مقدمو
(۽ پنهنجي رب جي نعمت جو بيان ڪر.)
- قرآن شريف
جهانن جي خالق ۽ مالڪ جڏهن مٽيءَ جي مُٺ ۾ ساهه وڌو هو، تڏهن منجهس ڪيئي گيت، سنگيت ۽ نغما ڀري ڇڏيا هئائين. سو، زندگيءَ جو ساز هر دم وڄندو رهي ٿو ۽ منجهانئس نت نوان نوان نغما نڪرندا رهن ٿا.
آدمي، آدم جو تسلسل آهي. مالڪ مون تي مهر ڪئي، جو عدم مان وجود ۾ آندائين، انسان جو جامو عطا ڪيائين ۽ دل جي ڳالهه بيان ڪرڻ جي نعمت سان نوازيائين.
يونان جي ڏاهي، ارسطوءَ کي انسانذات جو ”معلم اول“ ۽ مسلمان مفڪر، ابن سينا کي ”معلم ثاني“ ڪوٺيندا آهن. ارسطوءَ انسان کي ”حيوان ناطق“ ڪوٺيو، جنهن جو مطلب آهي ته انسان هڪ اهڙو ساهوارو آهي، جيڪو ڳالهائي ٿو- يعني پنهنجي دل جي ڳالهه بيان ڪري سگهي ٿو. يوناني ٻوليءَ ۾ LOGON جو مطلب ”ڳالهه“ آهي. ارسطوءَ چيو ته ”انسان (ZOON/ LOGON/ECHON) ڳالهائيندڙ ساهوارو آهي.“
پر، ارسطوءَ کان اها ڳالهه ڳجهي ڪانه هوندي، ته ٻيا ساهوارا به پنهنجن هم - جنس ساهوارن سان هم - ڪلام ٿين ٿا. مثلاً، سامونڊي ماهرن جو چوڻ آهي ته ”مڇيون هڪٻئي کي پنهنجو پيغام ڏيڻ لاءِ اشارا ڏينديون آهن.“ اسر جي مهل ڪڪڙن جا دَس ته هر هنڌ مشهور آهن. ننڍپڻ ۾ اسان پاڻ اسڪولن ۾ پڙهندا هئاسين ته:
COCKS CROW IN THE MORN, TO TELL US TO RISE,
HE WHO LIES LATE, SHALL NEVER BE WISE.
ڪڪڙ صبح سان بانگون ڏين ٿا ته اسان ننڊ مان اٿون،
جيڪو دير تائين سمهندو، سو، سياڻو ڪونه ٿيندو.
سنڌي ادبي بورڊ ڄامشوري واري سرڪاري گهر ۾ مون محسوس ڪيو ته اونهاري جي مند ۾، رات جو چئين ساڍي چئين وڳي ڌاران، ڪو تـِِڏو، رکي رکي، سريلي ساز وانگر آواز ڪڍندو هو. ڪلاڪ کن کان پوءِ پاسي وارن وڻن ٽڻن مان به ساڳيا آواز ٻڌڻ ۾ ايندا هئا، ته چُپ ٿي ويندو هو. پر، جيڪڏهن ڪونه ايندا هئا ته پاڻ وري ساڳيا سڏڙا ڪندو هو.
وڏيءَ فجر جو وري هڪ ڪانءُ هوا ۾ هيڏي هوڏي لامارا ڏيندو هو، ۽ ”ڪان، ڪان“ ڪري ٻين ڪانوَن کي جاڳائيندو هو. آخر ۾ جهرڪيون جاڳنديون هيون ۽ وڻن ٽڻن ۾ ڏاڍي وڻندڙ آواز ۾ ”چُون، چُون“ ڪنديون هيون.
جڏهن آسمان ۾ اوڀر طرف ڳاڙهاڻ ظاهر ٿيندي هئي، تڏهن مان بورچيخاني منجهان رات جي بچيل ڀاڄيءَ ۽ مانيءَ جا ٽڪرا ڪنهن ٿانوَ ۾ گڏ ڪري، گهر جي صحن ۾ آڻي رکندو هئس. اهو ڏسي، وڻ تي ويٺل ڪانءُ، ڏاڍي زور سان ”ڪان، ڪان“ ڪندو هو. سندس آواز ٻڌي، امالڪ چئني طرفن کان ڪانوَن جا ولر اچي مانيءَ تي مڙندا هئا.
اهو لقاءُ ڏسي سمجهيم، ته ڪانوَ جو ”ڪان، ڪان“ ڪرڻ ٻين ڪانوَن سان ڳالهائڻ جو سندس نمونو آهي. البت، ائين آهي ته کيس ٻين ڪانوَن کي جاڳائڻو هجي، يا مانيءَ لاءِ سڏڻو هجي، پاڻ رڳو ”ڪان، ڪان“ ڪندو آهي.
سنه 1984ع ۾، مرڪزي ۽ صوبائي سرڪار مون کي سنڌي ادبي بورڊ ڄامشوري مان اسلام آباد ”ايڪيڊمي آف ليٽرس“ ۾ موڪليو. اهو ادارو سنڌي سليمي اکرن ۾ ”پاڪستان ادبي بورڊ“ آهي. مون کي پهريائين ڊئريڪٽر جنرل جو ڪم سونپيائون ۽ پوءِ ترقي ڏيئي چيئرمن ڪيائون. پر، شروع ۾ منهنجو چيئرمن اردو زبان جو مشهور اديب ۽ پاڪستان نيويءَ جو رٽايرڊ، ريئر سرجن ايڊمرل شفيق الرحمان هو. جهڙو نالو هئس، اهڙو ئي شفيق انسان هو. مون اهڙو ايماندار سرڪاري عملدار پنهنجي سڄيءَ عمر ۾ ڪونه ڏٺو. آفيس مان پينسل يا اڇو پنو به گهر ڪونه کڻي ويو. ميٽنگ ۾ سرڪاري ماني ڪونه کائيندو هو. پنهنجي گهران آڻيندو هو.
اسان روزانو سندس ڪمري ۾ ماني کائي، ڪچهري ڪندا هئاسين. زندگيءَ جي وسيع تجربي جي ڪري شفيق الرحمان جنهن به ڳالهه تي راءِ ڏيندو هو، سا منڊيءَ تي ٽـِڪ هوندي هئي.
هڪ دفعي چيائين ته، ”اوهان ٽن چئن ڏينهن کان پوءِ گهر اچو، ته اوهان جو پاليل ڪتو، خوشيءَ مان ڀئونڪڻ لڳندو، پر غريب کي خوشيءَ جو اظهار ڪرڻو هجي يا ڏک جو، بس رڳو ڀئونڪندو رهندو.“
انهيءَ ڳالهه جو مطلب به اهو ٿيو ته ڪانوَ جو ”ڪان، ڪان“ ڪرڻ، ۽ ڪتي جو ڀئونڪڻ يا مڇين جا ٻين مڇين کي اشارا ڪرڻ ۽ جهرڪين جو ”چُون چُون“ ڪرڻ، انهن ساهوارن جي ڳالهائڻ جا نمونا آهن، منجهن به ڳالهائڻ جي صلاحيت آهي، پر، اها ايتري ڊيولپ ٿيل ڪانهي. سو ارسطوءَ جي مشاهدي ۾ واقعي وڏو وزن آهي ته:
انسان ٻين ساهوارن کان وڌيڪ شان ۽ شرف وارو انهيءَ ڪري به آهي جو کيس پنهنجيءَ دل جي ڳالهه ڪرڻ جي وڏي صلاحيت آهي.
انسانذات جي تهذيب جي تاريخ جو پهريون پهريون اهم ڪارنامو اُهو آهي ته ٻوليءَ جو هنر ايجاد ٿيو، يعني انسان ڳالهائڻ سکيو. سڀ انسان ڳالهائين ٿا، پر، سڀ هڪجهڙا هوشيار ڪونهن. هڪڙا ٻين کان وڌيڪ قابل آهن. مثلاً، عيسويءَ ويهينءَ صديءَ جي پهرئين اڌ ۾، هندستان ۾ نواب بهادر يار جنگ نالي هڪ مشهور ليڊر هوندو هو، جو وڏن وڏن جلسن ۾ تقرير ڪندي، هزارين ماڻهن کي اتي جو اتي کِلائي ۽ رئاري سگهندو هو.
تقرير ڪرڻ به ته ڳالهائڻ جو هڪ نمونو آهي. تقرير جي ماهرن وانگر، عالم، اديب ۽ شاعر پڻ ڳالهه ڪرڻ جا بادشاهه ٿين ٿا. سنڌي زبان ۾ اهڙو چٽو مثال شاهه سائينءَ جو آهي. چون ٿا ته ننڍپڻ ۾ جڏهن شعر چوڻ شروع ڪيائين، ته سندس والد شاهه حبيب چيس ته، ”ابا، بُلي شاهه شعر جي اهڙي ڪا زمين ڇڏي ئي ڪانهي، جنهن ۾ هَــرُ نه هلايو هجيس.“
شاهه سائينءَ ادب سان چيس ته، ”بابا سائين، جي ائين آهي ته پوءِ مان جر ۾ جاٽون ڏيندس، جن جو ڪو انت ئي ڪونه هوندو.“
شاهه سائينءَ کي هيءُ جهان ڇڏئي صديون گذري ويون آهن. ان کان پوءِ به سنڌ ڪيئي شاعر پيدا ڪيا آهن. پر، سندس ڪلام اڄ به بي مثال بيٺو آهي. ان ڪري ائين ئي چئبو ته سنڌ ۾ هر دؤر ڀٽائيءَ جو دؤر آهي.
اردو زبان ۾ وري مرزا اسد الله خان غالب به وڏو نالو آهي، پر، ڪي ماڻهو مير تقي مير کي پسند ڪن ٿا. مرزا غالب پاڻ به چيو آهي ته؛
کہتے ہیں اگلے زمانے میں کوئی میر بھی تھا
هڪ دفعي تنوير اسلام آباد ۾ مون وٽ مهمان هو. تن ڏينهن ۾ سندس مطالعي جو موضوع منصور حلاج هو. مون کيس ”مير“ جو هڪ شعر ٻڌايو، جو کيس ڏاڍو وڻيو:
موسم آیا تو نخلِ دار میں میر
سرِ منصور ہی کا بار آیا
ڪراچيءَ ۾، اين.جي.وي. هاءِ اسڪول جي پاسي ۾، ”سعيد منزل“ نالي ٻي به هڪ ننڍي، پر، سهڻي عمارت آهي، جا ڊاڪٽر سعيد ٺهرائي هئي. مون مرحوم ڪونه ڏٺو. پر، سندس پٽ، ڊاڪٽر خورشيد سان سٺي ڏيٺ ويٺ هئم. سنڌي ادبي بورڊ جي آفيس تڏهن اين.جي.وي. هاءِ اسڪول واريءَ بلڊنگ ۾ هوندي هئي. سو، ٻئي ٽئي ڏينهن ساڻس ڪچهري ٿيندي هئي. سندس ميز ۽ ڪرسيءَ جي پاسي ۾، ٽپائيءَ تي، هڪ خوبصورت پينٽنگ رکيل هوندي هئي، جنهن کي چتائي ڏسبو، ته منجهس هڪ شخص سوٽ ڪوٽ ۾ نظر ايندو، جو آرام- ڪرسيءَ تي آهليو پيو آهي ۽ پنهنجن خيالن ۾ گم آهي. تصوير جي هيٺان مرزا غالب جو هيءُ شعر لکيو پيو آهي؛
ہستی کے مت فریب میں آجائیو اسد،
عالم تمام حلقۂ دامِ خیال ہے۔
غالب ڪيڏي نه وڏي ڳالهه ڪئي آهي! بلاشڪ، هستيءَ جي بي ثباتيءَ کان انڪار ڪونهي. ماڻهوءَ جي حياتي ڄڻ ته پاڻيءَ جو ڪو بوڙيو آهي. اجهو هاڻي هو، پر، هوا لڳي ته هينئر ڪونهي. هن حقيقت جو اظهار، اردو زبان جي رابعه نالي هڪ گمنام شاعره، سهڻن لفظن ۾ ڪيو آهي، سندس تخلص ”پنهان“ هو. چيو اٿس ته؛
یہ ہونا بھی بقدر یک نفس ہے
ہماری ابتدا کیا انتہا کیا۔
تاهم، اها ڳالهه مڃڻي پوندي، ته ”هستي“ ڪيڏي به ”بي بقا“ ڇو نه هجي، پر، ان جي حقيقت ۽ اهميت کان به انڪار ڪونهي، ٻيءَ صورت ۾، هيءَ ڌرتي ۽ آسمان، سج، چنڊ ۽ تارا، رات ۽ ڏينهن، ڪڪـر ۽ مـِينهن، وڻ ٽڻ ۽ ساوا ٻوٽا، قسم قسم جا گل، انهن جا رنگ َ، سمورا ساز ۽ آواز بي معنيٰ نالا ٿي ويندا.
