ڊئوِڊ چيزمئن
انگريءَ ۾ دائود کي ڊئوڊ چوندا آهن. مون سان سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ 1976ع ڌاران مليو. ڊاڪٽر حميده کهڙو تاريخ جي پروفيسر هئي، سا هڪ ڏينهن کيس پاڻ سان مون وٽ وٺي آئي هئي. مان ان زماني ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جو پرووائيس چانسلر هئس. ڊئوڊ جو تعارف ڪرائيندي چيائين ته، ”هي نوجوان سنڌ جي تاريخ تي تحقيق ڪرڻ لاءِ انگلستان مان آيو آهي. اوهان کيس يونيورسٽيءَ جي هاسٽلن ۾ رهائش لاءِ ڪمرو ڏيو.“
مون ساڻس ”هائو“ ڪئي، پر ڊاڪٽر حميده جي ڳالهه ۾ عقلمندي ڪانه هئي. نوجوان انگريز شاگرد کي يونيورسٽيءَ جي هاسٽل ۾ اڪيلو رهائڻ سراسر حماقت هئي. ان زماني ۾ يونيورسٽيءَ جي هاسٽلن ۾ رهندڙ ڪي شاگرد هٿيار رکندا هئا ۽ ڏوهه جا ڪم ڪندا هئا. غير ملڪي انگريز شاگرد سنڌ بابت غلط اثر وٺي ها.
مون آفيس جا فائيل نيڪال ڪيا. واندو ٿيس، ته ڊئوڊ لاءِ چاءِ گهرايم ۽ ساڻس حالي احوالي ٿيس. هن ٻڌايو ته لنڊن ۾ رهندو آهيان. هِت تحقيق ڪرڻ آيو آهيان. منهنجو موضوع آهي: ”عيسويءَ اڻويهينءَ صديءَ جي پوئين اڌ ۾ سنڌ جي سياست ۽ سماج“ هيڏي اچڻ کان اڳ لنڊن ۾ پاڪستاني سفارتخاني ۾ مسٽر الاهي بخش سومري سان مليو هئس، جو اتي سفير کان پوءِ ٻئي نمبر عهدي تي هو. هن ڄام صادق عليءَ کي پارت ڪئي. ڄام صاحب ڊاڪٽر حميده کهڙي کي چيو، جيڪا اوهان وٽ وٺي آئي.
مون ڊئوڊ کي آفيس ۾ وهاريو ۽ شيخ اياز وائيس چانسيلر سان وڃي ڳالهه ڪيم. چيائين ته، ”پاڻ وڃي معاملي کي منهن ڏي.“
مان آفيس ۾ موٽي آيس ۽ ڊئوڊ کي چيم ته، ”انگريزن 1843ع ۾ سنڌ فتح ڪئي هئي. تنهنجي تحقيق جو موضوع اڻويهينءَ جي پوئين اڌ ۾ سنڌ جي تاريخ آهي. منهنجي به ان ۾ دلچسپي آهي. سنڌ سرڪار سنڌ جي تاريخ، تمدن ۽ ادب تي تحقيق ڪرڻ لاءِ سنڌي ادبي بورڊ نالي هڪ ادارو ٺاهيو آهي. مان انهيءَ جي ڪم کان واقف آهيان. بورڊ ۾ ننڍو گيسٽ هائوس آهي. اتي تنهنجيءَ رهائش جو بندوبست ڪريان ٿو، پر، منجهس بورچيخانو ڪونهي. سو، ٽئي ويلا مقرر وقت تي منهنجي گهران تو لاءِ ماني ايندي رهندي. اڄ کان تون منهنجو مهمان آهين.“
ڊئوڊ اهو ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيو. گيسٽ هائوس ۾ رهندو هو. نيرن ڪري روزانو لئبررين ۾ هليو ويندو هو. اتي تاريخ تي ڪتاب پڙهي، نوٽس وٺندو هو. موٽي منجهند جي ماني کائي ڪلاڪ ٻه آرام ڪندو هو. شامَ گهڻو ڪري مون سان گڏ گذاريندو هو ۽ رات جي ماني کائي وري گيسٽ هائوس ۾ ويندو هو.
