ڪتاب جو نالو: ڌرتيءَ جا چنڊ
مصنف: ڀوَن سنڌي
ڇپائيندڙ: نئون نياپو اڪيڊمي سچل ڳوٺ
ڪيٽيگري: ڪالم / مضمون
شايع ٿيڻ جو سال: 2019
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: سومر، 02 مارچ 2020 ع
پڙهيو ويو: 945 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 195 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
خاڪن ۽ تاثر نما تحقيقي مضمونن/ مقالن جو ھي ڪتاب نامياري ليکڪ ڀون سنڌيءَ جو لکيل آھي. ڀون سنڌي لکي ٿو؛
”هي ڪتاب ڌرتي جا چنڊ سنڌ جي مختلف علمي، ادبي، سياسي ۽ سماجي شخصيتن بابت آهي، جن پنهنجي پنهنجي وقت ۾ هن ڌرتي جي وشال ڪينواس تي پنهنجي ڏات ۽ ڏيا ۽ سُرن ۽ ساڃاهه جي پورهئي جا انڊلٺي رنگ ڀري سونهن ۽ سچ جو منظر پي سجايو آهي، جن کي پسي جيڪڏهن پڙهندڙن جون اکيون گهڙي پل لاءِ ئي ٿڌاڻ ۽ روح جي راحت محسوس ڪن ٿيون ته، آئون پنهنجي محنت سجائي سمجهندس.”
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سنڌ سلامت پاران
  • ڪتاب بابت
  • ارپنا
  • مهاڳ سنڌ جي سڀاڳ جا ستارا
  • ليکڪ پاران: موتين مالها
  • ڌرتيءَ جا چنڊ - مضمون / مقالا

  • سچل سرمست
  • خليفو نبي بخش “قاسم”
  • مير غلام محمد خان ٽالپر
  • محمد صديق “مسافر”
  • اُستاد منظور علي خان
  • محمد خان مجيدي
  • سرويچ سجاولي
  • قاسم پٿر (پٿر سنڌي)
  • سيد اڪبر
  • نٿومل مورواڻي
  • ساحر پريمي
  • ڪنول لهاڻو
  • شاه رضا خان
  • غلام حسين رنگريز
  • مريم مجيدي
  • پرويز
  • پيار علي “پريمي”
  • شاهد حميد
  • بئڪ ٽائيٽل تاثر : ادل سومرو

  • سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت پاران :

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”ڌرتيءَ جا چنڊ“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. خاڪن ۽ تاثر نما تحقيقي مضمونن/ مقالن جو ھي ڪتاب نامياري ليکڪ ڀون سنڌيءَ جو لکيل آھي. ڀون سنڌي لکي ٿو؛
    ”هي ڪتاب ڌرتي جا چنڊ سنڌ جي مختلف علمي، ادبي، سياسي ۽ سماجي شخصيتن بابت آهي، جن پنهنجي پنهنجي وقت ۾ هن ڌرتي جي وشال ڪينواس تي پنهنجي ڏات ۽ ڏيا ۽ سُرن ۽ ساڃاهه جي پورهئي جا انڊلٺي رنگ ڀري سونهن ۽ سچ جو منظر پي سجايو آهي، جن کي پسي جيڪڏهن پڙهندڙن جون اکيون گهڙي پل لاءِ ئي ٿڌاڻ ۽ روح جي راحت محسوس ڪن ٿيون ته، آئون پنهنجي محنت سجائي سمجهندس.”
    ڀوَن سنڌي جا هي سمورا ليک سندس خوبصورت قلم جا خوبصورت لقاءَ آهن. جن جو مطالعو ٻڌائي ٿو ته اسان جو هيءُ تخليقڪار جيڏو اندر جو حسين آهي، ايڏو هن جي قلم جو اظهار به سُهڻو آهي. خاڪن ۽ تاثر نما مضمونن/ مقالن جو ڇپجندڙ ڀوَن سنڌي جو هي ڪتاب ڪيترن ئي ڪتابن تي سبقت حاصل ڪندو،
    ھي ڪتاب 2019ع ۾ نئون نياپو اڪيڊمي سچل ڳوٺ، ڪراچي پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون ڀون سنڌي صاحب جا جنهن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي ۽ ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گھر ۾ اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    ڪتاب بابت

    ڪتاب جو نالو: ڌرتيءَ جا چنڊ
    موضوع:مضمون/مقالا
    ليکڪ:ڀوَن سنڌي
    تعداد: هڪ هزار
    ڇاپو پهريون: ڊسمبر 2019
    پاران:
    نئون نياپو اڪيڊمي
    C-4 سچل ڳوٺ، گلشن اقبال ٽائون، ڪراچي سنڌ
    Ph # 021- 34690389 Cell # 0333-32115821
    مُلهه : 250/=


    ارپنا

    امان ۽ بابا
    جي نانءِ-
    جن جي طفيل
    مونکي
    هن وشال ۽ پراسرار ڪائنات
    کي
    پسڻ ۽ کوجڻ
    جو موقعو مليو.
    - ڀوَن سنڌي


    مهاڳ سنڌ جي سڀاڳ جا ستارا

    مون جڏهن 1976ع ۾، خليفي نبي بخش لغاريءَ جي ڪيڏاري تي “کرڙي کائي رت” عنوان سان مضمون لکي، موري مان نڪرندڙ “باک” رسالي ۾ ڇپايو هو ته، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ مون کي شابس ڏني هئي. ان کانپوءِ آءُ جڏهن سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو سيڪريٽري جنرل بڻيو هئس ته مون پهريون ڀيرو خليفي نبي بخش بابت سيمينار، ٽيچرس ڪلب، سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري ۾ ڪرايو هو. ان کان پوءِ، خليفي نبي بخش لغاريءَ جي شاعريءَ بابت غلام حسين رنگريز ۽ ڀوَن سنڌيءَ جا ٻه مضمون، منهنجيءَ نطر مان گذريا هئا. ڀوَن سنڌي جي مضمون جو عنوان هو:
    “نينهن نگر جو شاعر”، جنهن مون کي ڪافي متاثر ڪيو هو. سنگت جي پروگرامن ۽ تنظيم ڪاريءَ جي سلسلي ۾ هڪ ڀيري منهنجو ٽنڊو باگي وڃڻ ٿيو هو، جتي منهنجي سائين نٿو مل موراڻي، ڪنول لوهاڻي ۽ ڀوَن سنڌيءَ سان ملاقات ٿي هئي. مون ڀوَن سان سندس مضمون “نينهن نگر جو شاعر” جي روبرو ساراهه ڪئي هئي. ايئن سائين نٿو مل مورواڻي، ڪنول لوهاڻي، سائين نور محمد سمي (پنگرئي واري) ۽ ڀيشم آزاد سان منهنجي دوستي ۽ ادبي سنگ قائم ٿيو. سائين نٿو مورواڻي، ڪنول لوهاڻو ۽ سائين نور محمد سموته اڄ هن فاني دنيا ۾ موجود نه آهن، پر ڀوَن سنڌي ۽ ڀيشم آزاد سان اڄ سوڌو دوستيءَ جو رستو ۽ رشتو قائم آهي. ڀوَن سنڌي سان اڳتي هلي سائين لياقت عزيز جي رهنمائيءَ ۾ ڪاليج استادن جي تنظيم “سپلا” ۾ ڪم ڪرڻ ۽ مختلف موقعن تي تحريڪ هلائڻ دوران بنهه ويجهو لاڳاپو قائم ٿيو ۽ اسان گڏجي سپلا جي سرگرمين ۽ ادبي پروگرامن ۾ ساٿي بنجي هلندا رهياسون. اڄ اسان ٻئي استاد پيشي جو سفر فرض شناسيءَ سان پورو ڪري رٽائر ٿي چڪا آهيون، پر اسان جو ادبي ساٿ جيئن جو تيئن قائم آهي.
    ڀوَن سنڌي سنڌي ٻوليءَ جو سهڻو شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ ترجمي نگار آهي. ترجمي جي ڪتاب “گوري گوندر ۽ گهاگهر” ۽ شعري مجموعي سندري سپنا ۽ صليب سان گڏ سندس ڪهاڻين۽ ترجمن جا ڪيترائي ڪتاب ڇپجي مڃتا ماڻي چڪا آهن. منهنجو دوست ڀوَن سنڌي، مهرباني فرمائي، پنهنجو هر ڪتاب مون کي ڇپجڻ کانپوءِ تحفي طور ضرور ڏيندو آهي.
    ڀوَن سنڌي ڪهاڻيڪار سان گڏ سٺو مضمون ۽ مقالا نگار به آهي. هن جا ڪيترا ادبي مضمون، مقالا، مهاڳ ۽ تاثر مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپجندا رهيا آهن ۽ کيس پڙهندڙن جو هڪ سٺو حلقو آهي. منهنجي آڏو هن وقت سندس مضمونن، مقالن، جي ڪتاب جو مسودو موجود آهي، جنهن ۾ 18 اسم شامل آهن، جيڪي هن مختلف ادبي پروگرامن، رهاڻن، ورسين ۽ ادبي گڏجاڻين ۾ پڙهيا آهن.
    ڀوَن سنڌيءَ جي شاعري، ڪهاڻي ۽ ترجمن وانگر سندس نثري مضمون جي ٻولي به سگهاري، تخليقي، وڻندڙ ۽ متاثر ڪندڙ آهي. سندس پهريون ئي مضمون “سچل سارو سچ” پڙهجي ٿو ته اُن ۾ ڪم آيل ٻوليءَ جي حسناڪيءَ ۽ هڳاءَ سان من ۽ ذهن ٻئي واسجي وڃن ٿا. هن مضمون /مقالي ۾ هن سچل جي رسالي ۽ سچل جي شاعري تي عطار جي اثر جي ته ڳالهه ڪئي ئي آهي، پر اُن ۾ هن سچل ۽ ڀٽائي جي دور جي مختلف حالتن ۽ اُنهن حالتن آهر سچل جي شاعري ۾ اظهار جي آزادي ۽ نواڻ کي به زير بحث آندو آهي، شاهه لطيف پنهنجي دور جي حقيقتن متعلق جيڪا ڳالهه علامتي انداز ۾ ڪئي آهي سچل پنهنجي دور ۾ اُها وڌيڪ بيباڪي سان ڪئي آهي. سچل جي حسن پرستي کي به ڀوَن سنڌي کولي بيان ڪيو آهي. لطيف حسن جو اظهار سورمين جي احساسن سان سلهاڙي بيان ڪيو آهي، پر سچل جو حسن سان سڌو مڪالمو آهي. ڀوَن سنڌي جو سچل تي هي مقالو ليکڪ جي ڄاڻ ۽ تحقيق جي خود تشريح آهي.
    پنهنجي مقالي “نينهن نگر جو شاعر” ۾ خليفي نبي بخش جي آفاقي شاعري کي هن ڀرپور نموني روشناس ڪرايو آهي نه فقط ايترو پر هن مقالي/ مضمون ۾ ڀٽائيءَ ۽ خليفي جي مختلف سرن جي بيتن جي ڀيٽ ۽ جمالياتي جهلڪ من موهي وجهي ٿي. اهڙي موهيندڙ ٻولي گهٽ تخليقڪار سرجي سگهندا آهن. ڀوَن سنڌي، خليفي صاحب جي سنڌي، ڍاٽڪي ۽ ريخته شاعريءَ جو تفصيلي اڀياس ڪندي کيس سنگيت وديا جو وڏو ماهر استاد قرار ڏيندي، هڪ ئي مثال لک جو پيش ڪيو آهي:
    چلتی ٹھمک ٹھم ٹھم ، چلتی ٹھمک ٹھم ٹھم،
    مرگھوں سے تیکھے نین، کوئلوا سےمیٹھے بین،
    باجت پایل چھم چھم چلتی ٹھمک ٹھم ٹھم ۔
    اٹھ دیکھو قاسم دھوم مچی دھم دھم،
    نا چت گوری طبلوا کے بھم بھم، چلتی ٹھمک ٹھم ٹھم
    محمد خان مجيديءَ جي ورسيءَ جي مناسب سان لکيل مضمون ۾ ڀوَن سنڌي، دنيا جي فلاسافرن جا حوالا ڏيئي، محمد خان مجيديءَ کي “سنڌو درياهه جو شاعر” سڏي ٿو ته محسوس ايئن ٿئي ٿو ته هن اسان جي هن درياهه دل شاعر جي ٻوليءَ جي اروڪ وهڪري ۽ ردم کي ڏسي، کيس اهو ٺهڪندڙ لقب ڏنو آهي.
    ڀوَن، جڏهن محمد صديق مسافر جي علمي ۽ تعليمي خدمتن تي قلم کڻي ٿو ته کيس “مرڻو ناهي مسافر” جو عنوان ڏئي، واقعي ساڻس انصاف ڪري ٿو. مسافر جهڙا ماڻهو مرڻا ناهن، جن ٽنڊي باگي طرف علم جا واهڙ وهايا ۽ خاص ڪري نياڻين جي تعليم جي ڏس ۾ وڏيون خدمتون سرانجام ڏنيون. محمد صديق مسافر جون نصاب ۽ ٻارن لاءِ شاعريءَ جي ڏس ۾ ڪيل خدمتون سنڌ وساري نه سگهندي. محمد صديق مسافر بابت مختصر مگر جامع هن قسم جو مضمون اڃا ڪنهن نه لکيو آهي.
    ساڳيءَ طرح ٽنڊي باگي جي علم کي آجپو سمجهندڙ انسان ۽ سونهن جي پرستار مير غلام محمد خان ٽالپر جي علمي خدمتن تي قلم کڻي، ڀوَن سنڌيءَ هن علائقي جي محمد صديق مسافر کانپوءِ ٻي وڏي علمي شخصيت جي خدمتن جو خوبصورت ٻوليءَ ۽ منفرد انداز ۾ ذڪر ڪري، هن شخصيت کي نمايان ۽ نروار ڪيو آهي. مون لاءِ اهو انڪشاف آهي ته قومي تحريڪ جي سرواڻ ۽ سنڌ جي ابوالڪلام حفيظ قريشي به مير غلام محمد خان ٽالپر جي قائم ڪيل اسڪول ۾ تعليم حاصل ڪئي هئي. مير غلام محمد ٽالپر تي هن ڪتاب ۾ ٻيو مضمون “لاڙ جو محسن” عنوان سان به شامل آهي، واقعي سنڌي قوم ۽ علم جي هن محسن کي سنڌ جي تاريخ ڪڏهن به وساري نه سگهندي.
    اسان جي ساٿي ۽ قومي همسفر محمد قاسم پٿر جهڙي ڪرشماتي شخصيت ۽ پورهيت طبقي جي سياست ڪندڙ سنڌ دوست انسان تي، ڀوَن سنڌي جا ٽي مضمون شامل آهن، جن ۾ هن کيس آئيڊيلسٽ ۽ سنڌ پرست سياستدان ڪوٺيو آهي. ساڻس ڪيترن اختلافن رکڻ جي باوجود، هن سندس پنهنجائپ ۽ سڄي عمر سچ سان ساٿ ڏيڻ واري رويي کي ساراهي، دوستيءَ ۽ سڃاڻپ جو حق ادا ڪيو آهي. هن عملي ۽ ڪڏهن نه ٿڪجندڙ شخص تي قلم آرائي سخا سان ڪئي به آهي ۽ کيس حقيقي مڃتا به ڏني آهي. “مٽيءَ جو ماڻهو” ۽ “هينئڙي منجهه هرن” عنوان ئي قاسم پٿر جي شخصيت جو حقيقي عڪس آهن۔.”
    اهڙي طرح ڀوَن سنڌي، “سامي سفر هليا” عنوان هيٺ هڪ ٻئي انقلابي شخص” شاهه رضا خان جي زندگيءَ جو خاڪو چٽي، سندس ساروڻين ۽ سياسي جدوجهد جو نقشو اسان جي اڳيان پيش ڪري، پورهيت طبقي جي انقلابي ڪردار کان اسان کي واقف ڪيو آهي، جيڪو عزيز سلام بخاريءَ جو شاگرد، ڪنيز فاطمه، عثمان بلوچ، احسان عظيم ۽ قادر بخش طالباڻيءَ جهڙن ڪامريڊن جو ساٿي هو.
    ڀوَن سنڌيءَ سنڌ جي سرويچ شاعر سرويچ سجاوليءَ تي خوبصورت خاڪو لکيو آهي. ان جي ابتدا ۾ سرويچ جي شاعريءَ ۾ رواني، سونهن، ڌرتيءَ جي ڪرب ۽ درد واري سوال جو جيڪو هن جواب ڏنو آهي، اهو ئي سرويچ لاءِ وڏو خراج آهي. واقعي ڀوَن شخصيت جي خاڪي چٽڻ ۾ ڪماليت رکي ٿو، هن سرويچ کي سجاول جي سڃاڻپ سڏي ڪنهن به وڌاءَ کان ڪم نه ورتو آهي.
    اسان جي يار، اُستاد تحريڪ جي عظيم ڪردار سيد اڪبر شاهه تي ڀوَن سنڌيءَ جي مختصر پروفائيل جو عنوان “اوندهه ۾ ٻرندڙ ڏيئو” ئي هن شخصيت جي مڃتا ۽ جدوجهد جو اعتراف آهي. واقعي سيد اڪبر شاهه پ ٽ الف جي تحريڪ جو اُهو ڏيئو هو، جنهن استادن کي فرض شناسيءَ جو دڳ ڏيکاري، کين علم جي شمع روشن رکڻ جو سبق ڏنو. هو سيد هو، پر پنهنجي طبقي جي سيداڻي عادتن ۽ روايتن جو انڪاري، انسانيت جو علم بند ڪندڙ انسان هو. هن سياست به سچائيءَ سان ڪئي ۽ جڏهن رهبرن “سنڌي عوامي تحريڪ” مان “سنڌي” لفظ هٽايو ته هن هميشه لاءِ کين خيرباد چئي ڇڏيو. اهڙا سچا انسان اڄوڪي دور ۾ اڻلڀ آهن.
    ڪنول لهاڻي جهڙي جوانيءَ ۾ ڏات ۽ ڏيهه کان ڏور هلئي ويندڙ شخص جي ڦوهه جوڀن ۾ ڀوَن سنڌي جو مٿس لکيل هي تاثراتي خاڪو ڪيڏو نه حقيقت افروز آهي، ڪنول لهاڻو جي زندگيءَ جون وڌيڪ بهارون زندهه رهي ها ته، سچ پچ سندس شاعريءَ جي شعاع سان لاڙ پٽ ضرور روشن ٿئي ها. پوءِ به سندس مختصر تخليقون، سندس شخصيت جو اولڙو ضرور آهن.
    ڪڍي سج ڪني، پورب جا پورهيت اُٿيا،
    مچي پئي ٿي ماٺ ۾، اڻ لکي اگني...
    سندس واين ۽ نظمن جي پختگي ۽ غزلن جو اُڀار کيس وڏو شاعر بنائڻ جو ساکي هو، پر نگري مرض اسان جي هن يار کي نهوڙي نيو. سندس هي غزل ڪمال جو هو:
    اُڃيا کيت سارا، اَڇو اُڀ ڪيسين،
    اچو واءُ بڻجي، وڄن کي واريون.
    پيار علي پريمي به ڪنول لهاڻي جيان سنڌي ادبي سنگت ٽنڊي باگي جو دوست ۽ سائين نٿو مورواڻيءَ جي سنگ جو ساٿي هو. ان سان مارچ 1994ع ۾ ملهايل شام ۾ ڀوَن سنڌي “سپنن جي ساڀيان لاءِ” ليک پڙهي، پنهنجي دوست کي خراج پيش ڪرڻ سان گڏ ٽنڊي باگي جي ادبي مرڪزن: طالب لوهار جي ماڙي، خيراج مل جي بنگلي، سنڌي ادبي سنگت، مير غلام محمد ٽالپر اسڪول جي نئين هاسٽل، گرونانڪ لائبريري ۽ گرناري مندر ۾ ٿيندڙ گڏجاڻين کي جنهن نموني رقم ڪيو آهي، پڙهي ڪري واقعي ڀوَن جي ٻوليءَ تي رشڪ اچي ٿو. هن مضمون ۾ پيار علي پريميءَ جي سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻين ۾ ٿيل ادبي اوسر ۽ شاعريءَ جي ارتقا جو خوبصورت جائزو ورتو ويو آهي.
    سرگرم جو ڏات ڌڻي، عنوان هيٺ استاد منظور علي خان جي وفات تي س. ا. س ٽنڊي باگي جي تعزيتي گڏجاڻيءَ ۾ ڀوَن سنڌيءَ جو پڙهيل تاثر نهايت دل ڀڄائيندڙ آهي. موت جي ڪار ستانين ۽ ڪوجهائپ کي بيان ڪندي ڀوَن رقمطراز آهي ته:
    “موت اسان کان اُهي اُهي ماڻهو جُدا ڪيا آهن، جن کي سدائين جيئڻ کپندو هو. جن جي ئي دم سان هن دنيا جي سونهن آهي، سوڀيا آهي. موت هٽلر آهي، هُو مردا ۽ لاشا ڏسڻ چاهي ٿو. هن کي جيئرن ماڻهن سان نفرت آهي. موت ڪالي ديوي آهي، جنهن جي ڳچيءَ ۾ انساني سسيون ۽ هٿ ۾ ڪات آهن. موت سونهن، سوڀيا ۽ سُر جو دشمن آهي. موت ڪوجهو آهي ۽ سموري دنيا ۾ ڪوجهائي اوتڻ چاهي ٿو. موت اورنگزيب آهي، هو راڳ کي هميشه جي لاءِ موت جي ننڊ سمهارڻ چاهي ٿو. پر موت...... ايترو ڪجهه هئڻ جي باوجود ڪجهه به ناهي. موت خان صاحب (منظور علي خان) کي ماري ناهي سگهيو، موت، راڳ لاءِ اونگزيب ٿي ناهي سگهيو.” ان بعد هن خان صاحب منظور علي خان کي جن لفظن ۾ خراج تحسين پيش ڪيو آهي، اُهي پڙهندڙ خود پڙهي سگهن ٿا.
    اهڙيءَ طرح شاهد حميد شاعر تي لکيل پيپر ڀوَن جي ساڻس عقيدت جو مظهر آهي، پر اسان جي يار نٿو مل مورواڻيءَ تي لکيل خاڪي ۽ سندس ٽين ورسيءَ تي پڙهيل پيپر منهنجا نيڻ ڀڄائي ڇڏيا آهن، هن لاڙ جي لاڏلي کي ياد ڪرڻ کان اڳ هن خطي جي سڀاڳ جي نشانين مخدوم محمد زمان لنواريءَ واري، شهيد دودي سومري، ڪيڏاري جي سرجڻهار خليفي نبي بخش لغاري، ٻاتڙن ٻولن جي شاعر محمد صديق مسافر، سگهڙ ۽ لطيف جي شيدائي طالب لوهار، ميرن جي مور مير غلام محمد خان ٽالپر بابت جيڪا تمهيد ٻڌي آهي، اها ڀوَن جي دل ڀڄائيندڙ پيشڪش جو خاصو آهي.
    نٿومل مورواڻي هڪ لائق ۽ شاندار اُستاد هو، جنهن محمد صديق مسافر جي واٽ تي هلي شاگردن کي فرض شناسيءَ سان تعليم ڏئي نالو ڪڍيو. مير غلام محمد ٽالپر هاءِ اسڪول جي اولڊ بوائز ايسوسيئيشن پاران ڪيل ادبي ميڙاڪا، مير غلام محمد بابت ڇپايل ڪتاب ۽ سندس مزار تي جوڙايل چوڪنڊي، نٿو موراڻي کي زندهه رکڻ لاءِ ڪافي نشان آهن. هن جون لاڙ ۾ سنڌي ادبي سنگت کي سرگرم رکڻ واريون خدمتون ضلعي جي شاخن ۾ رابطي وارين ڪوششن کي، سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي تاريخ ۾ هميشه ياد رکيو ويندو. منهنجو وڏو محسن هو، سائين نور محمد سمي ۽ نٿو مورواڻيءَ جو ساٿ آئون زندگيءَ ڀر وساري نه ٿو سگهان. هو 1990ع ۾ گذاري ويو هو. 29 سال گذري ويا آهن، پر اڄ به سندس سٻاجهي شخصيت اکين اڳيان اچي ٿي ته خواجه محمد زمان جو هي بيت ذهن تي تري اچي ٿو:
    مون سيءَ ڏٺا ماءِ، جنين ڏٺو پرينءَ کي،
    تنين سندي ڪاءِ، ڪري نه سگهان ڳالهڙي!
    هن جو آواز، هن جي سنگت کي سلهاڙي هلڻ واري خوبي، مختلف مڪتبه فڪر وارن سان پنهنجائپ ۽ ڪردار ڏسي چوڻو پوي ٿو:
    هلو هلو ڪوريئين، جنين نينهن نرم،
    ڪچيءَ پڪيءَ تندسين، ٿين ڪين گرم،
    ڇِنڻ ٿيئن شرم، ڳنڍيو ڳنڍين پاڻ ۾! (شاهه)
    سائين غلام حسين رنگريز تي پُر اثر ۽ تخليقي لفظن ۾ لکيل ڀوَن سنڌيءَ جو ليک به سندس ٻهڳڻي ٻوليءَ جي جوڀن جو عڪاسي آهي. هن مضمون ۾ ڀوَن ٻوليءَ جي لفظن کي رقص ڪرايو آهي. ابتدائي ڪجهه سٽون ملاخطي ڪريو:
    “ائنٿراپالاجيءَ ۾ ڏند ڪٿا جوڙيندڙ کي “شاعر” مڃيو ويندو آهي، اُن لاءِ لفظ Myth maker استعمال ٿيندو آهي. سائين غلام حسين رنگريز هونئن ته شاعر آهي ئي، پر ذات جي حساب سان به اُن ثقافتي ورثي سان وابسته نسل سان آهي، جيڪي اجرڪن ۽ لوين تي ايئن چٽ چٽين ٿا، جيئن اُڀ ۾ تارا ٽانيڪل هوندا آهن. هڪ پامسٽ لاءِ پنهنجي هٿ جون لڪيرون پڙهڻ ناممڪن آهن، پر رنگريز پنهنجي من اندر ۾ ڇپيل لڪيرن ۽ ريکائن کي هڪ رنگريز جيان ڪوري ڪپڙي تي جڏهن ٺپي ٿو ته اُها اجرڪ جي خوبصورت چٽن جيان شاعريءَ جو اجهو هيئن روپ ڌاري ٿي:
    “مسجدن ۾ پيو ڪنهن کي ڳولين،
    تو ۾ ساري سرشٽي آهي.”
    اهڙيءَ طرح پرويز جي ڪهاڻين جي مجموعي “رت ڦڙا” تي لکيل مقالي، “رت ڦڙن کان ماڪ ڦڙن تائين” ۾ جنهن نموني ڀوَن سنڌي رت جو ذڪر ڪيو آهي ۽ ٻوليءَ جا واهڙ وهايا آهن، سندس قلم کي سلام ڪرڻ کان سواءِ رهي نه ٿو سگهجي، هو رت جي ذڪر کان پوءِ لکي ٿو ته:
    “پرويز به ان راهه ۾ رت جا ڦڙا، وهايا آهن. پوءِ جي اُهي اُڃايل سينن تي وسيا آهن ته ساوا ساوا سلا اُڳيا آهن، اڻ سامايل سپنن ۾ سورج مکيءَ جي گل جيان جُهليا آهن، اُجهاڻل اکين ۾ آس جا موتي ٿي چمڪيا آهن. جيئن سندس ڪهاڻي “سڻائو واءُ” م سونل جو ڪردار ٻهڪي ٿو، جيڪو قيد و بند کان آزاد پنهنجي چاهت ماڻي ٿو” وڌيڪ آءُ پڙهندڙن جي وچ ۾ ديوار بنجڻ نٿو چاهيان، هو خود پڙهي اندازو ڪري سگهن ٿا ته ڀوَن سنڌيءَ، پرويز سان ڪيڏو انصاف ڪيو آهي.
    اسان جي مانائتي ڀيڻ، سنڌ جي صف اول جي شاعر خاتون مريم مجيديءَ سان 18- اپريل 1994ع تي سنڌي ادبي سنگت ميرپوربٺوري پاران ملهايل شام ۾ پڙهيل ليک، “مريم کان مريم تائين” ۾ مقدس مريم جي سرجڻهار ڪک مان جنم وٺندڙ مسيح جي صليب تي چڙهڻ واري سفر کانوٺي مريم مجيديءَ جي شاعريءَ ۾ اوتيل درد ڪرب ۽ پيڙا جو ذڪر ڪري ٿو، جيڪو ڪرب ۽ پيڙا عورت ڌرتيءَ تي صدين کان ڀوڳيندي آئي آهي. گڏوگڏ مريم جي شاعريءَ ۾ سنسار جي سندرتا ۽ ڪائنات جي مظهرن، جلون ۽ تخليق جي چٽن عڪسن کي بيان ڪندي لکي ٿو ته، “سونهن ۽ سندرتا جا انيڪ رنگ ۽ روپ ڪلاڪارا جي زندگيءَ ۾ جڏهن خوشبوءِ اوتي ٿا ڇڏين، تڏهن هوءَ اُن مستيءَ ۾ بنهه بي اختيار ٿي، چئي ٿي ڏئي ته:
    سپنا سرجيا تارِ وهيءَ ۾،
    ڦوٽهڙو پيو جوڀن ويءَ ۾!”
    حساس ڪهاڻيڪار ساحر پريميءَ جو نوحو “جيون اڌوري ڪهاڻي” عنوان هيٺ، سندس پهرين ورسيءَ (1993ع) تي، جنهن ڪربناڪ انداز ۽ دل ڇهندڙ لفظن ۾ سرجي ٿو، نيڻ آلا ڪريو وجهي. ڀوَن جا لفظ، جملا پيڙا ۽ درد سان ٽمٽار ٿي برسڻ لڳن ٿا ته دليون ڌوڏري رکن ٿا. ساحر پريمي هئو به ته مٺڙو ماڻهو، جيڪو پنهنجي ئي ڪهاڻي “يادن جو سفر” جي پنهنجي ئي تخليق ڪيل ڪردار جي پاڻ نفي ڪندي زندگي کان فرار حاصل ڪري ٿو. آخر ڇو اهڙن حساس فردن کي زندگيءَ جون سموريون چاهتون، لذتون بي معنيٰ ۽ بي رنگ ڀاسن ٿيون؟ سچ ته ڀوَن سنڌي جو هي تاثراتي مضمون روئڻ ۾ سوچڻ تي مجبور ڪري ٿو.
    ڀوَن سنڌي جا هي سمورا ليک سندس خوبصورت قلم جا خوبصورت لقاءَ آهن. جن جو مطالعو ٻڌائي ٿو ته اسان جو هيءُ تخليقڪار جيڏو اندر جو حسين آهي، ايڏو هن جي قلم جو اظهار به سُهڻو آهي. خاڪن ۽ تاثر نما مضمونن/ مقالن جو ڇپجندڙ ڀوَن سنڌي جو هي ڪتاب ڪيترن ئي ڪتابن تي سبقت حاصل ڪندو، اها منهنجي راءِ آهي، جنهن سان ڪو به اختلاف رکي سگهي ٿو. منهنجي دُعا آهي ته ڀوَن سنڌي جو هي تخليقي اظهار اڃا به نِکار حاصل ڪري ۽ سنڌي ٻوليءَ جي جهولي وڌيڪ شاهوڪار ۽ وسيع ٿئي.

    - تاج جويو
    2019-4-11
    حيدرآباد سنڌ


    ليکڪ پاران: موتين مالها

    ليکڪ پاران

    موتين مالها

    منهنجو هي ڪتاب ڌرتي جا چنڊ سنڌ جي مختلف علمي، ادبي، سياسي ۽ سماجي شخصيتن بابت آهي، جن پنهنجي پنهنجي وقت ۾ هن ڌرتي جي وشال ڪينواس تي پنهنجي ڏات ۽ ڏيا ۽ سُرن ۽ ساڃاهه جي پورهئي جا انڊلٺي رنگ ڀري سونهن ۽ سچ جو منظر پي سجايو آهي، جن کي پسي جيڪڏهن پڙهندڙن جون اکيون گهڙي پل لاءِ ئي ٿڌاڻ ۽ روح جي راحت محسوس ڪن ٿيون ته، آئون پنهنجي محنت سجائي سمجهندس.
    هن ڪتاب ۾ ذڪر هيٺ آيل شخصيتون جن مان ڪي منهنجي پيدا ٿيڻ کان اڳ هن جهان کي الوداع چئي ويون جن ۾ سچل سرمست، خليفو نبي بخش قاسم، مير غلام محمد خان ٽالپر ۽ محمد صديق مسافر قابل ذڪر آهن.
    سچل سرمست جو سنڌ ۾ مذهبي رواداري، پيار محبت ۽ ٻين انيڪ موضوعن کي شاعري جو روپ ڏيڻ ۾ پنهنجو نرالو انداز آهي.
    ان کان پوءِ ذڪر اچي ٿو خليفي نبي بخش قاسم جو. عشق ۽ انسان جي ٻين لطيف احساسن ۽ جذبن کي شاعري ۾ جلا بخشيندڙ ۽ ڪيڏاري کي سرجيندڙ لاڙ خطي جو هي شاعر شاعري ۾ لطيف ۽ سچل ثاني آهي.
    مير غلام محمد خان ٽالپر هڪ جاگيردار هئڻ جي باوجود به پنهنجي مايا ملڪيت غريبن جي واهر ۽ تعليم لاءِ ارپي ڌرتي ۽ اُن جي ماڻهن سان پاڻ ملهايو، اهوئي سبب آهي جو هن ڌرتي جي مسڪين مارو ماڻهن جي دلين ۾ هو اڄ به ايئن وسي ٿو، جڏهن هو هن دنيا ۾ موجود هو. هن جا ڪيل نيڪ ڪم ۽ بلند ڪردار اڄ به کيس تاريخ ۾ زندهه رکيو پيا اچن.
    ٻاتڙن ٻولن جو شاعر محمد صديق مسافر جنهن جا بيت ۽ گيت پرائمري درجي کان دلين تي اُڪريل آهن، اڄ به پنهنجي علمي ۽ سماجي پورهيئي ۽ هڪ ڀلوڙ اُستاد طور ماڻهن جي دلين ۾ محفوظ آهي.
    هن ڪتاب ۾ ڄاڻايل ڪجهه شخصيتون منهنجي ئي دور ۾ گذاري ويون جن مان ڪن سان ٿوري گهڻي ته ڪن سان تمام گهڻي ڏيٺ ويٺ رهي، جن ۾ اُستاد منظور علي خان، محمد خان مجيدي، سرويچ سجاولي، ساحر پريمي نٿومل مورواڻي، سيد اڪبر شاهه، ڪنول لهاڻو، قاسم پٿر ۽ شاهه رضا پٺاڻ شامل آهن.
    سنڌ ۽ هند جي نامياري گويي اُستاد منظور علي خان کي ميرپوربٺوري، سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۽ سن ۾ ڪيترائي ڀيرا ٻڌڻ جو موقعو نصيب ٿيو. سندس سرگم جي ردم ۽ جهونگار جو سحر اڄ به دلين کي گرمائي ٿو.
    قوم پرست فڪر سان واڳيل شاعر محمد خان مجيدي ۽ عوامي شاعر سرويچ سجاولي کي، هونئن ته سنڌ ۾ مختلف شهرن ۾ سجايل اسٽيجن تي گهڻا دفعا ٻڌڻ موقعو مليو ئي، پر سجاول ۾ نوڪري دوران اُنهن سان روبرو به ڪافي رس رهاڻيون ٿيون. محمد خان مجيدي فڪري طور سائين جي ايم سيد سان لاڳاپيل رهيو، جڏهن ته سرويچ سجاولي جو زياده تر لاڙو ذوالفقار علي ڀٽي ڏانهن رهيو. اها ٻي ڳالهه آهي ته سرويچ سجاوليءَ پنهنجي شاعري ۾ ذوالفقار علي ڀٽي، بينظير ڀٽو کان علاوه سن جي سائين جي ايم سيد، فاضل راهو ۽ ٻين قوم پرستن کي به پنهنجي شاعري جو محور بنايو. هڪڙي شهر جي هئڻ جي باوجود ٻنهي جو شاعري جو انداز بيان جيتوڻيڪ ڪافي مختلف هو، پر ايترو طاقتور هو، جو هو جڏهن به اسٽيج تي ايندا هئا ته ڇائنجي ويندا هئا.
    ساحر پريمي سان هڪ اڌ ملاقات کان وڌيڪ ڪا ڏيٺ ويٺ ڪا نه هئي. پر هو جڏهن به ملندو هو ته پيار ۽ پاٻوهه مان ملندو هو. نفيس مزاجي ۽ مهمان نوازي ۽ دوستن کي ڀانئڻ جي عادت هن جي نس نس ۾ شامل هئي. اهڙي حسين ۽ نفيس مزاج ماڻهو ڇو خودڪشي ڪئي؟ اِهو سچ پچ ته اڄ به منهنجي لاءِ حيرت جو باعث آهي!
    نٿومل مورواڻي منهنجو ڳوٺائي ۽ مون کان عمر ۾ وڏو هو. جتي هن جي سڃاڻپ هڪ بهترين اُستاد جي هئي. اُتي هن جي ٻي سڃاڻپ سنڌي ادبي سنگت ٽنڊوباگو جي شاخ کي سرگرم رکڻ، ادبي ليڪچر ۽ پروگرام ڪرائڻ کان علاوه سگا جي پليٽ فارم تان سماجي ڪم ڪرائڻ به هئي.
    سيد اڪبر شاهه سان ميرپوربٺوري ۾ قاسم پٿر جي ماڙي، هارون کاڙڪ جي ڳوٺ ۽ سندس ڳوٺ ۾ کوڙ ساريون ڪچهريون رهيون. پرائمري اُستاد جي حيثيت ۾ خدمتن کان علاوه اُستادن جي يونين جي پليٽ فارم تان استادن لاءِ ڪيل خدمتون به سندس کاتي ۾ آهن. شروع ۾ سنڌي عوامي تحريڪ م رهيو ۽ پڇاڙڪن ڏينهن ۾ اُنهن کان سياسي اختلاف رکي جدا ٿيو. هن جي ڳالهائڻ ۾ هڪ خاص قسم جو مزاح (Sense of humour) هو جيڪو ماڻهو کي هن ڏانهن متوجه ڪري وٺندو هو. نٿومل مورواڻي جيان هن سان به دل بي وفائي ڪئي ۽ پنهنجن انيڪ چاهيندڙن کي ڇڏي ٻي راهه ڏي هليو ويو.
    ڪنول لهاڻو منهنجو هم عمر، منهنجو پاڙيسري هو. شروعاتي تعليم کانپوءِ هن مختلف هنڌن تي پڙهايون ڪيون ته ڪٿي داخلائون به اڌ ۾ ڇڏيون ۽ نيٺ آخر ۾ وڪالت پاس ڪري سنجيدگي سان اُن پيشي کي لڳو ۽ هن جو شمار بدين ضلعي جي ناليوارن وڪيلن ۾ ٿيڻ لڳو، سادي ۽ تز ٻولي ۽ خيال سان ڀرپور هن جي شاعري مختلف ڪتابن/ رسالن ۾ ڇپي پر ڪتابي صورت ۾ نه اچي سگهي آهي. هن سان به ڦوهه جواني ۾ زندگي بي وفائي ڪئي ۽ گردن جي بيماري سبب گذاري ويو.
    قاسم پٿر، سنڌ جو هي سٻاجهو ۽ صاف سٿرو ڪارڪن نه صرف سياسي حوالي کان سڃاتو وڃي ٿو، پر هڪ اديب جي حيثيت ۾ به سڃاتو وڃي ٿو. نفيس مزاج رکندڙ هن سياسي ورڪر سان سندس ڳوٺ ميرپوربٺوري، سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو، منهنجي شهر ٽنڊي باگي ۽ حيدرآباد ۾ به کوڙ ساريون ڪچهريون ٿيون. سياسي طور شروع ۾ ڪميونسٽ پارٽي، نعپ ۽ عوامي تحريڪ سان رهيو. آخر ۾ پنهنجي الڳ پارٽي سنڌ نيشنل ڪانگريس جي نالي سان ٺاهيائين ۽ اُن کي به ڪجهه عرصي کانپوءِ الوداع چيائين، ۽ جيئي سنڌ محاذ ۾ هليو ويو. سنڌ جو هي سچو، بهادر ۽ ارڏو پنهنجو مزاج رکندڙ سياسي ورڪر شايد سياست ۾ منافقي ڪندڙن سان گهڻو وقت جيتوڻيڪ هلي نه پي سگهيو، پر پوءِ به جيسين جيئرو رهيو سياست ئي هن جو ڌرم ۽ ڪرم رهيو. سياسي ڪارڪنن جو ڀرجهلو ۽ ديس جي آجپي جا خواب دل ۾ سانڍي هلندڙ قاسم پٿر دل جي آپريشن ۾ زندگي وڃائي ويٺو.
    شاهه رضا خان پٺاڻ جنهن جي سنڌ جيتوڻيڪ پيدائشي ڌرتي نه هئي، پوءِ به هن غيرتمند پٺاڻ سنڌ سان پنهنجو روح ڳنڍي رکيو ۽ مزدور ۽ پورهيت سياست جي پليٽ فارم تان جيل، سختيون ۽ عذاب سهي پاڻ کي ڌرتي جو سپوت پٽ ثابت ڪيو. سندس عمر جي پويئين ڏهاڪي ۾ منهنجي ساڻس ڏيٺ ويٺ ٿي. بس ڏيٺ ويٺ ڇا ٿي آڌي نه مانجهي روبرو اچي حاضر ٿيندو ۽ ڪچهريون ڪندو. چانهه جي سرڪ ۽ سگريٽ جي ڪشن تي آڌي رات تائين به اُٿڻ جي نه ڪندو. ڪڏهن وري پاڻ وٽ گهرائي ڪچهري ڪندو ۽ پاڻي ۾ مخصوص انداز ۾ گوشت رڌائي دعوت ڪندو. هن جي مخصوص انداز ۾ رڌيل گوشت جو چپن تي چشڪو ۽ هن جون ڊگهيون ڪچهريون، هن جي وڃڻ کانپوءِ به ذهن جي نقشي تي بلڪل چنڊ جي چانڊاڻ جيئن چٽيون آهن.
    هن ڪتاب ۾ ڪجهه اهڙين شخصيتن جو به ذڪر شامل آهي جيڪي حال حيات آهن. جن سان منهنجي هن وقت به ڏيٺ ويٺ رهندي پئي اچي.
    غلام حسين رنگريز سادي طبيعت رکندڙ ٻهڳڻو اديب اُستاد پيشي سان منسلڪ رهيو ۽ رٽائر ٿيڻ کان پوءِ ڪجهه عرصو وڪالت به ڪئي. شاعري ۽ مضمونن تي مشتمل هن جا ڪيترائي ڪتاب ڇپجي چڪا آهن. ميرپوربٺوري سان تعلق رکندڙ هن بزرگ اديب ادبي کيتر ۾ ڪيئي ادب جا شاگرد به پيدا ڪيا آهن.
    ماڃر جي مٽي مان جنم وٺندڙ سجاول واسي شاعره مريم مجيدي جي شاعري ۾ هڪ پنهنجي سڃاڻپ آهي. اُستاد محمد خان مجيدي جي هن لاڏلي نياڻي تعليم کاتي مان رٽائرمينٽ تائين پنهنجي ذهانت ۽ محنت سان نياڻين جي تعليم لاءِ پاڻ ارپڻ جي جذبن سان ڪم ڪيو. هن وقت به هوءِ شاعري سان سلهاڙيل آهي ۽ سندس شاعري جو ساءُ اڄ به ماڻهن کي موهي ٿو.
    لاکا لڳ دڙو جو رهواسي اديب پرويز طبيعتن گهٽ ڳالهائو ۽ ماٺ مٺ ۾ ڪم ڪندڙ، شهرت کان ونئون ويندڙ لڳاتار لکاري طور سڃاتو وڃي ٿو. هن جا ڪيترائي طبعزاد ۽ ترجمي جا ڪتاب مارڪيٽ ۾ اچي چڪا آهن.
    ٽنڊي باگي لڳ پهاڙ مري ۾ جنم وٺندڙ پيار علي پريمي نوڪري بلدياتي کاتي ۾ ڪئي آهي. ترنم ۾ شاعري پڙهڻ سان گڏ هن جي ڳالهائڻ ۾ هلڪو ڦلڪو مزاح شامل هوندو آهي جيڪو ٻڌندڙ کي محسور ڪري وٺندو آهي.
    حبشي قبيلي سان نسبت رکندڙ ٽنڊي باگي جو نوجوان شاعر شاهد حميد پرائيويٽ اسڪول ۾ نوڪري ڪري ٿو. هن نئين ٽهي جي نوجوان شاعري جي مختلف صنفن ۾ نوان خيال پيش ڪري جدت آندي آهي. شاعري جي کيتر ۾ هن جو شمار مقدار توڙي معيار جي حساب سان مستقل پختن لکندڙن ۾ ٿئي ٿو.
    منهنجو هي ڪتاب انهن مڙني شخصيتن جي نجي توڙي علمي ادبي، سياسي يا سماجي طور گهاريل زندگي جو مڪمل پروفائل/ خاڪو قطعي ناهي، بلڪه انهن شخصيتن جي ورسين/ شامن/ ڪتابي مهورتن يا ادبي ميڙاڪن ۾ اُنهن تي پڙهيل لکيل مقالن/مضمون تي مشتمل آهي. جن ۾ اُنهن تي مون اُن وقت ۾ جيئن کين ڄاتو آهي يا سمجهيو آهي، پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو آهي. هن ڪتاب م ڪن شخصيتن تي ٻه يا ٽي مقالا به ملندا جيڪي انهن شخصيتن تي مختلف وقتن تي ملهائجندڙ پروگرامن ۾ پڙهيا ويا آهن جن بابت راقم الحروف کلي دل سان اعتراف ڪري ٿو ته اُنهن جي باري ۾ لکڻين ۾ پڙهندڙن کي ڪٿي ڪٿي ورجاءُ به محسوس ٿيندو. اُن کانسواءِ اُنهن تي ڏنل راين يا ويچارن ۾ تضاد به نظر ايندو جيڪو فطري آهي. ڇاڪاڻ جو هر ڪا شخصيت وقت ۽ حالتن جو اثر ضرور وٺي ٿي ۽ پاڻ ۾ تبديلي آڻي ٿي، ته ظاهر آهي ته ان صورت ۾ ان شخصيت تي لکندڙ ليکڪ جي راءِ ۾ تبديلي به لازمي ٿيو پوي. تڏهن ته چيو ويندو آهي ته، ڪڏهن من ماڪوڙي ڪڏهن ڪيهر شينهن، پر ڇا ڪجي؟ جيئن ته اسان تاريخ جا طالب علم آهيون ۽ اهو ڄاڻون ٿا ته تاريخ ۾ وقت ۽ حالتن سان هر شئي جي ڳر جو عيان ٿيڻ لازمي آهي، ۽ هر شئي/ ڪردار جو پڇاڻو به آهي. انهي کي مدنظر رکندي مون اِها ڪوشش ڪئي آهي ته پنهنجي عقل آهر ايمانداري سان لکجي ۽ تجزيو ڪجي. جيڪڏهن منهنجي لکڻي ڪنهن جي لاءِ ناگوار به هجي ته به اُن کي لکندڙ جي اظهار جي آزادي جي حق جو احترام سمجهي درگذر ڪرڻ گهرجي.
    مون جيئن اڳ ۾ ذڪر ڪيو آهي ته هن ڪتاب ۾ آيل مقالا / مضمون انهن شخصيتن جي مختلف فيلڊن ۾ ڪيل تخليقي ڪم يا سماجي ۽ سياسي پورهيئي جي مڪمل عڪاسي نٿا ڪن. تنهن ڪري مون انهن شخصيتن تي لکيل مقالن کان اڳ ۾ انهن شخصيتن جو تعارف (پيدائشي تاريخ ۽ هنڌ کان وٺي اُنهن جي تعليمي لياقت، ڪرت، ادبي، سماجي ۽ سياسي سرگرمين جو احوال) لکڻ به مناسب سمجهيو، جيئن پڙهندڙ کي اُنهن جي گهاريل نجي توڙي ادبي، سماجي ۽ سياسي زندگي جي ڄاڻ ۽ هيل تائين ڪار گذاري جو پتو پئجي سگهي. جيتوڻيڪ اسانجو ڪافي پڙهندڙ طبقو انهن شخصيتن بابت ممڪن آهي ته گهڻو ڪجهه ڄاڻندو هجي، ڇاڪاڻ جو انهن شخصيتن مان حال ۾ ڪي حيات آهن ته وري ڪن کي گذاري ڪو ايڏو وڏو عرصو به ناهي ٿيو. پر پوءِ به اِها هڪ حقيقت آهي ته اسان جيڪي هن ڌرتي تي اڄ آهيون، سڀاڻي نه هونداسين ۽ ماضي جو حصو ٿي وينداسين. پر نئين يا ايندڙ پيڙهي جي لاءِ انهن شخصتن متعلق ڏنل تفصيلي تعارف دوربيني جو ڪم ڪندو، جيڪا آسمان ۾ نظرن کان اوجهل ۽ ڏور تارن کي کوجي اُنهن جي روشني ۽ ڏيا کي جڳ سان روشناس ڪرائڻ ۾ مدد ڪري ٿي.
    هن ڪتاب ۾ ذڪر هيٺ آيل مختلف شخصيتن جو پنهنجي پنهنجي فيلڊ ۾ پنهنجو ڏانءُ، انداز ۽ پورهيو آهي، بلڪل ايئن جيئن هڪ باغ ۾ هر گل جي پنهنجي سڳنڌ ۽ سونهن هوندي آهي. مون وس آهر ڪوشش ڪئي آهي ته پنهنجي ٻولي جي لفظن جي جڙاءُ ۽ دل جي ڌرتي مان جنم وٺندڙ خيالن سان توهان پڙهندڙن تائين انهن شخصيتن جي جوهر کي نمايان ڪجي. اُن ۾ آئون ڪيترو پاڻ ڀرو ٿيو آهيان، ان جو فيصلو مون کي ناهي ڪرڻو. باقي آئون ايترو ضرور چوندس ته اسان جيڪي ڏات ڌڻي يا قلم ڌڻي آهيون، يا اُن کانسواءِ سياسي، سماجي ورڪر، پڙهندڙ يا ٻيو ڪجهه آهيون، اچو ته اُنهن سڀني ڪلارڪارن، فنڪارن، اديبن، شاعرن توڙي سماجي ۽ سياسي ورڪرن جي زندگين تي اُنهن کي جيئري مڃتا ڏيندي اُنهن جا جنم ڏڻ ملهايون، ساڻن رهاڻيون ڪريون ۽ اُنهن جي ادبي، سماجي توڙي سياسي پورهيئي کي عام عوام تائين پهچائڻ ۾ پنهنجي حصي جو ڪم ڪريون، ته جيئن هن ڌرتي تي روشن خيالي جو تصور واڌ ويجهه پائي سگهي ۽ ايندڙ نسل اُن روشني مان شعور جي آبياري ڪري، مستقبل ۾ هڪ اهڙو صاف سٿرو سماج جوڙي سگهي، جيڪو پيار محبت ۽ ڀائيچاري جو اهڃاڻ ۽ گهوارو هجي. جنهن ۾ هر انسان جو خواب ايئن ساڀيان ماڻي جيئن تخليق سرجڻهار کي امرتا ۽ سڦلتا بخشي ٿي.

    ڀُونءِ جو بندو
    -ڀوَن سنڌي

    bhawansindhi1@gmail.com


    ڌرتيءَ جا چنڊ - مضمون / مقالا

    سچل سرمست

    سچل سرمست

    تعارف
    سچل سرمست درازن شريف (درازا) ۾ 1739ع ۾ جنم ورتو ۽ 1827ع ۾ وفات ڪئي. سندس اصل نالو عبدالوهاب ۽ والد جو نالو صلاح الدين هو، سندن حسب نسب حضرت عمر فاروق سان 39 پيڙهي ۾ ملي ٿو. سچل جا والدين سندس ننڍپڻ جي عمر ۾ ئي وفات ڪري ويا. انهي ڪري اُنجي تربيت سندس چاچي ميان عبدالحق فاروقي جي حصي ۾ آئي، جيڪو اُن وقت درازا جو گادي نشين به هو. سچل ننڍپڻ ۾ ئي قرآن شريف حفظ ڪري ورتو ۽ اُردو، هندي سرائيڪي فارسي ۽ سنڌي ٻولي تي دسترس حاصل ڪئي. سچل سرمست جو شاعري کان سواءِ موسيقي سان به لڳاءُ هو. هو چئن تارن وارو تنبورو ۽ دهل وڄائيندو هو ۽ موسيقي تي وجد ۾ اچي رقص ڪرڻ لڳندو هو. هو عام طور تي سادو کائيندو هو. مرچن سان گڏ ڏڌ ۽ جَو هنجي من پسند خوراڪ هئي. هو جانورن کي پنهنجي روبرو ڪهڻ نه ڏيندو هو ۽ اڪثر سڌي پٽ يا صندل تي سمهندو هو. هن جو رنگ گندمي، قد درميانو ۽ چهري تي ڏاڙهي سجائي رکندو هو. عام طور سفيد پهراڻ پائيندو هو ۽ گوڏ ٻڌندو هو ۽ جسم کي شال ويڙهي رکندو هو. مٿي تي سائي رنگ جي ٽوپي تي سائي رنگ جي دستار ٻڌندو هو. سچل پنهنجي چاچي ميان عبدالحق فاروقي جي نياڻي سان شادي ڪئي جنهن مان کيس هڪ پٽ به ٿيو. سندس زال ۽ پٽ جلدئي گذاري ويا، اُن کانپوءِ هن وري شادي نه ڪئي. سچل مذهبي ڪٽرپڻي جي خلاف هو. هو جتي مسلمان درويشن تي ڀيرا ڪندو هو اُتي هندن جي اوتارن تي به حاضري ڀريندو هو. سچل سرمست جو شمار سنڌ جي ڪلاسڪ شاعرن ۾ ٿئي ٿو جنهن سنڌي کان علاوه ٻين ٻولين ۾ به شاعر ڪئي. سندس ڪلام رسالي جي صورت ۾ ڇپيل آهي ۽ هن جي زندگي ۽ ڪلا تي ڪيترن ئي اديبن ۽ عالمن جا نه صرف مقالا پر ڪتاب به شايع ٿيل آهن. سچل سرمست جي سدا حيات شاعري کي ڪيترن ئي سنڌي، اُردو ۽ فارسي ٻولي جي گلوڪارن ڳايو آهي. سچل سائين جو مزار درازا شريف ۾ آهي.
    ***


    سچل سارو سچ
    اڄوڪي تقريب جو ڏنل موضوع، “سچل سرمست جي شاعري تي شيخ فريدالدين عطار جا اثر، ۽ رسالو سچل سائين” منهنجي خيال ۾ ٽن موضوعن کي گڏي هڪ موضوع ٺاهيو ويو آهي. نمبر پهريون سچل سائين جي شاعري، نمبر ٻيون سچل سائين جي شاعري تي شيخ فريدالدين عطار جا اثر ۽ نمبر ٽيون سچل سائين جي رسالي جو مرتب مرزا علي قليچ بيگ. جيئن ته انهن ٽنهي موضوعن تي جامع ڳالهائي سگهجي ٿو يا لکي سگهجي ٿو، پر وقت جي نزاڪت کي ذهن م رکندي ڪوشش ڪبي ته ڪوزي ۾ درياهه کي بند ڪجي.

    ورهاڱي کان اڳ ۽ ستت ئي پوءِ واري عرصي ۾ علم ادب جي فروغ، واڌ ويجهه، اوسر ۽ ڦهلاءُ جي مد ۾ ڪيترائي معزز ۽ معتبر نالا اچي وڃن ٿا، جن ۾ ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي، محمد صديق مسافر، رحيم داد مولائي شيدائي وغيره ته شامل ئي آهن، پر ٽنڊي ٺوڙهي جي مرزا خاندان جون ادب لاءِ ڪيل خدمتون به وسارڻ جوڳيون ناهن.