انگريزي زبان ۾ چوڻي آهي ته ALL IS MATTER يعني سڀ ڪجهه مادو آهي. پر، ٻي به هڪ چوڻي آهي ته: ALL IS MIND يعني سڀڪجهه ”سوچ“ آهي.
قديم هندستان ۾ شنڪر آچاريه نالي هڪ وڏو ڏاهو شخص ٿي گذريو آهي. ايڏو ته عظيم انسان هو، جو علامه اقبال سندس نالو گوتم ٻڌ سان گڏ کنيو آهي. ائين به چون ٿا ته جيئن عالمِ اسلام، ابن عربيءَ جهڙو اعليٰ ۽ افضل ذهن پيدا ڪيو، تيئن هندستان جي سرزمين وري شنڪر آچاريه جهڙو ڏاهو پيدا ڪيو. انگريزن جي زماني ۾ سنڌي درسي ڪتابن ۾ مٿس مضمون هوندو هو، جنهن ۾ سندس شڪل ۽ احوال ڏنل هوندو هو. هو به چوندو هو ته ”سڀ ڪجهه ماڻهوءَ جي سوچ يا خيال آهي، جنهن ماڻهوءَ کي سوچ جي صلاحيت ڪانهي، تنهن کي ڪنهن به ڳالهه جو شعور ڪونهي.“
هڪڙي دفعي واٽ وٺيون پئي ويو، ته پري کان مست هاٿي ايندي ڏٺائين. ماڻهن چيو ته، ”ڏسون ته هاڻي هاٿيءَ کان پاڻ بچائي ٿو يا نه؟“
شنڪر آچاريه ڪنڊ پاسي سان لڪي، جان بچائي. جڏهن ماڻهن سوال ڪيس، ته کين چيائين ته، ”منهنجو واٽ وٺي اچڻ، پٺيان هاٿيءَ جو اچڻ ۽ منهنجو لڪي جان بچائڻ - اهو سڀڪجهه اوهان جي سوچ ئي ته آهي.“
انسان جو شعوري ”گفتو“ يا ”عمل“ سندس سوچ يا خيال جي تابع آهي، انهي جو مطلب اهو ٿيو ته انسان کي ڳالهائڻ جي جيڪا نعمت مليل آهي، سا به دراصل سندس سوچ ۽ خيال جي اظهار لاءِ آهي.
هونئن ته خيال جي اظهار جا ڪيترائي طريقا آهن. مثلاً مصور به تصوير ٺاهي، پنهنجن خيالن جو اظهار ڪري سگهي ٿو. سنگتراش به ائين ڪري ٿو. پر، هر شخص پنهنجن خيالن جو اظهار گهڻي قدر ڳالهائڻ وسيلي ڪري ٿو. ڪابه ڳالهه بيان ڪرڻ تمام وڏي نعمت آهي، جيڪا قدرت انسان کي عطا ڪئي آهي. قرآن ڪريم جو ارشاد آهي ته:
ٻاجهاري رحمان
قرآن سيکاريو
انسان کي خلقيو
کيس بيان ڪرڻ سيکاريو
ماڻهو ڳالهه نثر ۾ بيان ڪري يا نظم ۾، ٻنهي صورتن ۾ ڳالهائڻ لاءِ سندس بنيادي ضرورت ”لفظ“ آهي. لفظ ۾ معنيٰ آهي ۽ معنيٰ ۾ پيغام آهي، ان ڪري لفظ جي ”حرمت“ يعني ”سخن جي سچائي“ سڀ کان اهم ڳالهه آهي.
هڪ اصحابي هوندو هو، جو حضور صلي الله عليه وسلم جن جون حديثون لکندو رهندو هو، ٻين ڪن اصحابين چيس ته، ”ادا، حضور صلي الله عليه وسلم جن ڪنهن مهل خوش ويٺا آهن، ته ڪنهن مهل وري ڪنهن ٻيءَ ڳالهه جي خيال ۾ آهن. اوهان ان ڳالهه جو به ته ڪجهه لحاظ رکو. سوچي سمجهي حديثون قلمبند ڪريو.“ ان کان پوءِ اهو اصحابي احتياط ڪرڻ لڳو. پر، ڪنهن ڏينهن مهل موقعو ڏسي، حضور صلي الله عليه وسلم جن جي ڌيان تي اها ڳالهه آندائين. پاڻ سڳورن فرمايو ته؛
”تون اڳي وانگر لکندو رهه. هن زبان مان حق جي ڪلمي کان سواءِ ٻي ڪا به ڳالهه ڪانه نڪرندي.“
حضور صلي الله عليه وسلم جن جو اهو ارشاد، سخن جي سچائيءَ جو معراج آهي، جيڪو اهو ئي شخص ماڻي سگهي ٿو، جو سندن نقشِ قدم تي هلي ۽ پاڻ ۾ اخلاق جي ايڏي ته بلندي پيدا ڪري، جو سندس قول ۽ فعل ۾ ڪو به فرق نه رهي. پر، عام انسانن ۾ بشري ڪمزوريون آهن. سو، ڀُل چُڪ ۾ کانئن خطا ٿي وڃي ٿي. ڪي شخص ته وري ڄاڻي واڻي ڪنهن نه ڪنهن مطلب خاطر حق تي پردو وجهن ٿا. ڪوڙ ڳالهائن ٿا. ڪي ته سڀ ڪجهه ڄاڻندي به اونڌا ابتا ڪم ڪن ٿا. کين ڪوبه حياءُ ڪونهي، اُهي نود آهن. ڏسڻ ۾ ماڻهن جهڙا ماڻهو، پر اندر ۾ ابليس آهن. يعني ”اصفل الصافلين“ آهن.
تلسيءَ، رامائڻ ۾ لکيو آهي ته جڏهن رانوڻ سيتا کي ڪٽيا ۾ اڪيلو ڏسي، کيس ڊوهه سان کڻي ڀڳو، ته رام ۽ لڇمڻ سندس پٺيان پيا. هلندي هلندي کين بن ۾ رات ٿي وئي. اڀ ڪارن ڪڪرن سان اڳئي ڀريو بيٺو هو، ستت، گجگوڙ ٿي، کنوڻ چمڪي ۽ وڏڦڙو وسڻ لڳو. مرون هاسي ۾ هڏڪارون ڏيڻ لڳا. چوڌاري خوف ۽ هراس ڇانئجي ويو. لڇمڻ ننڍو هو، سو ڊڄڻ لڳو. رام ڳالهه سمجهي ويو. سو، ٻيهر آسمان ۾ کنوڻ چمڪي، ته ننڍي ڀاءُ لڇمڻ کي پرڀائڻ لاءِ چيائين ته؛
”لڇمڻ، هن ڪاريءَ رات ۾ کنوڻ ائين ئي چمڪي ٿي، جيئن ڪميڻي ماڻهوءَ جي روح ۾ ڪڏهن ڪڏهن اشرافت چمڪي.“
رام جو رايو ائين آهي جيئن ڪوزي ۾ سمنڊ سمايل هجي. مطلب وري به اهوئي آهي، ته سمورا ماڻهو ”اشرف المخلوقات“ ڪونهن. اهو شان ۽ شرف ڪنهن ڪنهن کي نصيب ٿئي ٿو.
پر، اها حقيقت رڳو ماڻهن جي معاملي ۾ ڪانهي، قدرت جو عام نظام ائين ئي آهي. جهنگن ۾ وڻ آهن. جيڪي پاڻ ڦٽن ٿا ۽ پاڻ ئي وڌن ٿا. سنهن سڌن ۽ ڪوڪن جهڙن تکن سيلهه ڪنڊن وارن ٻٻرن جا ته ٻيلا آهن. ٿوهر ۽ اڪ جهڙن زهريلن ٻوٽن جي به ڪمي ڪانهي. ابت - ڪنڊڙي، ڪنڊيون ۽ ڪانڊيرا به عام جام آهن.
پر، جهنگ جهــر ۾ ڪاٿي به ڪيلو ۽ ڪينو نظر ڪونه ايندو. انب، انگور، ڊاک، ڪشمش، ناسپاتي،نارنگي، صوف، گدرا، گرما، سردا ۽ ڏاڙهون ڳولڻ سان به ڪونه ملندا. اهي توڙي ٻيا ميوا وڏيءَ محنت سان پوکڻا پوندا ۽ ان کان به وڏيءَ محنت سان تاتي وڏا ڪرڻا پوندا.
ڪنهن زماني ۾ لاڙڪاڻي ضلعي ۾ گهوگهاري جا چانور ڏاڍا مشهور هوندا هئا- ”سڳداسي“ سڏبا هئا. هڪ گهر ۾ رڌبا هئا، ته اوڙي پاڙي ۾ سرهاڻ پکڙجي ويندي هئي. هاڻي به باسپتي چانور سٺا آهن، پر، منجهن اها ڳالهه ڪانهي. ڪنهن شخص سان ڳالهه ڪيم ته چيائين ته، ”سڳداسي چانور لهن ٿا ٿورا، ٻيو ته کين ڪيڙو لڳي ٿو ۽ آسپاس پوکيل ردي جنسن جو به مٿن اثر پوي ٿو. سو، هاڻي ماڻهن جو لاڙو اهڙين جنسن ڏانهن ٿيو آهي، جن جي پوکڻ مان کين مالي فائدو ٿئي ٿو. سو، سڳداسي چانور ڪو ٿورڙو پوکجي ٿو.“
لاڙڪاڻو ساريال علائقو آهي. اسان جو نوابشاهه ضلعو (هاڻي نوشهروفيروز) وري ڪڻڪ، ٻاجهر ۽ جوئر جو علائقو آهي. ٽئي اَنَ - پوکون آهن. پر، ڪمند ۽ ڪپهه ۾ جو مالي فائدو گهڻو آهي، ان ڪري جوئر ۽ ٻاجهر جو ته نالو ئي نڪري ويو آهي. سياري ۾ ڪڻڪ سو اڃا پوکجي ٿي.
اڳي اسان وٽ ڪڻڪ جون ٻه مکيه ديسي جنسون هونديون هيون: هڪ ڪَهڻي ۽ ٻي ٺوڙهي. ڪهڻيءَ جي ماني ڏاڍي نرم، پر، ٺوڙهيءَ جي مانيءَ ۾ اهو ساءُ ڪونه هو. تڏهن به ٺوڙهي زور وٺي وئي، ڇو ته انهيءَ جي پوک مان حقدار ۽ هاريءَ ٻنهي کي مالي فائدو گهڻو ٿيندو هو. آهستي آهستي ڪهڻي ته غائب ٿي وئي، پر، ٺوڙهيءَ جو به نالو نشان ڪونه رهيو. پوءِ ته ڪيئي نيون ولائتي جنسون آيون، جن جا نالائي عجيب آهن: مثلاً سوناريڪا.
