃي ٿو. دولھه دريا خان به سنڌ جي انهن سورمن مان هڪ سورمو ۽ سنڌ جي تاريخ جو هڪ اهم ڪردار آهي جيڪو سنڌ جي ”سمان“ خاندان جي حُڪمرانيءَ جي دؤر ۾ ڄام نظام الدين جو وزيراعظم ۽ سپهه سالار هئو. دولهه دريا خان جو اصل نالو قبُوليو هئو ۽ سُلطان نظام الدين جي هڪ وزير ”لکمير“ جو ملازم هئو.
    چيو وڃي ٿو ته هڪ ڀيري سُلطان ڄام نندو پنهنجي وزير لک مير کي ساڻ ڪري شڪار ڪرڻ لاءِ نڪتو ته رستي تي پاڻي طلب ڪيائين ته خاص مُلازم پري هُئڻ سبب قبولي ڄام صاحب لاءِ پاڻي آندو جنهن ۾ ڪَک پيل هُئا. ڄام صاحب پاران انهيءَ جو سبب پُڇڻ تي چيائين ته سائين جن کي اُڃ تمام گهڻي لڳي هُئي ۽ جلديءَ ۾ پاڻي پيئڻ سبب اوهان جي طبيعت خراب ٿي پئي سگھي، ان ڪري پاڻيءَ ۾ ڪک وڌم ته جيئن اوهان آهستي آهستي پاڻي پيئو. ڄام صاحب مردم شناس سُلطان هئو ۽ ڇوڪري جي ڏاهپ ڏِسي کيس پاڻ وٽ مُلازم رکيائين. هيءُ ڇوڪرو ڄام نندي جي ويجھڙائپ ۾ تعليم ۽ تربيت حاصل ڪري ترقيءَ جون منزلون طئه ڪندي سپهه سالار ۽ وزيراعظم جي عهدي تي فائز ٿيو ۽ کيس سندس ايمانداريءَ، ڏاهپ، وطن پرستيءَ ۽ وفاداريءَ عيوض دولهه دريا خان، نواب مُبارڪ خان ۽ نواب خان اعظم جي لقبن سان نوازيو ويو. ڄام نظام الدين جو ”فرزند خاص“ به سڏيو ويندو هُئس.
    سُلطان ڄام نظام الدين عرف ڄام ”نندي“ 866هه بمُطابق 1446ع ۾ سنڌ جي حڪُومت سنڀالي.(1) هُن جي دؤر ۾ موجودهه سنڌ کان علاوه بهاول پور، سبي، مڪران ۽ ڪڇ وارا علائقا به سنڌ ملڪ جو حصو هُئا. پُوري ملڪ کي پرڳڻن ۽ جاگيرن ۾ ورهائي ۽ اُنهن جي حد بندي ڪري اُنهن تي آباد اڪثريتي قبيلن مان نواب مُقرر ڪيا ويا هُئا، جيڪي پنهنجي پنھنجي علائقي جو ڪاروهنوار هلائڻ لاءِ خودمختيار هُوندا هُئا. مطلب ته پُوري مُلڪ تي سنڌي قوم جو ئي راڄ هئو، جنهن ڪري امن امان قائم هئو ۽ پُوري سنڌ خوشحال هُئي. ڄام نظام الدين جي دؤر ۾ سنڌ جي تهذيب، تمدن، علم ۽ هُنر کي به ترقي ملي. ڄام صاحب سمان ننگر ڇڏي سمان ننگر کان 3 ميلن جي فاصلي تي ٺٽو شهر آباد ڪرايو، جنهن ۾ وڏا مدرسا ۽ ڪارخانا ٺهرايائين جنهن ڪري صنعت ۽ واپار کي به هٿي ملي ۽ سنڌ وڌيڪ خوشحال ٿي. ان کان سواءِ ڄام نظام الدين دولهه درياهه خان جي مشاورت سان سنڌ جي زراعت کي ترقي وٺرائڻ لاءِ 6 عدد ننڍا ۽ وڏا واهه کوٽائي آبپاشيءَ جي نظام جو بُنياد وڌو. هِن دؤر کي سنڌ جي مُڪمل آزاديءَ ۽ خوشحاليءَ جو سونهري دؤر ليکيو وڃي ٿو.
