شخصيتون ۽ خاڪا

ماڻھو شھر ڀنڀور جا

رباني صاحب جي ھيءَ تخليق ڏيھي ۽ پرڏيھي ادبي ثقافتي، سماجي ۽ سياسي شخصيتن جي زندگي جي مختلف رُخن تي روشني وجهي ٿي. پاڻ هن ڪتاب ۾ انھن شخصيتن جي مکيہ پھلوئن جا عڪس پنھنجي لکڻيءَ وسيلي پسيا آهن. ھن ڪتاب ۾ ڪل 26 خاڪا آهن، جن ۾ سائين جي ايم سيد، پير علي محمد راشدي، پير حسام الدين راشدي، مخدوم سجاد حسين قريشي، ڊاڪٽر ائنيمري شمل، ايلسا قاضي، سوڀو گيان چنداڻي، شيخ اياز، جمال ابڙو، ڊاڪٽر جي ايم مھڪري، شيخ حفيظ، نورالدين سرڪي، تنوير عباسي، حميد سنڌي، جمال رند، استاد اظھار حسين، ارنسيٽ ٽرمپ، ڊئوڊ چيئرمين، ليڊي ڊايانا، ڀڳت ڪنور رام، حسين شاھ راشدي، پروين شاڪر، ڊاڪٽر نجم الاسلام، محمد حسن ڀٽو، اعجاز قريشي ۽ غلام علي (پريس ورڪرز يونين جو صدر) شامل آهن

Title Cover of book ماڻھو شھر ڀنڀور جا

پير علي محمد راشدي

پير علي محمد راشدي ويهينءَ صديءَ ۾ سنڌ جي هڪ منفرد ۽ مشهور شخصيت هو. سڄي عمر قلم، ڪتاب، اخبار ۽ صحافت سان گڏ گذاريائين. هڪ دفعي مون کي چيائين ته، ”ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو آهيان ته ”زندگيءَ ۾ گهڻا مَڻَ مَسُ استعمال ڪئي هوندم؟“
سڄي عمر اخبار نويسيءَ سان ڪنهن نه ڪنهن طرح دل جي تار ڳنڍيل رکيائين. هڪ دفعي مون کانئس سوال ڪيو ته، ”اوهان اخبار نويسيءَ ۾ ڪنهن کان متاثر ٿيا؟“
جواب ڏنائين ته، ”ابوالڪلام آزاد کان.“
پر، اصل دل سياست سان هئس. سياست سولو ڪم ڪونهي. راشدي صاحب جي شخصيت کي سمجهڻ به سولو ڪونهي. اياز هڪ لافاني شعر ۾ اهڙيءَ پيچيده شخصيت جي تصوير هيئن ڪڍي آهي:

مان ئي بڙڇي، مان ئي گهاءُ، مان ئي وار وجود تي
مان ئي هان پڇتاءُ، مان ئي پيار پرينءَ جو

1952ع ۾، مان ۽ تنوير عباسي حيدرآباد جي ڦليليءَ واري ڪاليج ۾ پڙهندا هئاسين. تنوير جو ڪو دوست هو، جنهن کي ”عاربي“ ڪوٺيندو هو. ڪاليج ۾ پڙهندو هو، پر غريبي حال سببان نوڪري به ڪندو هو. چوندو هو ته، ”آفيس ۾ ڪڏهن ڪڏهن واندڪائي ملندي اٿم، ته پير علي محمد راشديءَ جو پرسنل فائيل ويهي پڙهندو آهيان، جيڪو چڱي موچاري جاسوسي ناول کان وڌيڪ دلچسپ هوندو آهي.
مون کي سندس ڳالهه ٻڌي ياد آيو ٿه انگريزن جي حڪومت ۾ رچرڊ برٽن نالي هڪ اعليٰ عملدار سنڌ ۾ آيو هو. وڏي آفت هو. ڪيئي ڪارناما ڪيائين. قدرت کيس غير معمولي ذهن ڏنو هو. اهڙن عملدارن کي (BUILDERS OF THE BRITISH EMPIRE) ”برطانوي سلطنت جا معمار“ ڪوٺيندا هئا.
پير علي محمد راشدي رچرڊ برٽن جي جوڙَ جو مَلههُ هو.
مون سندس نالو انگريزن جي بادشاهيءَ ۾ ٻڌو هو. تڏهن ٻار هئس. ڪنڊياري تعلقي ۾، ڀئونرن جي سنڌي اسڪول ۾ سنڌي چوٿون درجو پڙهندو هئس. والد صاحب کي ڪتابن پڙهڻ جو شوق هوندو هو. سو، مان به اسڪول مان ايندو هئس ته سندس ڪتابن مان ڪونه ڪو کڻي پڙهندو هئس. هڪ دفعي هڪڙو ڪتاب آندائين، جنهن تي ستت، بندش پئجي وئي ڇو ته منجهس پنجاب پرڳڻي تي ٽوڪ ٽهول هئي. مثال طور، ڪتاب جي هڪ باب جو عنوان هو: ”آئي ٽانڊي ڪاڻ، بورچياڻي ٿي ويٺي“.
ڪتاب جو نالو هو: ”فرياد سنڌ.“ ۽ ان جو لکندڙ پير علي محمد راشدي هو.
سنه 1954ع ۾، حيدرآباد جي ڦليلي ڪاليج ۾ سال ٻه تعليم وٺي، مان ڪراچيءَ هليو ويس. تيسين راشدي صاحب جي شخصيت جا منهنجي ذهن تي گهڻئي پاڇا پيا هئا. اسان جي پاسي هالاڻيءَ جي شهر ۾ اسماعيل نالي تپدار هو. تنهن ڳالهه ڪئي، ته ڪنڊياري ۾ مختيارڪار جي آفيس ۾ ويٺا هئاسين، ته وڏي پڳڙ سان هڪ ڳوٺاڻو ڄٽ آيو ۽ لڳو هِـِن هُن کي منٿون ڪرڻ ته، ”مون کان مٺائيءَ جا ڏهه ويهه رپيا وٺو، پر، ڀلائي ڪري هيءُ ڪم ڪري ڏيو.“
تپيدارن ڇڙٻون ڏئي ڀڄائي ڪڍيس، ته وڃي آفيس جي ڪمپائونڊ وال تي ويٺو. پوءِ خبر پئي، ته اهو ڳوٺاڻو ڄٽ ڪونه هو، پر،سنڌ سرڪار جو روينيو وزير هو. جيڪو پنهنجي موٽر ڪار آفيس کان ٿورو پرڀرو بيهاري، لڪي، ويس مٽائي، رشوتي ڪامورن جو شڪار ڪرڻ آيو هو. وزير صاحب جو نالو هو پير علي محمد راشدي.
ڪراچيءَ ويس. ته اتي سڀ کان اول مون کي ڊئريڪٽر انڊسٽريز جي آفيس ۾ ڪلارڪي ملي ۽ پوءِ سنڌ سيڪريٽريٽ جي فنانس کاتي ۾. مون وانگر ٻيا به گهڻئي سنڌي شاگرد تڏهن ائين ڪندا هئا. ته نوڪري به ڪندا هئا ۽ پڙهندا به هئا. رهندا هئا ميٺارام هاسٽل ۾ يا وري جناح ڪورٽس ۾. مثال طور: مان ميٺارام هاسٽل ۾ رهندو هئس ته سائين سيد غوث علي شاهه جناح ڪورٽس ۾. سنڌي شاگردن جي تڏهن به سياست ۾ دلچسپي هوندي هئي. اولهه پاڪستان جي سڀني صوبن کي ختم ڪري، يڪو هڪ صوبو ”ون يونٽ “ ٺاهڻ جون رات ڏينهن ڳالهيون ٻڌڻ ۾ آهيون. سنڌ جو وڏو وزير پيرزادو عبدالستار صاحب هو. ون يونٽ جي خلاف هو. انهيءَ آفت کي منهن ڏيڻ لاءِ ٻارنهن وزير کنيا هئائين، ته گهڻا اسيمبلي ميمبر حمايتي هجن. پر، ون يونٽ جو طوفان ڏاڍو ڪو زوردار هو. ايڏي طاقتور وزارت به هڪ ڏينهن وڏي وڻ وانگر اوچتو اچي پٽ تي پئي! ٻه ماڻهو سنڌ جي سفيد ۽ سياهه جا مالڪ ٿي ويا: هڪ خانبهادر کهڙو ۽ ٻيو پير علي محمد راشدي.
کهڙو صاحب ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۾ محتاط هوندو هو. پر، راشدي صاحب جي زبان اگهاڙي ترار هئي، جنهن جا هڪ ٻه مثال ڏيان ٿو: راشدي صاحب وزارت جو قسم کڻي، ڪار تي جهنڊو هڻي، وڏيءَ ڪروفر سان پنهنجيءَ آفيس وٽ موٽر ڪار مان اچي لٿو. مٿي ۾ ميراڻي ٽوپي ۽ ڪلهن تي ٺٽي واري لونگي پيل هئس. چيلهه تي هَٿَ رکي، ٻارنهن ئي وزيرن جي خالي آفيسن ڏانهن نهاري چيائين ته: ”مار، هيءُ سڄو چڪلو کڄي ويو!“
سنڌ سرڪار جي پريس کاتي ۾، منهنجو هڪ دوست هو، نوڪري ڪندو هو. راشدي صاحب مٿس ڪم رکيو هو ته سنڌي اخبارن ۾ ون يونٽ جي باري ۾ جيڪي بيان ۽ مضمون ڇپجن، سي گڏ ڪري مون کي ڏي، ته توکي ڪو سٺو عهدو ڏيندس.
هو يارُ خوش ٿيو ۽ مواد گڏ ڪندو رهيو. تان ته چڱو عرصو گذري ويو. اوچتو هڪ ڏينهن ٻڌائين ته راشدي صاحب ته صوبائي وزارت ڇڏي، مرڪز ۾ ٿو وڃي. سو، تـڙ تڪڙ ۾ فائيل ڪڇ ۾ کڻي، سڌو سندس بنگلي تي پهتو. راشدي صاحب ان مهل پنهنجو سامان ٽرڪن ۾ رکائي رهيو هو. هن يار کيس فائيل پيش ڪيو ۽ ياد ڏياريو ته، ”اوهان سٺي عهدي ڏيڻ جو واعدو ڪيو هو.“
راشدي صاحب چيس ته، ”بابا، بروقت ڪم پورو ڪري تون ڪونه آئين، هاڻي مان ڪهڙا ڪُچا پٽيان؟“
سنه 1956ع، حيدرآباد جي هومسٽيڊ هال ۾ ريڊيو اسٽيشن جو افتتاح ٿيو. مان مهمانن جي ٽينءَ صف ۾ ويٺل هئس. پهرينءَ صف ۾ تقريب جو مکيه مهمان وڏيءَ لئه سان ويٺو هو. اطلاعات ۽ نشريات جو وفاقي وزير عزت مآب پير علي محمد راشدي.
مون کيس پهريون دفعو ڏٺو. رنگ جو ڪجهه سانورو، قد جو بندرو، عمر پنجاهه سٺ ورهين جي وچ ۾، خاڪي رنگ جي سلوار قميص ۽ خاڪي پٽڪو. ڪلهن تي اهائي ٺٽي واري لونگي. پن جي ٻيڙي پِي رهيو هو، جيڪا گهڙيءَ گهڙيءَ وسامي ٿي وئي ۽ ريڊئي پاڪستان جو هاڪارو ڊائريڪٽر جنرل، مسٽر بخاري، پنهنجي وزير باتدبير کي خوش ڪرڻ لاءِ، پٻن تي هلندو، ادب ۽ نياز سان سندس اڳيان اچي، ماچيس جي تيلي ٻاري ٿي بيٺو.
بخاري صاحب جو ريڊيو اسٽيشن تي وڏو رعب ۽ دٻدٻو هو. ڪامورا سندس ڊپ ۾ ڪَنن جي پاپڙين ۾ هَٿَ وجهندا هئا، پر راشدي صاحب جي اڳيان سندس پنهنجا هوش حواس به خطا هئا.
راشدي صاحب سان منهنجي پهرين ملاقات 1958ع ڌاري ٿي. مان آڪٽوبر 1957ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ ۾ اسسٽنٽ سيڪريٽري مقرر ٿيس. سندس ننڍو ڀاءُ پير حسام الدين راشدي عالم هو ۽ بورڊ جو ناليوارو ميمبر. منهنجي ساڻس گهري گهاٽي ٿي وئي. پير علي محمد راشدي تن ڏينهن ۾ مرڪزي حڪومت جي وزارت ڇڏي، فلپائينس ۾ پاڪستان جو سفير مقرر ٿيو هو. اوچتو ڀاڻس سائين حسام الدين شاهه کي دل جو دورو پيو. سو، ڪراچيءَ آيو ته ڀاءُ کي علاج لاءِ ولايت وٺي وڃان.
مان حسام الدين شاهه جي طبيعت معلوم ڪرڻ لاءِ سندس گهر ويس، ته راشدي صاحب لئبرريءَ ۾ ويٺو هو. ٻنهي ڀائرن جا مهانڊا ڏاڍا ملندڙ هئا. مان ڀلجي پيس، سو، حسبِ دستور ساڻس سڪ سان ڀاڪر پائي مليس. هو پڻ منجهي پيو، ته هيءُ اوپرو شخص مون کي ايڏو حُجائتو ڇو ٿو پوي!
ستت مون کي پنهنجيءَ ڀل جو احساس ٿيو. ٻه چار سال پوءِ کيس وڌيڪ ويجهو ٿيس، ته پنهنجيءَ ڀُل جو پختو يقين ٿيو. پير علي محمد راشدي پنهنجي ننڍي ڀاءُ پير حسام الدين راشديءَ کان سراسر مختلف ماڻهو هو. ڪنهن زماني ۾ پاڻ ”مشرق و مغرب“ جي عنوان سان ”جنگ“ اخبار ۾ ڪالم لکندو هو. منهنجي خيال موجب، ٻنهي ڀائرن جي مزاج ۾ به ”مشرق ۽ مغرب“ جيڏو مفاصلو هو. پنهنجيءَ راءِ جي تصديق لاءِ هڪ دفعي پنهنجي دوست رحيم بخش سومري کان سوال ڪيم، جو ٻنهي ڀائرن سان سندس تمام پراڻا دوستانه لڳ لاڳاپا هئس. چيائين ته:
”سائين حسام الدين شاهه وڏيءَ ڳڻ ڳوت وارو مڙس هو. هروڀرو ڪنهن سان ڪونه ڦٽائيندو هو. پر، راشدي صاحب ڏاڍو ڏکيو ماڻهو هو. بدلجندي دير ڪونه ڪندو هو، سوچي سمجهي کيس ويجهو وڃبو هو.“
راشدي صاحب سان منهنجي پهرين ڪچهري تڏهن ٿي، جڏهن پاڻ فلپائينس مان چين ۾ سفير ٿي ويو هو. ڪراچيءَ آيل هو ۽ سائين حسام الدين شاهه جي جمشيد روڊ واري گهر تي ٽڪيل هو. سانجهيءَ جي مهل هئي. لئبرريءَ جي اڳيان ٻاهر ٿلهي تي رکيل آرام ڪرسين مان هڪڙيءَ تي ويٺو هو. سيم سان ڀريل سنڌي جُتي، بوسڪيءَ جو پهرياڻ ۽ هرک جي سلوار پاتل هئس. پائيپ ڇڪي رهيو هو.
اها ڪچهري عمر ڀر ياد رهندي. ڪيئي قصا ٻڌايائين. رات جي ماني گڏ کارايائين ڏاڍو قرب ڏنائين. تن ڏينهن ۾ هندستان مان ”ڪونج“ نالي هڪ سنڌي رسالي جي ايڊيٽر مون کان سنڌ جي اديبن وٽان ”ڪُونج“ تي مواد وٺي موڪلڻ جي مدد گهري هئي. راشدي صاحب کي موڊ ۾ ڏسي، مون کانئس ”ڪونج“ تي مضمون گهريو. چيائين ته، ”صبح جو اچجانءِ.“ ڀانيم ته مڙئي آسرو ڏنائين. پر، ٻئي ڏينهن صبح جو وٽس ويس، ته مضمون اڳيئي تيار هو. رات جو الائي ڪيڏيءَ مهل سمهيو هو ۽ ڪيڏيءَ مهل اٿي، قلم هٿ ۾ کنيو هئائين!
پر، ڪو مضمون لکيو هئائين! جيئن ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جو ”مقدمه لطيفي“، الله بچائي سمي جو ”سَير ڪوهستان“ ۽ محمد اسماعيل عرساڻيءَ جو ”بدنصيب ٿري“، سدائين سنڌي ادب جا ’لافاني يادگار‘ رهندا، تيئن راشدي صاحب جو اهو مضمون به هر دور ۾ سنڌي نثر جو شاهڪار تسليم ڪيو ويندو. ”مهراڻ“ رسالي ۾ ڇپيل آهي.
سائين جي.ايم. سيد چوندو هو ته، ”قدرت راشدي صاحب کي دل ۽ دماغ جي وڏي ڏات ڏني هئي. هڪ مثال ڏنائين ته جناح صاحب ڪراچي آيو هو. مون کي چيائين ته، ”سيد، فلاڻي سياسي مسئلي تي بيان ٺاهي اچ ته اخبارن کي جاري ڪريان.“
تن ڏينهن ۾، سائين جي.ايم. سيد، سنڌ مسلم ليگ جو صدر هو ۽ راشدي صاحب آفيس سيڪريٽري. ڪراچيءَ ۾ سائينءَ جي بنگلي ”حيدر منزل“ ۾ رهندو هو. پاڪستان اڃا گهڻو پري هو.
سائينءَ مون کي ٻڌايو ته، ”مون جسٽس طيبجيءَ کي جناح صاحب جي بيان جو ڊرافٽ ٺاهي ڏيڻ لاءِ چيو، ڇو ته جناح صاحب انگريزي زبان جي معاملي ۾ گهڻو محتاط هوندو هو ۽ طيبجيءَ جي انگريزيءَ جي هاڪ هوندي هئي. جسٽس طيبجيءَ ڏينهن ٻن جي وڏيءَ محنت کان پوءِ ڊرافٽ تيار ڪري ڏنو. مان صبح جو سوير اٿيس، ته راشدي صاحب به ننڊ مان جاڳيو. اکيون مليندو آيو ۽ چيائين ته، ”سيد، اڄ صبح سان ٽاڪوڙا وڌا اٿئي. ايڏو سوير ڪاڏي ٿو وڃين؟“
مون ڳالهه ٻڌايس. چيائين ته اهو بيان ته ڏيکار. ايتري ۾ نوڪر سندس چانهه جو ڪوپ آڻي ڏنو. ڍُڪ ڀريائين ۽ پن جي ٻيڙي دکايائين. طيبجيءَ وارو مضمون پڙهيائين ۽ ٽائيپ رائيٽر ۾ ڪاغذ وڌائين. مان ڪجهه دير کان پوءِ بنگلي مان ٻاهر نڪتس، ته پاڻ به تڪڙو تڪڙو پٺيان آيو ته، ”مان به جناح صاحب وٽ هلندس.“
جڏهن جناح صاحب وٽ پهتاسين، ته مون طيبجيءَ جو لکيل بيان سندس اڳيان رکيو. جناح صاحب بيان هيڪر پڙهي، ٻيهر پڙهيو ته راشدي صاحب به کيسي مان پنهنجو ٽائيپ ڪيل پنو ڪڍي چيس ته، ”صاحب! مان به اوهان جي بيان جو ڊرافٽ ٺاهي آيو آهيان.“
جناح صاحب اول ته ڏانهس حيرت ۾ نهاريو. هو ايڏي حجت پسند ڪانه ڪندو هو، پر کانئس ڪاغذ وٺي پڙهيائين. ته سوچ ۾ پئجي ويو. ڪجهه دير کان پوءِ، طيبجيءَ جو ڊرافٽ مون کي موٽائي ڏنائين ۽ راشدي صاحب واري بيان تي صحيح وجهي، چيائين ته، ”شاهه صاحب! هيءُ بيان جاري ڪري ڇڏيو.“
مون مٿي سندس ڪتاب ”فرياد سنڌ“ جو ذڪر ڪيو آهي. راشدي صاحب انهيءَ ۾ هڪ هنڌ لکيو آهي ته، ”هڪ ڏينهن سنڌ پنجاب جي ڪالوني ٿي ويندي.“ سائين جي.ايم. سيد ڏي لکيل خطن ۾ پنهنجي اها ئي ڳالهه دليل دلائل سان کولي بيان ڪئي اٿس. تڏهن سندس ڳالهه تي ڪنهن به غور ڪونه ڪيو. هاڻي اها ئي ڳالهه ٿي آهي. ته پنجاب مان به جيڪا بلا نازل ٿئي ٿي مثال طور ڪارخانن جو زهريلو پاڻي، سو، پري پنڌ تان پڇندو اچي ٿو ته سنڌ ڏي واٽ ڪٿان ويندي؟ منڇر ڍنڍ ڪٿان ويجهو ٿيندي؟
انوري فارسي زبان جو شاعر هو. سندس هڪ شعر آهي ته، ”آسمان مان جيڪا بلا نازل ٿئي ٿي، اها پڇندي اچي ٿي ته انوريءَ جو گهر ڪاٿي آهي؟“
راشدي صاحب کي سياسي معاملن جو وڏو فهم ۽ ادراڪ هوندو هو. سو، جناح صاحب پنهنجي بيان جي سياسي مقصدن جي خاطري ڪري پوءِ ئي سندس لکيل بيان تي صحيح وڌي هوندي.
سائين جي.ايم. سيد ۽ راشدي صاحب وڏو زمانو نهايت گهرائپ ۽ گهاٽائپ ۾ گڏ گذاريو. انهيءَ عرصي دؤران ٻئي ڄڻا هڪٻئي سان جام- جهٽ هئا. رات ڏينهن جن سياسي سرگرمين ۾ مشغول هوندا هئا، تن جي باري ۾ هڪٻئي کي خط پٽ لکندا رهندا هئا. اهو سلسلو راشدي صاحب جي فلپائينس ۾ سفير مقرر ٿيڻ کان پوءِ به جاري رهيو.
مون مٿي عرض ڪيو آهي ته سندس زبان اگهاڙي تلوار هوندي هئي. هو، سائينءَ ڏانهن پنهنجن خطن ۾ به حرڪت بازيءَ کان ڪونه مڙندو هو.
جڏهن سائين جي.ايم.سيد پنهنجي ڳوٺ سَنَ ۾ نظربند هو، ته، هن ڳڻ ڳوت ڪري، سندس انهن پراڻن خطن جا قلمي نسخا ٺهرايا ۽ ادبي ادارن ۽ خاص خاص احبابن کي موڪليا. هڪ نسخو مون کي به عنايت ڪيائين. مون بروقت منڍ کان آخر تائين پڙهيو. انهن خطن مان اهو ئي تاثر ٿي مليو ته ان دور جو راشدي صاحب وڏو ”سنڌ دوست“ هو. گهڻن سالن کان پوءِ خطن جو اهو ئي قلمي نسخو سائين.جي.ايم. سيد، ڪتابي صورت ۾ ڇپايو. پر، ڇپيل ڪتاب ۾ قلمي نسخي جا ڪي حصا ڪونه هئا. مثل طور، ڄيٺي سپاهيملاڻيءَ جو ذڪر غائب هو. هُوءَ سنڌ اسيمبليءَ جي ميمبر هئي. اول الله بخش سومري کي ويجهي هئي. سندس شهادت کان پوءِ سائين جي.ايم.سيد سان دعا سلام ٿيس. ورهاڱي کان پوءِ هندستان لڏي وئي. سائين سندس ڳالهيون ڏاڍيءَ سڪ سان ڪندو هو.
راشدي صاحب پنهنجيءَ حرڪتي طبيعت موجب، 6 جون 1958ع تي، سائينءَ کي فلپائينس مان هڪ خط لکيو هو ته، ”ڪالهه ڪراچيءَ جي هڪ اخبار جو پراڻو پرچو اچي مليو، جنهن ۾ لکيل هو ته:
”نصيب دشمنان“ اوهان کي دل جي تڪليف ٿي پئي آهي. هاڻي سر دست، سوال آهي اوهان جي علاج جو. سو، ان باري ۾ هيٺيون صدري نسخو جيڪو سو فيصدي سوديشي ۽ سنڌي ٻوٽين جو مرڪب آهي، استعمال فرمائي ڏسندا، ته شايد فائديمند ٿئي.