ڳوٺ ۾ هڪڙي هاريءَ سان ڳالهه ڪڍيم. وڏيءَ ڄمار وارو شخص هو. چيائين ته، ”ڪهڻيءَ ۽ ٺوڙهيءَ کان به اڳي ڪڻڪ جي هڪ ديسي جنس هوندي هئي، جنهن کي ”ڪونج“ ڪوٺيندا هئا. ڪونج جي ماني صبح جو پچائي رک، ته سانجهيءَ تائين جهڙي پٽ پٽيهــر. مجال آهي جو سندس سواد ۾ ڪو فرق اچي!“ ٿڌو ساهه ڀري چيائين ته، ”ڪڻڪ جو اهو ٻــِج بهشتي ميوو هو.“
پڇيومانس ته، ”پوءِ اهڙي سٺي جنس ڇو ختم ٿي وئي؟“
چيائين ته، ”لهندي هئي ٿوري. ٻيون رواجي جنسون جام لهنديون هيون، سو، خلق انهن ڏي ڪاهي پئي. ڪونج آهستي آهستي ائين ختم ٿي ويئي، جو نالي ڪاڻ به ڪانه بچي. هاڻي ته ماڻهن کان اهو نالو ئي وسري ويو آهي.“-
مون سندس ڳالهه مان ائين محسوس ڪيو ته قدرت جو قانون هيءُ آهي ته:
خوبيءَ واري جنس هميشه محدود ٿيندي. مقدار يا تعداد (QUANTITY) ۾ واڌارو ڪبو، ته خوبي (QUALITY) خود بخود گهٽجي ويندي.
هيءُ معاملو هونئن ته علم اقتصاديات ۽ معاشيات جو ڪو ماهر ئي مؤثر لفظن ۾ سمجهائي سگهندو پر، اهلِ دل انسان ته ائين ئي چوندو ته:
دنيا ۾ مٺن ميوَن ۽ سٺن ماڻهن جي هميشه ڪمي هوندي.
هيءَ ڌرتي ماڻهوءَ جو هڪڙو ئي گهرڙو آهي، جنهن ۾ حياتيءَ جا چار پهر گذاري، عدم جي راهه وٺي ٿو. جيڪڏهن گهرڙو اڇو اجرو ۽ صاف سٿرو آهي، ته ڏاڍو سٺو. پر، جي منجهس وک وک تي ڪنڊا ۽ ڪانڊيرا هوندا، ته مٺا ميوا ته ڇڏيو، ڪاٿي ساهه پٽڻ لاءِ ٿڌي ڇانوَ به ڪانه ملندي. سٺا ۽ مٺا ماڻهو ته ٿيا خوابَ، سي، ته سڄيءَ حياتيءَ ۾ ملن الائي ڪونه ملن. انهيءَ آس جي دلپذير تصوير هڪ بيت ۾ ڏٺم، جيڪو مون ”جهڙا گل گلاب جا“ ڪتاب جي مقدمي جي آخر ۾ اڳي ئي ڏنو آهي. ڀايان ٿو ته شاهه سائينءَ جو آهي، فرمايو اٿس:
آگم ڪيو اچن، سڄڻ سانوڻ مينهن جيان،
پاسي تن وسن، جي سڀ ڄماندر سـِڪيا.
هونئن، هن ڌرتيءَ تي ماڻهن جي ڪمي ڪانهي. مٿس پنجن اربن کان به وڌيڪ ماڻهو رهن ٿا، پر انهن ۾ سٺا ۽ سچا ڪي ٿورڙا آهن. اڪثر ڪوڙا آهن، ڳالهه هڪڙي ڪندا ۽ پيــر ان جي ابتڙ کڻندا. شايد ماءُ جي پيٽان ئي ابتا ڄاوا هئا. سندن سڃاڻپ اها آهي ته وڇونءَ وانگر هر ڪنهن کي ڏنگ هڻندا. هر هنڌ فتنو فساد ڪندا. دنيا کي دوزخ بنائي ڇڏيندا. ڀٽائيءَ بي سبب ته ڪونه چيو هوندو ته:
ڀينر هن ڀنڀور ۾، دوزخ جو دونهون
سڀ ساهوارا هن ڌرتيءَ جي مٿان ڪونه ٿا رهن. هڪڙا ان جي مٿان هوا ۾ ته ٻيا وري هيٺ سمنڊ جي تري ۾ رهن ٿا، پر، ڌرتي سڀني کي ساڻ کنيو ورهين ۽ ايامن کان وٺي سج جي چوڌاري ڦرندي رهي ٿي. چون ٿا ته ڌرتيءَ جهڙا ٻيا به آسماني گولا آهن، جيڪي به ساڳيءَ طرح سدائين سج جو طواف ڪندا رهن ٿا. انهن تي به ڪي ساهوارا آهن يا نه، سا خبر ڪانهي. ائين به چون ٿا ته اسان جي سج وانگر ٻيا به ڪيترائي سج آهن، جيڪي به پنهنجون پنهنجون دنيائون ساڻ کنيون، هل هلان ۾ آهن، هاڻي، ايڏي وڏي جهان ۾ ”ماڻهو“ ته تڏهن ئي ”اشرف المخلوقات“ تسليم ٿيندو، جڏهن خدا جي خلقيل ٻيءَ سموريءَ مخلوق کان اعليٰ ۽ افضل هوندو. انهيءَ ڳالهه جو دارو مدار سندس مزاج تي آهي.
هڪڙو پکيئڙو هو، جيڪو پري کان اڏامندو ٿي آيو. ڏاڍو ڪو اڃايل هو. پاڻيءَ جي تلاءَ تي اچي ويٺو. هيٺ نوڙي، چهنب سان پاڻيءَ جو ڦڙو ڦڙو کڻي پيئندو رهيو، پر، هر ڀيري، شڪر ادائيءَ لاءِ، آسمان ڏي نماڻين اکين سان نهاريندو رهيو.
سو چڻ جي ڳالهه آهي ته انهيءَ پکيئڙي جهڙي شناس گهڻن ماڻهن ۾ آهي؟
ماڻهوءَ جو مزاج معلوم ڪرڻ لاءِ مغربي دنيا ۾ هابس، لاڪ ۽ روسو مڃيل ماهر آهن. اسلامي دنيا ۾ ابنِ خلدون به تمام وڏو درجو رکي ٿو. انهن مان هڪڙي ڄڻي ماڻهوءَ کي وحشي جانورن وانگر هڪ جانور قرار ڏنو. ٻئي ان کي ملائڪن وانگر معصوم ڪوٺيو. ٽئين ان کي جهنگلي جانورن ۽ ملائڪن جي وچ تي رکيو، پر مون کي ذاتي طرح البرٽ آئنسٽائين جي ڳالهه وڌيڪ وزندار لڳي. هو عيسويءَ ويهينءَ صديءَ جو وڏي ۾ وڏو سائنسدان هو ”تقدير جي جبر“ واري نظريي جو قائل هو. ماڻهوءَ جي مزاج تي تبصرو ڪندي لکيائين ته:
”ماڻهوءَ جو قول ۽ فعل سندس اندروني ۽ بيروني مجبورين تي منحصر آهي.“
هنن مڙني مفڪرن، ماڻهوءَ جي مزاج بابت پنهنجا نتيجا پنهنجي ذاتي مشاهدي مان ئي ڪڍيا. سو، اسان به پنهنجي مشاهدي موجب ڏسون، ته ”شهر ڀنڀور“ جا ماڻهو ڪيئن آهن؟
پاڪستان ٺهيو ته اردو، ملڪ جي قومي ٻولي ٿي. منجهس ٻه وڏا شاعر ساماڻا: هڪ جوش مليح آبادي ۽ ٻيو فيض احمد فيض. جوش هندستان مان هجرت ڪري آيو هو، جتي رابندرناٿ ٽئگور، جگر مراد آبادي، مخدوم محي الدين ۽ مجاز لکنويءَ جهڙن شاعرن سان ۽ هت پاڪستان ۾ وري پير ذهين شاهه تاجيءَ، فيض احمد فيض ۽ پير حسام الدين راشديءَ جهڙن عظيم عالمن سان قربت ۽ محبت هئس.
هندستان جي حڪومت سندس (جوش مليح آبادي) ادبي خدمتن جي تسليميءَ طور کيس ملڪ جو وڏي ۾ وڏو قومي ايوارڊ به ڏنو هو، پر، ڪراچيءَ جي ڪنهن ڪمشنر جي ڳالهين تي لڳي، پنهنجيءَ مرضيءَ سان هندستان مان هليو آيو. اهو ڪمشنر ڪو ٺڳُ هو. سو، چيائينس ته، ”جوش صاحب اوهان کي واعدو ڪيل رعايتون ۽ مراعاتون ڪنهن سبب ڪري ملي نٿيون سگهن.“
اهو ٻڌي، جوش جون ته ٻه به ويون، ڇهه به ويون. سندس آخري ايام، اسلام آباد ۾ ڏاڍي ڏک ۾ گذريا. ”يادون ڪي بارات“ نالي آتم ڪهاڻي لکيائين. منجهس هڪ هنڌ پنهنجي ننڍپڻ جي پياري دوست، مانيءَ جي باري ۾ لکيو اٿس، ته مٿس ڏکيا ڏينهن آيا ۽ معاشي طرح ڏاڍو بدحال ٿي ويو. مان ساڻس سڪ سان ملڻ ويس. مون کي ڏسي، اکين ۾ پاڻي اچي ويس. چيائين ته هندستان- سرڪار جي ”ساهتيه ايڪيڊميءَ (ACADEMY OF LETTERS) کان کيس علمي ۽ ادبي خدمتن جي عيوض ڪا پينشن منظور ڪرائي ڏيان. مون کيس تسلي ڏني ۽ سڌو وزيرِ تعليم، ابوالڪلام آزاد وٽ هليو ويس. هن چيو ته، ”مان ته انهيءَ شخص کي شاعر ئي ڪونه ٿو مڃان.“
اهو ٻڌي ڏاڍو مايوس ٿيس. پر، سوچي سوچي وزيراعظم جواهر لعل نهروءَ وٽ هليو ويس. سندس سيڪريٽريءَ چيو ته، ”وزيراعظم هن وقت سخت مصروف آهي. ملي ڪونه سگهندو.“
مون کيس چيو ته، ”تون منهنجي اچڻ جو اطلاع ته ڪر.“
موٽي آيو ۽ چيائين ته، ”جوش صاحب! وزيراعظم اوهان کي فوراً اندر سڏيو آهي.“ مان ڪمري ۾ گهڙيس، ته پنڊت جواهر لعل نهرو، بيٺڙ، هڪ اُچي ڊيسڪ تي ڪجهه لکي رهيو هو. مون کيس مانيءَ سان متعارف ڪرايو ۽ سندس ادبي پينشن لاءِ عرض ڪيو. مانيءَ کي ته ڪونه سڃاڻندو هو. پر، منهنجي ڪري، اتي جو اتي سندس درخواست تي سندس ادبي پينشن جو آرڊر ڪيائين. جوش ڏاڍي ڏک مان لکيو آهي ته:
”مانيءَ کي پينشن ملي، ته پوءِ مون سان ملڻ ڇڏي ڏنائين.“
جنهن ماڻهوءَ زندگيءَ ۾ جيترو ڊگهو سفر ڪيو هوندو، تنهن جو مشاهدو به اتروئي اهم هوندو. مليح آباد هڪ ڳوٺ آهي. جوش ڳوٺان نڪتو. آهستي آهستي، سفر ڪندو، هندستان جي گاديءَ، دهليءَ پهتو. اتي ڏاڪي به ڏاڪي، مٿي چڙهيو ۽ وزيراعظم هائوس تائين وڃي پهتو. جواهر لعل نهرو ۽ ابوالڪلام آزاد ٻئي سندس عزت ڪندا هئا. سو، ماڻهوءَ جي مزاج کي سمجهڻ لاءِ سندس مشاهدو اهم آهي. سندس لفظ ڪيڏا نه اهم آهن ته ”مانيءَ جو مسئلو حل ٿيو ته مون کي وساري ڇڏيائين!“
پر، جوش وانگر خود اسان مان به ڪن شخصن کي ٿورا يا گهڻا اهڙا مشاهدا ٿيا هوندا. مثال طور، مون پنهنجي هڪ ملازم کي اسلام آباد ۾ رهڻ لاءِ سرڪاري گهر وٺي ڏنو. اتي جوءِ ملڻ سولي، پر جاءِ ملڻ ڏکي. سو، مون کي ڏاڍي منٿ ميڙ ڪئي هئائين. گهر وٺي ڏنومانس ته خوش ٿيو. پر، ڪجهه عرصي کان پوءِ وري آيو ۽ چيائين ته پنهنجو پلاٽ ورتو اٿم. قرض وٺي ڏيو، ته پنهنجي جاءِ جوڙايان. قرض وٺي ڏنومانس. هڪ ڏينهن اچي ٻڌايائين، ته جاءِ جوڙائي اٿم، هاڻي ايڪيڊميءَ لاءِ منهنجي جاءِ مون کان مسواڙ تي وٺو، ته قرض لهي. ائين به ڪيم ته چيائين ته هاڻي اها ئي جاءِ ايڪيڊميءَ جي آفيسر جي حيثيت ۾ مون کي ئي رهائش لاءِ ڏيو. اهو به ڪيم. اوچتو هڪ ڏينهن شام جو منهنجي گهر ۾ پنهنجي ماءُ، زال ۽ ٻارڙن کي وٺي اچي پهتو ۽ قرآن شريف کڻي آيو ته هاڻي نوڪريءَ ۾ وڏو گريڊ به وٺائي ڏيو. اها ڳالهه ڏاڍي ڏکي هئي. پر، منهنجي اکين اڳيان قرآن ڪريم هو. ڪوشش ڪري، وڏو گريڊ به وٺائي ڏنومانس.
