شخصيتون ۽ خاڪا

ماڻھو شھر ڀنڀور جا

رباني صاحب جي ھيءَ تخليق ڏيھي ۽ پرڏيھي ادبي ثقافتي، سماجي ۽ سياسي شخصيتن جي زندگي جي مختلف رُخن تي روشني وجهي ٿي. پاڻ هن ڪتاب ۾ انھن شخصيتن جي مکيہ پھلوئن جا عڪس پنھنجي لکڻيءَ وسيلي پسيا آهن. ھن ڪتاب ۾ ڪل 26 خاڪا آهن، جن ۾ سائين جي ايم سيد، پير علي محمد راشدي، پير حسام الدين راشدي، مخدوم سجاد حسين قريشي، ڊاڪٽر ائنيمري شمل، ايلسا قاضي، سوڀو گيان چنداڻي، شيخ اياز، جمال ابڙو، ڊاڪٽر جي ايم مھڪري، شيخ حفيظ، نورالدين سرڪي، تنوير عباسي، حميد سنڌي، جمال رند، استاد اظھار حسين، ارنسيٽ ٽرمپ، ڊئوڊ چيئرمين، ليڊي ڊايانا، ڀڳت ڪنور رام، حسين شاھ راشدي، پروين شاڪر، ڊاڪٽر نجم الاسلام، محمد حسن ڀٽو، اعجاز قريشي ۽ غلام علي (پريس ورڪرز يونين جو صدر) شامل آهن

Title Cover of book ماڻھو شھر ڀنڀور جا

سائين جِي. ايم. سيد

سائين جي ايم. سيد عيسويءَ ويهينءَ صديءَ جي وڏن اڳواڻن ۾ به وڏو نالو آهي. سنڌ سندس سڃاڻپ هئي، جنهن سان محبت کيس وڏڙن کان ورثي ۾ ملي هئي. سيد حيدر شاهه سنائي سندس وڏو ڏاڏو هو، جو سمن جي بادشاهيءَ ۾ هاڪاري درويش ۽ قومپرست اڳواڻ، مخدوم بلال جو خليفو هو.
چون ٿا ته سمن جي بادشاهيءَ جو زمانو 1351ع کان1520ع تائين آهي. ڄام نظام الدين سمون مڙني ۾ نامور بادشاهه هو. کيس ڄام نندو به ڪوٺيندا هئا. لڳ ڀڳ پنجاهه ورهيه حڪومت ڪيائين. ’ڄام‘ سمن بادشاهن جو لقب هو. ائين به چون ٿا ته سنڌ ۾ مسلمانن جي حڪومت جي سموري زماني ۾، اڄ ڏينهن تائين، اهڙو عادل ۽ بهادر بادشاهه وري ڪونه ٿيو.
نامور تاريخ نويس پير حسام الدين راشدي چوندو هو ته ڄام نظام الدين سمون صبح سان گهوڙن جي طنبيلي ۾ ويندو هو. سندن پٺيءَ تي هٿڙا گهمائي، چوندو هو ته، ”ڀٽارا، الله اهو ڏينهن نه آڻي، جو مان ڪنهن تي ظلم ڪرڻ لاءِ اوهان تي سواري ڪريان.“
ڄام نظام الدين سمي کي هاڻي ”سنڌ جي قومي سورمن“ ۾، (National Heroes) سرفهرست ڳڻيو وڃي ٿو. دولهه دريا خان سندس وزير هو. مخدوم بلال سندس ويجهڙو مٽ مائٽ هو ۽ وڏو درويش هو. سندس بزرگيءَ جون تاريخي روايتون ۽ داستان مشهور آهن.
سائين جي.ايم. سيد، سمن ۽ سومرن جي بادشاهيءَ کي ”سنڌ جي تاريخ جو سونهري دور“ ڪوٺيندو هو.
پير حسام الدين راشدي وري چوندو هو ته سمن ۽ سومرن جي بادشاهي ختم ٿي ۽ سنڌ تي ڌارين حاڪمن يعني ارغونن جو قبضو ٿيو، ته ”خرابيءَ جو دور“ شروع ٿيو.
ارغونن جو سنڌ تي قبضو تڏهن ٿيو، جڏهن ڄام نظام الدين سمي هي جهان ڇڏيو. هنن پهريون پهريون غير انساني ڪم اهو ڪيو جو مخدوم بلاول تي ڪوڙيون تهمتون مڙهي، کيس گهاڻي ۾ پيڙائي مارايو.
سائين جي. ايم. سيد جو وڏو ڏاڏو سيد حيدر شاهه سنائي ارغونن جي انهيءَ قهري ڪارنامي کان واقف هو. پر، پنهنجي مرشد مخدوم بلاول وانگر سنڌ سان سچو رهيو. ان کي ڌارين جي غلبي کان بچائڻ لاءِ، محمد جونپوريءَ جي ٻيڙين تي سن وٽ حملو ڪرايائين ۽ کيس سنڌ مان نڪرڻ تي مجبور ڪيائين. هو پاڻ کي ”امام مهدي“ ڪوٺائيندو هو.
ماڻهوءَ جي ذهني سانچي ٺاهڻ ۾ ٻه ڳالهيون اهم آهن: هڪ خاندان جو نسلي ۽ نفسياتي اثر، ٻيو آسپاس جو ماحول. سائينءَ جي.ايم. سيد جي ذهن تي به ننڍپڻ ۾ ئي انهن ڳالهين جو اثر پيو. سن جو شهرُ درياهه جي ڪپ تي آهي ۽ شهر جي اولهه طرف ويهارو ميل پري، کير ٿر جبَل آهي، جيڪو عمر ۾، هماليه جبل کان به جهونو آهي. سائين وڏو ٿيو، ته سندس مزاج ۾ پهاڙ جي سختي ۽ پاڻيءَ واري نرمي ٻئي نظر آيون.
هڪ ٻه مثال ڏيان ٿو: ”ون يونٽ“ واري زماني ۾، حيدرآباد جي نواب مظفر کي، غير سنڌين ۽ سائينءَ کي سنڌين جي حمايت ڪري جيل ۾ وڌائون. هڪٻئي جا مخالف هئا پر، جيل ۾ مليا، ته پاڻ ۾ دعا سلام ٿين. سائين جيل مان نڪتو، ته سن ۾ نظربند ٿيو. پر، نواب مظفر آزاد ٿيو، ته نظربند ڪونه ٿيو. جڏهن جيل ۾ هو، تڏهن سائينءَ سان ڪا ايڏي سڪ ٿي وئي هئس، جو آزاد ٿيو ته حيدرآباد مان موٽر کڻي نڪرندو هو. سڌو سائينءَ وٽ سن پهچندو هو. ٻه چار ڏينهن وٽس ٽڪي سڪ پوري ڪري ايندو هو.
اهو ٿيو سائينءَ جي طبيعت ۾ نرميءَ جو مثال. هاڻي سندس طبيعت ۾ سختيءَ جو به هڪ مثال ڏيان ٿو.
هندستان سان 1971ع واريءَ جنگ وقت، پاڪستان تي يحيٰ خان وارو فوجي ٽولو قابض هو، جنهن بنگالين کي هيسائڻ لاءِ مٿن ”فوجي ايڪشن“ (Army Action) ڪيو. اهو ڪم جنرل ٽڪا خان جي ذمي ڪيائون. فوجي ايڪشن ۾، بيشمار بنگالي ماري ڇڏيائون. سندن ڏوهه رڳو اهو هو، ته آدمشماريءَ جي انگن اکرن مطابق حق حقوق گهري رهيا هئا. بعد ۾ انهيءَ قهري ڪارنامي کي لڪائڻ لاءِ”حمود الرحمان ڪميشن“ وهاريائون، جنهن جي رپورٽ تي ڪوبه عمل ڪونه ٿيو.
لنڊن جي روزنامه ”ٽيلي گراف“ جي نامه نگار خاتون مس ڪليئر هڪ دفعي ٽڪا خان سان آرمي ايڪشن بابت انٽرويو ڪيو ۽ چيوَ ته، ”اوهان آرمي ايڪشن ۾ ٽي لک ماڻهو ماريا.“ ٽڪا خان سندس ڳالهه کي رد ڏيندي چيو ته، ”اسان رڳو ٽيهه هزار ماريا“ روزنامه ٽيليگراف اها خبر ڇاپي ڇڏي، پر، B.B.C بي.بي.سي. پنهنجي اردو ۽ هندي خبرن ۾ چيو ته، ”آرمي ايڪشن ۾ ٽيهه لک بنگالي ماريا ويا.“ بي. بي. سي. اهو انگ، هر سال 1998ع تائين وري وري بيان ڪندي رهي. حڪومت پاڪستان جي ڪنهن به ايجنسيءَ ان جي ترديد ڪانه ڪئي. حوالي لاءِ ڏسو:

Pre- Indepence Indian Muslim Mind- set by Ghulam Kibrria, 2001, city press Karachi.

هڪ دفعي مقبول سومري سان اوڀر پاڪستان جون ڳالهيون نڪتيون. هو منهنجو دوست آهي. 1954ع ڌاران ڪراچيءَ ۾ مون سان گڏ ميٺارام هاسٽل ۾ رهندو هو. صحافيءَ جي حيثيت سان ڪئريئر شروع ڪيائين. پر، اڳتي هلي، صحافت ڇڏي، بئنڪنگ ۾ ويو ۽ حبيب بئنڪ جو سڄي ملڪ جو صدر ٿيو. چيائين ته، ”يار، هاڻي اسان ڪشمير جي ڳالهه ته ڪريون ٿا. پر، اوڀر پاڪستان ياد به ڪونهي، ڄڻ ته ڪروڙين بنگالي اسان جا نڪي ته مسلمان ڀائر هئا ۽ نه وري پاڪستان جي جدوجهد ۾ اسان سان شامل هئا!“
ٻئي دفعي وري ”اسلام آباد ڪلب“ جي ڪنهن دعوت ۾ اڳوڻي اوڀر پاڪستان ۽ هاڻوڪي ”بنگلاديش“ جو سفير مليو. مان اوڀر پاڪستان واري ڳالهه ياد ڪري، ساڻس سڪ سان مليس. کانئس پڇيم، ”اوهان اڃا به ٻن قومن واري نظريي کي مڃو ٿا؟“
جواب ڏنائين ته، ”مڃون ها، ته پوءِ اوهان سان گڏ هجون ها.“
تڏهن مون چيو ته، ”بنگلاديش معنيٰ بنگالين جو ديس؟“
چيائين ته، ”هائو.“
مون چيو ته، ”پوءِ اولهه بنگال جا هندو ته اوهان سان گڏ ڪونهن؟ اُهي به ته بنگالي آهن. مسلم بنگال اڄ به هندو بنگال کان جدا بيٺو آهي. ائين ڇو آهي؟ آخر، ٻن قومن واري نظريي جو مطلب ڪهڙو آهي؟“
بنگلاديش جي سفير وٽ انهيءَ ڳالهه جو ڪو به جواب ڪونه هو. منهنجي منهن ۾ تڪيندو رهيو.
فوجي ايڪشن ٿيو ته بنگالين تي. پر، اولهه پاڪستان ۾ به هراس ڇانئجي ويو. فوجي ٽولي سائينءَ کي سندس ڳوٺ سن ۾ نظربند ڪيو. هڪ ڏينهن پير حسام الدين راشدي مون کي ساڻ وٺي، ڪراچيءَ ۾ ”حيدر منزل“ تي سندس حال احوال وٺڻ هليو. نوڪرن چيو ته، ”امير حيدر شاهه سن مان آيو ته آهي، پر، ٻاهر نڪري ويو آهي.“
اسان پوئتي موٽياسون. ٽريفڪ ڪانه هئي. بجلي بتين هوندي به رستن تي اوندهه هئي. اوچتو سامهون امير حيدر شاهه سامهون آيو اسان تي نظر پيس، ته تڪڙو تڪڙو سڪ سان اچي مليو. پير صاحب پڇيس ته، ”امير، سيد جي خبر ڪر؟“
امير حيدر شاهه چيو ته، ”چاچا، بابو خوش آهي. ڊپ ڊاءُ ڪونهيس. چوي ٿو، ته جنهن کي به هيءُ ڪنڌ ڪپڻو هجي، سو هـِتِ اچي هتان هيئن ڪپي وڃي. هيءُ ڪنڌ هيٺ ڪونه جهڪندو!“
سائين حسام الدين شاهه ٿڌو ساهه ڀريو ۽ چيائينس ته، ”منهنجا سلام ڏجانس.“ ڪار ۾ ويٺاسون، ته سچل سائينءَ جو هي شعر پير صاحب جي چپن تي آيو.
”عاشقن کي سُور سختيون، مُحبَ مهمانيون مُڪيون.“
سائين پيدائشي طور سيد به هو ۽ زميندار به. اهي ٻئي ڳالهيون پڻ سڄي عمر سندس سوچ ۽ سياست تي اثرانداز رهيون.
سنڌ جا سيد ٻن شاخن ۾ ورهايل آهن: هڪڙا ’مٽياروي‘ ۽ ٻيا ’لڪياروي‘. اهي پاڻ کي لڪياري به ڪوٺائيندا آهن، سائين مٽيارين واريءَ شاخ مان هو. پوين ڏينهن ۾ جڏهن سن ۾ مسلسل نظربند هو، تڏهن ڪتابَ لکندو رهندو هو. گهڻائي لکيائين. ڪي ڇپيا ته ڪي اڃا به اڻ ڇپيل آهن. هڪڙو ڪتاب ”مٽياري سيدن جي شجري بابت لکي رهيو هو. نامور تاريخ نويس، پير حسام الدين راشديءَ سان صلاح مشورو ڪندو رهندو هو. پاڻ ۾ حُجائتا هئا. سو، ڪڏهن ته معلومات ڏيندو هوس، ته ڪڏهن پِٽائيندو هئس ته، ”سيد، اسان جي وڏڙن ۾ ڪي نالا اهڙا ملن ٿا، جيڪي عربي ته ڪونهن! مون کي شڪ آهي، ته اسان ٻاهران ڪونه آيا آهيون. هتان جا ئي اصلوڪا رهاڪو آهيون.“
سائين حسام الدين شاهه جي اها کل ڀوڳ واري ڳالهه الائي ته ڪيئن وڃي پنجاب پهتي! تڏهن لائلپور مان هلڪڙيون اخبارون نڪرنديون هيون، جن جو ڪم ئي هوندو هو مسالي واريون چهريون خبرون ڇپڻ. هڪڙيءَ هفتيوار اخبار اها خبر وڏيءَ شدمد سان شايع ڪئي ته ”نامور تاريخ نويس، پير حسام الدين راشدي سنڌ جي سيدن بابت هيئن ٿو چوي!“
سائين ٻن ٽن مهينن کان پوءِ علاج لاءِ سن مان ڪراچيءَ ايندو هو، ته شام جو ”حيدر منزل“ تي وٽس وڏي مجلس ٿيندي هئي. رئيس غلام مصطفيٰ ڀرڳڙي سائينءَ جو دوست هو. کل ڀوڳ جو شوقين هو. هڪڙي ڏينهن اها اخبار کڻي آيو ۽ اسان سڀني کي وڏي واڪي کلي پڙهي ٻڌايائين.
پاڪستان کان اڳ اسان جي ڳوٺ آڳرن ۾، (پاسي واري ننڍي شهر محبت ديري مان) ريجهومل نالي هڪ هندو گهورڙيو، صبح مرداني سان بيهه وڪڻڻ ايندو هو. سندس هوڪو ڏاڍو مزيدار هوندو هو. سُرَ سان چوندو هو ته ”بيهه، مرچائي ڪوسو.“
اسان سڀئي ته رئيس ڀرڳڙيءَ جي واتان اخبار واري خبر ٻڌي، کلڻ لڳاسين. پر، پير سائين حسام الدين شاهه راشديءَ اخبار جي ايڊيٽر کي ريجهو مل جي سُرَ تارَ ۾، ڪوسيون ڪوسيون گاريون ڏنيون.
سائين جي.ايم. سيد جوانيءَ ۾ پير رکيو، ته سنڌ جي هندن ۽ مسلمانن، ٻنهي ڌرين جي برک شخصيتن سان قرب ۽ محبت جو رستو ٿيس. علامه آءِ.آءِ. قاضيءَ جو ته معتقد ٿي ويو! کيس وڏي پٽ امير حيدر شاهه جو اتاليق ڪيائين ۽ ننڍي پٽ تي امداد نالو رکيائين. علامه صاحب جو نالو امداد علي هو. عظيم انسان هو. عيسوي ويهينءَ صديءَ جي سنڌ ايڏا وڏا انسان ورلي پيدا ڪيا.
سنڌ جي هندن ۾ سائينءَ جو گهڻن سان گهاٽو رستو هوندو هو، پر گهڻي ۾ گهڻو ڄيٺمل پرسرام سان هئس، جيڪو راتين جون راتيون وٽس سن ۾، دريا شاهه جي ڪپ تي، سندس بنگلي ۾ اچي رهندو هو.
سانوڻيءَ ۾ درياهه شاهه اؤج ۾ ايندو هو، ته بنگلي جي ٿلهي تي بيهي نهارڻ سان پري پري تائين رڳو پاڻي ئي پاڻي نظر ايندو هو. پرئين پار، ٻيلي جي وڻراهه هلڪيءَ سبز لڪير وانگر، نظر ايندي هئي. سائين ڳالهه ڪندو هو، ته، ”ڄيٺمل صبح جو سوير، موڙو کڻي، ٿلهي تي اچي ويهندو هو ۽ سج اڀرڻ جو منظر ڏسندو هو. ٿڌي ٿڌي هير پئي لڳندي هئي. درياهه شاهه ڌيرج سان وهندو رهندو هو. جيٺمل پرسرام شاهه سائينءَ جو هيءُ بيت وري وري جهونگاريندو رهندو هو:

ناسيندي نگاهه پهرين ڪج پرينءَ ڏي.