قدرت کيس جوانيءَ، سونهن ۽ سمجهه جي نعمتن سان فياضيءَ سان نوازيو هو. سنڌ ۾ پهتو، ته بَس ۾ چڙهي سڀ کان اول، ميرپور خاص، خيرپور، سکر، شڪارپور، لاڙڪاڻي ۽ دادوءَ جو اڪيلي سر چڪر ڏئي آيو. اتي ڪنهن شهر ۾ هڪڙي عملدار سندس مانَ ۾ دعوت ڪئي. ٻيا دوست به سڏيائين. ماني کائي، هٿ ڌوئندي، مهمانن مان ڪنهن شخص ٻئي کي چيو ته، ”هي انگريز ڇوڪرو ته ڪيڏو سهڻو آهي؟“
ڊئوڊ اهو ٻڌي انهيءَ مهمان کي اردوءَ ۾ چيو ته، ”هتان روڊ رستي حيدرآباد ڪيترن ڪلاڪن جو سفر ٿيندو؟“
ڊئوڊ جي واتان اردو ٻڌي، مهمان جي منهن جو پنو ئي لهي ويو. مون سان جنهن دوست اها ڳالهه ڪئي، سو انهيءَ دعوت ۾ شريڪ هو. چيائين ته، ”انگريزن جو اسان تي سؤ سال حڪومت ڪئي، سو لٺ باٺي سان گڏ، پنهنجي عقل جي زور تي به.“
ٻئي ڏينهن، مون ڊئوڊ کان پڇيو ته، ”سنڌ گهمڻ ويندين؟“
چيائين ته، ”اڳي ئي گهمي آيو آهيان.“
مون چيو ته، ”توکي ڏکيائين ته ڪانه ٿي؟“
چيائين ته، ”اردو ڄاڻندو آهيان، سو سنڌي سولائيءَ سان سمجهي ويندو آهيان.“
ستت، پي.اين.اي. سڄي ملڪ ۾ ڀٽي صاحب جي خلاف تحريڪ هلائي، جنهن جا هر هنڌ جلسا ٿيندا هئا. حيدرآباد ۾ به ٿيندا هئا، جن ۾ اردوءَ توڙي سنڌيءَ ۾ تقريرون ٿينديون هيون. ڊئوڊ کي چٽيءَ طرح سمجهه ۾ اينديون هيون. منهنجا دوست ٻڌائيندا هئا، ته ڊئوڊ صبح جو قلعي وٽ ڪنهن جلسي ۾ بيٺو هو ۽ شام جو هيرآباد واري جلسي ۾ هو. جلسن ۾ ويندو هو، ته شام جو مون وٽ چاءِ پيڻ ڪونه ايندو هو. پر، رات جو مانيءَ تي انهن جلسن جا احوال پاڻ ئي ڏيندو هو.
مون ڊگهي نظر ڪري، ڄامشوري جي صوبيدار کي پاڻ وٽ سڏيو ۽ اطلاع ڏنو ته، ”هيئن هڪ انگريز اسان وٽ تاريخ تي تحقيق ڪرڻ آيو آهي. شام جو شهر چڪر تي ويندو آهي. پرديسي آهي. اوهان سندس خيال رکو. ڪابه ڳالهه پڇڻي هجي، ته مون سان ملو.“
ڊئوڊ پنهنجيءَ تحقيق جي سلسلي ۾ جيڪي نوٽس وٺندو هو، تن جا اکر، اهڙا ته سنها هوندا هئا، جو پڙهي نه سگهجن. مون کانئس سبب پڇيو، ته چيائين ته، ”سنها اکر لکڻ تي هري ويو آهيان. هونئن، هٿ- اکر ماڻهوءَ جي ڪردار جي نشاني آهن. جيڪو ماڻهو محنتي ۽ ڪفايتي هوندو، سو، سنها اکر لکندو. جيڪو وڏا ڊانبَڙ اکر لکندو، سو ذهني انتشار ۾ مبتلا هوندو.“ ڪجهه دير رکي چيائين ته، ”هرو ڀرو ائين به ڪونهي. مون ڪن ماڻهن جي تحرير ڏٺي آهي، جن جا اکر اهڙا سهڻا جهڙا موتيءَ جا داڻا. وري جو سندن افعال ۽ ارڪان ڏس، ته ڄڻ ابليس جو اولاد آهن.“
مون ڊئوڊ کان پڇيو ته، ”اهي ڳالهيون انگلستان ۾ پنهنجي مشاهدي جي بنياد تي ڪرين ٿو، يا ڪن ٻاهرين ملڪن ۾ به ويو آهين؟“
چيائين ته، ”فرانس ويو آهيان، اُتان آلجيريا ويو هئس، جتي چڱو عرصو رهيس.“
مون چيو ته، ”فرانس ۽ آلجيريا ڇو ويو هئين؟“
چيائين ته، ”روزگار جي لاءِ ويو هئس. پر، فرانس ۾ مزو ڪونه آيو، سو آلجيريا هليو ويس. اتي ماستري ڪيم. انگريزي پڙهائيندو هيس.“
مون چيو ته، ”ڊئوڊ اڃا ته تنهنجيءَ زندگيءَ ۾ چوڏهينءَ جي چنڊ جي چانڊاڻ آهي. پر، انهيءَ هوندي به ٻڌاءِ ته تو پنهنجي آزمودي مان ڪهڙو سبق پرايو آهي؟“
چيائين ته، ”مسٽر رباني، مون هن عمر ۾ ئي ڏاڍو ڏکُ ڏٺو آهي، آلجيريا ۾ پگهار مان پورت ڪانه پوندي هئي. بک تي ويلا گذرندا هئا. پر، مان ڀانيان ٿو ته، ڪنهن به معاشري ۾ سڀ ماڻهو نڪي ته ڀلا آهن ۽ نه وري بڇڙا- چڱا ۽ برا شخص هر هنڌ موجود آهن. بلڪ مان ته هن نتيجي تي پهتو آهيان ته ماڻهوءَ جو مزاج ۽ معاشرو هر دؤر ۾ ساڳيو رهيو آهي. اڳي چنگيز خان اڳرائي ڪري، رتو ڇاڻ ڪندو هو، ۽ هاڻي مغربي ملڪن مان ڪونه ڪو سندس نقشِ قدم تي هلي ٿو. امن جي نالي ۾ ماڻهو ماري ٿو.