    مرزا قليچ بيگ- سنڌ جي هن يگاني مرد، نه صرف طبعزاد ادب تخليق ڪيو پر ترجمي جي مد ۾ پڻ دنيا جي علم ۽ ادب کي ترجمو ڪري سنڌ جي ماڻهن جي ذهني اوسر ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. جتي مرزا قليچ بيگ جو تخليقي توڙي ترجمو ڪيل ادب معياري آهي، اُتي مقدار جي حساب سان به گهڻو آهي. جي اُن جي ڪتابن جي ورقن کي ڌرتي تي پکيڙجي ته اُهي ايتري جڳهه والاريندا جيترا هن ڌرتي جي سيني تي وڻ ٽڻ موجود آهن.
    مرزا قليچ بيگ جو چوٿون نمبر ڀاءُ مرزا علي قليچ بيگ، جنهن جي ولادت 1856ع ۽ وفات 1904ع ۾ ٿي، سو به ادب جي ان قافلي جو روح روان ٿي گذريو آهي، جنهن وري اسان تائين سچل سائين جي شاعري کي سموهي رسالي جي شڪل ۾ اسان تائين پهچايو آهي. پاڻ جتي سرڪاري نوڪري کي ايمانداري سان ٽائيم ڏنائين، ته اُتي پنهنجي ادبي ذوق ۽ روح جي تسڪين جي پورائي لاءِ اٺن سالن کان به وڌيڪ عرصو محنت ڪري، جهرجهنگ جهاڳي سچل سائين جو ڪلام، جيڪو سنڌ کان علاوه هندستان جي ٻين خطن ۾ به وکر وکر ٿيل هو، ميڙي گڏ ڪيائين. هن هٿ آيل قلمي نسخن جو نه صرف غور سان مشاهدو ڪيو، بلڪه اُنهن کي پاڻ ۾ ڀيٽي سچل سائين جو رسالو ترتيب ڏنو. جيڪو پهريون ڀيرو 1902ع ۾ ميسرز هري سنگهه اينڊ سنس سکر ليٿو ڇپائي ۾ پڌرو ڪيو. اُن وقت ۾ اُنجي قيمت سوا روپيو رکي وئي. اڄ جڏهن گوگل جو دور آهي ۽ پڻ ڪميونيڪيشن سبب ڄاڻ تائين رسائي آسان ٿيندي وڃي، ته توهان تصور ڪريو ته مرزا علي قليچ بيگ کي هن ادبي پورهيئي کي سهيڙڻ لاءِ ۽ تڪميل تائين پهچائڻ لاءِ ان وقت ۾ جڏهن ڪا به ان قسم جي سهوليت يا ٽيڪنالاجي ميسر نه هئي ڪيڏا نه ڪشت ۽ ڪشالا ڪڍڻا پيا هوندا. هي سڄو رسالو خطاطي يعني هٿ اکر ۾ لکيل آهي. هن رسالي جو ٻيو ڇاپو نواز علي شوق جي تصحيح هيٺ 2008ع ۾ ثقافت کاتي پاران سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي ڇپائي پڌرو ڪيو، جيڪو جديد ڪمپوزنگ (ٽائپ) واري فارميٽ ۾ آهي ۽ ان جي قيمت 800 رپيا آهي. هن رسالي جو ٽيون ڇاپو ڪويتا پبليڪيشن حيدرآباد پاران نصير مرزا ۽ سندس دوستن جي سهڪار سان اصلوڪي ڪتابت يعني پهريئين ڇاپي واري خطاطي ۾ 2018ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو ويو آهي. هن رسالي جي خاص خصوصيت اِها آهي ته اڳيئين رسالي جيان ان جي ترتيب الفابيٽيڪل انداز ۾ ڏنل آهي، جنهن ڪري گهربل شعر ڳولڻ ۾ آساني ٿئي ٿي. هن رسالي جي پهريئين ڀاڱي ۾ ڪل 1338 ڪافيون ۽ ٻئي ڀاڱي ۾ سه حرفيون، بيت ۽ وحدت نامو شامل آهي.
    هتي اِهو ذڪر ڪرڻ به آئون لازمي سمجهان ٿو ته جتي مرزا علي قلي بيگ جو رسالو سچل سائين جو مرتب ڪرڻ ۾ بي بها پورهيو شامل آهي، اُتي آغا غلام نبي گل حسن خان صوفي به سچل سائين جو رسالو پنهنجي انداز ۾ ترتيب ڏيڻ تي جس لهڻي ۽ سندس قلمي پورهيئي کي مان نه ڏيڻ به سراسر زيادتي ٿيندي. آغا غلام نبي گل حسن خان صوفي جي ترتيب ڏنل رسالي سچل سرمست جو پهريون ڇاپو 1933ع ۾، سچا نند نيونند رام تلريجا، شيام سندر پريس ۾ ڇپيو ۽ اُن وقت اُنجي قيمت 5 رپيا هئي. اُن ئي رسالي جو ٻيو ڇاپو ڊاڪٽر مخمور بخاري جي تصحيح هيٺ ثقافت کاتي پاران 2015ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو ويو، جنهن جي قيمت 600 رپيا آهي.
    هاڻي اچون ٿا سچل سائين جي طرف. شهردرازا جنهن جي اصل سڃاڻپ ئي سچل سرمست آهي، سندس اصلي نالو عبدالوهاب خان ۽ پيءُ جو نالو صلاح الدين هو. پاڻ 1739ع ۾ ڄائو ۽ 1827ع ۾ وفات ڪيائين. اهو ڪلهوڙن جي حڪومت جو آخري ۽ ٽالپرن جي اوج جو دور هو. سچل جا ماءُ پي ننڍي هوندي ئي وفات ڪري ويا هئا ۽ سندس تربيت اُن وقت جي درازا جي گادي نشين ۽ سندس چاچي ميان عبدالحق فاروقي جي اثر هيٺ ٿي. سچل قرآن شريف جو ياد حافظ هو ۽ اُن کانسواءِ هن عربي، فارسي، سرائيڪي، اُردو ۽ ٻين ٻولين تي به دسترس حاصل ڪئي. سچل جي ذهني ۽ روحاني تربيت ۾ سندس چاچي ميان عبدالحق فاروقي جو وڏو اثر ۽ ڪردار رهيو ۽ جنهن لاءِ چئي سگهجي ٿو ته هو صحيح معنيٰ ۾ سندس اوائلي گرو هو، جنهن جو ذڪر سچل ڪٿي ڪٿي هن جو نالو کڻي پڻ ڪيو آهي.
    عاشق انالحق آکيو پيو آکيج،
    هادي عبدالحق، حرف هدايت هي چوي.
    پهريان ننڍڙي ۽ پوءِ جوان سچل جي پڇيل زندگي جي پراسراريت، ڪائنات جي رنگينين ۽ ڪل ۽ جز بابت سوالن، ۽ ميان عبدالحق فاروقي جي موٽ ۾ ڏنل جوابن جو ماحول مون کي بلڪل اهڙو پي لڳو آهي، جهڙو يونان جي شهر اٿينس ۾ اُستاد فيلسوف سقراط جو چار سئو سال قبل مسيح (399-469Bc) پنهنجي اسڪول آف ٿاٽ ۾ پنهنجن شاگردن پليٽو، ارسطو، زينوفون کي سمجهائيندي، ڄڻ هن وشال ڪائنات جي وجود ۽ زندگي جي عميق رازن تان پردو کڻندو هجي. ميان عبدالحق فاروقي جي پڙهايل فڪري ڦرهي، سچل کي نون گسن تي وٺي هلي. هن ڄاڻي ورتو ته زندگي جو مطلب ۽ مقصد پڻ زندگي مان ئي حاصل ٿئي ٿو.
    هُت هيس معشوقي ۾،
    هتي عاشق ٿي آياس.
    سچل ڄاڻي ورتو ته هي ڪائنات جوهر ۾ حسن ۽ محبت جي بلند ۽ عظيم روح جو آئينو آهي.
    ميان عاشق معشوق بيچ فرقي نيست،
    شخصي سايا، هرگز جدا نمي گرده،
    ترجمو: عاشق ۽ معشوق جي وچ ۾ ڪجهه به فرق ناهي. پاڇو جسم کان جدا ٿي نٿو سگهي.
    جوڳ ۾ چيل ڪافي ۾ چوي ٿو:
    ڏوجهان ڪوئي نهين، هئين تون آپ الله
    چون ٿا ته سچل جڏهن شاعري ڪندو هو ته وجد ۾ اچي ويندو هو ۽ کيس دنيا جي سُرت به نه رهندي هئي. سندس حلقي جا فقير اُها لکي وٺندا هئا. پر جڏهن کين ڪا سٽ سمجهه ۾ نه ايندي هئي ته سچل جي هوش ۾ اچڻ کانپوءِ اُن سٽ بابت پڇندا هئا ته سچل وراڻيندو هو، “مان توهان کي هاڻ اُها سٽ ٻڌائي نٿو سگهان ڇو جو جنهن کي توهان ٻڌو پي اُهو آءٌ نه هيس، پر هڪ اعليٰ راڳ آلاپيندڙ منهنجي ذريعي پي ڳالهايو.”
    جڏهن جدلياتي ۽ تاريخي ماديت جي وسيع ڄاڻ رکندڙ سماج وادي ڏاهن اينگلس ۽ ڪارل مارڪس اوڻهويهين صدي (1883-1818) ۾ مادي کي هن ڪائنات جو اصلي روح قرار ڏيندي، خيال کي ثانوي حيثيت ڏيئي، عقيدن جي دنيا ۾ طوفان کڙو ڪري ڇڏيو هو، تڏهن اسانجي سچل سائين، اُن کان گهڻو اڳي اُن جي نشاندهي ڪري چڪو هو.
    نقاش درنهان شده نقش ست آشڪار،
    خود صانعست، صورت گرنيڪ و بدضع.
    معنيٰ نقش ظاهر آهي جنهن ۾ نقاش لڪل آهي.
    آئون اهو نٿو چوان ته اسانجو سچل يا ٻيا همه اوست کي مڃيندڙ لا مذهب صوفي، سائنسي بنيادن تي مادي کي هن ڪائنات جو جوهر سمجهندا هئا، پر جيئن ته شاعر جي اُڏام سندس دماغي سگهه کان گهڻي مٿي هجي ٿي، دراصل اُها ئي سگهه لاشعوري طور تي اُن ڪائنات جي پراسراريت کي پرکڻ لاءِ هڪ ذريعو ضرور رهي آهي. صوفين ۾ همه اوست جو فڪر جيڪو چوي ٿو، جيو آتما ۽ پرماتما ساڳي چيز آهي يعني هڪ آهي، ته ان جو مطلب اُهو مادي جي وجود کي قبول ڪري ٿو، ۽ خيال يعني روح اُن جو پرتوو يا توانائي جي حيثيت ۾ اُنجو ئي حصو يا اُن مان نڪتل سمجهي سگهجي ٿو، ۽ مادي کان سواءِ اُنجو تصور به نٿو ڪري سگهجي.
    ڇو ٿو ڳولين يار، سوتان تو ۾ آهي.
    يا وري سچل مادي تصور کي اڃان به اڳتي وڌائيندي پنهنجي شاعري ۾ اجهو هيئن اظهار ٿو.
    پاڻ وڃائي پاڻ ڳولي لهج پاڻ کي،
    پاڻ منجهائي پاڻ کي پوندي ڄاڻ سڃاڻ،
    مکڻ اکر هڪڙو، سوئي کير سنڀاڻ،
    اهو اٿئي اهڃاڻ، ڳهلا انهي ڳالهه جو.
    هڪ اندازي موجب سچل جو ڪلام 936660 شعرن تي مشتمل آهي. سچل جي تصنيفات ۾ هيٺيون مواد شامل آهي.
    1- “ديوان آشڪار” فارسي ۾.
    2- “رسالو سچل سرمست” ڀاڱون پهريون، هن ۾ سنڌي سرائيڪي جون ڪافيون ۽ سه حرفيون شامل آهن.
    3- “رسالو سچل” ڀاڱو ٻيو، هن ۾ سنڌي بيت ۽ سه حرفيون شامل آهن.
    4- “راز نامو”، هن ۾ فارسي شعرن ۾ معرفت جون پروليون آهن.
    5- “رهبرنامو”، هي به فارسي ۾ آهي جنهن م چيلن لاءِ گيان جو درس آهي.
    6- “قتل نامو ۽ گداز نامو”، هن ۾ عشق ۽ درد جو داستان آهي.
    7- “تارنامو ”، هن ۾ لوهه جي تار جي ذريعي زندگي جا درد، پيڙائون ۽ ڄمڻ کان وٺي منزل ماڻڻ تائين جون رمزون سمجهايل آهن.
    8- ساقي نامو
    9- وحدت نامو
    10- مشنوي وصلت نامو
    11- مثنوي درد نامو
    12- مثنوي عشق نامو
    13- مرثيو.
    سچل پنهنجي شاعري ۾ ڪيئي تخلص استعمال ڪيا آهن. سنڌي، اُردو ۽ سرائيڪي شاعري ۾ سچو، سچيڏنو ۽ فارسي ۾ آشڪارا ۽ خدائي تخلص طور ڪم آندو آهي.
    سچل سائين تقريبن سڀني مروجه سرن ۾ پنهنجي شاعري جا جوهر ڏيکاريا آهن، جن ۾ سر آسا، سُر گُجري، سر ڀيروي، سرڪو هياري، سر سارنگ، سُر مالڪوس، سرکنڀات، سُر راڻو، سُر ڪلياڻ، سر پهاڙي، سرڪاريهر، سر سورٺ ۽ سُر جوڳ شامل آهن. سچل سائين جي شاعري کي اهو اعزاز حاصل آهي ته سندس شاعري کي ڄاتل سڃاتل ۽ مڃيل راڳ جي ڇهن قسمن، هر هڪ ڀيرو راڳ، هنڊول راڳ، مينگهه راڳ، سريراڳ، ديپڪ راڳ ۽ مالڪوس راڳ ۾ بخوبي ڳائي سگهجي ٿو.
    سچل سائين جتي انساني دردن جذبن ۽ احساسن کي پنهنجي شاعري ۾ سموهيو آهي، اُتي هن پنهنجي شاعري ۾ مذهبي ڪٽر پڻي کي به ننديو آهي. سچل سائين ڪلهوڙن جي آخري ۽ ٽالپرن جي اوج وارو دور به ڏٺو، جنهن ۾ مذهب جي بنياد تي ماڻهن سان زيادتيون ڪيون ٿي ويون. هن جي ذهن ۾ ڪلهوڙن جي دور جي عالم مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جو اُهو پروانو به اڃان تازو هو جنهن ۾ شريعت جي آڙ ۾ ماڻهن جو جيئڻ حرام ڪيو ويو هو. نه صرف مذهبي اڪثريت اُن جي پيش ڪيل شريعت جي انتهاپسندي سبب ظلم هيٺ هئي، پر مذهبي اقليت جو به جيئڻ عذاب بنجي چڪو هو. اهو ئي سبب هو، جو هو پنهنجي شاعري ۾ مذهبي ڪٽرپڻي کي ننديندو نظر اچي ٿو.
    مذهبن ملڪ ۾ ماڻهو منجهايا،
    شيخي پيري بزرگي بي حد ڀلايا،
    ڪي نمازون نوڙي پڙهن ڪن مندر وسايا،
    اوڏو ڪين آيا، عقل وارا عشق کي.
    هو مذهب جي نالي ۾ انسانذات تي ٿيندڙ ظلم تي بي باڪ چئي ڏي ٿو
    ماٺ ڪيان تان مشرڪ ٿيان، ڪڇان ته ڪافر،
    انهي وائي ور، ڪو سمجهي سچيڏنو چوي.
    هو تنگ نظر ملائن ۽ مذهبي پيشوائن کي ننديندي، انسانيت جو درس ڏيندي چوي ٿو،
    لطف مستی تو کیا جانے حافظ
    اری صاحب، تونے تو پی ہی نہیں
    يا وري وري سندس هي بيت ملاحظه ڪريو،
    ملان ڇڏ ڪتابن پچر، مئي جي پي پيالي،
    پل ۾ ملان صاحب ٿين تون، مست و مست موالي،
    ڇڏ ڪلالي قاضي صاحب، قائم ٿج ڪلالي،
    معاف ڪرائي عشق ايئن ٿو، سچل ڪاف ڪُشالي.
    سچل سرمست جي شاعري کي جيڪڏهن شاهه لطيف جي شاعري سان ڀيٽ ڪجي ته، اهو دعويٰ سان چئي سگهجي ٿو ته هو روشن خيالي ۾ لطيف سائين کان ٻه قدم اڳتي هو. ان جو هڪ سبب ته اهو ٿي سگهيو ٿي ته، وقت گذرڻ سان گڏ سماجي ۽ سياسي حالتون جيڪي تبديلي جو ڪارڻ بنجن ٿيون، اُهي به اُن جو سبب ٿي سگهن ٿيون. جيئن ته شاهه لطيف ڪلهوڙا دور، جڏهن ته سچل سائين هڪ ڏاڪو اڳتي يعني ٽالپر دور ۾ جيئي ٿو. ظاهر آهي ته سماج ۾ وڌندڙ ۽ تبديل ٿيندڙ وقت سان تبديلي فطري عمل آهي. شاهه لطيف نجي زندگي ۾ شريعت جو پابند هو ۽ مذهب ۾ ڄاڻايل عبادتون ۽ روزا پڻ رکندو هو. ڪنهن حد تائين پيري مريدي جو قائل به هو، جڏهن ته سچل سائين شريعت جي جهنجهٽ کان نه فقط آزاد هو پر هو پيري، مريدي کان به پري هو. سچل مذهبي سوچ کان مٿي سوچيندڙ عالمي انسانيت جو قائل هو.
    هندو مومن ناميان،
    آءُ جوئي آهيان سوئي آهيان.
    منهنجي هن بحث جو مطلب لطيف سائين کي نيچو ڏيکارڻ ۽ سچل کي اعليٰ ڏيکارڻ قطعي ڪونهي پر اُنجو مطلب سماج جي ڏاڪي به ڏاڪي اوسر جي حوالي کان آهي. سچل جو مزاج عاشقانه هو نه ڪه زاهدانه.
    بزرگ شيخ مشائخ، يارو نا مخدوم ٿياسين،
    نڪي قاضي نڪي ملان، معلم پير بنياسين.
    سچل سائين چوي ٿو ته آئون جڏهن وحدت جي مقام تي پهچي چڪس ته ڀلا شريعت منهنجي ڪهڙي ڪم جي؟
    اُتي ڪفر نه اسلام، آهي سڀني کي سلام،
    مذهب مور نه مڃان، آءُ مشرب منجهه مدام
    يا وري سندس هي بيت ڏسو جنهن مان وضح ٿئي ٿو ته هو مذهبي تنگ نظري کان آجو ۽ عالمي انسانيت جو قائل هو.
    جان جان تون گمراهه نه ٿيندين، تان تان راهه نه لهندين،
    کاءُ حرام ۽ پي پليدي، پاڪي ساڻ نه وهندين،
    سچا سچ پلئه نه پوندو، جان جان مان ۾ رهندين.
    سچل پيري مريدي کان سخت چڙ هئڻ سبب پنهنجي گهڻي شاعري ساڙائي ڇڏي، انهي ڪري جو هن کي گمان هو ته (جيڪو منهنجي خيال ۾ غلط هو ۽ هن کي شاعري جي هيڏي ساري ميراث کي ايئن ضايع ڪرڻ نه گهربو هو) متان ماڻهو اُن کي تبرڪ ۽ تقدس طور استعمال ڪن، ۽ ڪٿي سچ جي راهه کان ڀٽڪي عقيدي جي جهاليت پسندي ڏانهن مائل نه ٿين. جيڪڏهن اسان قريب کان نظر ڦيرايون ته اسان وٽ ٿيو به ايئن آهي. اسانجي صوفي درويشن، شاعرن ۽ معتبر هستين جون مسند نشينيون، تڪيا، گاديون ۽ اوتارا، جهاليت ۽ انڌ شردا سان سرشار ملندا، جتي ماڻهو هڪ دفعو داخل ٿيو ته اوندهه ۽ بي شعوري اُن جو مقدر ٿيو وڃي. اُتي اهڙو ڪو به سماع يا منظر ۽ ماحول نه ملندو، جنهن مان پتو پئجي سگهي ته هي اُهي ئي آستان آهن، جتان شعور جي آبياري ٿي هئي ۽ روشني جو تصور هر ڏس ڦهليو هو ۽ جتان ماڻهو جاڳرتا، سُر، سچ ۽ ساڃاهه جي جهول ڀري موٽندا هئا. سچ پڇو ته ڪڏهن ڪڏهن ته مون کي ڊپ لڳندو آهي ته، ڪٿي اسين شيخ اياز جهڙي عظيم شاعر جي شعور ۽ ساڃاهه جي شاندار ۽ عظيم پورهيئي کي، جيڪو جڳ لاءِ روشن راهه مثل آهي، اُن کي به اُنجي چيل دعائن م گم ڪري مٿس اڏيل مقبري کي به ڪنهن مرشد پير جي درگاهه ۾ تبديل ڪري نه ڇڏيون. ۽ پوءِ اها اسان لاءِ ڪيڏي نه بدنصيبي ٿيندي جو هيڏو وڏو شاعر، جنهن جي فڪر مان ماڻهو رهنمائي وٺن ڌي پٽ ڏيڻ وارو ڪوڙو مرشد ٿي وڃي، بلڪل ايئن جيئن اسانجي لطيف، سچل ۽ ٻين عظيم هستين سان ٿي چڪو آهي.
    ڪن ڏاهن اڪابرن جو خيال آهي ته شاهه عبدالطيف ڀٽائي فڪر ۾ صوفي هو، جڏهن ته سچل سائين فڪر ۾ لا مذهب صوفي هو. پر آئون اڃان به هڪ قدم اڳتي، کيس سيڪيولر مائينڊ جو عظيم شاعر سمجهان ٿو. مذهبي ڀيد ڀاءُ کان پري هندو مسلم کي هڪ سڳي ۾ پوئي انسانيت پسائيندڙ سندس هي شاعري ملاخطه ڪريو.
    سچو ساءِ هڪڙو،ناهي شڪ گمان،
    ڪاٿي پڙهيو پوٿيون، ڪاٿي پڙهي قرآن،
    ڪڏهن ڪرشن ڪان، ڪڏهن احمد عرب ۾.
    رنگ نسل، مذهب کي اهميت نه ڏيندي سچل سائين ننڍي کنڊ جي سڀني مقدس جاين مذهبي ۽ ڌرمي ڪردارن، بزرگن کي هڪڙي نظر سان ڏسي ٿو. هن لاءِ گرونانڪ لاءِ به ايتري ئي عزت آهي جيتري ڪنهن پيغمبر لاءِ ۽ ايئن ئي هو ڪرش ڀڳوان يا لڇمڻ کي به ساڳئي خاني ۾ رکي ٿو.
    بندرابن میں بیٹھک میری
    رمز سچل دی الٹ ارویری
    گنگا جمنا وچ اشنان،
    نانک لچھمن میرا نام
    ساڳي ئي سوچ سندس هن شعر ۾ به پسي سگهجي ٿي.
    مرلي مست آواز موهن،
    روحڙ منجهه ريجهايو.
    عطر عنبيرڪنيءَ ڪاتر،
    مون تان مشڪ ملايو.
    سچو جو سيڪيولر ۽ مذهبي نفرت کان پري، عالم ۽ انسان دوست هئڻ لاءِ، هن کان مٿي ڀلا ٻيو ڪهڙو دليل ڏيئي سگهجي ٿو.
    آه روح منهنجو عرب ۽ خاڪ هند جي،
    احمد مليو هتي، ته هتي مليو شام آه.
    شاهه لطيف ڀٽائي اناالحق کي معرفت يعني پردي ۾ ظاهر ڪيو آهي. مثال طور هيٺيئين بيت ۾ شاهه سائين ظاهري طور پنهون جو سهارو وٺي اناالحق جي ڳالهه سڌي طرح نه بلڪه پردي ۾ ڪري ٿو.
    جان جو پيهي پاڻ م ڪيم روح رهاڻ،
    نڪو ڏونگر ڏيهه ۾، نڪا ڪيچين ڪاڻ،
    پنهون ٿيس پاڻ، سسئي تان سور هئا.
    جڏهن ته سچل سائين معرفت جو سهارو نٿو وٺي، پر پاڻ کي سنئون سڌو ظاهر ڪندي سڌي ڳالهه ڪندي نٿو هٻڪي.
    عاشق اناالحق آکيو پيو آ کيج،
    هادي عبدالحق، حرف هدايت هي چوي.
    اُن کانسواءِ شاهه لطيف ۽ سچل جي شاعري جو موازنو ڪبو ته، شاهه لطيف مولانا رومي ۽ ڀڳت ڪبير جي شاعري جو اثر وٺندي، ڪٿي ڪٿي سندن شاعري جو سنڌي ۾ هوبهو ترجمو ڪيو آهي.
    مثال طور مولانا رومي جو شعر آهي،
    مثنوي و مولوي و معنوي،
    هست قرآن درزبان پهلوي
    وري شاهه عبداللطيف جو هي بيت ڏسو
    جي توبيت ڀانئين سي آيتون آهن،
    نيومن لاهين، پريان سندي پار ڏي.
    ڀڳت ڪبير جو دوهو آهي،
    آ ئو بسو مورے نینن میں،
    میں پلک ڈھانپ تورے نوں،
    نامیں دیکھن اور کو
    اور نا توہی دیکھن دوں
    ساڳئي دوهي کي لطيف سائين پنهنجي شاعري ۾ هيئن آڻي ٿو،
    اکين ۾ ٿي ويهه، ته واري ڇپر ڍڪيان،
    توکي ڏسي نه ڏيهه، آءٌ نه پسان ڪي ٻيو.
    جڏهن ته سچل سائين پنهنجي دور کان اڳ جي شاعرن کي پڙهيو ضرور آهي ۽ اثر به ورتو اٿس، پر هن جو شاعري ۾ پنهنجو انداز ۽ اسلوب آهي، جنهن تي ٻي ڪنهن شاعر جي ڇاپ نظر نٿي اچي. صرف ايترو چوڻ ڪافي نه ٿيندو ته سچل سرمست پنهنجي زماني جي شاعرن جي شاعري کان بخوبي واقف هو، بلڪه پنهنجي عهد کان به ڪافي اڳي جي شاعرن جي شاعري جي ڀلي ڀت ڄاڻ به رکندو هو. هن نه صرف اُنهن جي خيالن جي گهرائي کي جانچيو ۽ پرکيو بلڪه ڪٿي ڪٿي هن اُنهن جي خيالن جي تسلسل کي اڳتي وڌائيندي، اُنهن ۾ پنهنجي فڪر جا چٽ چٽيندي واڌارو پڻ ڪيو. هندستان جو نالي وارو صوفي سنت شاعر ڀڳت ڪبيرجنهن جو 1440ع ۾ جنم ٿيو ۽ 1518ع ۾ وفات ڪري ويو، جو پڻ سچل سرمست خوب مطالعو ڪيو ٿو ڏسجي. بلڪه ڪٿي ڪٿي ته هو ڀڳت ڪبير جي خيالن کان به اوچي اُڏام ڪندي نظر اچي ٿو، مثلن ڀڳت ڪبير جو هي دوهو پڙهو.
    حدحد چلیا ہرکوئی، بیحد نہ چلیا کے،
    بیحد کے میدان میں، کھڑا کبیرا روئے۔
    سچل سائين پنهنجي فڪر ۾ ڪبير کان به اڳتي، لاحد کي به اورانگهيو وڃي. مثلن
    حدين وڃي هر ڪو لاحد وڃي پير،
    سچو سو فقير، جو لاحد لنگهي وڃي.
    سچل سرمست نه صرف هڪ ڀلوڙ في البديع شاعر هو پر اُن سان گڏ هو راڳ ۽ موسيقي جي به سٺي ڄاڻ رکندو هو. سچل سائين نه صرف پاڻ ڳائيندو هو، پر چئن تارن وارو تنبورو ۽ دهل به وڄائيندو هو. هو موسيقي جي مستي ۾ ڪڏهن ڪڏهن وجد ۾ اچي نچندو هو ۽ تڏهن هن جي اکين مان ڳوڙها وهي نڪرندا هئا.
    همي رقصم همي رقصم همي رقصم برسوائي،
    همه مردم همي گويندا بود اين شخص سودائي.
    ترجمو: آئون رقص ڪري رهيو آهيان. آئون رقص ڪري رهيو آهيان. آئون رسوائي سان گڏ رقص ڪري رهيو آهيان. ماڻهو سچ ٿا چون ته هي شخص چريو آهي.
    جتي سچل سرمست جو راڳ ۽ موسيقي سان بي حد لڳاءُ هو اُتي هو انتهائي حسن پرست به هو. منهنجي خيال ۾ جيڪو حسن پرست ناهي، اُهو شاعر ٿي ئي نٿو سگهي. هڪ دفعي جڏهن اسان جو سچل سائين سخت بيمار ٿي بستري ڀيڙو ٿيو ته، مير رستم خان، جيڪو کيس ڀانئيندڙ هو، هن ڏي ڪڃريون موڪلي ڏنيون. جيواڻي ڪڃري هار سينگار ڪري پنهنجي من موهڻي ادا سان جيئن ئي سندس ڪمري ۾ داخل ٿي ته اسانجو سچل سائين بستري مان هڪدم اُٿي کڙو ٿيو ۽ بي اختيارچئي ڏنو، “بسم الله! اسانجا حڪيم پڌاريا آهن، اُنهن جي ايندي ئي اسانجي بيماري ختم ٿي ويئي.”
    هاڻ ڪجهه سچل سرمست جي مرشد شيخ فريدالدين عطار بابت، جنهن جي شخصيت ۽ شاعري سچل تي گهر اثر ڇڏيا. شيخ فريدالدين عطار جنهن جو اصل نالو ابو حامد ولد ابوبڪر ابراهيم هو 1145ع ۾ ڄائو ۽ 1221ع ۾ وفات ڪري ويو. هن جي پيدائش ايران جي شهر نيشاپور ۾ ٿي، جتي هو حڪمت به ڪندو هو ۽ عطر جو دڪان به هلائيندو هو. صوفياڻي رنگ ۾ رچجڻ کانپوءِ هن دڪان جو سمورو سامان، هندستان جي صوفي گرونانڪ جaن ماڻهن ۾ ورهائي ڇڏيو. فارسي زبان ۾ سرجيل شاعري جي انوکي ڏات ۽ صوفياڻي رمزن جي ڪري، هو تاريخ ۾ شيخ فريدالدين عطار جي نالي سان سڃاتو ويو. سچل سائين هن کان پنج سئو سال پوءِ جو آهي. هن سندس تخليق ڪيل ڪتاب منطق الطير، تذڪرة اولياءُ ۽ طب سان لاڳاپيل ڪتاب مصيبت نامه، الاهي نامه ۽ ڪو سرو نامه پڙهيا ۽ هن جو شيدائي ٿي پيو. جيتوڻيڪ سچل سرمست جي اوائلي تربيت ۽ زندگي جي رازن، رمزن کي پروڙڻ ۽ پاڻ ڀرو ڪرڻ ۾ سندس چاچي ميان عبدالحق فاروقي جو وڏو پورهيو آهي، جنهن جو ذڪر هن پنهنجي شاعري ۾ به ڪندي کيس خراج پيش ڪيو آهي، پر هو پنهنجي فڪر جي ڦرهي تي مستقل نشان چٽيندڙ طور، پنهنجو پيشوا شيخ فريدالدين عطار کي سمجهي ٿو. سچل سائين هن جي ڪتابن مان نه صرف زندگي جي رازن، ڪائنات جي پراسراريت، انساني جذبن، قدرن ۽ احساسن جو فلسفيانه جواب ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي، پر هو هن جي شخصيت جي سحر ۾ اهڙو رچجي ويو. جو هو هن کي پنهنجو روحاني رهبر ڪري ويٺو. شيخ فريالدين عطار نه صرف شاعري ۾ اعليٰ مقام رکندو هو پر هن کي سوانح نگاري جي فن ۾ ۾ به دسترس حاصل هئي. ننڍي عمر ۾ مولانا جلاالدين رومي ۽ عبدالرحمان جامي به کائنس فيض پرائي چڪا هئا. مولانا رومي پنهنجي شاعري ۾ شيخ فريدالدين عطار کي خراج عقيدت پيش ڪندي چوي ٿو،
    گرد عطار گشت مولانا،
    ما از به ثنائي و عطار آنکين.
    ستن زبانن (هفت زبان) ۾ شاعري ڪندڙ سچل سرمست پنهنجي روحاني رهبر شيخ فريدالدين عطار، جيڪو کيس ڄاڻ ۽ فڪر جي رستي تي وٺي هليو، اُن جي شان ۾ هن فارسي ۾ کوڙ ساري شاعري ڪئي آهي، جنهن مان هن جو پنهنجي فڪري اُستاد لاءِ مان ۽ مرتبو پسي سگهجي ٿو.
    عطارنبود آنکه خدا بود خدا بود،
    او پاک وجود آنکه خدا بود خدا بود.
    درنام فريد آمد آن، يار يگانه،
    پس عشق فرود آنکه خدا بود خدا بود
    اي دلا خوشبوز شه عطار در جانم رسيد
    آن، زمان يک بارگي از. کفرو دين ماراکشيد
    چئه جلال الدين چئه جامي غاشيه بردار او
    اين چنين تعريف ما ازپير عبدالحق شنيد
    ترجمو: عطار نه هو، هو خدا هو، هو پاڪ وجود عطار نه هو خدا هو. هو يگانو محبوب فريد نالو رکي آيو پر عشق ڪيائين ته خدا ٿي پيو. اي دل! عطار جي خوشبوءِ منهنجي جان ۾ پهچي چڪي آهي. هن ڪيترائي ڀيرا مون کي ڪفر ۽ دين کان ڇڪي ورتو آهي. جلاالدين (رومي) ٿيان يا عبدالرحمان جامي جيڪو اُنجو ساٿي آهي. هي تعريف مون پير عبدالحق کان ٻڌي آهي.
    سچل سائين پنهنجي فڪري رهبر جو پنهنجي سڄي شاعري ۾ تمام گهڻو ذڪر ڪيو آهي ۽ اُنجي ڏاهپ جاڳڻ ڳايا آهن.
    اي صبا با ما حقيقت، شهر نيشاپور کن،
    ميکنم قربان بران، خاک زمين اين جانتن
    خواه از عطار که آن محب، در پير مغان ست،
    ازولي الله دعا، اي آشکارا خويشتن
    ترجمو: اي صبح جي هير! مون کي شهر نيشاپور (فريدالدين عطار جو شهر) جو حال ٻڌاءِ، آئون ته ان سرزمين جي پاڪ مٽي تي پنهنجي جان ۽ جسم قربان ڪريان ٿو. اي آشڪارا پنهنجي لاءِ ان ولي الله خواجه عطار کان دعا گهر جيڪو دراصل محب به آهي ۽ پير مغان به.
    اها جتي حيرت جي ڳالهه چئجي يا ڏکوئيندڙ به يا ان کي اسانجي پنهنجي سماج جي فردن جي نالائقي چئجي جو فريد الدين عطار 12 صدي جو هيڏو وڏو شاعر ڪافي عرصي تائين دنيا جي نظرن کان اوجهل رهيو. پهريون ڀيرو اوڻويهين صدي ۾ جڏهن سندس ڪتاب منطق الطير جو ايڊورڊ فريڊ جيوارڊ Conference of Birds جي نالي سان انگريزي ۾ ترجمو ڪيو ته دنيا ۾ هلچل مچي وئي. اُن کانپوءِ ته سندس فن ۽ پورهيئي تي يورپ توڙي دنيا جي ٻين حصن ۾ وڏو ڪم ٿيو ۽ کيس وڏي پذيرائي ملي. اسانجي سنڌ جي ڌرتي جا شاعر شاهه لطيف، سچل سرمست، خليفو نبي بخش يا ٻيا اسڪالر، پنهنجي قلمي پورهيئي يا فڪري سگهه جي اُڏام ۾ ڪنهن کان گهٽ ناهن. پر ڇا ڪجي، اسان وٽ نه ته اهڙا ادارا آهن ۽ نه ئي ادب ذوق حڪمران، جيڪي پنهنجي ادبي ۽ فڪري هيرن کي دنيا سان روشن ڪرائين. هو ته بس پنهجي پيٽ ڀرڻ ۾ ئي پورا آهن. هنن جو ڀلا علم ادب ۽ سماجي شعور کي اڳتي وڌائيندڙ عظيم انسانن جي پورهيئي سان ڪهڙو واسطو؟ هو ته روشني جي تصور جا به دشمن آهن، بس اوندهه جو اهڃاڻ چاڪي چمڙا آهن.
    سورهين صدي جي انگلينڊ جي شاعر شيڪسپيئر (1616-1564) جي قلمي پورهيئي تي سندس سڄاڻ قوم ايترو ڪم ڪيو آهي جو ڪافي وقت گذرڻ جي باوجود به هو اڄ به ماڻهن ۾ موجود آهي. هنن شيڪسپيئر جي تخليقن روميو جو ليٽ، هيمليٽ، ميڪ بيٿ، اوٿيلو، جوليس سيزر، ٽوئليوٿ نائٽ، مڊسمر نائٽ ڊريم، دَ ٽيمپيسٽ وغيره کي نه صرف ڪتابن ۾ تحقيق، تصيح ۽ تبصرن جي صورت ۾ ماڻهن جي اڳيان آندو، بلڪه آڊيو، وڊيو ۽ جديد دور جي ٽيڪنالاجي سان ڳنڍي سندس فن کي روشناس ڪرايو آهي، جنهن ڪري عام ماڻهو جي اُن تائين رسائي نه صرف آسان ٿي، بلڪه اُنجي تخليقي سگهه ۽ فن کان ماڻهن جي ڀلي ڀت واقفيت به ٿي آهي. اسان لاءِ به ضروري آهي ته اسان شاهه لطيف، سچل سرمست، خليفي نبي بخش، شيخ اياز ۽ ٻين شاعرن، اديبن ۽ مفڪرن تي تحقيق ۽ تصحيح جو ڪم ڪري، جديد ٽيڪنالاجي جو فائدو وٺندي نئين دنيا جي ضرورتن، فڪري لاڙن سان هم آهنگ ڪري نه صرف اُنهن تي جامع ڪتاب شايع ڪريون، پر اُنهن جي پورهيئي کي ڊرامائي شڪل ڏيئي ڊجيٽل ۽ ڪمپيوٽر جي ٽيڪنالاجي سان ڳنڍي پنهنجي علم ۽ ادب کي دنيا سان روشناس ڪرايون. اهڙي ريت اسان فخر سان دنيا کي ٻڌائي سگهون ٿا ته، اسان جو شاهه لطيف، سچل يا ٻيا اسڪالر به علم ادب ۽ فڪر جي دنيا ۾ شيڪسپيئر، شيلي، گوئٽي، گورڪي يا ٻين ڪلاڪارن جي جوڙ جا آهن.
    سچل سائين اڃا تيرهن ورهين جو مس هو ته،لطيف سائين گذاري ويو. لطيف سائين سچل سائين کي ننڍي هوندي جڏهن هو ٻار هو، ڏٺو هو. لطيف سائين جي حساس مشاهدي جي اک اُن وقت ئي سچل ۾ مڻيا کي پرکي ورتو هو، سو سچل کي ڏسندي ئي چيائين، “مون جيڪا ڪني چاڙهي آهي، اُن جو ڍڪڻ سچل لاهيندو.” واقعي سچل پنهنجي ڏات ۽ ڏيا سان انمول شاعري ڪري لطيف سائين جي ڪيل اڳڪٿي (چيل لفظن) تي پورو لٿو آهي. منهنجو شاعري جو ڪتاب سندري سپنا ۽ صليب 1986ع ۾ ڇپيو هو، جنهن ۾ مون شاعري کانپوءِ آخر ۾ نوٽ بڪ جا ورق ڏنا هئا. اُنهن مان هڪ ورق (Quotation) ۾ مون لطيف سائين جا چيل لفظ دهرايا هئا ته، “مون جا ڪُني چاڙهي آهي، اُنجو ڍڪڻ سچل لاهيندو.” مون ان سٽ ۾ اضافو ڪندي لکيو (چيو) هو ته، “مون اُنهي ڪني جو ڀت ورهايو آهي.”
    ته- اچو ته سچل سرمست جي فڪر کي جديد انداز ۾ سمجهون، سندس شاعري مان هروڀرو يا غير ضروري طور معجزاتي ۽ روحاني معنائون نه ڪڍون ۽ اُنجي فڪر جي تجديد ڪندي، دنيا کي سچو جو سچ ٻڌائيندي شعور ۽ آگهي جي جوت سان روشناس ڪرايون
    سڻيجو سوئي جيڪو چوي ڪانگڙو،
    هنيئين سان هنڊائجو، سرتيون سڀوئي.
    ***

    خانه فرهنگ ايران، حيدرآباد پاران 29 اپريل 2019ع تي ڪرايل مذاڪري به عنوان سچل سرمست جي شاعري تي شيخ فريدالدين عطار جا اثر ۽ رسالو سچل سائين جي مهورتي تقريب ۾ پڙهيل.


    خليفو نبي بخش “قاسم”

    تعارف
    سنڌي موسيقي جي سڀني سرن ۾ شاعري جو رنگ ڀريندڙ ۽ ڪيڏاري ۽ ڍول مارو کي انوکي انداز ۾ سرجيندڙ شاعر، خليفي نبي بخش “قاسم” جو شمار سنڌ جي پهريئين جوڙ جي سرموڙ شاعرن ڀٽائي، سچل ۽ سامي وغيره ۾ ٿئي ٿو. خليفو نبي بخش “قاسم” ولد بالاچ خان، ذات جو لغاري، هڪ انداز موجب سال 1776ع ۾ ڪڍڻ شهر (ضلعو بدين) جي ويجهو ننڍڙي ڳوٺ مٺي ٿري ۾ پيدا ٿيو. خليفي نبي بخش “قاسم” جو والد ميرن جي حڪومت ۾ سردار نامزد ٿيل هو. والد جي وفات کانپوءِ مير ٺاري خان ٽالپر خليفي نبي بخش “قاسم” کي سندس جاءِ تي سرداري عطا ڪئي. ان عرصي دوران هن جو صابل نالي سهڻي ڇوڪري، جيڪا مير ٺاري خان ٽالپر جي سنڱ ڀائي ڀيڻ هئي، سان محبت جا پيچ اڙي ويا ۽ هو هن سان پراڻ جي ڪنڌي تي محبت ڀريون روح رهاڻيون ڪرڻ لڳو ۽ جلد ئي هو هڪ ٻئي سان شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻنڌجي ويا. مير ٺاري خان ٽالپر کي اها ڳالهه نه وڻي ۽ خليفي نبي بخش قاسم کي ان جي ڳري سزا ڀوڳڻي پئي. هو پنهنجو ڳوٺ ۽ مال ملڪيت ڇڏي پنهنجي دل گهريئي دوست مير باگي خان ٽالپر (جنهن جي نالي پويان ٽنڊوباگو شهر آهي) جي جاگير بڊام ۾ اچي پڌاريو. هن جي محبت جو داستان گهڻو وقت نه هليو ۽ سندس محبوبه صابل گهريلو مسئلن ۽ اڻبڻت سبب خودڪشي ڪري ڇڏي. خليفي نبي بخش کي صابل مان ڪو به اولاد ڪو نه ٿيو البته سندس پهرين گهرواري خاني مان ٻه پٽ ٿيا. خليفي نبي بخش “قاسم” جو دل گهريو دوست قاسم هو، جيڪو رشتي ۾ سندس ماسات به هو، اُن سان هو پنهنجي دل جا درد ۽ احوال ونڊيندو هو ۽ اُن جي محبت ۾ هن پنهنجي شاعري ۾ سندس نالي پويان تخلص “قاسم” استعمال ڪيو. سندس يار قاسم ئي کيس پير سائين پاڳاري روزي ڌڻي جي مريدي ۾ آندو. هڪ اندازي موجب خليفي نبي بخش قاسم سال 1863ع عيسوي ۾ وفات ڪئي. کيس سندس اوطاق ڀرسان ڳوٺ خليفي هاشم لغاري جيڪو پنگريو ۽ ٽنڊوباگو شهر جي وچ تي آهي، ۾ دفن ڪيو ويو.
    لاڙ پٽ کان سنڌ سميت سڄي دنيا ۾ پنهنجي شاعري جو جادو جڳائيندڙ هن ڀلوڙ شاعر، شاعري جي نه صرف سڀني مروجه سرن ۽ صنفن ۾ پاڻ موکيو پر ڀڄن، ٽپه، راسوڙا، مداحون، سهرا، مناجات ۽ سه حرفي ۾ نه صرف انوکا تجربا ڪيا پر نوان اسلوب به متعارف ڪرايا. هن جي سنڌي ٻولي کان علاوه کوڙ ساري شاعري سرائيڪي، ڍاٽڪي، اُردو ۽ هندي ۾ پڻ موجود آهي، جنهن ۾ ڪمال جو گهرو مشاهدو، ٻولي جي سونهن، خيال جي بلندي ۽ آفاقي پيغام پسي سگهجي ٿو. هونئن ته خليفي نبي بخش قاسم جي شاعري مختلف قلمي نسخن ۾ موجود هئي پر سڀ کان پهرين ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ خليفي نبي بخش “قاسم” جي شاعري سهيڙي ۽ اُن کي سنڌي ادبي بورڊ “خليفي” صاحب جو رسالو” جي نالي سان 1966ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. ان جو ٻيو ڇاپو ساڳئي ئي اداري طرفان 2005 ۾ منظرعام تي آيو. خليفي نبي بخش قاسم جي سرائيڪي ٻولي ۾ لکيل مثنوي “سسئي پنهون”، مولوي محمد عظيم اينڊ سنز شڪارپور پاران 1970ع ۾ ڇپائي پڌري ڪئي وئي. هونئن ته هيلتائين مختلف اديبن ۽ محققن پاران خليفي نبي بخش “قاسم” جي شاعري، فن ۽ فڪر تي مختلف وقتن تي کوڙ سارا مضمون لکيا ويا آهن پر ويجهڙائي ۾ پروفيسر ڊاڪٽر قادر مگسي (جنهن خليفي نبي بخش “قاسم” تي پي ايڇ ڊي ڪئي آهي، سال 2015ع ۾ ٻه ڪتاب ڇپايا آهن. جنهن مان هڪڙو ڪتاب جنهن جو عنوان“خليفي نبي بخش قاسم جي مثنوي” (سرائڪي ۾) آهي جنهن ۾ سندس تحقيقي مواد شامل آهي ۽ ٻيو ڪتاب جنهن جو عنوان “خليفي نبي بخش جي شاعراڻي عظمت” آهي، جنهن ۾ هن مختلف اديبن ۽ محققن جا خليفي نبي بخش قاسم تي لکيل مضمون/مقالا ترتيب ڏنا آهن. راقم الحروف جو هي مضمون پڻ ان ڪتاب ۾ موجود آهي. سڀ کان پهرين اهو مضمون راقم الحروف پاران 13 مئي 1994ع ۾ عوامي آواز سٿ پاران ڊسٽرڪٽ ڪائونسل هال بدين ۾ خليفي نبي بخش “قاسم” تي ٿيل سيمينار ۾ پڙهيو ويو ۽ اُن کانپوءِ ساڳيو ئي مضمون مختلف اخبارن/ رسالن ۾ شايع ٿيو.
    ***

    نينهن نگر جو شاعر
    سنڌ جي سڀيتا، سونهن، سچائي، جهرن جهنگن، کرن کيتن، جرن جبلن، دلبر ديس جي شينهن درياهه جي سيني ۾ سمايل ازلي پيڙائن ۽ ابدي خوشين کي ٻاٻاڻن ٻولن جي ٻولي ۾ ٻولي امر ڪوتائن کي سرجيندڙ هن يگاني ۽ دلبر شاعر، جڏهن ڀٽائي هن ڀلاري ڀوُنءُ کي چوٿائي صدي اڳ الوداع ڪري چڪو هو ۽ سچل سارو سچ ڦوهه جواني ۾ هو، تڏهن تقريبن 1776ع ڌاري ميراڻي راڄ ۾، هڪڙي ننڍڙي ڳوٺڙي مٺي ۾ زندگي جو پهريون ساهه کنيو. سندس تعلق لغاري قبيلي جي بالاچاڻي پاڙي سان هو. جنهن قبيلي مان اڳتي هلي، عشق جي اوڙاهه مان پچي راس ٿيل ۽ تجنيس تام جي ماهر ارڏي شاعر حمل فقير جنم ورتو.
    خليفي نبي بخش “قاسم” باقاعده نصابي تعليم حاصل ته ڪا نه ڪئي، پر سندس شاعري کي پڙهي معلوم ٿئي ٿو ته هن فطرت جي ڪينواس تي ڦهليل رنگن ۽ روپن جو گهرو مشاهدو ڪيو ٿو ڏسجي. سندس شاعراڻي ذات کي ڏيا ۽ جلا بخشڻ لاءِ ڪلا جون ڪيئي ڪامڻيون ڏات جي ڏيهه مان لٿيون ۽ سندس شاعري کي سندرتا جي اُها ادبي دائميت بخشيائون، جا جهرمر لائيندڙ تارن جي وچ ۾ چت چور چنڊ کي آهي.
    جتي فطرت جي تهن ۾ لڪل راز مٿس نروار ٿيا، اُتي هن جي شاعري مولانا رومي، جامي ۽ ڀٽ ڌڻي جي ڀنڍار مان پڻ ڏات جا مٽ ڀريا. مثال طور سر کنڀات ۾ ڀٽ ڌڻي، پنهنجي محبوب کي چنڊ کان وڌ ڄاڻندي فرمائي ٿو:
    چنڊ چئين حق، جي وڙهين جي وِچرين،
    ٻه اکيون ٽيون نڪ، تو ۾ ناهه پرين جو.
    ذري گهٽ ساڳين تمثيلن سان خليفو نبي بخش قاسم ڀٽائي جي پوئواري ڪندي جاني جي جلوي کي هيئن ڀيٽي ٿو:
    نڪو نڪ نه اکڙيون، تو ۾ چنڊ چپ،
    پاڻان وجهي ڊپ، اچي عاشقن کي.
    مرشد ڀٽائي جي وري هن بيت کي ڏسو
    ڀُور نه چري ٻوُر، ڇڏئو تُور تَڪون ڪري،
    مُونين هڻي موٽئو، ڪرهو رات ڪپور،
    ميو ٿيو معمور، چندن چکي آئيو.
    ڪرهي جي ارڪاڻن ۽ ساڳئي منظر لاءِ خليفو لفظن جو خوبصورت جڙاءُ پنهنجي شاعري ۾ اجهو هيئن ٿو ڪري.
    چندن چکي آئيو، ٻي ول نه وجهي وات،
    ڪَرهي ڪوئنر لتاڙئا، ريهي پيئي رات،
    توڏي تنهن وڻ تات، جنهن ۾ بوءِ بادام جي.
    سانوڻ جي بوندن ۽ کٿوري جي خوشبوءِ جهڙن لفظن سان واسيل ڌرتي جو هي دلبر شاعر، پنهنجي ڦوهه جواني ۾ سانوري سندري صابل کي پُراڻ جي پڊَن ۾ دل ڏيئي ويٺو. دل به ڇا ڏنائين، بس سڀ ڪجهه وساري ويٺو. ڪيڏانهن ويئي سرداري ۽ ڪاڏي اميري شان شوڪت. صابل جي ڀاڪرن ۾ هن کي دنيا جون سڀ نعمتون تڇ باسڻ لڳيون. صابل جي ڪاڪلن ۾ آڱريون ڦيرائيندي هن کي محسوس ٿيندو هو ته، پراڻ جي پڊن ۾ سنگ هوا جي لوڏن تي جهولي رهيا آهن. صابل جي گود ۾ ڪنڌ لڪائيندي هن کي باسندو هو ته پوري فطرت جي سونهن ۽ مستي هن ۾ سمائجي ويئي آهي ۽ پوءِ- ۽ پوءِ ، هن پراڻ جي پڊن تي اُن سونهن جي مستي ۾ آفاقي سرکنڀات، سرمومل راڻو، سربروو سنڌي، سر جوڳ ۽ سر ڍول مارو رچيا، جن ۾ پنهنجي مجازي عشق کي تمثيل بنائي ڏات جا ڏيا روشن ڪيا. هن جي هر سٽ سٽ مان صابل جي سونهن ۽ ساڻس گهاريل امر گهڙين جو منظر اڄ به ڌرتي واسين جي دلين ۾ ايئن کتل آهي، جيئن ڪنهن سندري جي سيني تي اُرهه.
    قمر شمسَ شعاع، حاصل ڪيو حبيب کون،
    موهن روپ مُهاءِ، ماکي ميٺ پرايو.
    سُر مومل راڻو ۾ مومل کي تمثيل بنائي صابل جي سندرتا کي اجهو هيئن ٿو روپ ڏي.
    پري ذات پدمڻيون، اکين ۾ الماس،
    منهن مَهتابان اڳرو، تن چمڪي تاس،
    ڪوڙين مير مواس، قاسم نينهن نمائيا.
    سُرکنڀات ۾ جاني جي جلوي کي جڳ جو مظهر ڄاڻي، لفظن جي خوبصورت جڙاءُ وسيلي ابدي بنائيندي فرمائي ٿو:
    ڪَرهو ڪاڪُل موهيو، سُنبل آيس ساءِ،
    ميي موران نه وڻي، ٻي قاسم ول نه ڪاءِ،
    ٿو لڇي تنهين لاءِ، رات جنهن گل رانئيو.
    سُر جوڳ ۾ عشق کي الله ڄاڻندي نينهن نڀائڻ کي ئي جيون جو مارڳ ۽ سوڀ ڪوٺي ٿو.
    ڳئيندي جوڳ جواني والي، جنهن گهر عشق سمايا،
    جنهن آدم ڪون عشق نهين، سوڄايا ماءُ اجايا،
    قاسم سوڀ مبارڪ تنهن ڪون، جنهن لايا نينهن نڀايا.
    ڦوهه جواني ۾ محبت ۾ ماريل خليفو نبي بخش نينهن نڀائڻ ۾ ايترو ته گم ٿي ويو. جو کائنس سردار هئڻ جي ناتي، ميرن جي درٻار جي حاضري ۽ سلامي ڀرڻ به وسري ويئي.
    لگا عشق کا تب سے ڈنکا تمام
    کیا ترک جنت کون آدم امام
    اُن وقت جي رياست جي والي مير ٺاري خان سندس غير حاضري کي بغاوت سمجهي حاضر ٿيڻ لاءِ نياپو موڪليو. خليفي نبي بخش جي حاضر ٿيڻ تي، مير ٺاري خان سندس غير حاضري جي شڪايت ڪندي ڪارڻ پڇيو. جنهن تي بي پرواهه عاشق وراڻيو: “مير صاحب! عقل گدڙ جيان پنهنجي تڏي تي هوشياري ۽ چالاڪي سان محڪم ويٺو هو پر جڏهن عشق جو شينهن گجيو ته ويچارو گدڙ اُن دهشت کان ڀئو کائي ڀڄي ويو”
    مير ٺاري خان سندس جواب کان لاجواب ٿي کيس وڃڻ جي موڪل ڏني. پيار ۽ پريت جو هي پانڌيئڙو جنهن جي سواس ۾ فقط ۽ فقط صابل جي سونهن ۽ سندرتا سمايل هئي، پنهنجي پرين جي سندرتا کي اجهو هيئن اظهار ٿو،
    رنگ ڳوڙهو رخسار، سَرو قداران سپرين،
    جانب جلوي دار، سوسي سوءُ جهپيا.
    جيئن مست سنڌو پنهنجي وجود ۾ هر شئي سميٽي ڇڏيندي آهي، تيئن سندس وجود صابل جي وجود سان ملي هڪ ٿي چڪو هو.
    اوطاقون اکين م وهڪ منجهه وجود،
    لٿو سَهو سُجود، مومل ٿيڙي مينڌرو.
    صابل جي پيار خليفي نبي بخش کي ايترو ته موهي وڌو هو ۽ پيار ۽ سندرتا جي ميلاپ هن تي ايترا ته عجب اسرار ظاهر ڪيا هئا، جو هن چاهيو ته سارو جڳ به اُن مان پنهنجي جهول ڀري. سندس زبان تي جڳ واسين لاءِ سدائين هي دعا ايندي هئي.
    ڇال م ڇڄي نينهن، پرت پراڻي م ٿئي،
    کوءِ رسڻ ريتيون، کوءِ ڏولائي ڏينهن،
    سندو محبت مينهن، وسي تان وس ٿئي.
    پر محبت جا منڪر ڪٿي ٿا محبت جا مينهن وسڻ ڏين؟ سُر ۽ سندرتا جا ويري ڪٿي ٿا دلبرن جي دلبري کي دنيا ۾ دليون ملائڻ ڏين؟ مير ٺاري خان کي به خليفي جي خود سري راس نه آئي ۽ ويتر لغاري قبيلي سان اختلاف هئڻ ڪري ،هن خليفي نبي بخش تي قهر جا ڪوٽ ڍائي ڏنا.
    خليفي جنهن سدائين پيار ۽ محبت جا گهر جوڙيا. اُن جو هاڻ نفرت ۽ ڪدورت جي سايي ۾ گهارڻ ڏکيو ٿيندو ويو. وري به چوندا آهن ته پيار جو قدر پيار ڪرڻ وارا ئي ڄاڻن، بي قدرن ڀلا ڪهڙي ڪل. مير باگو خان جنهن پنهنجي محبوبه سونيتي اُڍيجڻ (جيڪا تاريخ ۾ اڳتي هلي سنڌ راڻي جي نالي سان مشهور ٿي) جي پيار ڪري رياست ۽ حڪومت کي خيرآباد چئي، باگي واهه جي ڪنڌي تي اچي ديرو ڄمايو هو، تنهن کان خليفي جو درد سٺو نه ٿيو. هن کيس پنهنجي دل جي ديري ۾ رهڻ جي آڇ ڪئي، جيڪا خليفي نبي بخش قبول ڪئي ۽ پنهنجي سانئڻ صابل کي ساڻ ڪري پراڻ جي پڊن کي الوداع چئي عاشق منش مير باگي خان (جنهن جي نالي پويان ٽنڊوباگو شهر آهي) جي نگري بڊام ۾ اچي کيما کوڙيا.
    بڊام جي پڊن تي پيار جون هوائون گُهليون. صدين جي اُڃايل پڊن ۾ پيار جا گل ٽڙڻ لڳا.
    جنهن گل رانيو ڪرهو، سوگل چڙهيس چت،
    گونري کي گلاب جو، وڌو پيچ پرت،
    نايو چري نت، قاسم ڪوئنرن ٽاريون.
    ۽ پوءِ - ۽پوءِ جڏهن بڊام جي پڊن ۾ هوائن گُهلڻ ڇڏي ڏنو. جڏهن لڏندڙ سنگن مٿان پکين ٻولڻ ڇڏي ڏنو. جڏهن صابل جي ساهه جا ڪنول ڪومايا ۽ جڏهن صابل پندرهن سالن جي محبت جون گهاريل گهڙيون ۽ سڪ ۽ پريت جا ڪيل سڀ وچن ٽوڙي ڪنهن اڄاتل ديس ڏي راهي ٿي، تڏهن خليفي جي اندر ۾ ڄڻ اوندهه ڇائنجي ويئي،صابل جو وڇوڙو هن کي گوشه تنهائي ۾ گهيلي ويو. صابل جي جدائي سندس ڪومل ۽ لطيف جذبن کي گهرا گهاءُ ڏنا.
    ڪاڪُل ڪنوارين جي، ڏنو ڪالهه ڪهڪ
    ڌڪن مٿي ڌڪ، لڳم لطيفن جا.
    خليفي نبي بخش جو دل گهريو دوست قاسم جنهن جي نالي کي خليفي پنهنجي شاعري ۾ تخلص طور استعمال ڪيو آهي، جنهن جا ساڻس دل جا رشتا هئا يا ايئن کڻي چئجي ته خليفي وٽ قاسم جي اهڙي حيثيت هئي جهڙي سنڌي شاعري ۾ ڪانگل جي آهي. يا جيڪو رشتو هڪ وڳر کان وڇڙيل نار جو جنڊ پئيندي يا ماٽي ۾ جهرڻو هلائيندي وڇوڙي جي ورلاپن ۽ لڙڪن سان هوندو آهي، اهڙو ئي درد ۽ پيار جو رشتو هو خليفي ۽ قاسم جي وچ ۾. قاسم کان پنهنجي دل گهريئي دوست جو دک سٺو نه ٿيو. هن خليفي کي وڇوڙي جي ويراڳ مان ڪڍڻ لاءِ روضي ڌڻي جي زيارت ڪرڻ لاءِ اُڪسايو. اهڙي طرح قاسم پنهنجي پڳ مٽ يار کي گوشه نشيني مان ڪڍي اڻ ڏٺل کي پسڻ لاءِ ٻيهر دنيا ۾ آندو. قاسم جو اهو ٿورو هن ڌرتي واسين تي سدائين بقايا رهندو، جنهن زندگي سان ڀرپور شاعري جي سرجڻهار کي هڪ دفعو نئون جنم ڏياري ڪيسو واڙي ڦل ڏنا.
    خليفي پنهنجي ننڍپڻ جي يار قاسم سان گڏ، ڪڇ، گجرات، ڪاٺياواڙ ۽ مارواڙ جا دورا ڪيا. هن دنيا کي ديده ور ۽ دانشور جي اک سان ڏٺو ۽ گهرو مشاهدو ماڻيو. واپسي ۾ هن پراڻ جي پڊن ۾ ونگي ڳوٺ ۾ بڙ جي وڻ هيٺان اچي ديرو هنيو، جتي هن ڪيئي ڏينهن ۽ راتيون اُڃون ۽ بکون ڪاٽيون. هن جي مٿان اڻ ڏٺل جا اسرار ايئن ظاهر ٿيڻ لڳا جيئن مهاتما گوتم ٻڌ جي مٿان گيان لٿو هو. سندس شاعري ۾ اُنهن سڀني پرتوئن جو مظهر ۽ جلوو روشن ٿيڻ لڳو، جيڪو جڳ جي سِرجڻ جو ڪارڻ ۽ سگهه بڻيو. مٿس اُن آتمڪ شڪتي ۽ خود اثباتي جا جوهر بلڪل عيان ۽ چٽا ٿيڻ لڳا ۽ اُهو سڀ ڪجهه جيڪي هن ڀوڳيو ۽ ماڻيو پنهنجي ڪلا وسيلي پنهنجي ديس واسين کي موٽائڻ لڳو.
    آسا ڇڏ الله جي، در در پن م دان،
    پاڻ وڃائي پنهنجو ثابت ڪر صبحان،
    ميم ٻڌي سِر مولهيو، الف ٿي اڳوان،
    گولپ جو گمان، قاسم ڪٽراک م.
    خليفي نبي بخش قاسم جي شاعري جي پنهنجي سونهن آهي ۽ اُن کي موٽائڻ جو سندس پنهنجو اسلوب آهي، جيڪو کيس ڀٽائي ۽ سچل کي ڇڏي، باقي ٻين شاعرن ۾ سڀ کان مٿڀرو ڪري بيهاري ٿو.
    خليفي نبي بخش جي شاعري ۾ مڪمل وزن، تشبيهه، استعارو، ايهام، تجنيس حرفي، تجنيس تام ۽ ٻيون اُهي سڀ خوبيون موجود آهن، جيڪي شاعري کي سونهن، جوڀن ۽ سگهه بخشين ٿيون. خليفي نبي بخش جي شاعري لاءِ اهو چوڻ بجا ٿيندو ته ،“سندس شاعري الفاظن ۾ موسيقي آهي”. خليفي ملاري، ڪانري، جنجونتي ۽ دادره جا ٻول استائي ۽ انتر سميت پنهنجي شاعري ۾ جنهن انداز سان نسب ڪيا آهن، اهو ڪرشمو فقط هڪ بلند پايه ۽ ڪلاسيڪل موسيقي جو وڏو ڄاڻو ۽ ماهر ئي ڪري سگهي پيو. بيشڪ خليفو سنگيت وديا جو هڪ وڏو ماهر اُستاد هو.
    چلتی ٹھمک ٹھم ٹھم ، چلتی ٹھمک ٹھم ٹھم،
    مرگھوں سے تیکھے نین، کوئلوا سےمیٹھے بین،
    باجت پایل چھم چھم چلتی ٹھمک ٹھم ٹھم۔
    اٹھ دیکھو قاسم دھوم مچی دھم دھم،
    نا چت گوری طبلوا کے بھم بھم، چلتی ٹھمک ٹھم ٹھم
    يا وري سندس ڪلاسيڪل موسيقي تي دسترس لاءِ هيٺيون خيال ڏسو:
    بلماں بیاں موڑ نا، اچھنکیاں باتاں کرلو
    موسیٰ جگت پیروا، بر زوری کرکے نند کو نور وا
    کرکے چوڑیاں پھوڑنا، بلماں بیاں موڑنا
    خليفي نبي بخش جي ڪلاسيڪل موسيقي ۾ ڄاڻ ۽ اعليٰ پايه جي ذوق جي ئي طفيل، جڏهن خليفي جو بڙودي وڃڻ ٿيندو هو ته، اُتي جو گائڪواڙ خاندان سندس مان ۾ راڳ جي محفل جو انتظام ضرور ڪندو هو.
    کون بجری کون بادرا کون برستا مینھن
    کون رادھا کون شاماں کون کرتا ہے ناز
    کون باجے کون بجے کون ناچے تھا تھا تھا
    کون گاوے تان گویا کون قاسم ساز۔
    خليفي نبي بخش قاسم کي اهو به ڪريڊٽ وڃي ٿو ته، سندس ذوق، سليم ۽ ڪاوشن جي ڪري پير سائين پاڳاري جي مريدن ۾ جماعتي راڳ جو بنياد پيو. نه صرف ايترو پر اها خليفي نبي بخش صاحب جي ذهانت ۽ صلاحيت هئي، جنهن وسيلي هن پير حزب الله شاهه “پاڳاري جي ننڍپڻ کان وٺي اهڙي تربيت ڪئي، جو سندس ڪک مان هڪ اهڙي دلير ۽ سر موڙ سورهيه جنم ورتو، جنهن انگريز سرڪار سان جنگ جهوٽي شهادت ماڻي ۽ هن ڌرتي جا ماڻهو اڄ به کيس “سورهيه شهيد بادشاهه” جي نالي سان ياد ڪن ٿا.
    اها پڻ خليفي نبي بخش جي تربيت ۽ قابليت هئي جنهن جي طفيل سندس پوٽي غلام نبي نه صرف شاعري جي ميدان ۾ پاڻ ملهايو بلڪه ڌارين سان جنگ ۾ پنهنجي اهل واولاد سميت سر تان آهو پلي قربانيون ڏنيون.
    خليفي نبي بخش نه صرف سنڌي ۾ بلند پايي جي شاعري ڪئي پر گڏوگڏ روحل، مراد سنڌي ۽ سچل جي روايتن کي وڌائيندي هندي، سرائيڪي، ڍاٽڪي ۽ اُردو ۾ پڻ خوبصورت شعر چيا. خليفي جي سرائڪي شاعري کان متاثر ٿي اڳتي، هلي حمل فقير پنهنجي منفرد انداز سان پاڻ مڃايو.
    خليقي جو ٿر جي پس منظر ۾ ڍاٽڪي ۾ لکيل سُر ڍول مارو ماروئڙن جي درد ۽ محبت جو مثالي داستان آهي.
    اُردو ۾ چيل غزل ۽ اُنهن ۾ آندل موضوع ۽ اُن جي ادائيگي سندس اُردو جي وڏي شاعر هئڻ لاءِ خود دليل آهن.؎

    گلشن کی خبر خوب باد صبا سے پوچھ
    تصویر قد سرو کی شمشاد سے پوچھ
    بے درد کو معشوق سے کیا کام ہے یارو
    شیریں کی حقیقت بھلا فرہاد سے پوچھ
    خليفي نبي بخش جي شاعري ۾ غالب ۽ ذوق جيان خنڪي ۽ خمار به آهي.
    شبِ روز قاسم دیکھتا ہے باٹ تمہاری
    جیوْں دیکھتے ہیں مومناں رمضان کا رستا
    خليفي نبي بخش شڪوه جواب شڪوه جي موضوع تي علامه اقبال کان به گهڻو اڳ طبع آزمائي ڪئي ٿي ڏسجي.
    شاہِ نجف علی کے دشمن کوں مل سہی
    یوں کہہ دو کہ تجھ کوں خون خوار حیف ہے
    خليفي نبي بخش جو هندي ۾ لکيل سر بيراڳ هندي ۽ خاص طور تي هندي دوها ڪبير ڀڳت جي ياد ڏيارين ٿا. ميرن جي صاحبي واري دور ۾، جڏهن دين ڌرم جي نالي ۾ انسانن کي ڪٺو پي ويو، جڏهن رام ۽ رحيم جي وچ ۾ نفرت جي ديوار کڙي پئي ڪئي وئي، تڏهن خليفي نبي بخش سچل جي روايتن کي اڳتي وڌائيندي، هن ڌرتي جي سيڪيولر تهذيبي روايتن کي زندهه رکڻ لاءِ نه صرف تصوف کي پنهنجو موضوع بنايو، پر اُن سان گڏوگڏ ڀڄن لکي هن ڌرتي جي روح ۾ سمايل محبت ۽ انسانيت کي عوام ۾ پڌرو ڪيو ۽ وحشيت ۽ ذات پات جي مت ڀيد ۽ دردنگي هٿان هتي جي تهذيب ۾ پلجندڙ انسانيت ۽ سيڪيولر روايتن کي مرڻ کان بچائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.
    بامھن کون سنیاسی تیرتھ گنگامیں ڈوب نہاتا کون،
    وہاں سے چل فردوس میں آیا چب چب گندم کھاتا کون،
    اس نگر میں نیھن لگاکے ہٹ پیچھے پھر جاتا کون،
    الٹ بھید کی بات بروبر سنتا کون سناتا کون،
    تال مول سیکھ لے قاسم بجتا کون بجاتا کون۔
    هن عشق کي الله ڄاڻي نفرتن ۽ ڪدورتن جا ڪوٽ ڊاهڻ جو پيغام ڏنو.
    تجھ عشق کے پھندے مین کیا ہندو کیا مسلمان ،
    زاہد بھی پھنس رہا ہے بس ایکان میں آ،
    مذہب عشق نیارا ہے کفر و دین سے،
    بستی سے نکل قاسم بھڑ میدان میں آ
    خليفو انسان کي ذات پات ۽ دين ڌرم کان مٿي ماڻهپي جو درس ڏي ٿو.
    اس دیس میں چل کے آیا جبھی مذاہب طریقے میں دیکھے تبھی،
    نا خالق خدا نا خدا ہی جدا، یھودی نصارا نا قوم لدا
    نا بامھن نا جوشی نا زنارپوش، نا ملاں نا قاضی نا نرگئی مئہ نوش۔
    خليفي نبي بخش جي شاعري جي مطالعي مان پتو پوي ٿو ته هن ڌرتي جي درد ۽ ماڻهن جي مصيبتن کي هميشه پاڻ تي محسوس ڪيو آهي. انسان جي لطيف جذبن، گلن گاهن، پيار محبت جي داستانن کي ڳائڻ وارو خليفو بخش، جڏهن هن ڌرتي جي دادلن تي پرڏيهه کان ڪاهي ايندڙ پٺاڻ شجاع الملڪ جي گهوڙن جي ٽاپ ٽاپ ٻڌي ٿو ته بي چين ٿي وڃي ٿو. اُن وقت هو پنهنجي ضعيف عمري جي پرواهه نه ڪندي درويشن جي صحبت ۾ اختيار ڪيل گوشه نشيني مان ٻاهر نڪري اچي ٿو. اُن وقت، عاجزي انڪساري کي موضوع بنائي سر ليلا چنيسر سرجيندر شاعر جي قلم مان آڳ جا اُلا نڪرن ٿا. مومل جي ماڻن ۽ سورٺ جي سونهن کي لطيف جذبن جي پوشاڪ پهرائيندڙ شاعر هن ڌرتي تي ڪيڏارو لکي ٿو.
    ڪانئر سندي ڪَن تي ٻولي هڏ مَ ٻُنڌ
    مرته موچارو ٿيئين، هي نه موٽڻ مُنڌ
    ڪَڇُن منجهان ڪُند، پٽي ڪڍ پٺاڻ کي.
    سون ورنيون سهاڳڻيون جن جيون ماڻڻ جا اڻ ميا سپنا ڏٺا، جڏهن اُنهن جي پڊن تي پرڏيهي ڪاهي اچن ٿا ته، اُهي پنهنجي ورن کي کرڙي جي ميدان ۾ اُماڻي جيڪا تلقين ڪن ٿيون، اُن کي خليفي سُر ڪيڏاري ۾ اجهو هيئن چٽيو آهي.
    جي تون ڀڄي آئين، ته آءٌ تنهنجي ڀيڻ،
    نٿ تنهنجي نڪ ۾، وجهان ڏيئي ويڻ،
    توڏي کڻان نيڻ، ته ڪر پسان پٽ کي.
    کرڙي جي ميدان ۾ سنڌي شهيدن ۽ سرويچن جي ڏنل ريٽي رت جي منظرنگاري ڪندي خليفو نبي بخش چوي ٿو:
    کرڙي کائي رت، ڀت نه وجهي وات ۾،
    پڙ ۾ پهلوانن جي ويٺي پرکي پت
    جَني نيڻ نِست، نينهن نه لائي تن سين
    يا وري
    کرڙي کائي ماهه، پيئي رت پياليون،
    ويٺي سڏي شاهه، جو ڏيندو سر ڏياچ کي.
    خليفي سر ڪيڏاري ۾ اُنهن جنگي اصولن جي پڻ چٽائي ڪئي آهي، جيڪي گهڻو تمام گهڻو پوءِ سڌريل قومن طرفان جنگ لاءِ بين القوامي طور تي قبول ڪيا ويا. ڪمزورن سان جنگ نه ڪرڻ بابت خليفو فرمائي ٿو:
    وڙهه وڙهندن ساڻ، هيڻي هڻ م هٿڙا،
    ڪُڌا ئي ڪيڪاڻ، غازي مار غنيم کي
    قومن جي آزادي سان واڳيل نظريو ته، جنگ بنا امن ڪونهي، جنهن تحت قومن اڳتي هلي آزاديون ماڻيون. خليفي نبي بخش اُن جي گهڻو اڳ سر ڪيڏارو ۾ نشاندهي ڪئي آهي.
    جان جان جهيڙو نان ڪري، تان تان ناهي سک،
    وڍئو ويري آڱرا، ڀُڃئو لاهي بُک
    راوت هٿان رڪ، رڻ ۾ راماڻا ڪري
    احسان لانگاهه کان وٺي شاهه ڀٽائي ۽ فقير محمد صديق تائين، جن به شهادت جي موضوع کي شاعري ۾ آندو آهي، اُنهن سڀني ۾ خليفي نبي بخش جو لکيل ڪيڏارو، هن ڌرتي جو پنهنجو درد آهي. اُهو درد جيڪو هن جي پنهنجي سيني ۾ سانڍيل آهي. خليفي نبي بخش جو ڪيڏارو هن ديس جي ارڏن، اڙبنگ ۽ سورهيه سپوتن جو دلبر ڌرتي کي انهي ارپنا جو وچن آهي، جنهن جي پالنا لاءِ هنن سدائين سر تان آ هو پلي ڌرتي جو قرض ادا ڪيو آهي.
    سورهيه سندي سِر تي، سسي سندو بار،
    جي تري تن ترار، ته حق ادا ٿئو اُن تان.
    شاعر تهذيبن جا روح ۽ تاريخ جا امين هوندا آهن. تنهن ڪري چئي سگهجي ٿو ته هومرکي پڙهڻ کانسواءِ يوناني تهذيب جي تاڃي پيٽي کي سمجهي نٿو سگهجي. لاطيني سڀيتا کي ڄاڻڻ لاءِ ورجل جو مشاهدو ڪرڻ ضروري آهي. جيئن شيڪسپيئر ۽ گوئيٿ يورپ جو ورثو آهن ۽ فردوسي ايراني تهذيب جي سڃاڻپ آهي، تيئن سنڌي ثقافت، ٻولي ۽ تهذيب جي روح کي ڀٽائي ۽ خليفي جي مطالعي بنا، نه صرف سمجهڻ ناممڪن آهي پر اُنجو تصور به نٿو ڪري سگهجي. هن ڌرتي تي هڪ روايت آهي ته ڀٽائي جو رسالو سنجاويل کان شروع ٿئي ٿو ۽ خليفي نبي بخش جو رسالو پهريون سر رامڪلي هئڻ ڪري پرهه ويل کان شروع ٿئي ٿو. ان ۾ ڪو شڪ به ڪونهي. خليفي نبي بخش قاسم جي شاعري ۾ پرهه جي پچار آهي. ساري جڳ جي بکين ڏکين لاءِ ابدي سک ۽ امن جي پرارٿنا آهي.
    آءٌ سو سارنگ ساريان، جو بکين لاهي بک،
    آب پياري اُڃيئين، ڏکين سُڃي ڏک،
    مٿان دلين دک، وسن سڀ ميٽيئا.