    دولھه دريا خان جي اڳواڻيءَ ۾ سنڌ جو فوجي نظام به منظم ۽ مضبُوط هئو، جنهن ڪري اندروني بدامنين ۽ ٻاهرين حملن کي منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويندو هئو. 890هه بمُطابق 1485ع ۾ شاهه بيگ ارغون قنڌار کان اچي سبيءَ تي حملو ڪيو.(2) نتيجي ۾ سُلطان ڄام نظام الدين پاران مُقرر ڪيل اُتان جو امير بهادر خان ارغونن هٿان مارجي ويو ۽ شاهه بيگ ارغون پنهنجي ننڍي ڀاءُ سُلطان محمد مرزا ارغون کي حاڪم مُقرر ڪري واپس قنڌار هليو ويو. ڄام نظام الدين سبيءَ جو علائقو واپس حاصل ڪرڻ لاءِ دولھه دريا خان جي اڳواڻيءَ ۾ هڪ شاهي لشڪر مُقابلي لاءِ موڪليو. دولھه دريا خان ارغونن سان جنگ ڪري سبيءَ تي ٻيهر قبضو حاصل ڪري ورتو. ان جنگ ۾ سُلطان محمد مرزا ارغون مارجي ويو ۽ سندس باقي بچيل لشڪر واپس قنڌار ڀڄي ويو. ڄام نظام الدين جي دؤر ۾ وري ڪڏهن به ارغونن سنڌ جو رُخ نه ڪيو. ارغونن کان هيءَ فتح دولهه دريا خان جي هڪ وڏي ڪاميابي هُئي ڇو ته اُن دؤر ۾ ارغون، مُغل ۽ منگول فوجن جي هند ۽ سنڌ ۾ وڏي هاڪ ويٺل هُئي ڇو ته هنن فوجن افغانستان، ايران ۽ عراق ۾ خون جون نديون وهائي ۽ انساني کوپڙين جا مُنارا ٺاهي پنهنجي ظلم ۽ بربريت جو ڌاڪو ويهاري رکيو هئو. اهڙي ڏاڍ ۽ ڏهڪاءَ جي ڪري ارغون، مُغل ۽ منگول جنهن به علائقي تي حملو ڪندا هُئا اُتان جا رهواسي حملي کان اڳ ئي هُنن جو نالو ٻُڌي پنهنجو علائقو خالي ڪري ويندا هُئا. اهڙن ڌاڪي وارن سان مُنھن مقابل ٿيڻ ۽ جنگ ۾ فتح حاصل ڪرڻ ڪا معمولي ڳالهه نه هُئي جنهن ڪري دولهه دريا خان جي عام توڙي خاص ۾ وڏي ساراهه ٿي ۽ سنڌ جو عوام ۽ امير سندس وڏي عزت ڪرڻ لڳا. سُلطان ڄام نظام الدين پاران کيس جاگير به ملي جيڪا موجُودهه ضلعي دادوءَ ۾ ٽلٽيءَ جي ڀر سان هُئي. دولهه دريا خان پنهنجي پُٽن کي هتي رهايو ۽ پاڻ به ايندو رهندو هئو، باقي گهڻو وقت حڪُومتي امُور هلائڻ لاءِ ٺٽي ۾ گُذاريدو هئو يا ننڍين وڏين بغاوتن کي مُنھن ڏيڻ لاءِ سرحدي پرڳڻن تي ويندو هئو.
    ڄام نظام الدين 914هه بمُطابق 1508ع تي وفات ڪئي(3) ۽ آخري وقت ۾ دولهه دريا خان کي پنهنجي پُٽ ڄام فيروز جي پارت ڪيائين. ڄام فيروز سنڌ جي تخت تي ويٺو ۽ سنڌ جي بدقسمتيءَ جو دؤر شروع ٿيو. پهريان ته ڄام فيروز سان سندس ئي خاندان جي ڄام صلاح الدين اختلاف ڪيو ته حڪُومت منهنجو حق آهي ۽ تخت تي قبضو ڪيائين پر دولهه دريا خان ڄام فيروز جي مدد ڪئي ۽ کيس ٻيهر تخت تي ويهاريو ويو ۽ ڄام صلاح الدين گُجرات طرف هليو ويو.
