ڪتاب جو نالو: اهو اجنبي
مصنف: راجن مڱريو
ڇپائيندڙ: ڪنول پبليڪيشن
ڪيٽيگري: ڪهاڻيون
شايع ٿيڻ جو سال: 2018
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: جمعو، 15 مئي 2020 ع
پڙهيو ويو: 282 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 68 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ھن ڪتاب ۾ 18 ڪهاڻيون شامل آھن. سڀ ڪھاڻيون پڙھڻ جھڙيون آھن. راجن جي ڪهاڻين ۾ رومانس ۽ زندگيءَ جون سچايون گڏ گڏ هلندي ڏيکارجن ٿيون. سنڌ ۽ سنڌوءَ سان محبت جو وچن به آرٽسٽڪ انداز سان اظهاري ٿو. هن جي ڪهاڻين ۾ زندگيءَ جي ڏکن، دردن ۽ پيڙائن جي ميڙ چونڊ نظر اچي ٿي، اهڙا ڏک،درد ۽ پيڙائون، جن تي عام طور نظر ئي نه پوندي آهي. علامتي ڪيفيتن کي سولائيءَ سان بيان ڪرڻ کان سواءِ، ڪنهن آرٽسٽ جي اندر ۾ ٿيندڙ ڀڃ ڊاهه کي به سمجهي ٿو.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سنڌ سلامت پاران
  • حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ
  • ارپنا
  • اداري پاران:
  • مھاڳ
  • اجنـبـي پـکـيءَ کـان بـارسـلـونـي واري ڇـوڪـريءَ تـائـيـن
  • پنهنجي پاران
  • ڪھاڻيون

  • ٽٽل ٻانهن....فليش بيڪ
  • بارسلونا واري ڇوڪري
  • لهرن جي لالاڻ ۽ پونم
  • اڌ وتايو
  • هڪ خواب جي وشالتا
  • رت ، لڪير۽ سنڌو جي سينڌ
  • دل جو فيصلو
  • اداسي، بيوسي ۽ پاڇولو
  • اهو اجنبي پکي.
  • هئــــا اڳئـــــي گــــــڏ
  • ڳاراڻو
  • وئي وري وڻڪار
  • اڻڄاتل وقت جي يادگيري
  • پير جي خارش
  • هڪ پراسرار قبر جي ڪٿا!
  • نانگ جو ڪکيل!
  • بگن فقير جي آخري آرام گاهه
  • ڪو ايئن به ياد ايندو آهي
  • رايا

  • وفا صالح راڄپر
  • بخش مڱريو - سانگهڙ
  • رايو

  • سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”اھو اجنبي“ اوهان اڳيان پيش آهي. ھي ڪتاب راجن مڱريو جي ڪھاڻين جو مجموعو آھي.
    ھن ڪتاب ۾ 18 ڪهاڻيون شامل آھن. سڀ ڪھاڻيون پڙھڻ جھڙيون آھن. ڪتاب بابت منور سراج ھڪ ھنڌ لکي ٿو: ”اهو ڪھاڻيڪار ئي هڪ دلربا ڪھاڻي کي نہ ڳوليندو آهي پر ڪھاڻي بہ هڪ دلربا ڪھاڻيڪار کي ڳوليندي آهي ۽ ان دلربا ڪھاڻيءَ بارسلونا واري ڇوڪريءَ جي روپ ۾ پنهنجي دلربا ڪھاڻيڪار راجن مڱريو کي ڳولهي ورتو آهي ۽ هن ڪتاب ۾ شامل ٻيون ڪھاڻيون بہ انهيءَ دلربائي جو عڪس آهن.“
    راجن جي ڪهاڻين ۾ رومانس ۽ زندگيءَ جون سچايون گڏ گڏ هلندي ڏيکارجن ٿيون. سنڌ ۽ سنڌوءَ سان محبت جو وچن به آرٽسٽڪ انداز سان اظهاري ٿو. هن جي ڪهاڻين ۾ زندگيءَ جي ڏکن، دردن ۽ پيڙائن جي ميڙ چونڊ نظر اچي ٿي، اهڙا ڏک،درد ۽ پيڙائون، جن تي عام طور نظر ئي نه پوندي آهي. علامتي ڪيفيتن کي سولائيءَ سان بيان ڪرڻ کان سواءِ، ڪنهن آرٽسٽ جي اندر ۾ ٿيندڙ ڀڃ ڊاهه کي به سمجهي ٿو.
    ھي ڪتاب 2018ع ۾ ڪنول پبليڪيشن قمبر پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون عظيم رونجھو جا جنهن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي ۽ سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ

    ڪتاب جو نالو: اهو اجنبي
    (ڪهاڻيون)
    ليکڪ: راجن مڱريو
    ٽائيٽل اسڪيچ: اي آر آزاد
    ڇاپو پهريون: جون 2018
    ڪمپوزنگ: مرتضى مڱريو، عظيم رونجهو
    پبلشر: ڪنول پبليڪيشن قمبر

    ڊجيٽل ايڊيشن: 2020ع
    سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    books.sindhsalamat.com


    ھيءُ ڪتاب ڊجيٽل ايڊيشن جي صورت ۾ محمد سليمان وساڻ، سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام ڪراچيءَ پاران پڌرو ڪيو


    ارپنا

    آئون پنهنجو هي ڪتاب نالي ڪيان ٿو
    انهن شخصيتن جي
    جن مونکي وجود ڏنو
    ۽ نالو ڏئي هن جهان ۾ هلڻ جهڙو بنايو.
    اهي شخصيتون آهن،
    امان شريفان ۽ بابا علي خان
    جيڪي هڪ ملڪ جي ٻه اڌ ٿيڻ جي نتيجي ۾
    قسمت جي ڪرڻي تحت هڪ ٿيا.
    ۽ هميشه لاءِ هڪ ئي رهيا.!


    اداري پاران:

    اداري پاران


    مھاڳ

    ذهن ۽ ضمير ڏانهن جوابدار ڪهاڻيڪار


    اسان ماڻهن جي سڃاڻپ رشتن سان نه پر حادثن سان هوندي آهي ۽ انهن حادثن جو بنياد اسان جي زندگيءَ جي ٿيڻ کان اڳ ئي پئجي ويندو آهي.
    ٽٽل ٻانهن... فليش بيڪ
    اصل ۾ حادثو اهو هو ته- ابليس انڪار ڪيو. جتان پاپ ۽ پڃ- گناه ۽ ثواب جي ٻن پڙن ۾ انسان ذات پيسجڻ شروع ٿي. اصل ڪهاڻيون اتان شروع ٿيون ۽ ماڻهون منجهي پيو ۽ منجهيل ماڻهو، جيڪو بيمارين کي به آسماني ٿو سمجهي.
    ۽
    اصل ۾ ڪهاڻيون ته انهن جون آهن جنهن کي معاشري./سماج رجيڪٽ ڪيو، ته ”ان فٽ“ آهيو. ان فٽ ماڻهن ئي فٽنيس پيدا ڪئي.
    آئينسٽائن کان اسٽيفن هاڪنگ تائين دوستو فسڪي کان حليم باغي تائين.. اهي سڀ پنهنجي دور جا اهم آهن.”اهم“ جنهن کي چيو ويو هو اصل ۾ غير اهم هئا. وقت هڪ ندي آهي، ندي ۾ پاڻي آهي، پاڻي ساڳيو نه آهي . ائين ڪهاڻي ڪلا به هڪ ندي جيان جيڪا هر وقت بدلبي رهي ٿي ، شڪليون بدلائيندي رهي ٿي.
    ڪهاڻي ڪلا جي قافلي ۾ راجن مڱريو به اهم ماڻهو /ڪهاڻيڪار آهي جنهن جا موضوع سنڌي سماج مان ئي آهن ۽ ڪهاڻين جا ڪردار نه صرف ڪميٽيڊ آهن، پر پنهنجي ڪميٽمينٽ تي سر به ڏين ٿا. ته پاڻ سان ٿيل ويساهه گهاتين کي به وائکو ڪن ٿا.
    حقيقت ۾ ڪهاڻيون ۽ ڪلا ڌرتيءَ سان ۽ ڌرتيءَ جي ماڻهن جي مسئلن سان لاڳاپيل هونديون آهن ۽ ڌرتيءَ سان سلهاڙيل ادب جي عمر به وڏي هوندي آهي . ڌرتيءَ جا ڏک ڌرتيءَ جي ماڻهن جا ڏک. مسئلا جڏهن ڪهاڻين ۾ اچن، ته اها ڪهاڻي پنهنجي جوهر ۾ سچائي کڻي ايندي. وهمن وسوسن ۽ اجاين رسمن جي خلاف راجن مڱرئي پنهنجي اڪثر ڪهاڻين ۾ اظهاريو آهي، خاص ڪري بگن فقير جي آخري آرام گاهه جيڪا هن ڪتاب ۾ پڙهڻ جهڙي ڪهاڻي آهي .
    ”رت لڪير ۽ سنڌوءَ جي سير“ ڪهاڻي هڪ اهڙي ڪردار تي آهي، جيڪو ڪنهن سياسي پارٽي جو ڪارڪن آهي، پر ان کي ائين لڳو، ته هو ڪارڪن ڄڻ استعمال ٿو ٿئي، رڳو پنهنجي ليڊر جي هٿان نه ڪي نظريي هٿان .
    اهڙي به سنڌ آهي جنهن جو جڏهن ڇيد ڪبو، ته سنڌ جي ماڻهوءَ ،سنڌ جي سياسي ڪارڪن سان، شاگرد سان سدائين ويساهه گهاتي ٿي آهي .اها ڀل ته سياسي ليڊرن ڪئي هجي، اديبن طرفان هجي پر پوءِ به سنڌي قوم سدائين سڏ تي سڏ ڏنو آهي. ڀل ته شاگرد سياست هجي، ٻٽو نظام هجي اهڙي پس منظر ۾ راجن مڱرئي هڪ ٻي به خوبصورت ڪهاڻي لکي آهي. ”هئا اڳئي گڏ“ ۾ به اهڙي ئي هڪ انقلابي جي وارتا آهي .
    حقيقت ۾ سنڌ ملڪ جي تاريخ ۽ جاگرافي اهڙي ته خوبصورت آهي جهڙي رڳو سوچي سگهجي ٿي. سنڌ جي سينڌ سنڌو دريا هجي، سمند هجي، پهاڙ هجن، ٻيلا هجن، ڍنڍون هجن، معدنيات هجي، اهڙي خوبصورت سنڌ ڄڻ ڌرتي جي منڊيءَ ۾ ٽڪ آ.
    اهڙي سنڌ جهڙي اروڙ کان ڪراچي تائين ڏند ڪٿائون، قلعا ، تهذيبون پٿر جي دور کان هاڻوڪي دور جي تاريخ تائين مختلف موسمون ۽ اناج جيڪو مذهب جي نالي ۽ ٻين ٺڳين جي ذريعي تباهه ڪئي ٿي وڃي، راجن مڱرئي اهڙي ئي وارتا تي ڪهاڻي ”هڪ خواب جي وشالتا “ ۾ اظهاري ڇڏيو .
    وتايو فقير سنڌي سماج جو هڪ ايماندار ڪردار آهي، ان جا گفتا نصيحت ڀريا ڀل هجن، پر اهي گفتا به مڪمل ڪهاڻيون آهن. اهڙيون جهڙيون يونان ۾ ايسپ لکيون، اهڙي ئي هڪ ذهين ڪردار تي راجن مڱرئي اڌ وتايو ڪهاڻي لکي آهي، جيڪا هڪ بهترين ڪهاڻي آهي.
    راجن مڱرئي جي ڪهاڻين کي ڏسبو ته اهي هڪ پختي ڪهاڻيڪار جون ڪهاڻيون آهن . جيئن هڪ پيراگراف کي پڙهو/ ڏسو .
    ”مونکي ڪجهه به سمجهه ۾ نه پئي آيو، آخر مونسان ڇا ٿي رهيو آهي. هوءَ ايندي ته خوابن ۾ هئي پر حقيقتن جهڙا اثر وجود ۾ ڇڏي هلي ويندي هئي. شروع جي ڪجهه مهينن تائين، ته من ئي من ۾ خوشگوار لمحن مان پيو گذرندو هئس، پر پوءِ خبر پيم ته نه.! ڏينهون ڏينهن ڪنهن اهڙي پٿر جيئان پيو ڳرندو وڃان، جنهن تي ڪنهن اوچي جبل جي چوٽيءَ تان آبشار ڪرندو آهي. چرس سان ڀريل سگريٽ جي ڪش جيئان ڀرڻ لڳو هئس.بس سال به نه گذريو هو جو هوءَ اچانڪ مري وئي. هوءَ ڇو مئي ان جي موت جو ڪارڻ ڪهڙو هو، سڀني کي خبر هئي پر جيڪو ڪجهه مون ٿي ڄاتو ان جي ڪنهنکي به خبر نه هئي.“
    ”اجنبي پکي“ نفسياتي مسئلي تي هڪ خوبصورت ڪهاڻي آهي. هونئن به راجن مڱرئي جي ڪهاڻين جا ڪردار ذهن ۽ ضمير ڏانهن جوابدار آهن ، ضمير جيڪو هڪ پاڇي جيان ماڻهوءَ سان رهي ٿو، اهڙي ئي هن ڪهاڻي ۾ اظهاريو آهي.
    ”پر پاڇولي وارو ڪارڻ کيس آخري ڪارڻ ٿو لڳي، ان کي اهو يقين پختو ٿي بيهي رهيو آهي ته، پاڇولو ان سان اٿندو ۽ ان سان گڏ ويهندو آهي. هو ننڊ ۾ هوندو آهي ته کيس ڳوليندو آهي، هن جي ننڊ اصل ۾ پاڇولي جي ننڊ آهي ۽ هن جي جاڳ پاڇولي جي جاڳ آهي، ۽ اصل ڪارڻ سمجهڻ کان پوءِ هو ان راز کي ڪجهه وقت لاءِ ڏاڍو خراب سمجهندو رهيو، پر جلد ئي هن اهو سمجهي ورتو ته، پاڇولي جي خوشي ئي اصل ۾ سندس خوشي آهي. ان ڪري کيس هر وقت ان کي خوش رکڻ گهرجي، ۽ اهڙو ڪجهه نه ڪرڻ گهرجي، جنهن سان سندس پاڇولو اداس نظر اچڻ لڳي. بظاهر ته هو اهو سوچي مطمعن ٿي ويو آهي، پر هن کي اها خبر ئي ناهي ته هن جي اداسيءَ جو ڪارڻ ته اڃا ٻيو ڪجهه آهي، اهو ڪجهه جنهن کي سمجهڻ لاءِ صدين جا سفر ڪرڻا هوندا آهن......!!“
    راجن مڱريو اڄ ڪلهه جي ڪهاڻيڪارن ۾ هڪ منفرد ۽ ڌرتيءَ جي جيئرن جاڳندڙ ڪردارن جو ڪهاڻيڪار آهي.



    اخلاق انصاري
    لاڙڪاڻو


    اجنـبـي پـکـيءَ کـان بـارسـلـونـي واري ڇـوڪـريءَ تـائـيـن

    راجن مڱريو جون ڪهاڻيون منهنجي آڏو آهن. مان سندس ڪهاڻين جي آڏو آهيان. اسين هڪ ٻئي کي ڏسي رهيا آهيون. ڪجهه دير کان. ڪافي دير کان. ائين جيئن ڪي ٻه ماڻهون هڪ ٻئي کي اوچتو ڪٿي ڏسي حيرت مان اهو سوچي نهاريندا رهجي ويندا آهن، ته شايد اسان اڳ به ڪٿي ڪڏهن مليا آهيون. پوءَ ٻنهي مان هڪ کي يا ٻنهي کي هڪ ئي وقت اوچتو جڏهن ياد اچي ويندو آهي، ته اسين اڳ به ڪڏهن ڪٿي ۽ ڪيئن مليا آهيون ته ٻنهي جي اکين ۾ پهنجائپ جا ڏيئا ٻري پوندا آهن ۽ ٻنهي جي چپن تي مرڪ ڦهلجي ويندي آهي.
    ها بلڪل ائين راجن جون ڪهاڻيون ۽ مان ڪجهه دير هڪ ٻئي کي ڏسندا رهياسين ۽ نيٺ مرڪي پياسين. اسين اڳ جا واقف آهيون. پراڻا دوست آهيون.
    هون به ماڻهوءَ ۽ ڪهاڻي جو پراڻو تعلق آهي. اها ڪهاڻي ئي آهي جنهن ماڻهوءَ کي ماڻهوءَ جي ويجهو رکيو آهي. جنهن ماضي کي مستقبل سان ۽ حال کي ماضيءَ سان ملائي رکيو آهي. جنهن ڀت تي لڳل سال جي ڪلينڊر کي فالو ڪرڻ بدران ماڻهوءَ جي دل جي هر هڪ ڌڙڪي جو ۽ هر لهر جو حساب ڪتاب رکيو آهي. جنهن جذبي جي احساساتي تاريخ رقم ڪئي آهي. تاريخ جنهن جي آئيني ۾ ماڻهو پنهنجو ماضي، حال ۽ مستقبل ڏسي ۽ محسوس ڪندو رهيو آهي ۽ ڪندو رهندو. مان ۽ راجن جون ڪهاڻيون قديم دوست آهيون. ان ڏينهن ”اجنبي پکيءَ“ جي اکين ۾ نهاريو ته محسوس ٿيو انهن اکين ۾ منهنجي به ڪنهن خواب جو عڪس موجود آهي. عڪس جيڪو ٽٽل نه آهي سڄو ۽ صحيح سلامت آهي، عڪس جنهن ۾ هڪ حسين خواب جو آکيرو آهي.
    آکيرو ۽ پکي
    پکي ۽ آکيرو
    راجن جي هن ڪهاڻيءَ ۾ وڻ جي ٽاريءَ تي ويٺل هي اجنبي پکي هڪڙو اڻ اجنبي خواب آهي. خواب جيڪو ڪهاڻيءَ جي نائڪا جي نيڻن ۾ وسرام ڪري ٿو ۽ هو ان خواب ۾ وسرام ڪري ٿي.
    محبت هڪ عجيب شيءَ آهي ۽ هڪ پراسرار دنيا آهي محبت. ڪافي وقت اڳ هڪ ٻاهرين ملڪ جي ڪهاڻي پڙهي هئم جنهن ۾ هڪ ڇوڪري ڪنهن انسان بجاءَ هڪ ڪتي سان پيار ڪري ٿي. اهو سندس ڪو رد عمل ري ايڪشن آهي، پر جي رد عمل نه به هجي ته ڇا ماڻهوءَ کي ماڻهوءَ بدران ڪنهن ٻي مخلوق سان محبت نه ٿي ٿي سگهي؟
    راجن جي هي ڪهاڻي پڙهي مون کي هاليوڊ جي فلم داشيپ آف دي واٽر ياد آئي، جنهن ۾ هڪ گونگي ڇوڪري پاڻيءَ مان هٿ آيل پاڻيءَ جهڙي ڪنهن عجيب الخقت شيءَ سان محبت ۾ متبلا ٿي وڃي ٿي.
    ها،
    محبت ڪنهن سان به ٿي سگهي ٿي.
    پکيءَ سان،
    جانور سان،
    گل سان،
    پوپٽ سان،
    موسم سان،
    ماڻهوءَ سان.
    ڪنهن سان به
    هڪ سٺي ڪهاڻيءَ جو اهو وڏو ڪمال آهي جو اها پڙهندڙ کي تخليقي نوع ۾ زندگيءَ جو هڪ نئون، اڻ ڇهيل ۽ منفرد رخ ڏيکاري وڃي ۽ ان طرح پڙهندڙ وٽ محسوس ڪرڻ، ڏسڻ، سوچڻ ۽ تصور ڪرڻ جو هڪ ٻيو نئون ۽ منفرد جهان پيدا ٿي وڃي.
    سچ ته راجن جي هي ڪهاڻي هڪ رانجهو لکان دا مٽ آهي. هن ڪهاڻيءَ تي مان هن آرٽيڪل جي صورت ۾ گهڻو ڪجهه لکڻ کان قاصر ان ڪري آهيان جو هيءَ ڪهاڻي سمجهڻ ۽ سمجهائڻ لاءِ نه آهي پر محسوس ڪرڻ لاءِ آهي. منهنجي راءَ ۾ وڌ ۾ وڌ اعليٰ ڪهاڻي آهي جيڪا محسوس ڪرڻ لاءِ وجود ۾ آئي هجي.
    بلڪل ائين راجن جي ٻي ڪهاڻي بارسلونا واري ڇوڪري پڙهندڙ کي پنهنجي آغوش ۾ ڀري ٿي وٺي. هيءَ مڪمل طور تي هڪ آرٽسٽڪ ڪهاڻي آهي جنهن کي ڪوبه پڙهندڙ ڪڏهن به وساري نه سگهندو. بلڪ ڄڻ ته هي ڪهاڻي ڪهاڻيڪارن جي ڪهاڻي آهي.
    هڪ خواب جي ڪهاڻي
    هڪ ڪهاڻي جو خواب.
    هر ڪهاڻيڪار کي هميشه هڪ اهڙي ڪهاڻيءَ جي ڳولا رهندي آهي جيڪا سندس دل جي گهڻو ويجهو هجي. ان ڪهاڻي جي ڳولا ۾ ڀٽڪندي هو ڪافي ڀليون ڪهاڻيون لکي ويندو آهي، پر پوءَ به محسوس ٿيندو آهي، ته نه هيءَ اها ڪهاڻي نه آهي جيڪا دراصل مان لکڻ چاهيان ٿو.
    اها چاهنا، اها ڊوڙ، اها اڃ وڏي وٿ آهي هڪ ڪهاڻيڪار لاءِ، اها جي ختم ٿي وڃي، ته شايد هو ڪا ڪهاڻي ته ڇا پر شايد ڪنهن ڪهاڻي جي هڪ سٽ به هوند نه لکي سگهي.
    اهو ڪهاڻيڪار ئي هڪ دلربا ڪهاڻي کي نه ڳوليندو آهي پر ڪهاڻي به هڪ دلربا ڪهاڻيڪار کي ڳوليندي آهي ۽ ان دلربا ڪهاڻيءَ بارسلونا واري ڇوڪريءَ جي روپ ۾ پنهنجي دلربا ڪهاڻيڪار راجن مڱريو کي ڳولهي ورتو آهي ۽ هن ڪتاب ۾ شامل ٻيون ڪهاڻيون به انهيءَ دلربائي جو عڪس آهن.
    مان بطور هڪ پڙهندڙ ڏاڍي پيار ۽ خوشيءَ سان ٻن دلربا شخصيتن جي انهيءَ حسين ملاقات جو حسين منظر ڏسي دل ئي دل ۾ مرڪي رهيو آهيان ۽ منهنجي هٿن ۾ ٻنهي لاءِ ٻه تازا گلاب جا گل آهن جيڪي آئون ٻنهي کي ڏيان ٿو ۽ پوءَ هن دلڪش ملاقات کي ٽربيوٽ پيش ڪرڻ لاءِ دير تائين تاڙيون وڄائيندو رهان ٿو-

    منور سراج
    نوابشاهه
    4 اپريل 2018


    پنهنجي پاران

    پڪ سان الائي شايد، شايد نه پر پڪ سان، اهو ڪو اجنبي ئي آهي، صرف اجنبي نه پر اجنبي پکي ئي آهي جيڪو منهنجي اندر ۾ ٻوليندو رهيو آهي. نه صرف ٻوليندو رهيو آهي پر تهه در تهه منهنجي اندر جي انهن گمنام تهه خانن کي به کوليندو رهيو آهي، جن تهه خانن ۾ ڪيتريون ئي اهڙيون ڪهاڻيون دٻيل آهن جن تي ڪڏهن مون سوچيو ئي نه هو، ها ان ڪري ئي ڪيتريون ئي اهڙيون ڪهاڻيون هن ڪتاب ۾ اچي ويون آهن، جيڪي بنا سوچڻ جي لکيو ويون، ڪڏهن اهو به ٿيندو رهيو آهي ته ذهن جي سيور تان ڪنهن مڇيءَ جيئان ترڪي به وينديون رهيون آهن ڪجهه ڪهاڻيون ۽ انهن جا پلاٽ.
    اهو پکي جيڪو ڪڏهن ڳيري واري ڦڙڪي ڏئي سڌو اُڀ جي اوچائي ٿو ڇهڻ چاهي، ته ڪڏهن وري ٿر جي مور جي اُڏام وانگر هڪ جهوپڙيءَ کان ٻيءَ جهوپڙي تي لهي پنهنجي سونهن جا جلوه ٿو پسائي.
    ها هي اهو ئي اجنبي پکي آهي جيڪو ڪڏهن ته عقاب بنجي هڪ پهاڙ کان ٻئي پهاڙ تائين هوا ۾ لهرائيندو رهي ٿو ۽ ياد ٿو ڏياري ڇڏي اهي ڪهاڻيون جنهن ۾ گرگ پکي انسانن کي پنهنجي پرن تي کڻي آسمانن جا سير ڪرائيندو آهي.
    هي اهو ئي اجنبي پکي آهي جيڪو منهنجن خوابن جا پيچرا به ڄاڻي ٿو ته منهنجن ڪيترن ئي بينام خيالن جي تسلسل کان به پوري طرح واقفيت رکي ٿو.
    مون ته ڏٺو به ناهي ڪڏهن ان پکيءَ کي! ڏٺو ناهي پر محسوس ضرور ڪيو آهي. ڪڏهن ننڊ ۾ ته ڪڏهن جاڳ ۾، ڪڏهن هو منهنجي ذهن جو مالڪ ٿي پوي ٿو ته ڪڏهن قلم تي ڪنٽرول ڪري قاطب ٿي وڃي ٿو، مس به هو ته نب جي نوڪ به هو! اهو اجنبي.... پکي...ها آئون بيوس هوندو آهيان ان اجنبيءَ جي آڏو. هو جيڪو منهنجي اندر جو خوف به آهي ته منهنجي بهادري به آهي. جيڪو منهنجي اندر جو ڪروڌ به آهي ته محبت جي علامت به. ها هي اهو ئي پکي آهي جيڪو ٽٽل ٻانهن...فليش بيڪ، جي ڪردار باليءَ جي اندر ۾ ويٺو آهي. ها هي اهو ئي پکي آهي جيڪو بارسلونا واري ڇوڪريءَ جي خواب مان ڪهاڻي چورائي آيو. هن کي پونم ۽ انيل جي اندر جي سچاين ۾ به ڳولهي سگهجي ٿو. هن پکي جي ٻولين جا پڙاڏا اڌ وتايو جي ڪردار رحيم ۾ پسي سگهجن ٿا.
    هڪ خواب جي وشالتا جي آرٽيسٽ کان وٺي رت لڪير ۽ سنڌوءَ جي سير، جي ڪردار ولهار جي پيڙاءَ ۾ به ڳولهي سگهجي ٿو. ڪڏهن هو دل جا فيصلا ٿو ڪرائي ته ڪڏهن پاڇولن جي سحر ۾ ٿو گرفتار ڪرائي ڇڏي! ڪڏهن ....هئا اڳئي گڏ... جهڙن ڪردارن جي اندر ۾ ٿو جهاتي پائي. ڪڏهن وري ڳاراڻن ۾ ٿو ڳاري. ڪڏهن وڻجاريون ٿو واريو وڃي هليو. ڪڏهن وري اڻڄاتل وقت جون ٿو يادگيريون ڏياريو ڇڏي!
    ڪڏهن پر هڻي پير ۾ خارش ٿو ڪيو وجهي ته ڪڏهن ڪنهن پراسرار قبر جي ڪٿا جو قصو ٿو بنجيو وڃي. نانگ کان ڪکائڻ جا گر به ڄاڻي ٿو ته بگن فقير جي قبر ڪشائي به ڪرائي ٿو ڇڏي.... !
    ها هي اهو ئي پکي آهي جيڪو مونسان ايئن به ملندو رهيو آهي جيئن، ڪهاڻي... ڪو ايئن به ملندو آهي ۾ اها ڇوڪري ڪنهن شاعر سان ملندي آهي...!
    ها اهو ئي پکي، جيڪو منهنجو سڪون به آهي ته منهنجي بيچيني به آهي. پر هو ته مونکي گهڻو وقت پر سڪون رهڻ به ناهي ڏيندو. هو ڪيترائي ناٽ نخرا ڪندو آهي. کيکراٽ ۽ خريب ڪندو آهي. ڏينهون ڏينهن نوان ناز ۽ نوان انداز ڪندو آهي. تڏهن ته پاڇولن جي اداسي به اداس ڪري وجهندي آهي.... ها اها ئي اداسي کڻي ان اجنبيءَ جون ڊڪٽيٽ ڪرايل ڪهاڻيون توهان آڏو آڻيندي هڪ خوف ۾ به مبتلا آهيان ته بيخوف به آهيان.... سبب ڪهڙو آهي ان خوف ۽ بيخوفي جو ڪو پتو ناهي... پر پوءِ به توهان پيارن پڙهندڙ ڏانهن منهنجي اداس نهار هر وقت منتظر رهندي ته، ڪٿان ٿو ڪو نياپو اچي، ڪو خط ميسيج اچي، ها راجن! تنهنجو ڪتاب پڙهيو آهي، توهان جو پڙهڻ مون لاءِ وڏو اتساهه رهندو..
    پهريي ڪهاڻي ڪتاب ...روين جو چهرو.... اچڻ وقت منهنجي ادبي عمر صرف 07 سال هئي، گذريل ارڙهن سالن جي وچ ۾ مون ڪهاڻي لکڻ ڇڏي به ڏني هوندي يا لکي به هوندم ته سٺي نه لکي هوندم. پر مون ڪهاڻي کان ڪڏهن به مڪمل منهن نه موڙيوهوندو. 16/2015 ۾ سوجھرو ۾ منهنجون لڳاتار چار پنج ڪهاڻيون ڇپيون. جنهن مان ڳاراڻو ڪهاڻي ديوي نانگراڻي هندي ۾ ترجمو ڪري پنهنجي ڪتاب ۾ شامل به ڪئي. آئون ٿورائتوآهيان سائين شوڪت شوري صاحب جن جو، جن ڳاراڻو ڪهاڻيءَ جي ترجمي جي حوالي سان منهنجو ۽ ديوي نانگراڻي صاحبه جو پاڻ ۾ رابطو ڪرايو، ۽ ديوي صاحبه اها ڪهاڻي نه صرف ترجمو ڪئي، پر يوٽيوب تي، ان جو هنديءَ ۾ نيريٽو به راجا شرما جي آواز ۾ رکيو، تنهن لاءِ آئون انهن ٻنهي جو ٿورائتو رهندس. گڏوگڏ سوجهرو جي ذريعي سنڌي اديبن خاص طور نون لکندڙن کي سنڌ توڙي هند يا دنيا جي سموري سنڌي ڪميونٽي ۾ متعارف ڪرائيندڙ سائين تاج بلوچ جا پڻ لک قرب، جو هن سوجهرو مئگزين جهڙو پليٽ فارم اسان کي مهيا ڪيو.
    ان وچ ۾ سنگت جي ادبي ڪلاسن ۾ ڪهاڻيون پيش ڪندو رهيس جن ۾ اڪثر ڪهاڻين جا موضوع مختلف ۽ نوان هُئا، سنگت ۾ سائين امر جي راءِ مون لاءِ هميشه اهم رهي آهي. امر لغاري صاحب جيڪو يقينن منهنجي ڪهاڻين جو پهريون نقاد ۽ اتساه آهي.
    پيارو دوست وفا صالح جنهن جي همٿ افزائي جو انداز ئي پنهنجو آهي -- لطيف جي بيت وانگر ته،جت پکي نه پير،تت ٻري باهڙي -- وفا منهنجي لاءِ ان ٻرندڙ باه جهڙو حوصلو آهي. وڏا قرب سائين اخلاق انصاريءَ جا جنهن ڪتاب جو مهاڳ لکيو آهي---- ۽ مون غير اهم ماڻهن کي به اهم هجڻ واري نويد سڻائي اٿس! انتهائي گھڻي مهرباني منهنجي بي انتها پياري منور سراج جي جنهن کان پڻ ڪهاڻين جي حوالي سان رهنمائي وٺندو رهيو آهيان ۽ هن گهڻي پيار مان سموريون ڪهاڻيون پڙهيون ۽ ٻه اکر به کلي ڏنا.
    ٿورا مرتضي مڱريو جا جنهن منهنجي انهن اکرن کي به ڪمپوز پئي ڪيو آهي جيڪي لکڻ کان پوءِ ڪڏهن ڪڏهن آئون پاڻ به نه پڙهي سگهندو آهيان، هن اها ڪمپوزنگ بغير ڪنهن رواجي حساب ڪتاب جي ڪئي، ها پر پوءِ به اسان ٻنهي جو حساب به آهي ۽ ڪتاب به آهي. حساب به اُهو جيڪو ڪڏهن به ڪونه ڪيوسين ۽ ڪتاب اُهو جيڪو گڏجي پڙهيوسين. پياري عظيم رونجهي جو ساٿ ۽ حوصلا افزائي ڪهاڻين لکڻ، ڪمپوز ڪرڻ کان ويندي ڪتاب جي آخري سيٽنگ تائين گڏ رهي. وڏا قرب پياري نسيم بلوچ ۽ شان مڱرئي جا جن ڪمپوزنگ جي ٻين مرحلن تي منهنجي مدد پئي ڪئي آهي.. پياري سارنگ نظاماڻي جا به وڏا وڙ جنهن پروفن جهڙي ٿڪائيندڙ ڪم ۾ منهنجو ساٿ ڏنو. خاص محبتون سائين اي آر آزاد جون جنهن منهنجي ڪتاب جو ٽائٽل اسڪيچ تخليق ڪيو. وڏا پيار پياري سعيد سومري جا جنهن ڪنول پبليڪيشن پاران هي ڪتاب توهانجي هٿن تائين پهچايو آهي.