علامه صاحب توڙي ڄيٺمل ٻئي صوفي مسلڪ جا ماڻهو هئا. سائين به صوفين جي آستانن جو پانڌيئڙو هو. اڳتي هلي، جمشيد نسروانجيءَ جي سنگت ۾، ايني بسنت جي ٿياسافيءَ کان به متاثر ٿيو. جمشيد پارسي هوندو هو، انهن ٽنهي شخصن يعني علامه صاحب، ڄيٺمل ۽ جمشيد نسروانجيءَ جو سائين جي ذهني نشوونما ۾ وڏو اثر هو.
پر، مون مٿي ٻڌايو آهي ته سائين سيد به هو ۽ زميندار پڻ. سنڌ جا وڏيرا شوقين ۽ گهڻي قدر هندو سيٺين جا قرضي هوندا هئا، ڇو ته پنهنجن اجاين سجاين خرچن لاءِ، کانئن گڏيل وياج تي قرض وٺندا هئا.
وڏيرن جي فضول خرچيءَ جو هڪ قصو مشهور آهي. اڃا پاڪستان ڪونه ٺهيو هو، ته جيوڻيءَ نالي هڪ ڳائڻيءَ ڏاڍو نالو ڪڍيو. چون ٿا تهGipsy Girl هئي. ٿلهي ۽ ڪاري هئي. هڪڙي وڏيري کيس پنج سؤ روپيه ڏيئي، ساڻس هڪ رات جو سودو ڪيو. ڪنهن ٿُڪَ بُجو ڪيس، ته ڪنهن ڪاريءَ مينهن سان کڻي ”منهن ڪارو“ ڪرين هان. تڏهن وڏيري چيس ته ”ميان، ماڻهو ائين چوندا ته وڏيرو وڏي ڳالهه آهي! جيوڻيءَ سان رات گڏ گذاري اٿس.“
گڏيل وياج ڳاٽي ٽوڙ ٿئي ٿو. جيڪو هڪ دفعو انهيءَ ۾ ڦاٿو، تنهن جو مٿو ويو. اڪثر وڏيرا قرضدار ٿيندا ويا. جڏهن قرض لاهي ڪونه سگهندا هئا، ته هندو سيٺيون ڊڪريون ڪرائي، سندن زمينون نيلام ڪرائيندا هئا يا وري کانئن ڀڳڙن مٺ تي خريد ڪندا هئا. اهڙيءَ ريت، ڪيترا وڏيرا ڪنگال ٿي ويا. ٻئي طرف، هندو سيٺيون ويا ٿُلها ٿيندا.
سنڌ جي اهڙن وڏيرن ۾ ڪي سيد سڳورا به هوندا هئا، جيڪي خانداني يا ذاتي لڳ لاڳاپي ڪري سائينءَ کي ويجهو هوندا. سو، کيس سندن حال تي قياس ايندو هو. ڀلا جي انهن مان ڪي کيس پنهنجو وڏو سمجهي، پري کان پنڌ ڪري، وٽس مدد لاءِ هلي ايندا هوندا، ته سائينءَ جي ننڊ ڦٽي پوندي هئي!
خدا ٿو ڄاڻي ته اصل سبب اِهو هئو، يا ڪو ٻيو، جو ”سڀ ۾ پرين پسڻ وارو“ ۽ ”صوفين جي آستانن جو پانڌيئڙو“ سائين جي. ايم. سيد به، رفتي رفتي، هندڪيءَ ۽ مسلمانڪيءَ ”فرقيوارانه سياست“ ڏي مائل ٿيو. پنهنجي ڪتاب ”جنب گذاريم جن سين“ جي ٻئي جلد ۾، ان باري ۾ هيئن لکيو اٿس:
”آءٌ ان وقت رد عمل جي گهوڙي تي سوار هئس. پنهنجين اڳوڻين صوفيانه روايتن کي وساري، مسلم ليگ جي فرقي وارانه سياست جو شڪار ٿي ويس.“
سائينءَ گهڻين ڳالهين ۾ وري وري ”رد عمل“ محاوري جو استعمال ڪيو آهي. ان کي انگريزيءَ ۾ REACTION چئبو. پر، سائين کي ٻڌائڻ کپندو هو ته ”رد عمل ڇاجو؟“
حقيقت جيئن به هجي، سائينءَ جي مسلم ليگ ڏي مائل ٿيڻ جو هڪ سبب ته اهو ٿيو. ٻيو سبب هيءُ به هوندو، ته سنڌ ان زماني ۾ گڏيل هندستان جو هڪ صوبو هئي، جنهن جون سياسي، مذهبي ۽ سماجي تحريڪون ان تي اثرانداز ٿينديون هيون. مثال طور خلافت تحريڪ. ليڪن ويهينءَ صديءَ جي پهرئين اڌ ۾، هندوستان ۾ ڪانگريس زور هئي. منجهس هندو ۽ مسلمان ٻئي هئا. ليڪن، اڳواڻي هندن جي هٿن ۾ هئي. ٻي مکيه پارٽي مسلم ليگ هئي، جيڪا رڳو مسلمانن جي هئي پر، سنڌ ۾ تمام آهستي آهستي اڀري رهي هئي.
مسلم ليگ جو بنياد وجهندڙ، اصل شخص سر سلطان محمد آغا خان هو، انگريز سندس سرپرستي ڪندا هئا، پر هن پنهنجي انهيءَ اثر کي گڏيل هندوستان ۾ پنهنجن هم- مذهب مسلمانن جي ڀلي لاءِ ڪم آندو. انهيءَ دور جي سياسي حالتن کي خيال ۾ رکي، هن هندن ۽ مسلمانن لاءِ (SEPARATE ELECTORATE) ”جدا چونڊن“ جو اصول سن 1906ع ڌاران قبول ڪرايو، جيڪو اڳتي هلي، هندستان کي ورهائڻ ۽ پاڪستان ٺاهڻ جو بنياد بنيو.
انگريزن 1857ع واري بلوي مان اهو سبق سکيو هو، ته هاڻي هندوستان تي حڪومت رڳو هندن ۽ مسلمانن کي پاڻ ۾ ويڙهائڻ سان ڪري سگهنداسون، ان ڪري، هو هندن ۽ مسلمانن ۾ هڪٻئي لاءِ نفرت جو ٻج ڇٽيندا ويا. ٻج ساوا سلا ڪڍيا ۽ ٻوٽا وڌي وڻ ٿيا. آخر اهڙو ڏينهن به آيو جو هندو ۽ مسلمان هڪٻئي جي رت جا پياسا ٿي ويا. انگريزن جي سياست جو ڪمال اهو هئو ته پاڻ ته 1947ع ۾، هندستان ڇڏي ويا. پر، هندن ۽ مسلمانن کي اهڙو ته ويڙهائي ويا، جو اڃا تائين هڪٻئي جي ڏاڙهيءَ پٽ ۾ لڳا پيا آهن. ملڪ جي ورهاڱي کان پوءِ به هندستان ۽ پاڪستان ۾ ٽي چار جنگيون ته لڳي چڪيون آهن.
پر، سنڌ ۾ مسلم ليگ جي آهستي آهستي اڀرڻ جو هڪ مکيه سبب اهو به هو، ته سنڌ صوفين جي سرزمين هئي، جن هندن ۽ مسلمانن کي سٺن پاڙيسرين، بلڪه ڀائرن وانگر گڏ رهڻ ۽ پاڻ ۾ پيار ڪرڻ جو درس ڏنو هو. قلندر شهباز اٺن پهرن ۾ رڳو هڪ دفعو مٺي ماني کائيندو هو، جنهن جي پچائڻ جو شرف به سيوهاڻي هندن جي هڪ خاندان کي حاصل هوندو هو.
سنڌ ۾ الائي ته ڪيترن هندن جا مرشد مسلمان هوندا هئا! ٻنهي ڌرين جا لڳ لاڳاپا تمام سٺا هوندا هئا. پر، اها به حقيقت هئي، ته سنڌ جا اڪثر پڙهيل ڪڙهيل هندو گهڻو ڪري ڪانگريس جي پاسي هوندا هئا. اهو ڏسي، ڪن مسلمان سياستدانن سنڌ ۾ مسلم ليگ کي زور وٺائڻ لاءِ، ڄاڻي ٻجهي، سکر ۽ لاڙڪاڻي جي پاسي هندو-مسلم فساد ڪرايا. ڪنور جهڙا سنت ڪُهايا ۽ الله بخش سومري جهڙا اعليٰ انسان مارايا.
مسجد منزل گاهه وارو فساد ته سنڌ جي ڌرتيءَ تي زلزلو هو. انهن فسادن جو نتيجو اهو نڪتو ته هندن ۽ مسلمانن ۾ نفرت وڌي وئي ۽ مسلم ليگ زور ورتو. انهيءَ فساد جي مفصل احوال لاءِ آزاد قاضيءَ جو ڪتاب پڙهڻ گهرجي، (جيڪو ساگر پبليشنگ هائوس جو ڇپايل آهي.) ليڪن، مون کي ايترو پڪيءَ طرح معلوم آهي ته:

مسجد منزل گاهه واري فساد جو هڪ مکيه
ڪارڻ سنڌ جي وزيراعليٰ شهيد الله بخش
سومري جي وزارت هئي، جيڪو قومپرست
هو. کيس ڪانگريس جي حمايت هئي، ان ڪري
مسلم ليگين جي ساڻس پوت ڪانه هئي. هنن
سندس وزارت ڪيرائڻ لاءِ مسجد منزل گاهه
واري فساد جي سازش ڪئي.

شهيد الله بخش سومري جي وڏي فرزند رحيم بخش سومري جي مون سان محبت هئي، تنهن وفات کان سال ٻه اڳ، مون کي ٻڌايو ته، ”سائين جي.ايم.سيد سن ۾ نظربند هو، پر سرڪار کان موڪل وٺي، شڪارپور آيو. مون وٽ ٻه ٽي راتيون ٽڪيو. پراڻي زماني جون ڳالهيون ٻڌايائين. بابا جي تربت تي هليو. دعا گهريائين ۽ چيائين ته:
”الله بخش تون صحيح هئين. اسان غلط هئاسون. مان توکان پنهنجيءَ غلطيءَ ۽ گناهه جي معافي وٺڻ آيو آهيان.“
سنڌ جي هندن ۽ مسلمانن ۾ اڻبڻت جون ٽيون سبب هيءُ هو ته انگريزن سنه 1843ع ۾ سنڌ فتح ڪري، ان کي بمبئي پرڳڻي سان ملائي، ”ون يونٽ“ ڪري ڇڏيو هو. بمبئيءَ ۾ هندن جي اڪثريت هئي. سنڌ ۾ وري مسلمانن جي هئي پر، سنڌ جا هندو بمبئيءَ جي هندن سان ملي، بامبي پريزيڊنسيءَ ۾ ميجارٽي (Majority) ٺاهي ويندا هئا، سو، سنڌ جا مسلمان سدائين ٽوٽي ۾ هوندا هئا. انهيءَ ڪري سنڌ جي مسلمانن بمبئيءَ کان جدا ٿيڻ جي تحريڪ هلائي.
عجيب ڳالهه آهي ته تحريڪ جي شروعات هڪ سنڌي هندوءَ، سيٺ هرچند راءِ ڪئي! سندس خاندان سنڌ ۾ وڏيءَ حيثيت وارو هو. پر، سائين جي.ايم.سيد لکيو آهي ته، ”جڏهن هندن ۽ مسلمانن جا انهيءَ سوال تي اختلاف وڌي ويا ته خود سيٺ هرچند راءِ به پنهنجي موقف تان ڦري ويو. هندن جو پاسو وڃي ورتائين.“
بهرحال، جڏهن سنڌ ۾ تحريڪ زور ورتو، ته انگريز سرڪار مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ ٻنهي ڌرين جي عيوضين جون لنڊن ۾ ميٽنگون ڪوٺايون، جيڪي Round Table Conferences ”گول ميز ڪانفرنسون“ نالي سان مشهور آهن. هندن جو بنيادي موقف اهو هو ته سنڌ جدا صوبو ٿيندي ته مالي طرح ٽوٽ ۾ هوندي. هلي ڪونه سگهندي. هندن جي ماهر، ايس.پي ڇٻلاڻيءَ اها ڳالهه ثابت ڪرڻ لاءِ انگ اکر گڏ ڪري، پنهنجو ڪيس ٺاهيو.
مسلمانن جا عيوضي گهڻا ئي هئا، جن ۾ سائين جي.ايم.سيد، شيخ عبدالمجيد سنڌي، خانبهادر محمد ايوب کهڙي، پير علي محمد راشديءَ ۽ سيد ميران محمد شاهه جا نالا گهڻا مشهور آهن. سر شاهنواز ڀٽي به پاڻ ملهايو. ليڪن، حقيقت اها آهي ته سڄيءَ سنڌ جا مسلمان انهيءَ تحريڪ ۾ تمام سرگرم هئا.
هندن ڪيس هارايو. مسلمانن کٽيو، سنڌ آزاد ٿي. مسلمانن جي عيد ٿي وئي. پر، هندو مسلم نفرت وڌي وئي. انگريزن کي ته اها ئي ڳالهه کپندي هئي. دورانديش هئا. ظاهري طرح، ته هنن هندن ۽ مسلمانن جي عيوضين جون ڳالهيون ٻڌي، سنڌ کي بمبئيءَ کان جدا ڪرڻ جو انصافي انصاف فيصلو ڪيائون، پر پنهنجن سياسي سببن ۽ مفادن کي خيال ۾ رکي، اهو فيصلو دراصل هو اڳي ئي ڪري چڪا هئا. ”گول ميز ڪانفرنسون“ رڳو ڏيکاءَ خاطر هيون. سنڌ کي بمبئيءَ کان جدا ڪرڻ ۾ وري به پس پرده مکيه رول سر سلطان محمد آغا خان ادا ڪيو. هُو وڏو سياسي دماغ هو ۽ سنڌ ۾ وڏو عرصو گذاريو هئائون. کيس سنڌ سان محبت هئي. سندس خاندان به سنڌ کي ڪونه وساريو آهي.
سر سلطان محمد آغا خان جي ويجهن ساٿين ۾ سرفهرست چوڌري سر ظفرالله آهي ۽ سيد امجد آهن. ٻنهي ڄڻن بمبئيءَ کان سنڌ جي جدائيءَ واريءَ تحريڪ ۾ وڏو رول ادا ڪيو. پاڪستان ٺهيو ته سر ظفرالله ان جو پهريون پهريون وزير خارجه مقرر ٿيو. انگريزن ۽ آمريڪين جو پيارو ماڻهو هو هِت، انهيءَ ڳالهه جو هڪڙو ثبوت پيش ڪريان ٿو.
انگريزن جي حڪومت ۾ هڪ آءِ. سي.ايس. عملدارُ، مسرت حسين زبيري، انگلنڊ ۾، سر سيموئيل هور، سيڪريٽري آف اسٽيٽ فار انڊيا سان مليو. هن پڇيس ته، ”توکي ڪاٿي مقرري ملي آهي؟“
نوجوان آفيسر زبيريءَ چيس ته، ”پنجاب ۾“
سر سيموئيل چيس ته، ”ڏاڍو خوشنصيب آهين!“
زبيري صاحب چيس ته، ”سو وري ڪيئن؟“
سر سيموئيل چيس ته، ”سر ظفرالله انهيءَ ئي صوبي جو آهي. توکي به اتي ئي مقرري ملي آهي. منهنجي ساڻس خط و ڪتابت آهي. هو رائونڊ ٽيبل ڪانفرنس جي سلسلي ۾ هِتِ آيل هو.“
زبيري صاحب چيس ته، ”ائين ته کانئس به وڌيڪ مشهور ۽ آزمودگار ماڻهو ٻيا به هئا. مثال طور، سرتيج بهادر ساپروُ، مسٽر جناح ۽ سرسري نواس شاستري.“
مسٽر زبيريءَ “VOYAGE THROUGH HISTORY” نالي پنهنجين يادگيرين جي ڪتاب ۾ لکيو آهي ته سر سيموئل منهنجي ڳالهه ڪٽي چيو ته، ”اها ڳالهه ٿو ڪرين، ته پوءِ خود آغا خان به هو، پر سر ظفرالله جهڙو اثر ڪنهن به ڪونه وڌو.“
سر آغا خان جو ٻيو نمبر ساٿي، سيد امجد علي شاهه، لاهور جي ريلوائي ٺيڪيدار ۽ برک شخصيت، سر مراتب علي شاهه جو وڏو فرزند هو. هاڻي گذاري ويو آهي. سر مراتب علي شاهه جو خاندان ملڪ جي ٻاويهن امير ترين خاندانن ۾ شمار ٿئي ٿو. سيد امجد علي شاهه پاڪستان جي شروعاتي سالن ۾ صنعت ۽ خزاني جو وزير ٿيو. سندس ننڍو ڀاءُ سيد واجد علي شاهه قائداعظم ۽ لياقت عليءَ ٻنهي کي ويجهو هوندو هو ۽ سياست ۾ سرگرم هوندو هو. منهنجي ساڻس ميل ملاقات آهي. هاڻي ڇهانوي سالن جي عمر جو آهي. سياست کان پاسيرو آهي. البت، عام ڀلائيءَ جا خيراتي ڪم ڪندو آهي. لاهور ۾ گلاب ديوي اسپتال ۽ ڪراچيءَ ۾ لياقت نيشنل اسپتال جي بورڊ آف گورنرز جو چيئرمين آهي. ”آل پاڪستان هلال احمرس ۽ اولمپڪس“ جو صدر به آهي.
هو ملڪ جي مشهور علمي ۽ ادبي اداري ”ثقافت اسلاميه لاهور“ جي بورڊ آف گورنرس جو چيئرمين به آهي. سائين حسام الدين شاهه ”اداره ثقافت اسلاميه“ جي بورڊ آف گورنرس جو ميمبر هوندو هو. انهيءَ اداري جي علمي ڪم جي ڏاڍي تعريف ڪندو هو. پير صاحب جي وفات کان پوءِ، سيد واجد علي شاهه مون کي اداري جي بورڊ آف گورنرس جو ميمبر ڪيو. محمد ميان سومري، گورنر سنڌ، مون کي سنڌي ادبي بورڊ جو چيئرمين ڪيو ته سيد واجد علي شاهه مون کي خط لکيو جيڪو مهراڻ رسالي جي سنه ٻه هزار ٻه جي پرچي نمبر 3 ۽ 4 ۾ ڇپيل آهي:

لاهور
3- سيپٽمبر 2002ع

پيارا آگرا صاحب،

مون کي اوهان جو تاريخ 12- آگسٽ وارو خط مليو، جنهن ۾ اوهان کي سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمين مقرر ڪرڻ واري خوشخبري ڏنل آهي. منهنجون دلي مبارڪون!
مون کي خاطري آهي، ته اوهان پنهنجي دل ۽ دماغ جي صلاحيتن سان بورڊ کي ڀرپور ترقي ڏياري، بلندين تي پهچائيندا.
”مهراڻ“ جو پرچو مليو اٿم، جنهن ۾ پڙهڻ جو ”دلچسپ مواد“ آهي.