    عام راءِ اِها آهي ته ڄام فيروز ناتجربيڪار ۽ خوش آمد پسند ماڻهو هو ۽ حُڪمراني ملڻ سان هُن پنهنجون عياشون وڌائي ڇڏيون هيُون. هُن جي آس پاس خوش آمد ڪندڙ رهڻ لڳا ۽ سندس گھڻو وقت ناچ، گانن ۽ مسخرن جي محفلن ۾ گُذرڻ لڳو جنهن ڪري حڪومتي امُورن تان سندس ڌيان گھٽجندو ويو ۽ شاهي خاندان جي ٻين ماڻهن جا خرچ وڌي ويا ۽ درٻاري ماڻهن به فضُول خرچيون ڪرڻ شروع ڪيون جنهن ڪري دولهه دريا کي ڪجهه سختي ڪرڻي پئي، جيڪا ڄام فيروز کي ناگوار گُذري. دولهه درياهه خان ڄام فيروز سان ڇڪتاڻ وڌائڻ کان پاسو ڪندي وزارتِ اعظميٰ ۽ سپھه سالاريءَ کان استعيفا ڏئي اچي پنهنجي جاگير تي رهڻ لڳو، جنهن ڪري ڄام فيروز وڌيڪ ڇُڙواڳ ٿي ويو ڇو ته مٿانئُنس نظرداري ڪرڻ وارو ڪو به ڪو نه رهيو. ڄام فيروز پنهنجي خوش آمدڙين جي چوَڻ تي ارغونن ۽ مُغلن کي مُلازمت ڏني ۽ اُنهن کي رهڻ لاءِ ٺٽي ۾ هڪ الڳ پاڙو ٺهرائي ڏنائين، جنهن کي مُغل پاڙو سڏيو ويندو هئو. ارغونن ۽ مُغلن اندرئين خاني ڄام فيروز جي ڪمزورين ۽ دولهه دريا خان جي ٺٽي کي ڇڏي وڃڻ جي خبر شاهه بيگ ارغون کي پهچائي جنهن حملو ڪري اچي سڀ کان پهريان سبي فتح ڪئي جتي سندس ڀاءُ مارجي ويو هئو جنهن جو هُن کي وڏو ساڙ ۽ غُصو هئو. هُو اُتي پنهنجي حڪُومت قائم ڪري وري قنڌار موٽي ويو ۽ بار بار اچي سنڌ جي علائقن مان ڦُر لٽ ڪري واپس هليو پئي ويو. اِن صورتحال کان ڄام فيروز لاتعلق بڻيو ويٺو رهيو. انهيءَ صورتحال کي ڏسي نواب دولهه درياهه خان 923هه بمُطابق 1517ع ۾ سبيءَ تي ڪاهه ڪري ويو پر اُتي شاهه بيگ ارغون موجُود نه هئو جنهن ڪري دولهه دريا خان جو مُقابلو ابو محمد مرزا سان ٿيو جيڪو جنگ ۾ مارجي ويو ۽ دولهه دريا خان لشڪر سميت واپس موٽي آيو ۽ ڄام فيروز کي چيائين سنڌ جي گڏيل فوج ساڻ ڪري هلي ارغونن سان مقابلو ڪجي پر ڄام فيروز ان تي راضي نه ٿيو ۽ نواب دولهه دريا خان موٽي اچي پنهنجي جاگير ۾ رهڻ لڳو جنهن بعد شاهه بيگ ارغون سنڌ تي حملا ڪندي پهريان سکر ۽ پوءِ سيوهڻ فتح ڪيو ته دولهه دريا خان وري ڄام فيروز وٽ لنگهي ويو ۽ چيائينس هاڻي ته شاهه بيگ ارغون ٺٽي تي ڪاهه ڪري اچي رهيو آهي. اُن سان مُقابلي لاءِ گڏيل ۽ مُتحد فوج جي ضرورت آهي. کيس سنڌ جي سرحدن کان تڙي ٻاهر ڪڍيو وڃي پر ڄام فيروز خان دولهه دريا خان جي ڳالهه ٻُڌي اڻ ٻُڌي ڪري ڇڏي ۽ نيٺ 926هه بمُطابق 1519ع تي شاهه بيگ ارغون سنڌ جي گاديءَ واري شهر ٺٽي جي ٻاهران اچي منزل ڪئي. ٺٽي شهر ۾ ڄام فيروز جا صرف مائٽ ۽ خوش آمدي هُئا، جيڪي جنگ لاءِ تيار نه هُئا ۽ ڄام صلاح الدين جا مائٽ ۽ دوست جيڪي ڄام فيروز جا مُخالف هُئا اُهي به جنگ ڪرڻ لاءِ تيار نه هُئا.