    1- 21 ۽ 24 جون 1994 روزانه “عوامي آواز” ڪراچي ۾ قسطوار ڇپيل
    2- 18 جنوري 1996ع هفتيوار “حق جو هوڪو” حيدرآباد ۾ ڇپيل
    3- 15 جون 1996ع پندرهن روزه “عبرت مئگزين” حيدرآباد ۾ ڇپيل
    4- فيبروري 1997 جي “سنجها” 2 ۾ ڇپيل


    مير غلام محمد خان ٽالپر

    تعارف
    ٽنڊوباگو شهر جي باني مير باگو خان جي خانداني تلسل جي چوٿين پيڙهي مان جنم وٺندڙ مير غلام محمد خان ٽالپر، مير محمد خان ٽالپر جي گهر ۾ 1876ع ۾ جنم ورتو. سندس والد کي اندازن ويهه ٻار ٿيا جن مان مير غلام محمد خان ٽالپر کان سواءِ ٻيا سڀ گذاري ويا. مير غلام محمد خان ٽالپر ملان مڪتب ۾ تعليم حاصل ڪئي، جتي کيس قرآن شريف سان گڏ سنڌي ۽ فارسي به پڙهائي وئي. هن کي ڪتابن جي مطالعي سان دلچسپي هئي. ڊاڪتر گربخشاڻي جو ترتيب ڏنل شاهه جو رسالو، تذڪره، غوثيه ۽ ٻيا مذهبي، تاريخي ۽ تصوف سان لاڳاپيل ڪتاب سندس مطالعي هيٺ رهيا. مير غلام محمد خان ٽالپر جا وڏا خانداني جاگيردار هئا. مير غلام محمد خان ٽالپر جو ڏاڏو مير ولي محمد خان ٽالپر عمر جي آخري حصي ۾، جهونو ٿيڻ سبب جاگير سنڀالڻ جهڙو نه هو ۽ هن تي لکين رپيا قرض به چڙهي ويو هو. هن 1893ع ۾ انگريز سرڪار کي درخواست ڪئي ته سندس جاگير سرڪار پاڻ سنڀالي ۽ سالياني آمدني مان خرچ وغيره ڪاٽي، باقي سندس خاندان کي ڏنو وڃي ۽ اهو عجيب اتفاق چئجي جو انهي ئي سال مير ولي محمد خان ٽالپر وفات به ڪري ويو. مير غلام محمد خان ٽالپر جو ننڍپڻ ۽ جواني وارو عرصو مالي مشڪلاتن سبب ڪافي ڏکيو گذريو. هن ڪوڏر به هلائي ته پوکي لاءِ هر به هلايو. ڪجهه وقت پوليس جو سپاهي به رهيو ۽ ڪجهه وقت لاءِ عريضي نويسي (درخواستون لکڻ) جو ڌنڌو به ڪيو. 1909ع ۾ جڏهن جاگير مئنيجر کاتي مان آزاد ٿي سندس والد محمد خان ٽالپر جي حوالي ٿي ته، اُن وقت سندس والد وڏي ڄمار جو ٿي چڪو هو. اُن ڪري جاگير جي سنڀال کيس ڪرڻي پئي. مير غلام محمد خان ٽالپر پنهنجي 25 هزار ايڪڙن تي مشتمل جاگير کي پنهنجي واسطيدار زميندار کان 4 هزار اُڌارا وٺي آباد ڪرڻ جي شروعات ڪئي ۽ اهڙي ريت پنهنجي صلاحيت ۽ محنت سان ترقي جي سفر ڏانهن وڌندو رهيو. 1911ع ۾ سندس والد به وفات ڪري ويو. مير غلام محمد خان ٽالپر چار شاديون ڪيون، جن مان کيس ڪافي ٻار ٿيا پر ڪو به حياتي ماڻي نه سگهيو.
    مير غلام محمد خان ٽالپر کي مسڪين ماڻهن لاءِ دل ۾ هميشه احساس رهيو. تمام گهٽ تعليم جي باوجود به هن جي سوچ اعليٰ درجي جي هئي. هن ڄاتو ٿي ته جيسين ماڻهو تعليم جي زيور سان مالامال نه ٿيندا، تيسين جهالت ختم نه ٿيندي. سنڌ جي روايتي ظالم ۽ جاهل جاگيردار ۽ وڏيري کان هن جي سوچ مختلف هئي. هن پنهنجي اعليٰ سوچ ۽ جذبي تحت 1920ع ۾ عام ماڻهن ۾ تعليم وسيلي انقلاب آڻڻ لاءِ لارينس مدرسه ڏيڍ لک رپين جي لاڳت سان ٺهرايو، جنهن لاءِ هن سنڌ جي عظيم اُستاد شاعر ۽ اديب محمد صديق مسافر جون خدمتون حاصل ڪيون، نه صرف ايترو پراسڪول ۾ ٻارن لاءِ فري رهائش ۽ ماني جو به بندوبست ڪيائين ۽ اسڪول جي مستقل فلاح ۽ بهبود لاءِ اڍائي لک رپيه (ڪن محققن جو خيال آهي ته ٽي لک ستاسي هزار رپيه) پڻ بينڪ ۾ رکيائين جيئن اُنجو خرچ پکو بنا ڪنهن رڪاوٽ جي هلندو رهي. مني يونيورسٽي جيان ڏيک ڏيندڙ لارينس مدرسو جيڪو پوءِ هاءِ اسڪول ۽ هاڻ هائير سيڪنڊري اسڪول آهي اُن مان هن وقت تائين کوڙ سارا نالي وارا شاگرد نڪتا آهن جن ۾ تعليمي ماهر ايڇ ايم خواجه، قوم پرست اڳواڻ حفيظ قريشي وغيره اچي وڃن ٿا. مير غلام محمد خان ٽالپر کان جڏهن ڪو سندس اولاد بابت پڇندو هو ته هو اسڪول جي ٻارن ڏانهن اشارو ڪري چوندو هو، “هي سڀ منهنجو اولاد ئي ته آهن.” سائين جي ايم سيد هن صوفي منش لاءِ پنهنجي ڪتاب جنب گذاريم جن سين ۾ لکي ٿو ته “ملڪ ۾ مير گهڻا پر غلام محمد خان پنهنجو مٽ پاڻ هو.” برک تعليمي ماهر ايڇ ايم خواجه ۽ قوم پرست اڳواڻ حفيظ قريشي مير غلام محمد خان ٽالپر کي ساري روئي ڏيندا هئا. مير غلام محمد خان ٽالپر هن اسڪول کان سواءِ به ٻيا ڪئين نيڪ ڪم ڪيا جن ۾ مختلف اسڪولن کي امدادون، هوشيار شاگردن کي اسڪالر شپون، صحت جا مرڪز، گشتي اسپتالون، نياڻين جي تعليم ۽ تربيت لاءِ اسڪول ۽ هنري گهر وغيره شامل آهن. مير غلام محمد خان ٽالپر کي هتي جا ماڻهو سندس ڪيل خدمتن جي ڪري لاڙ جو ابو ڪري ڪوٺيندا آهن، اها ٻي ڳالهه آهي ته سندس خدمتن مان فيض وٺندڙن جو دائرو لاڙ کان ٻاهر به موجود هو. ڪي ڏاها ماڻهو وري هن محسن کي سنڌ جو سرسيد به ڪوٺين. سرسيد احمد خان مردن جي تعليم لاءِ ته گهڻو پتوڙيو، جڏهن ته هن وٽ عورتن جي تعليم لاءِ ڪو به پروگرام نه هو. پر هن درويش انسان اُن وقت جي گهٽ ٻوسٽ واري ماحول ۾ به ان عزم سان نياڻين جي تعليم لاءِ اسڪول ۽ هنري گهر قائم ڪيا، جو هن ڄاتو ٿي ته، جيستائين عورت اڳيان نه ايندي تيستائين معاشرو ترقي ڪري نه سگهندو. غريبن جو هڏ ڏوکي ۽ بنا مت ڀيد جي انسانن جي خدمت ڪندڙ هي ڀلوڙ انسان 12 فيبروري 1932ع ۾ پنهنجي نيڪين ۽ ڀلاين جا نشان ڇڏي هن دنيا کي الوداع چئي هليو ويو.
    ***


    لاڙ جو محسن

    ورهاڱي کان اڳ جي زماني تي نظر وجهبي ته اسان کي پتو پوندو ته هيڏي وڏي ديو جيڏي سفاڪ دشمن انگريز سامراج کي شڪست ڏيڻ ۾، جتي اُنهن سرويچن، سرفروشن، سورمن ۽ ڪونڌرن جي ريٽي رت رنگ لاٿو، جتي اڏول انسانن وطن ۽ قوم جي آزادي ڪاڻ جيلون ڀوڳي، بکون ڪاٽي پاڻ مالهايو، جتي آزادي جي متوالن، غلامي جي زنجيرن ٽوڙڻ لاءِ اڏي تي سر ڏيئي مظلوم۽ بيوس انسانن کي زندهه رهڻ جو حق وٺي ڏنو، اُتي اُنهن تعليمي ماهرن، جهالت سان جنگ جوٽيندڙن، علم جي جوت جلائيندڙن، اٻوجهن ۽ مسڪينن، يتيمن جي خوشحالي لاءِ پاڻ پتوڙيندڙن ۽ هڙان وڙان ڏيئي سندن مددن ڪندڙن جي قرباني ۽ جذبي کي پڻ وساري نٿو سگهجي. اُهي سڀ هستيون عزت ۽ احترام لائق آهن، جيڪي ڦورو سماج کي ڊاهڻ ۾ ڪنهن نه ڪنهن طرح حصو وٺن ٿيون. اُنهن جا جزبا ۽ قربانيون قابل تحسين آهن. ڪا به سڌريل قوم اُنهن جي ڪيل خدمتن کي وساري نٿي سگهي. اُنهن سڀني جي زندگي اسان لاءِ روشن ڏيئي مثل آهي، جنهن جي روشني ۾ اسين پنهنجي طاقت پنهنجي قوت ۽ پنهنجي وجود کي ڏسي ۽ سمجهي سگهون ٿا ۽ زندهه رهي سگهون ٿا.
    تعليم جي ميدان ۾ پنهنجي هڙان وڙان خرچ ڪري خدمتون آڇيندڙ ڀلوڙ انسان، مير غلام محمد خان ٽالپر باگي واهه جي ڪنڌي تي اڏيل سنڌراڻي جي سونهن ۽ سرهاڻ سان رچيل شهر ٽنڊوباگو ۾ 1876 ۾ مير محمد خان ٽالپر جي گهر ۾ جنم ورتو. سندن حسب نصب مير مرزو خان ماڻڪاڻي سان وڃي ملي ٿو. ٽنڊي باگي شهر جو باني مير باگو خان سندن تڙ ڏاڏو هو. اُن زماني ۾ ٽنڊي باگي ۽ اُنجي آسپاس ڪو به اسڪول نه هو. اُن وقت جي دستور موجب هن کي ملان مڪتب ۾ پڙهائڻ لاءِ ويهاريو ويو. جتي هن قرآن شريف پڙهڻ بعد سنڌي ۽ فارسي جي تعليم گلستان ۽ بوستان تائين حاصل ڪئي. مير صاحب کي علم ۽ ادب سان ڪافي چاهه هو. تاريخ ۽ ويدانت تي سنڌي اُردو ۽ فارسي ۾ ڇپجندڙ ڪتاب سندس مطالعي جو موضوع هوندا هئا. ڊاڪٽر گربخشاڻي جو شاهه جو رسالو اڪثر ساڻن گڏ هوندو هو. اُن وقت شايع ٿيندڙ تقريبن سڀ سنڌي اخبارون گهرائيندا هئا. زندگي جي آخري ايامن ۾ تذڪره غوثيه خاص طور تي سندن مطالع هيٺ رهيو.
    ٽالپر حڪمرانن جي وقت کان مير باگي خان ۽ اُن جي خاندان کي جاگير عطا ٿيل هئي. مير غلام محمد خان ٽالپر جي ڏاڏي مير ولي محمد ٽالپر جي وڏي عمر هئڻ سبب زمينداري ڪم سنڀالڻ هن لاءِ مشڪل هو ۽ ان ڪري هو ڪافي مقروض به ٿي چڪو هو. تنهن ڪري هن انگريز سرڪار کي درخواست ڪئي ته سندس جاگير سرڪار پاڻ سنڀالي ۽ اُنجو کيس ساليانو مناسب معاوضو ڏنو وڃي. اُن ئي سال سندس ڏاڏو وفات ڪري ويو ۽ جاگير ڦري سندس والد مير محمد خان ٽالپر جي نالي ٿي. جيڪو پڻ 1911ع ۾ وفات ڪري ويو ۽ جاگير ڦري ميرغلام محمد خان ٽالپر جي نالي ٿي.
    ننڍي هوندي کان لاڏڪوڏ سان پليل مير غلام محمد خان ٽالپر کي جاگير انگريزن جي مئنيجري کاتي کان ملڻ تائين ڏاڍا ڏکيا ڏينهن ڏسڻاپيا. ان عرصي دوران هن هر هلائي، ٻني کيڙي گذر سفر ڪيو. ڪجهه وقت لاءِ پوليس کاتي ۾ ڪانسٽيبل طور تي ڀرتي ٿيو ۽ جتان پوءِ استعيفيٰ ڏيئي عريضي نويس جو پيشو اختيار ڪيائين. جاگير آزاد ٿيڻ کانپوءِ هن پنهنجي هڪ ڄاڻ سڄاڻ واري زميدار کان چار هزار رپيه اُڌارا وٺي کيتي ٻاڙي جو ڪم شروع ڪرايو ۽ آهستي آهستي زمين جي اُپت وڌندي ويئي ۽ پاڻ تر جو وڏو جاگيردار ليکجڻ لڳو.
    مير غلام محمد خان ٽالپر جو شروع کان ئي اِهو نصب العين هو ته، جيستائين جهاليت جو خاتمو نه ٿيو آهي، جيستائين ماڻهو علم جي نور سان منور نه ٿيا آهن، تيستائين ڪا به قوم وڌي ويجهي ۽ خوشحال ٿي نٿي سگهي. کين غريبن ۽ مسڪين ماڻهن جي سقيم ۽ ابتر حالت ڏسي سخت پيڙا محسوس ٿيندي هئي ۽ اها پيڙا ئي هئي، جنهن سندس اندر ۾ اُڌما جاڳايا ۽ اُهي اڌما عمل جو روپ اختيار ڪري ويا ۽ پنهنجي سموري زندگي ڀلائي ۽ نيڪي جي ڪمن ۾ صرف ڪري ڇڏيائون. جڏهن اُن دور جا ڪافي وڏيرا ۽ مٿيئين ڪلاس وارا انگريز سرڪار جا دلال بڻجي، سرڪار جي چرچ تي ۽ پنهنجي طبقاتي فطرت جي پيش نظر مسڪينن ۽ ابوجهن کي پيڙهي، لٽي، ماري ۽ سوين تڪليفون ڏيئي اُن جي بدلي وڏا انعام ۽ سندون حاصل ڪري رهيا هئا، اُتي مير صاحب به وڏيرو هئڻ جي ناتي ايئن ڪري سگهيو پي، پر نه. هي مرد مانجهي اُنهن مان نه هو. مير غلام محمد خان ٽالپر پنهنجي سموري جائداد ۽ ملڪيت انساني ڀلائي ۽ نيڪي جي ڪمن ۾ لڳائي زندگي جو هڪ نادر نمونو پيش ڪيو. مير غلام محمد خان ٽالپر ڄاتو ٿي ته، جيستائين ماڻهو تعليم نه پرائيندا، جهاليت دور نه ٿيندي تيستائين سماج پاڻ ڀرو ۽ آزاد نه ٿي سگهندو.
    اُن زماني ۾ پاڻ سر سيد احمد خان جي علمي جاکوڙ، جيڪا هن علي ڳڙهه کان شروع ڪئي هئي، کان ڏاڍو متاثر هئا. هن جو به خيال هو ته جيستائين هتان جو ماڻهو انگريزي علم نه پڙهندو ترقي ڪري نه سگهندو. حسن علي آفندي جي نگراني ۾ هلندڙ سنڌ مدرسي جي ڪارڪردگي پڻ سندس حوصلي کي وڌايو. هن اُن وقت جي ٽنڊي باگي جي شيدي نسل سان واسطو رکندڙ شفيق ۽ ڀلوڙ اُستاد، شاعر ۽ تاريخدان محمد صديق “مسافر” کي، جيڪو حيدرآباد ۾ ماستري ڪندو هو پاڻ وٽ گهرايو ۽ ساڻس اسڪول کولڻ جو ويچارو ونڊيو. مسافر جي ها ڪرڻ تي مير صاحب بروقت کيس پنو هٿ ۾ ڏيندي چيو ته موڪل جي درخواست لک ۽ کيس پنجاهه رپيا ڀاڙو ڏيندي چيائين ته وڃ حيدرآباد مان سامان کڻي اچ ۽ واپس اچي اسڪول سنڀال. مرحوم محمد صديق مسافر پنهنجي ڪتاب “ڪليات مسافر” ۾ اسڪول جي ڪهاڻي جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته، جيئن ئي آئون سامان سهيڙي واپس آيس ته مير صاحب اسڪول لاءِ جاءِ مسواڙ تي وٺي چڪو هو ۽ اُن جي لاءِ ڪرسيون ميزون پڻ ٺهرائي ڇڏيون هيون. مون کي هڪ ڪثير رقم هٿ ۾ ڏيندي چيائين اسڪول لاءِ ڪاغذ پٽ خريد ڪر ۽ شاگرد هٿ ڪر. مسافر مير غلام محمد خان سان گهاريل زندگي جون گهڙيون ساريندي لکي ٿو ته مير صاحب هميشه چوندو هو ته، “خرچ منهنجو ۽ محنت ۽ ايمانداري تنهنجي، ڪڏهن به دل سست نه ڪجانءِ.” مير غلام محمد خان جي پئسي ۽ مسافر جي اڻٿڪ محنت سان ٽنڊي باگي جو اهو اسڪول جيڪو پهرين مسواڙي جاءِ ۾ پنجن شاگردن جي تعداد سان 1920ع ۾ شروع ٿيو ۽ جيڪو فقط ٽن درجن تائين هو تنهن اڳتي هلي 1924ع ۾ هاءِ اسڪول جو درجو ماڻيو. مير صاحب پنهنجي ذاتي خرچ سان نه صرف اسڪول جي هڪ شاندار وڏي عمارت جوڙائي پر اُن سان گڏ هڪ شاگردن جي رهڻ لاءِ هاسٽل (گبسن هاسٽل انگريز ڪمشنر جي نالي پويان) ۽ هڪ ڊائننگ هال پڻ ٺهرايو جنهن ۾ شاگردن کي بنا ڪنهن رنگ نسل ۽ مذهب جي مفت رهائش ۽ کاڌو ڏنو ويندو هو. نه صرف ايترو پر ان فيض کي تاحيات جاري رکڻ لاءِ ، مير صاحب پنهنجي ذاتي ملڪيت مان 3 لک 87 هزار رپيه بينڪ ۾ پڻ رکيا، جيئن اُنجي وياج مان مستقل طور تي ڪارخير جاري رهي. هاءِ اسڪول جي وڏي ۽ شاندار عمارت جيڪا مني يونيورسٽي جو ڏيک ڏي ٿي اُنجي فن تعمير کي ڏسي اڄ به داد ڏيڻ کانسواءِ رهي نٿو سگهجي. هي اُن وقت ۾ نه فقط لاڙ جي وڏي ۾ وڏي درسگاهه هئي، پر سنڌ ۾ اُن وقت ۾ موجود درسگاهن ۾ شايد واحد درسگاهه هئي، جيڪا ڪنهن هڪ شخص ذاتي طور تي ٺهرائي هئي جنهن ۾ مفت کاڌي ۽ رهائش جي سهوليت به ميسر هئي. اِهو ئي سبب هو جو پري پري کان شاگرد ٽنڊي باگي جهڙي ننڍڙي شهر ۾ پڙهڻ لاءِ ايندا هئا جتي ناليوارا اُستاد شاگردن جي تربيت ۽ اوسر جو ڪم سرنجام ڏيندا هئا، جن ۾ مسافر کان سواءِ غلام حسين سومرو، لکي ملڪاڻي، نيڻو گدواڻي، قادر بخش خاصخيلي، غوث بخش شڪارپوري، غلام محمد ڪولاچي ۽ خير محمد آرائين قابل ذڪر آهن.
    مير غلام محمد خان ٽالپر نه صرف گورنمينٽ هاءِ اسڪول ٽنڊوباگو (پراڻو نالو لارينس مدرسه ۽ هاڻ هائير سيڪنڊري اسڪول ٿي ويو آهي) قائم ڪيو، پر اُن کانسواءِ ٻيا به انيڪ خيراتي ادارا قائم ڪيا. سندن ڪيل نيڪ ڪمن مان چند هيٺيان آهن.
    1. نياڻين جي تعليم لاءِ به مير صاحب پاڻ پتوڙيو، 1928ع ۾ مير محلي ۾ هڪ عمارت ٺهرائي لوڪل بورڊ جي حوالي ڪيائين، جتي ڇوڪرين لاءِ اسڪول کوليو ويو. اسڪول ۾ ٻاهران آيل ماسترياڻين کي پاڻ اضافي الائونس به ڏيندا هئا ۽ سندن رهائش ۽ کاڌي پيتي جو به انتظام رکندا هئا. هر ڇهين مهيني ٻه تاڪا هرک جا موڪليندا هئا جيئن نياڻيون ڀرت سکن. اُن کان علاوه شاگردياڻين کان چرخي تي سٽ ڪترايو ويندو هو ۽ سٽ جڏهن ڪافي تعداد ۾ گڏ ٿيندو هو ته اُن مان غلم ٺهرائي اسڪول کي ڏيندا هئا.
    2. مولوي احمد ملاح ۽ محمد عثمان ڀنڀري کي سندن ديني مدرسن لاءِ پنج پنج سئو رپيا سالياني گرانٽ ڏيندا هئا.
    3. غريب ۽ هوشيار شاگردن کي اعليٰ تعليم لاءِ پنهنجي خرچ تي ملڪ ۽ ملڪ کان ٻاهر سٺين يونيورسٽين ۾ موڪلنيدا هئا. طب ۽ جراحت سکڻ لاءِ حڪيم پير احمد شاهه ۽ سيد غلام مرتضيٰ شاهه کي لاهور ٽن سالن جي ڪورس تي موڪليائين. حڪيم مولوي عبدالستار ميمڻ کي دهلي جليه ڪاليج ۾ چئن سالن جي ڪورس تي موڪليائين. پنهنجي خادم جمعي خاصخيلي جي پٽ قادر بخش خاصخيلي کي علي ڳڙهه اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ موڪليو جيڪو اڳتي هلي ٽنڊي باگي هاءِ اسڪول جو هيڊ ماستر پڻ ٿيو. مير بنده علي خان ٽالپر کي اعليٰ تعليم لاءِ لنڊن موڪليو ۽ شمس العماءُ ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽي کي پڻ پرڏيهه تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ مالي سهائتا ڪيائين.
    4. غريب ۽ بيواهه عورتن کي ماهوار وظيفو ڏيندا هئا.
    5. عورتن لاءِ ميٽرنٽي هوم ۽ زناني اسپتال قائم ڪيائين جنهن ۾ مريضن کي مفت دوائون ملنديون هيون.
    6 مردن لاءِ مفت علاج واسطي بولس دوا خانو کوليائين.
    7. سڄي لاڙ کي فيض پهچائڻ لاءِ هڪ گشتي دوا خانو پڻ کوليائين.
    8. ڳوٺ کڏهرو ۽ ماچوري ۾ پرائمري ۽ هاءِ اسڪول ٺهرايائين جنهن ۾ شاگردن جو سڄو خرچ پاڻ برداشت ڪندا هئا.
    9. مدرسه ٿوهي کي هر ماهه گرانٽ ڏيندا هئا.
    مير غلام محمد خان ٽالپر مرحوم جي نيڪين ۽ خوبين جو ذڪر سائين جي ايم سيد پنهنجي ڪتاب “جنب گذاريم جن سين” ۾ ڪندي لکي ٿو ته، “ملڪ ۾ مير گهڻا، پر مير غلام محمد خان پنهنجو مٽ پاڻ هو. سنڌ جا اڪثر زميدار پئسي ۽ زمين وڌي وڃڻ بعد عياشي يا معتبري حاصل ڪرڻ لاءِ اُن کي صرف ڪندا آهن. ليڪن ڌڻي تعاليٰ هن مير صاحب جي دل انساني درد سان ڀري رکي هئي جنهن ڪري پنهنجي پئسي جو مصرف خلق خدا جي ڀلي لاءِ مخصوص ڪري ڇڏيائين. سندس ذاتي خرچ تمام معمولي هوندو هو. سفيد پٽڪو ۽ پهراڻ پهريندو هو. بلند اخلاق، حليم، محبتي ۽ خلق جو خير خواهه انسان هو.”
    1928ع ۾ سن جي سائين جي ايم سيد تعليمي ڪانفرنس ڪوٺائي، جنهن ۾ مير غلام محمد خان کي شرڪت جي دعوت ڏنائين. مير صاحب خرابي صحت جي بنياد تي ڪانفرنس ۾ شريڪ نه ٿي سگهيو. البته سائين جي ايم سيد کي خط لکي اندر جو حال اوريائين. مير صاحب لکيو ته، “عام ماڻهن جي جهالت، بيڪاري ۽ غربت ڏسي روئڻ پيو اچيم. مون پنهنجي ملڪيت ۽ وقت کي عوام جي خدمت لاءِ وقف ڪري ڇڏيو آهي پر آءُ اڪيلو ڇا ڪري سگهندس؟ سنڌ جي جاگيردارن ۽ زميندارن، پيرن ۽ مخدومن کي غريبن سان همدردي ڪا نه آهي.... خدا اوهان کي ڪوشش ۾ ڪامياب ڪري.”
    سنڌ ڌرتي جي برک وڪيل، دانشور ۽ قومپرست سياستدان مرحوم حفيظ قريشي ٽنڊي باگي اسڪول ۾ پنهنجي وقت جون يادگيريون سموئيندي لکي ٿو ته، “هڪ ڀيري مير صاحب مئٽرڪ جي شاگرد کان پڇيو ته، “امتحان جي في ڇو ڪو نه پياري اٿئي؟” شاگرد پئسه نه هئڻ جو جواب ڏنو. اُن تي مير صاحب وراڻيو، “بابا تعليم جو خرچ مفت ۽ معاف آهي پر امتحان جي في ته ڀريو. پئسه ناهن ته ڪو ڳهه گروي رکي پئسه کڻي اچ.” شاگرد وراڻيو، “سائين مئٽرڪ ۾ پڙهندي هاڻ غيرت ٿي اچيم ته ڪو اڀرو سڀرو ڳهه وڃي گروي رکان.” انهي جواب ٻڌڻ سان مير صاحب ڏاڍو خوش ٿيو ۽ چيائين “هي سڀ خرچ انهي لاءِ ڪيو هئم ته من ڪو اهڙو جواب ملي. منهنجو خرچ سجايو ويو آهي.” اُن کانپوءِ مير صاحب نه فقط سندس في ڀري پر ٽيهه رپيا انعام پڻ ڏنائينس.
    مير صاحب کان جڏهن به سندن اولاد بابت پڇبو هو ته هي نيڪ مرد اسڪول جي شاگردن ڏانهن منهن ڪري چوندو هو، “هي ئي ته منهنجو اولاد آهن.”
    سنڌ جو ناميارو تعليمي ماهر ۽ نوابشاهه ۾ تعليم کي گهر گهر ڦهلائيندڙ ۽ سنڌ کي نالي وارا شاگرد ڏيندڙ مرحوم سائين ايڇ ايم خواجه ٽنڊي باگي هاءِ اسڪول ۾ پڙهيو ۽ جيستائين زندهه رهيو شايد ئي مير صاحب جي ڪنهن ورسي تي نه آيو هجي. هو پنهنجي اسڪول جي وقت جون ساروڻيون بيان ڪندي لکي ٿو ته، “مون کي مير غلام محمد خان ٽالپر جا اهي لفظ ياد آهن جنهن ۾ هن چيو هو ته هو هن اسڪول کي علي ڳڙهه يونيورسٽي بنائيندو. بدقسمتي سان موت هن کي اسان کان جدا ڪري ويو....” ٻئي دفعي چيائين ته، “مان نهايت فخر سان چوندس ته مون جيڪو نوابشاهه ۾ ڪم ڪيو آهي اُهو سڀ مرحوم مير صاحب ۽ مسافر جي تربيت جي طفيل ٿيو آهي.”
    سچ پچ ته ههڙائي انسان نئين سماج جي پيڙهه رکندا آهن. هي درويش صفت انسان 12 فيبروري 1932ع تي جيتوڻيڪ اسان کان بظاهر هميشه لاءِ جدا ٿي ويو. پر سندس نيڪيون ۽ چڱايون اڄ به قائم ۽ دائم آهن ۽ هن خطي جا اٻوجهه، مسڪين حتاڪه سرندي پڄندي وارا به سندس ٻاريل شمع مان جوت حاصل ڪري رهيا آهن. جيستائين نيڪيون رهنديون دنيا ۾ مير صاحب جو نالو رهندو.
    سدا جيئن سي، جيڪي جيئن ٻين لاءِ.


    1- مير غلام محمد خان ٽالپر جي 12 فيبروري 2006 تي
    ميرگورنمينٽ هاءِ اسڪول ٽنڊوباگو ۾ ملهايل ورسي تي پڙهيل
    2-روزانه اخبار ڪاوش 12 فيبروري 2006 ۾ ڇپيل.


    سدا جيئن سي، جيڪي جيئن ٻين لاءِ

    ورهاڱي کان اڳ جي زماني تي نظر وجهبي ته، اسان کي پتو پوندو ته، هيڏي وڏي ديو جيڏي سفاڪ دشمن انگريز سامراج کي شڪست ڏيڻ ۾، جتي اُنهن سرويچن، سورمن ۽ ڪونڌرن جي ريٽي رنگ لاٿو، جتي اڏول انسانن، وطن ۽ قوم جي آزادي ڪاڻ جيلون ڀوڳي، بکون ڪاٽي پاڻ ملهايو، جتي آزادي جي متوالن، غلامي جي زنجيرن ٽوڙڻ لاءِ اڏي تي سر ڏيئي مظلوم ۽ بيوس انسانن کي زندهه رهڻ جو حق وٺي ڏنو، اُتي اُنهن تعليمي ماهرن، جهاليت سان جنگ جوٽيندڙن، علم جي جوت جلائيندڙن، اٻوجهن ۽ مسڪينن جي خوشحالي لاءِ پاڻ پتوڙيندڙن ۽ هڙان وڙان ڏيئي سندن مدد ڪندڙن جي قرباني ۽ جذبي کي پڻ وساري نٿو سگهجي. اُهي سڀ هستيون عزت ۽ احترام لائق آهن، جيڪي ڦورو سماج کي ڊاهڻ ۾ ڪنهن نه ڪنهن طرح حصو وٺن ٿيون. اُنهن جا جذبا ۽ قربانيون قابل تحسين آهن. ڪا به سڌريل قوم اُنهن جي ڪيل خدمتن کي وساري نٿي سگهي. اُنهن سڀني جي زندگي اسان لاءِ روشن ڏيئي جي مثل آهي، جنهن جي روشني ۾ اسين پنهنجي طاقت ۽ پنهنجي وجود کي ڏسي ۽ سمجهي سگهون ٿا ۽ زنده رهي سگهون ٿا.
    سنڌ ڌرتي جو هي سخي مرد سپوت، مير غلام محمد خان ٽالپر، مير محمد خان جي گهر ۾ ڄائو. سندس نسب مير مرزو خان ماڻڪاڻي سان وڃي ملي ٿو. امام غزالي جو قول آهي ته: “تعليم ئي صحيح معنيٰ ۾ انسان جي شخصيت ۽ ڪردار جي آبياري ڪري ٿي.” مير غلام محمد خان ٽالپر جو شروع کان ئي اهو نصب العين هو ته، جيستائين جهالت جو خاتمو نه ٿيو آهي، جيستائين ماڻهو علم جي نور سان منور نه ٿيا آهن، تيستائين ڪا به قوم وڌي ويجهي ۽ خوشحال ٿي نٿي سگهي. کين غريبن ۽ مسڪين ماڻهن جي سقيم ۽ ابتر حالت ڏسي سخت پيڙا محسوس ٿيندي هئي ۽ اُها پيڙا ئي هئي، جنهن سندس اندر ۾ اُڌما جاڳايا ۽ اُهي اُڌما عمل جو روپ اختيار ڪري ويا ۽ هن پنهنجي سموري زندگي ڀلائي ۽ نيڪي جي ڪمن ۾ صرف ڪري ڇڏي، جڏهن ته اُن دور جا ڪافي وڏيرا ۽ مٿئين ڪلاس وارا انگريز سرڪار جا دلال بڻجي سرڪار جي چرچ تي ۽ پنهنجي طبقاتي فطرت جي پيش نظر مسڪينن ۽ اٻوجهن کي پيڙهي، لٽي ماري ۽ سوين تڪليفون ڏيئي، اُن جي بدلي وڏا انعام ۽ سندون حاصل ڪري رهيا هئا. اُتي مير صاحب به وڏيرو هئڻ جي ناتي ايئن ڪري سگهيو پي. پر نه- هي مرد مانجهي اُنهن مان نه هو. مير غلام محمد خان ٽالپر پنهنجي سموري جائداد ۽ ملڪيت انساني ڀلائي ۽ نيڪي وارن ڪمن ۾ لڳائي زندگي جو هڪ نادر نمونو پيش ڪيو.
    فرانسيسي مصور پال گاگن جي مطابق: “ماڻهو جي هٿن جي حاصلات ئي اُن ماڻهو جي صحيح تشريح آهي.” سندس هڙان وڙان قائم ڪيل ڪافي ادارا اڄ به هلي رهيا آهن. هن درويش صفت انسان جيڪي نيڪ ڪم سرانجام ڏنا اُنهن مان چند هيٺيان آهن.
    1- 1920ع ۾ لاڙ جي پٺتي پيل شهر ٽنڊوباگو ۾ هڪ عاليشان مدرسو لارينس مدرسي جي نالي سان ٺهرايائين، جيڪو هن وقت گورنمينٽ هاير سيڪنڊري اسڪول جي نالي سان مشهور آهي. پاڻ اسڪول جي ڀلائي لاءِ ٽي لک ستاسي هزار رپيه پڻ گورنمينٽ وٽ ڊپازٽ طور رکيا جن مان هاسٽل ۽ بورڊنگ هائوس جو خرچ هلي ٿو.
    2- سنڌ جي ڏوراهن علائقن کان تعليم لاءِ ايندڙ شاگردن لاءِ گبسن هاسٽل ٺهرايائين، جنهن ۾ اڄ به سندس پئسي مان شاگردن کي مفت کاڌو ۽ رهائش ميسر آهي.
    3- عورتن لاءِ ميٽرنٽي هوم ۽ زناني اسپتال قائم ڪيائين، جنهن مان مريضن کي مفت دوائون ملنديون هيون.
    4- مردن جي مفت علاج لاءِ بولس دوا خانو کوليائين.
    5- لاڙ جي ماروئڙن ۽ جهانگيئڙن لاءِ پاڻ هڪ گشتي دواخانو پڻ کوليائون.
    6- ڳوٺ کڏهرو ۽ ماچوري ۾ پرائمري اسڪول ۽ هاسٽل ٺهرايائون، جنهن ۾ شاگردن جو سڄو خرچ پاڻ برداشت ڪندا هئا.
    7- مدرسه ٿوهي کي ماهوار گرانٽ ڏيندا هئا.
    8- غريب شاگردن کي اعليٰ تعليم لاءِ پنهنجي خرچ تي پرڏيهه موڪليندا هئا، جن ۾ علامه عمر بن دائود پوٽه صاحب قابل ذڪر آهن.
    9- غريب ۽ بيواهه عورتن کي ماهانه وظيفو ڏيندا هئا.
    هن فقير منش انسان وڏا ڪم ڪيا پر وڏيون دعوائون نه ڪيون. ايمرسن چواڻي: “عظيم ترين ذهن رکندڙ ماڻهن جون آتم ڪٿائون مختصر هونديون آهن.” ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته هن جي ذاتي زندگي انتهائي سادي ۽ مختصر هئي پر عمل جي حوالي کان اعليٰ قدرن جو عاليشان مثال هئي.
    مير غلام محمد خان ٽالپر مرحوم جي نيڪين ۽ خوبين جو ذڪر سن جو سائين جي ايم سيد پنهنجي ڪتاب جنب گذاريم جنسين ۾ ڪندي لکي ٿو ته: “ملڪ ۾ مير گهڻا پر مير غلام محمد خان پنهنجو مٽ پاڻ هو. سنڌ جا اڪثر زميندار پئسي ۽ زمين وڌي وڃڻ بعد عياشي يا معتبري حاصل ڪرڻ لاءِ اُن کي صرف ڪندا آهن. ليڪن ڌڻي تعاليٰ هن مير صاحب جي دل انساني درد سان ڀري رکي هئي. جنهن ڪري پنهنجي پئسي جو مصرف خلق خدا جي ڀلي لاءِ مخصوص ڪري ڇڏيائين. سندس ذاتي خرچ تمام معمولي هوندو هو. سفيد پٽڪو ۽ پهراڻ پهريندو هو. بلند اخلاق، حليم، محبتي، خلق جو خيرخواهه انسان هو.”
    ڪنفيوشس چواڻي: “ڪردار جي تشخيص چڱن اصولن تي هلڻ سان ٿيندي آهي.” مير صاحب سڄي عمر اُنهن اصولن تي هليو ۽ جڳ جو ڀلو چاهيو. سنڌ جو ارڏو ۽ قومپرست سياستدان مرحوم حفيظ قريشي ٽنڊي باگي اسڪول ۾ پنهنجي وقت جون يادگيريون سموئيندي لکي ٿو ته: “هڪ ڀيري مير صاحب هڪ مئٽرڪ جي هڪ شاگرد کان پڇيو ته: “امتحان جي في ڇو ڪو نه پياري اٿئي؟” شاگرد پئسه نه هئڻ جو جواب ڏنو. اُن تي مير صاحب وراڻيو ته: “بابا تعليم جو خرچ مفت ۽ معاف آهي پر امتحان جي في ته ڀريو؟ پئسه ناهن ته ڪو ڳهه گروي رکي پئسه کڻي اچ.” شاگرد جواب ڏنو: “سائين مئٽرڪ پڙهي هاڻ غيرت ٿي اچيم ته ڪو اڀرو سڀرو ڳهه گروي رکان.” انهيءَ جواب ٻڌڻ سان مير صاحب ڏاڍو خوش ٿيو ۽ چيائين: “هي سڀ خرچ انهي لاءِ ته ڪيا اٿم ته من ڪو اهڙو جواب ملي. منهنجو خرچ سجايو ويو آهي.” اُن کانپوءِ مير صاحب نه صرف سندس في ڀري پر ٽيهه رپيا انعام به ڏنائينس. ڪاش هن دنيا جي اڪابرن ۽ رهبرن کي مير صاحب جي اها ڳالهه سمجهه ۾ اچي ته هو جيترا هٿيار گڏ ڪري رهيا آهن، اوترا جي اسڪول قائم ڪن ته ڪر دنيا سک امن ۽ آشتي جو گهوارو بنجي وڃي.
    مير صاحب کان جڏهن به سندس اولاد بابت پڇبو هو ته هي نيڪ مرد اسڪول ۾ پڙهندڙ شاگردن ڏانهن منهن ڪري چوندو هو ته، “هي ئي منهنجو اولاد آهن.” انهي رشتي جي گهڻن ئي شاگردن وارثي ڪئي پر سڀ کان وڏو نالو هن اسڪول مان پڙهندڙ شاگرد ايڇ ايم خواجه صاحب ڪڍيو جنهن کي سڄي سنڌ خصوصن نوابشاهه جا ماڻهو سندن علمي ۽ سماجي خدمتن عيوض علم جو ابو ڪري ڀيٽا ڏين ٿا.
    سچ پچ ته ههڙائي انسان نئين سماج جي پيڙهه رکندا آهن هي درويشن صفت انسان 12 فيبروري 1932ع تي اسان کان هميشه لاءِ جدا ٿي ويو. پر جيڪي انسان فطرت جيان شفاف ۽ سخي هوندا آهن اُهي فطرت جيان سدائين حيات هوندا آهن. سندس نيڪيون ۽ چڱايون اڄ به قائم ۽ دائم آهن ۽ هن خطي جا نه فقط اٻوجهه مسڪين بلڪه سرندي پڄندي وارا به سندس ٻاريل شمع مان جوت حاصل ڪري رهيا آهن. جيسين تائين نيڪيون رهنديون، دنيا ۾ مير صاحب جو نالو قائم رهندو. اهڙن مهان انسانن لاءِ تنوير عباسي جي شاعري جون هي سٽون خوب ٺهڪي اچن ٿيون.
    ڪجهه ڏيئي وينداسين، ڪجهه نه کڻي وينداسين،
    ٻور آهيون ڏيئي ميوو، ڇڻي وينداسين.

    1- مير غلام محمد خان ٽالپر هاير سيڪنڊري اسڪول طرفان 12 فيبروري سال 2010ع ۾ پڌري ڪيل مخزن جڳ جڳ سي جيئن ۾ ڇپيل
    2- روزانه اخبار ڪاوش حيدرآباد ۾ 12 فيبروري 2012ع ۾ ڇپيل
    3- اولڊ بوائز ايسوسيئيشن ٽنڊوباگو طرفان فيبروري 2018ع ۾ پڌري ڪيل ڪتاب ساڻيهه جو سپوت ۾ ڇپيل.


    علم کي آجپو سمجهندڙ انسان

    هي ايڪيويهين صدي آهي. علم جي روشني جي صدي ۽ سائنس جي ترقي جي صدي، جنهن جي طفيل انسان ذات جديد سهوليتن ۽ آسائشن طرف وڌي رهي آهي. انسان کي پنهنجي سپنن جي ساڀيان ۽ روشن آئيندو ويجهو نظر اچي رهيو آهي.
    ۽ هي ايڪيويهين صدي جي سنڌ آهي، جتي اڪثر علائقن ۾ علمي درسگاهن کي تالا لڳل آهن يا مال جا واڙا ٺهيل آهن، ته وري ڪٿي اسڪول وڏيرن جا نجي اوتارا بنيل آهن. عوام جي هڏن جي ڪمائي ۽ پگهر جي پورهئي جي لاڳت مان ٺاهيل سرڪاري اسڪول، وڏيرن جي رحم ڪرم تي آهن. جتي سرڪاري پگهار تي مقرر ڪيل ماستر وڏيرن جا ڪمدار بنيل آهن. هي ادارا جتان علم جي روشني ڦهلجڻ گهرجي، جهاليت خلاف جنگ ٿيڻ گهرجي ۽ دانش جي باک ڦٽڻ گهرجي، انهن تعليمي ادارن جو ڪنهن جاهل يا اڻ پڙهيل نه، پر اُنهن اسيمبلي ۾ پهتل سٺي حڪمراني جي دعوا ڪندڙ ڊگري يافته وڏيرن ۽ ملڪ جي اعليٰ يونيورسٽين مان پڙهيل ڳڙهيل ڪامورن ٻيڙو ٻوڙيو آهي.
    آءُ ڪجهه وقت لاءِ ويهين صدي جي اوائلي ڏهاڪن ۾ جهاتي پايان ٿو. اُن وقت جي سنڌ ۾، نه ڪي تعليم جا بهتر ذريعا آهن ۽ نه ئي ڪي ترقي جا اهڃاڻ نظر اچن ٿا. ۽ خصوصن لاڙ جيڪو جاگرافي جي لحاظ کان لڙيل ۽ پوڇاڙ ۾ اچي ٿو، اُن ۾ جهاليت به ٻين علائقن جي نسبت سرس نظر اچي ٿي. تڏهن هڪ شخص جيڪو ڪنهن يونيورسٽي مان تعليم يافته به ناهي، پر مڪتب مان ٻه چار اکر پڙهيل آهي ،جهاليت خلاف جنگ جهوٽيندي، 1920ع ۾ پنهنجي هڙان وڙان خرچ ڪري، لاڙجي ڏتڙيل ماڻهن لاءِ ٽنڊي باگي جهڙي ننڍڙي ۽ پٺتي پيل شهر ۾ اسڪول کولي ٿو. چوريون ڪرائڻ، ڌاڙا هڻائڻ، ڀنگ وٺڻ ۽ ماڻهن کي آزارڻ، سنڌ جي وڏيري جو، هڪڙو اِهو روپ آهي، جيڪو سنڌ صدين کان ڏٺو آهي ۽ ڏسي پيئي ۽ ٻيو مير غلام محمد خان ٽالپر (1932-1876) جي روپ ۾، جيڪو هو ته مٿيئين طبقي جو ماڻهو، پر هن پنهنجي دل ۾ هميشه غريب ۽ مصيبت ۾ ماريل ماڻهن جو درد رکيو ۽ پنهنجي اندر ۾ علم جي جوت کي اُجهامڻ نه ڏنو.
    لاڙ جي هن سخي مرد انسان، جنهن کي هتي جا ماڻهو لاڏ مان لاڙ جو ابو چوندا آهن، اُن وقت جي ڏيڍ لک رپين سان هن تاريخي اسڪول جي عمارت ٺهرائي. نه فقط ايترو پر هن اسڪول جي هاسٽل لاءِ اڍائي لک رپيه پڻ بينڪ ۾ رکيا، جنهن مان اُن وقت به شاگردن کي مفت ۾ رهائش ۽ ماني ملندي هئي ۽ هاڻ به ملندي رهي ٿي. توهان کي هن وقت به شهرن ۾ اسڪول ڪاليج ۽ يونيورسٽيون انتهائي تنگ ۽ محدود عمارتن ۾ نظر اينديون، پر مير صاحب اُن وقت ۾ جڏهن شاگردن جو تعداد به محدود هو ۽ ايڏو تعليمي شعور ۽ رجحان به نه هو، هڪ وڏو عاليشان اسڪول جنهن ۾ لاتعداد ڪمرا، سائنس هال، ڊرائنگ هال، هڪ وڏي هاسٽل، اُستادن ۽ هيڊماستر جي رهائش ۽ ڪشادو ڊائننگ هال ٺهرايو، جنهن ۾ هڪ ئي وقت سئو کان مٿي شاگرد ماني کائي سگهن. هن اسڪول جو اسپورٽس گرائونڊ ايڏو وڏو آهي جنهن ۾ هڪ ئي وقت ڪرڪيٽ، فٽ بال ۽ ٻيون رانديون کيڏي سگهجن ٿيون. برطانوي آرڪيٽيڪٽ تي ڊزائن ٿيل هي اسڪول مني يونيورسٽي جو ڏيکاءُ ڏي ٿو.
    مير غلام محمد خان ٽالپر نه صرف شاگردن لاءِ مفت تعليم مهيا ڪئي، پر اُن سان گڏوگڏ ذهين ۽ مسڪين شاگردن لاءِ اسڪالر شپ جو به انتظام ڪندو هو، ته جيئن هو ٻاهران تعليم حاصل ڪري سگهن. مير صاحب جي وظيفي مان مستفيض ٿيندڙن ۾ داڪٽر عمر بن دائود پوٽو ۽ قادر بخش خاصخيلي پڻ شامل هئا. مير غلام محمد خان ٽالپر جتي مردن جي تعليم تي ڌيان ڏنو اُتي نياڻين لاءِ پڻ اسڪول ۽ هنري گهر قائم ڪيائين. نه صرف هن تعليم جي مد ۾ پاڻ موکيو، پر هن عام ۽ مسڪين ماڻهن جي صحت ۽ علاج جي معاملي ۾ به پاڻ ملهايو. هن ٽنڊي باگي شهر ۾ نه صرف زناني اسپتال قائم ڪئي، جنهن ۾ مفت مشورو ۽ دوائون ملنديون هيون پر هڪ گشتي دواخانو به کوليو جيڪو ماڻهن کي سندن تڏي تي وڃي مفت طبي سهوليتون مهيا ڪندو هو. اُن کانسواءِ هو اپاهج ۽ ضرورت مند ماڻهن جي پڻ هڙان وڙان مالي سهائتا ڪندو هو.
    سنڌ جو عظيم رهبر سائين جي ايم سيد پنهنجي ڪتاب جنب گذاريم جن سين ۾ لکيل مضمون “ملڪ ۾ مير گهڻا پر غلام محمد خان پنهنجو مٽ پاڻ هو” ۾ ڄاڻائي ٿو ته: “سنڌ جا اڪثر زميندار پئسي ۽ زمينداري وڌي وڃڻ بعد عياشي يا معتبري حاصل ڪرڻ لاءِ اُن کي صرف ڪندا هئا. ليڪن ڌڻي تعاليٰ هن مير صاحب جي دل انساني درد سان ڀريل رکي هئي، جنهن ڪري پئسي جو مصرف خلق خدا جي ڀلي لاءِ مخصوص ڪري ڇڏيائين. سندس ذاتي خرچ تمام معمولي هوندو هو. سفيد پٽڪو ۽ پهراڻ پهريندو هو. بلند اخلاق، حليم، محتبي خلق جو خيرخواهه انسان هو.”
    سائين جي ايم سيد جو ساٿي، سنڌ جو ارڏو ۽ بيباڪ سياستدان محترم حفيظ قريشي به هن اسڪول ۾ پڙهيو. مون جڏهن کيس مير غلام محمد خان ٽالپر جي زندگي تي مئگزين لاءِ مضمون جي گذارش ڪئي، ته هن وراڻيو ڪڏهن وقت ڪڍي اچ ته ويهي توکي اسڪول ۾ گهاريل گهڙين جو احوال ٻڌايان، باقي مضمون ۾ اِهي ڳالهيون نٿيون سمائي سگهجن. ۽ پوءِ هڪ ڏينهن آئون وٽس گهر هليو ويس. پاپڙن ۽ چانهه جي چشڪي تي هو اسڪول جي زماني جون ساروڻيون بيان ڪندو رهيو. مون کي لڳو ته هن کي اُن اسڪول جي هڪ هڪ سر سان محبت هئي ۽ سندس اسڪول ۾ گهاريل هرپل هن لاءِ بي بها خزانو هو. هن ڪئين احوال ڪيا ۽ واقعا ٻڌايا. هڪ واقعي جو ذڪر ڪندي چيائين ته: “هڪ دفعي ٻنپهرن جي ٻوڙجي ديڳ مان مک نڪتي. شاگردن کائڻ کان انڪار ڪيو. هيڊماستر شاگردن کي ڏوهي ٺهرائيندي، مير صاحب کي چيو ته ڇوڪرن جو من وڌي ويو آهي. گهر ۾ لسي به ڪا نه ٿي ملين ۽ هتي خيراتي ماني تي وٺي گوڙ ڪيو اٿن. ٻوڙ مان مک نڪتي ته ڇا ٿي پيو؟ مير صاحب چيو ته، قوم جي مان وڌائڻ لاءِ شاگردن کي اڳتي وڌائڻ ۽ سندن گهرجون پوريون ڪرڻ ضروري آهن. توهان شاگردن کي ٻي ديڳ رڌائي ڏيو.”
    هڪ ٻيو واقعو بيان ڪندي ٻڌايائين ته: “اسانجي اُستاد لکي ملڪاڻي ٻڌايو ته، تازو جڏهن هن کي ٽنڊي باگي ۾ نئين نوڪري ملي ته مير صاحب سان ملڻ لاءِ ويس. نهايت عاليشان بنگلو هو. ٻاهر منجهي تي هڪڙو سفيد ريش ماڻهو ويٺو هو، سنڌي جُتي، ڪَپڙ جا ڪپڙا. کائنس مير صاحب جو پڇيم. هن هڪدم ٻئي ماڻهو کي اشارو ڪري بنگلي مان هڪڙي عمده آرام ڪرسي گهرائي ۽ مون کي ويهڻ لاءِ چيو. جنهن کي مون ڳوٺاڻو سمجهيو هو، تنهن لاءِ پوءِ معلوم ٿيو ته هو مير صاحب پاڻ هو.”
    مير باگو خان (ٽنڊي باگي شهر جو اڏيندڙ) جنهن رياستي اقتدار، ڪاروهنوار ۽ مال ملڪيت کي ٺڪرائي سونيتي (جيڪا پنهنجي سونهن ۽ سوڀيا جي ڪري اڳتي هلي تاريخ ۾ سنڌ راڻي جي نالي سان مشهور ٿي) سان پيار جا پيچ اڙايا ۽ عشق جي آبياري ڪندي سچي عاشق طور پاڻ ملهايو ته اُتي وري اُنجي تڙ پوٽي مير غلام محمد خان ٽالپر جهاليت سان جنگ جوٽيندي علم جو جهندو بلند ڪيو ۽ پنهنجي سڃاڻپ هڪ علم جي همدرد ۽ اٻوجهن جي هڪ هڏڏوکي طور ڪرائي. هن انگريزن طرفان کيس ڏنل خان بهادر (O.B.E) لقب ۽ مليل مئجسٽريٽي اختيارن کي هميشه غريبن جي ڀلي لاءِ استعمال ڪيو ۽ کين انصاف مهيا ڪيو.
    علم جي جهنڊي جهولائڻ ۽ روشني کي گهر گهر ڦهلائڻ ۾ مشهور اُستاد، اديب ۽ ٻاتڙن ٻولن وارو شاعر محمد صديق مسافر سندس ٻانهه ٻيلي رهيو. اها مير غلام محمد خان ٽالپر جي دورانديشن نگاهه هئي، جنهن مسافر ۾ هڪ علم جي پارکو کي ڳولي ورتو. محمد صديق مسافر مير صاحب سان گڏ جي هن خطي مان جهاليت کي تڙڻ لاءِ پوري سگهه سان محنت ڪئي ۽ تعليم جي ڀلائي لاءِ اسڪول سان توڙ تائين ناتو نباهيو. شايد اها مير صاحب جي ساده، باڪمال ۽ علم لاءِ جاکوڙيندڙ شخصيت هئي، جنهن ايڇ ايم خواجه (مشهور تعليمي ماهر) تي شاگردي جي زماني کان ايترا ته گهرا اثر ڇڏيا جو هن شخص مير صاحب جي زندگي تي عمل ڪندي نوابشاهه ۾ علم جي ايئن آبياري ڪئي جيئن مالهي باغ جي ڪندو آهي. هن جون نوابشاهه ۾ ڪيل تعليمي خدمتون ۽ قائم ڪيل اسڪول اڄ به کيس مڃتا ڏين ٿا. ايڇ ايم خواجه جيترو به وقت زندهه رهيو، ڪڏهن به مير صاحب جي ورسي تي اچڻ نه وساريندو هو ۽ پنهنجي دور جي محسن کي ياد ڪندي روئي ڏيندو هو.
    مير صاحب نه ڪو ارسطو هو ۽ نه ئي ڪو وڏو فلاسافر، نه تعليمي ماهر يا محقق هو. مڪتب مان ٻه ٽي اکر مس پڙهيو هو، پر هن جو صاف ۽ شفاف ڪردار ۽ علم سان پاڻ ارپڻ جو جذبو ايڏو ته وڏو هو، جو هن جو ڳاڻيٽو سچائي ۽ خدمتن جي ڪتاب ۾ هميشه سر فهرست رهندو. هن علم جي ايڏي خدمت ڪئي جيڏي ڪئين محقق به نه ڪري سگهيا.
    لاڙ جو پس ماندهه خطو جنهن جو هي روشني جو مينار اسڪول، ماڻهن کي ملڪ جي ڏورانهن حصن کان ڇڪي پاڻ ڏي وٺي ايندو هو. ويهين صدين جي اوائلي دور جو هي اسڪول جنهن جي بلڊنگ، سهوليتون ۽ تعليمي معيار ايڪيويهين صدي جي روشن ۽ سجاڳ شعور (Vision) جي عڪاسي ڪندي هئي. اُن خطي جي تعليم اڄ ڪٿي بيٺل آهي؟ اسڪول ته موجود آهن پر علم ۽ ذهانت ڪٿي آهي؟ پيغمبري پيشي جي دعويٰ ڪندڙ اُستادن جي قابليت تي اڄ آڱريون کڄن ٿيون. مستقبل جا مسيحا جهاليت جي دٻڻ ۾ ڦاسندا ٿا وڃن. علم جا ڏيئا روشن ڪندڙ مير غلام محمد خان ٽالپر، ٻاتڙن ٻولن جي شاعر ۽ تعليمي ماهر مسافر کي وساري، ڌرتي جي دلربا ڪردارن کي آفاقي گهاڙيٽن ۾ اوتيندڙ شاعر خليفي نبي بخش کي اسان ڇا ننڍ سمهاريو آهي، اسان پاڻ به اگهور ننڍ ۾ سمهي پيا آهيون.!
    اچو ته وقت تان چادر لاهيون. تاريخ جا پنا اُٿلايون. بند دفتر کوليون. من جي اوندهه کي مٽائي اندر اُجاريون. مير غلام محمد خان ٽالپر جي ڪردار کي مثال بنايون. مسافر جي ٻاتڙن ٻولن م سڏ ملايون. ڪو ته خليفي جو ڪيڏارو گونجي. لاڙجي هير من گُهلي پوي، سنڌو وري وهي هلي. ڪلا ۽ جلا جي جوت جڳ جڳ جلي.


    روزانه ڪاوش حيدرآباد ۾ 12 فيبروري 2014 تي ڇپيل.
    ++
    لاڙ جو محسن
    ورهاڱي کان اڳ جي زماني تي نظر وجهبي ته اسان کي پتو پوندو ته هيڏي وڏي ديو جيڏي سفاڪ دشمن انگريز سامراج کي شڪست ڏيڻ ۾، جتي اُنهن سرويچن، سرفروشن، سورمن ۽ ڪونڌرن جي ريٽي رت رنگ لاٿو، جتي اڏول انسانن وطن ۽ قوم جي آزادي ڪاڻ جيلون ڀوڳي، بکون ڪاٽي پاڻ مالهايو، جتي آزادي جي متوالن، غلامي جي زنجيرن ٽوڙڻ لاءِ اڏي تي سر ڏيئي مظلوم۽ بيوس انسانن کي زندهه رهڻ جو حق وٺي ڏنو، اُتي اُنهن تعليمي ماهرن، جهالت سان جنگ جوٽيندڙن، علم جي جوت جلائيندڙن، اٻوجهن ۽ مسڪينن، يتيمن جي خوشحالي لاءِ پاڻ پتوڙيندڙن ۽ هڙان وڙان ڏيئي سندن مددن ڪندڙن جي قرباني ۽ جذبي کي پڻ وساري نٿو سگهجي. اُهي سڀ هستيون عزت ۽ احترام لائق آهن، جيڪي ڦورو سماج کي ڊاهڻ ۾ ڪنهن نه ڪنهن طرح حصو وٺن ٿيون. اُنهن جا جزبا ۽ قربانيون قابل تحسين آهن. ڪا به سڌريل قوم اُنهن جي ڪيل خدمتن کي وساري نٿي سگهي. اُنهن سڀني جي زندگي اسان لاءِ روشن ڏيئي مثل آهي، جنهن جي روشني ۾ اسين پنهنجي طاقت پنهنجي قوت ۽ پنهنجي وجود کي ڏسي ۽ سمجهي سگهون ٿا ۽ زندهه رهي سگهون ٿا.
    تعليم جي ميدان ۾ پنهنجي هڙان وڙان خرچ ڪري خدمتون آڇيندڙ ڀلوڙ انسان، مير غلام محمد خان ٽالپر باگي واهه جي ڪنڌي تي اڏيل سنڌراڻي جي سونهن ۽ سرهاڻ سان رچيل شهر ٽنڊوباگو ۾ 1876 ۾ مير محمد خان ٽالپر جي گهر ۾ جنم ورتو. سندن حسب نصب مير مرزو خان ماڻڪاڻي سان وڃي ملي ٿو. ٽنڊي باگي شهر جو باني مير باگو خان سندن تڙ ڏاڏو هو. اُن زماني ۾ ٽنڊي باگي ۽ اُنجي آسپاس ڪو به اسڪول نه هو. اُن وقت جي دستور موجب هن کي ملان مڪتب ۾ پڙهائڻ لاءِ ويهاريو ويو. جتي هن قرآن شريف پڙهڻ بعد سنڌي ۽ فارسي جي تعليم گلستان ۽ بوستان تائين حاصل ڪئي. مير صاحب کي علم ۽ ادب سان ڪافي چاهه هو. تاريخ ۽ ويدانت تي سنڌي اُردو ۽ فارسي ۾ ڇپجندڙ ڪتاب سندس مطالعي جو موضوع هوندا هئا. ڊاڪٽر گربخشاڻي جو شاهه جو رسالو اڪثر ساڻن گڏ هوندو هو. اُن وقت شايع ٿيندڙ تقريبن سڀ سنڌي اخبارون گهرائيندا هئا. زندگي جي آخري ايامن ۾ تذڪره غوثيه خاص طور تي سندن مطالع هيٺ رهيو.
    ٽالپر حڪمرانن جي وقت کان مير باگي خان ۽ اُن جي خاندان کي جاگير عطا ٿيل هئي. مير غلام محمد خان ٽالپر جي ڏاڏي مير ولي محمد ٽالپر جي وڏي عمر هئڻ سبب زمينداري ڪم سنڀالڻ هن لاءِ مشڪل هو ۽ ان ڪري هو ڪافي مقروض به ٿي چڪو هو. تنهن ڪري هن انگريز سرڪار کي درخواست ڪئي ته سندس جاگير سرڪار پاڻ سنڀالي ۽ اُنجو کيس ساليانو مناسب معاوضو ڏنو وڃي. اُن ئي سال سندس ڏاڏو وفات ڪري ويو ۽ جاگير ڦري سندس والد مير محمد خان ٽالپر جي نالي ٿي. جيڪو پڻ 1911ع ۾ وفات ڪري ويو ۽ جاگير ڦري ميرغلام محمد خان ٽالپر جي نالي ٿي.
    ننڍي هوندي کان لاڏڪوڏ سان پليل مير غلام محمد خان ٽالپر کي جاگير انگريزن جي مئنيجري کاتي کان ملڻ تائين ڏاڍا ڏکيا ڏينهن ڏسڻاپيا. ان عرصي دوران هن هر هلائي، ٻني کيڙي گذر سفر ڪيو. ڪجهه وقت لاءِ پوليس کاتي ۾ ڪانسٽيبل طور تي ڀرتي ٿيو ۽ جتان پوءِ استعيفيٰ ڏيئي عريضي نويس جو پيشو اختيار ڪيائين. جاگير آزاد ٿيڻ کانپوءِ هن پنهنجي هڪ ڄاڻ سڄاڻ واري زميدار کان چار هزار رپيه اُڌارا وٺي کيتي ٻاڙي جو ڪم شروع ڪرايو ۽ آهستي آهستي زمين جي اُپت وڌندي ويئي ۽ پاڻ تر جو وڏو جاگيردار ليکجڻ لڳو.
    مير غلام محمد خان ٽالپر جو شروع کان ئي اِهو نصب العين هو ته، جيستائين جهاليت جو خاتمو نه ٿيو آهي، جيستائين ماڻهو علم جي نور سان منور نه ٿيا آهن، تيستائين ڪا به قوم وڌي ويجهي ۽ خوشحال ٿي نٿي سگهي. کين غريبن ۽ مسڪين ماڻهن جي سقيم ۽ ابتر حالت ڏسي سخت پيڙا محسوس ٿيندي هئي ۽ اها پيڙا ئي هئي، جنهن سندس اندر ۾ اُڌما جاڳايا ۽ اُهي اڌما عمل جو روپ اختيار ڪري ويا ۽ پنهنجي سموري زندگي ڀلائي ۽ نيڪي جي ڪمن ۾ صرف ڪري ڇڏيائون. جڏهن اُن دور جا ڪافي وڏيرا ۽ مٿيئين ڪلاس وارا انگريز سرڪار جا دلال بڻجي، سرڪار جي چرچ تي ۽ پنهنجي طبقاتي فطرت جي پيش نظر مسڪينن ۽ ابوجهن کي پيڙهي، لٽي، ماري ۽ سوين تڪليفون ڏيئي اُن جي بدلي وڏا انعام ۽ سندون حاصل ڪري رهيا هئا، اُتي مير صاحب به وڏيرو هئڻ جي ناتي ايئن ڪري سگهيو پي، پر نه. هي مرد مانجهي اُنهن مان نه هو. مير غلام محمد خان ٽالپر پنهنجي سموري جائداد ۽ ملڪيت انساني ڀلائي ۽ نيڪي جي ڪمن ۾ لڳائي زندگي جو هڪ نادر نمونو پيش ڪيو. مير غلام محمد خان ٽالپر ڄاتو ٿي ته، جيستائين ماڻهو تعليم نه پرائيندا، جهاليت دور نه ٿيندي تيستائين سماج پاڻ ڀرو ۽ آزاد نه ٿي سگهندو.
    اُن زماني ۾ پاڻ سر سيد احمد خان جي علمي جاکوڙ، جيڪا هن علي ڳڙهه کان شروع ڪئي هئي، کان ڏاڍو متاثر هئا. هن جو به خيال هو ته جيستائين هتان جو ماڻهو انگريزي علم نه پڙهندو ترقي ڪري نه سگهندو. حسن علي آفندي جي نگراني ۾ هلندڙ سنڌ مدرسي جي ڪارڪردگي پڻ سندس حوصلي کي وڌايو. هن اُن وقت جي ٽنڊي باگي جي شيدي نسل سان واسطو رکندڙ شفيق ۽ ڀلوڙ اُستاد، شاعر ۽ تاريخدان محمد صديق “مسافر” کي، جيڪو حيدرآباد ۾ ماستري ڪندو هو پاڻ وٽ گهرايو ۽ ساڻس اسڪول کولڻ جو ويچارو ونڊيو. مسافر جي ها ڪرڻ تي مير صاحب بروقت کيس پنو هٿ ۾ ڏيندي چيو ته موڪل جي درخواست لک ۽ کيس پنجاهه رپيا ڀاڙو ڏيندي چيائين ته وڃ حيدرآباد مان سامان کڻي اچ ۽ واپس اچي اسڪول سنڀال. مرحوم محمد صديق مسافر پنهنجي ڪتاب “ڪليات مسافر” ۾ اسڪول جي ڪهاڻي جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته، جيئن ئي آئون سامان سهيڙي واپس آيس ته مير صاحب اسڪول لاءِ جاءِ مسواڙ تي وٺي چڪو هو ۽ اُن جي لاءِ ڪرسيون ميزون پڻ ٺهرائي ڇڏيون هيون. مون کي هڪ ڪثير رقم هٿ ۾ ڏيندي چيائين اسڪول لاءِ ڪاغذ پٽ خريد ڪر ۽ شاگرد هٿ ڪر. مسافر مير غلام محمد خان سان گهاريل زندگي جون گهڙيون ساريندي لکي ٿو ته مير صاحب هميشه چوندو هو ته، “خرچ منهنجو ۽ محنت ۽ ايمانداري تنهنجي، ڪڏهن به دل سست نه ڪجانءِ.” مير غلام محمد خان جي پئسي ۽ مسافر جي اڻٿڪ محنت سان ٽنڊي باگي جو اهو اسڪول جيڪو پهرين مسواڙي جاءِ ۾ پنجن شاگردن جي تعداد سان 1920ع ۾ شروع ٿيو ۽ جيڪو فقط ٽن درجن تائين هو تنهن اڳتي هلي 1924ع ۾ هاءِ اسڪول جو درجو ماڻيو. مير صاحب پنهنجي ذاتي خرچ سان نه صرف اسڪول جي هڪ شاندار وڏي عمارت جوڙائي پر اُن سان گڏ هڪ شاگردن جي رهڻ لاءِ هاسٽل (گبسن هاسٽل انگريز ڪمشنر جي نالي پويان) ۽ هڪ ڊائننگ هال پڻ ٺهرايو جنهن ۾ شاگردن کي بنا ڪنهن رنگ نسل ۽ مذهب جي مفت رهائش ۽ کاڌو ڏنو ويندو هو. نه صرف ايترو پر ان فيض کي تاحيات جاري رکڻ لاءِ ، مير صاحب پنهنجي ذاتي ملڪيت مان 3 لک 87 هزار رپيه بينڪ ۾ پڻ رکيا، جيئن اُنجي وياج مان مستقل طور تي ڪارخير جاري رهي. هاءِ اسڪول جي وڏي ۽ شاندار عمارت جيڪا مني يونيورسٽي جو ڏيک ڏي ٿي اُنجي فن تعمير کي ڏسي اڄ به داد ڏيڻ کانسواءِ رهي نٿو سگهجي. هي اُن وقت ۾ نه فقط لاڙ جي وڏي ۾ وڏي درسگاهه هئي، پر سنڌ ۾ اُن وقت ۾ موجود درسگاهن ۾ شايد واحد درسگاهه هئي، جيڪا ڪنهن هڪ شخص ذاتي طور تي ٺهرائي هئي جنهن ۾ مفت کاڌي ۽ رهائش جي سهوليت به ميسر هئي. اِهو ئي سبب هو جو پري پري کان شاگرد ٽنڊي باگي جهڙي ننڍڙي شهر ۾ پڙهڻ لاءِ ايندا هئا جتي ناليوارا اُستاد شاگردن جي تربيت ۽ اوسر جو ڪم سرنجام ڏيندا هئا، جن ۾ مسافر کان سواءِ غلام حسين سومرو، لکي ملڪاڻي، نيڻو گدواڻي، قادر بخش خاصخيلي، غوث بخش شڪارپوري، غلام محمد ڪولاچي ۽ خير محمد آرائين قابل ذڪر آهن.
    مير غلام محمد خان ٽالپر نه صرف گورنمينٽ هاءِ اسڪول ٽنڊوباگو (پراڻو نالو لارينس مدرسه ۽ هاڻ هائير سيڪنڊري اسڪول ٿي ويو آهي) قائم ڪيو، پر اُن کانسواءِ ٻيا به انيڪ خيراتي ادارا قائم ڪيا. سندن ڪيل نيڪ ڪمن مان چند هيٺيان آهن.
    1. نياڻين جي تعليم لاءِ به مير صاحب پاڻ پتوڙيو، 1928ع ۾ مير محلي ۾ هڪ عمارت ٺهرائي لوڪل بورڊ جي حوالي ڪيائين، جتي ڇوڪرين لاءِ اسڪول کوليو ويو. اسڪول ۾ ٻاهران آيل ماسترياڻين کي پاڻ اضافي الائونس به ڏيندا هئا ۽ سندن رهائش ۽ کاڌي پيتي جو به انتظام رکندا هئا. هر ڇهين مهيني ٻه تاڪا هرک جا موڪليندا هئا جيئن نياڻيون ڀرت سکن. اُن کان علاوه شاگردياڻين کان چرخي تي سٽ ڪترايو ويندو هو ۽ سٽ جڏهن ڪافي تعداد ۾ گڏ ٿيندو هو ته اُن مان غلم ٺهرائي اسڪول کي ڏيندا هئا.
    2. مولوي احمد ملاح ۽ محمد عثمان ڀنڀري کي سندن ديني مدرسن لاءِ پنج پنج سئو رپيا سالياني گرانٽ ڏيندا هئا.
    3. غريب ۽ هوشيار شاگردن کي اعليٰ تعليم لاءِ پنهنجي خرچ تي ملڪ ۽ ملڪ کان ٻاهر سٺين يونيورسٽين ۾ موڪلنيدا هئا. طب ۽ جراحت سکڻ لاءِ حڪيم پير احمد شاهه ۽ سيد غلام مرتضيٰ شاهه کي لاهور ٽن سالن جي ڪورس تي موڪليائين. حڪيم مولوي عبدالستار ميمڻ کي دهلي جليه ڪاليج ۾ چئن سالن جي ڪورس تي موڪليائين. پنهنجي خادم جمعي خاصخيلي جي پٽ قادر بخش خاصخيلي کي علي ڳڙهه اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ موڪليو جيڪو اڳتي هلي ٽنڊي باگي هاءِ اسڪول جو هيڊ ماستر پڻ ٿيو. مير بنده علي خان ٽالپر کي اعليٰ تعليم لاءِ لنڊن موڪليو ۽ شمس العماءُ ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽي کي پڻ پرڏيهه تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ مالي سهائتا ڪيائين.
    4. غريب ۽ بيواهه عورتن کي ماهوار وظيفو ڏيندا هئا.
    5. عورتن لاءِ ميٽرنٽي هوم ۽ زناني اسپتال قائم ڪيائين جنهن ۾ مريضن کي مفت دوائون ملنديون هيون.
    6 مردن لاءِ مفت علاج واسطي بولس دوا خانو کوليائين.
    7. سڄي لاڙ کي فيض پهچائڻ لاءِ هڪ گشتي دوا خانو پڻ کوليائين.
    8. ڳوٺ کڏهرو ۽ ماچوري ۾ پرائمري ۽ هاءِ اسڪول ٺهرايائين جنهن ۾ شاگردن جو سڄو خرچ پاڻ برداشت ڪندا هئا.
    9. مدرسه ٿوهي کي هر ماهه گرانٽ ڏيندا هئا.
    مير غلام محمد خان ٽالپر مرحوم جي نيڪين ۽ خوبين جو ذڪر سائين جي ايم سيد پنهنجي ڪتاب “جنب گذاريم جن سين” ۾ ڪندي لکي ٿو ته، “ملڪ ۾ مير گهڻا، پر مير غلام محمد خان پنهنجو مٽ پاڻ هو. سنڌ جا اڪثر زميدار پئسي ۽ زمين وڌي وڃڻ بعد عياشي يا معتبري حاصل ڪرڻ لاءِ اُن کي صرف ڪندا آهن. ليڪن ڌڻي تعاليٰ هن مير صاحب جي دل انساني درد سان ڀري رکي هئي جنهن ڪري پنهنجي پئسي جو مصرف خلق خدا جي ڀلي لاءِ مخصوص ڪري ڇڏيائين. سندس ذاتي خرچ تمام معمولي هوندو هو. سفيد پٽڪو ۽ پهراڻ پهريندو هو. بلند اخلاق، حليم، محبتي ۽ خلق جو خير خواهه انسان هو.”
    1928ع ۾ سن جي سائين جي ايم سيد تعليمي ڪانفرنس ڪوٺائي، جنهن ۾ مير غلام محمد خان کي شرڪت جي دعوت ڏنائين. مير صاحب خرابي صحت جي بنياد تي ڪانفرنس ۾ شريڪ نه ٿي سگهيو. البته سائين جي ايم سيد کي خط لکي اندر جو حال اوريائين. مير صاحب لکيو ته، “عام ماڻهن جي جهالت، بيڪاري ۽ غربت ڏسي روئڻ پيو اچيم. مون پنهنجي ملڪيت ۽ وقت کي عوام جي خدمت لاءِ وقف ڪري ڇڏيو آهي پر آءُ اڪيلو ڇا ڪري سگهندس؟ سنڌ جي جاگيردارن ۽ زميندارن، پيرن ۽ مخدومن کي غريبن سان همدردي ڪا نه آهي.... خدا اوهان کي ڪوشش ۾ ڪامياب ڪري.”
    سنڌ ڌرتي جي برک وڪيل، دانشور ۽ قومپرست سياستدان مرحوم حفيظ قريشي ٽنڊي باگي اسڪول ۾ پنهنجي وقت جون يادگيريون سموئيندي لکي ٿو ته، “هڪ ڀيري مير صاحب مئٽرڪ جي شاگرد کان پڇيو ته، “امتحان جي في ڇو ڪو نه پياري اٿئي؟” شاگرد پئسه نه هئڻ جو جواب ڏنو. اُن تي مير صاحب وراڻيو، “بابا تعليم جو خرچ مفت ۽ معاف آهي پر امتحان جي في ته ڀريو. پئسه ناهن ته ڪو ڳهه گروي رکي پئسه کڻي اچ.” شاگرد وراڻيو، “سائين مئٽرڪ ۾ پڙهندي هاڻ غيرت ٿي اچيم ته ڪو اڀرو سڀرو ڳهه وڃي گروي رکان.” انهي جواب ٻڌڻ سان مير صاحب ڏاڍو خوش ٿيو ۽ چيائين “هي سڀ خرچ انهي لاءِ ڪيو هئم ته من ڪو اهڙو جواب ملي. منهنجو خرچ سجايو ويو آهي.” اُن کانپوءِ مير صاحب نه فقط سندس في ڀري پر ٽيهه رپيا انعام پڻ ڏنائينس.
    مير صاحب کان جڏهن به سندن اولاد بابت پڇبو هو ته هي نيڪ مرد اسڪول جي شاگردن ڏانهن منهن ڪري چوندو هو، “هي ئي ته منهنجو اولاد آهن.”
    سنڌ جو ناميارو تعليمي ماهر ۽ نوابشاهه ۾ تعليم کي گهر گهر ڦهلائيندڙ ۽ سنڌ کي نالي وارا شاگرد ڏيندڙ مرحوم سائين ايڇ ايم خواجه ٽنڊي باگي هاءِ اسڪول ۾ پڙهيو ۽ جيستائين زندهه رهيو شايد ئي مير صاحب جي ڪنهن ورسي تي نه آيو هجي. هو پنهنجي اسڪول جي وقت جون ساروڻيون بيان ڪندي لکي ٿو ته، “مون کي مير غلام محمد خان ٽالپر جا اهي لفظ ياد آهن جنهن ۾ هن چيو هو ته هو هن اسڪول کي علي ڳڙهه يونيورسٽي بنائيندو. بدقسمتي سان موت هن کي اسان کان جدا ڪري ويو....” ٻئي دفعي چيائين ته، “مان نهايت فخر سان چوندس ته مون جيڪو نوابشاهه ۾ ڪم ڪيو آهي اُهو سڀ مرحوم مير صاحب ۽ مسافر جي تربيت جي طفيل ٿيو آهي.”
    سچ پچ ته ههڙائي انسان نئين سماج جي پيڙهه رکندا آهن. هي درويش صفت انسان 12 فيبروري 1932ع تي جيتوڻيڪ اسان کان بظاهر هميشه لاءِ جدا ٿي ويو. پر سندس نيڪيون ۽ چڱايون اڄ به قائم ۽ دائم آهن ۽ هن خطي جا اٻوجهه، مسڪين حتاڪه سرندي پڄندي وارا به سندس ٻاريل شمع مان جوت حاصل ڪري رهيا آهن. جيستائين نيڪيون رهنديون دنيا ۾ مير صاحب جو نالو رهندو.
    سدا جيئن سي، جيڪي جيئن ٻين لاءِ.


    1- مير غلام محمد خان ٽالپر جي 12 فيبروري 2006 تي
    ميرگورنمينٽ هاءِ اسڪول ٽنڊوباگو ۾ ملهايل ورسي تي پڙهيل
    2-روزانه اخبار ڪاوش 12 فيبروري 2006 ۾ ڇپيل.