    راجن مڱريو
    سانگهڙ
    موبائل نمبر: 03362610586
    03092645917


    ڪھاڻيون

    ٽٽل ٻانهن....فليش بيڪ

    ٽٽل ٻانهن....فليش بيڪ

    بالي، جنهنجي جذبن جو قتل ڪو اتفاقي نه ٿيو هو پر اهو واقعو به انهن ئي سڀني المناڪ واقعن جو تسلسل هو جنهن ۾ ڪنهن به مظلوم کي نشانو بنايو ويندو آهي، بالي سان ٿيندڙ واقعي کي سالَ گذرڻ باوجود اڃا به آس پاس جا ماڻهو ڪنهن ڏند ڪٿا جي قصي وانگر ان ڪهاڻيءَ کي پيا دهرائيندا آهن. اصل ۾ ٿيو ڇا هو اچو ته توهان کي ٻڌايان...
    باليءَ جي ماءُ جو گهر جي اڱڻ تي پهريون پير....مڙس جي دانهن. ”پاڻ ته هوٽلن، مانڊڻين، ريڙهين ۽ دوڪانن تان چريو پيٽ ڀريو ٽاڏيون ڏيو پئي گهمين! آڌي ڪريو پوءِ موٽين، اسان هتي پيا بک مرون“ بالي جي ماءُ جي اندر ۾ ڄڻ باهه ڀڙڪوکاڌو.
    ”لانت“ (لعنت) هجئي ان دانگيءَ جهڙي منهن تي، باليءَ جا پيءُ، اڙي بک ته آئون مري وئي آهيان، سڄو ڏينهن ڪتن ساهه ئي پٽڻ نه ڏنو آهي. پڙيءَ جو ڏينهن ته ڄڻ قيامت آ... مئن سڀني جون مايون الائي مري ويون آهن، الائي ڇا! رب جو ته نالو ٻڌڻ لاءِ ڪو تيار ئي ڪونه هوندو آهي، هر ڪنهن جي اکين ۾ حوس ڀريل هوندو آهي!“
    ”ها سائين! آهين به مور، جو..!“ مڙس ٽوڪ واري انداز ۾ چيس.
    باليءَ جي ماءُ رڙهي اچي مڙس جي سامهون واري کٽ تي ويٺي.
    ”امان، او امان، منهنجون چوڙيون آندئي!؟“ بالي ڇپر مان نڪرندي رڙ ڪندي ماءُ کي چيو.
    ”ماءُ صدقي، ڌيءَ، راڄڻ شاهه جو قسم وسري ويون. گاڏيءَ ۾ ياد آيون، دانهن ڪري صدوريءَ کي ٻڌايم ته چوڙا وسري ويا هاڻ ڄنڊا پٽجي ويندا.... اچي هي وٺ ماني ٿانون ۾ وجهي اچ ته گڏجي کائون“. ان کان پهرين جو بالي ڪجهه ڳالهائي پڻس جي وري رڙ. ”ڇوري! چوڙن کي وري ڇا ڪنديئن؟ اسان هتي پيٽ ۾ پورا آهيون ۽ توکي هارن سينگارن مان واندڪائي نه ٿي ملي..... اي ڪٿي ڪو ٿاٻو ته ڪونه کاڌو اٿئي!؟“
    ”بابا انڌي ڪونه آهيان جو ٿاٻو کائينديس، نه ڪو تو وانگي سلفي ٿي پيان ۽ ٺري جا مٽ ٿي ڳڙڪايان جو وڃي منهن ڀر ڪرنديس، آئون ته بالي آهيان بالي“
    ”ڇوري ٽي ويءَ تي ڊراما ڇا ڏٺا اٿئي ڄڻ مٿو ئي ڦري ويو اٿئي!“ماڻس ڇنڊ پٽيندي چيس....
    ”امان، منهنجو ڊرامن مٿو ڪونه ڦيرايو آهي. آئون ته آهيان ئي بادشاهه زادي. ڏسجان تون امان! هڪ ڏينهن ڏسجان.....! منهنجو هي رنگ روپ، سونهن، جواني هي سڀ ڪجهه ضرور رنگ لائيندا ۽ آئون ڪنهن نه ڪنهن شهزادي.......... “ بالي اڱڻ تي ادائن سان ٽلڻ لڳي... ۽ اڃان جملو پورو ئي نه ڳالهايائين ته پڻس رڙ ڪري اٿيو.
    ”ڪتي، ڪميڻي....... ڇا ٿي چوين........؟!“ وارن ۾ هٿ، موچڙن جي وارو وار.
    ”اڙي............... اڙي ڇڏ........... اڙي ڇڏ........... ڇوريءَ کي .............. ذليل........ڪتا............ اڙي لانتي.......... ٺيڪ ته چوي ٿي، هي ڪا تنهنجي گندي تخم مان آهي ڇا منهنجي شهزادي........ ڇڏ ........... ڇڏ آئون چواءِ ٿي ڇوريءَ کي ڇڏ.............!“ ٺڪاءُ ڏنڊو مڙس جي مٿي ۾، مڙس ڊيري............!
    سمورو پاڙو باليءَ جي گهر.
    ”اڙي ڇا ٿيو؟ ڇا ٿيو؟“ جيترا وات اوتريون ڳالهيون. زال جي گگ ڳڙندڙ، مڙس جون پٽ تي رڙيون، ڪجهه ڌڪ..... ڪجهه مڪر. باليءَ جا سڏڪا. اڌ ڪلاڪ ريڙهه پيڙهه، پوءِ ساڳي ماٺار. ماني حرام، ٽنهي جي.
    مڙس کٽ تي ستل.... زال زور ڏيندي....”تون به ڪجهه خيال ته ڪر ڇوريءَ جو، هوءَ ڏاڍي ڏنگي اٿئي مئا.....! ۽ ها رڳو ٻاهر نڪتي ته کنڀجي ويندئي.... اصل هٿ به ڪونه ايندئي، پيار ڏينس، ٿڌو ڳالهائينس ان ۾ تنهنجي به چڱائي آهي ته منهنجي به“ زال ڄڻ کيس ايندڙ خطرن کان آگاهه ڪري رهي هئي...
    ”پر ماني کڻي اچ ته کائون ۽ باليءَ کي به کاراءِ.“
    ”ڌوڙ آ تنهنجي منهن ۾، ماني حرام ڪري، هاڻ ٿو چوين ته ماني کائون!“
    ”چڱو هاڻ وقت نه وڃاءِ، ماني کڻي اچ ۽ ڇوري کي به ريجهائي کاراءِ“
    باليءَ جي ماءُ اٿي ماني الڳ ڪري بالي ڏي کڻي وئي، بالي جي کٽ جي مٿان بيهي سڏ ڪرڻ لڳي.
    ”امان.... بالي، او بالي، اٿ پٽڙا ماني کاءُ..... ڏاهي ٿي ڌيءُ.... ڇڏ ڪميڻي تنهنجي پيءُ جي ڳالهين کي... هو ته آهي ئي اهڙو“ ماءُ جي لفظن ۾ ممتا به هئي ته مڪاري به..
    ”ڪونه ٿي کاوان ماني... کڻي وڃ هتان.... اڄ ڏينهن کان پوءِ توهان جي ماني کائڻ مون لاءِ حرام آهي..... آئون رڳو تنهنجي ڪري اڃان هتي ويٺي آهيان.... نه ته ڪڏهو ڪو هلي وڃان هان....“
    ”پوءِ آئون تنهنجي ماءُ ئي ته توکي چوان پئي نه ڌيءَ... اٿ ماني کاءُ.“
    ”رکي ڇڏ هتي“ بالي وراڻيس ....”پوءِ پاڻ ئي کاوان ٿي“....ماڻس ماني سندس ڀر ۾ رکي هلي وئي..... ٻيءَ کٽ تي زال، مڙس ويهي ماني کائڻ لڳا.
    بالي ٿوري دير کان پوءِ اٿي، دلي مان پاڻي ڀري، گرڙي ڪري هٿ ڌوئي ٻه ڍڪ پاڻيءَ جا پي، اچي کٽ تي ويٺي. سندس ماءُ ۽ پيءُ دل ئي دل ۾ خوش ٿيڻ لڳا ته هاڻ هو ناراضگي ڇڏي ماني کائڻ لڳي آهي.
    بالي مانيءَ جا ٻه گرهه هنيا ان کان پوءِ ويهي جهونگارڻ لڳي.....اهو ئي ساڳيو گيت جيڪو سندس چپن تي هميشه رهندو هيو.”تنهنجي حسن جي بند ڪمند وڌا.... حيران هزارين مان نه رڳو..........“
    صبح جو سج اڀريو، وڏيري علي ڏني جي بنا هڊ ڪور جيپ اچي گهرن جي وچ تي بيٺي...... هر سال فصل لهڻ کان پوءِ وڏيرو صرف ان نيت سان اچي سندن گهرن جي وچ تي گاڏي بيهاري سو، سو، ٻه ٻه سو روپيه ننڍن وڏن ۾ ورهائيندو آهي ته جيئن هڪ ته سندس رعب تاب قائم رهي ۽ ٻيو اهو ته ننڍين وڏين عورتن ۽ ڇوڪرين کي به اک مان ڪڍي وٺي.
    وڏيري جي چوڌاري هجوم هو.... ۽ هو پئسه ورهائي رهيو هو... باليءَ جا ماءُ پيءُ به اتي موجود هئا پر بالي نه هئي.
    ”هر ڪنهن کي خرچي ملي وئي نه، ڪو رهيو ته ڪونه...!؟“ وڏيرو وڏي دٻدٻي سان ڳالهائڻ لڳو.
    ”وڏيرا سائين.......!“ بالي جي ماءُ مڙس جي وات تي هٿ رکي ڇڏيو. ڇو ته هن وڏيري کي باليءَ جي باري ۾ ٻڌائڻ پئي چاهيو...
    پر وڏيري به ڳالهه کي سمجهڻ ۾ دير نه ڪئي ۽ باليءَ جي پيءُ کي چيائين...”ها... ها ٻڌاءِ، ڇا ٿي چيئي.... آخر اهڙي ڪهڙي ڳالهه آهي... جيڪا ٻڌائڻ کان جوڻهي توکي روڪي رهي آهي؟“
    ”وڏيرا سائين! هنن جي ڇوري خرچي وٺڻ لاءِ ڪونه آئي آهي“باليءَ جي مامي ڳالهه کي کوليندي دير ئي نه ڪئي ڇو ته هو باليءَ جي پيءُ سان گڏ نشو ڪندڙ هو ۽ ٻئي ڳوٺ به گڏ پنندا هئا.....
    ”اڙي ڇو ڪونه آئي آهي ڇوري؟“ وڏيري حيرت ۽ ڪاوڙ مان چيو.
    ”سائين هنن جي نيت ۾ کوٽ آهي، هي ٻئي ڇوريءَ کي توهان کان پيا لڪائين“
    ”لڪائين پيا! پر ڇو، آئون ڪو ڇوري ڳيهي ويندس ڇا.!؟“....وڏيرو گاڏي کان هيٺ لهي آيو.
    ”وڏيرا سائين، ڇوري ته آهي ئي لڪائڻ جهڙي.!“ باليءَ جي مامي ڄڻ وڏيري کي هشي ڏيندي چيو...... وڏيري جو هانءُ ڦاٽڻ لڳو... ايئن پيو لڳيس اگر ڇوري نه ڏٺائين ته مري پوندو.....! ”ڇا مطلب، لڪائڻ جهڙي ڇو آهي!؟“
    ”وڏيرا، ڇوري به ڇوري آهي. ڏسندين ته خبر پئجي ويندئي، ڄڻ ته ڪو باهه جو اُمڙ پيو ٻري اُمڙ!“ باليءَ جي مامي کي خبر هئي ته اگر بالي وڏيري کي وڻي وئي ته ٻه ٽي سو کيس به انعام طور ملي ويندا.
    ”نه وڏيرا سائين!، ڪوڙو آهي مامو، هن جي ته عادت آهي ڀئوڪڻ جي، نه ڏسي مهل نه گهڙي. اصل ۾ ڇوريءَ کي رات کان بخار چڙهيو آهي ۽ لهڻ جو نالو ئي ڪونه ٿو وٺيس!“ باليءَ جي ماءُ وڏيري کي مطمعن ڪرڻ جي آخري ڪوشش ڪندي چيو.... پر وڏيرو به زمانو ڀيليو ويٺو هو سو.. سموري ڳالهه پروڙي ويو.
    ”اڙي! ته پوءِ ان ۾ پريشاني جي ڪهڙي ڳالهه آهي، هي گاڏي ڇا جي لاءِ آهي؟ وٺي اچوس ته هلون ٿا شهر... کيس ڊاڪٽر کي ڏيکاري ٿا اچون“ وڏيري جي چال ڪوبه سمجهي نه سگهيو..
    وڏيري مڇن کي تاءُ ڏنو، ۽ پوئتي هٽي گاڏي جي شيشي ۾ پنهنجو منهن ڏٺائين ۽ ڏاڙهيءَ تي هٿ ڦيرڻ کان پوءِ، ٽوپيءَ کي ٺاهي، هٿ ۾ جهليل سو سو جي نوٽن مان باقي بچيل نوٽ پنهنجي اڳئين کيسي ۾ ائين رکيائين جيئن اهي اڌ کيسي کان ٻاهر نظر اچڻ لڳا، پوءِ گاڏي جي هڊ تي رکيل ريوالور کڻي پنهنجي ور ۾ هيائين ۽ باليءَ جي مامي کي سڏ ڪري باليءَ جي جهوپڙيءَ ڏانهن روانو ٿيو.
    بالي جيڪا ڇپر ۾ اندر بيٺي هئي اهو سڀ ڪجهه ڏسي رهي هئي، تنهن جڏهن وڏيري کي پاڻ ڏانهن ايندي ڏٺو ته پريشانيءَ مان گهر اندر لڪڻ جون جايون ڳولڻ لڳي. اڳيان وڏيرو پويان پوري ڳوٺ جا ماڻهو، مايون، مرد، ٻار سڀ ڌوڪيندا پئي آيا، باليءَ کي گهر ۾ لڪڻ جي ڪابه جاءِ نظر نه آئي تڏهن وڏيري کي منهن ڏيڻ لاءِ پنهنجي پاڻ ۾ همت پيدا ڪرڻ لاءِ پنهنجي منهن ڀڻڪڻ لڳي.
    ”اچي ٿو ته ڀلي اچي، آئون ڪو وڏيري کان ڊڄان ٿي ڇا، ڇا ڪري ڇڏيندو، منهنجو ساهه ڪو سندس هٿ ۾ آهي ڇا!“
    باليءَ جي ماءُ وڌي اچي وڏيري کي روڪڻ لڳي ۽ کيس باليءَ ڏي نه وڄڻ لاءِ منٿون ڪرڻ لڳي.”وڏيرا خدا جو واسطو اٿئي، ڇوريءَ ڏي نه وڃ آئون هي پوتي ميڙ ٿي ڏياءِ تون هوڏانهن نه وڃ. هو ڇوري ڏنگي آهي، وڏيرا توکي خدا جو واسطو آهي اتي بيهي رهه، آئون ان کي پاڻ ئي سمجهائي تو ڏي وٺي ٿي اچان!“.
    پر وڏيري هن جي هڪ به نه ٻڌي، ٻي لمحي وڏيرو باليءَ جي سامهون اچي بيٺو. ائين لڳي رهيو هو ڄڻ ڪو فلم جو سين پيو رڪارڊ ٿئي، سڀ ماڻهو وڏي چاهه سان منظر ڏسڻ لڳا. اڄ هڪ جهرڪي ۽ باز جو پاڻ ۾ ٽڪراءَ ٿي رهيو هو، وڏيري کي ڇوري جون اکيون ڏاڍيون خراب لڳيون، هو موقعي جي نزاڪت کي سمجهي ويو پر سندس انا هار مڃڻ لاءِ بلڪل تيار نه هئي، ڇوريءَ کي مات ڏيڻ بنا واپس ورڻ هن پنهنجي بيعزتي پئي سمجهي.
    ”ڇو بالي... اسان کان ڪاوڙيل آهين ڇا!؟“ وڏيري باليءَ سان انتهائي نرميءَ سان ڳالهايو.
    ”نه وڏيرا اسان جو توسان ڪو اهڙو رستو ئي نه آهي جو ڪاوڙ تائين پهچون!“.
    وڏيرو لاجواب ٿي ويو... پر ٿورو ٿيڙ کائي وري سنڀالي ويو....”بالي رستو ناهي ته خير آهي... راه رستو جوڙي به سگهجي ٿو“
    ”نه وڏيرا اسان جي زندگيءَ ۾ راهون، رستا ڪجهه به ناهن رهيا..... “
    ”ها سچ ٿي چيو باليءَ اهڙن اُجاڙ رستن تي سفر ڪندڙ ماڻهن جي سڃاڻ ته هميشا حادثن سان ئي ٿيندي آهي. ۽ انهن حادثن جو بنياد انهن جي زندگيءَ جي شروعات ٿيڻ کان اڳ ئي پئجي ويندو آهي.
    ڇوڪريءَ جي اکين جو سرخ ٿي ويل لهجو ۽ گورک ڳالهيون وڏيري جي اندر ۾ ڪنهن اهڙي گهاءَ جيئان لڳيون جنهن گهاءَ ۾ سندس پيڙهين جا پٽڪا پٽ تي لتاڙجندا نظر اچڻ لڳا هئا.....!
    هاڻ وڏيري جو هٿ باليءَ جي چوٽيءَ ۾ هو.....
    ” ڇڏ مون کي، وڏيرا! آئون چوانءِ ٿي ڇڏ مون کي!“
    باليءَ جي ماءُ الڳ دانهون ۽ آهون ڪري ڌيءُ کي ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي... پر سندس پيءُ ۽ مامون اڃان به چئي رهيا هئا... ڀلي سيکت ڏيس، ڇڏينس، ڇڏينس ته مستي لاهيس... بالي سمجهي وئي ته کيس ئي ڪجهه ڪرڻو پوندو..... ۽ هن اهو ڪندي دير نه ڪئي... هن ساڄي هٿ جو ڀونڊو ٺاهي وڏيري جي منهن ۾ کپائي ڇڏيو... ڀونڊو نه هو ڄڻ ڪنهن پاور مشين جو چنبو هو.! سندس آڱرين جا پنج ئي ننهن وڏيري جي منهن ۾ لهندا هليا ويا... هاڻ دانهن جو وارو وڏيري جو هو.... وڏيري هاڻ باليءَ جي چوٽي مان هٿ ڪڍي باليءَ جي ڪارائيءَ پڪڙي گهڻو ئي زور لاتو پر منهن نه ڇڏائي سگهيو!
    وڏيري ور مان پسٽل ڪڍيو.... ۽ بالي جي ڪارائيءَ تي فائر ڪندي دير نه ڪيائين.... بالي جي ٻانهن ڪارائيءَ کان ٺڪاءُ ڏئي ٽٽي پئي.... پر سندس هٿ جون آڱريون اڃان به وڏيري جي چهري ۾ کتل رهيون.... بالي جيئن ئي زور سان سٽ ڏني ته سندس هٿ ٻانهن کان ڌار ٿي ويو.......... بالي وڃي پوئتي ڪري ۽ وڏيرو باليءَ جو ڀونڊو منهن تي کڻي وٺي ڀڳو....
    اها بالي جنهنجي اندر جا شهزادين جهڙا خواب قتل ٿي چڪا هئا ۽ اها شهر جي گهٽين ۾ پنڻ تي مجبور ٿي وئي هئي. جڏهن ته وڏيرو علي ڏنو جيڪو راڄن ۾ دٻدٻي جي علامت هو. اهو پنهنجي چهري تي بالي جي نهنڊن جي لينگهن کي لڪائيندي لڪائيندي زندگيءَ جي آخري گهڙين تائين پنهنجي بنگلي کان ٻاهر نه نڪري سگهيو!


    بارسلونا واري ڇوڪري

    بارسلونا واري ڇوڪري

    مونکي منهنجي اداري هڪ مهيني جي ٽريننگ تي ڪراچي موڪليو آهي،جنهن مان پنڌرهن ڏينهن گذري ويا آهن. روز جيئان اڄ به شام جو پنج وڳي موٽي ڪمري تي آيو آهيان. ڪمري ۾ پهچڻ کان پوءِ ڪتاب پڙهڻ يا ڪجهه لکڻ کان سواءِ ڪرڻ لاءِ ٻيو ڪجهه نه هوندو آهي.
    مونکي منهنجي ڳوٺ جي هڪڙي ڪردار تي ڪهاڻي لکڻي آهي. جنهن جي پلاننگ آئون سالن کان ڪندو پيو اچان. ڪهاڻيءَ جي پلاٽ ۽ لاڳاپيل ڪردارن جي حوالي سان مسلسل سوچڻ جي باوجود ڪو مناسب گهاڙيٽو گهڙڻ جي جستجو ۾ سال لڳي ويا آهن، پر لکي نه سگهيو آهيان،.ان وچ ۾ ٻيون ته کوڙ ساريون ڪهاڻيون لکيون ۽ ڇپرايون آهن پر مائي پياريءَ جي ڪردار تي ڪهاڻي خبر ناهي ڇو نه لکي سگهيو آهيان..
    هتي مسلسل اڪيلائيءَ سان رهاڻيون ڪندي ڪندي نيٺ مائي پياريءَ تي ڪهاڻي لکڻ جو پڪو پهه ڪري پين ۽ پنا سنولا ڪري، ويهي شروعاتي لفظ لکڻ لاءِ سوچڻ لڳو آهيان.
    لکڻ کان اڳ۾ ڀت سان لڳل گهڙي ڏي نهاريان ٿو، رات جا اٺ ٿي رهيا آهن. رات جي مانيءَ جو وقت ٿيو آهي. ماني کائڻ نه ٿو وڃان... دل ۾ اهو ارادو ڪيو اٿم.
    دروازي تي ٺڪ ٺڪ، خراب موڊ سان دروازو کوليو اٿم، سامهون محمود بيٺو آهي.
    “اڃان ويٺو آهين! اچ ته مانيءَ تي هلون”
    “اڙي نه يار اڄ موڊ ناهي”
    “موڊ ته منهنجو به ناهي، پر ٻه ٻه گره هڻي ٿا اچون، هونئن به اڄ هيڊ آفيس وارن طرفان دعوت آهي...... ان ڪري هلڻ لازمي آهي!” محمود ٻانهن کان جهليو آهي.
    ماني تڪڙ ۾ کائي موٽي ڪمري تي آيو آهيان... اٺ لڳي پنجاه منٽ ٿيا آهن. بيڊ تي آهليو آهيان، وري ڪهاڻي ذهن ۾ گهمڻ لڳي آهي، اڄ ڪهاڻي نه لکيم ته پوءِ شايد ڪڏهن به نه لکي سگهان. ذهن تي زور، ڪهاڻيءَ ڏانهن موٽڻ جا جتن....... بيڊ تان اٿندي نظر گيلريءَ جي کليل در تي پئي آهي. بند ڪرڻ لاءِ اڳتي وڌيو آهيان، اک وڃي ان ڇوڪريءَ تي پئي آهي...... جيڪا سامهون واري هوٽل جي ديوار سان جڙيل ٻن پمپن تي ويٺي آهي ساڳين پمپن جا سرا منهنجي ڪمري واري ديوار سان فٽ ٿيل آهن!.... جن مان شايد بجليءَ جون تارون گذاريون ويون آهن.... هن جي وارن جي چوٽي پويان کان ٻڌل آهي، فڪي رنگ ۾ ٽائوزر ۽ شرٽ پاتل اٿس. پيرن ۾ جاگر اٿس... ۽ هوءَ ڪو اسپورٽس ميگزين پڙهي رهي آهي، هوءَ پمپن جي ٻنهين پاسي ٽنگون ورايو لوڏي به رهي آهي ۽ پڙهي به رهي آهي.... ٽي ماڙ تان هيٺ نهاريو اٿم، خوف جي هڪڙي لهر منهنجي وجود مان گذري، پيرن مان ٿيندي، ٽئي منزلون پار ڪري وڃي زمين سان ملي آهي! هوٽلن جي ڪري ايتري ته لائٽنگ ٿيل آهي جو هوءَ هيٺان روڊ کان، مٿان کان،پري کان، هر هنڌ کان نظر اچي رهي هوندي. اهو منهنجو خيال آهي... پوءِ به ڪو ماڻهون ناهي جيڪو کيس اتي ويهڻ کان روڪي! مونکان پياريءَ تي ڪهاڻي لکڻ وسري وئي آهي.......سمنڊ جي هلڪي هلڪي هوا، مون وٽان، مون منجهان گذري اندر ڪمري مان ٿيندي خبر ناهي ته ڪمري اندر ڇا ڇڏي ۽ اندران ڇا کڻي ويندي رهي آهي.. آئون ڇوڪريءَ کي پاڻ ڏانهن متوجهه ڪرڻ لاءِ مختلف اشارا ڪرڻ لڳو آهيان!
    موبائل جي لائٽ ٻارڻ ۽ بند ڪرڻ،تاڙيون وڄائڻ، زور سان کنگهڻ لڳو آهيان.. اهو سوچي ته متان نهاري... پر نه ايتري لائٽنگ ۾ کيس موبائيل جي لائٽ نظر ڪٿي ايندي! ٽريفڪ جي شور ۾ تاڙيون ۽ کنهڪار به نه ٻڌندي........
    پنهنجي ڪئي تي پاڻ شرمندو ٿيو آهيان... شدت سان ان خوف ۾ وٺبو ٿو وڃان ته هوءَ ڪنهن به وقت ڪري پنهنجي جان وڃائي سگهي ٿي... رت ۾ لت پت سندس لاش روڊ تي پيل صاف نظر اچڻ لڳو آهي! يار کيس ڪير سمجهائي ته سندس جان سچ به وڃي سگهي ٿي. پر هوءَ ته هڪ لمحي لاءِ به نه ٿي نهاري! مون ڏانهن ته ڇا، ڪيڏانهن به نه ٿي نهاري! ڇو؟ آخر ڇو؟ ايتري مغروري به ڪا چڱي آهي ڇا!؟....
    پر مونکي ڇا ڪرڻ گهرجي؟ دوستن کي ٻڌايان، انتظاميا کي ڪال ڪيان، هيٺ لهي وڃي سڏي ايئن ڪرڻ کان روڪيانس ٿو....؟ نه... نه.. اهو ٺيڪ ناهي، اها بيوقوفي آهي ڪنهن به ڇوڪريءَ کي ايئن روڊ تان بيهي سڏ ڪرڻ ڪا سٺي ڳالهه ناهي. دوستن کي ٻڌايا ٿو ... پر نه دوست ان ڳالهه کي وٺي مزاق ڪرڻ لڳن ته، کلن ته، چٿرون ڪن... ته پوءِ !!!!؟؟؟
    پنهنجين ڳالهين جو پاڻ ئي انڪاري.....!
    هن جي زندگي به ته خطري ۾ آهي... هن کي بچائڻ به لازمي آهي...
    پر ڪيئن؟
    هوءَ روزانو اتي ويهندي هوندي اهو به ته ٿي سگهي ٿو! .... ها ...، پر ممڪن ته اهو به ٿي سگهي ٿو ته، هوءَ اڄ ئي هتي اچي ويٺي هجي... گذريل پنڌرهن ڏينهن ۾ ته هوءَ نظر نه آئي هئي.. اوڏانهن توجهه ئي نه وئي هجي اهو به ممڪن آهي... پاڻ ئي سوال ڪيان ٿو، پاڻ ئي جواب جوڙيان ٿو! ڇوڪري اتي جو اتي ايئن جو ايئن ويٺي آهي، دنيا جهان کان بيخبر، پيرن جي لوڏ، اکيون ميگزين ۾!... آئون اهو گيلريءَ ۾ بت بڻيو بيٺو آهيان! مائي پياريءَ جي ڪهاڻي لکڻ جوخيال دل تان لهي ويو آهي!!!..
    هاڻ ڇوڪريءَ ۾ ٿوري چر پر آئي آهي..... هن ميگزين پنهنجي پويان ڀت واري پاسي رکيو آهي! ۽ هڪڙي پرُزورُ آرس ڀڃي اوٻاسي ڏني اٿس! هن جي جسم مان نڪرندڙ ڪڙڪاٽن ۽ ننڊاڪي اوٻاسي جي ٿڌاڻ آئون پنهنجي حواسن ۾ محسوس ڪيا ٿو....... هو پنهنجا ٻئي پير هاڻي هڪ پاسي لڙڪائي ويٺي آهي، ميگزين ڀت واري پاسي رکيل وهاڻي ۽ ديوار جي وچ ۾ رکيو اٿس. هن جي سڌو ٿي ويهڻ کان پوءِ خبر پئي آهي ته هوءَ ٽيڪ ڏيڻ لاءِ وهاڻو به رکيو ويٺي آهي.
    منهنجي ڪا هڪ لمحي لاءِ نظر هيڏانهن هوڏانهن ٿي آهي... وري نهاريان ٿو ته هوءَ هڪ ئي پمپ تي اُڀي کڙي آهي! اڙي...... اڙي يار هيءَ ڪري ڇا ٿي؟ يار آهي ڪو جو هن کي سمجهائي..... يار هي ڪِري پوندي........ مري ويندي..! پر منهنجي بيوسيءِ جون دانهون ۽ ڪُوڪُون ڪو به ٻڌڻ وارو ناهي. هوءَ پمپ تي بيٺي بيٺي گيلريءَ جي چوڌاري لڳل لوهي پمپ تي هٿن ڀر اهلي پئي آهي، هاڻ هن جا پير اتي آهن جتي اڳ ۾ هئا ۽ سندس هٿ گيلريءِ واري چٻوتري تي آهن، منهنجون اکيون باز جي اکين جيئان کيس ٽڪ ٻڌي تڪين پيون! اک جا ڇپر ڇنبڻ ئي وسري ويا اٿم....!
    هاڻ هوءَ ان ئي پوزيشن ۾ پش اپ ڪرڻ لڳي آهي، ائين پيو لڳي ڄڻ پاڻ ۾ طاقت گڏ ڪري رهي آهي ........ ۽ ٿيو به ائين........!!! هن هڪڙي ڪلابازي کاڌي آهي ۽ هن جا ٻئي پير وڃي گيلريءَ ۾ کتا آهن. هوءَ اندر ڪمري ۾ هلي وئي آهي، دروازو به بند ڪري ڇڏيو اٿس...... پر منهنجي سوچن جو دروازو بند نه پيو ٿي...... آئون گيلريءَ ۾ ئي بيٺو آهيان!
    هن ڏٺو ته ضرور هوندو... ممڪن آهي، نه ڏٺو هجيس .......نه هن جو ايترو پري ڌيان نه ويو هوندو... جنهن وقت هن گيلريءَ جو در بند ڪيو هوندو ان وقت ته آئون هن جي بلڪل سامهون هوندس، ان وقت نظر ضرور مون تي پئي هوندس، آئون دل ئي دل ۾ ڪجهه خوش فهميون پالڻ لڳو آهيان..... ته ڪجهه خوف به ٿي رهيو آهي.... ڪا ڪنهن سان شڪايت..... ڪا دانهن به ڏسي سگهي ٿي... بيعزتي جو خوف... زلت جو انديشو... واپس ڪمري ۾ موٽيو آهيان، پر گيلري اڃان به کليل ڇڏي اٿم. اهو سوچي ته شايد هوءَ وري موٽي اچي....... ڇو ته هوءَ وهاڻو ۽ ميگزين ڇڏي وئي آهي، گهڙيءَ ۾ نهاريان ٿو... ڏهه لڳي ٻاويهه منٽ ٿي ويا آهن ۽ مائي پياري جي ڪهاڻي لکڻ وارو خيال ئي خبر ناهي ڪيڏانهن ويو وڃائجي!.
    ڪمري جي دري کولي اٿم......... شايد هوءَ به ڪمري جو بلب آن ڪري......... اونداهه ۾ ڇا ڪندي هوندي؟ سمهي رهي هوندي ......؟ نه هن کي ايڏو جلدي سمهڻ نه گهرجي، هوءَ ٻارنهن کان اڳ ۾ نه سمهندي هوندي...... پر هوءَ وري نه موٽي اچي.... آئون ڪمري ۾ پسار ڪرڻ لڳو آهيان، پنجن پنجن اٺن اٺن منٽن ۾ گيلريءَ ڏانهن هليو ٿو وڃان... جيتوڻيڪ اهو وهاڻو ۽ ڪتاب ڪمري واري دريءَ کان به ڏسڻ ۾ اچن پيا پوءِ به گيلريءَ ڏي ڇڪبو ٿو وڃان. خوف ۽ جستجو جي وچ تي ڊوڙندو ٿڪجي پيو آهيان.. !
    رات جا ٻه ٽي ٿي ويا آهن..... منهنجي اکين ۽ ذهن تي ننڊ جو گلبو چڙهندو پيو وڃي..... آئون سمهي رهيو آهيان…
    خبر ناهي ڪهڙي وقت ننڊ آئي آهي.........
    صبح جو اٺي وڳي ننڊ مان جاڳيو آهيان..........
    راتوڪو ڏٺل خواب ياد آيو آهي... دل زور زور سان ڌڙڪڻ لڳي آهي.... خواب ۾ آئون هن جي ڀر ۾ ان ئي پمپ تي ويٺو، هن سان ڳالهيون ڪري رهيو آهيان، ڳالهيون ڇا! مائي پياريءَ جي ڪهاڻي ٻڌائي رهيو آهيان! جيڪا اڃان آئون لکي نه سگهيو آهيان، هوءَ غور سان مائي پياريءَ جي ڪهاڻي ٻڌي رهي آهي! مون ڪهاڻي اکر به اکر کيس ٻڌائي آهي....
    خواب تي سوچي پاڻ تي کلڻ لڳو آهيان... هن جو چهرو ذهن جي اسڪرين تي آڻڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهيو آهيان....
    اُٿي تيار ٿيڻ لاءِ سوچان ٿو، پر وري ياد آيو آهي ته اڄ سنڊي آهي، سيشن آف آهي، بيڊ جي سيرانديءَ کان رکيل ڪتاب کڻي پڙهڻ لڳو آهيان...... ڪتاب پڙهندي پڙهندي ...... خيال آيو آهي، اڄ جلد تيار ٿي، حسن ڏي ويندس.......... هو روز ميارون ڏيندو آهي،
    ”اچين ڇو نه ٿو؟“
    هوريان هوريان اٿيو آهيان، ٻاهر نڪري وري به اک گهمائي اٿم، اتي هاڻ نه وهاڻو آهي نه ڇوڪري آهي، ان جو مطلب ته هوءَ اٿي هئي، وهاڻو ۽ ڪتاب کڻي وئي آهي! رات يا هاڻ صبح سان............... پاڻ تي بي خبري جا آثار ..... موٽي واش روم آيو آهيان.
    سڀ هاجتون پوريون ڪري، موٽي اچي ڪپڙا بدلائيندي، وري به دريءَ کان ٻاهر نهاريو اٿم! ........ ڪپڙا بدلائي، وارن کي ڪنگي ڪري........ گهڙيءَ ڏي ڏسان ٿو......... ڏهه لڳي پنجٽيهه منٽ ٿيا آهن.
    پهرين سمنڊ جو نظارو ڪبو، پوءِ ٻارهه هڪ وڳي حسن ڏي وڃبو....... اهو ئي اڄ جو پروگرام آهي......... هوءَ وري به اچي پمپ تي ويٺي ته پوءِ! نه........نه....... لڳي ٿو ڏينهن جو هوءَ نه ويهندي آهي، اگر ويهڻو هجيس هان ته.... پوءِ وهاڻو ۽ ميگزين ڪونه کڻي وڃي ها........... پر وهاڻو ۽ ميگزين هيٺ به ته ڪري سگهن ٿا......... هوا جو ڪو تيز جهوٽو به اچي سگهي ٿو...... پر ٺيڪ آهي، مون کي هن جي ڪري پنهنجو شيڊول تبديل نه ڪرڻ گهرجي...... آخري فيصلو ڪري بيڊ تي ويهي بوٽ پائڻ لڳو آهيان.... بوٽ پائي باقي ضروري سامان کڻي ٻاهر نڪرڻ لاءِ دروازي ڏانهن وڌيو آهيان... دروازي تي ٺڪ ٺڪ ٿي آهي...... دروازي ٻاهران هوءَ بيٺي آهي..... هن ڪجهه به ڳالهائڻ بنا هٿ ۾ جهليل لفافو مون ڏانهن وڌايو آهي..... لفافو منهنجي هٿ ۾ ڏئي هوءَ واپس مڙي آهي...
    ”مس! پليز پنهنجو تعارف ته ڪرايو؟“
    ”لفافي ۾“
    هن مختصر ترين جواب ڏنو آهي... ۽ پاڻ چاڙهين جي ڏاڪن تان ٽڪ ٽڪ سينڊل وڄائيندي هلي وئي آهي... آئون پهرين سندس ناچ ڪندڙ ڳت کي ڏسندو رهيس ۽ پوءِ هن جي سينڊلن جو ردم ڪنائيندو رهيس... هوءَ هلي وئي آهي ته هن جي چهري جا نقش ياد اچڻ لڳا آهن.... ها سندس گول چهرو، اکيون پوريون پنيون پر نڀور ڪاريون هيون... چهري تي ڳاڙهن ڳاڙهن موهيڙن سندس سونهن وڌائي ڇڏي هئي... درميانو قد ۽ ڀريل جسم... چهري تي ڪاوڙ هئس يا پيار، حيران هئي يا پريشان... پر اعتماد هئي يا ڊپريس ڪجهه به نه سمجهي سگهيو آهيان.... دروازو بند ڪري ڪجهه دير ته ان لمحي کي محسوس ڪرڻ لڳو آهيان جنهن لمحي در کوليو هئم ۽ هوءَ سامهون بيٺي هئي.... نيٺ ڏڪندڙ هٿن سان پر تڪڙ ۾ لفافو کوليو اٿم..
    پهريون پيج...
    گذريل رات توهان مونکي ڏاڍو ڊسٽرب ڪيو... نيٺ مونکي اٿي اندر هليو وڃڻو پيو...
    پوءِ به توهان مسلسل دروازي ۾ نهاريندا رهيا....! مون ڄاڻي ڪري ڪمري جو بلب نه کوليو ته جيئن توهان منهنجي ڪري توهانجي آرام ۾ ڪو خلل نه پوي ۽ سمهين ننڊ ڪيو... پر توهان پوءِ منهنجي به ڪمري ۾ اکيون وجهو هلندا رهيا يا گيلريءَ مان ڏسندا رهيا....
    نيٺ ٻين وڳي کان پوءِ مونکي مس مس ننڊ آئي... پر حيرت جي ڳالهه اها ٿي جو توهان منهنجي خواب ۾ به هليا آيا... ۽ پنهنجي ڳوٺ جي ڪنهن ڪردار مائي پياري جي ڪهاڻي به ٻڌائڻ لڳي ويا...! بهرحال مونکي توهان تي ڪاوڙ ته تمام گهڻي هئي، پر مائي پياريءَ جي ڪهاڻيءَ مونکي ڏاڍو متاثر ڪيو....... ان کان پوءِ منهنجي اکين جي ننڊ اُڏامي وئي هئي ۽ آئون اٿي اها ڪهاڻي لکڻ لڳس، ڪهاڻي لکي پوري ڪرڻ کان پوءِ توهان جي امانت سمجهي اها توهان کي پهچائڻ هلي آيس....
    ها، پليز هاڻ مونکي ڳولهڻ جي ڪوشش نه ڪجو ڇو ته منهنجي فلائٽ آهي آئون اڄ ئي اولمپڪس گيمز ۾ حصو وٺڻ لاءِ بارسلونا وڃي رهي آهيان.........
    صرف
    بارسلونا واري.......
    .............................
    باقي پنن تي مائي پياريءَ واري ڪهاڻي اکر ب اکر لکيل آهي...
    جنهنکي آئون بار بار پڙهي ڏاڍو خوش ٿي رهيو آهيان....


    لهرن جي لالاڻ ۽ پونم

    لهرن جي لالاڻ ۽ پونم


    سکر لينڊز ڊائون پل تان ٽريفڪ پنهنجي روانيءَ سان پئي هلي. آسمان تي ڪٿي ڪٿي ڪڪريون پئي اُڏاميون. چاڙهه هجڻ ڪري لب مهراڻ تي ماڻهن جي رش لڳي ٿي هئي. ساڌ ٻيلي ڏانهن به ٻيڙا آيا ۽ ويا پئي. هندو ڪير، مسلمان ڪير، ڪا به خبر نه پئي پئي. پونم ۽ انيل هلندا اچي سنڌو ڪناري تي ويٺا هئا، هو صبح کان وٺي گهمندا رهيا هئا ۽ مختلف موضوعن تي بحث ڪندا رهيا... پونم نيٺ اُها ڳالهه ڪئي جيڪا هن انيل سان فون تي ٿيندڙ ڪچهرين دوران ۽ اڄ صبح ٿيل ڳالهين مان محسوس ڪئي هئي... ”تون دل جو پٿر آهين، انيل!؟“ پونم هٿ ۾ رکيل پٿر سنڌو ۾ اُڇلايو ۽ انيل جي اکين ۾ نيهاريندي چيو....
    ”مان جواب ڏيان ٿو، پر اِهو ٻڌاءِ ته اهو پٿر ڪٿان آندئي، جيڪو هاڻ تو سنڌوءَ ۾ اُڇلايو!؟“
    پونم مرڪي ۽ چيائينس، ”پهرين منهنجي ڳالهه جو جواب ته ڏي؟“
    ”ضروري آهي ڇا!؟“
    ”ها ضروري آهي“
    ”پر ان کان پهرين منهنجي هڪ ٻئي سوال جو جواب ڏي...؟“
    ”ڪهڙو سوال آهي تنهنجو..!؟“
    ”تنهنجي دل ۾ اهڙو سوال پيدا ڪيئن ٿيو؟ منهنجي پٿر دل ٿي وڃڻ وارو؟“
    ”ڳالهه ته اها به اهم آهي...... ته منهنجي دل ۾ اهڙو سوال آّخر ڇا لاءِ اُڀريو..... ڪيترائي سبب آهن........ پر اُهي سڀ بيان ڪرڻ لاءِ وري به توکي ئي چونديس، تون ئي ٻڌاءِ ته منهنجي دل ۾ تنهنجي لاءِ اهڙو خيال ڇو پيدا ٿيو.......؟“
    انيل به هڪڙو پٿر سنڌوءَ ۾ اڇلايو، جيڪو سندس اندر ۾ اڀريل آيل پريشانيءَ کي ظاهر ڪري رهيو هو.
    ”هاڻ تون ٻڌاءِ ته تو وٽ اِهو پٿر ڪٿان آيو!؟“ پونم هلڪو ٽهڪ ڏيندي چيس.
    ”اِهو پٿر مون تنهنجي ئي پٿرائي دل جي مٿاڇري تان کنيو هو پونم“ پونم مرڪي پئي....
    ”ان جي معنيٰ تون وري الٽو مون کي پيو پٿر دل سمجهين!؟“
    ”پونم هتي هر انسان پٿر دل بنجي “جي” رهيو آهي ان ڪري ئي زنده آهي..... نه ته سچ پڇين ته هيءَ ڌرتي هاڻ جيئڻ جيارڻ جي لائق ناهي رهي....“
    ”انيل تون به ائين سوچڻ لڳو آهين.......!!!؟“
    ”ها، پونم، هتي هر ماڻهو ايئن ئي سوچڻ لڳو آهي....... توکي خبر آهي ته هتي هندن سان ٿيندڙ ڏاڍاين کي روڪڻ بجاءِ انتظاميه ۽ وس وارن جو ڇا چوڻ آهي... هو چون ٿا ته هتي ته ڪوبه ماڻهون محفوظ ناهي.... نه هنڌو نه مسلمان، نه عيسائي ۽ نه وري ٻيو ڪير... هتي هر انسان جي زندگي داءَ تي لڳل آهي...... هر انسان کي هر وقت ڪنهن به جاءِ تي گولي لڳي سگهي ٿي. پونم، هاڻ ماڻهو ان فارمولي تي جي رهيا آهن ته ماريو، يا پاڻ مري وڃو. تون ڇا ٿي سمجهين ته هي پنهنجو يا پاڻ جهڙن لکين ماڻهن جو جيئڻ به ڪو جيئڻ آهي؟ جنهن ماڻهوءَ کي پنهنجي گهر ۾ به اِهو احساس آرام ڪرڻ نه ڏئي ته ڪنهن به وقت ڪجهه به ٿي سگهي ٿو... ڌيءَ اغوا ٿي سگهي ٿي، ڀيڻ وهشت جو نشان بنجي سگهي ٿي. زال زهر کارائي، ڪنهن يار سان گهر ڇڏي نڪري وڃي سگهي ٿي. عورتون الڳ ، خوف ۽ نفسياتي مونجهارن جو شڪارآهن پونم ... اهڙي جهان ۾ جيئڻ به ڪهڙو جيئڻ هوندو......!!!؟“.
    ”انيل، مون کي لڳي ٿو تنهنجي سوچن تي شام جا پاڇا لهي آيا آهن.... تنهنجين اکين آڏو اوندهه ڇائجي وئي آهي ......... تنهنجي نه رڳو دل پٿر ٿي وئي آهي پر تنهنجو ذهن به مايوسين جو گهر بنجي ويو آهي........ توکي مسئلا ته نظر اچن پيا پر انهن جو حل پري پري تائين نظر ڪونه ٿو اچي... انيل تنهنجي آڏو هڪ اهڙي ديوار کڙي ٿي وئي آهي جنهن کي عبور ڪرڻ تنهنجي وس کان مٿي آهي!“ .
    ”پونم، تون ڇا ٿي چاهين ته آئون پنهنجي چهري تي مصنوعي مرڪ سجائي.... ِ ڏند ٽيڙي، پنهنجي پاڻ کي اذيت ۾ وجهي به اِهو محسوس ڪرايان ته مان خوش آهيان... منهنجي آس پاس خوشين جون نديون روان دوان آهن... نه پونم ائين ٿي نه ٿو سگهي... اسان جي دلين ۾ پٿرن جا ڍير ڀرجي ويا آهن. اُهي ڍير تمام وڏا آهن پونم، آگر تون منهنجي دل جا پٿر ۽ مان تنهنجي دل جا پٿر کڻي اُڇلايون ته سنڌوءَ جي سير کي ڳنڍو اَچي سگهي ٿو.هي سنڌ، هي ساڻيهه؛ ڪاساين جي هٿن ۾ اچي وئي آهي. اهڙن ڪاساين جي هٿن ۾ جن کي حرام حلال جي تميز ناهي، انهن جو ايمان پيسو ۽ مذهب هٿيار آهي... هنن کي ماڻهون مارڻ لاءِ صرف اشارو ڪرڻ جي دير هوندي آهي. حضرت عزرائيل هنن جو غلام آهي پونم......پونم توکي خبر ناهي شايد ته هن ڌرتي تي ڌارين جي ايتري ته لتاڙ وڌي وئي آهي جو هاڻ هن ڌرتيءَ مان ڪوسلو ڦٽڻ مشڪل ٿي پيو آهي، هتي ته هر ڪو ڀيل ڪرڻ آيو آهي پونم“
    ”انيل.... ٺيڪ آهي تون سهي ٿو چوين پر اڄ ته آئون هتي انجواءِ ڪرڻ لاءِ آئي هئس.... تون به ايترو پنڌ ڪري نواب شاهه مان هتي آيو آهين، تنهنجي اندر ۾ به ڪجهه خواهشون هونديون. خبر ناهي تنهنجون اُهي خواهشون به الائي ڪيڏانهن هليو ويون آهن، اندر ۾ ئي ڪٿي مري ويون آهن شايد!......اسان کي هنن يادگار لمحن جون تصويرون ٺاهڻ گهرجن ها، فيس بوڪ تي سڀني دوستن کي شيئر ڪجن ها... لب مهراڻ تي گهمندي ڦرندي تون منهنجي سونهن ۽ صورت جي تعريف ڪرين ها، منهنجي وارن ۾ آڱريون ڦيري منهنجي ادائن کي سهڻن لفظن جي ڀيٽا ڏين ها. مون کي اِهو چوين ها ته، پونم، آئون توکان سواءِ رهي نه ٿو سگهان، آئون تولاءِ سڀ ڪجهه ڪري سگهان ٿو... منهنجي ڳلن جي گولاين کي چمي ها.... منهنجي چپن جا ذائقا وٺي ها .....منهنجي هٿن جي گرمائش پاڻ ۾ سمائي ڇڏين ها..... انيل مون اِهو به پئي چاهيون ته پاڻ ٻيڙيءَ ۾ چڙهي سنڌو جي سيني تي ترون ها، هڪٻئي کي سنڌوءَ جي لڙاٽي پاڻيءَ جا ڇنڊا هڻون ها.... پوءِ هلي ساڌ ٻيلي جا مندر گهمون ها.... پر تو ته منهنجي دل ۾ ڦٽل هر سلي کي اسرڻ کان اڳم ۾ ئي ڄڻ چيڀاٽي ڇڏيو......... منهنجي دل جي رات جون راڻيون هڳاءُ ڇڏي ويون آهن انيل.... منهنجي اندر ۾ اڪ ۽ ٿوهر ڦٽي پيا آهن ان ڪري آئون، هاڻ ڪنهن اهڙي ديس ۾ وڃڻ چاهينديس جنهن ديس جو آسمان هميشه بادلن سان مهڪندڙ هجي ۽ انهن مان وسندڙ مينهن ۾ رڳو نينهن جا سلا ڦٽندا هجن.........انيل مون کي اِها خبر ئي نه هئي ته تون پنهنجي اندر ۾ هڪڙو زخمي شخص آهين.......... اَهڙو زخمي شخص جنهن جي ٻوٽي ٻوٽي ۾ ڄڻ ماتم متل آهي، جنهن جي رڳ رڳ ۾ ڄڻ رت جي بجاءِ ڪربلا روان دوان آهي.... انيل مان توکي وڌيڪ زخم ڏيڻ نه ٿي چاهيان ڇو ته منهنجو ساٿ به توکي زخم ئي ڏئي سگهي ٿو ۽آئون نه ٿي چاهيان ته منهنجي طرفان به توکي زخم ملن.ان ڪري هاڻ آئون ڪنهن اهڙي ديس ۾ وسڻ چاهينديس، جنهن ديس جو آسمان هميشه بادلن سان مهڪندو هجي ۽ انهن مان وسندڙ مينهن ۾ رڳو نينهن جا سلا ڦٽندا هجن...“
    پونم اڳ چيل لفظن کي وري دُهرايو. هي اهي لفظ هئا جن ۾ صرف وڇوڙي جا اسرار ئي سمايل هئا. پونم سمجهيو پئي ته هن جي اهڙين ڳالهين تي انيل ڪو رد عمل ضرور ڏيکاريندو پر ايئن ٿيو ڪونه ۽ چوڻ لڳو، “پونم هي سنڌو آهي، جنهن هن ماءُ کي جنم ڏنو آهي..... پونم، اها ماءُ جنهن کي ڌرتي چئجي ٿو. جنهن مان اسان ڦٽا جنم آهي.......!” هو اڃان به ڳالهائي رهيو هو...... پر پونم وڌيڪ ڪجهه به ٻڌڻ لاءِ تيار نه هئي.... ۽ هوءَ ٽپ ڏئي اٿي بيٺي، هن موبائيل پنهنجي پرس مان ڪڍيو ۽ سنڌوءَ جي سير جي حوالي ڪري ڇڏيو........... ڇو ته هن کي هاڻ انيل وڌيڪ ڪنهن به قسم جو رابطو رکڻ نه ٿي چاهيو، هوءَ هلي وئي پر انيل ڄڻ ڪجهه به ڏٺو!...... هن جو ڌيان اڃان به سنڌوءَ جي لازوال لهرن جي لالاڻ ۾ هو، جيڪي لهندڙ سج جي عڪسن ۾ رنگين ٿي ويون هيون. پونم ويندي ويندي ڪيترا ئي ڀيرا مڙي انيل ڏي نهاريو به پر هن جي ڌيان ۾ هڪ اهڙو گيان هو جنهن جون پاڙون پاتال ۾ کتل هيون.


