ڊاڪٽر ائنيمري شمل
ڊاڪٽر شمل سان منهنجي ملاقات 1958ع ۾ ڪراچيءَ ۾ ٿي. هوءَ سيد عبدالواحد جي دعوت تي آئي هئي، جيڪو ٻيلي کاتي جو رٽايرڊ عملدار هو ۽ اقبال ايڪيڊميءَ جو ميمبر هو. ڊاڪٽر شمل سان جرمنيءَ ۾ مليو هو ۽ ڪراچيءَ اچڻ جي دعوت ڏني هئائينس. پير سائين حسام الدين شاهه راشديءَ ۽ جسٽس جاويد اقبال سان به سندس ملاقات انهيءَ ئي سال ائين ڪراچيءَ ۾ ٿي هئي. تڏهن اقبال ايڪيڊمي ڪراچيءَ ۾ هئي. ٻئي ڄڻا انهيءَ جا سرگرم ميمبر هئا.
ڊاڪٽر شمل 1938ع ڌاران علامه اقبال جو فارسي ڪلام پڙهيو هو. سو، تڏهن کان وٺي، سندس شخصيت ۽ پيغام ۾ دلچسپي هئس، بعد ۾ پاڻ هڪ ترڪ سان شادي ڪري مسلمان ٿي هئي. اسلامي نالو جميله پسند ڪيائين. پر، اڳتي هلي زال مڙس طلاق ڏئي الڳ ٿيا. ترڪ مڙس جي ڪري، مولانا روميءَ کان آشنا ٿي وئي هئي. پر، وقت گذرڻ سان ساڻس ڏاڍي عقيدت ٿي ويئي هئس. کيس هميشه ”اسان جو مولانا“ ڪوٺيندي هئي. اهو ته هر ڪو ڄاڻي ٿو ته علامه اقبال ۽ شاهه ڀٽائي به روميءَ جا عقيدتمند هئا. سو ڊاڪٽر شمل جي اڳتي هلي منجهن پڻ دلچسپي پيدا ٿي.
مغربي ماڻهو هر سال پنهنجي ڄم جو جشن ملهائيندا آهن. اسان وٽ به ڪي سکيا ستابا ماڻهو اهي شاهاڻا شؤنق ڪندا آهن، پر سنڌ جي ڏتڙيل ماڻهن جو حال ته هر ڪنهن کي ساريو پيو آهي:
”بک ۾ ڦٽي باک ۽ ڏک ۾ گذريو ڏينهن.“
ڊاڪٽر شمل، پنهنجيءَ هڪڙيءَ سالگره جو جشن ڪراچيءَ ۾ ملهايو. مون کي پير سائين حسام الدين شاهه راشدي انهيءَ تقريب ۾ وٺي هليو. ڇهين ستين بجي شام جي مهل هئي. سالگره جي جشن ۾ جيڪي مهمان سڏيل هئا، سي، دستور موجب، سوکڙيون پاکڙيون وٺي آيا هئا. مان هالن جي جنڊيءَ جي رنگين فريم سان هڪ خوبصورت آئينو وٺي ويو هئس. ٻيا وري ٻيون سوکڙيون پاکڙيون وٺي آيا هئا. ايترو ياد اٿم ته سنڌ جو نيڪ مرد، مير غلام علي خان ٽالپر، چانديءَ جو ٽي - سيٽ (TEA-SET) وٺي آيو هو. کيس بلُو رنگ جو ڌاري دار فل سوٽ پاتل هو، ڪن ڪن ماڻهن جي منهن تي اشرافت ۽ عظمت جو عڪس نظر ايندو آهي. مير صاحب اهڙو ئي شخص هو. ٻيا به ڪافي معتبر ماڻهو آيا هئا.
پير سائين حسام الدين شاهه راشديءَ مون کي ڊاڪٽر شمل سان متعارف ڪرايو ته چوڻ لڳي ته، ”ڪراچي شهر جا پراڻا پاڙا ۽ بازارون ڏسڻ جو شوق اٿم.“ تن ڏينهن ۾ بورڊ جيپ ورتي هئي، سو، جيڪڏهن هوءَ گهڻو اشتياق ڏيکاري ها، ته مان کيس کاري در ۽ مٺي در وارو علائقو، کڏي مدرسي وارو پاسو ۽ ڪياماڙي وغيره آسانيءَ سان ڏيکاري سگهان ها. ليڪن، ٻيهر نڪي ته هن ڳالهه ڪڍي ۽ نه وري مون ذڪر چوريو. پر، قدرت جي ڪارخاني ۾ عجب راز ۽ اسرار آهن. ڪي ڪي لفظ ۽ خواهشون ”پيشنگويون“ ٿينديون آهن. اسان ٻنهي مان ڪنهن کي خواب خيال به ڪونه هو، ته اڳتي هلي مان ئي کيس نه رڳو ڪراچي پر سڄو پاڪستان گهمائيندس، پر هـِتِ اڳتي وڌڻ کان اڳ اها ڳالهه چٽي ڪرڻ گهران ٿو ته ڊاڪٽر شمل، سنڌ، سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب ۾ جيڪا به دلچسپي ورتي، سا سموري پير صاحب جي دوستيءَ جي ڪري. هو کيس سنڌ گهمائڻ لاءِ سڀ کان اول ڳڙهي ياسين وٺي ويو، جتي سندس دوست، آغا بدرالدين خان درانيءَ، ڊاڪٽر شمل جون ڏاڍيون خاطرداريون ڪيون ۽ موڪلائڻ مهل کيس زنانن زيورن جو سونو سيٽ تحفي طور ڏنائين. سنڌ جي ڏاهن چيو آهي ته:
کـِلاوڻُ، پــِلاوڻُ، عجبُ دلبري.
ڊاڪٽر شمل جي اڳتي هلي، سنڌي ٻوليءَ ۾ دلچسپي وڌي، ته ان ۾ خط لکڻ لڳي. هڪ ٻه خط مون کي به لکيائين. هونئن نه ته انگريزيءَ ۾ لکندي هئي. مون سندس هڪ سنڌي خط ٻارن جي”گل ڦل“ رسالي ۾ ڇاپيو، جو مان ”اعزازي طرح“ ايڊٽ ڪندو هئس. هونئن، سنڌي ادبي بورڊ ۾ 1959ع کان منهنجو اصل ڪم اسسٽنٽ سيڪريٽري جي عهدي جو هو. ستت، سنڌيءَ ۾ هڪ مضمون به موڪليائين، جو پڻ ”گل ڦل“ رسالي ۾ ڇاپيم. پاڻ اڳتي هلي، منهنجي افساني ”پن ٻوڙين پاتال ۾“، جمال ابڙي جي افساني ”ڪار مُنهون“ ۽ محمد حُسين ڪروڙپتيءَ جو ڪو افسانو جرمن زبان ۾ ترجمو ڪري، ”پاڪستاني افسانن جي انتخاب“ ۾ ڇپايائين. اسان ٽنهي کي جرمنيءَ ۾ واٽرمئن جون ٺاهيل، ڪاري رنگ جون ٽي قيمتي خوبصورت انڊپينون ۽ ڪتاب جون ٽي ڪاپيون موڪليائين. گهڻو پوءِ جرمنيءَ ۽ هندستان جي ڪن ناشرن گڏجي ”هندستاني ادبيات“ تي متعدد جلدَ انگريزيءَ ۾ ڇاپڻ جو پروجيڪٽ ٺاهيو، جنهن ۾ سنڌي ادب وارو جلد ڊاڪٽر شمل لکيو. ان ۾ پڻ سنڌي ادب واري جلد ۾، جديد لکندڙن ۾ منهنجو ۽ شيخ اياز جو ذڪر ڪيو اٿس. بعد ۾ جڏهن عمر جي آخري حصي ۾ پنهنجي سوانح عمري لکيائين ته ان ۾ به منهنجو ذڪر ڪيائين. اقبال ايڪيڊميءَ اُن جو جرمن مان انگريزيءَ ۾ ترجمو شايع ڪرايو. مون کي ان ڪتاب جي ڪاپي ڪراچيءَ ۾ گوئٽي انسٽيٽيوٽ جي جرمن ڊائريڪٽر، مسز زمان ڏني. ادب واري جلد ۾ جديد لکندڙن ۾، منهنجو ۽ شيخ اياز جو ذڪر ڪيو اٿس. بعد ۾ جڏهن عمر جي آخري حصي ۾ پنهنجي سوانح عمري لکيائين ته ان ۾ به، منهنجو ذڪر ڪيائين، اقبال ايڪيڊميءَ ان جو جرمني مان انگريزي ۾ ترجمو شايع ڪيو آهي.
ڊاڪٽر شمل، شاهه سائينءَ ۽ اردو شاعر خواجه مير درد، (ٻنهي تي گڏ) انگريزيءَ ۾ هڪ معياري ڪتاب پڻ لکيو. اهو ڪتاب مون کي پاڻ ڏنو هئائين، هڪ دوست پڙهڻ ڪاڻ کڻي ويو، پر، موٽائي ڪونه ڏنائين. سائين غلام مصطفيٰ شاهه سان ڳالهه ڪيم، تنهن ان دوست کان ته ورتو، پر، مون کي موٽي ڪونه مليو. هاڻي سائينءَ مرحوم جي ڪراچيءَ واريءَ لئبرريءَ ۾ موجود آهي. ڪتاب جو نالو آهي: PAIN AND GRACE. ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز کي ڪتاب جي شاهه سائين واري حصي جو سنڌي ترجمو شايع ڪرڻ کپندو هو. ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز جي نيڪي ٿئي ها پر، اهڙن ڪمن ڪرڻ لاءِ عقل، محبت ۽ محنت کپي.
عمر جي پوين ڏينهن ۾ پاڻ شاهه سائينءَ جي چونڊ ڪلام جو جرمن زبان ۾ ترجمو ڪري رهي هئي ۽ هڪ حصو شايع به ڪيو هئائين، اهو ڪتاب به جرمنيءَ ۾ ڇپيو. مون کي ٻه ڪاپيون ڏنيون هئائين. هڪ ڪاپي اڃا مون وٽ آهي. انهيءَ ڪتاب جي ڪم کي مڪمل ڪرڻ ۾ به ”ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز“ جو ساڻس ڪوبه تعاون ڪونه هو. ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز کي ان جرمن ترجمي جي خبر به ڪانه هوندي، البت ڊاڪٽر شمل، علامه اقبال تي جيڪو به ڪم ڪيو، اهو اقبال ايڪيڊميءَ وڏي توجهه ۽ محنت سان شايع ڪيو.
ڊاڪٽر شمل، پاڪستان جي علاقائي ٻولين ۽ ادب تي انگريزيءَ ۾ هڪ تمام سٺو ڪتاب لکيو آهي. مون کي ڪاپي ڏني هئائين، جا محفوظ اٿم. پر، سندس خط محفوظ ڪري ڪونه سگهيس. مون وٽ سندس بيشمار خط هئا. ڊاڪٽر شمل سنڌ تي ليڪچر ڏنا هئا ۽ ڪجهه مضمون لکيا هئا. مون کيس صلاح ڏني ته اهي گڏ ڪري، ڪتاب ڇاپجي. صلاح وڻيس. ڪتاب ٺاهي ڏنائين Pearls from the Indus نالي سان. مون سنڌي ادبي بورڊ مان ڇاپيو. کيس رايلٽيءَ جي ادائگيءَ لاءِ ڪجهه ”نذراني جي“ پيشڪش ڪيم ته ڏک ۾ چيائين: ”رباني، آئنده اهڙي ڳالهه نه ڪجانءِ.“
ڊاڪٽر شمل، هڪڙي سال پاڪستان آئي، ته پير صاحب کيس مڪليءَ وٺي ويو. اتي ٻيا ڪي دوست به سڏيل هئا، جن مان مرڪزي فنانس سيڪريٽري، ممتاز حسن، سيد عبدالواحد ۽ آرڪيالاجيڪل کاتي جي عملدار ولي الله جا نالا مون کي ياد آهن. مڪليءَ ۾ آثار قديمه کاتي جي ريسٽ هائوس ۾ منجهند جي ماني کائي ڪچهري ڪرڻ ويٺاسين، ته ڳالهيون ڪندي ڪنهن چيو ته، ”اقبال وڏو شاعر هو ۽ ڪنهن چيو ته شاهه ڀٽائي!!“ وڏي بحث مباحثي کان پوءِ، ولي الله کان راءِ ورتائون، جو آرڪيالاجيءَ جو ته ماهر هو، پر، وڏو عالم به هو. چيائين ته: ”ٻنهي جي ڀيٽ اجائي آهي. هڪڙي وسندي ڇڏي، وڃي سُڃَ وسائي. کيس سڏيندا ئي هئا: شاهه عبداللطيف تارڪ. عام روايت موجب پڙهيل لکيل ڪونه هو. پر، وڏو شاعر، مفڪر ۽ اهل الله هو.“
”ٻيو شخص (علامه اقبال) جديد دؤر جو پڙهيل ڪڙهيل اعليٰ تعليم يافته شخص هو. اردوءَ سان گڏ فارسيءَ جو شاعر هو. ولايت مان پڙهي آيو هو. سياسي معاملن ۾ دلچسپي رکندو هو.“
”هاڻي، اوهان پاڻ ٻڌايو ته ٻنهي جي پاڻ ۾ ڪهڙي ڀيٽ؟“
ولي الله جي اها راءِ ٻڌي، پير صاحب پنهنجيءَ ڪرسيءَ تان اٿيو ۽ وڃي کيس نرڙ تي چمي ڏنائين. پير صاحب جي انهيءَ عمل جي ڪري ماحول اهڙو ته ڳنڀير ٿي ويو، جو سيد عبدالواحد ساڙ ۾ سهي ڪونه سگهيو. سو هڪ ڏاڍو بڇڙو ڪم ڪيائين. ڊاڪٽر شمل، جنهن ڏينهن جرمنيءَ وڃي رهي هئي، تنهن ڏينهن ايئرپورٽ تي وڃڻ مهل پيتي کڻڻ وئي. ڏسي ته چاقوءَ سان ڦاٽي پيئي آهي ۽ سونن زيورن جو جيڪو سيٽ پاڻ ڪراچيءَ مان خريد ڪيو هئائين، سو غائب آهي! انهيءَ سيٽ جا پئسا کيس اقبال ايڪيڊميءَ علامه جي هڪ ڪتاب جي ترجمي جي رايلٽيءَ طور ڏنا هئا. سيد عبدالواحد کي ساڙ رڳو ان ڪري هو، جو هُوءَ (ڊاڪٽر شمل)، علامه اقبال سان گڏ هميشه شاهه ڀٽائيءَ جو تذڪرو به ڪندي رهندي هئي.
ڊاڪٽر شمل، پير صاحب سان گڏ ڪار ۾ ويٺي. ڪراچيءَ ايئرپورٽ ويندي، رستي تي سڄي ڳالهه ڪري ٻڌايائينس. جڏهن کيس جهاز ۾ اماڻي، مان ۽ پير صاحب موٽياسين، ته پير صاحب وري مون سان سڄي ڳالهه ڪئي، پر منع ڪيائين ته ٻئي ڪنهن سان نه ڪجانءِ.