هڪ ڏينهن چيومانس ته، ”هاڻي ته اوهان جا سڀ ڪم پورا ٿي ويا؟“
چيائين ته، ”هن سال اوهان مون لاءِ ڇا ڪيو آهي؟“
اهڙي قسم جا ماڻهو رڳو اسلام آباد ۾ ڪونهن. هر هنڌ آهن. اسلام آباد وانگر، حيدرآباد ۾ به ڪنهن ملازم تي مهرباني ڪيم. کيس وڏي نوڪري وٺي ڏنم ۽ پوءِ کيس ٻيا فائدا به وٺي ڏنم. پر، آخر ۾ احساس ٿيم، ته منجهس ۽ اسلام آباد واري شخص جي مزاج ۾ ڪو فرق ڪونهي. اهو به ڏٺم ته ٻنهي ۾ هڪ ڳالهه ساڳي هئي. ”ٻئي ميسڻا هئا“ ۽ کين ڏسي، مون کي شيخ سعديءَ جو مشاهدو ياد ايندو هو. ”گلستان“ ۾ لکيو اٿس ته هڪ ڏينهن ڏٺم ته وڻ جي هيٺان جهرڪ ۽ ڳيرو گڏ پيا ٿا چُڳن. اهو لقاءُ ڏسي حيرت لڳم، ويجهو وڃي ڏٺم ته ٻئي منڊا هئا.
مان سمجهان ٿو ته جيئن ساهوارن ۽ جاندارن ۾ بڻ بڻياد کي وڏي اهميت آهي. اصـِيلَ ۽ کارَ جو فرق آهي، تيئن ماڻهن ۾ به آهي. هڪڙا پنهنجي نسلي اثر ۽ پرورش ڪري يا وري ماحول ۽ سنگت ساٿ جي اثر ڪري، بي ڀروسي ۽ دوکيباز ٿين ٿا. ٻيا وري ڀروسي جوڳا سچا، سورهيه ۽ بهادر ٿين ٿا.
خليفي محترم عبدالحميد چانڊئي سال سوا اڳ، هڪ اهم ڪتاب لکيو آهي: ”سنڌ جو اتر ڪاڇو“ منجهس هڪ دلچسپ مثال پڙهيم. حڪيم صاحب لکيو آهي ته، ”مون پنهنجي دواخاني ۾ دواسازيءَ جي ڪم لاءِ پنهنجي پراڻي ڪارڪن عبيدالله ڪنڀر جي چوڻ تي سندس جاءِ تي هڪ ماڻهو رکيو، جنهن مون وٽ ٻه ٽي سال ڪم ڪيو، مون غريب ماڻهو سمجهي مٿس گهڻيون مهربانيون ڪيون. ارادو هو ته کيس علم طب به پڙهائجي. پر، اوچتو سندس پرَ نڪري آيا. مون کي ڇڏي اسان جي ”ماڏي“ شهر ۾ ئي پنهنجو دواخانو کوليائين ۽ ”حڪيم“ ڪوٺائڻ لڳو. همراهه اهڙو ته منهن مٽيو، جو ڄڻ واقف ئي ڪونه هو. سندس دواخانو شهر ۾ هلي ڪونه سگهيو. سو، وري ٻئي شهر ۾ وڃي دواخانو کوليائين.
مون ان بعد ٻيو ماڻهو پنهنجي شفاخاني ۾ رکيو. هن يار وري فرمائش ڪئي ته، طب سيکاريو. مون کيس فارسي ڪتاب پڙهايو. اهو سندس سمجهه کان زور هو. سو، اردو ڪتاب شروع ڪرايومانس. کيس ڪو خيال آيو، ته دوائون ٺاهڻ ته اڳيئي، سکيون اٿم. باقي طب آهي ڪتابن ۾. سو ماٺڙي ڪري، طب وارو اردو ڪتاب ۽ ٻيا ٻه ٽي سنڌي ڪتاب کڻي ڀڄي ويو! ماڻهن جا اهي افعال ڏسي، منهنجو ته مٿانئن اعتماد ئي کڄي ويو.
حڪيم صاحب لکيو آهي ته، اها ماجرا رڳو ساڻس ڪانه ٿي. ساڳيو اهڙو واقعو حڪيم محمد علي امرتسريءَ سان به ٿيو هو. وٽس هڪ شخص آيو، جنهن چيو ته، ”مان پاڻ وڏو طبيب آهيان، پر، ڊگري ڪانهيم. ارادو اٿم ته اوهان وٽ علم جي تحصيل ڪري، سَنَدَ وٺان. مون سندس ڳالهه وڏيءَ همدرديءَ سان ٻڌي ۽ کيس طب جا ڪتاب پڙهائڻ شروع ڪيم. هڪ ڏينهن ڪنهن نسخي ڏسڻ لاءِ پنهنجو بياض ڪڍيم. هن شخص سمجهيو ته سڄو راز آهي انهيءَ بياض ۾. ڪنهن ڏينهن مان ٻاهر ويس ته پٺيان صندوق کُلي پئي هئي. هو بياض کڻي ڀڳو. ويندي ويندي منهنجي شفاخاني جو بورڊ به غور سان پڙهندو ويو، جنهن تي لکيل هو ته؛
حڪيم محمد علي
سنديافته طبيه ڪاليج دهلي
شاگرد مسيح الملک
حڪيم محمد اجمل خان مرحوم
هن ڀانيو ته اهو ”مرحوم“ لفظ به وڏي ڪا سَنَدَ آهي. سو، پنهنجو دواخانو کولي، ان جي مٿان ڏهاڪو کن فوٽ موڪري بورڊ تي، پنهنجو نالو هيئن لکيائين؛
حڪيم غلام رسول مرحوم
خانداني حڪيم
هت هر مرض جو علاج ڪيو وڃي ٿو.
حڪيم غلام رسول، جنهن ڳوٺ ۾ وڃي دواخانو کوليو، اتان جي زميندار کي هڪڙو ئي پٽ هو، جو ڏاڍو بيمار هو. غلام رسول ڳوٺ ۾ وڃڻ شرط سندس علاج ۾ هٿ وڌو ۽ هڪدم پنهنجي هٿ شفا ڏيکارڻ لاءِ، کيس جمال گهوٽي جو جلاب ڏنائين- غريب ٿڏي تي مري ويو. زميندار اهو سور ڪيئن پي ويو، سو ته معلوم ڪونهي، پر غلام رسول اهڙو ٻيو ڪو ڪـِيس ڪري، تنهن کان اڳئي کيس ڏاڍي مار ڏئي، ڳوٺ مان ڀڄائي ڇڏيائين
حڪيم محمد علي امرتسريءَ ان کان پوءِ ماڻهن کي علم طب پڙهائڻ کان توبهه ڪئي.
خليفي صاحب جي فرزند اعجاز حسين چانڊئي ماڻهوءَ جي مزاج متعلق پنهنجو ذاتي تجربو بيان ڪندي مون کي ٻڌايو ته مان هڪڙي وڏيري کي ادب جي ڪري، چاچا ڪوٺيندو هئس. هڪ دفعي چاچو هڪ عملدار کي مون وٽ علاج لاءِ وٺي آيو. چيائين ته، ”صاحب، منهنجو دوست آهي، کانئس ڏوڪڙ پئسو وٺڻو ناهي.“
مون چيو ته، ”چاچا، حاضر، جيئن اوهان جو حڪم.“
مهينو کن ته اهو عملدار ۽ چاچو مون وٽ گڏ ايندا رهيا، پوءِ چاچو ڪونه ايندو هو. عملدار اڪيلو دوا وٺي ويندو هو. ٻن ٽن مهينن کان پوءِ آيو چيائين ته،”هاڻي، منهنجي بدلي ٿيڻ جو امڪان آهي، سو، اڳو پوءِ آخرين دوائون ڏئي ڇڏيو.“
مون چيومانس ته، ”دوا اڃا ڪجهه وقت هلندي، پر اوهان فڪر نه ڪريو، ته دوا مفت ۾ ملي ٿي، سا، الائي فائدو ڪندي الائي ڪونه؟“
منهنجا اهي اکر ٻڌي صاحب موصوف کان ڄڻ ته ڇرڪ نڪري ويو. ڪا دير ته چپ هو. پوءِ دٻيل زبان سان چيائين ته، ”اوهان جو چاچو، وڏيرو صاحب ته مون کان هن مهل تائين دوا جي لاءِ چاليهه هزار روپيا وٺي چڪو آهي.“
حڪيم اعجاز حسين چيو ته، ”اهو ٻڌي مان حيران ٿي ويس. ڏاڍو ڏک ٿيم. دل ۾ چيم ته ماڻهو ڏاڍا اٽڪلي آهن. ظاهر ۾ اوهان کي پيا ڪوٺيندا: ”منهنجا مٺڙا“ - ”منهنجا منڙا“ پر، اندر ۾ هوندن اٽڪلن جا انبار. اٽڪلون به اهڙيون، جو ڄڻ ته ڪي ڇُريون آهن، جيڪي هاڻي هاڻي سيراڻ تان لٿيون آهن، جن سان ڪنهن کي به ڪُهي ڪباب ڪرڻ ۾ دير ئي ڪانه لڳندي.“
حڪيم اعجاز حسين جو اهو چوڻ ته ماڻهو مطلب ڪاڻ پنهنجن کي به ڪُهي ڪبابُ ڪري ٿو، ڏاڍي ڏکوئيندڙ آهي. چون ٿا ته انهيءَ جي شروعات ڏاڏي آدم جي پٽن ئي ڪئي هئي: قابيل، ڪنهن مطلب ڪاڻ، پنهنجي ڀاءُ هابيل کي ڪهي ڪباب ڪري ڇڏيو. اڳتي هلي، حضرت يعقوب جي پٽن به انهيءَ روايت کي تازو ڪيو. پنهنجي ننڍڙي ڀاءُ حضرت يوسف کي ڪنهن سُڃي ۽ سُڪل کوهه ۾ ڦٽي ڪري آيا ته مري کپي ويندو. هنن ته سوچي سمجهي پڪو ڪم ڪيو، پر، هن جا به ڪي بخت ڀلا هئا، سو، بچي ويو.