سو، اهو چوڻ اجايو آهي ته اڳي زمانو سونو هو. هاڻي اسان اچي ڪلجڳ ۾ ڦاٿا آهيون. اڳيون زمانو سونو هجي ها، ته پوءِ مسيح کي صليب تي ڇو چاڙهن ها؟“
مون چيو ته، ”اها ته تو وڏي ڳالهه ڪئي.“
کِلي چيائين ته، ”عيسائين جي ديول ۾ آچر ڏينهن ڪنهن پادريءَ واعظ پئي ڪيو. آخر ۾ دعا گهريائين ۽ معاشري جا عيب بيان ڪري چيائين ته، ”او مسيح، جلدي موٽي اچ ۽ اسان کي وري ڌوئي پوئي، پاڪ ڪري وڃ.“
اهو ٻڌي، پٺيان هڪڙي شخص زور سان دانهن ڪئي ته، ”مسيح، متان موٽيو آهين. هي حرامي توکي وري صليب تي چاڙهيندا.“
ڊئوڊ ۽ منهنجي سنگت ڏينهون ڏينهن گھري گهاٽي ٿيندي وئي. هو هر موضوع تي دل کولي ڪچهري ڪندو هو. هڪ ڏينهن ٻڌايائين ته، ”لنڊن ۾ هڪ بنگالي ڇوڪريءَ سان گڏ پڙهندو هئس. ساڻس محبت ٿي ويم. هاڻي شادي ڪنداسين. هفتي کن ۾ لاهور ويندس. اتان وري انڊيا ويندس، پر، ٽڪندس ڪونه. سڌو ريل رستي بنگلاديش هليو ويندس.“
مون چيو ته، ”پوءِ هتان سڌو هوائي جهاز ۾ ڇو نه ٿو وڃين؟“
چيائين ته، ”هوائي جهاز جو سفر مون کي مهانگو پوندو، پر وڃڻو ضرور اٿم. جو منهنجي بنگالي دوست چوي ٿي، ته هاڻي اتي آيو آهيان، ته اڳو پوءِ مهيني کن لاءِ مون وٽ به اچ.“
ڊئوڊ حيدرآباد مان ريل رستي لاهور ويو. مهيني کن جو چئي ويو هو. ليڪن، ٻه چار مهينا ٻيا گذري ويا. نڪي ته خط لکيائين ۽ نه وري فون ڪيائين.
هڪڙي ڏينهن شام جو بورڊ جي بنگلي جي اڳيان ڇٻر ۾ اڪيلو ئي اڪيلو پير پسار پئي ڪيم، ته پري کان ڊئوڊ کي ايندي ڏٺم. هميشه شلوار قميص پائيندو هو. انهيءَ ڏينهن به هلڪي هيڊي رنگ جي شلوار قميص پيل هئس. هڪ هٿ ۾ شاپر هئس ۽ ٻئي ۾ ننڍڙي بئگ. سڪ سان ملياسين. مون کيس چيو ته، ”تون گيسٽ هائوس ۾ هل ته مان تنهنجي وهنجڻ لاءِ گرم پاڻيءَ جي بالٽي ۽ چاءِ ٺهرائي ٿو موڪليان. ڪلاڪ کن آرام ڪري گهر اچ، ته رات جي ماني کائون ۽ حال احوال به ڏيون وٺون.“
ڊئوڊ رات جي مانيءَ تي آيو. چيائين ته ”ٻه گلاس، برف ۽ ٿڌو پاڻي گهراءِ، تو لاءِ وسڪي آندي اٿم.“
مون چيس ته، ”ڊئوڊ ورهيه ٿيا، جو مون وسڪي ڇڏي ڏني. مون کي ڪڏهن به ڪانه وڻي. دوستن جي ڪمپنيءَ ۾ لاچار ڍُڪ ڀريندو هوس، پر موقعو ڏسي، ٻاهر هاري، گلاس پاڻيءَ سان ڀري، اچي ساڻن گڏ وهندو هئس. تنهنجي ڳالهه ٻي آهي. تون پنهنجي معاشري جي رسم ۽ رواج تي هريل آهين. هاڻي، پنهنجي سفر جا حال احوال ڏي.“
ڊئوڊ چيو ته، ”هتان ويس ته لاهور ۾ هفتو کن ٽڪيس، جو لنڊن کان دوست آيل هو.“
مون چيو ته، ”ڇا ڪندو آهي؟“
چيائين ته، ”بي.بي.سي. جو نمائندو آهي، پي.اين.اي. جي تحريڪ جي ڪوريج لاءِ آيو آهي.“
مون چيو ته، ”ڪهڙي خبر ڪيائين؟“
چيائين ته، ”جنرل ضيا جي حڪومت ڀٽي صاحب کي ڦاسي ڏيڻ جو ارادو رکي ٿي. مٿس وطن سان غداريءَ جو الزام مڙهي، کانئس ڪاغذن تي زوريءَ صحيحون وٺندا.“
انهيءَ زماني اهڙو ڪو چوٻول ڪونه هو. سو، مون کيس چيو ته، ”تنهنجي دوست کي ڪا پڪي خبر آهي، يا ٻڌ سڌ تي اندازو اٿس؟“
چيائين ته، ”هن جا برطانيه جي فارين آفيس سان لڳ لاڳاپا آهن.“
ٻئي ڏينهن مون وٽ ڪراچيءَ مان ڪو دوست آيو، جنهن سان مون ڀٽي صاحب بابت ڊئوڊ جي ٻڌايل ڳالهه ڪئي. هن يارَ بنا سوچ ويچار ۽ ڳڻ ڳوت جي ڪراچيءَ وڃي هڪ اعليٰ عملدار وٽ اها ڳالهه ڦهڪائي! جنهن هڪدم اسان کي سرڪاري ليٽر لکي پڇا ڳاڇا ڪئي.