سيد عبدالواحد ٻيو بڇڙو ڪم اِهو ڪيو، ته ون يونٽ جي گورنر نواب ڪالاباغ کي چؤ چواءُ ڪرائي، سنڌ ۾ ڊاڪٽر شمل جي اچڻ تي بندش وجهايائين. انهن ڏينهن ۾ ملڪ ۾ ون يونٽ جو ڏاڍو ڏهڪاءُ هو. ماڻهو سنڌ جو نالو کڻڻ کان ئي ڪيٻائيندا هئا. ٽپال کاتي سرڪيولر جاري ڪيو هو، ته خطن جي ائڊريس ۾ سنڌ لفظ لکڻ به ڏوهه آهي. اياز بي سبب ته ڪونه چيو هو:
سنڌڙي تنهنجو نانءُ وتو، ڪاريهر تي پير پيو.
پير صاحب لاهور ۾ هو. مون کي فون ڪيائين ته: ”ڊاڪٽر شمل جي خاطرداريءَ لاءِ اوهان ۽ حُسين شاهه پاڻ ۾ صلاح ڪري، ٻه چار دوست گڏجي، ڪراچي ايئرپورٽ تي وڃي ساڻس ملو، جو هُوءَ ته سرڪاري بندش جي ڪري، ايئرپورٽ کان ٻاهر نڪري ڪانه سگهندي.“
اسان ڪي سنڌي ڳائڻا ۽ وڄائڻا ساڻ کنيا ۽ گـــُلاب جي گلن جا کارا ورتا. حُسين شاهه، اياز راشدي، مان، علي نواز وفائي، غلام قادر ڊکڻ ۽ ٻيا دوست ٻن چئن موٽرن ۾ ايئرپورٽ روانا ٿياسين. رستي تي وفائيءَ جي موٽر خراب ٿي پئي. غلام قادر ڊکڻ چيو ته، ”اياز راشدي ساڻس گڏ ويٺو هو، سو، سندس ڪار خراب ٿي ته امالڪ ٽپو ڏئي هيٺ لٿو ۽ اچي اسان سان گڏ ويٺو. وفائيءَ، اياز راشديءَ جي مشوري تي ئي خاص انهيءَ موقعي لاءِ ”سنڌي ڪلچر جي نمائش ڪرڻ لاءِ“ ٺــٽي جي لونگيءَ مان صدري سبائي پاتي هئي. اياز اڪيلو ڇڏي آيس ته ڏاڍو ڏک ٿيس. سو، ڪاوڙ مان صدري لاهي رستي تي اڇلايائين! سنڌي سٻاجهڙن کي پرپٺ ست سريون ٻڌايائين. پر، ڪو به واهه وسيلو نه ڏسي، واٽهڙن کي چار پئسا ڏئي، ڪار کي ڌڪا ڏياري، چالوڪيائين ۽ شوڪارا ڀريندو پوئتي موٽي ويو.“
غلام قادر ڊکڻ جي اها ڳالهه ٻڌي، اسان کي به ڏک ته ڏاڍو ٿيو، پر، اياز راشدي انهيءَ معاملي ۾ خاموش رهيو. البت، حُسين شاهه ايترو چيو ته هي رَوَش اياز جي بي وفائيءَ ڪري هئي. بهرحال ڊاڪٽر شمل جي جهاز لهڻ جو ٽائيم ٿي ويو هو. سو، ماٺ ميٺ ۾ اسان سڀ سڌو ايئرپورٽ هليا وياسين.
ڊاڪٽر شمل جهاز مان نڪتي. تڏهن سو هاڻوڪو ايئرپورٽ ڪونه ٺهيو هو. پراڻي ايئرپورٽ جي گنبذ واريءَ اڳوڻيءَ عمارت ۾ آئي، ته غاليچي تي اسان جا وهاريل فنڪار شروع ٿي ويا. مٿس گل ڇٽيا ويا ۽ ڪلهن تي پَٽ جون لونگيون پئجي ويون. سازن جي ڌڌڪي تي، سنڌي راڳ جي محفل شروع ٿي وئي. ڏاڍي خوش ٿي. جڏهن اسان کان موڪلايائين ته سندس چهرو خوشيءَ ۾ ٻهڪي رهيو هو. ڊاڪٽر شمل ان کان پوءِ مهل موقعي سان ڪراچيءَ ايندي رهي. خدا ڪيو، جو اڳتي هلي، مٿانئس بندش به لهي ويئي.
1977ع ۾ ڪراچيءَ آئي، ته مان سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پرو - وائيس چانسيلر هئس. کيس ڪار ۾ ڪراچيءَ مان ڄامشوري وٺي آيس ۽ آرٽس فئڪلٽيءَ واري آڊيٽوريم ۾ ليڪچر ڏياريم. ڊاڪٽر شمل ”وڏو نالو“ سڄو هال استادن ۽ شاگردن سان ڀرجي ويو. سندس ليڪچر تاڙين جي گونج ۾ پورو ٿيو. يونيوسٽيءَ مان کيس گهر وٺي آيس. منجهند جي ماني کارائي، شام جو ڪار ۾ ڪچهري ڪندا وري واپس ڪراچيءَ وياسين.
هڪ دفعي پير صاحب سان گڏ سيوهڻ گهمڻ ويئي. موٽ تي بورڊ جي آفيس ۾، ڄامشوري ۾ مون وٽ لٿا. چاءِ پيتائون. چوڻ لڳي ته، ”رباني، رستي تي اهڙي ته اڃ لڳم، جو نڙيءَ ۾ اصل ڪنڊا پئي چُڀيم.“
اهو ٻڌي پير صاحب کِلي ڏنو. چيائين ته، ”اڃ ته مون کي به ڏاڍي لڳي هئي، پر، سن ۾ موٽر ڪانه روڪيم ۽ رستي تي تڏهن اهڙي ڪا هوٽل هئي ڪانه، جتي لمليٽ پي سگهون.“
اڳتي هلي، مون کي سندس شڪايت دور ڪرڻ جو موقعو مليو. سو، هيئن ته پير صاحب جي هـِن جهان ڇڏي وڃڻ کان پوءِ هڪ دفعي وري پاڻ مون کي سيوهڻ وٺي هلڻ جي فرمائش ڪيائين. مرحوم عبدلله ميمڻ، تڏهوڪي ڪمشنر حيدرآباد کي چئي، سيوهڻ جي قلعي وارو ريسٽ هائوس رزرو ڪرايم. ڊاڪٽر شمل، حُسين شاهه وٽ ٽڪيل هئي. جنهن جي بيگم، اديءَ شميم، پامفريٽ مڇي تري ۽ مائيءَ ڀانَ نرم گرم اوڦراٽا پچايا. مان ڀانيان ٿو ته هُوءَ سنڌ جا روايتي- ست- پڙا اوڦراٽا به پچائي ڄاڻي. لنچ باڪس کڻي، اسان ڪراچي- ڪئنٽ اسٽيشن تان بولان ميل ۾ اچي چڙهياسين. مون ايئرڪنڊيشنڊ ڪوپي رزرو ڪرايو هو. منجهس آرام سان ماني کاڌيسين. ڏاڍو ساءُ هئس. ڊاڪٽر شمل ڇري ڪانٽو کڻي، هر گهڙيءَ، انگريزيءَ ۾ چوي ته:
”هيڏي اچ منهنجي مڇڙي، ته توکي کاوان.“
سج لهي ٻڏي رهيو هو ته اسان به وڃي سيوهڻ لٿاسين. پوليس جو هڪ اعليٰ عملدار پنهنجي اٽالي سان گڏ اسان جي استقبال لاءِ اڳي ئي اسٽيشن تي موجود هو. ريسٽ هائوس ۾ وٺي هليو. هٿ منهن ڌوئي، پهريائين روضي تي حاضري ڏنيسون، رب پاڪ کان دعا گهريسون. مون ڊاڪٽر شمل سان ڪمپني ڪرڻ لاءِ مسز مهتاب راشديءَ کي به چيو هو.
ريسٽ هائوس تي آياسين. سيوهڻ جي ايس.ڊي.ايم. مسٽر عبدالجبار عباسيءَ جهڙي سٺي ڊنر کارائي، اهڙي ئي يادگار ڪچهري ڪئي. هڪڙي سنڌي سٻاجهڙي جو قصو ٻڌايائين، ته هيئن سيوهڻ ۾ آيو. ريسٽ هائوس ۾ ٽڪيو. وڏي سرڪاري عهدي تي هو. عاليشان ماني ڪرايم. ڊنر ٽيبل تي سمورو وقت مون کي UNIVERSAL SOUL بابت ليڪچر ڏيندو رهيو ۽ فلسفي ۽ روحانيت جا سبق ڏيندي رکي رکي چوندو رهيو ته اها برياني ۽ ٻه ٽي ڪباب کڻي ڏي.“ ڊاڪٽر شمل اهو ٻڌي اچي کِل ۾ ڇٽڪي.
صبح جو سوير، اسان وري روضي تي وياسين، جو اتي ان مهل اُٺن تي نغارا وڄائيندا ايندا آهن. ڊاڪٽر شمل کي اِهو منظر ڏسڻ جو خاص شوق هو. ان جون تصويرون ورتائين. ٻئي ڏينهن سيوهڻ مان وري به بولان ميل رستي واپس ڪراچيءَ پهتاسين.
ڊاڪٽر شمل هڪڙي سال ڪراچيءَ آئي، ته مون کيس چيو ته، ”هٽلر جو ڪتاب“ ”مين ڪيف“ (منهنجي جدوجهد) الائي ڪٿان ملندو؟“
پڇيائين ته، ”ڇو؟“
مون چيو ته، ”ادبي بورڊ جو ڇپائيءَ لاءِ منظور ٿيل آهي. پروفيسر غلام مصطفيٰ شاهه کي ترجمي لاءِ مليل آهي، پر سندس دلچسپي ڪانهي. مون کي چيو اٿس ته ”تون وڃي ترجمو ڪر.“ منهنجي ان ترجمي ۾ دلچسپي ان ڪري آهي، جو ٻي مهاڀاري لڙائي تاريخ جو تمام وڏو واقعو آهي. هٽلر جي ڪتاب مان معلوم ٿيندو، ته هن پنهنجي نقطهءِ نگاهه جي وضاحت لاءِ منجهس ڪهڙيون ڪهڙيون ڳالهيون ڪيون آهن.“
ڊاڪٽر شمل چيو ته، “IT IS A BAD BOOK”
مون اندازو لڳايو ته هُوءَ ان مهاڀاري لڙائيءَ جي زماني ۾ 23 يا 24 سالن جي هوندي، سو ڪتاب جي ڳالهه ڇڏي، کيس چيم ته، ”ڊاڪٽر صاحبه، اوهان کي چٽي سانڀر هوندي ته ٻيءَ مهاڀاريءَ لڙائيءَ جي زماني ۾ جرمنيءَ ۾ اندروني حالتون ڪيئن هيون؟“
هن ڪو جواب ئي ڪونه ڏنو. مان ٻيهر کانئس سوال ڪرڻ وارو هئس، پر، اکيون کڻي جو ڏسان ته چهري تي ڏک جا ڪارا ڪڪر ڇائنجي ويا اٿس. اکيون ڀرجي آيون اٿس، ۽ آرام ڪرسيءَ تي ڪنڌ پوئتي ڪري، ٿڌا ٿڌا ساهه پئي ڀري! مون کي ٻيهر سوال ڪرڻ جي همٿ ته ڪانه ٿي. دل ۾ پڇتايم، ته ’مون ساڻس اها ڳالهه ڇو ڪئي!‘
ياد آيم ته ڪنهن ڪتاب ۾ پڙهيو هئم ته هٽلر جي فوج ۾، آفيسرن جو هڪ بارودي گروپ عورتن جي ڪاليجن ۾، ڪلاس ۾ ويٺل نوجوان شاگردياڻين ۽ سندن استاد عورتن کي خطاب ڪري چوندو هو ته، ”جنگ ۾ وڙهڻ لاءِ جرمنيءَ کي صحتمند پٽن جي ضرورت آهي. انهيءَ ڪري، جن محب وطن خواتين کي حامله ٿيڻ لاءِ مردن جي ضرورت آهي، تن جي گهرج پوري ڪرڻ لاءِ هي نوجوان فوجي مرد اوهان وٽ هلي آيا آهن.“
اسلام آباد ۾ سندس جرمن دوست، ڪئرن سان ملاقات ٿي مون سان گھري گهاٽي هئي. ٻڌايائين ته، ”جنگ جي زماني ۾ جرمنيءَ جون حالتون ڏاڍيون خراب هيون. اسان اُن زماني ۾ اهڙا ڏک ڏٺا، جي بيان ڪرڻ کان ٻاهر آهن. خدا شال دشمن کي به اهڙا ڏينهن نه ڏيکاري!“ چيائين ته، ”ويلن جا ويلا بُک ۾ گذرندا هئا.اٺين اٺين ڏينهن ڊبل روٽي ملندي هئي. امڙ چاڪو ڏيندي هئي، ته وڻن تان ڪچڙا ڇوڏا لاهي اچو. اهي ديڳڙيءَ ۾ ڪاڙهي، اسان کي سوپ جا پيالا ڀري پيڻ لاءِ ڏيندي هئي، جو کائڻ پيڻ لاءِ ٻيو ڪجهه ڪونه هوندو هو.“
ڊاڪٽر شمل جي پير صاحب سان دعا سلام ٿي، ته اها رڳوسنڌ جي تاريخ، تصوف، تذڪري ۽ ادب تائين محدود ڪانه رهي، پر انساني مزاج جي فطري تقاضائن موجب، هڪٻئي جي خانگي زندگيءَ ۾ به دلچسپي وٺڻ شروع ڪيائون. آمريڪا ۾ ڊاڪٽر شمل جا ٻه ٽي پيارا شاگرد هئا. انهن ۾ علي آساڻي نالي هڪ لائق نوجوان هو، جيڪو مون سان ڪراچيءَ ۾ مليو هو. پر، ٻي هڪ پياري شاگردياڻي هئس، جنهن لاءِ سندس خيال هو ته پير صاحب جي خاندان ۾ فلاڻي نوجوان سان سندس شادي ٿئي، ته سٺو. نالو هئس گلشن خاڪي. ڊاڪٽر شمل جي مرضيءَ موجب پير صاحب سان ڳالهه ڪيم، پر هو پنهنجي خاندان جي جنهن نوجوان سان انهيءَ ڇوڪريءَ جي شاديءَ جو خواهشمند هو، تنهن سان وري اها ڇوڪري شادي ڪرڻ تي راضي ڪانه هئي. سو، ڳالهه اتي ئي رهجي وئي. سال ٻه ٿيا، ته پير صاحب جي ڀائٽئي شمن شاهه راشديءَ ڳالهه ڪئي ته گلشن سخت بيمار آهي. غالباً ڪينسر اٿس. گلشن، شمن کي ئي پيار ڪندي هئي ۽ ساڻس ئي شادي ڪرڻ تي راضي هئي.
جڏهن پير صاحب پاڻ ڪئنسر جي بيماريءَ ۾ مبتلا ٿيو ته مون کي اطلاع مليو ته، ”ڪراچيءَ اچ. سڀاڻي آپريشن آهي.“ ڪراچيءَ پهتس ته خبر پيم ته ڊاڪٽر شمل به جرمنيءَ مان پهچي وئي آهي. ۽ پيار علي الانا وٽ ٽڪيل آهي. ساڻس مليس ته پريشان هئي. چيائين ته، ”خدا ڪري جو MALIGNANT نه هجي! پر، جڏهن رپورٽ آئي ته ڊاڪٽر شمل جو انديشو صحيح ثابت ٿيو. پير صاحب کي گلي THYROID جو ڪينسر هو.