ليڪن اهي ٿيا هزارين ورهيه پراڻا، پيغمبر زادن جا قصا، ڀلن جو اولاد هئا. سندن باري ۾ سوچي سمجهي ڳالهائڻ گهرجي، متان ڀُل چُڪ ۾ به ڪا بي ادبي ٿي وڃي. سو عقل جي ڳالهه اها آهي ته زمان توڙي مڪان جي لحاظ کان اورتي اچون ۽ پنهنجي ئي آسپاس ڪي مثال وٺون.
سنڌ جي تاريخ ۾، هونئن ته گهڻائي مثال موجود آهن. پر، سڀني کان دلچسپ مثال، سنڌ جي راڻيءَ سونهن پريءَ (ديويءَ) جو آهي. چون ٿا ته جهڙو نالو هئس، تهڙي چوڏهينءَ جو چنڊ هئي. ٻُڌ ڌرم جي راجا جي مهاراڻي هئي. سنڌ، تن ڏينهن ۾ آزاد ملڪ هو، جنهن جو جهنڊو ديبل کان ملتان تائين جهولندو هو. راجا ته ٿيو راجا. پر، راڻيءَ جي رعب تاب جي به ڪهڙي ڳالهه ڪجي. ويتر سندس سونهن جا تجلا اهڙا ته ڪي تکا هئا، جو خبر ناهي جو پکين کي به سندس محلات جي مٿان اڏامڻ جي همٿ ڪانه ٿيندي هئي.
هڪڙي ڏينهن محلات ۾ راجا سان گڏ ويٺي هئي ته ڪو منشي دروازي تي آيو. کيس راجا کان ڪاغذ صحيح ڪرائڻا هئا. راجا راڻيءَ کي پاسيرو ٿيڻ لاءِ چيو، پر، هن لنوائي ڇڏيو. منشي ڪاغذ کڻي راجا وٽ آيو، ته شڪل شباهت ۽ ڳالهائڻ ٻولائڻ ۾ راڻيءَ کي وڻي ويو. سو، مهل ۽ موقعي تي ڏانهس مرڪي نهاريائين. پر، منشيءَ جي ڪهڙي مجال، جو راجا جي محل ۾ ميري اک کڻي سگهي. هونئن به پڙهيل پنڊت هو. چچ نالو هئس. سمورا ويد ۽ شاستر پڙهي پڄايا هئائين. سو، پاڻ پري رکڻ جي ڪوشش ڪيائين، ليڪن، سونهن پريءَ جي هڪڙيءَ ئي مرڪ ننڊ ڦٽائي ڇڏيس. ستت ويد ۽ شاستر به وسرندا ويس. تان جو مهل ۽ موقعو ڏسي، پاڻ به راڻيءَ ڏانهن اڃايل اکين سان نهارڻ لڳو.
سونهن پري کيس مڪمل طرح مطيع ڪرڻ کان پوءِ، پنهنجن پيارن هٿن سان پنهنجي ”پتي – ديوتا“ يعني سنڌ جي راجا کي زهر جي هلڪي هلڪي ستي ڏيڻ شروع ڪئي. راجا گهڻو جٽاءُ ئي ڪونه ڪيو. سگهو وڃي بستري تي ڪريو.
اهو ڪم ڪاميابيءَ سان ڪري، راڻيءَ درٻار ۾ اعلان ڪيو، ته راجا پنهنجيءَ بيماريءَ جي ڪري، چچ کي پنهنجو ”نائب“ مقرر ڪيو آهي، سو، سرڪاري ڪمن بابت، راجا جي پاران حڪم احڪام جاري ڪندو.
راجا ته پنهنجي هوش ۾ ئي ڪونه هو. ڏينهون ڏينهن ويو ڳرندو. جڏهن سرڳواسي ٿيڻ جي منزل تي پهتو، تڏهن راڻيءَ ويجها مٽ مائٽ سندس درشن لاءِ گهرايا. کين محلات ۾ مختلف جاين تي ويهاري، هڪڙن کي ٻين جي خلاف ڀڙڪايائين، ته فلاڻي معاملي ۾ هنن اوهان سان هيئن ڏاڍائي ڪئي هئي. کانئن پلوَ وٺڻ جو مهل موقعو هي اٿوَ. هنن کي ته اهڙو وجهه کپندو هو. پاڻ ۾ ائين اٽڪيا، جو هڪٻئي کي ڪهي ڪباب ڪرڻ ۾ دير ئي ڪانه ڪيائون.
راڻيءَ، عقلمنديءَ سان ائين سڄو ميدان صاف ڪري، راجا جي سرڳواسي ٿيڻ جو اعلان ڪيو. جڏهن ڪريا ڪرم جون رسمون پوريون ٿيون ۽ ساعت سڻائي ڏٺائين، تڏهن درٻار ڪوٺائي چيائين ته، ”راجا جي وصيعت موجب، چچ هاڻي شاهي ڇٽ پائي، سنڌ تي حڪومت ڪندو.“
درٻارين، راجا جي آگيا موجب چچ سان وفاداريءَ جو اعلان ڪيو ته راڻيءَ چچ سان شادي ڪئي. اڳي به راڻي هئي، هاڻي به راڻي ٿي. پر، جوان مڙس مليس.
چچ هندو هو، سو، راڻيءَ جي ڪارنامي ڪري، ٻُڌ ڌرم وارن جي حڪومت ختم ٿي وئي. سنڌ جي تاريخ ئي بدلجي وئي.
چچ ويدن ۽ شاسترن مان ڪجهه پرايو هو يا نه، پر، سهڻيءَ راڻيءَ جي صحبت ۾ رچي ريٽو راس ٿيو. سگهو برهمڻ آباد تي ڪاهه ڪيائين. اتان جو راجا اگهم لشڪر وٺي، سندس سامهون ٿيو. پر، مقابلي جي طاقت نه ڏسي، قلعي ۾، دروازا بند ڪري ويٺو. چچ به شهر جي چوڌاري نانگ وانگر ڪڙو چاڙهي ويهي رهيو. جت باهه ٻري، اتي سيڪ اچي. راجا اگهم ويو ڳڻتيءَ ۾ ڳرندو. نيٺ سرڳواسي ٿي ويو. ٻه چار مهينا گذريا، ته شهر واسي به اچي پريشان ٿيا، تن چچ سان صلح صفائيءَ جي ڳالهه چوري. هن هائو ڪئي. ڪامياب ۽ ڪامران ٿي، قلعي ۾ گهڙيو. ٿڌي سيني سان فيصلو ڪيائين ته راجا اگهم جي سهڻيءَ راڻيءَ سان شادي ڪريان ۽ پوءِ سندس پٽ سربندَ کي ئي راڄڌانيءَ جي پڳ ٻڌايان.
سربند ڳالهه ٻڌي چيس ته، ”اسان جي شاهي خاندان ۾ ڪيئي ننڍيون نيٽيون زالون آهن، جيڪي هڪٻئي کان سونهن ۾ سرس آهن.“
پر، چچ راڻيءَ سان همبستر ٿيڻ تي هري ويو هو. سو، هاڻي به سيج پلنگ تي راڻي کپندي هئس. سربند جي ڳالهه ڪانه مڃيائين. هوڏانهن، سربند جي ماءُ جي ڪن تي ڳالهه پئي ته هڪدم ”هائو“ ڪيائين ۽ هار سينگار ڪري، پنهنجي مڙس جي قاتل سان لائون لڌائين ۽ پهرينءَ رات ئي ساڻس اهڙي ته ريجهي وئي، جو کيس پنهنجي اڳئين مڙس جي وفادار سرڪش قبيلن جا نالا ٻڌائي، چيائينس ته هنن هنن کي ڪهي ڪباب ڪر، ته پوءِ توکي ڳڻتي ڳارو ڪونهي: مان به تنهنجي ۽ برهمڻ آباد به تنهنجي.
چچ ائين ئي ڪيو. برهمڻ آباد ۾ سڀ ڪم سولا ڪري پنهنجا پير پختا ڪيائين. سڀ انديشا لاهي، سيج پلنگ تي سربند جي ماءُ جي ڀاڪرُ ۾ سڀُ ٿَڪَ ڀڳائين. ائين پنهنجيءَ حڪومت جي پيڙهه پڪي ڪري، ان جون واڳون پنهنجي ويڳي پٽ سربند ۽ پنهنجيءَ راڻيءَ کي سونپي، پاڻ اروڙ ڏانهن واپس وريو، جتي وري راڻي سونهن پري سندس انتظار ۾ آسمان جا تارا ڳڻي رهي هئي.
مٿيان ٻئي مثال سنڌ جي اولين تاريخ ”چچ نامي“ ۾ موجود آهن. انساني مزاج جا آئينه دار آهن. سنڌ وانگر هند جي تاريخ ۾ به اهڙا بيشمار مثال موجود آهن، جن مان ماڻهوءَ جي مزاج جو پتو پوي ٿو. پر، سڀني کان مشهور مثال راڻيءَ نورجهان جو آهي، جنهن پڻ پنهنجي مڙس جي قاتل سان شادي ڪئي هئي.
نورجهان جي مڙس، علي قلي بيگ ۽ جهانگير جو پاڻ ۾ ڪو به تڪرار ڪونه هو. اڪبر بادشاهه علي قلي بيگ کي مهرالنساء سان پرڻائي بنگال جي پاسي پنهنجو نواب ڪري موڪليو. کيس مهرالنساء مان هڪ نياڻي به هئي. زال مڙس جو پاڻ ۾ ڏاڍو پيار هو. پر، اڪبر بادشاهه وفات ڪئي ۽ پٽس جهانگير بادشاهه ٿيو، ته علي قلي بيگ کي نياپو موڪليائين ته، ”پنهنجيءَ زال کي طلاق ڏي، ته شادي ڪريانس، جو ننڍپڻ ۾ ڏاڍي وڻندي هئم.“
علي قلي بيگ اهو ٻڌي هڪ غيرتمند مرد وانگر مياڻ مان تلوار ڪڍي پر، پاڻ اڪيلو هو ۽ قاصد وٽ شاهي لشڪر هو. تلوارن سان ٻوٽيون ٻوٽيون ڪري ڇڏيائونس. الزام رکيائونس ته بغاوت ڪري رهيو هو. بغاوت اها ڪيائين ته بادشاهه کي پنهنجي شوق پوري ڪرڻ ڪاڻ، پنهنجي زال پيش ڪانه ڪيائين.