    محمد صديق “مسافر”

    تعارف
    سنڌي ادب ۾ طبعزاد نثر ۽ شاعري کان علاوه، ترجمي جي ميدان ۾ پنهنجو اعليٰ مقام پيدا ڪندڙ محمد صديق پهرين اپريل 1879ع تي گلاب خان شيدي جي گهر جنم ورتو. سندس لاڏ ڪوڏ وارو نالو جيڪو جنم وقت رکيو ويو هو، اُهو جهنڊو هو. محمد صديق شروع شروع ۾ شاعري ۾ پنهنجو تخلص “آهه ضعيف”، “خادم” ۽ “صديق” به استعمال ڪيو، پر آخر ۾ تخلص “مسافر” استعمال ڪيائين، جيڪو ساري عمر تائين سندس نالي سان جڙيل رهيو. محمد صديق مسافر جي ماءُ جو نالو مائي بيگم هو. محمد صديق مسافر جو والد گلاب خان پنهنجي وڏڙن سان، آفريڪا جي علائقي زنجبار مان غلام بنجي مسقط پهتو. جتي کيس شيخ حسن نالي هڪ شخص خريد ڪيو ۽ طهر ڪرائي سندس نالو بلاول رکيو. اُتان ٺٽي ۾ رازڪو ڪم ڪندڙ ڪاريگر غلام علي وٽ وڪرو ٿيو، رازي غلام علي کيس ٽنڊي باگي ۾ مخدوم حر علي وٽ وڪرو ڪيو. هن سندس شادي هم نسل غلام عورت سليمت سان ڪرائي ۽ سندس نالو بلاول مان تبديل ڪري گلاب خان رکيو. سال 1843ع ۾ انگريزن غلام بنائڻ جي عمل تي پابندي وڌي ۽ اهڙي ريت گلاب خان آزاد ٿي ويو. محمد صديق مسافر ان غلامانه دور ۾ سندس خاندان ۽ آفريڪي نسل جي ماڻهن سان ٿيل عقوبتن ۽ ظلمن جو ذڪر پنهنجي ڪتاب “غلامي ۽ آزادي جا عبرتناڪ نظارا” ۾ ڪيو آهي. جنهن کي پڙهندي لڱ ڪانڍارجي وڃن ٿا ۽ دل سوچڻ لڳي ٿي ته، ڇا انسان ايترو به وحشي ۽ درندو ٿي سگهي ٿو؟ گلاب خان کي سليمت مان ڪل ارڙهن ٻار ڄاوا جيڪي سڀ جا سڀ گذاري ويا. مائي سليمت جي وفات کانپوءِ گلاب خان مائي بيگم سان شادي ڪئي جنهن مان کيس ٻارهن ٻار پيدا ٿيا. محمد صديق مسافر کان سواءِ ٻيا سڀئي ٻار گذاري ويا. گلاب خان 1888ع ۾ گذاري ويو، اُن وقت محمد صديق مسافر جي عمر فقط 9 ورهيه هئي.
    محمد صديق مسافر کي ڇهن ورهين جي عمر ۾ قرآن شريف پڙهڻ لاءِ مدرسي ۾ داخل ڪيو ويو. اُتي ئي هن ابوالحسن واري سنڌي به سکي. 1893ع جي شروعات ۾ هن کي سنڌي اسڪول ۾ داخل ڪيو ويو. مسافر کي اعليٰ ذهانت ۽ هيڊ ماستر ويساک سنگهه خالصي جي سوالن جا صحيح جواب ڏيڻ جي بنياد تي سڌو پرائمري اسڪول جي ٻئي درجي ۾ داخل ڪيو ويو. محمد صديق مسافر 1893 جي آخر ۾ ٻئي درجي ۾ پهريون نمبر حاصل ڪري ٽيئن درجي ۾ پهتو. 1894ع ۾ هن جي قابليت ۽ هوشياري سبب ٽيئن ۽ چوٿين درجي جو امتحان گڏ ورتو ويو، جنهن ۾ به پهريون نمبر کنيائين. 1895ع ۾ پنجون درجو پاس ڪري ڇهين درجي ۾ داخلا ورتائين. 1896ع ۾ کيس ساڳئي ئي اسڪول ۾ چار رپيا پگهار تي پيوپل ٽيچر طور مقرر ڪيو ويو. 1896ع ۾ ورنيڪيولر امتحان پاس ڪرڻ کانپوءِ هن کي 1897ع ۾ پرائمري اسڪول ٽنڊو آدم لاءِ اُستاد جي نوڪري جو آرڊر مليو. مسافر اُن ئي سال جي آخر ۾ اُتان بدلي ڪرائي ٽنڊي باگي شهر جي ويجهي اسڪول سنجاپور ۾ آيو. هن 1898ع ۾ ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد ۾ داخلا لاءِ امتحان پاس ڪيو ۽ 1899ع ۾ پرائمري اُستاد جي نوڪري تان استعيفيٰ ڏئي ٽريننگ ڪاليج فارمين حيدرآباد ۾ داخلا ورتي. نومبر 1901ع ۾ ٽيئين سال جي امتحان پاس ڪرڻ کانپوءِ کيس 1902ع ۾ ٽريننگ ڪاليج جي پرئڪٽسنگ اسڪول ۾ اسسٽنٽ (نائب) اُستاد جي نوڪري ملي. 1902ع ۾ محمد صديق مسافر تعليم کاتي پاران نڪرندڙ اخبار تعليم ۾ ايڊيٽر جا فرائض سرانجام ڏنا. سال 06-1905ع ڌاري بمبئي سرڪار تعليمي کاتي جي پهريئن ۽ ٻئي درجي جي درسي ڪتابن لاءِ سبق ۽ نظم بهترين انداز ۾ ترتيب ڏيڻ تي کيس آفرين نامي سان گڏ 95 روپيه انعام به ڏياري موڪليو. سال 1908ع ۾ محمد صديق مسافر ميٽرڪ جو پلمنري امتحان نمايان نمبرن ۾ پاس ڪيو. محمد صديق 1912ع تائين ٽريننگ ڪاليج جي پرئڪٽسنگ اسڪول ۾ سنڌي ۽ فارسي جي نائب اُستاد جي حيثيت ۾ ڪم ڪيو ۽ 1913ع ۾ کيس ٽريننگ ڪاليج ۾ ماستري جو پڪو آرڊر مليو. 1920ع ۾ لاڙ جي نيڪ مرد ۽ محسن مير غلام محمد خان ٽالپر، محمد صديق مسافر جي تعليمي ذهانت ۽ قابليت جي ڪٿ ڪندي سندس بدلي جو آرڊر پنهنجي برپا ڪيل اسڪول لارينس مدرسي لاءِ ڪرائي آيو. محمد صديق مسافر 1920ع کان 1925ع تائين پنهنجي شهر ٽنڊي باگي جي انهي اسڪول کي تمام محنت ۽ جذبي سان هلايو. اُن کانپوءِ نئين بدلي ٿي آيل هيڊ ماستر اسڪول جي چارج سنڀالي ۽ پاڻ 1927ع تائين مير صاحب جي خيراتي برپا ڪيل اسڪول سان لاڳاپيل رهيو. 1927ع ۾ محمد صديق مسافر جي بدلي شڪارپور ۾ ٿي. اُتي هڪ سال گذارڻ کانپوءِ هو پنهنجي بدلي واپس ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد ۾ ڪرائي آيو. محمد صديق مسافر مارچ 1932ع ۾ سرڪار نوڪري تان رٽائر ڪيو.
    رٽائرمينٽ کانپوءِ هن مستقل رهائش پنهنجي پيدائشي اباڻي شهر ٽندوباگو ۾ اختيار ڪئي. هو رٽائرمنٽ کانپوءِ به مير صاحب جي برپا ڪيل ليڊيز اسڪول جي ماسترياڻين جي تربيت ۽ اسڪول جي سارسنڀال ڪندو رهيو. محمد صديق مسافر خان بهادر محمد صديق ميمڻ جي ڪوشش سان برپا ڪيل سنڌي مسلم ادبي سوسائتي جو ميمبر به ٿي رهيو جنهن جي، پليٽ فارم تان هن ڪافي ادبي پورهيو ڪيو،جنهن جي طفيل هن جا ڪافي ڪتاب مارڪيٽ ۾ آيا. محمد صديق مسافر غريبن جي هڏڏوکي ۽ تعليم لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ مير غلام محمد خان ٽالپر جي 1932ع ۾ وفات کانپوءِ، سندس ياد ۾ فيبروري 1935 کان پندرهن روزه لاڙ گزيٽ ڇپائي عوام الناس ۾ پڌرو ڪندو رهيو. محمد صديق مسافر مذهبي اصولن تي ڪاربند رهندڙ شخص هو، پر هو تنگ نظري کان پاڪ ۽ مذهبي رواداري جي سوچ رکندڙ انسان پڻ هو. اهو ئي سبب هو جو هو سندس ڪاليج جي پرنسپال تاراچند شوقيرام طرفان نڪرندڙ رسالي برهمو سماج جا نه صرف پروف ڏسندو هو بلڪه اُن رسالي لاءِ ديوان تاراچند شوقيرام جي خواهش مطابق نثر يا شاعري جو مواد پڻ لکندو ۽ ترتيب ڏيندو هو.
    جيتوڻيڪ محمد صديق مسافر هڪ بهترين اُستاد ته هوئي، پر هنجون ادب ۾ به تمام وڏيون خدمتون آهن. محمد صديق مسافر کي سنڌي ٻولي کان علاوه اُردو، هندي، فارسي عربي، انگريزي ۽ سنسڪرت ٻولي تي به عبور حاصل هو. هن شاعري ۾ جتي مختلف موضوعن جهڙوڪ مذهب، اخلاقيات، سماجيات ۽ فطرتي سونهن تي شاعري ڪئي آهي، اُتي هن جي ٻارن لاءِ ڪيل شاعري به لازوال آهي، جنهن ۾ ايتري ته رواني، لفظن جي خوبصورتي ۽ ردم آهي جو ننڍپڻ ۾ پڙهڻ سان ئي ياد ٿي وڃي ٿي ۽ زندگي جي باقي عمر تائين ذهنن تي نقش رهي ٿي. محمد صديق مسافر نصابي ڪتاب خاص طور تي پهريئين، ٻئي ۽ ٽيئين درجي جا ڪتاب ترتيب ڏنا. گرامر، تاريخ ۽ جاگرافي تي پڻ ڪتاب لکيا. اُن کان علاوه هن نثر ۾ سوانح عمرين، اخلاقيات، دينيات، سماجيات، لوڪ قصن، لطيفيات ۽ ٻين موضوعن تي به ڀرپور انداز ۾ لکيو. محمد صديق مسافر جتي شاعري ۽ نثر نويسي ۾ پنهنجي لکڻين وسيلي سنڌي ادب جي خدمت ڪئي، اُتي هن اُردو، هندي، انگريزي، فارسي ۽ عربي وغيره مان به مختلف موضوعن تي ناول، مضمون، قصا ڪهاڻيون ۽ شاعري پڻ ترجمو ڪري سنڌي ادب کي مالامال ڪيو. محمد صديق جي قلمي پورهيئي ۾ طبعزاد نثر، شاعري، ترجمي ۽ تاليف ڪيل ننڍن وڏن ڪتابن جو ڪل تعداد 120 جي لڳ ڀڳ آهي. ڪن محققن جي راءِ موجب اهو تعداد ان کان اڃا به وڌيڪ آهي، ڇاڪاڻ جو محمد صديق مسافر مالي وسيلا نه هئڻ سبب ڪجهه ڪتاب پنهنجي نالي سان نه ڇپائي سگهيو. ڪن محققن جي راءِ موجب سندس قابل ذڪر گلستان بوستان جو ترجمو گلشن بهار، غلام محمد شهواڻي جي نالي سان ڇپيو ۽ سندس ڪجهه ڪتاب اُن وقت جي آفيسر خان بهادر محمد صديق ميمڻ جي نالي ۾ ڇپيا. محمد صديق مسافر جي قلمي پورهيئي جا ڪجهه تفصيل هن ريت آهن. (1) زيب النساءُ (1914) (2) چاند بيبي (1921) (3) ڦول داني (شاعري (1930) (4) جوهر اسلام (1932) (5) سنڌي سونهون درجو ٽيون (1993) (6) سڄاڻ زالون (1934) (7) مسدس اٻوجهو (ترتيب 1934) (8) حياتي جي دور جي ڪنجي (1934) (9) سنڌي سونهون درجو ٻيو (1934) سوڪس سکيا (1935) (10) نئون تعليمي مضمون (سنڌي ٻولي (1935) (11) گلشن خيال (شاعري (1936) (12) تازو گرامر (1936) (13) قرب قليچ (شخصيات 1936) (14) سنڌي سونهون درجو پهريون (1937) (15) ديوانِ فاضل (ترتيب 1937) (16) سنڌي سونهون درجو ڇهون (1938) (17) سنڌي سونهون درجو پنجون (1940) (18) تازو انگي حساب (1940) (19) سنڌ جي تاريخ (ست ڀاڱا 42-1941) (20) ڪلام موليٰ (ترجمو (1942) (21) اخلاقِ محسني (2 ڀاڱا 47-1943) (22) سرسئي آبري (لطيفيات 1948) (23) شهيد ڪربلا (1950) (24) منتخب ديوان خاڪي خراساني (ترجمو 1951) (25) رسالا درحقيقت دين (1951) (26) منتخب پنديات جوان مردين (مذهبيات 1952) (27) ديوان سانگي (1952) (28) ائٽلس (جاگرافي تعلقو بدين (1953) (29) گلزار نثر و نظم ٻه ڀاڱا (1953) (30) ڪليات عرف منازل مسافر شاعري 1955) (31) فاطمه الزهرا (1960) (32) سرکنڀات (1961) (33) سر آسا (1961) (34) جاگرافي تعلقو ٽنڊوباگو (1962) (35) سر سهڻي (1964) (36) سر ليلان چنيسر (1964) (37) سرڪا موڏ (1964) (38) غلامي ۽ آزادي جا عبرت ناڪ نظارا (تاريخ 1967) (39) ممتاز دمساز (منظوم ترجمو) (40) سپاهي زده (منظوم ترجمو) (41) رموز القرآن (42) جاميٽري ۽ تجارتي حساب (43) سنڌ جي جاگرافي (44) ڏيهي حساب (45) گلبدن (ناول ترجمو) (46) مهر نور بانو (ترجمو) (47) هدايت المسلمين (اخلاقيات) (48) منتخب مظامين (49) سر سريراڳ (50) مطلوب المومنين (51) زينت القاري (ترجمو)(52) سر ڪيڏارو (1962)
    ***


    مرڻو ناهي مسافر

    آفريڪا جي زنجبار علائقي مان غلام ٿي آيل ننڍڙو گلاب جنهن جا ماءُ، پيءُ، ڀاءُ ۽ ڀيڻ سڀ ماريا ويا، يا غلامي جون زنجيرون پارائي کائنس جدا ڪيا ويا، مسقط ۽ مختلف جڳهين تان وڪامبو، جڏهن سنڌ جي شهر ٽنڊي باگي ۾ پهتو ته ڪنهن ٿي ڄاتو ته، سندس ڪک مان هڪ اهڙو انسان جنم وٺندو، جنهن وٽ آزادي جو روشن سج جيان چٽو تصور به هوندو؟ ڪنهن ٿي ڄاتو ته حبشي نسل جو هي نينگر اڳتي هلي سنڌي ادب ۾ ايئن جڳ مڳائيندو جيئن سندس وڏڙا، مگر مان جي ڌن تي محو رقص ٿي جڳ جهومائيندا هئا. 1843ع ۾ انگريزن سنڌ فتح ڪرڻ کانپوءِ جڏهن غلامن کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو ته، گلاب به آزادي ماڻي. هن کي شيدي برادري پئنچاتي سسٽم هلائڻ لاءِ مکي مقرر ڪيو. 1888ع ۾ جڏهن گلاب وفات ڪئي ته محمد صديق مسافر جي عمر فقط نو سال هئي. جيتوڻيڪ مسافر کي سندس والد جي وفات کانپوءِ مهنداري جي پڳ ٻڌائي ويئي، پر مسافر اڳتي هلي ادب ۾ هڪ اهڙو روشن ستارو ٿي چمڪيو، جو سندس ادبي کيتر ۾ مهنداري جي پڳ اڄ به قائم ۽ دائم آهي، ۽ وقت جنهن جو ڪو به ثاني پيدا نه ڪري سگهيو آهي.
    1879ع ۾ جنم وٺندڙ محمد صديق مسافر، جنهن کي سندس مامي عارف پاليو، ننڍي هوندي کان ئي ايترو ذهين ۽ هوشيار هو جو هن اوائلي عمر ۾ ئي ابوالحسن جي سنڌي سکي ورتي ۽ کيس سڌو ٻئي درجي ۾ داخل ڪيو ويو، جنهن ۾ به هن پهريون نمبر کنيو. ڇهين درجي پاس ڪرڻ سان هن کي پيوپل ٽيچري جي جاءِ ملي ۽ 1896ع ۾ ورنيڪيولر فائنل جو امتحان به پاس ڪري ورتائين. 1897ع ۾ کيس ٽنڊو آدم ۾ نائب ماستر جي نوڪري، ملي ۽ اُن ئي سال ٽنڊي باگي جي ڳوٺ سنجاپور ۾ هيڊماستر ٿي آيو. ساڳئي سال ۾ ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد لاءِ داخلا جو امتحان پاس ڪري نوڪري تان استيفيٰ ڏيئي اوڏانهن روانو ٿيو. جتي اڳتي هلي 1902ع ۾ اسسٽنٽ ٽيچر طور ڀرتي ٿيو.
    محمد صديق مسافر فارسي ۽ قرآن شريف جي تعليم مولوي محمد سليمان ۽ سنسڪرت جي تعليم اُڌن مل کان حاصل ڪئي. محمد صديق مسافر کي سنڌي سان گڏ عربي فارسي ۽ سنسڪرت ٻولين تي عبور حاصل هو. روحانيت ۽ شاعري جي کيتر ۾ سندس اُستاد سيد محمد فاضل شاهه هو. ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد ۾ نوڪري دوران هو ڪاليج مان نڪرندڙ اخبار تعليم جا ايڊيٽوريل ۽ مضمون به لکندو هو. مسافر ٽيڪسٽ بوڪ پونا ڪاميٽي لاءِ نظم ۽ نثر به لکيا، جيڪي اڳتي هلي نه صرف ٻئي ۽ ٽيئين درجي جي نصابي ڪتابن ۾ شامل ڪيا ويا، پر کيس اعليٰ پايي جي لکڻين جي عيوض 95 روپيه روڪ انعام ۽ آفرين نامو به ڏنو ويو.
    1920ع ۾ جڏهن سنڌ ۾ تعليمي ادارا نالي ماتر هئا. اُن وقت مير غلام محمد خان ٽالپر ٽنڊي باگي جهڙي ننڍڙي شهر ۾ اسڪول برپا ڪيو. جتي مير غلام محمد خان ٽالپر کي اُن اداري کي مالي طور هلائڻ جو ڪريڊٽ وڃي ٿو، اُتي اُن اداري لاءِ محمد صديق مسافر جي قلمي پورهئي کي قطعي وساري نٿو سگهجي. خود مير صاحب پاڻ به مسافر لاءِ چوندو هو، “خرچ منهنجو، ايمانداري تنهنجي.” هڪ ميز، ٻن ڪرسين ۽ ڪجهه بئنچن سان مسواڙي جڳهه ۾ مير غلام محمد خان ٽالپر جي خرچ تي قائم ڪيل اسڪول جو پهريون ۽ اڪيلو اُستاد محمد صديق مسافر ئي هو. سندس مقدس تعليمي پيشي سان سچائي ۽ محنت جو ئي نتيجو هو، جو اُهو جلد ئي هاءِ اسڪول جي درجي کي پهتو. جيڪو نه صرف تر جي ماڻهن لاءِ علم ۽ سجاڳي جو سبب بڻيو، پر سڄي سنڌ جي ماڻهن ۾ بهترين درسگاهه طور سڃاتو ويو.
    محمد صديق مسافر لاءِ چئي سگهجي ٿو ته، مرزا قليچ بيگ کانپوءِ سندس پورهيو مقدار توڙي معيار جي لحاظ کان گهڻو آهي. هن 120 کان مٿي ڪتاب لکيا. جن ۾ ڪليات مسافر، غلامي ۽ آزادي جا عبرت ناڪ نظارا، منتخب مضامين، ديوان فاضل، قرب قليچ، شهادت نامون وغيره شامل آهن. هن شاعري، ترجمن، رياضي، جاگرافي، سائنس، جاميٽري گرامر، تاريخ، ديني، سماجي ۽ مختلف موضوعن تي پڻ ڪيئي ڪتاب لکيا ۽ ترجما پڻ ڪيا. پر اها لاڙ خطي جي بدقسمتي آهي جو اُن ۾ جنم وٺندڙ مهان شخصيتن کي، رياستي سطح تي اُها پذيرائي نه ملي سگهي آهي جيڪا کين ملڻ گهرجي.
    محمد صديق مسافر شروعاتي دور ۾ پنهنجو تخلص آهه ضعيف، خادم ۽ آخر ۾ صديق ۽ مسافر برقرار رکيو.
    محمد صديق مسافر جي مضمونن جي ٻولي سادي صاف ۽ عام فهم رهي آهي. هو مذهبي قائدن تي پڪو رهندڙ پر طبيعتن ۾ سيڪيولر ۽ سڀني مذهبن جو احترام ڪندڙ هو. اهو ئي سبب هو جو هو پنهنجي اُستاد تارا چند شوقيرام جي برهمو سماج رسالي جا نه صرف پروف به ڏسندو هو پر اُن ۾ شايع ٿيندڙ نثر ۽ شاعري جي اصلاح به ڪندو هو. هو جيتوڻيڪ پاڻ به اُن وقت جو ڄاتل سڃاتل ليکڪ ۽ اُستاد هو، پر تڏهن به پنهنجن اُستادن ۽ اُن دور جي ناميارن لکندڙن ۽ ڀلوڙ انسانن جي نه صرف عزت ڪندو هو پر هن اُنهن تي لکيو به، جن ۾ نمايان نالا مرزا قليچ بيگ، مير غلام محمد خان ٽالپر، سيد محمد فاضل شاهه وغيره جا اچي وڃن ٿا.
    محمد صديق مسافر جو هڪ اُستاد هئڻ ناتي تعليم سان ڏاڍو چاهه هو. هو ٻارن کي نه صرف اسڪول جي وقت ۾ پر اُن کانپوءِ به پڙهائڻ ۾ خوشي محسوس ڪندو هو. هن ٻارن لاءِ سادي سلوڻي ٻولي ۾ گيت لکيا. جن ۾ هن نصيحت ڀريا نڪتا ۽ سمجهاڻيون ڏنيون آهن، هن جا لکيل نظم ننڍي لاڪر حفظ ڪيل اڄ به ذهن جي پٽي تي ايئن جو ايئن نقش آهن، جن کي عمر جي دز ميساري نه سگهي آهي نه ئي سگهندي. مشهور دانشور جانسن چيو آهي ته ٻولي خيال جو لباس آهي. مسافر جي تخليقن ۾ ٻولي جي سادگي ۽ سونهن جو ڪو جواب ڪونهي.
    ٻارو اچي مڙو هڪ ماڳ
    ڳايون چئن منڌن جو راڳ
    يا وري
    ماءُ ۽ پيءُ جو چيو مڃجي،
    سدا ادب ۾ تن جي رهجي.
    سويل سمجهي، سويل اُٿجي،
    اول ڌڻي جو نالو ڳنجي.
    هن جا شاهڪار نظم ۽ گيت اڄ به نصابي ڪتابن جي زينت بنيل آهن.
    مسافر جي شاعري جا موضوع عام ماڻهن جي زندگي سان لاڳاپيل آهن. پيار محبت، محبوب جو ميلاپ، وڇوڙو وغيره جن کي هو اعليٰ فني مهارت سان شاعري جي مالا ۾ پوئي ٿو. ڪاٿي گذ چوي ٿو ته: Articles are like humans, you have to go through so much to get to the heart، ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته مسافر جون تخليقون دل جي گهرائين ۾ لهي وڃن ٿيون. هن غزلن م مختلف موضوعن کي سموئيندي الف کان وٺي ي (پوري الفابيٽ) تائين رديف آزمائي ڪندي پنهنجي ڀلوڙ شاعر هئڻ جا ثبوت ڏنا آهن.
    ڪا نه ٿي کپي ٻي ڪا نشاني دلربا،
    بوسه لب ڏي ڏيڻ، ڪر مهرباني دلربا.
    تنهنجي بوسه کان مٺو منهن، منهنجي دل جو ٿئي،
    سو اثر هرگز نه ٿيڻو آهي فاني دلربا.
    محمد صديق مسافر حافظ شيرازي کان گهڻو متاثر هو. اهو ئي سبب آهي جو هن پنهنجي شاعري ۾ حافظ شيرازي جي شاعري کي وڏي مهارت ۽ خوبصورتي سان استعمال ڪيو آهي.
    ويو صبر کسجي دل کان، دل ويئي مون هٿن مان،
    درد اِڪ راز پنهان، خواهد شد آ شڪار!
    ساڳئي وقت هن پنهنجي شاعري ۾ قرآني آيتن کي به نهايت خوش اصلوبي سان سمويو آهي.
    فهم فَادعُو اُنِيُ سندو من تان مسافر ڪيم لاهه،
    جمعيت ڪر، ڪيم چئو مهندار ڪهڙي ماڳ هنڌ.
    جتي مسافر جي شاعري ۾ خيال جي بلندي ۽ بحروزن اعليٰ درجي جو آهي اُتي وري سندس تجينس حرفي جي استعمال جو فن شاعري کي چار چنڊ لڳائي ڇڏي ٿو.
    سوزسڪ ۾ سال ٿي ويا، ويو سڪي رت جان جو،
    پل ۾ پلٽيو روح نئون، مس مس مليو عاشق کي سپ.
    محمد صديق مسافر هڪ روشن خيال اديب هو. هن ڪڏهن به عقيدن ۽ نظرين کي انسانيت ۾ ڏڦير وجهڻ جي حوالي کان اڳيان نه آندو. هو عمل ۽ ڪردار ۾ يقين رکندا انسان هو.
    ڇڏڻ عقيدي ۾ آزاد گهرجي سڀ ڪنهن کي،
    زماني ۾ گڏجي حب سان ڪن گذر فرقا،
    جڏهن مسافر محشر ۾ فيصلا ٿيندا،
    ته ڇو زماني ۾ گهارين دربدر فرقا.
    مسافر وٽ محبوب، ميلاپ ۽ منزل جو چٽو تصور موجود هو. جنهن جو ذڪر هو پنهنجي شاعري ۾ هن ريت ڪري ٿو.
    زخم فرقت جو نه آهي، وصل ڌاران ڪوئي علاج،
    ديد سان دل جو ڦٽي، سوئي ڪري دل جو علاج.
    يا وري
    ڀري ڏينم ساقي سچائي جو جام
    نشا نينهن جا مغز تي چاڙهه جام.
    دنيوي توڙي انسانذات جي بهبود ڀلائي ۽ بقا لاءِ تخيلقي پورهيو ڪندڙ محمد صديق مسافر 1961ع ۾ زندگي کي الوداع چوندي باگي واه جي ڪنڌي تي اڏيل سنڌ راڻي جي سونهن ۽ سرهاڻ سان رچيل شهر ٽنڊوباگو ۾ ابد جو جام اوتي نينهن جا نشا چاڙهي وڃي هميشه لاءِ آرامي ٿيو.
    هڪ ڀيري مسافر جي ورسي جي موقعي تي جڏهن سندس قبر تي حاضري ڀرڻ لاءِ بيٺا هئاسين ته ڪوئي چئي رهيو ته، “هي دنيا مسافر خانو آهي. ڪالهه مسافر هو، اڄ مسافر ناهي ۽ سڀان اسان نه هونداسين.”
    مون دل ئي دل ۾ چيو: “مون کي اها ته خبر ناهي ته محمد صديق پاڻ کي “مسافر” ڇو ڪوٺائيندو هو؟ پر مان دعويٰ سان چئي سگهان ٿو ته جنهن شخص ٻارڙن لاءِ ٻاتڙن ٻولن ۾ گيت لکيا، جنهن اُستاد هئڻ ناتي نيڪي ۽ سچائي جا درس ڏنا، جنهن ادب ۽ شاعري جي ذريعي انسان جي لطيف جذبن جي ترجمان ڪئي ۽ جيون کي اُتساهه ڏنو، سو ڪڏهن به هن مٽي جي ڍير هيٺان دفن ٿي نٿو سگهي ۽ هن دنيا مان مسافر بڻجي لڏي نٿو سگهي. هو تيستائين هن ڌرتي کي سڳنڌ بخشيندو رهندو جيستائين آبشار وهندا رهندا، علم ۽ ادب جي جوت سج جي ڪرڻن جيان جڳ جرڪائيندي رهندي ۽ پيارن پکيئڙن جهڙن ٻارڙن جي ٻاتڙن ٻولن ۾ هن جا مٺڙا ٻول ڌرتي جي هِن ڪنڊ کان هُن ڪنڊ تائين پيار پهچائيندا رهندا.
    ***

    1- روزانه ڪاوش حيدرآباد 23 سيپٽمبر 2010 ۾ ڇپيل
    2- مير غلام محمد خان ٽالپر هاير سيڪنڊري اسڪول ٽنڊوباگو جي مخزن جڳ جڳ سي جين سال 2011 ۾ ڇپيل.


    اُستاد منظور علي خان

    تعارف
    گواليار گهراڻي سان تعلق رکندڙ اُستاد منظور علي خان جنهن جو اصل نالو محمد خان هو (سندس مرشد مهدي شاهه محمد خان نالو مٽائي سندس نالو منظور علي خان رکيو) جو جنم 1922ع ۾ ڪلاسيڪل گويي اُستاد جمالو خان (اصل نالو جمال خان) جي گهر شڪارپور شهر ۾ ٿيو. اُستاد منظور علي خان پرائمري ۽ سيڪنڊري تعليم شڪارپور شهر ۾ ورتي. اُستاد منظور علي خان جا وڏڙا اصل ۾ شهر گرداسپور پنجاب (هندستان) جا رهواسي هئا، جيڪي پارٽيشن کان گهڻو اڳ انگريز راڄ واري دور ۾ ميرن جي موسيقي جي ذوق سبب خيرپور لڏي آيا، جتي ڳچ وقت گذارڻ کانپوءِ شڪارپور ۾ اچي رهيا. اُستاد منظور علي خان پنهنجي والد جي سرپرستي ۾ 1940 ڌاري ٽنڊو آدم لڏي آيو، جتي هن جي خاندان مستقل رهائش اختيار ڪئي. اُستاد منظور علي خان زندگي جي آخري پلن تائين ان ئي شهر سان لاڳاپيل رهيو. اُستاد منظور علي خان جي مادري زبان جيتوڻيڪ پنجابي هئي، پر هو سنڌي زبان سٺي نموني سمجهندو ۽ ڳالهائي سگهندو هو. سنڌي راڳ کي نوان گس ۽ گهاڙيٽا ڏيڻ ۾ هن جو پنهنجو انداز ۽ ڏانءِ هو، جنهن کي ڪير به هن وقت تائين پهچي نه سگهيو آهي.
    اُستاد منظور علي خان راڳ جي ابتدائي سکيا پنهنجي والد جمالو خان کان ورتي، جنهن کيس درپت، ٽپي ۽ مرکنڊ جا گر سيکاريا. اُن کان پوءِ راڳ جي وڌيڪ سکيا، هن پنهنجي سوٽ اُستاد سينڌي خان کان ورتي. اُستاد منظور علي خان کي راڳڻيون ۽ پلٽا ڄڻ ستي ۾ مليل هئا. هو جڏهن به ڳائيندو هو ته محفل تي ڇائنجي ويندو هو. اُستاد منظور علي خان جو ننڍي عمر ۾ ڪلاسيڪل موسيقي جي وڏي نالي اُستاد بڙي غلام علي خان سان 1940 (ڪي محققِ 1947 ڄاڻائن ٿا) ۾ ڪراچي (ڪي محقق وري لاهور ڄاڻائن ٿا) ۾ پورا ٽي ڏينهن راڳ جو مقابلو ٿيو، جيڪو اُستاد منظور علي خان کٽي ورتو. هن سنگيت ڪلا جي مقابلي کي ڏسڻ لاءِ اُن وقت جا ناميارا گويا اُستاد بيبو خان، اُستاد اُميد علي خان ۽ اُستاد عاشق علي خان به آيل هئا. سنڌي ڪلاسيڪل راڳ ۾ نرالو نالو ۽ منفرد مقام رکندڙ اُستاد منظور علي خان پنهنجي وقت جي ڀلوڙ ۽ برصغير جي مها راڳين اُستاد مراد علي خان، پٽورڌن، اوم ڪار ناٿ ٺاڪر، اُستاد بيبو خان، ڊي وي پلوسڪ، مبارڪ علي خان، اُستاد عاشق علي خان، اُستاد بڙي غلام علي خان، اُستاد امير علي خان، ڀيم سين جوشي، احمد خان پيارو خان ۽ ٻين راڳي سان ڪلاسيڪل راڳ جي سکيا ۽ ڄاڻ جي حوالي سان صحبت ۾ رهيو ۽ هن انهن مان گهڻن ئي راڳين سان گڏ راڳ جي محفلن ۾ ڪلا جو مظاهرو به ڪيو. اُستاد منظور علي خان جو سنڌي ڪافي ڳائڻ جو پنهنجو نرالو انداز هو، جنهن ۾ تانون، مينڍون ۽ پلٽا دلين تي سحر طاري ڪري ڇڏيندا هئا. راڳ جو ڪهڙو انگ ۽ رنگ هو جنهن ۾ هو نه ڳائيندو هو؟ غزل، ڪافي ٺاٺ، ٺمري، سري، خيال، ترانو ڳائڻ م هن جو پنهنجو انداز ۽ سڃاڻپ هئي. سنڌ ۽ هند ۾ ڄاتل سڃاتل راڳي اُستاد منظور علي خان، سرائيڪي ۽ اُردو ٻولي ۾ به پنهنجي راڳ جو جادو جڳايو. اُستاد منظور علي خان جو ڪلام 1955ع ۾ پهريون ڀيرو ريڊيو پاڪستان ڪراچي تان نشر ٿيو. ساڳئي ئي سال کان هن ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ۽ پاڪستان ٽيليويزن ڪراچي تي ڳائڻ شروع ڪيو. اُستاد منظور علي خان شاهه عبداللطيف ڀٽائي، سچل، منٺار فقير ۽ ٻين صوفي درويش شاعرن کان علاوه شيخ اياز ۽ هن دور جي ٻين سنڌي شاعرن سميت اردو جي نالي وارن شاعرن کي به ڳايو آهي. اُستاد منظور علي خان ٽنڊي آدم شهر ۾ ڪلاسيڪل راڳ جي سکيا لاءِ منظور علي خان ميوزيڪل اڪيڊمي جو بنياد وڌو، جنهن مان ڪافي شاگردن راڳ جي تربيت وٺي راڳ جي دنيا ۾ پنهنجو نالو ڪمايو. اُستاد منظور علي خان جي راڳ جي ڪلا مان جن فيض پرايو اُنهن ۾ حنيف لاشاري، اُستاد محمد يوسف، ذوالفقار علي، مظهر حسين، وحيد علي، گلزار علي خان دايو، محمد عرس، قمر سومرو، دين محمد دمساز، انور وسطڙو، عابده پروين، نذر حسين، اڪرم ۽ ٻيا ناميارا گلوڪار شامل آهن. اُستاد منظور علي خان اُنهن راڳين مان هو، جن کي پئسي جو حوص نه هو. هن کي جتي به سڏ ٿيندو هو پهچي ويندو هو ۽ بي جا معاوضي جي طلب نه ڪندو هو. سنڌ جي سياسي ۽ قومي پروگرامن ۾ هو عام سڏ تي به هليو ايندو هو. راڳ تي دسترس رکڻ جي باوجود هن ۾ هٺ يا وڏائي بلڪل ڪو نه هئي. هن پنهنجي حياتي ۾ صوفي درويشن جي ميلن توڙي ڏهاڙن کان علاوه سن، ڄامشورو، ميرپوربٺورو، امر ڪوٽ ۽ ٻين شهرن ۾ به راڳ جون محفلون رچايون. استاد منظور علي خان کي سندس مهان ڪلا ۽ گائيڪي تي کوڙ سارا ايوارد به مليا. 1960ع ۾ کيس ڀٽ شاهه جي عرس جي موقعي تي بهار موسيقي ايوارڊ، مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جي هٿان ڏياريو ويو. سچل ايوارڊ، لطيف ايوارڊ ۽ سگا ايوارڊ کان علاوه کيس 1978 (ڪن محققن جي راءِ موجب 1979ع) ۾ کيس پاڪستان سرڪار طرفان پرائڊ آف پرفارمنس (تمغه حسن ڪارڪردگي) جو صدارتي ايوارڊ پڻ ڏنو ويو. سرگم جو ڏات ڌڻي، برصغير ۾ پنهنجي منفرد سڃاڻپ رکندڙ اُستاد منظور علي خان 9 سيپٽمبر 1980ع ۾ دل جي حرڪت بند ٿيڻ سبب وفات ڪري ويو. کيس سندس والد جمالو خان جي ڀرسان اسماعيل شاهه قبرستان ٽنڊو آدم ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.
    ***

    سرگم جو ڏات ڌڻي

    تڏهن منهنجي پيرن هيٺان زمين نڪري ويئي جڏهن هي خبر منهنجي ڪن پيئي ته سنڌ ڌرتي جو مهان راڳيندڙ، برصغير جو عظيم ڳائڻو، ڪلاسيڪل موسيقي جو ابو، اُستاد منظور علي خان گذاري ويو. پهريائين ته مون کي يقين نه آيو پر..... نيٺ مون کي به يقين ڪرڻو پيو. ڇو جو مان موت کان چڱي پر واقف آهيان. موت اسان کان اُهي اُهي ماڻهو جدا ڪيا آهن جن کي سدائين جيئڻ کپندو هو، جن جي ئي دم سان هن دنيا ۾ سونهن آهي، سوڀيا آهي. موت هٽلر آهي، هو مردا ۽ لاشا ڏسڻ چاهي ٿو. هن کي جيئرن ماڻهن کان نفرت آهي. موت ڪالي ديوي آهي جنهن جي ڳچي ۾ انساني سسيون ۽ هٿ ۾ ڪات آهن. موت سونهن سوڀيا ۽ سُر جو دشمن آهي. موت ڪوجهو آهي ۽ سموري دنيا ۾ ڪوجهائي اوتڻ چاهي ٿو. موت اورنگ زيب آهي هو راڳ کي هميشه جي لاءِ موت جي ننڍ سمهارڻ چاهي ٿو. پر موت....؟ ايترو ڪجهه هئڻ جي باوجود به ڪجهه به، ناهي. موت خان صاحب کي ماري ناهي سگهيو. موت راڳ لاءِ اورنگ زيب ٿي ناهي سگهيو.
    فن جي بلندين کي پائيندڙ فنڪار سان ٽڪرائڻ ۾، صرف موت ئي ٽڪرا ٽڪرا ٿئي ٿو. فنڪار پنهنجي جاءِ تي اڏول آهي، مهان آهي. مون کي ويٽنامي شاعر جو هڪ شعر دل تي تري آيو آهي. “رات آءُ سرحد ٽپي آيس.” پاتال مان پيهي نڪرندڙ ۽ آڪاش جي بلندين کي ڇهندڙ آواز سرحدن جو محتاج ناهي. اهڙن فنڪار کي موت ماري نٿو سگهي. اهڙي اڏول ۽ اڻ مٽ آواز کي موت ميساري نٿو سگهي. ۽ نه ئي وقت ونگ وجهي سگهي ٿو. اُستاد فن جي انهي قد کي ڇهيو آهي جنهن کان مٿي ٻي ڪا حد ڪانهي. وقت ۽ حالتن جي اُڏوهي اُستاد جي فن کي کائي نٿي سگهي. اهو آءُ نٿو چوان پر تاريخ ٻڌائي ٿي.
    آءُ سنڌ جي حسين وادين ۽ سرسبز ميدانن ۽ اُجڙيل بيابانن، وارياسين ڀٽن، کرن کيتن ۾ خان صاحب جو مڌر ۽ سدا بهار آواز ٻڌندو آيو آهيان. اُستاد جو فن هن ڌرتي مان ڦٽي نڪتو آهي، جنهن کي وقت جي وير ويران ڪري نه ٿي سگهي ۽ نه ئي ڪلر ڪاراٽي سگهندو. جنهن جون پاڙون ڌرتي ۾ هجن اُن جي اڳيان موت جي حيثيت هڪ جيتامڙي کان به گهٽ آهي. اُستاد اُهو مهان پربت آهي جنهن کي، ڀٽون پاڙ ۾ چڪ هڻي رهيو آهي پر پهاڙ پنهنجي جاءِ تي اڏول آهي.
    مون استاد جي راڳ تي موهن جي دڙي جي ناچڻي کي نرت پائي ناچ ڪندي ڏٺو آهي. خان صاحب جي سريلي آواز تي وينگس وار وڇوڙيا آهن. اُستاد جي اندر مان نڪرندڙ آواز تي مون نئين نويلي نينگر کي لانئون لوندي ڏٺو آهي. سندس مٺڙي آواز تي مون ڪامڻي جي ڪوري ڪايا ۾ آڳ ٻرندي ڏٺي آهي. اُستاد جي سُرت وڃائيندڙ ۽ مدهوش ڪندڙ آواز تي مون سندري جي اڻ سامايل سپنن کي ساڀيان پائيندي ڏٺو آهي. خان صاحب جي راڳ ۾ مون کي هميشه اروڙ جي ارڏائي، ڪارونجهر جي قوت، رني ڪوٽ جي عظمت ۽ سنڌ جي تاريخ جي مهانتا نظر آئي آهي. استاد جو آواز وهندڙ سنڌو جي مست ڌارا آهي. اُستاد جي راڳ هميشه روپلي کي هٿ ۾ تلوار ڏيئي ڪارونجهر جي عظمت ٻيهر بحال ڪرڻ لاءِ اُڀاريو آهي. اُستاد خان صاحب جي راڳ هميشه فضا ۾ سڳنڌ پکيڙي آهي ۽ روحن ۾ گرمي پيدا ڪئي آهي. اُستاد جي آواز ۾ جتي سانوڻ جا سانگ آهن ته اُتي وري سياري جا سياٽا پڻ. سندس آواز ۾ پنهوارن جي پکن سان گڏ لطيف جون لوليون پڻ سمايل آهن. اُستاد جي خماريل آواز هميشه من ۾ مستي ۽ مانداڻ پيدا ڪيو آهي.
    محفلن جو مور اُستاد منظور علي خان سنڌ جي راڳڻي ۾ سنڌ جو اڪيلو مور آهي. مڃان ٿو سنڌ هر ڏس ۾ ڪيئي مهان انسان پيدا ڪيا آهن. سورهين سرويچن ۾ روپلو، هوشو هيمو، دودو دولهه ته وري اڪابرن ۾ گربخشاڻي، شيدائي، جويو، شاعرن ۾ لطيف، سچل، سامي، اياز. پر اهو مڃڻو پوندو ته راڳ ۾ اسان وٽ فقط هڪ ئي نالو اهڙو آهي، جيڪو سنڌ جي لکها سالن جي تاريخ ۾ موهن جي دڙي جيان پنهنجي انفرادي حيثيت والاريو بيٺو آهي ۽ اُهو آهي اُستاد منظور علي خان. ڀلي سندس زندگي تي وڏا سيمينار منعقد نه ڪيا وڃن، ريڊيو ۽ ٽي وي تان کيس پبلسٽي نه ڏني وڃي، ڪهڙو هرج ٿيندو؟ ڀلا سج کاري هيٺان لڪندو ڇا؟ ڪو به راڳيندڙ جيڪڏهن راڳ ڳائيندو ته کيس خان صاحب جي راڳڻي جي لغت مان مدد ضرور وٺڻي پوندي، نت سندس راڳ ڇسو ۽ فن کان وانجهيل ۽ عوام کان ڪٽيل هوندو. سنڌي راڳ تي سوين ڪتاب پڙهو يا اُستاد منظور علي خان کي ٻڌو، ڳالهه مڙيئي ساڳي آهي. اُستاد سنڌي راڳ جي مڪمل لغت آهي. هيلتائين لطيف سان ڳائڻ ۾ سچ پچ ته ڪنهن انصاف ڪيو آهي ته اُهو فقط اُستاد منظور علي خان ئي آهي.
    اُستاد منظور علي خان اُنهن ڳائڻن مان آهي، جن راڳ کي به ڪلا ڏني آهي. جن سرگرم کي به سر ڏنو آهي. سچ پچ ته اهو جنهن به چيو آهي سچ چيو آهي ته “اُستاد راڳ ۽ عوام جي وچ ۾ ويڇو ختم ڪيو آهي.” اُستاد مري نٿو سگهي. اُستاد اڄ به زندهه آهي ۽ سڀان به زندهه رهندو.
    سنڌ جي سڀيتا، سنڌ جي سونهن، سنڌ جي مهانتا کي سُر جي سانچي ۾ ڍليندڙ امر انسان ڪڏهن به مري نٿو سگهي. اهڙي انسان جي هٿ چراند ڪرڻ سان صرف موت جي ئي تذليل ٿئي ٿي. اُستاد اڄ به اڏول آهي، مهان آهي. اڄ به سندس آواز ۾ جوڀن آهي، جنهن کي ٻڍاپو ايندو ئي ڪا نه. اڄ به سندس آواز کرن کيتن، ٻنين ٻارن، جهرن جهنگن، برن بيابانن، وستين ۽ شهرن ۾ گونجي ٿو. سندس سندر آواز مرجهايل ۽ ڪوماڻل زندگي کي اڄ به جيون جو جوڀن بخشي ٿو. سندس آواز ازل کان اُڃايلن جي اُڃ اُجهائي ٿو ۽ امرت پياري ٿو. سندس سدا بهار آواز آڌجڳاد کان سواس سواس ۾ سونهن اوتيندو رهي ٿو ۽ ابد تائين سنسار ۾ سڳنڌ پکيڙيندو رهندو.


    1- اُستاد منظور علي خان جي حوالي سان سنڌي ادبي سنگت ٽنڊوباگو پاران رٿيل تعزيتي گڏجاڻيءَ ۾ صدارتي خطبو
    2- روزانه هلال پاڪستان 9 سيپٽمبر 1983ع ۾ ڇپيل


    محمد خان مجيدي

    تعارف
    سنڌ جو هي ڀلوڙ شاعر محمد خان ولد قيصر خان ذات جو جتوئي، شاعري ۾ استعمال ڪيل تخلص “مجيدي”، مجيدي لفظ مجيد مان نڪتل جيڪو اصل ۾ ترڪي ٻولي جو لفظ آهي جنهن جي معنيٰ آهي سڳورو، يا برڪت وارو. محمد خان مجيدي پهرين ايم جتوئي تخلص طور ڪتب آڻيندو هو. “مجيدي” تخلص ٺٽي جي دوست شاعر خالدي جي چوڻ تي اختيار ڪيائين. محمد خان مجيدي 5 جنوري 1918ع ۾ ڳوٺ شاد مان جتوئي لڳ جهوڪ شريف تعلقو ميرپوربٺورو ضلعو سجاول ۾ ڄائو. هن جو پيءُ هارپو ڪندو هو. محمد خان مجيدي ننڍي هوندي پنهنجي پيءُ کي مال چارڻ ۾ هٿ ونڊائيندو هو. 1925ع ڌاري هن کي پرائمري اسڪول جهوڪ شريف ۾ داخل ڪيو ويو. 1932ع ۾ هن ورنيڪيولر فائنل (سنڌي فائنل) جو امتحان پاس ڪيو ۽ اُن ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪئي. هن کي پڙهائيندڙن ۾ اُن وقت جا ناميارا اُستاد احمد انور پليجو راهوٺ وارو، آدم عمراڻي راهوٺ وارو، آسومل ڪڇي سجاول وارو ۽ سائين بگي مل ميگهراج لوهاڻو شامل هئا. محمد خان مجيدي امتحان پاس ڪرڻ کانپوءِ ڪجهه عرصو جهرڪن ۾ ڍڪ منشي جي نوڪر ڪئي ۽ 1934ع ۾ پرائمري اسڪول راهوٺ کان نائب ماستر طور نوڪري جي شروعات ڪئي. هن پهريون شعر 1937ع ۾ لکيو جيڪو اُن وقت جي سياسي ۽ سماجي مسئلن کي اجاگر ڪندڙ مشهور اخبار الوحيد ۾ 1938ع ۾ ڇپيو، جنهن جي شروعات ڪجهه هن طرح جي هئي.
    ويس وڳا سڀ فيشن وارا،
    کاڌو ڪپڙو پيٽ کپي.
    محمد خان مجيدي پرائمري اُستادن جي ٽريننگ جو ٽن سالن جو پي ٽي سي ڪورس ٽريننگ ڪاليج فارمين حيدرآباد مان پاس ڪيو. محمد خان پنهنجي سموري نوڪري جي دوران ايمانداري سان ڊيوٽي ڪرڻ سان گڏوگڏ، جونيئر اُستاد هئڻ جي باوجود به شاگردن کي ورنيڪيولر فائنل (سنڌي فائنل) جي تياري ڪرائيندو هو، جنهن جي نتيجي ۾ ڪافي شاگردن امتحان پاس ڪيو ۽ نتيجن اُن وقت جي ٺٽي ضلعي (جنهن ۾ سجاول ضلعو به شامل هو ) ۾ مقامي اُستادن جي کوٽ جو پورائو ٿيڻ لڳو. محمد خان بحيثيت پرائمري اُستاد ماڃر مان وهي نڪرندڙ سنڌو درياهه جي ٻنهي ڪنڌين طرف واقع پرائمري اسڪولن ۾ نوڪري ڪئي. هو ڪجهه وقت بطور هيڊماستر گهوڙاٻاري، ٺٽي ۽ سجاول ۾ به رهيو. محمد خان مجيدي ڪپڙي لٽي ۽ طبيعت جي معاملي ۾ بلڪل سادو مزاج رکندڙ انسان هو. هو عام طور تي سلوار ڪڙتي سان گڏ اجرڪ ۽ ٽوپي پائيندو هو، ۽ سردين ۾ سوئٽر، واسڪوٽي ۽ شال به استعمال ڪندو هو. ڪلهي تي رکيل اڇو پوتارو سندس اصل سڃاڻپ رهي. هن کي علم جي سگهه جي بخوبي ڄاڻ هئي. اهوئي سبب هو، جو هن ڄاتو ٿي ته جيستائين عورت علم جي زيور سان مالامال نه ٿيندي سماج اڳتي نه وڌندو. اهو ئي سوچي هن باهمٿ شخص اُن وقت جي گهٽ ٻوسٽ واري سماج ۾ جتي عورت جو گهر کان ٻاهر نڪرڻ به وڏو عيب ۽ غيرت جو مسئلو سمجهيو ويندو هو، هن پاڻ کان شروعات ڪندي پنهنجين نياڻين کي نه صرف تعليم ڏياري پر هنن کي آزادي ڏني ته هو پاڻ پنهنجي زندگي گذارڻ جي رستي جو تعين ڪن. سنڌ جي سرموڙ شاعره مريم مجيدي (جنهن کي هن گرلز پرائمري اسڪول نه هئڻ ڪري بوائز پرائمري اسڪول ۾ داخل ڪرايو) سندس ان شعوري محنت جو ڦل آهي، جنهن نه صرف شاعري جي کيتر ۾ پاڻ موکيو آهي، پر هڪ اُستاد جي حيثيت ۾ ماڻهن جي شعور جي آبياري پڻ ڪئي آهي. محمد خان مجيدي جي اولاد ۾ مريم مجيدي کان علاوه ٻي نياڻي آپا حنيفه مجيدي هئي، جيڪا پڻ تعليم جي مقدس پيشي ۽ سماجي ڪمن سان واڳيل هئي ۽ 7 اپريل 2003 ۾ وفات ڪئي. پٽيلي اولاد ۾ سهيل مجيدي آهي جيڪو صحت کاتي ۾ ڊاڪٽر آهي. محمد خان مجيدي جي جتي هڪ سڃاڻپ ڀلوڙ اُستاد جي حيثيت ۾ آهي. اُتي سندس ٻي سڃاڻپ هڪ قومي شاعر ۽ ڪارڪن جي به آهي. اهو ئي سبب هو جو، هو قوم پرست فڪر سان لاڳاپي سبب ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪومتي دور ۾ عتاب هيٺ رهيو. هن کي ڪيترائي ڀيرا سسپينڊ ڪيو ويو ۽ سزا طور مٺي به بدلي ڪيو ويو. اُن وقت مٺي (ٿر) وڃڻ لاءِ ڇڪڙن تي وڃڻو پوندو هو، جنهن جي ڍالي ۾ مال ۽ ماڻهن کي گڏ سٿيو ويندو هو ۽ تقريبن پورو ڏينهن سفر ۾ گذري ويندو هو. محمد خان مجيدي جو شروعاتي دور ۾ سياسي لاڙو حيدر بخش جتوئي جي سنڌ هاري تحريڪ سان رهيو پر پوءِ سندس فڪري محور قوم پرستي جو سرواڻ سائين جي ايم سيد رهيو، هو جيستائين حال حيات رهيو، سن جي سائين کان ڀيرو نه ڀڃيائين. محمد خان مجيدي ڀلوڙ شاعر ته هوئي، پر هن جي اسٽيج تي شاعري جي لئه ۾ ادائيگي ماڻهن جون دليون موهي وجهنديون هيون. هي پوڙهو شينهن جڏهن اسٽيج تي اچي پنهنجا طويل نظم، بيت يا گيت پڙهندو هو ته ايئن محسوس ٿيندو هو ته ڄڻ سمند جون ڇوليون اُڌما کائيندي ۽ گجگوڙ ڪندي ڪنارن ڏانهن وڌي رهيون آهن. اسٽيج چڱن ڀلن جي ڪنن مان دونهان ڪڍيو ڇڏي، پر هي پوڙهو شخص جڏهن پنهنجي لئه تال جي منفرد انداز سان شعر جهونگاريندو هو، ته سارو مجموعو مستي مان جهومي اُٿندو هو. هن جي طويل نظمن پڙهڻ جي باوجود به ماڻهن کي بوريت نه ٿيندي هئي ۽ مجموعي مان مقرر مقرر جي صدا گونجندي هئي. محمد خان مجيدي کي دلبر ڌرتي ۽ قومي سياست سان ايتري محبت هوندي هئي جو کيس رڳو خبر پوي، پوءِ دعوت ملي يا نه ملي، پر هي جهور پوڙهو شخص آڌي مانجهي، ڌرتتي، سفر جا ڪشالا ڪڍي ۽ سور سهي به پهچي ويندو هو. ڪالاباغ ڊيم جو مسئلو هجي يا ڌارين جي آبادڪاري، ووٽرن جون لسٽون سنڌي ۾ ٺهڻ جو مسئلو هجي، يا پورهيتن ۽ قومي مسئلن تي مختلف پارٽين جا پروگرام يا جلسا، هي شخص قومي ڪارڪن هئڻ ناتي بنا ڪنهن سياسي وابستگي يا تفريق جي اچي شريڪ ٿيندو هو ۽ سنڌ جو ڪيس پيش پيش رکندو هو. محمد خان مجيدي جا هن وقت تائين شاعري جا ٻه مجموعا ڇپيل آهن، (1) سنڌڙي ۽ اُن جون قومون 1962 ۽ (2) مٽي منهنجي مٽي آهي 1997. جڏهن ته هن جي اڻ ڇپيل مواد ۾ (1) ملهه مهانگا ماڻهو (شاعري) ۽ (2) ساڍي ست ورهي پوري ٿي (شاعري) شامل آهن. اُن کان علاوه هن نثر ۾ ڪجهه مضمون به لکيا. محمد خان مجيدي کي حال حياتي توڙي وفات کانپوءِ سندس شاعري ۽ سنڌ پرستي تي ڪيترائي سرٽيفڪيٽ ۽ ايوارڊ مليا. هن کي سچل سامي ادبي فورم ٺٽو پاران، بهترين شاعر جو ايوارڊ به ڏنو ويو. 2002ع ۾ ماڻڪ موتي تنظيم پاران سجاول ۾ ساڻس شام ملهائي وئي جنهن ۾ سندس خدمتن جي مڃتا طور کيس پڳ ٻڌائي وئي هئي. هن تقريب ۾ غلام علي الانه، حميد سنڌي، سرويچ سجاولي ۽ ٻيا ناميارا اديب شريڪ ٿيا هئا. سال 2013ع ۾ سنڌ صحافي سنگت پاران کيس سنڌ پرستي ايوارڊ سان نوازيو ويو، جيڪو هن جي پونيئرن وصول ڪيو. سال 2012ع ۾ سندس وفات پڄاڻان پرويز مشرف جي حڪومتي دور ۾ کيس صدارتي ايوارڊ ستاره امتياز لاءِ نامزد ڪيو ويو، پر سندس صالح ۽ غيرت مند اولاد سنڌ ۾ ٻٽي مڪاني نظام خلاف احتجاج طور ايوارڊ نه وٺڻ جو فيصلو ڪيو. محمد خان مجيدي تاريخ 7 اپريل سال 2003ع ۾ پنهنجو دم دلبر ڌرتي حوالي ڪيو، اڄ به ماڃر جي مٽي ۾ سمايل هن جي مهڪ، ابدي آواز بنجي سنڌ جي ڳلي ڳلي، ڳوٺ ڳوٺ ۽ شهر شهر ۾ گونجي ٿو ۽ ماڻهن کي هن جي سجاڳ ۽ زنده هئن جو احساس ڏياري ٿو.
    هو جاڳي پيو هو جاڳي پيو
    هو جاڳي جاڳي جاڳي پيو.
    ***


    سنڌو درياهه جو شاعر

    Peot يوناني لفظ آهي جنهن جي معنيٰ آهي خلقيندڙ. يونان جي فلسفي موجب فقط شاعر ۽ ديوتا ئي تخليق ڪري سگهن ٿا. مجيدي جي شاعري پڙهي دعويٰ سان چئي سگهجي ٿو ته هو واقعي سرجڻهار ئي آهي. سندس هي سٽون ئي ڏسو:
    مون ساهه ۾ توکي ڏٺو،
    ويساهه ۾ توکي ڏٺو،
    مون ڄاڻ ۾ توکي ڏٺو،
    اهڃاڻ ۾ توکي ڏٺو،
    مون پاڻ ۾ توکي ڏٺو.
    اياز کان جڏهن پڇيو ويو ته توکي سنڌو درياهه ڪٿي وڌيڪ وڻي ٿو ته وراڻيائين دم دمي وٽ. اياز وٽ اُن جو سبب الاهجي ڪهڙو هو؟ پر مون کي مجيدي جي شاعري ۾ دم دمي وٽ مست سنڌو جون ڇوهه ڀريل ڇوليون سدائين محسوس ٿينديون آهن. اها ٻي ڳالهه آهي ته اڄ دم دمي وٽ نه اُها درياهه جي مستي آهي ۽ نه اُهو پاڻي، شايد انهي ڪري ته ڪٿي اسانجي اکين ۾ پاڻي سڪي چڪو آهي؟
    وائيس ڊنٽن موجب، “شاعري جذباتي ۽ سريلي زبان ۾ انساني شعور جي حساس ۽ جمالياتي اظهار جو نالو آهي.” مجيدي جي شاعري ۾ اُن جمالياتي اظهار لاءِ جيڪا رواني ۽ گهرائي آهي سا کيس سر موڙ شاعرن جي صف ۾ بيهاري ٿي. مولوي احمد ملاح کان وٺي سرويچ سجاولي تائين هو تجنيس ۽ تشبيهه جو هڪ اهڙو تسلسل آهي جنهن جو ردم ۽ لئه سنڌ جي ڳلين ڳوٺن ۽ واهڻن ۾ وهندڙ درياهه جيان آهي.
    لارڊ بائرن جي خيال ۾ “بغاوت زندگي جو حسين روپ آهي” مجيدي مروجه سماج جي ريتن رسمن کان بغاوت ڪندي اُن وقت ۾ مريم کي پڙهايو، جڏهن سنڌ ۾ عورت جو گهر کان ٻاهر نڪرڻ به گناهه هو ۽ اهو اڄ به ايترو ئي گناهه آهي. سندس شاعري ۾ بغاوت سان گڏ آجپي جو چٽو اهڃاڻ پڻ پسي سگهجي ٿو. اُن آجپي لاءِ هو جيڪي خواب ڏسي ٿو، سي اسانجي تباهه ٿيل زندگي جي تعمير ڪري سگهن ٿا.
    سندس شاعري ۾ آئيندي جي روشني جو چٽو تصور موجود آهي.
    هو ٿر جا وسندا ٿاڪ مڙيئي،
    مينهن جا مانڊاڻ اُٿيا.
    هو شاهه ڪپور جي ڌرتي جا سڀ،
    آڳاٽا اهڃاڻ اُٿيا.
    مجيدي جي شاعري خود محسوس ڪرائيندي ٿي هلي ته ڄڻ توهان ئي اُنجا ڪردار هجو. سنڌ ڌرتي تي ٿيندڙ هر ظلم تي هو دانهي ٿو. جڏهن سج جي گرمي، چنڊ جي ٿڌاڻ ۽ هوا جي تازگي زندگي جو حصو آهي ۽ انسان جو بنيادي حق آهي. جڏهن فطرت اُن تي ٽيڪس نٿي لڳائي ته، انسان کي ڪهڙو حق آهي ته هو ترقي جي نالي ۾ فطرت جي سونهن ۽ نظارن کي تباهه ڪري؟ ڪالاباغ ڊيم هجي يا سنڌ سان ٻي ڪا ويڌن. بس سنڌ جو سڏ ٿئي پوءِ کڻي ڇا به ٿئي، ڪيڏي به تڪليف سهڻي پوي، مجيدي پهچي ئي پهچي، ۽ هي جهور پوڙهو وڏي واڪي رڙ ڪري دانهي ئي دانهي.
    ڀڃي ڀوري ڀورا ڀورا،
    قهري ڪوٽ ڪڙول ڪريون ڪي.
    ٻاٻيهن سان ٻول ڪريون ڪي،
    کُنڊي دل سان کاٽ هڻن جي.
    تن جا پڌرا پول ڪريون ڪي،
    ٻاٻيهن سان ٻول ڪريون ڪي.
    مولانا رومي لکي ٿو ته، “اسين بانسري وانگر آهيون ۽ اُن ۾ سڀ سر تنهنجا آهن. اسين جبل وانگر آهيون اُن ۾ پڙاڏو تنهنجي ئي ڪري آهي.” مجيدي جي شاعري ۾ به لفظ سندس ئي آهن پر روح سنڌ جو آهي.
    مجيدي جي شاعري تي الزام آهي ته هو ننڍڙن ننڍڙن موضوعن تي شاعري ڪري ٿو ۽ هن ۾ شاعري واري اُڏام يا ائپروچ ناهي! پر مان چوان ٿو ته اُهي اکيون، جيڪي محبت پسي وٺن ٿيون، اُهي دليون جيڪي جانب جي جيءُ ۾ آکيرو اَڏي ويهن ٿيون. تن کي ڪنهن فلسفي جي سند جي ضرورت ناهي، ڇو ته محبت خود پنهنجو فلسفو پاڻ سمجهائي سگهڻ جي طاقت رکندي آهي. رابرٽ برالٽ به ڇا خوب چيو آهي ته، “ننڍڙين شين مان مزو وٺو هڪ ڏينهن توهان کي محسوس ٿيندو ته اُهي وڏيون شيون آهن.”
    مون کي اڄ تائين سمجهه ۾ نه آيو آهي ته اسان ڇو مرده پرستي کي اڃان ذهن مان ڪڍي نه سگهيا آهيون؟ يا شايد اسان اهو يقين ڪري ويهي رهيا آهيون ته مجيدي مري چڪو آهي! تڏهن ته اسان اُن جي جنم ڏينهن جي بدران ورسي ملهائي رهيا آهيون. جيئن ڪنهن شاعر چيو آهي،
    سانسوں کے سلسلے کو نہ دو زندگی کا نام
    جینے کے باوجود بھی کچھ لوگ مرگئے
    پر مجيدي ته اُنهن ماڻهن مان نه هو، پوءِ اُنجي ورسي ڇو؟ جنم ڏڻ ڇو نه!؟ مجيدي ته اُنهن ماڻهن مان هو جن لاءِ ڪنهن شاعر چيو آهي،
    ہم تو وقت ہیں پل ہیں تیزگام ہیں
    بےقرار لمحے ہیں بے تکان صدیاں ہیں
    کوئی ساتھ میں اپنے آئے نہ آئے
    جو ملے گا رستی میں ہم اسے پکاریں گے
    ڪنفيوشس چوي ٿو ته، “جيڪو شخص فطرت وانگر حسين آهي اُهو ڪڏهن به نه مرندو.” مجيدي پنهنجي شاعري جي جوڀن ذريعي سنڌ جي ڳوٺن وڻن واهن وستين ۽ شهرن ۾ سدائين زنده رهيو آهي ۽ زندهه رهندو. تنهن ڪري اچو ته موت کان انڪاري ٿي، جنم ڏڻ ملهائڻ جي روايت وجهون ۽ ايئن ئي سرويچ سجاولي سميت، سنڌ جي سنڌو درياه جيان ڇوليون ماريندڙ شاعرن کي زندگي ۾ ئي جنم ڏڻ جي ڀيٽا ڏيون. ۽ اُنهن کي اُهو مان ۽ مرتبو ڏيون جيڪو هو اسان کان لهڻن ٿا.

    محمد خان مجيدي يادگار ادبي اڪيڊمي ۽ سنڌي ادبي سنگت سجاول طرفان 8 اپريل 2004 تي سجاول شهر ۾ ملهايل محمد خان مجيدي جي پهرين ورسي تي پڙهيل
    محمد خان مجيدي يادگار ادبي اڪيڊمي سجاول ۽ سنڌي ادبي سنگت سجاول طرفان 18 اپريل 2004ع تي ملهايل پهرين ورسي جي موقعي تي پڙهيل


    سرويچ سجاولي

    تعارف
    محمد صديق ولد خميسو خان، ذات تارڙ، ادبي دنيا ۾ سرويچ سجاولي جي نالي سان مشهور هي سدا بهار شاعر 14 مارچ 1937ع ۾ سجاول (ضلعو سجاول) جي لڳ ڳوٺ محمد ابراهيم تارڙ (سرويچ نگر) ۾ ڄائو. هن جي ڪل تعليم سنڌي 4 درجا هئي. سرويچ سجاولي 60-1950 واري ڏهاڪي ۾ ناڪي منشي ٿي رهيو. پيپلزپارٽي جي اڳواڻ ذوالفقار علي ڀٽو کيس پنهنجي دور حڪومت ۾ دڙي سجاول ٽائون ڪاميٽي جو ايڊمنسٽريٽر (76-1973ع) مقرر ڪيو. سرويچ سجاولي مسمات چاڳل سان شادي ڪئي جنهن مان کيس ڇهن پٽن ۽ ٽن نياڻين جو اولاد ٿيو. سندس ٻه پٽ حبيب الله (سانگي سجاولي جي نالي سان ڄاتل سڃاتل شاعر) ۽ محمد خان سرويچ (ايڪسيڊنٽ) سندس حياتي ۾ ئي وفات ڪري ويا. سرويچ سجاولي جي گهرواري سندس وفات کانپوءِ ٽن مهينن اندر ۽ سندس ٻه نياڻيون فاطمه سرويچ ۽ نجما سرويچ 16-2015 ۾ وفات ڪري ويون. جڏهن ته سندس چارپٽ هر هڪ منير احمد سرويچ، ڊاڪٽر محمد عثمان سرويچ، محمد اسماعيل سرويچ ۽ ذوالفقار علي سرويچ (شاعر سورج سجاولي) ۽ هڪ نياڻي سلميٰ سرويچ حال حياتي آهن.
    هن جي ڪافي حد تائين سياسي وابستگي ۽ هم آهنگي پيپلزپارٽي سان رهي. جڏهن ته هو سنڌي عوامي تحريڪ رسول بخش پليجي جي پارٽي ۽ جيئي سنڌ محاذ (سائين جي ايم سيد جي پارٽي سان به مختلف وقتن تي لاڳاپيل رهيو. پر هن جي اصل سڃاڻپ سندس عوامي رنگ ۾ رچيل مزاحمتي ۽ فطري سونهن سان سرشار شاعري جي ڪري آهي. سرويچ سجاولي سنڌ جي قومي توڙي طبقاتي مسئلن تي مختلف وقتن تي ٿيل جدوجهدن ۾ ڀرپور حصو ورتو. سنڌي ۾ ووٽر لسٽون ڇاپڻ، ون يونٽ ٽوڙيو تحريڪ، ايم آر ڊي تحريڪ وغيره ۾ نه صرف وڌي چڙهي حصو ورتو پر ڪافي ڀيرا جيل ۾ به وڌو ويو. سرويچ سجاولي 60 واري ڏهاڪي ۾ سجاول لاڪپ، 72-1971ع ۾ لاڏيون جيل 1980ع ۾ ميرپورخاص جيل، 1983ع ۾ سينٽرل جيل حيدرآباد، ، 1986ع ۾ ٺٽو ۽ پوءِ سينٽرل جيل حيدرآباد ۾ به قيد و بند جون سختيون سٺيون.
    سرويچ سجاولي جا هن وقت تائين ٻه شاعري جا مجموعا مارڪيٽ ۾ آيا آهن. پهريون مجموعو “آليون اکيون اڻڀا وار” پهريون ڀيرو 1972ع ۾ سندس حياتي ۾ ڇپيو ۽ اُن کانپوءِ اُن جا ٽي ٻيا ايڊيشن اچي چڪا آهن. جڏهن ته سندس شاعري جو ٻيو مجموعو، ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون” پهريون ڀيرو 2008ع ۾ سندس وفات کانپوءِ ڇپيو ۽ اُن کانپوءِ اُن جو ٻيو ايڊيشن به اچي چڪو آهي. اڃان به سندس شاعري جا 2 مجموعا آهن جيڪي ادبي ۽ ثقافتي ادارن جي نااهلي سبب ڇپجي نه سگهيا آهن. سرويچ سجاولي جي شاعري سان هڪڙي ستم ظريفي اها به ٿي، جو سندس ڪافي شاعري ڪکاون گهرن کي باهه لڳڻ سبب سڙي ضايع ٿي وئي. سرويچ سجاولي بزم طالب الموليٰ ۽ سنڌي ادبي سنگت سان به لاڳاپيل رهيو. هن جي شاعري پي ٽي وي، ريڊيو پاڪستان ۽ آل انڊيا ريڊيو تان نشر ٿيندي رهي آهي. مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپجڻ کان علاوه هو جڏهن پنهنجي شاعري اسٽيج تي اچي پڙهندو هو ته، ماڻهو سندس شاعري جي سحر ۾ گم ٿي ويندا هئا. هن جي شاعري عابده پروين، جيجي زرينه بلوچ، محمد يوسف، وحيد علي، فيروز گل، قاسم اوٺو، اُستاد محمد جمن، الهڏنو خاصخيلي فوزيه سومرو، شفيع فقير، صادق فقير، طاهره سيد، ناهيد علي، روبينه قريشي، رونا ليليٰ، مصري ڏيپلائي، ديبا سحر، ثمينه ڪنول، الله وسائي، جلال چانڊيو ۽ ٻين کوڙ سارن فنڪارن ڳائي آهي. سرويچ سجاولي کي 1971ع ۾ پاڪستان رائٽرز گلڊ پاران شاعري تي ايوارڊ ۽ پنج هزار روڪ انعام، 1993ع ۾ سگا پاران مڃتا ايوارڊ، 1996ع ۾ شهيد فاضل راهو ايوارڊ، 1998ع ۾ نئين زندگي رسالي پاران ايوارڊ، 2005ع ۾ سنڌ صحافي سنگت پاران ايوارڊ، 2007 ۾ ڪي ٽي اين پاران لائف ٽائم اچيومينٽ ايوارڊ، 2018 ۾ سجاول ريسرچ ڊيولپمينٽ آرگنائيزيشن پاران مڃتا ايوارڊ، 2018 ۾ ڪلياڻ اخبار پاران ايوارڊ ڏنو ويو. سرويچ سجاولي جي شخصيت تي ڪيترن ئي ناليوارن اديبن مقالا لکيا آهن جن ۾ رسول بخش پليجو، امر سنڌو، عثمان ڏيپلائي، علي نواز وفائي، سيد غلام مصطفيٰ شاهه، تاج بلوچ، شمير الحيدري، تاجل بيوس، عبدالجبار جوڻيجو، غلام حسين رنگريز ۽ ٻيا شامل آهن.
    سرويچ سجاولي 22 آڪٽوبر 2007ع تي ڪينسر جي موذي مرض سان جهيڙيندي هن جهان کان موڪلايو. سندس آخري آرام گاهه بخاري قبرستان سجاول شهر ۾ آهي. سندس وفات تي ضلعي ٺٽي (اُن وقت سجاول به ضلعي ٺٽي ۾ شامل هو) ۾ عام موڪل ڪئي وئي. هن جي وفات جي خبر ملڪي توڙي غير ملڪي ميڊيا تي نشر ٿي ۽ سندس وفات تي ملڪ جي نامور سياسي، ادبي ۽ سماجي شخصيتن پنهنجن پيغامن وسيلي يا تڏي تي اچي تعزيت ڪئي. سندس وفات تي ٽه ماهي مهراڻ ۾ خصوصي ڪارنر تي خراج عقيدت پيش ڪيو ويو. سرويچ سجاولي کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ سندس وفات پڄاڻان، تقريبن هر سال سجاول شهر يا سرويچ نگر ۾ سندس ورسي ملهائي ويندي آهي. اُن کان سواءِ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ پڻ مختلف وقتن تي سندس ورسيون ملهايون ويون آهن، جن ۾ 2007ع ۾ سنڌي ادبي سنگت پاران ڪراچي، 2010 ۾ گولاڙچي ۽ 2013ع ۾ ممتاز مرزا آڊيٽوريم حيدرآباد ۾ ملهايل ورسيون قابل ذڪر آهن.