    دولهه دريا خان لاءِ هڪ رستو هيءُ هو ته ٻين وانگر ارغونن سان ٺاهه ڪري ويهي رهي يا سنڌ ڌرتيءَ جي آزاديءَ ۽ ناموس لاءِ ارغونن سان مُقابلو ڪري. دولھه دريا خان هِن ڌرتيءَ جو نمڪ حَلال فرزند هئو ۽ وطن سان وفا نڀائيندي ڄام فيروز کي ٺٽي شهر ۾ ئي ڇڏي پنهنجي پُٽن ۽ پنھنجي لشڪر سميت وڃي ارغونن کي للڪاريائين. ٽن پهرن تائين وڙهندو رهيو ۽ شهيد ٿيڻ تائين ارغونن سان مُقابلو ڪندو رهيو ۽ رَت جي آخري ڦُڙي تائين کين سنڌ جي گاديءَ واري شهر ٺٽي ۾ پير پائڻ نه ڏنائين ۽ پنهنجي ٽن پُٽن ۽ ساٿين سُوڌو شهيد ٿي ويو.
    دولھه دريا خان جي شھادت کان پوءِ ارغونن جو قابض لشڪر ٺٽي شهر ۾ داخل ٿيو ته ڄام فيروز شهر ڇڏي ڀڄي ويو ۽ ارغونن 10 ڏينهن تائين شهر کي لُٽيو ۽ ڦُريو هو. هتي جي علم، ادب ۽ تاريخ جي ڪُتب خانن کي ساڙيو ويو ۽ پوءِ سنڌ جا حاڪم ٿي ويهي رهيا. ٿوري ئي مُدي اندر ڄام فيروز واپس اچي ارغُونن کان معافي ورتي ۽ زمين جو هڪ محدود ٽُڪرو وٺي ويهي رهيو.
    دولھه دريا خان جي مزار مڪليءَ جي قبرستان ۾ آهي جنهن جي چوديواريءَ جو بُنياد پاڻ پنهنجي زندگيءَ ۾ ئي پنهنجي بادشاهه سلطان نظام الدين جي مقبري جي ٿوري مفاصلي تي رکيو هُئائين، جنهن کي سندس شھادت بعد سندس پُٽ ۽ ساٿين مڪمل ڪرايو. نواب دولھه دريا خان جي پڳدار مزار ۽ ننڍي قلعي نُما چوديواري ڏسڻ سان ئي اهو احساس اُڀري ٿو ته ڪو وڏو دلير سپهه سالار سُتو پيو آهي. سندس آخري آرام گاهه سندس شايان شان آهي جيڪا پٿر جي چٽ سالي ۽ اُڪر جي هُنرن ۽ فن جو هڪ شاهڪار آهي. سنڌ جي هِن حَلالي پُٽ پنهنجي پُوري زندگي سنڌ جي آزاديءَ ۽ خوشحاليءَ لاءِ پتوڙيندي گُذاري. سندس شھادت کان پوءِ به ڪيترا ئي سال سندس جاگير جا ماڻهو، باغبان پرڳڻي ۽ چانڊڪا پرڳڻي جا ماڻهو جن دولهه دريا خان جي اڳواڻيءَ ۽ صحبت ۾ ارغونن سان مُقابلا ڪيا هُئا سي ارغونن، مُغلن ۽ ترخانن سان گوريلا ويڙهه وڙهندا رهيا ۽ پنهنجي وطن پرستيءَ جو احساس ڏياريندا رهيا.