قربن سان،

سيد واجد علي

گذريل سال، تاريخ 11 سيپٽمبر واريءَ ميٽنگ ۾ سيد واجد علي شاهه صدارت لاءِ اچي ڪونه سگهيو. سندس فرزند سيد شاهد عليءَ ٻڌايو ته ”بابا جي صحت ڏاڍي ڪمزور ٿي وئي آهي. گهر کان ٻاهر نڪري ڪونه ٿو. ان ڪري ميٽنگ ۾ اچڻ کان معذور آهي.“ اها ڳالهه ٻڌي، سڀني ميمبرن کي ڏاڍو ڏک ٿيو.
سر مراتب علي شاهه جو ننڍو پُٽ سيد بابر علي شاهه وري معين قريشي وزيراعظم جي زماني ۾ وزير خزانه ٿيو. کيس به ڪتابن جو شوق آهي. پاڪستان ۽ هندوستان جي مسلم ثقافت ۽ مشاهيرن بابت تمام معياري ڪتاب ڇپايا اٿس. مون کي سڄو سيٽ تحفي طور ڏنائين ۽ چيائين ته ”سنڌ جي مشاهيرن جو تذڪرو ٺاهي ڏي، ته مان پئڪيجز طرفان ڇپايان.“
پئڪيجز ملڪ جي وڏي ۾ وڏي پريس آهي. پاڻ ان جو مالڪ آهي. پنهنجي وڏي ڀاءُ، سيد واجد علي شاهه وانگر ”عام ڀلائي“ جا گهڻئي ٻيا بيشمار ادارا پڻ قائم ڪيا اٿس، جيڪي گهڻو ڪري صحت، علم ۽ تعليم جا آهن.
سنڌ جي وڏن خاندانن ۽ سکين ستابن ماڻهن: وڏيرن، ميرن ۽ پيرن جا شوق ۽ شغل وري ٻيا آهن. هو قلم ۽ ڪتاب کان پاڻُ پري رکندا آهن. اسڪول ۽ اسپتال ڪونه ٺهرائيندا آهن. البت، پنهنجي ”قوتِ باهه“ وڌائڻ لاءِ سون ۽ چانديءَ جي ڪشتن تي پاڻيءَ وانگر پئسا وهائيندا آهن.
سُريتيون ويهاريندا آهن. ڪڪڙ ويڙهائيندا آهن. سوئر ۽ رڇ تي ڪتا بڇائيندا آهن. انهيءَ کي سنڌ جو ڪلچر سمجهندا آهن.
سيد بابر عليءَ جي ڌيءُ سيده حنا خانيوال ۾ پنهنجي پريس کولي آهي. منهنجي ساڻس دعا سلام ٿي، ته هن مون کي پنهنجي وڏي چاچي، سيد امجد علي شاهه سان ملايو، جيڪو تڏهن پنجاسي ورهين جو هو. مون کي ”سنڌ جي جدائيءَ واري تحريڪ ۽ گول ميز ڪانفرنس“ جو ”پس پرده احوال“ ٻڌايائين. مون اهو احوال ”سنڌ جي جدائيءَ جي تحريڪ“ جي عنوان سان، مهراڻ رسالي ۾ هڪ مضمون ۾ ڇپائي ڇڏيو.
سيد امجد عليءَ شاهه مون کي صاف صاف لفظن ۾ ٻڌايو ته، ”سنڌ کي بمبئيءَ کان جدا ڪرائڻ ۾ اصل رول وري به سر سلطان محمد آغا خان ادا ڪيو، جيڪو انهن ڏينهن ۾، لنڊن ۾ بادشاهه جي بڪنگهام محلات ۾ رهندو هو.“
سنڌ ۾ بمبئيءَ کان جدا ٿيڻ واري تحريڪ بلڪل ائين ئي ”حقيقي عوامي تحريڪ“ هئي، جيئن لاهور کان جدا ٿيڻ لاءِ ”ون يونٽ واري تحريڪ“.
سائين جي. ايم. سيد“ سنڌ جي جدائي“ واريءَ تحريڪ ۾ وڏو رول ادا ڪيو. ان تحريڪ بابت هڪ ننڍو، پر ڏاڍو اهم ڪتاب ڇپايو اٿس، جنهن ۾ سنڌ ۾ انهيءَ تحريڪ جو اثر ۽ سڄو اندروني احوال ڏنل آهي. ڪتابڙو، دراصل، سندس آتم ڪهاڻيءَ جو هڪ باب آهي، جيڪا متعدد جلدن ۾ لکي اٿس.
بهرحال، سنڌ بمبئيءَ کان جدا ٿي ۽ آزاد صوبو ٿي، ته عام چونڊون ٿيون. مسلمانن پنهنجا عيوضي چونڊيا. هندن پنهنجا چونڊيا. ان کان پوءِ ته هندن ۽ مسلمانن جي ”سياسي طور“ گڏجي سياسي ڪم ڪرڻ جو امڪان ختم ٿي ويو.
هاڻي، جيڪڏهن سائين جي. ايم. سيد انهيءَ سبب ڪري به مسلم ليگ ڏي مائل ٿيو، ته ڳالهه سمجهه ۾ اچي ٿي. پاڻ سنڌ ۾ هندو- مسلم نفاق وڌائڻ ۽ مسلم ليگ جي زور وٺڻ بابت پنهنجي ڪتاب ”جنب گذاريم جن سين“ ۾ هيئن لکيو اٿس:
هندو مسلم نفاق کي زور وٺائڻ لاءِ اتر سنڌ جي ڪن مسلم ليگي ڪارڪنن هڪ نئون مسئلو قبر مان کوٽي ڪڍيو. سکر شهر ۾ مغل دور ۾ ٺهيل ڪي عمارتون موجود هيون، جن مان ڪن ۾ انگريزن آفيسون قائم ڪيون هيون. انهن ۾ هڪ ڦٽل عمارت منزلگاهه واري مسجد هئي. ان لاءِ سکر جي مسلمانن سوال اٿاريو، ته اها مسجد آهي، تنهنڪري مسلمانن جي حوالي ڪئي وڃي. شهر کان ٿوري پاسيري هئي ۽ ان جي ڀر ۾ ايتري آبادي به ڪانه هئي، جو نماز لاءِ ڪارآمد ٿي سگهي.
مسلم ليگين کي پتو هو، ته الله بخش سومري جي وزارت جو دارومدار هندو ميمرن جي ووٽن تي هو. مسجد منزلگاهه جي تحريڪ هلائڻ وارن جو مکيه مطلب به الله بخش سومري جي وزارت ڪيرائڻ هو.
”مسجد منزلگاهه“ انڪري ڪوٺيندا هئس، جو اڳي واپار درياهه رستي هلندو هو. ٻيڙيون ملتان مان واپاري مال کڻي هلنديون هيون، ته سکر اچي منزل ڪنديون هيون. سو، انهيءَ زماني جي مغل سرڪار مسلمان واپارين جي سهوليت لاءِ اها مسجد ٺهرائي هئي.
پاڪستان ٺهڻ کان اڳ، سکر شهر جي وڏن وڏن هندو سيٺين جون جوان ۽ خوبصورت زالون رنگبرنگي ريشمي ساڙهيون پائي، هار سينگار ڪري، عطر عنبير مکي، هندن جي دستور موجب، سنجها ويل پاٺ پوڄا لاءِ ٻيڙين ۾ چڙهي، انهيءَ هنڌ تان ساڌ ٻيلي واري مندر ۾ وينديون هيون، جتي اها قديم مسجد زبون حالت ۾ ٻيٺي هئي.
نوجوان مسلمان مرد به ڄاڻي واڻي روزانو شام جو انهيءَ هنڌ تي اچي ڳاهٽ ٿيندا هئا ۽ هندو زالن کي ڏسي، عشقيه ڪلام چوندا هئا. اها صورتحال هندن ۽ مسلمانن لاءِ ڇڪتاڻ جو سبب ٿي پئي.
هاڻي، جيڪڏهن الله بخش سومري اها مسجد مسلمانن کي ٿي ڏني، ته هندو ميمبر مٿس ناراض پئي ٿيا، جي نٿي ڏني، ته مسلم ليگين کي اسلام جي نالي تي، مسلمانن کي ڀڙڪائڻ جو موقعو پئي مليو. آخر ائين ئي ٿيو.
مسلم ليگين سنڌ جي مسلمانن کي ڀڙڪايو. سائينءَ پنهنجي ڪتاب ۾ لکيو آهي ته، ”آغا غلام نبي پٺاڻ شڪارپور مان سوَن ماڻهن جو جٿو وٺي آيو، جن سکر ۾ ستياگره ڪئي. هزارين ماڻهو جيلن ۾ ويا. اهي جيلن مان ڇٽا، ته سکر ۾ هندن ۽ مسلمانن جو فسادُ ٿيو، جنهن ۾ سوين انسان ڪُسي ويا. هاڻي انهيءَ کي مسجد منزلگاه وارو فساد ڪوٺن ٿا.“
آغا غلام نبي پٺاڻ، سائينءَ جو خاص ماڻهو هو. پڇاڙيءَ تائين ساڻس قرب جو رستو هئس. مون سان گڏجي وٽس سن به هلندو هو. حقيقت ائين ئي هوندي، جيئن سائينءَ سندس باري ۾ لکيو آهي، ليڪن، تازو، سنڌي ادبي بورڊ سائينءَ ڏانهن علامه آءِ. آءِ.قاضيءَ جي خطن جو ڪتاب ”ساهڙ جا سينگار“ نالي سان ڇاپيو آهي، جنهن ۾ ايڪيتاليهه نمبر خط جي هيٺان، سائينءَ هيءُ نوٽ هنيو آهي:
”مان مسلم ليگ ۾ داخل ٿيس، ته مسجد منزلگاهه لاءِ ستياگرهه شروع ڪئيسون. علامه آءِ.آءِ.قاضي، پڻ جمشيد نسروانجي ۽ دادا ڄيٺمل وانگر، ستيا گرهه تحريڪ ۾ منهنجي شريڪ ٿيڻ جي خلاف هو. ڇو ته خوف هئس، ته انهيءَ تحريڪ مان هندو مسلم ڇڪتاڻ پيدا ٿيندي.
ليڪن، مان ان وقت انڌ جي گهوڙي تي سوار هئس. سو، ڪنهن جي به ڪابه ڪانه ٻڌم.“
سنڌ ۾ هندن ۽ مسلمانن جي وچ ۾ مسجد منزلگاهه واري فسادَ کان اڳ ايڏو نفاق ڪونه هو. خود هندُ ۾ به، شروعاتي دور ۾ ته جناح صاحب ڪانگريس ۾ هوندو هو. سنڌ ۾ مسلم ليگ جو بنياد دراصل، رئيس غلام محمد ڀرڳڙيءَ وڌو، جيڪو وڏو سنڌ دوست ۽ قومپرست هو. اسان جو نوجوان سياسي اڳواڻُ، نواب يوسف ٽالپر سندس خاندان سان تعلق رکي ٿو.
انهيءَ زماني ۾ مسلم ليگ ۽ ڪانگريس جا جلسا به گڏ ٿيندا هئا. ڪيترا مسلمان اڳواڻ ڪانگريس ۾ هئا، پر، ان جي منافقت ڪري، آخر الڳ ٿيا. حاجي سر عبدالله هارون پهريون پهريون سنڌي اڳواڻ هو، جنهن ڪانگريسي هندن جي قول ۽ فعل ۾ فرق ڏسي، ڪراچيءَ ۾ 1938ع ۾ سنڌ مسلم ليگ جو اجلاس گهرايو، جنهن جي صدارت جناح صاحب ڪئي سائين جي. ايم سيد انهيءَ اجلاس ۾ اهم رول ادا ڪيو. سندس ساٿيءَ شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ منجهس هڪ ٺهراءُ پيش ڪيو، جو اڳتي هلي، لاهور واري “Pakistan Resolution” ”پاڪستان ٺهراءُ“ جو بنياد بنيو، جيڪو 23 مارچ تي هڪ وڏي جلسي ۾ پاس ٿيو هو. هاڻي، انهيءَ جلسي واريءَ جاءِ تي ”مينار پاڪستان“ ٺاهيو اٿن.
سيد ذوالقرنين زيديءَ نالي، تعليم کاتي جي هڪ پروفيسر ۽ اديب، قائداعظم جي رفيقن سان انٽرويو ڪيا هئا. انهن جو هاڻي ڪتاب ڇپيو آهي. زيدي صاحب ”سيد حسين امام“ جي انٽرويو ۾ لکيو آهي ته:
جي. ايم. سيد سنڌ ۾ مسلم ليگ کي ائين ئي مٿي کنيو ۽ عروج تي آندو، جيئن شهيد حسين سهرورديءَ بنگال ۾ ڪيو هو.
ذوالقرنين زيديءَ سائينءَ جي باري ۾ مٿيون بيان سيد حسين امام واري انٽرويو جي هڪ فوٽ نوٽ ۾ ڏنو آهي. زيدي صاحب ڪنهن زماني ۾ نوابشاهه جي ڪاليج ۾ به استاد هو.
سائين جي. ايم. سيد جا انهيءَ زماني ۾ ويجهڙا ساٿي ڪير هئا، تنهن جي مون کي ڪابه خبر ڪانهي. پر، ايترو سو معلوم اٿم ته سندس حلقي ۾ سيد ميران محمد شاهه ۽ پير علي محمد راشدي ٻه مکيه ماڻهو هئا. ٻئي سيد هئا ۽ سياست ۾ سرگرم هئا. راشدي صاحب ته مسلم ليگ کي سنڌ ۾ زور وٺائڻ لاءِ ڪيئي ڪارناما ڪيا. چون ٿا ته مسجد منزلگاهه واري فساد ڪرائڻ ۾ به بنيادي طرح سندس ئي ذهن ڪارفرما هو. وڏي آفت هو. سائينءَ کي تمام ويجهو هوندو هو. هونئن ته راشدي صاحب، حاجي سر عبدالله هارون کي به ويجهو هو، جيڪو سنڌ ۾ مسلم ليگ جو مکيه اڳواڻ هو. پر، اهو ڦڏي جڏي کان پري هوندو هو.
سائين جي. ايم. سيد جي حلقي جو ٽيون مکيه ماڻهو شيخ عبدالمجيد سنڌي هو، پنهنجي دلي شوق ۽ لاڙي سان مسلمان ٿيو هو. تمام جوشيلو جوان هو. سندس سرپرست، هاڪارو قومپرست اڳواڻ آنربل غلام محمد ڀرڳڙي هو.
لعل بن يوسف ”آتم ڪهاڻيءَ“ ۾ لکيو آهي ته پهرين پهرين سنڌي اخبار رئيس غلام محمد ڀرڳڙيءَ شايع ڪئي هئي.
شيخ صاحب سنڌ ۾ وڏي شهرت انهيءَ ڪري حاصل ڪئي، جو سر شاهنواز خان ڀٽي کي، عام چونڊن ۾، سندس گهر لاڙڪاڻي ۾ وڃي مَلههَ ماريائين. سڄيءَ سنڌ ۾ ڌڌڪو ٿي ويو. ليڪن، انهيءَ کان علاوه، شيخ صاحب سنڌ جي بمبئي کان جدائيءَ واريءَ تحريڪ ۾ به تمام اهم رول ادا ڪيو هو. سنڌ آزاد ٿي، ته روزانه ”الوحيد“ جو ”آزاد نمبر“ ڪڍيائين، جو هاڻي تاريخي دستاويز آهي. سنڌي زبان جي ڪابه اخبار وري اهڙو شاندار ڪارنامو سرانجام ڏئي ڪونه سگهي آهي.
سائينءَ جي قريبي ساٿين ۾ محمد علي شاهه جو نالو به هميشه وڏي احترام سان ورتو ويندو. پاڪستان ٺهڻ واري زماني ۾ سنڌ جو وزير هو. ڊڀري جي معزز شخصيت، سائين الله آندي شاهه جو وڏو فرزند هو، جنهن مسلمانن جي ٻارن لاءِ نوشهري فيروز واري مشهور مدرسي هاءِ اسڪول ۽ ان جي هاسٽل ٺهرائي هئي. مون به انهيءَ ئي اسڪول ۾ مئٽرڪ تائين تعليم ورتي هئي. محمد عثمان کيڙو، غلام نبي ڏاهري ۽ سندس ننڍو ڀاءُ نور نبي، علي نواز ٻوهيو، عبدالفتاح وستڙو، ڊاڪٽر عبدالڪريم عباسي، غلام حيدر مبيجو ۽ منهنجا ٻيا ڪيترا پيارا يار مون سان گڏ پڙهندا هئا ۽ هاسٽل ۾ به گڏ رهندا هئا، جنهن جي عمارت پهرين تاريخ جي چنڊ وانگر اڌ گول جي شڪل ۾ ٺهيل هئي، مٿس مٿان ننڍي سفيد پٿر تي سنه 1905ع جو ڪتبو لڳل هوندو هو.
سائين الله آندو شاهه، پنهنجي دور جي وڏي شخصيت هو. وائسراءِ جي صلاحڪار ڪائونسل جو ميمبر هو. سندس پوٽو سيد ظفر علي شاهه هاڻي قومي اسيمبليءَ جو ميمبر آهي. اڳي ان جو ڊپٽي اسپيڪر رهي چڪو آهي. سياستدان آهي. پر، ڊپلوميسي يا ٺڳي ڪونه ڪندو آهي. سنئين سڌي ڳالهه ڪندو آهي. وڏو زميندار آهي، پر، لچ ۽ لوفر کي پاڻ کان پري رکندو آهي. پنهنجيءَ سنڌ- دوستيءَ ڪري مشهور آهي. وڏيرن واريون گنديون عادتون ڪونه اٿس. مٺو ماڻهو آهي. مون سان محبت اٿس. پنهنجي والد سائين محمد علي شاهه وانگر، سائين جي.ايم.سيد جو عقيدتمند آهي.
ڳالهه پئي هلي، ته سائين جي.ايم.سيد ڪهڙن سببن ڪري، مسلم ليگ ۾ شريڪ ٿيو هوندو؟ بهرحال، جڏهن شريڪ ٿيو ته پهنجيءَ لياقت، صلاحيت ۽ دوستن جي مدد سان انهيءَ ۾ ايڏو ته غلبو حاصل ڪيائين جو سنڌ صوبي جي ليگ جو صدر ٿيو.
سائين ڪڏهن ڪڏهن اسان سان انهيءَ زماني جون ڳالهيون ڪندو هو. ڪراچيءَ ۾ 1938ع واريءَ آل انڊيا مسلم ليگ جي اجلاس جي موقعي تي ڪراچيءَ ۾ ڪوٺايل ڪانفرنس جو ذڪر ته وڏيءَ دلچسپيءَ سان ڪندو هو، چوندو هو ته،”اسان جناح صاحب جو لارين، موٽرن، ٽانگن، اُٺَ گاڏين، گهوڙي سوار ڪارڪنن ۽ هزارين پيادل ماڻهن سان اهڙو ته شاندار جلوس ڪڍيو، جهڙو ڪراچيءَ نه اڳي ڏٺو هو ۽ نه هاڻي ڏسندي. ماڻهن جو جوش خروش ڏسڻ وٽان هو. هڪڙو هوائي جهاز، سمورو وقت، جلوس جي مٿان گل ڇٽي رهيو هو.“
هت هيءَ اهم ڳالهه نوٽ ڪرڻ کپي ته 1936ع ۾ سنڌ آزاد ٿي. ٻه سال پوءِ 1938ع ۾، ڪراچيءَ ۾ آل انڊيا مسلم ليگ وارو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ اهو ٺهراءُ پاس ٿيو، جيڪو ٻه سال پوءِ لاهور واري پاڪستان ٺهراءَ PAKISTAN RESOLUTION جو بنياد بنيو. وري انهيءَ کان ٽي سال پوءِ، سائين جي.ايم.سيدَ ”الاتوهار“ ڪري، سنڌ اسيمبليءَ ۾ ٽين مارچ 1943ع تي پاڪستان ٺاهڻ جو ٺهراءُ پاس ڪرايو. جو هيءُ آهي:

This house recommends to Government to convey to His Majesty’s Government, through His Excellency the Viceroy, the sentiments and wishes of this province, who have religion, philosophy, social customs, literature, traditions, political and economic theories of their own, quite different from those of the Hindus.
They are justly entitled to the right as a single “Separate Nation”, to have “National States” of their own, carved out in the zones, where they are in majority, in the subcontinent of India.
Therefore, they emphatically declare that no constitution shall be acceptable to them, that will place the Muslims under the central Government dominated by another nation, in order to play their part freely on their own distinct lines, in the order of things to come. It is necessary that they have national independent status of their own.
Hence, any attempt to subject the Muslims of India under one central Govt. is bound to result in civil war, with grave and unhappy consequences.