مهرالنسا پنهنجي مڙس جي قتل جي پاڻ ئي اکين ڏٺي شاهد هئي. سو، جڏهن شاهي محلات ۾ پهتي، ته حالي ته صدمي جي ڪري، ڪي ڏينهن بيحال هئي. محل جي ڪنهن ڪنڊ ۾ پاسيري ٿي ويئي، پر هڪ ڏينهن آرس ڀڳائين. عروسي لباس پاتائين. جڏهن شاهي سيج پلنگ تي جهانگير سان ڀاڪر پاتو هوندائين، تڏهن علي قلي بيگ ته ياد آيو هوندس. شايد، دل ۾ ائين ئي چيو هوندائين ته:
آسماں ڈوبے ہوئے تاروں کا ماتم کب تلک
مٿيان مثال، عورت ذات جي مزاج جا آهن. انهن مان ڀائنجي ٿو، ته رڳو مرد جي ڳالهه ڪانهي. جيڪڏهن عورت به اهڙيءَ پوزيشن ۾ آهي، جو پنهنجي اثر جو فائدو وٺي سگهي، ته پوءِ پنهنجو مطلب حاصل ڪرڻ ڪاڻ، کيس ڪابه لڄ ليهه ڪانهي. اڳي به ائين هو، هاڻي به ائين آهي.
تاهم، تاريخي حقيقت اها آهي ته جيئن ته دنيا ۾ اڪثر ملڪن ۾ مرد جي برتريءَ (MALE DOMINATION) وارو معاشرو آهي، ان ڪري عورت کي ”ثانوي حيثيت“ حاصل آهي. کيس مرد جيترا حق حقوق حاصل ڪونه آهن. ٻڌيءَ ڇوڙيءَ جو سڄو اختيار مرد وٽ آهي. هر هنڌ، مرد ئي وڏيرو، رئيس يا سردار آهي. سنڌ جي اتر، وچولي ۽ لاڙ ۾ اهڙو ڪو ننڍو وڏو ڳوٺ يا شهر مشڪل ملندو، جنهن ۾ چڱمڙسيءَ جي پڳ، مرد جي بدران ڪنهن عورت جي مٿي تي هجي.
پاڪستان، بنگلاديش، هندستان ۽ سري لنڪا (اڳوڻي برٽش انديا جي) چئني ملڪن ۾ عورت پنهنجي پارٽين ۾ پڳ ٻڌي، وزيراعظم يا صدر جي عهدي تائين ته پهتي آهي پر، اڄ تائين، ڪنهن به عورت کي فوج جي سربراهه جو عهدو ڪونه مليو آهي.
نالي ۾ ته هر جمهوري ملڪ ۾ اصولي طرح طاقت جو سرچشمو عوام آهي پر، جيڪڏهن مائوءَ جو چوڻ صحيح آهي ته، ”طاقت بندوق جي ناليءَ مان نڪرندي آهي.“ ته پوءِ اصل طاقت جو سرچشمو فوج آهي. ليڪن تاريخ ۾ اهڙو ڪو مثال ئي ڪونه ٿو سُجهي، جو ڪنهن به ملڪ جي عورتن زالن جو لشڪر وٺي، ٻئي ملڪ جي عورتن سان جنگ ڪئي هجي. دنيا ۾ جنگيون هميشه مردن جوٽيون آهن. خون خرابُ مردن ڪيو آهي. ڪٿي به زور زبردستيءَ ۽ ظلم سان ڏاڍاين هيڻن کي پيڙيو آهي، ته اهي ”ڏاڍا“ مرد ئي هئا: عورتون ڪونه هيون.
تاريخ جي ورقن ۾ اهڙن خونخوار مردن ۾ سڀ کان مشهور مثال چنگيز خان جو آهي جيڪو پاڻ کُليو کلايو چوندو هو ته، ”مان ماڻهن تي خدا جو قهر آهيان.“ اڄ کان ست سؤ ورهيه اڳ مشرق ۾، چين پاسي، گوبيءَ جي رڻ پٽ ۾ ساماڻو. لُــچُ لوفر هو. پاڻ جهڙن ٻين بدمعاش جو ٽولو ٺاهيائين، ويو زور وٺندو، نيٺ گوبيءَ جي سڄي رڻ پٽ تي قبضو ڪري ويو. پوءِ چين تي حملو ڪيائين ۽ ان کي فتح ڪيائين. ڪجهه عرصي کان پوءِ اولهه طرف اک کنيائين ۽ خوارزم شاهه جي سلطنت تي حملو ڪيائين. انهيءَ کي به فتح ڪيائين. انهيءَ جنگ ۾ اسي لک قيدي ترار سان قتل ڪرايائين. سندس سپاهي جيڪو شهر فتح ڪندا هئا، ان جي سمورن، مردن، زالن ۽ ٻارن کي ترارن سان رڍن ۽ ٻڪرين وانگر زمين تي ليٽائي، ڪهي ڇڏيندا هئا. ڍُڪين زالن جا پيٽ چيري، ٻار کي ٻاهر ڪڍي، ترار سان، اڌو اڌ ڪندا هئا. رڳو سهڻيون زالون ڇڏيندا هئا، جيڪي ورهائي کڻندا هئا. سڀ ماڻهو ماري پوءِ ڍور، ڍڳا ۽ ڪتا ٻلا ڪهندا هئا. اهو ڪم ڪري، شهر کي باهه ڏئي، خاڪ جو ڍير ڪري ڇڏيندا هئا. ويجهو اوڏو ڪنهن واهه جو وهڪرو ڦيرائي، خاڪ جي ڍير مٿان وهائيندا هئا، ته شهر جا نشان به مٽجي ويندا هئا.
خوارزم شاهه جي سلطنت کي تباهه ڪرڻ کان پوءِ سندس اولاد هڪ طرف روس ۽ ٻيا ڪيئي ملڪ فتح ڪيا، ته ٻئي طرف پاڻ سنڌو نديءَ جي ڪناري تي اچي پهتو، پر، اوچتو پنهنجي وطن ۾ بغاوت جي ڪا خبر مليس، سو، اوڏانهن موٽيو. ائين سنڌ ۽ هند سندس باهه کان بچي ويون! البت، واپس ويندي، پشاور کي جهڙپ ڏيندو ويو. سندس لشڪر جتان لنگهندو هو، ان جو پتو هيئن پوندو هو ته آسمان ۾ ڳجهون لامارا ڏيندي نظر اينديون هيون، جو زمين تي هِت هُت انساني لاشا هوندا هئا، ڪاٿي ماڻهن جون ٽنگون ٻانهون ته ڪاٿي منڍيون پيون هونديون هيون.
چنگيز خان کان پوءِ سندس پوٽو هلاڪو خان ساماڻو. اول اسماعيلين جي قلعي ”الموت“ کي تهس نهس ڪيائين. ان کان پوءِ بغداد تي ڪاهه ڪيائين. ”اسلامي خلافت“ کي ختم ڪيائين. مسلمانن جي خليفي کي مارايائين. پوءِ عام ماڻهن جي ”ڪوس“ جو حڪم ڏنائين. بغداد وارو دجلو درياهه پاڻيءَ جي بدران ماڻهن جي رت سان وهڻ لڳو. ايران جي هاڪاري شاعر شيخ سعديءَ هيءُ دردناڪ مرثيو انهيءَ موقعي تي چيو هو؛
آسمان راحق بود گر خون ببارد بر زمين
بر زوال ملک معتصم اميرالمومنين
اے محمدصہ گر قيامت می بر آري بر زخاک
سربر آورويں قيامت درميان خلق بين
آسمان کي حق آهي ته زمين تي رت جو مينهن وسائي معتصم امير المؤمنين جي ملڪ جي زوال تي. محمدصه، جي قيامت جي ڏينهن اٿندين، ته اٿ ۽ خدا جي خلق تي هيءَ قيامت ڏس!
هلاڪو خان کان پوءِ تيمور لنگ ساماڻو. جنهن جي ظلم جي داستانن جو به ڇيهه ئي ڪونهي. سندس خاص شوق اهو هوندو هو ته ماڻهو مارائي سندن منڍين جا منارا ٺهرائيندو هو.
ايران ۾ وري نادر شاهه ساماڻو. ڦرمار ڪري، اول جاگيردار ۽ سنڌين وانگر پوءِ پاٿاريدار بڻيو. آخر ۾ سردار بڻيو. ويو زور وٺندو، تان ته وڃي ملڪ جو بادشاهه ٿيو. ايران مان لشڪر وٺي، هندستان تي ڪاهه ڪيائين، دهليءَ ۾ عام ماڻهن جو ايڏو ته ڪوس ڪرايائين، جو شهر جي جاين جي نيسارن مان برسات جي پاڻيءَ وانگر ٽي ڏينهن انساني رت جا ڦوهارا وهندا رهيا.
افغانستان مان شاهه بيگ ارغون سنڌ تي ڪاهه ڪري آيو. ڄام نظام الدين جهڙو بهادر بادشاهه فوت ٿي چڪو هو. سندس نڪمو پٽ ڄام فيروز ڀڄي ويو. شاهه بيگ ارغون ٺٽي ۾ داخل ٿيو ته ايڏو ته خون خرابو ڪرايائين، جو شهر ۾ اوندهه انڌوڪار ٿي ويو. ڏينهن جا ڏينهن، قاضي قاضن جهڙا عالم وائڙن وانگر پنهنجن مٽن ۽ مائٽن کي ڳوليندا رهيا.
اهي سمورا مثال انساني تاريخ جا حقيقي ورق آهن، جن مان ماڻهوءَ جي مزاج جو پتو پوي ٿو. رڳو اسان وٽ ائين ڪونه هو. نام نهاد متمدن مغربي ملڪن ۾ به هني بال، هٽلر ۽ مسولنيءَ جو شغل ۽ شوق رڳو جنگ ڪرڻ ۽ ماڻهو مارائڻ هو. سڪندر بادشاهه سنڌ ۾ ارڙنهن هزار ماڻهو مارايا.
اها سوين هزارين ورهيه اڳ جي ڳالهه آهي. پر، هن دؤر ۾ به اهڙن قاتلن جي ڪمي ڪانهي، جيڪي پاڻ ست سمنڊ پار مغربي ملڪن ۾ ويٺا آهن، پر پنهنجي مطلب ڪاڻ مشرقي ملڪن ۾ ماڻهو پيا مارائن ۽ چون ٿا ته، ”اسان هي ڪم امن خاطر ڪريون ٿا.“
هاڻي ته ايٽم بم ايجاد ڪيو اٿن. جنهن کي آمريڪا استعمال به ڪيو آهي. پهريون بم 1945ع ڌاري ٻيءَ مهاڀاري لڙائيءَ ۾ جپان جي شهر هيروشيما کي هنيائين، ته ڏيڍ لک ماڻهو ٿڏي تي مري ويا. ٻيو بم ناگاساڪي شهر تي هنيائين ته ٽيهٺ هزار اٺ سؤ چوراسي انسان مري ويا ۽ سٺ هزار زخمي ٿيا.
هڪ طرف ماڻهوءَ جا اهي افعال آهن، ٻئي طرف، ماڻهو ئي ڌرتيءَ تي هڪڙو اهڙو ساهوارو آهي، جو عقل جا پر پائي، ڀڙڪي ڏئي اڏاڻو، ته چنڊ تي وڃي لٿو. زمين تان بيهي چنڊ ڏي نهارجي، ته اها ڳالهه اعتبار ۾ ئي نٿي اچي، ليڪن ماڻهو نه رڳو چنڊ تي چهل قدمي ڪري آيو، پر، اتان ننڍا وڏا پٿر به ميڙي آيو آهي، جي هيرن جواهرن کان وڌيڪ قيمتي آهن. چون ٿا ته مٿن تحقيق ڪرڻ سان چنڊ جي سڄيءَ عمر ۽ ننڍپڻ کان وٺي هاڻوڪيءَ ڄمار تائين سندس سفر جو سڄو احوال معلوم ٿيندو. هڪڙو پٿر اسان جي ملڪ کي به مليو آهي. ڪراچيءَ جي قومي ميوزيم ۾ رکيل آهي.