    سنڌ جا عالم ۽ مورخ ان ڳالهه تي مُتفق نظر اچن ٿا ته ڄام نظام الدين جو دؤر سنڌ جي خوشحاليءَ جو اهڙو دؤر هئو جنهن جو ڪو مثال نه ٿو ملي. هِن دور ۾ سنڌ فوجي لحاظ کان به مضبُوط ۽ مُنظم هُئي ته سياسي، سماجي ۽ اقتصادي طور به پنهنجو مَٽ پاڻ هُئي. هِن ئي دؤر ۾ علم، هُنر، صنعت، زراعت ۽ آبپاشيءَ لاءِ جيڪي سُڌارا آندا ويا اُنهن ۾ دولھه دريا خان جو به وڏو عمل دخل نظر اچي ٿو. دولھه دريا خان جي بهادريءَ، ڏاهپ ۽ وطن پرستيءَ جو سنڌ جي تاريخ ۾ هڪ مثالي باب آهي ۽ دولھه دريا خان سنڌ جو مثالي هيرو ۽ سُورمو ليکيو وڃي ٿو.

    (روزانه مقدمو 18 آڪٽوبر 2009ع)

    حوالا:
    ڪتاب جنت السنڌ، صفحو 301
    مڪلي نامون، صفحو 178
    مڪلي نامون، صفحو 97


    سچل سرمست

    سنڌ سونهاريءَ لاءِ مشهور آهي ته هن پنهنجي مٽيءَ مان وقت به وقت مرد مجاهد، سورهيه، انساني آزاديءَ جا علمبردار، حق ۽ سچ جا عالم ۽ شاعر، صوفي ۽ بزرگ پيدا ڪيا آهن، جن حق ۽ سچ جو درس ڏيڻ سان گڏوگڏ مظلوم ماروئڙن جي عزت ۽ آجپي لاءِ به پاڻ پتوڙيو آهي. سنڌ صوفي بزرگن جي سرزمين آهي، اها حقيقت آهي ليڪن هڪ ٻي حقيقت به ان سان جڙيل آهي جنهن کي عالم آشڪار ڪرڻ جي ضرورت آهي. اها حقيقت هيءَ آهي ته سنڌ جي صوفي بزرگن پنهنجي درس يا شاعريءَ ذريعي وحدت الوجود، هيڪڙائيءَ ۽ انسان دوستيءَ جي پرچار سان گڏوگڏ قومي يڪجهتيءَ جي تعليم پڻ ڏني آهي ۽ پنهنجي پنهنجي وقت جي عامرن، جابرن ۽ سامراجين جي رستي روڪ ڪئي آهي ۽ عوام جي شعور کي بيدار ڪيو آهي. سنڌ جا صوفي بزرگ پنهنجي پنهنجي وقت جا انقلابي اڳواڻ پڻ رهيا آهن. جنهن حقيقت کي هميشه پردي ۾ رکي صرف سندن مذهبي حيثيت کي ئي ظاهر رکيو ويو آهي، درحقيقت سنڌ جي صوفي بزرگن هن ڌرتيءَ تي ڏاڍ، ظلم ۽ سامراجيت خلاف انساني برابري، ڀائيچاري ۽ ذهني آزاديءَ لاءِ ”تصوف“ جي تحريڪ هلائي آهي جنهن جي موٽ ۾ کين ان وقت جي حڪمرانن جا ظلم به سهڻا پيا آهن ۽ اهم انقلابي اڳواڻن کي شهيد به ڪيو ويو آهي. جيئن شاهه حسن ارغون پاران مخدوم بلاول تي ڪافر هئڻ جا ڪوڙا الزام هڻي گهاڻي ۾ پيڙايو ويو. ليڪن صوفي تحريڪ ختم نه ٿي سگهي ۽ وري شهيد شاهه عنايت جي اڳواڻيءَ ۾ تصوف جي تحريڪ طاقتور ٿي اڀري ته کيس قرآن پاڪ جو واسطو ڏئي امن جي ڳالهين لاءِ گهرائي ان وقت جي ڪوڙن ۽ دوکيباز حڪمرانن شهيد ڪرايو جنهن ڪري تحريڪ ماٺي ٿي. ليڪن شاهه لطيفؒ، سچل سرمستؒ ۽ ساميءَ پنهنجي شاعريءَ ذريعي تصوف جي پيغام کي اڳتي وڌايو ۽ صوفيت جو سفر سنڌ ۾ اڄ به جاري آهي. سنڌ جي صوفي بزرگن ۾ سچل سرمستؒ جو اهم مقام آهي. سچل سرمستؒ شاهه عبداللطيف ڀٽائيؒ کان پوءِ سنڌ جو ٻيو نمبر وڏو شاعر ليکيو وڃي ٿو.