    اڌ وتايو

    اڌ وتايو

    رحيم اڄ صبح سان ئي پنهنجي گهران نڪتو آهي، هن کي رات واري ڪيل ڪم جي پريشاني هئي . هن شهر وڃي ڏسڻ ٿي چاهيو ته ڪهڙو ممڻ متو آهي..
    هو پنهنجي گهر واري ڀٽ تان لهي شهر ڏانهن هلڻ لڳو. لٺ هٿ ۾، بغل ۾ ڳوٿري، ڊگهي ڏاڙهي، وار وڏا، مٿي تي اڇي ٽوپي، لڏندو لمندو شهر ڏي وڌڻ لڳو. شهر هنن جي ڳوٺ کان ٽي چار ڪلو ميٽر پري آهي...
    رستي ۾ مال چاريندڙ ۽ عام ڳوٺاڻا سڀ کيس چڱي طرح سڃاڻين ... هن کي رستي ۾ هڪڙو ٻڪرار ڇوڪرو مليو جنهن کي چيائين، ”ابا ڏي خبر ٻڪريون ڏهڻ ڄاڻي ٿو؟“ٻڪرار”نه“ ۾ ڪنڌ ڌوڻيو، ته چيائينس، ”ڀلا ڪُهڻ ته ڄاڻيندو هوندين؟“ ڌنار ڇوڪري هاڻي هلڪي آواز ۾ چيو ”نه“ ”مطلب ته، تون نه ڏوهڻ جو، نه ڪُهڻ جو!؟“ ڇوڪري ويچاري کڻي شرم کان ڪنڌ هيٺ ڪيو.
    ”ابا ڪنڌ کڻي هيٺ ڪيو اٿئي، آئون ڪو تنهنجو منڱيندو آهيان ڇا؟“
    رحيم کي ڇوڪري سان ڳالهيندي ڏسي آس پاس مال چاريندڙ ڌنار پهنوار ۽ واٽ ويندا به اچي اُتي انهن وٽ گڏ ٿيا.
    هن جڏهن ڏٺو ته ماڻهو گڏ ٿي ويا آهن تڏهن انهن کي چوڻ لڳو. ”اسان رڳو ڪُهڻ جي ڳالهه ڪئي ته توهان پهچي ويا آهيو ڀاڱو وٺڻ!“ تنهن تي هڪڙو ڪرڙوڍ همراهه جيڪو شهر کان پئي آيو سو چوڻ لڳو، ”پٽ، تون به رڳو شهر پهچ، تولاءِ اُتي دال رڌي پئي آهي!“ ان تي رحيم کلي چيس، ”ڀائو لڳي ٿو توکي دال مان چيچ به نه ٻوڙڻ ڏني اٿن، نه ته اهڙيون ڳالهيون ڪونه ڪرين هان!“سڀني بيٺلن ۾ ٽهڪڙو مچي ويو.
    ”آخرڪهڙي خطا ٿي آهي هن درويش کان؟“ هڪ همراهه وضاحت سان ٻڌڻ ٿي چاهيو.. تڏهن ساڳي همراهه چيو.”درويش ۽ هي! هي آهي وڏو لاهه ماڻهو، هن رات جيڪو ڪارنامون ڪيو آهي اگر تون ٻڌين ته تون پاڻ هن کي جوتا هڻي!“
    ”ابا ٻين کي نه بڇ، تو پاڻ ئي کڻي اِهو نيڪ ڪم ڪري وٺ“ رحيم کيس ڇنڀيندي چيو. ”نه ابا آئون ڇو گند ۾ هٿ خراب ڪيان!“ ساڳي همراهه جان ڇڏائيندي چيس.
    ”ها ادا رنون ڪٽڻ سوليون آهين پر مردن تي هٿ کڻڻ لاءِ دل ٿي کپي دل“ رحيم جي اهڙي وار کيس کائي وڌو ۽ ماڻهن ۾ وري ٽهڪڙو مچي ويو... شهر کان موٽندڙ همراهه رکيو پيرن تي زور، ماڻهو به لڳا ان جي پويان، جن کي شايد حقيقت تائين پهچڻ جي تمام گهڻي تڪڙ هئي.
    سڀني کي ويندو ڏسي رحيم کي به لڳو بل چوڻ لڳو، ”الله الله پرائي ڀٽ کوٽڻ لاءِ لوڪ ڪيڏو نه ديوانو آهي!“
    هو لُڏندو لمندو شهر ڏانهن روانو ٿيو ، رستي تي هڪ ڳوٺ ۾ يارهين شريف جون ديڳيون پئي پڪيون. رحيم لڏندو اچي اتي پهتو، نِم جي ڇانو هٺيان لڳل نلڪو هلائي هٿ منهن ڌوئي پاڻي پيئڻ لڳو. کيس ڏسي يارهين جي رڌ پچاءَ جو ڪم ڪندڙن جي اکين ۾ شرارتون ڀرجي آيون، پر اڳيان به رحيم هو. پاڻي پي واندو ٿيڻ کان پوءِ انهن ڪم ڪندڙن کي چوڻ لڳو، ”بابا يارهين جون ديڳيون چاڙهيو ويٺا آهيو؟ ڀلا اُهو توهان وارو يارهين وارو کائڻ به ايندو يا؟“ ان کان پهرين جو هوهن تي ڪو وار ڪن هن اڳ۾ ڳالهه اڇلي سڀني جا منهن بند ڪري ڇڏيا.پر ٿورو ماٺ کان پوءِ هڪ فاٽ کاڌو، ”ها، ها ڇو نه ايندو، اسان جو ايمان آهي هو ضرور ايندو!“
    ”بلي بلي هاڻي ئي ٿي خبر پوي..... “ رحيم طنز مان چيو.
    ”رحيم ڪا به غلط ڳالهه نه ڪجاءِ نه ته“ ڳوٺ جي چڳي مڙس وارننگ ڏيندي چيس.
    رحيم توبهن جي انداز ۾ ڪنن تي هٿ رکيو ۽ هڪڙي همراهه کي چيائين، ”ابا اِها اجرڪ ته مونکي ڏي!“
    ”نه نه آئون اجرڪ توکي ڇو ڏيان؟“
    ”اڙي مون ۾ ڪا باهه آهي ڇا جو تنهنجي اجرڪ سڙي ويندي!“ ايتري ۾ ٻئي همراهه اجرڪ واري کي چيو، ”اڙي ڏينس ڏينس، ڏسون ڇا ٿو ڪري اجرڪن کي...!“ همراهن کي به هو روشو ڏسڻو. رحيم پهرين اجرڪ وٺي زمين تي وڇائي ڇڏي ۽ پوءِ ٻيون اجرڪون وٺندو ويو ۽ وڇايل اجرڪ ۾ گڏ ڪندو ويو. سڀ کيس حيرت مان ڏسندا رهيا ته آخر هي ڪري ڇا ٿو!. هن سڀني اجرڪن کي وڇايل اجرڪ ۾ ٻڌي کڻي هڙ ٺاهي ۽ چوڻ لڳو، ”ابا يارهين وارو ايندو ته سهي نه؟“
    ”ها ها ڇو ڪونه ايندو!“ سڀني هڪ آواز ٿي چيو.
    ”ابا پڪ ٻڌايو ڪٿي ايئن نه ٿئي جو توهان پنهنجو نقصان نه ڪري ويهو“ رحيم جي اهڙي ڳالهه تي سڀ پريشا ٿي ويا، ”نڀاڳا الله نه ڪري جو نقصان ٿئي“ هڪ بزرگ ڄڻ سڀني جي اندر جي ترجماني ڪندي جواب ڏنس.
    ”چڱو ته پوءِ وارو ڪيو، سڏيو يارهين واري کي ته اچي توهان جون اجرڪون باهه مان ڪڍي، نه ته سڀ سڙي رک ٿي وينديون..!“ ٻڌل سڀ اجرڪون کڻي ٻرندڙ چر ۾ اُڇلايائين ۽ پاڻ وٺي مٺيون ڀيڙي ڀڳو.
    ”اڙي پڪڙيوس، پڪڙيوس، متان وڃي، متان وڃي“ هو اڳيان اٺ ڏهه همراهه سندس پويان. ڀڄ ڀڄان، ڀڄ ڀڄان. پر هو وڏو ڇانڊڻ مڙس، همراهه فرلانگ مس ڀڳا ۽ ٺري بيهي رهيا.
    رحيم وڃي ناري جي پتڻ تي ساهه کنيو. ناري جي ٿڌي پاڻيءَ مان منهن ڌوتائين ۽ ٻيڙي ۾ چڙهي ناري جي هن پار اُڪري ٿيو شهر ڏي روانو.
    هن کي خبر هئي ته شهر ۾ هن سان ڇا ٿيڻ وارو آهي، هو شهر پهچي اڃان خمونءَ واري هوٽل تي چانهه جو آرڊر ڪري ڪرسي تي ويٺو مس ته پوليس پهچي وئي ۽ کڀني کڻي کيائونس، کڻي وڃي موبائيل ۾ هيائونس.
    ”ڏاڍو سياڻوٿي پيو آهين!؟“ هڪ پوليس واري کيس دڙڪو ڏيندي چيو، ”ماين جا جوتا پايو پوءِ ٿو وارداتون ڪرين!؟“
    ”وارداتون! ڪهڙيون وارداتون ۽ ڪهڙا ماين جا جوتا، ابا ڳالهائين ڇا پيو!؟“ رحيم سڀ ڪجهه ڄاڻيندي به اڻڄاڻ ٿيندي چيس...
    ”بس ٿاڻي تي پهچندين ته خبر پئجي ويندئي پٽ!اصل ۾ صوبيدار صاحب هدايت ڪئي آهي ته توکي ڪجهه به نه چئون، نه ته آئون توکي ٿاڻي تي پهچڻ تائين اُڊيڙي نه ڇڏيان هان!. وڏيرو توتي ڏاڍو ڪاوڙيل آهي!“ سپاهي باهه ڪڍندي چيس.
    ”وڏيري جو مون وري ڪهڙو واٽر ڀڳو آهي! هو مون تي ڇو ڪاوڙيل هوندو؟“
    ”ٿاڻي تي پهچندين ته سڀ خبر پئجي ويندئي وڏيرو خود ٿاڻي تي ويٺو آهي“ سپاهي کيس خوف ۾ مبتلا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي چيو.
    ٿاڻي تي پهتا ته پهرين کيس وڏيري جي سامهون آندو ويو جيڪو صوبيدار جي ڪمري ۾ ويٺو هو. رحيم کي ڏسي چوڻ لڳو، ”تو ڪم ته اهڙو ڪيو آهي، دل ته چوي ٿي توکي گولي هڻائي سڀني جي جان ڇڏائي ڇڏايان. پر وري سوچيان ٿو ته الله الائي ڪهڙي ڳالهه ۾ راضي آهي، اڳ ۾ تو جيڪو ڪيو اُهو تون ڦٻي ويو هئين، تڏهن جج صاحب تنهنجي ونگار وهي ويو هو. پر هن ڀيري تون لازمي ٽيپ کائيندين. ٽيپ کائيندين ته پاڻ ئي سڌري ويندين“ وڏيري ٿڌو ساهه ڀريو وري صوبيدار سان مخاطب ٿيندي چيائين.”صوبيدار مهرباني ڪري هن کي جلد کان جلد ڪاغذي ڪاروائي ڪري ڪورٽ ۾ پيش ڪيوس آئون هن کي جلد کان جلد جيل ۾ اذيتناڪ سزا ڀوڳيندي ڏسڻ ٿو چاهيان“
    ”ها سائين بلڪل“ صوبيدار وڏيري سان ها ۾ ها ملائيندي چيو.
    جلد کان جلد ڪاغذي ڪاروائي ڪري رحيم کي ڪورٽ جي ڪٽهڙي ۾آندو ويو ۽ سندس مخالف وڪيل هن جي خلاف دليل ڏيڻ لڳو،”سر هي شخص ڏسڻ ۾ انسان آهي، پر هن جي حرڪتن مان ته ائين ٿو لڳي جيئن هي انسان جي روپ ۾ هڪڙو شيطان آهي، سر هن شخص هميشه رڳو ماڻهن جي جذبن سان کيڏڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هي پهرين به اهڙي قسم جا ڪيس ڀوڳي چڪو آهي سر تڏهن هن تر جي مقدس ترين بزرگ جي قبر تان پڙ لاٿا هئا پر تڏهن به جج صاحب هن جي سادگي کي ڏسي هن تي رحم کائي هن کي بري ڪري ڇڏيو هو، پر سر هن ڀيري ته هن حد ڪري ڇڏي آهي هن ان ئي مزار کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو آهي سر ان کان وڌيڪ آئون ڪجهه به چوڻ نٿو چاهيان باقي سڀ اختيار توهان جي هٿ ۾ آهن. بس سر مونکي ايترو چوڻو آهي“ وڪيل پنهنجي جاءِ تي ويهي رهيو.
    ”رحيم تون پنهنجي صفائي ۾ اگر ڪجهه چوڻ چاهين ٿو ته چئه!“ جج رحيم ڏي نيهاريندي چيو.
    ”سائين جيڪو ڏوهه مون تي مڙهيو ويو آهي، اُهو مون نه ڪيو آهي ها باقي اِهو ڏوهه ڪنهن ڪيو آهي ان کي آئون ضرورسڃاڻان“ اِهو ٻُڌي هال ۾ ويٺل سڀني ماڻهن جي منهن تي حيرت ڇانئجي وئي.
    ”اڇا اگر توکي اها خبر آهي ته اهو ڪم ڪنهن ڪيو آهي ته پوءِ ٻڌائي، ان جو نالو کڻ لنوائين ڇو پيو؟“ جج ڄڻ همٿ ٻڌائيندي چيس..
    ”سائين آئون ٻڌائيندس ضرور پر منهنجي زندگي جي ذميواري توهان کي کڻڻي پوندي.........!“
    ”ها ها هي قانون، هي انتظاميا، اسان سڀ توکي تحفظ جو يقين ٿا ڏيون، توکي ڪجهه به ٿيو ته ان جا ذميوار اسين آهيون“ جج انتهائي اعتماد سان چيس.
    ”سائين اگر اوهان اهڙي يقين دهاني ڪرائي رهيا آهيو ته پوءِ ٺيڪ آهي، آئون ٻُڌايان ٿو“ ڪجهه ٻڌائڻ کان پهرين رحيم هال ۾ ويٺلن ڏانهن نهاريو جن مان گهڻا رڳو اڄوڪو رونشو ڏسڻ آيا هئا. هنن ڏسڻ ٿي چاهيو ته رحيم پنهنجي جان ڪئين ٿو ڇڏائي! رحيم جون نظرون سموري هال کان ٿينديون وڃي وڏيري تي کتيون، جيڪو هيبت ناڪ نهار سان کيس ڏسڻ لڳو. رحيم ڄاڻي واڻي ڪنڌ هيٺ جهڪائي ڇڏيو. هال ۾ ڄڻ خاموشيءَ جو راڪاس گهمي ويو. بس ان ئي لمحي جج ڪا ڳالهه محسوس ڪندي چيو، ”ها رحيم ڳالهائي ماٺ ڇو ڪئي اٿئي!؟“
    ”سائين وڏيرو اکيون ٿو ڏيکاري، مونکي ڊپ ٿو لڳي هن جو مقصد آهي ته آئون سچ نه ڳالهايان!“ رحيم کي به هئي وڏيري کي چپ ڏيارڻي.
    ”اڙي ڪهڙو آهي وڏيرو جيڪو هن کي اکيون پيو ڏيکاري؟ اُٿي بيهي!“ جج جو ايئن چوڻ وڏيرو سسي صفا ڪرسي ۾ گهڙي ويو. پر صوبيدار کهري آواز ۾ چيس،”وڏيرا نورمحمد خان اُٿي بيهه، جج صاحب جي ڳالهه سمجهه ۾ ڪونه آيئي ڇا!؟“ وڏيرو مرندي مرندي نيٺ ڏاڙهي کنهيندي، ٽوپي ٺاهيندي مٿي اُٿي بيٺو، ”سر، سر، حڪم!“
    ”اڙي هيڏانهن اچي ڪٽهڙي ۾ ڳالهاءِ!“ جج دڙڪي سان چيس. وڏيرو ٿڙندو ٿاٻڙندو اچي ڪٽهڙي ۾ بيٺو.
    ”اڙي رحيم کي ڇو پيو اکيون ڏيکارين!؟“
    ”نه سر مون ته اکيون ڪونه ڏيکاريون آهنس، هن کي جيڪو چوڻو آهي سو ڀلي چوي!“
    ”اڇا ته هن کي ڪورٽ ۾ ڳالهائڻ لاءِ به توکان اجازت وٺڻي پوندي! هن کي ڪجهه به ٿيو نه......... ته ان جو ذميوار تون هوندين، هاڻ هل، هلي پنهنجي جاءِ تي ويهه“
    وڏيرو اندر ۾ شڪرانه پڙهي وري وڃي ساڳي ڪرسي تي ويٺو. سنڌ جو وڏيرو هجي يا رئيس سردار هجي يا سيد پر هر ڪو غريب غربي لاءِ شينهن هوندو آهي پر قانون جون اکيون ڏسندي ئي ڄڻ ڪڪڙ ٿي پوندو آهي.
    ”ها رحيم هاڻي ڳالهه کولي ٻڌاءِ“ جج رحيم لاءِ ڄڻ سڀ رستا صاف ڪري ڇڏيان.
    ”سائين سچي ڳالهه اها ته مزار کي باهه وڏيءَ وڏيريءَ پاڻ ڏني آهي پنهنجي هٿن سان!“
    ”وڏي وڏيري!؟“ جج حيراني مان رڙ ڪندي چيو.... ۽ ڪورٽ جي هال ۾ ويٺل سڀني ماڻهن جون اکيون سوال بنجي وڏيري کي گهورڻ لڳيون. وڏيرو ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ٿي ويو پر بي وسيءَ جي زنجير ٽوڙڻ هن جي وس ۾ نه هو. سموري هال کي ڄڻ نانگ سونگهي ويو. پر جج وري به خاموشيءَ کي ٽوڙيندي ڳالهايو، ”رحيم تون اهو ڪهڙي بنياد تي پيو چوين ته ان مزار کي وڏيري جي وڏيءَ گهر واريءَ باهه ڏني آهي!“ جج جي ڪيس ۾ دلچسپي وڌي وئي هئي.
    ”سائين وڏي وڏيريءَ اصل ۾ سالن کان پئي مزار تي باسون باسيون ۽ دعائون گهريون هن ڪيترائي ٻڪر مزار تي قربان ڪيا ۽ لکين روپيا مٺائي ۽ پڙن تي وڃائي ڇڏيا پر هن بزرگ وڏيريءَ جي هڪ به نه مڃي ۽ کيس سڄي عمر اولاد نه ٿيو، پوءِ نيٺ وڏيري نورمحمد مجبور ٿي ٻه ٽي سال اڳ ۾ ٻي شادي ڪئي. سال کن ته ان کي به اولاد نه ٿيو پوءِ ننڍي وڏيري به مزار تي ٻڪر ڏنا ۽ مٺايون ورهايون نيٺ بزرگ ان جو عرض اگهايو ۽ ننڍي وڏيري کي ماشاء الله ڪجهه ڏينهن اڳ ۾ پٽڙو ڄائوآهي، پر ان تان وڏي وڏيريءَ کي آئي ڪاوڙ سو وئي رات جي پيٽ ۾ مزار تي تيل هاري باهه ڏئي آئي، جنهن جو ثبوت عورتاڻي جوتن جا نشان به آهين، پر توهان کي اگر پوءِ به اعتبار نه آهي ته کيس ڪورٽ سڳوري ۾ گهرائي پُڇي ڏسوس. هوءَ ڏوهه قبولي ٿي ته ٺيڪ آهي اگر نٿي قبولي ته پوءِ جيڪا چور جي سزا اُها منهنجي سزا“ رحيم جي ڳالهه نه صرف وڏيري کي سن ڪري ڇڏيو پر ويٺلن جون به وايون بتال ٿي ويون.
    جج گهري سوچ ۾ پئجي ويو. وڪيل حيران پريشان ٿي ويو، وڪيل اٿي ڪجهه ڳالهائڻ چاهيو پر جج روڪي ڇڏيس. جج ڪاروائي برخاصت ڪرڻ کان اڳ چيو، ”ايندڙ سومر تي وڏيريءَ کي ڪورٽ ۾ پيش ڪيو وڃي ته جيئن معاملو ڪليئر ٿي وڃي، ٻيءَ صورت ۾ ڪورٽ ڪنهن سازش جو انديشو سمجهندي مجرم کي ريلف ڏيڻ لاءِ مجبور به ٿي سگهي ٿي“
    جج آخري جملو چئي چيمبر ۾ هليو ويو. وڏيرو نور محمد هارايل جواري وانگي منهن لٽڪائي ڪورٽ کان ٻاهر نڪتو...... کيس وڪيل پويان رهڙي اچي پهتو....”نور محمد، او نور محمد!“ وڏيري ٻڌڻ باوجود ڪو به جواب نه ڏنس.... وڪيل ڳالهه جي حساسيت کي سمجهندي وڏيري جي ٻانهن جهلڻ کان اڳ ۾ کنيل هٿ روڪي ڇڏيو...


    هڪ خواب جي وشالتا

    هڪ خواب جي وشالتا


    اوچتو ئي اوچتو اسان هڪ آرٽ گيلريءَ ۾ پهچي وياسين، مونسان ڪجهه ٻيا نوجوان به گڏ هئا.اسان جي سامهون هڪ آرٽيسٽ موجود هو. شڪل شبيهه ۾ ڀوپن جهڙو پئي لڳو.
    ”نوجوانو! مونکي تمام گهڻي خوشي ٿي جو توهان هتي آيا آهيو! هتي اڳ۾ به نوجوان ايندا رهندا آهن، پر مونکي انهن مايوس ڪيو هو. انهن منهنجن تصويرن کي جهالت واري اک سان ڏٺو هو. توهان ۾ مونکي تمام گهڻي اميد آهي.توهان مونکي ايئن نه ٿا لڳو... توهان جي اکين ۾ اميدن جا فصل لهرائيندي ڏسي رهيو آهيان. هاڻ اچو ته آئون توهان کي پنهنجن انهن تخليقن سان ملايان، جن جي بيچيني ئي شايد توهان کي هتي وٺي آئي آهي“.
    اسان هڪ دروازي مان مٽي اندر هڪ ٻئي ڪمري ۾ داخل ٿياسين. اهو هڪ وڏو هال نما ڪمرو هو. جنهنجي ديوارن سان تصويرن وارا فريم ٽنگيل هئا. هو پهرين اسان کي هڪ پاسي لڳل تصويرن ڏانهن وٺي آيو ۽ اسان سان ڳالهائڻ لڳو. ”دوستو! هي منهنجي ان دور جون تخليقون آهن جڏهن آئون چهرن جي مسڪراهٽن کي رنگن سان تازگي بخشيندو هئس. دوستو! هي اهو دورهو جڏهن مونکي اجتماعي غربت کان وڌيڪ هڪ ذات جي مفلسي ڏسڻ ۾ ايندي هئي. ان دور ۾ آئون اهو نه ڄاڻيندو هئس ته ڪي قومون ذهني غربت ۾ به ورتل هونديون آهن. هائو ساٿيو! هي اهو دور هو جڏهن عورت جي حسن ۾ مونکي ڪل ڪائنات نظر ايندي هئي. اچو اچو دوستو هي ڏسو منهنجي ٻاراڻي وقت جون تخليقون!“ هو هڪ هڪ ڪري تصويرون ڏيکارڻ لڳو.
    اسان جڏهن اهي تصويرون ڏٺيون ته حيران ٿي وياسين! سوچڻ لڳاسين، هو ايتري ڪمال جي تصويرن کي به ٻاراڻيون تخليقون چئي رهيو آهي. اسان هڪ ٻئي ڏي نهارڻ لڳاسين ۽ تخليقڪار جي اهڙي رويي تي پريشان ٿيڻ لڳاسين. اسان ڏٺو پئي ته انهن تصويرن مان سموري سنڌ جهلڪا ڏئي رهي هئي. لاڙ، اتر، ٿر، ڪاڇو، ڪارونجهر تان ڪڪوريل سج اڀري رهيو هو.هڪ ٻي تصوير ۾ به ڪينجهر جي لهرن جو اهڙو ته ڏيک بيهاريل هو، ڄڻ لطيف جو بيت رنگن سان جهونگاريو ويو هجي! ٿر جي سر سبز منظر تي مور ٽهوڪا ڪندي، نچندي ۽ اڏندي پينٽ ڪيا هئائين مطلب ته سنڌ جو هر رنگ هن برش جي ڇهاءَ سان ڇهي ورتو هو-ان کان پوءِ هو اسان کي خالي پيل ڪينواس جي هڪ سيريز وٽ وٺي آيو
    ”دوستو! هي سنڌو آهي” هو ڪينواس تي پنهنجي سڄي هٿ جي آڱرين جون چوٽيون کپائي ڳالهائڻ لڳو، “هي اهو سنڌو آهي جنهن هن پرڳڻي کي سمونڊ کان آزاد ڪرايو، هي اهو سنڌو آهي جنهن جي لهرن جي فوجن يلغارون ڪري سنڌ ڌرتئَ کي ازلي آزادي ڏياري هئي“
    ........................
    ”دوستو! هن سنڌو جي ان پوتر پاڻئَ جو ئي ڪمال آهي جو سنڌ ڄائو فطرتن آزادي پسند هوندو آهي- پر افسوس!.....“ هو گوڏا کوڙي فرش تي ويهي رهيو ڪجھ دير هيٺ ڪنڌ ڪري وري اٿيو ۽ هڪ جاءِ تي هن پنهنجي ڏسڻي آڱر رکي ڇڏي. ”هي ڏسو!“ هن جون اکيون لڙڪن سان ڀرجي ويون. ”هي ڄامشورو آهي، هتان کان سنڌوءَ جا پير ڪپيا ويا آهن..........!هي ڏسو توهان پاڻ ڏسو!“ هو مسلسل ڳالهائي رهيو هو....”سنڌوءَ جي وڍيل پيرن مان رت ٽمي رهيو آهي....!“
    اسان جون اکيون به ڳوڙهن سان ڀرجي ويون .
    ” ڳالهه اتي به ختم ناهي ٿي دوستو!“ هو وري به ڪجھ سوچڻ کان پوءِ ڳالهائڻ لڳو- ”سنڌو جا پير ڪپڻ وارا اُتي به بس ڪري نه ويٺا..... پر....!“ هو هاڻ هڪ ٻئي ڪينواس تي اچي بيٺو ”دوستو! هن اڇي پيپر ۾ گھڻو ڪجھ لڪل آهي، هن ۾ مظلومن جون پناهگاهون تاراج ٿيل آهن، ته ظالمن جي حوس جي به انتها ٿيل آهي. هن پني ۾ هڪ هٿ لڪل آهي جنهن هٿ جي مٺ ۾ ، سنڌ جي پيداوار جا سمورا وسيلا بند آهن- هن ڪينواس ۾ بيروزگار، غربت ۾ ورتل مفلس ماڻهون، نشي جو عادي بڻايل نوجوان، سنڌ جو مستقبل، توهان کي هر هنڌ تڙپندي نظر ايندو!“
    اسان هاڻِ ٿورو اڳيان هڪ ٻئي ڪينواس آڏو اچي بيٺاسين ۽ ڪجھ دير ٽٻئَ ۾ هليو وڃڻ کان پوءِ هو وري ڳالهائڻ لڳو. ”ساٿيو! هاڻ توهان کي دل پڪي ڪرڻي پوندي ڇوته هن ڪينواس ۾ سنڌ جو دردناڪ منظر توهان جي آڏو کلڻ وارو آهي- دوستو! هن اڇي ڪاڳرجي پٺيان جيڪا حقيقت سمايل آهي اهڙي ئي ڪائي ايذائيندڙ حقيقت ڪو دردناڪ لمحو ئي هن قوم کي ننڊ مان اٿاري سگھي ٿو ، دوستو! سنڌ ڪيڏاري جو ڏيک تڏهن ڏيندي جڏهن هتي جي ماڻهن جو روح روڙيو ويندو ۽ قوم جي يڪجهتئَ جو اڪيلو مينار بلڊوز ڪيو ويندو“ اسان ڳالهين کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئاسين پر سمجهه ۾ ڪجهه نه ٿي آيو بس هڪ ٻئي جي منهن ۾ نهاري رهيا هئاسين! هو وري ڳالهائڻ لڳو، “نه ته هئَ قوم صدين کان بک ۽ بيروزگاري کان وٺي ٻين کوڙ سارن دردن کي سهندي رهي آهي پر هن قوم ڪڏهن به ڪجھ نه ڪيو سنڌي قوم جي خاموشئَ ئي ظالمن جا حوصلا بلند ڪيا آهن ۽ هو اهڙا قدم کڻڻ کان به نه ڪيٻائيندا- هن جي اکين جي سمنڊ مان ٻه لڙڪ ڇلڪي اچي سندس ڳلن تي پيا ۽ اسين حيرتن جي پهاڙن هيٺيان اچي وياسين هن لڙڪ اگھي وري ڳالهايو! ”دوستو! هي لطيف جو روضو آهي پر سلامت ناهي!“ هن آخري لفظ وڏي پيڙاءَ مان اچاريا ۽ اسان کان رڙ نڪري وئي. ”ها هي سلامت ناهي، روضي کي سال ٿيا جو انهن ئي ظالمن جن سنڌوءَ جا پير ڪپي کيس لنگڙو ڪري ڇڏيو هو، انهن ئي لطيف جي سموري درگاهه کي بلڊوز ڪري ڇڏيو!- هن فريم جي منظر جو پس منظر اهو ئي آهي“
    هن اڃان ڳالهائڻ چاهيو پئي پر اسان مان هڪ جوان وڌي وڃي کيس نڙئَ ۾ هٿ وڌا ۽ ٻيو پريان پيل ڪرسي کڻي هن ڏانهن وريو! مون وڌي کين روڪڻ جي ڪوشش ڪئي پر مونکي ايئن محسوس ٿيو ڄڻ منهنجي ٻنهي پيرن ۾ ڪي ڪل لڳل هجن ۽ آئون هڪ قدم به اڳتي وڌي نه سگھيس. ڪرسي سندس نرڙ ۾ ڪهاڙي جيئان لهي وئي هن هڪڙي وڏي رڙ ڪئي ”الله ڙي...“ هن جي رڙ ساڻ ئي منهنجي آڏو اُهو منظر بدلجي ويو آئون ڪراڙ ڪنڌئَ تي بيٺو هئس ۽ بلڊوزر پنهنجي ڀيانڪ آواز سان وهي رهيو هيو. لطيف جو روضو پنهنجو ڏيک وڃائي چڪو هو ۽ اُتي نيون بلڊنگون ٺهي رهيون هيون! اُن سموري ڪم جي نگراني مڇن کان کسرا باريش ماڻهو ڪري رهيا هئا ۽ بلڊوزر جي ايڪسيليٽر تي لانگ بوٽ جو وزن ڪنهن مهل هلڪو ۽ ڪنهن مهل ڳرو ٿي رهيو هو!.