اسان کيس سنئون سڌو جواب موڪليو ته هن طرح هڪ انگريز محقق اسان وٽ سنڌ تي تحقيق ڪرڻ آيو. اسان احتياط ڪري کيس شاگردن سان گڏ هاسٽل ۾ ڪونه رهايو. سندس کاڌي جو انتظام به الڳ رکيو. مقامي پوليس عملدار کي به اطلاع ڪيو، جنهن چيو ته مون کي سندس باري ۾ ڪا به غلط رپورٽ ڪانه ملي آهي. پر، جيڪڏهن ملي، ته اوهان کي ٻڌائيندس. وٽانئس ڪابه غلط خبر ڪانه آئي.“
اسان جو جواب پڙهي، سرڪاري عملدار ته مطمئن ٿي ويو ۽ ڳالهه ختم ٿي وئي. پر، مون کي ڊئوڊ سان ملڻ جو موقعو ڪونه مليو هو، جو مهينو ماسو ڪراچيءَ هليو ويندو هو. سو ساڻس ڪابه ڳالهه ڪري ڪونه سگهيس. جڏهن اهو ليٽر آيو هو، تڏهن به پاڻ ڪراچيءَ ۾ هو. اتي ٽڪندو سدائين ڄام صادق عليءَ جي بنگلي تي هو.
مان ٻئي دفعي ڪراچي ويس، ته ڪم ڪار لاهي، رات جي ماني کائي، ڊئوڊ وٽ هليو ويس. ڄام صاحب جو بنگلو هل پارڪ وٽ هو. ڊئوڊ موجود هو. چيومانس ته، ”ويجهو اوڏو ڪا چڱي جاءِ هجي، ته آئيس ڪريم هلي کائون.“
چيائين ته، ”هل پارڪ تي شيزان ريسٽارنٽ آهي.“
اتي وڃي آئيس ڪريم کاڌيسون. بل ڏئي، ٻاهر نڪتاسون، پاڻ ئي چيائين ته، ”هل پارڪ ۾ چڪر ڏيون.“
ڳالهيون ڪندي، مون کيس چيو ته، ”ڊئوڊ تون هت ڪنهن جي مالي امداد تي ريسرچ ڪرڻ آيو آهين؟“
اهو سوال ٻڌي، هُو وائڙو ٿي ويو.
مون کي ياد آهي ته هل پارڪ ۾ هلندي هلندي، هڪ هنڌ بيهي رهيو. آسمان ۾ چوڏهينءَ جو چنڊ چمڪي رهيو هو. ڊئوڊ جي مٿي جا وار سونهري ۽ ڊگها هوندا هئا. ٻنهي هٿن سان وارن کي پوئتي ڇڪي، ڪا دير آسمان ۾ چنڊ ڏانهن نهاريندو رهيو. ڪجهه دير کان پوءِ، مون ڏي نهاري ڏکويل آواز ۾ چيائين ته، ”لنڊن ۾ هڪ سوسائٽي آهي، جا تاريخي تحقيقي پروگرامن لاءِ مالي مدد ڏيندي آهي. پر، تون اهو ڇو ٿو پڇين؟“
مون کي خبر هئي ته هن جي مون سان ڪيتري سڪ آهي. سو، ڳالهه ٺاهڻ لاءِ مون کيس چيو ته، ”ملڪ ۾ مارشل لا آهي. ڄام صادق علي ملڪ مان کسڪي ويو آهي. تون پرديسي آهين. سندس بنگلي ۾ اڪيلو ٽڪيو پيو آهين. اهو تو لاءِ مناسب آهي؟“
اهو ٻڌي ڇرڪ ڀريائين ۽ چيائين ته، ”ترس، مون کي هينئر ئي هلي Y.M.C.A جي هاسٽل ۾ لاهه.“
بنگلي ۾ ويو. پنهنجو سامان ڪپڙا، ڪتاب وغيره لوهه جي پيتيءَ ۾ وجهي، ان کي گهليندو گينداڙيندو ٻاهر آيو. ڊرائيور پيتي کڻي گاڏيءَ ۾ رکي.