مون ڏٺو آهي. اسڪولي شاگردن جي سليٽ جيتريءَ ڪاٺ جي هڪ تختيءَ ۾ ڪڪڙ جي آني جيترو هڪ شفاف شيشو کتل آهي، جنهن ۾ اندر قابو آهي. سنگ مرمر يا سنگ سياهه وانگر لَسو ۽ سخت ڪونهي، ڀُرڪڻو لڳي ٿو. رنگ اهڙو اٿس جهڙو ڪاريءَ ۽ واڱڻائيءَ رنگ جي مس ملائڻ سان ٺهي. آسمان ۾ چنڊ کي ڏسڻ سان منجهس ڪارا نشان نظر ايندا آهن، جيڪي چون ٿا ته جبلن ۽ سڪل ماٿرين جا آهن. هيءُ پٿر به شايد ڪنهن اهڙي هنڌ جو آهي.
چوڏهينءَ جو چنڊ جڏهن آسمان ۾ چمڪي ٿو، ته ماڻهوءَ جي روح کي ڪيڏو نه قرار اچي ٿو، پر، پاڻيءَ تي وري ان جي ابتڙ اثر ٿئي ٿو. سمنڊ جو نظارو ڏسڻ وٽان هوندو آهي. پاڻيءَ ۾ ايڏي ته بيقراري ٿيندي آهي، جو ڇوليون هڪٻئي جي مٿان پيون سٽبيون آهن.
چوڏهينءَ جو چنڊ، آسمان مان اثر وجهي هيٺ ڌرتيءَ تي سڄي دنيا جي سمنڊن ۾ بي قراري ۽ اٿل پٿل آڻي ٿو ته، پوءِ ائين سمجهڻ لاءِ واجبي سبب آهي ته هن جهانَ ۾ هڪڙو وجودُ ٻئي وجود سان ڪنهن نه ڪنهن حساب ۾ ڳنڍيل آهي. ماڻهوءَ جو حال ته هيڻو آهي. هوا نه هجي، ته ساهه به کڻي نه سگهي. ٻين لفظن ۾ ائين چئبو ته هن جهان جو ڪارخانو ماڻهوءَ جي مرضيءَ موجب ڪونه ٿو هلي. تڏهن ته مير تقي مير چيو آهي:
لے سانس بھی آہستہ کہ نازک ہے بہت کام
آفاق کی اس کارگه شیشہ گری میں
ماڻهوءَ جي ايندڙ منزل ”مريخ“ آهي، جتي پاڻي ملڻ جو امڪان آهي، ڇو ته نه رڳو انساني زندگيءَ بلڪ سموريءَ حياتيءَ جو دارومدار پاڻيءَ تي آهي. ماءُ جي پيٽ ۾ به جڏهن پيءُ جو پاڻي پوي ٿو، تڏهن ٻارڙو پيدا ٿئي ٿو، پوءِ آهستي آهستي سندس نقش نگار ٺهن ٿا. ڄمڻ کان اڳ ئي قدرت ماڻس جي اُرهه ۾ کير جا چشما پيدا ڪري ٿي. جڏهن ٿڃ ڌائي، مٺيءَ مرڪ سان ماءُ ڏي نهاري ٿو، ته معصوميت جو ڪيڏو نه شاهڪار لڳي ٿو. ڪنهن شاعر اها منظر نگاري هنن لفظن ۾ ڪئي آهي؛
دھن عیسٰ پہ ہو جیسی دودہ مریم کی لکیر
اهو ئي معصومڙو، جڏهن جوان ٿئي ٿو ته کيس ننڍپڻ کان وٺي جيڪي تلخ ۽ شيرين واقعا پيش اچن ٿا، تن جي آڌار تي هو پنهنجا رويا ٺاهي ٿو. ڪَسُ ڪَسَر کائي، هر ڪنهن سان گڏجي رهڻ تي هري وڃي ٿو، يا وري نفرت ڪري ٿو ۽ ڪرڻ سکي ٿو ۽ منتقم مزاج ٿئي ٿو.
منتقم مزاجي مايوسيءَ جو ٻيو روپ آهي. مايوسيءَ ۾ مبتلا ماڻهو ڪنهن به مهل ڪوبه خُلمُ ڪري سگهي ٿو. منتقم مزاج ماڻهو سدائين پاڻ به عذاب ۾ ته ٻيا به سُورن ۾. شريف شخص منتقم مزاج ماڻهوءَ کان پري رهڻ چاهيندو آهي. ڪَسُ ڪَسَر کائڻ وارو ماڻهو هر دلعزيز ٿيندو آهي ۽ معاشري ۾ کيس مقبوليت ملندي. قرآن شريف جو به ارشاد آهي ته، ”احسان جو بدلو احسان آهي.“
پر، ماڻهوءَ جي من ۾ خودغرضي ايڏي ته ڪا اونهي آهي، جو، هو احسان فراموش به ٿئي ٿو. ڳالهه ڪندا آهن ته هڪ نيڪ شخص کي ڪنهن ماڻهوءَ اچي چيو ته، ”فلاڻي توهان کي گهٽ وڌ پئي ڳالهايو.“
هن حيران ٿي چيس ته، ”خبر ناهي ته ڇا جي ڪري؟ مون ته مٿس ڪو احسان ڪيو ئي ڪونهي.“
عبدالحميد ”عدم“ اردوءَ جو وڏو شاعر هو. سندس دل تي به اهڙي ڪا واردات ٿي هئي، جو چيو هئائين ته:
وہ جو تیرے فقیر ہوتے ہیں آدمی بی نظیر ہوتے ہیں
تیری محفل میں بیٹھنے والے کتنے روشن ضمیر ہوتے ہیں
ای عدم احتیاط لوگوں سے، لوگ منکر نکیر ہوتے ہیں۔
ماڻهوءَ جي مطلب پرستيءَ، خودغرضيءَ ۽ احسانِ فراموشيءَ کي ڏسي، ڏاهن شخصن انساني معاشري کي جانورن جي عجائب گهر (ZOO) سان ڀيٽيو آهي، جنهن ۾ رڇ، بگهڙ، باندر، چراخ ۽ چيتا، ممون، ممڙا، ڏائڻيون ۽ ڏائڻ، ويس بدلائي، ماڻهن واري پوشاڪ پائي، گهمندا، ڦرندا وتن ٿا.
هونئن به هر شخص، مرد توڙي عورت جي چهري تي الائي ته ڪيترا نقاب پيل آهن. سو، ماڻهوءَ جو اصلي چهرو ڏسڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. تنهن ڪري عجائب گهر (ZOO) ۾ جيڪو شخص وڏا وڏا ڀاڪر پائي ملي ٿو، تنهن مان سڀ کان گهڻو ڊپ ٿئي ٿو، ته متان شيوا جيءَ وانگر هٿ ۾ ”واگهه - نُک“ لڪل هجيس.
انسان کي هن دنيا ۾، جياپي جي لاءِ ڏاڍي جدوجهد ڪرڻي پوي ٿي. انگريزيءَ ۾ ان کي ڪوٺن ٿا؛ “SURVIVAL OF THE FITTEST” علامه اقبال، ان جي روح جو اردو شعر ۾ ترجمو هيئن ڪيو آهي؛
ہے جرمِ ضعیفی کی سزا مرگِ مفاجات
شاهه سائينءَ وري اها ڳالهه هنن لفظن ۾ بيان ڪئي آهي؛
جيئڻ ڪاڻ جيڏيون، وڏا وس ڪيام
جانورن جي عجائب گهر ۾ ماڻهوءَ کي پنهنجي کَلَ بچائڻ لاءِ هر وقت عقل ڪم آڻڻو پوي ٿو. پر، رڳو عقل جي آڌار تي تــَڳـــَڻ ُ به ڏاڍو ڏکيو آهي.
سائنس جو سڄو علم عقل تي ٻڌل آهي، آلبرٽ آئنسٽائين جي هڪ ويجهي دوست ۽ هاڪاري سائنسدانَ، مئڪس پلئنڪ جو هڪ مضمون آهي: The Universe in the light of modern physics هو ان مضمون ۾ لکي ٿو ته:
”ماڻهوءَ جو عقل قدرت جي قانون تي ڪنهن به طرح اثر انداز ڪونه ٿو ٿئي، ان ڪري اسان مجبور آهيون، ته هڪ اهڙي ”حقيقي جهان“ جو تصور ڪريون، جيڪو، انساني عقل کان مٿي آهي.“
سندس اصل انگريزي اکر هي آهن؛
In physics, however as in every other science, common sense alone is not supreme. There must also be a place for reason. Further, the mere absence of logical contradiction does not necessarily imply that every thing is reasonable. Now reason tells us that if we turn our back upon a so – called object and cease to attend to it, the object still continues to exist.
Reason tells us further that both the individual man and mankind as a whole, together with the entire world, which we apprehend through our sense, is no more than a tiny fragment in the vastness of nature, whose laws are in no way affected by human brain.
It is considerations of this kind, and not any logical argument, that compel us to assume the existence of another “world of realty” behind the “world of senses”, a world which has existence independent of man.
German essays on science in the 20th century centinum, New York, U.S.A. 1996, edited by wolf gang schirmacher.
هيءَ ڳالهه ڳؤري آهي. اڳتي کڻندا سون، ته پاڻ وڃي ڪنهن ٻيءَ بادشاهيءَ ۾ نڪرنداسون، تنهن ڪري موٽي اچون پنهنجي موضوع تي يعني ”انسان جو مزاج “.
ڪنهن هاريءَ ڳالهه ڪئي ته، ”اڄ ٽاڪ منجهند جو هڪ واٽهڙو واٽ وٺيو پئي ويو، پر اوچتو منهنجيءَ جهوپڙيءَ ڏي مڙيو ۽ اچي پاڻي گهريائين. مون مٽ ڏانهن اشارو ڪيس. ڏاڍو ڪو اڃايل هو. نئون نڪورو مٽ به ٿڌي پاڻيءَ سان ڀريل هو. سو، هڪٻئي پٺيان ٻه گلاس ڀري پيتائين. پوءِ خوش ٿي، مون کان موڪلائي، پنهنجي واٽ وٺي روانو ٿيو.“
هاڻي منهنجو ائين سمجهڻ صحيح ڪونه ٿيندو، ته هاري انهيءَ واٽهڙوءَ کان ڪڏهن نه ڪڏهن ٿڌي پاڻيءَ جي انهن ٻن گلاسن جو اجورو ضرور وٺندو! سڀ ماڻهو سنگدل ڪونهن. ڪي انهيءَ هاريءَ وانگر رحمدل به آهن. ان ڪري اسان کي ماڻهوءَ جي مزاج بابت راءِ قائم ڪرڻ ۾ اها ڳالهه مڃڻي پوندي ته؛
دنيا ۾ مٺا ميوا ۽ مٺا ماڻهو آهن، اهي ٿورڙا آهن، پر آهن. هيءَ دنيا سندن ئي سونهن ۽ سرهاڻ سان قائم آهي.
مون به اهڙا ڪي ماڻهو ڏٺا. سندن تذڪرو لکيم، جنهن جو نالو رکيم: ”جهڙا گل گلاب جا“. مخدوم طالب الموليٰ سائينءَ جي خواهش موجب بورڊ کي ڇپڻ لاءِ ڏنم. مان تڏهن اسلام آباد ۾ هئس. ڪتاب ماڻهن کي ڏاڍو وڻيو. مون کي سنڌ جي ڪيترن ئي شهرن مان الائي ڪيترا قرب جا خط آيا.