    رت ، لڪير۽ سنڌو جي سينڌ

    رت ، لڪير۽ سنڌو جي سينڌ


    اها شام، اُهو پنڌ ، اُهو ولهار، روز جيئان.... لهندڙسج جي ڳاڙهاڻ وارو وقت، ولهار جي ٽنگ، جنهن ۾ ٻڌل آهي ڳرو پٿر. پٿر جيڪو رڳو پٿر ناهي، پر هڪ شڪل آهي، هڪ صورت آهي، هڪڙو عڪس آهي، هڪڙو انتقام آهي، هڪڙي ميارآهي، هڪڙو ڏوراپو آهي. اهو پٿر موت ڏانهن ويندڙ ننڍڙو رستو به آهي، ته هڪ ڊگهي ۽ هميشه رهندڙ زندگيءَ جو سفر به آهي..... هوهلندو پيو اچي، شهر کان ڳوٺ ڏي...... ٻه ڪلو ميٽر پنڌ، صبح جو ڳوٺ کان شهر ڏانهن ۽ شام جو شهر کان ڳوٺ ڏانهن....... پوروسال گذري ويو اٿس ان پنڌ ۾. هر ماڻهو کيس سڃاڻي، هر شخص ڄاڻي سندس ڪهاڻي، هر روز شهر جي گهٽين ۽ بازارن ۾ ايئن ئي پير گهليندو پيو هلندو آهي ڄڻ ته ڪو سوال هجي، ڪا اڻپوري ڪهاڻي هجي ڪو درد ڀريو افسانو هجي، ڪو راز هجي. ڪا ڪٿا هجي، ڪا ڏک جي اونڌاهي کولي هجي جنهن کي ڪا ننڍڙي ڳڙکي به ناهي، ڪا به خوشيءَ جي هير گهلڻ جو ڪو آسرو اميد به ناهي...!
    هر اهو ماڻهو هن جي باري ۾ ضرور پڇندو آهي، جنهن کيس پهريون ڀيرو ڏٺو هوندو آهي، ايئن سمورو شهر ۽ شهر ايندڙماڻهون کيس سڃاڻين، ............... پر هو ڪنهن کي به سڃاڻڻ لاءِ تيار نه آهي.
    اچ ولهار توکي ڳوٺ کڻي هلان، اچ ولهار توکي شهر کڻي هلان.............. هاڻ کيس ڪير به نه ٿو چوي، ڇو ته هو ڪڏهن به ڪنهن سان نه ويو نه هليو!....... هن سڀ تڪليفون پاڻ سهڻ ٿي چاهيون. هن سڀ عذاب پاڻ لاءِ پالي رکيا آهن....!
    هن جي چاهڻ نه چاهڻ جي باوجود هن تي اخبارن ۾ اسٽوريون ترتيب ڏنيون ويون،ملڪ جي سٺن صحافين هلي اچي هن سان ملاقاتون ڪيون، ڪيترائي سوال هن کان ٿيا پر هن ڪنهن به سوال جو ڪو به جواب ڪڏهن به نه ڏنو...... هنن جي سڀني سوالن جا جواب هنجي اکين مان ٿي ڇلڪيا...
    ڪنهن چيو هو ايجنٽ آهي،اسٽبلشمنٽ جو ڪارندو آهي، هو پارٽيِ کي خوار خراب ڪرڻ ٿو چاهي، هو ماڻهن کي پارٽي لائن تان ٿيڙهڻ ٿو چاهي. هن جي ان عمل سان ماڻهن جو سياست تان ويساهه ئي کڄي ويندو. اها سامراجي شازش آهي... اهڙا ۽ ان جهڙا الائي ڪيترا الزام به هن تي لڳا پر هن ڪڏهن به هڪڙو اکر به نه ڳالهايو...
    ٻئي طرف اهو لکيو ۽ چيو ويو ته هو پارٽيءَ طرفان پاڻ سان ٿيندڙ ناانصافيءَ جي خلاف خاموش احتجاج ٿو ڪري، هن سياسي پارٽين ۾ ٿيندڙ ويساه گهاتين کي پنهنجي انداز ۾ وائکو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، هنجي ٽنگ ۾ ٻڌل اها مورت علامت آهي انهن نام نهاد ليڊرن جي جيڪي پنهنجي عملن سان عوام ۽ سچن ڪارڪنن سان ويساه گهاتيون ڪري انهن کي استعمال ڪري پنهنجا مقصد حاصل ڪندا رهيا آهن....... هو سچي ۽ ايماندار ڪارڪن کي چريو ۽ ڪم عقل سمجهي هر هنڌ رسوا ۽ خوار خراب ڪندي دير ئي ناهنِ ڪندا..
    پٿر جو وزن ڏينهون ڏينهن ويو ٿي ڳرو ٿيندو، ٽنگ وئي پئي سڄندي، سنگهر جو ڦٽ ويو پئي گهرو ٿيندو، هن کي ڪابه پرواهه نه هئي... پر اندر جي ڦٽن جا زهري تير چڀندا هئس، لڇندو هو اندر ۾، جلندو هو اندر ۾، سڏڪندو هو اندر ۾، روئندو رڙندو هو اندر ۾......!
    ها اها پارٽي هئي جيڪا هن جي هئي، جنهن لاءِ هي هو. جنهن لاءِ هن پنهنجي جواني جا ڏينهن راتيون قربان ڪري ڇڏيا هئا.ان ئي پارٽيءَ طرفان شهر ۾ احتجاجن جو هڪڙو ڊگهو سلسلو شروع ڪيو ويو هو. اهي هن جا عروج وارا ڏينهن هئا..... هر هنڌ، هر جاءِ تي هو اڳيان اڳيان هو. بينر لڳرائڻ، چاڪنگ ڪرڻ، جهنڊا ٺهرائي لڳائڻ، مظاهرن ۾ به اڳيان، پوليس جون لٺيون کاڌائين، ٿاڻن ۾ واڙيو ويو، ڪورٽن ۾ گهليو ويو، قتل ٿيڻ جون ڌمڪيون ڏنائونس، وڏيرن پنهنجن غنڊن هٿان ڪٽرايس، گهران چوريون ٿيس. اهو سڀ ڪجهه هن پنهنجي سر تي سٺو، پر ڪڏهن به پوئتي نه هٽيو. ڇو ته هن پوئتي هٽڻ سکيو ئي نه هو.......هن کي ماڻهن جي اجتماعي ڀلائي گهربل هئي، جنهن لاءِ هو جدوجهد ۾ هو. اهو احتجاج ٽي مهينا هليو.
    نيٺ ٽن مهينن جي مسلسل عوامي جدوجهد جي نتيجي ۾ انتطاميا پارٽي جي ليڊرن سان ڳالهيون ڪرڻ لاءِ راضي ٿي.
    جتي ڳالهيون ٿي رهيون هيون ان آفيس جي ٻاهران ماڻهن جو هجوم متل هيو، سڀ ليڊر اندر هئا شهر جو اڳواڻ ته ولهار هو ٻيا ته مرڪزي نمائندا هئا جن کي قيادت هتي ڳالهين لاءِ موڪليو هو. هڪ طرف سرڪاري آفيسر ۽ ڪجهه حڪمران پارٽيءَ جا ليڊر ويٺا هئا ۽ ٻئي پاسي احتجاجي پارٽي جا اڳواڻ.
    ميٽنگ شروع ٿيڻ کان لمحو پهرين سندس ئي پارٽي جي هڪ وڏي اڳواڻ انتظاميا جي هڪ آفيسر کي اشاري سان اهو چيو ته ولهار کي ٻاهر ڪڍڻو آهي. هن ٿيل اشارو به ڏٺو پر سمجهي نه سگهيو. خبر تڏهن پيس جڏهن ٻن اهلڪارن اچي سندس کنڀڙن کان جهلي کيس کنڀڻ جي ڪوشش ڪئي. ان کان پهرين جو هو کيس گهلي ٻاهر ڪڍن، سندس ئي پارٽي جي اڳواڻ مصنوعي ڪاوڙ ڏيکاريندي اهلڪارن کي ڇنڊ پٽيندي چيو.
    ”اڙي ڇڏيوس......... هو پاڻ ئي وڃي ٿو ٻاهر..........انڌا آهيو ڇا“
    ايتري ۾ سرڪاري بينچن واري پاسي کان به آواز آيو. ”ڇڏيو ابا، ڇڏيو! وڃي ٿو ٻاهر، تڪڙ اٿو ڇا!؟“ هو هڪ پل ۾ سڀ ڪجهه سمجهي ويو هو.....
    هو اٿيو، هال ۾ ويٺل هر ماڻهوءَ جي نظر هن ۾ کتل هئي پر هن جي نهار هڪ ئي وقت ڄڻ هر هڪ کي گهائل ڪري وئي، اها نهار ڄڻ ڪنهن تير وانگر زوڪاٽ ڪندي ويٺلن جي اکين مان پار ٿيندي وڃي ڀت سان ٽڪرائي.. بس هڪ لمحي لاءِ هر ماڻهو لرزي ويو....
    پر هن کي ٻاهر نڪرڻوهو ۽ هو ٻاهر نڪتو..... اکين جا ڇپر آلا ٿي پيا هئس، سچن ماڻهن کي روئڻ به جلدي ايندو آهي، ته مري به جلدي ويندا آهن. هو به روئندو ماڻهن جي هجوم کي چيريندو ٻاهر نڪتو، ڪنهن ٻانهن کان جهليس ته ٻانهن ڇڏايائين، ڪنهن ڀاڪر پاتس ته ڌڪو ڏنائين، سڏ، هڪلون، پر هن هڪ به نه ٻڌي، هو شهر ڇڏي نڪري آيو. ڪير به هن جي پويان نه آيو اهڙن موقعن تي گهڻو ڪري عوام به بيوفائي ڪري ويهندي آهي هي اها ئي عوام هئي جنهن ملڪ جي عظيم ليڊر کي بنا ڏوهه آيل ڦاهي تي ڪجهه نه ڪيو... اها ئي عوام هئي جنهن پنڊيءَ ۾ ٿيندڙ واقعي تي گهڻو ڪجهه ڪرڻ باوجود به آخر ۾ کپي، کپي، ]گهڻو ڪجهه کپي[ ۾ ئي کپي! وئي. هن سان به اهو ئي ٿيو هو...........
    ان ڏينهن به پنڌ هو ۽ ان ڏينهن کان اڄ ڏينهن تائين پنڌ اچي، پنڌ وڃي.
    گهر پهتو، عجيب ڪيفيت طاري هئس......
    خودڪشي......... ؟
    نه نه................
    خون؟
    نه نه ..................
    پارٽي ٺاهيان........؟
    پنهنجي پارٽي ..........
    نه نه ..............
    بک هڙتال ڪيان؟
    نه نه ..................
    ڇو ڪيان.....؟
    ڪنهن جي لاءِ ڪيان.......؟
    ڪهڙو فرق پوندو.....؟
    ماٺ ڪري ويهي ٿو رهان............!!
    ............................
    ماٺ ڪري ويهي رهيو.
    هڪ ڏينهن ڇڏي ٻئي ڏينهن کان سندس پارٽيءَ جي مقامي نمائندن سندس ڳوٺ اچ وڃ شروع ڪئي، هو ڪنهن سان به نه مليو، هن ڪنهن سان به ملڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو.......
    ڪنهن سان به نه مليو.
    .............
    هو زبان تي ڄڻ تالو لڳائي ويهي رهيو.....
    ...........................................
    هڪ ڏينهن هن گهر جي لوڙهي جي پاڙ ۾ اهو پٿر پيل ڏٺو، ٻه اڍائي ڪلو جو لسو ۽ ڊگهو پٿر، جنهن تي ٻارن ڪاري رنگ جا لينگها ٺاهي ڇڏيا هئا، ايئن ڄڻ ڪا شڪل ٺاهي هجين.......
    هن کي اهو پٿر هوبهو سندس پارٽيءَ جي ان اڳواڻ جي مهانڊي وارو لڳو جنهن جي اشاري تي هن کي ٻاهر ڪڍيو ويو هو.............!
    ولهار پٿر کنيو، پٿر کي ڇيرڻي سان گهڙي ان جي ڳچي ٺاهيائين، ڳچي ٺاهڻ کان پوءِ هيڏانهن هوڏانهن ڏٺائين، پريان کٻڙ جي وڻ سان سندن ڪتو ٻڌو پيو هو. ڪتو وڏي آرام سان ستل هو، هو اٿيو ۽ وڃي ڪتي جي ڪنڌ مان سنگهر کوليائين ۽ کڻي اچي ليڊر جي ڪنڌ ۾ وڌائين.
    سنگهر جو ٻيو سرو ڪهڙي مهل ۽ ڪيئن سندس ٽنگ ۾ ٻڌجي ويو هن کي به خبر نه پئجي سگهي، اهو ڏينهن ۽ اڄوڪو ڏينهن هو ان اڳواڻ، ليڊر، رهنما کي ڄڻ پنهنجي ٽنگ ۾ ٻڌيو پيو گهلي.....
    پٿر جو وزن ڏينهون ڏينهن وڃي پيو ڳرو ٿيندو ۽ ٽنگ وڃيس ٿي سڄندي، سنگهر وڃي پئي سندس وجود ۾ لهندي ۽ ان جو گهاءَ وڃي پيو گهرو ٿيندو.
    ڪي ڪي ڏک به ڄڻ عذاب جيئان هوندا آهن ،اهڙي ڊگهي عذاب جيئان جنهنجو ڪو به انت نه هجي، جنهنجي ڪا به انتها نه هجي. هن به هڪ اهڙو ڏک پرايو هو. جنهن جي خاتمي لاءِ صدين جي جدوجهد ۽ لکين ماڻهن جي سرن جون قربانيون گهربل هونديون آهن، پر هن ان رستي تي هلندي بس رڳو بيوفايون ئي ڏٺيون هيون. هو وڌندو رهيو هو، بس ان آسري تي ته متان ڪو سڌارو اچي پر ايئن نه ٿيو، ڏينهون ڏينهن موقع پرستي پئي وڌندي وئي، هن سڀ ڪجهه برداشت ڪيو. پر ان ڏينهن واري ذلت جو جيڪو وار هن تي ڪيو ويو هو اهو هن جي برداشت کان ٻاهر هو.........
    روز جيئان لهو رنڱي سج کي آخري سلاميءَ جهڙي نگاه وجهي هو پنهنجي گهر ۾ داخل ٿيو....
    هو سليب جهڙو طوق گهليندواچي کٽ تي ڪريو، سندس زال ڊوڙي پاڻيءَ جو گلاس ڀري آئي..... سندس پٽ جيڪو يارهين ڪلاس ۾ ٿي پڙهيو سو به سندس اڄوڪي حالت کي پرکيندي ڊوڙي آيو ۽ اچي سندس ٽنگن کي زور ڏيڻ لڳو... هن هڪ نظر پنهنجي ٽنگ تي وڌي ۽ پوءِ پنهنجي زال ۽ ٻارن ڏانهن نهارڻ لڳو...
    ”بابا ٽنگ گهڻي سڄي وئي آهي....... گرمين جي وڌڻ جي ڪري ٽنگ خراب ٿي ويندي....... مهرباني ڪري هاڻ ته..... بابا..............!؟“ پٽ ٽنگ کي زور ڏيندي چيس....
    ”آهستي… پٽ…. آهستي.....!“ هن وڏي پيڙاءَ مان ڳالهايو....هو گهڻو ڪري گهر ۾ نه ڳالهائيندو هو.
    سندس پٽ هن جي ٽنگ مان هٿ ڪڍي بيهي رهيو.... سڀني گهر جي ڀاتين جا مک خوشيءَ ۾ ٻهڪي پيا ، هو سندس آواز ٻڌڻ لاءِ سڪندا هئا.......
    ”بابا هاڻي گهڻو ٿيو، هاڻ توهان کي هن عذاب مان جان ڇڏائڻي پوندي، ڪٿي ايئن نه ٿي جو ٽنگ ئي وڍائڻي..........!“
    ”نڀاڳا وائي ته سوَلي ڪر...........!“ ماڻس ڄڻ باهه ٿيندي چيس.......
    ”سڄڻ.... پٽ سهي ٿو چوي ساران!“ ساران ساهي کڻي وري ڳالهايو، پر هاڻ هن جي توبن جو منهن پنهنجي مڙس ولهار ڏي هو..................... ”تنهنجي ڪري اسان جو ساهه مٺ ۾ آهي، اِها پنڻ واري خواري ڌار آهي، مٽن مائٽن به اچڻ وڃڻ ڇڏي ڏنو آهي...... تنهنجا جيڪي دوست، ساٿاري، جيڪي سياسي ڪارڪن چوندو هئين، جن جي پويان راتيون ڏينهن گم هوندو هئين، هتي اچي پوندا هئا ته مهينن جا مهينا ويٺا کائيندا پيئندا هئا، اُهي سڀ ڪيڏانهن ويا؟ آهي ڪو تنهنجي واهر ڪرڻ وارو؟ تنهنجي هن عذاب جهڙي زندگيءَ مان جان ڇڏائڻ وارو.....!؟“
    ”ساران تنهنجون سڀ ڳالهيون سچ، منهنجي اکين تي، پر منهنجي اندر ۾ جيڪو سچ آهي... ان جي صورت هر ڪنهنکي نظر ناهي ايندي، ساران هتي جيڪي ماڻهن جا ڏک آهن انهن جي اڳيان هي درد ڪجهه به نه آهي. آئون ماڻهن جا ڏک درد گهٽ نه ٿو ڪري سگهان ته پوءِ مونکي به ڪو حق ناهي ته آئون سک سان رهان، هي درد جيڪو آئون پاڻ سان کنيو پيو هلان اهو منهنجي طرفان انهن ماڻهن جا ڏک درد ونڊڻ جو هڪ بهانو آهي...... الائي ڪيترا ماڻهو هوندا هن ڌرتيءَ تي، جيڪي هڪ وقت پيٽ ڀري کائڻ کانپوءِ ٻئي وقت جي مانيءَ لاءِ سوچي پريشان ٿي ويندا هوندا......... آئون به انهن کان ئي گهرندو آهيان، ڪنهن مير، پير، رئيس، وڏيري يا سيٺ کان ناهيان گهرندو...... مون ڪڏهن به ڪنهن وڏي گاڏيءَ واري جي اڳيان هٿ نه ٽنگيو آهي.......... آئون جن ماڻهن کان پني هي جيڪا زندگي “جي” رهيو آهيان اها زندگي مونتي وڏو بوجهه آهي، پٽ تون به انهن ئي پن جي ڏوڪڙن تي پڙهي رهيو آهين، توکي انهن جي پارت هجي..... تون ڪنهن پوزيشن تي پهچي انهن ماڻهن جي خدمت ضرور ڪجانءِ، انهن جو رت نه چوسجان....“
    ”بابا توهان ايترا مايوس ڇو ٿيا آهيو، توهان چاهيو ته وري به ڪو ڪم ڪري سگهو ٿا، ماڻهن جي خدمت ڪري سگهو ٿا بس رڳو هن عذاب مان جان ڇڏائي ته ڏسو“
    ”پٽڙو سهي پيو چوي، هتي اهي به ماڻهون جيئن پيا، جيڪي غريب مسڪين آهن قرض کڻن ٿا اُهو لاهڻ لاءِ وري ٻيو قرض کڻن ٿا. وري ڪمائي ڪجهه کائن ٿا ڪجهه وڃائن ٿا پر اهڙا مايوس ڪونه آهن جهڙو تون ٿيو آهين!“ جوڻس جي اندر جو سانوڻ اوهيرا ڪري وسڻ لڳو..
    ...............................................
    ”اڄوڪي رات بس اڄوڪي رات هن سنگهر جي آخري رات آهي، صبح اسان هاسپيٽل هلنداسين.“ هو پنهنجن چيل لفظن مان مطمعن پئي لڳو.
    بس رڳو سندس اهو چوڻ جي دير هئي گهر ۾ ڄڻ خوشين جا پن ڇڻي پيا.... هر ماڻهون اڏامڻ لڳو... مٽن مائٽن ويجهن عزيزن ڏانهن نياپا ٿي ويا...
    ...............................................
    صبح ڏهين وڳي هن جي ٽنگ مان سنگهر کلي چڪي هئي..... هو هاڻ مطمعن هو يا پريشان... هن کي ڪجهه به سمجهه ۾ نه پئي آيو.... پر هن کي اها خبر هئي ته شهر کي هن جو انتظار هوندو، اوسيئڙو هوندو، هن جو ڪيترا ئي اهي ماڻهو راهون ڏسندا هوندا جن سان هو روز ويهي ڳالهيون ڪندو هو. اهي ڳالهيون، جيڪي هنن جي سمجهه سوچ کان وڏيون هونديون آهن. تڏهن به هو کيس غور سان ٻڌندا آهن.... ۽ هو خيالن ئي خيالن ۾ ڄڻ وڏن وڏن جلسن ۾ تقرير پيو ڪندو هوندو آهي، ان ڪري هنکي جلد کان جلد اتي پهچڻ جي تڪڙ هئي.
    ڊاڪٽر کيس آخري ڀيرو ڏسي روانو ٿيو ته هو ٽپ ڏئي اٿيو.... پر نرس روڪيندي چيس “اڃان “ڊرپ” لڳائڻي آهي ............”
    ............................................
    ڊرپ هلي ختم ٿي ...........
    هو تڪڙو تڪڙو منڊڪائيندواسپتال کان ٻاهر نڪتو، روڊ تائين پهتو ته سندس مٿي کي چڪراچي ويو. هن کي ايندڙ ويندڙ گاڏيون ڌنڌليون ڌنڌليون نظر اچڻ لڳيون...
    هو روڊ جي وچ تي اچي ويو..... روڊ تي گاڏين جي هارونن جا رڻهاٽ ٿي ويا، بريڪن جي چرڙاٽن ۾ ڪنهنکي ڪجهه سمجهه ۾ نه پئي آيو ته آخر ٿيو ڇا آهي! ان دوران هڪ ٽوئيٽا ڪرولا کي ڊرائيور اهڙي ته زور سان بريڪ هنئي جو گاڏيءَ جو پويون حصو واڪجي وڃي ولهار جي مٿي ۾ لڳو جيڪو اڳ ۾ ئي روڊ تي ڪريل هو.... هن کي هڪ لمحي لاءِ هوش آيو ۽ ٻئي لمحي هن جي رت جا ڇنڊا روڊ تي ڦهلجي ويا ۽ ڪجهه رت روڊ جي لهواري تي وهي هليو ۽ هڪ ڊگهي لڪير ٺاهي بيهي رهيو....اهڙي لڪير جهڙي ڪا سنڌوء جي سينڌ هجي.....!.


    دل جو فيصلو

    دل جو فيصلو

    ان وقت جميلا چئن ٻارن جي ماءُ هوندي به پنجويهن ڇويهن سالن جي جوان عورت پئي لڳي. شڪيل ٻاويهن ٽيويهن سالن کان وڏو نه هو. جميلا شادي جي ڪاڄ ۾ ڇوڪرين جي هٿن تي مينديءَ سان گل ٺاهي رهي هئي جو شڪيل پنهنجو هٿ اچي جميلا جي هٿ ۾ ڏنو، ”پليز هڪڙو گل هن اسان جي هٿ تي به!“ جميلا بي ساختا شڪيل جو هٿ پنهنجي هٿ ۾ جهليو هو ۽ سندس هٿ تي هڪڙو گلاب جو گل ٺاهي ورتو هو. آخر ۾شڪيل کيس ٿينڪس چيو ۽ ٿورو ويجهو ٿيندي چيو هئائين، ”پليز اگر توهان پنهنجو موبائل نمبر به ڏئي ڇڏيو ته مهرباني“. تڏهن جميلا وٽ موبائل نه هوندو هو، ان ڪري چيائين ته، “مون وٽ موبائل آهي ئي ڪونه“
    ”ٺيڪ، ڪا ڳالهه ناهي، پر آئون توهان سان ملڻ ٿو چاهيان!“
    ”نه آئون توهان سان ملي نه ٿي سگهان“. ائين چئي جميلا ان کان کسڪي اڳتي ٻي ڄڃ جي وچ ۾ هلي وئي هئي.
    پر شڪيل اهاني بهاني وري وري پئي گهر ۾ آيو ويو ۽ هر ڀيري سندس نظرون جميلا جو پيڇو ڪندي نظر ٿي آيون.
    هاڻي جميلا جون نظرون به گهر جي در کان نه پئي هٽيون. شڪيل جو اچڻ، شڪيل جو وڃڻ جميلا جي اکين جي اشارن جو منتظر ٿي پيو هو.
    هو ان رات ملڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا هئا، جميلا کي شاديءَ کان پوءِ وارا پهريان مهينا ياد اچڻ لڳا هئا، کيس ائين لڳو ڄڻ دودو وري جوان ٿي کيس وٺي آيو آهي. هن جي وجود ۾ لذتن جا اهي سمورا منظر وري موٽي آيا هئا. جن کي هن گهڻو وقت اڳ وساري ڇڏيو هو. هن ڇوري وٽ به ڄڻ انداز ئي نرالا هئا، هنن گڏ گذاريل ڏيڍ ٻن ڪلاڪن ۾ نه صرف لذتن جا نوان نوان رستا ڳولي لڌا هئا، پر قول ۽ وچن به هڪ ٻئي کان ورتا هئا. پر اها ته جميلا کي خبر نه هئي ته قول ۽ وچن بس وقت جو ونهوار ئي آهن.
    ان ڏينهن کي هفتا گذريا، مهينا گذريا، پر شڪيل وري کيس ڪٿي به نظر نه آيو، شڪيل هليو ويو، پر ڄڻ جميلا جي اندر جون اکيون کولي ويو. هاڻي دودو کيس اهو دودو نه لڳندو هو جنهن سترهن سال پهرئين ساڻس لانئون لڌيون هيون، پر هي هڪ نئون دودو هيو، جنهن جي وارن ۾ اڇا اشارا ڪندي نظر ايندا هئا. جڏهن کيس هڪ وار کان ٻئي وار تائين هفتا ٻه هفتا ته ڪڏهن مهينو به لڳي ويندو هو. پر شڪيل جي ياد هر وقت سندس آڏو لومڙي جيان اچيو ٿي بيٺي. ماني کائي پيٽ ته ڀري وٺندي هئي. پر اندر جي اڃ اجهامڻ جو نالو به نه ٿي ورتو.
    بس پوءِ هن جي اکين ڄڻ ونجهه وٽڻ شروع ڪري ڇڏيا، هن کي هر ٻيو نوجوان شڪيل نظر اچڻ لڳو هو. هن جي اکين هر جوانيءَ جي ٻيڙيءَ کي اکين جي ونجهن ۾ وڪوڙڻ جي ڪوشش ٿي ڪئي. ۽ سندس اها ڪوشش گهڻو ڪامياب ٿي هئي. هاڻي هن لاءِ هر وقت ڪو نه ڪو شڪيل تيار هوندو هو. هڪ نه ته ٻيو، ٻيو نه ٽيون.
    دودي جي غير حاضري ۾ هاڻي اهڙا شڪيل سندس گهر جون حاضريون ٿي ڀريون. پوءِ انهن مان هڪڙي شڪيل جي نظرن جو تير سندس وڏي ڌيءُ کي به گهائي ويو هو، نه صرف گهائي ويو هو پر کيس اڏائي به ويو هو.
    ڌيڻس جو نڪاح ٿي ويو هو، ان کان پوءِ دودو ته ڌيءُ کان ناراض هو، پر جميلا کي هنن جلد ئي پنهنجو ڪري ورتو هو. هاڻي دودي جي گهر جو سڪون برباد ٿي ويو هو. دودي گهر جي هر ڀاتيءَ تي پابنديون مڙهي ڇڏيون هيون، ڪنهن جي ڪنهن پاسي نهارڻ تي ئي سوال هئا. تهمتون هيون، الزام هيا. هوڏانهن اندران ئي اندران جميلا ۽ سندس ڌيءُ جي سهري جي وچ ۾ هڪ نئون پلان جڙي راس ٿي ويو هو.جنهن جميلا کي پنهنجي ننڍي ڀاءُ سان ٿي پرڻئڻ چاهيو.... جميلا به ڌيءُ جي پيرن تي پير رکي وڃي اتي ٺڪاءُ ڪيو هو، نڪاح مٿان نڪاح کان پوءِ ٿيندڙ ڏچي کان بچڻ لاءِ ٻي نڪاح ۾ تڪڙ کان ڪم نه ورتوويو، ان ڪري دودي کي وقت ملي ويو ۽ هن چڱن مٺن ۾ دانهين زال ۽ ڌيءَ واپس ڪرائي ورتيون، ڌيءُ جي معاملي ۾ دودي پنهنجي ڌيءُ کي ڏوهي نه ٿي سمجهيو پر ان سلسلي ۾ به سندس زال جو ڪردار ئي مشڪوڪ لڳو هئس. پر جڏهن سندس زال به اهوئي رستو ورتو ته کيس ٻه سئو ڀيرا پڪ ٿي وئي ته سندس گهر ۽ گهر جي سڪون جي ذميوار جميلا ئي آهي.
    انهن سڀني مرحلن ۾ هن گهڻو ئي ڀوڳيو هو. هن جي سڃاڻپ سٺي استاد مان ڦري هاڻي هڪڙي اهڙي فرد جي ٿي پئي هئي، جنهن کي سمورو ڳوٺ، دوست يار، واقف ڪار ڄڻ عجيب نظرن سان ڏسڻ لڳا هئا. هن کي محسوس ٿيندو هو ڄڻ سندس وجود مان ڍونڍ جي ڌپ ٿي اچي. هو سمجهندو هو ڄڻ هن لاءِ هاڻي هي جهان ڦري ٻيو جهان ٿي پيو آهي. انتهائي شريف النفس انسان جي ذهن ۾ به اهڙو ڪجهه ڪرڻ لاءِ خيال اڀرندا هئا، جن عملن جون اڳ ۾ هو خبرون ٻڌي يا اخبارن ۾ پڙهي ڏڪي ويندو هو.
    هن کي هاڻي ٻه رستا پئي نظر آيا، هڪڙو اهو جنهن ۾ هن کي پنهنجو پاڻ کي ختم ڪري ڇڏڻو هو، ٻيو اهو جنهن ۾ هو زال کي ختم ڪري پئي سگهيو. هو ڄڻ زمين ۽ آسمان جي وچ تي ٽنگجي بيهي رهيو هو، ڌيءُ کي مارڻ هن لاءِ سولو ان ڪري هو، ڇو ته ڪٿي پري پرڻائڻ وارو بهانو ڪري ٿي سگهيو.... هن اهو ئي ڪيو. پر زال جي معاملي ۾ هو اهو نه پئي ڪري سگهيو...
    ان ڪري دودي زال سان پيار وارو رويو رکي عام ماڻهن ۾ ان امڪان تان توجع هٽائي ڇڏي هئي.. ڏيڍ سال هو پنهنجي زال سان وري به اهڙي ئي انداز سان هلندو رهيو...
    اهو پئي لڳو ڄڻ ڪجهه ٿيو ئي نه آهي، پر سندس زال جي اندر ۾ کٽڪو ڏينهون ڏينهن وڌندو پئي ويو....
    ٻي جيڪا اهم ڳالهه دودي کي باربار ستائي رهي هئي اها، اها ڳالهه هئي ته ايترو ڪجهه ٿيڻ جي باوجود به سندس زال اڃا ذرو به تبديل نه ٿي هئي! اڃا به هو هر وقت نئين شڪار جي تلاش ۾ ئي رهندي هئي. هو پنهنجي منهن پئي گھمندي ۽ ڦرندي هئي، شهر شهر ڳوٺ ڳوٺ ائين لڳندو هو ڄڻ مايوس ٿي وئي آهي. پنهنجي پاڻ مان به ۽ دنيا مان به هن لاءِ زندگي ۽ موت سڀ ڪجهه بي معني ٿي پيا هئا. هو مڙس سان گڏ هوندي به پاڻ کي ان سان گڏ نه ڀائيندي هئي. هوءَ هر چهري ۾ شڪيل جي شڪل تلاش ڪري رهي هئي. شهر شهر ڳوٺ ڳوٺ کيس ڄڻ هن جي ئي ڳولا هئي. ... ڇو ته هن کي خبر هئي ته کيس هن جاءِ تائين پهچائڻ وارو ڪو ٻيو ناهي پر شڪيل ئي آهي. جميلا شڪيل کي پنهنجي اندرجو حال ٻڌائڻ پئي چاهيو. هو جنهن سان ملندي هئي، ان کي پنهنجي رام ڪهاڻي ضرور ٻڌائيندي هئي. پوءِ ته ڪيترائي ماڻهو کيس سمجھي به ويا هئا ۽ هن جي اها رام ڪهاڻي ورائي ورائي ٻڌندا هئا ۽ آخر ۾ پنهنجو ڪم به ڪري وٺندا هئا. ان سموري صورتحال ۾ دودو وري پنهنجي طريقي سان سوچيندو رهندو هو. هو ڄڻ پنهنجي وڃايل وقار کي وري حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ۾ هو. ۽ اهڙي طرح هن کي پنهنجو پاڻ به بچائڻو هو ته گڏوگڏ پنهنجو وڃايل وقار ۽ عزت به حاصل ڪرڻي هئي.
    پر ڪجهه ڏينهن اڳ ۾ ئي هن هڪڙو فيصلو ڪيو هو جنهن ۾ نانگ به ٿي مئو ۽ لٺ به ٿي بچي. هن جلد ئي ايڊوانس پگهارون کڻي ورتيون هيون، هن گذريل پنجويهه سالن ۾ جن شاگردن کي پڙهايو هو اهي هاڻي جوان ٿي ويا هئا، ڪي پڙهي سرڪاري نوڪرين ۾ لڳي ويا هئا ته ڪي ٻين ڌنڌن کي لڳي ويا هئا، انهن مان ڪجهه اهڙا به هئا جيڪي چور، لوفر ۽ ڦورو ٿي ويا هئا. هن جي کيسي ۾ پئسا موجود هئا، ذهن ۾ محفوظ پلان هو ۽ پلان کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ ماڻهو به موجود هئا، بس رڳو کيس انهن تائين پهچڻو هو، هو پنهنجي انهن شاگردن تائين وڃي پهتو هو جيڪي ڏوهن جي رستي جا مسافر به هئا ۽ پوليس سان ڏيتي ليتي ۾ به هئا. سموريون ڳالهيون طئي ٿيڻ کانپوءِ، پلان مطابق زال کي موٽر سائيڪل تي کڻي شهر روانو ٿيو هو. سندس ڳوٺ شهر کان ٻارهن ميل پري هو، رستي تي پنهنجي زال سان ڪچهري ڪندو رهيو.
    ”جميلا اڄ توکي سچ ٿو ٻڌايان، اڄ کان پهريائين منهنجي دل ۾ تولاءِ نفرت هئي، بي انتها نفرت پر گذريل رات مون ڏاڍو سوچيو آهي ۽ پاڻ کي سمجهايو آهي، واپس اچڻ کان پوءِ مونسان گهاريل ڏينهن ۾ تنهنجي رويي مان مون گهڻو ڪجهه پرايو آهي، چوندا آهن ته انسان خطا جو گهر آهي. ان ڪري توکان جيڪي به خطائون ٿيون، اهي مون توکي اڄ کان پوءِ معاف ڪيون“ دودو سڏڪي پيو هو، هن جا اهي سڏڪا هٿرادو هئا. هن سوچيو هو ته اگر اڄوڪو پلان فيل به ٿئي ٿو ۽ هوءَ بچي به وڃي ٿي تڏهن به هن کي اهو شڪ نه ٿئي ته هن تي حملو مون ڪرايو آهي.
    ”جميلا هڪ ٻي به مونکان خطا ٿي آهي جنهن جو مون توکي اڄ تائين ناهي ٻڌايو، بلڪه ان ڳالهه جي مونکان سواءِ ڪنهن کي خبر به ناهي.“
    ”ڪهڙي ڳالهه دودا جلدي ٻڌاءِ؟“
    ”جميلا تنهنجي ڌيءُ.......!“
    ”دودا مونکي پهرئين ڏينهن ئي خبر پئجي وئي هئي ته تون ڌيءُ کي پرڻائي ڪونه آيو آهين، پر دفنائي آيو آهين، پر آئون ڏوهي هئس مجبور هئس، تڏهن خاموش ويٺي هئس، ان ڳالهه جي پڪ ئي منهنجي اندر ۾ بار بار پي گمان جاڳايو ته تون مونکي ضرور ماريندي. پر هتي جيڪو سڀ ڪجهه ٿي ويو هو، ان کان پوءِ مون اهوئي بهتر سمجهيو آهي ته مري وڃان ته بهتر آهي.“
    هو هلندا آيا، دودي کي جن همراهن جو انتظار هو اهي اڃان نه پهتا هئا، هي ٻئي اتر جي ٿڌي هوا جي ڪري ٿڙڪي رهيا هئا، سندن گاڏي جي رفتار اڃان گهٽجي ويهه کان پنجويهه تي اچي وئي هئي، جميلا سردي جي شدت کي گهٽائڻ لاءِ دودي کي اڃان به ويجهو ٿي وئي هئي ۽ سندس ٻانهن جو گهيرو دودي کي اڃان به سوگهو ڪري ويو هو.
    پٺيان کان ٻه موٽرسائيڪلون چار نوجوان اڏائيندا پي آيا. دودي پنهنجي گاڏي اڃان به آهستي ڪري ڇڏي.
    هو دودي کي اڳ ڏئي بيهي رهيا! چئيني نوجوانن جا منهن ٽوال سان ٻڌل هئا، هنن مان ٻن جي هٿن ۾ ريوالور هئا، جيڪي تاڻي بيهي رهيا.
    منهن ويڙهيل هجڻ باوجود جميلا شڪيل کي سڃاڻي ورتو! ”شڪيل تون؟ تون مونکان ٿو گاڏي فرين!؟“ جميلا اڃان اصل ڳالهه نه سمجهي هئي.
    ”نه جميلا آئون توکان گاڏي نه فريندس“ شڪيل پنهنجي منهن تان نقاب لاهي ڇڏيو.”آئون توکان تنهنجو سڀ ڪجهه فرڻ آيو آهيان!“
    شڪيل فائر ڪندي دير ئي نه ڪئي، جميلا پٽ تي وڃي ڦهڪو ڪيو....! ان کان پهرين جو دودو ڪا مصنوي همدردي جتائڻ لاءِ جميلا سان ٻه لفظ ڳالهائي، شڪيل ٻيو فائر به ڪري ڇڏيو... اهو فائر دودي جي سيني جي آرپار ٿي ويو ۽ هو به وڃي جميلا جي ڀر ۾ ڪريو......
    ”اِهو ڇا ڪيئي شڪيل!؟“ شڪيل کان سندس ساٿيءَ حيرانيءَ مان پڇيو.
    ”جانو! اِهو منهنجي دل جو فيصلو هو... ۽ دل جي ڪيل فيصلن ته ڪنهنجو به وس نه هلندو آهي“ شڪيل جانوءَ کي جواب ڏيندي چيو ۽ بائيڪ تي کڻي لانگ ورائي ويهي رهيو..


    اداسي، بيوسي ۽ پاڇولو

    اداسي، بيوسي ۽ پاڇولو
    هن جي هٿ ۾ چانهه جو ڪپ آهي. هو ڳوٺ جي ننڍڙي هوٽل تي ويٺو چانهه پي رهيو آهي. ڍڪ ڍڪ تي سندس اکيون اڳيان بيٺل ڀت تي پوندڙ سندس پاڇولي تي آهن. هو پاڻ کي ڪجهه هلڪو ۽ اُداسي کان آجو سمجهڻ لڳو آهي. هُن پنهنجي اندر ۾ هميشه هڪ اُداسيءَ کي پئي محسوس ڪيو آهي. هن گهڻو ئي سوچيو ۽ ويچاريو آهي، پر ڄاڻي نه سگهيو آهي ته هن ايتري اُداسي جو آخر پسمنظر ڇا آهي؟ آخر اهڙا ڪهڙا ڏک ۽ الميا آهن جن کيس ايترو اداس رهڻ تي مجبور پئي ڪيو آهي........! وڏا ڏک ۽ الميا ته ماڻهو کي تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيندا آهن، ماڻهو يا ته ڪنهن جو قتل ڪري جيل هليو ويندو يا ته پاڻ خودڪشي ڪري ڇڏيندو آهي. پر هيءَ اُداسي ته ڄڻ ڪوسلو پائزن هجي، جيڪو کيس ذرو ذرو پيو نپوڙي ۽ نهوڙي!. نه جيئڻ ٿو ڏي نه ٿو مرڻ ڏي.
    اڄ صبح سان هُو بستري مان اُٿي اڱڻ تي اچي آرس ڀڃڻ لڳو ته کيس محسوس ٿيوته هن جي آرس ڀڃڻ سان ٺڪاءَ سندس پاڇولي مان نڪتا آهن. ان ئي لمحي سندس اندر ۾ اِهو خيال بيهي رهيو ته هن جي اداسيءَ جو ڪارڻ سندس پاڇولو ئي آهي. جيڪو کيپ هڻي سندس وجود ۾ ويهي رهيو آهي...... ۽ ويٺي ويٺي وجود کي پيو جڪڙيندو وڃي!
    “ها سچ به منهنجي اُداسي جو ڪارڻ هي پاڇولو ئي آهي!” هن پاڻ ئي پاڻ سان ڳالهايو.
    اهڙي قسم جا کوڙ سارا پور کيس هر وقت پوندا رهيا آهن. ڪڏهن کيس لڳندو آهي ته سندس ماءُ جو وڇوڙو هن جي اداسيءَ جو ڪارڻ آهي، جيڪا سندس شعور جي اک کلڻ کان اڳ ئي هي جهان ڇڏي وئي هئي. ڪڏهن ڀاسندو اٿس ته هو اُداس پيءُ جي انهن لڙڪن جي ڪري آهي جيڪي هن سندس ماءَ جي قبر مٿان ويهي لاڙيا هئا.
    ماءُ جي مرڻ کان پوءِ پيءُ پنجويهه سال جيئرو رهيس پر پوءِ به هُن ٻي شادي نه ڪئي. هن باقي سموري زندگي زال کي ياد ڪندي گذاري ڇڏي، اهڙي ياد جنهن ۾ هڪ کڻي ائين چئجي ته هڪ اڻ لکي اُداسي هئي.
    پيءُ جي موت کان پوءِ ئي اُداسيءَ هن تي واسو ڪري اچي ويٺي آهي. هُن پوءِ ان اُداسيءَ کي ورثي ۾ مليل ڪنهن شيءَ جيان پئي سمجهيو آهي.
    ڪڏهن وري ائين ڀائيندو آهي ته سندس اُداسي جو ڪارڻ زال جو اُهو ڏک آهي جيڪو هوءَ ڄڻ ڏاج ۾ کڻي آئي آهي. سندس زال جو پهريون مڙس روڊ ايڪسيڊنٽ ۾ شادي کان پوءِ ستين مهيني گذاري ويو. جنهنجي صدمي ۾ هن جوچئن مهينن جو ٻار ضايع ٿي ويو هو. اُداسيءَ جو ڪارڻ هُن پنهنجي طبيعت جي اُن بي رُخي کي به پئي سمجهيو آهي، جنهن جي ڪري هو دنيا جهان کان الڳ ٿلڳ رهڻ لڳو آهي. مٽ مائٽ، يار دوست سڀني کان پري اڪيلو ئي اڪيلو. سموري سماج کان ڏور. اداسيءَ وارن سببن تي سوچڻ کان پوءِ هوان نتيجي تي پهتو آهي ته اُنهن سڀني کان پاسيرو ٿيڻ ۾ به سندس ڪو ڏوهه ناهي، هُنن جي روين جا رستا ايترا ته ڪٺن ۽ ڪنڊن سان ڀريل آهن جو اُنهن تي هلڻ مشڪل ٿي پيو هئس. هنن جي عقيدن جي احترام واري پل صراط تي هلڻ هن لاءِ ڏاڍو مشڪل ٿي پيو هو... ان پل صراط تي هلڻ سان ڪرڻ يقيني هو. هن ڪرڻ نه ٿي چاهيو پر هن جيئڻ ٿي چاهيو! پنهنجي مرضيءَ سان. ڪڏهن وري کيس اهو به لڳندو آهي ته سندس اُداسيءَ جو وڏو ڪارڻ بس، هڪ ڏينهن جي عمر پائڻ وارو سندس پٽ آهي جنهنجي قبر ٻارن واري ان قبرستان ۾ آهي، جتان هو لنگهندو آهي ۽ اُها قبر سندس اکين ۾ روزانو هڪ اداسي لاهي ڇڏيندي آهي ۽ پٽ جي ڄمڻ کان وٺي مرڻ، ۽ مرڻ کان وٺي قبر ۾ دفن ٿيڻ تائين جي اداس منظرن ۾ هو ڪيترا ئي ڏينهن ڀٽڪندو رهندو آهي.
    ڪڏهن وري کيس اهڙي اداسيءَ جو سبب سندس سڪي ويل اُهي لڙڪ لڳندا آهن جيڪي هُن جي اکين ۾ پيءُ جي مرڻ کان ٿورو پوءِ ئي ساوا ٿي وري سڪي ويا هئا.
    اُهي ۽ انهن جهڙيون کوڙ ساريون ڳالهيون سوچي اداسيءَ جي ڪارڻ کي هميشه ڳوليندو رهيو آهي. پر هو ڪڏهن ڪجهه گهڙين لاءِ ڪڏهن ڪجهه ڪلاڪن لاءِ ته ڪڏهن ڪجهه مهينن جي لاءِ ئي ان ڳالهه تي بيٺل رهندو آهي.
    پر پاڇولي وارو ڪارڻ کيس آخري ڪارڻ ٿو لڳي، ان کي اِهو يقين پختوٿي بيهي رهيو آهي ته پاڇولو اُن سان اُٿندو ۽ اُن سان گڏ ويهندو آهي. هو ننڊ ۾ هوندو آهي ته هو کيس ڳوليندو آهي. هُن جي ننڊ اصل ۾ پاڇولي جي ننڊ آهي ۽ هُن جي جاڳ پاڇولي جي جاڳ آهي ۽ اصل ڪارڻ سمجهڻ کانپوءِ هُو اِن راز کي ڪجهه وقت لاءِ ڏاڍو خراب سمجهندو رهيو پر جلد ئي هن اهو سمجهي ورتو ته پاڇولي جي خوشي ئي اصل ۾ سندس خوشي آهي. ان ڪري کيس هر وقت ان کي خوش رکڻ گهرجي ۽ اهڙو ڪجهه نه ڪرڻ گهرجي جنهن سان سندس پاڇولو اداس نظر اچڻ لڳي. بظاهر ته هو اهو سوچي مطمعن ٿي ويو آهي پر هن کي اها خبر ئي ناهي ته هن جي اداسيءَ جو ڪارڻ ته اڃان ٻيو ڪجهه آهي اهو ڪجهه جنهن کي سمجهڻ لاءِ صدين جا سفر ڪرڻا هوندا آهن...!!


    اهو اجنبي پکي.

    اهو اجنبي پکي.