مون ڊئوڊ کي Y.M.C.A جي هاسٽل ۾ وڃي لاٿو. موڪلائڻ مهل چيائين ته، ”هفتي کن ۾ حيدرآباد ايندس، ڪراچيءَ اچڻ مهل اوهان جي بورچيءَ ٽفن باڪس ۾ لنچ ڏني هئي. اهي ٿانوَ به کنيو ايندس ۽ تو کان هڪ ڪتاب ورتو هئم، اهو به کنيو ايندس. ڪچهري به ڪنداسين.“
هو واعدي موجب هڪ ڏينهن کان پوءِ حيدرآباد آيو. پر، مان ميٽنگ ۾ هئس. سو، خط ڇڏي ويو، ته توکي ٻڌايو هئم، ته فلاڻي تاريخ لنڊن وڃڻو آهيان. جيڪڏهن تون اڳي ڪراچيءَ اچين، ته ضرور ملجانءِ. ٻيءَ صورت ۾ تنهنجو ڪتاب، هاسٽل ۾ Reception وٽ ڇڏي ويندس. ٿانوَ بورچيءَ کي ڏنا اٿم.“
مان جڏهن ڪراچيءَ ويس ته هاسٽل جي آفيس وارن مون کي ڪتاب ۽ ڊئوڊ جا سلام ڏنا ۽ ٻڌايائون ته هو مقرر تاريخ تي لنڊن روانو ٿي ويو.
مهينو ٻه مهينا گذريا هوندا، ته مون کي لنڊن مان سندس خط پهتو. مختصر پر محبت ڀريو. وري ٻيو خط لکيائين ۽ ميار ڏنائين ته، ”تو جواب ڪونه موڪليو.“ مهيني ٻن کان پوءِ وري ٽيون خط لکيائين. تمام وڏو. منجهس پنهنجا سڀ احوال لکيا هئائين. اهو به ٻڌايو هئائين ته، ”سٺي نوڪري ملي اٿم. شادي به ڪئي اٿم. پر، سنڌ تي تحقيقي ڪم پورو ڪري ڪونه سگهيو هئس. ان جو ارمان اٿم. تون ڪو بندوبست ڪري سگهين، ته اچي پورو ڪريان. خط جي آخر ۾ تاڪيد ڪيو هئائين ته جواب جلد ۽ ضرور موڪلجانءِ.“
مون کي ياد آهي ته اهو خط ٽن چئن صفحن تي مشتمل ۽ ٽائيپ ٿيل هو. اڳيان خط هٿ سان لکيائين.
مون سوچيو ته ملڪ ۾ مارشل لا آهي. پر، اي.ڪي. بروهي مرڪزي وزير آهي. سنڌي آهي. شايد هو انهيءَ ناتي سان سندس ڪا مدد ڪري سگهي! پر، ڪجهه ڪونه ڪري سگهيس.
سال کن گذري ويو. پر، ڊئوڊ جي ڪابه خبر چار ڪانه ملي. يونيورسٽيءَ مان هڪ خاتون رفيعه محمد علي سرڪاري اسڪالر شپ تي اعليٰ تعليم لاءِ لنڊن پئي وئي. مون کيس ڊئوڊ جي ايڊريس هٿ ڪري موڪلڻ لاءِ چيو. لنڊن جي پاڪستاني سفارتخاني ۾ هڪ دوست تي به ڪم رکيم. پر، ٻنهي مايوس ڪيو.
سال کن کان پوءِ لنڊن مان هڪ مهاجر پروفيسر حيدرآباد آيو منهنجو واقف هو. پاڻ اچي مليو. ساڻس ڊئوڊ جو ذڪر ڪيم. چيائين ته، ”منهنجو شاگرد ٿي رهيو آهي. نهايت محنتي ۽ شريف انسان آهي. صحيح معنيٰ ۾ محقق آهي. ٻڌو اٿم ته هاڻي لنڊن آرڪائيوز ۾ کيس سٺي نوڪري ملي آهي. شادي ڪئي اٿس. خوش آهي.“
مون چيو ته، ”منهنجا سلام ڏجانس.“
وقت گذري ويو. ورهين جا ورق وري ويا. مون کان ڊئوڊ وسري ويو.
هڪ ڏينهن اسلام آباد ۾ ڪتابن جي هڪ دڪان تي سبز رنگ جي جلد سان سنڌ تي انگريزي ڪتاب نظر آيم. نظر پوڻ سان ڄڻ ته دل کي ڌڌڪو آيو. ڊئوڊ جو لکيل هو.
ڪتاب پڙهيم، ته ڊئوڊ جي چهري جو ٻيو خوبصورت روپ نظر آيو. هو ايڊورڊ برائون جهڙن اعليٰ محققن جي قبيلي مان هو، جنهن ايران جي باري ۾ LITERARY HISTORY OF PERSIA جهڙو شاهڪار ڪتاب لکيو هو. ايڊورڊ برائون جو موضوع ايران هو، جتي عالمن جو قدر آهي. ڊئوڊ جو موضوع ”سنڌ“ هئي. سنڌ جي جاگيردارانه معاشري ۾ اديبن ۽ عالمن جو قدر ڪونهي. هڪ دفعي مان هڪ وڏي سنڌي وڏيري وٽ مهمان هئس. مون سان ڏاڍو گھرو گهاٽو هو. ميز تي ماني لڳي ته مون شوڪيس ۾ رکيل سندس بندوقون پئي ڏٺيون. چيائين ته، ”اچ ته ماني کائون. بندوقن ۾ تنهنجو ڪهڙو ڪم؟ تنهنجو ڪم قلم ۽ مَسُ ڪُپڙيءَ سان.“
قلم سان محبت قرآن جي تعليم آهي. پر، سنڌ جي وڏيري کي ان ۾ دلچسپي ڪانهي. البت، رڇ ڪُتي جي بَڇ تي اٿس.