پير صاحب اسپتال مان نڪرڻ کان پوءِ، هڪ ڏينهن مون کي شام جو نارٿ ويسٽرن هوٽل ۾ وٺي هليو ۽ رازداريءَ ۾ ٻڌايائين ته ويهارو ورهيه اڳ ڄنگهه ۾ ڳوڙهي ٿي هئم، جا ڊاڪٽرن جي چوڻ تي بروقت ڪڍائي هئم. اهڙيءَ طرح ڪينسر ڏانهن اشارو ڏنائين. بهرحال، سندس ٿرائيڊ جا ڪيئي آپريشن ٿيا. هڪڙي ڀيري، هو اسپتال مان موٽيو هو، جو مان حيدرآباد مان وٽس پهتس. ادب سان رڳو ايترو چيومانس ته، ”سائين، طبيعت ڪيئن آهي؟“
اکين مان ڳوڙها وهي آيس. چيائين ته: ”ڀاءُ، ڊاڪٽرن جو ڇُرو آهي ۽ منهنجو گلو آهي.“
جڏهن پير صاحب ڪئنسر ۾ بلڪل وٺجي ويو، تڏهن ڪراچيءَ ۾ روس جي سفارتخاني جي “FRIENDSHIP HOUSE” ادبي ۽ ثقافتي مرڪز جو نائب صدر هوندو هو. صدر فيض احمد فيض هوندو هو. روس وارن پير صاحب کي علاج لاءِ ماسڪو موڪليو. اتي ڊاڪٽرن سڄي جي سڄي “THYROID” مشينن وسيلي ڪڍي ڇڏي.
حُسين شاهه راشدي به پنهنجي چاچي پير صاحب سان، گڏ ماسڪو ويو هو. مون سان اتان جي”برفيءَ“ جي تعريف ڪندو هو. چيائين ته چاچا اسپتال ۾ آرامي ٿيندو هو ته مان هيٺ هوٽل ۾ اچي برفي کائيندو هئس. ڏاڍي سستي ۽ سٺي هوندي هئي.“ ائين چئي مٿان چيائين ته، ”متان اها ڳالهه ڪنهن روسي ڪامريڊ سان ڪرين!“
مون چيو ته، ”ڇو؟“
چيائين ته، ”اصل ڪونه مڃيندا ۽ مون کي گاريون ڏيندا.“
ٻارنهن مهينن کان پوءِ ايران ۾ ڪا بين الاقوامي ڪانفرنس ٿي، جنهن جي هڪ اجلاس جو صدر پير صاحب ٿيو. پاڪستان موٽي آيو ته خوشيءَ مان چيائين ته، ”رباني، گذريل سال جنهن تاريخ تي ماسڪو جي اسپتال ۾ غم ۽ گوندر ۾ ليٽيو پيو هئس. هن سال، ساڳيءَ ئي تاريخ تي تهران ۾ بين الاقوامي ڪانفرنس ۾ وڏي ٺٺ سان صدارتي ڪرسيءَ تي ويٺو هئس.“
- پر، انسان لاءِ هن دنيا ۾ خوشيءَ جون گهڙيون گهٽ آهن ۽ ڏک جا ڏينهن ڊگها آهن. ڪنهن ڏاهي چيو آهي ته:
“FOR MEN LIKE US THERE IS NO SEASON
BUT THE SEASON OF SORROW”
سال ٻن کان پوءِ ڊاڪٽرن، پير صاحب کي چيو ته، ”ڪئنسر وري منهن ڪڍيو آهي، ۽ اها جسم جي ٻين حصن ۾ به پکڙجي چڪي آهي.“
اِهو ٻڌي مان به پريشان ٿيس. ڪراچيءَ ويس ۽ کيس عرض ڪيم ته ”علاج لاءِ لنڊن وڃو.“
چيائين ته، ”پئسا ڪٿان آڻيان؟“
مون چيو ته، ”ٻنيءَ جو ٻارو وڪڻو.“
چيائين ته، ”ڪير وٺندو؟“
ڪجهه ڏينهن کان پوءِ خبر پيم ته ڊاڪٽر شمل کيس لکيو آهي ته، ”جرمنيءَ هليا اچو، ته مان اوهان جو علاج ڪرايان.“ اهو ٻڌي، وري ڪراچيءَ موٽيس ۽ پير صاحب کي چيم ته، ”جلد جرمنيءَ وڃو.“
پير صاحب اهلِ دل انسان هو. دلنواز دوست هو، سچو، سخي ۽ ڏاهو شخص هو، منهنجي ڳالهه ٻڌي، چُپ ٿي ويو. پوءِ ڏاڍي ڏک مان مون ڏي نهاري چيائين ته، ”رباني، عقل ڪر. مان اهڙو بداخلاق آهيان، جو هاڻي رن- زال وٽ وڃان، ته منهنجو علاج ڪرائي!“
قدرت کي ائين منظور هو، جو هڪ ڏينهن پير سائين هي جهان ڇڏي ويو. مون لاءِ ته آسمان تي غم جا ڪارا ڪڪر چڙهي ويا. منهنجا ڪيئي مهربان ۽ محسن، هڪ هڪ ٿي هن جهان مان اڳي ئي موڪلائي ويا هئا. نواب نور احمد خان لغاري جهان ڇڏي ويو هو. امداد جوڻيجو ۽ ڊاڪٽر مجتبيٰ جوڻيجو موڪلائي ويا هئا. علامه آءِ آءِ قاضيءَ جي رحلت جو داغ ته دل تان لهڻ جوئي ڪونه هو:
داغ تنهنجو دائما، ماري معذورين.
عين انهيءَ وقت، قسمت منهنجو داڻو پاڻي اسلام آباد لکيو هو، سو، اتان سرڪاري سڏ ٿيو. اهو به سنڌي ادبي بورڊ جهڙو ادارو هو. ائين کڻي چئجي ته ”پاڪستان ادبي بورڊ“ هو. هڪ ڏينهن آفيس ۾ صدر پاڪستان جو فرمان آيو ته:
حڪومت پاڪستان، جرمنيءَ جي مستشرقه ڊاڪٽر ائنيمري شمل کي ملڪ جو ”سرڪاري مهمان“ قرار ڏنو آهي. هُوءَ يورپ ۾ پاڪستان جي ڄڻ ته سفير آهي. سو، جڏهن به پاڪستان اچي، تڏهن سندس خاص خيال رکجي ۽ کيس پاڪستان جا مختلف علائقا گهمڻ لاءِ سڀ سهوليتون ڏجن.
وزارت تعليم، صدر جو اهو فرمان، ايڪيڊمي آف ليٽرس ڏي موڪليو، جنهن جو ڊئريڪٽر جنرل ته مان هئس، پر، چيئرمن هو ملڪ جو مشهور اردو مزاحيه نويس ۽ پاڪستان نيويءَ جو رٽايرڊ ريئر سرجن ايڊمرل شفيق الرحمان. پٽيوالو ڊوڙندو آيو ته، ’چيئرمن سڏي رهيو آهي. جلد اچو.‘
وٽس ويس ته فرمان منهنجي اڳيان رکي، پريشانيءَ مان چيائين ته، ”يار، هن ڪراڙيءَ مان ڪيئن ڦاٿاسين؟“
مون کيس تسلي ڏني ته توهان ڳڻتي نه ڪريو، مان پاڻهي کيس منهن ڏيندس. اهو ٻڌي اهڙو ته خوش ٿيو، جو کِلي چوڻ لڳو ته، ”ماڻهو سرڪاري نوڪري تڏهن ڪري، جڏهن آفيس ۾ آگري جهڙا ساٿي هجن.“
مون پنهنجي آفيس ۾ اچي سرڪاري فرمان اکر اکر ڪري پڙهيو. ٻن صفحن ۾ هو ۽ شروع ۽ آخر ۾ مٿس ”خفيه“ (CONFIDENTIAL) جا ٺپا لڳل هئس. منجهس نهايت نازڪ ڳالهيون لکيل هيون. جن جو مقصد ڊاڪٽر شمل کي پاڪستان ڏانهن مائل ڪرڻ هو. ڇو ته اسان جو پاڙيسري ملڪ به اهڙي ڪوشش ڪري رهيو هو. اتان جي وزيراعظم، ڊاڪٽر شمل کي پنهنجي پاسي ڪرڻ لاءِ هڪ بي بها سونو تحفو به ڏنو هو، جو هن دهليءَ مان موٽندي، مون کي ڪراچيءَ ۾ ڏيکاريو هو. مون کيس مشورو ڏنو ته، ”هت ڪنهن سان به ڳالهه نه ڪجو.“ هن ائين ئي ڪيو.
مون صدر پاڪستان جو فرمان پڙهي، ڊاڪٽر شمل کي خط لکي موڪليو ته فارسيءَ ۾ چوندا آهن ته، ”اوهان جو ٻيو حڪم ڪهڙو آهي؟“
خوش ٿي لکيائين ته، ”رباني، سيف الملوڪ واري ڍنڍ ڏسڻ جو سالن کان شوق اٿم، جيڪا چون ٿا ته ايڏي ته خوبصورت آهي، جو چنڊ جي چوڏهينءَ رات اتي پريون ناچ ڪرڻ اينديون آهن.“
مون ڪوشش ڪئي. خدا ڪامياب ڪيو ۽ سيف الملوڪ ڍنڍ تي وڃڻ لاءِ آرميءَ کان ڪرايي تي هيلي ڪاپٽر ملي ويو. ڊپٽي ڪمشنر کي ساڻ کنيم. هڪ ڏينهن، سڌو وڃي ڍنڍ جي ڪناري تي لٿاسين. سيارو هو. ڍنڍ اڌ برف هئي ۽ اڌ پاڻي! پر اهو به اهڙو شفاف جو ليئو پاءِ، ته منجهس آسمان جا ڪڪر پيا ڏسجن!
سيف الملوڪ ڍنڍ ڄڻ ته بيضوي شڪل جو هڪ وڏو پيالو آهي، جيڪو قدرت، ٽڪرن مان ٽاڪي ٺاهيو آهي. ڍنڍ جي سونهن ڏسي، اعتبار آيو، ته برابر چوڏهينءَ جي رات، پريون ’ڪوهه قاف‘ مان اڏامي، اتي رقص ڪرڻ اينديون هونديون!
ڊاڪٽر شمل دروبينيءَ سان، هيڏي هوڏي واجهائڻ لڳي. مون کلي چيس ته، ”ڊاڪٽر صاحبه پريون رڳو رات جو اينديون آهن.“
پاڻ کِلي چيائين ته، ”پر، مون واري دوربين رڳو ڏينهن جو ڪم ڪندي آهي.“
ڍنڍ ڏسي، فوٽا ڪڍي وڃي جيپن ۾ ويٺاسين. ڀرسان سرڪاري ريسٽ هائوس ۾ وڃي لٿاسين، جو درياءَ جي ڪناري تي ڄڻ ته هڪ ننڍڙو بهشت آهي. چون ٿا ته ست بهشت ٻيا به آهن، پر اهي الائي ڪاٿي آهن؟
ڪمشنر لنچ جو وڏي خيال سان انتظام ڪيو هو. ٻيو ته ٺهيو، پر، اُترين علائقن جي مشهور مڇي ”ٽرائوٽ“ به کاڌي جي ٽيبل تي رکائي هئائين، جيڪا تمام مهانگي آهي ۽ فقط اميرن لاءِ آهي. صحيح معنيٰ ۾ DELICACY آهي. کائڻ کان سواءِ ان جي ذائقي جو صحيح اندازو ڪونه ٿيندو. پر، جبلن جي وچ ۾، سو به وري درياءَ جي ڪناري تي ريسٽ هائوس جو نظارو اهڙو ته وڻندڙ هو، جو مون کان ته ماني ئي وسري وئي! وس پڄي ها، ته منجهس ۾ ٻه چار ڏينهن ٽڪي پوان ها. بهشت جو ٽڪرو هو.
ٻئي سال سڪردوءَ وياسين. ڊاڪٽر شمل جي جرمن دوست ڪئرن مٽمئن ۽ مجيب به گڏ هئا. مشهور معروف هوٽل شنگريلا ۾ وڃي ٽڪياسين. تمام سٺي پر تمام مهانگي آهي. درحقيقت، شادي ڪيل ننڍن نيٽن جوڙن جي لاءِ آهي، جن جي هر رات چوڏهينءَ جي رات هوندي آهي. هوٽل جي اڳيان هڪ خوبصورت تلاءُ ٺهيل هو، جنهن ۾ ڪنول جا گل ٽڙيا بيٺا هئا. منظر اهڙو ته سهڻو هو، جو مان شام جو ڪلاڪ ٻه اتي ڪرسي رکي ويهي رهيس. رات جو جڏهن بستري ۾ ليٽيس، ته گذريل زمانا ياد آيا ۽ دل جي آسمان تي ڪنول جو هڪ سفيد گُل اُڀري آيو. ڀٽائي ياد آيو:
اڱڻ تازي، ٻاهر ڪُنڍِيون، پَکا پَٽِ سُونهنِ،
سُرهي سيج، پاسي پرين، مَرُ پيا مينهن پَوَن،
اسان ۽ پـِرين، شل هئَن برابر ڏينهڙا.
ٻئي سال وري ٻيهر اسان سڪردو وياسين. تاريخي هنڌ آهي، جو اتان سنڌو درياءُ پاڪستان ۾ داخل ٿئي ٿو. اسان کي آرميءَ جون گاڏيون ايئرپورٽ تي وٺڻ آيون، سي ميل ٻه ميل درياءَ جي پيٽ مان هليون. درياءُ سياري جي ڪري سُڪو پيو هو. آرميءَ وارن شام جو اسان جي دعوت ڪئي. ۽ صبح جو وري ”ست پارا“ ڍنڍ تي وٺي ويا ۽ منجهس ٻيڙيءَ ۾ سير ڪيوسون. ڀُلجان نٿو، ته آرميءَ وارا سڪردوءَ ۾ ئي اسان کي پولو راند ۾ به مکيه مهمان ڪري وٺي ويا. پولو دلچسپ راند آهي، ليڪن، ”ڪرڪيٽ“ اسان جو قومي ڪلچر آهي. تاريخ جي محققن کي تحقيق ڪرڻ گهرجي ته قائداعظم ۽ علامه اقبال ڪرڪيٽ ۾ ڪيترو ڪمال ڪيو هو؟ يا کين ڪا دلچسپي ئي ڪانه هئي. ان کي فقط راند سمجهندا هئا.