    سرويچ سنڌ جيسين حيات هوندس

    ڪنهن مون کان پڇيو: “سرويچ سجاولي جي شاعري ۾ ايڏي رواني، ڀلا جي سونهن، گهرو مشاهدو، ڌرتي جي درد ۽ ڪرب ۽ انسان جي ڪومل جذبن جي “اپٽار جو آخر ڪهڙو راز آهي؟”
    مون چيو: تو ڪڏهن ٺٽي ضلعي ۾ مست سنڌو درياهه کي نرتڪي نارجيان هوريان هوريان قدم کڻندي، تمر جي ٻيلن سان سرگوشيون ڪندي، مانسرور کان ڪيل ڊگهي سفر جو ٿڪ ڀڃڻ لاءِ سمنڊ کي ڀاڪر پائيندي ڏٺو آهي؟ سياري جي منڌ ۾ سائبريا کان ڪهي آيل سيءُ جي ستايل پرديسي پکين کي، ڪينجهر ۽ هاليجي ڍنڍ تي پناهه ۽ سڪون ماڻيندي ۽ مٺيون ٻوليون ٻوليندي پسيو آهي؟ مڪلي جي پيٽ ۾ دفن ٿيل علم، ادب ۽ تهذيب جي انمول خزانن، دولهه دليرن جي دليري ۽ ڪينجهر ڪنڌي تي پروان چڙهيل نوري تماچي جي پيار جي خوشبوءِ محسوس ڪئي آهي؟ جي تنهنجو جواب ها ۾ آهي ته مان سمجهان ٿو ته توکي تنهنجي سوال جو جواب ملي ويو هوندو!؟”
    آءُ جڏهن سجاول ۾ هوندو هوس ۽ جڏهن ڪير حال احوال وٺندي پڇندو هو ته، ڪٿي ٿو نوڪري ڪرين؟ ۽ جڏهن ٻڌائيندو هوس ته سجاول ۾، ته هو يڪدم وراڻيندا هئا، سرويچ سجاولي جي شهر ۾؟ سرويچ هونئن ته مولائي ۽ مسڪين ماڻهو هو، پر سندس شاعري ۾ ايڏو قدبت هو جو سجاول شهر ۾ توڙي جو ڍينگ مڙس به رهندا هوندا پر هن شهر ۽ شهر جي ماڻهن جي سڃاڻپ هو ته فقط ۽ فقط سرويچ سجاولي.
    هي سرويچ سوڍا ۽ عالم اڪابر،
    اُنهن کان اُوچو لقب چيز آهين.
    سرويچ تمام معمولي تعليم حاصل ڪئي. پاڻ شاعري ۾ مولوي احمد ملاح کي پنهنجو اُستاد مڃيندو هو. پر سندس شاعري ۾ پنهنجو هڪ جداگانه اسلوب ۽ انداز آهي. سندس شاعري بحروزن ۽ تجنيس جي سونهن سان ڀري پئي آهي. هنجو مشاهدو ايئن هو ڄڻ هو فطرت جو بنيادي روح هجي ۽ اُهو روح آهي محبت، ۽ جيڪي اکيون محبت پسي وٺن ٿيون، تن کي ڪنهن وڏي تعليم ۽ فلسفي جي ضرورت ناهي هوندي. ڇو ته محبت پنهنجو فلسفو پاڻ ئي سمجهائي ڇڏيندي آهي.
    جنهن هنڌان لالڻ لنگهيو هو، ڏيئي پارس پاڪ پير،
    زاهدن جا اُن زمين تي، نرڙ مون گسندي ڏٺا.
    رخ مٿان جنهن وقت رانجهن، هو ڪيو پردو پري،
    ميڻ جيئن ماڻڪ مڻين، مرجان ڳرندي ڏٺا.
    سندس محبت ڀريو مشاهدو ۽ شاعري جي اُڏام اُنهن اُٺ ڪتابن جا پڙهيل عالمن، اڪابرن ۽ ڏاهن کان هزار ڀيرا، مٿي هئي، جن سرڪاري آشيرواد ۽ وظيفن تي پڙهي عوام جو وقت ۽ پئسو وڃايو آهي. هن جي آتم ڪٿا جيتوڻيڪ تمام ننڍڙي هئي، پر هن جي شاعري جي ڪٿا هن خطي جو پورو دور هئي. جنهن ۾ هتي جو ماضي دفن ٿيل آهي، اُجڙيل حال آهي ۽ روشن مستقبل جو تصور آهي. تڏهن ته مان چوندو آهيان ته هن خطي کي فقط هڪ واري لاءِ فطرت جهڙن حسين شاعرن جي حوالي ڪيو وڃي ته، دنيا مان نفرت ختم ٿي وڃي ۽ محبت، سنڌو ڌارا جيئن دنيا جي هِن ڪنڊ کان هُن ڪنڊ تائين ڦهلجي وڃي.
    ڪوئي اوک ۽ اهنج نه هوندو،
    عيدون ئي بس عيدون هونديون.
    ڪوئي ڏک ڏڪار نه هوندو،
    خوشين جون ته خريدون هونديون.
    آزادي سان جيئڻ جون هت،
    آسون جام اُميدون هونديون.
    ڪنفيوشس چوي ٿو ته، “گيت دماغن کي بلندين ڏانهن وٺي ويندا آهن ۽ موسيقي اُها وٿ آهي جنهن سان ڪا شئي مڪمل ٿيندي آهي.” سرويچ جي گيتن ۾ اُهو موسيقي جو ردم آهي، جيڪو کيس هن ڌرتي جي تهذيبي ورثي سان موتين جي مالا جيئن ڳنڍي رکي ٿو. سندس شاعري ۾ جتي قديم سنڌ جي تهذيبي ۽ تاريخي ورثي جون ساروڻيون ملنديون اُتي سندس شاعري ۾ جديد سنڌ جو خواب به ڪر کڻندو ۽ ساڀيان پائيندو نظر ايندو.
    جيڪڏهن سرويچ جي شاعري ۾ استعمال ڪيل سندس ٻولي کي سهيڙجي ته، سنڌي ٻولي جي هڪ جدا ڊڪشنري ٺهي سگهي ٿي. مان دعويٰ سان چئي سگهان ٿو ته، هاڻ سنڌ ۾ ڪي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا شاعر ۽ اديب رهيا آهن جن جي تخليقن ۾ نج ۽ قديم سنڌي ٻولي جا لفظ ۽ محاورا ملندا هوندا. جڏهن ته سرويچ سجاولي جي شاعري ۾ جهرن جهنگن، کرن کيتن ۽ ڳوٺن ۽ واهڻن جي ٻولي جي سرهاڻ محسوس ٿئي ٿي، اُن کي سهيڙڻ ۽ ڊڪشنري جو روپ ڏيڻ جو ڪم سنڌ الاجي يا سنڌي ادبي بورڊ جهڙو ادارو ڪري سگهي ٿو ۽ اُن کي ڪرڻ به گهرجي. اها نه صرف سرويچ کي ڀيٽا ٿيندي، بلڪه سنڌي ٻولي جي بقا ۽ ڦهلاءُ جو ڪارڻ به بڻبي.
    سرويچ سجاول تقريبن هر موضع تي نهايت پختگي ۽ گهرائي سان طبع آزمائي ڪئي آهي، پوءِ کڻي اُهو عشق محبت جو سلسلو هجي يا ماڻهن جي بک ۽ بدحالي جو معاملو هجي. پر هن جي شاعري جو مجموعي طور محور سنڌ ئي رهي آهي. مولانا چلال الدين رومي جي چوڻي هن تي ٺهڪي اچي ٿي، جنهن ۾ هو چوي ٿو ته “لامحدود هنجي جسم ۾ ايئن محدود ٿيل آهي جيئن سج گرهڻ ۾ ڦاٿل آهي.” بلڪل ايئن ئي سنڌ هن جي روح ۾ رچيل آهي.
    وهواهه هي منهنجو وطن، چارئي ڪنڊون جنهنجون چمن،
    سَو سَو منجهس پوکون پچن، واهڻ وستيون جنهنجون وسن.
    ويهي رڳو واکاڻجن، ٻيلا ٻنيون مهراڻ جون،
    جنت الفردوس آهن، ٻئي ڪنڌيون مهران جون.
    انهي جيجل سنڌ ڪاڻ سرويچ سور سختيون سٺيون ۽ جيل به ڀوڳيا، پر هنجي اکين ۾ سدائين جيجل سنڌ جي آجپي جا خواب ۽ اندر ۾ محبوبن جي محبتن ۽ سهڻن جي سونهن جا ڏيئا روشن رهيا.
    نه اُن کي گهاءُ ڪو گهائيندو، جو تنهنجي گهور مان نڪتو،
    ڇا وجهندو وقت وڍ اُن کي، جو وهنجي نور مان نڪتو.
    سرويچ کي لوڪ شاعري جو ابو يا سگهڙ چئجي ته به وڌاءُ نه ٿيندو. سرويچ سنڌ جي اُنهن چند شاعرن مان هو، جن طويل نظم ۽ گيت لکيا. ايڏي رواني جي باوجود به اُن ۾ خيالن جو جڙاءُ ڪمال جو هو ۽ ذرو به ورجاءُ محسوس نٿي ٿيو. سرويچ سجاولي جڏهن اسٽيج تي شاعري پڙهندو هو ته سارو پنڊال جهومي اُٿندو هو ۽ ايئن لڳندو هو ته انقلاب آيو ڪه آيو. فوجي آمريت جو دور هجي يا عوامي جمهوريت جو دور، جنهن به جيجل سنڌ تي راتاهو هنيو ۽ ڦريو لٽيو، هن اُنهن کي ڪڏهن به نه بخشيو ۽ ويڙهاند ڪندي وڏي واڪ اُنهن کي للڪاريو.
    قوم جا ڪونڌر جن به ڪٺا، تن ڪاسائين تي ڪاهبو،
    پاپ ڪيو جن پاڻ مٿي، تن پاپين کي هت پاهبو،
    لچن لوفرن لوڀين جو هت، ليکو ٺاهي لاهبو
    ڳاهيو آ جن ڳوٺاڻن کي، ڳاهي تن کي ڳاهبو
    هي ظلم جو ڍانچو ڊاهبو
    هت ٺاٺ ٻيو ڪو ٺاهبو
    ڪنهن سياح مون کان پڇيو ته، “مون کي ٺٽو ضلعو گهمڻو آهي، پهرين ڪٿان کان شروعات ڪجي. مون وراڻيومانس، “هل ته هلي سرويچ کان ٿا پڇون.” جڏهن سرويچ سجاولي سان ملاقات کانپوءِ واپس ٿياسين ته مون پڇيومانس “ماڃر گهمڻ لاءِ ڪٿان کان شروعات ڪندين؟” ته وراڻيائين، “مون ماڃر گهمي ورتو.” ها واقعي هو ماڃر جو مير هو ۽ ماڃر جي سونهن هو.
    ڪوي ٽئگور کي سوڀي گيانچنداڻي مان موهن جي دڙي جي مٽي جي خوشبوءِ ايندي هئي ۽ مون کي سرويچ مان ماڃر جو هڳاءُ محسوس ٿيندو آهي.
    سرويچ سجاولي سان هونئن ته کوڙ ساريون ڪچهريون ٿينديون هيون. پر خاص طور تي نئين سال جي آرنڀ تي سندس واتان سندس ۽ مولوي احمد ملاح جي شاعري ٻڌي بي خودي جي عالم ۾ هليا ويندا هئاسين. ۽ اڄ جڏهن هر نئين سال جي آرنڀ تي سرويچ اسان سان گڏ ناهي ته، اسانجي حالت مشهور ناول نگار پائول جي ناول الڪيمسٽ ۾ ذڪر ڪيل ڍنڍ جيان آهي. ناول نگار ناول ۾ تارسيس جي خوبصورتي جو ذڪر ڪندي لکيو آهي، “هن کي پنهنجي خوبصورتي جو احساس به هو ۽ هو ڍنڍ جي ڪناري تي پهرن جا پهر اچي بيهندو هو ۽ ڍنڍ ۾ پنهنجو عڪس پسند هو. هڪ ڏينهن تارسيس ڍنڍ ۾ ڪري پيو ۽ ٻڏي مري ويو. ڪيترن ڏينهن کانپوءِ، جڏهن ڪيمياگر ڍنڍ تي ويو ته هن کي ڍنڍ ساڳي نه لڳي، بلڪه لُڙڪ ڀريل شيشي جو ڪو ٿانوَ لڳي. هن ڍنڍ کان سوال ڪيو “ته ڇا تون تارسيس جي مرڻ جي غم ۾ لڙڪن جو مرتبان بڻي آهين؟” جنهن تي ڍنڍ جواب ڏنو ته، “منهنجي حالت جو سبب اُهو غم آهي جيڪو تارسيس جي ٻڏي وڃڻ ڪري مون کي محرومي جو شڪار بڻائي چڪو آهي. جڏهن به تارسيس منهنجي پاڻي ۾ پنهنجو عڪس ڏسندو هو ته، مان سندس نيڻن جي ماڻڪين ۾ پنهنجي گهرائي کي ڏسندي رهندي هيس ۽ ايئن ئي مان پنهنجي خوبصورتي پيئي پسندي هيس.”
    سرويچ سجاولي تي قومي ۽ انقلابي شاعر هئڻ جي حوالي کان سندس ذاتي زندگي تي ڪجهه وقت لاءِ وڏيرن سان گڏ بيهڻ جا الزام به لڳا. اُن جي سچائي کان به اعتراض ڪونهي. پر هتي مان هڪ چيني چوڻي ضرور دهرائيندس ته، “دنيا ۾ فقط ٻه ئي ايماندار ماڻهو آهن هڪ اُهو جيڪو مري چڪو آهي ۽ ٻيو اُهو جيڪو ڄائو ئي ڪونهي.” مون کي اِها به خبر آهي ۽ مان چاڻان ٿو ته وڏن ماڻهن جي آٽو بايو گرافين ۾ ڪيترو سچ ۽ ڪيترو ڪوڙ لکيل آهي. جارج نربزٽ چيو آهي ته، “محبت ۽ کنگهه کي ڪڏهن به لڪائي نٿو سگهجي.” هن پنهنجي اوڻاين ۽ محبتن جو ذڪر نجي محفلن ۾ ڪندي ڪڏهن به نه ڪيٻايو، پوءِ به جي تاريخ کيس معاف نه ڪري ته ڇا چئجي؟
    سرويچ ڪو وڏو ماڻهو ڪو نه هو. هو مسڪين طبقي جو ماڻهو هو جنهن پنهنجي ڏات ۽ ڪلا سان لوڪ کي خوشيون موٽائڻ چاهيون ۽ نجي زندگي ۾ گهڻا ڏک ڏاکڙا ڏٺا. پر سندس ڏکن ۾ ڪير به ڀاڱي ڀائيوار نه هو ۽ هن پنهنجو ڏک اڪيلو ئي ڀوڳيو. اُن وقت اُهو سماج ڪٿي ٿو هجي جڏهن ڏات ڌڻي نور نچوئي قومن جي آجپي لاءِ سور سختيون سهن ٿا ۽ سندن ٻچن کي ڪير به ان ڪڻا پهچائڻ لاءِ تيار نٿو هجي؟ ۽ سندن ڀرجهلو نٿو ٿئي؟ آخر ڇو؟ هي سماج يا قوم ان مان پنهنجو پانڌ ڪيئن آجو ڪرائي سگهي ٿي ۽ ڪيئن فقط ڏات ڌڻين کي ئي گنهگار ٺهرائي سگهي ٿي؟
    هڪ انگريزي چوڻي آهي ته ،“جڏهن ڪو پوڙهو شص مري وڃي ته سمجهو ته اوهانجي لائبريري ختم ٿي ويئي.”
    ها! پر مان نٿو مڃان. جيڪڏهن توهان کي مطالعي جي اک آهي ته توهان کي سرويچ جيڪو جيتوڻيڪ هاڻ اسان ۾ ناهي رهيو، پر اُن جي شاعري ۾ معجزا نظر ايندا رهندا.
    عظيم فاتح سڪندر اعظم چيو هو ته، “جيتريون منهنجي سلطنت جون حدون وسيع ٿينديون ٿيون وڃن اوترو ئي آءُ مختصر ٿيندو ٿو وڃان.” پر سرويچ جي شاعري جو ڪينواس سجاول کان سنسار جي آخري ڪنڊ تائين ڦهليل آهي جنهن جي نس نس ۾ انسان جو آجپو ۽ محبت ڀريل آهي، جيڪو پلن کان جڳن تائين سرنهن جي خوشبو جيان ڦهلبو رهندو.
    سرويچ سنڌ جيسين حيات هوندس،
    پنهنجي وڃڻ وهي، مون ناهي وفات سمجهي.


    1- سرويچ سجاولي جي سجاول شهر ۾ ملهايل
    ٻي ورسي جي موقعي تي پڙهيل
    2- روزانه ڪاوش حيدرآباد 22 آڪٽوبر 2009ع ۾ ڇپيل
    3- روزانه ڪاوش حيدرآباد 22 آڪٽوبر 2013 ۾ ڇپيل.


    قاسم پٿر (پٿر سنڌي)

    تعارف
    سياسي ۽ ادبي دنيا ۾ قاسم پٿر ۽ پٿر سنڌي جي نالي سان سڃاتو ويندڙ، هي عظيم انسان جنهن جو اصل نالو محمد قاسم، والد جو نالو عبدالرحيم ميمڻ هو، سال 1937ع ۾ ڳوٺ ڪاٺوڙ تعلقو شاهه ڪريم بلڙي ضلعو ٽنڊو محمد خان ۾ ڄائو. قاسم عام طور پاڻ پنهنجو تعارف سدائين قاسم پٿر جي نالي سان ڪرائيندو هو. البته هن تحريرن ۽ عوامي تحريڪ جي رسالي ۾ ايڊيٽر طور نالو پٿر سنڌي استعمال ڪيو آهي. قاسم پٿر پرائمري تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول ڪاٺوڙ، ميٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ميرپوربٺورو ۽ بي اي سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان حاصل ڪئي. هن جو ننڍپڻ والد جي وفات بعد پنهنجي چاچي الهڏني ميمڻ وٽ دڙي شهر ۾ گذريو. قاسم پٿر شروع شروع ۾ مال چاريو ۽ اُن کان پوءِ ڪجهه وقت درزڪو ڌندو ڪيو ۽ پوءِ قمر ميڊيڪل اسٽور ميرپور بٺورو تي ڪم ڪيو. 1956ع ۾ هن سياست جي شروعات ڪئي. ابن حيات پنهور سندس سياسي تربيت ۾ پهريون اُستاد رهنما هو. قاسم پٿر پنهنجي سياسي دور جي شروعات ۾ ڪميونسٽ پارٽي سان لاڳاپيل رهيو. هو ڪجهه وقت نعپ (نيشنل عوامي پارٽي) ۾ به رهيو ۽ اُن ۾ سنڌ ڪميٽي جو ميمبر به رهيو. نعپ سان قومي مسئلي کي ڀرپور انداز ۾ نه کڻڻ تي، هن نعپ کي الوداع ڪيو ۽ رسول بخش پليجي سان گڏجي 1968ع ۾ سنڌي عوامي تحريڪ جو بنياد وڌو. هو سنڌي عوامي تحريڪ طرفان نڪرندڙ رسالي ماهوار تحريڪ ۽ ساڻيهه رسالي جو ايڊيٽر به رهيو ۽ ان عرصي دوران سياسي ڪم ڪرڻ سان گڏوگڏ، هن مختلف سياسي ۽ ادبي ڪتاب به ترتيب ڏنا. سال 1974ع ۾ قاسم پٿر کي سنڌي عوامي تحريڪ ۾ مختلف وقتن تي نظرياتي ۽ قومي اختلافن رکڻ سبب، پارٽي ڊسيپلين جي خلاف ورزي ۽ غداري جا هٿ ٺوڪيا الزام هڻي، اُن وقت پارٽي مان خارج ڪيو ويو، جڏهن هو لاڏيون شهر جي جيل ۾ قيد هو. هن سال 1978ع ۾ پنهنجي هم خيال سياسي ورڪرن ۽ دوستن سان گڏجي سنڌ نيشنل ڪانگريس جي نالي سان نئين پارٽي ٺاهي. 1980ع واري ڏهاڪي ۾ هن ڄام ساقي سان گڏجي هاري تحريڪ کي منظم ڪرڻ لاءِ ڪوششون ورتيون. سنڌ ۾ جتي ايوب خان جي آمر شاهي خلاف تحريڪ ون يونٽ ٽوڙ تحريڪ، ووٽر لسٽون سنڌي ۾ ڇپايو تحريڪ، حيدر بخش جتوئي جي هاري حقدار تحريڪ، مقامي مسئلن تي هلايل جوجهدون ۽ ٻيون کوڙ ساريون هلچلون هن جي کاتي ۾ اچن ٿيون اُتي سنڌ ۾ سياسي جدوجهد لاءِ ٺاهيل سنڌ قومي اتحاد ۽ راڄوڻي مسئلن تي جڙندڙ اتحاد ۾ سندس پورهيو به شامل رهيو. عمر جي آخري حصي ۾ هنجي وابستگي جيئي سنڌ محاذ سان رهي. قاسم پٿر پنهنجي سياسي زندگي ۾ ڪافي ڀيرا جيل به ويو. هن مختلف وقتن تي قومي ۽ طبقاتي مسئلن تي هلايل جدوجهدن جي ڪري خيرپور ميرس، ڪراچي، ٺٽو، حيدرآباد جي جيلن کان علاوه ميرپور بٺوري جي لاڪپ ۾ پڻ قيد ڪاٽيو. قاسم پٿر جيتوڻيڪ ڪافي سياسي پارٽين ۾ ڪم ڪيو ۽ اُنهن پارٽين جو فل ٽائم ورڪر به رهيو، پر هو شخصيتن، پارٽين ۽ نظريات جي انڌي تقليد جي خلاف هوندو هو. اهو ئي سبب هو جو هو ڪافي پارٽين سان گهڻو وقت گڏ هلي نه سگهيو. پر اُنجي باوجود به هن ڪڏهن به اُنهن سياسي ورڪرن سان ناتا نه ٽوڙيا، جن کان هو الڳ ٿي چڪو هو. هو سال ٻي سال اُنهن سياسي ورڪرن کي ڳولي لهندو هو ۽ اُنهن جي سارسنڀال لهندو هو. قاسم پٿر سنڌ جي اُنهن واحد سياسي ورڪرن مان هو، جيڪو پنهنجي سياسي مخالفن توڙي ذاتي زندگي ۾ منهن مٽائيندڙ دوستن وٽ به سدائين ڀيرو ڪندو هو ۽ کين ڳنڍي رکندو هو. هن ۾ جيتوڻيڪ اڳواڻي واريون صلاحيتون موجود هيون، پر هن پارٽي ۾ سدائين پاڻ کي ورڪر رهڻ تي ترجيح ڏني.
    قاسم پٿر طبيعتن رومانس پسند ماڻهو هو. انهي ڪري هن سياست کي به رومانوي انداز ۾ هلائڻ جي ڪوشش ڪئي. قاسم پٿر سياست سان ته ڪميٽيڊ هوئي، پر هو ادبي ذوق رکندڙ ماڻهو به هو. هن جا لکيل ڪافي مضمون ۽ ڪهاڻيون، پيار محبت ۽ سماجي، سياسي، قومي ۽ طبقاتي مسئلن کي نمايان ڪن ٿيون. سنڌ جو هي باذوق ۽ فل ٽائيم سياسي ورڪر 18 ڊسمبر 2007 ۾ دل جي آپريشن ناڪام ٿيڻ سبب سنڌ ماءُ جي گود ۾ سدائين لاءِ سمهي پيو.
    قاسم پٿر جي لکيل ڊرامي ۽ ڪهاڻين جو مجموعو، “رت ۽ غلامي” جي سري هيٺ سندس حياتي ۾ سنڌ نيشنل پبليڪيشن ميرپور بٺورو ڇپايو ۽ سندس وفات پڄاڻان قاسم جي شخصيت تي مختلف اديبن ۽ سياسي اڳواڻن ۽ ورڪرن پاران لکيل مضمون ۽ تاثر ڪتابي شڪل “ڪي ماڻهو تاريخ ٿين ٿا” جي عنوان هيٺ سنڌ نيشنل پبليڪيشن ميرپوربٺورو پاران سال 2008 ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو ويو. يوسف سنڌي پاران قاسم پٿر سان گهاريل گهڙين ۽ ساروڻين تي مشتمل ڪتاب، “چڱو قاسم موڪلاڻي ڪانهي”. ڊسمبر 2012ع ۾ ڇپائي مارڪيٽ ۾ آندو.اُن کان سواءِ قاسم پٿر جي سياسي، سماجي ۽ ادبي زندگي ۽ شخصيت تي مختلف اديبن ۽ ليکڪن جي تحريرن تي ٻڌل ڪتاب“گوندر گس پرين جو”سنڌ پبليڪيشن ٺٽو پارا سال 2013 ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو ويو.
    ***


    مٽي جو ماڻهو

    منهنجي قاسم پٿر سان ڏيٺ ويٺ ستر واري ڏهاڪي ۾ ٿي. تڏهن منهنجي جيون جوڀن جي چائنٺ چمي رهي هئي ۽ هن جي وارن ۾ ڪٿي ڪٿي چاندي جون تارون ظاهر ٿي رهيون هيون. آئون مڊل ڪلاس جو ماڻهو آئيڊلزم جو شڪار هئس. منهنجي عمر به اهڙي هئي ۽ اُنجي تقاضا پڻ. منهنجي نظر ۾ منهنجي سياست جا رهبر ڪنهن ديوتا يا جان رامبو جي ڪردار کان گهٽ نه هئا. تڏهن هو پورهيت طبقي جي سياست ڪندو هو ۽ وطن دوست انقلابي راهه روشن ڪندڙ مشعل جي دعويٰ ڪندڙ پورهيت پارٽي (سنڌي عوامي تحريڪ) جو نه صرف ورڪر هو، پر اُن تنظيم ۾ مک عهدي تي فائز ۽ اُن طرفان نڪرندڙ رسالي تحريڪ جو ايڊيٽر پڻ هو. هن جون ڳالهيون مون کي گهٽ ڀانئينديون هيون. شايد ٿوري سياسي ڄاڻ هئڻ ڪري يا الڳ طبقاتي حيثيت هئڻ جي ڪري. پر هن جو پنهنجائپ وارو رويو مون کي هن جي ويجهو وٺي ويندو هو ۽ سدائين لڳندو هو ته هن جي ڳالهائڻ سان گڏ هن جي عمل ۾ به ايمانداري هئي. مون کي ته قاسم سڄي عمر لڳو ته هو سياست ۾ پوءِ هو کڻي ڪٿي به رهيو هجي ۽ ڪهڙي پارٽي ۽ نظريي سان رهيو هجي، آئيڊيلزم جو قائل رهيو ۽ سندس آئيڊيلزم جو محور ٻيو ڪير نه پر اُها سنڌ ئي هئي. اهو ئي سبب هو جو قاسم پٿر سان سڄي عمر ۾ کوڙ سارا اختلاف هئڻ جي باوجود به، پنهنجائپ وارو تعلق قائم رهيو.
    ڪنفيوشس چيو آهي ته ،“جيڪي سچ کي ڄاڻن ٿا اُهي اُنهن برابر ناهن جيڪي سچ سان پيار ڪن ٿا ۽ جيڪي سچ سان چاهه رکن ٿا اُهي وري اُنهن جي برابر ناهن جيڪي سچ مان مزو وٺن ٿا.” قاسم ڪنفيوشس چواڻي اُنهن ماڻهن مان هو، جيڪي سچ مان مزو ماڻين ٿا تڏهن ته هن سڄي عمر سچ جو ساٿ نه ڇڏيو، جڏهن ته ساڻس ڪم ڪندڙ سندس دور جي اهم سياست دانن جن نظريي جي سچائي ۽ عوام جي دردن مان ڇوٽڪاري جون وڏيون دعوائون ٿي ڪيون، پنهنجو پنهنجو ملهه طئه ڪري سياست جي بازار ۾ پاڻ کي ڪيش ڪرايو ۽ هي درويش صفت انسان سادن سودن ٽن ڪپڙن ۾، محدود وسيلن جي باوجود به سدائين سڄي عمر هڪ سچو سپاهي ٿي بيٺو. هن جي نظر ۾ لارڊ بائرن جي قول جيان بغاوت زندگي جو حسين روپ رهي. هن جي سياست سنئين سڌي ڌرتي جي آزادي ۽ انسان جي آجپي جي سياست هئي. اهڙن ماڻهن تي ڪنفيوشس جي هي چوڻي بلڪل ٺهي اچي ٿي ته، “سچائي پنهنجي ڳولائو کي ڪڏهن به مايوس نه ڪندي آهي.” قاسم پٿر جي نظر ۾ ايمرسن فاسڊڪ جي سوچ جيان، “آزادي خطرناڪ شئي ضرورهئي پر اُن جهڙي ٻي ڪا محفوظ شئي به ڪو نه هئي.”
    قاسم پٿر جي هڪ خوبي اِها به هئي ته هو انيڪ اختلافن جي باوجود به، پنهنجن پراڻن تنظيمي ساٿين ۽ دوستن جيڪي کڻي پوءِ ساڻس گڏ نه به رهيا هجن کي ڪڏهن به نه وساريندو هو. ڇهين ٻارهين مهيني پر اُنهن وٽان چڪر ضرور لڳائيندو هو ۽ هو ايئن ڪڏهن اسان جهڙن ويٺل ۽ بي عمل ماڻهن کي به ڳولي لهندو هو. اسان جي هن تي سدائين اها تنقيد هوندي هئي ته اوهان پارن سياستدانن جي ناڪام سياست ڪو ٻوٽو ڪو نه ٻاريندي ۽ هي بي حس ماڻهو ڪڏهن به ڪو نه اُٿندا. هن جو هڪڙو ئي جواب هوندو هو ته اوهين ويٺل ماڻهو رڳو تجزيا ڪري ڄاڻو ۽ ناڪام اديب رڳو تنقيد ڪري ڄاڻن. اڄ مون کي سمجهه ۾ اچي ٿو ته هو بلڪل صحيح چوندو هو. هو هڪ عملي ماڻهو هو، جيڪو ڪڏهن به سياسي عمل مان نه ٿڪو ۽ نه ئي سياست کان پاسيرو ٿيو. ڪفوڪالڊ چوي ٿو ته، “محبوب ۽ محبوبه پنهنجي گفتگو مان ڪڏهن به بيزار نٿا ٿين ڇاڪاڻ جو هو پنهنجي ئي باري ۾ گفتگو ڪن ٿا”. قاسم پٿر به پنهنجي سموري سياسي عمل مان بيزار نه ٿيو، ڇاڪاڻ جو هن جي چاهت ٻي ڪا نه پر سنڌ ماءُ هئي، جنهن جي ٿڃ جو ذائقو هن جي چپن تان ڪڏهن به جهڪو نه ٿيو ۽ هن جي ڏنل لولي سندس روح م سدائين رچيل رهي ۽ جيسين جيئرو رهيو، اُن لولي جي ٻولي گهر گهر پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي.
    ميرپوربٺورو جيڪو ڪنهن زماني ۾ سنڌ جو ويٽنام ليکيو ويندو هو، مان دعويٰ سان چوان ٿو ته بٺوري جي اِها سڃاڻپ پٿر جي ڪري ئي هئي. مون کي ته قاسم جي ماڙي ۽ سنڌو ڪناري سن جي سائين جي بنگلي جو هڪ ئي منظر لڳندو آهي، جتان هميشه پيار ۽ محبت جا پکي اُڏاڻا ۽ سنڌ جي آجپي جو پيغام گهر گهر پهتو.
    هم ڪس يار اند چه هشيار چه مست
    هم جا خانهءِ عشق است، چه مسجد چه ڪنشت. “حافظ”
    ترجمو: سڀ يار جا طلبگار آهن، پوءِ اُهي کڻي هشيار هجن يا مست، هر جاءِ عشق جو گهر آهي پوءِ کڻي اُها مسجد هجي يا گرجا گهر. قاسم پٿر جو سنڌ سان عشق ايمان جي حدن کان به مٿي هو.
    قاسم پٿر تي اڪثر اِها تنقيد ٿيندي هئي ته هو جن پارٽين جو خالق هو، يا جن پارٽين کي هن پنهنجو رت ۽ ست ڏنو، هو اُنهن سان خود گهڻو عرصو گڏ هلي نه سگهيو ۽ خود اختلاف راءِ رکي اُنهن پارٽين مان ٻاهر نڪري ايندو هو. مون کي ان تي هڪ روسي چوڻي تري اچي ٿي، “ڪجهه ماڻهو بگهڙجي گهر ماني کائڻ بعد ٻڪرار جي گهر افسوس ڪرڻ ويندا آهن.” ڀلا قاسم اهڙن منافق ماڻهن سان ڪيئن ٿي هلي سگهيو؟ جن جي سياست ۾ ته بظاهر سنڌ ۽ عوام جو درد هو پر اُنجي پويان هڪ وڏو ڪرپشن جو جهان. جن جي گهرن ۾ سڄي کٽ به نه هئي پر عوام ۽ آجپي جي نالي ۾ ڪروڙ پتي ٿي ويا. صرف نظريو ئي ته طاقتور شئي ناهي. جي ڪردار ناهي ته ڪنهن به نظريي کي عملي جامو پهرائي نٿو سگهجي. قاسم اُن بلند ڪردار جو مالڪ هو . جيڪو توڙ تائين ٽن ڪپڙن ۾ پنهنجي نظريي جي سچائي سان فرض نباهيندو رهيو ۽ اُنهن بدڪردارن سان هلي نه سگهيو. جيڪڏهن هو اُنهن منافقن ۽ بدڪردار سياستدانن جي عمل تي ڪڏهن آپي مان ٻاهر نڪري گاريون به ڏيندو هو ته، اهو بلڪل غلط نه هو. هڪ روسي چوڻي مطابق، “هڪ بيضا ڏيندڙ ڪڪڙي کي رڙيون ڪرڻ جو پورو پورو حق آهي”. بدڪردار ۽ ڪرپٽ سياستدانن کي ڀلا گاريون نه ڏجن ته ڇا گلن جا هار پهرائجن؟
    هو سدائين عملي ماڻهو رهيو. هن وڏا ڪم ڪيا پر وڏيون دعوائون نه ڪيون. هو اُن روزانه استعمال ۾ ايندڙ دروازي جي انجيس جيان هو، جنهن کي ڪڏهن به زنگ نٿو لڳي. هن جي اڳيان انسان جي آجپي جو تصور بلڪل چٽو هو. اِهو ئي سبب هو، جو هو نه ڪڏهن مايوس ٿيو، ۽ نه ڪڏهن ڪنهن کان ڊنو ۽ نه ئي ڪنهنجي آڏو جهڪيو. منهنجي ذهن تي گلوڪاره مئڊونا جو ڳايل گيت تري اچي ٿو، جيڪو هنجي شخصيت تي پورو ٺهڪي اچي ٿو.
    “جڏهن دنيا چوڌاري چور ڏسڻ ۾ ايندي آهي، ۽ بي عقل ماڻهو مون کي جهڪائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، تڏهن مون کي پنهنجي ماءُ جو مسڪرائيندڙ چهرو ياد ايندو آهي.”
    قاسم پٿر سنڌ جي اُنهن سياسي ورڪرن مان هو جن وٽ سياست هڪ خشڪ شئي نه، پر هڪ رومانس هئي. شايد انهي ڪري جو هو هڪ سياسي ورڪر سان گڏ قلمڪار پڻ هو. (هن جي قلمي پورهئي تي الڳ سان لکي سگهجي ٿو جنهن جي هن مضمون جي طوالت سبب گنجائش گهٽ آهي) هن وٽ سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جو آجپو هڪ اهڙو رومانوي خواب هو، جنهن جو سحر نه ٽٽڻو هو ۽ نه ختم ٿيڻو هو ۽ نه ئي وقت سان گڏ اُن ۾ ڪو ڦيرو اچڻو هو. هن جي سنڌ سان محبت ناقابل شڪست هئي. اهو ئي سبب هو جو اسپتال جي بستري تي به هن جي ڳالهائڻ ۾ زندگي ۾ ويساهه يقيني هو ۽ هن ڪنهن به يار دوست کي پنهنجي بيماري جو اطلاع ڏيڻ ضروري نه سمجهيو. هڪ دوست ٻڌايو ته، منهنجو هن سان ايئن ئي ڳالهائڻ ٿيندو هو پر هن مون کي اسپتال ۾ داخلا وارن ڏينهن ۾، ڳالهائڻ دوران به اِهو ڪو نه ٻڌايو ته هو ڪو اسپتال م داخل آهي. اهڙن ماڻهن لاءِ اياز به ڇا خوب چيو آهي.
    زندگي موت جي قريب آ پر،
    ڪوئي محبوب درميان آهي.
    ۽ اُهو محبوب ئي، ماڻهو کي زندگي جي قريب رکي ٿو ۽ موت اُنهن جو ڪجهه به بگاڙي نٿو سگهي ۽ هن جو اُهو محبوب سنڌ ئي ته هئي. ڀلا جي سنڌ مري نٿي سگهي ته قاسم پٿر ڪيئن مري سگهي ٿو؟
    هو ته هو ئي پٿر. ڀلا پٿر کي ڪير پنهنجي جاءِ تان هٽائي سگهي ٿو؟ وقت اهڙن ماڻهن کي ميساري نٿو سگهي. هڪ گمنام شاعر جون هي سٽون منهنجي ان موقف کي تقويت پهچائن ٿيون.
    وقت تمام سست رفتار آهي،
    اُنهن لاءِ جيڪي انتظار ڪن ٿا.
    تمام ڊگهو آهي،
    اُنهن لاءِ جيڪي سوڳوار آهن.
    تمام مختصر آهي،
    اُنهن لاءِ جيڪي شاد مان آهن.
    پر وقت اُنهن لاءِ،
    جاودان آهي
    جيڪي محبت ڪن ٿا.
    منهنجي راءِ آهي بلڪه مان دعويٰ سان چوان ٿو ته، اڳتي هلي جڏهن ايمانداري سان سنڌ جي سياسي تاريخ لکي ويندي ته، اُهي ليڊر جن جو هاڻ وڏو نالو آهي، قاسم پٿر جهڙن ننڍڙن ورڪرن جن وڏا ڪم ڪيا پر وڏيون دعوائون نه ڪيون، جي اڳيان بلڪل جيتامڙا باسندا ۽ ڌرتي جي آجپي ۽ آئيندي ۾ انهن ننڍڙن ورڪرن جا نالا اُنهن نام ڪٺين ليڊرن کان ڪئين دفعا اڳيان هوندا، جن شاهي تخت کي نه صرف پهريان پر آخري پٿر هنيا.

    سنڌ نيشنل پبليڪيشن ميرپوربٺورو طرفان فيبروري 2008ع ۾ قاسم پٿر جي زندگي تي شايع ٿيل ڪتاب “ڪي ماڻهو تاريخ ٿين ٿا” ۾ ڇپيل.


    هنيئڙي منجهه هُرن

    اڄ قاسم پٿر کي اسان کان جدا ٿيندي پورو هڪ سال ٿي ويو ۽ پوءِ.... ٻه سال، ٽي سال.... وقت جسمن کي ته لٽي سگهي ٿو پر خيالن ۽ سچائي لاءِ ارپيل پورهيئي کي دفن نٿو ڪري سگهي. اهو بلڪل ايئن ئي آهي جيئن لوبان پاڻ ته سڙي ختم ٿي وڃي ٿو، پر سندس خوشبوءِ هر ڏس ڦهلجي وڃي ٿي.
    مشهور فلسفي ارسطو جي خيال ۾، “غربت يا ته انقلاب کي جنم ڏيندي آهي يا ڏوهن کي.” غريب گهراڻي سان تعلق رکندڙ قاسم پٿر کي به هڪ واٽ وٺڻي هئي. اها واٽ يقينن ڪا ٻي نٿي ٿي سگهي سواءِ انقلاب جي. ان راهه وٺڻ ۾ هن کي زندگي جي ڪنهن به ڏاڪي ته ڪا به ندامت يا پڇتاءُ محسوس نه ٿيو. سندس پوري سياسي زندگي ۾ هن جا ڪئين دوست يار هن کي سياسي حوالي کان ڇڏي ويا، ڪئين مايا ۽ مال جي شوق ۾ ماڳ مٽائي وڃي آ سوند ٿيا، پر هي شخص جنهن پاڻ کي چوائيو ئي پٿر ٿي، پٿر جيان اڏول بيٺو رهيو. ڪڏهن به پوئتي نه هٽيو ۽ نه ئي حالتن کان مايوس ٿي، وقت جي آقائن کان ڊڄي ماٺ ڪري ويٺو. منهنجي خيال ۾ جيڪو شخص پنهنجو پاڻ سان پيار ڪري ٿو، اُن کي دشمن جو خوف نٿو رهي. قاسم پنهنجو پاڻ ۾ جڏهن جيجل سنڌ پسي چڪو هو، ته ڀلا هن جو ايمان ڇو لوڏو کائيندو؟ ڪنهن ڏاهي چيو آهي، “ڪنهن دنيا جي ڳولا اصل ۾ پنهنجي وجود جي ڳولا هوندي آهي.” قاسم به پنهنجي وجود يعني سنڌ جي ڳولا ۾ نڪري پيو هو، اُها سنڌ جيڪا سندس خواب هئي، آدرش هئي. ڀلا اُن ۾ ٿڪجڻ يا مايوس ٿيڻ جي ڪهڙي ڳالهه؟ عشق جي راهه ۾ سسئي کي نه ارڏا جبل روڪي سگهيا ۽ نه قاسم کي وقت ۽ حالتون.
    قاسم پٿر معاشي پس منظر نه هئڻ ڪري ايڏي نصابي تعليم نه حاصل ڪري سگهيو. هن مزوري سان گڏ بهرحال قسطن ۾ ئي پر گريجوئيشن تائين تعليم حاصل ڪري ورتي. وڪٽر هيوگو جي خيال ۾، “تعليم سان ضروري ناهي ته سمجهه ۽ سوچ پيدا ٿئي.” بلڪل ايئن ئي ايڏي تعليم نه هوندي به قاسم پٿر گهڻن ڊگري يافته اڪابرن کان علم ادب توڙي سياسي ميدان ۾ گهڻو ڪم ڪري ڏيکاريو. هن نه صرف ڌرتي جي ماڻهن جي مسئلن تي ڀرپور ڪهاڻيون لکيون، سنڌ جي سياسي مسئلن تي مضمون لکيا پر ڪافي وقت تائين ان وقت جي پنهنجي پارٽي سان لاڳاپيل رسالي تحريڪ جي ادارت جا فرائض به سرانجام ڏنائين. سماجي ڪمن ۾ هن ابن حيات پنهور لائبريري کولي ۽ ميرپوربٺوري واسين لاءِ مفت اکين جي آپريشن جا انتظام ڪرايائين. سياسي حوالي کان هن شروعات ڪميونسٽ پارٽي کان ڪئي ۽ پوءِ مختلف وقتن تي عوامي تحريڪ، سنڌ نيشنل ڪانگريس، ڄام ساقي جي هاري ڪاميٽي، سنڌ قومي اتحاد ۽ جيئي سنڌ محاذ ۾ رهي سياست ڪئي. زندگي جا تقريبن ڏهاڪو سال پنهنجي آدرش کي نڀائيندي جيل ۾ به گذاريا. قاسم پٿر جتي به رهيو، جنهن به پارٽي ۾ رهيو، هنجي سياست جو محور سنڌ جو آجپو ۽ سندس نظرياتي رهبر جي. ايم سيد رهيو. توڙي جو مختلف وقتن تي هو طبقاتي جدوجهد جو حامي به رهيو، پر سندس نظر ۾ سنڌ جو قومي مسئلو سدائين اهم رهيو.
    قاسم پٿر هڪ کرو، بيباڪ ۽ سچو سياسي ورڪر هو. هو بحث مباحثي ۾ ايترو ته اٽڪي پوندو هو ۽ وڙهي ويندو هو جو ڀانئبو هو ته هاڻ هو وري ڪڏهن به ملڻ لاءِ نه ايندو. پر مهيني، ٻن کان مٿي قاسم پنهنجي سياسي ۽ ذاتي يارن دوستن کان جدا نه رهي سگهندو هو ۽ نه ئي کين وساري سگهندو هو ۽ وري اچي ايئن ملندو هو ڄڻ اڳي ڪا به بدمزگي ٿي ئي نه هجي. اها قاسم جي سياسي تربيت ۽ ديس جي ماڻهن سان محبت هئي، جنهن هن ۾ ايڏي برداشت جي قوت پيدا ڪئي هئي، جو وقتي ڪاوڙ ۽ معيارون هن کي ڪڏهن به غلط رخ ڏي وٺي نه ويون.
    هتي سنڌ ۾ خاص طور تي اسانجي ليڊرن ۾ جاگيردارانه رويو موجود آهي. هڪ سياسي پارٽي جو ليڊر ٻي سياسي پارٽي جي ليڊر سان خيال اورڻ ۽ گڏجي ڪم ڪرڻ ته ڇا پر ملڻ لاءِ به تيار ناهي. اُتي قاسم پٿر سنڌ جو اُهو واحد سياسي ورڪر هو جنهن ۾ سنڌ جي هر سياسي مڪتبه فڪر جي ماڻهو کي پنهنجائپ نظر ايندي هئي، توڙي جو سياسي حوالي کان هن جو پنهنجو نقطه نظر هو.
    سنڌ ۾ انيڪ سياسي ورڪر رهيا آهن، پر مون کي حفيظ قريشي ۽ قاسم پٿر اُنهن ۾ سدائين نمايان محسوس ٿيا آهن. انهي ڪري جو هنن سياست کي به رومانس ڪري ورتو. شايد اِهو ئي سبب هو جو جڏهن وڏا وڏا نالي وارا ليڊر به بازار ۾ پنهنجو ملهه ڪري پي وڪاڻا تڏهن به هي پنهنجي عشق سان بيٺا رهيا. پروين شاڪر جون هي سٽون مٿن ڪيڏيون نه ٺهڪي اچن ٿيون.
    جگر میں ماں ہوں
    اور اک ماں مایوس ہوجائے
    دنیا ختم ہو جائے
    ۽ اهي کرا ۽ سچا ماڻهو ڌرتي کي نيلام ڪندڙ غدارن ۽ پنهنجي حقن لاءِ نه وڙهندڙ سدا ماٺ ڪري ويٺلن ماروئڙن کي ڪڏهن ڪڏهن گاريون به ڏيئي ڪڍندا هئا.
    ڪير کڻي ڇا به چوي پر مون کي اُنهن جي گارين ۾ به سدائين محبت ۽ پنهنجائپ محسوس ٿيندي هئي ۽ دل ڇڪي حفيظ قريشي جي جلسي يا قاسم جي ماڙي تي وٺي ويندي هئي. اسان ويٺل ۽ بي همٿ ماڻهن جي ضميرن کي جنجهوڙڻ لاءِ سندن تکا ۽ کرا ٻول اوندهه ۾ لاٽ جو ڪم ڪندا هئا.
    ڊاڪٽر عبدالڪلام ڪٿي لکيو آهي ته، “خواب اُهو نه آهي جيڪو توهان ننڊ ۾ ڏسو ٿا پر خواب اُهو آهي جيڪو توهان کي سمهڻ نه ڏي”. شايد قاسم سان به اِها ئي ڪار هئي جو هن شخص ڪڏهن به آرام ڪرڻ مناسب نه سمجهيو پر ان خواب کيس سدائين چست ۽ توانا رکيو. هو آڌي مانجهي جڏهن به مون وٽ ايندو هو، هشاش بشاش لڳندو هو. ڪڏهن به مايوسي کي هن پنهنجي در تي اچڻ نه ڏنو. ٻن ٽن ڪپڙن جي جوڙن ۽ محدود پئسي ڌوڪڙ کان مٿي سندس ڪا به ضرورت ڪا نه هئي. هن پاڻ کي جيجل جي آجپي لاءِ حوالي ڪري ڇڏو هو.
    ڪمپيوٽر جي دنيا ۾ وڏو نالو ڪمائيندڙ ۽ دنيا ۾ وڌ ۾ وڌ پئسو ڪمائيندڙ بل گيٽس چوي ٿو ته، “دنيا ۾ غريب ٿي ڄمڻ ڏوهه ناهي، پر غريب ٿي مرڻ وڏو ڏوهه آهي.” آءُ ان سان سان متفق ناهيان. قاسم پٿر غربت ۾ ڄائو ۽ غربت ۾ گذاري ويو، پر هو پوءِ به هن ڌرتي جو وڏو ماڻهو آهي. يوري هائڊر جو چوڻ آهي ته “جيڪڏهن آسمان جي بلندي تائين پهچڻ چاهيو ٿا ته، زمين کان شروعات ڪريو” قاسم پٿر ڌرتي جي ڳالهه ڪئي. ڌرتي لاءِ ڪم ڪيو ۽ آڪاش جي بلندين کي پاتو. هن جو پورهيو، هن جو سياسي عمل هن کي سدائين لاءِ وڏن ماڻهن جي قطار ۾ بيهاري ٿو.


    1- ميرپوربٺوري جي پبلڪ پارڪ ۾ سال 2008ع ۾ ملهايل قاسم پٿر جي پهرين ورسي جي موقعي تي پڙهيل.
    2- روزانه سنڌ ايڪسپريس حيدرآباد ۾ 21 ڊسمبر 2014 ۾ ڇپيل


    چڱو قاسم، موڪلاڻي ڪانهي!

    (يوسف سنڌي جي لکيل ڪتاب تي تبصرو)
    سچائي اشاعت گهر پاران ڇپايل 156 صفحن تي مشتمل ليکڪ يوسف سنڌي جو ڪتاب، “چڱو قاسم، موڪلاڻي ڪانهي” منهنجي هٿن ۾ آهي. هن ڪتاب ۾ سنڌ جي ارڏي پورهيت ۽ انقلابي سوچ ۽ عمل سان واڳيل سياسي ورڪر ۽ اديب قاسم پٿر عرف پٿر سنڌي جي زندگي سان لاڳاپيل مواد موجود آهي. هن ڪتاب ۾ هڪ ئي وقت تي قاسم پٿر جي نجي زندگي، اُن سان سياسي عمل ۾ گهاريندڙ ڪامريڊن ۽ سياستدانن جو احوال، ليکڪ جون ساڻس گهاريل گهڙين جون ساروڻيون ۽ قاسم پٿر جون لکڻيون پڻ شامل ڪيون ويون آهن.
    يوسف سنڌي قاسم پٿر جي نجي، سياسي ۽ ادبي زندگي جي ڀرپور عڪاسي ڪندي، اُنجي سڀني رخن ۽ لاڙن کي اهڙي ته دلڪش ۽ خوبصورت انداز سان پيش ڪيو آهي، جو محسوس ايئن ٿو ٿئي ته ليکڪ ڄڻ ته ساڻس ايئن گڏ رهيو آهي جيئن سرير سان ساهه. قاسم پٿر جي سياسي سوچ ۽ نظريو، سياسي عمل، سماجي لڳ لاڳاپا سنڌ جي بقا، آجپي ۽ آسودگي لاءِ ڪيل ويڙهاند، هن جون تخليقي صلاحيتون ۽ ڪاوشون، مطلب ته قاسم پٿر جي زندگي جي سڀني پهلوئن تي يوسف نه صرف ڀرپور نموني سان لکيو آهي، پر اِهو چئي سگهجي ٿو ته هن قاسم پٿر جي شخصيت سان ڪافي حد تائين انصاف به ڪيو آهي ۽ سندس شخصيت جي سڀني پهلوئن کي ايمانداري سان ڪاڳر تي لاٿو اهي. پاڻ جيئن قاسم لاءِ محسوس ڪيو اٿس، لکي ڇڏيو اٿس. هو قاسم پٿر لاءِ هڪ هنڌ لکي ٿو:
    “ذاتي طور تي قاسم پٿر دلبر، بي باڪ، کليل دماغ وارو شخص هو، جنهن سان نه رڳو هر موضوع تي کلي ڳالهائي سگهبو هو، پر هو به پنهنجي خيالن ۽ راين جو اظهار ڪرڻ ۾ ڪا لڪ ڇپ نه ڪندو هو. طبيعت جي حوالي سان قاسم پٿر جي اندر ۾ ڪئين حسناڪيون هيون. هو سهڻن چهرن ۽ سونهن جو وڏو پرستار هو. شايد اُهي حسناڪيون ئي هيون جن کيس حساس لکيڪ بنايو ته کاهوڙي ورڪر به. هن نٿي چاهيو ته سنڌ جي سونهن ميري ٿئي ۽ غير فطري انداز ۾ مرجهائجي. هن چاهيو ٿي ته غريب مسڪين ماڻهن جا چهرا سدائين ٻهڪندا رهن. قاسم جي ان حسن پرستي تي آئون کيس تنگ به ڪندو هوس.”
    اسانجي ادب ۾ سوانح عمريون (Auto Biographies) تمام گهٽ لکيون ويون آهن. جيڪي لکيل به آهن ته اُنهن ۾ سواءِ هڪ اڌ کي ڇڏي، باقي اهڙيون ناهن جيڪي دلين تي هُري اچن ۽ ادب ۾ جاءِ والاري سگهيون هجن. يوسف سنڌي جو هي ڪتاب چڱو قاسم، موڪلاڻي ڪانهي! جيتوڻيڪ سوانح عمري جي زمري ۾ ڪو نه ٿو اچي. ڇاڪاڻ جو سوانح عمري پنهنجي متعلق، پاڻ پاران لکيل ڪتاب هوندو آهي. پر آئون هن ڪتاب کي انهي ڪري سوانح عمري ڪوٺيان ٿو جو قاسم پٿر به جيڪڏهن پنهنجي زندگي تي ڪتاب لکي ها ته بلڪل ايئن ئي لکي ها جيئن يوسف سنڌي لکيو آهي.
    هن ڪتاب ۾ بيان ڪيل ليکڪ جون قاسم سان گڏ گهاريل گهڙيون ۽ اُنجون ساروڻيون، قاسم پٿر جي زندگي ۾ پيش ايندڙ واقعا ۽ تبديليون، اسانجي آڏو ايئن نمايان ٿي اُڀري اچن ٿيون، جيئن نيشنل جيوگرافڪ چينل جي ڪا ڊاڪيومينٽري هجي، جيڪا اندر جي حقيقتن کي عيان ڪندي اُنجي هر پهلو کي چٽو ۽ واضح ڪندي هجي.
    يوسف سنڌي هي ڪتاب لکي نه صرف قاسم پٿر جي سياسي سماجي ۽ ادبي پورهئي جو قرض لاٿو آهي، پر اُن سان گڏ اُنهن انيڪ تاريخ ساز ورڪرن کي، جيڪي بي رحم زماني جي ذهنن تان وسري يا ميسارجي رهيا آهن، اُنهن کي به هن ڪتاب ۾ محفوظ ڪيو آهي. جن ۾ شير خان لنڊ، زٽو زنئور، سيد اڪبر شاهه، منگهن لال شرما، مامون ملاح، فتح محمد پنهور، نورالدين سرڪي، ابن حيات پنهور ۽ بيا شامل آهن.
    يوسف سنڌي جي هن ڪتاب ۾ سندس قاسم سان گهاريل گهڙين ۽ مٿس فڪر ۽ عمل يا نجي زندگي جي حوالي کان ڪيل ٽيڪا ٽپڻيون لکيڪ جا پنهنجا نجي خيال آهن. قاسم پٿر سان ذاتي تعلقات ۽ ڪنهن حد تائين ويجهو رهڻ جي ڪري جيئن مون قاسم کي سمجهيو آهي، ۽ ڄاتو آهي، آئون هن ڪتاب ۾ آيل ليکڪ جي ڪن ڳالهين ۽ راين سان سهمت ناهيان. جيئن ليکڪ جو پابندين کان آزاد ٿي پنهنجي مرضي سان لکڻ اُنجو بنيادي حق آهي، تيئن اُن جي ڪن ڳالهين سان اختلاف راءِ رکڻ منهنجو به بنيادي حق آهي. پر اُنجي باوجود به قاسم پٿر تي لکيل هي ڪتاب ڄڻ ته اُنجي ڊيلي ڊائري آهي ۽ اُن کي هڪ دفعو پڙهڻ شروع ڪرڻ کانپوءِ اڌ ۾ ڇڏڻ تي دل نٿي چوي. ٻولي. سٽاءُ ۽ جملن جي جوڙجڪ ۽ واقعن جي ترتيب اهڙي ته خوش اصلوبي سان ڏني ويئي آهي، جو اُن جو ردم ۽ ربط ڪٿي به نٿو ٽٽي. مسڪين جهان خان کوسي تي محمد بخش مجنون جي ترتيب ڏنل ڪتاب جيئان هي ڪتاب به سنڌي ادب جو شاهڪار ڪتاب ليکيو ويندو.

    روزانه سوڀ حيدرآباد جي مئگزين ۾ 23 نومبر 2014ع ۾ ڇپيل.
    ______________

    آجپي سان عشق ڪندڙ ماڻهو

    (قاسم پٿر جو پوٽريٽ بطور هڪ سياسي ورڪر)
    اڄ جڏهن روس جي ٽٽڻ (جيڪو مارڪسزم کي عقيدو قرار ڏيندڙ عقيدت پرست ڪامريڊن جي ڪار گذارين سبب ٿيو) بعد، باقي دنيا ۾ ڪميونزم جو نظريو ڪمزور ۽ قومن جي رهنمائي ۾ ناڪام نظر اچي رهيو آهي، ۽ جڏهن چين وقت ۽ حالتن جي حساب سان مائوزي تونگ جي نظرياتي محور کان هٽي ڪري، نئين دور جي تقاضائن سان پنهنجي فڪري هم آهنگي پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، تڏهن مون کي قاسم پٿر جو بنهه آزاد ۽ تقليد کان آجو سياسي موقف ۽ بحث ياد ايندو آهي. هن تي سدائين سياسي طور تي اهو الزام لڳندو رهيو ته هو لينن جو مخالف ۽ ٽراٽسڪي جو حامي هو. سنڌ ۾ انقلاب آڻڻ لاءِ ڳاڙهي ڪتاب (مائو جا نظرياتي ڪتاب) ۽ داس ڪيپيٽال (مارڪس جو ڪتاب) کي جيئن جو تيئن عملي جامو پهرائڻ جي مخالفت ڪندو هو ۽ سنڌ جي راڄوڻي روايتن ۽ سماجي بيهڪ جي انداز سان سياست ڪرڻ جو حامي هو. انهي ڪري هن تي ڪڏهن نظريي سان ڇڙواڳي ۽ سنڌي عوامي تحريڪ پارٽي پاران ضابطي جي ڀڃڪڙين ۽ آخر ۾ پارٽي سان غداري جا الزام به لڳندا رهيا. پر هن ڪڏهن به فڪري نظريي ۾ عقيدت پرستي ۽ شخصيت پرستي کي قبول نه ڪيو ۽ نه ئي عقيدتمندن جو حمايتي رهيو. هو پارٽي کي وقتي حالتن ۽ سماجي بيهڪ جي پٽاندر هلائڻ جو قائل رهيو. هو امپورٽيڊ انقلاب ۽ نظريي جو ڪڏهن به حامي نه رهيو. ان لاءِ پوءِ ڀلي هن کي گهڻي تنقيد جو نشانو بنايو ويو هجي ۽ آخر ۾ پنهنجي برپا ڪيل پارٽي کان به موڪلائڻو پيو هجي، پر هو نه ته نظرياتي عقيدت مندي جو قائل رهيو ۽ نه ئي پارٽي ۾ شخصيت پرستي جو.
    اُن وقت ۾ قاسم پٿر، پارٽي جي راءِ ۽ موقف جيان مون کي به ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن ڌر جو پارٽي اندر گسيل ايجنٽ ۽ فڪري عياش ماڻهو لڳندو هو. پر ويجهڙائي ۾ جڏهن وقت نظرين مٿان ويڙهيل عقيدت جا غلاف لاهي ڦٽا ڪيا آهن، تڏهن مون کي قاسم پٿر جو اُن وقت ۾ اختيار ڪيل موقف بلڪل چٽو ۽ صحيح نظر اچي ٿو. هن جو اُن وقت جو Vision مستقبل جي روشن آئيندي جي نشاندهي ڪري رهيو آهي ۽ اڄ سموريون انقلابي ڌارائن سان لاڳاپيل پارٽيون پنهنجي نظريي کي تقليد ۽ شخصيت پرستي جي خول مان ڪڍي، وقت، سماجي حالتن ۽ زميني حقيقتن سان ڳنڍي تبديلي آڻڻ لاءِ سرگرم آهن.
    قاسم پٿر جو سياسي ڪم ڪرڻ جو ڏانءُ هڪ عام سياسي ورڪر کان قطعي مختلف هو، جيڪو سدائين خشڪ ۽ طوطي جيان رٽيل ڪتابي ڳالهين تي زور ڏي ٿو ۽ پنهنجو نظريو ٻي تي ٿاڦڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ۽ نتيجن هن جون خشڪ ڳالهيون ماڻهن ۾ چاهه گهٽ پيدا ڪن ٿيون. اُنجي برعڪس قاسم جي سياسي ڪم ڪرڻ جو ڏانءُ اُنهن کان مختلف هو. هو جتي به ويندو هو، اُتي هڪ رشتو پيدا ڪري ايندو هو.... محبت جو رشتو ۽ اُن محبتي ڌاڳي سان هو نظريي جي مالا جوڙيندو هو ۽ سياسي ڪم کي اڳتي وڌائيندو هو. ۽ اهو ئي سبب هو جو قاسم پٿر جيڪڏهن هڪ واري ڪٿان ٿي ايندو هو ته، اُتي جا ماڻهو سندس ٻيهر اچڻ جو اوسيئڙو ڪندا هئا ۽ هن مان ڪڏهن به خفا نه ٿيندا هئا، ۽ ايئن محسوس ڪندا هئا ته هو به اُنهن جي راڄ ڀاڳ جو ڀاتي آهي.
    سماج جي روح ۾ پيوست ٿيل محبت جي ان انوکي انداز سان هو سياسي رشتا جوڙيندو هو ۽ اُنهن رشتن کي هو هڪ نئين آدرش ۽ نئين تبديلي ڏانهن وٺي وڃڻ جي ڪوشش ڪندو هو. سندس سياسي ورڪر هئڻ جي هڪ ٻي خوبي اها به هئي ته، پنهنجي مخالفن جي پڊن تان به پيرا گهمائيندو رهندو هو. اِهوئي سبب هو جو، هو اُن جا سياسي مخالف هئڻ جي باوجود به سندس ذاتي حلقي ۾ رهندي فخر محسوس ڪندا هئا. قاسم پٿر جي اِها ئي ملنساري ٻين جي راءِ جو احترام ڪرڻ جي سگهه ئي هئي، جيڪا مختلف سياسي پارٽين کي سندس اوتاري تي ڇڪي وٺي ايندي هئي. هو ڄڻ ته سنڌ جي سياسي سماجي ۽ ثقافتي رشتي ۾ هڪ پُل جي مثل هو جنهن مختلف فڪرن ۽ سوچن کي ڳنڍي سنڌ جي آجپي ۽ آئيندي لاءِ گڏيل راءِ جوڙڻ ۾ ڪردار ادا ٿي ڪيو.
    پٿر سياسي ڪم ڪندي ڪڏهن به نه ٿڪو. ارسطو چيو آهي ته Hope is waking dream (اُميد جاڳ جو خواب آهي). هن جو اُميد مان ڪڏهن به ويساهه نه ٽٽو. ڇاڪاڻ جو هن جي اُميد ٻيو ڪير به نه پر هن جي پنهنجي ڌرتي ۽ ڌرتي جي ماڻهن جي آجپي ۾ هئي. اُن جاڳندڙ خواب هن کي سدائين محبت ۽ سرور ۾ رکيو ۽ ڪڏهن به مايوس نه ڪيو. معاشي مشڪلاتون ۽ سماجي مصلحتون ڪڏهن به هن جي راهه ۾ رندڪ نه بڻيون. اقتداري مزا ۽ زماني جون عياشيون، هن جون ڪڏهن به ڪمزوريون نه بڻيون.
    عمر خيام جي چواڻي ته “پڃرو ڪيڏو به سهڻو ڇو نه هجي پر هوندو ته قيد خانو آهي.” هن جو ڌرتي جي آئيندي ۽ آجپي ۾ پختو ويساهه هو ۽ غلامي کان سخت نفرت، جنهن هن کي ڪٿي به ڀٽڪڻ ۽ پوئتي هٽڻ نه ڏنو، ۽ جيستائين سندس سرير سان ساهه جي تند جڙيل رهي، هو آدرش سان محبت جي رشتي ۾ واڳيل رهيو.
    قاسم پٿر هيٺين صفن ۾ رهندي هميشه فخر محسوس ڪيو ۽ ادنيٰ ورڪر جيان پنهنجي زندگي گذاري. جيتوڻيڪ هو هڪ تيز سياسي ورڪر هو، هن ۾ تنظيم آرگنائيز ڪرڻ جون بي انتها صلاحيتون هيون. هن جي ٻولي ۽ بياني ۾ ادبي ۽ شاعرانه خوبيون موجود هيون، پر هن تي ڪڏهن به خود پرستي جو ڀوت حاوي نه رهيو ۽ نه ڪڏهن هن ان بنياد تي پاڻ وڻائڻ ۽ پڏائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ نه ئي پنهنجي صلاحيتن ۽ قابليتن آهر حيثيت ڪليم ڪئي ۽ نه ئي ڪڏهن پاڻ کي ڪيش ڪرايائين. ڪنهن ڏاهي اهڙن ماڻهن لاءِ خوب چيو آهي ته،“ذهانت اکرن ۾ ناهي هوندي پر اُها اُنهن جي معنيٰ ۾ هوندي آهي.”
    موت هڪ معمو آهي جنهن کي اڄ تائين ڪير به حل ڪري نه سگهيو آهي. سڀان جي ڳالهه نه ٿا ڪيون، اسين مادي دنيا جا ماڻهو اُن ۾ ويساهه رکون يا نه رکون پر اِها نه چاهيندي به هڪ حقيقت آهي ته موت يقيني آهي. پر مون کي الاهجي ڇو ٻن ماڻهن جي موت تي هن وقت به يقين نه ايندو آهي ته، هو ڪو واقعي مري چڪا آهن. هڪ منهنجو ڪارڊيالاجسٽ ڪنسلٽنٽ ڊاڪٽر حق صاحب، جنهن وٽ جڏهن به پنهنجي دل جو درد کڻي وڃبو هو ته انتهائي خنده پيشاني سان ٻڌندو هو ۽ دل جو بار هلڪو ٿيندي محسوس ٿيندو هو ۽ ٻيو قاسم پٿر، جيڪو جڏهن به ملندو هو ته ڄڻ جسم ۾ نئين سري سان رت گردش ڪرڻ لڳندو هو ۽ روح انيڪ مونجهارن ۽ گهٽ ٻوسٽ مان نڪري تازي هوا ۾ موٽي ايندو هو. آخر هو ڪهڙي مٽي جو ٺهيل هو؟ جنهن تي جُڙ، هوا، موسم جي سردي گرمي ۽ زماني جا لاها چاڙها اثر نه ڪندا هئا ۽ عمر جي حدن کان بي نياز سدائين زنده دل ۽ تازو توانو رهندو هو؟ شايد ان ڪري جو هن پنهنجي آجپي کي ڌرتي جي آجپي ۽ قومن جي خوشحالي سان ڳنڍي ڇڏيو هو. ان ۾ ذري برابر جو به شڪ نه هو.
    سارو جهان اُنجو آ جنهن مسڪرائڻ سکي ورتو آ،
    روشني اُنجي آ، جنهن ديپ جلائڻ سکي ورتو آ.
    اڄ به قاسم پٿر سان گهاريل گهڙيون ۽ اُنجون يادون مون کي ميندي مثل محسوس ٿينديون آهن جيڪي سڪي وڃڻ بعد ئي پنهنجو رنگ ظاهر ڪنديون آهن.
    اهڙن کاهوڙي ۽ آجپي جي رومانس سان ڀريل ورڪر قاسم پٿر لاءِ مولانا رومي جي شاعري جون هي لسٽون خوب ٺهڪي اچن ٿيون.
    آءُ گلين ڪوچن ۾ بيڪار ڪو نه پيو ڦران،
    عشق جي لطف ۾ آهيان، يار جي ديدار ۾ پيو ڦران.


    1- ڊسمبر 2013 ۾ قاسم پٿر جي زندگيءَ تي ڪتاب: “ گوندر گس پرين جو” ۾ ڇپيل
    2- روزانه ڪاوش حيدرآباد ۾ تاريخ 15 ڊسمبر 2013 ۾ ڇيپل.