هو الشافي

....... ٻوٽي جا گل، 6 ماسا، .... گاهه جا پراڻا پن 2 ماسا ..... ڇوڏن جو ٻورو ، 4 ماسا .... عرقِ گلاب 3 ماسا.

انهن کي ڪُٽي، ڇاڻي، عرق ”عشق مجاز“ سان پي ڇڏيندا، ته دردِ دل دفعي ٿي ويندو.

راشدي صاحب هانگ ڪانگ مان به سائينءَ کي خط لکندو هو. 28 فبروريءَ 1958ع تي اتان لکيل هڪڙي خط ۾ به ڇيڙخاني ڪئي اٿس. شروعات هنن جملن سان ڪئي اٿس:

ديش ڀڳت، سنڌ پوشڻ، ڀاءُ سئد، سدا ڀاشنه.

هت اوهان جي پراڻن مودين يعني شريمتيءَ ڄيٺي سپاهيملاڻيءَ جي آڪهه جا ڪارونڀار ڪٽڪ ڏسي پنهنجي اڳوڻي پوتر سڀيتا ۽ شد سنڌي ڀاشا سان محبت وارا سڙي ويل سلا وري من اندر مورجي پيا آهن. تنهن ڪري پيارا هن چٺيءَ جو مهڙ ”نمشتي“ سان ڪيان ٿو.
خط ڊگهو آهي راشدي صاحب انهيءَ جي پڇاڙي هنن لفظن سان ڪئي آهي.
”سو، ڀائو اهي آهن حال. هينئر جهاج جو ٽائيم آهي. منيلا وڃي رهيو آهيان. چٺي پوري ڪريان ٿو. رامي رام.

اوهان جو شيواڌاري
آئو، للو، ممو، ههو،
ددو، ررو، ڇڇو، ددو.

راشدي صاحب عَجَب انسان هو! ڇا بهمڻ جي ڳوٺڙي ۾ سندس ننڍپڻ جا ڏينهن، ڇا سکر ۾ سندس اخبار نويسي ۽ ڏک ڏاکڙا. هڪ هنڌ لکيو اٿس ته، ”سمهڻ لاءِ کٽ ڪانه هوندي هئي. ماني کائڻ لاءِ پئسو ڪونه هوندو هو. ساڌ ٻيلي جي مندرن مان هندن جا خيراتي ڇولا پرساد وٺي گذر ڪندا هئاسين.“ انهيءَ حال ۾، ”هفتيوار سنڌي اخبار“ جي ٻيڙيءَ ۾ سوار ٿيو. حياتيءَ جي سمنڊ ۾، ٽلڪندو ٽلڪندو، زماني جون ٿڦڙون کائيندو، وڃي ڪراچيءَ جي روزانه انگريزي اخبار ”سنڌ آبزرور“ جو ايڊيٽر ٿيو.
چون ٿا ته اسڪول ۾ انگريزيءَ جا چار درجا به ڪونه پڙهيا هئائين. البت، پنهنجي ڳوٺ بهمڻ جي ڀرسان، نصرت ريلوائي اسٽيشن جي بابوءَ کان انگريزيءَ جا ڪي سبق ورتا هئائين ۽ کانئس ٽائيپ ڪرڻ به سکيو هو. شرارتي انهيءَ عمر ۾ ئي هو. هڪ ڏينهن ريلوائي بابو گهر ويو، ته پاڻ سندس غير موجودگيءَ جو فائدو وٺي، ٽڪيٽون ٺاهيائين ۽ انهن کي استعمال ڪري، سڄي هندستان گهمي آيو.
پر، وڏو ٿيو ته، الائي ڪيئن انگريزيءَ تي ايڏو عبور حاصل ڪيائين جو ”ڊان“ جي ايڊيٽر الطاف حسين سان چوٽون کاڌائين، کيس شڪست ڏنائين ۽ سڄي ملڪ جي اخبار نويسن جي انجمن جو صدر ٿيو. ٻاهرين ملڪن ۾ صحافين جا وفد وٺي ويو. ”هندستان - پاڪستان جائنٽ پريس ڪميشن“ جو چيئرمن چونڊيو ويو. آخرڪار، حڪومتِ پاڪستان جو وزير اطلاعات ۽ نشريات وڃي ٿيو.
جڏهن انگريزي روزنامه سنڌ آبزرور(SINDH OBSERVER) جو ايڊيٽر هو، تڏهن منهنجو دوست غلام قادر لاکير وٽس سب ايڊيٽر هوندو هو. ڳالهه ڪندو هو ته شڪار جو شوقين هوندو هو. سانجهيءَ مهل، جيپ ۾ موٽندو هو. ڌڌڙ ۾ لٽيو پيو هوندو هو. آفيس ۾ ايندو هو. لمليٽ گهرائي ٻيڙي دکائيندو هو ايڊيٽوريل لکي هليو ويندو هو. ان جو پروف به ڪونه پڙهندو هو.
راشدي صاحب جو انگريزي ٻوليءَ تي ايڏو عبور، سندس غير معمولي ذهانت جي باوجود، سوچڻ وٽان آهي! اچرج جهڙي ڳالهه آهي.
چيني ماڻهو چوندا آهن ته، ”دنيا جي سڀ کان قديم ۽ وڏي ۾ وڏي درسگاهه ’تجربو‘ آهي.“ راشدي صاحب بلاشبه، وڏو تجربيڪار هو. ننڍيءَ ڄمار ۾ ”الراشد“ اخبار ڪڍيائين. پوءِ سکر ۾ خانبهادر کهڙي جي اخبار ”زميندار“ ۾ ڪم ڪيائين. ”صبح سنڌ“ اخبار ڪڍيائين. اهي سڀ اخبارون هيون ته سنڌيءَ زبان ۾، پر صحافت ۾ ته تجربو ٿيس. خانبهادر کهڙي جي سکر واريءَ اخبار ۾ آغا نظر علي ايڊيٽر سان گڏجي جيڪو عرصو ڪم ڪيائين، تنهن جو ذڪر پنهنجي ڪتاب ”اهي ڏينهن، اهي شينهن“ ۾ ڏاڍيءَ دلچسپيءَ سان ڪيو اٿس ۽ انهن ڏينهن ۾، سکر شهر ۾، هندڪي ۽ مسلمانڪي سياست جي ڇڪتاڻ جو به چٽن لفظن ۾ ذڪر ڪيو اٿس، جو، سندس ذاتي تجربي ۽ مشاهدي تي مبني آهي.
هاڻي به ننڍن ننڍن شهرن ۾، هفتيوار سنڌي اخبارن جا ايڊيٽر ڏاڍا ڏاها هوندا آهن. عام ماڻهن سان لهه وچڙ ۾ اچڻ ڪري، ماڻهوءَ جي مزاج جا ماهر ٿي ويندا آهن.
راشدي صاحب سنڌي اخبارن جي تجربي پرائڻ کان پوءِ ”Muslim Voice“ ۽ روزانه ”Sind Observor“ جو ايڊيٽر ٿيو. ٻئي انگريزي اخبارون هيون، ان ڪري ذهن ۾ سوال اٿي ٿو، ته هن بهمڻ جي ڀر مان ”نصرت ريلوائي اسٽيشن جي بابوءَ کان رڳو ڪجهه انگريزي سبق وٺڻ جي آڌار تي ايڏو عبور حاصل ڪري ورتو، جو روزانه انگريزي اخبارون ايڊٽ ڪيائين؟ ائين ته ڪونهي ته ڪنهن اسڪول ۾ به باضابطه انگريزي پڙهيو هو؟“
تازو، مون کي ان سلسلي ۾ ڪجهه ”معتبر معلومات“ ملي آهي، جنهن مان انهيءَ شڪ کي وڏي تقويت ملي ٿي، ان ڪري انهيءَ ڳالهه جو البت تفصيل سان ذڪر ڪريان ٿو.
انگريزن جي حڪومت ۾ ”ضلعو“ مکيه انتظامي يونٽ هوندو هو. ضلعي جي وڏي عملدار کي ”ڪليڪٽر“ ڪوٺيندا هئا. سو، ان ڪري جو سندس مکيه ڪم زمين جي ڍل وصول ڪرڻ هوندو هو. ڍل سان قانوني معاملا به واسطو رکن ٿا، ان ڪري ڪليڪٽر کي ”ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽ“ (D.M.) جا اختيار به حاصل هوندا هئا. نه فقط ايترو پر، کيس ضلعي ۾ ٻين سڀني کاتن جي عملدارن تي به سبقت حاصل هوندي هئي. هونئن ته تعليم کاتي جو ضلعي عملدار پنهنجا فل اختيار استعمال ڪندو هو. صحت کاتي، ٻيلي کاتي ۽ انجنيري کاتن جا ضلعي عملدار به ائين ڪندا هئا. پر، ڪليڪٽرُ، سندن کاتن ۾ به دخل ڏيڻ جو اختيار رکندو هو.
سڀ ڪليڪٽر I.C.S يعني انڊين سول سروس جا عملدار هوندا هئا. ڪي انگريز هوندا هئا، پر ڪي ڏيهي ماڻهو به هوندا هئا. البت، انهيءَ عهدي لاءِ جيڪو به ڏيهي ماڻهو رکندا هئا، تنهن جي رڳو ڊگري ڪانه ڏسندا هئا. سندس خانداني درجي ۽ حيثيت جو به خيال رکندا هئا. اڪثر ڪري، وڏن خاندانن جا ماڻهو انهيءَ عهدي لاءِ چونڊيندا هئا. انگريزُ ذاتي لياقت سان گڏ، ماڻهوءَ جو بڻ بنياد به ڏسندو هو.
ڪليڪٽرَ، پنهنجي ضلعي جا حاڪم هوندا هئا. چرندڙ پرندڙ ماڻهوءَ تي نگاهه رکندا هئا. هر ڪليڪٽر اهڙن شخصن بابت پنهنجا تاثرات قلمبند ڪندو هو، ليڪن، ٽائيپ ڪونه ڪرائيندو هو. پين سان لکندو هو، ته ٻئي ڪنهن کي به خبر نه پوي. ڪليڪٽر اهي تاثرات جنهن ڪتاب ۾ لکندا هئا، تنهن کي عام طرح Blue Book ڪوٺيندا هئا. هر ڪليڪٽر جڏهن هڪڙي ضلعي مان بدلي ٿي، ٻئي ۾ ويندو هو، تڏهن ”بِلُو بُڪُ“ هڪ خفيه دستاويز وانگر، ٻئي ڪليڪٽر کي هٿ ۾ ڏئي ويندو هو، ته کيس جن ماڻهن سان ضلعي ۾ واسطو پوندو، تن جي باري ۾ مستند معلومات مليس.
انگريزن جي وڃڻ کان پوءِ جتي ٻيو انتظام ڍلو ٿي ويو، اتي ضلعن جا گزيٽيئر ۽ ”بلُو بُڪَ“ به رلي ويا. اڳتي هلي، بلُو بُڪَ لکڻ جو رواج ئي ختم ٿي ويو. ملڪ ملير ٿي ويو.
تازو، مون کي لاڙڪاڻي ضلعي جي بلُو بُڪَ جي فوٽو اسٽئٽ ڪاپي مومن بُلي نالي دوست کان ملي آهي، جو ماهوار انگريزي رسالي ”The Reporter“ جو ايڊيٽر آهي.
”بلو بڪ“ جا پنا جو اٿلايم، ته هڪڙي صفحي جي مٿان راشدي صاحب جو نالو نظر آيو. لاڙڪاڻي ضلعي ۾ جيڪي ڪليڪٽر هڪٻئي کان پوءِ مقرر ٿيا هئا، تن مٿس پنهنجا تاثرات درج ڪيا آهن. ليڪن، مان انهن منجهان فقط هڪڙي ڪليڪٽر جو نوٽ هت ڏيان ٿو، جنهن پنهنجيءَ صحيح هيٺان تاريخ ڪانه وڌي آهي، پر، کانئس پوءِ جيڪو لاڙڪاڻي ۾ ڪليڪٽر آيو آهي، تنهن پنهنجيءَ صحيح جي هيٺان، پهرين مارچ 1931ع تاريخ وڌي آهي. راشدي صاحب تي جنهن ڪليڪٽر نوٽ لکيو آهي، تنهن جو نالو حامد علي آهي، هيئن لکيو اٿس:

Ali Muhammad Shah Rashdi of Bahman

Has passed Cambridge junior examination from Deiradun. Traveled a good deal in India, Iraq etc. Intellegent, cunning, un-scrupulous, Treacherous and unreliable, as a friend. Chief Editor of Rashdi organ “Al-Rashid”, which is a bio-monthly, written in a very ornate style.

Mr. Rashdi has many irons in the fire.

Sd:/- Hamid Ali

هن ڳالهه مان معلوم ٿئي ٿو ته راشدي صاحب ”ديران دون“ ۾ جونئر ڪئمبرج تائين تعليم ورتي هئي. هاڻي ڏسجي ته انگريزن جي ڏينهن ۾ ديرادون ڇاجي ڪري مشهور هو؟
اهو شهر نه تمام وڏو هو ۽ نه وري ننڍڙو هو. ڪلڪتي جي پاسي هو. هندستان جي نوابن ۽ راجائن جا ناراض ڪٽنبَ پنهنجي شاهي خاندان سان اختلافن ڪري لڏي ويندا هئا ۽ منجهس رهائش اختيار ڪندا هئا.
راشدي جو ڏاڏو پير شاهه وڏو داناءُ ۽ دور انديش شخص هو، سکيو ستابو هو. راشدي صاحب توڙي سائين حسام الدين شاهه هميشه سندس ڳالهيون سڪ سان ڪندا هئا. جناح صاحب کي سندس والد بزرگوار هڪ انگريز دوست جي مشوري تي ئي اعليٰ تعليم لاءِ انگلنڊ موڪليو هو. ممڪن آهي ته مرحوم پير شاهه به پنهنجي وڏي پوٽي پير علي محمد راشديءَ کي به ڪنهن انگريز ڪليڪٽر جي صلاح تي يا پاڙيسري ڀٽن زميندارن جي ڪنهن بزرگ جي مشوري تي انگريزي تعليم لاءِ ديرادون تعليم لاءِ موڪليو هجي.
جيڪڏهن راشدي صاحب ديرا دون ۾ تعليم ورتي، ته انگريزي محاوري تي سٺي دسترس حاصل ٿي هوندس، ڇو ته هڪ ته انگريزن جي حڪومت ۾ تعليم جو وڏو معيار هو. ٻيو ته راجائن ۽ نوابن جا ٻارَ، جنهن شهر ۾ (جونئر ڪئمبرج) تائين تعليم پرائيندا هوندا، انهيءَ جي اسڪولن ۾ جيڪي انگريز مرد يا زالون پڙهائينديون هونديون، سي به وڏيون ماهر هونديون، انهيءَ پسمنظر ۾ معاملي کي ڏسبو ته چئبو ته راشدي صاحب ننڍپڻ ۾، اعليٰ درجي واري ڪنهن اسڪول ۾ تعليم پرائي ۽ انگريزيءَ ۾ سندس پيڙهه پڪي ٿي.
هاڻي جڏهن صفا سڃ ٿي وئي آهي ۽ سنڌ ۾ ته تعليم جو ڪم ئي لهي ويو آهي. تڏهن به ڪانوينٽ اسڪول ۾ پڙهيل ۽ او- ليول يا – A Level پاس ڪيل شاگردَ انگريزيءَ ۾ وڏي مهارت رکن ٿا. اهڙن ٽن ڄڻن کي مان سڃاڻان. ٽئي عورتون آهن. پهرين هڪڙي پروفيسر رفيعه محمد علي، جيڪا اڄڪلهه سنڌ يونيورسٽيءَ جي پرو-وائيس چانسيلر آهي. انگريزي زبان جي وڏي ماهر آهي. ٻي مسز شيرين خان، جنهن منهنجي چوڻ تي سنڌي لوڪ ڪهاڻين جو انگريزي ترجمو ڪيو هو. سا به انگريزي زبان تي وڏو ملڪو رکي ٿي، ايتريقدر جو ڪراچيءَ ۾ آمريڪي ڪلچرل سينٽر وارا جڏهن ثقافتي پروگرام ڪرائيندا هئا، ته شيرين خان کي پروگرام هلائڻ لاءِ عرض ڪندا هئا. مسز شيرين خان جو ڪٽنب افغانستان جي شاهي خاندان مان هو ۽ ڪن اختلافن ڪري، ديرادون ويو هو. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ هجرت ڪري ڪراچيءَ آيو.
ٽين خاتون خود راشدي صاحب جي بيگم، ممتاز راشدي هئي، جا ڊاڪا ۾ ڪانوينٽ اسڪولن ۾ تعليم پرائي، انگريزيءَ جي ماهر ٿي هئي. غالباً ڪجهه عرصو پئرس جي پاڪستاني سفارتخاني ۾ پريس اتاشي به هئي. راشدي صاحب سان شاديءَ کان پوءِ ”ڊان“ ۾ ڪڏهن ڪڏهن ڪالم لکندي هئي. ڪجهه عرصو اڳ گذاري وئي. کيس انگريزي زبان تي وڏو ملڪو هو.
راشدي صاحب اول فلپائنس ۽ چين ۾ سفير ٿيو. سندس سياسي فهم ۽ ادراڪ ۾ ته ڪو شڪ ئي ڪونهي. ظاهر آهي ته ڌارين ملڪن جي سفارتخانن ۾ کيس رڳو انگريزي ڪم ايندي هوندي. ڀٽو صاحب وزير خارجه ٿيو، ته راشدي جي نوڪري سندس سٺي ڪم کان پوءِ به (وزير خارجه سان اڻبڻت ڪري) لوڏن ۾ آئي. نيٺ نوڪريءَ تان لٿو. ڪجهه عرصو هانگ ڪانگ ۾ رهيو. اتان ”جنگ“ اخبار لاءِ ”مڪتوبات مشرق بعيد“ عنوان سان ڪالم لکندو هو. جن ۾ اڪثر ڪري صدر ايوب خان جي حڪومت تي نڪته چيني ڪندو هو.
هڪ دفعي، قاضي محمد اڪبر صاحب، راشدي صاحب جي وڏي فرزند حسين شاهه ۽ مون کي شاديءَ جي دعوت تي سڏيو. دعوت پنهنجي گهر ۾ ڪيائين. ڀٽو صاحب، ايوب خان جو وزيرِ خارجه هو، سو دعوت ۾ مکيه مهمان هو ۽ اتفاق سان اسان جي اڳيان واريءَ صف ۾ اچي ويٺو. هال ۾ چاليهارو کن معزز ماڻهو هئا. ڀٽي صاحب ڪنهن مهل ڪنڌ ورائي پوئتي اسان ڏي نهاريو. حُسين شاهه تي نظر پيس ته چيائينس ته، ”تنهنجو والد اسان جي حڪومت جي خلاف مضمون لکي ٿو.“
ائين چئي، جويي صاحب ڏي نهاري چيائين ته، ”سنڌ جي تاريخ جو برطانوي دور راشدي صاحب کي لکڻ لاءِ ڏيو ۽ انهيءَ جو معاوضو غير ملڪي سڪي ۾ پنجاهه هزار ڏيوس.“
ڀٽو صاحب ٻه ٽي گلاس ته اڳيئي چاڙهي آيو هو. ٻه ٽي اسان جي اڳيان به خالي ڪيائين. اسان کي اهو حڪم ڏئي، حسين شاهه کي ميار ڏنائين ته، ”ڏس ته مان توهان لاءِ ڇا ٿو ڪريان ۽ توهان جو والد صاحب اسان جي پاڙ ڪيئن پيو پٽي؟“
راشدي صاحب اڃا چين ۾ سفير هو، ته ڪنهن سبب سان ڏينهن ٻن لاءِ ڪراچي آيو هو. سائين ميران محمد شاهه، مون سان گڏ ساڻس ڪچهري ڪرڻ هليو. ٻنهي کِل ڀوڳ پئي ڪيا، ته ڪنهن مهل، راشدي صاحب ڪڙڪو ڪري چيو ته، ”ميران محمد شاهه! هماليه جبل جي مٿان ٺڪا ٺڪيءَ لاءِ بهمڻ ۾ ڄاول ٻارڙي کي داد نٿو ڏئين!“
انهن ڏينهن ۾ چين ۽ هندستان جون هماليه جبل جي مٿان سرحدي جهڳڙي ڪري، چڪريون لڳيون هيون. راشدي صاحب جو اشارو انهن ڏانهن هو. چين جي وزيرِ خارجه سان سندس مسلسل ملاقاتون ٿينديون هيون، جن جو مقصد اهو هو ته، ”پاڪستان انهيءَ موقعي مان ڪشمير ۾ ڪهڙو فائدو وٺڻ گهري ٿو؟“
مسز ممتاز راشديءَ مون کي ٻڌايو ته راشدي صاحب اوچتو بيمار ٿي پيو هو، سو ڪڏهن ڪڏهن کيس پيغام ڏيڻ وٺڻ لاءِ چين جي وزيرِ دفاع وٽ موڪليندو هو. نڪيتا خرسچوف کي ڪشمير واريءَ ڳالهه جي کڻڪ پئجي وئي، تنهن راشدي صاحب کي دعوت موڪلي ته، ”روسي رڇن جي شڪار لاءِ ماسڪو اچو.“
مسز ممتاز راشديءَ چيو ته راشدي صاحب ايوب خان کي خرسچوف وارو اطلاع ڏنو، ته هُو ڊڄي ويو. ڳالهه ٻڌڻ شرط پير پوئتي ڪيائين ۽ چين جي وزيرِ خارجه جي ڏنل اشارن مان ڪوبه فائدو ڪونه ورتائين.
بعد ۾ راشدي صاحب جي فرزند عزيزم عادل راشديءَ به ساڳي اهڙي ڳالهه ڪئي.
راشدي صاحب جڏهن فلپائين ۾ سفير هو ته، سنڌيءَ ۾ سنڌ جي يادگيرين جو هڪ ڪتاب لکيو هئائين. سائين حسام الدين شاهه اسان کي ان جو مسودو ڇپڻ لاءِ آڻي ڏنو. ڪتاب جو نالو هو: ”اهي ڏينهن، اهي شينهن.“ چين ۾ ئي ٻيو ڪتاب لکيو هئائين: ”چين جي ڊائري“. ٽيون ڪتاب وري انگريزيءَ ۾ لکيو هئائين، جيڪو آڪسفورڊ پريس، جي ڪراچي برانچ شايع ڪيو آهي.
”چين جي ڊائري“ سنڌ يونيورسٽيءَ جي انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ ڇپائي آهي. جيڪڏهن راشدي صاحب منجهس چين ۾ ان دؤر جي سياسي حالتن جو تذڪرو ۽ تجزيو ڪري ها، ته اهو ڪتاب اڄ جيڪر وڏو ڪارائتو ٿئي ها، ڇو ته چين دنيا جو اهم سوشلسٽ ملڪ آهي، پر ڪتاب ۾ گهڻو ڪري، هتان هُتان جون هلڪڙيون ڳالهيون لکيائين، جن مان ڪي، نموني طور، هي آهن:
انقلاب کان اڳ چين جي مهاراڻي ڊوگر پنهنجيءَ چمڙيءَ کي تازو رکڻ لاءِ روزانو صبح سان، کير وارين زالن جي ٿڃ جي پيالي پيئندي هئي، جنهن ۾ موتين جو خاڪو ملايو ويندو هو. ٿڃ جي پڪي پختي بندوبست لاءِ صحتمند عورتون هر وقت محلات ۾ موجود هونديون هيون.
اڄ شام جو منهنجي سفارتخاني جو مسٽر ”هو“ آيو. ڪجهه دير تائين ناس جي دٻلين جي لسٽ ٺاهيسون. اسان اڄ تائين 126 ناس جون دٻليون گڏ ڪيون آهن.
مسٽر ”هو“ ٻڌايو ته انقلاب کان اڳ چين جو شانگهائي شهر عياشيءَ جو اڏو هوندو هو. شهر جي آدمشماري اڌ لک هئي، تن ۾ رنڊين جو تعداد پنجن هزارن کان مٿي هو.
فرانس جي بادشاهه لوئي پندرهين تي جنهن ماڻهوءَ حملو ڪيو هو، تنهن کي جڏهن قتل ٿي ڪيائون ته قتل گاهه جي چوڌاري، گهرن جي بالڪنين مان امير مردن ۽ عورتن تماشي خاطر قتل جو نظارو پئي ڏٺو.
راشدي صاحب جي شڪار واري انگريزي ڪتابَ توڙي ”چين جي ڊائري“ جو ڪوبه قدر ڪونه ٿيو. پڙهندڙن ٻنهي ڪتابن کي نظرانداز ڪيو. البت، راشدي صاحب پرديس ۾ سنڌ کي سڪ سان ساري، ”اهي ڏينهن، اهي شينهن“ نالي جيڪو ڪتاب لکيو هو، ان جو وڏو قدر ٿيو.
ڪتاب جي نالي بابت راشدي صاحب پاڻ مون کي هڪ نقل ٻڌايو ته ڪنهن زماني ۾ پير سائين روضي ڌڻيءَ جو مدن نالي هڪ هندو مريد هوندو هو، جو رات جو جهنگ ۾ عبادت ڪرڻ ويندو هو. هيڪر، خليفن پير صاحب کي عرض ڪيو ته سائين، جهنگ ۾ شينهن آهي. متان ڪنهن مهل مدن ور چڙهي وڃيس! پير صاحب مدن فقير سان احوال ڪيو، جنهن هٿ ٻڌي مرشد کي ادب سان عرض ڪيو ته:

جنهن جي رات، تنهنجو ڏينهن،
جنهن جو مدن، تنهنجو شينهن!

مون اهو بيت ڪتاب جي اندرئين ٽائيٽل تي ڇاپي ڇڏيو.
ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ جي تلڪ چاڙهيءَ واريءَ پراڻيءَ پريس ڇپيو. مون پهرين چوويهن صفحن جا پروف راشدي صاحب کي مرحوم حافظ مبارڪ علي شاهه جي گاڏي کاتي واري گهر ”موتي محل“ ۾ ڏيکاريا هئا. کيس منجهن هڪ به غلطي نظر ڪانه آئي. پروفن پڙهڻ جو ڪم مان به ڪندو هوس پر، يار محمد ابن حيات پنوهر به مٿن نظرثاني ڪندو هو. سرورق جي ڪور ڊزائين ع.ق. شيخ ٺاهي هئي.
ڪتاب شايع ٿيو ته ان جي هنڌين ماڳين تعريف ٿي! مرحوم شير محمد نظاماڻي ٽنڊي قيصر جوويٺل هو. سنڌيءَ توڙي فارسيءَ جو عالم هو. ڪتاب جي تعريف ۾ اهڙا اکر چيائين جي مان لکي نٿو سگهان.
هڪ ڏينهن بورڊ ۾ ويٺو هوس، ته ڪنهن ڪراڙي شخص ڪراچيءَ مان فون ڪئي. ٿلهي ۽ گهگهي آواز ۾ چيائين ته، ”بابا، راشدي صاحب جيڪو ڪتاب لکيو آهي: ”جيڏا ڏينهن، تيڏا شينهن“ ان جي ڪا ڪاپي ته موڪليو.“ اهو بزرگ پيپلس پارٽيءَ جي حڪومت ۾ وزير دفاع، شعبان ميراڻيءَ جي خاندان مان هو.
سنڌي ادبي بورڊ سوين ڪتاب ڇپايا آهن. پر، ڪوبه ڪتاب اهڙيءَ تيزيءَ سان ڪونه وڪاڻو، جهڙو ”اهي ڏينهن، اهي شينهن!“ اها رڪارڊ جي ڳالهه آهي.
راشدي صاحب جهڙو جهان ديدو شخص، سڄيءَ عمر جي تجربي جي باوجود شايد انهيءَ سبب ڪري، ائين سمجهي ويٺو، ته پاڻ قلم جي زور سان سنڌ جي ماڻهن جي من ۾ جادو جاڳائي ڇڏيو اٿس. سو هاڻي جيڪي به لکندو ويندو، سنڌ جا ماڻهو انهيءَ کي اکيون ٻوٽي، قبول ڪندا ويندا- اها سندس ڀل هئي.
انهن ڏينهن ۾ ون يونٽ جي خلاف مهم زورن تي هئي. نوجوان اديبن ۽ شاگردن جا ٽولا حيدرآباد جي قلعي ۾ هوشو شيديءَ جي قبر تي گل وجهڻ ويندا هئا. راشدي صاحب حيدرآباد جي هڪ اخبار ۾ ڪالم لکڻ شروع ڪيا ته، ”هوشو شيديءَ جي قبر قلعي ۾ ڪانهي. مياڻيءَ جي قبرستان واري پاسي آهي. اوڏانهن ڳولجي.“
سنڌي اديب ۽ شاگرد سندس اصل مقصد سمجهي ويا، ته هو کين ٿيڙ ڏيڻ گهري ٿو. تن اچي کيس تنقيدي مضمونن ۾ ورايو. خاص ڪري، ڊاڪٽر الانا تمام اهم مضمون لکيا. راشدي صاحب خاموش ٿي ويو.
مون راشدي صاحب تي جيڪي تنقيدي مضمون ۽ تحريرون پڙهيون آهن، تن سڀني ۾ دلچسپ تحرير ناز سنائيءَ جي هئي، جنهن ۾ ڪنهن ٿلهي متاري ماستر جو مثال ڏنو هئائين، جيڪو کڏو ٽپڻ لاءِ، ٻين سان شرط پڄائڻ واسطي پري کان ڪو وظيفو پڙهندو، ڊوڙندو ٿي آيو، پر، کڏي وٽ پهتو، ته ٽپي ڏيڻ سان امالڪَ منجهس وڃي ڪِريو!
الطاف گوهر نالي اردو زبان جي هڪ جغادري اديب پڻ ”ايوب خان“ نالي پنهنجي ڪتاب ۾ پڻ راشدي صاحب تي تنقيد ڪئي آهي. الطاف گوهر جي ڀُٽي صاحب سان سٺي دعا سلام هئي. سندس وڏو مداح هو. پر، ڀٽو صاحب پاور ۾ آيو، ته جيل ۾ وڌائينس.
الطاف گوهر لکيو آهي ته راشدي صاحب فلپائينس ۾ سفير ٿيو ته ”آمريڪي سندس دشمن هئا.“ ممڪن آهي ته ائين هجي. پر، اها ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي، ته آمريڪا جي مخالفت کان پوءِ راشدي صاحب چين ۾ پاڪستان جو سفير ڪيئن ٿيو؟
انهيءَ ڳالهه کان به اهم ڳالهه هيءَ آهي ته اسان اهڙي همت ڪڏهن ڪئي، جو آمريڪين کي ناراض ڪريون؟ پنهنجي فلپائينس جي سفير کي ترقي ڏئي، چين جو سفير مقرر ڪريون! چين تڏهن به فلپائينس کان وڌيڪ اهم ملڪ هو. هاڻي به آهي. شروع کان آمريڪا جي پوت به ڪانه اٿس.
بهرحال، راشدي صاحب اڳي پوءِ وري ”اهي ڏينهن، اهي شينهن“ ڪتاب ڏي موٽ کاڌي. ان جو ٻيو ۽ ٽيون جلد لکيائين. پر، انهي دؤران هڪ اهڙو ڪم ڪيائين، جو منهنجي ساڻس جيڪا ذاتي سڪ هئي، تنهن تي به پاڻي ڦيري ڇڏيائين. هڪ ڏينهن مان ڪراچيءَ ۾ وٽس ويس ته چيائين: ”ٻئي جلد بابت راءِ ڏي.“
مون ان جا ڪي ٿورڙا ٽڪر پڙهيا هئا، پر ڪونه وڻيا ها، جو انهن ۾ ”آمد“ نه پر ”آورد“ وارو معاملو هو. سو، مون کيس چيو ته، ”رات ڪتاب پڙهي، صبح جو اوهان کي راءِ ڏيندس.“
ٻئي ڏينهن صبح جو مون کيس چيو ته، ”خانبهادر کهڙي واري مضمون ۾ اوهان لکيو آهي ته جنرل ايوب، يورپ ۾ هو ته کيس خيال آيو ته ملڪ جي مسئلن حل ڪرڻ ۽ خاص ڪري بنگالين جي وات بند ڪرڻ جو مؤثر طريقو هيءُ آهي ته اولهه پاڪستان جا صوبا ختم ڪري، اتي به هڪ صوبو ڪجي، يعني ”ون يونٽ“ ٺاهي، اولهه ۽ اوڀر پاڪستان جي ٻن صوبن کي PARITY (برابريءَ) جي بنياد تي هلائجي.“
چيو ته، ”اوهان پڙهندڙن کي گويا اهو تاثر ڏيڻ گهرو ٿا ته ”ون يونٽ“ ٺاهڻ ۾ کهڙي صاحب يا توهان جو ڏوهه ڪونه هو، اهوته فوج جي تڏهوڪي ڪمانڊر ان چيف جو فيصلو هو. ليڪن، اوهان اها ڳالهه وساري ويٺا آهيو، ته هن وقت به ملڪ ۾ فوج جي حڪومت آهي. متان جنرل ضياء اوهان جي ڳالهه جو ڪو منفي اثر وٺي.“
راشدي صاحب منهنجي راءِ ٻڌي، حالي ته وٺجي ويو! پوءِ رازداريءَ ۾ چيائين ته: ”هاڻي هيئن ڪر، جو ڪتاب مان کهڙي وارو مضمون ڪڍي ڇڏ. مان ٻيو مواد موڪليان ٿو. اهو وجهي، وچ وارا سمورا خالي صفحا پورا ڪري ڇڏ. هاڻي کهڙي صاحب وارو مضمون ٽئين جلد ۾ وجهنداسين. تيسين جنرل ضياء جي فوجي حڪومت ئي ڪانه رهندي. بس، حيدرآباد پهچي، مواد لاءِ ماڻهو موڪل.“
مان حيدرآباد موٽي آيس. راشدي صاحب ڏي ماڻهو موڪليم. موٽي آيو، ٻڌايائين ته: ”سائين خانبهادر کهڙو ته ڏاڍو ڪو عجيب ماڻهو آهي!“
مون چيو ته، ”ڇا ٿيو؟“
چيائين ته، ”راشدي صاحب سان مليس. جنهن چيو ته: ”بابا، ڇا ڪريان! خانبهادر کهڙو ڪالهه لاڙڪاڻي مان پراڻن ڪاغذن سان ڀريل ڪاٺ جون ڪيئي پيتيون کڻائي آيو آهي، ته هي سمورا احوال منهنجي مضمون ۾ وجهه، سو لاچار آهيان. سڀ ڪاغذ پڙهي، کهڙي صاحب وارو مضمون نئين سر لکڻو پوندم. تيسين اوهان سندس مضمون هن جلد مان ڪڍي ڇڏيو ۽ انهيءَ جي جاءِ تي نئون مواد وجهو. اهو مواد مون وٽان کڻي وڃ. کهڙي صاحب وارو مضمون ڪتاب جي ٽئين جلد ۾ وجهنداسين.“
مون کيس چيو ته، ”ادا، ڪتاب جو لکندڙ راشدي صاحب آهي، جيڪا سندس مرضي. اسان ڇا ٿا ڪري سگهون؟“
اسان راشدي جو موڪليل موادُ ڪمپوز ڪرڻ شروع ڪيو. ٻيءَ ڪنهن به ڳالهه جي اُونَ ڪانه ڪئي. اسان کي ته دل ۾ ڪو به غير گمان هو ئي ڪونه. هوڏانهن، راشدي صاحب ڪو کهڙي صاحب کي سبز باغ ڏيکاريا هئا ته، خانبهادر! مون توهان تي اهڙو ته شاندار مضمون لکيو آهي، جو توهان جي دامن تان ون يونٽ جو داغ ڌوئي پوئي، تاريخ جي صفحن ۾ اوهان کي اڇو اجرو ڪري بيهاريو اٿم.
”سو، کهڙو صاحب ٻئي جلد جي اشاعت جو سخت انتظار ڪري رهيو هو. ٻيو جلد شايع ٿيو، ته سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جو چيئرمن سائين شاهه محمد شاهه (مرحوم) ڪنهن ڪم سان ڪراچيءَ ويل هو. پاڻ جڏهن سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري هوندو هو، ته کهڙو صاحب بورڊ جو صدر هو. سو، تڏهن کان وٺي، ڪڏهن ڪڏهن کهڙي صاحب سان ملندو رهندو هو. شاهه صاحب مون کي فون ڪئي ته، ”سائين، ڪالهه کهڙي صاحب سان مليس. ڪا ڳالهه ڪيائين. پنهنجن جي هنيل آهي، پر اُلڪي جي ڳالهه ڪانهي. الله ڪندو ته سڀ خير ٿيندو. مون معاملو درست ڪري ڇڏيو آهي.“
مون کي ڳالهه سمجهه ۾ ئي ڪانه آئي. ٻئي ڏينهن شاهه صاحب حيدرآباد موٽي آيو ۽ ڳالهه ڪيائين ته، ”خانبهادر کهڙي وٽ ويو هوس. ڳالهين مٿي ڳالهيون نڪتيون. بورڊ جو ذڪر نڪتو ته پڇيائين ته، ”شاهه صاحب، سنڌي ادبي بورڊ ۾ ڪو مهاجر آفيسر آيو آهي ڇا؟“
مون چيو ته: ”سائين سيڪريٽري ته غلام رباني آگرو آهي. جيڪو پڪو سنڌي (SOLID SINDHI) آهي. اوهان واري بورڊ ئي کيس مقرر ڪيو هو. ڳالهه ڪهڙي آهي؟“
خانبهادر کهڙي چيو ته، ”راشدي پنهنجي ڪتاب جي ٻئي جلد ۾ مون تي ڏاڍو ڪو شاندار مضمون لکيو هو، پر ڪالهه آيو، سو ڳالهه ڪيائين ته، خانبهادر! ”بورڊ ۾ ڪو اهڙو ڪٽر سيڪريٽري آيو آهي. جنهن جي اوهان سان اڻبڻت آهي جو اوهان وارو مضمون ڪتاب مان ڪڍي اڇلائي ڇڏيو اٿس!“ هاڻي اوهان ڪنهن وڏي ماڻهوءَ کي چئي سندس ڪَنَ مَهٽ ڪرائي ڇڏيو!“
شاهه صاحب جي واتان اها ڳالهه ٻڌي مان ته وائڙو ٿي ويس!
مون کي اڄ به ياد آهي ته منهنجو اهو ڏينهن ائين گذريو، جيئن ڪو ماڻهو پنڪين ۾ هجي. ڪا ڳالهه نه وڻي، جيئن جيئن وقت گذرندو ويو، تيئن تيئن ڏک ۾ ٻڏندو ويس. دل ۾ چيم ته، ”راشدي صاحب ۽ سندس ڀاءُ سائين حسام الدين شاهه جي زندگي ڀر خدمت ڪئي اٿم، ان ڳالهه جي کيس ذرِي پُرزِي خبر آهي. پنهنجي ڪتاب جي ٻئي جلد مان کهڙي صاحب جو مضمون پاڻ ڪڍائي، هاڻي وري الزام اسان تي هڻي رهيو آهي!
ڪيئي ڳالهيون ياد آيون.
جڏهن مان حيدرآباد جي سول لائينس جي بنگلي نمبر: 3 ۾ بورڊ جي آفيس ۾ رهندو هوس ته راشدي صاحب ڪراچيءَ کان دادوءَ ايندي ويندي ڏپهرو مون وٽ ڪندو هو ۽ ڏينهن ٺاري اڳتي ويندو هو. ڪڏهن پنهنجي فيمليءَ ۽ نوڪرن چاڪرن سان گڏ ايندو هو. ٻه ٽي ڪتا پڻ ساڻ هوندا هئس. بورڊ جون آفيسون حيدرآباد شهر مان کڄي ڄامشوري ۾ آيون،ته اتي به اها رسم ۽ ريت قائم رکيائين. مان، وس آهر سندس خدمت ڪندو هئس. هڪ دفعي مان ڪراچيءَ ويل هئس. پاڻ اوچتو آيو. منهنجي ننڍي ڀاءُ شبير فون تي اطلاع ڏنو، مون کيس هدايت ڪئي ته راشدي صاحب جي خدمت ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏجي.
شبير لنچ جو ته خاطر خواهه انتظام ڪيو، پر، موڪلائڻ مهل کيس بامبي بيڪريءَ جا درجن ڪيڪ پيش ڪيائين. اهو ڏسي راشدي صاحب چيس ته، ”بابا، تو ته ڪِيسُ ڪيو آهي. ايڏو خرچ!“
اهي ڳالهيون ياد آيون، ته هيڪاري ڏک ٿيو، بهرحال مسئلو ته به اکين اڳيان موجود هو. سوچ ويچار ڪري، رات جو خط لکيم، جيڪو منهنجو هڪ اعتماد وارو ماڻهو کڻي ڪراچيءَ روانو ٿيو. صبح جو موٽيو، احوال ڪيائين ته،”سائين حسام الدين شاهه جي جاءِ تي خط ڏنم. ڪجهه دير کان پوءِ مسز ممتاز راشدي صاحبه کي لارينس روڊ واري بنگلي تان گهرايائون. آئي ته مون کي سڃاتائين ۽ کيڪاريائين. اندر وئي دير دير سان ٻاهر نڪتي. پر، ڳڻتيءَ ۾ ورتل هئي. سو، مان ڀانيان ٿو ته سائين حسام الدين شاهه اوهان جو خط کيس ڏيکاريو هو.“