ڊئوڊ ڪتاب جي منڍ ۾ پنهنجن محسنن جي لسٽ ڏني آهي، جنهن ۾ ويهارو کن نالا هئا، منجهن مسٽر الاهي بخش سومري ۽ ڄام صادق علي ۽ ٻين جا نالا به شامل آهن. پر، پاڻ پهرئين نمبر تي ڪراچيءَ جي هوٽل ”اواري ٽاورس“ جي پارسي مالڪ جو نالو رکيو اٿس ۽ ٻئي نمبر تي منهنجو نالو. مون کي رڳو اهو اعزاز ڪونه ڏنو اٿس، پر ڪتاب ۾ اندر پڻ سنڌ جي جاگيردارانه طبقي بابت پنهنجيءَ ڳالهه جي پٺڀرائيءَ ۾ منهنجي هڪ افساني مان اقتباس ڏنا اٿس.
ڊئوڊ سنڌ جي روز بروز ڪرندڙ حالتن ۽ مفلوڪ الحال ماڻهن جي مفلسيءَ ۽ مسئلن جو سبب ”سنڌ جو جاگيردارانه نظام“ قرار ڏنو آهي.
ڪتاب ۾ انگن اکرن سان وڏي معلومات ڏني اٿس. ويهين صديءَ جي سنڌ تي اهم تاريخي دستاويز تيار ڪيو اٿس. ڪتاب پڙهي پورو ڪيم، ته ڊئوڊ ڏاڍو ياد آيو. پر، ايڊريس ڪانه هئم، سو، ڪجهه ڪري ڪونه سگهيس.
هڪ ڏينهن اسلام آباد ۾ ورهين کان پوءِ وري اهو ئي ساڳيو پاڪستاني مهاجر پروفيسر لنڊن مان آيو ۽ مليو، جنهن جو ڊئوڊ شاگرد ٿي رهيو هو. چيائين ته، ”انگلستان ۾ اڄڪلهه نئون رواج پيو آهي، ته ننڍا ننڍا پروجيڪٽ ٺاهن ٿا ۽ ذهين ۽ محنتي شاگردن کي اسڪالرشپ ڏئي ڪنهن نه ڪنهن پروجيڪٽ تي ڌارين ملڪن ۾ تحقيق لاءِ موڪلن ٿا. ڊئوڊ اهڙي ڪنهن پروجيڪٽ تي آفريڪا جي ڪنهن ملڪ ۾ ريسرچ ڪرڻ ويو آهي. وڌيڪ ڪابه خبر ڪانهي ۽ نه وري سندس ايڊريس معلوم آهي.“
گهر آيس، ته ڊئوڊ کي ياد ڪري احساس ٿيم، ته کيس سنڌ تي تحقيقي ڪم ڪرڻ جو وڏو شوق هو. انگريزن سنڌ تي سؤ سال حڪومت ڪئي هئي. شايد هن ان بابت ڪي ڪتاب پڙهيا هئا، سو، سنڌ ۾ اچڻ جو سوچيائين. ولايت مان ته ڪنهن طرح مقرر مدي لاءِ مالي مدد وٺي هت پهتو. معاملي ۾ ڪوبه مونجهارو ڪونه هو. پر، منهنجي مرحوم دوست سنڌ سرڪار جي عملدار کي خواهه مخواه ڇرڪ ڏنو ته اهو انگريز ڪا وڏي آفت آهي! لارينس آف عريبيا جي قبيلي مان آهي. خبر ناهي ته ڪهڙو خُلم ڪرڻ لاءِ سنڌ ۾ آيو آهي؟ اسان سرڪار کي خاطريءَ وارو جواب موڪليو. سو انهيءَ يار جو اٿاريل افواهه ته اتي ئي ختم ٿي ويو، پر هو هت ڄام صادق عليءَ جي ٽيڪ تي هو، جيڪو ملڪ ۾ مارشل لا لڳڻ بعد کسڪي لنڊن هليو ويو هو. سو، پاڻ ئي ڪم کي مختصر ڪيائين ۽ لنڊن هليو ويو. ائين سونهاري سنڌ اعليٰ پايي جي هڪ انگريز محقق جي تحقيقي ڪم جي تڪميل کان محروم رهجي وئي.
هڪ مغربي محقق جي ڪتاب ۾ ڊئوڊ جو ذڪر ڏٺم. اهو ڪتاب ”سنڌ ورڪين“ تي لکيل آهي. لکندڙ جو نالو ڪلارڊو مارڪو وٽس آهي. ڪتاب جو سنڌي ترجمو حسين بادشاهه ڪيو آهي. روشني پبليڪيشن، ڪنڊياري، جي مالڪ ان کي سهڻي نموني ۾ ڇپائي شايع ڪيو آهي.