مون کي ائين سمجهڻ لاءِ ڪافي سبب آهن ته اهو ”پاڪستان - ٺهراءُ“ سائينءَ کي پير علي محمد راشديءَ لکي ڏنو هو. راشدي صاحب ”پڪو مسلم ليگي“ هو. هندن جو دلي دشمن هو. عمر جي پوئين حصي ۾ سندس سوچ ۾ ڦيرو آيو. ”اهي ڏينهن اهي شينهن“ ڪتاب ۾ اڳوڻي دور جو تجزيو ڪندي، اعتراف ڪيو اٿس ته، ”اسان جي دور ۾ صحيح سياسي سوچ مولانا عبيدالله سنڌيءَ جي ئي هئي پر، اسان کيس سڃاڻي ڪونه سگهياسون.“
سندس اهي لفظ مسلم ليگ واري سندس اڳوڻي مَسلَڪ جي نفي ڪن ٿا.
عبيدالله سنڌي هميشه مسلم ليگ کان پري رهيو. تازو، مٿس ”ڊان“ اخبار ۾ “Dream of A Sindhi” ”سنڌيءَ جو خواب“ عنوان هيٺ هڪ مضمون ڇپيو آهي، جنهن ۾ سندس ”سياسي تخيل“ بابت حيرت انگيز ڳالهيون ڪيل آهن، جن مان معلوم ٿئي ٿو ته هو بين الاقوامي ليول جو عظيم انقلابي اڳواڻ هو. ليڪن، هند ۽ سنڌ جي مسلمانن سندس قدر ڪونه ڪيو.
بهرحال، سائين جي.ايم.سيد سڄي هندستان ۾ پهريون پهريون مسلم ليگي اڳواڻ، هو، جنهن سنڌ جي چونڊيل صوبائي اسيمبليءَ ۾ پاڪستان - ٺهراءُ پاس ڪرايو. هن تاريخي حقيقت مان انهيءَ زماني ۾ سندس سياسي طاقت جو اندازو ڪري سگهجي ٿو!
زمانو، بهرحال، هڪ حال تي قائم ڪونه آهي. سائين پاڪستان ٺهڻ کان اڳ ئي مسلم ليگ جي هاءِ ڪمانڊ وٽ معتوب ٿيو. ان ڪري بي يارو مددگار ٿي ويو هو. ”حيدر منزل“ تي هڪ دفعي پير حسام الدين شاهه راشديءَ دوستن جي وڏيءَ محفل ۾ کيس چيو ته، ”سيد، توئي سنڌ جي هندن کي دڙڪا ڏنا هئا، ته اسان توهان جو سنڌ مان ٿڏو پٽي، سک جو ساهه کڻنداسون.“
سائينءَ پير صاحب کي ڪو به جواب ڏئي ڪونه سگهيو.
14 آگسٽ 1947ع تي، پاڪستان ٺهيو. سنڌ جي هندن جو ٿڏو پٽجي ويو. هو پنهنجا اباڻا گهر ڇڏي، اکين ۾ ڳوڙها کڻي، هندستان روانا ٿيا. هڪڙو نظارو مون کي اڃا ياد آهي.
سنه 1953ع ۾ مان ڪراچيءَ ۾ پڙهندو هئس. سنڌي ادبي سنگت ٺهي هئي، جنهن جو سرگرم ڪارڪن هئس. پر، منجهس مکيه ماڻهو ٻه هئا: نورالدين سرڪي ۽ دادا موتيرام، جنهن ”رتن جوت“ نالي هڪ يادگار ڪتاب لکيو هو. منجهس سيٺ هرچند راءِ جي خاندان جو احوال آهي. دادا موتيرام پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ هڪدم هندوستان ڪونه ويو. ڪجهه سالن کان پوءِ لڏپلاڻ جي تياري ڪيائين. اول بمبئيءَ ويو. پوءِ شولاپور ۾ گهر ڪري وڃي ويٺو. هاڻي گذاري ويو آهي. سندس روانگيءَ کان اڳ مان ڪراچيءَ ۾ کانئس موڪلائڻ ويس. سندس گهر ڪچهري ڪئيسون. مون کيس چيو ته، ”اوهان کان موڪلائڻ ۽ يادگار تصويرون ڪڍڻ لاءِ ڪئميرا کڻي آيو آهيان.“
اسان سندس گهر مان نڪتاسين، سمنڊ جي ويجهو نيٽيءَ جيٽيءَ وٽ تصويرون ڪڍي، گهر موٽي آياسين. دادا موتيرام مون کان وڏي عمر وارو شخص هو. پر، جڏهن مون کان ڀاڪر پائي موڪلايائين، ته اوڇنگارون ڏئي رُنو.
سنڌ جا هندو، اهڙيءَ طرح، هزارن ورهين کان به وڏو عرصو سنڌ ۾ رهڻ کان پوءِ، پاڙون پٽيل وڻن وانگر هيءَ ڌرتي ڇڏي ويا.
تاريخ جو وهڪرو هر هنڌ ۽ هميشه ڏاڍو پيچيده رهيو آهي. سنڌو درياهه جي ورن وڪڙن سان ان کي تشبيهه ڏئي سگهجي ٿي، جنهن جو صحيح اندازو، فوڪر فرينڊشپ هوائي جهاز جي سفر ۾ دريءَ واري سيٽ تي ويهي سکر ايئرپورٽ جي ويجهو جهازن جي هيٺ لهڻ مهل، درياءَ جي ورن وڪڙن کي جاچڻ سان ٿيندو آهي. مون گهڻا دفعا ڏٺو آهي. ڏاڍو دلچسپ آهي. انهيءَ منظر ۾، سنڌو نديءَ جي ورن وڪڙن سان گڏ خود سنڌ جي تاريخ جو نقشو پڻ ذهن ۾ ايندو آهي.
انگريزيءَ ۾ Rise and fall of nations عنوان تي اهم ڪتاب لکيل آهن، جن ۾ ڄاڻايل آهي ته قومن جي عروج ۽ زوال جا ڪيئي ڪارڻ ٿين ٿا. عام طرح ميدانن جا رهاڪو صلح ۽ سانت وارا سڏبا آهن ۽ پهاڙن جا رهاڪو، ويڙهاڪ ۽ جنگجو. پر، سنڌ ۾ هندن جي حڪومت جو بنياد وجهندڙ، چچ ته ڪنهن به جنگجو قبيلي مان ڪونه هو، پنڊت سيلائج جو پٽ هو. قلم، ڪاغذ، پستڪ ۽ پوٿين سان واسطو هئس. تير ۽ ترار کان پري هو. شڪل شباهت ۾ سو ٺاهوڪو هو. سنڌ جي ٻڌ ڌرم جي تڏهوڪي راجا جي راڻي سونهن پري (يا ديوي) مٿس مست ٿي پئي. اول مڙس کي زهر ڏئي ماريائين. پوءِ پنهنجي يار چچ کي تخت ۽ تاج وٺي ڏنائين. آخر ۾ ساڻس شادي ڪيائين.
چچ جون فوجون اتر ۾ پنجاب فتح ڪري وڃي ڪشمير وٽ پهتيون. جنهن کي هن سنڌ جي سلطنت جي اترئين سرحد قرار ڏنو. اولهه ۾ بلوچستان جي چڱي علائقي کي فتح ڪيائين. پير علي محمد راشديءَ جي لکيل انگريزي ڪتابڙي ”Story of sufferings of Sindh“ ”سنڌ جي سورن جي ڪهاڻي“ ۾ سلطنت سنڌ جي سرحدن جو احوال ڏنل آهي. بلوچي اڪيڊميءَ جي ڇپايل تاريخ ۾ به ٿورو گهڻو آهي. بهرحال، سلطنت سنڌ جو وڏو دٻدٻو هو. عربي تاريخن ۾ ”السنڌ والهند“ لفظ بي سبب ڪونه آيا آهن.
اسلام جي اڪابرن ۾ امام محمد باقر پڻ قرآن ڪريم جي ڪن آيتن جي معنيٰ سمجهائڻ لاءِ ”سنڌ ۽ هند“ لفظ استعمال ڪيا آهن. حوالي لاءِ ڏسو ڪتاب ”EARLY SHI’I THOUGHT: THE TEACHINGS OF IMAM MUHAMMAD AL - BAQIR: BY ARZINA LAL WANI-LONDON“ ”سيرت ابن هشام“ ۾ لکيل آهي ته يمن جو هڪ سردار ايران جي ڪسريٰ وٽ دانهن کڻي ويو. تن ڏينهن ۾ ايران ”سپر پاور“ هو. شهنشاهه کي ڪسريٰ ڪوٺيندا هئا. يمن جي سردار ادب سان چيس ته، ”سائين منهنجي ملڪ تي غير ملڪي قبضو ڪري ويا آهن. اسان جي واهر ڪريو!“
ڪسريٰ پڇيس ته، ”ڪهڙا غير ملڪي؟ سنڌي يا حبشي؟“
يمن جي سردار چيس ته ”سائين، حبشي.“
اهي ڳالهيون تاريخي لحاظ کان اهم آهن. پر، انهن کان به اهم ڳالهه هِيءَ آهي ته سنڌ جڏهن اسلام جي روشنيءَ کان منور ٿي ته پوءِ ڇا جي ڪري سنڌين فتوحات ڪونه ڪيون؟ عرب مسلمان ٿيا ته جاڏي ڪاڏي فتوحات ڪندا ويا. پر، سنڌي مسلمان ٿيا، ته پنهنجو دفاع به ڪري ڪونه سگهيا! ڪڏهن کين ڪو ڪٽيندو رهيو، ته ڪڏهن ڪو. ست سئو سال اڳ، ملتان جو حاڪم قباچه سڄيءَ سنڌ تي حڪومت ڪندو هو. انگريزن جي حڪومت ۾ ته سنڌ بامبي پريزيڊنسيءَ ۾ مدغم ٿي وئي. جدا صوبي واري حيثيت به ڪانه رهيس!
هن ڏکوئيندڙ حقيقت جو آخر ڪهڙو سبب آهي ته اڳوڻي ”سلطنت سنڌ“ آهستي آهستي سڪڙبي اچي ڏهرڪيءَ جي ڀرسان، ريتيءَ وٽ بيٺي ۽ بيٺل پاڻيءَ جي دٻي وانگر، هڪڙو صوبو ٿي وئي؟... افسوس آهي ته سنڌ جي اڳواڻن ۽ هاڻوڪن تاريخ نويسن هن اهم سوال تي نه سوچيو آهي ۽ نه وري جواب ڏنو آهي.
هاڻي ته سنڌ جو جيڪو رعب تاب آهي، سو، هر ڪنهن جي اکين اڳيان آهي!
بهرحال، 1947ع ۾، سنڌ جا هندو رهاڪو پنهنجو وطن ڇڏي ويا. قدرت ڪنهن به قوم سان بي انصافي ڪانه ڪندي آهي. شايد، انهيءَ تاريخي حقيقت جو اصل سبب اهو هو، ته هندن مان قومي ڪردار ختم ٿي ويو هو. منهنجي دوست، سيٺ منگهن مل جو چوڻ آهي ته، ”رات ڏينهن پئسي ڪمائڻ جي لوڀ ۽ لالچ ۾ هئا. ائين کڻي چئجي، ته پئسي جا پٽ ٿي ويا هئا.“
تازو، ”روشني پبليڪيشن“ ”سنڌ ورڪين“ تي هڪ اهم ڪتاب شايع ڪيو آهي. سنڌ ورڪي سيٺيون پرديس ۾ پئسو ته جام ڪمائيندا هئا، پر، رڳو پيا پئسو ڪمائيندا هئا. ٻيو ٿيو ڀلو. ورهين جا ورهيه گهرن کان پري رهندا هئا، ته بشري ڪمزورين ڪري ڪيترن هنڌن تي، مثلاً سنڪيانگ جي پاسي، رَنون ويهاريندا هئا، جن مان کين حرامي ٻار به ٿيندا هئا. سنڌ ۾ شڪارپور جهڙن شهرن ۾ سندن پنهنجون پرين جهڙيون سهڻيون زالون زالاڻيءَ ضرورت جي پورائيءَ لاءِ نرا کنيون وتنديون هيون.
سنڌي ادبي بورڊ لطف الله گجراتيءَ جو هڪ ننڍو پر ڏاڍو اهم ڪتاب ڇپيو آهي، جيڪو انگريزن جي حڪومت ۾ سنڌ ۾ آيو هو. ترجمو قادر بخش نظاماڻيءَ ڪيو آهي. منجهس شڪارپور جي هندو حسينائن جي شغل ۽ شوق جا احوال ڏنا اٿس. اهو به لکيو اٿس ته هڪ هندو عورت ايڏي ته سهڻي هئي، جو افغانستان جو بادشاهه ڀڄائي ويس.
1857ع کان وٺي 1947ع تائين، پورن 100 سالن جو عرصو هندن توڙي مسلمانن لاءِ سياسي جدوجهد جو تمام اهم زمانو آهي. ٻنهي ڌرين جي جدوجهد آخرڪار جنهن نقطي تي وڃي منتج ٿي، اهو پير علي محمد راشديءَ مختصر ليڪن معنيٰ خيز لفظن ۾ بيان ڪيو آهي. لکيو اٿس ته:
هند کي سؤراج ۽ سنڌ کي پاڪستان نصيب ٿيو.
سنڌ جي تاريخ جي هن نئين باب ٺاهڻ ۾ جيڪي نهايت نمايان آهن، تن مڙني ۾ سائين جي.ايم.سيد جو نالو مٿي آهي. پر، پاڪستان ٺهيو، ته سندس بخت پاسو ورايو. مٿي عرض ڪيو اٿم ته مسلم ليگ جي هاءِ ڪمانڊ يعني پاڪستان جي باني، قائداعظم محمد علي جناح سان اختلاف ٿيس. چون ٿا ته مکيه سبب هي هو ته سائينءَ عام چونڊن ۾ مسلم ليگ جي ٽڪيٽن لاءِ جن اميدوارن جا نالا ڏنا هئا، تن مان ڪن کي مليون، ته ڪن کي ڪونه مليون. اهي سڀ وڏيرا هئا ۽ وڏي ڳالهه ته ڪي سيد سڳورا به هئا. ان باري ۾ سيد ذوالقرنين زيديءَ پنهنجي ڪتاب ۾ خانبهادر کهڙي جي انٽرويوءَ ۾ هيئن لکيو آهي ته:
کهڙي صاحب جناب جي.ايم.سيد بابت انٽرويوءَ ۾ چيو ته هن 1945ع ۾ جناح صاحب کي ڇڏي ڏنو هو. سبب اهو هو، ته سيد صاحب چونڊن ۾ پنهنجيءَ پسند جي ماڻهن کي ليگ جون ٽڪيٽون ڏياريڻ ٿي گهريون. جناح صاحب چيو ته ائين مناسب ڪونهي. سو ٻنهي ۾ اختلاف ٿي پيو.
جيڪڏهن کهڙي صاحب جي راءِ صحيح آهي ته پوءِ ائين چئبو، ته سائينءَ ليگ جي صدارت قربان ڪئي، پر، سيدن ۽ وڏيرن سان ياري نڀائي.
سائينءَ جي خاص معتمد، پير علي محمد راشديءَ جو چوڻ اهو آهي ته سيد صاحب جو تن ڏينهن ۾ سڄيءَ سنڌ جي ٻين سياستدانن کان جناح صاحب سان گهرو لڳ لاڳاپو هو، انهيءَ ڪري ئي سنڌ صوبائي مسلم ليگ جو صدر هو. في الحال خاموشي اختيار ڪري ها ۽ جناح صاحب سان اختلاف نه ڪري ها. پوءِ مهل ۽ موقعو ڏسي جناح صاحب کان ڪي وڌيڪ اهم ڳالهيون مڃائي ها، جن مان سنڌ کي وڏو فائدو پهچي ها.
پر، پاڻ وري ردعمل جي چڪر ۾ آيو! جناح صاحب جي سامهون ٿيو. جناح صاحب جي طاقت توڙي مزاج جي کيس خبر هئي. هن ڪاوڙ ۾ مسلم ليگ مان ڪڍي ڇڏيس. راشدي صاحب ائين به لکيو آهي ته، ”سيد جي مسلم ليگ مان پاڙ پٽڻ ۾ سر غلام حسين به وڏو رول ادا ڪيو.“
بهرحال، ٽڪيٽون ورهائڻ بعد چونڊون ٿيون. مسلم ليگ جي ٽڪيٽ تي، جناح صاحب جي مرضيءَ موجب، قاضي محمد اڪبر سائينءَ جي مقابلي ۾ بيٺو ۽ في الحال کٽيائين، پر، سائينءَ عدالت ۾ اپيل وڌي، ته قاضي محمد اڪبر جي پَتِ وائکي ٿي پئي. هن ڪوڙن ووٽن ڪري نه رڳو هارايو، پر، سندس عزيز پير الاهي بخش مرحوم جي وزارت به هلي وئي.
سائين ڪامياب ٿيو. هونئن، سنڌ ۾ پير الاهي بخش تعليم جي وزير جي حيثيت ۾ ڏاڍو سٺو ڪم ڪيو هو. سندس نالو اڃا پيو ڳائجي. سنڌ کي تعليم کاتي جو اهڙو وزير وري ڪونه مليو. سنڌ ۾ بالغن جي تعليم به پير صاحب شروع ڪئي هئي. ماڻهو ان ڪري اڃا سندس نيڪي ڪندا آهن.
ليڪن، اليڪشن ۾ سائينءَ جي اها ڪاميابي، سنڌ جي بدليل سياسي صورتحال جي منظرنامي ۾، ”بي وقعت“ هئي. سن واريءَ هڪڙيءَ سيٽ جي ڪهڙي اهميت هئي؟ پاڪستان قائم ٿيڻ کان پوءِ ته اقتدار انهن وٽ هو، جيڪي مسلم ليگ جا ڪرتا ڌرتا هئا. سو، سائينءَ جي سياسي اوج ۽ اقبال جو سج لهڻ لڳو، ليڪن، افسوس آهي ته سائين پوءِ به بدليل سياسي صورتحال تي غور ڪونه ڪيو. اڳي وانگر، ردعمل جي چڪر ۾ رهيو. مسلم ليگ جي مخالفت ڪيائين. پاڻ کي هيڪاري هيڻو ڪيائين، ڇو ته مسلم ليگ جي مخالفت معنيٰ جناح صاحب جي مخالفت! مسلم ليگ ۾ ته قائداعظم جو فرمان ”قولِ فيصل“ جي حيثيت رکندو هو.
سائين وري وري چوندو رهيو آهي ته مون ”ردعمل“ جي چڪر ۾ ائين ڪيو. دراصل، کيس صاف چوڻ کپندو هو ته، ’مون ضد ۾ اچي هيئن ڪيو.‘ مٿس ڪا به ميار ڪانه اچي ها، ڇو ته ضد سندس مزاج جو ”اهم انگ“ هو.
ڪو به ماڻهو پنهنجو مزاج يا فطرت بدلائي نٿو سگهي. هندستان جي هاڪاري عالم، مفڪر ۽ سياسي اڳواڻ ابوالڪلام آزاد هڪ هنڌ لکيو آهي ته، ”عمر هاڻي انهيءَ منزل تي پهچي چڪي آهي، جو ان کي ٽوڙي ته سگهجي ٿو، پر موڙي نٿو سگهجي.“
هن پس منظر ۾، پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ سائينءَ جون سياسي سرگرميون هڪ مخالف اڳواڻ واريون وڃي بچيون، پر، شڪر جو پيرزادي عبدالستار جي ايامڪاريءَ ۾ ڏاهپ کان ڪم ورتائين، ساڻس تعاون ڪري، سنڌ جي ڀلائيءَ لاءِ ڪافي سٺا ڪم ڪري ورتائين.
جڏهن سنڌ ”ون يونٽ“ ۾ مدغم ٿي، ته مخالفت ڌر ۾ هوندي به ٿورڙن اسيمبلي ميمبرن جي ٽيڪ تي اولهه پاڪستان جي اسيمبليءَ کان ”ون يونٽ“ ٽوڙائڻ جو ٺهراءُ پاس ڪرايائين. اهو ڏسي حڪمران ٽولو ڊڄي ويو، ته، ”مار! هي ته ڪو خطرناڪ ماڻهو آهي!“
جنرل ايوب خان مارشل لا هڻي، ”ون يونٽ“ کي بچائي ورتو. پر، اسيمبليون چٽ ٿي ويون. جمهوريت جي پاڙ پٽجي وئي. آمريت جو در کلي ويو. تاريخ جو هڪ ورق وري ويو.
سائين اول قيد ٿي ويو. پوءِ ”سن“ ۾ نظربند ٿيو. آزاد ٿيو ته ”بنديخاني جا ڏينهن“ نالي مضمون لکيائين، جيڪو ”مهراڻ“ ۾ ڇپيل آهي. دلچسپ آهي. پڙهڻ وٽان آهي.
پوءِ سرڪار جي نظر ۾ معتوب رهيو. ڪڏهن ڪڏهن دل جي علاج لاءِ، سو، ٿورن ڏينهن لاءِ ڪراچيءَ اچڻ جي موڪل ملندي هئس. ليڪن، ورهين جا ورهيه نظربند رهيو. هڪ دفعي ڪراچيءَ آيو، ته مان ۽ حسام الدين شاهه وٽس ويٺا هئاسون. ڳالهيون ٻوليون ڪندي چيائين ته، ”سن ۾ هفتو کن اڳ لئبرريءَ ۾ ڪو ڪتاب پڙهڻ لاءِ کنيم، ته منجهانئس ’پاڪستان ٺهراءُ‘ جو اهو مسودو نڪري آيو، جيڪو سنڌ اسيمبليءَ ۾ پاس ڪرايو هئم.“
حسام الدين شاهه چيس ته، ”سيد، اهو پڙهي، تو ڪيئن محسوس ڪيو؟“
سائينءَ ڏک ۾ چيس، ته قاضي قاضن ياد آيو:

سي ئي سيلهه ٿيام، پڙهيام جي پاران،
اکر اڳيان اڀري، واڳون ٿي وريام.

مون کي اڄ به ياد آهي ته سائين شعر پڙهي ڪا دير چپ ٿي ويو. نماڻين اکين سان آسمان ۾ گهوريندو رهيو. ماحول ڏاڍو ڏکوئيندڙ ٿي ويو. سائين حسام الدين شاهه جون اکيون آليون ٿي ويون. صورتحال ڏاڍي ڳؤري ٿي وئي. اسان سائينءَ کان ادب سان موڪلائي، ڪار ۾ ويٺاسون، ته حسام الدين شاهه ٿڌو ساهه ڀريو. پاڻ به ڏاڍي ڏک سان قاضي قاضن جي مصرع جهونگارڻ لڳو:

اکر اڳيان اڀري، واڳون ٿي وريام.

سائينءَ ٽيهارو ورهيه قيد ۽ نظربنديءَ ۾ گذاريا. پاڪستان ۾ ڪنهن به سياستدان ايڏو عرصو اسيريءَ ۾ ڪونه گذاريو. ملڪ جي ڪنهن به مرڪزي يا صوبائي حڪومت سندس اڳوڻين خدمت کي ڏسي، ساڻس مهر ۽ محبت جو سلوڪ ڪري، کيس پنهنجي پاسي ڪرڻ جي ڪوشش ڪانه ڪئي. ٻيو ته ٺهيو، شهيد ذوالفقار علي خان ڀٽو، سائينءَ جي فرزند، امير حيدر شاهه سان گهرو گهاٽو هوندو هو. ٻئي ڄڻا ايوب خان جي ايامڪاريءَ ۾ قومي اسيمبليءَ جا ميمبر هوندا هئا. ڀٽو صاحب وٽس ڪراچيءَ گهر ايندو هو، سائينءَ کي ”چاچا“ ڪوٺيندو هو. پر، جڏهن پاور ۾ آيو ته سياسي مصلحتن ڪري هن به ٻين وانگر، چاچي کي نظربند رکيو. البت، قاضي فيض محمد کي آزاد ڪيو. توڙي جو هو بنگلاديش ٺهڻ کان پوءِ اندرا گانڌيءَ جي مدد سان ڍاڪا ۾ شيخ مجيب الرحمان سان ملي آيو هو ۽ واپسيءَ تي لنڊن رستي، ڪراچيءَ آيو هو. اول گرفتار ٿيو هو ۽ ڪجهه عرصو پوءِ پنهنجي ڳوٺ هالاڻيءَ ۾ نظربند ٿيو هو.
هالاڻي اسان جي ڳوٺ کان ڇهه ميل پري آهي. مان ساڻس گهر وڃي مليس. پنهنجي سفر ۽ مجيب سان ملاقات جا حال احوال ذري پرزي ڏنائين. قاضي صاحب نهايت مخلص ماڻهو هو.
قيد، بند ۽ مسلسل نظربندي وڏو ذهني عذاب آهي. سنڌ گريجوئيٽس جي اڳواڻ، سليمان شيخ مون سان ڳالهه ڪئي ته هڪ دفعي اسان سائينءَ سان سن کان ڪراچيءَ پئي آياسين. پوليس به گڏ هئي. کيس دل جي علاج لاءِ ڪراچيءَ وڃڻ جي موڪل ملي هئي. سخت گرمي هئي. سن کان پهاڙي پوٺو لتاڙي، حيدرآباد ٽپي، ڪراچيءَ واري رستي تي چڙهياسين، ته کيس اڃ لڳي. سليمان شيخ چيو ته بس اسٽاپ تي گاڏيون جهلي، ڪوڪا ڪولا جي بوتل لاءِ ڊوڙياسين جو صاف پاڻي پيڻ لاءِ ساڻ ڪونه هو. ڪوڪاڪولا ڪانه ملي. سائين ڪراچيءَ تائين اڃارو هليو. سخت گرميءَ ۽ دل جي دوري ڪري پگهر ۾ شل ٿي ويو. بلڪ، ماندو ٿي ويو. ڏاڍي ڏکوئيندڙ صورتحال هئي. جڏهن ڪراچيءَ حيدر منزل تي پهتاسين، تڏهن مس مس وڃي کيس ٿڌي پاڻيءَ جو گلاس نصيب ٿيو.
جنرل ايوب خان مارشل لا ذريعي پاور ۾ آيو هو. پر، جڏهن ڏهه سال لاڳيتي حڪومت ڪيائين، ته ماڻهن کي ڪَڪ ڪري وڌائين. حالتون خراب ٿيون، ته ملٽريءَ ۾ جنرل يحييٰ خان به سندس خلاف سازش ڪئي. سو، جنرل ايوب پاڻ ئي کيس اقتدار سونپي، پاسيرو ٿي ويو.
جنرل يحييٰ اقتدار ۾ آيو ته سندس عام شهرت ٿي ته شراب ۽ عورت جو شوقين آهي. ايوب خان جي پٽ گوهر ايوب پنهنجي تازو ڇپيل يادگيرين جي ڪتاب ۾ لکيو آهي ته هڪ ”فوجي انٽرويو ٽيم“ جي ميمبر کيس چيو ته، ”عام تاثر آهي، ته اوهان جي عورتن سان گهڻي رغبت آهي؟“
جنرل يحييٰ خان جواب ڏنس ته، ”جيڪڏهن مڙس پاڻ ئي پنهنجون زالون آڻي، مون کي پيش ڪن، ته منهنجو ان ۾ ڪهڙو قصور؟“
سنه 1958ع وارو مارشل لا عام طرح، جنرل ايوب خان جي نالي سان مشهور آهي. پر، درحقيقت، سڪندر مرزا هنيو هو، جيڪو هڪ اعليٰ عملدار جي عهدي تان ترقي ڪري، وڃي صدر ٿيو هو. ملڪ ۾، مارشل لا هڻي جيڪا وزارت ٺاهيائين، تنهن ۾ سنڌ مان ذوالفقار علي ڀٽي کي وزير ڪيائين. هو تڏهن بلڪل نوجوان هو. انگلنڊ مان تازو تازو بئريسٽر ٿي آيو هو. سنڌ ۾ اڃا مشهور ڪونه ٿيو هو. پر، منجهس سنڌ سان محبت هئي، چون ٿا ته کيس وزارت ۾ کڻڻ جو هڪ مکيه سبب سندس والد بزرگوار، سر شاهنواز ڀٽي جو سياسي اثر هو ۽ ٻيو سبب بيگم نصرت ڀٽو هئي، جيڪا به سڪندر مرزا جي بيگم ناهيد مرزا وانگر اصل نسل ۾ ايراني هئي ۽ سندس ساهيڙي هئي.
ناهيد مرزا ڪوٽيا ۾ هڪ ايراني سفارتڪار جي بيگم هئي. سونهن توڙي سمجهه ۾ تمام تيز هئي. سندس مداحن، پرستارن ۽ عاشقن جي لائين لمبي هئس. انهن ۾ هڪڙو شخص ملڪ جي ٻاويهن امير خاندانن مان هو. مان به کيس سڃاڻان. ٻيو شخص سڪندر مرزا هو. هوءَ ٻنهي کي خوش رکندي هئي پر، آخرڪار مڙس کان طلاق وٺي، سڪندر مرزا سان شادي ڪيائين.
قدرت الله شهاب، گورنر جنرل غلام محمد جي دؤر کان وٺي، ”ايوان اقتدار“ جي ”غلام گردشن“ ۾ گهڻو ايندو ويندو هو. سرڪاري ڪامورو هو. پنهنجين يادگيرين جي ڪتاب ”شهاب نامه“ ۾ لکيو اٿس، ته ايوان صدر جي ڪنهن دعوت ۾ مردن ۽ خواتين جي مجموعي ۾ سڪندر مرزا ڪنهن خوبصورت خاتون سان رازدارانه گفتگو ڪري رهيو هو، ته اوچتو ناهيد مرزا سامهون آئي. سڪندر مرزا ته هيڏي هوڏي کسڪي ويو. ناهيد مرزا انهيءَ خاتونءَ کي اچي سنڱن تي کنيو، جنهن چيس ته، ”هو ته رڳو منهنجي ساڙهيءَ جي تعريف ڪري رهيو هو.“
ناهيد مرزا چهڙ ڏئي چيس ته، ”هائو مون کي به ساڙهيءَ جي ساراهه ڪري ڦاسايو هئائين.“
سڪندر مرزا وڏو گُرگُ هو. ملڪ ۾ مسلم ليگ جو ڪم اهڙو لاٿائين، جو وري اڳي وسري ڪانه سگهي. ”ريپبليڪن پارٽي“ ٺاهيائين ۽ پنهنجا پير پختا ڪَرڻ لاءِ پاڪستان ۾ آمريڪين جو اثر وڌايائين. ملڪ کي سندن سياسي معاهدي ”بغداد پئڪيٽ“ ۾ ڦاسايائين سو ملڪ انگريزن کان آزاد ٿيو، ته وري آمريڪين جي ڪوڙڪيءَ ۾ قابو ٿي ويو، ايتريقدر جو بعضي ته ملڪ هلائڻ لاءِ وزيراعظم به آمريڪا مان امپورٽ ٿيڻ لڳا.
ملڪ مان اصولي سياست ته ڪڏهوڪو ختم ٿي وئي هئي. سڪندر مرزا نام نهاد سياستدانن مشتاق احمد گرماڻيءَ، چوڌري محمد عليءَ ۽ غلام محمد جهڙن جغادرين جو به ڪم لاٿائين ون يونٽ ٺاهيو هڪڙن هو. پر، ان کي استعمال سڪندر مرزا ڪيو. هڪڙو بيان ڪڍيائين ته ”ون يونٽ اسٽيم رولر آهي، جيڪو به ان جي مخالفت ڪندو، سو، واريءَ جا ذرڙا ذرڙا ٿي ويندو.“ اهو بيان ڪڍي، قائداعظم جي ساٿيءَ، قلات جي خان، احمد يار خان کي سڏائي چيائين ته، ”تون ون يونٽ جي خلاف بغاوت جو اعلان ڪر، ته مان توکي تنهنجي رياست موٽائي ڏيان.“
هن ائين ڪيو، ته قلات تي فوجون چاڙهي موڪليائين، جن احمد يار خان کي قيد ڪيو. سڪندر مرزا انهيءَ ئي واقعي کي بهانو بنائي، استعمال ڪيو ۽ ملڪ ۾ مارشل لا هنيو. سندس ارادا ته اڃا به وڏا هئا. پر، قسمت ساٿ ڪونه ڏنس. جنرل ايوب خان جي خلاف به ڪا سازش ڪيائين. سو، پڪڙجي پيو. هن رات جي اونداهيءَ ۾ کيس ۽ ناهيد مرزا کي جلاوطن ڪري، ڪوٽيا مان هوائي جهاز ۾ چاڙهي لنڊن موڪليو. پاڻ ڏنڊو کڻي ملڪ جو والي ٿي ويٺو. سُتت پاڻ کي پروموشن ڏئي، اول فيلڊ مارشل ٿيو ۽ پوءِ صدر ٿيو. سياست جو يونيفارم پائڻ لاءِ، مسلم ليگ ٺاهيائين. پر، ان کي ته سڪندر مرزا چٽ ڪري ويو هو. سا، ايوب خان جي زور لائڻ کانپوءِ به ساڳئي اڳوڻي حال ۾ ڪانه آئي. ٻن حصن ۾ ورهائجي وئي: ڪائونسل ليگ ۽ ڪنويشن ليگ. ايوب خان ڪنويشن ليگ جو سرپرست ٿيو. ملڪ ۾، سرڪاري مسلم ليگ ٺاهڻ جو رواج ائين پيو.
هونئن ته جناح صاحب پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ پاڻ ئي انهيءَ راءِ جو هو ته مسلم ليگ جو مقصد پاڪستان ٺاهڻ هو. هن اهو حاصل ڪيو. هاڻي، مسلم ليگ جي ضرورت ڪانهي. ٻيون سياسي پارٽيون ٺهن، جيڪي ملڪ جي مسئلن ۽ معاملن کي نبيرن. پر، گهڻائي اڳوڻا مسلم ليگي اڳواڻَ ساڻس شامل راءِ ڪونه هئا. لياقت علي خان مڙني ۾ اڳڀرو هو، ڇاڪاڻ ته وزيراعظم جي حيثيت ۾ سرڪاري مسلم ليگ جي اڳواڻ ٿيڻ جو اميدوار هو، سو، مسلم ليگ ختم ڪانه ٿي. پر، اڳيون زور به ڪونه ورتائين، جيڪي ان کي ”سرڪاري ليگ“ طور قائم رکڻ جي حق ۾ هئا، تن جو خيال هو ته جيئن هندستان ۾ آزاديءَ کان پوءِ به ”ڪانگريس“ هڪ سياسي جماعت آهي، بلڪل ائين ئي مسلم ليگ جو وجود به پاڪستان لاءِ لازم ملزوم آهي.
سائين جي. ايم. سيد، مسلم ليگ مان خارج ٿيو، ته اول ان جي مخالفت ڪيائين. اڳتي هلي، ٻين قومپرست اڳواڻن: مولانا عبدالحميد ڀاشاني (بنگال) ميان افتخار الدين (پنجاب) عبدالصمد اچڪزئي (بلوچستان) عبدالغفار (سرحد) ۽ پنهنجي سنڌي ساٿين سان گڏجي، نيشنل عوامي پارٽيءَ ٺاهڻ ۾ بهرو ورتائين. پارٽي ٺهي ۽ ڪجهه عرصو ڪم به ڪيائين. پر، ملڪ جي ٻنهي حصن ۾، پاڪستان کان اڳ واريءَ مسلم ليگ يا ڪانگريس جهڙي حيثيت اختيار ڪري ڪانه سگهي. اوڀر پاڪستان جي الڳ ٿيڻ کان پوءِ ته اها اسان وٽ فقط سرحد ۽ بلوچستان تائين رهجي وئي، جا ”نعپ“ جي نالي سان اڃا مشهور آهي. عبدالغفار خان جي اولاد جي اثر هيٺ آهي.
ائين انهيءَ نتيجي تي وڃي پهتو، ته ”ڪابه آل پاڪستان جماعت“ سنڌ توڙي ٻين ننڍن صوبن جي حفاظت ڪري ڪانه سگهندي، ڇو ته پنجاب سموري ملڪ تي ڇائنجي ويو آهي. لٺ بانٺو سندس هٿ ۾ آهي. اسان جي ڪابه حيثيت ۽ وقعت ڪانهي. مثال ڏيئي چوندو هو ته ”سنڌ جا حق پائمال ڪرڻ وارو صوبو پنجاب آهي. پيپلس پارٽي جي اڳواڻي سنڌين وٽ آهي پر، اها پنجاب کي ڪڏهن به ناراض ڪونه ڪندي، ڇو ته اقتدار جي طلبگار آهي، جيڪو پنجاب جي مدد کان سواءِ ڪونه ملندس.“
سائينءَ ۽ ٻين مسلم ليگي اڳواڻن وڏين اميدن سان پاڪستان ٺاهيو هو. لاهور واري جلسي ۾ ”پاڪستان ٺهراءُ“ سر فضل حق پيش ڪيو هو، جيڪو بنگالي هو. سنڌ اسيمبليءَ ۾ ”پاڪستان ٺهراءُ“ سائينءَ پاس ڪرايو هو. ٻئي غير پنجابي هئا. ليڪن، پاڪستان ٺهيو، ته پنجاب جا جغادري سياستدان مشتاق گرماڻيءَ، ممتاز دولتانه ۽ غلام محمد, مُلڪ جي سفيد سياه جا مالڪ ٿي ويا. بنگالين کي سندن اڪثريت کان محروم ڪرڻ ۽ ننڍن صوبن سنڌ ۽ بلوچستان جي زمينن ۽ قدرتي وسيلن جي ڦرلٽ ڪرڻ لاءِ ”ون يونٽ“ ٺاهيائون. ممتاز دولتانه انهيءَ جو هڪ ”خفيه دستاويز“ لکيو، جيڪو ان زماني ۾ ڏاڍو مشهور ٿيو هو.
هن پسمنظر ۾ اڳتي هلي، اها صورتحال ٿي ته جيڪو سنڌ، سرحد ۽ بلوچستان جو نالو کڻندو هو، سو، ”متعصب“ ۽ ملڪ جو غدار ڪوٺيو ويندو هو.
هڪ ڏينهن مان شام جو ”حيدر منزل“ تي سائينءَ سان ملڻ ويس. ڏاڍو اداس ويٺو هو. ٻڌايائين ته، ”اڄ راشدي صاحب سان ملڻ ويو هئس. پر، ڪونه مليو.“ سندس اها ڳالهه ٻڌي مون کي حيرت لڳي!
راشدي صاحب جوانيءَ جو وڏو عرصو سائينءَ سان سنگت ۾ گذاريو هو. انهيءَ زماني ۾ ٻئي ڄڻا ڪهڙين ڪهڙين سياسي سرگرمين ۾ مشغول هوندا هئا، تنهن جو اندازو سندس خطن جي انهيءَ ڪتاب سان ٿئي ٿو، جيڪو سائين، سن ۾ پنهنجيءَ نظربنديءَ واري زماني ۾ ڇپايو هو. اول ڪتاب جون ڪجهه قلمي ڪاپيون ٺهرائي مکيه علمي ۽ ادبي مرڪزن ۽ پنهنجن خاص خاص احبابن کي موڪليون هئائين، ڇو ته تن ڏينهن ۾ فوٽو اسٽئٽ ڪاپين جو رواج ڪونه هو.
راشدي صاحب پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ هميشه انهن سان گڏ رهيو جيڪي پاور ۾ هوندا هئا. جڏهن سائين معتوب ٿيو ته هو کيس ڇڏي ويو هو. ايتريقدر جو ون يونٽ ٺاهڻ جي قهري ڪارنامي ۾ شريڪ ٿيو هو. پر، خبر ناهي ته پوءِ به ڪهڙي سبب ڪري سائينءَ کي منجهس وڏيون اميدون هيون؟ تڏهن ته ساڻس ملڻ ويو هو؟ اها ڳالهه اهم آهي سو، ان جي وضاحت لاءِ هيٺ ڪجهه احوال عرض ڪريان ٿو.
سائين 1960ع واريءَ نظربنديءَ جي دوران رڳو ڪتاب لکندو رهندو هو، ڇو ته سنڌي وڏيرا ۽ سياستدان کيس مسلم ليگ جي مخالفت ڪرڻ کان پوءِ ڪڏهوڪو اڪيلو ڇڏي ويا هئا. فقط سنڌي ترقي پسند اديبَ (جيڪي مُٺ جيترا ماڻهو هئا) ساڻس رابطي ۾ هوندا هئا. سائين اسان جو امامُ هو. سائينءَ پاڻ به ”جنب گذاريم جن سين“ ڪتاب ۾ هڪ هنڌ لکيو آهي ته، ”مون کي ملڪ ۽ قوم جي مستقبل لاءِ وري به ترقي پسند اديبن ۽ عوام ۾ اميدون آهن.“
چوٿين مارچ واري واقعي کان پوءِ اول سنڌ يونيورسٽيءَ ۽ پوءِ سڄيءَ سنڌ جا نوجوان شاگرد پڻ سائينءَ جي جهنڊي هيٺ جمع ٿي ويا. سندن نعرو ”جيئي سنڌ“ هوندو هو. اهو نعرو ته ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ هنيو هو. پر، قافلي جو سپهه سالار ته سائين جي ايم سيد هو.
سنڌي اديبن، شاعرن ۽ شاگرن سالن جا سال سنڌ جي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ جلسا جلوس ڪيا. نيٺ، سنڌ ۾ ته ون يونٽ جي خلاف باهه پکڙجي وئي. سنڌي ٻوليءَ واريءَ تحريڪ ان تي پيٽرول هارڻ وارو ڪم ڪيو. هڪڙو ڏينهن اهڙو به آيو، جو سڄيءَ سنڌ ۾ ”سن جو سائين، جيئي سدائين“ نعرو شهرن توڙي ڳوٺن ۾ عام ٿي ويو.
اهو ڏسي، ملڪ تي حڪمران يحييٰ خان جي فوجي ٽولي جا ڍَڍَرَ ڍرا ٿي ويا. بنگالي اڳي ئي باهه ٿيا ويٺا هئا. ماڻهوءَ کي هميشه پنهنجا ڪُڌا ڪرتوت اڳيان ايندا آهن. سو، فوجي ٽولي سمجهي ورتو ته هاڻي ”ون يونٽ“ ڊاهڻ ۽ ”عام چونڊون ڪرائڻ“ کان سواءِ ٻيو ڪوبه رستو ڪونهي.
يحييٰ خان جي فوجي ٽولي کي اهي ٻئي ڪم مجبوراً ڪرڻا پيا.
عام چونڊن جو اعلان ٿيو، ته ملڪ جي مڙني مکيه سياسي جماعتن جي اڳواڻن کي ريڊيي تي قوم کي خطاب ڪرڻ ۽ پنهنجو پنهنجو پروگرام ۽ منشور پيش ڪرڻ جي دعوت ڏنائون.
سائين جي. ايم. سيد ملڪ جي ڪنهن به سياسي جماعت جو اڳواڻ ڪونه هو. پر، سنڌ ۾ ون يونٽ جو مخالف ناميارو ليڊر هو. ان ڪري يحييٰ خان جي فوجي ٽولي کيس به ملڪ جي ٻين وڏن ليڊرن وارو مانُ مرتبو ڏنو. سائينءَ به قومي پارٽين جي اڳواڻن وانگر قوم کي ريڊئي تان خطاب ڪيو.
انهيءَ پسمنظر ۾ حيدرآباد شهر ۾ هالن جي مخدوم صاحب جي سول لائينس واري بنگلي نمبر 3 ۾ وڏو ۽ اهم جلسو ٿيو، جنهن ۾، سنڌي وڏيرن ۽ سياستدانن، پنهنجي طرفان، توڙي پنهنجن ابن ڏاڏن طرفان، ون يونٽ جي فائدي ۾ ووٽ ڏيڻ ڪري، سنڌ جي عوام کان معافي گهري! جلسي جي صدارت سائينءَ ڪئي. سڄيءَ سنڌ جا وڏيرا ۽ سياستدان سندس پيرن ۾ پيا هئا. هو پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ هڪ دفعو وري سنڌ جو بي تاج بادشاهه ٿي ويو! اسان تڏهوڪا نوجوان ترقي پسند اديب، شاعر ۽ سمورا نوجوان شاگرد اڳواڻ به وڏيءَ لئه ۾ آياسين.
سنڌي محب وطن اديب ۽ ناميارا شاگرد نوجوان اڳواڻ انهن ڏينهن ۾ مون سان ڏاڍا گهرا گهاٽا هوندا هئا. رات ڏينهن اسان جون ميل ملاقاتون ٿينديون هيون.
مخدوم صاحب جي بنگلي تي جلسي واريءَ رات ته اڪثر دوست ۽ ساٿي گاڏي کاتي ۾ منهنجي ئي ”امين منزل“ واري گهر اچي سمهيا هئا. ڪنهن کي کٽ ملي، ته ڪو پٽ تي ليٽيو. ڪنهن کي رلهي ملي، ته ڪنهن چادر کنئي. ڪنهن کي ڪمبل نصيب ٿيو. مان دير دير سان گهر موٽيس. ڏٺم ته منهنجي سمهڻ لاءِ هنڌ بسترو ڪونه هو. سڀئي ٿڪل ۽ ستل هئا.
صبح سان گهر جي ٻاهران سائي رنگ جي موٽر اچي بيٺي. منجهس پير الاهي بخش آيو هو. کيس سفيد سلوار قميص ۽ ڳاڙهي ترڪي ٽوپي پاتل هئي. مون کيس چيو ته اسان تڙ تڪڙ ۾ تيار ٿي سائينءَ وٽ اچون ٿا.
جلسي ٿيڻ کي گهڻو عرصو ڪونه گذريو هو ته ٻڌڻ ۾ آيو، راشدي صاحب اچي سائينءَ کي پاسو ڏنو آهي! اول ته ڪنهن کي به انهيءَ ڳالهه تي اعتبار ڪونه آيو، ڇو ته سائين کليو کلايو چوندو هو ته، ”ون يونٽ ٺاهڻ جو ڏوهه کهڙي کي ته بخش ڪري سگهجي ٿو پر راشديءَ کي ڪونه ڪبو.“
جڏهن راشدي صاحب سان سائينءَ جي ٺاههَ جي ڳالهه گهڻي مشهور ٿي، ته حيدرآباد ۾ رئيس غلام مصطفيٰ خان ڀرڳڙيءَ جي رهائشگاهه تي تاريخي ميٽنگ ٿي. هڪ طرف سائين هو ۽ ٻئي طرف سندس عقيدتمند سمورا مکيه سنڌي ترقي پسند اديب، شاعر ۽ سنڌي ناميارا نوجوان شاگرد اڳواڻ هئا. مان به ساڻن گڏ ميٽنگ ۾ موجود هئس. نوجوانن کي ”ون يونٽ“ جي معمارن کهڙي صاحب ۽ راشدي صاحب تي باهيون هيون، سو انهن بابت ته ڪابه ڳالهه ٻڌڻ لاءِ تيار ڪونه هئا.
پر، سائينءَ کين صاف صاف چيو ته:

(1) مون کي ڇڏيو ته مان پنهنجيءَ سياسي مصلحت موجب کهڙي ۽ راشديءَ کي پاڻ سان گڏ کڻان.
(2) جيڪڏهن اها ڳالهه اوهان کي پسند ڪانهي، ته مون کي ڇڏي وڃو.

ڪنهن زماني ۾ ريشمان نالي هڪ ڳائڻي (Gipsy Girl) هڪ ڪلام ڳائيندي هئي، جنهن جي هڪ مصرعه هوندي هئي ته:

میں تو گلیاں دے ککھاں نال رل گئی

سائينءَ جو سُڪو جواب ٻڌي، سڀ سنڌي قوم پرست اديب، شاعر ۽ نوجوان شاگرد اڳواڻ به گهٽين جي ڪکن وانگر رلي ويا. ڪڻو ڪڻو ٿي ويا. سڀني جو سالن جو پورهيو خاڪ ۾ ملي ويو! سائينءَ جي مخالفت ته ڪير به ڪري ڪونه سگهيو، پر اسان جو محاذ ٽٽي ويو.
سائينءَ سان جويي صاحب ۽ منهنجي نيازمنديءَ ۾ پوءِ به ڪو فرق ڪونه آيو. پر، مون سنڌ جي آسمان تي گهرا گهاٽا ڪارا ڪڪر ڏٺا.
سائين تمام آرام ۽ اطمينان سان پنهنجي رٿيل پروگرام موجب، قومي اسيمبليءَ واريءَ سيٽ تي بيٺو ۽ هيٺ صوبائي سيٽ تي راشدي صاحب کي بيهاريائين ڀٽي صاحب پيغام موڪليس ته، ”اوهان جي مقابلي ۾ پنهنجو ماڻهو ڪونه بيهاريندس، پر اوهان راشدي صاحب مان هٿ ڪڍو.“ سائينءَ اها ڳالهه به قبول ڪانه ڪئي.
هڪ ڏينهن، مان سائينءَ وٽ ويٺو هئس، ته راشدي صاحب ڪنهن ڳوٺ ۾ اليڪشن جي ورڪ ڪري، رات جو جيپ ۾ آيو ۽ سائينءَ کي پري کان وڏي واڪي پٻو ٻَڌائين: “G.M. WE ARE WINNING!”
جڏهن چونڊن جو نتيجو نڪتو ته سائينءَ ۽ راشدي صاحب ٻنهي هارايو.
ڀٽي صاحب کٽيو ۽ اڳي پوءِ پاور ۾ آيو. راشدي صاحب اهو ڏسي، ماٺڙي ڪري، سائينءَ کي اڪيلو ڇڏي، وڃي ڀٽي صاحب جي ويجهو ويٺو، جنهن وزارت اطلاعات ۽ نشريات ۾ پنهنجو صلاحڪار مقرر ڪيس. سائين جي.ايم.سيد سن ۾ نظر بند ٿيو.
تاريخ جو هڪ ورق وري ويو.
سائين جي.ايم.سيد هونئن ته جڏهن کان وٺي جناح صاحب سان سامهون ٿيو هو، تڏهن کان ئي سرڪاري عتاب هيٺ آيو هو. پر، جيڪڏهن حالتن جو OBJECTIVE ANALYSIS معروضي جائزو وٺبو ته نظر ايندو ته جناح صاحب سان ”اختلاف“ ته ٻين به گهڻن ڪيو هو، جن ۾ سندس ڪن مکيه ساٿين جا نالا به کڻن ٿا. ذوالقرنين زيديءَ لکيو آهي ته هو خود لياقت علي خان مان ايڏو ته مايوس ٿي چڪو هو، جو چيائين ته ”وزيراعظم ٿيڻ جي لائق ڪونه هو.“ زيدي صاحب وڌيڪ لکيو آهي ته خود لياقت علي خان به چيو ته، ”بڙي ميان، مون کي وزيراعظم جي عهدي تان هٽائي، بنگال جو گورنر ڪري موڪلي رهيو هو.“
پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ جناح صاحب ۽ لياقت عليءَ جا اختلاف عام مشهور ٿي چڪا هئا.
جناح صاحب وفات ڪئي ته لياقت علي پاور ۾ آيو. سندس حڪم موجب ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ تان محترمه فاطمه جناح جي تقرير اڌ مان ڪاٽي وئي. چون ٿا ته جناح صاحب ۽ لياقت عليءَ جي اختلافن جو حقيقي سبب محترمه فاطمه جناح ۽ بيگم رعنا لياقت عليءَ جا اختلاف هئا.
جڏهن مرڪزي حڪومت ڪراچيءَ کي سنڌ کان ڪٽڻ ۽ الڳ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو، تڏهن سنڌ جي چونڊيل چيف منسٽر خانبهادر کهڙي ان جي مخالفت ڪئي هئي ۽ مرڪزي حڪومت جي سامهون ٿيو هو، ته کيس به ڊسمس ڪيو ويو هو.
سو، قائداعظم سان اختلاف ته ٻين به گهڻن ڄڻن ڪيو هو. پر، اهي سائينءَ وانگر هميشه لاءِ معتوب ڪونه ٿيا هئا. انهيءَ جو اصل سبب اهو هو ته پاڻ سمورو وقت سنڌ جي حقن جي ڳالهه ڪندو هو.
”جنب گذاريم جن سين“ ڪتاب جي ٻئي جلد ۾ محمد امين کوسي جي احوال ۾ لکيو اٿس ته:

(1) جڏهن ڪراچيءَ کي سنڌ کان جدا ڪيو ويو ته مون کي سن ۾ نظر بند ڪيو ويو.
(2) ون يونٽ ٺاهڻ وقت اول قيد ڪيائون، پوءِ سن ۾ نظربند ڪيائون.
(3) ايوب خان واري مارشلا وقت مون کي وري نظربند ڪيائون.
(4) مون سمگلنگ ڪانه ڪئي هئي. عهدا ڪونه گهريا هئم، پرمٽون وٺي ملڪيت ڪانه وڌائي هئم. وطن سان غداري ڪانه ڪئي هئم.
(5) سنڌ ۾ مسلم ليگ کي زور وٺايو هئم ۽ سنڌ اسيمبليءَ ۾ پاڪستان جو ٺهراءُ پاس ڪرايو هئم.
(6) منهنجو ٻيو ڪوبه قصور سواءِ هِنَ جي ڪونه هو ته، ”مان سدائين سنڌ جي حقن جو آواز اٿاريندو هئس.“

انگريزن جي بادشاهيءَ ۾ لارڊ ويول هندستان جو وائسراءِ هو. سائينءَ انٽرويو گهريس. منظور ڪيائين. مون ان جو احوال پڙهيو آهي.

WAVELL THE VICEROY’S JOURNAL ۾ لکيل آهي ته، ”انٽرويو مونولاگ هو“ يعني هڪ طرفي گفتگو هئي.

سائين جي.ايم. سيد سمورو وقت سنڌ جي حقن جي ڳالهه ڪندو رهيو. هندستان جو وائسراءِ خاموشيءَ سان ٻُڌندو رهيو. هاڻي جيڪو شخص هندستان جي وائسراءِ سان ائين ڳالهائي ٿي سگهيو، سو ٻين سان به ائين ئي ڳالهائيندو.
پر هت اهم ڳالهه اها آهي ته سائين انهيءَ سنڌ جي ڳالهه ڪري رهيو هو، جنهن تي وڏيرا ڇانيل هئا. منجهن دم خم ته هئو ئي ڪونه. اڳڙين جا گڏا هئا. سي، ڏکيءَ مهل، سندس پٺڀرائي لاءِ اڳتي ڪونه آيا. پويان پير ڪري ويا. سائين بي يار و مددگار رهجي ويو.
سائينءَ کان اها ڳالهه مخفي ڪانه هوندي، ته سنڌي سٻاجهڙن جي اها پراڻي روش آهي، ته ڏکيءَ ويل پنهنجي ساٿيءَ جي مدد ڪونه ڪندا آهن. هيڪاري کيس نقصان رسائيندا آهن. ڀلا ٻيو نه ته کانئس پاسو ضرور ڪندا آهن. پر، اهو سڀ ڪجهه ڄاڻندي به پاڻ سنڌ جي وڏيرن ۽ خاص ڪري سيدن سڳورن لاءِ سُورَ سهندو رهيو! هنن اشرافن ته ڪڏهوڪو اهو رستو ئي ڇڏي ڏنو هو، جتان ٻارنهن ڪوهن تي به سَنَ شهر ڏي ڪو گس پيچرو ويندو هو. اهو ڏسي، دل تي جيڪا واردات گذري هوندس، تنهن جو ڪجهه اظهار پنهنجي ڪتاب ”جنب گذاريم جن سين“ ۾، هنن لفظن ۾ ڪيو اٿس:
مون پنهنجي ايامِ سياست ۾، ناپخته دماغيءَ ڪري ڪيئي غلطيون ڪيون هونديون. سو، جڏهن پوئتي نظر ڪريان ٿو ته سِرُ ندامت کان هيٺ ٿيو وڃي، پر ان ساري معاملي ۾ مون کي جي ڪابه ڳالهه آٿت ڏيندي رهي آهي، اها هيءَ آهي ته مان هميشه خود مطلبيءَ، قوم فروشيءَ، بزدليءَ ۽ وڪامي وڃڻ کان پري رهيو آهيان.
اجتماعي خطائون گهڻيون ٿيون هونديون، پر اهڙيون خطائون ته دين جي بزرگن ۽ سياستدانن کان به ٿيون آهن. ڏک هن ڳالهه جو اٿم ته پراوا ته ٺهيو، ليڪن پنهنجن به جيڪو ورتاءُ ڪيو، تنهن جو مستحق ڪونه هئس.
ڪنهن به سنڌي اخبار کي جرئت ڪانه ٿي، ته منهنجيءَ ڊگهيءَ نظربنديءَ جي سڄي عرصي ۾ پنهنجي ڪنهن مضمون ۾ منهنجو نالو کڻي.
سنڌ جي ڪنهن به شخص کي خيال ڪونه آيو ته ڪنهن به سياسي جلسي ۾، منهنجيءَ نظربنديءَ تي احتجاجي ٺهراءُ پاس ڪرائي.
ڪيترا ڏسڻا وائسڻا دوست مون سان ملاقات ڪرڻ ڪونه آيا، بيماريءَ ۾ طبيعت پڇڻ ڪونه آيا، قضين تي عذر خواهيءَ لاءِ ڪونه آيا. ڊپ ٿين ته متان ملڪ جا حاڪم مٿن ناراض ٿين.
ڪهڙا قصا بيان ڪري ڪهڙا ڪريان؟ هڪ عزيز عملدار، (اهو به سنڌ جو سيد سڳورو هو) جنهن کي مون، ڊپٽي ڪليڪٽر ڪرايو هو، سو ساڍن ستن سالن جي عرصي ۾، (منهنجي ڳوٺ جي ويجهو رهڻ جي باوجود) بيماريءَ ۾ به پڇڻ ڪونه آيو.
ٻئي سنڌي روينيو عملدار، اسان تي غيرواجبي ڍل مڙهي ڇڏي. کيس معقول سبب ڏئي اپيل ڪئيسون، ته رد ڪري ڇڏيائين. ڪمشنر کي اپيل ڪئيسون، پر جيستائين ان جو فيصلو ٿئي، تنهن کان اڳ مختيارڪار کي گهرائي چيائين ته، ”ضبطي ڪئي وڃي.“
هڪ دفعي علاج لاءِ ڊاڪٽر جي اجازت سان ڪراچيءَ ويس. اڃا بيماريءَ جي حالت ۾ هئس، ته ان ساڳئي سنڌي عملدار ڳوٺ موٽڻ لاءِ مجبور ڪيو، ته پاڻ پنجابي حاڪمن وٽ سرخرو ٿئي.
هڪ سنڌي ڊاڪٽر منهنجيءَ بيمار والده کي ڏسڻ لاءِ سن آيو، ته هزار روپيا في گهريائين، پر هڪ غير سنڌي ڊاڪٽر ڪيئي دفعا بنا اُجوري جي سن آيو ۽ والده جو علاج ڪري ويو.
هِڪُ پيرُ سائين مون سان محبت جو اظهار ڪندو هو، پر، بيماريءَ ۾ مون وٽ لڙي ڪونه آيو، ته متان سي.آءِ. ڊي. مٿس رپورٽ ڪري.