هڪڙي سال ڪاغان ۽ ٻئي سال سوات وياسين. ٻئي علائقا هڪٻئي کان وڌيڪ سرسبز ۽ سهڻا آهن ۽ منجهن ايڏي ساوڪ ۽ سبزي هئي، جو اکين تي به اعتبار نه اچي. قدرتي نظارن جي سونهن جي انتها هئي. ڪاغان ۽ سوات جا اهي سفر ڪڏهن ڪونه وسرندا. خاص طرح واليءِ سوات جي محل ۾ چاءِ- پارٽي. ڊاڪٽر شمل ٻاهر نڪتي، ته پنهنجو تاثر بيان ڪندي مون کي چيائين ته، ”هر هنڌ، مقامي ثقافتي روايتن ۾ اسلامي اثرات جي آميزش آهي. اها خوشيءَ جي ڳالهه آهي، ليڪن، سوات ۽ ڪاغان، سئٽزرلئنڊ جي سهڻن کان سهڻن علائقن جون سڪون ٿا لاهين.“
هُنزا ۾ اسان ڳوٺاڻي زندگيءَ جو منظر ڏسڻ لاءِ هڪ رات تنبن ۾ گذاري. صبح جو سوير مان مسجد ڏي نماز پڙهڻ هليو ويس، ته ڊاڪٽر شمل ۽ ڪئرن پنڌ ڪرڻ لاءِ ٻاهر نڪتيون ۽ ڳوٺ جي غريب دڪاندار کان پڇيائون ته، ”اوهان وٽ صبح جي بانگ ڪهڙي وقت ايندي آهي؟“
هن معصوم شخص کين جواب ڏنو ته، ”ڪڏهن ٻڌڻ ۾ ايندي آهي ته ڪڏهن ڪانه، ڇو ته بانگ ڏيڻ واري کي ئي ننڊ وٺي ويندي آهي.“
ڪاغان، سوات ۽ هنزا گهمڻ کان پوءِ، ڊاڪٽر شمل چيو ته، ”رباني، ڪو بندوبست ڪر، ته ايندڙ سال چترال هلون.“
مان پاڻ به چترال ڪڏهن ڪونه ويو هئس، جيتوڻيڪ اتان جا اديب هر ڀيري دعوتون ڏئي ويندا هئا. چترال جو مکيه مسئلو اهو آهي ته اُتي رهڻ لاءِ سٺي هوٽل ڪانهي، پر مون ڊاڪٽر شمل کي خاطري ڏني ۽ سوچ ويچار ڪري، آرميءَ جي ريسٽ هائوس ۾ رهائش جو بندوسبت ڪيم. اهو ٻڌي، جرمن سفير ۽ سندس بيگم چيو ته، ”اسان به تو سان گڏ هلنداسين.“ ڊاڪٽر شمل وٽن ٽڪيل هئي ۽ مون سان به سندن سٺي ڏيٺ ويٺ هئي. اسان سڀئي گڏجي چترال وياسين. مجاهدن کي خچرن تي هٿيار کڻي افغانستان ۾ روسين سان وڙهڻ لاءِ ويندي ڏٺوسون. مجاهد ماڻهن جهڙا ماڻهو هئا. عام ماڻهوءَ ۽ مجاهد ۾ مون کي ته ڪوبه فرق نظر ڪونه آيو. شايد مجاهد جو اصل بارودُ، بندوق بدران سندس مٿي ۾ ڀريل هوندو آهي.
مون موقعي جو فائدو وٺي سيد احمد شهيد جي مزار تي حاضري ڏني. ڪوبه ماڻهو ڪونه هو. سراسر سڃ هئي. مزار شريف محمد هاشم ٺٽويءَ جي مزار وانگر خالص شرعي نموني تي ٺهيل هئي. ان موقعي تي وري عزيز مون سان گڏ هو.
چترال ۾ ڪافر قلاش سياهه پوش عورتن جو رقص به ڏٺوسون. غريبن تي عياش ڪامورن جو ڏاڍو ظلم هو. نه ته کين عزت ڀريو روزگار ڪمائڻ جو موقعو هو ۽ نه وري سندن خواتين جي عزت ۽ عصمت سلامت هئي: سندن سونهن هنن لاءِ عذاب ٿي پئي هئي. هڪڙيءَ جوانڙيءَ ته ڊاڪٽر شمل سان پنهنجا ڏک بيان ڪندي روئي ڏنو ۽ چيو ته، ”هڪ ته سرڪاري عياش ڪامورن جو عذاب آهي. انهيءَ عذاب جي مٿان وري ملڪ جي هڪ اسلامي جماعت ته اسان جو جيئڻ هيڪاري حرام ڪري ڇڏيو آهي.“ اهو ٻڌي ڊاڪٽر شمل ڏاڍي اداس ٿي وئي!
چترال جي مند ۽ موسم، مجيد لاهوريءَ جي محاوري موجب، ”محبوب جي مزاج ۽ سنڌ جي سياست وانگر بي ڀروسي آهي.“ سو، جڏهن موٽڻ جي تياري ڪئيسون ته روزانو خوشخبري ملندي هئي ته اڄ پشاور کان جهاز ايندو. پر، ٽي ڏينهن لاڳيتو موسم جي اوچتو مٽجڻ ڪري ڪونه آيو. جڏهن انتظار ڪري ڏاڍا ڪڪ ٿياسين، ته مون پنهنجي ميزبان ميجر کي چيو ته ”اسان کي لواري ٽاپ رستي ڪاغان پهچايو.“
هنن بندوسبت ڪيو ته سفر جو آغاز ٿيو. اسان کي جدا جدا جيپ ۾ وهاريائون. منهنجيءَ جيپ ۾ عزيز مون سان گڏ ويٺو. رستو ته هئو ئي ڪونه، پر، آرميءَ وارا نقشن جي مدد سان، پٿرن جي مٿان هلندا رهيا. الائي ته ڪٿان ۽ ڪاڏي هليا ۽ ڪيترا ڪوهه هليا. نه وڻ نه ٽڻ. نه ساوڪ نه ڪا ويجهو اوڏو وسندي. رڳو پٿر ئي پٿر گول ۽ لسا. شايد ڪنهن سڪل نئن يا نديءَ جي پيٽ ۾ سفر ڪري رهيا هئاسين. جنهن جا پٿر برساتن لسا ڪري ڇڏيا هئا. بهرحال الائي ته ڪيترن ڪلاڪن کان پوءِ، اچي لواري ٽاپ وٽ پهتاسين.
فوجي گاڏيون جبل وٽ هلي بيٺيون. چيائون ته جبل چوڏهن هزار فٽ بلند آهي. منجهند جي مهل هئي. آسمان نظر ڪونه ٿي آيو، ڇو ته سخت مينهن وسي رهيو هو. اسان جي ميزبانن جيپن جي مٿان ڇٽيءَ وانگر پلاسٽڪ جو پردو جهلي، وسندي مينهن ۾ به، اسان کي گرما گرم لنچ کارائي. ڊاڪٽر شمل کِلي چيو ته، ”هيءَ لنچ سڀني کي هميشه ياد رهندي.“
ماني کائي جبل تي چڙهائيءَ جو سفر شروع ڪيوسون. سڄي شام سفر ۾ گذري وئي. رات ٿي وئي. ڏهن ٻارنهن هزارن فوٽن جي بلنديءَ تي پهتاسين ته برسات ۽ برف جي ڪري، گاڏيون ترڪڻ لڳيون. مون ته اهڙو خوفناڪ سفر سڄيءَ زندگيءَ ۾ ڪونه ڪيو آهي، مَس مَــس لواري ٽاپ جي چوٽيءَ تي پهتاسين، ته لڱن ۾ ساهه پيو. اوچتو جرمن سفير فرمائش ڪئي ته ”هن سفر جي يادگار تصوير ڪڍايون.“ سندس بيگم به ڳالهه جي تائيد ڪئي. سيءُ اهڙو هو، جو جيپن ۾ ويٺي به ٿڌيءَ هوا ڄڻ ته ڇرين سان بُت پئي چيريو. اڌ رات جي مهل هئي. لاچار، ڏڪندا ڏڪندا هيٺ لٿاسين ۽ تصوير ڪڍائيسين.
جبل جي چوٽيءَ تي پهچڻ کان پوءِ هيٺ لهڻ جو سفر شروع ٿيو. وري ڪيئي ڪلاڪ لڳي ويا. خدا ڪيو، جو خير سان وڏي اسر مهل اچي ڪاغان جي ريسٽ هائوس ۾ منزل انداز ٿياسين. فوج جي انتظام ڪري، سيءَ کان بچڻ لاءِ باهه جا بُنڊ اڳي ئي پئي ٻريا. هر قسم جا کاڌا ۽ پيتا تيار رکيا هئا. کائي پي بسترن ۾ ليٽياسين، ته منجهند جو اٿياسين. سفر جو ٿَڪ لهي ويو. ناشتوڪيوسون ته اسان جون پنهنجون موٽرون به پهچي ويون، جن ۾ چڙهي اچي اسلام آباد پهتاسون.
چترال ڏسڻ کان پوءِ ورندي سال چولستان ڏسڻ وياسين. مون ان جي ايم.ڊي. آفتاب شاهه کي بندوسبت لاءِ چئي ڇڏيو هو. انهيءَ سفر ۾ مجيبُ مون سان گڏ هو. چولستان جي سوليءَ سنڌيءَ ۾ سمجهاڻي هيءَ آهي ته سنڌ واري ٿر جي هڪ ٽڪنڊي چوٽي، پنجاب ۾ داخل ٿئي ٿي، جنهن کي ”چولستان“ ڪوٺن ٿا. منجهس واريءَ جون ننڍڙيون ننڍڙيون ڀٽون آهن. سنڌ واري ٿر ۾ ڀٽون وڏيون آهن.
چولستان ۾ لال سنهارا قومي پارڪ به ٺاهيو اٿن، جنهن ۾ سَون جي تعداد ۾ هرڻ ڇڏيا اٿن. منجهس ننڍڙو ZOO به ٺاهيو اٿن. ان ۾ گهڻا ئي جانور ڏٺاسون. هڪ جانور ٻلي کان وڏو ۽ ڪتي کان ڪجهه ننڍو هو. پڃري ۾ قرار ڪونه ٿي آيس. مستن وانگر هيڏي هوڏي پئي ڦريو. چيائون ته، ”ڏاڍو خطرناڪ آهي. اسان لڳ جي مند ۾، ٻه ڀيرا، هڪ هڪ مادي سندس پڃري ۾ وڌي. اول ته ساڻس دل کولي محبت ۽ لڳُ ڪيائين. اهو مزو وٺي، رات جو کين ننڊ ۾ ڏسي، کائي ڇڏيائين. صبح جو پڃري ۾ ويچارين جا رڳا هڏا پيا هئا.“
چولستان جا ڪي نظارا خاص ڪري، تاريخي پراڻا قلعا ۽ سانجهيءَ مهل، چشمن تي سَون هزارن اُٺن جو اچي گڏ ٿيڻ ۽ پاڻي پيئڻ - ڏاڍا دلفريب آهن. آفتاب شاهه اتي ئي شام جي چاءِ جو بندوسبت ڪيو هو. هڪ چشمي جي ڀرسان واريءَ جي ڀٽ تي غاليچا وڇارايا هئائين ۽ انهن تي ريشمي طول وهاڻا رکايا هئائين. کائڻ پيئڻ لاءِ تازو ۽ سڪل ميوو، ڪيڪ ۽ بسڪيٽ ٿڌي پاڻيءَ جون بوتلون ۽ گرم گرم چاءِ جا ٿرماس رکايا هئائين. اسان حالي ته غاليچن تي آهلي پياسين. ساهي پٽي، آرام سان چاءِ پيتيسون پري پري، هرڻن ڇالَ پئي ڏنا. آسمان ۾ شفق جي لالاڻ هئي. ڏاڍو وڻندڙ نظارو هو.
آفتاب باذوق شخص هو. ڊاڪٽر شمل مون کي ڪن ۾ آهستي چيو ته، ”توکي خبر آهي ته سعديءَ تنهنجن اهڙن دوستن لاءِ ڇا چيو آهي؟“
مون چيو ته، ”نه“
تڏهن چيائين ته:
”همه آفتاب بينم، همه آفتاب گويم.“
آفتاب شاهه شاعر به هو. سو، چاءِ پيتيسون ته چولستان جي وارياسن پٽن مان ڪڍي اچي سنڌودرياءَ جي ڪناري تي پنجند ريسٽ هائوس ۾ ٽڪايائين. شاندار ڊنر سان گڏ ”انڊس واٽر“ جو بندوبست به ڪيو هئائين. ”انڊس واٽر،“ محاورو ڊاڪٽر شمل ايجاد ڪيو هو. ڪيف ۽ سرور ۾ ڊنر کائي پي، ڏاڍي سٺي ننڊ ڪئيسون.
پنجند وٽ پنجاب جا پنج ئي درياءَ گڏجن ٿا، اڳتي سنڌو درياءُ اسان ڏي اچي ٿو، جو اڳوڻي زماني ۾ تمام وڏو هوندو هو. ساوڻ جي مند ۾، ايڏو ته منجهس پاڻي هوندو هو، جو درياهه جو ٻيو ڪنارو ڏسڻ ۾ ڪونه ايندو هو. آفتاب شاهه درياهه ۾ صبح جو سوير اسان جي سير جو بندوبست به ڪيو هو. ٿڌڙي هير پئي لڳي. ٻيڙيءَ جي هلڪن هلڪن لوڏن ۾ ڏاڍو مزو آيو. انهيءَ وقت مون کي هڪ فارسي شعر ياد آيو:
”هيءَ دنيا بهشت ٿي سگهي ٿي، بشرطيڪ منجهس انصاف هجي. ڪنهن ڏاهي چيو آهي ته بهشت اهڙو هنڌ آهي، جتي ڪنهن جو به ڪنهن ۾ ڪو به ڪم ڪونه پوندو:
”کسي را کسي کارِ نه باشد.“
ڊاڪٽر شمل ۽ مون ورهين جا ورهيه اهي سير ۽ سفر گڏ ڪيا. هر هڪ سفر تي پورو ”سفرنامو“ لکي سگهجي ٿو. انهن سفرن دوران هوءَ ڪنهن به ڊائريءَ يا ڪتاب ۾ نوٽس ڪانه وٺندي هئي. شايد فقط ذهني تاثر قائم ڪندي هئي. هاڻي ڪتاب انگريزيءَ ۾ ڇپيو آهي. جنهن ۾ انهن سفرن کي ياد ڪري هڪ هنڌ لکيو اٿس ته:
Ghulam Rabbani Agro slowly rose on the ladder to a higher position and was a loyal companion to me on many tours and travels. I shared many a amusing event with him.
ڪتاب ۾، پير صاحب ۽ سندس ڀاءُ راشدي صاحب کي ته گهڻو ياد ڪيو اٿس، پر حيرت آهي ته سيد عبدالواحد کي به ياد ڪيو اٿس، جنهن کيس گهڻو ڏکايو هو. اهڙيءَ طرح اها به دلچسپ ڳالهه آهي ته، ”جنرل ضياءَ کيس اسٽيٽ گيسٽ“ قرار ڏنو، تنهن جو نالو به ڪونه کنيو اٿس، پر، ڀُٽي صاحب کيس چاءِ جو ڪوپ پياريو، تنهن کي ياد ڪيو اٿس. سائين جي.ايم.سيد کي به ياد ڪيو اٿس. ڪتاب ۾ ڪي تصويرون به وڌيون اٿس. پر، انهن ۾ سنڌ جي اديبن مان پير صاحب جي ۽ ليڊرن ۾ سائين جي.ايم.سيد ۽ ڀٽي صاحب جي ڏني اٿس. سنڌ ۾ کٽ تي رلهيءَ تي ويهي تصوير ڪڍائي اٿس ۽ ٻي اُُٺ تي سوار ٿي. ڪتاب جو نالو آهي: ORIENT AND OCCIDENT. انگريزي ترجمو ڪئرن مٽمئن ڪيو آهي جا اسان ٻنهي جي دوست آهي. ڪتاب اقبال ايڪيڊميءَ ڇاپيو آهي. منجهس علامه اقبال جو ذڪر ته گهڻو ڪيو اٿس، پر، سنڌ کي ياد ڪيو اٿس ۽ لکيو اٿس ته:
مون کي پنهنجيءَ سنڌ (MY SINDH) سان عشق آهي. مون ان جا گهڻا ڳوٺ ڏٺا آهن ۽ سنڌ جي اوليائن ۽ درويشن جي روضن تي حاضري ڏني آهي. سنڌي ڳائڻن ۽ موسيقارن سان منهنجي دل ٿي وئي آهي. مون چوڏهينءَ جي رات ٻيڙين ۾ سندن ڪلام ٻڌا آهن.“
ڊاڪٽر شمل، مشرق ۽ مغرب ۾ گهڻائي سفر ڪيا. هُوءَ سئيڊن، ترڪي، امريڪا، ڪوويت، بحرين، شام، اردن، مصر، سوڊان، تيونس، موراڪو، يمن، سعودي عرب، ايران، افغانستان، وچ اشيا، پاڪستان، هندستان، انڊونيشيا، روس، پئرس ۽ لنڊن وئي، بادشاهن، وزيراعظمن، عالمن ۽ اديبن سان ملاقاتون ڪيائين، پر جڏهن زندگيءَ جون يادگيريون لکڻ ويٺي ته کيس ”پنهنجي سنڌ“ ۽ سنڌي ڪلام ياد آيا، ڇو ته جيئن پاڻ ئي لکيو اٿس، کيس پنهنجيءَ سنڌ سان عشق هو.