    مونکي ڪجهه به سمجهه ۾ نه پئي آيو آخر مونسان ڇا ٿي رهيو آهي . هوءَ ايندي ته خوابن ۾ هئي پر حقيقتن جهڙا اثر وجود ۾ ڇڏي هلي ويندي هئي. شروع جي ڪجهه مهينن تائين ته من ئي من ۾ خوش گوار لمحن مان پيو گذرندو هئس. پر پوءِ خبر پيم، ته، نه، ڏينهون ڏينهن ڪنهن اهڙي پٿر جيئان ڳرندو پيو وڃان جنهن تي ڪنهن اونچي جبل جي چوٽيءَ تان ڪا آبشار ڪرندي آهي.... چرس سان ڀريل سگريٽ جي ڪش جيئان اهو سڀ ڪجهه وڻندڙ هوندو هو... پر ڪاٺيءَ کي لڳل اڏوهي جيئان ڀرڻ لڳو هئس. بس سال به نه گذيو هو جو هوءَ اچانڪ مري وئي. هوءَ ڇو مئي ان جي موت جو ڪارڻ ڪهڙو هو سڀني کي خبر هئي، پر جيڪو ڪجهه مون ٿي ڄاتو ان جي ڪنهن کي به خبر نه هئي.
    هن شاديءَ جو اظهارمونسان ٿيل ان رات جي ملاقات کان پوءِ ڪيو هو. ان رات اسان لذتن جي انهن سڀني رستن تي گهمندي گهمندي اڃان ٿڪا ئي نه هئاسين ته هن پکيءَ جو ذڪر ڪيو هو. هن جي ڳالهين مان لڳو پئي ته هوءَ پکيءَ جي پيار ۾ مبتلا آهي يا اهو پکي هن جي چاهت ۾ چريو آهي. هن جي هر ڳالهه ۾ سئو حيرانيون ۽ اکين ۾ ان پکيءَ لاءِ هڪ اهڙو اتساه هو جهڙو اتساه مون زندگيءَ ۾ ڪنهن انسان جو ڪنهن انسان لاءِ به نه ڏٺو هو. مونکي ته ايئن لڳو هو هوءَ مون منجهه به ان پکيءَ کي ئي ڳولهي رهي آهي، يا ڳولهڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. مون ان جي اهڙي ڪيفت ڏسي هن سان گڏ هوندي پاڻ کي هن کان ڏور ۽ غير محفوظ سمجهيو هو. هن جي ڳالهين ۽ چهري جي تاثرن مان چريائپ ظاهر ٿي رهي هئي هڪ اهڙي چرائپ جنهنجو پيرو لڀڻ مشڪل هو. هن جي ڳالهين جا ڳجهه لهڻ ته ڇا رڳو سوچڻ سان مٿو چڪرائجي ويندو هو.ان ڪري ئي شايد ان ڪري ئي منهنجا سڀ جذبا پاڻ مرادو ئي مري ويا هئا. آئون ڄڻ بي جان جسم بنجي ويو هئس. جذبن کي موٽائڻ جي ڪوشش ۾ اندر جي وحشتن کي دعوت به ڏنم پر ڪجهه به نه وريو. بس اهو ئي لمحو هو جو منهنجي دل، آئيندا زندگيءَ ۾ هن سان گڏ گذارڻ کان انڪاري ٿي وئي. بس ان ئي لمحي ها ان ئي لمحي ٻاهر پکيءَ اچي ٻوليو هو، اهو پکي، ان جي ٻولي، مون لاءِ اجنبي هئا. هوءَ ان پکيءَ لاءِ ڊوڙي ڪمري مان ٻاهر نڪتي هئي، هن پنهنجي جسم تي ڪو ڪپڙو به نه پاتو هو. هر طرف گپ اُنداهه ڇانيل هئي. پکي اسان جي مٿان لامارا ڏيڻ لڳو، ڪڏهن اُتر کان ڏکڻ ٿي هليو ويو ته ڪڏهن ڏکڻ کان اُتر ٿي هليو ويو. پکي جا پر مرمري بلبن جيان ٻري رهيا هئا. ٻوليائين ٿي ته ڄڻ وات ۾ جگنو ٿي چمڪي ويس. آئون حيرانيءَ مان پکيءَ کي ڏسي رهيو هئس.
    اوچتو پکيءَ اهڙو ته لامارو ڏنو جو اسان ٻنهي کي ڄڻ پرن سان ڇهي گذري هليو ويو. هن جي پرن جي خوشبوءِ ۾ اهڙو ته ڪو اثر هو جو اسان تي مدهوشي ڇائنجي وئي. عاشي رڙ ڪري مونکي چنبڙي وئي ۽ منهنجن ٻانهن ۾ ئي بيهوش ٿي وئي.
    گهڻي دير کان پوءِ مس مس هوش آيس...
    آئون هن کي پوئين رات سندس گهر ڇڏي آيس.
    ٻئي ڏينهن شام جو هوءَ مونکي انب جي وڻ هيٺيان ملي هئي.
    ”ظفر مونسان شادي ڪندي نه.......... تون....؟“ هن اهڙي ته رکائيءَ سان چيو جو ايئن لڳو ڄڻ منهنجي زندگيءَ جا سڀ حق ۽ واسطا هن وٽ محفوظ ٿي ويا هجن......!
    ”نه...نه ..... قطع نه ..........آئون توسان شادي...... ڪونه ڪندس..........!“ مون کيس پنهنجي ان فيصلي کان آگاه ڪيو جيڪو در اصل آئون اڳ ۾ ئي ڪري چڪو هئس .... منهنجي اهڙي جواب تي هن جون اکيون ڳاڙهيون رت ٿي ويون ايئن لڳو اجها ٿي ماري. هوءَ پنهنجي پر ۾ مونکي ڄڻ ماري چڪي هئي....
    هوءَ حقيقت ۾ ته قتل ڪري نه سگهي پر هن آهستي آهستي مارڻ وارو رستو ڳولهي ورتو هو... هوءَ پاڻ کي به حصن ۾ ورهائي ماريندي رهي هئي. ....يا الائي ته، جيئري ئي مري وئي هئي. ٻه ٻه ڏينهن ماني نه کائيندي هئي، راتين جون راتيون ننڊ نه ڪندي هئي....... نه ڪنهن سان ملندي هئي نه ڳالهائيندي هئي. ڀت شادي ۾ وڃڻ ڇڏي ڏنو هئائين. مونکي ته ايئن لڳندو هو ڄڻ مومل ڏاگهه چڙهي، راڻي کي سڏي رهي هجي. مون کيس اهڙي ڏاگهه تان لهي اچڻ لاءِ گهڻيون منٿون ڪيون پر هوءَ نه مڙي!.
    اهو چوٿون ڏينهن هو جو هن ماني نه کاڌي هئي،. سندس ماءُ ڪنهن بهاني سان اسان جي گهر آئي ۽ مونکي اشاري ۾ سندن گهر اچڻ لاءِ چئي هلي وئي. آئون سندن گهر ويو هئس. هن جي ماءُ منهنجي لاءِ چانهن ٺاهڻ هلي وئي ته مون ڏانهن ايئن گهوريائين جيئن ڪنهنکي اکين ۾ رت لهي ايندو آهي!.
    هوءَ کٽ تي بيحال پئي هئي.... چيومانس، ”هي سڀ ڇاهي عاشي!!!!؟؟؟“ هن اکيون کڻي مون ڏي نهاريو ۽ وري اکيون بند ڪري ڇڏيائين....!
    اکيون ڇا بند ڪيائين ڄڻ آئون سندس در تي آيو هجان، هن در کولي مونکي ڏٺو هجي ۽ پوءِ ڄاڻي واڻي در بند ڪري ڇڏيو هجيس!.
    ”آئون توهان سان آهيان! سائين!“ مون لفظن ۾ احترامن جا سڀ احساس اوتيندي چيس.... پوءِ سندس ڀر ۾ ويهي رهيس... هن ڪجهه به ڪونه ڳالهايو، کٽ تان اٿڻ لڳي پر مون ڪلهن کان جهلي ورتس.............
    ”ڪو فائدو ناهي ظفر..... مون پنهنجي منزل پنهنجو رستو ڳولهي ورتو آهي، جنهن ۾ تون منهنجو همسفر ٿي نه ٿو سگهين آئون اڪيلي ئي پنهنجي منزل تي پهچنديس.“
    ”آئون اڪيلو ڇا ڪندس،هتي، توکانسواءِ!!؟؟“ مون ڳل تي ٿڦڪي ڏيندي چيس، ”ڇو ٿي تنگ ڪرين مونکي؟ ڇو ٿي ائين ڪرين ......................... جئين...........“ آئون خاموش ٿي ويس.
    ”جئين....... ڇا؟“ هن ڀڙڪو کاڌو.
    ”اِها توکي خبر هوندي؟ اچين به تون ٿي منهنجي خوابن ۾، اهو سڀ ڪجهه تون ئي ته ڪرين ٿي، آئون ته بس بيوس هوندو آهيان ڄڻ مئل جسم، جيڪا به جان باقي آهي اها به تنهنجي ئي ته وس ۾ آهي. تون ئي ٻڌاءِ اِهو سڀ ڪجهه ڇا آهي؟ هاڻي آئون ٿڪجي پيو آهيان.... نٿو پڄي مونکان اِهو سڀ ڪجهه. ايترو بيوس نه بڻائي مونکي. هاڻي ته مون منجهه ڪو ست ساهه ناهي رهيو!.“ مون هن سان اهي سڀ سوال ڪري ورتا جيڪي آئون هروقت سوچيندو رهندو هئس، خوابن ۾ به ته خيالن ۾ به.....هن کان اهي سوال پڇڻ جي گهڻي ڪوشش ڪندو هئس پر چئي نه سگهندو هئس....پر اڄ گهڻو ڪجهه چئي ويس.........
    منهنجون ڳالهيون ٻڌڻ کان پوءِ هن جي مُک تي مرڪ ڇائنجي وئي.
    ٿورو پاسو ورائي سڌي ٿي وئي ۽ چوڻ لڳي، “ظفر عورت انتقام ناهي وٺندي پر جڏهن وٺڻ تي ايندي آهي ته اهڙو به رستو اختيار ڪري وٺندي آهي جو ڪنهن جو به وس نه هلندو آهي! هن جو پنهنجو به نه، آئون به بيوس ٿي پئي آهيان. مون تي به ڪنهن جو ڪنٽرول ٿي ويو آهي. جيڪا شڪايت تون مونسان پيو ڪرين اها ساڳي شڪايت مونکي توکان به آهي. آئون ته بس راتين جو تنهنجن خوابن ۾ تو وٽ اچان ٿي، توسان ملان ٿي، پر تون ته..... تون ته مون منجهه اچي ويهي رهيو آهين! اُٿين ويهين مون منجهه ٿو. ننڊ هجي يا جاڳ، خواب هجن يا خيال، رات هجي يا ڏينهن، تون هتي، تون هُتي، جٿي ڪٿي تون ئي هجين ٿو!”
    هوءَ وڏا وڏا ٽهڪ ڏيڻ لڳي، کلي کلي کيري ٿي پئي. اکيون ڀرجي آيس. کلندي کلندي سڏڪڻ لڳي............!!!! مون گهڻو ئي ماٺ ڪرائڻ جي ڪوشش ڪيس، پر هن ماٺ نه ڪئي. رهندو اوڇنگارون ڏيڻ لڳي. وري رانڀاڙن ۾ پئجي وئي. سندس ماءَ جي هٿ ۾ چانهه هئي، هوءَ تڪڙي تڪڙي اندر آئي چانهن ڪنڊ ۾ رکيل ٽيبل تي رکيائين ۽ عاشيءَ کي ڊوڙي اچي ڀاڪر ۾ ڀريائين.... ماٺ ڪرڻ لاءِ منٿون ڪرڻ لڳس ، هن هڪ به نه ٻڌس. “امان ماٺ، ڌيءَ ....ماٺ! ائين نه ڪر پٽ، ائين ڪونه ڪبو آهي. تو ته ڄڻ پنهنجي پاڻ سان گڏ اسان سڀني کي ماري ڇڏيو آهي! صبر ڪر ڌيءَ، جئين تون چونديءَ ايئن ئي ٿيندو. مون تنهنجي پيءُ ۽ ڀائرن کي به مڃايو آهي...... مون به پنهنجون سڀ ڳالهيون ختم ڪيون. هاڻي ته بس تنهنجي ئي مرضي هلندي، منهنجي ڌيءَ تنهنجي مرضي... هي ڏس، هي ڏس، هن کي...........! هي ويٺو آهي نه ظفر ،توهان ٻئي جيئن چوندو مونکي قبول هوندو.........ماڻس جي لفظ لفظ ۾ درد هو اهڙو درد جنهنجي ڪٿا، پراڻي ڪٿا هجي، نه کٽڻ جهڙي ڪٿا....... هوءَ اڪيلي ئي هئي ماءُ پيءُ کي.... ان ڪري ئي نه قبولڻ جهڙو انگل به هنن مڃو هئس. منهنجي ٿيل ان انڪار کان وڌيڪ سندس مائٽن جي ضد ان کي نهوڙي نيو هو پر هن جي اهڙي حالت جي ڪري هو به هٿيار ڦٽا ڪري ويٺا هئا.
    ”ماسي اهو ته مون به چيو اٿس ته جئين تون چونديءَ ائين ئي ٿيندو“ مون ماڻس جي چيل لفظن جي تائيد ڪندي چيس.
    پر سڀ ڪوششون ناڪام ويون... هوءَ ڪجهه به مڃڻ لاءِ تيار نه هئي. رڳو جان ڇڏائڻ لاءِ ايترو چيائين. ”آئون ڪوشش ڪنديس...... مونکي ٿورو وقت گهرجي“ هوءَ اٿڻ لڳي هئي............ هوءَ اٿي نه پئي سگهي، ڏڪندي ڏڪندي کٽ کان پير هيٺ رکيائين..............
    .................................................
    ساڳيو اجنبي پکي الائي ته ڪٿان اچي ڪڙڪيو... ۽ ٻاهر ٻولڻ لڳو!
    پوءِ ته نه مٿي تي پوتي پاتائين نه پيرن ۾ جتي، کٽ، ديوار ۽ دروازي جو سهارو وٺي ٻاهر نڪتي، مون وڌي وڃي سهارو ڏنس. پکي اڱڻ ۾ بيٺل توت جي وڻ تي ويٺو هو، هن جي هڪ ٻوليءَ ۾ الائي ڪيتريون ٻوليون هيون. هر ٻولي نرالي ۽ وڻندڙ. هر دانهن ۾ درد ۽ ڇڪ هئس. بس ڪانو کان ٿورو هلڪو هو، ننڍڙي پر ڏاڍي سهڻي چهنب هئس، سا به ڪاري رنگ جي . ڊگهو پڇ، جسم جو مٿيون سڄو حصو سائو، اڳيون پاسو اڇو هئس.
    ”ظفر خبر اٿئي هي پکي روز هتي ايندو آهي، منهنجي لاءِ مون وٽ ايندو آهي ..... ۽ ها، هاڻي جلدي منهنجي هن سان شادي ٿيڻ واري آهي ................ آئون جلد هن سان گڏ وڃڻ ٿي چاهيان، گهڻو جلدي.....!!!“.......... مونکي سمجهه ۾ نه پئي آيو آئون هن پکيءَ سان پيار سان پيش اچان يا هن سان نفرت ڪيان! اهو حيرتن ۾ مبتلا ڪري ڇڏيندڙ لمحو هو. پکي توت جي وڻ جي ٽاريءَ تان ڀڙڪو ڏئي اڏاڻو، هن جي اڏرڻ سان وڻ جي ٽارين ۾ لهرائيندڙ پن پتنگن جيئان هوا ۾ اڏامڻ لڳا! پکي پنن جي ولر مان گوهي ڏئي الائي ته ڪيڏانهن هليو ويو ،توت جي وڻ جا ساوا پن دير تائين هوا ۾ جهومندا رهيا. عاشي به پنن کي ڏسندي رهي ۽ خوش ٿيندي رهي.
    پوءِ جڏهن عاشي جون اکيون هيٺ جهڪيون ته توت جا پن وري توت تي لهي آيا ۽ عاشي عجيب مرڪ چپن تي آڻيندي اندر وڃڻ لڳي، مون کڻي ٻانهن کان جهليس. هن جي اکين ۾ قهر لهي آيو..... چپن تي آيل مرڪ نفرت نما طنز ۾ بدلجي ويس..... هڪ گهور وجهي مونکي ڏٺائين ۽ اندر هلي وئي.
    هن سان منهنجي اها آخري ملاقات هئي... هوءَ ٻيءَ رات پوئي پهر ۾ مري وئي.......!
    ............................................
    ان ڏينهن کان پوءِ منهنجي حالت اها ٿي وئي هئي جو خبر ئي نه پوندي هئم، بس صبح جو لڳندو هو ته “ها” رات به هوءَ خواب ۾ آئي هئي!
    پوءِ ته وجود مان ئي ڌپ اچڻ لڳي هئي، هڪ ناگوار ڌپ، اهڙي ڌپ جو پنهنجي پاڻ کان ئي نفرت ٿيڻ لڳي هئي، ڪنهنجي ڀر ۾ نه ويهندو هئس. ڏينهن ۾ ٻه ٽي ڀيرا سرهي صابڻ سان وهنجندو هئس پر وجود مان اها بوءِ نه ويندي هئي. ان بوءِ جو خوف مون تي چڙهندو پئي ويو. جنهن ڪري ننڊ به نه ايندي هئي، ننڊ جي ڪوشش ڪرڻ ئي ڇڏي ڏنم. لڳندو هو هن لاءِ ”جي“ رهيو آهيان، ”جي“ به رهيو هئس الائي ته مري رهيو هئس. ڪا به خبر نه پوندي هئي. سمجهندو هئس، هن کي خوش ڪرڻ لاءِ ۽ لذتون ارپڻ لاءِ هي وجود وڃي بچيو آهي. هن لاءِ؟ الائي ته هن جي روح لاءِ؟ مونکي پنهنجو سڀ ڪجهه هنجي اختيار ۾ لڳندو هو. نيٺ مجبور ٿي ڊاڪٽرن جا پنڌ ڪيم، مزارون ڀيٽيم، تعويذ ۽ ڌاڳا ڦيڻا ڪرايم......... پر ڪجهه ڪم نه آيو. ڊاڪٽرن شاديءَ جو مشورو ڏنو. جنهن تي منهنجي گهر وارن جلد کان جلد عمل ڪري ڏيکاريو. کين اها خبر ئي نه هئي ته منهنجي وجود جي هر حصي تي هن جو ڪنٽرول آهي. آئون جيڪو ڪرڻ لڳندو هئس اهو مونکي هڪ خواب ئي لڳندو هو... مونکي اهو لڳڻ لڳو هو، هن مونکي پاڻ مان لڏائي ڪنهن خوابن جي جزيري ۾ وڃي ترسائي ڇڏيو آهي.
    هوءَ جيڪا درد جي نانءَ تي چڙهيل هئي، وچ سير وڃي پاڻ درياهه حوالي ڪري ڇڏيائين. آئون پوئتي رهجي ويس. هوءَ اڳتي نڪري وئي. نه چاهيندي به زماني سان گڏ هلڻو پيو، ڊاڪٽرن جي مشوري مطابق شادي به ڪيم ،پر وري به ٻڌايان ٿو ته منهنجي وس ۾ ڪجهه به نه هو...!
    نيٺ امان سان پنهنجي مجبوري جي ڳالهه ڪيم.
    امان نياڻيون ميڙ ڪري سندس قبر تي هلي.... مونکي ۽ منهنجي زال کي به ساڻ ڪري هلي.قبر تي دعائون گهريونسين، مٺايون ورهايونسين، معافي به ورتيسين،پر اسان جنهن وقت واپس ورڻ وارا هئاسين، ان وقت اهو ساڳيو پکي وري الائي ڪٿان اچي ويو!. پکيءَ جو اهو ساڳو اجنبي لهجو، اوپري ٻولي، عجيب حرڪتون. مونکي ايئن گهوري رهيو هو ڄڻ منهنجون اکيون کوٽي ڪڍندو. آئون وڌيڪ خوف ۾ وٺجي ويس،اهو ننڍڙو خوبصورت پکي منهنجي لاءِ خوف جي اهڙي علامت بنجي ويو جو هن مان جان ڇڏائڻ مشڪل ٿي پيو... مون جلدي جلدي اتان نڪرڻ ۾ ڀلو سمجهيو.........اسان واپس موٽي آياسين.
    ان رات مون پنهجي پاڻ ۾ هڪ عجيب تبديلي محسوس ڪئي. نه صرف مون پاڻ، پر منهنجي گهر واريءَ پڻ اها ڳالهه محسوس ڪندي چوڻ لڳي،”ظفر تو منجهان اڄ هي ڪهڙي بوءِ اچي رهي آهي!!؟“
    ”بوءِ....؟ ڪهڙي بوءِ.....؟“ مون سڀ ڪجهه ڄاڻيندي به پڇيو..
    ”اهڙي بوءِ ٿي اچي تو منجهان جهڙي ڪنهن پکيءَ جي پرن مان ايندي آهي!“ مونکي پڪ ٿي وئي، ڪنهن نئي روڳ منهنجي وجود جو رستو لهي ورتو آهي.پر حواسن تي ڪنٽرول ڪندي پنهنجي زال کي ٻانهن ۾ ڀري ڇڏيم. منهنجي زندگي ۾ عاشيءَ سان ٿيل ان رات واري ملاقات کان پوءِ اهو پهريون موقعو هو جو منهنجو اهڙين لذتن سان حقيقت ۾ واسطو پيو هو .
    منهنجي روح جو دامن ان لمحي هڪ ڀيرو وري جهيرون جهيرون ٿي ويون، جڏهن مون کي منهنجي زال جي وجود مان عاشيءَ جي بدن وارو هڳاءُ اچڻ لڳو هو. اهو ئي هڳاءُ جيڪو مون ان ڏينهن پنهنجن حواسن ۾ محسوس ڪيو هو. جڏهن آئون عاشيءَ جي گهر ويو هئس. پر مون ان انڪشاف کان به منهن موڙي پنهنجي زندگي جي حقيقتن مان لطف اندوز ٿيڻ جي ڪوشش ڪندي لذتن جي مرحلن مان گذرندو رهيس.
    هاڻ مون پنهنجي پاڻ ۾ همٿ محسوس ڪئي ڀلي کڻي مون کي اها پڪ ٿي بيٺي هئي ته منهنجي وجود ۾ اهو ئي پکي پنهنجون ٻوليون ٻولي ٿو ۽ پنهنجون عجيب حرڪتون ۽ رنگ کڻي اچي ٿو . عاشي وري منهنجي زال جي وجود تي واسو ڪري وئي آهي. ان ۽ ان جهڙين کوڙ سارين ڳالهين تي نه چاهيندي به يقين ڪرڻو پيو هئم. اهو پکي پکي نه رهيو هو، منهنجي زال اها نه هئي ۽ آئون آئون نه هئس. ماڻهن سمجهيو پئي، آئون ۽ منهنجي زال آهيون، پر اصل ۾ ائين نه هو .
    ...............................................
    نيٺ اهو ڏينهن به اچي ويو جو نرس جي هنج ۾ اهو ٻار هو جنهن کي منهنجي گهر واري جنم ڏنو هو .منهنجي گهر واري يا الائي پکي جي زال......! الاءِ عاشي! مون يا ته سڀ ڪجهه ٿي ڄاتو يا ته ڪجهه به نه ٿي ڄاتو !.
    نرس جي هنج ۾ ٻار هو ۽ نرس جو چهرو حيرت جو نشان بڻيل هو. هن ٻار منهنجي هنج ۾ ڏنو.
    ٻار مرڪيو!
    مون ٻار جي اکين ۾ نهاريو.............. منهنجي اندر ۾ حيرتون ئي حيرتون هيون.
    ٻار جي اکين ۾ اهو ئي پکي نظر اچي رهيو هو.......!
    اهو ئي اجنبي پکي ..............!!!!


    هئــــا اڳئـــــي گــــــڏ

    هئــــا اڳئـــــي گــــــڏ

    ڪيهر جي ننهن مان رت پئي ٽميو، ڊگهن ۽ سلڪي سڪلي وارن جون چڳون........ ڪال ڪوٺڙيءَ نما ڪمري ۾ وکريون پيون هيون، سنڌ سنڌ سور ۾ چور هئس، پر حوصلو جبل وانگي ڪر کنيو بيٺو هئس. هنن جون سموريون ڪوششون ناڪام ويون هيون......
    ملڪ جي وجود ۾ اچڻ کان وٺي اڄ ڏينهن تائين هنن طرفان ڪيل ظلمن جا سمورا داستان ٻڌايا ويا هئس، هن جي جبل جهڙي حوصلي کي ريزا ريزا ڪرڻ لاءِ ڪيترائي وڊيو ڪلپس، ڪيترن ئي چچريل لاشن جون تصويرون ۽ فلمون هن کي ڏيکاريون ويون هئس، بي انتها سختي کان وٺي بي انتها پيار سان به سمجهايو ويو هئس، سندس گهر وارن سان ظلم ۽ زيادتي جون ڌمڪيون به ڏنيون ويون هئس پر هو نه مڙيو هو، هن جي زبان اهو ئي ٿي ڳالهايو جيڪو سندس اندر ۾ هو، هنن کيس پنهنجي زبان ڏيڻ پئي چاهي پر هن کي اهڙِي تصور کان ئي ڪراهت پئي آئي، هن نه ٿي چاهيو ته اهڙي غليظ زبان هو پنهنجي وات ۾ رکي جيڪا صرف اهو ئي ڳالهائي جيڪو صرف هنن پئي ٻڌڻ چاهيو ، ڪيهر ڪجلا سر جي ڪنڌيءَ تي جنم ورتو هو، هوشو، هيمون، دودو، دولهه ۽ سورهيه جا قصا ٻڌي ٻڌي وڏو ٿيو هو سندس والد ميهر به ان ئي راهه جو مسافر ۽ نالي واراو مزاحمتي شاعر هو، ڪيهر کي پنهنجي والد مزاحمتي نظم جهوليءَ ۾ سمهاري لولي جيان ٻڌايا هئا، ان ڪري کيس پنهنجي والد جا کوڙ سارا نظم برزبان ياد آهن. کوليءَ ۾ جڏهن به کيس ڪجهه دير لاءِ اڪيلو ڇڏيو وڃي ٿو تڏهن هو انهن نظمن کي وڏي سڏ جهونگاريندو رهي ٿو، انهن نظمن جي لفظن جي معنيٰ اهي آفيسر سمجهي ڪونه ٿا سگهن پر انهن جو تاثر محسوس ڪري هنن جا لنڱ ڪانڊارجي ٿا وڃن ۽ ڪڏهن ڪڏهن ڪاوڙ ۾ اچي کيس وري تشدد جو نشانو بڻائي، ماٺ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن پر هو ماٺ نه ڪندو آهي نيٺ سندس ٻانهون پويان ٻڌي ۽ وات ۾ ڪپڙو وجهي ڇڏيو هئائون، ڪيترا ڏينهن اها مشق ورجائبي رهي آهي. هن کي ماري ڇڏڻ وارو پروانو اڃان هنن کي نه مليو آهي نه ته هنن لاءِ اها ڪا ڏکي ڳالهه به نه آهي.
    نيٺ هنن اهو فيصلو ڪيو ته ڳالهه مڃائڻ لاءِ سندس ئي ٻولي ڳالهائڻ وارو ئي آفيسر مقرر ڪيو وڃي جيئن کيس پنهنجائپ جو احساس محسوس ٿئي ۽ هو ان جي ڳالهه مڃي وٺي. آفيسرن جي ڳالهه اعليٰ آفيسرن کي به سمجهه ۾ اچي وئي ۽ فورن ئي هڪڙو آفيسر مقرر ڪيو ويو، جوائنگ کان پوءِ ان آفيسر کي ڪيهر جي باري ۾ مڪمل بريف ڪيو ويو ۽ هونءَ به هو اهڙن ڪمن جو تجربو رکندڙ ۽ ذميوار آفيسر هيو. ان کان پوءِ آفيسر پهريون حڪم اهو ڪيو ته ڪيهر جا هٿ ۽ وات کوليو وڃي آفيسر جي حڪم جي تعميل ۾ دير نه ٿي، هن پنهنجي ڪرسي کوليءَ جي ويجهو ئي رکرائي ڇڏي، سپاهين جي اچ وڃ ۽ هلڪو هلڪو شور لڳو پيو هو پوءَ اوچتو ئي اوچتو ڪيهر جو آواز گونجيو، اڄ جيڪو هن نظم جهونگاريو هو اهو هن اڳ ۾ اتي ڪڏهن به ڪونه جهونگاريو هو، هن کي ياد هو ته نظم لاءِ کيس سندس بابو چوندو هو ته پٽ هي اهو نظم اٿئي جيڪو مردن ۾ به ساهه ڦوڪي سگهي ٿو پر نظم کي ڳائڻ، جهونگارڻ ۽ ادائگي سان پيش ڪرڻ وارو فن لازمي هجڻ گهرجي.
    ڪيهر آلاپ ڏنو
    “ها.................”
    “هو..................”
    “وو................ وو................... وو......................”
    “ستو ڇو تون آهين اياڻا اياڻا، ڏنگيندئي ڏنگيندئي وهاڻا وهاڻا
    ستو تون ڇو آهين اياڻا اياڻا”.
    ڪيهر جي لفظ لفظ کي آفيسر انتهائي غور سان پئي ٻڌو، هن جيئن ئي ماٺ ڪئي ته آفيسر اٿي ان ڏانهن هليو آيو ۽ هڪ سپاهيءَ کي اشارو ڪري ڪرسي کوليءَ جي دروازي وٽ رکرائي ڇڏيائين، آفيسر پهريون لفظ ڳالهايو.
    “هيلو ينگ مين............... ڪهڙا حال آهن؟! ڳايو ته ڪمال جو ٿا، توهان سائين ميهر جو ڪلام پئي ڳايو نه توهان؟”
    ڪيهر جي لوءَ لوءَ ۾ فرحت ۽ تازگي جو احساس ڦٽي پيو ۽ تڪڙو ئي جواب ڏيندي چيائينس.
    “ها ميهر فقير جو ڪلام پئي ڳايم!”
    “ميهر فقير ڪيڏو نه عظيم انسان هو، هن جي شاعريءَ ۾ جيڪو فلسفو ماروئڙن ۽ جهانگيئڙن جي دردن جي اپٽار آهي، ان کي سمجهڻ لاءِ صديون گهرجن، ينگ مين صديون”.
    “نه آفيسر اهڙي ڪابه ڳالهه نه آهي، بابا سميت سموري نظرياتي شاعرن جي شاعري ان جي لفظن جي معنيٰ، مفهوم، فلسفو بلڪل واضح ۽ چٽو آهي، هتان جو عام ماڻهو انهن جي پيغام کي سمجهي سگهي ٿو، جيئن شاعر پنهنجي آدرشن ۾ چٽا آهن ائين ئي ماڻهو به پنهنجي منزل ۾ چٽا آهن، ٻئي پاسا ڌرتيءَ جي بقا لاءِ ويڙهه نظر اچي ٿي، شاعر سڏ ڏين ٿا ۽ ماڻهو سڏ ورنائين ٿا، بس سڀني کي ڪنهن وقت جو انتظار آهي، ڪنهن خاص وقت جو انتظار..... آفيسر.............!”.
    آفيسر گهري سوچ ۾ ٻڏي ويو، ڄڻ هڪدم روشنيءَ مان انڌيري ۾ هليو ويو هجي ۽ رستو وڃائي ويٺو هجي، بي ساختا ٿڌو ساهه ڇڏائجي ويس، کن پل رکي ڳالهائڻ جو بهانو ڳوليندي چوڻ لڳس.
    “ڪيهر مون کي هتي صرف تنهنجي لاءِ ئي مقرر ڪيو ويو آهي!”
    “مطلب ته تون هنن کان به وڌيڪ ظالم ۽ سفاڪ آهين، هنن منهنجا ننهن ڇڪي ورتا آهن، وار کوهي ڇڏيا آهن، سنڌ سنڌ ٿڏن سان ڀڳو اٿن، هاڻ تون ڇا ڪندين؟ زبان ڪپيندين، اکيون کوٽيندين، ڊرل سان جسم ۾ سوراخ ڪندي يا ساهه ڪڍندين ڇا ڪندين اهو پهرين ئي ٻڌائي ڇڏ!”
    “نه نه ينگ مين آئون توسان اهڙو ڪجهه به نه ڪندس، ڪجهه به نه............. مون کي تو جهڙن نوجوانن جي زندگي بچائڻي آهي، مون اڳ ۾ به کوڙ سارن تو جهڙن نوجوانن جون زندگيون بچايون آهن، مان هنن وانگر پنهنجن جو رت ڪونه وهائيندس پر مون وٽ توهان لاءِ هڪ اهم پروگرام آهي ۽ هن وقت تو جهڙا کوڙ نوجوان منهنجي اهڙي پروگرام جو فائدو وٺي رهيا آهن ۽ عيش جي زندگي جي رهيا آهن”.
    “ڪنهن کي عيش ڪرائڻ جي بدلي ۾ هنن کان ڪهڙو ڪم ورتو ويندو آهي، اهو آئون خوب ڄاڻان ٿو، اهڙو ڪم ڪرڻ کان بهتر آهي ته مري وڃجي، توهان جي ڏنل زندگيءَ کان موت وڌيڪ بهتر آهي، توهان طرفان ڏنل موت مون لاءِ حيات آهي، توهان طرفان ڏنل زندگي هڪ بدنما داغ جهڙي آهي”
    آفيسر وڏو ٽهڪ ڏنو ۽ پوءِ کل ۾ ويڙهجي ويو.
    “سهڻا تو ته ڳالهه ڏاڍي سولي ڪري ڇڏي آهي، هاڻ ته توکي زنده رکڻ ۾ ئي اسان جي ڪاميابي آهي، توکي زنده ڏسي هر ماڻهو اهو ئي سمجهندو ته تون ڪمپرومائيز ڪري آيو آهين ۽ گهڻا ماڻهو ته توکي منهن تي به اها ڳالهه چئي ڏيندا”
    “اهو فيصلو توهان کي ڪرڻو آهي ته مون کي جيئرو ڇڏڻو آهي يا ماري ڇڏڻو آهي، باقي مان ڄاڻان ۽ منهنجا ماڻهو ڄاڻين”
    آفيسر موبائل تان نمبر ملائي ٿو، موبائل ڪن تي رکي جڏهن رنگ وڃي ٿي ته موبائل ڪيهر ڏانهن وڌائي ٿو.
    “ڪيهر هي وٺ تون پنهنجي گهروارن سان ڳالهاءَ”
    ڪيهر نه چاهيندي به هٿ اڳتي وڌائي ٿو.
    “هيلو......... هيلو امان!
    آئون پيو ڳالهايان ڪيهر”
    ڪيهر ماءَ جو آواز ٻڌي کيس چيو. هن جي ماءُ به اتاولي انداز ۾ چيس.
    “ابا! منهنجا پٽ تون ڪٿي آئين؟ ۽ ڪيئن آهين!؟”
    “امان آئون بلڪل ٺيڪ آهيان ۽ هڪڙي دوست وٽ ترسيل آهيان”
    “پر پٽ اسان ته ٻڌو آهي ته توکي سرڪار جا ماڻهو کڻي ويا آهن”
    “نه امان اهڙي ڪابه ڳالهه نه آهي”
    آفيسر هڪدم موبائل ڦري ڇڏيس، موبائل بند ڪري ڇڏيائين.
    “تون ڇا ٿو سمجهين ته تنهنجي ماءُ کي خبر نه هوندي ته تون اسان جي قيد ۾ آهين؟”
    “ها خبر هوندي، پر مون پنهنجي زبان کان کيس ٻڌائڻ نه پئي چاهيو. منهنجو ائين ڳالهائڻ ئي هن لاءِ وڏي آٿت ۽ سڪون جو باعث هوندو”
    “لڳي ٿو ڇورا تنهنجا ڏينهن پورا ٿيڻ وارا آهن” آفيسر ڪاوڙ مان چيس.
    “تنهنجي هٿان مرندي مون کي خوشي ٿيندي” ڪيهر به اوترو ئي بردباريءَ سان جواب ڏنس.
    “اهي سڀ تنهنجا ڊراما آهن ڪيهر، تنهنجي ٽريننگ ۽ تربيت پئي ڳالهائي، نه ته اسان جي آڏو ته وڏن وڏن جي بولتي بند ٿي ويندي آهي، بس جيئن چئبو آهي ائين لکي ڏيڻ لاءِ تيار ٿي ويندا آهن”
    “پر آئون انهن مان نه آهيان نه ئي منهنجي ڪنهن به قسم جي ڪابه تربيت يا ٽريننگ ٿيل آهي، اسان کي سچ ستيءَ ۾ پيل آهي، اسان سچ ۽ سونهن جا پانڌيئڙا آهيون، اسان جو رهبر لطيف آهي ۽ رهنما نظريو آهي، اسان جي پيرن ۾ تو وانگي زنجير ناهن پيل، پر اسان جي ذهن ۾ شعور جو ڏيئو روشن ٿيل آهي، اهڙو ڏيئو جنهن کي ڪوبه طوفان وسائي نه ٿو سگهي، منهنجي رت ۾ هڪڙو اهڙو رنگ آهي جيڪو دنيا جي ڪنهن به انسان جي رت ۾ نه آهي”
    “بس بس ! هاڻ گهڻو ئي ٿيو اڄ رات ئي تنهنجو ڪونه ڪو بندوبست ڪيان ٿو”
    آفيسر هليو ويو هو ۽ وڃي پنهنجي اعليٰ آفيسر کي رپورٽ ڪيائين پنهنجي ذهن ۾ آيل نئي پلان جو به ٻڌايائين، بالا آفيسر سندس نئي ڳالهه ٻڌڻ کان پوءِ ان پلان کان سهمت ٿيندي، ان کي سرانجام ڏيڻ لاءِ پارٽي جوڙڻ جو حڪم به ڏنو.
    رات جا يارنهن ٿيا هئا ته کيس کوليءَ مان ٻاهر ڪڍيو ويو.
    هن جو اکيون ۽ هٿ پويان ورائي ٻڌي ڇڏيائون، هو سمجهي ويو ته ها! اڄ سندس آخري وقت اچي ويو آهي، گاڏي هلندي رهي ڏور شهر کان ڏور ويراني ۾ اچي گاڏي بيٺي، سامهون ننڍا ننڍا جبل هيا ۽ ترائين ۾ ڪنڊين ۽ ديوين جو ٻيلو لڳو پيو هو، آفيسر جي پلان مطابق کيس اهڙي ويراني ۾ وٺي وڃي خوف ڏياري معافي نامي تي صحيح ڪرائڻي هئي.
    ڪيهر کي گاڏي مان لاهي هيٺ جهنگ ۾ اهو آفيسر وٺي وڃڻ لڳو ته سپاهي به ان جي پويان اچڻ لڳا، پر هن سختيءَ سان انهن کي اشاري سان اتي ئي بيهڻ جو چيو، آفيسر ڪيهر کي ٻانهن کان جهلي جهنگ جي وچ ۾ وٺي آيو، ڪيهر جا هٿ ۽ اکيون به کولي ڇڏيائين. ان کان پوءِ کيس سمجهائڻ واري انداز ۾ چوڻ لڳو،“ڪيهر! تون اگر صحيح ڪري به ڏيندين تڏهن به ڪو فرق نه پوندو، تنهنجي زندگي بچي ويندي. هي تنهنجي فيصلي جي گهڙي آهي، هن لمحي توکي پاڻ فيصلو ڪرڻو آهي ته تون زنده رهڻ ٿو چاهين يا موت کي گلي ٿو لڳائين”
    ڪيهر اندر ۾ ڀڙڪيل باهه کي ٻاهر ڪڍندي چيو،“هن وقت به منهنجو اهو ئي فيصلو آهي جيڪو اڳ۾ هو آئون تنهنجي گوليءَ سان خوشيءَ سان مرڻ چاهيندس”
    آفيسر کي ته اڳ ۾ ئي خبر هئي ته کيس ڇا ڪرڻو آهي، رڳو آخري ڪوشش جي طور تي هن ڪيهر کان پڇي ورتو هو. آفيسر پنهنجي پرس مان ڪجهه پئسه ڪڍي ڪيهر جي کيسي ۾ وڌا ۽ ڪيهر کي چنڊ جي سڌ تي ڊوڙڻ لاءِ چيو، اهو به چيائينس ته صبح جو سوير ڪنهن روڊ تان گاڏي ۾ چڙهي ڪٿي گم ٿي وڃجان، پر ڪيهر ائين ڪرڻ لاءِ تيار نه هو. هن کي اهو خدشو هو ته آفيسر مون کي پويان کان گولي هڻي ڪڍندو، هو پٺيءَ ۾ گولي کائي مرڻ نه پيو چاهي، ان ڪري آفيسر کي چوڻ لڳو.“اگر مارڻو اٿئي ته سڌو ئي مار، آئون تنهنجي گولي سيني ۾ کائڻ چاهيندس، ڀڄندا ته ڀاڙيا آهن آئون ڀڄڻ وارن مان ناهيان!”
    “ڪيهر تون مون کي غلط پيو سمجهين آئون جيڪو چوان پيو اهو ئي صحيح آهي، آئون توکي پٺيءَ ۾ گولي نه هڻندس پر هوائي فائر ڪندس ته جيئن هنن کي خبر پوي ته مون گولي تو تي هلائي آهي”
    “پر ان کان پوءِ هو توکي جيئرو نه ڇڏيندا؟”
    “نه ڪيهر هو مونکي ڪجهه به نه ٿا ڪري سگهن، هو منهنجا ماتحت آهن، منهنجي حڪم جا غلام آهن، آئون هنن جي حڪم جو طعبيدار نه آهيان، تون ويساه رک مونکي ڪجهه به ڪونه ٿيندو”
    ڪيهر کي آفيسر جي ڳالهه تي اعتبار اچي ويو ۽ هو تيزيءَ سان اڳتي وڌڻ لڳو. وڏين ٻن پهاڙين جي وچ وارو لنگهه عبور ڪري اڃان هو هن پاسي هيٺ ئي لٿو هو ته جهنگ ۾ زوردار فائر ٿيو، ڪيهر کي سمجهه ۾ ڪجهه ڪونه آيو ته ڇا ٿيو آهي.
    سپاهي ڊوڙي ان جاءِ تي پهتا. آفيسر کي رت ۾ لت پت ڏٺائون! آفيسر جي هٿ ۾ ريوالور هو، هن پاڻ ئي پاڻ کي ماري وڌو هو ڇو ته آفيسر کي اڳ۾ ئي خبر هئي ته ڪيهر کي فرار ٿيڻ ۾ مدد ڪرڻ جي ڏوه ۾ کيس ڪهڙي سزا ملڻي آهي...!


