ڀڳت ڪنوَر رامُ
”ڀڳتِ“ جو خاص مقصد اهو هوندو هو ته راڳ روپ وسيلي، عام ماڻهن کي هڪ هنڌ گڏ ڪري، محبت ۽ ميٺاڄ سان نيڪ ڪمن جي نصيحت ڪئي وڃي. هاڻوڪين راڳ جي مجلسن جو مکيه مقصد رڳو وندر ورونهه آهي.
ڀڳتن جو لباسُ به نرالو هوندو هو. گيڙو رنگ پسند ڪندا هئا. ڊگها جاما ۽ پڙا پائيندا هئا. مٿي سان پڳڙي ٻڌندا هئا. ڀڳت ۾ ڪانه ڪا ڳالهه کڻندا هئا جا سر ۽ لئه سان ٻڌائيندا هئا. سندن آواز مٺو ۽ سريلو هوندو هو، ساز جو استعمال ان ۾ هيڪاري دلڪشي پيدا ڪندو هو. ڳالهه بيان ڪندي ڪلام چوندا هئا. جيڪي اڪثر مسلمان صوفي شاعرن جا هوندا هئا.
مون به ننڍپڻ ۾ هڪ ڀڳتِ ڏٺي. عمر ڏهه ٻارنهن سال هوندي. ”قومي شاهراهه“ تي ساهتيءَ پرڳڻي ۾، هالاڻي نالي ننڍو شهر آهي. جيڪو اسان جي ڳوٺ کان ڇهه ميل پري آهي. سڄيءَ سنڌ ۾ وڏي ۾ وڏو عاليشان مندر هالاڻيءَ ۾ آهي، جتي ويساکيءَ جو ميلو لڳندو آهي.
مون کي اهو مندر گهمڻ جو موقعو مليو. ٻاهران عمارت عاليشان آهي، پر، اندر منجهس ڪو گهڻو ڪجهه ڏسڻ لاءِ ڪونه آهي. البت ٺهيل سٺو آهي. غالباً منجهس گرو نانڪ جو گرنٿ هڪ سهڻي ننڍي هندوري ۾ پڙهڻ لاءِ رکيل آهي. ڪن ڀتين تي مورتون ٺهيل آهن، جي ڌرمي شخصيتن جون آهن. مندر جي ٻاهران ڪجهه هندو خاندان رهن ٿا. پر، ٿورو پرڀرو، الڳ ايراضيءَ ۾ ڪن مسلمان خاندانن جا گهر به آهن. سموري ايراضي مندر جي ملڪيت آهي.
اهو مندر هندو ڌرم جي هڪ مهاپرش ٺهرايو هو، جو ٽنڊي الهيار جي باني ميرَ صاحب سان گڏجي، غزنيءَ (افغانستان) مان سنڌ ۾ آيو هو. مير صاحب جي ساڻس ايڏي ته عقيدت هئي، جو ٽنڊي الهيار ۾ سندس رهائش ۽ عبادت لاءِ منڊلي ۽ ننڍو مندر ٺهرايائين. گهڻن سالن کان پوءِ انهيءَ سنت کي سنڌ گهمڻ جو شوق ٿيو. ٽنڊي الهيار مان پيادل نڪتو. ڪجهه چيلا (پوئلڳ) ساڻ هئس. درياهه جو اولهه وارو پاسو گهمندو، مانجهند ۽ سن وٽ وڃي پهتو. ٻيڙين جي وسيلي درياهه پار ڪيائين ته دولتپور جي ويجهو اچي لٿو. اڳتي وڌيو ڪنڊياري پهتو، پر، هالاڻيءَ ويندي، کيس وڏي جهنگ مان لنگهڻو پيو. سو، پاڻ ۽ سندس چيلا جهنگ ڪپيندا، رستو ٺاهيندا، اڳتي هليا ۽ نيٺ اچي هالاڻيءَ وٽ پهتا. پر، اهڙو ٿڪجي پيا جو اتي ئي ڪکن پنن کي صاف ڪري، ڇپر ۽ ڇانوَ لاءِ جهوپڙي اڏيائون. ستت، هر طرف هندو مهاپرش جي هاڪ پکڙجي وئي. ماڻهن جا ٽولا سندس درشن ۽ دعا لاءِ ايندا رهيا. هالاڻي وٽ ئي حياتيءَ جا باقي ڏينهن گذاريائين. سندس وفات کان پوءِ، اتي اهو عاليشان مندر ٺهيو. جنهن ۾ وقت بوقت مختلف سنت شيواداري ٿيندا رهيا. هڪڙو اسان جي پاسي، ڳوٺَ ساجن شاهه جو سنت به هو. ”ساجن شاهه“ اسان جي ڳوٺ کان فقط اڌ ميل جي پنڌ تي آهي.