    سچل سرمستؒ جو 1739ع ۾ جنم ٿيو ۽ پاڻ 1829ع ۾ وفات ڪيائون. سچل سرمستؒ جو اصل نالو عبدالوهاب هئو ۽ سندن والد صاحب جو نالو صلاح الدين ۽ ڏاڏي جو نالو صاحب ڏنو هو جيڪو پاڻ هڪ بزرگ ۽ شاعر هئو. سندن شجرو نسب حضرت عمر فاروق ﷛ سان ٻڌايو وڃي ٿو. جنهن ڪري کين فاروقي به سڏيو وڃي ٿو.
    سچل سرمستؒ عشق ۽ محبت جو شهنشاهه، انساني آزاديءَ جو علمبردار، امن ۽ اتحاد جو پيامبر ۽ وحدت الوجود جو درس ڏيندڙ 7 زبانن جو شاعر ۽ صوفي بزرگ هئو، جنهن شاعريءَ ۽ موسيقيءَ ذريعي حسن، عشق، وحدت، ڪثرت، حقيقت، معرفت ۽ انساني عظمت جي پيغام کي عام ڪيو.
    سچلؒ سائين هڪ ڪامل عارف هئو تنهن ڪري وحدت ۽ عرفات جي اعليٰ منزل تي پهچي سرمد ۽ منصور جيان ”اناالحق“ جو نعرو بلند ڪندو رهيو. جنهن ڪري کيس ”منصور ثاني“ به سڏيو وڃي ٿو.
    جنهن دل پيتا عشق دا جام،
    سا دل مستو مست مدام،
    حق موجود سدا موجود.
    سچل سرمستؒ جنهن وقت ۾ پيدا ٿيو ته ان وقت سنڌ تي ڪلهوڙن جي حڪمراني هئي. هنن جي ئي دؤر ۾ جهوڪ ۾ صوفي شاهه عنايت ۽ سندس پوئلڳن کي شهيد ڪرايو ويو هئو ۽ جهوڪ جي درسگاهن ۽ ڪتب خانن کي ساڙي تباهه ڪيو ويو هئو. جنهن بعد سچل سرمستؒ واري دؤر ۾ ان وقت جي حڪمران غلام شاهه ڪلهوڙي 1759ع ۾ هڪ فرمان جاري ڪيو جنهن موجب مذهبي ڪٽرپڻي جي قانون کي لاڳو ڪيو ويو جنهن ڪري سنڌ جي هندن کان علاوه شيعه توڙي سني مسلمان ۽ عام ماڻهو پڻ مونجهارن ۽ مجبورين جي ور چڙهي ويا ۽ حڪومت کان بيزاري وڌڻ لڳي. ٻئي طرف ان دؤر ۾ حڪمران ڪلهوڙا هئا ۽ فوجي جرنيل ٽالپر هئا ۽ انهن حڪومتي معاملن ۾ ڪلهوڙن پاران انگريزن کي واپار لاءِ سنڌ ۾ رهايو ويو. ان دؤر ۾ حڪمرانن لاءِ قرآن شريف تي وعدا ڪري ڦري وڃڻ عام هئو ۽ پنهنجي ڌرتيءَ جا فيصلا ڌارين جي چوڻ تي ڪيا ويندا هئا اهڙي دؤر ۾ جنهن ۾ گهڻ طرفي لٽ ڦر، ڏاڍ ۽ جبر هجي ٻئي طرف مذهبي آزاديءَ جي به اجازت نه هجي اهڙين حالتن ۾ شعوروند ۽ حساس انسان ڪيئن چپ رهي سگهي ٿو. سچل سرمستؒ جي شاعري ان وقت جي پيداوار آهي جنهن ٻاٽ انڌاري ۾ روشنيءَ جي لاٽ ٻاري سامراج سان بغاوت ڪندي عوام کي صحيح راهه ڏيکارڻ جي لاءِ جدوجهد ڪئي.