    ڳاراڻو

    ڳاراڻو

    هن جي ڪنوارپ سچ به مون کي ڏاڍو اداس ڪري ڇڏيو، مون هميشه کيس هڪڙي لوز ڪريڪٽر ڇوڪري پئي سمجهيو هو. پر اڄ جي واقعي منهنجون بند اکيون کولي ڇڏيون آهن،ايترو پري هن ٻئي شهر اچڻ جي لاءِ به مون ئي کيس مجبور ڪيو، پر هاڻ مون کي اهو احساس ٿيو آهي ته هن معصوم کي ته شايد اها خبر به نه هئي ته ڪنوارپڻو ڇا ٿيندو آهي ۽ هوءَ اهو به وڃائي ويٺي آهي!.
    هوءَ مون کي ڪاليج مان واپس ويندي ڇوڪرين سان گڏ نظر ايندي هئي اڪثر ڇوڪريون چادرن جي چارديوارن ۾ پوريل نظر اينديون هيون پر هوءَ البيلي پنهنجي روايتي چاشني رنگ واري چادر ۾ اڪيلي ايندي ويندي هئي، هن جي گول ڳٽن جا چگهه مونکي ان وقت نظر آيا هئا، جڏهن هوءَ ڪاليج گيٽ اندران بيهي ڪلارڪ سان ڳالهائيندي ڪنهن ڳالهه تي ٽهڪ ڏئي رهي هئي، ٽهڪ پورو ڪرڻ کان پوءِ هن جڏهن مين گيٽ جي کليل دريءَ مان مون ڏانهن نهاريو هو ته آئون سندس اکين ۾ گهڻي دير تائين نهاري نه سگهيو هئس ۽ جلديءَ ۾ نگاهون هٽائي ڇڏيون هئم.... ڪاليج اندر بيٺل املتاس جي اڪيلي وڻ تي ڪوئل ٻوليون ٻولي رهي هئي، ڪوئل جي اها ڪوڪ مون کي سندس ٽهڪ جو پڙاڏو لڳو هيو. انهن ڏينهن ۾ به آئون ڪو نئون نويلو ڪونه هئس. مون زندگيءَ جا کوڙ سارا تجربا ڪيا هئا.“پاڻ ئي ايندم هوت” واري فارمولي تي منهنجو گهڻو انحصار هيو، “آئون به ڪجهه اڳ ڀري ٿيان” مون لاءِ ڏکيو ڪم هو، ان جو هڪ وڏي ۾ وڏو سبب رحيمان به هئي........رحيمان جنهن جو مڙس گذريل ڇهن سالن کان ملڪ کان ٻاهر پئي رهيو ۽ آئون گذريل ٽن سالن کان سندس خالي ٿيل جاءِ ڀريندو پئي آيس، مون کي ڪنهن شيءَ جي ڪابه ڪمي نه هئي، رحيمان جهڙي خوبصورت عورت مون پنهنجي پنجويهن سالن جي زندگيءَ ۾ ڪڏهن به نه ڏٺي! هوءَ رڳو سيڪس جو پورائو ڪرڻ واري عورت نه، پر پيار جي ٿڌن مٽن ۾ رکيل پاڻي سان ويهنجارڻ جهڙو ڪمال رکندڙ عورت آهي، هوءَ مون کان ناراض ٿيندي آهي پر پري ناهي ٿيندي! هن جي سزا ڏيڻ جا انداز به انوکا آهن، ناراضگي واري ڏينهن ۾ هوءَ هڪ تازن توانن گلن وانگي ٻهڪندڙ ۽ مهڪندڙ عورت مان ڦري هڪ پاروٿي ۽ بنا خوشبوءَ جي مرجهايل گلن جهڙي ٿي پوندي آهي، آئون به هن طرفان مليل اهڙي سزا کي پاڻ طرفان ڪيل خطائن جو ڪفارو سمجهي خاموشيءَ سان سهي ويندو آهيان، هوءَ مون کان ننڍين کان ننڍين ڳالهين تي رسندي آهي ۽ بنا محسوس ٿيڻ جهڙي انداز ۾ پرچي ويندي آهي. هوءَ مون کي اڪثر چوندي آهي ته،
    “آخر مون ۾ اهڙو ڇا آهي جو تون جڏهن به مون وٽ منهنجي گهر ۾ هوندو آهين ته ائين لڳندو آهي ڄڻ تنهنجون اکيون منهنجو پيڇو ڪنديون هجن، ڪچن ۾ هجان تڏهن به تنهنجون اکيون! ڪجهه کاوان پيئان تڏهن به تنهنجون نهارون!، آرسي آڏو بيهان تڏهن به تنهنجي ٻانهن جي گهيري ۾ هوندي آهيان! اڱڻ ۾ پئي گهمان تڏهن به تنهنجي نگاهن ۾! ڇو ڀلا آخر ڇو؟ چار چار راتيون مون سان گڏ رهڻ جي باوجود به تنهنجي اندر جي اڃ نه ٿي مري.!”
    آئون چوندو آهيان. “ها رحيمان! آئون سچ به اڃارو آهيان، ايترو اڃارو جو هڪ درياءَ جو پاڻي منهنجي اڃ اجهائي نه ٿو سگهي، ان ڪري آئون تنهنجي هر انگ ۾ هڪ درياهه تلاش ڪندو آهيان، تنهنجي هر ادا ۾ هڪ ندي ڳوليندو آهيان. آئون توکان ڌار ٿيڻ کان پوءِ ڄڻ هڪڙو صحرا بنجي پوندو آهيان ان ڪري ئي اهو چاهيندو آهيان ته توکان ايترو ته تاروتار ٿي نڪران جو منهنجي اندر جي صحرا جا تل ترايون، ڍنڍون ۽ ڍورا گهڻي وقت تائين ڀريل ئي رهن!.”
    نيٺ اهو وقت به اچي ويو ۽ هوءَ رحيمان جيڪا منهنجي صحرائي سرير لاءِ دريائن ۽ ندين جو سمبل هئي مون کان ڏور ٿي وئي. سندس مڙس تائين صحرا جي واريءَ جا ذرڙا ڪنهن لفافي ۾ پيڪ ڪري موڪلي ڏنا ۽ هو بلڊوزر بنجي واپس وريو ۽ هر شيءَ کي بلڊوز ڪري ويهي رهيو!.
    سال ٿي ويو آهي جو آئون ان بلدوز ٿيل صحرا ۾ ڀٽڪندو رهيو آهيان! اڃ مون کي نستو ڪري ڇڏيو آهي.
    ڪاليج جي گيٽ تي بيٺي هن جو ٽهڪ مون لاءِ نئين درياءَ جو نياپو کڻي آيو.
    ان سان منهنجي ٻي ملاقات ان وقت ٿي جڏهن هوءَ هڪ اهڙي شاديءَ جي بارات ۾ پئي هلي جنهن بارات ۾ آئون به شامل هئس، منهنجي هٿ ۾ ڪيمرا هئي ۽ شاديءَ جي هر لمحي جي تصوير ڪشي ڪرڻ منهنجي ذميواري هئي. هوءَ ان ڏينهن مهندي رنگي جوڙي ۾ هئي، مون سندس کوڙ ساريون تصويرون ورتيون هيون. شاديءَ ۾ هوءَ کوڙ سارين ڇوڪرين جو محور ۽ مرڪز هئي. انهن ۾ ڪيتريون ئي ڇوڪريون مون سان ويجهو ٿيڻ لڳيون هيون پر مون هر هڪ کان لنوايو هو. اها ڳالهه هن کي وڻي هئي ۽ هن جو مون ڏانهن مائل ٿيڻ جو پهريون سبب اها ڳالهه هئي، جيڪا اصل ۾ منهنجي چالاڪي هئي. ان ڏينهن ئي هن پنهنجو سيل نمبر مون کي ڏنو هيو، فون ذريعي اسان جون ڊگهيون ڪچهريون ٿيڻ لڳيون هيون. مون رحيمان جي ڪميءَ جو پورائو انيلا مان ڪرڻ پئي چاهيو پر منهنجي طرفان جڏهن به ڪا ننڍڙي به اهڙي ڳالهه ٿي ويندي هئي ته انيلا ناراض ٿي ويندي هئي.
    ڪيترائي ڏينهن هوءَ ڳالهائڻ ڇڏي ڏيندي هئي. پوءِ سو سوري جا ميسيج ڪرڻ کان پوءِ وڃي راضي ٿيندي هئي. هڪ ڏينهن غير اردي طور مون رحيمان سان گهاريل لمحي لمحي کي انيلا آڏو بيان ڪرڻ شروع ڪيو. پهرين ته کيس ان ڳالهه تي به اعتراض هو پر آهستي آهستي هن انهن ڳالهين ۾ دلچسپي وٺڻ شروع ڪئي، تڏهن شايد هن کي اهو به احساس ٿيو ته آئون رحيمان جي سحر ۾ ورتل آهيان! هن کي اها ڳالهه ڏکي لڳي هئي ان ڪري ئي هوءَ مون سان پهرين فون تي ڪيترا ئي مهينا سيڪس جي معاملن تي ڳالهائيندي رهي ۽ هن سان ڪڏهن ڪڏهن مون آن لائين سيڪس انجوائي ڪيو.
    نيٺ آئون کيس اها ڳالهه سمجهائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويس ته هاڻ سيڪس منهنجي هڪ مجبوري ٿي ويو آهي، اهڙِي مجبوري جنهن کان سواءِ جيئڻ مون لاءِ مشڪل آهي. نيٺ منهنجي ڪلپنائن رنگ لاتو ۽ آئون کيس ان ڳالهه تي راضي ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويس.
    اسان ٻنهي شهر کان ڏور ٻئي شهر وڃڻ جو پروگرام جوڙيو، ان ڏينهن هوءَ ڪاليج نه وئي ۽ ڪاليج واري ڊريس پنهنجي تن تي پائي نوٽ بڪ هٿ ۾ ڪري پرس پنهنجي ڪلهي ۾ لڙڪائي ٻڌايل جاءِ تي سڌي هلي آئي. اسان ڪوچ تي چڙهي ٻئي شهر پهتاسون. ڪمري جي جهيڻي روشنيءَ ۾ هوءَ ۽ مان اڪيلا هئاسين منهنجو دوست اسان ٻنهي کي ويهاري پاڻ هليو ويو. هن جي چهري تي ڊپ جون ريکائون ڳولڻ جي ڪوشش ڪيم پر ڪامياب نه ٿي سگهيس.مون محسوس ڪيو انيلا لاءِ اڄوڪو تجربو ڪو پهريون تجربو نه آهي، پر ان کان اڳ ۾ به شايد ....! ان ڪري ئي هوءِ مطمعن ۽ شانت آهي!، ڪمري ۾ ماحول ڏاڍو وڻندڙ ۽ رومينٽڪ هو. خوبصورت ڊيڪوريٽ ڪمرو، جنهن ۾ ڪمپيوٽر تي هلڪو ميوزڪ پئي هليو، انيلا جي هجڻ ڪري ماحول اڃان وڌيڪ رومينٽڪ ٿي پيو هو. اسان ٻئي صوفا تي ويٺا هئاسين ته مون کي منهنجي دوست ميسيج ڪيو ۽ هن لکيو ته آئون ٻه اڍائي ڪلاڪ رکي پوءِ ايندس توهان رليڪس ٿي وڃو. مون ساڳيو ميسيج انيلا کي به پڙهي ٻڌايو صرف ان لاءِ ته هوءَ ڪنهن ٽينشن ۾ نه رهي. مون اٿي ڪمري کي اندران لاڪ ڪري ڇڏيو ٽيبل تي رکيل پاڻيءَ مان گلاس ڀري پهرين انيلا کي ڏنم ۽ پوءِ پاڻ پيتم.
    آئون هن جي بلڪل ويجهو ٿي ويٺس ۽ هن جي چپن تي پنهنجا چپ رکي ڇڏيم منهنجي ڊگهي ڪس جي باوجود هن جي وجود ۾ ڪا لرزش نه آئي! آئون مسلسل کيس چمڻ لڳس، چپ، ڳل، ڳچي، منهن.......
    پاڻ سميت انيلا کي به ڪپڙن کان آجو ڪري ڇڏيم، مون کي انتظار هو ته سندس اکيون مون کي پاڻ ئي نينڍ ڏينديون پر اڌ ڪلاڪ جي ڪوشش باوجود ائين نه ٿيو! منهنجي اکين ۾ رحيمان جو چهرو لهي آيو مون محسوس ڪيو ڄڻ رحيمان انيلا جو نئون روپ ڌاري منهنجي ٻانهن ۾ هلي آئي آهي پوءِ ...................................
    منهنجي ذهن جا تاڪ هڪ وڏي ٺڪاءَ سان تڏهن کلي ويا جڏهن مون ڏٺو ته هن جي ڪنوارپ کي ڄڻ سير وهي وئي هئي ۽ رت بيڊ جي سفيد چادر تي ڳاڙهو ٽڪو ٺاهي بيهي رهيو، هوءَ رحيمان مان ڦري هاڻ وري انيلا ٿي پئي هئي.
    سفيد چادر تي رت جو ڳاڙهو ٽڪو ته مون ڌوئي صاف ڪري ڇڏيو هو پر منهنجي دل تي هن جي پيار جي جيڪا مهر لڳي وئي هئي تنهن کي مٽائن يا کيس وسارڻ مون لاءِ ڏاڍو مشڪل بنجي پيو. ان ڪري ئي مون ساڻس شادي ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو.
    هڪ مهيني جي اندر ئي منهنجو انيلا سان مڱڻو ٿي ويو، مڱڻي کان پوءِ ٽن مهينن جي اندر اسان جون ٽي چار ملاقاتون وري به ٿيون. ان وچ ۾ ادا وڏي جي ڪوشش سان منهنجو دبئي وڃڻ جو بندوبست ٿي ويو. مون ڪوشش ڪري انيلا کان دبئي وڃڻ جي اجازت ورتي. ڇو ته دبئي وڃڻ مون لاءِ ضروري هو، اسان جا الائي ڪيترا مائٽ اتي سالن کان ڪمائي رهيا هئا ۽ وڏين جائدات جا مالڪ ٿي ويا هئا، انهن جي ڪوشش سان ئي مون کي به موقعو مليو هو جيڪو وڃائڻ معنا پنهنجو ڪيرئر وڃائڻ هو، بابا جي ناراضگي الڳ هئي.
    دبئي ۾ مون کي مهينو مس گذريو ته انيلا مون کي فون تي ٻڌايو ته هوءَ “پريگنيٽ” ٿي پئي آهي، سڏڪندي سڏڪندي چوڻ لڳي.
    “جبار! تون هاڻ واپس اچ ته جيئن اسان نڪاح ڪري ڇڏيون.”
    پر مون لاءِ منهنجو مستقبل ڏاڍو اهم هيو، مون لاءِ انيلا به ڏاڍي اهم هئي، آئون ڄڻ ڪنهن ڪن ۾ ڦاسي پيس! مون کي سمجهه ۾ نه پئي آيو ته ڇا ڪريان، اگر واپس ٿو اچان ته مائٽ ناراض ٿا ٿين ۽ مون تي لڳايل سندن پيسو به ضايع ٿي ٿو وڃي اگر نه ٿو اچان ته انيلا ناراض ٿئي ٿي ۽ خواري الڳ ٿي ٿئي، ان ڪري ڪجهه ڏينهن سوچڻ کان پوءِ هڪ ٽئين نتيجي تي پهتس، انيلا کي ڪال ڪري کيس ان باري ۾ ٻڌايم پر هوءَ ضد ڪري بيهي رهي، چئي ته،“مرڻي مري وينديس پر “ايبارشن” ڪونه ڪرائينديس.”
    مسلسل فون ڪري، منٿ ميڙ ڪري، نيٺ انيلا کي راضي ڪيم ۽ ننڍي ڀاءُ تي اها ڊيوٽي لڳايم ته ان ڪم ۾ انيلا جي مدد ڪري.
    منهنجي ڀاءُ پنهنجا سڀ ڪم ڪارون ڇڏي انيلا جي مدد لاءِ کيس ڪنهن ليڊي ڊاڪٽر وٽ وٺي ويندو رهيو ۽ هن لمحي لمحي جي خبر مون کي به پئي ڏني.
    ايبارشن کان چار ڏينهن بعد ۾ مون کي فون آيو ته انيلا جي طبيعت خراب ٿي وئي آهي ۽ مائٽ کيس اسپتال کڻائي ويا آهن مون پنهنجي ڀاءُ کي اوڏانهن وڃڻ لاءِ چيو پر منهنجي ماءُ پيءُ کي به جڏهن ان ڳالهه جي خبر پئي ته اهي به اوڏانهن اسپتال ۾ هليا ويا! امان ۽ بابا کي ڪنهن نه ڪنهن طرح اها خبر پئجي وئي ته ڇوڪري “ايبارشن” ڪرائي آهي. ان ڳالهه تان ناراض ٿي انهن مون کي ڪال ڪري رشتو ختم ڪرڻ لاءِ چيو، پهرين ته مون اهو مڃڻ کان ئي انڪار ڪيو ته ڪا انيلا به “پريگينٽ” ٿي سگهي ٿي ۽ ان ڪا ايبارشن به ڪرائي هوندي، پر نيٺ بابا هڪ ڏينهن ڊاڪٽر سان ڳالهرائي مون کي ان ڳالهه جي ثابتي پيش ڪئي، هاڻ ان ڳالهه جي پڪ ٿي وئي هئي ته اسان جو مڱڻو ٽٽي ويندو، تڏهن مون امان ۽ بابا کي سموري ڳالهه پيرائتي ڪري ٻڌائي.
    امان ۽ بابا ڪجهه ٿڌا ٿيا ۽ مون کان سوچڻ لاءِ ڪجهه وقت گهريائون.
    پر اهو وقت نه اچي سگهيو! ٻه راتيون ڇڏي هڪڙي صبح جو پنج وڳي، جنهن وقت آئون نماز لاءِ اُٿي وضو ڪري رهيو هئس، ڪال آئي. ڪال انيلا جي ڀاءُ جي هئي، مون فون رسيو ڪيو پر هن ڳالهايو هڪڙو لفظ به ڪونه! بس عورتن جون اوڇنگارون، آلاپ ۽ سڏڪا ئي منهنجي ڪنن سان ٽڪرائي رهيا هئا. آئون هيلو هيلو ڪندو رهجي ويس. مون موبائل بند ڪري، وارائي ڪال ڪئي، رنگ ويندي رهي پر ڪنهن به فون رسيو نه ڪيو! پر پوءِ به مون اُتي روئندڙ عورتن ۽ کٽ تي رکيل انيلا جي لاش جا منظر اکين آڏو ڦرندي محسوس ڪيا.... انيلا مري وئي هئي!
    ...............................
    ................................
    ان ڳالهه کي ٽي سال گذري ويا آهن انهن ٽن سالن ۾ آئون هر روز واپس وڃڻ جي لاءِ سوچيندو آهيان، تياري ڪندو آهيان، ڳوٺ فون ڪندو آهيان ته اچان ٿو، اچان پيو، بس اڄ، بس سڀاڻ، بس هفتي اندر، بس هن مهيني، ايندڙ سال اچان پيو. پراڃان تائين اهو فيصلو نه ڪري سگهيو آهيان ته آئون دبئي ۾ ئي رهندس يا ڪڏهن واپس به وري سگهندس.


    وئي وري وڻڪار

    وئي وري وڻڪار

    ادي منهنجو ڇلڙو ، ڪري پيو کوهه ۾ ڙي، کوهه جي نار ۾ ڙي، نار جي نيسر ۾ ڙي، لوٽن مان ٿي وريو، ڙي ڀيڻ منهنجو ڇلڙو پاڻيءَ ۾، ڙي جيڏل منهنجو ڇلڙو پاڻيءَ ۾.

    لوڪ گيت ۽ تاڙين جي ميلاپ جي گونج، سموري عاليشان هال ۾ ڄڻ هڪڙو سماع برپا ڪري ڇڏيو هو. پنجن پنجن ميمبرن جون چار ٽيمون جڏهن هڪ ئي وقت تاڙين جي رڌم تي اهڙو سريلو لوڪ گيت ڳائين ته پوءِ هال ۾ سماع وارو ماحول ته ضرور جڙندو.
    ٽيمون ٽرينر طرفان مليل ڊائريڪشن مطابق پنهنجي پنهنجي ڪم ۽ تال ميل ۾ بهتري آڻڻ جي ڪوشش ۾ رڌل هيون. ٽرينرجي، هر ٽيم جي، هر ميمبر جي، هر هڪ موومينٽ تي نظر هئي.
    اصل ۾ ميل ۽ فيميل ميمبرس وچ ۾ ڄڻ ڪا سنهڙي لڪير آيل هئي،. ميل ميمبر جيڪڏهن بي تڪلف ٿي پنهنجي پوري پرفارمنس ڏيڻ جي ڪوشش پيو ڪري ته فيميل ميمبر کي اهڙي بي تڪلفي سٺي نه پئي لڳي ۽ هو ان جو نوٽس وٺندي پري هٽي پئي وئي. اصل ۾ دائري ۾ گهمڻو به هيو، رقص به ڪرڻو هيو ته گڏوگڏ تاڙين جي ردم تي ڳائڻو به هيو. اهڙي ماحول کي برقرار رکڻ لاءِ ميل ۽ فيميل ميمبر وچ ۾ هڪٻئي کان لاتعلقيءَ جي ڪابه گنجائش نه هئي.
    ٽرينر کي ڏاڍو جلدي اها ڳالهه سمجهه ۾ اچي وئي هن هڪ دم ان ريهرسل کي روڪي ڇڏيو ۽ چوڻ لڳو، “هڪڙو منٽ.. هڪڙو منٽ... هن وقت پاڻ هڪڙي ايڪسرسائز ڪنداسين، ان کان پوءِ ئي ڊرامي جي ريهرسل جاري رکنداسين........”
    سڀ پنهنجي پنهنجي جاين تي بيهي رهن ٿا ۽ پوءِ ٽرينر جي اڳئي حڪم تحت هو سڀ قطار ٺاهي هڪ ٻئي جي پويان بيهي رهن ٿا.
    “ٺيڪ آهي ته ايڪسرسائز هي آهي ته توهان جتي بيٺا آهيو اها توهان جي آفيس آهي ۽ توهان جي لفٽ تي توهان جي ساهرن جو گهر آهي ۽ جڏهن ته توهان جي رائٽ توهان جي مائٽن جو گهر آهي. آئون توهان کي جنهن طرف جو چوندس توهان کي اوڏانهن ڊوڙي ان جاءِ تي پهچڻو آهي ۽ جيڪو دير ڪندو يا غلط پاسي ويندو آئوٽ ٿي ويندو.
    ٽرينر ان راند ۾ پاڻ اگر آواز ڏي ساهرن جي گهر جو ته پاڻ وري ڊوڙ پائي مائٽن واري گهر ڏي ائين ڊوڙ ڊوڙان ۾ خوب مزو وٺڻ کان پوءِ سڀني جو تڪلف ختم ٿي ويو.
    ان کان پوءِ ٻن ڏينهن جي مسلسل ريهرسل ۾ سموري اسڪرپٽ کي ڪور ڪيو ويو. انهي ٻن ڏينهن جي سفر ۾ سڀني جون نظرون رابعه ۾ رهيون ڇو ته هوءَ سڀني ۾ شرميلي، گهٽ ۽ آهستي ڳالهائڻ واري ڇوڪري هئي. سڀني کي حيرت هئي ته هوءَ هن اهڙي ٽريننگ ۾ ڪيئن آئي آهي! ڇو ته ٽريننگ کان پوءِ ڳوٺن ۾ پروجيڪٽ تحت اهو ڊرامو پلي به ڪرڻوهو. ٻي ڏينهن جي آخري سيشن ۾ ته هن ٽرينر طرفان چيل هنن لفظن تي روئي به ڏنو، جنهن ۾ ٽرينر کيس سنجيده ٿي چيو هو ته، “توهان مهرباني ڪري جنهن وقت ڳايو ٿا ان وقت خوش ٿي ڳايو، هي خوشي جو گيت آهي.... ڇا توهان ڪڏهن گهر ۾ خوش ناهيورهيا ڇا!؟”
    اهڙي جملي تي رابعه روئي پئي هئي ۽ سندس اکين مان لڙڪ اڪ جي کير جيان ٽمڻ لڳا هئا. سڀني ڇوڪرين گڏجي اچي کيس سهارو ڏنو ۽ سندس اکين جا ڳوڙها اگهيا.
    آخري ڏينهن توقع اها هئي ته رابعه نه ايندي.... پر ائين نه ٿيو آخري ڏينهن به هو آئي، ۽ هن ۾ پهرين کان تمام گهڻي تبديلي آيل هئي هن ۾اعتماد اچي ويو هو ۽ کلڻ ڳالهائڻ به لڳي هئي.
    آخري ڏينهن جي شام جو هر ٽيم کي پنهنجو پنهنجو ڊرامو پيش ڪرڻو هيو.
    رابعه جنهن ٽيم ۾ هئي پهرين ان کي ڊرامو پيش ڪرڻ جو موقعو مليو.
    پهرين سين ۾ هنن ڇلڙو ڳائي ويٺلن کان داد وصول ڪيو. ان کان پوءِ ٻئي سين ۾ سندس ماءُ پيءُ رابعه جي شادي جي ڳالهه ڪن ٿا. ٽئين سين ۾ رابعه جي رشيد سان شادي ٿئي ٿي. چوٿين سين ۾ رابعه جو هڪ ٻار پينگهي ۾ هجي ٿو ۽ پاڻ پيٽ سان هجي ٿي ۽ بيمار هجي ٿي، سندس مڙس جيڪو ٻاهران اچي ٿو سو ڇوڪري جي روئڻ جو آواز گهر کان ٻاهر ٻڌي گهر ۾ ڪاوڙجي پهچي ٿو. رابعه جيڪا گهر کي ٻهارو به ڏئي رهي هوندي آهي ۽ ڇوڪريءَ کي لوڏي به رهي هوندي آهي سا، بيمار پئي لڳندي آهي. رشيد رڙ ڪندي چوندو آهي “رابعه ڇا ٿيو آهي ڇوڪريءَ کي هن جو روئڻ ٻاهر گهٽيءَ ۾ پيو ٻڌڻ ۾ اچي.!؟” ڇوڪريءَ جو روئڻ گهٽيءَ کان ٻاهر ٻڌڻ ۾ اچڻ جو مطلب هو ته هنجي بيعزتي ٿي وئي.
    رابعه ڏک واري نوع ۾ چوندي آهي، “ آئون ڇا ڪريان هڪڙو ننڍڙو ٻار ٻيو آئون وري اميد سان آهيان ۽ منهنجي طبيعت به ٺيڪ ناهي چڪر پيا اچن. ٻارن کي سنڀاليان گهر جو ڪم ڪيان ڇا ڪيان!”
    “ها توکي ته هر وقت چڪر ۽ الٽيون .... تو کي ته احساس ئي ناهي ته، مونکي، هن گهر، ۽ هن ٻارڙي کي تنهنجي توجهه جي ضرورت آهي!”. رشيد وري به ڪاوڙجي ٻاهر هليو ويندو آهي.
    آخر ۾ سموري گهر ۾ رابعه جي معاملي تي جهيڙو ٿي پوندو آهي جنهن ۾ سڀ گڏجي رابعه کي ڏوهي قرار ڏيندا آهن. نتيجي ۾ رابعه رڙ ڪري اٿندي آهي ۽ پهرين پنهنجي گهرن وارن سان مخاطب ٿي چوندي آهي ته آئون ڇا ڪريان، ڪيڏانهن وڃان، منهنجو ڪهڙو قصور آهي.... آهي ڪو مون کي نجات ڏيارڻ وارو سڌي راهه ٻڌائڻ وارو.... پوءِ ماڻهن سان مخاطب ٿي ساڳيا جملا ورجائيندي ۽ روئي روئي هيٺ ويهي رهي ٿي.
    ايتري ۾ فيسليٽيٽر اسٽيج تي اچي ٿو ۽ اهو چوي ٿو توهان سڀني ڊرامو ڏٺو ۽ ٻڌو هاڻ توهان اهو ٻڌايو ته هن ڊرامي ۾ سڀني کان مظلوم ڪردار ڪهڙو هو ۽ توهان اگر ڪو ڪردار تبديل ڪرڻ چاهيو ٿا ته ڪري سگهو ٿا.
    خالد علي اُٿي چوي ٿو،“سر مان رشيد جو ڪردار تبديل ڪرڻ چاهيندس”
    “ٺيڪ آهي، توهان ڪٿان کان رشيد جو ڪردار تبديل ڪندو؟”
    “سر مان جڏهن رشيد گھر ۾ داخل ٿئي ٿو ۽ ڇوڪري روئندي پئي آهي مان اتان کان ڪردار بدلائڻ چاهيان ٿو”.
    “ٺيڪ آهي، توهان اچو”
    خالد علي اڳتي اچي ٿو، رابعه کي اٿاريو وڃي ٿو پر رابعه ايتري ۾ ڳوڙهن ۾ وهنجي چڪي هوندي آهي، پهرين ته سڀني وري گڏجي رابعه کي پرچايو... ان کان پوءِ وري ايڪٽ اتان کان شروع ٿيو جتان کان خالد علي رشيد جو ڪردار تبديل ڪرڻ پئي چاهيو....رابعه لاءِ ڪجهه دوستن چيو پئي ته هن کي ويهاري ڪردار ڪنهن ٻيءَ ڇوڪريءَ کان ڪرايو، پر ٽرينر ان ڳالهه تي راضي نه ٿيو ۽ وري به رابعه کان ئي رابعه جو ڪردار ڪرايو ويو.
    ساڳيو ڇوڪريءَ جو روئڻ، رابعه بيمار، گهر کي ٻهارو ڏيڻ، خالد علي جيڪو هاڻ رشيد جو ڪردار هو سو گهر ۾ داخل ٿئي ٿو ۽ داخل ٿيندي ئي جيئن ئي ڏسي ٿو ته ڇوڪري روئي پئي ۽ رابعه ٻهارو ڏئي رهي آهي ته هو سڌو وڌي اچي ٻارڙي کي کڻي کيس ريجهائي ٿو. ان کان پوءِ سڌو رابعه وٽ اچي کيس سهارو ڏئي چوي ٿو، “هن وقت توکي آرام جي ضرورت آهي. توکي گهڻو ڪم نه ڪرڻ گهرجي، آئون وڃي اديءَ کي وٺي اچان ٿو، جئين هو گهر جو ڪم ڪار به ڪري ۽ تنهنجي به سار سنڀال ڪري.”
    رابعه رشيد جون اهڙيون ڳالهيون ٻڌي بي ساختا سندس ڪلهي تي مٿو رکي کيس ڀاڪر پائي ٿي ۽ سمورو حال تاڙين سان گونجي وڃي ٿو.
    ان کان پوءِ هر پارٽي ساڳيو ڊرامو پيش ڪري ٿي.
    ڏينهن جي پڄاڻي کان ڪجهه وقت اڳ۾ ٽرينر چوڻ لڳو، “اوڪي پاڻ هڪڙي ننڍڙي ايڪسرسائيز ڪرڻ هلون ٿا. جنهن لاءِ توهان جي ڀرپور ساٿ جي ضرورت آهي”
    “اوڪي سر اسان ريڊي آهيون سموري ٽيم جو گڏيل جواب اچي ٿو”
    “ٺيڪ آهي ته پوءِ توهان گول دائرو ٺاهي ويهو”
    سڀ ڇوڪرا ڇوڪريون گول دائرو ٺاهي ويهن ٿا.
    “اوڪي هاڻ سڀني جون اکيون بند هونديون.”
    آرڊر کي اوبي ڪندي اکيون بند ٿي وڃن ٿيون اهڙي خاموشي جو فائدو وٺندي ساهن جون سرهاڻون پاڻ ۾ سرگوشيون ڪرڻ لڳيون. پر هر سوچ ۾ اڳتي ڇا هجڻ وارو فڪر تڙپي رهيو هو.
    هوريان هوريان ميوزڪ آن ٿئي ٿو.
    اي سي هال جي ٿڌاڻ ۾ ٿڌڪار اڃان به وڌي وئي... ميوزڪ سان گڏ ٽرينر جو آواز هڪ آفاقي الهام وانگي ڏاڍي نرم لهجي سان ڊائريڪشن ڏيندي چوي ٿو. “تصور ڪريو اسان سڀني کي پکين وانگي رب سائين پر ڏئي ڇڏيا آهن ۽ اسان انهن پرن جي آڌار تي آسمان ڏانهن اڏامڻ لڳا آهيون. هوريان هوريان..... ٻوليون ٻرائيندا، هڪ ٻئي جو ساٿ ڏيندا، هڪ ٻئي کي ساريندا، سنڀاليندا .... ٻولين جون معنائون ۽ مفهوم سمجهندا سمجهائيندا اُڏامندا پيا وڃون..... ڪڪرن کان به مٿي، اڃان به مٿي.... اُن رب پاڪ ڏي جنهن جو تصور اسان پنهنجي احساسن ۾ رکون ٿا. ٽرينر پنهنجي ڳالهه پوري ڪري اچي پنهنجي جاءِ تي ويهي ٿو ۽ پاڻ به اکيون بند ڪري ڇڏي ٿو. نصرت فتح علي خان جي آواز ۾ حمد گونجي ٿو....
    “وهي تو هي جونظام هستي چلا رها هي، وهي خدا هي، وهي خدا هي..... دکائي ڀي جو نه دي نظر ڀي جو آ رها هي وهي خدا هي..........
    حمد ديمي آواز ۾ هلندو رهي ٿو...... ٽرينر وري انتهائي نرم لهجي ۾ ڳالهائڻ لڳي ٿو، “ساٿيو هاڻ اسان وري واپس موٽنداسين، ها اسان ڄڻ رب پاڪ جو ديدار ڪري موٽيا آهيون، من ئي من ۾ اسان ان هستيءَ سان مليا آهيون جنهنجي تصور سان ئي هن جهان جو “بيلنس” قائم آهي. ها ان رب پاڪ جو تصور ئي آهي جنهنجي ڪري هن جهان جي هر شي خوبصورت، وڻندڙ ۽ ڪڪش واري آهي! اُها ئي جهڙالي موسم اُهو ئي اُڀ تان واپسيءَ جو سفر، ڪڪرن سان ڪچهريون! پکين جي پرن سان ريسون، هڪ ٻئي کي ساريندا سنڀاليندا اچجو ڪنهن کي نه ڇڏي اچچو، ڪنهن کي نه وسارجو. خالد علي، رابعه، حميد، راهيل،سورٺ،سڄڻ،امينا...!”
    ٽرينر واري واري سان سڀني ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جا نالا وٺندو پئي ويو. آيتري ۾ حمد جي آخري سٽ به ختم ٿي. ٽرينر چوي ٿو، “هاڻ اسان زمين تي آهيون،زمين جيڪا اسان جي ماءُ آهي، اسان لاءِ ممتا جو احساس آهي.اسان جي پالڻهار به آهي،هاڻ هوريان هوريان پنهنجون اکيون کولينداسين” .
    سڀ اکيون هڪ ئي پل ۾ کلن ٿيون. ڪجهه لمحن تائين ته سڀئي ڄڻ ته ڪن خمارن ۾ رهيا!
    “ساٿيو هاڻ توهان واري واري سان پنهنجي هن اڄوڪي سفر جي “انر فيلنگ” اندر جا احساس شيئر ڪندوء توهان کي ڇا محسوس ٿيو، توهان ڪهڙن احساسن مان گذروء.... خالد علي پهرين توهان کان ٿا شروع ڪيون!”
    “سر خدا کي “اميجن” ڪرڻ ڏاڍو مشڪل هجي ٿو، پر اڄ مونکي اهو احساس ضرور ٿيو آهي ته مسلسل رياضت ۽ رب سان ڪانٽيڪٽ قائم ڪرڻ کان پوءِ اهو ممڪن به آهي، سر سچ پڇو ته اڄ مونکي ڄڻ ڪهڙو رستو ملي ويو آهي... اهڙو رستو جنهن ۾ منزل ڀلي کڻي نه به ملي پر سفر ڏاڍو وڻندڙ، خوبصورت ۽ من کي لڀائيندڙ آهي، بس سر آئون ايترو ئي چوندس...”
    سڀ تاڙيون وڄائين ٿا....
    “رابعه!” ٽينر رابعه سان مخاطب ٿي ٿو... جيڪا اڃان تائين منن ۾ منهن هڻيو ويٺي هئي! “رابعه! هاڻ توهان جو وارو آهي، پليز هاڻ توهان ڪجهه ڳالهايو...”
    “رابعه !؟” خالد علي سڏ ڪيس، جيڪو سندس ڀر ۾ ويٺو هو...پر ڪو به جواب نه مليس... هوءَ اڄان به منن ۾ منهن هنيو ويٺي هئي... ٽينر جي دل جو دڙڪو ٿورو تيز ٿي ويو، هو تڪڙيون وکون ڀري رابعه ڏي آيو،“رابعه....! رابعه....!” ڪو به جواب نه!
    “رابعه!” ٽينر رابعه جي ٻنهي ڪلهن کان جهلي دونڌاڙيو...
    پر هوءَ نه اُٿي! هوءَ ته وڻڪار واري ديس جو صدين کان انتظار ڪري رهي هئي سو اتي پهچي وري واپس ڪيئن وري ها!