    سيد اڪبر

    تعارف
    سيد اڪبر شاهه ولد سيد الهڏنو شاهه، ادبي کيتر ۾ سيد اڪبر جي نالي سان سڃاتو ويندڙ هي ڀلوڙ اديب، سماجي ۽ سياسي ڪارڪن پهرين فيبروري 1943ع ۾ ڳوٺ در ملوڪ شاهه لڳ دڙو، ضلعو سجاول ۾ ڄائو. سيد اڪبر پرائمري تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول ڪانڌڙا جيڪو سندس ڳوٺ جي ويجهو هو، مڊل تائين تعليم گورنمينٽ اسڪول دڙو ۽ ڏهين درجي تائين تعليم (ميٽرڪ) جامعه عربيه هاءِ اسڪول حيدرآباد مان حاصل ڪئي. هن 1968ع ۾ بي اي جو امتحان فرسٽ ڪلاس ۾ سنڌ يونيورسٽي مان پاس ڪيو. سيد اڪبر جي نوڪري جي پهرين پوسٽنگ بطور پرائمري ٽيچر آگسٽ 1962ع ۾ پي سي اسڪول ميرپوربٺورو ۾ ٿي، اُن کانپوءِ هو مختلف اسڪولن ۾ به رهيو. سيد اڪبر پرائمري اُستادن جي يونين پ ٽ الف جو سرگرم ڪارڪن رهيو. هو 1972ع ۾ پ ٽ الف جو مرڪزي جنرل سيڪريٽري چونڊيو ويو. اُن کانسواءِ هو مختلف وقتن تي پ ٽ الف حيدرآباد ريجن جو صدر، ضلعي ٺٽي جو صدر به رهيو. 1978ع ۾ سرڪار نامدار هن کي سياسي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ ۽ پ ٽ الف جي ايڪٽِو ڪارڪن هئڻ ڪري سزا طور ضلعي بدر ڪري، بدين جي ڏورانهين اسڪول ۾ بدلي ڪيو. سيد اڪبر سنڌي عوامي تحريڪ جو 1968ع ۾ بنياد وجهندڙ ميمبرن مان هو، ۽ هو طبقاتي ۽ قومي سياست ۾ هڪ ورڪر جي حيثيت ۾ هميشه سرگرم رهيو. سيد اڪبر تعليم کاتي مان جنوري 2003 ۾ رٽائر ڪيو ۽ 27 جون 2003 ۾ هيپاٽائيٽس جي موذي مرض جي وگهي وفات ڪري ويو. هن کي اولاد ۾ 4 پٽ ۽ 2 نياڻيون ٿيون. سيد اڪبر جي شروع وارن سياسي اُستادن ۾ قاسم پٿر جو نالو نمايان آهي. سيد اڪبر نه صرف هڪ سياسي ورڪر هئڻ جي ناتي سياست تي سٺي ڄاڻ رکندو هو پر هن جو ادب جي کيتر ۾ به وڏو پورهيو آهي ۽ هو سنڌ جي ترقي پسند ليکڪن جي زمري ۾ ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. سندس شاعري، ڪالم، ڪهاڻيون ۽ ٻيو نثر ماهوار تحريڪ، بادل، روح رهاڻ، مهراڻ، روزانه هلال پاڪستان، عبرت، آفتاب ۽ ٻين اخبارن توڙي رسالن ۾ وقت به وقت شايع ٿيندو رهيو. سيد اڪبر جي حياتي ۾ سندس قلمي پورهيو ڪتابي شڪل ۾ ڪو نه اچي سگهيو. پر سندس وفات کانپوءِ اُنجي دوستن ۽ چاهيندڙن سندس شخصيت، شاعري ۽ نثر متعلق هيٺيان ڪتاب ڇپائي پڌرا ڪيا.
    1. لفظ ڳالهائن ٿا- مضمون جولاءِ 2004
    2. ڪرڪي ڪائي ڪونج- شاعري آگسٽ 2004
    3. سارون ۽ سنڀارون- سندس ۽ دوستن جا خط فيبروري 2005
    4. هيرن جهڙو ماڻهو- سيد اڪبر تي مختلف شخصيتن جا مضمون ۽ تاثرات. سال 2009
    _______________


    اوندهه ۾ ٻرندڙ ڏيئو

    سيد اڪبر شاهه فطرت جي بي پناهه حسناڪين ۽ انسان جي ازلي پيڙائن سان ڀرپور سنڌ جي روايتي ڳوٺن جهڙي هڪ ڳوٺ درملوڪ شاهه ۾ پهرين فيبروري 1943ع ۾ اک کولي. سندس جنم ضرور سيد گهراڻي ۾ ٿيو هو، جن جو نسل در نسل پيشو ئي وهم وسوڙيل ماڻهن کي ٽوڻن ڦيڻن، تعويذن ۽ دعائن سان شفا ڏيڻ هو. پر هن فقير منش انهن سيداڻين روايتن کان بغاوت ڪندي، لطيف سائين جي فڪر جي پوئواري ڪندي سادن ۽ اٻوجهه ماڻهن کي بيدار ڪرڻ جي راهه ورتي.
    سيد اڪبر شاهه 1962ع ۾ پرائمري استاد طور ڀرتي ٿيو. هن عام استاد جي پڙهائي جي انداز کان هٽي ڪري ٻارن کي روشن خيالي جا درس ڏنا. هن ڄاتو ٿي ته تعليم ئي صحيح معنيٰ ۾ انسان جي شخصيت، اخلاق ۽ ڪردار جي آبياري ڪري ٿي. جتي هو پنهنجي پيشي سان ايماندار رهيو، اتي هن اُستادن جي بنيادي حقن لاءِ به پاڻ پتوڙيو ۽ ڪنهن به قربانيءَ کان نه ڪيٻايو. هو پ ٽ الف (پرائمري ٽيچرس ايسوسيئيشن) جي باني ميمبرن مان هو. هو مختلف عرصن ۾ مختلف عهدن تي چونڊجي آيو ۽ 1972ع ۾ هو ايسوسيئيشن جو مرڪزي جنرل سيڪريٽري به چونڊيو ويو. استادن جي تحريڪ جي سرواڻ هئڻ ڪري سرڪار نامدار مٿس ڪئين ڀيرا ڏمرجي، ضلعي بدريءَ جا حڪم جاري ڪيا ۽ پگهار به بند ڪئي، پر هي باهمٿ شخص سدائين ثابت قدم رهيو ۽ پنهنجي مقصد تان پوئتي نه هٽيو.
    هڪ ڀلي استاد سان گڏ هو هڪ سياسي ورڪر به هو. هونئن ته هن جي سياسي تربيت ۾ کوڙ سارن ماڻهن جو هٿ هو، پر هن جي اوائلي سياسي تربيت ۾ قاسم پٿر جو وڏو ڪردار هو، جيڪو ان وقت سنڌ جو ڄاتل سڃاتل پورهيت سياست ڪندڙ ارڏو ڪارڪن هو. هن مسڪين ماروئڙن جي آسوند ۽ آجپي جو خيال سيني ۾ سانڍي پنهنجي اوائلي سياست جي شروعات سنڌي عوامي تحريڪ جي پليٽ فارم تان ڪئي. هن جو ڌرتي ۽ اُن تي وسندڙ انسانن جي آزاديءَ ۾ ڪامل يقين هو. هن ڄاتو ٿي ته آزادي جو پنڌ اڻانگو ۽ اوکو ضرور آهي، پر اُن کان وڌيڪ محفوظ ٻي ڪا شئي ٿي به نٿي سگهي. هو پارٽيءَ ۾ هڪ مخلص ۽ اهم ورڪر جي حيثيت ۾ سڃاتو ويندو هو. تنظيمي ڪم ڪار هجي يا نظرياتي ڪلاس ۽ بحث مباحثا. سندس راءِ سدائين وزندار هوندي هئي ۽ هن جي پنهنجي هڪ الڳ شناخت هئي. کل ڀوڳ ۽ مذاق مذاق ۾ به هو وڏي ڏانءَ ۽ ذهانت جي ڳالهه ڪري ويندو هو ۽ هن جو خوبصورت لفظن جي جڙاءَ ۽ نظريي جي ڄاڻ سان ڀرپور ليڪچر ماڻهن کي پاڻ ڏي ڇڪي وٺندو هو ۽ سياسي طور پاڻ ڏي قائل ڪري وٺندو هو. سندس ڪامل يقين هو ته نابرابري ختم ڪرڻ سان ئي سماج مان انساني فطرت جون سڀ برايون ختم ٿي سگهنديون. سياسي عمل دوران هن سڀني مڪتبه فڪرن کي پڙهڻ ۽ سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي. پر سندس سوچ، فڪر ۽ عمل جو محور رڳو ئي رڳو سنڌ هئي، اهو ئي سبب هو جو جڏهن سنڌي عوامي تحريڪ پنهنجي پارٽي جي نالي مان سنڌي لفظ هٽايو ته هو ان کي خيرآباد چئي آيو.
    سيد اڪبر شاهه طبقاتي سماج جي خلاف جنگ جوٽيندڙ هڪ بهترين سياسي ورڪر سان گڏ، شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي بيتن جو پارکو به هو. لطيف جو فڪر ۽ شاعري ۽ ان جي خوبصورت انداز ۾ ادائيگي ڪو کائنس سکي. هن لطيف کي تنگ نظر بنياد پرستن جي اختيار ڪيل هٿ ٺوڪئي فڪر مان ڪڍي ان جي فطري سونهن ۽ جديد خيال کي عام ماڻهن ۾ روشناس ڪرائڻ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. ان مد ۾ هن ڪيترائي ليڪچر ڏنا ۽ مختلف تنظيمن طرفان بحث مباحثا ۽ سيمينار رکرايا.
    سيد اڪبر شاهه جي شخصيت جا ٻيا به ڪيترائي پاسا هئا. هو يارن جو يار هو. خوش مزاج ۽ وڏو چرچائي هو. پر منهنجي نظر ۾ هو ادبي حوالي کان قدآور شخصيت جو مالڪ هو. هن ادب جي کيتر ۾ ڪجهه ڪهاڻيون ۽ مضمون لکيا، پر هن سڀ کان وڌيڪ سڃاڻپ شاعري ۽ خطن ذريعي ماڻي، جيڪي هن مختلف وقتن تي مختلف دوستن کي ملڪ جي سماجي ۽ سياسي حالتن تي لکيا ۽ ساڳئي وقت انهن خطن ۾ ادب جي حوالي کان نوان بحث به ڇيڙيا. جيتوڻيڪ سندس خطن ۾ آيل موضوعن خيالن ۽ هن جي سياست سان اختلاف راءِ رکي سگهجي ٿو، پر انهن خطن جي سٽاءُ، ٻولي، بيهڪ ۽ مشاهدو ليکڪ کي ادب جي کيتر ۾ نمايان ڪري بيهاري ٿو، هن جا رسول بخش درس، شير خان لنڊ، قادر بخش طالباڻي، رسول بخش پليجو، يوسف ڪيڙانو، اسماعيل سوهو ۽ ٻين دوستن ۽ سياسي ڪارڪن ڏانهن لکيل خط جتي انساني جذبن، احساسن ۽ ڌرتيءَ جي دردن جي ڪٿا ٻڌائين ٿا، ته ساڳئي وقت اهي ليکڪ جي اندر جي اڌمن ۽ انسان جي روشني آئيندي جي واضح تصور جي ڀرپور عڪاسي پڻ ڪن ٿا.
    عظيم ڏاهو تنگ فائو چوي ٿو ته، “جيڪڏهن توهان دنيا کي پنهنجي ميز تي ڏسڻ چاهيو ٿا ته، مطالعي ۾ مصروف ٿي وڃو.” سيد اڪبر شاهه جا ادبي، سماجي ۽ سياسي موضوعن تي لکيل خط صاف ظاهر ڪن ٿا ته سندس گهرو مطالعو ڪيل هو.
    سيد اڪبر شاهه شاعريءَ جي ميدان ۾ به پاڻ ملهايو. هو ان وقت جي سڀني نڪرندڙ رسالن ۽ اخبارن جهڙوڪ مهراڻ، هلال پاڪستان، تحريڪ، بادل، روح رهاڻ وغيره ۾ ڇپجندو رهيو، سندس شاعريءَ جا خاص موضوع ماروئڙا جهانگيئڙا، انقلاب ۽ پيار محبت هئا. سيد اڪبر شاهه جي شاعري ۾ جمالياتي ذوق، گهرو مشاهدو ۽ ٻوليءَ جي سادگي ۽ سونهن ايئن سمايل آهي، جيئن وشال وادين تي چانڊوڪيءَ جي چادر وڇايل هوندي آهي. مثال طور سندس شاعريءَ جون هي سٽون پڙهي ڏسو:
    جهانگياڻي اٿ ڀر تون جهول،
    مڪ پٽڻ جي مند اچي ويئي،
    پٽي پنهواري پاپي ويندا
    رلي آيا جي رول،
    مڪ پٽڻ جي مند اچي ويئي.
    يا وري-
    تن ۾ تنهنجي تار ڪبوتر،
    اڏري اچ تون يار ڪبوتر.
    آءُ ته توتان گهوريان آئون،
    سارو هي سنسار ڪبوتر.
    لهندا هي سارا تون جي ايندين،
    اڪبر جا آزار ڪبوتر.
    ڪنفيوش جي چواڻي، “گيت دماغن کي بلندين ڏانهن وٺي ويندا آهن.” اها ڪلا ئي آهي، جيڪا ادبي کيتر ۾ سندس سڃاڻپ بڻيل آهي. سندس وفات کانپوءِ سندس نثر ۽ شاعري ۽ شخصيت تي هيٺيان ڪتاب مارڪيٽ ۾ اچي چڪا آهن:
    1- لفظ ڳالهائين ٿا. 2- ڪرڪي ڪائي ڪونج. 3- سارون ۽ سنڀارون. 4- هيرن جهڙو ماڻهو.
    سيد اڪبر شاهه پنهنجي نجي، سماجي ۽ سياسي زندگيءَ ۾ کوڙ سارا لاها چاڙها ۽ تڪليفون ڏٺيون. هن بٺوري شهر کي ويٽنام بڻجندي به ڏٺو، ته روس جي اشتراڪي انقلاب جو سج لهندي به ڏٺو. هن پنهنجي دور جي انقلابي دوستن کي اين جي اوز ۾ ڪئش ڪرائيندي به ڏٺو ته وڏيرن جي بند ٿيل اوطاقن کي کولرائيندي ۽ انهن ۾ حاضري ڀريندي به ڏٺو. پر هي شخص پنهنجي دل جي سوچ سان گڏ بيٺل رهيو، پر انسان جي دل به آخر ڪيترو بار کڻندي.
    مت پوچھ ضبط کی کس راہ سے گذرے
    یہ سوچ کہ تم پر کوئی الزام نہ آئے
    فیض
    هڪ ديس جو درد، ٻيو دل جو درد. هن ان جو حل به ڳولي لڌو هو ۽ پوءِ هڪ اڻ دکيل سگريٽ سدائين هن جي هٿن ۾ هوندو هو. ان کي پنهنجي چپن تائين آڻيندي ڄڻ پنهنجي محبوبه جو ڇهاءُ محسوس ڪندو هو، جنهن کي ظالم سماج جي رواجن ۽ رڪاوٽن سبب هو ماڻي نه سگهيو هو ۽ نئين سر نئين روح سان، پاڻ کي آٿت ڏيندي ۽ مطمئن ڪندي زندگيءَ جي سلسلي کي روان دوان رکيو ايندو هو، ۽ ڪڏهن به پاڻ تي مايوسيءَ جا ڪڪر ڇائنجڻ نه ڏيندو هو ۽ حال آهر پنهنجو فڪري سفر کي جاري رکيو ايندو هو.
    وقت انهن لاءِ ڊگهو آهي،
    جيڪي سوڳوار آهن.
    پر وقت انهن لاءِ جاودان آهي،
    جيڪي محبت ڪن ٿا. (گمنام شاعر)
    زندگيءَ جي آخري ايامن ۾ هو ڪاري ڪامڻ ۾ وٺجي ويو ۽ پوءِ 27 جون 2003ع تي سدائين لاءِ جسم جي قيد مان آزاد ٿي ويو. ماڻهو ٻيو جنم وٺڻ جي خواهش رکي، وري زندهه رهڻ چاهيندا آهن، پر مان سمجهان ٿو ته ڪلا، ڪلاڪار کي هر دور ۾ زندهه رکي ٿي. ان لاءِ ٻيو جنم وٺڻ ضروري ناهي. اهڙن ئي اڻمٽ ڪردارن لاءِ رومي جي شاعريءَ جا هي لفظ ٺهڪي ٿا اچن:
    غروب ئي نه ٿياسين، جو اڀري پياسين.

    روزانه سنڌ ايڪسپريس حيدرآباد ۾ 1 فيبروري 2015 تي ڇپيل.


    نٿومل مورواڻي

    تعارف
    نالو نٿومل والد جو نالو منگلداس ذات لهاڻو عام طور نٿومل مورواڻي جي نالي سان مشهور، پهرين مارچ 1945 ۾ کوسا ڳوٺ لڳ ڏيهي شريف تعلقي تنڊي باگي ۾ ڄائو. سندس والد 1947ع ۾ کوسا ڳوٺ مان لڏي ٽندوباگو ۾ رهائش اختيار ڪئي. نٿومل مورواڻي پرائمري تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول ٽنڊوباگو ۽ ميٽرڪ مير غلام محمد خان ٽالپر گورنمينٽ هاءِ اسڪول ٽنڊوباگو (هاڻي هائير سيڪنڊري اسڪول) مان ڪئي.
    هن نوڪري جي شروعات بطور جونيئر اسڪول ٽيچر جي 27 نومبر 1962ع ۾ امن آباد جي مڊل اسڪول کان 110 رپيه پگهار تي ڪئي. هن امن آباد کان پوءِ نصرپور ۽ پوءِ مير غلام محمد خان ٽالپر هاءِ اسڪول ٽنڊو باگو ۾، بحيثيت اُستاد تعليمي خدمتون سرانجام ڏنيون. آخري وقت ۾ هو اسڪول جو انچارج هيڊماستر ٿي رهيو. نوڪري دوران هن سنڌ يونيورسٽي مان ايم اي ۽ ايم ايڊ جون ڊگريون پڻ حاصل ڪيون. سائين نٿومل هڪ سٺو اُستاد ته هوئي، پر اُن سان گڏ هڪ سماجي ۽ ادبي ڪارڪن به هو. هو سنڌ گريجوئيٽ ايسوسيئيشن شاخ ٽنڊوباگو جو باني ميمبر ۽ تاحيات سيڪريٽري رهيو. ساڳئي وقت سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊوباگو ۽ اولڊ بوائز ائسوسيئيشن ٽنڊوباگو جو باني ميمبر ۽ تاحيات سيڪريٽري جنرل به رهيو. نٿومل مورواڻي شاعري کان علاوه ڪيتريون ئي ڪهاڻيون ۽ مضمون پڻ لکيا. سگا جي پليٽ فارم تان هن مفت اکين جي ڪئمپ لڳرائي ۽ ادبي سنگت جي پليٽ فارم تان هن کوڙ سارا ادبي ليڪچر ڪرايا ۽ اديبن سان شامون ملهايون. اولڊ بوائز ائسوسيئيشن جي پليٽ فارم تان هو مير غلام محمد خان ٽالپر جي هر سال ورسي ملهائڻ ۾ سرگرم رهندو هو ۽ هن اسڪول جي عمارت کي محفوظ ڪرڻ لاءِ سنگت جي سهڪار سان ڊگهي ۽ اوچي چوديواري پڻ ڏياري. هو اسٽيج جو هميشه روح روان رهيو ۽ اسٽيج سيڪريٽري طور اڄ به هن جي لفظن جي ادائيگي ۽ انداز ماڻهن جي دلين ۾ محفوظ ٿيل آهي. نٿومل مورواڻي 15 ڊسمبر 1988ع ۾ فقط 43 ورهين جي قليل عمر ۾ دل جي دوري سبب وفات ڪري ويو.
    ***


    اڃا رڃ مان رڙ اچي پئي اچي پئي

    هي شهر(ٽنڊو باگو) به سنڌ جي ٻين شهرن وانگر هميشه جيان اُجڙيل، رستا ويران، اونداهيون گليون، زندگي يڪسانيت جو شڪار، ڪڏهن ڪڏهن ته وجود جو احساس به نه ٿيندو، بلڪل شيخ اياز جي هن شعر جي مصداق:
    اسارا اسارا ڪينجهر جا ڪنارا،
    تماچي نه تڙتي نه گنڌري گذارا.
    ۽ پوءِ اُن سانت کي ٽوڙيندو، مست سنڌو جي ڇولين جيان گجڪار ڪندو، مورواڻي نٿومل جو آواز اسٽيج تي گونجندو:
    اڃان رڃ مان رڙ اچي پئي اچي پئي،
    متان ايئن سمجهين، مئا مور سارا.
    تڏهن لڳندو آهي ته هي شهر اُجڙيل ناهي. خليفي نبي بخش جي ڌرتي سنڍ ناهي. ڪوئل جي ڪوڪ ۽ ڀونئرن جي ڀوُن ڀُون ۾ اڃان به مڌر سر آلاپجن ٿا. انڊلٺي رنگن ۾ اڄ به اُها ئي ڪشش موجود آهي. ماڻهو جو وجود رات جي پيٽ ۾ گم ٿي نٿو سگهي. زندگي يڪسانيت جو شڪار ناهي ٿيڻي بلڪه انيڪ جواهرن ۽ اسرارن سان نت نئين روز موهي ٿي.
    سُرن ۽ سرهاڻ سان ڀريل هي آواز، اسٽيج تي ڄڻ ڪنور ڀڳت جي آلاپ جيان لڳندو هو. جنهن کي ٻڌڻ لاءِ ماڻهو هڪ پل لاءِ جتي به هوندا هئا، ساڪن ٿي ويندا هئا.
    محفل ڪهڙي به هجي، سماجي فنڪشن هجي يا ادبي پروگرام، اولڊ بوائز ائسوسيئيشن جي حوالي سان ڪو ڪاڄ هجي يا سگا جو پليٽ فارم، هي ماڻهو سڀ کان اڳيان. ورڪر به پاڻ ته ڪاڄ ڌڻي به پاڻ، مهمان خاص يا محفل جو مور ڪير به هجي، پر باسندو ايئن ته ڄڻ پاڻ ئي محفل جو مور هجي. اها محفل بنهه ڇسي باسندي هئي، بلڪه ٿي ئي نه سگهندي هئي، جنهن ۾ مورواڻي جو وجود نه هوندو هو.
    هڪ بي ريا ۽ ذهين استاد- سنڌ جي هن قديم تاريخي اسڪول کي مسافر کانپوءِ، شايد ئي اهڙو لائق ۽ ڀلوڙ اُستاد مليو هجي.
    ادب ۽ شاعري جي حوالي کان جيتوڻيڪ سندس قدبت ايڏو وڏو نه هو، يا ايئن کڻي چئجي ته هو اُنهن چند ناليرن شاعرن مان نه هو. سندس شاعري اڪثر عام رواجي ۽ روايتي قسم جي هوندي هئي. سنگت جي تنقيدي نشستن ۾ سندس سادي ۽ سلوڻي شاعري تي ٿيندڙ تنقيد کي، هو پاڻ نه فقط وڏي دل گردي سان ٻڌندو هو، پر قبول به ڪندو هو. سنڌي ادبي سنگت جي ڪارروائي هلائڻ ته ڪو کائنس سکي.
    مختلف نقطه نظر رکندڙ سڀني دوستن کي گڏي کڻي هلندڙ ۽ اُنهن کي ڳنڍي رکڻ ۾ هو اڪيلي سر مڪمل رابطه ڪائونسل هو. نه فقط ايترو، پر ساڻس اختلاف راءِ رکندڙ ماڻهو به سندس شيدائي هوندا هئا. ڪير به هڪ دفعو ساڻس مليو ئي ناهي، سندس قرب ۾ قابو ٿيو ناهي. سندس شخصيت جون جيتوڻيڪ ڪافي گهڻ پاسيون خوبيون هيون، پر پوءِ به اها سندس بدقسمتي چئجي يا اسانجي، جو اُنجي باوجود به نه ته ڪو کيس جيئري خراج پيش ڪري سگهيو ۽ نه ئي موئي پڄاڻان اُهو مان ڏيئي سگهيو. کيس هتي جو مسڪين جهان خان کوسو چئي سگهجي ٿو، پر کيس متعارف ڪرائڻ لاءِ اسان مان ڪو به محمد بخش مجنون پيدا نه ٿي سگهيو. ضمير جي عدالت ۾ جڏهن ماڻهو پاڻ جوابدار هجي ته، ڪنهن کي ويهي منصف ٺاهجي ۽ ڪهڙي ويئي سزا تجويز ڪجي.
    باگي واهه جي ڪنڌي تي اڏيل سنڌ راڻي جي سونهن ۽ سرهاڻ سان رچيل شهر، ۽ خليفي نبي بخش جي خطي جي ساڳي مٽي مان جنم وٺندڙ، دلبر دودي جي ديس جو هي رهواسي، ڀاڳو ڀان جيان مڌر ڪلا ماڻيندڙ انسان جنهن سان نيٺ دل دوکو ڪيو ۽ هو ڦوهه جواني ۾ اڻ پوريون آسون ۽ اڻ سامايل سپنا کڻي هميشه لاءِ اسان کان هليو ويو.
    هن سدا مرڪندڙ انسان لاءِ ڪنهن ٿي ڀانيو ته، سندس اندر اڌ ٿيل آهي؟ ٻين کي خوشيون ۽ ٽهڪ آڇيندڙ انسان لاءِ ڪنهن ٿي سمجهيو ته سندس رونءَ رونءَ درد ۽ پيڙا سان پُر آهي.
    شايد اها پيڙاهن ڌرتي تي جنم وٺندڙ هر ڏات ڌڻي ۽ جينيس انسان سان تسين رهندي، جيسين هن ڌرتي تان ڏک ڏولاوا ۽ ڏوجهرا ختم نٿا ٿين، جيستائين سنڌو جو سينو ڪالاباغ ڊيم ۽ ڇانوڻين کان آجو نٿو ٿئي، جيستائين ڌاريان ۽ ڌاڙيل نٿا تڙجن، جيستائين هن ڌرتي جو چپو چپو امن ۽ پيار سان پُر نٿو ٿئي ۽ اُهو پيار هن پوري عالم کي پنهنجي ڀاڪر ۾ نٿو ڀري.
    منهنجا هي ڊائري جا ورق کيس هميشه وڻندا هئا ۽ پاڻ نجي توڙي ادبي محفلن ۾ هميشه اُنهن جو ذڪر ڪندو هو:
    “گل اُنهن تي چاڙهبا آهن جن ۾ پنهنجي خوشبوءِ ناهي هوندي. منهنجي خوشبوءِ ته هر ڏس واسيل آهي. تنهن ڪري او منهنجا محبوب! منهنجي قبر تي گل نه چاڙهجانءِ.”
    مون هي سٽون مورواڻي لاءِ ڪو نه رچيون هيون. پر اڄ اُن کي ڏات جو هڪ معجزو ئي چئجي، جو هي سٽون هڪ ڏات ڌڻي جون جيڪو حال حيات هن ڌرتي جو رهواسي آهي، ٻئي ڏات ڌڻي لاءِ جيڪو هن پار هليو ويو آهي، ساڻس گفتگو ۽ ڳانڍاپي جو ذريعو ٿي پيون آهن ۽ شايد اهو ئي هڪ تسلسل آهي. تڏهن ته مان چوان ٿو ته، موت جيتوڻيڪ اٽل آهي پر موت اُها شڪتي ناهي جيڪا ڏات ڌڻي جو هن ڌرتي تان وجود ميساري سگهي. آءُ سمجهان ٿو ته منهنجي هن ڳالهه جي گواهي هي هيڏي ساري رچايل محفل به ڏيندي جنهن ۾ مرواڻي جو آواز اڄ به گونجي پيو:
    اڃان رڃ مان رڙ اچي پئي اچي پئي،
    متان ايئن سمجهين مئا مور سارا.

    1- 26 ڊسمبر 1991ع تي ٽنڊي باگي ۾ آنجهاني نٿومل مورواڻي جي ملهايل ورسي جي موقعي تي پڙهيل.
    2- روزاني عوامي آواز (9 جون 1992) ۾ ڇپيل.
    3- عبرت مئگزين جي پهرين آڪٽوبر 1996ع جي پرچي ۾ ڇپيل.

    نٿومل مورواڻي جو خاڪو

    لاڙ جو بدين ضلعو جتي صوفي منش مخدوم محمد زمان لنواري واري جي آخري آرام گاهه آهي. هن ئي خطي ۾ سنڌ ڌرتي جي آزادي جي ويڙهه وڙهندڙ شهيد دودي سومرو خاڪ پاڪ ۾ دفن ٿيل آهي، جنهن جي نالي کان اڄ به ڌرتي جا غدار ڪنڀن ٿا ۽ گهري ننڍ مان ڇرڪ ڀري اُٿن ٿا هن ئي ڀلاري ڀونءِ ۾ ڪيڏاري کي سرجيندڙ خليفو نبي بخش ۽ ٻاتڙن ٻولن جو شاعر محمد صديق مسافر ابدي ننڍ ستل آهن. هن ئي خطي ۾ سنڌ جو سگهڙ ۽ لطيف جو شيدائي محمد طالب لوهار ۽ ميرن جي مور مير غلام محمد خان ٽالپر جو مقبرو آهي، جنهن علم وسيلي جهالت خلاف جنگ جهوٽي.
    انهن عظيم ۽ مهان هستين جي ساڳي سدا سهاڳڻ مٽي مان، هڪ اهڙي انسان به جنم ورتو جنهن جا ٻول ا ڄ به هتي جي ديس واسين جي روح ۾ رچيل آهن. اُهو ڀلوڙ انسان ٻيو ڪير نه، پر لاڙ جو لاڏلو سائين نٿومل مورواڻي جن هئا.
    سائين نٿومل مورواڻي پهرين مارچ 1945ع عيسوي ۾ کوسا ڳوٺ لڳ ڏيهي شريف تعلقي ٽنڊي باگي ۾ ڄائو. سندس وڏڙا 1947ع کانپوءِ ٽنڊي باگي لڏي آيا. سائين نٿومل مورواڻي ابتدائي تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول ۾ ورتي ۽ ميٽرڪ مير غلام محمد خان ٽالپر هاءِ اسڪول مان پاس ڪيائين. پاڻ نوڪري جي شروعات بحيثيت اُستاد جي 27 نومبر 1962ع ۾ امن آباد اسڪول کان 110 رپيه پگهار تي شروع ڪيائون.
    هڪ لائق ۽ ڀلي اُستاد جي حيثيت ۾ پاڻ سدائين شاگردن جي دلين تي راڄ ڪندا هئا. اُستاد جي حيثيت ۾ هن امن آباد کانپوءِ نصرپور ۽ اُن کانپوءِ آخري وقت تائين مير غلام محمد خان ٽالپر هاءِ اسڪول ٽنڊوباگو ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون. اُن دوران پنهنجي تعليم به جاري رکيائون ۽ سنڌ يونيورسٽي مان سنڌي ۾ ايم اي ۽ ايم ايڊ جون ڊگريون پڻ حاصل ڪيائون.
    سٺي اُستاد هئڻ جي ناتي پاڻ سدائين شاگردن جي مفاد کي اوليت ڏنائون ۽ اُنهن جي تربيت تي زور ڏنائون. آخري وقت ۾ پاڻ اسڪول جا انچارج هيڊ ماستر ٿي رهيا. اسڪول ۾ مختلف ڏهاڙن تي ڪرايل فنڪشن، اسڪائوٽ جي حيثيت ۾ ڪرايل ٽوئر ۽ اسڪول کي ڏياريل چوديواري اڄ به سندس ياد تازي ڪري ٿي.
    سائين نٿومل مورواڻي تعليمي سرگرمين سان گڏ سماجي سرگرمين جو پڻ روح روان هوندو هو. اسٽيج تي ايندو هو ته ماڻهن جي دلين تي ڇائنجي ويندو هو. پاڻ اولڊ بوائز ايسوسيئيشن مير غلام محمد خان ٽالپر هاءِ اسڪول ٽنڊوباگو جي باني ميمبرن مان هو ۽ مرڻ گهڙي تائين اُنجو سيڪريٽري جنرل ٿي رهيو. اولڊ بوائز ايسوسيئيشن جي پليٽ فارم تان هر سال مير غلام محمد خان ٽالپر جي ورسي جو اهتمام ڪندا هئا. سندس ئي دور ۾ مير صاحب جي زندگي تي هڪ ڪتاب ڇپيو، جنهن کي راقم الحروف (ڀوَن سنڌي)ترتيب ڏنو ۽ مير صاحب جي مزار مٿان چوڪنڊي جي اڏاوت ٿي. سگا جي پليٽ فارم تان سندس خدمتون هميشه ياد رهنديون. هو سگا ٽنڊوباگو شاخ جو پايو وجهندڙن مان هو ۽ اُنجو تاحيات سيڪريٽري جنرل به رهيو. بدين ۾ سگا طرفان لڳايل اکين جي ڪيمپ ۾ سندس ڪيل خدمتون اڄ به ماڻهن کي ياد آهن.
    نٿومل مرواڻي هڪ سٺو شاعر ۽ اديب پڻ هو. هن ڪيترائي شعر، مضمون، تاٿر ۽ ڪهاڻيون پڻ لکيون.ا لبته سندس شايع ٿيل مواد تمام گهٽ آهي. هو ادب جو شيدائي هو. جنهنجو مثال سنڌي ادبي سنگت جي پليٽ فارم تان ڪيل خدمتون آهن پاڻ سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊوباگو جو باني ميمبر هو ۽ تاحيات اُنجو سيڪريٽري ٿي رهيو. سندس ئي دور ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊوباگو سڄي سنڌ جي ادبي سنگتن جي شاخن ۾ بهترين ڪارڪردگي ڏيکاري پهريون نمبر کنيو ۽ سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊوباگو کي سال 1987ع جو بهترين شاخ جو ايوارڊ ڏنو ويو.
    پاڻ سنڌي ادبي سنگت جي پليٽ فارم تان کوڙ سارا پروگرام ڪرايائون، جن ۾ نوجوان شاعر ڀوَن سنڌي (راقم الحروف) سان رهاڻ، “سنڌي ادب ۾ ڪتابن جي وڪري جو مسئلو تي نثار حسيني کان ليڪچر، سماج ۾ اديب جو ڪردار تي فقير محمد لاشاري کان ليڪچر، “ادب جو سماجي ڪارج” تي ڪامريڊ روچيرام کان ليڪچر ۽ “سُرڪا موڏ” تي تحقيقي ويهڪ قابل ذڪر آهن.
    سڀني کي ڀائيندڙ ۽ سدا مرڪندڙ هي انسان، جنهن جي ذاتي دوستي جي حلقي ۾ هر مڪتبه فڪر جا ماڻهو شامل هوندا هئا ۽ هر ڪوئي کيس پنهنجو سمجهندو هو، سو صوفي منش انسان 43 ورهين جي ڦوهه جواني ۾ 15 ڊسمبر 1988ع تي اوچتو ئي اوچتو دل بند ٿيڻ سبب پنهنجن پيارن کي هميشه لاءِ ڇڏي ابد ڏي راهي ٿيو. سندس جنازي ۾ سندس چاهيندڙن جو هڪ ڊگهو قافلو شامل هو. هر ڪا اک آلي هئي. هرڪو خليفي نبي بخش جي ڪيڏاري جيان سراپا ماتم ڪده هو. باگي واهه جي ڪنڌي تي جتي سنڌ راڻي جي پيار جو داستان ڦليو ڦوليو، جتي سندس سونهن ۽ سرهاڻ واسيل آهي، اُتي سندس ارٿي کي آڳ جي نذر ڪيو ويو ۽ سندس خاڪ پاڪ هن دلبر ديس جي پوتر خاڪ سان ملي امر ٿي ويئي.
    ههڙا مانجهي مرڻا ناهن،
    ويس مٽائي ورڻا آهن.


    1. 26 ڊسمبر 1991ع تي ملهايل آنجهاني نٿومل مورواڻي جي ورسي جي وڊيو مووي لاءِ لکيل هي اسڪرپٽ. ڊاڪٽر شبنم اعجاز خواجه جي آواز ۾ رڪارڊ ڪيو ويو.
    2. اخبار ڪاوش پهرين مارچ 2013 ۾ ڇپيل


    ساحر پريمي

    تعارف
    سنڌ جي هن سدا ملوڪ اديب جو اصل نالو غلام حسين والد جو نالو شفيع محمد ۽ ذات جو خواجه هو، ۽ ادبي کيتر ۾ ساحر پريمي جي نالي سان سڃاتو ويو. هن جو اصل ڳوٺ ميرپوربٺورو هو ۽ جنم سال 1952ع جي جنوري مهيني ۾ سول اسپتال سجاول ۾ ٿيو. پرائمري تعليم ميرپوربٺوري ۽ سيڪنڊري تعليم عبدالله هارون اسڪول نئون آباد مان حاصل ڪيائين. بيچلرس ۽ ماسٽرس ڊگري ڪراچي يونيورسٽي مان حاصل ڪيائين. ميٽرڪ جي پڙهائي دوران هن گهر جون ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ ڪراچي جي مختلف ڪارخانن ۾ ڪم به ڪيو. ميٽرڪ پاس ڪرڻ کانپوءِ هن حبيب بينڪ جي هيڊ آفيس ڪراچي کان ڪلرڪ طور نوڪري جي شروعات ڪئي. نوڪري دوران هن جي پوسٽنگ حيدرآباد، ٺٽو، تنڊو آدم، سکر، ڪوئيٽا، بدين ۽ ٻين شهرن ۾ به رهي ۽ سندس زندگي جو آخري وارو عرصو حبيب بينڪ تلهار ۾ ملازمت ڪندي گذريو. هن نوڪري دوران بينڪنگ جا مختلف ڪورس ڪيا ۽ ڪلارڪ کان ترقي ڪري آفيسر ڪيڊر ۾ گريڊ ون تائين پهتو. اولاد ۾ کيس ٻه پٽ نالي دودو (ڊاڪٽر) ۽ سارنگ (بينڪ مئنيجر) ٿيا ۽ چار نياڻيون هر هڪ سنڌو (ڊاڪٽر) زينت (پوليس آفيسر) ماروي (ڊاڪٽر) ۽ پرڀات (ڊاڪٽر) پيدا ٿيون، سندس گهرواري حال حيات آهي.
    ساحر پريمي کي ڪتابن پڙهڻ ۽ خريد ڪرڻ جو شوقين هوندو هو. سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻين ۽ ادبي ميڙاڪن ۾ ڀرپور شرڪت ڪندو هو. هو جتي به رهيو اُتي هن ذاتي ۽ ادبي دوستن جو وڏو حلقو ٺاهي رکيو. دوستن لاءِ سندس مهمان خانو هر وقت جاري ۽ ساري رهيو. هڪ ڀيرو راقمرالحروف به پنهنجن دوستن سان گڏ ٺٽي ۾ سندس پرتڪلف مهمان نوازي جو مزو ماڻي چڪو آهي. هونئن ته هن جي نجي دوستن جي ڊگهي لسٽ هئي پر اُنهن دوستن ۾ غلام حسين رنگريز، تاج بلوچ ۽ ڪيهر شوڪت نمايان رهيا. هو جتي شيخ اياز جي شاعري جو پرستار هو ته اُتي موسيقي جي ذوق جي حوالي کان رئيس ڪريم بخش نظاماڻي جو به شيدائي هو ۽ اها ئي ڇڪ کيس ڪينجهر ۽ ٻين هنڌن تي موسيقي جا پروگرام ڪرڻ لاءِ اُتساهيندي هئي.
    ساحر پريمي ٿورو ئي لکيو، پر هن ادب جي ڪافي صنفن تي طبع آزمائي ڪئي. هن جي لکڻين ۾ تاثر، مضمون، ڪهاڻيون ۽ شاعري شامل آهن. هن جون لکڻيون پنهنجي وقت ۾ مختلف رسالن ۾ ڇپبيون رهيون، پر سندس لکڻين جو باقائدي ڪتاب جيون اڌوري ڪهاڻي جي نالي سان سندس حياتي کانپوءِ غلام حسين رنگريز ۽ سندس ٻين دوستن جي سهڪار سان سندس پهرين ورسي تي ڇپائي پڌرو ڪيو ويو.
    انتهائي حسن پرست، خوبرو، يارن جي يار ۽ ڪومل ۽ نفيس جذبن کي من ۾ سانڍي کڻي هلندڙ هن يار، خبر ناهي ڇو زندگي جي سدا بهارجوڀن کان اُڪتائجي 20 آڪٽوبر 1992ع تي خودڪشي ڪري ڇڏي؟ سندس خودڪشي، جتي سندس رشتيدارن، چاهيندڙن ۽ دوستن يارن جي وڏي حلقي کي غم ۾ مبتلا ڪري ويئي اُتي ڪلاجي کيتر ۾ هڪ وڏو سوال ڇڏي وئي ته، زندگي جي حسناڪين سان پيار ڪندڙ ۽ سماج جي آجپي ۽ آئيندي لاءِ سهڻا خواب سرچيندڙ، جينيئس ماڻهو آخر ڇو پنهنجي جيون جي تند ايئن ڪٽي ڇڏين ٿا؟
    ***


    جيون اڌوري ڪهاڻي

    هاڻ سانوڻ جي منڌ به موڪلائي چڪي آهي. اُجهاڻل کيتن ۾ بوند به نه برسي آهي، جنهن سان وشال ڌرتي جو سينو سائو ٿئي. مٿان وري بڊي جي ڪاڙهن من اندر جي مانڌ کي اڃا به وڌائي ڇڏيو آهي ۽ اندر ۾ جلندڙ آڳ لاءِ تيل جو ڪم ڪيو آهي. جيئن جيئن وقت گذرندو ٿو وڃي، هُن جو اندر ڀرندو ٿو وڃي. هاڻ ته ڏينهن به ننڍا ٿيندا ٿا وڃن ۽ راتيون وڏيون. ڏينهن جنهن ۾ پوترتا آهي، چٽائي آهي، آئيندو آهي، انهي روشني جو وقت گهٽبو ٿو وڃي. رات جنهن ۾ اوندهه آهي، ڪرب آهي، پيڙا آهي، اُن پيڙا جو ڪرب رات جي وڏي ٿيڻ سان وڌندو ٿو وڃي. اُن رات جي هڪ بند ڪمري ۾ هڪ ڪلاڪار اهو ڪرب ۽ پيڙا ڀوڳي رهيو آهي. اُن وقت سندس من جون موملون ۽ روح رچنديون سندريون ريجهائڻ اچن ٿيون، پر موت جو رقص باري آهي. سندس اندر ۾ آئيندي جا عڪس ڌنڌلا ۽ سون سريکا سپنا ۽ اُنهن جو آدرش جيڪو هن جي سواس سواس ۾ سمايل آهي اُن جي جڳهه تي اوندهه اوتجي وڃي ٿي ۽ عقابي ارادا ۽ آئيڊيل، حقيقي دنيا جي اڳيان بي وس ٿي وڃن ٿا ۽ پنهنجا پر ڪٽائي ڇڏين ٿا ۽ پوءِ.-
    ڪارا ڪارا ڀنڀاوار،
    ڄڻ ڪو ڪارونڀار.
    ساز کڻي ڪو ڇيڙ غزل،
    ٻيجل واري تند تنوار.
    ساغر اکين جا ڇلڪائي،
    مد مبارڪ ايئن نه هار.
    جهڙي خوبصورت غزل کي سرجيندڙ شاعر ٻيجل واري تند تنوارڻ ڇڏي ڏي ٿو. سندس هٿن مان مڌ مبارڪ هارجڻ لڳي ٿو ۽ سندس روح ۾ ڪارو ڪارو نڀار ڇائنجڻ لڳي ٿو ۽ پنهنجي ئي ڪهاڻي “يادن جو سفر” ۾ پنهنجي ئي تخليق ڪيل ڪردار جي پاڻ نفي ڪندي زندگي کان فرار حاصل ڪري ٿو. کيس سڀ چاهتون، سڀ لذتون، بي معنيٰ ۽ بي رنگ باسن ٿيون. کيس لڳي ٿو ته هي رات کٽڻي ناهي ۽ هي پيڙا ۽ هي ڪرب جنهنجو نه ڪوئي انت آهي نه ڪوئي ڇيهه. تڏهن هو بند ڪمري ۾ اُن پل بلڪل هيکلو، تن تنها، زندگي کان جدا ٿيڻ جو فيصلو ڪري ٿو وٺي. فقط اُها هڪ پل سندس جيون مان ويساهه کڻي ٿي وٺي ۽ اُن پل هو موت کي ڳلي لڳائي ٿو وٺي. ڪاش اُن پل ڪوئي کيس اهو ٻڌائڻ وارو هجي ها ته، “هي ڪاري ۽ ڀينڪر رات جنهن کان تون ۽ مان نفرت ڪريون ٿا، جنهن ۾ ڪرب ۽ پيڙا آهي. ڇا تو اهو راز مليو آهي ته اُڀ ۾ تارا به ان رات ۾ ئي کڙن ٿا”. پر هن کي اُن پل ڪير به سمجهائڻ وارو ناهي. هو بلڪل هيکلو آهي ۽ اُها پل هن تي باري آهي.
    ساحر سان منهنجي ايڏي گهڻي گهرائي يا دوستي ته ڪا نه هئي، پر ٿوري ڏيٺ ويٺ سو ضرور هئي. ٿورو ذهن تي زور ڏيان. آءُ کيس پولارن مان لاهي ڌرتي تي وٺي آيو آهيان بسنت هال حيدرآباد جي پڌر تي. شايد هي 75-1974ع جو زمانو آهي. اُن وقت سنڌي ادبي سنگت حيدرآباد جون گڏجاڻيون اتي ٿينديون هيون. ساحر به اُنهن ۾ ڪڏهن ڪڏهن ايندو هو ۽ جڏهن به ايندو هو ته پاڻ سان شاعري ضرور کڻي ايندو هو. اُن وقت آءُ ۽ ٻيا منهنجا ڪجهه دوست سنڌ جي هڪ برک ڏاهي ۽ اڳتي هلي انقلابي سياست جي اڪيلي سر دعوا ڪندڙ ۽ انقلابي سياست جو پاڻ کي اڪيلو وارث جتائيندڙ سياستدان، جي نقطه نظر جي روشني ۾ سنڌي ادبي سنگت ۾ جيڪا به لکڻي پيش ٿيندي هئي اُن تي فقط ان نگاهه سان تنقيد ڪبي هئي ته، هي شئي انقلابي آهي يا ناهي؟ پوءِ ڀلي جي لکڻي ۾ نه ٻولي هجي نه فن نه سٽاءُ نه خيال جي پختگي، پر جي ڳالهه هاري جي ڪيل آهي ته واهه واهه ڪري مٿي تي چاڙهي پنهنجو انقلابي فرض پورو ڪبو هو. اسانجي تنقيد جي ان ڇسي معيار ۽ جهاليت تي مبني تنقيد جي نتيجي ۾ ڪيئي نام ڳڻيا اديب ۽ شاعر آهستي آهستي کسڪڻ لڳا ۽ نيٺ ادبي سنگت ٺپ ٿي ويئي. وري ڪجهه وقت رکي ميڙو متو اُردو بورڊ ۾. پر اسانجو انقلابي جذبو کين اتي به ڪٿي ٿو پير کوڙڻ ڏي. برک ڏاهي جي چواڻي ادبي سنگت کي فتح ڪرڻ اسان لاءِ ڪو جهاد کان گهٽ ڪم ڪو نه هو. اسان وري به مجاهدانه فرض بجا آندا ۽ ادبي لڏي کي اُتان به تڏا ويڙهڻا پيا. اُهو ڏينهن هي ڏينهن اڃان تائين حيدرآباد ۾ ادبي سنگت پير پختا ناهي ڪري سگهي. منهنجي هن ڳالهه ڪرڻ جو مقصد اهو هو ته انهن گڏجاڻين ۾ ساحر به شريڪ ٿيندو هو ۽ کيس به انهن بيجا ۽ ناجائز تنقيدن جي عذاب مان گذرڻو پوندو هو. پر هن شريف ماڻهو ڪڏهن به اُنجو غلط نوٽيس نه ورتو. سدائين سندس طبيعت ۾ ٺهراءُ هوندو هو. مون سندس ايڏي شاعري يا ڪهاڻيون ناهن پڙهيون، سندس تخليقون جيڪي منهنجي نظر مان گذريون آهن اُهي ٺيڪ ٺاڪ آهن. اُنهن لاءِ نه ئي آئون غلط گوئي کان ڪم وٺندس ته اُهي ڪهاڻيون ڪو سنڌي ادب جون شاهڪار ڪهاڻيون آهن، يا سندس شاعري کيس مها شاعرن جي صف ۾ آڻي ٿي. پر هڪ ڳالهه جيڪا ضرور چوندس ته هو جهڙو اندر هو تهڙو ٻاهر هو. هو جڏهن به ملندو هو ڀاڪرين ملندو هو ۽ اندر ۾ لهي ويندو هو. سندس سدا بهار چهري تي مرڪ وسڪي جي رنگ يا شفق جي لالاڻ جيان باسندي هئي. هن جي چهري تي بظاهر ڪا ڏک يا پيڙا جي ريکا نظر نه ايندي هئي. پر جڏهن هن جي موت جي خبر پيئي ته ڄاتم ته سندس من ڪيڏو نه دکي هو. اندر ڪيڏو نه کاڌل هو. مون کان سندس موت جي تعزيت نه ٿي سگهي. ساحر جي موت جي تعزيت ڪجي يا احتجاج؟
    ساحر جو پاڻ کي موت جي منهن ۾ اُڇلڻ جو فيصلو ڪو سندس انفرادي فيصلو ناهي جنهن کي اتي ئي ڇڏي ڏجي. چون ٿا ته قانوني نقطه نگاهه کان خودڪشي جي نه ٿئي ته ڏوهه آهي ۽ اُن لاءِ مجرم سزاوار آهي، پر جي خودڪشي سرزد ٿي وڃي ته اهو ڏوهه ناهي. مان نٿو مڃان. ساحرجي خودڪشي سنئون سڌو ڏوهه آهي ۽ بلڪل وڏو ڏوهه. اُن جي ايف آءِ آر ڪٽجڻ گهرجي. ڪيس هلڻ گهرجي ۽ اُهي ڪارڻ ڳولڻ گهرجن ۽ اُنهن تي بحث ٿيڻ گهرجي. ساحر جنهن سدائين زندگي کي چاهيو ۽ گلن ڦلن جي خوشبوءِ سان ڀرپور سندر گيت لکيا جن ۾
    مدماتي رت آئي آئي،
    سرتيون واڌائي واڌائي.
    يا وري-
    رنگين چمن مان، چاهت جي هٻڪار کڻي آيو آهيان،
    بي رنگ زماني لاءِ نئون رنگ کڻي آيو آهيان.
    نمايان آهن، حيرت آهي ته ههڙن سريلن گيتن کي سرجيندڙ شاعر ڇو موت جي منهن ۾ هليو ٿو وڃي؟ هن ڪيس جي تحقيقات ان ڪري به ٿيڻ گهرجي ته جيئن اسان کي پتو پيئي سگهي ته old man and the sea ناول جو لازوال ليکڪ هيمنگوي جنهن ساڳئي ناول ۾ چيو ته، “ماڻهو کي تباهه ۽ برباد ته ڪري سگهي ٿو پر اُن کي شڪست ڏيئي نٿي سگهجي.” ايڏي وڏي ڳالهه ڪندڙ ڪلاڪار ڇو موت جي آڏو هٿيار ڦٽا ڪري ٿو ڇڏي؟ واضح فڪري سوچ رکندڙ علامه آءِ آءِ قاضي کان وٺي، سونهن ۽ سچ جي سودائي ماڻيٺي اوٺي تائين جي انسان جي زندگي ۾ ڇو زهر ڀرجي وڃي ٿو؟ ۽ اُهي زندگي کان ڏور بلڪل ڏور وڃڻ کي ڇو ترجيح ڏين ٿا؟
    هن ڪيس جي ان ڪري به ڇنڊڇاڻ ٿيڻ گهرجي جو اسانجو توهان سڀني جو آئيندو ان سان واڳيل آهي. هن ڪيس جي ڇنڊڇاڻ انهي ڪري به ٿيڻ گهرجي ته جيئن امرتا پريتم کي اڌورا آدمي جو احساس نه کائي ۽ هن ڪيس جا ڪارڻ سبب ڳولڻ ان ڪري به ضروري آهن ته جيئن اسان سڀان هيمنگوي، ماٺيڻي اوٺي ۽ ساحر کي بچائي سگهون ۽ جيون اڌوري ڪهاڻي کي مڪمل ڪري سگهون.
    (*مقالي جو عنوان “جيون اڌوري ڪهاڻي” ساحر پريمي جي ڇپيل مجموعي تان کنيو ويو آهي).

    1. سنڌي ادبي سنگت شاخ ميرپوربٺورو طرفان 1993ع ۾ ساحر پريمي جي ورسيءَ جي موقعي تي پڙهيل
    2. 6 جنوري 1994ع جي روزانه هلال پاڪستان ڪراچي ۾ ڇپيل
    3. 26 مئي کان 1 جون 1994ع جي هفتيوار سنڌو حيدرآباد جي پرچي ۾ ڇپيل.
    4. ماهوار ڪينجهر (پرچو نمبر 52) فيبروري 1997ع ۾ ڇپيل
    5. عبرت مئگزين جلد 16 شمارو (3) 1 فيبروري 1997ع ۾ ڇپيل


    ڪنول لهاڻو

    تعارف
    پرمانند والد جو نالو ڏاندومل لهاڻو، ادبي نالو ڪنول لهاڻو ٽنڊي باگي شهر ۾ 28 اپريل 1952ع ۾ ڄائو. هن پرائمري جا پنج درجا گورنمينٽ پرائمري اسڪول ٽنڊو باگو مان 1965ع ۾ پاس ڪيا ۽ مئترڪ سائنس گروپ ۾ 1970ع ۾ مير غلام محمد خان ٽالپر هاءِ اسڪول ٽنڊوباگو (جيڪو هن وقت هائير سيڪنڊري اسڪول آهي) مان ڪئي. هن انٽر آرٽس اسلاميه ڪاليج بدين مان 1976ع ۾ پاس ڪيو. هو ان عرصي دوران شاگرد يونين اسلاميه ڪاليج بدين جو صدر به رهيو، ۽ هن پنهنجي ان عرصي دوران يونين فنڊ مان ڪاليج مخزن پڻ ڇپائي. ڪنول لهاڻي بي اي 1979ع ۾ اسلاميه ڪاليج بدين مان ۽ ايم اي جنرلزم ۾ 1981ع ۾ سنڌ يونيورسٽي مان ريگيولر شاگرد طور ڪئي. هن ايل ايل بي سنڌ لا ڪاليج حيدرآباد مان 1981ع ۾ ڪئي. هن سنڌ هاءِ ڪورٽ بار ۾ پاڻ کي وڪيل طور انرول ڪرائڻ لاءِ گهربل ٽريننگ وارو عرصو، ميرپورخاص ۾ پنهنجي دوست ڪامريڊ روچي رام جي فرم ۾ گذاريو ۽ وڪالت جي سند حاصل ڪرڻ کانپوءِ ،باضابطه وڪالت جي شروعات 1983ع ۾ ضلعي بدين جي ڪورٽن کان ڪئي. 1986ع ۾ هاءِ ڪورٽ بار ۾ بطور هاءِ ڪورٽ وڪيل طور انرول ٿيو. هن جو شمار ضلعي بدين جي نالي وارن وڪيلن ۾ ٿيندو هو. 1998ع کان 1999ع تائين هو گردن جي بيماري ۾ مبتلا رهيو ۽ انهي ئي موذي بيماري ۾ گردا فيل ٿيڻ سبب 22 ڊسمبر 1999ع ۾ هن جهان کان موڪلائي هليو ويو.
    ڪنول لهاڻي عمر جي شروع وارن ڏهاڪن ۾ ڌرمي ڀڄن به لکيا جيڪي هو پاڻ به مندر ۾ پوڄا دوران يا ويڙهجپ ٿر ۾ ٿيندڙ فقير پار برهم جي ميلي ۾ ڳائيندو هو. انهن ڀڄنن ۾ هن پنهنجي نالي پرمانند کي تخلص طور استعمال ڪيو آهي.
    ڪنول لهاڻي پنهنجي ترقي پسند ۽ روشن خيالي سان وابسطه شاعري جي شروعات اندازن 76-1975ع کان ڪئي. سندس پهريون شعر ڪنول لهاڻي جي نالي سان رسالي عوامي تحريڪ جي ٽائيٽل پيج تي ڇپيو، جنهن جا ٻول ڪجهه هن ريت هئا.
    رنگ ته ساڳيو ڪارو ڪٽ،
    ڪانوَ نه ٿيندو ڪوئل مٽ.
    اُن عرصي کان هو لڳاتار شاعري جي کيتر ۾ پاڻ ملهائيندو رهيو. سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊوباگو کان علاوه، هو ڪڏهن ڪڏهن بدين جي ادبي سنگت ۾ شاعري به پڙهندو هو. 5 جون 1977ع ۾ هن سان لاڙ ادبي ۽ ڪلچرل سوسائٽي ۽ سنڌي ادبي سنگت بدين جي سهڪار سان شام ملهائي وئي، جنهن جي صدارت عبدالرحمان نقاش (جهٽ پٽ بديڻائي) ڪئي ۽ مهمان خاص ڪامريڊ روچيرام هو. ڪنول لهاڻي جي تمام ٿورڙي شاعري رسالن ۾ شايع ٿي، البته سندس اڻ ڇپيل شاعري جو مواد شاعري جي مجموعي جيترو آهي، پر بدقسمتي چئجي جو اڃان اُهو اشاعت هيٺ اچي نه سگهيو آهي. ڪنول لهاڻي جو شمار فڪري طور تي ترقي پسند شاعرن ۾ ٿئي ٿو. سندس شاعري ۾ نج سنڌي ٻولي، ڳوٺاڻو ماحول ۽ جديد لاڙا پسي سگهجن ٿا: پڪي پختي شاعري کان علاوه ڪنول لهاڻي پنهنجي دوست ڪامريڊ روچيرام سان جيڪو خط و ڪتابت جو سلسلو رکيو. اُن سلسلي ۾ ڪامريڊ روچيرام جا پنهنجا لکيل خط سندس پٽ نيل ڪنٺ سهيڙي ڪتاب، “ڏنم هوت هٿن سين”، ۾ ڇپايا آهن، پر اُنهن ۾ ڪنول لهاڻي جا ڏانهس لکيل خط شامل ناهن. ڪامريڊ روچي رام جي چواڻي ته ڪنول پنهنجا لکيل خط کائنس واپس وٺي ورتا هئا. اهي خط جيڪر ملي پون ته ادب ۾ لاڀ دائق واڌارو ٿي پوي. ڪنول لهاڻو مئٽرڪ کان انٽر واري عرصي ۾ پار برهم شيوا منڊلي ۾ رهيو. هو نه صرف اُنجو باني ميمبر هو پر اُنجو صدر به رهيو. وڪالت واري عرصي ۾ ڪجهه عرصو سنڌ بلوچ پشتون فرنٽ سان به رهيو. پر عمومن هو آزاد خيالي ۽ پنهنجي مزاج جي طبيعت هئڻ ڪري ڪنهن به سياسي يا سماجي تنظيم سان گهڻو وقت هلي نه سگهيو. هن جو بدين ضلعي جي سٺن وڪيلن ۾ شمار ٿيندو هو. اسٽيج تي شاعري يا تقرير ڪرڻ جو هن جو پنهنجو هڪ نرالو انداز هو.
    ***


    ڪنول پاڙون پاتال ۾

    شام، جيڪا ڪڏهن ڪڏهن پاڻ سان ڪاري رات اُماس نيئي ايندي آهي ته، وري شام، جيڪا پاڻ سان چوڏهين جي چانڊاڻ کڻي ايندي آهي. ڪنول لاءِ هي شام پاڻ سان ڇا کڻي ايندي اُهو فيصلو ته وقت ڪندو؟
    آءُ جيڪي به چوندس سو اڄ جي ڪنول تي چوندس. سڀان جي ڪنول تي آءُ ڪجهه به نه چوندس ۽ نه ئي ڪو اختيار اٿم. اختيار ته اُنهن ادبي ٺيڪيدارن کي به ڪو نه هو، جن ڪن اديبن کي وڌائي چڙهائي پيش ڪيو ۽ وڏيون فتوائون ڏيئي سموري سنڌي ادب ۽ ادب لاءِ هلندڙ جدوجهد جو کين مهندار ۽ سرواڻ ڪري پيش ڪيو. پر وقت ثابت ڪري ڏيکاريو ته اُنهن نام نهاد ٺيڪيدارن جون فتوائون به کين بچائي ڪو نه سگهيون. سنڌي ادب لاءِ دشمنن طرفان جيڪا باهه لڳائي ويئي اُنجو اڃان کين سيڪ ئي ڪو نه لڳو هو، جو وڃي دشمنن جي ڪڇ ۾ لڪا ۽ سموري ادبي جدوجهد کي رڻ ۾ رولي پاڻ وڃي وستين ۾ عيش آرام ڪرڻ لڳا. هونئن به ادب ۽ ٺيڪيداري ٻه جدا ڌنڌا آهن جن جو پاڻ ۾ پري جو به واسطو ڪونهي. وقت ئي بهترين نقاد آهي.
    ها- سو مون ڳالهه پي ڪئي اڄ جي ڪنول جي. آءٌ ڪنول کي چڱي طرح سڃاڻان. اڄ کان نه پر ننڍي لاڪر ساڻس ڀلي ڀت واقفڪاري اٿم. مون کي ڪنول جا ٻه روپ نظر آيا آهن. ٻن روپن مان منهنجي مراد بهروپي ڪونهي. پر جي اوهان ايئن سمجهو ٿا ته اها اوهانجي پنهنجي راءِ هوندي، منهنجي ڪانهي.
    ها - ذڪر پي هليو ڪنول جي ٻن روپن جو. هڪ روپ اٿس ذاتي. توهان يقينن چوندا ته ٻيو ٿيو صفاتي، اسم جا بيشڪ ٻه قسم آهن پر ڪنول جا ٻه قسم ڪونهن. توهان ٻڌندڙ جيڪي ڏاها آهيو، اُهي روپ ۽ قسم ۾ ضرور فرق محسوس ڪندا هوندا.
    ذاتي طور مون جيئن ڪنول کي محسوس ڪيو آهي ته، ڪنول مون کي ڦرڻو گهرڻو، ايتري حد تائين خوددار جيڪا اُنهي حد تي پهچيو بيوقوفي ۽ احساس ڪمتري ٿيو پوي. هو مون کي ڪو به ٺوس نظريو نه رکندڙ ۽ تصوراتي ۽ خيالي محلن ۾ رهندڙ لڳو آهي.
    پر مون جڏهن کيس سندس شاعري ۾ ڳوليو آهي ته، هو مون کي تقريبن اُن جي اُبتڙ لڳو آهي. منهنجو اشارو شعور ۽ لاشعور ڏانهن آهي. سندس شخصيت ۾ ايترو تضاد ڪجهه عجيب به لڳي ٿو ۽ سونهي به نٿو.
    ڪنول اسانجي پاڙي جو شاعر آهي. پاڙيسرين جا تعلقات هونئن به سٺا ڪو نه هوندا آهن. اُهي پرپٺ ڀلي هڪ ٻئي جي گڻن کي قبوليندا هجن، پر منهن تي قبولين اِهو سندن پاڙي جي اصولن جي خلاف آهي. هونئن به اسين سنڌي ماڻهو پنهنجن فنڪارن کي جيئري قطعي داد ڪو نه ڏيندا آهيون ۽ موئي اُنهن جي قبرن تي گل چاڙهيندا آهيون. اها عادت اسانکي غلامي جي دور کان ورثي ۾ ملي آهي. غلام پنهنجي پاڙيسري غلام تي هميشه مالڪاڻا حقوق جتايا آهن اِها روايت ٽٽي پيئي، چڱي ڳالهه آهي. پر آءُ هڪڙي ڳالهه اڃان تائين سمجهي ڪو نه سگهيو آهيان ته، سنڌ جي اُڀرندڙ شاعرن سان آخرشام ڇو ٿي ملهائجي؟ جڏهن سندن گيتن ۾ صبح جو پيغام ۽ صبح جي سوچ هجي، تڏهن ساڻن شام ملهائڻ ڪجهه عجيب ٿو لڳي! آءٌ سمجهان ٿو اِها ڳالهه لاڙ ڪلچرل سوسائٽي وارن به ضرور محسوس ڪئي هوندي.
    ڪنول ٿوري عرصي ۾ جنهن تيزي سان لکڻ شروع ڪيو آهي ۽ اڃان به چئجي ته ، سٺو لکڻ شروع ڪيو آهي، جيڪڏهن لڳاتار آئينده به لکندو رهيو بلڪل نئين رنگ ۽ نئين ڍنگ سان، نئين سوچ ۽ نئين انداز سان ته، چئي سگهجي ٿو ته ڪنول اڄ ۽ سڀان جو شاعر ليکيو ويندو. سڀان جو شاعر ٿيڻ منهنجي خيال ۾ ڪنهن به شاعر لاءِ وڏي ۾ وڏو اعزاز آهي. ڪنول اُنهي لاءِ هٿ هڻي پيو. سندس هي سٽون پڙهو.
    لاهيارن جون ڳالهيون، لابارن جون ڳالهيون،
    هيئن ۾ هُرن ٿيون ڌنارن جون ڳالهيون.
    يا وري سندس هي وائي ڏسو، سادن اکرن ۾ ڪيڏي وڏي ڳالهه چئي اٿس.
    ڪڍي سج ڪني، پورب جا پورهيت اُٿيا.
    مچي پئي ٿي ماٺ ۾،
    اڻ لکي اگني، پورب جا پورهيت اُٿيا.
    ڪنول جي ٻولي لاشڪ سهڻي آهي ۽ وري اُن ۾ ڀرپور تاثر ڇڏڻ سندس فنڪار هئڻ جي خود نشاندهي ڪري ٿو. سندس غزل جو هي بند پڙهو جنهن ۾ بغاوت لاءِ ماڻهن کي اُڀاري ٿو.
    اُڃيا کيت سارا، اڇو اُڀ ڪيسين
    اچو واءُ بڻجي وڄن کي ورايون.
    وري سندس هي سٽون پڙهو، جيڪي پڙهي پڙهندڙ داد ڏيڻ کان سواءِ رهي نٿو سگهي
    ڪنول جي ته پونجي فقط پيار آهي،
    ڪفن جون به پونديون ٻين تي چٽيون.
    ڪنول سنڌ جي عام مسئلن ۽ سنڌي ماڻهن جي دقيانوسي رسمن رواجن ۽ عقيدن خلاف به پنهنجو قلم وهايو آهي. عظيم انقلابي شاعر ڀٽائي جي همه گير ۽ دنيا جي لاءِ امن جي پيغام کي وساري، جڏهن سنڌ جو ماڻهو کيس مرشد ڪري پڙ ٿو چاڙهي، تڏهن ڪنول بي اختيار چئي ٿو ڏي ته:
    جڏهن آهي پڙ چاڙهيو ۽ پٽ پنيو ڪنهن پيءُ،
    تڏهن ڀٽائي سڏڪي سڏڪي آهي سنڌ ڇڏي.
    اُن کانسواءِ ڪنول جو آزاد نظم. هو جا ڪولهڻ لاهياري، وائي، رات چوي ٿي نچ ۽ ٻيا ڪافي شعر سندس فنڪار هئڻ جي خود تشريح ڪن ٿا.
    جتي ڪنول ۾ اِهو ڏانءُ آهي ته هو پنهنجي پڙهندڙ کي موهي ٿو ۽ کيس پنهنجي رنگ ۾ ٿو رنگي، اُتي ڪٿي ڪٿي ڪنول جي شاعريءَ پڙهندڙ کي مايوس به ڪري ٿي ۽ اها راءِ رکڻ تي مجبور ٿي ڪري ته، شاعر کي ڪو ٺوس نظريو ڪونهي. مثال طور هي ٽيڙو ڏسو.
    هاري جي زال،
    ڪيڏي سهڻي ٿي لڳي،
    چلهه تي چاڙهي دال
    ڪنول کڻي هن جي ڪهڙي به معنيٰ ڪڍي، پر هن جي معنيٰ ٿي نڪري ته مفلسي هاري جي زال جي زندگي ۾ سونهن اوتي ڇڏي آهي. مطلب اِهو ٿيو ته هاري جي زال سدائين دال چاڙهي يعني غريب ئي هجي، اُن ۾ ئي سندس سونهن ۽ سوڀيا جو راز سمايل آهي. ههڙي قسم جي شاعري وڏيرڪي نظام کي هٿي ڏيندي، ٻيو ڪنهن کي به نه.
    شاعر فطري ڳالهه آهي ته پنهنجي همعصر يا پاڻ کان اڳ جي شاعري جو ڪنهن حد تائين اثر قبول ڪري ٿو. اهو ڪو گناهه ناهي ۽ نه ئي ادب ۾ ڪا غير مهذب حرڪت آهي. پر آءُ چئي نٿو سگهان ته شعوري يا لاشعوري طور پر بهرحال ڪنول اياز ۽ ميران جو ايتريقدر ته اثر قبول ڪيو آهي، جو سندس ڪي ڪي شيون ٻولي، موضوع ۽ سٽاءُ ۾ هوبهو اُنهن سان ٺهڪي اچن ٿيون، اها سندس خوبي نه پر خامي آهي. مثال طور سندس هي نظم
    مان جنم جنم جو جوڳي هان،
    ٿو بين وڄايان بن بن ۾.
    يا وري،
    هي ڌاڙيلن جي دنيا آ-
    مان ڪنهن کي ڪنهن کي پيار ڏيان،
    مان شايد ٿو بيڪار جيان،
    يا وري-
    هو بن بن بين وڄائي ٿو،
    هي ڪير ڪُمهلو ڳائي ٿو؟
    بهرحال انهن ننڍين وڏين ڪچاين جي باوجود اڄ جي ڪنول لاءِ چئي سگهجي ٿو ته ڪنول شاعري جي کيتر ۾ چڱو پاڻ موکيو آهي.
    سڀان جي ڪنول جون پاڙون جي پاتل ۾ هونديون ته نڪو لهر نڪو لوڏو، ڪنول پيو ٽڙندو، نت ڪنول گل ڪوماڻا، اهو منهنجو نه پر تاريخ جو فيصلو آهي.