جنين لاءِ مياس، سي ڪانڌي ڪين ٿيا.

سائينءَ ”سنڌي سٻاجهڙن“ جا پرڪار پڌرا ڪيا آهن، مان به سندس ڳالهه کي اڳتي وڌائڻ لاءِ هڪڙو مثال ڏيان ٿو ته سائينءَ زندگيءَ ۾ ڪيڏو ڏکُ ڏٺو.
سنڌ يونيورسٽي اهم ادارو آهي، سو گهڻن ئي سببن ڪري سرڪار مٿس نظر رکندي آهي. هاڻي ته ڄامشورو به ضلعو ٿيو آهي. پر، اڳي دادو ضلعي جو ڊپٽي ڪمشنر ۽ ايس.پي مسلسل يونيورسٽيءَ جو چڪر لڳائيندا هئا. سنه 1976ع ۾ اياز وائيس چانسيلر هو ۽ مان پرو- وائس چانسلر. اياز پنهنجيءَ پڪائيءَ لاءِ مشهور هو. جڏهن سکر ۾ وڪالت ڪندو هو، تڏهن مقبول صديقي، حنيف، رشيد ڀٽي ۽ سندس ٻيا دوست کيس ”شائلاڪ“ ڪوٺي چيڙائيندا هئا.
دادوءَ جو ڊپٽي ڪمشنر يا ايس.پي ۽ ايس.ڊي.ايم، جڏهن يونيورسٽيءَ جي چڪر تي ايندا هئا، تڏهن کين اياز وٽ چاءِ جي ڪوپ جي به اميد ڪانه هوندي هئي، سو، سندن ٿاڪ منهنجي آفيس هوندي هئي، جتي سدائين سندن خاطر تواضع ٿيندي رهندي هئي.
هڪڙو ايس.ڊي.ايم. ته مون سان ڏاڍو گهرو گهاٽو ٿي ويو. مون سان گڏجي اڪثر اياز وٽ به سرڪاري ڪم سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ هلندو هو. هڪ دفعي اياز وٽ وياسين ته هو صوف کائي رهيو هو. ايس.ڊي.ايم سان ڪم ڪار جي ڳالهه ٻولهه ڪيائين. پاڻ سڄو وقت صوف کائيندو رهيو. پر، کيس چاءِ جي ڪوپ جي سکڻي صلاح به ڪونه ڪيائين. سو پوءِ جڏهن به اهو ايس.ڊي.ايم ملندو هو، ته کِلي پڇندو هو: ”صوفن واري ماڻهوءَ جي خبر ڪر؟“
بهرحال، اهو ايس.ڊي.ايم. به اڳي پوءِ بدلي ٿي ويو. هڪ دفعو سڪرنڊ ۾ سندس آفيس ۾ ساڻس ملاقات ٿي، جو مان حيدرآباد مان ڪنڊياري جي ڀرسان پنهنجي ڳوٺ وڃي رهيو هئس. پوءِ ڪيئي ورهيه وري ڪونه ملياسين. جڏهن اسلام آباد ۾ فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جو ميمبر هئس، ته هڪ ڏينهن آفيس ۾ اچي مليو. اسان جي آفيس جي پاسي ۾ ”گريٽ وال“ نالي هڪ سٺي چيني هوٽل هوندي هئي، کيس ان ۾ لنچ کارايم. ماني کائيندي، ”سنڌ يونيورسٽي“ ۽ ان سان گڏ ”جيئي سنڌ تحريڪ“ جو ذڪر نڪتو. ايس.ڊي.ايم ٻڌايو ته، ”مان ايس.ڊي.ايم جي عهدي تان پروموٽ ٿي، دادوءَ جو ڊپٽي ڪمشنر ٿيس. سائين جي.ايم.سيد اهو ئي سن ۾ نظربند هو. ٻارهين ٻارهين مهيني پنهنجيءَ سالگرهه جي موقعي تي وڏو جلسو ڪندو هو، جنهن ۾ جيئي سنڌ سان وابسته نوجوان اديب ۽ شاگرد اڳواڻ سياسي تقريرون ڪندا هئا. سرڪار تي ڇوهه ڇنڊيندا هئا. اها ڳالهه سرڪار کي ڏکي لڳندي هئي.
چيائين ته هڪ ڀيري سائينءَ جي سالگره کان ڪجهه ڏينهن اڳي چيف منسٽر هائوس ڪراچيءَ مان فون آئي، ته وزيراعليٰ سنڌ اوهان سان ڳالهائيندو. مان کڙو تڙو ٿي ويٺس. اوچتو وزير اعليٰ جو ڪڙڪو ڪن تي پيو: ”سن ۾ سالگره جون سڀ رپورٽون منهنجي اڳيان آهن. سڀاڻي وري سالگره جو جلسو ٿيندو ۽ اهي ئي ساڳيون تقريرون ٿينديون. پوءِ تو انهيءَ بڪواس کي بند ڪرڻ لاءِ ڇا ڪيو آهي؟“
”سائين مان ڇا ٿو ڪري سگهان؟“
”مان ڇا ٿو ڪري سگهان!“ چيف منسٽر ميز تي مڪ هڻي واڪو ڪيو: ”هينئر دادوءَ مان نڪر. سڌو سن وڃ. پوڙهي کي گرفتار ڪري دادوءَ وٺي وڃ.“ وزير اعليٰ صاحب غصي ۾ اهو حڪم ڏئي، زور سان فون بند ڪري ڇڏي.
ايس.ڊي.ايم. چيو ته مان ته حڪم ٻڌي، وائڙو ٿي ويس! پر، بيماريءَ جو بهانو ڪري، اوڏيءَ مهل درخواست ڏئي، موڪل تي هليو ويس.
اها ڳالهه ٻڌي، منهنجا به هٿ پير ٺري ويا.
مون واري دوست چيو ته، ”توکي خبر آهي ته سائين سنڌ جي سيدن سڳورن تان قربان پيو ويندو هو؟“
مون چيو ته، ”هائو“
کِلي چيائين ته، ”اهو وزيراعليٰ به سنڌ جو هڪ سيد سڳورو هو.“
ٻيو اهڙو مثال ياد ٿو اچيم، پر اهو سائينءَ جي هڪ غير سنڌي عقيدتمند جو آهي. ليڪن، ماڻهوءَ جو مزاج معلوم ڪرڻ لاءِ توجهه جوڳو آهي.
هڪ دفعي سائينءَ جي اصرار تي پير حسام الدين شاهه راشديءَ رني ڪوٽ ڏسڻ جو پروگرام ٺاهيو. پاڻ دل جو بيمار هو، سو جناح اسپتال جي ايڊمنسٽريٽر، ڪرنل ڊاڪٽر خواجه عبدالرشيد سان دوستي رکي هئائين، محمد حسين پنهور، جويي صاحب ۽ مون کي به گڏ وٺي هليو. سن ۾ سائينءَ جي درياهه واري بنگلي تي ٻه ٽي ڏينهن وڃي ٽڪياسين.
سائين وڏو مهمان نواز هو. اسان جون ڪي خذمتون ڪيائين! سن ۾ نوڪرياڻيءَ کي مانيءَ جي خاص ٽريننگ ڏياري هئائين. سا، روزانو نوان نوان طعام تيار ڪندي هئي، ٻوڙ، پلاءَ ۽ چاشني ته هر ڪو ڄاڻي. هوءَ ته الائي ڪيترن طعامن جي ڪاريگر هئي! ڪڪڙيون روسٽ ڪرڻ ۽ انهن جي پيٽ ۾ چانور ۽ خشڪ ميوا ڀرڻ ۾ خاص مهارت هئس. قسمَ قِسم جا ڪوفتا، ڪباب ۽ مڇيءَ جا نمونا ٺاهيندي هئي. منجهند جو هڪڙا ته رات جو ٻيا. آئيس ڪريم ٺاهڻ تي ته خاص ملڪو هُئس. پستن جي هڪ خاص پڊنگ ٺاهي، نارنگيءَ ۾ وجهندي هئي، ٻاهران ائين لڳندو هو، ته نوڪرَ مانيءَ کان پوءِ ٻئي ميوي سان گڏ، نارنگين جي ڊِشِ پڻ ڀري کڻي آيا آهن. نارنگي ڪپ ته اندران پڊنگ نڪرندي هئي. ايڏي ته لذيذ هوندي هئي، جو مون کان ان جو ذائقو اڃا ڪونه وسريو آهي.
اسان صبح جو نيرن ڪري جيپن ۾ سن کان رني ڪوٽ وياسين پوءِ اتان ميريءَ تائين اُُٺن تي وياسين، ڇو ته تڏهن ميريءَ تائين جيپن جو رستو ڪونه هو. سائينءَ وڏي خيال سان اسان جي گهمڻ گهتڻ جو اڳواٽ سڄو بندوبست ڪيو هو. رني ڪوٽ ڏسي، سن موٽياسين، رات جي ماني کائي سائينءَ جي درياهه واري بنگلي جي ٿلهي تي موڙا وجهي، ڪچهري ڪرڻ ويٺاسين. تارن ڀرئي آسمان هيٺان ٿڌيءَ هير ۾ ڪچهري ڪندي ڏاڍو مزو آيو. مکيه موضوع ”رني ڪوٽ“ هو. اسان سڀني پهريون ڀيرو ڏٺو هو.
مون کي ان کان پوءِ گهڻئي دفعا رني ڪوٽ ڏسڻ جو موقعو مليو. آخرين دفعو ته سال ٻه اڳ، جرمن سفير، پنهنجيءَ مسز ۽ ڪراچيءَ ۾ پنهنجي قانصل جنرل جرمن خوبصورت خاتونءَ کي ساڻ وٺي اچي حيدرآباد ۾ مون وٽ ڪڙڪيو ته، ”اسان کي رني ڪوٽ ڏيکار.“
”مان نہ مان میں تیرا مہمان!"مان ڦاسي ويس، ڄڻ ته رني ڪوٽ آڳرا قوم جي ماڻهن ٺهرايو هو ۽ هاڻي مان ئي ان جو والي وارث آهيان.
جرمن سفارتخاني سان منهنجو پري جو لڳ لاڳاپو هو، جيڪو پندرنهن سال اڳ، ڊاڪٽر شمل جي ڪري ٿيو هو. تڏهن اسلام آباد ۾ رهندو هئس. بهرحال منهن ڏيڻو پيو. هٿ پير هنيم. دوست ۽ مهربان ڪم آيا. سڪيورٽيءَ جو سڄو انتظام ته پوليس جي ذمي هو جنهن جي مٿان ملٽري انٽيليجنس جي نظر هئي. غير ملڪي مهمان رني ڪوٽ ڏسي خوش ٿي ويا. الله سائينءَ منهنجي عزت ۽ آبرو رکي.
رني ڪوٽ ڏسڻ کان پوءِ سن ۾ سائينءَ جي بنگلي تي رات جو گهڻي گفتگو ڪرنل رشيد ۽ سائينءَ جي وچ ۾ ٿيندي هئي. ٻئي ڄڻا وري اهو سوال اٿاريندا هئا، ته رني ڪوٽ ڪڏهن ۽ ڪنهن ٺهرايو هوندو؟ چوندا هئا ته اڳئين زماني ۾ جڏهن آمد رفت جي سهولت ڪانه هئي ۽ ٽرڪون ڪرينون ۽ بار ڍوئڻ جون ٻيون وڏيون گاڏيون ڪونه هيون، تڏهن پنجن هزارن مزورن گڏجي ڪم ڪيو هوندو، ته مس مس وڃي ”ديوارِ چين“ جهڙو هيءُ هيبتناڪ قلعو ٺهيو هوندو. سنڌ تي جن گهراڻن حڪومت ڪئي، تن ۾ ايتري طاقت ته ڪنهن وٽ به ڪانه هئي! سو، ٻنهي ڄڻن جو متفقه رايو ٻيٺو ته رني ڪوٽ ايران جي ”هخامنشي حڪمرانن“ يا وري ان کان به اڳ ڪنهن ٻيءَ طاقتور حڪومت ٺهرايو هوندو.
ميرن سان منسوب روايت بابت سندن متفق رايو اهو هو ته، ”ميريءَ جي مرامت ڪرائي هئائون، جا اڃا به پري کان پڌري بيٺي آهي. منجهس شڪار لاءِ وڃي ٽڪندا هئا.“
محمد حسين پنوهر کِلي چيو ته، ”ميرن پنهنجي تختگاهه لاءِ به حيدرآباد ۾ غلام شاهه ڪلهوڙي واري ٺهرايل قلعي ۾ اک وڌي. منجهس به ڪو قابلِ ذڪر محل ماڙي ٺهرائي ڪونه سگهيا. عام خاص ماڻهن سان ملڻ واسطي ڪو ”ديوانِ عام“ ۽ ”ديوانِ خاص“ ٺهرائڻ ته سندن سوچڻ کان مٿڀري ڳالهه هئي! بلوچستان مان آيا هئا. جبل ۽ جهنگ جا ماڻهو هئا، جتي محل ماڙيون ڪونه هونديون هيون. لانڍين ۾ گذر بسر ڪندا هئا. اهي ڳالهيون هر ڪنهن کي معلوم آهن.“
سن واريون اهي تاريخي ڪچهريون مون کي زندگيءَ ڀر ياد رهنديون. سٺي سنگت، سٺو کاڌو، سٺيون ڳالهيون، علم ۽ عقل جا نُڪتا، چرچا گهٻا، کل ڀوڳ، نقل نظير، سنڌ جون ڳالهيون ۽ سنڌ جون روايتون، سنڌ جي ثقافتي ورثي جا داستان ۽ انهن جا راوي وري سائين جي.ايم.سيد ۽ پير حسام الدين راشديءَ جهڙا اعليٰ انسانَ... زندگيءَ ۾ موسم بهار جا اهڙا ڏينهن ٿورڙا نصيب ٿيا.
ڪراچيءَ موٽياسين، ته ڪرنل خواجه عبدالرشيد ريسرچ ڪري، اقبال ايڪيڊميءَ جي تحقيقي رسالي ۾ ”رني ڪوٽ“ تي انگريزيءَ ۾ مضمون ڇپايو، جو بعد ۾ هنڌين ماڳين ان جي شهرت جو باعث بنيو. تيسين رني ڪوٽ ڪنهن کي ياد به ڪونه هو.
وقت بادشاهه آهي. صبح جو جيڪو سج اڀري ٿو، اهو الائي ته ڪيڏي اُٿل پُٿل آڻي ٿو. سنڌ به انهيءَ قدرتي قانون جي تابع آهي. سائين جي.ايم.سيد، پير حسام الدين راشدي ۽ محمد حسين پنوهر هاڻي هي جهان ڇڏي ويا آهن. سو، منهنجيون هي ڳالهيون به ماضيءَ جا داستان آهن. پر، انهن ۾ ”عبرت جا سامان“ به آهن. سو هيئن، ته سنڌ جي محب وطنَ، محترم احمد علي قريشيءَ سنه 2003ع ۾، سائين جي.ايم.سيد جي ياد ۾ سئو سوا سو، صفحن جو انگريزيءَ ۾ هڪ سٻنڌڙو ڪتاب ڇپايو آهي. جنهن ۾ سائينءَ جي هنن عقيدتمندن جا مضمون وڌا اٿس: (1) سيد غلام مصطفيٰ شاهه (2) ڊاڪٽر جي.ايم.مهڪري (3) محمد حسين پنوهر (4) محمد ابراهيم جويو، (5)يوسف هارون، (6) مظهر يوسف (7) قمرالزمان شاهه ۽ (8) غلام رباني آگرو.
پنوهر صاحب پنهنجي مضمون ۾، سائينءَ جي دعوت تي سن وڃڻ ۽ رني ڪوٽ ڏسڻ جو ذڪر ڪيو آهي. لکيو اٿس ته:
مان محمد ابراهيم جويي، حسام الدين شاهه راشديءَ، غلام رباني آگري ۽ ڪرنل خواجه عبدالرشيد سان گڏ سن ويس. ڪرنل خواجه عبدالرشيد رني ڪوٽ بابت پنهنجي مضمون ۾ جيڪي ڪجهه لکيو آهي، اهو گهڻي قدر اهو ئي آهي، جيڪو اسان سان گڏ سائينءَ کان سن ۾ رهائش دوران ٻڌو هئائين.
سائين ڪجهه عرصي کان پوءِ دل جي تڪليف ڪري، سرڪاري اجازت سان ڪراچيءَ آيو. گهڻي عرصي کان انهيءَ بيماري جي علاج لاءِ، ڊاڪٽر سان ملڻ لاءِ ڪراچيءَ ايندو رهندو هو.
پنوهر صاحب لکيو آهي ته ڪرنل خواجه عبدالرشيد اڃا جناح اسپتال جو ايڊمنسٽريٽر هو. ڪراچيءَ ۾ سائينءَ جي آمد جو ٻڌي، خوش ٿيو ۽ سندس مانَ ۾ دعوت ڪيائين. ڪراچيءَ ۾ مون کي ۽ پير حسام الدين راشديءَ کي به سڏيائين. اسان سندس دعوت ۾ شريڪ ٿياسين. هو چڱو وقتُ، سائينءَ جي ساراهه ڪندو رهيو. پر، جڏهن سائينءَ پنهنجيءَ دل جي بيماريءَ جو ذڪر ڪيو ۽ جناح اسپتال ۾ علاج لاءِ کيس چيو، ته هن انڪار ڪيو ۽ چيو ته، ”مان اسپتال ۾ ملڪ جي دشمن جو علاج ڪري نٿو سگهان!“
پنوهر صاحب وڌيڪ لکيو آهي ته، ”خواجه صاحب جي ڳالهه ٻڌي، پير سائين حسام الدين شاهه جي دل کي ڌڌڪو آيو.“
ائين ئي هوندو. ڪتاب ۾ ڳالهه پڙهي، مان به وائڙو ٿي ويس! ليڪن پنوهر صاحب ائين به لکيو آهي ته، ”مان ڀايان ٿو ته خواجه صاحب تي سندس اعليَ عملدارن جو دٻاءُ هوندو، تڏهن هن ائين چيو هوندو.“
مان به ائين ئي سمجهان ٿو. هونئن ڀلا، خواجه صاحب پنهنجي ئي دعوت ۾ سائينءَ کي ائين ڪيئن ٿي چئي سگهيو ته، ”تون ته ملڪ جو دشمن آهين، سو، تنهنجو جناح اسپتال ۾ علاج ڪونه ڪندس!“