مون کي گهڻي عرصي کان سنڌ ورڪين تي مستند معلومات هٿ ڪرڻ جو ڏاڍو شوق هو. پر، ڪٿان به ڪانه ٿي ملي. ”سنڌ ورڪي سنڌ جا اهي ئي واپاري هئا، جن کي شاهه سائينءَ جي زماني ۾ وڻجارا ڪوٺيندا هئا. پنهنجي آفاقي ڪلام ۾ هڪ هنڌ فرمايو اٿس ته:
وڻجاري جي ماءُ، وڻجارو نه پلئين،
ته پڻ آيو هاڻ، ٿو وڃڻ جون وايون ڪري.
خيرپور يونيورسٽيءَ ۾ پروفيسر نيلوفر شيخ ”موهن جي دڙي“ جي واپار بابت تحقيق ڪئي آهي. ايامن کان سنڌ جو واپار ڏيساورن سان هلندو هو. سنڌ جا وڻجارا الائي ته ڪاٿي ڪاٿي واپار ڪرڻ ويندا هئا.
ڪلارڊو مارڪو وٽس پنهنجي ڪتاب ۾ لکيو آهي ته هو نيپلز، جبرالٽر قاهره (مصر) الجزائر، يوڪوهاما، سينگاپور، منيلا، اليگزينڊريا، چين، هانگ ڪانگ، سيرالون، پورٽ سعيد، جاوا، ڪولون، تيونس، مالٽا، پاناما، شڪارپوري سنڌورڪي تاشقند ۽ بخارا ته گهڻو ايندا ويندا هئا. ڪي ته عربي، اسپئنش، لاطيني ۽ ٻيون ٻوليون به ڄاڻندا هئا.
هندستان مان هڪ سنڌ ورڪي فيملي سائگان وئي ۽ اتان لڏي اول فرانس ۽ پوءِ وري بمبئيءَ آئي. انهيءَ فيمليءَ جي ڪا پروفيسر پونا يونيورسٽيءَ ۾ پڙهائيندي هئي. مون کي اسلام آباد ۾ اوچتو هڪ ڏينهن سندس خط اچي مليو ته، ”مس مس اوهان جي ايڊريس ملي اٿم.“ ڳالهه هيءَ آهي ته اوهان سان ڪا واقفيت ته ڪانهي. پر، عرض آهي ته ڪيئن به ڪري مون کي سنڌي پهاڪن تي ڪتاب وٺي موڪليو، جو منهنجي ماءُ پيءُ جو زور آهي ته سنڌي پهاڪن تي فرينچ ۾ پي.ايڇ.ڊي ڪريان. چون ٿا ته اوهان پڪا سنڌي (SOLID SINDHI) آهيو. (خط انگريزيءَ ۾ لکيو هئائين).
مون کيس ڪجهه ڪتاب هٿ ڪري موڪليا. ائين اسان جي غائبانه دعا سلام شروع ٿي. ڪجهه گھرا گهاٽا ٿياسين ته مون کانئس پڇيو ته، ”سنڌ ورڪي ڪير آهن؟ کين ”سنڌ ورڪي“ ڇو ٿا ڪوٺن؟“
جواب ۾ پنهنجي تصوير موڪليائين ۽ لکيائين ته، ”اجهو هي آهن. عجائب گهر ۾ رکڻ جهڙي ڪا عجيب مخلوق ڪانه آهن. مان پاڻ هڪ سنڌ ورڪي فيمليءَ جي آهيان. سائگان ۾ ڄاوس. ماءُ پيءُ اتي واپار ڪندا هئا. اتان پئرس آيا. مون فرينچ ۾ تعليم ورتي ۽ ايم.اي ڪيم. ڀائرن شاديون ڪري وڃي ڪئنري ٻيٽن ۾ دڪان کوليا. اهي ٻيٽ سڄيءَ دنيا ۾ مشهور ۽ مهانگا آهن. منهنجا ماءُ پيءُ بمبئي هليا ويا. مون کي يونيورسٽيءَ ۾ نوڪري ملي.“
اسان جي دعا سلام ڏينهون ڏينهن گھري گهاٽي ٿي ۽ خطن مان ڦري، ٽيليفون تي پهتي. پوءِ ته هوءَ پنهنجي ذاتي معاملن ۾ به مون کان مشورو وٺڻ لڳي. سندس تصوير مان ٿي لڳو، ته هوءَ نوجوان ۽ خوبصورت خاتون آهي، پر چهري مان ڏاڍي غمزده ٿي لڳي.
ڪنهن ڀيري مان سرڪاري ڪم سان ڪوئيٽا ويس. اسلام آباد ۾ سندس خط آيو هو، سو کيس ڪوئيٽا جي سرينا هوٽل مان فون ڪيم ۽ ساڻس خوش عافيت ڪري چيم ته، ”وري ٻئي دفعي.“
اهو ٻڌي ڪومائجي وئي ۽ ليلائڻ لڳي ته، ”ٻيلي اهو ته مناسب ڪونهي. مون سان ڪا گهڙي ته ڳالهه ٻولهه ڪر. اڄ سڄو ڏينهن آسمان جهڙ سان ڀريو بيٺو هو. مان ڏاڍي اداس آهيان. مون کي معلوم آهي ته تون رڻ پٽ جي هڪ ڪناري تي آهين ۽ مان ٻئي تي آهيان. تون مون کي اتان مدد لاءِ هٿ ۾ هٿ ته ڏئي ڪونه ٿو سگهين. پر، اهڙي ڪا ڳالهه ته ڪر، جو منهنجو من سرهو ٿئي.