    پٽيءَ ڄڃ نه ڄل، منجه تماشي نه پوين،
    گهوٽ ڪري تون پاڻ کي ڪر هنگاما هَلُ،
    ڀول نه ٻئي ڪنهن ڀل، وٺج حال حلاج جو.
    سچلؒ سائين هن بيت ۾ انقلاب جو درس ڏيندي چئي ٿو ته ڌرتيءَ تي ڪائي خوشي نه آهي. پنهنجي وطن وارن لاءِ خوشيون ۽ خوشحالي آڻڻ لاءِ پاڻ کي گهوٽ ٿي ميدان ۾ لهڻو پوندو. جنگ جوٽڻي پوندي، ٻي ڪنهن ڀل ۾ ناهي رهڻو. منصور (حسين ابن منصورالحلاج) وارو دڳ وٺڻو پوندو.
    ٻين صوفي بزرگن جيان سچل سرمستؒ تي به ”حسين ابن منصورالحلاج“ جو وڏو اثر هئو. جنهن وجد ۾ اچي حق پرستيءَ جا نعرا هڻندي ”اناالحق“ جو نعرو هنيو هئو ۽ عرب ۾ عباسيه خلافت کي للڪاريو هئو جنهن ڪري کيس سنگسار ڪري شهيد ڪيو ويو هئو.
    سچلؒ سائين مذهبي ڪٽرپڻي، ذات پات، رنگ نسل ۽ دين ڌرم ۾ قوم کي ورهائڻ کان روڪيندي برابري ۽ هيڪڙائي جو درس ڏئي ٿو ته:
    ڪاٿين ڏاڍو ڪاٿين هيڻو، ڪاٿين جوڙ جڻياڻو پائي،
    ڪاٿين ڪوري ڪاٿين موچي، ڪاٿين سيد سڏائي،
    ڪاٿين ڪافر ڪاٿين مومن ڪاٿين سوريءَ سر هلائي.
    سچل سرمستؒ مذهبي فرقيواريت جو سخت مخالف هئو. ان وقت حڪمرانن جي ڏاڍ ۽ جبر کان علاوه سخت مذهبي ڪٽرپڻي جي ڪري عوام ڏکن ۽ سورن جي ور چڙهيل هئو ۽ ان وقت ۾ سچلؒ سائين مذهب جي جبريت واري فلسفي کي مڃڻ کان انڪار ڪندي صوفي ازم(روحانيت) جو پيغام ڏئي ٿو جنهن جو مقصد آهي ته پيار ۽ محبت ذريعي انسان ۽ خدا تعاليٰ جي وچ ۾ تعلق جوڙڻ، نه ڪي جنت جي لالچ، نه جهنم جي ڊپ ذريعي مذهب جي نالي ۾ حاڪميت قائم ڪرڻ. صوفين جو چوڻ آهي ته خداتعاليٰ انسان سان محبت ڪري ٿو جنهن ڪري انسان کي پاڻ وانگر پيدا ڪيو اٿس ۽ انسان کي ذهني آزادي ڏني آهي ته پوءِ ڌرتيءَ جا وقتي حاڪم ڇو انسان کي غلام بڻائڻ لاءِ سندس سوچ ۽ ذهن کي پنهنجي تابع ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا.
    سچل سرمستؒ جو حق ۽ سچ جو درس پوري انسان ذات لاءِ آهي. سندس فلسفي موجب رنگ، نسل، طبقي ۽ عقيدي جي قيد مان آزاد ٿي انسان جي عظمت کي سڃاڻڻ جو درس ملي ٿو:
    ڪو ڪيئن چوي ڪو ڪيئن چوي،
    ڪو ڪافر چوي ڪو مومن چوي،
    مان جو ئي آهيان سو ئي آهيان.