هڪ سال ڊاڪٽر شمل مون کي فرمائش ڪئي ته هنگلاج هلون. هنگلاج جو سفر ڏاڍو ڏکيو آهي. سو، سندس فرمائش پوري ڪرڻ لاءِ وڏي جاکوڙ ڪرڻي پيم. وري به آرميءَ کان ڪرايي تي هيلي ڪاپٽر ورتم. اسلام آباد مان هوائي جهاز ۾ چڙهياسين. ڪوئٽيا وڃي لٿاسين. اتان سبيءَ وياسين. اتان جي ڪمشنر اسان جي دعوت ڪئي هئي. مون سان گڏ قراقرم جي سيمينار ۾ همسفر هو ۽ ڊاڪٽر شمل جو ته گهڻو واقف هو.
سبيءَ ۾ مند ۽ موسم اڃا ٺيڪ هئي. فيبروريءَ جون ٿڌڙيون ٿڌڙيون راتيون هيون. گرمي شروع ڪانه ٿي هئي. ريسٽ هائوس جي باورچيءَ چيو ته، ”سائين، سبيءَ ۾ فيبروري پورو ٿيو، ته گرميءَ منهن ڪڍيو. بس، ڏسندي ڏسندي، اهڙي حالت ٿي ويندي، جو يارهين بجي صبح جو مکيه بازار ۾ بيهي گولي هلايو، ته ڪنهن کي به ڪانه لڳندي، ڇو ته ڪو ماڻهو هوندو ئي ڪونه.“
مون چيو ته، ”يار، پوءِ ته صبح سويري هن وڻندڙ موسم ۾ اسان کي ڪا گرم گرم چاءِ پيار.“
هن ريسٽ هائوس جي سبزه زار تي آرام ڪرسيون آڻي رکيون ۽ ڊاڪٽر شمل، ڪئرن ۽ مون لاءِ چاءِ ٺاهي کڻي آيو. ڪئرن ڪٽليءَ مان ڪوپن ۾ چاءِ اوتي رهي هئي، ته مان مٿي وڻن ڏي نهاري رهيو هوس.
ڪئرن چيو ته، ”چاءِ پيءُ. وڻن ڏي ڇا ٿو ڏسين؟“
مون چيو ته، ”اسان کان اڳ هـِتِ هڪ ٻيو مهمان ڪرسي وجهي ويٺو هو ۽ وڻن کي تڪي رهيو هو. آلي قميص ۽ آلي شلوار پاتل هئس. سو، ته ٺهيو، پر مٿي جي قراقلي ٽوپي به آلي هئس. مون کي ڏسي چوڻ لڳو ته، هنن وڻن ۾ چار پنج هزار ڪانوَ ويهن ٿا. مان ڪرسي وجهي، چاءِ جو ڪوپ پيئڻ ويٺس، ته هنن حرامزادن مٿان پنهنجا پڇ مٿي ڪيا. سڄو ڪوپ ڀرجي ويو ۽ لٽا ڪپڙا ڪِنُ ٿي ويا. هاڻي، پاڻ ڌوئي پائي آيو آهيان.“
ڊاڪٽر شمل اهو ٻڌي اهڙي کِلي، جو چاءِ پيئندي اڙي پئي! جرمنيءَ مان به خط ۾ لکندي هئي ته، ”پنجن هزارن ڪانوَن وارو اهو شخص توکي وري گڏيو؟“
سبيءَ مان نڪري، موٽرن ۾ هيلي ڪاپٽر جي پيڊ تي اچي رهيا هئاسون ته ڳالهه ڪيائين ته، ”رباني، گذريل سال لنڊن ۾ هئس، ته سيد عبدالواحد جي ننهن ملڻ آئي. سس جا سلام ڏنائين ۽ خط سان گڏ هڪ پارسل ڏئي ويئي. جڏهن موڪلائي ويئي ته کولي ڏٺم. اندران زيورن جو سيٽ نڪتو. سڄو سونو هو.“
مون حيران ٿي چيو ته، ”اهو ساڳيو جو هن مرحوم ڪراچيءَ ۾ اوهان جي پيتي ڦاڙي چورايو هو؟“
چيائين ته، ”نه، پر، اهڙو ئي سونَ جو ٺهيل ۽ قيمتي هو. چٺيءَ ۾ سندس گهرواريءَ لکيو هو ته منهنجي مرحوم مڙس کي معاف ڪري ڇڏيو. غلطيون انسانن کان ٿينديون آهن.“
مون کيس چيو ته، ”ڊاڪٽر صاحب، اندرا اوهان کي جيڪو سونو تحفو ڏنو هو، سو به لاجواب هو.“
چيائين ته، ”ڪهڙو تحفو؟ مون کي ته اندرا گانڌيءَ ڪوبه تحفو ڪونه ڏنو هو.“
مون کي سندس جواب ٻڌي حيرت لڳي، جو جڏهن مون کي اهو تحفو ڏيکاريو هئائين، ته مون ئي کيس منع ڪئي هئي ته پاڪستان ۾ ڪنهن سان به اها ڳالهه نه ڪجو. پاڻ ته اندرا جون اهڙيون نازڪ ڳالهيون ڪيون هئائين جي ڪتاب ۾ لکڻ جهڙيون ڪونهن. دل ۾ چيم ته، ”انسان جو مزاج الائي ڪيئن آهي؟“
اسان ڪار مان لهي، هيلي ڪاپٽر ۾ سوار ٿياسين. بلوچستان وارا جبل ٽپي، وڃي لس ٻيلي لٿاسين. انهن جبلن جي چوٽين تي ننڍا ننڍا ميدان آهن، جن ۾ ماڻهن جا گهر آهن. مون کي حيرت لڳي ته اهي ماڻهو اتان هيٺ ڪيئن لهن ٿا ۽ مٿي چڙهڻ ۾ ته کين سڄو ڏينهن لڳي ويندو. اوليءَ سوليءَ کي منهن ڪيئن ڏين ٿا؟
لس ٻيلي جو ڊپٽي ڪمشنر علي رضا وڏو مهمان نواز هو. خاص ڳالهه اها ته لوڪ ناچ ڏيکاريائين، جهڙا شايد آفريڪا جي ڪن قبيلن ۾ اڃا هجن. سنڌ ۾ اسان لوڪ ناچ ۽ لوڪ گيت جو نالو ٻڌو آهي. لس ٻيلي ۾ سنڌي ٻولي عام جام هئي. بلڪ، هئي ئي سنڌي ٻولي. رات جو ماني کائي واندا ٿياسين، ته ڊاڪٽر شمل ڪَنَ ۾ سرٻاٽ ڪيو ته، ”رباني، هت سنڌي هندو گهڻا آهن. ٽڪاڻي ۾ هلي سنڌي راڳ ٻڌون.“
مون چيو ته، ”ڊاڪٽر صاحبه توکي اهي خبرون ملائڪ ٻڌائن ٿا ڇا؟“
بهرحال، علي رضا ڊپٽي ڪمشنر سان ڳالهه ڪيم. فوراً فوج جو هڪ اعليٰ عملدار ساڻ کنيائين. سڌو وڃي ٽڪاڻي پهتاسون. هندن پاپڙ پاڻي ۽ ميوو آندو. ڊاڪٽر شمل جي فرمائش تي صوفي شاعرن جا ڪلام ٻڌايائون. دريا خان جو هي شعر اڃا ياد اٿم:
بهشت دلاسو، دوزخ دڙڪو، ڊاهه ويا سڀ ڊهي ڊهي،
شاهه حُسُنَ تنهنجي شوق ۾، لاڳاپا ويا لهي لهي!
رات جو دير دير سان ريسٽ هائوس تي موٽياسين، ته فوجي عملدار ڪَنَ ۾ اچي چيو ته، ”سائين اوهان جي وڏي مهرباني.“
مون حيران ٿي چيس ته، ”ڪهڙي؟“
چيائين ته، ”اوهان اهو قرب نه ڪريو ها، ته اسان کي هندن جي ٽڪاڻي ۾ اندر وڃڻ جو موقعو ڪيئن ملي ها.“
صبح جو هيلي ڪاپٽر ۾ چڙهي، اچي هنگور نديءَ جي منهن وٽ SEA SCOUTS جي هيلي پيڊ تي لٿاسين. ريسٽ هائوس ۾ چاءِ پي، جيپن ۾ سوار ٿياسين ۽ هنگور نديءَ جو پيٽ ڏيئي اُتي پهتاسين، جتي اُٺ اسان لاءِ تيار بيٺا هئا.
هيلي ڪاپٽر مان لهي، اُٺ تي چڙهڻ ۾، سڀني کي ڏاڍي کِل آئي. اُٺ آهستي آهستي هلندا هلندا، اچي آساپوريءَ وٽ پهتا. هنگلاج جا زيارتي اُتي پنهنجي دل جي ڪا نه ڪا آس ڪندا آهن. ڊاڪٽر شمل، ڪئرن ۽ مون ناريل اڇلايو ۽ رسم موجب آس ڪئي، پر ڪنهن جي به آس پوري ڪانه ٿي. هنگلاج جي زيارتين جي هڪ رسم هئي جا اسان به ادا ڪئي.
ڊپٽي ڪمشنر علي رضا، هنگلاج جي بريفنگ ڏيڻ لاءِ هڪ پنڊت وهاريو هو، جنهن سڄي روايت ٻڌائي ۽ اهو به چيو ته سري رامچندر، گرو گورک ناٿ، گرو نانڪ ۽ شاهه ڀٽائي هت آيا هئا.
مون کي جنهن ڳالهه ڏاڍو متاثر ڪيو، سا اها هئي ته هنگلاج ۾ ايڏو ته سڪون هو، جو ڪنهن پکيءَ جو آواز به ٻڌڻ ۾ ڪونه ٿي آيو. سانت ئي سانت هئي. غار جي اڳيان شفاف پاڻيءَ جو تلاءُ هو. هنگلاج جي غار ۽ ان جي اردگرد سانت ۽ سڪون، روح جي راحت گيان لاءِ آئيڊيل (IDEAL) هنڌ هو. مستقبل ۾ ڪو ان جي ٻيڙي ٻوڙي، ته اها جدا ڳالهه آهي.
هنگلاج برصغير جو هڪ قديم مذهبي زيارتگاهه آهي. چون ٿا ته حضرت ابراهيم عليه السلام واري زماني جو آهي. منهنجو خيال آهي ته مٿس اهو نالو هنگور نديءَ تان پيو آهي. لسانيات جي ماهرن جو رايو آهي ته ڪي اچار بدلجن ٿا. اسان وٽ ان جو هڪ مثال ”ڪراچي“ آهي. جڏهن ڳوٺڙو هئي ته منجهس مهاڻن ۽ ڪولاچي قبيلي جي ماڻهن جا گهر گهڻا هئا. سو، ڪولاچي ڪوٺيندا هئس. ڪولاچي قبيلو اڃا سنڌ ۾ عام جام آهي. ٿر جي پاسي مرحوم خان محمد پنهور اسان کي ٽنڊو ڪولاچيءَ ۾ جلسي تي وٺي ويو هو. اسان جي پنهنجي ڳوٺ کان ميل ٻه پري ڪولاچين جو ڳوٺ آهي. خود ڪراچيءَ ۾ بوٽ بيسن وٽ ”مائي ڪولاچي روڊ“ آهي.
لام بدلجي ”ر“ ٿيو ته ڪولاچي بدلجي ڪراچي ٿي. هنگور به ائين ئي هنگلاج ٿيو هوندو. مان چين ويس ته چيني مون کي ”غلام ربانيءَ“ بدران ”غلام لباني“ ڪوٺيندا هئا. منهنجو پٽ عزيز آگرو چين پڙهڻ ويو ته سندس چيني دوست کيس ”آگلو“ ڪوٺيندا هئا. آگرو ڪونه ڪوٺي سگهندا هئا. اها ماجرا اسان جو ڊاڪٽر الانا سولائيءَ سان سمجهائي سگهندو.
هندستان جي قديم تاريخ ۾ مهاتما گوتم ٻڌ جو سڄو فلسفو انهيءَ ڳالهه تي ٻڌل آهي ته ماڻهوءَ کي نرواڻ يا ڇوٽڪارو (PEACE OF MIND) تڏهن نصيب ٿيندو، جڏهن ”خواهش“ ختم ڪندو، پر هنگلاج ۾ ته قصو ئي ابتڙ نظر آيو. ”آسا پوري“ ڪيڏو نه معنيٰ خيز نالو آهي! ۽ گوتم ٻڌ جي فلسفي جي صاف ترديد آهي ته ڪابه خواهش ۽ آس نه ڪبي ته دنيا جي سورن مان ڇوٽڪارو ملندو.
شاهه سائين سامين سان گڏجي هنگلاج ويو هو. ڪنهن شخص ٽوڪ ڪري چيو ته:
ڪوڙا سامي، ڪوڙا سامين پنڌ،
هوت آهي هر هنڌ، هو هليا هنگلاج ڏي.
شاهه سائينءَ جڏهن اهو بيت ٻڌو ته فرمايائين ته:
سچا سامي، سچا سامين پنڌ،
هوت آهي هر هنڌ، هنن ڏٺو هنگلاج ۾.
هنگلاج ڏسي، وري اچي هيلي ڪاپٽر ۾ سوار ٿياسين ۽ ڪراچي ۾ ايئرفورس جي اڏي تي اچي لٿاسين. رات ڪراچيءَ جي پرل ڪانٽينينٽل هوٽل ۾ ٽڪياسون يا شيريٽن ۾، اهو ياد ڪونهي.
هڪڙي ڀيري ڊاڪٽر شمل اسلام آباد ۾ آيل هئي. جنرل رحيم الدين جي اهليه، بيگم ثاقبه صاحبه مون کي چيو ته، ”صبح جو يارهين ڌاران مون وٽ چاءِ پيو، ته ڏاڍو سٺو.“ جنرل رحيم الدين سال ٻه اڳي بلوچستان جو گورنر هوندو هو. سندس بيگم صاحبه سان منهنجي دعا سلام هئي. هوءَ اسلام آباد ۾ مون کي سوکڙيون پاکڙيون موڪليندي رهندي هئي: ڪڏهن ميوو ۽ مٺايون ته ڪڏهن گلدستا. پاڪستان جي پهرئين پهرئين وزير تعليم، مرحوم ڊاڪٽر محمود حسين جي ڌيءُ ۽ هندستان جي اڳوڻي صدر ڊاڪٽر ذاڪر حسين جي ڀائٽي آهي.