هن ان مهل ائين چيو هوندو، ته مان جاچ جوچ ڪيان، ته اسپيشل وارڊ يا پرائيويٽ وارڊ ۾ ڪي ڪمرا خالي آهن وغيره وغيره. پوءِ ٻئي ڏينهن پنهنجي ڪنهن بالادست کي اها ڳالهه ٻڌائي، کانئس منظوري گهري هوندائين، جنهن چيو هوندس ته، ”تون پاڪستان جي مخالف سياستدان کي پاڻ وٽ علاج لاءِ ڪيئن داخل ڪندين؟ سرڪار ان ڳالهه جو الائي ڪهڙو اثر وٺندي!“
اهو ٻڌي، هو ڊڄي ويو هوندو ۽ پاڻ ڇڏائڻ لاءِ پير حسام الدين يا ٻئي ڪنهن سان پنوهر صاحب جي بيان ڪيل ڳالهه، ڪنهن رمز سان ڪئي هوندائين جنهن کي بهرحال صدمو رسيو هوندو.
هي ٿيون خواجه صاحب جي ڳالهه جون تاويلون. اصل ڳالهه ته اها آهي ته هن سائينءَ سان پير ڪونه ڀريو!
خواجه رشيد ته ٿيو هڪ معمولي ملازم. پر، سائين جڏهن ايڏو عليل ٿيو، جو سندس حياتيءَ جي جدول سالن ۽ مهينن تان لهي، اچي ڏينهن تي بيٺي، تڏهن ملڪ جي سرڪار کيس ساڳيءَ جناح اسپتال ۾ داخل ڪيو. ليڪن، مٿانئس پوليس جو پهرو پوءِ به ڪونه هٽايو! نه وري ٻاهرئين ملڪ ۾ علاج لاءِ وڃڻ جي اجازت ڏني. سنڌ تي سنڌين جي حڪومت هئي. سائينءَ ڪسمپرسيءَ ۾ دم ڏنو.
هاڻي، لاهور واري ”پاڪستان ٺهراءَ“ جا ته رات ڏينهن دهل پيا ٿا وڄن. پر، سنڌ اسيمبليءَ ۾ سائين جي.ايم.سيد جي پاس ڪرايل ٺهراءَ جو ڪير نالو ئي ڪونه ٿو کڻي، ڄڻ ته اهو ٺهراءُ يو.پي يا سي.پيءَ جي پاسي ڪنهن اسيمبليءَ پاس ڪيو هو. اهو دردناڪ منظر ڏسي، گرهوڙي فقير ياد اچي ٿو:
ماءُ ڏٺي مون ماٺ مڙهين ۾، جوڳي جيڪس ويا جبروت.
اڄ سنڌ تي جيڪي ڪارا ڪڪر آيا آهن، تن ۾ اميد جو ڪِرڻو (Silver lining over the dark cloud) وري به اهو ئي پيغام آهي، جو سائينءَ سنڌ جي نوجوان نسل کي ڏنو آهي. ڀٽائيءَ جي ڀلارن اکرن ۾ هيئن آهي ته:
جيئن ڳنڍيون منجهه ڳنڍير، تيئن مون مَنُ ماروئڙن سين.
سائينءَ کي سنڌ جي ڌرتيءَ، سنڌ جي تاريخ، ادب ۽ قدرتي نظارن سان عشق هو. رني ڪوٽ سان محبت به ان ڪري هئس. عزيزم اعجاز چانڊيي ٻڌايو ته ”گورخ“ به سائين جي.ايم.سيد جي دريافت آهي. ان جو صحيح نالو ”گورغ“ آهي، يعني ”بوندن جي وسڪاري وارو هنڌ.“
عزيزم منظور پنوهر، قائد عوام يونيورسٽيءَ ۾ اسٽوڊنٽس افيئرس جو ڊئريڪٽر آهي. هن مون کي ٻڌايو ته سائين پاڪستان کان گهڻو گهڻو اڳ، راشدي صاحب سان گڏ، خچرن تي چڙهي، گورغ ڏسي آيو هو. ٻڌايائين ته ”اونهاري ۾ به ايڏو سيءُ هو، جو اسان سوڙيون پائي ڪچهري ڪئي.“
سائينءَ سڀ ڳالهيون سوچي، سنڌ جي تاريخ ۽ ادب جي تحفظ لاءِ ”سنڌي ادبي بورڊ“ ٺاهيو ۽ شاهه سائينءَ جي ڪلام ۽ پيغام تي ذاتي طرح، تحقيق لاءِ ”ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز“ ٺاهيو. ٻيا به ڪيئي اهڙا شاندار ڪم ڪيائين. جن جا تفصيل هت ڏئي ڪونه ٿو سگهان.
سن ۾ پنهنجي گهر هڪ سٺي لئبرري ٺاهيائين، جنهن ۾ هڪ دفعي اسان کي اهم ڪتابن سان گڏ، جناح صاحب ۽ ابوالڪلام آزاد جا خط ۽ تارون به ڏيکاريائين.
جيڪڏهن جناح صاحب جا سائينءَ ڏانهن اهي تاريخي خط ڇپبا، ته رتبو اسان جو وڌندو ۽ دوست دشمن کي خبر پوندي، ته اسان جو سائين بلڪ سڄيءَ سنڌ جو سائين، ڪيڏي پايي جو ليڊر هو، پر افسوس آهي ته اهي تاريخي خط هاڻي سڙي، ڳري، ڀُري ويندا، پر ڪڏهن ڪونه ڇپبا! اسان سائين جا ڪيڏا نه احمق عقيدتمند آهيون!
سائينءَ زندگيءَ جو پويون پهر سن ۾ ڪتابن لکندي گذاريو. جڏهن اهي سڀ ڪتاب سليقي سان ڇپبا، تڏهن ئي وڃي اسان جي ايندڙ نسلن کي سائينءَ جي عظمت جو اندازو ٿيندو. سائينءَ جو پوٽو، سيد جلال محمود شاهه لائق انسان ۽ وڏو دانشور آهي. مون کي ساڻس دلي محبت آهي. هڪ دفعي ڪراچيءَ جي جلسي ۾ مون سندس هڪ لاجواب تحقيقي مقالو کانئس ٻڌو آهي. کهڙي صاحب جي لائيف تي لکيل ڪتاب جي تقريب هئي. سائينءَ جي ڪتابن جي اشاعت جي ڪم ۾ هٿ وڌو اٿس. خدا کيس ڪامياب ڪندو.
سائينءَ جا هن وقت تائين جيڪي به ڪتاب ڇپيا آهن، تن ۾ ”جنب گذاريم جن سين“ مڙني ۾ اهم آهي. سنڌي ادبي بورڊ ڇپايو آهي.
مون کي فخر آهي ته انهيءَ ڪتاب تيار ڪرڻ ۽ ڇپائڻ ۾ شروع کان آخر تائين، جويو صاحب ۽ مان ٻئي ڄڻا سائينءَ جا ٻانهن ٻيلي هئاسين. علامه آءِ.آءِ.قاضي صاحب ۽ بيگم طاهره آغا جون تصويرون ۽ حياتيءَ جو احوال ته مون ئي کانئن وٺي، سائينءَ کي موڪليو هو. علامه صاحب مون کي جيڪو پنهنجو احوال لکايو هو، تنهن ۾ ٻه ٽي پئراگراف روڪايا هئائين.
”جنب گذاريم جن سين“ ڪتابُ درحقيقت سنڌ جي زميندارن، پيرن فقيرن، صوفين ۽ سجاده نشينن، عالمن ۽ اديبن، سماجي ڪارڪنن ۽ سياسي اڳواڻن جو تذڪرو آهي. سائين جي.ايم.سيد جي سنڌ اها ئي هئي. پاڻ ان جي تصوير انتهائي ايمانداريءَ ۽ سچائيءَ سان چٽي اٿس. انهيءَ ئي سنڌ جي سياست ۽ خذمت ۾ زندگي گذاريائين.
سنڌ جي وڏن خاندانن ۽ مخلص ماڻهن ۾ حاجي سر عبدالله هارون پاڪستان ٺاهڻ ۾ وڏو رول ادا ڪيو. سندس وڏو فرزند، يوسف هارون، پاڪستان ٺهڻ واري زماني ۾ سنڌ جو چيف منسٽر هو. اڳتي هلي، تڏهوڪي اولهه پاڪستان يعني هاڻوڪي پاڪستان جو گورنر ٿيو هو. مٿس غداريءَ جو الزام ته لڳي نٿو سگهي. سائينءَ جي رحلت تي ”ڊان“ اخبار ۾ پنهنجي تعزيتي مضمون ۾ سائينءَ کي خراج عقيدت پيش ڪندي، لکيو اٿس ته:
”سنڌ جي ڌرتيءَ ۽ ماڻهن جي ڀلائيءَ لاءِ جدوجهد ڪيائين. پنهنجن اصولن تي قائم رهيو. ڪابه لالچ کيس خريد ڪري ڪانه سگهي. دنيا جي ڪا به طاقت کيس پنهنجي موقف تان هٽائي ڪانه سگهي. آخرين دم تائين سنڌ جو ساٿ ڏنائين.
يوسف هارون کي ڪنهن جي به تعريف ڪرڻ جي ضرورت ڪانهي. ملڪ جي امير ترين ۽ حڪمران خاندانن ۾ شمار ٿئي ٿو. هن سائينءَ سان سچائيءَ جا جيڪي لفظ لکيا آهن، سي سندس دل جو آئينو آهن.
1960ع واري ڏهاڪي ۾ سائين سَن ۾ نظربند هو، ته مهيني ماسي سندس ڪونه ڪو ماڻهو ذاتي ڪمن ڪارن سان خط پٽ کڻي مون وٽ ئي ايندو هو، توڙي جو حفيظ قريشيءَ جهڙو سائينءَ جو سچو عقيدتمند به حيدرآباد ۾ موجود هوندو هو. سرڪار نامدار جويي صاحب کي اول جيڪب آباد ۽ پوءِ ڪوهاٽ جي پاسي جلاوطن ڪيو هو.
مان سائينءَ جا ڪم ڪاريون دل و جان سان سرانجام ڏيندو هئس، پر، هڪ دفعي مان پاڻ ڪنهن ڪم ۾ پريشان ٿيس. ”سنڌي سٻاجهڙا“ رڳو هاڻي نه پر هميشه پنهنجن محسنن لاءِ مسئلا پيدا ڪندا آهن. مولانا قاسميءَ مون سان ڳالهه ڪئي، ته عربن جي حڪومت ۾ ٻه سنڌي عالم مديني ۾ رهندا هئا. هڪڙي حاڪمن وٽ چغليون هڻي ٻئي کي آزار ۾ آندو.
بهرحال، مون پنهنجي مسئلي متعلق سائينءَ کي خط لکي موڪليو. فوراً جواب موڪليائين. نيري رنگ جي سنهي پيڊ پيپر تي لکيل هو. جنهن جي آخر ۾، حافظ شيرازيءَ جو هڪ شعر لکيو هئائين ته:
”غم نه ڪر، زمانو سدائين هڪ حال تي قائم ڪونهي.“
رڳو همدردي ڪانه ڪيائين، پنهنجيءَ نياڻيءَ، سيده درشهوار کي بيگم دائودپوٽا وٽ موڪليائين، جنهن سنڌي ادبي بورڊ جي صدر، کهڙي صاحب سان ملاقات ڪري، منهنجي مشڪلات دور ڪرائي.
گهڻا گهڻا سال پوءِ مان اسلام آباد ۾ هئس، ته سيده درشهوار(مرحومه) مون وٽ تشريف فرما ٿي. مانيءَ گرهه وڌائين ۽ ٻڌايائين ته پاڻ ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ ’شاهه لطيف چيئر‘ تي آهي ۽ انهي ئي ڪم جي سلسلي ۾ اسلام آباد آئي آهي. مون واسطيدار ڪاموري سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ وس آهر سندس مدد ڪئي. سيده نهايت نيڪ خاتون هئي. دعا آهي ته الله پاڪ کيس جنت ۾ جايون ڏي!
قدرت جا مون تي وڏا ڪرم آهن. منهنجا گهڻا ئي محسن آهن. انهن مڙني ۾ ڪير به سائينءَ کان وڌيڪ ڪونه هو. سائين دلير شخص هو. سندس سخن لوهه تي ليڪو هو. مون جوانيءَ جو وڏو عرصو سندس شفقت جي ڇانوَ هيٺ گذاريو. سندس اثر هيٺ، پنهنجي جواني بلڪ سڄي زندگي سنڌ جي ڀلائيءَ واسطي وقف ڪري ڇڏيم. اڀري سڀري حال آهَرَ هميشه ۽ هر هنڌ سنڌ لاءِ پاڻ پتوڙيندو رهيس.
سائين سان سن توڙي ڪراچيءَ ۾، سنگت سان توڙي اڪيلائيءَ ۾، ڪيئي ڪچهريون ڪيم. انهن جون يادگيريون ۽ عڪسَ دل تي ائين ئي اڪريل اٿم، جيئن تاج محل جي ديوارن تي سنگمرمر جا گُل.
جڏهن به سائينءَ جي سڪ لڳندي هئم، ته ڪنهن نه ڪنهن يار سان، ڪار ۾ چڙهي، سن هليو ويندو هئس. ڪڏهن ته بس ۾ اڪيلو به هليو ويندو هئس. هڪ دفعي سن ويس. سائينءَ کي اطلاع مليو ته گهر ۾ مانيءَ جو چئي، هڪدم بنگلي تي هليو آيو. ٽي چار ڪلاڪ ڪچهري ڪئيسون. پوءِ منجهند جو ماني آئي. کائي ته وياسين. پر گرميءَ جي مهل هئي. سن ۾ بجلي ڪانه هئي. اهڙو پگهر آيو، جو سائين ته ململ جي چولي ۾ به وهنجي ويو.
وقت ڪيڏو نه تيزيءَ سان گذري ٿو. اڄ ڪنڌ ورائي پوئتي نهاريان ٿو، ته ائين ڀايان ٿو، ته ڄڻ اهو ڪالهوڪو ڏينهن آهي.
جڏهن سائينءَ هي جهان ڇڏيو، ته سندس خاڪي جسم تدفين کان اڳ، سَن شهر جي ٻاهران شيشي جي تابوت ۾ آڻي، ماڻهن جي ديدار لاءِ رکيائون. مون کي ٻاهران ئي ٻاهران شاهه محمد شاهه ملي ويو. ماڻهن جي هجوم ۾ حفاظت خاطر ٻانهن کان جهلي، وٺي هليو ۽ شيشي جي تابوت جي ڀرسان بيهاريائين! غمزده ماڻهن جا الائي ته ڪيڏا هشام هئا. منهنجي اکين جا ڳوڙها ته خبر ٻڌڻ کان پوءِ الائي ته ڪيڏيءَ مهل سُڪي ويا هئا. اداس اداس نظرن سان سائينءَ جي چهري جو طواف ڪندو رهيس.
غالباً، 1980ع واري ڏهاڪي ۾، حڪومت مون کي پاڪستان جي اديبن جي وفد جو اڳواڻ ڪري، چين جي ادبي ۽ ثقافتي دؤري تي موڪليو. دؤري پوري ٿيڻ کان پوءِ، چيني ميزبان اسان جي وفد کي ملڪ جي گاديءَ بيجنگ ۾، چيئرمن مائوجي ”يادگار هال“ ”Memory Hall“ ۾ وٺي هليا. هال جي ٻاهران بيشمار ماڻهو، هڪ وڏيءَ ڊگهيءَ قطار ۾ پنهنجي واري جي انتظار ۾ بيٺا هئا، پر، غير ملڪي مهمانن هئڻ ڪري، اسان کي ٻين کان اول اندر موڪليائون. هال جي وچ ۾، شيشي جو تابوت رکيو هو ۽ انهن ۾ چيئرمن مائوءَ جو خاڪي جسم خلق جي ديدار لاءِ رکيو هو.
مون کي پنهنجي عظيم انسانن جو آخرين ديدار ائين ئي نصيب ٿيو. ٻئي جبل جيڏا انسان هئا. تاريخ ساز هئا. زندگي پنهنجن اصولن موجب ئي گذاريائون. ايندڙ نسلن لاءِ مثال ڇڏيائون.
مون جڏهن شيشي جي تابوت ۾ سندن خاڪي جسم ڏٺو، ته ائين محسوس ڪيم ته ”هو ابدي آرام ۾ هئا.“
هاڻي جڏهن به اهي ٻئي نظارا ياد ايندا اٿم، ته سنڌ جي شاعر جا شيرين شعر چپن تي ايندا آهن:

مون ڇا ڇا مڙس مٿير ڏٺا،
مون ويندي تن جا پير ڏٺا،
جي ڪيئي سج اُڀاري ويا،
جي ڪيئي سج سمائي ويا.

---

مون ڌرتي تنهن جا ڌِڱ ڏٺا،
مون تن جا لويل لڱ ڏٺا،
جن وڙهندي وڙهندي جان ڏني،
سي وارو ويرَ وڄائي ويا.


_____________
* ڀٽي صاحب جي وزير ٿيڻ جو پس منظر ايوب خان جي پٽ گوهر ايوب جي تازو شايع ٿيل ڪتاب ۾ ڏنل آهي. ڪتاب هاڻي اردوءَ ۾ به ڇپيو آهي. دلچسپ آهي.
* انهيءَ سازش جو ڪجهه احوال به گوهر ايوب جي ڪتاب ۾ موجود آهي.
* يوسف هارون جو اهو تعزيتي مضمون به محترم علي احمد قريشيءَ جي انگريزي ڪتاب ۾ شامل آهي.