    سچلؒ سائين انسان ذات کي ٽڪرن ۾ ورهائجڻ کان روڪيندي اتحادِ انسانيءَ لاءِ جدوجهد ڪئي. سندس ڪلام 936636 اکرين نَوَ لک ڇٽيهه هزار ڇهه سئو ڇٽيهه بيتن تي مشتمل آهي.
    سچل سرمستؒ جي ڪلام ۾ انساني عظمت، ذهني آزادي، ظالماڻي ۽ جابراڻي نظام کان بغاوت، انسان دوستي، محبت ۽ ڀائيچاري جو درس سمايل آهي. سندس فڪر ۽ فلسفي موجب انسان خداوندي جو مظهر آهي.
    سچلؒ سائين دين ڌرم جي فاصلن کي مٽائيندي پنهنجي ڪلام ۾ روحانيت جي رنگ کي عام ڪيو جنهن ڪري سندس ڪلام مسلم توڙي غير مسلم ۾ يڪسان مقبول ٿيو آهي.
    نا مين ملا نا مين قاضي، نا مين سبق پڙهاوان،
    نا مين ڪعبه نا مين قبله، مڪي مول نه جاوان،
    نا مين سني نا مين شيعا، سيد ڪيون سڏاوان،
    نا مين نانڪ نا مين لڇمڻ، گنگا مول نه جاوان،
    يار ته ميڏا درس درازي، سچو نانءُ سڏاوان.
    سچل سرمستؒ محبت ۽ ڀائيچاري جي درس ذريعي دين ۽ ڪفر ۾ ٺاهه ڪرائڻ پي چاهيو جنهن ڪري سندس مٿان مولوين فتوائون جاري ڪيون ۽ حڪمران ناراض ٿيس ليڪن سچلؒ سائينءَ پنهنجي انسان دوستيءَ ۽ اصول پرستيءَ تان هٿ نه کنيو ۽ ثابت قدم ٿي صوفين جي پيغام کي عام ڪندو رهيو ۽ ذري برابر به مصلحت يا اصولن تي سوديبازي نه ڪئي. سچل سرمست حق ۽ سچ، محبت ۽ ڀائيچاري جي پيغام کي بهادريءَ ۽ بيباڪيءَ سان اڳتي وڌائيندو رهيو.
    سچل سرمستؒ انساني عظمت کي روشناس ڪرائڻ لاءِ امن ۽ محبت جي پيغام کي عام ڪرڻ لاءِ سنڌيءَ کان علاوه سرائڪي، اردو، فارسي، پنجابي ۽ هندي زبانن ۾ به شاعري ڪئي ۽ ڪوشش ڪئي ته هن خطي ۾ امن ۽ ڀائيچارو قائم ڪري ترقي ۽ خوشحالي ڏياري سگهجي.
    اڄ جي دؤر ۾ به سچل سرمستؒ جي درس ۽ فلسفي جي سخت ضرورت آهي. اڄ به سندس ڪلام ۾ حق ۽ سچ، امن ۽ ڀائيچاري ۽ انساني برابريءَ جو ڏيئو روشن آهي جنهن جي روشني ۽ سرهاڻ کي ڦهلائڻ جي ضرورت آهي ته جيئن سندس فڪر ۽ فلسفي ذريعي مسڪين ماروئڙن جي ڏکن ۽ سورن کي گهٽائي سگهجي ۽ سنڌي قوم کي قبيلائي ويڙهاند کان پاسي ڪري قومي يڪجهتيءَ جي پليٽ فارم تي گڏ ڪري سامراجي ڦرلٽ جي رستي روڪ ڪري سنڌ وطن جي خودمختياري ۽ سنڌي قوم جي خوشحاليءَ جي جدوجهد لاءِ عوام کي ڪوڙ ۽ مڪاريءَ جي ماحول کان پري ڪري سچل سرمستؒ جو حق ۽ سچ وارو دڳ ڏيکارڻ جي ضرورت آهي.

    سچل سارو سچ................................حق موجود، سدا موجود

    (روزاني عوامي آواز 5 سيپٽمبر 2009ع)


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 928
    ڪتابن جو مشاهدو: 2954610
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 768920
    2020 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