اها خاتون به مون کي سنڌ ورڪين تي ڪو مستند ڪتاب ڏسي ڪونه سگهي. البت، ڪلارڊو مارڪو وٽس جي ڪتاب ۾ گهربل معلومات مليم. لکيو اٿس ته:
”حيدرآباد سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ هو. صوبي جو انتظامي ڪاروبار عاملن جي هٿن ۾ هو. اهي ٻن آڪهين ۾ ورهايل هئا. خدا آبادي عامل ڪلهوڙن جي گاديءَ خدا آباد مان لڏي آيا هئا ۽ ٻيا غير خدا آبادي هئا، جن جو رتبو خدا آبادين کان ٿورو گهٽ هو. شهر ۾ ڀائيبند ۽ واڻيا به هئا. واپاري بينڪار کي سنڌ ۾ ٺهيل سامان جو وڪرو ڪندا هئا. انهيءَ ۾ ننڍِڙا واپاري ترقي ڪري، مٿي اڀريا.“
ارڙهينءَ صديءَ جي پوئين اڌ ۾ پنج هزار سنڌ ورڪي سڄيءَ دنيا جي مختلف ملڪن ۾ واپار ڪندا هئا ۽ جام پئسو ڪمائيندا هئا. هڪ سؤ سال پوءِ به يعني هندستان جي ورهاڱي کان ڪي سال اڳي، سنڌ ۾ هڪ عام چوڻي هوندي هئي ته، ”جيڪي ويا جاوا، سي وڃي ٿيا ساوا.“
جاوا ۽ سوماترا ڏور- اوڀر ۾، انڊونيشيا جي پاسي مشهور ٻيٽ آهن.
سنڌ ورڪين جي آمدني يا پئسي ڪمائڻ جو ذريعو وياج هوندو هو. مختلف ملڪن ۾ جيڪي فرمون قائم ڪيون هئائون، تن مان ڪن جو ڪاروبار انهيءَ زماني ۾ لکن ڪروڙن ڊالرن ۽ پائونڊن ۾ هلندو هو.
ڪتاب ۾ ڪلارڊومارڪو وٽس، چيزمئن جو ذڪر ڪيو آهي ۽ ”وڻجارا“ جي عنوان هيٺ لکيو آهي ته:
”ڊئوڊ چيزمئن سنڌ ۾ وياج توڙي ڪاروبار تي تفصيل سان لکيو آهي. پر، پنهنجيءَ تحقيق جو دائرو اڻويهينءَ صديءَ تائين محدود رکيو آهي. چيزمئن جو دليل هي آهي ته واڻيا بنيادي طور واپاري هئا. ماڻهن کي قرض ڏئي کانئن زرعي پئداوار وياج جي عيوض وٺندا هئا. وياج جي اصل رقم (مُورَ) ۾ دلچسپي ڪونه رکندا هئا، ڇو ته کين وڌيڪ فائدو زرعي پئداوار مان هو. ٻيو ته هو ڦڏن، جهيڙن، ڇڪتاڻ ۽ عدالت کان پري رهندا هئا.“
ڪلارڊو مارڪو وٽس وڌيڪ لکيو آهي ته:
”ڊئوڊ چيزمئن جي هيءَ ڇنڊ ڇاڻ نيلا دري ڀٽاچاريا طرفان پنجاب جي صورتحال بابت ڪيل تحقيق سان ٺهڪندڙ آهي. ڊئوڊ اڻويهينءَ صديءَ جي سنڌ بابت جيڪا تحقيق ڪئي آهي، تنهن جو بنياد سرڪاري دستاويزن تي آهي، پر سندس خيال سرڪاري عملدارن کان الڳ آهن.“
مون کي ڊئوڊ چيزمئن ۽ ڪلارڊو مارڪو وٽس ٻنهي جا ڪتاب وڻيا. يورپي محققن جي خاص خوبي اها آهي ته جنهن به تحقيقي ڪم ۾ هٿ وجهندا آهن، ان کي ڪوشش ڪري، هر طرح مڪمل ڪري، ”شاهڪار“ بنائي ڇڏيندا آهن. اسان وٽ هينري پاٽنجر، پوسٽنس، ريورٽي، جيمس برنس، سورلي، لئمبرڪ، ڪئپٽن ايسٽ وڪ، ارنيسٽ ٽرمپ، رچرڊ برٽن، مڌر ايلسا قاضيءَ، ائنيمري شمل ۽ هاڻي ڊئوڊ چيزمئن قابلِ قدر اضافو ڪيو آهي.
ڪلارڊو مارڪو وٽس انهيءَ ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي، ته ڊئوڊ چيزمئن پنهنجو ڪتاب اڻويهينءَ صديءَ جي سنڌ تائين محدود رکيو آهي. ويهينءَ صديءَ ۾ پير ڪونه پاتو آهي، پر، منهنجو رايو آهي ته ان لاءِ ڊئوڊ تي ڪا به ميار ڪانهي.
ڊئوڊ جو ڪتاب سنڌ تي تحقيق جو تازه ترين شاهڪار آهي.