ڪجهه عرصي کان پوءِ ٻيو ڪتاب لکيم: ”سنڌ جا بر، بحر، ۽ پهاڙ“. پير سائين روضي ڌڻيءَ، غوث بهاءُالحق ملتانيءَ ۽ قلندر لال شهباز جو تذڪرو آهي. اهو به ماڻهن کي ڏاڍو وڻيو. تازو، ٻيو ڇاپو به نڪتو اٿس.
ڪجهه عرصو اڳ، عمرڪوٽ مان هڪ يار، چنڱاڻي صاحب قرب جا پير ڀري آيو. ”جهڙا گل گلاب جا“ ڪتاب جي تعريف ڪيائين. موٽي ويو، ته ڪي مضمون ۽ خط (فوٽو اسٽيٽ ڪاپيون) موڪليائين، جن مان هڪڙي خط ۾ لکيل هو ته، ”روزانو جيسين انهيءَ ڪتاب جا ڪجهه صفحا پڙهي نه سمهان تيسين ننڊ ئي نه اچي.“
اهڙو ئي ٻيو قربائتو خط ٿر مان پلي صاحب لکيو. چيائين ته: ”ادا، صديق سالڪ تي تنهنجو مضمون پڙهي مان ته روئي ويٺس.“ دراصل، پلي صاحب پاڻ وڏو مٺو ماڻهو آهي. مون سان فقط هڪ دفعو مليو آهي، ان کي به گهڻا گهڻا سال ٿيا. پر، سندس قرب وسريو ڪونهي.
سانگهڙ ۾ سورهيه بادشاهه جي ورسيءَ جي تقريب هئي. مون کي به سڪ سان سڏيائون. مکڻ ماکيءَ جهڙا مٺا محب ماڻهو هئا. ايڏيون عزتون ڪيائون، جو اڄ به دل تي نقش آهن. جڏهن کانئن اجازت گهريسون، ته ڪي مهربان ٻاهر ڪار تائين ڇڏڻ آيا. هڪڙي ميزبان موڪلائڻ مهل مون کي چيو ته: ”اوهان ”جهڙا گل گلاب جا“ ڪتاب لکي سنڌ تي احسان ڪيو آهي.“ سندس اهي اکر ٻڌي منهنجيءَ دل تي جيڪا ٿي گذري، سا فقط ڀٽائيءَ جي ٻوليءَ ۾ ئي بيان ٿي سگهي ٿي:
سسئيءَ کي سيد چوي، وڌو قرب ڪهي.
ڪيترائي قربدار وري وري پڇندا رهيا آهن، ته ٽيون جلد ڪڏهن ٿو اچي؟ مڙني ۾ سرفهرست منهنجو ننڍو ڀاءُ حڪيم اعجاز حسين چانڊيو آهي. کيس عرض ڪيم ته، ”ادا سائين ڪوبه جواب ڏيڻ بدران هاڻي ٽيون جلد ٺاهي پيش ڪندس.“
محترمه زبيده ميتلو سنڌي ادب جي خواتين لکندڙن ۾ وڏو نالو آهي، مون سان گهڻي زماني کان سٺي دعا سلام اٿس. ”جهڙا گل گلاب جا“ ڪتاب جا ٻئي جلد پڙهي، قربائتو خط لکيائين. تحسين به ڏنائين، ۽ ميار به ڏنائين حجت سان لکيائين ته، ”ٽئين جلد ۾ ڪن خواتين جو تذڪرو ضرور هجي.“ مون هن ڪتاب ۾ سندس ڳالهه جي ڪجهه ته پوئواري ڪئي آهي.
انگلستان مان ڪنهن دوست ڪتاب پڙهي ڏاڍو قربائتو خط موڪليو ته، ”اوهان کي ڪتاب جي مقدمي ۾ ماڻهوءَ جي مزاج بابت ڳالهه چٽي ڪرڻ کپندي هئي.“- سندس مطلب هو ته، ”ماڻهوءَ جي مزاج جو اونداهو رخ به آهي، جنهن کي اوهان نظر انداز ڪيو آهي ۽ ماڻهوءَ کي رڳو گلابن ۽ رابيلن سان ڀيٽيو آهي. سڀ ماڻهو اهڙا سرها ڪاٿي آهن؟“
بلاشڪ، اها راءِ صحيح آهي، مون اڳيئن ڪتاب جي مقدمي ۾، هابس، لاڪ ۽ روسو جي حوالن سان ماڻهوءَ جي مزاج جي اونداهي رخ بابت اشارا ڏنا هئا. پر، هن ڪتاب جي مقدمي ۾ ته ڪن مشاهيرن جا رايا، ڪي تاريخي مثال ۽ ذاتي مشاهدا چٽيءَ طرح ڏٺا اٿم.
ماڻهوءَ جي مزاج متعلق منهنجي پنهنجي راءِ اها آهي ته، اهو تهدار آهي. جيئن بصر جي هڪ کل لاهه ته ٻي ظاهر ٿئي ٿي، تيئن ماڻهوءَ جي مزاج تي به تَهن مٿان تَهه آهن. هڪڙو لاهه ته ٻيو ظاهر ٿئي ٿو. هڪ حقيقت ته اها آهي. ٻي هيءَ به آهي ته جيئن ٻيلي ۾ رڳو وڻ ئي وڻ هجن، پر پوءِ به انهن جون شڪليون، جدا جدا نمونن جون آهن، تئين هن دنيا جي ماڻهن جون شڪليون ۽ سندن مزاج به جدا جدا نوع جا آهن.
ماڻهوءَ جو مزاج سيمابي آهي، يعني پاري وانگر آهي. اتي جو اتي بدلجي ٿو. ان جو بنيادي سبب سندس ذاتي مطلب ۽ مفاد آهي. هڪڙو مثال عرض ڪريان ٿو، جنهن ۾ انهيءَ حقيقت جو عڪس نظر ايندو. ڪراچيءَ ۾ ڪاليج ۾ پڙهندو هئس، ته ملڪ ۾ پهريون ”مارشل لا“ لڳو، جو سڪندر مرزا هنيو، جنهن کي ٻاهر ڪڍي، پوءِ ايوب خان پاڻ ملڪ تي قبضو ڪيو. خيرپور جو شهداد سيال نالي هڪ پيارو دوست ڪراچيءَ ۾ گڏ پڙهندو هو. ڳالهه ڪيائين، ته مارشل لا لڳڻ سان ملڪ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ سڪندر مرزا جا وڏا وڏا پوسٽر بزارن ۾ ڀتين تي لڳي ويا، ته خلق ۾ هراس پيدا ٿئي.
سيال چيو ته مان تن ڏينهن ۾ خيرپور ۾ هئس. هڪ ڏينهن، ڪو موالي ۽ ملنگ، شهر جي ڪنهن گهٽيءَ ۾ ڀــِتِ وٽ اچي بيٺو ۽ سڪندر مرزا جي پوسٽر کي چتائي ڏسڻ لڳو. ڪنڌ ورائي مون کي چيائين ته، ”ابا، اسان ڏا نيا بادشاهه اي هي؟“
سيال چيو ته، چيومانس ته، ”هائو چاچا، اي هي.“
تڏهن هٿ مٿي کڻي چوڻ لڳو ته،”هائو ڙي جوان، تيڏي حشمت! چور چڪار بند. ملڪ وچ امن. دڪانان تي هر شيءِ حاضر. ملهه واجبي. مين تيتون صدقي وڃان، تيڏي دائي تون صدقي ٿيوان.“
سيال چيس ته، ”چاچا، ٻيا به هڪ حڪم ڏتاهس.“
ملنگ ڪنڌ ورائي پڇيو ته، ”ابا، او ڪهڙا هي؟“
سيال چيس ته، ”چاچا، حڪم ڏتاهس، ته ڀنگ پيوڻ والان تي پنج هزار رپيا ڏنڊ. ول جيڪو ڀنگ نان گڏ آفيم به کاوي، اونهان تي ڏهه هزار ڏنڊ.“
اهو ٻڌي مواليءَ ڇرڪ ڀريو! وري سڪندر مرزا جي پوسٽر ۾ جوهه وجهي ڏسڻ لڳو. گهڙي رکي، سيال ڏي نهاري چوڻ لڳو ته، ”ابا، شڪل هي ظالمان والي هس.“
ائين چئي پٽون ۽ پاراتا ڏيڻ لڳس: ”اڙي ڪيون ظلم تي چڙهياهين. تيڪون قلندر دي مار پوي! تيڏي بادشاهي چٽ ٿيوي.“
ائين چپن ۾ ڀُڻ ڀُڻ ڪندو اڳتي هليو. جڏهن گهٽيءَ جي موڙ وٽان مڙيو ته ڪنڌ ورائي، سڪندر مرزا کي بجو ڏنائينس ۽ پٽيائينس ته، ”شاهه مراد دي مار پويس.“
هڪ دفعي قبلا علامه آءِ آءِ قاضيءَ فرمايو ته: ”ڪا به ٻولي فقط تڏهن ئي زنده رهي سگهندي، جڏهن منجهس حيات - آفرين خيال پيش ٿيندا.“
سندن ڳالهه جو مرڪزي نُڪتو وري به وڃي ”حيات-آفرين-خيال“ بيٺو. دل ۾ چيم ته خيال ته ضرور ڪنهن نه ڪنهن موضوع متعلق هوندا. انهيءَ تي ياد آيم. ته ڏاهن جو چوڻ آهي ته، ”هن دنيا ۾ انسان جي اڀياس واسطي سڀ کان اهم موضوع خود انسانُ آهي.“
سوين سال اڳ چين ۾ هي ٻه اکر ٻڌ ڌرم جي هڪ قديم مندر مٿان لکيل هئا: ”پاڻ سڃاڻ“.(KNOW THY SELF)
ڪن جو چوڻ آهي ته اهي اکر ڊيلفيءَ ۾ اپولو جي مندر جي مٿان لکيل هئا. ڪن جو چوڻ آهي ته اهي اکر يوناني فيلسوفَ فيثا غورث جا آهن. ڪن وري ان کي سياڻي سقراط جو گفتو ڪوٺيو آهي.
اسلامي روايت ۾ به هڪ گفتو مشهور آهي ته، ”جنهن پاڻ سڃاتو، تنهن پنهنجو ربّ سڃاتو“. انهيءَ جو مطلب ته ”خودشناسي“ ۽ ”خدا شناسيءَ“ جو پاڻ ۾ گهرو رشتو آهي. سو، انسان جي مطالعي واسطي سڀ کان اهم موضوع واقعي خود ”انسان“ آهي.
مون هن ڪتاب جو موضوع ”ماڻهوءَ جي مزاج“ کي بنايو ۽ اها ڳالهه ذهن ۾ رکي ته ماڻهوءَ جي مطالعي جو موضوع سڀ کان اهم ”خود انسان“ آهي. منجهس ڪن اهڙن ماڻهن جو ذڪر ڪرڻ مناسب سمجهو جن مون کي ته متاثر ڪيو پر، بيشمار ماڻهن کي ڪيو.
مون کي ان ڳالهه جو پورو پورو احساس آهي. ته ماڻهوءَ جي هٿ وس رڳو ڪوشش ڪرڻ آهي. سو مون دل جي سچائيءَ سان ڪوشش ڪئي آهي. نتيجو ته مالڪ جي اختيار ۾ آهي. بلهي شاهه اها ڳالهه بهتر لفظن ۾ چئي آهي:
مالهِي دا کم پاني دينا
بهر بهر مشکاں لاوے
مالک دا کم، گل پھل دینا
لاوے یا نہ لاوے
غلام رباني آگرو
حيدرآباد سنڌ
2- فيبروري 2009