    ڪنول لهاڻي سان 5 جون 1977ع تي بدين ۾ لاڙ ادبي ۽ ڪلچرل سوسائٽي بدين ۽ سنڌي ادبي سنگت شاخ بدين طرفان ملهايل شام ۾ پڙهيل
    روزانه هلال پاڪستان جي سنڊي ايڊيشن 31 آگسٽ 1983 ۾ ڇپيل
    ______________

    ڌرتيءَ جو ڪنول ۽ بند اکين جا خواب

    گذريل ملينيم جي آخري صدي جي آخري سال جي طويل چاندوڪي رات، جڏهن ٿر جي ڪنهن ڀوري ڀٽ تي ٿر جو سٻاجهڙو فنڪار صادق فقير پنهنجي مڌر سر ۽ آلاپ ۾ چنڊ ستارن کي هن ڌرتيءَ جي سيني تي صدين کان جنم وٺندڙ درد، پيڙا ۽ ڪرب جا داستان ٻڌائي رهيو هو، ۽ ڀوري ڀٽ تي ڪهي آيل ماروئڙا ان درد ۽ پيڙا کي آدجڳاد کان پنهنجي اندر محسوس ڪندي، اها آشا من ۾ سانڍي جيئڻ لاءِ جواز پيدا ڪري رهيا هئا ته شل اها چاندوڪي رات، جنهن هنن جو اندر اُجاريو هو، طويل کان طويل ٿيندي رهي ۽ ان جو ڪوئي انت نه اچي. موسيقيءَ جا سر، جيڪي فضا ۾ لهرون پيدا ڪري رهيا هئا. انهن جي شل ڪڏهن به تند نه ٽٽي ۽ من سدائين ان ردم تي جهومندو رهي. انهن لهرن جڏهن لاڙ جي لاهين ۾ واقع سانتيڪي نيري جي ڍنڍ جي آسپاس ٽڙندڙ ڪنول جي گلن کي پنهنجي ڀاڪر ۾ ڀريو ته اهي خوشيءَ مان ٻهڪي اٿيا ۽ ان مڌر سر جي تال تي جهومڻ لڳا ۽ اک ٽيٽ سان چنڊ سان چلولايون ڪرڻ لڳا. انهن ئي پلن ۾ ٿورڙو ڏور، سنڌ راڻيءَ جي سونهن ۽ سرهاڻ سان رچيل شهر ٽنڊوباگو جي باگي واهه جي ڪنڌيءَ تي، جتي سنڌ راڻي ۽ مير باگي خان جي پيار ۽ محبت جو داستان پروان چڙهيو، هن ڌرتيءَ جي “ڪنول” جي چتا کي اگني جي نذر ڪيو پئي ويو. چتا جي اگني مان نڪرندڙ اُلا آسمان ڏانهن مٿي اُٿي رهيا هئا ۽ موٽ ۾ لڙڪ بڻجي ان شاعر جي چتا تي برسي خراج عقيدت پيش ڪري رهيا هئا، جيڪو هاڻ جسماني طور اسان ۾ موجود نه رهيو هو ۽ چنڊ ستارن سان جڙيل آڪاش هن منظر کي محفوظ ڪندي، هن انساني سماج جي بي حسي تي افسرده ۽ ڏکويل هو، جنهن سماج ۾ جينيس ۽ ڏاها ماڻهو نڌڻڪا ۽ بي سهارا ماريا وڃن ٿا. جن کي سماج ڏي ٿو ته، صرف ڏنڀ، پيڙائون ۽ اذيتون. فقط ۽ فقط هڪ ڌرتي ئي آهي جيڪا کين هر وقت پنهنجي هنج جي گرمي ۾ ماءُ جيان سانڍي رکي ٿي ۽ صدين کان اکيون کولي رکندڙ آسمان اُنجو عيني شاهد آهي.
    عظيم دانشور جوس بي ايباڪ جو چوڻ آهي ته، “موت جي ڏينهن ٻه دنيائون هڪ ٻئي کي چمي ڏيئي ملن ٿيون. هڪ هيءَ دنيا جا ٻاهر نڪري ٿي ۽ ٻي مستقبل جي دنيا، جا اندر اچي ٿي”. انهي ڪري اسين جيڪي جنم جنماتر زندگي جي سرجڻ ۾ يقين رکون ٿا. تن لاءِ ڪنول لهاڻو مري نٿو سگهي صرف ساهه کڻڻ ته زندگي جو نالو ناهي، تڏهن ته ڪنهن اُردو شاعر خوب چيو آهي.
    سانسوں کے سلسلے کو نہ دو زندگی کا نام
    جینے کے باوجود بھی کچھ لوگ مرگئے
    اهي ماڻهو جيڪي زندگي مان ساهه کڻڻ ٿا، جان جانان جي نشي ۾ ڌت رهن ٿا، تن لاءِ موت ڪجهه به نه آهي. موت ڪڏهن به انهن جي خيالن، زندگي جي گهماگهمين ۽ پيار محبت سان رچيل روح رهاڻين ۾ ديوار بڻجي نه سگهيو آهي. انهن ئي جذبن کي اياز هڪ هنڌ هنيئن ظاهر ڪيو آهي.
    زندگي موت جي قريب آ پر،
    ڪوئي محبوب درميان آهي.
    ڪنول لهاڻي جي شاعري ۾ ان محبوب جو چٽو ۽ واضح تصور ملي ٿو جيڪو کيس موت جي دنيا کان الڳ ڪري زندگي سان ڀرپور دنيا ۾ آڻي ٿو. ڪنول جي هن شعر پڙهڻ کان پوءِ ڪير چوندو ته هو اسان ۾ ناهي رهيو:
    ڪنول جي ته پونجي فقط پيار آهي،
    ڪفن جون به پونديون ٻين تي چٽيون.
    ڪنول جي شاعري ۾ هتي جي ڌرتي ۽ ان تي گهاريندڙ انسان جي لکها سالن جي زندگي جا اولڙا پسي سگهجن ٿا. عظيم فلسفي ڪنفيوشس چيو آهي ته، “جيڪو ماڻهو فطرت جيان آهي، سو ڪڏهن به نه مرندو.” ڪنول جي شاعري ۾ فطرت جا منظر پنهنجي اصل رنگ ۽ روپ ۾ موجود آهن. مثال طور سندس نظم جو هي بند ئي کڻي ڏسو:
    لاهيارن جون ڳالهيون، لابارن جون ڳالهيون،
    هنيئين ۾ هرن ٿيون ڌنارن جون ڳالهيون.
    ڪنول منهنجي پاڙي جو شاعر رهيو. اسان به سڀني انسانن جيان پالڻهار طرفان هن ڌرتي تي اگهاڙا اڇليا وياسين ۽ پوءِ اها اوگهڙ ڍڪڻ لاءِ اسان ڪپڙن جو سهارو ورتو ۽ پوءِ به جي ڪٿي اوگهڙ رهجي وئي ته، ان ۾ ڪڏهن ڪپڙن جو. ته ڪڏهن پنهنجي اندر جي ڀٽڪيل انسان جو ڏوهه ضرور رهيو.
    مان مردهه پرست قطعي ناهيان، نڪو منافقي منهنجو پيشو آهي ۽ نڪوئي ڪوڙ ڳالهائي پاڻ وڻائڻ چاهيندس. انهيءَ ڪري مان بيباڪي سان چوندس ۽ ايئن چوندي مون کي شرم نٿو محسوس ٿئي ته ڪنول جي نجي زندگي ۾ هن جون دوستيون به رهيون ته ڪن سان رنجشون به. هو ڪنهن جي لاءِ هيرن جي کاڻ هو، ته ڪنهن جي لاءِ اوپرو. هن محبت به ڪئي ۽ نفرت به هن جي زندگيءَ جو حصو رهي. منهنجي ذهن تي چيني لوڪ ادب مان هڪ چوڻي تري آئي آهي ته، “دنيا ۾ فقط ٻه ئي ايماندار ماڻهو آهن، هڪ جيڪو مري چڪو آهي ۽ ٻيو جيڪو ڄائو ئي ڪونهي.” ظاهر آهي ته ڪنول به هن ڌرتيءَ تي گهاريندڙ انيڪ انسانن جيان هڪ انسان هو. انهيءَ ڪري هن جي دنيا ۾ پيار. محبت، نفرت ۽ حقارت گڏوگڏ پيرڙا کنيا. هن ۾ چڱايون به هيون ۽ اوڻايون به. هي رويا ڪي هن جا خلقيل ڪو نه هئا پر صدين کان اڏيل سماج ۾ هن جو نسل در نسل ورثو رهيا آهن. ان لاءِ رڳو هن کي ڏوهاري ٺهرائي نٿو سگهجي. هن ڌرتيءَ تي ڪهڙو انسان آهي. جيڪو فرشتو آهي ۽ گناهگار ناهي؟ ارسطو کان وٺي اياز تائين ۽ اياز کان وٺي اسان تائين ڪهڙن ماڻهن جي نجي زندگيءَ جي دامن تي داغ لڳل ناهن؟ ڪهڙو ماڻهو آهي، جنهن جو گناهن کان پاند آجو آهي؟
    ڪنول جي سماجي زندگي لاءِ اهو چئي سگهجي ٿو ته اها هن جي شاعرانه زندگي کان ڪنهن حد تائين مختلف رهي. اهو بهتر آهي ته هڪ تخليقڪار عملي دنيا ۾ به پنهنجي ڪوتائن جي ڪردارن جيان جيئي. پر اهو ضروري ته ناهي ته هڪ شاعر جي نجي زندگي پاڪ ۽ شفاف هجي ۽ هو روين توڙي عمل ۾ سماج سان سلهاڙيل هجي ۽ هڪ سماجي ورڪر ۽ هڪ آدرشي انسان به هجي. جيڪڏهن اسان جي پرک جي اها ڪسوٽي رهي ته هن ڌرتي جي مهان شاعر اياز توڙي اسان پارن کي ڪهڙي خاني ۾ رکيو ويندو؟ هڪ ڪلاڪار، جيڪو سرجڻهار جيان آهي، جيڪو سچ تخليق ڪري ٿو، ان سچ جا اولڙا جڏهن هن ڌرتي ۽ ان جي ماڻهن تي پون ٿا ته انهن جي زندگيءَ ۾ تبديلي آڻي ڇڏين ٿا. ته ڇا اهو سماجي ڪم ناهي؟ ڇا ان جو ڪريڊٽ ان ڪلاڪار کي نٿو وڃي؟ ڪنول لهاڻي جي شاعري جا ڪردار به زندگي مان ساهه کڻي سچ کي ڌرتيءَ جي سيني مان کوٽي ڪڍي ماڻهوءَ جي اندر ۾ اوتين ٿا، ته هنن ۾ جيئڻ جو احساس جاڳيو پوي ۽ هنن جو انگ انگ سچائيءَ جي جلوي سان روشن ٿيو پوي. اها روشني ۽ جاڳرتا پولارن ۾ واقع ڪنهن ديس ۾ هليو ويل شاعر ڪنول لهاڻي کي شرڌانجلي ناهي ته ٻيو ڇا آهي؟
    ڪنول لهاڻو ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي نجي ڪچهرين ۾ منهنجي نوٽيڪ جي هن ورق کي اڪثر دهرائيندو هو: “هي جا شفق جي لالاڻ ڏسين ٿو. سا شفق جي لالاڻ نه پر ڪنهن سندري جا ميندي رتا هٿ اٿئي. آئون انهن هٿن ۾ خنجر ڏيڻ آيو آهيان.”
    مون کي هاڻ سمجهه ۾ اچي ٿو ته هن کي منهنجي ڊائريءَ جو اهو ورق گهڻو ڇو وڻندو هو. هن کي شفق جي لالاڻ ۾ اهي وسڪي جا رنگ نظر ايندا هئا، جيڪا هن جي جياپي جو ڪارڻ هئي ۽ هن جي محبوبه هئي. هو جڏهن به شفق جي لالاڻ جي رنگن جهڙي مد کي اندر ۾ اوتيندو هو ته هن وشال ڪائنات جا سوين اڇوتا انگ ۽ اڻ ڏٺل منظر، بيت، وايون، گيت ۽ غزل بنجي هن جي آڏو اچي محو رقص ٿيندا هئا. جنهن لاءِ سئٽزرلينڊ جي عظيم مصور ڪلي بال چيو آهي ته: “آرٽ ڏٺل جي نه پر اڻ ڏٺل جي مصوري آهي.”
    ڪنول جي شاعري ۾ هن ڌرتيءَ جي آدجڳاد جي انسان جي محبتن، دردن ۽ پيڙائن جو فطرتي رنگ موجود آهي ۽ ان کي بيان ڪرڻ لاءِ هن شاعر وٽ پنهنجو ڏانءُ آهي مثال طور:
    اُڃيا کيت سارا، اڇو اڀ ڪيسين،
    اچو، واءَ بنجي وڄن کي ررايون.
    اڄ کان 22 سال پهرين پنجين جون 1977ع تي بدين شهر ۾ لاڙ ڪلچرل سوسائٽي طرفان جڏهن ان زماني ۾ شاعري جي کيتر ۾ تازو پير پائيندڙ نوجوان شاعر ڪنول لهاڻي جي شاعري کي مان ڏيڻ لاءِ ادبي شام رٿي وئي هئي. تڏهن مون پنهنجي مقالي ۾ چيو هو ته “آئون هڪڙي ڳالهه اڃا تائين سمجهي ڪو نه سگهيو آهيان ته، “سنڌ جي اڀرندڙ شاعرن سان شام ڇو ٿي ملهائي وڃي؟ جڏهن ته سندن گيتن ۾ صبح جو پيغام ۽ صبح جي سوچ هجي تڏهن ساڻن شام ملهائڻ ڪجهه عجيب ٿو لڳي!”
    اڄ جڏهن ڪنول جي موت تي هي تعزيتي ميڙاڪو ٿيو آهي. جڏهن هر ڪو پنهنجي چوگرد موت جا پاڇا محسوس ڪري رهيو آهي ۽ شايد هر ڪنهن کي پنهنجي پنهنجي موت جي ڊپ هتي اچي سهيڙيو آهي، تڏهن آئون توهان کي سر آرٿر ڪانن ڊائل جي هي چوڻي ضرور ٻڌائيندو هلندس ته “جي توهان کي نظر نٿي آهي. ايئن نه سمجهو ته دنيا ۾ روشني نه رهي آهي.” ڪنول لهاڻو شاعريءَ جي حوالي کان جيڪي روشني جا ديپ جلائي ويو آهي. اُهي ڪڏهن به نه اُجهامندا. پر جيڪڏهن ڪي انڌا آهن جن کي روشني نظر نٿي اچي ته ان ۾ ڏيئي جو ڪهڙو ڏوهه؟
    مشهور فلاسافر سگمنڊ فرائڊ چوي ٿو ته “اسان جا خواب اسان جي تباهه ٿيل زندگيءَ جي تعمير ڪن ٿا.” ڪنول لهاڻي جيڪي خواب کڻي اکيون بند ڪيون آهن. انهن جي تعبير پسڻ کان هن ڌرتي واسين کي ڪير به روڪي نٿو سگهي. ڪنول لهاڻي جي زندگي، عمر جي حساب سان مختصر ئي صحيح پر خوبصورت شاعر شيلي جي چواڻي “محبت جو هڪ ڪلاڪ سئو سالن جي زندگي کان بهتر آهي.” ڪنول لهاڻي جي زندگي ٿوري ئي صحيح پر سندس ڪيل شاعريءَ ۾ اها محبت پسي سگهجي ٿي، جيڪا ڪڏهن به زندگي کي موت جي آغوش ۾ وٺي نٿي سگهي. حافظ شيرازي جو شعر آهي ته:
    دوش ديدم ڪه ملايڪ درميخانه زرند،
    گل آدم بسر شتند و به پيمانه زرند.
    (يعني ڪالهه ڏٺم ته ملائڪن مئخاني جو در کڙڪايو ۽ ماڻهوءَ جي مٽي ڳوهي پيمانو ٺاهيو)
    انهي مئخاني جي پئماني ۾ جڏهن به جيستائين به مد جا رنگ کلندا رهندا ۽ رند ان جي مستي ۾ مدهوش ٿيندا رهندا، تڏهن مست ڪنول جي گلن کي ڪير به ٽڙڻ کان روڪي نه سگهندو.
    سنڌ راڻيءَ جي سونهن ۽ سرهاڻ سان رچيل شهر ٽنڊي باگي جي باگي واهه جي ڪنڌيءَ تي، جتي سنڌ راڻي جي پيار ۽ محبت جو داستان پروان چڙهيو، جتي جي ڪنڌين ۾ محلول ٿيل سڳنڌ ڀري مٽيءَ جي خوشبوءِ هوا ۾ گهلي، ڪنول لهاڻي جي ڏات کي وشال ڪائنات ۾ ڦهلائيندي رهندي ۽ ايئن سندس سڳنڌ ڀري شاعري اسان جي روحن کي معطر ڪندي رهندي ۽ جنم جنماتر اسان سان گڏ جيئندي رهندي.
    مان جنم جنم جو جوڳي هان،
    ٿو بين وڄايان بن بن ۾.
    ۽ ان بين جي ڪوڪ، جيڪا ازل کان اسان جي اندر ۾ موجود آهي. ابد تائين زندگيءَ جي وهڪري کي جاري رکندي، موت کي شڪست ڏيندي رهندي.


    1- ٽنڊوباگو ۾ ڪنول لهاڻي جي موت تي ٿيل تعزيتي ميڙاڪي ۾ پڙهيل.
    2- روزانه ڪاوش حيدرآباد ۾ تاريخ 9 مارچ 2000ع تي ڇپيل.


    شاه رضا خان

    تعارف
    ترقي پسند فڪري سياست ۾ سياسي ورڪر طور سڃاتو ويندڙ شاهه رضا خان ولد رحيدالله خان ڳوٺ پاچا ڪلي پير بابا يونين ضلعي بنير صوبي خيبرپختونخواهه (اڳوڻو نالو صوبو سرحد) ۾ 1940 ڌاري ڄائو. پنجن سالن جي عمر ۾ هن جي ماءُ وفات ڪري وئي. هن جو والد روزگار سانگي 1950ع ۾ ڪراچي لڏي آيو. هو پنهنجي اڳي (سوتيلي) ماءُ جي ظلمن کان تنگ ٿي گهران ڀڄي نڪتو ۽ هڪ پارسي عورت جي گهر ۾ اُنهن جي ٻارن ٻچن جي سنڀال ڪري روزي ڪمائڻ لڳو، جتي هن جو پيءُ اڳي ئي چوڪيداري تي رکيل هو. اُن نيڪ عورت ئي کيس نائٽ اسڪول ۾ پڙهايو. شاهه رضا اڳتي هلي هڪ ڊاٻو (هوٽل) کوليو جيڪو هلندي هلندي هن جي مزدور سياست جو ڳڙهه ٿيندو ويو. مل مالڪ، مزدور سياست جي وڌندڙ گهماگهمي کان خوفزده ٿي اُن ڊاٻي کي پٽرائي (ڊهرائي) ڇڏيو. شاهه رضا مزدورن (پورهيتن) جي مسئلن تي مارشلا دور ۾ وليڪا ٽيڪسٽائل مل جا گيٽ بند ڪرائي ڌرڻو هڻايو، جنهن جي نتيجي ۾ کيس جيل سان گڏ ڦٽڪن جي سزا به ٻڌائي وئي. مزدورن جي گهڻي ردعمل ٿيڻ تي ڦٽڪن جي سزا ختم ڪئي وئي.
    ڪراچي ۾ ڪافي وقت سياست ڪرڻ کانپوءِ شاهه رضا حيدرآباد شفٽ ٿي آيو. هتي هن سئي گئس ۾ ڪلارڪي جي نوڪري ڪئي. ان دوران هن سنڌ يونيورسٽي مان بي اي ۽ سنڌ لاڪاليج مان ايل ايل بي به ڪري ورتي. شاهه رضا لڳاتار ڇهه ڀيرا سئي گئس ڪمپني مزدور يونين جو سيڪريٽري رهيو. شاهه رضا فڪري طور مارڪسي نظريي جو قائل هو ۽ ڪامريڊ عزيز سلام بخاري کي پنهنجو سياسي اُستاد ڪوٺيندو هو. هو هڪ ايماندار مزدور ورڪر هو، جنهن سئي گئس ۾ آفيسر جي عهدي تي پروموشن محظ ان ڪري نه ورتو ته جيئن هو مزدورن جي خدمت ڪري سگهي. شاهه رضا خان کي ادبي ۽ سياسي ڪتابن جي مطالعي جو به گهڻو شوق هو ۽ هن جو شمار هڪ پڙهيل ڳڙهيل ورڪر ۾ ٿيندو هو. شاهه رضا خان جي عمر جي آخري ڏهاڪي ۾ سياسي وابستگي محمود خان اچڪزئي جي پختون خواهه ملي عوامي پارٽي سان رهي. شاهه رضا کي اولاد ۾ ٻه پٽ ۽ ٻه نياڻيون ٿيون جن کي هن نه صرف بهتر نصابي تعليم ڏياري بلڪه روشن خيالي جي آگهي پڻ ڏني. سنڌ جي قومي ۽ طبقاتي مسئلن تي چٽو موقف رکندڙ ۽ ڌرتي ۽ ڌرتي جي ماڻهن سان وفا ۽ وچن نڀائيندڙ شاهه رضا خان پوڙهپڻ ۾ وس آهر سياست سان ڳانڍاپو رکندو آيو، ۽ آخرڪار ارڙهن سيپٽمبر 2014ع تي حيدرآباد جي گنجي ٽڪر تي جيجل ماءُ جي گود ۾ هميشه لاءِ آرامي ٿي پيو. هن پورهيت ڪارڪن جي موت تي 11 آڪٽوبر 2014 تي سنڌي لئنگويج اٿارٽي حيدرآباد ۾ انسٽيٽيوٽ آف سنڌ افيئرس پاران تعزيتي ريفرنس منعقد ڪيو ويو جنهن ۾لياقت عزيز، قادر بخش طالباڻي، راقم العروف ۽ ٻين ناميارن سياستدانن ۽ اديبن سندس سنڌ لاءِ خدمتن تي کيس ڀيٽا ارپڻ ڪئي.
    ***


    سامي سفر هليا ويا

    اها تقريبن ڏهه ٻارهن سال اڳ جي ڳالهه آهي، جڏهن پريس ڪلب حيدرآباد ۾ پاڪستان ۾ ترقي پسند سياست جي آبياري ڪندڙ ڪامريڊ عزيز سلام بخاري تي ڪرايل پروگرام ۾ ،آئون تقرير ڪري هيٺ لٿس ته هو ڀاڪر پائي اچي مون سان مليو. اها شاهه رضا خان جي مون سان پهرين ملاقات هئي. هن نه صرف ڪامريڊ عزيز سلام بخاري تي ڳالهائڻ تي منهنجا ٿورا مڃيا، پر مون محسوس ڪيو ته، پنهنجي سياسي اُستاد کي ڀيٽا ۽ مڃتا ملڻ تي، هن پاڻ تان ڄڻ وڏو بار لهندي ۽ پاڻ کي هلڪو ٿيندي به محسوس ڪيو.
    اُن کانپوءِ تعلقاتن جي اڳتي وڌڻ جو هڪ سلسلو هلي پيو. جنهن ۾ به پيش قدمي هن جي ئي رهي. ڪنهن ڏاهي جو قول آهي ته، “سچائي ۽ محبت پنهنجي چاهيندڙ کي پاڻ ڳولي لهندي آهي.” اها هن جي نظريي سان سچائي ۽ ڪمٽمينٽ هئي. بس هن کي خالي اهو پتو پوي ته شعور جون ڏياٽيون ڪٿي ٻرن ٿيون، هو پاڻ ڪهي ايندو هو. جيتوڻيڪ هو اسي جي ڏهاڪي ۾ هو ۽ ضعيف العمري هن کي قطعي اجازت نٿي ڏني، ته هو جواني جي مستين جيان اڻانگن سفرن تي نڪري پوي. عمومن عمر جي هنن ڏهاڪن ۾ ماڻهو مونن ۾ منهن پائي عبادت گذار ٿي ويندا آهن. پر هي ڪامريڊ جتي به ڏس مليس ته هتي ڪو سماجي اُٿل پاٿل جي حوالي کان، يا شعور جي آگاهي لاءِ ڪو ميڙاڪو آهي ته پاڻ کڻائي پهچي ويندو هو. جيتوڻيڪ هو ضعيف العمري سبب سياسي ڪم ڪرڻ کان ته رهجي ويو هو، پر توڙ تائين هن جي اها خواهش ئي هئي، جيڪا هن کي مختلف اسٽيجن تي ڇڪي کڻي ويندي هئي. جيتوڻيڪ منتظمين کي هنجي آمد ۽ ڳالهائڻ ناگوار گذرندو هو ۽ پروگرام جي ترتيب ۾ خلل محسوس ٿيندو هو پر هو اُنجي پرواهه نه ڪندو هو. اُن کان علاوه مختلف سياستدانن وٽ بنا ٽائيم وٺي يا بنا پروگرام جي وڃڻ ۽ اُنهن جي نه چاهڻ جي باوجود به ساڻن ڪچهري ڪرڻ ۽ انقلاب ۽ انقلابي جدوجهد سان لاڳاپيل سوال ڪرڻ، هنن کي چڙ ڏياريندا هئا، پر شاهه رضا خان نه مڙيو. نه هن سوال پڇڻ بند ڪيا ۽ نه ئي هن اُنهن جي غصي ۽ چڙ کي ڪڏهن به ڌيان ۾ آندو. بلڪه مون کي محسوس ٿيو ته، پوئين دور ۾ هن انقلابي شخص کي، هو چريو ڪري ڪوٺيندا هئا. اُن تي مون کي پنهنجي ترجمو ڪيل هڪ پرڏيهي ڪهاڻي جو ڪردار ياد اچي ٿو، جيڪو پنهنجي انقلابي ساٿين سان گڏ جدوجهد ڪري ٿو ۽ پوءِ جڏهن انقلاب اچي وڃي ٿو ته هن جا ساٿي دنياوي سحر ۾ وڃائجي وڃن ٿا. عياشيون، ڪرپشن، رشوتون..... اُنهن جي زندگي جو مقصد رهجي وڃي ٿو. تڏهن اُهو انقلابي ڪردار روڊن تي نڪري اچي ٿو ۽ هو ڀتين تي اُهي ئي پراڻا نعرا لکڻ شروع ڪري ٿو: انقلاب زندهه باد، پورهيتن جا حق بحال ڪريو، ملڪيتون ورهايو....... اقتدار جي نشي ۾ گم ٿي ويل انقلابي، پهرين کيس جيل ۾ واڙين ٿا ۽ اڳتي هلي کيس چريو قرار ڏيئي ڇڏين ٿا.
    منهنجي نظر ۾ شاهه رضا خان به اهڙن چرين مان ئي هڪ هو، جنهن پنهنجين اکين سان اُنهن سپنن کي چڪناچور ٿيندي ڏٺو، جيڪي هن انقلاب لاءِ ڏٺا هئا. پنهنجن ساٿين کي انقلابي راهه تان هٽندي، بازاري ويڪائو مال جيان سستي ملهه وڪامجندي ڏٺو. پوءِ جي هو اسٽيج تي بيهه اهڙيون حرڪتون ڪري يا نام نهاد ترقي پسند سياستدانن جي ڊرائنگ رومن ۾ گهڙي، اُنهن کي پنهنجو ماضي ياد ڏياري ته پوءِ ڀلا اهڙي چرئي کي ڪير برداشت ڪندو؟
    شاهه رضا خان فطرت جي سونهن سان سرشار، چيڙ ۽ چلغوزي جي وڻن سان سٿيل ۽ معدني ۽ قدرتي وسيلن سان مالامال، آڪاش جي بلندين کي ڇهندڙ ايلم پهاڙ جي هنج ۾ اڏيل شهر پاچاڪلي واقع ضلعو بنير خيبرپختونخواهه ۾ اڄ کان تقريبن 74 سال اڳ جنم ورتو. هو ننڍپڻ ۾ ئي پنهنجي پيءَ سان گڏ روزگار واسطي 1950ع ڌاري ڪراچي ۾ آيو. هن جو پيءَ لانڍي ڪراچي ۾ هڪ خاتون جي بنگلي جي چوڪيداري ڪندو هو ۽ هو ٻارن جي سنڀال ۽ گهر جو ڪم ڪار ڪندو هو. اُن مهربان خاتون کيس نائيٽ اسڪول ۾ تعليم به ڏياري.
    اوائلي سياسي دور ۾ هو جماعت اسلامي جي ذيلي تنظيم جمعيت طلبه جو سرگرم ڪارڪن ٿي رهيو. حيرت جي ڳالهه اِها آهي ته جڏهن جماعت اسلامي جي رهنما مولانا مودودي اليڪشن ۾ صدر ايوب خان جي مقابلي ۾ بيٺل محترمه فاطمه جناح جي حمايت ڪئي، ته هو محض ان ڪري جماعت اسلامي کي الوداع چئي آيو، جو هو اُن وقت پنهنجي مذهبي نقطي نگاهه کان عورت جي حڪمراني جو قائل نه هو. اهو ئي شاهه رضا خان، جنهن بنياد پرستي سان سلهاڙيل فڪر سان سياست جي شروعات ڪئي، اڳتي هلي هڪ اهڙو آزاد خيال، سماج ۾ برابري جو روشن تصور رکندڙ سياسي ورڪر ٿيو، جيڪو نه صرف عورت جي آزادي ۽ سماج ۾ برابري جو ذهني طور روح روان رهيو، پر عملي طور به اُنجو مظاهرو ڪندي پنهنجين نياڻين کي کلي ماحول ۾ نه فقط سٺي تعليم ڏياري، بلڪه اُنهن کي سماجي سرگرمين ۾ شرڪت جي به ڇوٽ ڏني.
    شاهه رضا خان جو نظرياتي ۽ فڪري اُستاد عزيز سلام بخاري هو، جنهن سندس ذهني اوسر ڪئي ۽ کيس جديد ترقي پسند، سماجي برابري تي ٻڌل فڪر سان روشناس ڪرايو. اُن کان علاوه هو خير بخش مري کي به پنهنجو اُستاد ڪري مڃيندو هو، جنهن کيس قوم پرستي جي سياست جي آگهي ڏني.
    شاهه رضا خان 1970ع کانپوءِ حيدرآباد لڏي آيو. هو سئي سدرن گئس ڪمپني يونين جو تقريبن ڇهه ڀيرا جنرل سيڪريٽري رهيو ۽ پوءِ پنهنجي سياسي رهبر عزيز سلام بخاري جي چوڻ تي ته ،“هن ڌرتي جي ادارن تي پهريون حق هتي جي مقامي ماڻهن جو آهي”، پنهنجي جڳهه تي پنهنجي ئي هڪ پورهيت ساٿي خير محمد خاصخيلي کي يونين ۾ چونڊرايائين.
    شاهه رضا خان متحده مزدور فيڊريشن جي پليٽ فارم تان کوڙ ساريون جدوجهدون ڪيون. هن وليڪا ٽيڪسٽائل مل ۾ هڙتال ڪرائي. مل مالڪن هن کي گهرائي وڏي پئسي جي آفر ڏيندي چيو ته، يا پئسه وٺي هڙتال تان هٿ کڻ يا جيل قبول ڪر. پر هي ارڏو مڙس پنهنجي فڪر ۽ آدرش کان هڪ پير به پوئتي نه هٽيو. لاکڙا پاور هائوس ۾ ڪرايل هڙتال، رڪشا ڊرائيورن، چوڙي مزدورن جي ڪرايل تاريخي هڙتال، پ ٽ الف طرفان هلايل جدوجهدن ۽ هڙتالن ۾ سهڪار، مزدور اڳواڻ ڪنيز فاطمه، عثمان بلوچ، احساس عظيم، قادر بخش طالباڻي ۽ ٻين ڪامريڊ ساٿين سان مختلف مسئلن تي گڏيل جدوجهدون، تاريخ ۾ سدائين هن جي کاتي ۾ رهنديون.
    شاهه رضا خان پٺاڻ پورهيتن جي حقن لاءِ ڪيل جدوجهدن جي سلسلي ۾ ڪئين ڀيرا جيل به ڀوڳيو. هن کي فوجي آمر جنرل يحيٰ خان جيل اُماڻيو. ذوالفقار علي ڀٽو جي دور ۾ هو ڊي پي آر ايڪٽ تحت گرفتار ڪيو ويو. نوازشريف جي 1990ع واري دور ۾ هو لاکڙا پاور هائوس ۾ ڪم بند ڪريو تحريڪ جي سلسلي ۾ جيل ۾ واڙيو ويو ۽ آخر ۾ هو پرويز مشرف جي دور ۾، جسٽس افتخار چوڌري جي بحالي جي سلسلي ۾ هلايل تحريڪ ۾ اسلام آباد ۾ گرفتار ڪيو ويو ۽ مٿس تشدد ڪري پوءِ ستت ئي کيس آزاد ڪيو ويو. شاهه رضا خان 3 مهينا ڪراچي، 9 مهينا سکر ۽ ڪجهه عرصو نارا جيل ۾ به رهيو.
    شاهه رضا خان انتهائي کرو ۽ سچو انسان هو. اهو ئي سبب هو جو هن کان ڪو به غلط ڪم برداشت نه ٿيندو هو ۽ هو اُنتي اٽڪي پوندو هو، پوءِ ڀلي هن کي نقصان کڻڻو يا ڀوڳڻو ڇو نه پوي. لاکڙا پاور هائوس ۾ هڙتال تي جڏهن جج هن جي عام موڪل جي ڏينهن تي پيشي ڪئي ته،هو ساڻس اٽڪي پيو ۽ کيس منهن تي چئي ڏنائين ته، قانون تي هل، قانون جون ڌڄيون نه اُڏائي. هن ڀلي ڀت ڄاتو ٿي ته هن جو اِهو جواب کيس نقصان ڏيندو، پر هن اُنجي پرواهه نه ڪئي. سئي گئس ڪمپني ۾ جڏهن هڪ سياسي ورڪر جي نياڻي جي نوڪري جي بحالي جي سلسلي ۾ آفيسر آنا ڪانا ڪئي ته هن کيس گلي مان وٺندي دير نه ڪئي. عمر جي آخري ڏهاڪي ۾ جڏهن هو محمود خان اچڪزئي جي پختون خواهه ملي عوامي پارٽي ۾ هو، اُنجي جلسي جي اجازت وٺڻ لاءِ هو ان وقت جي ايس پي وٽ ويو. ٻه ٽي ڀيرا ايس پي آفيس ۾ نه هئڻ کانپوءِ، جڏهن کيس مليو ته هو ڏاڪا ٻڌي اُن تي چڙهي ويو ۽ ساڻس ڊيوٽي تان غير حاضري جو برملا اظهار ڪيائين. معاملو تو تو مين مين کان وڌي ويو پر هي اصول پرست شخص نه مڙيو. نيٺ ايس پي موقعي جي نزاڪت ڄاڻي معافي وٺي جان ڇڏائي.
    شاهه رضا خان پنهنجي پوري حياتي تائين پورهيت طبقي سان منسلڪ رهڻ پسند ڪيو. هو سئي سدرن گئس ڪمپني ۾ جونيئر ڪلارڪ طور ڀرتي ٿيو. پوءِ سينيئر ڪلارڪ ۽ پوءِ سپرنٽنڊنٽ ٿيو. اُن کانپوءِ هن مٿئين آفيسر گريڊ ۾ پروموشن وٺڻ کان محض انڪري انڪار ڪيو، جو هن ڄاتو ٿي ته آفيسر گريڊ ۾ وڃڻ سان هن جو پورهيت طبقي جي سياست سان رشتو ٽٽي پوندو. هن جي دوستن مٿس گهڻو زور بار وڌو پر هن پورهيت طبقي جي حقن جي سياست کان پاڻ کي الڳ ڪرڻ نٿي چاهيو ۽ هن جو ساڻن اهو رشتو ساهه جي تند ٽٽڻ تائين برقرار رهيو.
    شاهه رضا خان کي انقلاب سان ايئن پيار هو جيئن ماڻهو کي پنهنجي محبوبه سان پيار هوندو آهي. اسان وٽ محبوبه سان ڳالهائڻ لاءِ به، ماڻهو ڪنجوسي کان ڪم وٺي موبائيل جو پيڪيج ڪندا آهن. پر هن درويش کي بس ڪو سياسي مسئلو هٿ چڙهي، راءِ وٺڻ لاءِ تيستائين پيو ڳالهائيندو، جيستائين موبائل مان بئلنس ختم نه ٿئي.
    هو ذاتي زندگي ۾ به انتهائي ايماندار ماڻهو هو. هن پنهنجا ثواب ته ڪڏهن ظاهر نه ڪيا، پر پنهنجا گناهه ڪڏهن به نه لڪايا. مون کي سوانح عمريون اڪثر ڪو نه وڻنديون آهن. انهي ڪري جو اُنجا لکندڙ پنهنجون چڱايون ته ڳڻائيندا آهن، پر پنهنجي زندگي جي منفي پهلوئن کي ڳڙڪائي ويندا آهن. اها ڳالهه مون سميت اُنهن ناليوارن ترقي پسند سياستدانن ۽ دانشورن تي به لاڳو ٿئي ٿي، جيڪي ڳالهيون ته ڀليون ڪندا آهن، پر نجي زندگي جي اونداهن پاسن تي ڳالهائيندي شرم ايندو اٿن. پر شاهه رضا خان ڪڏهن به پنهنجي زندگي جي ڪنهن به پاسي کان ماڻهن کي اوندهه ۾ نه رکيو. حتاڪ هن پنهنجي پيار محبت جي داستانن جو ذڪر عمر جي اُن ڏهاڪي ۾ به ڪيو، جڏهن اُنجي عمر جي محترم بزرگن جو ڪم رڳو نصيحتون ڪرڻ رهجي ويندو آهي. پوءِ ڀلي اُنهن جو ماضي ۽ حال اُن اخلاقيات سان مناسبت به نه رکندو هجي.
    شاهه رضا خان جو واسطو جيتوڻيڪ پختونن جي ڌرتي سان هو، پر هو سنڌ جو حلالي پٽ ٿي رهيو. افغانستان ۾ جڏهن ڪامريڊن سردار دائود خان جو تختو اونڌو ڪري ڪميونسٽ انقلاب آندو ۽ نور محمد ترڪئي ملڪ جون واڳون سنڀاليون، ته هن پنهنجي تقرير ۾، اهو چيو ته، آئون افغانستان ۾ ته پٺاڻن جي حقن جو محافظ آهيان، پر آئون اُن پٺاڻ کان سخت نفرت ڪريان ٿو. جيڪو هندستان ۾ وڃي اُتي جي ماڻهن کي لٽي ٿو ۽ هتي ناڻو آڻي ٿو. شاهه رضا خان ان فڪر سان واڳيل انسان هو. اهو ئي سبب هو جو، جڏهن ڳالهين ڳالهين ۾ سندس پراڻو سياسي ورڪر دوست قاسم پٿر، ڪڏهن ڪڏهن غصي مان پٺاڻن جي سنڌ تي ڪيل يلغار ۽ بيل تي ڳالهائيندي شاهه رضا خان تي به باهيون ڇنڊيندو هو، ته هو نه صرف خفا نه ٿيندو هو بلڪه چوندو هو ته قاسم پٿر صحيح ٿو چوي.
    هن جو قومي مسئلي تي بلڪل چٽو ۽ واضح موقف هو ۽ هن سنڌ تي سنڌين جي وارثي جي پهرئين حق کي نه صرف تسليم ڪيو ٿي پر عملي زندگي ۾ به هن اُنجو مظاهرو ڪيو. جڏهن هن جي ٻارن تعليمي ادارن ۾ داخلا لاءِ سنڌ جو ڊوميسائيل ٺهرائڻ چاهيو ته هن اُنهن کي سختي سان منع ڪندي چيو ته پاڻ هتي اُجرت جي بنياد تي آيل آهيون ۽ هتي جي ادارن تي پهريون حق هتي جي مقامي ماڻهن جو آهي. اهڙي ريت هن تعليمي ادارن م پنهنجن ٻارن کي پختونن جي ڪوٽا تي چونڊرايو.
    هن جو دستر خوان سياسي ماڻهن لاءِ سدائين جاري و ساري رهيو. هن جي دسترخوان جو مخصوص پٺاڻڪي طريقي سان اُٻاري رڌل گوشت جو ذائقو زبان کي اڄ به محسوس ٿئي ٿو. هو نه صرف هڪ ترقي پسند خيالن جو مالڪ هو، پر اُنجو هن هميشه عملي ظاهرو به ڪيو. اسانجي سنڌي سماج جا ترقي پسند مرد حضرات روشن خيال هئڻ جي دعويٰ ته ڪندا آهن، پر عملي زندگي ۾ عورتن جي معاملي ۾ ساڳيو قدامت پسندي جو مظاهرو ڪندي، پنهنجي عورتن کي ڪنهن پارٽي يا فنڪشن ۾ آڻڻ يا متعارف ڪرڻ کان پيا ڪيٻائيندا آهن. پر شاهه رضا خان نه صرف پنهنجين نياڻين کي کلئي ماحول ۾ سٺي تعليم ڏياري، پر پنهنجي فيملي کي سماجي تقريبن ۾ متعارف ڪرائيندي ڪڏهن به عار نه محسوس ڪئي.
    شاهه رضا خان جنهن سان به گڏ سياست ڪئي، يا جنهن سان به هن جي خيالن ۾ هم آهنگي رهي، اُن جو سدائين خيال رکيائين. هڪ واري جيڪو سندس صحبت ۾ آيو اُن کان وري نه وسريو. ڀلي هي جهان ڇڏي وڃي، ته به پيو اُن کي ياد ڪندو ۽ ڪوشش ڪندو ته اُن جي ڪم کي ماڻهن تائين پهچائجي. اهو ئي سبب هو جو هن پنهنجي پورهيت ساٿي ورڪر باقر ثنائي تي ڪتاب پنهنجي هڙان وڙان ۽ سنگت ساٿ کان پٽ سٽ ڪري ڇپايو. هو پنهنجي سياسي ورڪر دوست قاسم پٿر جي هر ورسي تي عمر ۽ صحت جي پرواهه نه ڪندي، هر سال باقائدگي سان ايندو هو. نه صرف ايترو پر هن قاسم پٿر جي شخصيت ۽ سياسي پورهيئي تي نڪتل ڪتابن ۾ مالي معاونت به ڪئي. هو سماجي ۽ سياسي فنڪشنن ۾ جڏهن به گڏ هلندو هو، ته ڪوشش ڪري ڪنهن تي بار نه بڻبو هو ۽ گهڻو ڪري سڀ کان گهڻي ۾ گهڻو مالي وزن پاڻ تي رکندو هو.
    پوين ڏينهن ۾ هن کي غصو تمام گهڻو ايندو هو. اُنجا سبب هن کي ڪافي عرصي کان لڳل ڊپريشن جي بيماري، پوڙهائپ يا ٻيا ڪي سماجي مسئلا هوندا، پر اُنجو نزلو سدائين گهروارن تي ئي ڪرندو هو ۽ پوءِ جڏهن سندن شڪايت تي دوستن، جڏهن شاهه رضا خان کي چيو ته “آخر تو ۾ ۽ بنياد پرستن ۾ ڪهڙو فرق ٿيو؟ هو به پنهنجي فڪر کي نه مڃڻ تي ٻين کي ايذائن ٿا ۽ تون به پنهنجي مرضي ٿاڦڻ لاءِ زبردستي ٿو ڪرين.” شاهه رضا خان نه صرف دوستن جي ڳالهه کي فراخدلي سان ٻڌو پر اُهو ڏينهن ۽ زندگي جو آخري ڏينهن، هن وري ڪڏهن به غصي يا چڙ کي پنهنجي ويجهو اچڻ نه ڏنو ۽ نه ئي وري ڪنهن کي ڪو شڪايت جو موقعو ڏنو. شاهه رضا خان عمر جي پوئين حصي ۾ به ڪتابن سان ناتو نه ڇنيو. هو مارڪيٽ ۾ ايندڙ نوان ڪتاب نه صرف خريد ڪري پاڻ پڙهندو هو پر دوستن کي به پڙهڻ لاءِ ڏيندو هو.
    شاهه رضا خان جيئن ته ڪافي وقت کان ڊپريشن جي بيماري ۾ مبتلا هو، ان ڪري هو هڪ ڀيرا ڪوما ۾ به هلو ويو، پر هو جڏهن به بيماري مان اُٿندو هو ته سنگت کي ڳولي لهندو هو. جنهن وٽ به ايندو هو ته اُٿڻ جي نه ڪندو. هو بحث ڇيڙيندو ۽ ڪوشش ڪري ٻئي کي ٻڌندو ۽ انهي آس ۾ رهندو ته ڪٿي سندس وڃايل انقلاب جو گس ملي وڃي ۽ ماڻهو اُن گس تي هلي پون.
    هو جڏهن به مون وٽ ايندو هو، ته سدائين گهٽي ڀلجي ويندو هو ۽ ماڻهن کان پڇائي پڇائي مون وٽ پهچندو هو. هن جي پڇائن جي ڪري ئي آئون اُنهن ماڻهن ۾ به سڃاڻجڻ لڳس، جيڪي مون کي اڳي نه سڃاڻندا هئا. اسانجي ڊرائنگ روم ۾ ڪچهري هلندي ڪافي مٿان ڪافي وري ڪافي، سگريٽن جا ڪش ۽ پوءِ رات جو گهڻي دير ٿيڻ ڪري هن کي زوري روانو ڪبو هو، پر هن جي دل وڃڻ تي ڪو نه چوندي هئي. ۽ پوءِ 2014ع جو سال، جڏهن هن جي وفات سان اُهي ڪچهريون پچاڻي تي پهچي ويون.
    اڄ اُهوئي ڊرائنگ روم آهي. اُهي ئي ڪافي جي ڪوپ تي ڪچهريون آهن، پر اُنهن ڪچهرين ۾ شاهه رضا خان موجود ناهي. ڳالهيون اُهي ئي آهن. ڳالهين جو ڳر به اُهوئي آهي، جيڪو هو گنجي ٽڪر جي پٿرائين ڳاڙهسري مٽي ۾ سنڀالي ستو آهي. ۽ ها! اڄ به انهي ڪافي جي ڪوپ مان سندس چاهت جي چاشني جو ذائقو محسوس ٿئي ٿو. اڄ به هن جا خيال ۽ آئيندي جا خواب سگريٽن جي ٽوٽن مان دونها بنجي اُٿن ٿا ۽ هر ڏس ڦهلجي وڃن ٿا ۽ پاچا ڪلي شهر جي اوٽ بنيل ايلم پهاڙ کي ڇهن ٿا. مون کي اُن وقت ذهن تي تري اچي ٿو مدد خان پٺاڻ- هڪ اُهو پٺاڻ هو جنهن جي گهوڙن جي سنبن سنڌ تاراج ڪري ڇڏي هئي. اڄ به جڏهن هن ڌرتي تي ڪو انياءُ يا بربريت ٿئي ٿي ته هن جي ظلمن جي علامت بنيل لفظ گهوڙا ڙي گهوڙا استعمال ٿئي ٿو ۽ ٻيو پٺاڻ هو شاهه رضا خان- جنهن سنڌ ڌرتي کي پنهنجي ماءُ مڃي اُنجي سپوت پٽ جيان خدمت ڪئي ۽ هتي جي ڌرتي جي پويتر مٽي کي پنهنجو ابدي آستانو بنائيندي اُنجي هنج ۾ سمهي پيو.
    واقعي هو ايلم جو پهاڙ هو. اڄ به هن جي ڄاڻ ۽ پورهيو هن ڌرتي جي ماڻهن لاءِ معدني ۽ قدرتي وسيلن سان مالامال ايلم پهاڙ جيان سکي ۽ ستابي سنڌ جو ظامن آهي. ان ۾ ڪو شڪ به ناهي. هو واقعي ايلم جو پهاڙ هو.


    1- روزانه سنڌ ايڪسپريس حيدرآباد 03 ۽ 10 سيپٽمبر 2015 وارن پرچن ۾ ٻن قسطن ۾ ڇپيل.


    غلام حسين رنگريز

    تعارف
    سنڌي ادب ۾ غلام حسين رنگريز جي نالي سان سڃاتو ويندڙ، هن ٻهڳڻي اديب جو اصل نالو غلام حسين، والد شفيع محمد ۽ ذات جو کٽي 18 اپريل 1945ع ۾ ميرپوربٺورو ۾ ڄائو. سندس والد پنسار جي ڌنڌي سان لاڳاپيل هو. غلام حسين رنگريز ابتدائي تعليم مدرسي مولوي ولي محمد ميمڻ ۽ پرائمري تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول ميرپوربٺوري مان ورتي. ميٽرڪ لوڪل بورڊ مڊل اسڪول ميرپوربٺورو جنهن کي پوءِ لوڪل بورڊ هاءِ اسڪول ۽ وري پوءِ گورنمينٽ هاءِ اسڪول جو درجو ڏنو ويو، مان 1962ع ۾ پاس ڪئي. انٽر سال 1964ع ۾ سچل سرمست ڪاليج حيدرآباد ۽ بي اي سال 1966ع ۾ مسلم ڪاليج حيدرآباد مان ڪئي. ايم اي پوليٽيڪل سائنس ۾ سال 1968ع م سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان ڪئي. بي ايڊ 1966ع ۾ ۽ ايم ايڊ سال 1973ع ۾، سنڌ يونيورسٽي اولڊ ڪئمپس حيدرآباد مان ڪئي. ايل ايل بي سال 1974ع ۾ سنڌ يونيورسٽي سان لاڳاپيل سنڌ لا ڪاليج مان پاس ڪئي.
    غلام حسين رنگريز جي بحيثيت پرائمري ٽيچر پهرين پوسٽنگ سال 1963ع ۾ هڪ سئو رپيا ماهوار پگهار تي گورنمينٽ پرائمري اسڪول مراد علي زئور تعلقو ميرپوربٺورو ۾ ٿي. 1965ع ۾ هن کي JV گورنمينٽ ٽريننگ اسڪول ميرپوربٺورو ۾ رکيو ويو، جنهن کي اڳتي هلي گورنمينٽ ايليمينٽري ڪاليج آف ايجوڪيشن جو درجو ڏنو ويو. 1967 ۾ 175 رپيه ماهوار پگهار تي هن کي بطور سينيئر اسڪول ٽيچر ۽ هاڻي ان کي HST سڏجي ٿو، پروموشن ڏئي ساڳئي ڪاليج ۾ رکيو ويو ۽ اُن کانپوءِ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ميرپوربٺورو ۾ بدلي ڪيو ويو. غلام حسين رنگريز مٿيئن اسڪولن کان علاوه گورنمينٽ هاءِ اسڪول ميرپورساڪرو، مٺياڻي ضلعو نوابشاهه، خيرپورميرس ۽ ٽريننگ ڪاليج قاسم آباد ڪراچي ۾ به نوڪري ڪئي. 1994ع ۾ گورنمينٽ ٽريننگ ڪاليج ميرپوربٺورو مان پنهنجي مرضي سان سرڪاري نوڪري تان رٽائرمينٽ ورتي ۽ اُن کانپوءِ ڇهه کان ست سال تائين وڪالت به ڪئي. پر ڪورٽن ۾ انصاف کان ڪوهين ڏور هلندڙ ٺڳي جا ٺاهه ۽ فيصلا، سندس مزاج کي ڀانءِ نه پيا ۽ هن وڪالت جي پيشي تان به رٽائرمينٽ اختيار ڪري ورتي.
    غلام حسين رنگريز جي ادب سان دلچسپي جي شروعات 1958ع کان ٿي. ميرپوربٺوري توڙي ضلعي ٺٽي ۾ برپا ٿيل ادبي سنگتن ۾ نوجوانن جي ادب ڏانهن لاڙي ۽ اُنهن جي فڪري اوسر ۾ سندس ڪيل خدمتون نمايان آهن. غلام حسين رنگريز 90-1988ع دوران سنڌي ادبي سنگت جو مرڪزي سيڪريٽري به رهيو. ان عرصي دوران هن سنگت پبليڪيشن پاران رسالو جاري ڪيو ۽ سنڌ جي مختلف شهرن ۽ ڳوٺن جي سنڌي ادبي سنگت جي برانچن کان علاوه اسلام آباد، واهه ڪينٽ، راولپنڊي ۽ ڪوئيٽا جي شاخن جا به دورا ڪيا ۽ اُنهن جي پروگرامن ۾ به شريڪ ٿيو، ۽ ساڳئي وقت غير فعال بنيل شاخن کي متحرڪ ڪيو. هن پنهنجي سيڪريٽري شپ واري عرصي ۾ لطيف سائين ۽ ٻين ادبي ۽ علمي شخصيتن تي پروگرام ڪرائڻ کان علاوه، هند کان ڪهي آيل سنڌي اديبن لاءِ آجياڻي جو اهتمام به ڪرايو، ته ساڳئي وقت سنڌي ادبي سنگت ۾ هلندڙ ڇڪتاڻ ۽ گروهه بندي کي ختم ڪرائڻ ۾ به پنهنجو ڪردار ادا ڪيو. اُن کان سواءِ غلام حسين رنگريز اديبن سان ملهائجندڙ شامن، ڪتابن جي مهورتن ۽ مختلف ادبي ۽ سماجي شخصيتن تي ٿيندڙ ورسين وغيره ۾، بحيثيت مهمان خاص مدعو ڪيو ويو آهي يا صدارت ڪري چڪو آهي.
    غلام هسين رنگريز جيتوڻيڪ باضابطه ڪنهن سياسي پارٽي سان وابسطه نه رهيو آهي، پر هن جو فڪري لاڙو سن جي سائين جي ايم سيد ڏانهن رهندو پي آيو آهي. اهو ئي سبب آهي جو سندس قومي ۽ ترقي پسند خيالن سبب هن کي نوڪري جي دوران سزا طور خيرپور، مٺياڻي ۽ ٻين شهرن ۾ جبري بدلي به ڪيو ويو. نه صرف ايترو پر هن کي 1974ع ۾ ڪئٽرڪ هال ۾ جي ايم سيد جي سالگرهه ۾ شرڪت جي ڏوهه ۾ DPR (ڊفينس رولز آف پاڪستان) جي تحت ڀٽو سرڪار پاران ميرپوربٺورو مان گرفتار ڪيو ويو ۽، تقريبن 15 ڏينهن برگيڊ ٿاڻي حيدرآباد تي باندي رکڻ کانپوءِ سينٽرل جيل ڪراچي منتقل ڪيو ويو. 1977ع جي وچ تائين هن کي هر مهيني خانه پورائي لاءِ ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويندو هو، جنهن دوران نه ته ڪيس هلايو ويو ۽ نه ئي شاهدن کي گهرايو ويو. جولاءِ 1977ع ۾ ڀٽي جي حڪومت جو تختو اونڌو ٿيڻ کانپوءِ جنرل ضياءُالحق جي دور ۾ هن مٿان ٿاڦيل ڪيس واپس ٿيا ۽ کيس آزاد ڪيو ويو.
    غلام حسين رنگريز شاعري سان گڏوگڏ تاريخي، سماجي، سياسي، فڪري ۽ ادبي موضوعن ۽ مختلف شخصيتن تي مضمون/ مقالا لکڻ کان علاوه آتم ڪٿا ۽ پرڏيهي ادب جي ترجمي تي به قلم کي استعمال ڪندي سنڌي ادب کي مالا مال ڪيو آهي. اُن کان علاوه هو موجوده وقت ۾ روزانه سنڌ ايڪسپريس اخبار ۾ هفتيوار ڪالم به لکي ٿو. سندس شاعري کي سنڌ جي ڀلوڙ راڳي الهڏني خاصخيلي کان سواءِ ٻين فنڪارن به ڳايو آهي. غلام حسين رنگريز پنهنجي اباڻي شهر ميرپوربٺورو ۾ کوڙ سارا ادبي پروگرام ۽ محفلون مچائي چڪو آهي، جن ۾ جشن لطيف، مريم مجيدي ۽ ارشاد ساگر سان شام، محمد علي مانجهي جي ڪتاب مڪلي ۽ مانجهي، علي محمد پرويز جي ڪتاب رت جا ڦڙا، آسي زميني جي ڪتاب مڃتا جي رڃ ۾، نواز خان زئور جي ڪتاب ڪالهه گڏيوسين ڪاپڙي، نور محمد کيبر، ذوالفقار ميمڻ، سارنگ شاهه ۽ منصور سوراج جي ڪتاب اڄ جو آدم جي مهورت، محمد عثمان ڏيپلائي تي سيمينار، ارشاد ساگر ۽ ساحر پريمي ۽ سرويچ سجاولي جي ورسي جي مناسبت سان ميڙاڪن کان علاوه، اُستاد الهڏني خاصخيلي، مائي الهه وسائي، اُستاد علي محمد خاصخيلي سان راڳ رهاڻ ۽ خادم حسين رند، محمد اشرف سومرو ۽ رسول بخش درس کان ڪرايل ليڪچر ۽ رهاڻيون شامل آهن.
    غلام حسين رنگريز جي علمي ۽ ادبي پورهيئي ۾ سندس پهريئين مضمونن جي ڪتاب سرمد ڇا ٿو سوچي کان علاوه سندس تخليق ڪيل هيٺيان ڪتاب به شامل آهن.
    وکر سو وهاءِ- مضمونن جو ڪتاب
    غلام جا ٽهڪڙا- ڊرامي جو ترجمو
    سونهن سهائي سوچ- مضمونن جو ڪتاب
    اکين اُڃ اپار- شاعري
    خانه بدوش روح جي ڪٿا- آتم ڪٿا ڀاڱو پهرين
    رهيو روح رباب- آتم ڪٿا ڀاڱو ٻيو
    ورق ورق زندگي- نثري ٽڪرا
    تصوف هڪ تحريڪ- مضمون
    مقبرن جي پٿرن تي اُڪريل تاريخ -ترجمو
    فن تحرير جي تاريخ. - ترجمو
    غلام حسين رنگريز جي انهن ڇپيل ڪتابن کان علاوه سندس اڻ ڇپيل مواد ۾ هٿن مان ڪريل دعا (مضمون)، روح جو آبشار (شاعري)، هڪ آرزو جو انت (ڪهاڻيون)، ڀنڀور کي باهه (ناوليٽ) ۽ مختلف شخصيتن تي لکيل خاڪا (Profiles) شامل آهن.
    ***

    چٽيا چٽ رنگريز

    ائنٿرا پالاجي ۾ ڏند ڪٿا جوڙيندڙ کي شاعر مڃيو ويندو آهي. اُن لاءِ لفظ Myth Maker استعمال ٿيندو آهي. سائين غلام حسين رنگريز هونئن ته شاعر آهي ئي، پر ذات جي حساب سان به اُن ثقافتي ورثي سان مالا مال نسل سان تعلق اٿس، جيڪي اجرڪن۽ لوين تي ايئن چٽ چٽين ٿا جيئن اُڀ ۾ تارا ٽانڪيل آهن. هڪ پامسٽ لاءِ پنهنجي هٿ جون لڪيرون پڙهڻ ناممڪن آهن، پر رنگريز پنهنجي من اندر ۾ ڇپيل لڪيرن ۽ ريکائن کي هڪ رنگريز جيان ڪوري ڪپڙي تي جڏهن ٺپي ٿو ته اُها اجرڪ جي خوبصورت چٽن جيان شاعري جو اجهو هيئن روپ ڌاري ٿي.
    مسجدن ۾ پيو ڪنهن کي ڳولين
    تو ۾ ساري سرشٽي آهي.
    يا وري
    موسم هن جي جوڀن آ، جوڀن رت ۾،
    عضون جا سڀ رنگ نيارا ڳالهائين ٿا.
    رنگريز سان منهنجي واقفيت ڪافي پراڻي آهي. جي ماڃر هن جي شاعري جي محبوبه آهي ته ماڃر منهنجي لاءِ به انساني نسل جي واڌ جو تسلسل بڻي آهي. اِها ڳالهه سائين رنگريز سمجهي ويو هوندو.
    ميرپوربٺورو جنهن کي ڪنهن زماني ۾ سنڌ جي ويٽنام سان ياد ڪيو ويندو هو. اُتي مختلف حوالن کان ٽي اوتارا هئا. هڪ وڏيرن جو اوتارو، جنهن جو ڪرتا ڌرتا فقير عيسيٰ هوندو هو. ٻيو قاسم پٿر جي ماڙي جيڪا سن جي سائين جي بنگلي جيان ڏيک ڏيندي هئي. فرق صرف اِهو هوندو هو ته سن جي سائين جي بنگلي کان درياهه جو ديدار نصيب ٿيندو هو ۽ قاسم جي ماڙي تان وري بٺوري جو تلاءُ جيڪو ڪنهن ڍنڍ جو ڏيکاءُ ڏيندو آهي. اُتي مختلف سياسي ماڻهن جي آوت جاوت روز جو معمول هوندي هئي ۽ مختلف فڪرن ۽ سماجي تبديلين تي کليل دل سان بحث ٿيندو هو ۽ ٽيون سائين غلام حسين رنگريز جو اوتارو وسندو هو. جنهن ۾ ادبي لڏو پنهنجي حال سارو زماني جي اٿلن پاٿلن ۽ فطرت جي نظارن ۽ سونهن ۽ عشق کي محور بنائي شاعري يا ٻي ڪنهن ادبي صنف جو روپ پيو ڏيندو هو.
    اڄ انهن آستانن جي اُها رونق نه رهي آهي جتي ڪڏهن ڪي خواب اُڻبا هئا ۽ آدرشن ۽ آجپي جا سپنا جوڙبا هئا. شايد اسانجي جينيس ڪلاس کي روس جي ٽٽڻ کانپوءِ NGOS جي شڪل ۾ آدرش ملي ويو آهي ۽ پنهنجي احساس محرومي ۽ اندر جي موقعي پرستي ۽ شيطان کي لڪائڻ لاءِ، دير ئي سهي، جي سماج نه ته به گهٽ ۾ گهٽ هنن ته پنهنجو آئيندو ٺاهڻ جو رستو ڳولي ورتو آهي، مون هڪڙي پرڏيهي ڪهاڻي ترجمو ڪئي هئي اُن جو ڪردار، انقلاب اچڻ کانپوءِ به ڀتين تي ساڳيا نعرا لکي ٿو آزادي ڏيو. ماڻهن کي حق ڏيو. محنت جو اُجورو ڏيو ۽ پوءِ اُهي آزادي آڻيندڙ پراڻا ڪامريڊ جيڪي پاور ۾ اچي پنهنجي آدرشن کي ڀلجي چڪا آهن اُن کي چريو قرار ڏيئي جيل ۾ واڙي ٿا ڇڏين. بلڪل منهنجي ترجمو ڪيل ڪهاڻي جي ڪردار جيان توڙي جو ڪامريڊ ۽ سنگت جو کوڙ سارو لڏو ساٿ ڇڏي ويو آهي ۽ سڻڀي ماني تي پنهنجو دين ايمان وڪڻي چڪو آهي ۽ اڄ جڏهن پٿر جو سياسي اوتارو ۽ رنگريز جو ادبي اوتارو اُها رونق وڃائي چڪو آهي پر نه پٿر خاموش ٿيو آهي نه رنگريز رڙ ڪرڻ ڇڏي آهي. رنگريز جون هي سٽون ئي ڏسو.
    انسان جي عظمت کي وڌائڻ ٿو گهران مان،
    هڪ وار وري سوري سجائڻ ٿو گهران مان.
    اڄ مانُ مٽي ماءُ مٽائڻ ٿا گهران جي،
    تن جي ته سڄي ڪاڪ ڦٽائڻ ٿو گهران مان.
    هڪ شهر هو آباد جو برباد ڪيو تو،
    هن شهر کي نئون شهر اڏائڻ ٿو گهران مان.
    ڪنفيوشس چيو آهي ته “سچائي پنهنجي ڳولائو کي ڪڏهن به مايوس نه ڪندي آهي.” رنگريز به وقت سان ويڙهاند ۾ مايوس ناهي ٿيو.
    ٽانڊاڻا ٽانڊاڻا ڏيهه سارو ٿي ويندو،
    تو لئه ڄڀيون ڏيهه سارو ٿي ويندو.
    رنگريز وٽ آئيندي جو چٽو تصور موجود آهي. سر آرٿر ڪانن ڊائل جي موجب، “جيڪڏهن توهان کي نظر نٿي اچي ته ايئن نه سمجهو ته دنيا ۾ روشني نه رهي آهي. “رنگريز جي اک سان ڏسو توهان کي هر جاءِ تي معجزا نظر ايندا.
    سج تي ڇانيل ڪوهيڙي جو ڄار،
    مهاري ۾ ڪو ننڍڙو ٻار،
    تنهنجو جوڀن جهرڻي جيئن،
    ساوا ساحل پاڻي تار.
    اسان پاران شاعر جيڪي رڳو خيالن جي گهرائي تي گهڻو ڌيان ڏين ٿا، پر شاعري جي بحروزن ۾ ڪافي جهول هجي ٿو، اُتي غلام حسين رنگريز جي شاعري ۾ جتي مشاهدي جي گهرائي آهي، اُتي سندس ٻولي سادي ۽ شاعري جي بحروزن ۽ ڇند ماترائن جي حساب تي پوري لهي ٿي.
    هڪ اُستاد جي حيثيت سان رنگريز کي شاگرد ڪيئن ٿا محسوس ڪن اُنجي مون کي خبر ناهي. پر مان ادبي کيتر ۾ پيدا ڪيل سندس شاگردن سان ضرور مليو آهيان ۽ انهن کي پڙهيو به آهي. تنهن ڪري مون کي هتي مولانا رومي جي چوڻي خوب ٺهڪندي نظر اچي ٿي ته، “خدا کي سڃاڻڻ لاءِ سالن نه پر هڪ پل جي ضرورت هوندي آهي.”
    سائين غلام حسين رنگريز جو سنڌي ادبي سنگت سان سلهاڙيل دور غير متناظه رهيو. اسانجي ادبي سنگت کي ايشيا جي وڏي ۾ وڏي ادبي سنگت ڪوٺيو وڃي ٿو. مان نٿو مڃان. مقداري حوالي سان اها ٿي سگهي ٿي پر معياري حساب سان اها بحث طلب آهي.
    اسانجا اديب پنهنجي ادبي ڪاوشن ۽ تحقيق تي گهٽ ڌيان ڏين ٿا. تون مون کي حاجي چئو مان توکي غازي چوان، چوڻي جي مصداق پاڻ کي برک اديب چوائڻ لاءِ ڏينهن رات ولوڙيندا رهن ٿا ۽ ثنا خورن جو هڪ وڏو حلقو پالي رکن ٿا. اُتي هي درويش پنهنجي ئي ڌن ۾ مگهن رهي ٿو. هو پنهنجي سڃاڻپ شاعري وسيلي ڪرائي ٿو.
    تنهائي جا پل هي سارا ڳالهائين ٿا
    مون سان چنڊ ۽ تارا ڳالهائين ٿا
    رنگريز جا موضوع سنڌ جي ڳلين ڳوٺن وستين واهڻن ۾ وسندڙ ماروئڙن جهانگيئڙن کان وٺي سڄي دنيا جي انسانن جي دردن تائين ڦهليل آهن. سندس شاعري ۾ فطرت جي سونهن ۽ ڌرتي جي آجپي جو چٽو تصور موجود آهي.
    اجهو باک جي لاک لائي لڱن کي،
    نئون سج روشن ڪندو اڄ ڇنن کي.
    نه رنگريز ڪوسو لڳي واءُ وانگين،
    پوي رات بک ۾ نه تن جي ٻچن کي.
    دل ته چاهيو پي ته رنگريز جي شاعري کان علاوه سندس ڪهاڻي ۽ نثر جي ٻين صنفن تي لکجي، پر تڙتڪڙ ۾ مليل دعوت ۽ سندس ٻين ڪتابن مهيا نه هئڻ ڪري لکي نه سگهيس ۽ ايئن سندس شخصيت تي لکيل اڻپورو مقالو مون کي ان ڪري به وڌيڪ قرضدار ڪري رکندو، جو هن منهنجي شاعري جي ڪتاب سندري سپنا ۽ صليب ۽ ڪهاڻين جي ڪتاب گهوري گهاگهر ۽ گوندر تي جامع آرٽيڪل لکي مون کي گروي ڪري رکيو آهي.
    رنگريز جو سندس ذاتي زندگي ۾ ڪيترو قدبت آهي، منجهس ڪيتريون خوبيون آهن؟ ڪهڙيون خاميون آهن؟ ڪنهن کي وڻي ٿو، يا نٿو وڻي؟ پر اُهي سڀ جڏهن سندس شاعري سان ڀيٽ ڪجن ٿيون ته؟ مون کي اياز جون هي سٽون ياد اچن ٿيون. “آءُ پهاڙ تي آهيان ڪوئي ڀٽون اُن کي پاڙ کان ڏنگ هڻي رهيو آهي.” هونئن به پاڻ وٽ سزا ۽ جزا جو کاتو ناهي ۽ نڪو ڪنهن شاعر يا اديب کي ان معيار تي پرکڻ جو ڪو اخلاقي جواز آهي. الينڊر پاول ڇا خوب چيو آهي ته، “اسان جيڪي ڪجهه آهيون اُهو خدا جو تحفو آهي ۽ اسان جيڪي ڪجهه بنجون ٿا اُهو اسانجو خدا لاءِ تحفو آهي.”
    منهنجي ذهن تي هن وقت آئن اسٽائن جي ٽئگور ڏي لکيل خط جو اُهو حصو ياد اچي رهيو آهي جنهن ۾ هن ٽئگور کان پڇيو هو ته، “سچ کي ڪيئن تلاش ڪري سگهجي ٿو؟” ٽئگور جواب ڏنو ته “سچ کي انسان جي ذريعي سمجهي سگهجي ٿو.” هڪ شاعر جي ناتي رنگريز به پنهنجين آڏين ڦڏين ريکائن جي ذريعي جنهن ۾ عشق جي پاڪيزگي ۽ محبت جي گهرائي شامل آهي اُن انسان کي تراشڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. سندس هي ڪوشش ڪيتري ڀرجهلي ٿيندي ۽ ماڳ ماڻيندي اُنجو بهترين نقاد ته فقط وقت ئي ٿي سگهي ٿو. بهرحال سنڌي ادبي سنگت گلشن حديد کي جس هجي جنهن ڪم ازڪ هڪ ڪلاڪار کي پنهنجي حياتي ۾ مان ڏيئي ثابت ڪيو آهي ته اسين رڳو ورسيون ملهائيندڙ قوم نه آهيون پر جهرڻن ۽ لهرن جي مستي تي جهومندڙ گلن جو واس وٺندڙ زنده قوم به آهيون.
    آءُ پنهنجو مقالو هن راءِ سان ختم ڪندس ته هڪ ڪلاڪار کي بنا حالتن ۽ نتيجن جي پرواهه ڪندي لکڻ گهرجي، تخليق ئي ڪائنات جي سرجڻ جو ڪارڻ ۽ جياپو آهي. اُردو جي سدا جوان شاعره پروين شاڪر به ڇا خوب چيو آهي.
    جگر مين مان هون،
    اور اڪ مان مايوس هوجائي،
    تو دنيا ختم هوجائي.

    12 مئي 2007 ۾ سنڌي ادبي سنگت گلشن حديد ڪراچي پاران غلام حسين رنگريز سان ملهايل شام لاءِ لکيل جيڪو ڪراچي ۾ فساد برپا ٿيڻ ڪري نه پهچڻ سبب پڙهجي نه سگهيو.