بيگم صاحبه سان ”هائو“ ڪيم. ڊاڪٽر شمل اشارو ڏنو ته رات جو ڪوبه پروگرام نه رکجو. مان واندي ڪانه آهيان. مون ائين ئي ڪيو. ٻئي ڏينهن صبح جو ناشتو ڪري، ڪا انگريزي اخبار پڙهيم، ته منجهس خبر ڇپيل هئي ته، ”ڊاڪٽر شمل ڪالهه رات جرمن سفارتخاني ۾ حڪومت جي مخالف ڌر جي اڳواڻ بينظير ڀٽي کي مانيءَ تي سڏيو هو.“
بيگم ثاقبه جي گهر چاءِ لاءِ ويندي، ڊاڪٽر شمل ڪار ۾ اها اخبار ڏٺي. مون کي چيائين ته ”توکان ڪير پڇي، ته چئجانس ته هارورڊ ۾ مون سان ميل ملاقات هيس.“
بيگم ثاقبه وٽ چاءِ پي، اسان اسلام آباد ايئرپورٽ تي وياسين ۽ لاهور روانا ٿياسين. ملتان جو مخدوم، سجاد حسين قريشي گورنر پنجاب هو. ٻئي ڄڻا گھرا گهاٽا هئاسين. مخدوم صاحب لنچ تي قومي ۽ صوبائي اسيمبليءَ جا ميمبر، اعليٰ عملدار ۽ لاهور جا معزز شهري سڏيا هئا. چاليهارو کن مهمان هئا. سروس لنچ هئي. وڏو ٺَٺ ڪيو هئائين. ماني کائي اُٿياسين. مهمان موڪلائي ويا، ته مخدوم صاحب سان ڪچهري ڪئيسون. باغ و بهار شخصيت جو مالڪ هو. ماڻهوءَ تي جادو ڪري ڇڏيندو هو. انگريزي، اردو، سنڌي ۽ سرائڪي ڳالهائيندو هو. کل ڀوڳ ته سندس گفتگو ۾ گلاب جي گلن وانگر ٽڙندا هئا. مون زندگيءَ ۾ اهڙو ٻيو سخن سنج ماڻهو فقط هڪ ڏٺو. دادو ضلعي ۾، ماڏي ۾ خليفو حڪيم عبدالحميد خان چانڊيو. پر، افسوس آهي ته مخدوم صاحب جڏهن پنجاب جو گورنر ٿيو، ته مٿس مون هلڪو اثر ڏٺو. صحيح معنيٰ ۾ وڏو انسان هو. کيس پاور جو اثر وٺڻ نه کپندو هو. اقتدار اچڻي وڃڻي شيءِ آهي ۽ ڏاڍي بڇڙي بلا آهي. ماڻهوءَ جو مٿو خراب ٿي وڃي ٿو. جڏهن پاور ڇڏائجي ويس ته احساسِ محرومي ٿيس ۽ مخالف دشمنيءَ تي لهي آيس ۽ فالج جو عارضو ٿي پيس.
مان اهو ٻُڌي وٽس حاضري ڏيڻ ويس. فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جو ميمبر ۽ منهنجو ساٿي ميجر جنرل عبدالقيوم به گڏ هو. مخدوم صاحب وٽ ماني کاڌيسون ۽ مجلس ڪئيسون. سندس ڪچهري اڳي وانگر دل بهار هئي. پر افسوس ته ان جا گلاب ۽ رابيل ڪومائجي ويا هئا.
لاهور ۾ ڊاڪٽر شمل ۽ مان مخدوم صاحب سان گڏ، گورنر هائوس ۾ صبح جو ناشتو ڪري، اسلام آباد واپسيءَ لاءِ تيار ٿي رهيا هئاسين، ته مخدوم صاحب اڪيلو منهنجي ڪمري ۾ هليو آيو ۽ خوش خير عافيت ڪري، چيائين ته، ”رباني، پنهنجا ڪي حال احوال ڏيون وٺون.“
مون انگريزي اخبار کڻي سندس اڳيان رکي. جرمن سفارتخاني واري خبر پڙهي حالي ته چپ ٿي ويو. ڪجهه دير سوچڻ کان پوءِ، رازداريءَ ۾ مون کي صلاح ڏنائين ته، ”رباني، پنهنجو ڇا وڃي؟“
هڪ دفعي ڊاڪٽر شمل الائي ته ڪهڙيءَ سوچ ۾ هئي. مون کي چيائين ته، ”رباني، تون منهنجن پرن تي سوار آهين.“
اهو ٻڌي، مان ته حيران ٿي ويس! ڏاڍو ڏک ٿيم ۽ ڪئرن سان ڳالهه ڪيم. هُوءَ به ڏکوئجي وئي ۽ چيائين ته هر انسان ۾ خوبيون ۽ ڪمزوريون آهن. ڪڏهن ڪڏهن مون کي به ائين ڏکويو اٿس! پوءِ ٻه ٽي مثال ٻڌايائين.
ملڪ ۾ محترمه بينظير صاحبه جي حڪومت آئي، ته وزيرِ تعليم سائين غلام مصطفيٰ شاهه هو. مون کيس چيو ته، ”هن سال، اوهان وزير تعليم جي حيثيت ۾، اسان جي اديبن جي اڳواڻ طور، چين جو چڪر ڏئي اچو. مون چيني سفارتخاني سان ڳالهائي، سڄو بندوسبت ڪري ڇڏيو آهي.“
شاهه صاحب خوش ٿيو ۽ هائو ڪيائين پر، جڏهن وزير اعظم سان ڳالهه ڪيائين ته هن چيس ته، ”مخالف ڌر وارن جا ارادا نيڪ ناهن. سو، مان سمجهان ٿي ته اسان جي پارٽيءَ جو ڪوبه اهم ماڻهو ملڪ کان ٻاهر نه وڃي.“ شاهه صاحب مون کي فون تي اها ڳالهه ڪري چيو ته، ”هاڻي، تون ئي وڃي اديبن کي چين گهمائي اچ.“ مان ته اڳي ئي چين مان ٿي آيو هئس. پر، هاڻي وري وڃڻو پيو. هفتو کن ٽڪي، پنهنجي هڪ دوست اديب کي وفد جو ”ڊپٽي ليڊر“ مقرر ڪري، پاڻ پاڪستان موٽي آيس. پر، مان اڃا پهتو ڪونه هئس، ته ڊاڪٽر شمل اڳي ئي پهچي ويئي هئي. ايڪيڊميءَ جو هڪ اعليٰ عملدار ڪئبينيٽ ڊويزن مان ڪار وٺي، اسلام آباد ايئرپورٽ تي سندس استقبال لاءِ موجود هو. هُوءَ ڪار ۾ ويٺي، پر، اهو ڏسي مايوس ٿي ته سندس گاڏيءَ جي اڳيان ۽ پٺيان هلندڙ ساين ڳاڙهين بتين وارا موبائيل ۽ سفيد يونيفارم ۾ ملبوس پائلٽ ته آهن ئي ڪونه. ايڪيڊميءَ جي آفيسر جو اُن ۾ ڪو ڏوهه ڪونه هو. اهو سڄو بندوبست ته مان پاڻ ڊاڪٽر شمل سان، پير صاحب مرحوم جي دوستيءَ ڪري، شخصي لڳ لاڳاپا استعمال ڪري، ڪندو هئس. پوليس موبائيل ۽ پائلٽ کان سواءِ ٽيهه پوليس وارا گاڏين ۾ سندس اڳيان پويان هلندا هئا، ڄڻ ته ڪو ”اسٽيٽ گيسٽ“ وڃي رهيو آهي. کيس هميشه اعليٰ درجي واريءَ بلئڪ مرسڊيز ۾ ويهاريندو هئس. هوائي سفر سولو ڪونه هوندو هو ته فرسٽ ڪلاس جي ٽڪيٽ وٺندو هئس. فوج کان هيلي ڪاپٽر ڪرايي تي وٺندو هئس. ”ايوانِ صدر“ مان ”سرڪاري مهمان“ جا فرمان ته ٻين جا به نڪرندا رهندا هئا، پر انهن کي ڪير ٿو ليکي؟ هڪ دفعي حيدرآباد دکن مان ٻه اهڙا ”سرڪاري مهمان“ ٿي آيا. مون کين هوٽل ۾ ٽڪائي ڇڏيو. ماني سو سٺي ملندي هئن ٻيو ٿيو خير.
- پر، ڊاڪٽر شمل کي غير ملڪي سربراهه وارو پروٽوڪول ڏياريندو هئس. اها ڪا سولي ڳالهه ڪانه هئي، پر کيس ڪڏهن ڪونه ٻڌايم، ته مون کي سندس دورن لاءِ ڪيڏا ڪشالا ڪڍڻا پون ٿا! دل ۾ چيم ته مان سڀ سُور پير صاحب جي صدقي سهان ٿو. تون چوين ٿي ته، ”مان تنهنجن پرن تي سوار آهيان!“ هاڻي ڏسنداسون ته ڪير ڪنهن جي پرن تي سوار آهي؟“
حُسين شاهه جي بيگم، ادي شميم ڏاڍي سياڻي آهي، تنهن هڪ دفعي کِلي چيو ته، ”ادا، تو ڊاڪٽر شمل کي ايترو ته مٿي چاڙهي ڇڏيو آهي، جو هيءَ مائي هاڻي سولائيءَ سان هيٺ ڪانه ايندي.“
بهرحال، ايڪيڊميءَ جو اعليٰ عملدار اسلام آباد ايئرپورٽ تان ڊاڪٽر شمل کي آفيس ۾ وٺي ويو، جتي سندس مانَ ۾ ڏهه ويهه اعليٰ اديب چاءِ تي سڏيا هئائين. ڊاڪٽر شمل اسلام آباد ۾ ڏينهن ٻه رهي، لاهور ويئي. اتان جو ايڪيڊميءَ جو آفيسر وري کيس خوش ڪرڻ لاءِ جانورن جي باغ ۾ وٺي ويو ۽ ”نيل گانءِ“ ڏيکاريائين. هن غريب جو عقل ئي ايترو هو. ڊاڪٽر شمل ڪَڪ ٿي ڪراچيءَ ويئي. مان چين مان موٽي پاڪستان پهتس، ته پاڻ موٽي جرمنيءَ پهچي چڪي هئي.
ٻئي سال پاڪستان ڪانه آئي. ڪئرن نياپو ڏنو ته چوي ٿي ته، ”رباني مون کي پاڪستان جي دوري لاءِ پاڻ دعوت موڪلي.“
ڪئرن مون سان حُجائتي هئي. چيومانس ته، ”ڊاڪٽر شمل، صدر پاڪستان جي دعوت تي هت ايندي رهي آهي. صدر پاڪستان جي فرمان مٿان ايڪيڊميءَ جو ڪوبه عملدار پنهنجو فرمان جاري ڪيئن ڪندو؟ جيئن هميشه ايندي آهي، تيئن هن سال به هلي اچي. مان منهن ڏيندس، پر شڪر جو هاڻ کيس احساس ٿيو آهي ته سندن دورن ۽ سفرن ۾ ڪير ڪنهن جي پَرَن تي سوار هو؟“
حُسين شاهه راشدي انهيءَ سڄيءَ حقيقت کان واقف هو ته مان سائين حسام الدين شاهه جي ڪري ئي ڊاڪٽر شمل سان اهي پير ڀري رهيو آهيان. سو، ”سنڌ ٽي.وي“ تي هڪ انٽرويو ۾ وفات کان اڳ منهنجي خدمتن جي تعريف ڪيائين ۽ چيائين ته، ”ربانيءَ، چاچا جي قرب ۽ دوستيءَ جو حق ادا ڪيو.“
بهرحال، ڪئرن ڏک مان چيو ته، ”رباني، تنهنجي ڳالهه صحيح آهي. پر، شمل منجهيل آهي.“ پوءِ رازداريءَ ۾ ٻڌايائين ته، ”محترمه بينظير ڀٽو، وزيراعظم ٿي، ته اسلام آباد ۾ ڪنهن ادبي جلسي ۾ صدارت ڪرڻ وئي. ڊاڪٽر شمل به اُنهيءَ جلسي ۾ پهرينءَ صف ۾، مون سان گڏ، سندس سامهون ويٺي هئي. جلسي هلندي، اوچتو ڪرسيءَ تان اٿي، اسٽيج جا ٻه ٽي ڏاڪا تڪڙي تڪڙي چڙهي، وزيراعظم وٽ پهتي. کيس هڪ ڪتاب تحفتاً پيش ڪيائين ۽ واپس اچي، پنهنجيءَ ڪرسيءَ تي ويٺي. مون کي ڪَنَ ۾ سُرٻاٽ ڪيائين ته، ”ٽي.وي. ڪئميرا ته منهنجو ڦوٽو ڪڍيو هوندو.“
ڪئرن چيو، مان ته سندس ڳالهه ٻڌي وائڙي ٿي ويس ۽ دل ۾ چيم ته ”انهيءَ خسيس ڳالهه جي توکي ڪهڙي ضرورت هئي!“
مون ڪئرن کي چيو ته، ”مان ڪاٿي هئس؟“
ڪئرن چيو ته، ”تون اڃا چين ۾ هئين.“
ڪئرن چيو ته، ”محترمه بينظير صاحبه ساڻس ملي. کانئس ڪتاب ورتائين. شڪريو ادا ڪيائين، پر کيس چاءِ جي ڪوپ جي به صلاح ڪانه ڪيائين. سو، شمل سڀ ڪجهه سمجهي ٿي. مان ڀانيان ٿي، ته هاڻي تنهنجيءَ سرڪاري دعوت ۽ بندوبست کان سواءِ هُوءَ پاڻ مرادو پاڪستان جي سرڪاري دوري تي ڪانه ايندي.“
ڪئرن جو خيال صحيح نڪتو، ڊاڪٽر شمل پاڪستان جي سرڪاري دوري تي وري ڪانه آئي.
ڊاڪٽر شمل سنڌ جو آخرين ديدار وري به مون سان گڏ ڪيو. سو، هيئن ته مسٽر آخوند، سيڪريٽري ڪلچر سنڌ، هڪ دفعي چيو ته، ”ٻڌو اٿم ته ڊاڪٽر شمل اقبال ايڪيڊميءَ جي دعوت تي لاهور اچي رهي آهي. حيدرآباد ۾ پاڻ وٽ به ليڪچر ڏئي ته سٺو.“
مون ساڻس واعدو ته ڪونه ڪيو پر ايترو چيو ته، ”ڪوشش ڪري ڏسان ٿو.“
ڊاڪٽر شمل کي ڪئرن جي وسيلي جرمنيءَ ۾ نياپو موڪليم. جواب موڪليائين ته، ”رباني کي چئو، ته منهنجو پروگرام ته اڳ ئي فائينل ٿيل آهي، پر تنهنجو پيغام اکين تي. هاڻي هيئن ڪنديس، ته پروگرام کان ڏينهن ٻه اڳي ڪراچيءَ ايندس، پوءِ گڏجي حيدرآباد هلنداسين.“
ستت، جرمنيءَ مان ڪراچيءَ پهتي. پنهنجو نئون ڪتاب به مون لاءِ تحفي طور کنيون آئي. صبح جو سوير، نواب يوسف ٽالپر پنهنجي ذاتي ڪار مون کي موڪلي ڏني. مون اڳي ئي ساڻس ڳالهه ڪري ڇڏي هئي. اهو به بار رکيو هو مانس ته، ”حيدرآباد مان موٽ تي لنچ اوهان وٽ کائينداسون.“
گوئٽي انسٽيٽيوٽ جي سربراهه مسز زمان کي به ڊاڪٽر شمل جي ڪمپني ڪرڻ لاءِ چئي ڇڏيو هئم، جا به جرمن خاتون هئي. ڪنهن پاڪستانيءَ سان شادي ڪري هتي آئي هئي. منهنجي گهرواري ۽ ٻارڙا به ڊاڪٽر شمل سان ڪمپني ڪرڻ لاءِ ڪراچيءَ پهتا.