    اڻڄاتل وقت جي يادگيري

    اڻڄاتل وقت جي يادگيري


    هي ان زماني جي ڳالهه آهي جڏهن منڇر جو نالو منڇر نه هو ۽ هن ڍنڍ کي سنڌوءَ جو پاڻي به سيراب نه ڪندو هو، پر برساتن جي موسم ۾ کير ٿر جي پهاڙن جو پاڻي نيون کڻي آڻي ان دور جي منڇر کي سيراب ڪنديون هيون.اهڙين ئي ندين ۽ نالين مان هڪ اهڙي ندي به وهندي هئي جنهن کي کير جي ندي ڪري سڏبو هو، شايد ان ڪير ئي انهن جبلن تي کير ٿر جو نالو پيو. منڇر ۽ کير ٿر جي وچ تي هڪ اَهڙو ميداني سلسلو هو جنهن جي وچ مان مٺي پاڻيءَ جا چشما ٻارهن ئي مهينا پيا وهندا هئا... انهن ئي چشمن جي مٺي پاڻيءَ جي سَٺي سان هڪڙو ڳوٺ آباد هو. ڳوٺ جو منظر بي انتها وڻندڙهو. هڪ پاسي کير ٿر جي جابلو سلسلي جا اُهي پهاڙ هئا جيڪي اڪثر ڪري سرسبز رهندا هئا، پر بارشن کان پوءِ ته ڄڻ ٿر پارڪر جو ڏيک ڏينداهئا. ٻئي پاسي هاڻوڪي منڇر ڍنڍ وارو پاڻي شفاف آسمان وانگر لڳندو هو.... خاص طور تي رات جي وقت پاڻيءَ ۾ نهارڻ سان لڳندو ڄڻ تارن سان ڀريل آسمان ڍنڍ ۾ لهي آيو آهي. ڳوٺ جي وري پنهنجي رنگيني هوندي هئي، سمورو ڳوٺ کجين، ڪنڊين، نمن،ٻيرين،آسري لون، ليارن، کٻڙن ۽ کوڙ سارن ٻين وڻ ٻوٽن ۽ گلن سان ڀريل هوندو هو... ڪاروبار جي حوالي سان هن ڳوٺ جي ان ڪري به اهميت هوندي هئي جو هي ڳوٺ هنگلاج ڏي ويندڙ قافلن جي رستي ۾ هو.ان ڪري هن ڳوٺ ۾ هر قسم جا ڪاريگر پنهنجي پنهنجي ڪم ۾ مسروف هوندا هئا، گهوڙن جا سنج، اٺن جا پاکڙا، وهٽن جي سينگار جو سامان، ٽور، جهاٻا، جهلون، جهالرون هر شيءِ جا ڪريگر پنهنجو ڪم نفاست سان ڪندا هئا.
    عورتون الڳ پنهنجي هٿ جي هنر جون ماهر هونديوهيون... ان وقت ۾ نه قلندر هو نه قلندر جو ميلو لڳندو هو، پر سيوڻ شهر جو اوج هو ۽ پوري دنيا جا واپاري ماڻهون هتي پنهنجي ڪاروبار سانگي ايندا هئا..
    سيوڻ شهر جي شهرت ان ڳوٺ جي انهن عوتن جي ڪري به هوندي هئي، جيڪي پنهنجي هٿ جي هنر ۾ ايتريون ته ماهر هيون جو، وڻن ۽ ٻوٽن ۾ ٿيندڙ مختلف گلن ۽ تازن ميون مان اهڙا ته ڳهه ڳٺا ٺاهينديون هيون، جو ماڻهون ڏسي دنگ رهجي ويندا هئا، هنن جي دڪانداريءَ جو انداز به نرالو هوندو هو، هو اُهي هار ۽ ڳهه ڳٺا ٺاهي پنهنجي ئي ڪنڌ ۾ پائي پيون شهر ۾ گهمنديون هيون،انهن جا ڪنڌ ڄڻ ڪي ننڍڙا هلندڙ فرندڙ دڪان هوندا هئا!... جنهن کي جيڪا شيءِ وڻندي هئي هو ان جي رقم ڏئي سندن ڳچين مان لاهي وٺندو هو... جوانڙيون پنهنجا ڪنڌ ان رقم ادا ڪندڙ آڏو نوائي بيهي رهنديون هيون. ايئن ئي پڪن ڪچن ڏورن، ڄاڳري ٻير جي ٻيرن ۽ کپ جي فرين مان به مختلف قسم جا عورتاڻي هار سينگار جو سامان ماڻهن جي دلچسپيءَ جو مرڪز رهندو هو.
    ٻيو وڏو هنر يا ڪاريگري جيڪا مرد ڪندا هئا اها هئي پٿرن مان مختلف قسم جا مجسما، مورتون ۽ ٻيون عام واهپي جون شيون ٺاهڻ. انهن ئي ڪاريگرن مان ڪهڙو ڪاريگر ڪيرٿ به هو ڪيرٿ جو هٿُ ڀڳوان جو هٿُ سڏبو هو. هو جڏهن هٿوڙي هٿ ۾ جهلي ڇيرڻي سان پٿر کي ڇلڻ ويهندو هو ته ڏينهن جا ڏينهن نه ڪنهن سان ڳالهائيندو هو نه ملندو هو، کائڻ پيئڻ وسري ويندو هئس... ٺاهي راس ڪيل مورتن کي به ڪڏهن ڪڏهن وڏو هٿوڙو هڻي ڀور ڀور ڪري ويهي پار ڪڍي روئڻ لڳندو هو... سندس اهڙي رمز ڪو ڪوبه سمجهي نه سگهيوهو. هن جي ڪم جي وڏي قدر قيمت هوندي هئي. دنيا جهان جي بادشاهن ۽ وڏن ماڻهن وٽ سندس جوڙيل مورتون ۽ مجسما رکيل هوندا هئا. هن جي هٿ جي ٺاهيل مورتن جي عبادت ڪرڻ لاءِ ماڻهون ترسندا هئا.
    هو گهڻو ڪري عورتن جون مورتون ئي تخليق ڪندو هو ... ڇو ته چون ٿا ته کيس هڪڙي ڪنڀارڻ سان پيار ٿي ويو هو ۽ ان ڪنڀارڻ کيس ڪڏهن نه کنگهيو!... ان ڪنڀارڻ ڪنهيا کي پنهنجي محبوب سان ئي موه هو جيڪو سندس منڱيدو به هو. سندس منڱيدو به ڄڻ سندرتائن جو روپ هو، گهوڙي سواري ۽ تير انديزي هن جي سڃاڻپ هوندي هئي، انڪري ئي هوءَ ڪنڀارڻ به مٽي ڳوهيندي، ان مان ٿانوَ ٺاهيندي ۽ پچائيندي پنهنجي پريتم جي ياد ۾ پئي گيت ۽ سهرا جهونگاريندي هئي... ڪيرٿ ڪنڀارڻ جي عشق ۾ فنا ٿي پنهنجو ڪم ڪار ڇڏي ويٺو سندس راهون ڏسندو هو... پر هوءَ ساڻس ڳالهائڻ لاءِ به تيار نه هوندي هئي .. نيٺ جڏهن هن گهڻو تنگ ڪيس ته هن کي اهو ئي چيائين ته تون اگر مون سان اهڙو عشق ڪرين ٿو ته پوءِ منهنجي جُسي جهڙو ڪو مجسمو ڇو نه ٿو ٺاهي، ويهي ان جي پوڄا ڪرين!...
    ان ڏينهن کان پوءِ هو وري پنهنجي ڪرت کي لڳي ويو ۽ مورت تي مورت ٺاهيندو ويو پر هن کي انهن مان ڪا به مورت ان ڪنڀارڻ جي انگن جي اسرارن جهڙي نٿي لڳي... پر هو ان جنون سان جنڀيو رهيو.. هن کي سال گذري ويا.
    ڪنڀارڻ پرڻجي وڃي پنهنجي مڙس سان ڏينهن راتيون گهارڻ لڳي پر هي هٿوڙي ۽ ڇيرڻيءَ جي ميلاپ ۾ پنهنجي مريتم کي تلاش ڪندو رهيو... نيٺ مايوس ٿي پيو... پوءِ هڪ ڏينهن ڪم مان هٿ ڪڍڻ جو ارادو ڪري پنهنجي مٿان چادر اوڍي سمهي پيو ۽ هن کي ننڊ کڻي وئي... ڪي ڪلاڪ ستو رهيو، پوءِ اوچتو ئي اوچتو ٽپ ڏئي اٿيو... هن جي من ۾ نئون تصور، نئون خيال هو. هن هڪڙو ٻه اڍائي فٽن جو پٿر کنيو.... هن جي ذهن ۾ هڪ ٻن اڍائي سالن جي نينگريءَ جو تصور هو ۽ هو بيساختا ان مورت جوڙڻ ۾ لڳو رهيو... ڪم ڪندي ڪندي کيس وري رات ٿي وئي... چوڏيهن جو چنڊ پنهنجي جوڀن تي هو... ڏکڻ جي تيز ۽ ٿڌي هوا گهلي رهي هئي... هو پنهنجي ليکي مورت ٺاهي راس ڪري چڪو هو. هن جي اکين ۽ ذهن تي ٿڪاوٽ جو احساس هو. هو وري آهليو ته ننڊ کڻي ويس.
    صبح جو کجين جي وڻن ۾ جڏهن پکي ٻولڻ لڳا ته هن جي اک کلي وئي، هن پنهنجي ڀر ۾ ڪنهن ٻئي وجود کي به محسوس ڪيو! هن جڏهن ان ڏانهن غور ڪيو ته اها هڪڙي ٻه اڍائي سالن جي معصوم ٻارڙي هئي... هو ڇرڪ ڀري اٿي کڙو ٿيو پر هوءَ معصوم اڃان تائين گهري ننڊ ۾ هئي.. هو اٿي هيڏاهن هوڏاهن نهارڻ لڳو ۽ پنهنجي پاڻ کان سوال ڪرڻ لڳو ته آخر هيءَ معصوم مورت ڪنهنجي آهي، ڪٿا آئي آهي، هو ڊوڙي گهٽيءَ کان ٻاهر نڪتو پر کيس اتي به ڪير نظر نه آيو، هو وري موٽي گهر آيو ته ڇوڪري ننڊ مان جاڳي وئي هئي...
    “چاچا! امان!؟” ڇوڪريءَ ڳالهايو...
    “تنهنجي جي ماءُ ڪٿي آهي پٽ؟” هن ننڍڙيءَ کان پڇيو..
    “امان الائي ڪٿي آهي، هوءَ مونکي ڇڏي هلي وئي آهي چاچا!”
    ڇوڪري اٿي ۽ ڊڙي انهن مورتن ڏاهن وئي... ۽ انهن سان راند ڪرڻ لڳي..
    ڪيرٿ جو ڌيان هاڻي پنهنجي انهن مورتن ڏي ويو. هن ڏٺو ته اها مورت جيڪا هن رات جوڙي راس ڪئي هئي سا اتي موجود نه آهي! هن جون اکيون ان راتوڪي مورت کي ڳولهڻ لڳيون... پر ان کي اها ڪٿي به نظر نه آئي!.. نيٺ هن جون اکيون فري سري وري وڃي ڇوڪريءَ تي پيون... هن جي مک تي حيرت گاڏڙ مرڪ تري آئي.... هاڻي هو ٻيون سڀ ڳالهيون سوچڻ ڇڏي ننڍڙي جي کائڻ پيئڻ جي باري ۾ سوچڻ لڳو...
    هن وٽ ڇوڪري هجڻ واري ڳالهه باهه جيئان ڳوٺ کان ٿيندي شهر تائين وڃي پهتي.. اڃان ڪجهه ڏينهن ئي گذريا هئا ته هن جي محبوبا ۽ سندس مڙس هن جي گهر آيا... ۽ انهن اها دعوه ڪئي ته اها ڇوڪري سندن آهي.. پر اها ته گذريل ڏينهن توهانجي ڳوٺ ۾ گذاري وئي هئي، جنهنجي ڪفن دفن ۾ آئون پاڻ شريڪ ٿيو هئس... هڪڙي ڪيرٿ جي همدرد جي زبان تي اهڙو سچ هو جيڪو هڪ ماءُ جي لائي ڄڻ قيامت جو اعلان هو ... هڪ قيامت ته هو ان چوڏينهن واري رات ڏسي چڪي هئي پر وري ٻي قيامت ڏسڻ لاءِ هو بلڪل به تيار نه هئي... ڪجهه ماڻهون ڪيرٿ جي پاسي ٿي بيٺا ۽ ڪجهه ماڻهون وري انهن ماءُ پيءُ کي ڇوڪري ڏيڻ لاءِ چئي رهيا هئا.. پر ڪيرٿ ڇوڪريءَ جي باري ۾ ڪجهه به ٻڌڻ لاءِ تيار نه هو.. سندس محبوبا کيس گهڻو ئي اهي ڏينهن ياد ڏياريا جڏهن هو سندس عشق ۾ ڏينهن جا ڏينهن راتين جون راتيون ويٺو تڙپندوهو ۽ سندس هڪ جهلڪ ڏسڻ لاءِ کيس ڪيترائي ڏينهن رلڻو پوندو هو... پر هن سندس هڪ به نه ٻڌي، ڇو ته اها ڳالهه ثابت ٿي چڪي هئي ته هنن جي ڌيءُ هي جهان ڇڏي چڪي هئي ۽ ان معصوم کي قبر حوالي ڪرڻ وارا شاهد به موجود هئا. ڪيرٿ مطمعين به هو ته غير مطمعين به، هن کي اڃان به ان ٻارڙيءَ جي مورت جي تلاش هئي جيڪا کيس ڪٿي به نظر نه پئي آئي..
    ڇوڪريءَ جي ماءُ پيءُ به همٿ نه هاري ۽ هنن اها داهن وڃي وقت جي بادشاه کي ڏني...
    ٻنهين ڌرين کي دربار ۾ گهرايو ويو،. ڪيرٿ ٻارڙي سميت دربار ۾ پهتو...
    ٻنهين ڌرين جون ڳالهيون ٻڌڻ کان پوءِ بادشاه اهو فرمان جاري ڪيو ته... هنن جي ڇوڪري ڀلي کڻي مري وئي آهي ۽ کيس قبر ۾ لاهي به آيا هجن پر پوءِ به ماءُ جي دل آهي هوءَ اکين سان پنهنجي ٻارڙيءَ کي ڏسي رهي آهي، ان ڪري کيس مطمعين ڪرڻ لاءِ توکي ڪو نه ڪو ثبوت ضرور ڏيڻو پوندو..
    بادشاه جي ڳالهه ۾ وزن هو... ڪيرٿ سوچ ۾ پئجي ويو... پر هن اهو ثبوت ڏيڻ لاءِ راضپو ڏيکاريو..
    پوري دربار ماڻهن سان ڀريل هئي، هو اٿيو هن ڇوڪريءَ کي مٿي کنيو ۽ کڻي مٿي هوا ۾ اڇليائين! اڇلي وري جهپي ورتائين... هن وري وري ڇوڪريءَ کي هوا ۾ اڇليو، وري وري جهپي ٿي ورتو. ٻارڙي ٽهڪ ڏيڻ لڳي، هو به کلڻ لڳو.
    بادشاه ۽ ان جا درباري حيران به هئا ته پريشان به هئا ۽ هنن کي ڪجهه به سمجهه ۾ نه پئي آيو ته آخر ٿي ڇا رهيو آهي! بادشاه به لاجواب هو، هو ڪجهه چوڻ لاءِ يا ڪيرٿ کي ايئن ڪرڻ کان روڪڻ لاءِ لفظ ڳولهي رهيو... هو مسلسل ساڳيو عمل ورجائي رهيو هو. ماڻهون انهيءَ عمل مان لطف اندوز ٿي تاڙيون وڄائڻ لڳا... تاڙين جو شور دربار جون ديوارون پار ڪري الاءِ وڃي ڪٿان پهتو هو...
    ان کان پهرين جو بادشاه ڪجهه ڳالهائي... ڪيرٿ پنهنجو ثبوت ڏئي چڪو هو... ماڻهن جا وات پٽجي ويا هئا، هٿ جتي هئن اتي بيهي رهيا هئن...
    ڪيرٿ ڇوڪريءَ کي انتهائي زور سان دربار جي فرش تي بادشاه جي اڳيان اڇليو هو!!!!
    هن جو جسم ننڍن ننڍن ٽڪرن ۾ ورهائجي بادشاه جي اڳيان ڦهلجي ويو. ايئن جيئن ڪو پٿر ڀور ڀور ٿي ويندو آهي.ڇوڪريءَ جي ماءُ رانڀاڙ ڪري ڊوڙي آئي، هن پنهنجي معصوم نياڻيءَ جي جسم جا ٽڪرا ميڙڻ چاهيا..بادشاه سپاهين ۽ دربانن کي هڪل ڪري ڪيرٿ کي پڪڙڻ لاءِ چيو ۽ پاڻ به تخت تان اٿڻ لڳو پر اٿي نه سگهيو.
    ڪير به پنهنجي جاءِ تان چري نه سگهيو، ڇو ته هر ماڻهون پنهنجي پنهنجي جاءِ ته پٿر ٿي ويو هو!


    پير جي خارش

    پير جي خارش

    خدوءَ جي اک ۾ رئيس جو اهو نئون بوٽ چڀي رهيو هو جيڪو هن تازو ڪراچيءَ مان خريد ڪيو هو. خدوءَ کي چوري ڪرڻ جي ڪا عادت ڪونه هئي پر الاءِ ڇو رئيس جو اهو بوٽ ڏسي پير ۾ خارش ٿي پئي هئس. بوٽ به اهڙو هو! جنهن ٿي ڏٺو تنهن کان ٿي رڙ نڪريو وئي. هونئن به نوڪرن چاڪرن ۽ هارين نارين کي ته بس کپي بهانو ، رئيسن جي تعريف ڪرڻ لاءِ. ڪجهه ماڻهن جي ڳالهين جو اثر هو ته ڪجهه بوٽ به اهڙو سٺو هو... جو خدوء جي دل بار بار ٿي بوٽ لاءِ سٽ کاڌي.
    وڏيري جا اهي بوٽ ڏسي خدوءَ کي پنهنجا اهي ڏينهن ياد اچي ويا جڏهن ٻئي پير سلامت هئس ۽ هو پن جي ٻيڙي ٻڌڻ جو ڌندو ڪندو هو، ڪيترائي سال يونين جو اڳواڻ رهندو آيو هو، آفيسرن عملدارن سان به واسطو پوندو هئس سموري سنڌ ۾ پيو ميٽنگون اٽينڊ ڪندو هو ۽ ڀت پوت کائيندو هو. انهن ڏينهن ۾ ڪپڙي لٽي جو به وڏو شوقين هو، جوتن جا به ٻه ٻه ٽي ٽي جوڙا هوندا هئس، پائوڊر پرفيوم جو ڄاڻو ۽ شوقين هوندو هو. پر هڪ ڀيري ڪنهن سفر تان موٽندي ريل مان ڪري پيو ۽ هڪڙي ٽنگ ڪٽجي پئي هيس. ڪيترائي مهينا هڪ جاءِ تي ستي پٺن ۾ چٽا پئجي ويس........... سال ڏيڍ پئي علاج هليس.
    ...........................
    هن بس اهو ٿي چاهيو ته ڪنهن به طرح اهو بوٽ سندس پير ۾ هجي.... پر رئيس جي پادرن کان به واقف هو.
    اوطاق تي تاش جو سٽڪو لڳو پيو هو، اها ڇپرائين اوطاق رئيس وڏي شوق مان لاڙ ۽ مٺيءَ جا ڪاريگر گهرائي ٺهرائي هئي.. جنهنجي سامهون هڪ خوبصورت پارڪ هو جنهن ۾ طرح طرح جا گل ٻوٽا رکيل هئا، ديسي ۽ پرديسي وڻ الڳ هئا، جن ۾ پکي ٻوليون ٻولي رهيا هئا.
    اوطاق تي هر روز تاش پتي جا مقابلا ٿيندا رهندا هئا اڄ به ٻه ٽي جوڙيون مختلف کٽن تي ويٺيون کيڏي رهيون هيون... هر ٽولي جي مٿان تماشبينن جا ڳاهٽ هئا... خدوءَ جي هورا خورا وڌندي ٿي وئي. ڦري سري وري اچي ٿي بوٽن جي مٿان بيٺو.. کيڏيندڙن کان کائڻ پيئڻ، هنگڻ مٽڻ سڀ ڪجهه وسري ويو هو.....عيد جا ڏينهن هجڻ ڪري ڪي نوان کلاڙي به ميدان ۾ لٿل هئا، انهن کي مات ڏيڻ لاءِ ڳوٺ جي کيڏاڙين وس پئي ڪيا، پر انهن وٺ نه پئي ڏنن. نيٺ شام جا ٽي ٿيا ته رئيس کي ماني ياد آئي ۽ خدوءَ کي هڪل ڪندي چيائين،
    “آڙي خدن!”
    “جي سائين!” هن ترت جواب ڏنس.
    “اڙي وڃ گهر، ڇورن کي چئه ماني ته کڻائي اچن”
    حاضر سائين چئي، بيهي رهيو .
    ماڻهن جي توجهه وري راند ۾ ٿي .هو منڊڪ منڊڪ ڪري فري وڃي بوٽ جي مٿان بيٺو..
    ٿورو هيڏانهن هوڏانهن نهارڻ کانپوءِ جڏهن اها پڪ ٿيس ته هن ڏي ڪنهنجي به توجهه ناهي تڏهن، بوٽ جي پٻ ۾ گهوڙيءَ جي چوٽي ڦاسائي وٺي جو اڇل ڏنائينس ته بوٽ وڃي گيٽ جي ڀر ۾ ديوار سان لڳو.. اندر ئي اندر ۾ سرهائي ڀائيندي تڪڙو تڪڙو ٻاهر روانو ٿي ويو..
    ڪنهنکي ڪجهه به خبر نه پئي ته ڇا ٿيو.. هو جوتو ڪڇ ۾ لڪائي هليو ويو...
    ٿوري دير ۾ ماني کڻائي آيو. ماني کائڻ لاءِ رئيس هٿ ڌوئڻ لاءِ اٿيو، جوتو هڪڙو ڏسي سوچيائين ٻيو کٽ هيٺيان هوندو... هو ڪنهن ٻئي جو جوتو پائي هٿ ڌوئي، ماني تي ويهي رهيو.
    ماني کائي بس ڪيائون ته وري پتي جو سٽڪو شروع ٿي ويو.
    خدو به ٿانو کڻائي گهر ڏانهن هليو ويو ۽ وري موٽي ڪونه آيو.
    صبح جو سويل خدوءَ کي رئيس اوطاق تي گهرايو..
    رئيس جو پارو چڙهيل هو، پر خدو به خدو هو...
    “خدو توکي اگر جوتي جي ضرورت هئي ته مونکي ٻڌائين ها، آئون توکي ٻيو جوتو وٺي ڏيان ها، منهنجو جوتو چوري ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي توکي!؟”
    “رئيس ڇا پيا چئو؟ مونکي ڪا خبر ناهي، منهنجو ته پير به هڪڙو آهي آئون بوٽ کي ڇا ڪندس؟” خدو خود اعتمادي سان جواب ڏنس.
    “منهنجو بوٽ به هڪڙو ئي گم ٿيو آهي ۽ تنهنجو پير به هڪڙو آهي ان ڪري توکان سوائي اهو ڪم ڪنهن ٻئي ڪيو ئي ڪونه هوندو”
    “اَڙي ڇورا بوٽ کڻي اَچ!” وڏيري وڏي روب سان ڪنهن ڇوڪري کي اندر رکيل هڪڙو بوٽ کڻي اچڻ لاءِ چيو....
    ڇوڪري اندران بوٽ کڻي آڻي خدوءَ جي آڏو رکيو.... خدو بوٽ ڏي نهاري مرڪيو، وري ڪنڌ مٿي ڪري رئيس جي منهن ۾ نهاريائين.... رئيس جو منهن اڃان ٽامڻي هو....
    آهستي آهستي ڳوٺاڻا به گڏ ٿي ويا.. خدو وري ڳالهايو..
    “رئيس ڪالهوڪو ٻار آهين، مونکي ايئن راڄ ۾ خوار ڪيو اٿئي، ٿورو سوچين ته ها! مونکي کڻي ڇڏ، رئيس مرحوم جو ته خيال ڪرين ها، ان جي جيڪا مون خدمت ڪئي هوندي ان جي هڪڙي خبر الله کي ٻي توکي ......۽........!؟”
    “بس!..... بس....!”رئيس خدوءَ جي اها ڳالهه ٻڌي وڌيڪ ڪاوڙ ۾ اچي ويو...
    خدو موقعي جي نزاڪت کي سمجهندي اصل ڳالهه کولڻ ۾ دير ئي نه ڪئي، هن کي خبر هئي اگر اڃان به دير ڪيم ته پادر کائيندس.
    “رئيس منهنجو پير جيڪو سلامت آهي اُهو آهي ساڄو، ۽ جوتو گم آهي کٻي پير جو..... آئون کاٻي پير واري جوتي کي ڇا ڪندس!؟” خدوءَ کي ته اڳ ۾ ئي خبر هئي ته کيس ڳالهائڻو ڇا آهي...
    رئيس جي ڪاوڙ جو ٽائر ڄڻ ٺڪاءُ ڏئي ڦاٽي پيو ۽ ڳوٺاڻن ۾ به سس پس شروع ٿي وئي، رئيس لاجواب ٿي ويو. آهستي آهستي ڳوٺاڻا پنهنجن پنهنجن گهرن ڏي روانا ٿي ويا. ڳوٺاڻن کي خبر هئي ته هاڻي ڇنڊ ڇاڻ انهن کان ئي ٿيندي. تنهن ڪري رکيائون پيرن تي زور....
    رئيس ڄڻ ڪي ڀڳل پير گهليندو وڃي کٽ تي ڪريو...
    خدو به منڊڪ منڊڪ ڪندو هليو ويو..
    ........................................................
    ٻئي ڏينهن سموري ڳوٺ ڏٺو ته جوتو خدوءَ جي پير ۾هو ....
    باقي بچيل جوتو رئيس جي ڪهڙي ڪم جو هو.... سو اُهو به ثواب خاطر ڏياري موڪليائين خدو کي...!


    هڪ پراسرار قبر جي ڪٿا!

    هڪ پراسرار قبر جي ڪٿا!


    قبر کوٽڻ مون لاءِ هڪ تمام ڏکيو عمل هو.... سماجي اخلاقيات ۽ ورثي ۾ مليل ڊپ ۽ خوف سبب آئون ڪيترن ئي سالن کان ائين نه پئي ڪري سگهيس، جڏهن ته مون کي سورنهن آنا پڪ هئي ته مون سان ڳالهايو انهيءَ قبر مان وڃي ٿو. . مون کي اها خبر ئي نه هئي ته، اها پراڻي قبر کوٽڻ کان پوءِ ڇا ٿيئڻو آهي. پر مون پڪو ارادو ڪيو هو ته قبر کي ضرور کوٽيندس. قبرستان ڏانهن ويندي ويندي مونکي اهي سڀ ڳالهيون ياد اچڻ لڳيون جيڪي مون سان هميشه ٿينديون رهيون هيون. مون کي قبر مان ڳالهائيندڙ ڇوڪريءَ جي ڳالهين مان هميشه پنهنجائپ جو احساس ٿيندو هو ايئن لڳندو هو پڪ قبر مان ڳالهائيندڙ اها سندر ناري مون کي انتهائي ويجهڙائيءَ کان سڃاڻي ٿي............ هوءَ مون کي سڏيندي چوندي، “سليم تون مون کي ڀلي نه سڃاڻ پر آئون توکي صدين کان سڃاڻان ٿي” آئون چوندس “ها ته پوءِ ٻڌاءَ نه مون کي ته تون ڪير آهين، قبر ۾ دفن هوندي به تنهنجي ڳالهائڻ جي پويان ڪهڙو راز لڪل آهي؟” تڏهن چوندي، “سليم آئون تنهنجي ڪنهن به سوال جو جواب ڏئي نه ٿي سگهان، منهنجي هر سوال جو جواب توکي تڏهن ملندو جڏهن تون منهنجي قبر کوٽي مون کي اتان ٻاهر ڪڍندين”.
    “ڀلا پنهنجو نالو ئي کڻي ٻڌاءِ!” پر هوءَ انڪار ۾ چوندي، “نه سليم آئون توکي پنهنجو نالو نه ٿي ٻڌائي سگهان ۽ مون کي هتي قبر ۾ ڪا گهڻي تڪليف به نه آهي، بس توکي ڏسڻ کان پوءِ ئي هن قبر مان ٻاهر نڪرڻ لاءِ دل چاهيو آهي”
    “پر تون ته زنده نه آهين، تنهنجو ڇا وڃي چاهڻ ۽ نه چاهڻ سان!؟”
    “بس توکي ڏسڻ کان پوءِ ئي ڳالهائڻ جي همت ساري سگهي آهيان”
    اهو سڀ ٿيڻ کان پوءِ آئون ڏاڍو پريشان رهڻ لڳس، منهنجي راتين جي ننڊ ۽ ڏينهن جو آرام ڦٽي ويا هئا، سوچيندو هئس ته آخر ٿي ڇا رهيو آهي. پهرين ڪجهه مهينا ته ڪنهن سان ڳالهه به نه ڪيم ته مون سان هي وهي واپري رهيو آهي. مهينو مهينو قبرستان ڏانهن نه ويندو هئس. پر جڏهن به ويندو هئس ته هوءَ ڳالهائڻ لڳندي هئي.
    جڏهن گهڻن ڏينهن کان پوءِ ويندو هئس ته هوءَ سڏڪي پوندي، چوندي، “سليم منهنجي لاءِ تون اڄ به اهو ئي ساڳيو آهين، ڪٺور دل بي پرواهه ۽ انتهائي ظالم، جنهن وٽ محبت نالي ڪابه شيءِ ئي نه آهي”
    نيٺ مون ان باري ۾ هڪ ٻن دوستن سان به ڳالهه ڪئي، دوست منهنجي سڄي وارتا ٻڌڻ کان پوءِ مون تي کلڻ لڳا ۽ مون کي چريو سمجهڻ لڳا. مون دل ۾ پڪو ارادو ڪري ڇڏيو ته هاڻ ڪنهن دوست، يار يا مٽ مائٽ سان ان حوالي سان ڪابه ڳالهه نه ڪندس. پر پوءِ به ڪن روحاني رمزن کي سمجهڻ وارن فقير فقرا سان وڃي مليس انهن مونکي وڏي همت ڏياري ۽ آئون نفسياتي طور ڏاڍو پڪو ٿي ويس، هنن جو اهو به چوڻ هو ته آئون ڪوبه ڊپ نه ڪريان! ڇو ته ڪنهن نقصان جوڪوبه انديشوهجڻ جي گنجائش ناهي. هنن جو اهو به چوڻ هو ته جيڪڏهن توکي گهڻي پريشاني آهي ته پوءِ تون ان قبرستان ڏانهن وڃڻ ئي ڇڏي ڏي. پنهنجي پاڻ کي گهڻو ئي روڪڻ جي ڪوشش ڪرڻ جي باوجود آئون ان پاسي ڪنهن نه ڪنهن ڏينهن ضرور هليو ويندو هئس. ۽ هاڻ ڪجهه وڌيڪ مطمعين ۽ بي ڊپو به ٿي ويو هئس.
    هوءَ ان ڏينهن ڏاڍو رني! چوڻ لڳي.“تون منهنجي قبر کان ڊڄين ٿو، اڄ آئون توکي اهو به ٻڌائي ڇڏيان ٿي ته آئون توکي ڪوبه نقصان ڪونه ٿي پهچائي سگهان، ڇو ته آئون هڪ لاش آهيان منهنجو ماس ڳري ويو آهي، منهنجي هڏن ۾ ڪيڙين ۽ ماڪوڙين گهر ٺاهي ڇڏيا آهن، آئون مٽيءَ سان مٽي ٿي وئي آهيان، آئون توکي اڄ به سڃاڻان ٿي، پر مون کي افسوس آهي ته تون مون کان ڪالهه به بيگانو هئين ۽ اڄ به بيگانو آهين!”.
    آئون حيران ۽ پريشان هئس، منهنجا حواس خطا ٿي ويا هئا، مون کي سمجهه ۾ نه پئي آيو ته مون سان ڇا ٿي رهيو آهي، منهنجي چاليهن سالن جي زندگيءَ جا سڀ تجربا ۽ حاصل ڪيل علم جواب ڏئي ويا هئا. آئون انتهائي حد تائين ڊپريشن جو شڪار ٿي ويو هئس ۽ هڪ ڏوراهين هنڌ وڃي اڪيلو ويهي پنهنجي گذاريل زندگيءَ جي لمحي لمحي کي ياد ڪري ان تي سوچڻ لڳس، زندگيءَ ۾ آيل هر هڪ ڇوڪري جي حوالي سان غور ويچار ڪرڻ لڳس، پر مون کي ڪابه اهڙي ڇوڪري ياد نه آئي جنهن لاءِ آئون ڪو ايترو ڪٺور دل ۽ انتهائي ظالم رهيو هجان، مون ته زندگيءَ ۾ آيل هر ڇوڪريءَ سان محبت ڪئي هئي، مون ته سيڪس جي عمل کي به پيار ۽ محبت جو روح تصور ڪيو هو، مون ڪنهن به ڇوڪريءَ کي ڪڏهن به دوکو نه ڏنو هو، مون هر ڇوڪريءَ کي پنهنجي اندر جي حقيقتن پٽاندر پنهنجو سمورو اندر کولي آڏو رکيو هو. ان کان پوءَ هن مون لاءِ جيتري به سخاوت ڪئي هوندي مون ان تي شڪر بجاءِ آندو هوندو. مون ڪڏهن به هول ۽ هٻڇ نه ڪئي هوندي، ڪڏهن به ڪنهن جي روح کي بي لباس نه ڪيو هوندو.
    قبر جي حوالي سان منهنجون سڀ ڪوششون ناڪام ويون هيون، بس هڪ ئي ڳالهه سمجهه ۾ آئي هيم ته هاڻ قبر مان ڳالهائڻ واري ان خوبصورت ڇوڪريءَ کان سواءِ مون کي هن دنيا ۾ ٻي ڪابه هستي ڪو مناسب رستو ڏيکاري نه ٿي سگهي.
    آئون پنهنجو سڀ سامان سهيڙي بنا دير واپس ڳوٺ روانو ٿيس. ڳوٺ پهچڻ کان پوءِ امان، بابا جا پير ڇهي سڌو قبرستان ڏي روانو ٿيس. منهنجي هٿ ۾ ڪوڏر ۽ گڏ ڪڍڻ واري رنبي هئي، آئون تڪڙو تڪڙو قبرستان پهتو هئس.
    پهچڻ کان پوءِ اهو ڏسي حيران ٿي ويس ته ان قبر جو منهن اڳ ۾ ئي کليل هو، قبر جي اندر نهاريم ته مٽيءَ تي هڪ اهڙو اسڪيچ نما نشان موجود هو جنهن مان اهو پئي لڳو ته ڄڻ ڪو وجود مٽيءَ مان پاڻ آجو ڪري اٿيو هجي، قبر جي هڪ پاسي چئين پيرن جا نشان اهڙي طرح لڳل هئا، ڄڻ ڪي ٻه جسم هڪ ٻئي سان ڀاڪر پائي مليا هجن. انهن ئي پيرن جي آس پاس قبر ۾ اندر موجود مٽيءَ جهڙي مٽي واريءَ جيان ڇٽيل نظر پئي آئي. اهي ئي چار پير گڏ گڏ هلندا پئي ويا ۽ آئون انهن جو پيڇو ڪندو انهن جي پويان پويان هلندو رهيس. اهي ويندڙ پير ته مونکان آڳتي هلي الائي ته ڪيئن وڃائجي ويا!آئون موٽي واپس گهر هليو آيس. پر اڄ به آئون ڄڻ انهن ئي پيرن جو پيڇو ڪندي ڪندي زندگيءَ جا آخري ڏينهن گذاري رهيو آهيان، امان ۽ بابا جي قبر تي قل پڙهڻ جي بهاني آئون اڪثر ان قبر تي ويندو رهندو آهيان ته متان هوءَ ڪنهن به وقت وري مون سان ڳالهائي پر اڃان تائين ائين ٿي نه سگهيو آهي. پر مون پنهنجي اولاد کي اها وصيت ضرور ڪئي آهي ته منهنجي مرڻ کان پوءِ مونکي ان ئي قبر ۾ دفن ڪيو وڃي...........


    نانگ جو ڪکيل!

    نانگ جو ڪکيل!