    مريم مجيدي

    تعارف
    سنڌ جي نالي واري شاعره مريم مجيدي ولد محمد خان مجيدي ذات جتوئي، 15 جون 1946ع (اسڪول رڪارڊ ۾ 1943ع) ڳوٺ قيصر خان جتوئي لڳ جهوڪ شريف تعلقو ميرپوربٺورو ضلعو سجاول ۾ پيدا ٿي. پرائمري تعليم ۾ پهريان ٽي درجا دڙو بوائز پرائمري اسڪول ۽ اُن کانپوءِ سيڪنڊري جي اٺن درجن تائين تعليم چانڊيا هاءِ اسڪول سجاول مان پاس ڪيا. ايس وي ٽريننگ وومين ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد مان 62-1961ع ۾ ڪئي. مئٽرڪ پرائيويٽ اُميدوار طور 1970ع ۾ بوائز ڪاليج ٺٽي مان پاس ڪيائين. بي ايڊ 1973ع ۾ اولڊ ڪيمپس سنڌ يونيورسٽي حيدرآباد ۽ ايم اي سنڌي ادب ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان 1975ع ۾ ڪئي. ايم ايڊ 1984ع ۾ اولڊڪيمپس سنڌ يونيورستي حيدرآباد مان ڪئي. مريم مجيدي نوڪري جي شروعات سيپٽمبر 1960ع ۾ بطور پرائمري اُستاد گورنمينٽ گرلس پرائمري اسڪول ٺٽو کان ڪئي. 1980ع ۾ کيس HST اسڪيل مليو ۽ گرلس مڊل اسڪول سجاول ۾ پوسٽنگ مليس ۽ ساڳئي ئي اسڪول ۾ هيڊمسٽريس پڻ رهي. 1991ع کان سب ڊويزنل آفيسر ايجوڪيشن سجاول ۽ پوءِ مختلف عرصي لاءِ ڊپٽي ڊي او سيڪنڊري ٺٽو، اي ڊي او سجاول، ميرپورساڪرو ۽ ڊي اي او (پرائمري) ٺٽو پڻ رهي. 12.06.2002 تي رٽائرمينٽ وقت هوءَ سجاول ۾ اي ڊي او پرائمري جي عهدي تي فائز هئي.
    مريم مجيدي لکڻ جي شروعات 1975ع کان ڪئي. هن جو پهريون شعر اُن وقت ۾ ڪراچي مان شايع ٿيندڙ رسالي برسات ۾ ڇپيو. هن ڪجهه مقالا، ڪالم ۽ ڪهاڻيون به لکيون جيڪي روزانه سوڀ ۽ روزانه جاڳو اخبار ۾ ڇپيون. پر سندس لکڻ جو اصل محور شاعري ئي رهي، جنهن ۾ هن پنهنجي جداگانه سڃاڻپ پيدا ڪئي. مريم مجيدي جو پهريون شاعري جو مجموعو سروم دکم دکم 1986ع ۾ ڇپيو، جنهن کي بهترين شاعري جي مد ۾ ٽي ايوارڊ مليا 1- سنڌي ادبي سنگت پاران 2- صد سالا جشن مرزا قليچ بيگ جي تقريب ۾ مرزا قليچ بيگ ايوارڊ ۽ 3- سنڌالاجي پاران شاعري جو بهترين ڪتاب. هن جي شاعري جو ٻيو مجموعو نيرانا ئي نيڻ 2012 ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. مريم مجيدي کي ڀلوڙ شاعره ۽ بهترين اُستاد هئڻ جي ناتي ٻيا به کوڙ سارا ايوارڊ مليا جن مان ڪجهه جو تفصيل هن ريت آهي. (1) رسالي نئين زندگي ڪراچي جي ملهايل سلور جوبلي تقريب ۾ کيس بهترين شاعره جو ايوارڊ، اُردو جي نامياري شاعر احمد فراز هٿان ڏياريو ويو. (2) SPO طرفان 8.3.16 تي شاعره ۽ ايڪٽوسٽ طور ايوارڊ (3) شاهه لطيف جي 268 عرس مبارڪ تي شيلڊ (4) سنڌ ريڊيئنٽ آرگنائيزيشن (SRO) طرفان 2012 ۾ سرويچ سجاولي ايوارڊ (5) سول سوسائٽي سجاول پاران بهترين شاعره ۽ اُستاد جو ايوارڊ (6) 12 مارچ 2016ع تي سرور نواز ٻگهيو فائونڊيشن ڪوٽڙي پاران ادبي خدمتن تي ايوارڊ (7) 17 آڪٽوبر 2016 تي سنڌي ادبي سنگت پاران هري دلگير يادگار لائيف ٽائيم اچيومينٽ ايوارڊ (8) 2018ع ۾ قادر بخش ڀٽو ٽرسٽ پاران نوري ڄام تماچي تي پڙهيل مقالي تي ايوارڊ. مريم مجيدي جي اڻ ڇپيل ادبي پورهيئي ۾ مضمون، مختلف ڪتابن تي لکيل مهاڳ، تبصرا ۽ انٽرويو وغيره شامل آهن، جن کي هوءِ ڇپائڻ جو ارادو رکي ٿي. مريم مجيدي جي شاعري ۾ جتي سونهن ۽ فطرت جي انوکن اسرارن کي پسي سگهجي ٿو. اُتي سندس شاعري ۾ عام ماڻهو جي پيڙا ۽ درد جو اولڙو به پسي سگهجي ٿو، ته ساڳئي وقت انسان جي ابدي خوشين ۽ آجپي جو چٽو تصور ۽ واضح پيغام به سندس شاعري ۾ موجود آهي. مريم مجيدي جو جيتوڻيڪ ڪنهن سياسي ڌر سان واسطو نه رهيو آهي، پر سندس شاعري ۾ طبقاتي ۽ قومي مسئلن ۽ جدوجهدن جي نشاندهي جو عنصر نمايان رهيو آهي، ۽ شايد اِهوئي ڪارڻ آهي جو جڏهن به ڌرتي ڌڻين تي ڏکيا ڏينهن آيا آهن، ته هوءِ عملي طور اُنهن سان گڏ بيٺل نظر آئي آهي. سندس ان ئي عمل جي ڪري 17.10.2012 ۾ حڪومت طرفان مڙهيل مڪاني سرشتي جي ٻٽي نظام جي سخت مخالفت ڪرڻ ۽ ريلي ڪڍي ڌرڻو هڻڻ جي الزام ۾، مٿس دهشتگردي جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو ويو هو. سنڌ جي هي ڀلوڙ شاعره ڪافي وقت سجاول ۾ گذارڻ کانپوءِ ويجهڙائي ۾ حيدرآباد شفٽ ٿي آئي آهي، پر هن جو سجاول سان مستقل تعلق جڙيو رهندو اچي ٿو.
    ***
    _____________________

    مريم کان مريم تائين

    چوراهي تي ماڻهن جو انبار لڳل آهي. ماڻهن جو اڀاڳ سندن سُن ٿيل جسمن ۽ هيڊن چهرن مان ظاهر ٿي رهيو آهي. اُن سمي هڪ ماءُ کي، اُن چوراهي تي، اُن دردناڪ منظر پسڻ لاءِ آندو وڃي ٿو، جنهن جو پٽ صليب تي ٽنگجڻ وارو آهي. هن جو ڏوهه اهو آهي ته، هن پنهنجي ماءُ جي ڪک کي مان ڏنو آهي ۽ اُن مقدس رشتي کي حرامي ڪوٺيندڙن سان جهيڙو جهيڙيو آهي. هن پنهنجي وجود جي مڃتا لاءِ گلن جهڙي زندگي کان آهو پليو آهي. ماءُ، جنهن اُن ٻالڪ کي جنم ڏيڻ کان وٺي درد ڀوڳيو آهي، جنهن جي ڪک کي مهذب سماج، رشتي ۾ پوئڻ ۽ نانءُ ڏيڻ لاءِ تيار ناهي. اُن ماءُ جو انگ انگ دکي آهي. جيئن ئي سندس ڪک جو ڀرم رکندڙ سڪيلڌو پٽ ڪنڌ لاري ٿو سندس اکين مان لڙڪ ڳڙي ٿا پون ۽ مٽي ۾ جذب ٿي ٿا وڃن، بلڪل ايئن ئي جيئن درد ۽ ڪرب وچان داهيندڙ مور جي اکين مان لڙندڙ لڙڪ ڊيل جهٽي وٺي ٿي ۽ پوءِ- صدين کان پوءِ اُن مٽي مان مريم جنم وٺي ٿي. مريم جي شاعري ۾ اُهو درد، اُهو ڪرب ۽ اُها پيڙا آهي جيڪا هوءِ هن ڌرتي تي صدين کان ڀوڳيندي آئي آهي. سندس ڪک ڄايلن کي، جڏهن حرامي ڪري ڪوٺيو وڃي ٿو، جڏهن سندس ڪردارن جو اپمان ۽ تذليل ڪئي وڃي ٿي ۽ جڏهن سندس آئيندي جي آسن کي صليب تي لٽڪايو وڃي ٿو، تڏهن اڄ جي مريم جي قلم مان آڳ جا اُلا نڪرن ٿا.
    اجهوڪوٽ تنهنجي تي ڪڙڪيا اباڻا،
    اکين ۾ اُماڙيون ڪلهن تي ڪهاڙيون،
    ڏکن جا ڏهاڙا، ڪي گذريا گذرندا،
    اسان بند بنڊن جو ٻاريون ۽ ساڙيون.
    مريم جي شاعري ۾ سنسار جي سندرتا ۽ ڪائنات جي مظهر، جلون ۽ تخليق جا چٽا عڪس موجود آهن. سونهن ۽ سندرتا جا انيڪ رنگ ۽ روپ ڪلاڪارا جي زندگي ۾، جڏهن خوشبوءِ اوتي ٿا ڇڏين، تڏهن هوءِ اُن مستي ۾ بنهه بي اختيار چئي ٿي ڏي.
    سپنا سر جيا تار وهي ۾،
    ڦوٽهڙو پيو جوڀن وهي ۾.
    نار نويلي نينهن نڪورو،
    ڪيئن لڪائيندي وستي ۾.
    هن وشال ڪائنات جي سرجڻ جو ڪارڻ ۽ ڪارج ۽ اُنجو آدرش ڀلا سرجڻهار کان ڪيئن ڳجهو ٿي سگهي ٿو؟ مريم هن غزل ۾ سنسار جي رچنا جي راز کي سڀن جي اڳيان عيان ڪري ٿي.،
    جيون جڪڙيو جوڀن جنتر،
    من منڊي ويو اک جو منتر،
    تنهنجي نيڻن ۾ ٿي جهومي،
    مستي ۾ مڌماتي منڇر.
    مريم کي درد جي شاعره چئجي ته ٺيڪ ٿيندو. اُهو درد جيڪو ازل کان هن ڌرتي جي سيني تي ڦهليل آهي. اُهو درد جيڪو هڪ سرجڻهار جو درد آهي، جيڪو هو سندرتا کي سرجيندي ڀوڳي ٿو.
    هن ماڻهو گهاتڪ سماج ۾ جڏهن ماڻهن جي جذبن ۽ آدرشن سان زناڪاري ۽ ويساهه گهاتي ڪئي وڃي، ته مريم ڪٿي ٿي ماٺ ڪري ويهي ۽ خصوصن عورت هئڻ ناتي، ڇاڪاڻ جو عورت کان مٿي انسان سان ٿيندڙ انياءُ ۽ ڌرتي جي دک کي ڪير بهتر سمجهي ئي نٿو سگهي. انهي ڪري جو عورت کان مٿي ڪير درد سهي ئي ڪو نه ٿو. شايد اهو ئي سبب آهي جو ديومالائي قصن ۾ عورت کي مقدس ڌرتي ماءُ جو درجو ڏنو ويو آهي، جيڪا هن پوري سنسار جو بوجهه کڻي ٿي. اُن عورت جي مهانتا جيڪا هن ڪائنات جي عظمت پڻ آهي، اُن کي مريم جي شاعري ۾ اجهو هيئن پسي سگهجي ٿو.
    سندرتا جي سائي هيٺان،
    پلجي پيو پرماتم،
    اک اک، اَرٿو آ گم.
    ۽ پوءِ جڏهن اُن سندرتا کي ڪو بازار ۾ نيلام ڪرڻ چاهي ٿو، حوا جي ڌي کي جنهن جي طفيل تخليق جو تسلسل اڳتي وڌندو رهي ٿو، جڏهن اُن جو ڪوئي بند ڪوٽن ۾ گلو گهٽي ٿو، اُن ميران کي جنهن سنسار ۾ سندرتا ۽ مڌرتا جا سُر ڇيڙيا، جڏهن سندس هٿن ۾ ڪوئي زهر ڪٽورو ڏي ٿو، اُن بختاور جنهن ڌرتي جو سينو چيري ساوا ساوا فصل اُپايا، جڏهن ڪوئي اُنجي کري کي آڳ ڏي ٿو، تڏهن، ها تڏهن مريم هونئن جنهنجا لفظ ميڻ کان ڀي نرم ۽ پشم کان ڀي ڪنئورا آهن، ڀڙڇيون ڀالا بنجي پون ٿا. سندس من جو ماٺو سنڌو اُٿلي پوي ٿو ۽ مريم اُنهن گهاتڪن لاءِ، اُنهن رهزن قاتلن لاءِ جنگ ڪندي زهر ٻڏل گيت رچي ٿي.
    هي ڪوٽ ڪڙولا ڀور ڪري،
    هلي آ ته ڪريون اُپڪار سکي.
    مريم هن ڌرتي جي سيني تي صدين کان بيٺل انسان جي عظمت جا داستان ٻڌائيندڙ اڏول ۽ اڻانگن جبلن، هوا جي جهولن تي جهوليندڙ سنگن، انبن، ٻيرن ۽ ميندي جي خوشبوءِ سان رچيل سرهاڻ جي شاعره آهي. مريم جي شاعري ۾ مست سنڌو جي ڌارا کان وٺي سمنڊ جي ڇڙواڳ ڇولين جي رواني موجود آهي. مريم جي شاعري ۾ نيري آڪاش ۾ ٽمڪندڙ تارن جي وچ ۾ جهلمائيندڙ چوڏهين جي چنڊ جيڏي سونهن موجود آهي، جنهن جو ندي ۾ اولڙو ڪنهن ازلي اُڃايل جي پياس اُجهائڻ لاءِ پاڻ کي آڇي ٿو.
    جوڀن ڳاڙها ڏينهن،
    ارپي ويٺيس توتان،
    ساهه ۾ سانڀي نينهن.
    مريم جا ڪردار ڌرتي جا جيئرا جاڳندا ڪردار آهن. جيئن ڌرتي سنڍ ٿي نٿي سگهي، تيئن مريم جي شاعري کي وقت ۽ حالتون فنا نٿيون ڪري سگهن.
    جتي مريم پيار ۽ پيڙا جي موضوعن تي آفاقي شاعري ڪئي آهي، اُتي مريم جي مزاحمتي شاعري تي ڪنهن حد تائين لفظن جي جادوگري، قافيئي رديف سان نباهه جي شعوري ڪوشش جي سبب مرڪزي خيال ۽ اُڏام سان استحصال، ورجاءِ، نعريبازي ۽ سطحي پڻي جو الزام لڳائي سگهجي ٿو، جيئن هن شعر مان ظاهر آهي.
    ڏاڍ جو ڏونگر ڏاڍو ڏاڍو، اڄ به اسانجي آهي آڏو،
    ساٿي سنڀري ساٿ سان گڏجي، حشمت سان ڪوڪريون پڙاڏو،
    هوشو واري هڪ ئي هڪل سان، زوراور ۽ ظلم تڙايون.
    پر معاشري ۾ ڪلاڪارا جي پنهنجن ڪردارن سان سفاڪي جي حد تائين جبر هئڻ ڪري، اُن جي فطري ردعمل سبب کيس ڪافي حد تائين ان الزام کان آجو به قرار ڏيئي سگهجي ٿو.
    اڄ جڏهن سڀني نظرين جا خالق ۽ وارث بند گهرن ۾ آرامي آهن، اڄ جڏهن سڀ ازم عوام مان ويساهه وڃائي ويهي رهيا آهن، اڄ جڏهن مصلحتون ۽ لالچون سچائي جي آڏو ديوار بنجي بيهه رهيون آهن تڏهن هڪ مريم به آهي، جيڪا هڪ ڪلاڪار کان ٻي ڪلاڪار تائين سچ ۽ سونهن جو تسلسل آهي، لکي رهي آهي، ظلم جي خلاف، جبر جي خلاف، سونهن جي مهانتا لاءِ، سچ جي سڦلتا لاءِ ۽ ايستائين لکندي رهندي جيستائين سندس ڪک مان جنميل تان حرامي هئڻ جو غليظ الزام نٿو لهي. ايستائين جيستائين سندس ڪردارن کي مان نٿو ملي. ايستائين جيستائين سروم دکم دکم (حوالو مريم مجيدي جي شاعري جو مجموعو “سروم دکم دکم”) سنسار، سکم سکم سنسار ۾ نٿو اوتجي. ايستائين جيستائين سونهن ۽ سچ جي ديوي هن سنسار کي پنهنجي گود ۾ نٿي سمائي. ايستائين جيستائين سندس شاعري جون هي سٽون ساڀيان نٿيون ماڻين.
    محبت ۾ ميلا ڪچهريون رهاڻيون،
    محبت سان واسيل، سڄو جڳ سرهاڻيون.

    1- 28 اپريل 1994ع تي سنڌي ادبي سنگت شاخ ميرپور بٺورو طرفان مريم مجيدي سان ملهايل شام جي موقعي تي پڙهيل.
    2- 6 جون 1994ع جي رسالي برسات ڪراچي ۾ ڇپيل
    3- عبرت مئگزين جلد 16 شمارو 10 تاريخ 15 مئي 1997 ۾ ڇپيل.


    پرويز

    تعارف
    علي محمد ولد محمد سليمان ميمڻ، ادب جي دنيا ۾ پرويز طور سڃاتو ويندڙ اديب سال 1942ع ۾، پر اسڪول جي داخلا رڪارڊ موجب 2 سيپٽمبر 1945ع ۾ ڳوٺ لاکا لڳ دڙو تعلقي ميرپوربٺورو، ضلعي سجاول ۾ جنم ورتو. هن پرائمري تعليم 1952ع کان 1957ع تائين لاکا پرائمري اسڪول ۾ مڊل تائين تعليم 1957ع کان 1960ع تائين دڙو جي گورنمينٽ مڊل اسڪول ۾ ۽ ميٽرڪ 1963ع ۾ نور محمد هاءِ اسڪول حيدرآباد مان ڪئي. گريجوئيشن 1968ع ۾ سنڌ ايگريڪلچرل ڪاليج ٽنڊوڄام (هاڻي يونيورسٽي آهي) مان ڪئي. پرويز نوڪري جي شروعات تعليم کاتي کان ڪئي. هن هاءِ اسڪول دڙو ۽ ميرپوربٺورو ۾ 1968ع کان 1969ع تائين جي تقريبن يارهن مهينن جي عرصي ۾، بطور سائنس ٽيچر خدمتون سرانجام ڏنيون. اُن کانپوءِ سال 70-1969ع جي عرصي ۾ اٽڪل 15 مهينا، ائگريڪلچرل انسٽيٽيوٽ ٽندوڄام ۾ ريسرچ اسسٽنٽ ٿي رهيو. ان کانپوءِ هو، هن وقت تائين پرائيوٽ نوڪري يا پنهنجي نجي ڪاروبار سان لاڳاپيل رهندو آيو آهي. 1971ع کان 1975ع تائين ميرپوربٺورو ۾ قمر ميڊيڪل اسٽور پارٽنر شپ تي هلايائين. دڙي شهر ۾ ڪپڙي جو دڪان 1975ع کان 1980ع ۽ ميرپوربٺورو ۾ 1980ع کان 1983ع تائين سنڀاليائين. 1993ع ۾ اين جي او الست ۾ پرائيويٽ جاب ۽ 1994ع ۾ هوٽل مڪلي ان (ٺٽو شهر) تي مئنيجري ڪرڻ کان علاوه 1994ع ۾ ڪجهه عرصو جاتي چوڪ تي ميڊيڪل اسٽور سان پڻ لاڳاپيل رهيو. هن وقت هو پنهنجي ڇوٽي موٽي زمينداري سان گڏ مقاطعي تي زمين وٺي آباد ڪرڻ کان سواءِ، چوپائي مال ۽ ڪاٺين وڪڻڻ جو ڪاروبار ڪري پنهنجو گذر سفر ڪري ٿو. پرويز شادي ميرپوربٺوري مان پهرين سيپٽمبر 1973ع ۾ ڪئي ۽ کيس چئن پٽن ۽ چئن نياڻين جو اولاد آهي.
    پرويز 1964ع جي شاگردي واري زماني کان ڪهاڻيون لکڻ شروع ڪيون. هن جي پهرين ڪهاڻي ماهوار سنڌي رسالي بادل جي مارچ 1967ع واري پرچي ۾ شايع ٿي ۽ سندس پهريون ڪتاب نئون ڳوٺ پراڻو ڳوٺ (چيني طويل ڪهاڻي جو ترجمو) 1976ع ۾ عوامي ڪتاب گهر شايع ڪيو، جنهن کانپوءِ اُن جا ٻيا ايڊيشن به شايع ٿيا. پرويز سنڌي ادب ۾ پنهنجو تخليقي پورهيو ڪري پاڻ ملهايو آهي. سندس ڇپيل ڪتابن جو تفصيل ڪجهه هن ريت آهي.
    1- سڻي تنهنجو سڏ (طبعزاد ڪهاڻين سان گڏ ٻه ترجمو ٿيل ڪهاڻيون (سال 1978) 2- رت جا ڦڙا (ڪهاڻيون سال 1988) 3- وڃايل مرڪ (ڪهاڻيون سال 2006) 4- ماڃر جي حور (ڪهاڻيون سال 2007) 5- لڙڪن آجا نيڻ (ناول 2007) 6- منهنجو پاڻي بند نه ڪجانءِ (ڪهاڻيون سال 2007) 7- دل جي دري (ڪهاڻيون سال 2008ع) ڪبوتر (ڪهاڻيون سال 2011) 10- اکين ۾ رهجي ويل عڪس (ڪهاڻيون 2014) 11- گل وزيران (ڪهاڻيون 2015) 12- آزادي جو صبح (ڪهاڻيون 2015) 13- اڃان پنڌ ۾ آهيون (ناول 2015) 14- ٽياس تي ٽنگيل (ناول 2015) 15- وسندڙ مينهن رئندڙ اکيون (ڪهاڻيون 2016) 16- سڪ سڄڻ يار جي (سفرنامو 2017) 17- اسان اُڏجاڻان (ڪهاڻيون 2018)
    پرويز جي اڻ ڇپيل مواد جو تفصيل ڪجهه هن ريت آهي.
    1- سجنان ۽ ڪونجون (ڪهاڻيون) 2- درشن جو درشن (ڪهاڻيون) 3- پيهي جان پاڻ ۾ (آتما ڪٿا حصو ٻيون) 4- مشتاق سارنگ (ناول) 5- جديد خانقاهه (ناول) 6- هڪڙي ڳالهه چوان (مضمون، خاڪا ۽ ڪالم ٻن ڀاڱن ۾) 7- منهنجي اکين سان ڏس (مهاڳ).
    پرويز جو طبعزاد لکڻين کان علاوه سنڌي توڙي اردو ترجمي جي ذمري ۾ به ڪافي ڪم ٿيل آهي جنهنجو وچور ڪجهه هن ريت آهي.
    1- پيءُ جا ڌي ڏي خط (80 کان 90 دوران) 2- شاهه راهه دهلي (تقريرون 80 کان 90 دوران) 3- پنڌ اڻانگا پٻ جا (انٽرويو 80 کان 90 دوران) 4- ڏونگر منجهه ڏيئو (ناول 1994) 5- اسپارٽيڪس (ناول 1998) 6- وڇوڙي جا وڍ (ناول 2012) 7- لهندڙ سج جي شام (ڪهاڻيون 2012) 8 تمهاري شهر مين (ناول 2013) 9- گڏي جي واپسي (ناول 2017) 10- فلسطيني جدوجهد آزادي
    پرويز جي ترجمو ٿيل اڻ ڇپيل ڪتابن جو تفصيل هن ريت آهي
    1- ڳاڙهو نشان (ناول) 2- روح جو زخم (ناول) 3- بوتيک سي بيڊ روم تک (کهانيان) 3- دلي کا سفر (سفرنامو) 4- کارکن (ليڪچر) 5- رسول بخش پليجو (آتم کهاني) 6- اندها اوندها ويج (تنقيد).
    پرويز ادبي دنيا کان علاوه نجي زندگي ۾ سياست سان به واڳيل رهيو آهي. 1967ع ۾ 4 مارچ جي واقع کان ستت ئي پوءِ ون يونٽ ٽوڙ تحريڪ جي دوران هو ڪجهه عرصي لاءِ ڄام ساقي واري ڪميونسٽ پارٽي جي ذيلي تنظيم حيدرآباد اسٽوڊنٽس فيڊريشن (HSF) سان لاڳاپيل رهيو. اُن کانپوءِ هن جي رجب علي ميمڻ جي معرفت رسول بخش پليجي سان واقفيت ٿي. اُن وقت کان وٺي هيلتائين هو رسول بخش پليجي جي پارٽي عوامي تحريڪ سان لاڳاپيل آهي. پرويز عوامي تحريڪ ۾ مختلف وقتن ۾ مختلف عهدن تي رهڻ کان سواءِ جيل ياترا به ڪري چڪو آهي. هو 1977ع جي ڀٽي صاحب واري اليڪشن جي دور ۾ ٻه ڏينهن ميرپوربٺوري جي لاڪ اپ ۽ ڏهه ڏينهن سکر سينٽرل جيل جو به باندي بڻيو. ايم آر ڊي جي تحريڪ ۾ هن کي ڪجهه عرصي لاءِ ميرپوربٺوري جي لاڪ اپ ۾ رکيو ويو. هو رسول بخش پليجو جي پارٽي عوامي تحريڪ سان 1968ع کان وٺي هيلتائين تائين لڳ ڀڳ پنجاهه سالن جي وابستگي ۾، ون يونٽ ٽوڙيو تحريڪ، ووٽر لسٽون سنڌي ۾ ڇپايو تحريڪ، سنڌ جون زمينون نيلام ڪرڻ بند ڪريو تحريڪ، صحافين جي ملڪ گير تحريڪ، ڪالاباغ ٺاهڻ بند ڪريو تحريڪ، ايم آر ڊي جي 1984ع ۽ 1986ع واري تحريڪ ۾ حصو وٺڻ کان علاوه مختلف وقتن تي، مختلف مسئلن تي ٿيندڙ جدوجهدن ۽ لانگ مارچن ۾ به ڀرپور حصو وٺندو رهيو آهي.
    ***
    _________________

    رت ڦڙن کان ماڪ ڦڙن تائين

    اڃان پيرڊ مان موٽندي چاڪ ۽ ڊسٽر مان مس هٿ ڪڍيا هوندم ته ڪاليج لئبارٽري جي دروازي تي سنڌي ادبي سنگت شاخ بٺوري جي سيڪريٽري پرهياڙ هٿ ۾ ڪارڊ ٿمائيندي پرويز جي ڪتاب رت جا ڦڙا جي مهورت ۾ شرڪت لاءِ دعوت ڏيندي چيو، “جي ڪجهه لکڻ چاهيو ته ٺيڪ.” مون وراڻيو، “مون وٽ ڪتاب ئي ڪونهي ته ڇا لکان؟”
    چيائين: “جي ڪتاب موڪليان ته پوءِ.....؟”
    “پوءِ ڀلا ڇو نه لکندس؟”
    مون ته کڻي ڳالهه ڪئي ۽ ٻئي ڏينهن ڪتاب منهنجي ٽيبل تي پهچي ويو. آءُ واعدو ته ڪري ويٺس پرڇا لکان؟
    “رت جا ڦڙا” - ۽ مهورت؟
    ڪتاب تي نظر وڌم، مون کي ته رڳو رت ئي رت نظر آيو. ٽائيٽل رت هاڻو... اندر کوليم ته رت جون نديون وهندڙ... هر ڪهاڻي رت جا ڦڙا... هر ڪردار رت سان ڀريل... رت جا ڦڙا ۽ مهورت؟ اسان وٽ ته هيل تائين رڳو ماتم ئي ٿيندا آيا آهن. ڇا اُنهن جو مهورت ڪرڻو آ؟ رت جي ڦڙن جو به ڪو مهورت ٿيندو آ؟ شل ڪو سڻائو واءُ لڳي، جو ڌرتي تي گهاريندڙ آد جڳاد کان دکي انسان جي زندگي ۾ سندر سپنن جي ساڀيان جو مهورت نڪري! شل انسان جي زندگي مان رت جا ڦڙا آڪاش ۾ محلول ٿي ماڪ ڦڙن ۾ منتقل ٿي وڃن، ۽ ڌرتي جي سيني تي اُڀريل جواڻ جماڻ ڇورين جي اُرهن جهڙن گلن تي ماڪ ڦڙا سدا ڳڙندا رهن، جن جي ڀنل سڳنڌ ۽ سرهاڻ انسانن کي سدائين واسي رکي!
    رت جا ڦڙا- ها رت، اهوئي رت ته هڪ قلم ڪار جو ٻي قلمڪار سان رشتو جوڙي ٿو، توهان کي شايد خبر نه هجي ته، منهنجو ۽ پرويز جو رت جو هڪ گروپ آهي. اُهو ئي ساڳيو رت جيڪو هن ڌرتي جي سيني تي وهندڙ مست سنڌو ۾ وهي ٿو.... اُهوئي رت جيڪو هتي جي مڪائي جي سنگن، لين ۽ لاڻن ۾ گردش ڪري ٿو. اُهوئي رت جيڪو هتي جي اجرڪن کيسن، لوئين ۽ رلين تي کنهبا ۽ رنگ رتول چٽ چٽي ٿو.... اهوئي رت آهي، جيڪو ڪنهن سندري جي ڳاڙهن ڳلن ۾ ڦڙا ڦڙا ٿي ٽپڪي ٿو ۽ پوءِ جڏهن ڪوئي انهي سدا وهندڙ دارا تي ڪالاباغ ڊيم ٻڌي ٿو، ۽ پوءِ جڏهن ڪوئي انهن لاڻن، لين ۽ سنگن کي پاڙان پٽي ٿو ۽ پوءِ جڏهن ڪوئي منحوس راڪاس اُنهن ڳاڙهن ڳلن آڏو ڪائي اوچي ديوار اڏي ٿو ته رت دانگي تي ٽهڪي ٿو ۽ قلم جي نوڪ ۾ منتقل ٿي اُنهن منحوس چهرن کي گهائي ڇڏي ٿو. ڪلاڪار رت جو هي رشتو پنهنجي ڌرتي ۽ پنهنجن ماڻهن سان صدين کان نباهيندو اچي ٿو.
    پرويز به ان راهه ۾ “رت جا ڦڙا” وهايا آهن پوءِ جي اُهي اُڃايل سينن تي وسيا آهن ته ساوا ساوا سلا اُڳيا آهن، اڻ سامايل سپنن ۾ سورج مکي جي گل جيان جُهليا آهن، اُجهاڻل اکين ۾ آس جا موتي ٿي چمڪيا آهن. جيئن سندس ڪهاڻي “سڻائو واءُ”، ۾ سونل جو ڪردار ٻهڪي ٿو جيڪو قيد و بند کان آزاد پنهنجي چاهت ماڻي ٿو.
    ڪلاڪار پرويز جتي به زندگي کي ويجهو ويو آهي، اُتي هو مسئلن کي چڱي طرح پرکي سگهيو آهي. بلڪه ايئن کڻي چئجي ته اُتي هو هڪ سرجڻهار جيان آهي، جنهن جي هر تخليق سندرتا سان رچيل آهي. سندس ڪهاڻي “وڳو ئي نئون”، ڳوٺاڻي ماحول تي سندس گهري مشاهدي جي عڪاسي ڪري ٿي ۽ سماج ۾ اوندهه ۽ ڪرب اوتيندڙن تي ڀرپور چماٽ آهي.
    ڪلاڪار پرويز جنهن ڀوڳيو آهي، جڏهن اُن ڀوڳنا کي پنهنجي ڪهاڻي “رت جا ڦڙا”، ۾ ٻولي جو روپ ڏي ٿو، ته اُنجو هر اکر ۽ هر سٽ ڪنهن معصوم ٻار جي ابدي مرڪ جيان تاريخ جي گوشي گوشي ۾ محفوظ ٿي وڃي ٿي. خاص ڪري ساڳي ئي ذڪر ڪيل ڪهاڻي ۾ ڏنل هي تشبيهه ڪلاڪار کي پڙهندڙ جي ڪيترو نه ويجهو اڻي ٿي، “اُن ٻاٽ اونداهي ۾ اُنهن مسڪين ماڻهن سان جي ڪنهن کي همدردي هئي ته اُهي رڳو سڪل ڪاٺيون هيون، جيڪي پنهنجو جسم جلائي هنن غريبن لاءِ ڪجهه ڪوس ۽ ٿورڙو سوجهرو پيدا ڪري کين آٿت ڏيئي رهيون هيون.”
    پرويز جي ڪهاڻي “الله جا احسان”، موضوع پلاٽ ۽ ٻولي جي لحاظ کان ٿورڙن لفظن ۾ ڀرپور تاثر ڇڏي ٿي. هن ڪهاڻي جا ڪردار نه ته وائڙا آهن ۽ نه ئي ڪو فني جهول اٿس.
    ڪلاڪار جا لفظ، ٻولي ۽ خيال جيڪي ڏات جي ڏيهه مان سر جي نڪرن ٿا اُهي کيس نه صرف پڙهندڙ جي ويجهو ڪن ٿا پر کيس تاريخ ۾ به هڪ ابدي حيثيت ڏين ٿا، جنهن کي زمان ۽ مڪان ۾ پيدا ٿيندڙ تبديليون لوڙهي نٿيون سگهن. پر ڪلاڪار پرويز جڏهن ڪلا سان ناتو ڇني زندگي کي پولارن ۾ پائڻ لاءِ شعوري ڪوشش ڪئي آهي، تڏهن هو مون کي بلڪل اُن سنڍ عورت جيان لڳو آهي، جيڪا ڪڏهن به گرڀوتي نه ٿي سگهندي. تڏهن هو مون کي ڪلاڪار گهٽ ۽ ڪپڙي جو واپاري زياده لڳو آهي.
    جيئن سندس ڪهاڻي “پيٽ گذر” مڙيئي پيٽ گذر آهي. بلڪل هڪ ڪپڙي جي واپاري جيئن، جيڪو ڪپڙي جي هڪڙي پڙت برانڊ کي مختلف نالا ۽ نوان ليبل چاڙهي گراهڪ جي اڳيان پيش ٿو ڪري. جيئن سندس ٽي ڪهاڻيون “بنيادي حق”، “خوشي سان” ۽ “پريت ۽ جاني”. انهن ٽنهي ڪهاڻين جو مرڪزي خيال ۽ فارميٽ مون کي ته هڪڙو ئي باسي ٿو.
    ڪلاڪار جڏهن فن کي ڇڏي مقدار تي زور ڏي ٿو ته، هو منهنجي خيال ۾ اُن سان ادب جي ڪا به خدمت نٿو ڪري ۽ سندس پڙهندڙ جنهن سان هن جي فن جي ذريعي سڃاڻپ آهي، ختم ٿيو وڃي. اُن وقت هو ڪلاڪار نه پر هڪ اهڙو سياستدان ڏيکائي ڏي ٿو، جيڪو اسٽيج تان هر وقت نعري بازي ڪرائيندو ۽ ساڳيون گٺل پيٺل ڳالهيون ورجائيندو رهي ٿو. جيئن سندس ڪهاڻي “چار داڻا” جا ڪردار هوائي ۽ بي تُڪيون ڳالهيون ڪندا نظر اچن ٿا.
    ڪٿي ڪٿي ته پرويز ڪهاڻي ۾ ناول لکڻ جي به غير ضروري ڪوشش ڪئي ٿي ڀائنجي. جيئن سندس ڪهاڻي “پرهه ڦٽي” جو پس منظر، واقعا ڪردار ۽ وقت جيڪي هڪ ناول لاءِ ئي موزون ٿين ها. هن ڪهاڻي ۾ ڪردار ۽ واقعا ايئن روپ مٽائيندا رهن ٿا جيئن هڪ فلم ۾ انيڪ ڪردار هڪ ئي وقت ٽپي پوندا آهن ۽ اڻ وسهندڙ معجزا ڪندي نظر ايندا آهن.
    ڪلاڪار کي ڪهاڻي جي فن ۽ ٽيڪنڪ تي ضرور ڌيان ڏيڻ گهرجي. جيئن سندس ڪهاڻي “ڪوڙڪي” کي ڊائلاگ يا انٽرويو جي زمري ۾ ته آڻي سگهجي ٿو، پر اُن کي ڪهاڻي قطعي ڪوٺي نٿو سگهجي.
    ڪلاڪار پرويز پنهنجي هڪ ڪهاڻي، “اکيون ميگهه ملهار” جي ڪلائيمڪس جتي ڪئي آهي منهنجي خيال م اهو ڪهاڻي جو وچ آهي. اُن کي اڳتي جاري رهڻ کپندو هو. اُن کانسواءِ ڪجهه ڪهاڻين ۾ ڪلاڪار، ڪلاڪار کان وڌيڪ نئريٽر لڳي ٿو، ڄڻ ته سندس ڪردار گونگا هجن.
    ڪلاڪار پرويز پنهنجي هن مجموعي ۾ آيل ڪهاڻين جي سرجڻ جو عرصو يارهن سال ڄاڻائي ٿو، اهي يارهن سال (اشارو فوجي آمر جنرل ضياءُالحق جي يارهن سال سفاڪانه ۽ وحشيت سان ڀرپور فوجي راڄ ڏانهن) جن کي هن ڌرتي جا ماڻهو ظلم جي علامت طور استعمال ڪندا آيا آهن، پر آءُ ته اهو چوندس “سرجيس تان سک ويا، سامائيس تان سور” منهنجي ڌرتي ۽ اُن ۾ رهندڙ انسان، انهن يارهن سالن کان اڳ به سورن ۾ هئا ۽ انهن يارهن سالن کانپوءِ هاڻ به سورن ۾ آهن. جيستائين ڌرتي دکي رهندي، جيستائين “رت جا ڦڙا” آڪاش ۾ محلول ٿي ماڪ ڦڙن ۾ منتقل نٿا ٿين ۽ ڌرتي جي سيني تي اُڀريل جواڻ جماڻ ڇورين جي اُرهن جهڙن گلن تي ماڪ ڦڙا ٿي نٿا ڳڙن ۽ جيسين ماڪ ڀنل گلن جي سڳنڌ ۽ سرهاڻ تي ڌرتي جي انسانن جو حق نٿو قبوليو وڃي، تيستائين هن ڌرتي جو فنڪار ڪڏهن پرويز جي روپ ۾ ته ڪڏهن ٻئي ويس ۾ Angry Young Man جيان قلم جي نوڪ جي ذريعي،زهر ڀريل گيت رچيندو رهندو ۽ پوءِ جڏهن هن ڌرتي جي گلن تي ماڪ وسندي، ۽ جڏهن اُنهن جي سڳنڌ ۽ سرهاڻ انسان کي پنهنجي آغوش ۾ وٺي واسي ڇڏيندي، تڏهن ڪلاڪار جي ڪوتا ۾ “رت جا ڦڙا” نه پر امرت ڌار ڇوليون هڻندي وهندي.

    1- پرويز جي ڪهاڻين جي مجموعي “رت جا ڦڙا” جي مهورت (ميرپوربٺورو 1990-01-26) ۾ مهمان خاص جي حيثيت ۾ خطاب .
    2- پندرهن روزه عبرت مئگزين جي پهرين مارچ 1990ع جي پرچي ۾ شايع ٿيل.


    پيار علي “پريمي”

    تعارف
    نالو پيار علي پيءُ جو نالو محمد رمضان ذات خواجه، شاعراڻو نالو (تخلص) “پريمي” پهرين سيپٽمبر 1961ع تي ڳوٺ پهاڙ مري لڳ ٽنڊوباگو شهر ۾ ڄائو. هن پرائمري تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول پهاڙ مري مان 1972ع ۽ ميٽرڪ مير غلام محمد خان ٽالپر گورنمينٽ هاءِ اسڪول (هاڻي هايئر سيڪنڊري اسڪول) ٽنڊوباگو مان 1977ع ۾ ڪئي. انٽر سال 1982 ۽ B.A سال 1985ع ۾ گورنمينٽ اسلاميه ڪاليج بدين مان ڪئي. هن نوڪري جي شروعات 30 نومبر 1979ع تي بطور ڪلارڪ، ٽائون ڪاميٽي ٽنڊوباگو کان ڪئي. پهرين ڊسمبر 1979ع ۾ لوڪل گورنمينٽ ڊپارٽمينٽ ۾ بطور سيڪريٽري (BPS-7) يونين ڪائونسل خليفو قاسم تعلقو ٽنڊوباگو ۾ جوائن ڪيو. هن وقت سندس پوسٽنگ ٽائون ڪاميٽي شهيد فاضل راهو (گولاڙچي) شهر ۾ آهي. پيار علي پريمي کي اولاد ۾ ٻه پٽ ۽ ٻه نياڻيون آهن. پيار علي پريمي جي شاعري مختلف رسالن ۾ ڇپجندي رهي آهي ۽ سندس ترتيب ڏنل شاعري جا ٻه مجموعا، باقي رات ڪنڌي تي ۽ “پرين جي کنڊ کي چمبو وڃي” اڻ ڇپيل آهي. پيار علي پريمي سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊوباگو جو سرگرم ڪارڪن رهيو آهي ۽ ڪجهه وقت لاءِ اُن جو سيڪريٽري پڻ رهيو آهي.
    ***
    __________

    سپنن جي ساڀيان لاءِ

    سنڌ راڻي جو ديس، جتي ڪڏهن سونهن ۽ سرهاڻ، محبت ۽ مشڪ جو داستان ڦليو ڦوليو. جتي ڪڏهن پيار ونڊيندڙ دلين مايا کي مورکن جو موهه ڄاڻي عشق کي الله ڄاتو. هتي جي ڀُونءَ جتي خليفي نبي بخش پنهنجي سدا حيات شاعري جي ذريعي ابدي پيغام ڏنو ته انسان ازل کان آجو آهي، غلامي سندس مقدر ناهي. اُن ديس ۾ هاڻ ڌوڙ اُڏامي رهي آهي. گهٽيون اونداهيون، رستا ويران، چهرا بي رونق، بدروحن جو واسو آهي ۽ بدبوءِ اُٿي رهي آهي. هي ڌرتي، ٺوٺ ڌرتي جنهن کي سيراب ڪندڙ موج ڀريو مهراڻ ڏينهون ڏينهن سڪندو ٿو وڃي. دور دور تائين بنجر، ٺوٺ ۽ سڪل ڌرتي جنهن کي ڪلر ڪاراٺي ڇڏيو آهي. سندرين جي سينن تي اُرهن جيان جنهن ڌرتي جي سيني تي، سدائين اُڀا فصل هوا جي جهولن تي هندورن جيان لڏندا هئا، اُتي اڄ ٿوهرن، ڪانڍيرن ۽ ڪرڙن جو راڄ آهي. پاتال کان ڌرتي تائين ۽ ڌرتي کان آڪاش تائين آلودگي جي احساس ۽ ڀئو انسان جي آئيندي ۽ آدرش کي نيست و نابود ڪرڻ جو سامان ميسر ڪري ڇڏيو آهي. انسان کي آئيندي جو سک ڏيڻ ۽ ماڻهن جي گهاتڪن کي ڪيفرِ ڪردار تائين پهچائڻ ۽ ڌرتي تي سچ جو راڄ قائم ڪرڻ ۽ امن ۽ آشتي ۽ برابري جو سماج اڏڻ جي دعويٰ ڪندڙ نظريا ۽ اُنجا پيروڪار وائيٽ هائوس ۾ پنهنجو ڪردار ڪيش ڪرائي شيشي جي گهرن ۾ آرامي آهن. تڏهن هن ڌرتي تي شاعر ئي آهن جيڪي شيشي جي گهرن ڏي پٿر اُڇلائيندي نظر اچن ٿا.
    جڏهن نظرين ۽ اُنهن جي پيروڪارن مان ماڻهو ويساهه وڃائي ويهه ٿو، تڏهن هو اوندهه ۾ ڌڪجيو وڃي ۽ اهڙو وقت اچي ٿو جو خود ماڻهو جو پنهنجو پاڻ مان ويساهه کڄيو وڃي. تڏهن هو زندگي ۽ پنهنجي آئيندي مان مايوس ٿي، موت جي اڳيان هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏي ٿو ۽ تڏهن... ۽ تڏهن فطرت مان سگهه وٺندڙ شاعر کيس ڪنهن ڪامڻي جيان پنهنجي ڀاڪر ۾ ڀري موت جي منهن مان ڪڍي کيس زندگي جي کليل آزاد ۽ روشن رستي تي وٺي اچي ٿو. دنيا جا سڀ نظريا ۽ عقيدا وقت حالتن ۽ ماحول جي تبديل ٿيڻ سان پنهنجو وجود وڃائي ويهي رهن ٿا، پر شاعري جيڪا مٽي جي مشڪ سان مهڪيل آهي، جنهن ۾ جهرڻن جي جَر جو جوڀن آهي. جنهن ۾ آڪاش جا انڊلٺي رنگ آهن ۽ جنهن ۾ جاني جو جلوو آهي تنهن کي وقت ۽ حالتن جو تيز طوفان تباهه نٿو ڪري سگهي. اُن جو پرتوو ڪالهه به محسوس ٿيو ٿي ۽ اڄ به من جي آڪاش تي اُن ڪهڪشان جا نقش کڙيل آهن.
    اڄ کان ويهارو سال کن اڳي هن سنڌ راڻي جي شهر ۾ فطرت جي سيني ۾ سانڍيل سونهن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ ڏات ۽ لات جون محفلون ٿينديون هيون. اُهي اوطاقون جتي محبتن جا ميڙاڪا ٿيندا هئا، اڄ اُنهن جا نشان به باقي ڪونهن. پر من جي ڪينواس تي اڄ به اُنهن جا چٽ بنهه واضح ۽ نمايان آهن. ڪوٽڏيجي جي قلعي جي ڪنهن حصي جيان ڏيکاءُ ڏيندڙ چاچا طالب لوهار جي ماڙي يا وري موهن جي دڙي جيان کندر ٿيل خيراج مل جي بنگلي ۾ اچي ڏات ڌڻي گڏ ٿيندا هئا ۽ ڏات جا ڏيئا ٻاريندا هئا. اُن کانپوءِ سنڌي ادبي سنگت جون گڏجاڻيون مير غلام محمد خان ٽالپر هاءِ اسڪول جي نئين هاسٽل جيڪا هاڻ ڊهي ويئي آهي، گرونانڪ لائبريري، جيڪا به هاڻي موجود ناهي ۽ گهڻو تمام گهڻو پوءِ ،گرناري جي مندر ۾ ٿينديون هيون، جن ۾ ادب ۽ اُنجي ڪارج ۽ زندگي تي اُن جي اثر بابت شاعري، ڪهاڻيون، تاثر، مضمون ۽ ادب جون ٻيون صنفون زير بحث اينديون هيون. اُنهن گڏجاڻين جا روح روان چاچا محمد طالب لوهار مرحوم، ڪامريڊ الهڏنو، آنجهاني نٿومل مورواڻي، غلام حيدر بابل، شمس خواجه، ڪنول لهاڻو، بشير سيتائي، راقم الحروف ۽ ٻيا مقامي اديب ۽ ادبي ذوق رکندڙ دوست هوندا هئا.
    پيار علي پريمي به اُنهن گڏجاڻين ۾ شريڪ ٿيندو هو. اها سندس جسماني اوسر جي عمر هئي ۽ گڏوگڏ ذهني اوسر جي پڻ، سندس ذهني اوسر ۾ هنن ميڙاڪن ڪافي حد تائين ڪردار ادا ڪيو. سنڌي ادبي سنگت جي طفيل، ڏسندي ڏسندي سندس شاعري ۾ پختگي اچڻ لڳي. کيس فارم ۾ آڻڻ ۾ جتي ادبي سنگت جو دخل رهيو آهي، اُتي ذاتي طور تي هڪ شاعر بشير سيتائي جيڪو نوڪري سانگي هتي رهندو هو، جي ڪاوشن ۽ محنتن کان به انڪار ڪرڻ ناانصافي ٿيندي. بشير سيتائي (ويجهڙائي ۾ وفات ڪري ويو آهي) جنهن جي اُن وقت جي شاعري ڌرتي جي ٻولي ۽ ماحول کان اوپري ۽ فارسي ادب ماحول ۽ ٻولي کان متاثر هئي. پر بحروزن تي دسترس هئڻ ڪري، هن نه صرف پيار علي پريمي پر مون پارن شاعرن جي شاعري کي فني نقطه نگاهه کان سنوارڻ ۽ سڌارڻ ۾ انتهائي اهم ڪردار ادا ڪيو.
    پيار علي پريمي پنهنجي شاعري وسيلي پنهنجو مقام ٺاهڻ لاءِ ڀرپور محنت ڪري رهيو آهي. لفظن جي رنگن ۽ برش سان جان جانان کي سرجي رهيو آهي. هن جي تخليق اڃان اڻپوري آهي. مڪمل ۽ پورڻتا (Absotute) جي دعويٰ ته ڪو به ڪري نٿو سگهي. جيڪو پنهنجو پاڻ کي مڪمل سمجهي ٿو اُن مان محنت، جهد ۽ تخليق جو عنصر ختم ٿي وڃي ٿو، ۽ اُن جو مثال هڪ بيٺل پاڻي جي تلاءُ جيان آهي جنهن ۾ وقت سان گڏ بدبوءِ ڀرجي وڃي ٿي . منهنجي نطر ۾ پنهنجو پاڻ کي مڪمل سمجهندڙ دراصل خود خوش فهمي جو شڪار هوندو آهي ۽ اُها خوش فهمي کيس موت ڏانهن گهيلي وڃي ٿي، فطرت جي عميق سمنڊ ۾ جيترا ڀيرا به ٽٻي هڻندئو، هر ڀيري اڻ ڏٺل کي ڏسڻ جي خواهش ڪر کڻي اُٿندي. حسرتن جي اُڃ اُجهامڻي ئي ناهي. اها ازلي اُڃ ئي ڪوي کان قلم کڻائي ٿي ۽ کيس جاني جو جلوو پسائي ٿي.
    اُن جاني جي جلوي پسڻ ۽ ماڻهن ڏي موٽائڻ جي سگهه هرڪوي جي پنهنجي آهي. اُهائي سگهه کيس پورڻتا جي سفر ڏي وٺي وڃي ٿي ۽ سندس مقام جو تاريخ ۾ تعين ڪري ٿي.
    پيار علي پريمي جي شاعري ۾ لفظن جو ذخيرو تمام گهڻو آهي. وقت سان گڏ جديد ٽيڪنالاجي جي رائج ٿيڻ سان ٻولي جا ڪافي لفظ ۽ محاورا غير ضروري ٿي ويا آهن ۽ استعمال جي سگهه وڃائيندا پيا وڃن ۽ اُنهن جي جاءِ تي نوان لفظ ۽ نوان محاورا جڳهه والاري چڪا آهن. پر پيار علي پريمي کي اهو ڪريڊٽ وڃي ٿو جو سندس شاعري ۾ ٻولي جو امتزاج اهڙي نموني ڪيل آهي جو اُن ۾ نه ته اوپرائپ جو احساس ٿئي ٿو ۽ نه ئي ڊڪشنري جي ضرورت، جيئن سندس هن بيت ۾ آهي.
    وڃين ٺاهج نجرو، پنهنجي پرين لڳ،
    جوٺو اٿئي جڳ، متان ڀلجين ڀورا.
    يا وري هن غزل ۾ ڏسو.
    جيون ٿو هر ڪَنڊ،
    منڊ نه ڪوئي منڊ.
    ڪيئن ٿو ڦيري ماڻهو،
    جيون تنهنجو جنڊ.

    جتي پيار علي پريمي جي شاعري ۾ لفظن ۽ ٻولي جو ذخيرو جام آهي اُتي ڪٿي ڪٿي شاعر جي ٻولي ۽ محاورا ڇڙواڳ ۽ کلي ڇڏيل هاٿي جيان آهن، جيڪي سندس گهري مشاهدي ۽ تجربي کي چيڀاٽي پرزا پرزا ڪري ڇڏين ٿا ۽ سندس لفظ ۽ ٻولي هڪ نقطي تي مرڪوز نٿا ٿين، ۽ شاعر پنهنجي شاعري ۾ ورهايل لڳي ٿو ۽ جا ڳالهه چوڻ چاهي ٿو سا چئي نٿو سگهي. جيئن سندس هيٺيئن شعر مان ظاهر آهي.
    گلن جهڙا گيت، ڳايان وڻ چڙهيو،
    جاني تنهنجي جيت، هاري هوت آءُ
    يا وري هن شعر ۾ پنهنجن لفظن ۽ ٻولي هٿان پاڻ پنهنجو تخيل وڃائي ويٺو آهي.
    يار هرڻي جهڙو،
    ڳالهه ڪرڻي جهڙو،
    حق بخشاءِ هاءِ،
    ڪا نه پرڻي جهڙو.

    معاشري مان ملندڙ محروميون ۽ سماج جا ستم، فطري طور تي جان اندر ٿيندڙ جنگ لاءِ تيل جو ڪم ڪن ٿا پر شاعر کي اُنجي اظهار ۾ مستقل مزاجي کان ڪم وٺندي فني حدن جي دائري ۾ رهڻ گهرجي. پر ڪڏهن ڪڏهن شاعر نعري بازي جو شڪار ٿي ويو آهي ۽ ساڳئي وقت شاعري جي فطري سٽاءُ ۽ وزن ۾ جهول ڪري ويهه ٿو ۽ خصوصن آزاد نظمن ۾ صنف سان انصاف نٿو ڪري. ڪافي هنڌن تي ورجاءِ ۽ مسئلي ۽ موضوع تي سطحي ائپروچ سندس شاعري ۾ قدبت ۽ اُڏام کي روڪي بيهي ٿي. جيئن هيٺيون سٽون مٿيئين دليل کي سگهه بخشين ٿيون.
    مان باغي هان مان ڏوهاري،
    مان باهه وڏي آٻاري،
    تو جيڪا ٻيڙي ٻوڙي آ،
    مون ته اُهائي آ تاري.
    مان وڙهندو رهندس حق جي خاطر
    هي جنگ اڃان به آ جاري.
    يا وري-
    سج هوندي رات هتي
    چوڏهين جا چمڪاٽ
    ڪڏهن به
    سج هوندي رات نه ٽري
    ۽ سدائين ڪڇڻ وارن جي لبن تي تالا
    هر دل ۾ درد ۽ گهاءُ.
    مرڪون ڀي مرڻينگ،
    پر آس تي جيئن ٿا.
    ته سج تيز روشني سان،
    هڪ ڏينهن همت سان
    رات ڪاري جي چادر کي
    ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏبو
    رات ختم ٿي ويندي.

    شاعر جو اندر به چنڊ جيان آهي. ڪڏهن سنهڙو ته ڪڏهن ڳچ. هو جلدئي نعري بازي ۽ ورجاءِ کي ڇڏي آفاقي شيون لکڻ شروع ڪري ٿو. جيئن هن نظم ۾ منظرنگاري، رواني ۽ خيال جي گهرائي پنهنجو مٽ پاڻ آهي.
    بهارن کي چئجو منهنجي ديس تان،
    ڦوٽهڙن منهن موڙي ڇڏيو.
    ۽ فضائن کپ کوڙي ڇڏيو.
    هير ۾ رت ريٽي جي بوءِ،
    زندگي تان ماس موت روڙي ڇڏيو.
    بهارن کي چئجو منهنجي ديس تان،
    متان ڀيرو ڀڃو!
    متان ڀيرو ڀڃو!

    ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته سنڌ جي قديم صنف وائي ۾ شاعر کي دسترس حاصل آهي ۽ ڪافي حد تائين اُن جي فني لوازمات ۽ ٽيڪنڪ سان نباهه ڪري ٿو، جيئن هيٺين واين مان ظاهر آهي.
    سونهن سڄي سرهاڻ،
    الا! آءُ اڻ ڄاڻ.
    جنهن لئه لڇيس ايترو.
    آءُ اُهوئي پاڻ.
    الا! آءُ اڻ ڄاڻ.
    جيڏانهن آءُ نهاريان،
    لالڻ جي لالاڻ،
    الا! آءُ اڻڄاڻ
    يا وري
    منهن تان لاهي نقاب،
    ڪنهن کي روز ڏسين ٿي؟
    کڙڪي تي کولين ٿين،
    هر هر پنهنجو باب.
    ڪنهن کي روز ڏسين ٿي؟

    پيار علي پريمي جي شاعري هن ڌرتي تي پلجندڙ انيڪ سڄاڻ شاعرن جو تسلسل آهي، جنهن ۾ ماضي جي محرومين کان وٺي حال جون هيبتون ۽ مستقبل جون مرڪون شامل آهن. هن جي شاعري اُن سنگتراش جي مجسمي جيان آهي، جنهن کي اڃان تراشڻ ۽ اُن ۾ روح ڀرڻ جي ضرورت آهي. هن کي اڃان پنهنجي شاعري کي نوان لاڙا، فني سٽاءُ مطالعي ۽ مشاهدي جا پوشاڪ پهرائي تخيل جو سينگار ڪري سڀني کي موهيندڙ ڪامڻي جو روپ ڏيئي تاريخ جي گيلري ۾ رکڻو آهي، جنهن کي وقت ۽ حالتون ريٽي نه سگهن، جنهن جي سونهن، جوڀن ۽ جلوو موسمن جو محتاج نه هجي، جنهن لاءِ ڪنهن سچ چيو آهي ته:
    شاعري جُز است پيغمبري.

    1- مارچ 1994ع ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊوباگو طرفان شاعر پيار علي پريمي سان پهاڙ مري ۾ ملهايل شام ۾ صدارتي خطاب
    2- 1 جولاءِ 1994ع جي پندرهن روزه عبرت مئگزين ۾ ڇپيل


    شاهد حميد

    تعارف

    عبدالحميد ولد خميسو قنبراڻي، سنڌي ادب جي دنيا ۾ شاهد حميد جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. شاهد حميد جو جنم پهرين جنوري 1980ع ۾ ڳوٺ کاڏو لڳ ٽنڊوباگو ۾ ٿيو. هن پرائمري تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول کاڏو مان ورتي 1989ع ۾ پنجون درجو پاس ڪرڻ کانپوءِ ڇهين درجي ۾ داخلا مير غلام محمد خان ٽالپر گورنمينٽ هاءِ اسڪول (هن وقت هائير سيڪنڊري اسڪول) ۾ ورتي. 1994ع ۾ انهي اسڪول مان مئٽرڪ ڪرڻ کانپوءِ انٽر اسلاميه ڪاليج بدين مان 1997ع ۾ پاس ڪئي ۽ سال 2008ع ۾ بي اي علامه اقبال اوپن يونيورسٽي اسلام آباد مان ڪئي. شاهه حميد 2008 ۾ شادي ڪئي کيس ٻن نياڻين (رمشا ۽ دائمال) ۽ هڪ پٽ (شاهزين) جو اولاد آهي. هو هن وقت ڪميونٽي بيسڊ اسڪول (CBS) ٽنڊوباگو ۾ بطور اُستاد نوڪري رهيو آهي. شاهد حميد جي سندس پهرين تخليق 1994ع ۾ روزانه هلال پاڪستان ۾ ڇپي. هن وقت تائين سندس تخليقون، هفتيوار سنڌو، نئين زندگي، ماهوار ريکائون، سجاتا مئگزين، ماهوار ڪينجهر، عبرت مئگزين ۽ ٻين اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيون آهن. شاهد حميد تقريبن شاعري جي سڀني مروجه صنفن ۾ شاعري ڪئي آهي. سندس شاعري جا موضوع فطرتي ۽ دنياوي حسن، درد، پيڙا کان علاوه انساني سماج جي مسئلن ۽ اُن جي ممڪنه حل سان سلهاڙيل آهن. هن جي شاعري ۾ عام ۽ سادي ٻولي سان گڏوگڏ گهرو مشاهدو به پسي سگهجي ٿو. هن جي شاعري جو پهريون مجموعو “مرگهه اُڃارا نيڻ” اپريل 2017ع ۾ ڇپيو آهي.
    ***
    ________________

    گنيز بڪ آف ولرڊس جو شاعر

    هي سموري ڪائنات انيڪ پراسرارن سان ڀري پيئي آهي. جيترو ڪوئي اُنجي انت تائين پهچڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، اوترو ئي بي انت باسي ٿي. پاتال کان ڌرتي جي مٿاڇري تائين ۽ ڌرتي کان آڪاش تائين، جيڪي ڪجهه آهي اُن کي ڄاڻڻ، ۽ اُن ڄاڻڻ کان پوءِ اُن کي ماڻڻ ۽ پائڻ جي سڌ کڻي انسان ازل کان جستجو ڪندو آيو آهي. ڪڏهن ڪوري جيان ڪتي ٿو ته ڪڏهن ڪنڀار بنجي ڪچي چيڪي مٽي مان اهڙا نقش اُڀاري ٿو،جيڪي صدين کان سندس اکين ۾ وسندا رهيا آهن. ته وري ڪڏهن مضبوط ۽ جانٺي جسم جي سگهه سان ڌرتي جو سينو چيري سونا سنگ اُپائي ٿو، جن جو مست هوا تي جهولڻ خود سندس ئي زندگي ۾ ساهه وجهي ٿو ۽ جيئڻ جو اُتساهه وڌائي ٿو... مطلب ته انسان پنهنجي انيڪ روپن ۾ هن وشال ڪائنات کي سمجهڻ، اُنجي اسرارن کي ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. اُنجي باوجود به هو پاڻ کي اڻپورو محسوس ڪري ٿو. سندس وجود کيس نامڪمل باسي ٿو ۽ سندس جسم جي شڪستي هيڏي ساري ڪائنات ۾ سگهه وڃائي ويهي رهي ٿي، تڏهن هن ڌرتي جي ڪک مان شاعر جنم وٺي ٿو، جيڪو کيس ازل کان ابد تائين جا راز سمجهائي ٿو. ڪڏهن لطيف جي روپ ۾ سندس درد جو درمان بنجي ٿو، ته ڪڏهن سچل جي روپ ۾ سچ تان پردو هٽائي ٿو، ۽ ماڻهو جي من ۾ ڀريل صدين جي گند، ڪيني، تعصب ۽ نفرت کي ڌڪاري ڪڍي ٿو، ته ڪڏهن سامي بنجي شلوڪن ذريعي من جي مانداڻ کي ماٺو ڪري ٿو ۽ سک شانتي جو درس ڏي ٿو، ته ڪڏهن وري اياز جي چولي ۾ سندس اندر جي آشائن کي سڦلتا جو روپ ڏي ٿو..... ته وري ڪڏهن شاهد حميد بنجي جيون جي پوريل ورقن تان دز لاهي ٿو.
    ميندي جي مهڪارن وانگي،
    ڇوري ڦوهه بهارن وانگي.
    گج ٽڪون محور جو ڦيرو،
    هن جو بولو ڌرتي گولو.
    هي سلسلو، پيار محبت جو سلسلو ازل کان جاري آهي. ڌرتي جي هڪ ڪنڊ کان ٻي ڪند تائين. انگلينڊ جي شيڪسپيئر کان وٺي فرانس جي سارتر تائين، جرمني جي گوئٽي کان وٺي آمريڪا جي پرل ايس بڪ تائين.
    شاعر سونهن جو سودائي آهي. هو ساري سنسار ۾ سونهن اوتڻ چاهي ٿو ۽ چاهي ٿو ته هر سواس سواس سونهن سان رچي وڃي. پر جڏهن انسان جي اندر ۾ هابيل ۽ ڪابيل جنم وٺڻ لڳي ٿو ۽ انسان، انسان جو رت پياڪ ٿي وڃي ٿو. جڏهن انسان تون ۽ مان جي چڪر ۾ ڀٽڪي ٿو، ته هن ڌرتي جي شاعر کان رهيو نٿو ٿئي. سندس قلم آڳ ڀڙڪائي ٿو.
    هر ڏينهن،
    ڄڻ ته ڏينڀو بڻجي ويو آ،
    گولين جي ڌن تي،
    وحشي درندا،
    اسانجي موت جو،
    جشن ملهائي رهيا آهن.
    تنهن ڪري اي شاعر!
    هاڻي تون-
    پيار جا گيت لکڻ بدران ،
    ڪيڏارو ڇو نٿو لکين؟
    ڇو ته-
    هنن وحشتن ۾
    پيار جا هڙئي رنگ،
    بي معنيٰ ٿي چڪا آهن؟
    شاهد جي شاعري ۾ هي ڪرب ڪو خود ساخته ناهي ۽ نه ئي سندس شعوري ڪوشش. هي ته سندس پنهنجو ڪيڏارو آهي، جيڪا ڪربلا هو ڀوڳي چڪو آهي. شاعر اُن ماضي جي پيڙا، ظلم، بربريت ۽ وحشيت کي پنهنجي اکين آڏو ڏسي ٿو، جڏهن سندن وڏڙن (آفريڪا ۾ نيگرو نسل سان وهيل ويڌن جي حوالي کان) کي ڳچين ۾ رسا ۽ چپن ۽ ڪنن ۾ سوا ٽنبي آفريڪا مان غلام بنائي هتي وڪيو ويندو هو. هن جي آڏو محمد صديق مسافر جيان “آزادي ۽ غلامي جا عبرت ناڪ نظارا” (محمد صديق مسافر جو ڪتاب) جا دردناڪ ۽ ڪرب ناڪ منظر، اڄ به ايئن ڦري رهيا آهن جيئن سئنيما اسڪرين تي سلائڊ.
    ناوَ اسانجي وچ ڪنن ۾،
    ڏاڍا دور ڪنارا آهن،
    يا وري
    چوطرف وحشتون،
    هن ڪٿي محبتون.
    پر جي شاعر مايوسي ۾ وٺجي وڃي، ته سنسار مٿان ڇانيل اوندهه ڪير ميٽيندو؟ شاهد به جلدي ان مايوسي مان نڪري اچي ٿو.
    هي رات به کٽندي ڏينهن ٿيندو
    سج ڄاڻ ته اُڀريو، او پيارا.
    يا وري
    تون نيٺ ته اچڻي آهين هتي،
    سا آهي گلابن جي نگري.
    جت سندر خوشبوءِ جو ديرو،
    ٿئي پنهنجو پورو پنڌ جتي.
    شاهد کي هن جيون جي سلڦتا ۽ مهانتا ۾ ڪامل يقين آهي. هو سنسار جي اُن سندرتا کان انڪاري ناهي، جنهن ۾ ڇوري جي ڇم ڇم آهي، جيون جو ردم آهي. اُهو ردم جيڪو ننڍو ٻارڙو ماءُ جي پيٽ ۾، ماءُ جي قدمن جي چاپ تي محسوس ڪري ٿو.
    سندر سندر سانوڻ جهڙا،
    جذبا توکي ارپڻ جهڙا.
    يا وري
    ڪي ڪي ماڻهو هوندا آهن،
    سنجهه صبح جي پوڄڻ جهڙا.
    يوناني ميٿالاجي ۾ اچي ٿو ته ،آدجڳاد جي انسان کي چار ٻانهون، چار ٽنگون، چار اکيون، ٻه سسيو ۽ ٻه ڌڙ هئا. ديوتائن کي اچي ڊپ ٿيو ته متان انسان پنهنجي عقل ڏاهپ ۽ شڪتي سان اسان کي مات ڪري اسانجي جاءِ والاري، تن سازش ڪري انسان کي ٻن ڀاڱن (مرد ۽ عورت) ۾ ورهائي ڇڏيو. اُن ڏينهن کان وٺي اڄ ڏينهن تائين انسان پنهنجي ٽڪرا ٿيل ۽ وڃايل وجود جي ڳولا، ۽ ٻنهي ڀاڱن کي ملائي هڪ ڪرڻ جي ڪوشش ۾ لڳو پيو آهي ۽ سندس سک چين ڦٽل آهي. انهي ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته شاهد جي شاعري ۾ انسان جي انهن ٽٽل ڀاڱن کي ملائڻ جي شڪتي موجود آهي. شاهد جي شاعري ۾ اڻ پوري انسان کي مڪمل ڪرڻ جو پيغام روان دوان آهي.
    شاهد جي شاعري ۾ فن جي گهرائي، خيالن جي روانگي، پختگي ۽ ادائگي جو جيڪو ڏانءُ آهي، اُن کي ماڻڻ ۽ اُنتي پهچڻ لاءِ ڪافي عمر ۽ تجربو گهرجي. نه ته شاهد جي ايڏي عمر آهي ۽ نه ئي تجربو ۽ نه ئي سندس ايڏو وڏو قدبت، اڃان ته هو ڪالهه جو ٻار آهي. اڃان ته سندس چپن تان ٿڃ سڪي به ناهي. پر پوءِ به هو شاعري جي کيتر ۾ هڪ پهاڙ جيان پنهنجي جاءِ والاري بيٺو آهي. جنهن ڏاهپ ۽ ڪلا سان هو هن وشال ۽ پراسرار ڪائنات جي تهن مٿان دز لاهي ٿو، ۽ اڻ ڏٺي سان ڏيٺ ڪرائي ٿو، سا ڳالهه مون جهڙي ننڍڙي ماڻهو جي ننڍڙي کوپڙي ۾ ويهه نٿي!
    مون کي يا ڪنهن ٻئي کي جي اها ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي ته اُن ۾ ڪنهن جو ڏوهه؟ پر اها هڪ حقيقت ته آهي ئي،ايئن جيئن ماڻهو جي ڇهين حس، جنهن وسيلي انسان عجيب و غريب معجزا ڪندو آهي، جن لاءِ ڪو به عقلي دليل ناهي هوندو. بلڪل ايئن ئي شاهد به منهنجي لاءِ هن پراسرار ڪائنات جيان پراسرار آهي. تڏهن ته مان هن کي گنيز بڪ آف آوارڊس جو شاعرمڃان ٿو.


    1- سنڌي ادبي سنگت ٽنڊوباگو طرفان 1993ع ۾ شاعر شاهد حميد سان ملهايل رهاڻ ۾ صدارتي خطاب
    2- روزانه خادمي وطن 4 جنوري 1994ع ۾ ڇپيل.
    3- هفتيوار حق جو هوڪو (29 فيبروري 1996ع) ۾ ڇپيل.


    بئڪ ٽائيٽل تاثر : ادل سومرو

    ڀوَن سنڌي اسان جو همعصر ليکڪ دوست آهي. هڪ ئي دور ۾ ادبي دنيا ۾ متعارف ٿياسين، ستر واري ڏهاڪي ۾ ادبي رسالا چڱي تعداد ۾ شايع ٿيندا هئا، جنهن ڪري ليکڪن ۽ شاعرن کي پڙهندڙن تائين پهچڻ جو وڏو موقعو مليو. ڀوَن سنڌيءَ جون تخليقون به ان دور ۾ ڇپبيون هيون. ان دور جو ليکڪ سڃاڻپ جي ڳولا ۾ هيو. ڀوَن سنڌي به شاعري ۽ ڪهاڻين وسيلي پنهنجي سُڃاڻپ ڪرائي چُڪو هو. تخليق به محبوب وانگر وقت گهري ٿي. جي ان کي وقت نٿو ڏجي ته اُها به مُنهن ڦيري ٿي ڇڏي. ڀوَن سنڌي به اهڙي ئي صورتحال کي مُنهن ڏيون پئي آيو، پر هُو ادبي قافلي ۾ ڪنهن نه ڪنهن تحرير جي روپ ۾ شامل رهيو ئي پي آيو. هُو ايترو پري نه ويو جو ادبي حلقا هُن کي وساري ڇڏين.
    هي مقالا/ مضمون سندس تخليقي ۽ شعوري سگهه جو مثال آهن، جن ۾ هُن جي سهڻي تحريري انداز سان گڏ، شخصيتن سان هن جي عقيدت ۽ محبت کي به محسوس ڪري سگهجي ٿو. انهن کي پڙهڻ سان انهن شخصيتن جو ڀرپور روپ پڙهندڙ سامهون اُڀري ٿو اچي. ڀوَن سنڌيءَ جي منفرد ۽ دلچسپ اظهار، انهن مضمونن / مقالن کي ايترو ته موهيندڙ بڻايو آهي جو پڙهندڙ ضرور متاثرٿيندو.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 947
    ڪتابن جو مشاهدو: 3035635
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 791190
    2020 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