صبح جو اسان سڀ ٺٽي واري رستي کان حيدرآباد روانا ٿياسين. ڊاڪٽر شمل ۽ مسز زمان حيدرآباد جي سفر ۾ ٻه ڳالهيون دلچسپ ڪيون. پهرين ڳالهه هيءَ ته سامهون ويندڙ ٽرڪن کي اهي ڪاريون اڳڙيون ٻڌل ڇو آهن، جيڪي پري کان جهنڊين وانگر، هوا ۾ ڦڙڪنديون نطر اچن ٿيون!
مون چيو ته، ”سچي ڳالهه اها آهي ته مون کي به خبر ڪانهي، پر ڀانيان ٿو ته اهو ڪاريءَ نظر کي ٽارڻ لاءِ هڪ سوڻ آهي.“ ٻئي مون سان متفق ٿيون. ٻي ڳالهه اهڙي ڪيائون، جيڪا مغرب ۽ مشرق جي سوچ ۾ فرق جي نشاني آهي.
مون چيو ته، ”اسان وٽ ازدواجي زندگي برقرار آهي، جيڪا خوشيءَ جي ڳالهه آهي. ليڪن، مغربي معاشرو اندران ئي اندران ڀڄي ڀري، ريزه ريزه ٿي رهيو آهي. SINGLE PARENTS SYSTEM شروع ٿي چڪو آهي.“
ڊاڪٽر شمل ۽ مسز زمان ٻنهي چيو ته، ”اوهان وٽ به سڀ مرد ۽ زالون هڪٻئي مان خوش ڪونهن. ڪيتريون ئي زالون ۽ مڙس هر ۾ جوٽيل ڏاندن جي جوڙي وانگر مجبور آهن. اوهان جو فيملي سسٽم ائين برقرار آهي ته عورت کي پنهنجا حق حقوق حاصل ڪونهن. جڏهن زال مڙس رضا خوشيءَ سان گڏ گذاري نٿا سگهن، ته پوءِ لاچار زندگي گڏجي گذارڻ مان فائدو؟“
منهنجو خيال هو ته مغرب ۾ طلاق جيڪا وبائي صورت اختيار ڪئي آهي، ۽ ٻارڙا SINGLE PARENTS SYSTEM جي جنهن ڏکوئيندڙ صورتحال ۾ پلجي وڏا ٿين ٿا ۽ وڏي هوندي خودغرضيءَ ۾ مبتلا ٿين ٿا، تنهن ضرور مغربي معاشري کي احساس ڏياريو هوندو، ته طلاق جو شوق کين مهانگو پيو. آسٽريليا ۾ صورتحال هيءَ آهي ته پنجاسي سيڪڙو عورتون طلاق يافته آهن، پر ڊاڪٽر شمل ۽ مسز زمان ٻنهي ان جي ابتڙ راءِ ڏني.
ڊاڪٽر شمل ٽين ڳالهه اهڙي ڪئي، جنهن جو مون وٽ ڪوبه جواب ڪونه هو. پڇيائين ته علامه اقبال پنجاب جي عظيم صوفي شاعرن جو ڪلام ته پڙهيو هوندو. مون چيو ته مان به ائين ئي سمجهان ٿو.
تڏهن وري پڇيائين ته پوءِ پنهنجي ڪلام ۾ پشتو شاعر خوشحال خان خٽڪ کي ته تعريف جوڳن لفظن ۾ ياد ڪيو اٿس. پر، ڪنهن به پنجابي صوفي شاعر جو نالو ڪونه کنيو اٿس؟ سو، ڇو؟“
حقيقت اها ئي آهي. بابا فريد، بلي شاهه، وارث شاهه يا شاهه حُسين جي عظمت کان ڪوبه انڪار ڪونهي. خيرپور ۾ سچل سيمينار ٿيو، جنهن لاءِ مون خيرپور يونيورسٽيءَ کي ايڪيڊميءَ مان ٻه لک رپيا ادبي امداد ڏني. سيمينار جي خاتمي تي، ”سوالن ۽ جوابن“ وارو اجلاس ٿيو. مون پنجاب مان آيل وفد جي اڳواڻ شفقت تنوير مرزا کان ساڳيو سوال ڪيو. مُنجهي پيو. اسٽيج تي آيو. ائين چئي جان ڇڏايائين ته، ”انهيءَ سوال جو جواب ته آگري صاحب کي اسان کي سمجهائڻ کپي. هُو وري الٽو اسان کان پڇي رهيو آهي.“
ٻئي موقعي تي مون ساڳيو سوال جسٽس جاويد اقبال کان ڪيو. هن چيو ته، ”علامه اقبال شوڪتِ اسلام جو قائل هو.“
بهرحال، اسان ائين ڳالهيون ڪندا، ڪينجهر ڍنڍ وٽ اچي پهتاسين. ڪلچر کاتي VIP ريسٽ هائوس بدران، هڪ HUT ۾ بندوبست ڪيو هو. جنهن ۾ پلنگ ٻن پاون ۽ ٻن پٿرن تي بيٺل هو ڇو ته ٻه پاوا ڀڳل هئس. ٽي.وي. ڪيس موجود هو. ليڪن، منجهس ٽي.وي. غائب هئي. HUT جو حال بيوس جي شعر جو عڪس هو: الا، جُهري مَ شال، غريبن جي جهوپڙي!
صبر کان سواءِ ٻيو رستو ڪونه هو. هٿ منهن ڌوئي، مانيءَ جا ٻه گرهه جهڙا تهڙا وجهي ڪينجهر ۾ مائيءَ نوريءَ جي تربت، مڪليءَ ۾ پير صاحب جي مزار تي حاضري ڏئي، حيدرآباد هليا آياسين.
مون حيدرآباد ۾ ڊاڪٽر شمل ۽ مسز زمان جي ٽڪڻ لاءِ ”انڊس هوٽل“ ۾ وي.آئي.پي. ڪمرا ورتا. مهانگا پر سٺا هئا. معزز مهمانن جي رهڻ لائق هئا.
ڊاڪٽر شمل صبح سان اوچتو چيو ته، ”رباني، شاهه سائينءَ جي مزار تي حاضري ڏئي اچون.“ سو، ڀٽ شاهه هليا وياسين. شاهه سائينءَ جي مزار مبارڪ تي حاضري ڏيئي، ريسٽ هائوس ۾ اچي لنچ کاڌيسون. اتي مسٽر حميد آخوند، تڏهوڪو سيڪريٽري ڪلچر پاڻ به اچي ڊاڪٽر شمل سان مليو. اڃا اٿيو، ته ڊاڪٽر شمل اوچتو مون کي هالا هلڻ لاءِ ڪَنَ ۾ سرٻاٽ ڪيو.
مان منجهي پيس. ڊاڪٽر شمل کان ڪلاڪ کن جي اجازت ورتم. فون تي وٺ وٺان ڪري، هالن ۾ پنهنجي دوست منگهن مل جي مائٽن کي ڄاڻ ڪيم، جن سڄو بندوسبت ڪري ڇڏيو. ڊاڪٽر شمل هالين پهتي، ته گلن جي هارن ۽ دهلن دمامن سان سندس استقبال ٿيو. شاهي بزار گهميائين، ته کيس ڏسڻ لاءِ ماڻهن جا هجوم گڏ ٿي ويا. دڪانن تي چڙهي، ته منهنجن دوستن سندس اڳيان سنڌي سوکڙين جا ڍير ڪري ڇڏيا.
حيدرآباد ۾ ڊاڪٽر شمل جي دوري جا مکيه پروگرام ٻه هئا: هڪ ليڪچر ۽ ٻيو ڪل سنڌ خواتين مشاعري جي صدارت. ٻنهي جو انتظام، سنڌي ادبي بورڊ ۽ ڪلچر کاتي گڏ ڪيو هو.
حيدرآباد ۾ ڊاڪٽر شمل جو دورو پورو ٿيو، ته اسان ڪراچيءَ موٽياسين. سڌو وڃي نواب يوسف ٽالپر جي بنگلي تي لٿاسين. سندس بيگم صاحبه ڪجهه سال اڳ ڊاڪٽر شمل سان متعارف ٿيل هئي، سو، هيئن جو جرمنيءَ جو صدر، پاڪستان جي دوري تي آيو هو، ته حڪومت پاڪستان، جرمن صدر جي اهليه جي LADY IN WAITING جا فرائض بيگم يوسف ٽالپر کي سونپيا هئا. ڊاڪٽر شمل به ان موقعي تي پنهنجي صدر جي وفد ۾ شامل هئي.
اسان يوسف ٽالپر صاحب جي بنگلي تي پهتاسين. هن ۽ سندس بيگم مرحبا ڪئي ۽ خوش خير عافيت ڪري، ميز تي ماني رکائي. جهڙي شاندار لنچ کارايائون، اهڙي ئي يادگار ڪچهري ڪيائون. موڪلائڻ مهل نواب يوسف ٽالپر، ڊاڪٽر شمل سان پنهنجي بيگم صاحبه جي هڪ تصوير AUTOGRAPH ڪرائڻ لاءِ ڏني، جا مون ڊاڪٽر شمل کان، هوٽل تي ڪرائي، کين بر وقت گهر موڪلي ڏني.
ڊاڪٽر شمل اتان سڌو شيرٽن هوٽل تي هلڻ لاءِ چيو. مسز زمان موڪلائي، پنهنجي گهر رواني ٿي. مان ڊاڪٽر شمل کي سندس ڪمري ۾ پهچائي صبح جو پروگرام پڇيو. چيائين ته، ”اقبال ايڪيڊميءَ جي جلسي لاءِ صبح جو سوير پهرينءَ فلائيٽ ۾ لاهور وڃڻو اٿم. سو، تون ڀلي حيدرآباد وڃ.“
ڊاڪٽر شمل سان اها منهنجي آخري ملاقات هئي ۽ سنڌ جو اهو سندس آخرين ديدار هو.
ڊاڪٽر شمل ڪراچيءَ مان لاهور وئي. اتان اقبال ايڪيڊميءَ جو جلسو ڪري جرمنيءَ وئي. پر، قدرت خدا جي جو پنهنجي گهر ۾ پهتي، ته پير ترڪي ويس. ڍاڪ جو هڏو ڀڄي پيس، هوش ۾ آئي ۽ چاق ٿي ته ايران سرڪار جي دعوت تي تهران هلي وئي.
يورپ ۾ ملعون سلمان راشدي ساڻس اٽڪيو، ته اسلام جي ايتري ثنا خواني ڇو ٿي ڪرين! پر، ڊاڪٽر شمل ماري مڃايس. سو، ايراني حڪومت ڏاڍي خوش ٿي. تهران پهتي ته تمام وڏي عزت ڪيائونس. موٽي جرمنيءَ پهتي ته دوستن کي خوشيءَ جا خط لکيائين. پر، ستت وري غلسخاني ۾ پير ترڪي ويس. ٻيو آپريشن ٿيس. پر، ڪامياب ڪونه ٿيو. بيهوشيءَ ۾ ئي دم ڏنائين.
چَون ٿا ته سڪرات ۾ هئي ته فقط هڪ لفظ سندس چپن تي آيو: ”امان.“ سندس ماءُ ڪي سال ٿيا جو فوت ٿي وئي هئي. ڪئرن کان اها ڳالهه ٻڌي، دل ۾ چيم ته مرڻ مهل به ڪير ياد اچي ٿو؟ ماءُ ڪيڏي نه عظيم هستي آهي!
هاڻي، جڏهن ڊاڪٽر شمل هن جهان ۾ موجود ڪانه آهي، تڏهن سندس ڳالهيون ياد اينديون اٿم. سڀ کان اول هيءَ ته سندس وطن جرمني هئو، پر پاڪستان گويا سندس ٻيو وطن هو ۽ سنڌ ٻيو گهر. هونئن، ملڪ جي چئن ئي صوبن جي ننڍن وڏن شهرن ۾ سندس بيشمار مداح موجود هئا. سنڌ جي ماڻهن سان بي پناهه محبت هئس. ڀٽائيءَ جي ٻوليءَ ۾ چئبو ته:
”سنهيءَ سئيءَ سبيو، مون مارن سين ساهه.“
هڪ ڀيري لاهور ۾ گورنر هائوس مان ايئرپورٽ وڃي رهيا هئاسون. چيائين ته، ”رباني، جهاز ۾ اڃا ڪجهه ٽائيم آهي. پاڻ جيڪر ميان مير جي درگاهه تي حاضري ڏئي اچون. پنهنجو سنڌي آهي.“ سندس اها ڳالهه ياد ايندي اٿم، ته سوچيندو آهيان ته سنڌ جي گهڻن ماڻهن کي اهو احساس آهي ته ”ميان مير، اسان جو پنهنجو سنڌي آهي.“
ميان مير، ٽن مغل بادشاهن جهانگير، شاهجهان ۽ دارا جو مرشد هو. دارا سندس حياتيءَ جو احوال فارسيءَ ۾ لکيو آهي، جو اردوءَ ۾ ترجمو ٿي ڇپيو آهي. مير محمد نالو هئس. سادگي پسند هو. گهڻو وقت عبادت ۽ رياضت ۾ گذاريندو هو. سيوهڻ ۾ رهندو هو. قلندر لعل شهباز جو عقيدتمند هو. سنڌ مان علم جي تحصيل لاءِ ملتان ۽ لاهور ويو، اتي ئي ٽڪي پيو ۽ وفات ڪيائين. دارا سندس مقبري جي تعمير شروع ڪرائي، جيڪا اورنگزيب مڪمل ڪرائي. انگريزن جي حڪومت ۾ ”لاهور جي ڪئنٽ ريلوائي اسٽيشن“ ۽ ”جمخاني“ کي ميان مير جي نالي تي سڏيندا هئا. مان لاهور ويندو آهيان ته ڪڏهن ڪڏهن لاهور ۾ سندس مزار تي حاضري ڏيندو آهيان.
هڪ دفعي مون ڊاڪٽر شمل کان پڇيو ته سنڌ ۾ ”تصوف“ جيڪا غير معمولي ڪاميابي حاصل ڪئي، اهڙو مثال اوهان ٻئي ڪنهن هنڌ به ڏٺو؟ مثلاً، سنڌ ۾ ڪي هندو مريد پنهنجي مسلمان مرشد کان وظيفا وٺي، انهن جو ذڪر ڪندا، ڪي ته وفات کان پوءِ پاڻ کي مرشد جي قدمن ۾ پورائيندا آهن. سچل جي پيرانديءَ ۾ نماڻي فقير جي تربت آهي، جيڪا هندو عورت هئي ۽ سچل سائينءَ جي مريد هئي.“
جواب ڏنائين ته، ”ڪٿي به نه.“
ڊاڪٽر شمل عقيدي جي لحاظ کان عيسائي هئي يا مسلمان؟ ان باري ۾ منهنجو خيال آهي ته صوفي مزاج جي هئي. تصوف هر مذهب ۾ موجود آهي، پر هوءَ اسلامي تصوف ڏانهن مائل هئي. مولانا روميءَ، شاهه ڀٽائيءَ ۽ علامه اقبال سان وڏي دل هئس. روميءَ تي ته گهڻا ڪتاب لکيا اٿس. هميشه کيس ”اسان جو مولانا“ ڪوٺيندي هئي.