مسز ممتاز راشدي مون کي ڀائيندي هئي. هڪڙو ٿورو ته اهڙو ڪيائين، جو عمر ڀر ياد رهندو. ڪنهن زماني ۾ بُڪيءَ (KIDNEY) جي بيماريءَ ۾ مبتلا هئس. ڪراچيءَ ۾ سڏيائين ۽ منهنجو علاج وڏي توجهه سان ڪرايائين. اڳتي هلي، اهڙا ٻيا به ڀلائيءَ جا پير کنيائين. مثلاً مون کي مجيب پٽ ڄائو ته سنڌ جي دستور موجب، ٻارڙي لاءِ ڪپڙن جو وڳو وٺي، تحفي طور، اسلام آباد مان، هوائي جهاز رستي حيدرآباد موڪليائين. جڏهن مان اسلام آباد ايڪيڊميءَ ۾ مقرر ٿيس ته پاڻ اتي به ڀيرو ڀريندي هئي. منهنجي ننڍيءَ ڀيڻ سان دل هئس. گهر ۾ اچڻ سان کيس چاءِ ڪبابن جي فرمائش ڪندي هئي.
دراصل ڳالهه آهي ماڻهوءَ جي اخلاق جي! ماڻهو اخلاق جي وسيلي ئي ٻئي انسان کي پنهنجو مطيع ڪري سگهي ٿو. مون سان جيڪي پير ڀريائين، سي منهنجن ويجهن دوستن کان به ڪونه پڳا. پاڻ ڪڏهن ڪڏهن هلڪو سلڪو ڪم چوندي هئي، جو ڪري ڇڏيندو هوس. مثلاً ڪڏهن سوسيءَ جي زالاڻن وڳن، ڪڏهن ڀرت ڀريل سنڌي زالاڻن رَون، ته ڪڏهن ڪن ٻين شين لاءِ فرمائش ڪندي هئي.
سو، سمجهيم ته سائين حسام الدين شاهه کيس منهنجو خط پڙهايو هوندو ته ضرور کيس ڳڻتي ٿي هوندي.
منهنجو شڪ صحيح نڪتو. ٻئي ڏينهن ڪراچيءَ مان صبح سان سندس فون آئي: ”رباني صاحب، تون ڪراچي اچين، ته سڌو اسان وٽ اچجانءِ.“
پاڻ ڳالهائي بس ڪيائين ته راشدي صاحب جو ڪڙڪو ٻڌم: ”بابا، اهو شاهه محمد شاهه ڪير آهي؟ وتي ٿو غلط فهميون ڦهلائيندو!“
مون راشدي صاحب کي ڪوبه جواب ڏيڻ بدران خاموش رهڻ مناسب سمجهيو. البت، خانبهادر کهڙي وٽ وڃڻ جو پروگرام پڪو رٿيم.
ڪراچيءَ ويس، ته سڌو خانبهادر کهڙي وٽ هليو ويس. قرب ۽ شفقت سان مليو. شربت پياريائين. بورڊ جا حال احوال ورتائين. مون سندس مضمون جو ذڪر ڪيو، ته ڳالهه لنوائي ويو. لئمبرڪ جي ڪتابن جو ذڪر ڪڍيائين. جڏهن ساڻس ٻيهر مضمون جو ذڪر ڪيم ۽ کيس ٻڌايم ته راشدي صاحب ته هيئن چئي پاڻ اسان کان ٻئي جلد مان اوهان تي لکيل پنهنجو مضمون ڪڍايو آهي، ته مُرڪڻ لڳو.
مون کيس اهو ته ڪونه ٻڌايو ته اوهان جي ڌيءُ حميده، بورڊ ۾ منهنجي گهر اوهان جو مضمون وٺڻ آئي هئي، جو چيائين ته انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪرڻو اٿم. مون کيس چيو ته سڀاڻي پريس مان گهرائي اوهان کي موڪلي ڏيندس. هوءَ هلي وئي ته مون راشدي صاحب کي فون ڪري حميده کي مضمون ڏيڻ لاءِ موڪل گهري. کهڙو صاحب سندس دوست هو. پر، حميده کي ڪِنُو اکر ڪڍي، مون کي چيائين ته متان کيس منهنجو مضمون ڏنو اٿئي!
ڪجهه دير رکي، تمام آرام ۽ اطمينان سان مون کي چيائين ته، ”بابا، مان راشدي صاحب جون سوين اٽڪلون سڃاڻان! تون ڪابه ڳڻتي نه ڪر. رڳو هيترو ٻڌاءِ، ته ٽئين جلد ۾ مون وارو مضمون ايندو؟“
مون چيو ته: ”سائين اجازت ڏيو، ته مان اڄ ئي ٻئي جلد کي ڦاڙائي، ان ۾ اوهان وارو مضمون وجهان.“
کِلي ڏنائين. چيائين ته، ”نه، اهڙوڪم نه ڪجانءِ، بس، جڏهن ٽيون جلد ڇپجي، ته ان ۾ وجهي ڇڏجانءِ.“
مون ائين ئي ڪيو. پر، کهڙي صاحب جي قرب ۽ اخلاق مون کي ڏاڍو متاثر ڪيو. مان سندس بنگلي تان سڌو راشدي صاحب جي بنگلي تي ويس. اڪيلو ئي اڪيلو ويٺو هو.
”ڇا پيئندين؟“
”ڪجهه ڪونه“
”ماني کائيندين؟“
”نه“، مون کيس تِکائيءَ سان چيو، ”مان آيو آهيان، هاڻي ڦاهي تي چاڙهيو!“
”بابا، ڪير ڪونه ٿو ڪنهن کي ڦاهي تي چاڙهي! ٻڌاءِ ته ڇا پيئندين؟ سيون - اپ پيئندين يا چاءِ؟“
مان اٿي هليو آيس. وقت هر زخم جو علاج آهي. زمانو گذري ويو- زخم ڇٽي ويو، پر، راشدي صاحب جو ڏنل داغ هميشه لاءِ رهجي ويو.
ڪتاب جو ٽيون جلد ڇپجڻ شروع ٿيو، ته مون ان مان هٿ ڪڍي ڇڏيو. بورڊ جي پريس ۾ هڪ اشراف ماڻهو هو. راشدي صاحب سڌو سنئون ساڻس لڳ لاڳاپو رکيو. کيس آسرو ڏنو هئائين ته، ”ڪتاب سٺو ڇپيو، ته توکي سونو قلم انعام ۾ ڏيندس.“
جڏهن ڪتاب ڇپجي پورو ٿيو ته مون کي چيائين ته، ”اوهان اها چٻ ڪٿان ڳولي پريس ۾ ويهاري آهي؟“
ٽئين جلد جي پروفن ۾ هڪ دفعي ڪجهه دير پئي. الله بخش پٽيوالو راشدي صاحب وٽ ڪراچيءَ ويو ۽ کيس پروف ڏئي، وٽانئس شربت جو گلاس پي، موٽي آيو ۽ چيائين ته پروف سائينءَ کي هٿ ۾ ڏئي آيس. راشدي صاحب پروفن ۾ دير لاءِ مون کي ته ميار ڪانه ڏني! پر دل جي باهه ڪڍڻ لاءِ چٺي لکيائين ته:
”اوهان جو پٽيوالو آيو. دروازي جي ٻاهران پروف بنگلي ۾ اندر اُڇلائي هليو ويو. اوهان مولانا قاسميءَ کي سمجهايو ته پنهنجيءَ سونهاريءَ جو خير گهري، ته آئنده پروفن ۾ دير نه وجهي.“
اها چٺي شايد اڃا عزيزم الطاف آگري وٽ پئي آهي. پڙهي، مون کي ڏک ٿيو. سائين قاسمي صاحب بورڊ جو چيئرمين هو. پر، دين جو عالم به هو. رحيم بخش سومري جو قول ياد آيو ته، ”راشدي صاحب ڏکيو ماڻهو آهي. سوچي سمجهي کيس ويجهو وڃبو آهي.“
”اهي ڏينهن، اهي شينهن“ جي ٽن جلدن جي ڇپائيءَ دؤران راشدي صاحب جي سڀاءَ جا جيڪي ٻيا تجربا ٿيا، سي هاڻي وسري ويا اٿم، پر هڪڙو اڃا ياد اٿم.
پهرئين جلد ۾ پاڻ سڀ کان اول سر شاهنواز ڀٽي تي ويهن ٻاويهن صفحن جو مضمون لکيو هئائين، پر، اڳتي هلي، مرحوم ذوالفقار علي ڀٽي سان سندس اختلاف وڌي ويا، سو، مون کي ڪراچيءَ مان فون ڪيائين، ته ”ڪتاب مان سر ڀٽي وارو مضمون ڪڍي ڇڏ.“ سندس اصل اکر هي هئا: ”اهو مضمون ڇاپي، مان کيس لافاني IMMORTAL ڇو ڪيان!“
مون سندس چوڻ موجب مضمون ڪڍي ڇڏيو. ڪتاب ڇپجي ويو. چڱو وقت گذري ويو. ڀٽو صاحب پاور ۾ آيو ۽ چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر ٿيو. هڪ ڏينهن راشدي صاحب ڪراچيءَ مان صبح سان سوير فون ڪئي، ”بابا، سر ڀٽي وارو مضمون ڪاٿي؟“
”سائين، مون وٽ آهي.“
”مهرباني ڪري محفوظ رکجانءِ. ڪنهن کي ڏيکارجانءِ نه.“
انهيءَ ڏينهن، سندس ڳالهائڻ ۾ مکڻ ۽ ماکيءَ وارو ميٺاڄ هو. وچ تي الله جو ڏينهن ئي هڪڙو گذريو. ٻئي ڏينهن، ٽاڪ منجهند مهل، آفيس جي عمارت هيٺان ”پان“ ”پان“ ٿي. ماڻهو ڏاڪڻ تي چڙهي مٿي آيو ته، راشدي صاحب اوهان کي هيٺ سڏي رهيو آهي. سائيرڙي رنگ جي وڏي ڪار بيٺي هئي. راشدي صاحب اڳيان ڊرائيور جي پاسي ۾ سيٽ تي ويٺو هو ۽ سائين حسام الدين شاهه پٺينءَ سيٽ تي ويٺو هو.
”بابا، سر ڀٽي وارو مضمون؟“
”مون وٽ آهي.“
”کڻي اچ.“
مون مضمون جي فوٽو ڪاپي ڪرائڻ ۽ سانڍڻ به بداخلاقي سمجهي. مان اهي ٺڳيون ڪونه ڄاڻان پر، مضمون پڙهيو هئم. ان جو شروعاتي حصو اڃان ياد اٿم.
بهرحال، مٿي آفيس ۾ ويس. ڪٻٽ مان، مضمون ڪڍي آڻي ڏنومانس. ڪاري رنگ جي صدري پاتل هئس. مضمون وڏي احتياط سان ويڙهي، ان جي اندرئين کيسي ۾ وڌائين ته سائين حسام الدين شاهه مون کي چيو ته، ”ڪار ۾ ويهه.“
ڪار هلي، راڻي باغ جي ڀرسان حنيف صديقيءَ جي گهر وٽ بيٺي. اندر وياسين. حنيف صديقيءَ کي ڪو اڳي ئي اطلاع ڪيو هئائون. ماني ٺهرايون ويٺو هو. سندس فرزند شفيع اسان جون پولورائڊ ڪئميرا سان تصويرون ڪڍيون. راشدي صاحب ڪئميرا جي تعريف ڪئي. حنيف صديقيءَ اتي جو اتي ڪئميرا کڻي کيس نذر ڪئي.
گذريل زمانن جون ڳالهيون نڪتيون. حنيف سڪ سان ساڻس ننڍپڻ جا داستان بيان ڪندو رهيو ۽ کيس ڪڏهن ”علي محمد“ ته ڪڏهن ”علي محمد شاهه“ ڪوٺيندو رهيو. ننڍپڻ جا اهي قصا ڪندي، دل ڀرجي آيس، اکين مان ڳوڙها وهي آيس.
حنيف صديقي ٻنهي ڀائرن جو ننڍپڻ جو ساٿي هو. ساڻن پڇاڙيءَ تائين سڪ قائم رهيس. پراڻا يار ڏاڍا پيارا ٿيندا آهن. حنيف کي ڪتابن پڙهڻ جو شوق هو. سائين حسام الدين شاهه چوندو هو ته، ”اسان ٻنهي ڀائرن کي انهيءَ دڳ سان لائڻ وارو ماڻهو حنيف صديقي هو.“
حنيف صديقيءَ جي گهر مان نڪتاسين، ته راشدي صاحب چيو ته، ”رباني، جي ڪراچيءَ گڏيو هلين، ته ڪچهري ڪندا هلون.“
مون چيو: ”سائين، هلو.“
ڪراچيءَ روانا ٿياسين. رستي تي دلچسپ ڳالهيون ڪيائين. مکيه موضوع زال ذات هئي. سنڌي مسلمان ۽ هندو زالن جي نفسيات تي تبصرو ڪيائين، مسلمان زالن کي ”دوزخ جا اُلا“ ۽ هندو زالن کي ”بهشت جون حورون“ ڪوٺيائين. مثال ڏنائين ته واڻيو سڄو ڏينهن هٽ هلائي، گهر پهتو، ته جوڻس کٽ تي ويهاري، پيرن مان جوتو لاهي، نيم گرم پاڻيءَ جي بالٽيءَ ۾ پير رکندس، ته گهڻيءَ وهڪ ڪري جيڪو ٿَڪُ ٿيو هوندس، اهو لهيس. پوءِ پيرن کي انگوڇي سان اُگهي، هوريان هوريان زور ڏيندس، ته قرار اچيس. واڻيو چيلهه ڊگهي ڪندو ته پاڻ ڊوڙ پائي، گرم گرم ڦلڪا ڪڍي وٺندي ۽ اچي پيار مان چونديس ته، ”گوبند جا پيءُ ڦلڪو ته کاءُ.“ واڻيو اٿندو، ته اڳيان ٻيو انگوڇو وڇائي، هڪڙي ڪٽوري ۾ ٻوڙ ته ٻئي ۾ ڀاڄي، ته ٽئين ۾ دال اڳيان رکندس. ان سان گڏ ڪا سٺي شيءِ، مثال طور صوفن جو مربو يا انبڙين جو اچار، پاپڙ، ۽ ٿڌو پاڻي! واڻيو فرحتي گرهه وجهي کٽ تي ليٽندو، ته وري پيرن کي زور ڏيندس ته اک لڳيس.
هوڏانهن مسلمان هاري ڪاڙهي تتي ۾ ٻنيءَ ۾ هر ڪاهي، گهر موٽندو. پگهر پيو ڳڙندس گهر اندر وک وجهندو ته جوڻس کيس ڏسي انهيءَ ئي ٻار کي ٽڪڻ تي چنبو هڻندي، جنهن جو مٿو تازو پاڪيءَ سان ڪوڙيل هوندو. ڇورو ٻرڙاٽ ڪندو، ته پاڻ به واڪو ڪندي: ”مئا، دال نه کائيندين، ته پلاءُ کائيندين؟ وڃي پڻهين کي چئه.“
ويچارو مسلمان ٿڌو ساهه ڀري ويهي رهندو.
وقت گذرندي دير ڪانه ٿي لڳي. ڪجهه سالن کان پوءِ، مان سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پرو- وائيس چانسيلر مقرر ٿيس. حنيف صديقي هيءُ جهان ڇڏي ويو. هڪ ڏينهن پٽس شفيع پنهنجيءَ ڀيڻ جي ڪنهن معاملي ۾ مدد وٺڻ لاءِ آفيس ۾ ملڻ آيو. مون قرب سان چيس ته، ”راشدي صاحب اڄ ڪلهه صدرِ پاڪستان، ڀُٽي صاحب جو صلاحڪار آهي. ساڻس به صلاح ڪريون.“
چيائين ته، ”چاچا، منهنجي ڀيڻ اسلام آباد ويئي هئي. پورا پندرنهن ڏينهن سندس ئي گهر ۾ ٽڪيل هئي. پر راشدي صاحب ڪونه مليس.“
جڏهن اهو سڄو احوال ٻڌايائين، ته مان ڏک ۾ ويڙهجي ويس. حنيف صديقيءَ جي گهر ۾ دعوت جو منظر ۽ سندس سڪ ڀريا سڏڙا ياد آيا: ”علي محمد شاهه، او علي محمد شاهه!“
سنه 1976ع کان سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ملازمت دوران ڪي دلچسپ مشاهدا ٿيا. سو، مون ڊائري لکڻ شروع ڪئي. ان مان هڪ ورق هت نقل ڪريان ٿو:
ڪالهه صبح جو غلام نبي ميمڻ اڳوڻو وزير قانون، مغربي پاڪستان سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پنهنجي پٽ جي داخلا لاءِ مون سان ملڻ آيو. ان سلسلي ۾ ٻه چار دفعا اڳ پڻ آيو آهي. معاملي ۾ ڪو اٽڪاءُ آهي. هر دفعي ساڻس سٺي ڪچهري ٿيندي آهي. هن ڀيري منهنجيءَ مدد سان سندس ڪم ٿي ويو. خوش ٿيو. ڪچهري ڪندي ٻڌايائين ته ايوب خان جي دؤر ۾ جڏهن پاڻ ون يونٽ واري دور ۾ نواب ڪالا باغ جي حڪومت ۾ وزير قانون هو، تڏهن راشدي صاحب سان اهو طئه ٿيو هو، ته هو ايوب خان جي حمايت ۾ اخبارن ۾ آرٽيڪل لکندو ۽ موٽ ۾ کيس پندرنهن سؤ رپيا ماهيانو معاوضو، رهائش لاءِ گلبرگ ۾ بنگلو ۽ اچڻ وڃڻ لاءِ ڪار ملندي. هن چيو ته انهي خرچ پکي جو سڄو بار ڪراچيءَ جي سيٺ دائود تي رکيو ويو هو، جنهن جا نواب ڪالا باغ سان گهرا مراسم هئا.