    رات ئي اهو سڀ ڪجهه ٿي ويو...... جنهن جي مون کي صبح جو خبر پئي هئي. اسان سڀ گهر وارا هونئن ته چاچا وارن جي گهر عام طور تي گهٽ ئي ويندا هئاسين، پر ان ڏينهن ڳالهه ئي اهڙي هئي تنهنڪري اکيون مهٽيندو وڃي چاچا وارن جي گهر نڪتس....
    چاچا ورانڊي واري ٿنڀ سان ٻڌل هو. سندس ٽنگ ۾ سنگهر لڳل هئي. چاچا پنهنجي مٿي جا وار، ڏاڙهي، مڇون ۽ ڀرون به پٽي چٽ ڪري ڇڏيا هئا!... سندس جسم تي ليڙ به نه هئي. هو خوف ۾ ويڙهجي ڳوڙهو ٿي ويو هو. مون کي ڏٺائين ته ڄڻ التجائون ڪندي چوڻ لڳو. “ابا او ابا..... علي خان کي چئه ته مون کي نه ماري...... ابا هو مون کي ماري ڇڏيندو، هو مونکي ماري ڇڏيندو پٽ. ابا هن جي هٿ ۾ ڏنڊو آهي، ڏنڊو وٺ هن کان......... هو ڪاوڙ ۾ آهي، هن کي هوش ڪونهي”.
    آئون ڪنڌ هيٺ ڪري واپس هليو آيس. منهنجي اندر ۾ بابا جي زندگيءَ جا ڏينهن ۽ راتيون لهي آيا.
    مون بابا کي جڏهن کان محسوس ڪرڻ شروع ڪيو هو، تڏهن کان اهو لڳڻ لڳو ته ڄڻ هو ڪنهن آلي بنڊيءَ جيئان دکندڙ شخص لڳو هو..... مون کي ياد آهي، بابا چوندو هو.
    “ابا.... مون کي ڏينهن لڳل آهي! (شديد گرمي) ان ڪري هاڻ اُس ۾ ڪم نه ٿو ڪري سگهان!” اها بابا جي آخري انهن چند سالن جي ڳالهه آهي، جڏهن بابا اڃان هارپو ڪندو هو. بابا پنهنجي زندگي ۾ هونئن ته گهڻا ئي لاها چاڙها ڏٺا، روڊن تي پٿر ڪٽيائين، مزدوريون ڪيائين، جهنگن مان ڪاٺيون ڪري ڏاند گاڏي تي کڻي وڃي شهر ۾ وڪڻندو هو، گڏوگڏ هارپو به ڪندو هو، ڏاندن جي شوق ۽ واپار جي ڪري ڏاڍا نقصان کاڌائين، خاص طور تي کيس تڪليف مان تڏهن گذرڻو پيو، جڏهن بابا مکيءَ ۾ ڪنهن واسطي وارن کي ڳوٺ مان مال رکت تي ضامن پئي وٺي ڏنو ۽ وقت سر پئسه نه ملڻ جي ڪري نه صرف پنهنجو وقت وڄائڻو پيس، پر پئسو به خرچ ڪرڻو پئجي ويندو هئس. ان دوران ئي منهنجي ننڍڙي ڀيڻ بيمار ٿي پئي ۽ بابا جي اچڻ جو انتظار ڪندي ڪندي مري وئي. آخري ڏينهن ۾ سندس اکيون ڏرا ڏئي ويون هيون، منهن ڦڪو ٿي ويو هئس ۽ ڄڻ ڳالهائڻ ۾ به تڪليف ٿيندي هئس، چڙ چڙي ۽ بيزار لڳندي هئي، آئون هن کان وڌ ۾ وڌ ٻه سال وڏو هئس، هوءِ ايتري بيمار هئي تڏهن به آئون کيس ڏاڍو تنگ ڪندو هئس، هن جي هڪڙي ڏاڍي خوبصورت هٿ جيتري گڏي هوندي هئي. جنهن کي ڀرت ڀريل ڪپڙا پهريل هوندا هئا، ٽئورن واريون سڳيون به ٽاڪيل هونديون هئس. ادي کي گڏين سان راند ڪرڻ ڏاڍو سٺو لڳندو هو. اها گڏي هر وقت ساڻس گڏ هوندي هئي، آئون کيس تنگ ڪرڻ لاءِ گڏي ڦري وٺندو هئس، ۽ گڏيءَ کي سڳين کان جهلي سندس آڏو پيو لٽڪائيندو هئس، هوءَ پنهنجي ڪمزور جسم جي پوري طاقت گڏ ڪري ڦرڻ لاءِ جهٽ هڻندي هئي پر آئون جهٽڪي سان گڏي مٿي ڇڪي وٺندو هئس، ڪجهه ڀيرا ئي جهٽ هڻي هوءَ ساڻي ٿي پوندي هئي ۽ رڙيون ڪري امان کي سڏ ڪرڻ لڳندي هئي، امان پنهنجو ڪم ڪار ڇڏي ڊوڙي اچي مون کي ٿڪ لعنت ڪري گڏي وٺي کيس ڏئي هلي ويندي هئي. آئون ڪجهه دير هيڏانهن هوڏانهن هليو ويندو هئس ۽ موٽي اچي وري به کيس ائين تنگ ڪندو هئس. پوءِ هوءَ چوندي هئي ته، “بابا اچي آئون توکي ان کان سڌو ڪرائينديس...! بابا نه آيو سو نه آيو..! پر هن جو روح جهٽڻ وارو بابا کان پهرين پهچي ويو........ هوءَ هلي وئي پر گڏي اتي ئي رهجي وئي.......... هوءَ مون کي ته مار ڪونه ڏياري سگهي پر بابا کي زندگيءَ لاءِ ماري هلي وئي. بابا سندس جنازي نماز تي پهتو هو ۽ سندس اکيون آليون ٿي ويون هيون. ان کان پوءِ مون بابا کي ڪڏهن به روئندي ڪونه ڏٺو هو. شايد کلندي به ڪڏهن ڪونه ڏٺو هو! ان کان پوءِ امان پنهنجي ڌيءَ جي گڏيءَ کي پنهنجي ڌيءُ بڻائي ڇڏيو هو، بابا اڃان به پراوا پئسه اوڳاڙڻ جي پويان هميشه ٻاهر هوندو هو ۽ ٻنيءَ جو گهڻو تڻو ڪم ڪار ۽ گاهه پٺو ڪرڻ منهنجي مٿي تي هئا. امان اڪثر اديءَ جي رکيل اها گڏي پيتيءَ مان ڪڍي هٿن ۾ جهلي روئي روئي اکيون ڳاڙهيون ڪري پوءِ ٻاهر نڪرندي هئي.
    اسان جي هارپي وارين زمينن تي نوان کاتيدار آيا، انهن پهريون نيڪ ڪم اهو ڪيو ته اسان کان هارپو ئي کسي ڇڏيائون. بابا ساڌو سوڌو ٻهراڙيءَ جو ماڻهو هو، تنهن ڪري بابا کي اها ڳالهه ڏاڍي ڳري لڳي ۽ ان ڳالهه سندس دماغ تي ڏاڍو گهرو اثر وڌو.
    ڏاڏي ٻڌائيندي هئي ته علي خان نانگ جو ڪکيل آهي، ان ڪري سندس مٿان موسمن جو وڏو اثر پوندو آهي جهڙ واري مند ۽ سخت سيءَ ۾ سندس دماغ فري ويندو آهي ۽ ٿيندو به ائين ئي هو. هو نارمل هوندو هيو ته ماٺار ۽ سڪون ۾ هوندو هو، جيڪو ڪجهه الله جو ڏنو هوندو هئس ان تي خوش هوندو هو. گهڻي هڻ هڻان نه ڪندو هو، نه ڪيڏانهن ايندو هو ۽ نه ويندو هو، پر جڏهن موج ۾ هوندو هو. تڏهن پيو نوان نوان واپار ڪندو هو، اوطاقن تي ڪچهريون، ڀوڳ چرچا، ميلا ملاکڙا گهمڻ ۽ روز نوان نوان خيال پيو ڏيکاريندو هو، ايتري قدر جو کيس ٻي شادي ڪرڻ جو به شوق جاڳي پوندو هئس.
    جڏهن زميندار هارپي کان جواب ڏنو ته اهي ڏينهن بابا جي مستي وارا ڏينهن هئا، بابا شديد ڪاوڙ ۾ هيو. سڄو ڏينهن، هِن هَن سان پيو جلا ڦلا ڳالهائيندو هو، هن کي زمين جي هارپي ڦرجڻ جو وڏو صدمو هو.
    هڪ ڀيري جمع جي ڏينهن بابا سويل مٿي کي ميندي لارائي ۽ ڇتي سيءَ ۾ شاخ جي يخ پاڻيءَ ۾ وڃي وهنتو. ان کان پوءِ ڳوٺ کان پندرنهن ڪلو ميٽر پري هڪ دوست جي خيرات جي دعوت تي هليو ويو ۽ ويندي ويندي مون کي چئي ويو ته جاڙي وارن کان ڏاند ضرور ڪاهي اچجان.
    شام جو موٽيو، گهر پهچي اڃان پٽڪو به نه لاٿو هئائين جو مون کان پڇيائين
    “ڇورا جاڙي کان ڏاند ڪاهي آئين يا نه!”.
    “نه بابا” مون جواب ڏنس.
    پوءِ ته گارين جا دوڙهيا لائي ڏنائين، ۽ وري ٿيو روانو ڏاند ڪاهڻ، جيڪو ٻئي ڳوٺ ۾ بيٺل هيو.
    رات جو ماني واري ٽائيم تي، ڏاند ته ڪاهي موٽي آيو، پر سيءَ ۾ سندس حالت تمام گهڻي بگڙجي وئي. آواز ۾ بڙ بڙاهٽ هئس، ڄڻ ته وڦليو پئي. ورانڊي ۾ باهه پئي ٻري، سڀ گهر وارا چلهه کي ڦريو ويٺا هئا، بابا جو مامو بچل به اچي ويٺو هو. بابا پنهنجي رنگ ۾ پئي ڳالهايو. ڳالهه ڳالهه تي چئي، “پڙهو سبحان الله، پڙهو سبحان الله” اسان سڀني گڏجي پئي وڏي آواز ۾ چيو، “سبحان الله”
    بابا اٿيو.
    “بابا ڪيڏانهن؟”.......... مون پڇيومانس.
    “اي ابا ڪيڏانهن ڪونه ٿو وڃان......... پيشاب ٿو ڪريان”
    سندس آواز ۾ اها ئي بڙبڙاهٽ هئي، بابا اڳيان هو آئون پويان........ گهٽيءَ کان ٻاهر نڪري وڃي، پيشاب لاءِ ويهندي مانجهلي جي ٻوڙي ۾ هٿ وڌائين، اوچتو وٺي مانجهلي کي ڌوڻيائين......... “ابا......... ابا مون رئيس ڇٽل جي پاڙ پٽي ڇڏي....... مون هن جي پاڙ پٽي ڇڏي آهي........... پٽ!” وٺي جو سٽ ڏنائين ته مانجهلي پاڙ سوڌي بابا جي هٿ ۾ اچي وئي ۽ پوءِ وڃي لوڙهي تي ڪري..... “سبحان الله........ سبحان الله” ڪندو وري گهر موٽيو........ اسان سڀني کي ماني کائڻ وسري وئي هئي.
    گهر جو هر ڀاتي پيو پنهنجي منهن دعائون گهري. پوءِ اوچتو ئي اوچتو بابا جي هٿ ۾ ننڍڙي ويهڻ واري سندلي اچي وئي، پهرين ته وهائي ڪڍيائين ڏاڏا بچل جي مٿي ۾ ! باقي سڀني ڀڄي ڇڏائي جان! بابا ڪاهي پيو پاڙي ۾.......... پوءِ ته بس رڙو رڙ ٿي وئي......... ڪنهن جا دلا ڀڳائين ته ڪنهن جو مٿو ڦاڙي رکيائين.......... بابا جوانيءَ ۾ ڪٻڊي ۽ ٻيلهاڙي جو به سٺو رانديگر هو ۽ سخت جان ۽ ڇانڊڙ مڙس هو، ان ڪري جهڙو تهڙو مڙس ته ويجهو ئي نه پيو اچيس...... پل ئي ڪونه گذري جو سمورو ڳوٺ گڏ ٿي ويو....... بابا جي هٿ ۾ ڏنڊو هو..... ڪير ويجهو اچي!. نيٺ سندس ماروٽ....... اک بچائي وڃي پويان کان ٻک پاتس..... ۽ دسي کڻي پويان کان ٻانهون ٻڌائونس. ٻي لمحي بابا اسان جي گهر جي دروازي واري چائونٺ سان ٻڌو پيو هو ۽ سندس ٽنگ ۾ سنگهر لڳل هئي، سڀ گهر وارا، مٽ مائٽ پريشان هئاسين. ته آخر هاڻ ڇا ٿيندو، بابا پنهنجي جسم جا ڪپڙا ڦاڙي ليڙون ليڙون ڪري ڇڏيا هئا ۽ هاڻ الف ٿي بيٺو هو، ڏاڙهي ته بابا رکندو ڪونه هو، باقي شهپر به پٽي پوٺو ڪري ڇڏيائين!!!!
    صبح سان سمورو ڳوٺ پئي آيو ويو، پري پري کان مٽ مائٽ به بابا جي حالت ڏسڻ لاءِ اچي گڏ ٿيا.... بابا جنهن کي ٿي ڏٺو تنهن کي پئي گار ڏنائين.... ايتري قدر جو ڳوٺ جو رئيس، جيڪو بابا جو دوست به هو ۽ ڏاندن واري خفت ۾ ٻئي گڏ هوندا هئا، تنهن سان به گهٽ ڪونه ڪيائين ۽ گارين جا ڌوڙيا لائي ڏنائي، جيڪو پئي آيو، تنهن پئي پنهنجي ڳالهه ڪئي. ڪو چوي ته قلندر تي وٺي وڃونس. ڪو چئي ته ڀٽائي تي، ته ڪو چوي نه ڄام صاحب تي ٻڌي اچوس، نيٺ ڪن سلجهيل نوجوانن ادا وڏي کي صلاح ڏني ته اسپتال ۾ داخل ڪريوس.
    بابا کي اسپتال ۾ داخل ڪيوسين. کيس آرام جون سيون هيائون، آرام ڪيائين ته ٻن ڏينهن اندر گهڻي قدر نارمل ٿي ويو. پر ڳالهيون وسرڻ لڳيون هئس ۽ ڳالهه ڳالهه تي مٿي تي هٿ هڻي سوچڻ ٿي لڳو. هفتي اندر بابا ٺيڪ ٿي ويو....... زميندار نياپو ڪيو ته زمين ڀلي اچي وري کيڙيو. بابا ٺيڪ ٿي موٽي گهر اچي ويو.
    اسان جي هڪڙي چال مينهن هوندي هئي، بابا ان مينهن کي ڏاڍو پيار ڪندو هو، مينهن اسان جي فصلن ۾ پئي ڇيڪ چرندي هئي، ڪجهه ئي مهينن ۾ مون کي به هڪڙي پرائيويٽ ڪمپني ۾ نوڪري ملي وئي. ادا اڳ ۾ ئي درزڪو ڪم ڪندو هو ۽ شهر ۾ ئي رهندو هو. آئون نوڪري به ڪرڻ لڳس ۽ زمين به سنڀالڻ لڳس. صبح جو سويلي اٿي مال لاءِ گاهه به ڪري ايندو هئس. ڪجهه ادا ڪمائيندو هو، ڪجهه منهنجو پگهار، وقت سٺو گذرڻ لڳو هو. بابا اويلي سويلي مينهن کي ڇوڙي ۽ فصلن جا سيڙها سٺا چاري، شاخ تان پاڻي پياري، وهنجاري سهنجاري ڀٽاريءَ کي ڪاهي اچي منيءَ تي ٻڌندو هو.
    اسان وٽ جڏهن نيون زمينداريون ٿيون هيون ته ان وقت چاليهه ايڪڙ کن چاچا وارن کي به زمين ملي هئي، چاچا وارن جو گهر اسان جي گهر کان جريب جيترو پري هو، اسان جا ووڻ ڦٽيون ڪيو بيٺا هئا ته ڳوٺ ۾ چاچا وارن جهيڙو ڪري وڌو،ٿيو اهو هو جو اسان جي گهرن وٽان، ڀرواري ڳوٺ جي هڪ همراهه، جيڪو هڪڙو لوفر قسم جو ماڻهو هو ۽ سرڪاري وڻ وڍرائي کپائڻ، ڳوٺ ۽ شهر ۾ داداگيري ڪرڻ، هلڪيون ڦڪليون ڦرون ڪرائڻ سندس مشغلو هو، ان ئي ٽريڪٽر ٽرالي ڪاهي اچي اسان جي گهرن جي سامهون شاخ تان مٽي کڻائي، چاچا وارن کيس ڏاڍو جهليو پر نه مڙيو، ۽ اهڙيون کئونسون هو ٻين ڳوٺ وارن سان به اڪثر ڪندو رهندو هو. ان ڪري ڳوٺاڻا هن تي سخت ناراض هئا. جن ۾ اسان جي ذات وارا ماڻهو به هئا ته ٻين ذاتين وارا به هئا. ان سموري صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ ان همراهه کي سيکت ڏيڻ لاءِ ڪو اندران اندر صلاح ڪري هڪڙي رات جو کيس ڪيلن واري رستي وٽان ڦري آيا ۽ ڪهاڙين سان سندس مٿو ڦيهي هليا ويا. همراهه کي نواب شاهه کڻائي ويا، پر رت سندس دماغ ۾ ڦهلجي وڃڻ ڪري هو بچي نه سگهيو. ان ڪيس ۾ مک جوابدار چاچا وارن کي ڄاڻايو ويو. چاچا جا چارئي پٽ ڪاٺ ۾ پئجي ويا. ٻه سال ڪيس کي گذري ويا پر ڇوڪرن جي ڇٽڻ جو ڪو امڪان ئي نه هو.
    ان وچ ۾ بابا کي اڌ رنگ (فالج) ٿي پيو. بابا جي ساڄي ٻانهن ۽ ٽنگ سٽجي ويون، چار پنج مهينن جي علاج، حڪيمن جي دوائن، ڏس پنڌ ۽ مالش کان پوءِ بابا اٿي رڙهڻ لڳو هو، جيئن ڪجهه هلڻ جهڙو ٿيو تيئن ئي وري چال کي کولي چارڻ لڳو.
    ان ڏينهن شام جو اسان اڃان ڳوٺ نه موٽيا هئاسين. مون کي شهر ۾ اهو نياپو مليو ته مخالف ڌر وارن تنهنجي بابا کي گوليون هڻي بدلو ورتو آهي. آئون شهر مان مٺيون ڀيڙي وٺي ڀڳس، گهر پهتس ته گهر ۾ ماتم متل هو، بابا جي جنازي کي تڙ ڏيارڻ جون تياريون پئي ٿيون. امان جون اوڇنگارون اڀ ڏارينديون پئي ويون، مون کي ڪجهه سمجهه ۾ نه پئي آيو ته ڇا ڪريان. ڪيڏانهن وڃان. آئون سرڪي وڃي ادا وڏي جي ڀر ۾ ويٺس، جيڪو اڳم ئي زمين تي ويٺو روئي رهيو هو.
    چاچا سڌو اسان وٽ هليو آيو ۽ اسان ٻنهي کي ڳراٺي ۾ ڪري آٿت ڏيڻ لڳو ۽ کيسي مان پئسه ڪڍي ڪجهه منهنجي کيسي ۾ وڌائين ۽ ڪجهه ادا وڏي جي کيسي ۾، اسان ٻنهين کي رازداريءَ واري انداز ۾ چوڻ لڳو. “توهان پرواهه نه ڪيو، مون وڪيل کي گهرايو آهي، جيترا به پئسه خرچ ٿيا آئون ڪندس، پر قاتلن کي ڦاهي ضرور چاڙهائينداسين، بس پٽ توهان رڳو شاهدين لاءِ پڪا ٿي بيهجو. پوليس اجها ٿي اچي بيان وٺڻ، توهان اکين ڏٺا شاهد ٿيڻ لاءِ تيار رهجو”
    اسان دل ۾ ڏاڍي سرهائي محسوس ڪئي ته چاچا وڏو اسان جو ڌڻي ٿيو آهي، نه ته اڳ ۾ ڪڏهن به سندس رويو اسان لاءِ اهڙو پنهنجائپ وارو نه رهيو هو. جڏهن ته بابا ۽ امان سندس تمام گهڻي عزت ڪندا هئا، خاص طور امان ته کيس سڳن ڀائرن وانگي ڀائيندي هئي، امان جا جيئن ته هتي اسان کان سواءِ ڪير به رشتيدار ڪونه هوندا هئا ان ڪري هن پنهنجا ڀائر، ڀينرون، ماما، چاچا ۽ ٻيا رشتا قائم ڪري ورتا هئا ۽ هوءَ انهن کي به سڳن رشتن وانگي ئي سمجهندي هئي
    پوليس اچي وئي، جاءِ واردات جو جائزو ورتائون، بابا جا پير ڏٺائون، گولي لڳڻ کان پوءِ بابا جتي ڪريو هو اها جاءِ به پوليس ڏٺي ۽ اتي موجود نم جي ٻن وڻن کي لڳل گولين جو جائزو وٺي پوءِ لاش کي لڳل گولين جا نشان به ڏٺا، پوءِ صوبيدار مون کي ۽ ادا وڏي کي هڪ پاسي وٺي ويو ۽ انتهائي حيران ڪن خبر ٻڌائيندي چيائين.
    “بابا توهان جو پيءَ مئو آهي، توهان هن وقت ڪهڙي حالت ۾ هوندئو آئون به سمجهي سگهان ٿو، پر آئون اها ڳالهه يقين سان چوان ٿو ته توهان جي پيءَ کي گوليون توهان جي پنهنجي گهر واري پاسي کان ئي لڳيون آهن ۽ توهان جي پنهنجن ئي کيس قتل ڪيو آهي. اگر توهان به ڌر ٿيندائو ته پوءِ هن ڌر جي توهان سان به دشمني ٿي پوندي، نه ته اڄ ڏينهن تائين توهان هلندڙ تڪرار کان بلڪل ٻاهر هئا”.
    صوبيدار جي ڳالهه ٻڌڻ کان پوءِ اسان کي ڳالهه سمجهه ۾ اچي وئي ته اصل ۾ هٿ ٺهراءَ ڪيو ويو آهي ۽ اسان جي درويش پيءَ کي ان جو نشانو بڻايو ويو آهي.
    بابا جي ڪفن دفن کان پوءِ جڏهن اسان امان سان صوبيدار واري ڳالهه ڪئي ته ان پڻ ان ڳالهه جي تصديق ڪندي چيو ته “ابا مون کي به پڪ آهي ته خون تنهنجي چاچا وارن ئي ڪيو آهي ته جيئن ان قتل جو ڪيس مخالف ڌر تي ڪري ڳالهه فيصلي ۾ آڻي پنهنجا پٽ بچائي سگهن. پٽ آئون سڀ ڪجهه سمجهيو ويٺي آهيان، پر توهان کي به چوان ٿي توهان ماٺ رهجو، توهان جو چاچو پاڻ ڪيس ڪري ٿو ته وڃي ڪري، مون کي هاڻ الله کان پوءِ ٻيو توهان جو ئي سهارو آهي، هو پنهنجو ڀاءَ مارائي سگهي ٿو ته توهان کي به نقصان ڏئي سگهي ٿو”
    چاچا کي جڏهن ان ڳالهه جي خبر پئي ته چاچا اسان تي ۽ امان تي ڏاڍو ڪاوڙيو ۽ اچي گارگند ڪندي چوڻ لڳو هن اهو به چيو ته ”مون ته پنهنجن ڀائٽن کي پنهنجي گهران ٿي پرڻائڻ چاهيو... پر ڀاڄائي تون ته ڪجهه به سمجهڻ لاءِ تيار ناهين!“
    “ادا توکي جيڪا اسان سان چڱائي ڪرڻي هئي سان تون ڪري چڪو آهين، آئون اها دعا ٿي ڪريان ته تنهنجا پٽ وڏي زندگي ماڻين، رهي ڳالهه سڱن جي ته جيڪو لکيو هوندو، اهو ئي ٿيندو”.
    چاچا ڪاوڙجي هليو ويو.
    “ابا ڏسجو! منهنجي حياتي ۾ ئي توهان کي رب سائين انصاف ڪري ڏيکاريندو” امان چيو.
    چاچا وارن هن ڌر تي بابا جي قتل جو ڪيس ڪري ڇڏيو، قتل جو ڪيس هجڻ ڪري هوءَ ڌر به ڏاڍي مجبور ٿي پئي، ڳالهه فيصلي ۾ هلي وئي، ٻئي قتل چاچا وارن تي ئي ثابت ٿيا.ان ڪري ٻنهين ڌيئرن جا سڱ چٽي لڳن ۽ وڏو ڏنڊ پڻ.
    ان ڳالهه کي سال به نه گذريو هو ته چاچا جي طبيعت به بابا وانگي بگڙي وئي ۽ اڄ هو پنهنجي گهر جي چائونٺ سان ائين ئي ٻڌل هو جيئن بابا کي ٻڌو ويو هو. هن به پنهنجي ڏاڙهي، مڇون ۽ ڀرون پوٺو ڪري ڇڏيا هئا ۽ هو الف اگهاڙو هو.
    بابا ته هِن هَن کي گاريون پئي ڏنيون پر چاچا جي وات تي صرف اها ئي ڳالهه هئي ته علي خان مون کي ماري ڇڏيندو، علي خان کان مون کي بچايو.
    چاچا کي به بابا وانگي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو هو ۽ کيس آرام جون سيون ڏئي سمهاريو ويو هو، پر هوِ ستو ئي رهجي ويو هو ۽ وري اٿي نه سگهيو.


    بگن فقير جي آخري آرام گاهه

    بگن فقير جي آخري آرام گاهه


    ضمير کي ڪيترن ئي سالن کان ان ڳالهه جي يقين جي حد تائين پڪ هئي ته بگن شاهه اصل ۾ سندس پڙ ڏاڏو آهي يا بگن شاهه جي قبر سندس پڙ ڏاڏي جي قبر آهي. هن جي عمر جو آخري حصو ان سوچ ۾ ٿي گذريو ته آخر اهو ثابت ڪيئن ٿئي ته بگن شاهه جي قبر جيڪا هاڻ قبر نه پر هڪ شاندار مقبرو آهي. گذريل ڏهن پندرهن سالن کان هڪ وڏي ڪمائي جو پڻ ذريعو بڻجي ويو آهي، جنهن جي ڪمائي تي روزانو جھيڙا ڦڏا ٿيندا رهندا آهن. ان جي قبر تي ڪڏهن ڪنهن جو قبضو هجي ٿوته ڪڏهن ڪنهن جو...
    ان قبر اندر سندس اهو ڏاڏو دفن آهي جنهن کي ان وقت يعني اڄ کان ڏيڍ سئو سال پهرين جڏهن حرن جي پهرين مارشل لا لڳي هئي هر طرف مليٽري پرا ٻڌي ماڻهن کي ڳولهي ڳولهي پئي ٻڌندي هئي ۽ بنا ڪيس هلائڻ جي ڏورانهن علائقن ۾ کڻي وڃي جيلن ۾ واڙيندي هئي. وريام فقير رليءَ وارو ڳوٺ ڳوٺ رلي اوڍيو پيو هلندو هو. ۽ هر هنڌ غلام حيدر فقير جون ڳالهيون ٿينديون هيون جيڪو افغانستان مان درگاهه شريف پير جو ڳوٺ آيو هو. ۽ پير صاحب جي شخصيت ۽ روحاني رمزون پسي پير سائين کان ذڪر وٺي مريد ٿيو هو، پوءِ درويشاڻو روپ ڌاري واهڻ وستي پيو پرينءَ جي پچار ڪندو هو. ضمير جو ڏاڏو انهن ئي ڏينهن ۾ انهن ئي پٽن ۾ ڪکجي پيو هو.
    انگريزن وريام فقير رليءَ واري کي جيل اندر زهر ڏياري مارائي ڇڏيو هو، پير صاحب سان انگريز سرڪار جا تعلقات خراب ٿي ويا هئا. وريام فقير جي پٽ محمد بچل، المعروف بچو بادشاهه انگريزن جي حڪومت خلاف بغاوت جو اعلان ڪيو هو ۽ هن سانگهڙ سرڪار جي نالي سان حڪومت به قائم ڪري ورتي هئي. بچو سان گڏ سندس حڪومت ۾ ٻارهن ماڻهو شامل هوندا هئا، تنهن ڪري اهي ٻارنهن ٻهروٽيا مشهور ٿيا. انگريز سرڪار، سانگهڙ سرڪار قائم ٿيڻ جي ڪري ڇتي ٿيل هئي ۽ مست هاٿيءَ جيان هر شئي کي لتاڙي پار پوڻ ٿي چاهيائين. ننڍو وڏو، ٻار ٻڍو ڄڻ ويل ۾ هو. ڪيڏانهن اچڻ وڃڻ وڏو مسئلو هو. گهرن ۽ ڳوٺن ۾ رهڻ مشڪل ٿي پيو هو. ماڻهو گهر تڙ ڇڏي وڃي محفوظ هنڌن تي لڪا هئا. بگن فقير جي گهر مردن مان صرف هو پاڻ بچيو هو. سندس پٽ هونئن ئي ٿر جا سفر پيو ڪندو هو. هو سانگهڙ جي آسپاس جي ڳوٺن جو مال ڪاهي ٿر پهچائيندو هو. ۽ وري ٿر مان ڪا ڪاهه ملندي هئس ته اها ڪاهي اچي هتي مالڪن کي پهچائيندو هو.
    بهرحال ضمير اهو پڪو فيصلو ڪري ورتو هو ته هو پنهنجي ڏاڏي جي قبر ضرور کولرائيندو، هن پهريان ته چڱن مڙسن کي دانهون ڏنيون پر ڪنهن سندس هڪ به نه ٻڌي، نيٺ مجبور ٿي هن شاهديون هٿ ڪيون ۽ هڪ سٺي وڪيل کان ليگل نوٽيس مخالف ڌر ڏي ڏياري موڪليو، ليگل نوٽيس ملڻ کان پوءِ هنن ڏٺو ته هاڻي معاملو ٽرڻو ناهي، ان ڪري پاڻ ئي وڃي چڱن مڙسن وٽ دانهين ٿيا. ضمير فيصلي لاءِ اڳ ۾ ئي راضي هو. فيصلو ٿيو، ضمير سڌي ڳالهه ڪندي چيو ته آسپاس جا بزرگ سالن کان ان ڳالهه جي تصديق ڪندا پيا اچن ته بگن فقير جيڪو منهنجو پڙ ڏاڏو هو، ان کي نانگ ڪکي ويوهو. ۽ هو جيا آباد مان ڏاند ڪاهڻ ويو هو. اهو شام جو وقت هو، هو اتان پنهنجن مائٽن مان ڏاند ڪاهي آيو پئي ته سج لهي ويو، اهو ڏينهن اڄوڪو ڏينهن هو واپس نه موٽيو! جتي هن وقت بگن شاهه جي نالي سان قبر آهي اتي ان ڏينهن کان اڳ ۾ ڪا به قبر نه هئي. پوءِ آهستي آهستي اها ڳالهه به کلي ته اها قبر بگن جي آهي، ۽ هن کي رستي ۾ ڪٿي نانگ ڪکي ويو هو. پر سندس ڪو به پونئير نه رهيو هو. هر ماڻهو پوليس ۽ مليٽري جي عتابن کان پيو لڪندو هو. سندس پٽ جيڪو ٿر مال ڪاهي ويو هو سو به اهڙين خراب حالتن جي ڪري سالن تائين واپس ئي نه وريو هو. مٿان لوڙهن وارو عذاب به اچي ڪڙڪيو ته ماڻهو ڄڻ ميڙجي سيڙجي وڃي لوڙهن ۾ پيا.
    ائين سالن جا سال ماڻهو دربدر ٿيندا رهيا، ڪي مري ويا ته ڪي جيل حوالي ٿي ويا. ڪن کي ڦاسيون اچي ويون ته ڪن کي ملڪ بدر ڪري ڪاري پاڻيءَ موڪليو ويو. قبر جي اصليت ڏينهون ڏينهن وئي ٿي ميساربي. بس ان نسل وٽان صرف اها ڳالهه نئين نسل ڏي منتقل ٿي ته بگن فقير ڏاند ڪاهڻ ويو هو ۽ کيس نانگ ڪکي وڌو هو ۽ هو مري ويو هو. هن جو وارث هجڻ جي صورت ۾ اهو منهنجو حق به ٿئي ٿو ته آئون سندس قبر ڳولهي هٿ ڪيان. آئون رڳو اهو ٿو چاهيان ته هن جديد دور ۾ جتي هڏن مان ماڻهن جي ڪٽنب قبيلي جي خبر پوڻ ممڪن ٿي پئي آهي، ڇو نه ان سهولت جو فائدو وٺندي، پنهنجي پڙ ڏاڏي جي قبر ڳولي ڪڍان، جيڪو منهنجي نظر ۾ هڪ شهيد به آهي. هن چيو ته آئون بگن شاهه جي قبر ۾ پوريل لاش جي ڊي اين اي ڪرائڻ چاهيان ٿو. اگر هو منهنجو ڏاڏو نڪتو ته پوءِ کيس منهنجي ڏاڏي جي قبر جي نالي سان بگن فقير ڪري سڏيو وڃي، نه ته بس، ڀلي اها قبر بگن شاهه جي نالي سان سڏجندي رهي.
    پر هنن جو موقف هو ته ڪنهن به قيمت تي قبر ڪشائي نه ٿئي. ها باقي سائين بورڊ تي بگن شاهه اڳيان شاهه هٽائي فقير لکرائڻ تي راضي ٿي ويا، پر ضمير ان ڳالهه تي به نه بيٺو، نيٺ معاملو وڃي ڪورٽ پهتو.
    ٽي سال ڪيس هلندو رهيو. نيٺ ڪورٽ قبر کولي ڊي اين اي ڪرائڻ جو حڪم صادر ڪيو.
    قبر کوٽڻ جو بندوبست ٿي ويو، ڊي اين اي جا سيمپل وٺڻ لاءِ ڪراچي مان ٽيم پهچي وئي، قبر جي کوٽائي وقت ڄڻ اتي ميلو متل هو، پوليس تمام سخت انتظام ڪيا هئا. صحافين جون ٽيمون به اچي لٿيون، هر طرف ڪيمرائن جا ٽچڪا هئا ۽ علائقي جي بزرگن ۽ معززين کان بگن شاهه جي تاريخي پهلوئن جي باري ۾ پڇا ڳاڇا هلندي رهي، پر سڀ ڳالهيون لوليون لنگڙيون هيون، ڪا حتمي ڳالهه سامهون نه ٿي آئي.
    مقبري کي ٻاهران کان سرنگ لڳائي قبر تائين پهچڻ جو بندوبست ڪيو ويو، اهو سمورو ڪم وڏي احترام ۽ نفاست وارو هو. ان ڪري ڪم جي ذميواري ڪن خاص ماڻهن جي حوالي ڪئي وئي هئي.
    ضمير جي اکين ۾ پڙ ڏاڏي جي هڏائين پڃري جا عڪس ۽ اولڙا لهي اڀريا هئا، هن کي سندس ڏاڏيءَ جون ڳالهيون ياد ٿي آيون، جيڪي هو پنهنجي سهري يعني ضمير جي پڙ ڏاڏي بگن فقير جي باري ۾ ڪندي هئي.
    هو چوندي هئي ضمير پٽ منهنجو سهرو سڄو سون هو. هن زندگيءَ ۾ ڪڏهن ويهڻ ته سکيو ئي ڪونه هو. مينهن وسندا هئا ته ٻاجهر، جوار، مڪئي، گوار، موٺ، مسور ڇانهيون، ميها، چڀڙ پوکيندو هو. ٻارنهن مهينن جو ان ۽ ڀاڄيون گهر سڪائي رکندا هئاسين، ريل جي پٽڙين تي وڃي ڪم ڪندو هو. پٿر ڪٽيندو هو، اڃان به واندو ٿيندو هو ته اوڏن سان گڏجي پوندو هو. پيو گڏهن تي مٽي ڍوئيندو هو، گهر جا ڏاڍا سهڻا سفا ٺهرايا هئائين.
    چيڪي مٽي مان اَنُ رکڻ لاءِ گندلا به ڏاڍا سهڻا ٺاهيندو هو، پري پري جا ماڻهو اچي اَنَ داڻي لاءِ گُنديون ۽ گُندلا ٺهرائي ويندا هئس. آري، واهولو ۽ رندو هر وقت گهر ۾ رکندو هو، ڦاٽل ڪپڙن کي چتيون پاڻ هڻندو هو. گهڻو ڪري پيرن اگهاڙو هلندو هو، جتي سُتو، ننڊ کڻي ويندي هئس، اهو وَهڙو به سندس ڀر ۾ ليٽي پوندو يا بيٺو زبان هڻندو هئس، جڏهن اُهو وَهڙو ڄائو ته ڳئون اٿڻ ويهڻ کان لاچار ٿي پئي هئي. ٽيڪن تي اُٿاري اٿاري تنگ ٿي پياسين. نيٺ سير ڏياري گوشت ڳوٺ ۾ ورهائي ڇڏيوسين. گابي کي پاڻ پنهنجي هٿن سان پالي وڏو ڪيائين، جيڏانهن ويندو هو ساڻ هوندو هئس، وڏو ٿيو ته وَهائڻ جو شوق ٿيس، پر اِهو ڪم به پاڻ نه ڪيائين، ڏاند ڪاهي وڃي صبڙ وارن کي ڏئي آيو، هفتي ٻئي اوڏانهن وڃي وَهڙي جا حال وٺندو هو. پر هن جي منهن نه چڙهندو هو. منهنجي سس سان گهڻي ڪونه لڳندي هئس، هو هن مان چڪون ڪڍندو هو، ٽوڪون ڪندو هو، هوءَ به هن سان گهٽ ڪونه ڪندي هئي، پر جڏهن منهنجي سس جا سئو ورهيه پورا ٿيا تڏهن مڙس صفا ٽٽي پيو هو. روڻو جهوڻو رهڻ لڳو هو. ڪنهن به شئي جو نه چاهه رهيس نه چس. آخري ڏينهن ۾ حج تي وڃڻ لاءِ ماڻهن جا قافلا ڏسي پاڻ به اُن پار وڃڻ جا پور پيو پچائيندو هو، ان لاءِ جيڪي ڪجهه ڏوڪڙ گڏ ڪري رکيا هئائين سي هر وقت پنهنجي گوڏ جي ور ۾ رکندو هو.
    قبر جي کوٽائي پوري ٿي وئي هئي، بس آخري مٽي کي هٽايو پئي ويو.
    ڪنهن کان رڙ نڪري وئي، اَڙي اَبا هي ته ڪنهن ڍڳي جا هڏا آهن........................!
    ڍڳي جا هڏا آهن...........!؟
    ها ها........!
    آهن ته ڍڳي جا هڏا.......!!
    ڪنهن کڻي وات تي هٿ رکيس، هو خاموش ٿي ويو پر “ڍڳي جا هڏا آهن”. وارو پڙاڏو گونجندو گرجندو آسپاس بيٺل سوين ماڻهن جي ڪنن جي پردن سان ٽڪرائبو خبر ناهي الائي ڪٿي وڃي پهتو.


    ڪو ايئن به ياد ايندو آهي

    ڪو ايئن به ياد ايندو آهي

    هوءُ مونکي پهريون ڀيرو ڪٿي ملي هئي.............!؟
    ڪٿي ملي هئي............؟
    ها....... ملي نه هئي ..... پر خواب ۾ آئي هئي....!
    خواب ۾ ملڻ به ڪو ملڻ ٿيندو آهي ڇا......!؟
    نه خواب ۾ ملڻ ڪو ملڻ ته ناهي ٿيندو ..... پر هن جو خواب ۾ ملڻ به ملڻ جهڙو ئي هو........!
    ........................
    هن مونکي منهنجي نالي سان ئي سڏ ڪيو هو....
    ساحل.......!
    ساحل........!
    مون هيڏانهن هوڏانهن ڏٺو هو، پر مونکي اُها سڏيندڙ ڇوڪري ڪٿي به نظر نه آئي.
    وري سڏ ٿيو....
    ساحل......!
    مون هيٺ سنڌوءَ جي ڪناري سان ويٺل مردن، عورتن ۽ ٻارن ۾ نهاريو..... هن پنهنجو هٿ هوا ۾ لهرايو...........آئون سمجهي ويس مونکي سڏڻ واري ڇوڪري اها ئي آهي.. جيڪا پنهنجو هٿ هوا ۾ لهرائي اشارا ڪري رهي آهي....... پر پري هجڻ ڪري مون کيس بلڪل به نه سڃاتو... هن جي ايئن سڏڻ تي حيران هئس...... سوچڻ لڳس آخر ڪير ٿي ٿي سگهي!؟
    هن وري به سڏ ڪيو......
    “ساحل........ پليز هيٺ اَچو.!”
    نه چاهيندي به آئون هيٺ لهڻ لڳس...
    منهنجي اندر ۾ اهو ئي سوال هو، آخر اها ڪير هوندي........؟
    آئون هيٺ لهي ماڻهن جي ڀيڙ مان پاڻ بچائيندو وڃي اتي پهتس، جتي هوءَ بيٺي هئي ... پر هوءَ اتي نه هئي!
    اها ٻيڙي جنهن تي بيٺي هوءَ مونکي سڏ ڪري رهي هئي اها ٻيڙي اتي ئي بيٺي هئي، پر خالي هئي.... سج اَڃان هاڻي هاڻي لٿو هو پر درياه جي پيٽ اندر اونداه ٿي وئي هئي. آئون هر هڪ ڇوڪريءَ جو چهرو جانچي ڏسڻ لڳس... ان اميد سان ته متان اها ئي هجي. پر ايئن نه ٿيو... منهنجو نالو ڪنهن به چپن تي نه آندو... آئون وائڙن جيئان ڊوڙندو ڊڪندو رهيس... ڪڏهن اُتر کان ڏکڻ ته ڪڏهن ڏکڻ کان اُتر .... هوءَ ڪير هئي؟ مونکي ڇو سڏيائين؟ هاڻي ڇو نه ٿي ملي؟ انهن ئي سوچن ۾ ڀٽڪي ڀٽڪي مايوس موٽڻ لڳس!
    آئون ماڻهن مان نڪري ٿورو ئي اڳتي وڌيو هئس ته ڪنهن پويان کان اچي منهنجي هٿ ۾ هٿ ڏنو
    مون ڇرڪ ڀري پوئتي نهاريو ته اها ئي هئي.!
    بي انتها خوبصورت ڇوڪري....
    هن جو چهرو مونکي ڏٺل ڏٺل ٿي لڳو، پر هن سان ملاقات ڪٿي ۽ ڪيئن ٿي سو ياد نه ٿي آيو.
    “ساحل.........!”
    “جي............!”
    “ساحل مونکي سڃاڻين ٿو!؟” هن هڪ مخصوص ادا ۾ پنهنجي انگن کي لوڏيندي چيو...
    هن جو چهرو، هن جو ڳالهائڻ، هن جون ادائون مونکي ڏٺل ڏٺل پئي لڳا.... مون پنهنجي ذهن تي گهڻو ئي زور ڏنو پر مونکي ڪجهه به ياد نه آيو.
    “نه... آئون توهان کي نه ٿو سڃاڻان!”. مون چيس.
    “مونکي خبر هئي توهان مونکي ڪونه سڃاڻيندا!” هن ڄڻ ناراض ٿيندي چيو...
    هن جو هٿ منهنجي هٿ مان آهستي آهستي ڍرو ٿي ويو ۽ هوءَ مونکان ٿورو هٽي بيهي رهي...
    “پاڻ اڳ ۾ به ڪڏهن مليا آهيون ڇا!؟”.... مون هن جي نارضگيءَ کي پرکيندي چيو.
    “ها پاڻ اڄ کان پهرين به مليا آهيون....”
    “مليا آهيون......!؟” مون حيران ٿيندي چيس.
    “ها ساحل پاڻ اڳ۾ به مليا آهيون...”
    “پر ڪٿي مليا آهيون......!؟”
    “ٻڌايان توکي ته پاڻ ڪٿي مليا آهيون......!” هن وري پنهنجو هٿ منهنجي هٿ ۾ ڏئي ڇڏيو.
    “ها... ها... ٻڌايو....” مون چيس.
    “ها ته پوءِ ٻڌو......... توهان مونکي پنهنجي لکيل نظمن ۾ ڳولهيو جيڪي توهان گذريل چئين سالن دوران لکيا آهن...” اِهو چئي هن پنهنجو هٿ منهنجي هٿ مان ڇڏايو ۽ سنڌوءَ جي سينواريل پاڻي ۾ الائي ته ڪڏانهن گم ٿي وئي.. چاهيندي به آئون هن کي روڪي نه سگهيس.
    هوءَ وئي هلي پر ڪجهه دير آئون پنڊ پهڻ ٿي بيٺو رهيس.
    منهنجي ذهن ۾ منهنجا نظم سرگوشيون ڪرڻ لڳا....
    نيٺ مونکي اهو نظم ياد اچي ويو.
    ...................
    سنڌوءَ جي ڪناري تي،
    ساحل کڙو آهي!
    هوءَ ڇوڪري هئي يا مورت!
    جنهن ۾ ساهه هو پئجي ويو!
    هوءَ سنڌوءَ جي ڇر تي بيٺي نچي،
    چنڊ هن جي نرت بيٺي ڏٺي!
    سانورا سڀ ملاح مدهوش هئا!
    هو پٿر به پئي پاڻي تي تريو!
    ستارا سڀ چنڊ کي ها ويجها ٿيا!
    هن جي انگن اشارا پئي ڪيا!،
    پر گولي هڪڙي آئي هئي
    پري ڪنهن ديس کان!
    گولي هن جي سيني منجهه هئي لڳي!
    سنڌوءَ جي سير تي هوءَ هئي ڪري.
    زلزلو ڄڻ ته پوءِ ڪو آيو هيو!
    سنڌو هو سڀ ڪنارا لوڙهي ويو.
    سنڌو هو ڄڻ سڀ ڪجهه ٻوڙي ويو!
    سنڌو هو سڀ ڪجهه لوڙهي ويو!.


    رايا

    وفا صالح راڄپر

    راجن مڱريو، هڪ منفرد اسلوب جو ڪهاڻيڪار آهي. جنهن جو اعتراف پياري مشتاق ڀرڳڙي مرحوم به ڪيوهو. سندس ڪهاڻيون عنوانن کان وٺي پلاٽن جي چونڊ تائين منفرد آهن. مونکي سندس ڪهاڻيون اڻ ڏٺل خوابن جون تعبيرون لڳنديون آهن. ڪهاڻين ۾ پراسراريت راجن جو خاص هٿيار آهي. ان پراسراريت ۾ کوئجي هن جا ڪردار احتجاج جون حدون اڪرندي ۽ بغاوت ڪندي نظر اچن ٿا ۽ وقت اچڻ تي موت کي به گلي لڳايو ڇڏين. راجن جي ڪهاڻين ۾ رومانس ۽ زندگيءَ جون سچايون گڏ گڏ هلندي ڏيکارجن ٿيون. سنڌ ۽ سنڌوءَ سان محبت جو وچن به آرٽسٽڪ انداز سان اظهاري ٿو. هن جي ڪهاڻين ۾ زندگيءَ جي ڏکن، دردن ۽ پيڙائن جي ميڙ چونڊ نظر اچي ٿي، اهڙا ڏک،درد ۽ پيڙائون، جن تي عام طور نظر ئي نه پوندي آهي. علامتي ڪيفيتن کي سولائيءَ سان بيان ڪرڻ کان سواءِ، ڪنهن آرٽسٽ جي اندر ۾ ٿيندڙ ڀڃ ڊاهه کي به سمجهي ٿو. مونکي پڪو يقين آهي، ته سندس هي ڪتاب سنڌي ڪهاڻيءَ جي نقادن لاءِ نه صرف نئون بحث کڻي ايندو ، پر نون لکندڙن لاءِ هڪ نئين زمين جي دريافت جو به سبب بنبو.


    بخش مڱريو - سانگهڙ

    راجن مڱريو تي ڳالهائڻ سولو ٿي سگهي ٿو، پر ان تي لکڻ تمام ڏکيو آهي. ان جو اندازو ته ان تي لکڻ کان پوءِ ئي ٿي رهيو آهي. راجن سان منهنجي دوستي ۽ ويجهڙائپ جو رشتو گهڻي وقت کان قائم آهي. ڪير مونکي چوي ته راجن جي شخصيت جي تشريح ڪجهه لفظن ۾ ڪر ته آئون اهو چوندس ته راجن پيار ڪري سگهي ٿو ۽ لکي سگهي ٿو.
    مونکي لڳندو آهي ته راجن جي جسم ۾ صرف دل ئي آهي. هو دل سان پيار ڪندو آهي، دل سان لکندو آهي ۽ دل ئي سان سوچيندو به آهي. دل به ايڏي وڏي ۽ ڪشادي جو، جنهن ۾ هن پنهنجي زندگيءَ جا سڀ ڏک، سور، رنجشون، محروميون دفن ڪري ڇڏيون آهن. ڪڏهن ته وري ائين لڳندو آهي ته راجن هن دنيا جو انسان آهي يا ڪنهن خوابن جي دنيا جو شهزادو.! زندگيءَ جا ڏک ۽ سور هاڻي ان لاءِ ڪا معنى نه ٿا رکن ڇو ته هن پنهنجي خوابن جي دنيا ٺاهي ورتي آهي، جنهن ۾ صرف پيار ئي پيار آهي. خوابن جي ان دنيا ۾ هن پنهنجا سڀ رشتا سموئي ڇڏيا اٿس، ۽ وقتن بوقتن هو خوابن جي دنيا جا مخلتف ڪردار، پنهنجي ڪهاڻين ۾ کڻي ايندو آهي. جيڪي ڪردار ۽ خيال پيار ۽ احساس جي ڏڪار جو شڪار ٿيل دلين مٿان پنهنجائپ جو اهڙو ته وسڪارو ڪن ٿا، جو پيار ۽ احساس جي ڏڪاريل دلين ۾ پيار ۽ احساس جا نوان گونچ ڦٽيو پون، شايد ان ڪري ئي راجن جي ڪهاڻين ۽ خود راجن کي سمجهڻ لاءِ پيار جي جذبن جو هجڻ لازمي آهي. هو جيئن اندر آهي ائين ئي ٻاهر. هن ڪڏهن به اها ڪوشش ناهي ڪئي ته هو اهو نظر اچي جيڪو هو نه آهي. هن زندگيءَ جي رنگينين کان متاثر ٿي، ڪنهن به آرٽيفيشل (مصنوعي) شين جو سهارو ناهي ورتو. اهوئي سبب آهي جو دنيا جي هن اسٽيج لاءِ هن پنهنجي ڪردار جي چونڊ اهڙي نه ڪئي آهي، جيڪا دنيا جا لکين ڪروڙين ماڻهو پنهنجي ترقي ۽ آسائش جي نالي تي ڪندا آهن. ۽ عام ڪردار ٿي رهجي ويندا آهن. پر راجن پنهنجي لاءِ خاص ڪردار چونڊيو آهي، هڪ اهڙو ڪردار جيڪو اڄ به امر آهي، جنهن کي تاريخ جي ورقن ۾ به امر ئي رهڻو آهي.


    رايو

    راجن مڱريو بنيادي طور شاعر آهي. اهو ئي سبب آهي جو جڏهن هُو ڪهاڻيون ويهي لکندوآهي ته هن جي ڪهاڻين اندر شاعري ڳالهائڻ لڳندي آهي، ۽ جڏهن هُو نظم ويهي سرجيندو آهي ته انهن مان ڪهاڻيون جھات ڏيئي پيون جلوا پسائينديون آهن.بلڪل ايئن جيئن ڪهاڻيڪار شاعرن جي شاعريءَ سان ٿيندو آهي، ۽ شاعر ڪهاڻيڪارن جي ڪهاڻين سان ٿيندو آهي. مون شاعر ڪهاڻيڪارن ۽ ڪهاڻيڪار شاعرن جون ڪهاڻيون پڙهيون آهن، اُهي به ايئن ئي آهن. گلزار ۽ آغا سليم جي ڪهاڻين ۾شاعري آهي، ڊي ايچ لارينس ۽ ڪيٿرين مينسفيلڊ جي شاعريءَ ۾ ڪهاڻيون آهن. خليل جبران جو هڪ هڪ لفظ، اهو پوءِ نثر ۾ هجي يا شاعريءَ ۾ ، اچارڻ تي چشمن جي آبشارن جيئن يا سڪل پنن کي اڏائيندڙ هوا جيئن ڪنن ۾ مٺڙي سرگوشي گونجڻ لڳندي آهي. راجن ”روين جو چهرو“ وارو دور ٽپي هڪ نئين فئنٽسيءَ واري پراسرار دور ۾ پهتو آهي، جتي هن جي قلم مان تخليق ٿيندڙ ڪردارن ۾ الائي ڪٿان کان جادوئي طاقت وجھه وٺيو اچيو لڪيو ويهيو رهي! راجن جيتوڻيڪ ايترو پڙهيو لکيو ناهي پر کيس ڪهاڻي چوڻ جو ڏانءُ ضرور آهي. شاعر هجڻ جي ڪري هن جي تصور جي قوت (imagination)به واهه جا آهي! سندس ڪهاڻين جي وڍ ڪٽ ته پڙهندڙ ئي ڪندا پر ڪهاڻيڪار جي حثيت ۾ مون راجن جي ڪهاڻين کي ڪڏهن حيرت سان ڏٺو آهي ته ڪڏهن معنيٰ خيز مسڪراهٽ سان. روين جو چهرو ۾ جتي راجن فطرت پرست وڌيڪ ٿي نظر آيو اتي naturalism جي ايڪسٽينشن ڪندي هو هاڻ ڪٿي ڪٿي جادوئي منظر نگاريءَ جا اولڙا پڻ پسائڻ لڳو آهي. پندرهن سالن جي وٿي آهي سندس پهرئين ڪتاب ۽ هن ڪتاب وچ ۾. ان سموري دور ۾ هن هڪ مزدور جيئن پنهنجي جيءُ کي به سنڀاليو آهي، ۽ پنهنجن ٻچڙن کي به! ۽ ڪجھه وقت هِن خوبصورت تخليقي پورهيي کي به ڏنو آهي جو ڌنڌ جي هُن پار ڏسندڙ هُن جي ذهن، مشاهدي ۽ تجربي جو ميلاپ آهي.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 923
    ڪتابن جو مشاهدو: 2927198
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 760779
    2020 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