ڊاڪٽر شمل جي ڪوشش اها هئي ته عيسائي ۽ اسلامي تهذيبن جي وچ ۾ پل ٺاهيان، ته جيئن ٻنهي مذهبن جا پوئلڳ هڪٻئي جي ويجهو اچن. ان معاملي ۾ به پاڻ روميءَ جي پيروڪار هئي، جنهن جي روضي تي هڪ قول درج ٿيل آهي ته، ”تون عيسائي آهين يا مسلمان، منهنجا دروازا تو لاءِ کُليل آهن.“
ڊاڪٽر شمل به ”احترام آدميت“ کي اوليت ڏيندي هئي. رب پاڪ کي ”رب العالمين“ ئي سمجهندي هئي.
هڪ دفعي چيائين ته، ”رباني، هر انسان وانگر مان به ڪڏهن ڪڏهن اوکيءَ ۾ هوندي آهيان، ته تسبيح تي، رب پاڪ جي ”اسماءُ الحسنيٰ“ جو ذڪر ڪندي آهيان. ڀلا، توکي خبر آهي ته تسبيح کي انگريزيءَ ۾ ڇا چوندا آهن؟
مون چيو ته، ”نه“.
چيائين ته: “ROSARY”.
پاڪستان جي عالمن ۽ اديبن سان محبت هئس. ليڪن، پير سائين حسام الدين راشديءَ سان ٻٽيهه دليون هئس. پير صاحب اسان کي ٻڌايو ته ارڙنهن ٻوليون ڄاڻندي هئي. جرمن ته سندس مادري زبان هئي، پر انگريزي تمام آسانيءَ ۽ روانيءَ سان ڳالهائيندي هئي ۽ ڪجهه فرينچ پڻ. هڪ حد تائين عربي به ڳالهائي ويندي هئي. عربي پڙهڻ تي مڪمل عبور هئس. ترڪي سٺي ڄاڻندي هئي. فارسي تي به وڏو عبور حاصل هئس. اردو ۽ سنڌي لکي پڙهي ويندي هئي ۽ ڪي ڪي جملا به ڳالهائي ويندي هئي.
سنڌ سان محبت پير صاحب جي ڪري ٿيس. پير صاحب سان ايڏي ته دل هئس جو هڪ ڀيري خواهش ظاهر ڪئي هئائين ته، ”مُئي پڄاڻان مون کي پير صاحب جي پاسي ۾ دفن ڪجي.“ پر، قسمت سندس اها خواهش پوري ڪانه ڪئي. جرمنيءَ ۾ ئي بيهوشيءَ جي حالت ۾ دم ڏنائين.
ڊاڪٽر شمل ڪراچيءَ ۾، گهڻو ڪري، پير صاحب جي گهر ٽِڪندي هئي ۽ ڪڏهن پيار علي الانا جي گهر. لاهور ۾ جسٽس جاويد اقبال جي گهر ۽ اسلام آباد ۾ جرمن سفير وٽ رهندي هئي. ڪوشش ڪري، سٺيءَ کان سٺيءَ هوٽل ۾ به ٽڪڻ کان پاسو ڪندي هئي. پر، جي هوٽل ۾ ٽڪڻو پوندو هئس، ته ڪمري ۾ داخل ٿيڻ شرط اول ايئرڪنڊيشنر بند ڪندي هئي، جو کيس ڀانءِ ڪونه پوندو هو.
صدر ۽ وزيراعظم پاڪستان جي سرڪاري دعوتن ۾ يورپي لباس پائيندي هئي. مثال طور، محمد خان جوڻيجي، وزيراعظم پاڪستان جي ڊنر ۾ مون سان گڏ هلي هئي. نيوي بلو رنگ جي اسڪرٽ ۽ جئڪيٽ پاتو هئائين، هونئن، پاڪستان ۾ عام طرح شلوار قميص پائيندي هئي. اسلام آباد ۾ مسز ثريا فرمان شاهه، مسز قيصرا علوي ۽ حيدرآباد ۾، ڊاڪٽر نسرين جوڻيجو کيس شلوار قميص سبي ڏينديون هيون.
حڪومت پاڪستان کيس سنه 1966ع ۾”ستاره قائداعظم“ ڏنو ۽ سنه 1997ع ۾ ”بين الاقوامي اقبال ايوارڊ“ ۽ سون جو تمغو ڏنو.
اسي ورهين جي ٿي، ته جرمنيءَ جي بون شهر ۾، (GOLDEN-BOOk) ۾ سندس نالو درج ڪيائون، جيڪو اتان جو غير معمولي اعزاز آهي.
هڪ ڀيري سبيءَ ۾ هئاسين ته ڪنڌ مٿي کڻي، تارن ڀرئي آسمان ڏي نهاري، ٿڌو ساهه ڀريائين.
مون چيو ته، ”ڊاڪٽر صاحبه، خير؟“
ڏک مان چيائين ته، ”رباني، منهنجا سڀ پيارا دوست هاڻي آسمان تي آهن!“
ڊاڪٽر شمل جنوري 2003ع تي هي جهان ڇڏيو. (سندس ڄم جي تاريخ 7- اپريل سنه 1922 آهي.) سندس مان ۾، آڪٽوبر 2003ع تي لنڊن ۾ اقبال ايڪيڊميءَ جي تعاون سان هڪ بين الاقوامي سيمينار ٿيو، جنهن ۾ سندس عقيدتمندن ۾ اردن جو هز رايل هاءِ نيس، پرنس حسن بن طلال، جرمن عالم هبهم، مسز پاڪيزه بيگ- وچ ايشيا جي هڪ عالم خاتون، ازبيڪستان جو پروفيسر رضا سلطانوف، ڊئوڊ ميٿيوز ۽ بين الاقوامي شهرت جا ٻيا ڪيترائي عالم شريڪ ٿيا ۽ کيس زبردست خراج عقيدت پيش ڪيائون. انهيءَ بين الاقوامي سيمينار ۾ پروفيسر برزائين واگمار نالي، اسڪول آف آفريڪن ۽ ايشين اسٽيڊيز يورنيوسٽي آف لنڊن جي مشهور محقق، اسلاميات جي ماهر، مصنف ۽ مترجم ڊاڪٽر شمل جي علمي خدمتن تي جيڪو مقالو پڙهيو، تنهن ۾ سندس تصنيفات جو ذڪر ڪندي چيائين ته:
”هوءَ پاڪستان سان علامه اقبال جي تصنيف ”جاويد نامه“ جي جرمن ۽ ترڪي ترجمن ڪري متعارف ٿي. اها سنه 1938ع جي ڳالهه آهي.
سنه 1958ع ۾ هوءَ پهريون دفعو پاڪستان وئي ته سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب ۾ دلچسپي ورتائين، جنهن جو مکيه سبب، سنڌي محقق پير حسام الدين راشديءَ سان سندس دوستي هئي.
ڊاڪٽر شمل هندستان ۾ مغل دور جي ٻن وڏن صوفي شاعرن يعني سنڌ جي شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ (ولادت 1689ع ۽ وفات 1752ع) ۽ دهليءَ جي خواجه مير درد (ولادت 1721ع ۽ وفات 1785) تي انگريزيءَ ۾ هڪ ڪتاب PAIN AND GRACE جي نالي سان لکيو. جنهن جو انتساب پير حسام الدين راشديءَ ڏانهن ڪيائين.“
ڊاڪٽر واگمار پنهنجي مقالي ۾ ”مڪلي ٽڪريءَ“ تي ڊاڪٽر شمل جي ڏنل ”پير حسام الدين راشدي ليڪچر“ جو پڻ ذڪر ڪيو، جيڪو يوروپي زبانن ۾ پنهنجيءَ نوعيت جو پهريون پهريون علمي اڀياس هو.
اهڙيءَ ريت، ڊاڪٽر واگمار منهنجيءَ تجويز تي سنڌي ادبي بورڊ طرفان سنڌ تي ڇپيل ڊاڪٽر شمل جي ڪتاب PEARLS FROM THE INDUS جو پڻ ذڪر ڪيو.
ڊاڪٽر شمل جي وفات تي، سنڌ ۾ ٻه تعزيتي جلسا ٿيا ۽ ٻئي حيدرآباد ۾ ٿيا: هڪ سنڌ يونيورسٽيءَ طرفان انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ جي آڊيٽوريم ۾ ۽ ٻيو سنڌ ميوزيم ۾، جنهن ۾ گل محمد عمراڻي صاحب وڏو بهرو ورتو، ڀٽ شاهه سينٽر ڪوبه جلسو ڪونه ڪيو، توڙي جو ڊاڪٽر شمل، شاهه سائينءَ تي تحقيقي ڪم ڪيو هو.
ٽيون تعزيتي جلسو پنجاب ۾ اقبال ايڪيڊميءَ لاهور ۾ ڪيو. مون کي ”خاص مهمان“ طور سڏيائون. صدارت جسٽس جاويد اقبال ڪئي. سندس بيگم جسٽس ناصره صاحبه به موجود هئي، تنهن مون کي چيو ته: ”مڪليءَ تي جتي کيس دفن ٿيڻ جي خواهش هئي، اتي سندس ياد ۾ جيڪڏهن ڪو خوبصورت ڪتبو لڳل هجي، ته ڏاڍو سٺو.“
تعزيتي جلسي کان پوءِ جسٽس جاويد اقبال جي گهر ۾ رات جو ميٽنگ ٿي ۽ مڪليءَ ۾ ڪتبي هڻڻ لاءِ تاريخ مقرر ٿي. ڊاڪٽر شمل جي فقط خاص خاص قريبي احبابن کي اطلاع ڏنائون. مرڪزي وزيرِ ثقافت کي سڄي انتظام لاءِ چيائون. لاهور مان جسٽس ناصره ۽ مسٽر سهيل عمر هوائي جهاز رستي آيا ۽ ڊاڪٽر شمل جي ٻين ڪن عقيدتمند دانشورن کي به وٺي آيا. حيدرآباد مان جويو صاحب، اعجاز قريشي، رياض آگرو، محمد علي ڏيپلائي ۽ ڪراچيءَ مان آغا نور محمد پٺاڻ، محبوب صادق ۽ حضور بخش آزاد جتوئي ٺٽي آيا. لنڊن مان حيدرآباد دکن جي نواب جو عزيز شهزادو محسن علي خان آيو. جرمن سفارتخاني جي نمائندگي هڪ اعليٰ عملدار ڪئي. آثار قديمه جا عملدار ۽ ٻيا ڪافي دوست آيا. ائين ڊاڪٽر شمل جا چڱا عقيدتمند مڪليءَ تي گڏ ٿي ويا.
مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جي مزار جي برڪت ڀرئي احاطي ۾ سندس ياد ۾ تقريرون ٿيون. آثار قديمه کاتي سنگ مرمر جو سٺو ڪتبو ٺهرايو هو، جنهن جي نقاب ڪشائي ٿي ۽ مٿس گل پاشي ٿي. اسان مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ، پير سائين حسام الدين راشديءَ ۽ شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جي مزارن تي به حاضري ڏني.
مڪليءَ ۾ اهو ڪتبو ڊاڪٽر شمل جي سنڌ سان محبت جو هڪ سهڻو تاريخي يادگار آهي. اقبال ايڪيڊميءَ انهيءَ نيڪ ڪم جو آغاز ڪيو ۽ ان کي مڪمل ڪيو. ان سان گڏ ٻيو به سٺو ڪم ڪيائين. سو هيءُ ته ڊاڪٽر شمل جي لکيل سمورن ڪتابن جي ببليوگرافي شايع ڪيائين. گويا، وري به اصل ڳالهه وڃي ٿي، ماڻهوءَ جي مزاج ۽ اخلاق جي، ته ڪير ڪنهن سان مُئي جيئري نڀائي ٿو!
ڊاڪٽر شمل هاڻي پنهنجي آبائي وطن جرمنيءَ جي بون شهر ۾ هڪ قبرستان جي سناٽي ۾ ابدي آرام ۾ آهي. هر غم ۽ هر خوشيءَ کان بي نياز! آسمان ۾ چوڏهينءَ جو چنڊ چمڪي ته ڇا ۽ جي اڻٽيهينءَ جي اوندهه هجي ته ڇا! ڪڪر ڪارونڀار ڪري اچن ۽ وڏ ڦڙا وسن ته ڇا ۽ جيڪڏهن مينهن موٽي وڃن ته ڇا!
ڌُريان ئي ڌارَ، جي قضا ڪپي اڌ ڪيا،
تن سُڪن ڪهڙي سارَ، ته اُٺا مينهن ملير ۾.
هـِتِ ”بقا“ فقط ”فنا“ کي آهي، ڇو ته هر ”وجود“ اڳي پوءِ ”عدم“ ۾ بدلجي وڃي ٿو، ڄڻ ته ڪڏهن هوئي ڪونه. قرآن ڪريم جو ارشاد آهي:
جيڪي به (زمين تي) آهي سو فنا ٿيڻ وارو آهي ۽ رڳو تنهنجي پالڻهار جو منهن قائم رهندو، جيڪو جلال ۽ ڪرم وارو آهي.
هن جهان جو معمو ته نه اڳي ڪنهن کي سمجهه ۾ آيو هو، ۽ نه وري هاڻي ڪنهن کي ڪا ڪل آهي. سراسر راز ۽ اسرار آهي. گذريل ويهينءَ صديءَ ۾، ڊاڪٽر شمل جي ئي هڪ جرمن هم وطن سائنسدان، آلبرٽ آئنسٽائين جي دنيا تي ڌاڪ هئي. پنهنجين يادگيرين جي ڪتاب ۾ هڪ هنڌ لکيو اٿس ته: ”هن جهان ۾ هر انسان فقط هڪ مختصر مسافريءَ لاءِ اچي ٿو. پر ڇو اچي ٿو ۽ ڇالاءِ اچي ٿو، تنهن جي ڪابه خبر ڪانهي؟“
اڪثر مسافر زندگيءَ جو بار، پنهنجن ڪلهن تي کڻي، دنيا جي صحرا ۾، هلندي هلندي گمناميءَ ۾ گم ٿي وڃن ٿا، پر ڪي پنهنجيءَ مختصر مسافريءَ کي به معنيٰ ڏين ٿا: مغربي محاوري موجب ”وقت جي واريءَ تي پنهنجن قدمن جا نشان ڇڏي وڃن ٿا.“ ڊاڪٽر شمل انهن ئي عظيم انسانن جي قبيلي مان هئي. هن زندگيءَ جي رهگذر تي، هلندي هلندي، قدم قدم تي پنهنجا يادگار ڇڏيا. يورپ جي تجلا ڏيندڙ شهرن مان هزارين ميل سفر ڪري اسان وٽ آئي ۽ هتان جي ٿَرن ۽ بَرن سان دل لاتائين، سنڌ جي ٻولي سکي، سنڌ جي شاعر، شاهه سائينءَ ۽ سنڌي علم ۽ ادب تي ڪتاب لکيائين. سونهاريءَ سنڌ کي مشرق ۽ مغرب ۾ اُجاري سوين چراغ ٻاري ڇڏيائين.
ڊاڪٽر شمل هاڻي هن جهان ۾ ڪانه آهي. پر، مبارڪ آهن اهي اکيون، جن کيس ڏٺو ۽ وڏا ڀاڳ تن جا، جن سندس گفتگو ۽ گفتار ٻڌي، ليڪن، سنڌ جي ايندڙ نسلن لاءِ هوءَ، مصر جي اهرامن وانگر، هيمشه پراسرار عظمت جو هڪ لافاني يادگار ٿي رهندي.