غلام نبي ميمڻ صاحب ٻڌايو ته راشدي صاحب جا مضمون ڪڏهن ڪنهن جي نالي سان ته ڪڏهن ڪنهن جي نالي سان ڇپبا هئا. هڪ مضمون سندس (غلام نبيءَ ميمڻ) جي نالي ۾ به ڇپيو هو، جنهن ۾ فاطمه جناح جي مخالفت ڪيل هئي، جا صدر محمد ايوب خان سان چونڊن ۾ بيٺي هئي. ان ۾ صدر ايوب خان پنهنجي هٿ سان هي اکر وڌايا هئا ته ”محترمه فاطمه جناح کان پڇيو وڃي ته هن پاڻ قائداعظم يادگار (مقبري) جوڙائڻ لاءِ ڪل ڪيتري امداد ڏني آهي؟“
غلام نبي ميمڻ چيو ته، مضمون جي اشاعت بعد اردو پريس ۾ ان جي مخالفت ٿي، سو، صدر ايوب چيو ته، ”راشدي صاحب جا مضمون مون لاءِ چڱي ڳالهه نه آهن، انهن کي بند ڪيو وڃي.“
ميمڻ صاحب جي مٿين ڳالهه ٻڌي مون کي ياد آيو، ته تن ڏينهن ۾ مان سنڌي ادبي بورڊ جي سالياني گرانٽ جاري ڪرائڻ لاءِ لاهور ويو هوس. راشدي صاحب فلئٽيز هوٽل ۾ ٽڪيل هو. سائين حسام الدين شاهه جي چوڻ تي مان ساڻس ملڻ ويس. پاڻ ڪمري ۾ ڪونه هو. ڪو ٽائيپسٽ انگريزي مضمون ٽائيپ ڪري رهيو هو. راشدي صاحب ڪي علمي ۽ ادبي ڪتاب وٺي آيو هو. مان اهي ڏسڻ لڳس، ته ايتري ۾ پاڻ به اچي ويو. چڙ مان چيائين ته: “WHAT ARE YOU DOING HERE”
اُهي اکر ٻڌي مان هڪو ٻڪو ٿي ويس! کيس چيم ته، ”لاهور سرڪاري ڪم سان آيو هئس. واپس پئي ويس. پر، سائين حسام الدين شاهه جي چوڻ موجب، اوهان سان ملڻ هيڏي آيس.“
اهو ٻڌي، اول ته ٽائيپ ٿيل ڪاغذ ڏسندو رهيو. پر، پنهنجي چڪ محسوس ڪري، منهنجي دل پرڀائڻ لاءِ ڏاڍي قرب سان چيائين ته، ”ڪيئن ڪتاب وڻيئي؟“
مون ٿڌائيءَ سان چيو ته، ”سٺا آهن.“ ائين چئي اٿي هليو آيس. پر، ڪيترا ڏينهن ارمان رهيو، ته وٽس ويس ڇو؟
ٿورن ڏينهن بعد غلام نبي ميمڻ جي نالي ۾ ”پاڪستان ٽائيمس“ ۾ هڪ آرٽيڪل شايع ٿي، جنهن ۾ صدر ايوب خان جي حمايت ۽ فاطمه جناح جي مخالفت هئي. مون کي ميمڻ صاحب جي ڳالهه ٻڌي خيال آيو، ته لاشڪ ته اها ئي آرٽيڪل فلئٽيز هوٽل ۾ ٽائيپ ٿي رهي هئي. راشدي صاحب کي انديشو ٿيو ته متان مون ڏسي ورتي هجي!
بهرحال، اهي آرٽيڪلس پنهنجيءَ جاءِ تي رهيون. راشدي صاحب، غلام نبي ميمڻ ۽ نواب ڪالاباغ سان گڏ سازش ڪري، ايوب خان جا ڪَنَ ڀريا. نواب ڪالا باغ، ڀٽي صاحب جو سخت دشمن هو، ڀٽي صاحب جا ٻيا به جبرا دشمن هوندا. ليڪن، راشدي صاحب پڻ پنهنجون اٽڪلون هلايون. آخر، هڪ ڏينهن اهڙو به آيو، جو ايوب خان، ڀُٽي صاحب کي وزارت خارجه تان لاهي ڇڏيو.
راشدي صاحب انگريزن جي ڏينهن ۾ ته ان کان به وڌيڪ تمام خوفناڪ ڪم ڪيو هو. آخر، ماڻهو جو سندس نالو ٻڌي ڇرڪندا هئا، تنهن جا ڪي ته سبب هئا. رحيم بخش سومري جي ڳالهه ۾ واقعي وڏو وزن هو ته بدلجندي دير ڪونه ڪندو هو.
پاڻ غير معمولي ماڻهو هو ۽ کيس غير معمولي ماڻهو ئي وڻندا هئا، مثلاً سيد جمن شاهه حُقائي، حافظ مبارڪ علي شاهه (نابينا)، نانگو شاهه ۽ ٻيا. مون ٽئي ڏٺا.هر هڪ پنهنجيءَ جاءِ تي وڏي ’رپ‘ هو.
راشدي صاحب هڪ ڏينهن ڪراچيءَ مان فون ڪئي ته منهنجي دادوءَ واري فارم لاءِ نانگي شاهه کان کجين جي چڪين جي پڇا ڪري، فوراً جواب ڏي.
مان نانگي شاهه جي پڇا ڪري، ڦليليءَ جي پاسي ۾، سندس اوتاري تي پهتس. وڏيءَ عمر ۽ وڏيءَ ڏاڙهيءَ وارو هڪ شخص مليو. وڻڪار ۽ ٿڌڪار ڪاڻ وڏا وڏا وڻ رکي، جهنگل ۾ منگل ڪري ڇڏيو هئائين. پر، بندي جي من ۾ هڪڙي ته صاحب جي من ۾ ٻي. سڀ وڻ ڪلر جي ڪري، سُڪي ٺوٺ ٿي ويا. سائين نانگو شاهه سُڪا ٿُڙ ڏسي ٿڌا ساهه ڀريندو رهيو. سندس چپن تي اهو جملو هو، جيڪو فاطمه جناح جي اليڪشن ۾ هارائڻ تي، راشدي صاحب جي چپن تي آيو هو،
”ڪلــر ٻاريئي ڪانه، ڪيئي جٺِ جوئر سان.“
نانگو شاهه، راشدي صاحب جو ٻُڌي، مون سان وڏي قرب سان مليو. خوش خير عافيت ڪري، کنڊ ڀڳڙا، ريوڙيون ۽ ڌوڌ پتي چانهه آڻي اڳيان رکيائين. دلچسپ ڪچهري ڪيائين ۽ ٻڌايائين ته سڄو هندستان ۽ برما پيادل گهمي آيو آهيان، پيرن، فقيرن جون وڏيون وڏيون درگاهون ڀيٽيون اٿم.
نانگو ان ڪري ڪوٺيندا هئس، جو هميشه گوڏ ۾ هوندو هو. مٿو، پير ۽ بت اگهاڙو. هيڪر بخار ٿيس، کانئس پڇڻ ويس. چيائين ته جڏهن به بخار ٿيندو اٿم، ته وهندڙ پاڻيءَ جي ڪسيءَ ۾ وڃي ٻه چار ڪلاڪ ليٽي پوندو آهيان. چاق ٿي موٽندو آهيان.
راشدي صاحب جي وڏي تعظيم ڪندو هو. بلڪ، کيس ڪراچيءَ ۾ هزارين رپيا نقد نذر نياز به پيش ڪري ايندو هو. راشدي صاحب حيدرآباد وٽس ايندو هو، ته کيس پنهنجن هٿن سان ٻوڙ ماني پچائي کارائيندو هو.
پر، جڏهن سائين حسام الدين شاهه حيدرآباد آيو ۽ چيومانس ته، ”نانگي شاه سان ملڻ هلون؟“ ته ٺهه پهه جواب ڏنائين ته، ”مان ساڻس ڪونه ملندس. ڀانيان ٿو ته ڪو سمگلر آهي.“
راشدي صاحب هاڻي هن جهان ۾ ڪونه آهي. ماڻهو جڏهن هيءُ جهان ڇڏي وڃي ٿو، تڏهن سندس باري ۾ ڪير به ڪابه ڳالهه ڪري سگهي ٿو. سچ ۽ ڪوڙ جي تصديق ڪرڻ ڏاڍي ڏکي ڳالهه آهي. مولوي محمد صديق نالي سنڌي ادبي بورڊ ۾ منهنجو رفيق هوندو هو. ”تاريخ“ جي لفظ سان چڙ هوندي هيس. چوندو هو ته، ”ماڻهو ويٺا منهن تي ڪوڙ هڻن. توهان ان ڳالهه تي ڳنڍ ٻڌيون ويٺا آهيو ته هيترا سؤ سال ٿيا، جو فلاڻي شخص هيءَ ڳالهه لکي آهي.“
مولوي صاحب جي ڳالهه ۾ ڪيترو وزن هو، سا سوچڻ جي ڳالهه آهي. پر، سچ کي سڃاڻڻ سچ پچ ڏاڍي ڏکي ڳالهه آهي. مجاز ۽ حقيقت جون سرحدون انڊلٺ جي رنگن کان به وڌيڪ پاڻ ۾ مليل آهن. ڏاها چوندا آهن ته حقيقت جي چهري تي ستر هزار پردا نور جا ۽ ستر هزار ظلمت جا پيل آهن. هڪ هٽاءِ ته سوين سامهون اچن ٿا.
حقيقت الائي ڪيئن آهي، پر ان ۾ ڪوبه شڪ ڪونهي. ته سنڌ، پير علي محمد راشديءَ جهڙا ذهين ۽ شاطر ماڻهو ڪي ٿورڙا پيدا ڪيا. پيراڻو، پر غريباڻو ٻار هو. سنڌي ادبي بورڊ جي ڇپايل ”اهي ڏينهن اهي شينهن“ جي سنڌي ادبي بورڊ واري ڇاپي جي پهرئين جلد جي پٺئين پاسي تي ڪتي سان گڏ ڇپيل تصوير ان حقيقت جو عڪس آهي.
هو سنڌ جي هڪ ننڍي ڳوٺ ۾ انهيءَ ئي مٽيءَ ۽ پاڻي تي پليو هو، جتي اڄ به اُس ڪانو، ڪتي، اڪ، ڪنڊيءَ ۽ ڪانڊيري جو منظر عام آهي. اهو منظر ڏسي ڏسي، ماڻهوءَ جو هيانءُ ئي ماندو ٿي ويندو آهي. عام محاوري موجب، تعليم نصيب ڪانه ٿيس. جيسين ڏاڏو حيات هيس، تيسين ڳوٺ ۽ ڪوٽ جي اجهي ۽ اوٽ مزو ڏنس. پوءِ ”اپڻي گهوٽ ته نشا ٿيوي“ جي اصول تي عمل ڪيائين. ڳوٺ ڇڏي شهر جي واٽ ورتائين. سفر جي راهه پاڻ گهڙيائين.
مون اڳ ۾ به چيو آهي ته سندس زبان اگهاڙي ترار وانگر هوندي هئي. همسفرن جو جيڪو مشاهدو ماڻيائين، ان جي آڌار تي عام ماڻهن کي ٽن حصن ۾ ورهايائين: هڪڙا ”چاڪر“ ٻيا ”چوڪر“ ۽ ٽيان ”چل ڪُسته زن.“
پر، سنڌ جي صدين کان لتاڙيل ڳوٺن جي مسڪينن ماڻهن سان محبت هئس. جڏهن روينيو وزير هو، تڏهن هڪڙي ڪتابڙي ڇپائي ورهايائين، ته سنڌ ۾ هيترا لک ايڪڙ زرعي زمين آهي، جنهن تي مُٺ جيترن ماڻهن جو قبضو آهي! هوڏانهن لکين هاري آهن، جن وٽ هڪ جريب به ڪونهي. سندن گذران جو ترجمان ڀٽائيءَ جو قول آهي:
”آڻين ۽ چاڙهين، ڏٿ ڏهاڙي سومرا.“
اها چوپڙي ان ڪري ڇپائي هئائين، جو سنڌ مان جاگيرداريَ نظام جي پاڙ پٽڻ جا سانباها ڪري رهيو هو. چوپڙيءَ جي مٿان هڪ بکايل ٻڪريءَ جي تصوير هئي، جا ڪنهن وڻ مان سائو پَنُ پٽڻ لاءِ کُر کڻي بيٺي هئي. بکايل ۽ ڏکايل سنڌ جي اها لاجواب علامتي تصوير اڄ به منهنجي اکين اڳيان آهي.
راشدي صاحب، وڏيري کي سنڌي ماڻهو جووڏي ۾ وڏو دشمن سمجهندو هو. چوندو هو ته جيسين سنڌ ۾ وڏيرا آهن، تيسين مسڪين ماڻهو سک جو ساهه ڪونه کڻندا.
پنهنجي ڪتاب ”اهي ڏينهن، اهي شينهن“ ۾ وڏيرن، پيرن ۽ ميرن کي ننديو اٿس. سائين جي.ايم. سيد ڏانهن لکيل خطن ۾ به اها ئي ڳالهه ڪئي اٿس. هڪ خط ۾ کين ”مِرون“ ڪوٺيو اٿس! سائينءَ کي لکيو اٿس ته انهن مِرن لاءِ پاڻ کي پريشان نه ڪريو. ڇڏيون ته پٽڪا ٻڌيون، لاهور جي گهٽين ۾ پيا ڌڪا کائين. (اهو خط ون يونٽ ٺهڻ کان پوءِ واري زماني جو لکيل آهي)
سائين حسام الدين شاهه هڪ دفعي مون کي چيو هو ته، ”سوشلسٽ خيالن جا نوجوان اڄ جيڪي ڳالهيون ڪن ٿا اهي علي محمد شاهه مون سان ٽيهه ورهيه اڳ ڪندو هو!“
راشدي صاحب ايوانِ اقتدار ۾ پير پائڻ کان ڪئين ورهيه اڳ “STORY OF THE SUFFERINGS OF SINDH” ”سنڌ جي سورن جي ڪهاڻي“ نالي سان انگريزيءَ ۾ به هڪڙو ڪتابڙو لکيو هو، جو خانبهادر کهڙي جي نالي ۾ شايع ٿيو هو. کيس مسڪين سنڌين سان محبت هئي، انهيءَ ڪري، وڏيرن جي پاڙ پٽڻ ۽ سنڌ جي بي رحم جاگيردارنه معاشري کي بدلائڻ جو عزم ڪري اُٿيو هو. پر، کين ڪجهه ڪونه ڪري سگهيو، ڇو ته انگريزَ، ڀوتارن کي جاگيرون ۽ وڏيون زمينداريون ڏئي، سندن پير پختا ڪري ويا.
ڀٽي صاحب به سوشلزم جون ڳالهيون ته گهڻيون ڪيون، پر عملي طرح ڪجهه به ڪري ڪونه سگهيو. سندس حڪومت ۾ ته سنڌ جا وڏيرا هيڪاري زور وٺي ويا.
انگريزن کان آزادي ملي، ته هندستان ۾ جاگيرداري ۽ زمينداري ختم ٿي وئي.
تازو، B.B.C. تي سنڌ جي اتر جي پاسي بدامنيءَ بابت، انٽرويو هليو. ماڻهن کُليو کُلايو چيو ته، ”اسان جي پاسي خون خرابي ۽ ڦرلٽ جا مکيه ڪارڻ ٻه آهن: هڪ سردارُ ۽ ٻيو پوليس عملدارُ.“
هندستان ۾ زميندار ختم ٿيا، ته جمهوريت زور وٺي وئي، پاڪستان ۾ ائين ڪونه ٿيو ته وڏيرو وڏو قَدُ ڪري ويو ۽ جمهوريت ختم ٿي وئي.
آمريڪا جي هڪ اهم اخبار به اعتراف ڪيو آهي ته، ”پاڪستان ۾ ٽي چار طاقتور ڌريون آهن، جن ۾ هڪ وڏا وڏيرا، سردار ۽ خان آهن.“
سو راشدي صاحب، سنڌ جي عام ماڻهوءَ سان محبت ۽ وڏيري سان نفرت هوندي به ڪجهه ڪري ڪونه سگهيو ته مٿس ميار ڪانهي.
راشدي صاحب جي ذاتي زندگي سنڌي ڪلچر جي قالب ۾ پلٽيل هئي. پڪي راڳ (CLASSICAL MUSIC) جو عاشق هو. جڏهن وفاقي وزير اطلاعات ۽ نشريات هو، ته گوَيَن جي سرپرستي ڪندو هو. منيلا ۾ سفير هوندو هو ته، ٻه سنڌي ڪافيون ڳائي، رڪارڊ ڪرائي، سائين حسام الدين شاهه کي ڪراچيءَ موڪليون هئائين. مون ٻڌيون. سندس آواز ۾ ڏاڍو سوز هو. هڪڙي ڪافي جا هي اکر ياد اٿم:

سمجهه سياڻا، سوڍل يار سياڻا،
او سوڍل يار سياڻا!

تازو ڪراچيءَ ۾ راشدي صاحب جي ننڍي فرزند عادل شاهه راشديءَ سان گڏ پنهنجي مشترڪه دوست جلال لانگاهه وٽ ٻيون سندس ڪافيون به ٻڌم. پاڻ جڏهن مينلا ۾ سفير هو، ته بي.بي.سي. کي سنڌي راڳ تي ڪو اڌ ڪلاڪ جو انٽرويو ڏنو هئائين. ڪافيءَ جو پسمنظر ٻڌايو هئائين، ته هيئن ڪيٽيءَ ۾ چوڌاري ساوڪ هئي. پاڻيءَ جي ڇنڀ جي ڀرسان چادرون وڇائي ويٺا هئاسون. چوڌاري لوا هئا، جن واڱڻائي رنگ جو ٻور جهليو هو. نظارو ڏاڍو سهڻو هو. ڏاڏي جي هڪ دوست اسان جي دعوت ڪئي هئي ۽ مانيءَ کان پوءِ هيءَ ڪافي سنڌي سازن تي ٻڌائي هئي. ان کان پوءِ اها ڪافي پاڻ ڳائي هئائين.
لنڊن ۾ انگلستان جي راڻيءَ سان ملاقات مقرر ٿيس. اعليٰ درجي جي انگريزي لباس هوندي به هوائي جهاز رستي، سنڌ مان پراڻي طرز جي زريءَ سان ڀريل ميراڻي ٽوپي گهرايائين، جا ملاقات مهل بڪنگهام پئليس ۾ پائي ويو. هُو ذاتي زندگيءَ ۾ تاڃي پيٽي سنڌي هو.
قدرت سندس ساهُه سنڌ جي ڌرتيءَ سان سنهيءَ سئيءَ سان سبي ڇڏيو هو. سيم سان ڀريل جتيون، ميراڻيون ٽوپيون، ململ جا پٽڪا ۽ ٺٽي جون لونگيون شؤق سان پائيندو هو. ڪـِريون - اي (CRAVEN-A) سگريٽ بدران پن جون ٻيڙيون ڇڪيندو هو. انگريزي طرز تي ڪانٽن ۽ ڇرين بدران، سنڌي نموني، هٿن سان ماني کائيندو هو.
متيرن جو آچار، سرنهن جو ساڳ، ڪڪڙ جو پلاءُ، تتر جو ٻوڙ ۽ پڪل تلور کي بهشت جون نعمتون ڀائيندو هو. شراب ڪباب کي سڄي عمر ويجهو ڪونه ويو، نه وري رنڊين جو راڳ ٻڌائين، پر سنڌ سان ايڏي عشق هوندي به ”ون يونٽ“ جهڙي ڪُڌي ڪم ۾ هٿ وڌائين، ته پنهنجو دامن هميشه لاءِ داغدار ڪري ڇڏيائين. اهو داغ سڄي عمر ڌوئي ڪونه سگهيو. اهو ئي سبب آهي، جو پاڻ به پوءِ کهڙي صاحب وانگر سنڌ جي سياست ۾ وري اُپڙي ڪونه سگهيو.
سائين جي.ايم. سيد ڏانهن پنهنجي خطن ۾ ون يونٽ ٺاهڻ لاءِ جيڪو دليل ڏنو اٿس، اهو تمام ڪمزور آهي. حفيظ قريشيءَ صحيح چيو هو ته، ”رڳو فردَ مظلوم ڪونه ٿيندا آهن، قومون به مظلوم ٿينديون آهن. راشدي صاحب جون وڏيرن تي باهيون هيون. پر، ون يونٽ ٺاهي، هن رڳو وڏيرن کي لاهور جا ڌڪا ڪونه کارايا. سڄيءَ سنڌي قوم کي مظلوم ڪري ڇڏيو!“
سائين جي.ايم سيد مون سان ڳالهه ڪئي ته پيرزادي صاحب، خانصاحب ڪيهر، راشدي صاحب ۽ قاضي محمد اڪبر کي پنهنجيءَ وزارت مان ڪنهن سياسي سبب ڪري ڪڍي ڇڏيو. راشدي صاحب جي ”انا“ مجروح ٿي هن انهيءَ بيعزتيءَ جو انتقام وٺڻ لاءِ سٽون سٽڻ شروع ڪيون. موقعي جو انتظار ڪندو رهيو. جڏهن کڻڪ پيس ته ڪي پنجابي سياستدان بنگالين کي منهن ڏيڻ لاءِ ملڪ ۾ ٻنهي پاسي ٻه صوبا ٺاهي، سڄو قصو برابريءَ (PARITY) جي بنياد تي هلائڻ گهرن ٿا ته راشدي صاحب وڃي ساڻن شامل ٿيو.
سنڌ صوبي کي اولهه پاڪستان جي يڪي صوبي ۾ مدغم ڪرڻ لاءِ پنجابين کي ٻيو مؤثر مددگار خانبهادر کهڙو نظر آيو، هن ڪراچيءَ کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ جي مخالفت ڪئي هئي. لياقت عليءَ وارن چونڊيل سنڌي وزير اعليٰ هوندي به کيس ڊسمس ڪيو ۽ ڪراچيءَ کي سنڌ کان ڌار ڪيو. کهڙي صاحب سنڌ لاءِ ايڏي قرباني ڏني. پر، سنڌي وڏيرن ان جو قدر ڪونه ڪيو. وڏيرو هميشه سرڪار پرست ٿيندو آهي. کهڙو صاحب دلي طرح مجروح ٿيو ويٺو هو. موقعي جي انتظار ۾ هو. جڏهن پنجابي سياستدانن خاطري ڏنس ته اسان سنڌين کي ون يونٽ ۾ سڀ حق ڏينداسين تڏهن هو ون يونٽ ٺاهڻ لاءِ آماده ٿي ويو. ائين ون يونٽ جي معمارن کي پنهنجي مرضي جا گهربل ماڻهو ملي ويا ۽ کهڙي صاحب ۽ راشدي صاحب کي به پنهنجن وڏيرن کان انتقام وٺڻ جو موقعو ملي ويو. سنڌ ۾ پيرزادي صاحب جي وزارت ختم ٿي وئي. راشدي صاحب، خانبهادر کهڙي سان گڏ پاور ۾ آيو.
سائين جي.ايم. سيد انهيءَ ڳالهه تي تبصرو ڪندي چيو ته، ”کهڙي کي ون يونٽ جو گناهه بخشي سگهجي ٿو، ليڪن راشديءَ کي نه.“
ون يونٽ جي مخالفت ڪري، سائين جي.ايم.سيد سالن جا سال نظربند هو. جڏهن ون يونٽ ٽُٽو، ته لئه ۾ آيو. سنڌ جي نوجوانن ئي ورهين جا ورهيه محنتون ڪري، کيس سنڌ جو هيرو ڪيو هو. وڏيرا ۽ سيد سڳورا ته ڪڏهو ڪو ڇڏي ويا هئس. پر، حيرت آهي ته جڏهن راشدي صاحب پاسو ڏنس، ته نوجوان اديب، شاعر ۽ شاگرد اڳواڻ وسري ويس. بلڪه، ون يونٽ ٺاهڻ ۾ راشدي صاحب جو ڏوهه به وسري ويس. جيئن راشدي صاحب چيس، تيئن ڪيائين.
سائينءَ کي ائين آسانيءَ سان نوجوانن کان ڦيرائي وڃڻ واقعي راشدي صاحب جو ڪمال هو!
راشدي صاحب جي ”انا“ ۽ ”ارڏائيءَ“ جا ڪيئي داستان ٻڌا اٿم. ڪي خود کانئس، ڪي سائين جي. ايم. سيد کان، ڪي سائين حسام الدين شاهه کان، ڪي حاجي مولابخش سومري کان، ڪي رحيم بخش سومري کان ۽ ڪي سندس فرزند حُسين شاهه کان. پر، انهن ۾ هڪڙو به ڪتاب ۾ لکڻ جهڙو ڪونهي! ڏاڍا ڏکوئيندڙ آهن. راشدي صاحب وڏي آفت هو. صحيح معنيٰ ۾ ”ٻرندڙ جبل“ (Volcano) هو.
راشدي صاحب آسمان مان ”من وسلويٰ“ جي نازل ٿيڻ جي اُميد ڪانه رکندو هو. چوندو هو ته ”جَوَ پوکبا ته ڪڻڪ ڪانه لڻبي.“ پاڻ پنهنجيءَ پتيءَ جو ڪم وڏي محنت سان سرانجام ڏيئي، نتيجي لاءِ قسمت جي فيصلي جو انتظار ڪندو هو. هميشه چوندو هو ته، ”ڳوٽ ڀڄندي آهي عقل سان.“
سندس ڪتاب ”اهي ڏينهن، اهي شينهن“ ۾، شاهڪار آهي. ڪتاب جي منڍ ۾ وڏيرڪي زندگيءَ جي جيڪا تصوير ڪڍي اٿس، انهيءَ تي، ٽي.وي. لاءِ شاندار فلم ٺهي سگهي ٿي. پر ايڏي صلاحيت هوندي به، هن سائين جي.ايم.سيد وانگر ڪوبه ادبي ادارو يا ’ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز‘ جهڙو ادارو قائم ڪونه ڪيو، توڙي جو پڪي راڳ جو شوقين به هو. سنڌ سندس پايي جو صحافي نه اڳي پيدا ڪيو هو ۽ نه وري کانئس پوءِ ڪيو آهي، پر پاڻ سنڌي زبان ۾ ڪا روزاني اخبار به جاري ڪري ڪونه سگهيو. ورندو سنڌ جي اڪيليءَ قومي اخبار ”الوحيد“ کي به ”ون يونٽ“ ٺاهڻ لاءِ بند ڪيائين، جا ان جي مخالفت ڪري رهي هئي. ”اهي ڏينهن اُهي شينهن“ ڪتاب ۾، قيصر خان بوزدار جي قصي ۾ ”اخلاقي قدرن ۽ قدرتي انصاف“ جي موضوع تي دلچسپ گفتگو ڪئي اٿس. ان ۾ سندس پنهنجي سڀاءَ جو اولڙو به نظر اچي ٿو.
شيڪسپيئر جي نقادن جو هڪ دلپسند موضوع اهو آهي ته انگريزي زبان جو هي هاڪارو شاعر قدرتي انصاف جو قائل هو يا نه؟
راشدي صاحب پڻ ساڳيو سوال اٿاريو آهي ۽ پنهنجو مشاهدو ٻڌايو آهي ته: ”ظاهر ته اهو ئي نظر اچي ٿو ته چور ڇٽو وڃي ٿو ۽ ڀاڳيو ٻڌو وڃي ٿو.“
سنڌي زبان ۾ ورلي ڪي ”اهلِ قلم“ هوندا، جن جي نگاهه راشدي وانگر انساني سوچ جي بنيادي مرڪزن تائين پهتي هوندي. زندگيءَ جا بنيادي مسئلا ڇيڙيندو ته هو، پر اونهو ڪونه ويندو هو. سرسري طور سماپت ڪري ڇڏيندو هو.
راشدي صاحب دنياداريءَ جي معاملن کي ”آئيڊيلسٽ“ (IDEALIST) انداز سان ڏسڻ، بدران ”پريڪٽيڪل“ (PRACTICAL) نقطه نگاهه کان پرکيندو هو. منهنجو خيال آهي ته:
”تتيءَ ٿڌيءَ ڪاهڻ“ بدران، ”ڇن جو ڇانورڙو پسند ڪندو هو.“
هيڪر ڪراچيءَ مان مون کي پيغام موڪليائين ته، ”مانيءَ جو بندوبست ڪر، هوٽل ۾ ڏينهن ٺاري، دادوءَ هليا وينداسين.“ مون ڳوري ماني ڪرائي. آيو ته کائي ڍؤ ڪري، سمهي پيو. گرميءَ جي مند هئي. وري شام جو ملياسين، ته دادوءَ وڃڻ جو ارادو بدلايائين ۽ مون کان پڇيائين ته، ”ڪاڏي گهمڻ هلون؟“
مون سوچي چيو ته، ”علامه قاضي صاحب وٽ هلون.“ فورا جواب ڏنائين ته، ”انهيءَ وٽ پنهنجو وقت ڪير وڃائيندو؟“
پر، جڏهن علامه صاحب وفات ڪئي، ته مٿس ”جنگ“ اخبار ۾ جيڪو مضمون لکيائين، اهو جويي صاحب سنڌيءَ ۾ ”عبرت“ اخبار ۾ ترجمو ڪري ڇپايو ۽ نوٽ هنيو ته، ”هن مضمون مون کي بار بار روئاريو.“
مائٽن سندس نالو علي محمد رکيو هو. پاڻ پنهنجي اولاد جا جيڪي نالا رکيائين، سي سندس مذهبي لاڙي ۽ حُسنِ ذوق جا آئينه دار آهن، مثلاً حَسن، حُسين، حُسنا، محسن، عادل، عنادل ۽ ٻيا.
راشدي صاحب اخلاقي قدرن جي شڪست کي مڃڻ ۽ آئيڊيلسٽ نه هجڻ جي باوجود روحانيت جو قائل هو. مون کيس ڪڏهن به نماز يا تسبيح پڙهندي ته ڪونه ڏٺو، پر هڪ دفعي جڏهن ساڻس روحانيت بابت بحث ڪيم، ته پڇيائين: ”تون ايٽم بم جي قوت کي مڃين ٿو؟“
مون چيو ”هائو.“
پاڻ چيائين ته، ”چڱو، مان توکي ايٽم بم جو نسخو آڻي ڏيان ۽ مسالو به موجود ڪري ڏيان، ته ايٽم بم ٺاهي سگهندين؟“
”نه“ مون کيس صاف جواب ڏنو.
چيائين ته، ”روحانيت جو مثال به ائين آهي. اها ڳالهه تنهنجي ۽ منهنجي سمجهه کان مٿي آهي، پر حقيقت آهي.“
ٻئي دفعي مون سندس گهر ۾ کانئس نماز پڙهڻ لاءِ مصلو گهريو. نماز پڙهي بس ڪيم، ته مون کي چيائين ته: ”توکي هڪ وظيفو ڏسيان، اهو پڙهي ڇڏيندو ڪر.“ قرآن ڪريم جا ڪي الفاظ هئا.
قرآن ته سڄو ئي نور آهي، پر مان نماز جو قائل آهيان، سو سندس صلاح تي عمل ڪونه ڪيم. پر، ائين سمجهيم ته پاڻ شايد پنهنجي ليکي اهو وظيفو پڙهندو آهي.
ليڪن، انهن خيالن ۽ عقيدن جي باوجود، تاريخي واقعن جو نتيجو ڪڍڻ ۾ بيباڪ هوندو هو. هڪ دفعي مولانا قاسميءَ ۽ مون سان ڪچهري ڪندي، چين جي سوشلسٽ اڳواڻن جي وفات کان پوءِ سندس ڏاڍي تعريف ڪيائين.
مون ساڻس اختلاف ڪندي چيو ته، ”مائوءَ جي گهر واريءَ جو ڪهڙو حشر ڪيائون؟“
اهو ٻڌي، ٺهه ٺهه چيائين ته، ”تو وارا پاڻ ۾ ڪونه وڙهيا هئا؟“
هڪ دفعي سندس ڀاءُ سائين حسام الدين شاهه مون کي چيو ته، ”علي محمد شاهه جهڙن ماڻهن جي سوچ ڌرتيءَ ۾ زلزلا آڻيندي آهي“.
ٻئي دفعي، سندس گهرواريءَ، مسز ممتاز راشديءَ مون کي چيو ته:

MY HUSBAND IS A COLD-BLOODED POLITICIAN

راشدي صاحب هڪ دفعي پاڻ مون کي چيو ته، ”سنڌ جا ماڻهو ان ڏينهن کان ڊڄن، جڏهن دشمن، منجهن ڦوٽ وجهڻ لاءِ، ٻروچ ۽ سماٽ جو سوال اٿاريندو.“
ٻئي دفعي مون کي صلاح ڏنائين ته، ”ماڻهن تي سوچي ڀروسو ڪجانءِ، غلام فريد چيو آهي ته:
”بيوفا ڀــِرا ڪنون، ڪُتا يار ڪريجي.“
اهي ڳالهيون ورلي ڪندو هو. گهٽ ڳالهائيندو هو. سدائين سوچيندو رهندو هو. پائيپ ڇڪيندو رهندو هو.
هڪ دفعي ٻڌايائين ته جڏهن اطلاعات جي وفاقي وزارت ڇڏي هئم، تڏهن استعفيٰ لکي، ڪاري صاحب وٽ کڻي ويو هوس. جڏهن ساڻس مليس، ته پنو پادر مان ڪڍي، سندس سامهون ميز تي رکيم.
پاڻ موج ۾ هوندو هو ته سندس ڪچهري ڏاڍو مزو ڏيندي هئي. هڪ دفعي مان ۽ محترم اسدالله شاهه حسيني، سرڪاري ڪم سان اسلام آباد هئاسين. پاڻ به اتي هو. اسان کي رات جي مانيءَ جي دعوت ڏنائين. ماني کائڻ کان پوءِ ڪچهري شروع ٿي. الائي ڪهڙو ريچڪ آيس، سو اچي ٿو غريب اسدالله سان چرچا گُهٻا شروع ڪري. جيترو مون کي قرب ڏنائين، اوترو ئي اسدالله شاهه کي پٽايائين. پر، سندس چرچو گهٻو نهايت شگفته ۽ شائسته هو.
ڀٽي صاحب جي حڪومت ۾ جڏهن پاڻ اسلام آباد ۾ مشير هو، تڏهن ڪنهن شخص مون سان ڳالهه ڪئي ته، ”راشدي صاحب دلي طرح خوش ڪونه آهي.“
ستت، منهنجو سرڪاري ڪم سان اسلام آباد وڃڻ ٿيو. سندس ئي گهر ۾ رات جو ماني کاڌيسون. اڪيلا ٿياسون ته ڪنڌ ورائي، مون ڏي نهاري، غمگين لهجي ۾ چيائن ته: ”رباني، جلاوطنيءَ جا هي ڏينهن به گذري ويندا.“
اسلام آباد ۾ مولانا ڪوثر نيازي منهنجي پاڙي ۾ رهندو هو. گهرو گهاٽو ٿي ويو. اطلاعات جووزير هو. راشدي صاحب سندس ئي وزارت ۾ ڀٽي صاحب جي مشير جي منصب تي هو. هڪ دفعي مون ۾ ڪم پيس. مون سندس ڪم بروقت ڪيو، چاءِ گهرائي ۽ کانئس راشدي صاحب بابت راءِ ورتي. چيائين ته:
”راشدي صاحب جيڏين اعليٰ صلاحيتن جو مالڪ هو، ايڏيون سازگار حالتون کيس ڪونه مليون.“
صوبي سرحد جي هاڪاري اڳواڻ، خان عبدالغفار خان جي وڏي پٽ غني خان پنهنجي ڳوٺ ”ناڙي“ ۾ منهنجي دعوت ڪئي. شاندار ماني کارايائين ۽ اڌ رات تائين اهڙي ئي يادگار ڪچهري ڪيائين. ڪنهن ڳالهه تي گفتگو ڪندي چيائين ته:
”ويهينءَ صديءَ جي سنڌ چار غير معمولي ذهين شخص پيدا ڪيا: هڪ لله بخش سومرو، ٻيو جي.ايم. سيد، ٽيون پير علي محمد راشدي ۽ چوٿون ذوالفقار علي ڀٽو.“
ملتان جو مخدوم، سجاد حسين قريشي صاحب پنجاب جو گورنر هو. مون سان محبت هئس. هڪ دفعي مان وٽس گورنر هائوس لاهور ۾ ٽڪيل هئس. راشدي صاحب جي ڳالهه نڪتي، مخدوم صاحب چيو ته:
”پير علي محمد راشدي، نيپولين بوناپارٽ جي ليول جو ماڻهو هو. پر، سندس پُٺ مضبوط ڪانه هئي. ننڍي صوبي جو ماڻهو ٿي پيو.“
مون ساڻس زندگيءَ جو جيڪو عرصو گذاريو، ان ۾ اهو مشاهدو ڪيم ته راشدي صاحب زمين تي وک سوچي سمجهي وجهندو هو. ڪنهن به معاملي تي جيڪا راءِ ڏيندو هو، سا، پڪي پختي هوندي هئي. اهڙي ئي پڪي پختي جهڙا رُڪ مان ٺهيل ريلوائي پٽا. جنهن ڳالهه ۾ پڪو ارادو ڪري، هٿ وجهندو هو، ان کي توڙ تي پهچائيندو هو.
هڪ دفعي منهنجي اڳيان ڪنهن شخص فون تي چيس: ”دمادم مست قلندر“، اهو ڀٽي صاحب جو مشهور نعرو هوندو هو.
راشدي صاحب ٿڏي تي جواب ڏنس: ”پٽيس پاڙ، قلندر.“
ڀٽي صاحب کيس سفارت تان لهرايو هو. راشدي صاحب، نواب ڪالا باغ سان ملي، ڀٽي صاحب لاءِ کڏون کوٽيون. نيٺ کيس وزارتِ خارجه تان لهرايو. ساڻس سنئون سڌو پلئه ڪيائين. پر، ايڏي دشمنيءَ کان پوءِ به جڏهن ڀٽو صاحب پاور ۾ آيو ۽ ملڪ جو صدر ٿيو، ته راشدي صاحب کي پنهنجو مشير مقرر ڪيائين ۽ نهايت نازڪ معاملن ۾ ساڻس صلاح ڪندو هو، جن مان ڪن جي مون کي به خبر آهي.
مون کيس پويون دفعو تڏهن ڏٺو، جڏهن اسپتال مان غالباً اڌ رنگي جي بيماريءَ مان صحتياب ٿي نڪتو هو. مان سندس وڏي پٽ، حُسين شاهه سان ملڻ ويو هئس. جو منهنجو دوست هو. راشدي صاحب به پنهنجو گهر ڇڏي، وٽس ئي ٽڪيل هو. ”علي رضا هائوس“ بنگلي جو نالو هو. آڳر جو هڪ حصو ڇٻر هئي ۽ ٻئي تي سيمنٽ جو پلاستر هو.
سياري جي مند هئي. راشدي صاحب تڙڪي تي، ڪرسي وجهي ويٺو هو. مون کي ڏسي، ڪنڌ مٿي کنيائين. سڃاتائين ۽ کيڪاري، هيڻي آواز ۾ چيائين ته، ”ويهه.“
پاسي ۾ ٻه ٽي خالي ڪرسيون پيون هيون، مان هڪڙيءَ کي ڇڪي ويٺس. بيماريءَ ڪري، ڳري، بت ۾ هلڪو بلڪ ضعيف ٿي ويو هو. پوين ڏينهن ۾، پراڻن دوستن مان فقط علي قطب شاهه سندس سٺو ساٿ ڏنو هو. پر، انهيءَ مهل ته ساڻس ڳالهائڻ ٻولهائڻ لاءِ ڪو به وٽس نظر ڪونه آيو. اڪيلو ئي اڪيلو اداس ويٺو هو. مون کي اهي ڏينهن ياد آيا جڏهن ڇا ته سندس رعب تاب هوندو هو. هڪ ڀيري ساڻس ڪا ڳالهه نڪتي هئي، ته چيائين: ”ڪم ڪيئن نه ڪندو؟“
مون چيو ته، ”سائين افسوس آهي ته اوهان وٽ پاور ڪونهي.“
اهو ٻڌي، چيائين ته، ”پر، ماڻهن ۾ ڏَرُ ته آهي؟“
اها ڳالهه سورنهن آنا صحيح هئي. ماڻهن ۾ سندس ڏاڍو ڏر هوندو هو. پر، هاڻي ته اهو وقت به وهندڙ پاڻيءَ وانگر وهي ويو هو. هونئن به وهندڙ پاڻيءَ ۽ لهندڙ پاڇن تي ڪهڙو ڀروسو؟
انهيءَ ڏينهن مون کيس سراسر اداس ۽ مايوس ڏٺو. سمورو وقت هڪ اڪيلي انسان وانگر، سيمنٽ جي سخت ۽ بي مهر ڪاري فرش ڏانهن تڪي رهيو هو.
زندگي جڏهن نامهربان ٿئي ٿي، تڏهن ماڻهوءَ کي ان جو عَڪس سيمنٽ جي سُڪل پلاستر ۾ به آئيني وانگر چٽو نظر اچي ٿو.
مون کي سندس مرجهايل چهرو ڏسي، ”اهي ڏينهن، اهي شينهن“ ڪتاب جي پيش لفظ ۾ سندس اکر ياد آيا ته، ”منهنجي حياتي ائين پئي گذري آهي، جيئن واچوڙي جي وچ ۾ ڪک. نه واچوڙو ڇڏيس، نه ڪک قرار وٺي.“ ان کان پوءِ ڀٽائيءَ جي هڪ سٽ ڏني اٿس. سڄو شعر هيئن آهي:

هلايو ته هلي هلان، بيهاريو ته بَس،
واڳ ڌڻي تنهنجي وس، آءٌ ڪا پاڻ وهيڻي؟

مان چڱيءَ چڱيءَ دير تائين وٽس ويٺو رهيس. هو پنهنجن خيالن ۾ گم هو. الائي ته ڪاٿي هو؟ سو، مانِ آهستي آهستي اٿيس، ته متان سندس خيال ۾ خلل پوي. پٻن تي هلندو هلندو گيٽ مان ٻاهر نڪتس.
صبح جي مهل هئي. چوڌاري چپ چاپ هئي. رات جو رستي تي وڻن جا سڪل پن ڪريا هئا، جن جي مٿان هلڻ ڪري، منجهانئن عجب آواز ٿي نڪتو. اوري پري ڪير به ڪونه هو. سامهون واري بنگلي جي اڳيان هڪڙو سو، پنجابي چوڪيدار حُقو ڇڪي رهيو هو ۽ سلطان باهوءَ جي مشهور ڪافي ڏاڍي ڏک ۾ ڳائي رهيو هو:

تـاڙي مار، اڏار، نـه باهـو، اسان آپ اڏڻ هاري هون.
اسان آپ اڏڻ هاري هون.
اسان آپ اڏڻ هاري هون.