ڪنڊيارو تعلقو انهيءَ زماني ۾ شايد خيرپور جي مير علي مراد جي رياست ۾ هوندو هو. مير صاحب هالاڻي آيو ۽ مندر لاءِ زمين وقفُ ڪري ڏئي ويو. سندس پوٽي، وري اها زمين لکت پڙهت ڪري، شيوادارين کي ڏني ۽ خرچ پکي لاءِ ٻيا ڪي ايڪڙ زمين به ڏني.
هيءَ ننڍڙي ڳالهه انهيءَ وڏيءَ حقيقت جي نشاني آهي، ته مير الهه يار خان ۽ مير علي مراد ٽالپر جي زماني ۾ به سنڌ ۾ هندن ۽ مسلمانن ۾، هڪٻئي جي نيڪ مردن لاءِ ڪيڏي نه محبت ۽ عزت هوندي هئي.
هالاڻيءَ ۾ هر سال، ويساکي جو ميلو اڃا به لڳندو آهي، هڪڙي سال، اسان جي ڳوٺ مان ويهن پنجويهن ورهين جي جوانن جو ٽولو ميلو ڏسڻ هليو. مڙئي منهنجا مـِٽ مائٽ هئا. مان ۽ ٻه ٽي ٻار به ساڻن گڏجي وياسين. ميلي ۾ هر طرف رنگ برنگي جهنڊين واريون بزاريون هيون. جن ۾ ماڻهن جي ڏاڍي پيهه هئي. هر طرف کاڌي پيتي جا دڪان هئا، جن ۾، کائڻ پيئڻ جو سامان ۽ مٺايون رکيون هيون. اسان به ناريل جي مٺائيءَ جو مزو ورتو.
اسان جي وڏن رات جو”ڀَڳَتِ“ ڏسڻ جو فيصلو ڪيو. اسان به ساڻن گڏ وياسون. وهڻ لاءِ ڪرسيون رکيون هيون.
”ڀَڳَت“ رات جو سومهاڻيءَ کان پوءِ شروع ٿي. ٻه ”ڀڳت“ هئا، واري واري سان ڳالهه کڻي رهيا هئا ۽ ڳالهه ڪندي، ڪلام ڳائي رهيا هئا. ڏاڍو وڻندڙ ماحول هو. سازن جي ڇمڪي ۽ ڌڪڙن جي ڌڌڪي ان ۾ هيڪاري جان وڌي. ڀڳتنِ سان تيرنهن چوڏهن سالن جو هڪڙو خوبصورت ڇوڪرو به گڏ هو، جنهن کي عورتن وانگر سبز رنگ جي ريشمي ساڙهي پاتل هئي ۽ پنين ۾ ڇير ٻڌل هئي. جڏهن ڪنهن به شخص ڪنهن ڪلام کان متاثر ٿي، پنجن ڏهن رپين جو نوٽ ٿي ڏنو، ته اهو ڇوڪرو، نچندو، ڇير ڇمڪائيندو، انهيءَ شخص کان نوٽ وٺي ٿي آيو ۽ ڀڳتن جي اڳيان ٿي رکيائين. ڇوڪري کي ”چيهو“ ٿي ڪوٺيائون. چيهي گهڻي رقم گڏ ڪئي، سا ته خدا کي خبر. پر، ڀڳتِ سڄي رات هلندي رهي. ماڻهو ڪرسين تي ويٺا رهيا. اسان جي مائٽن کي فڪر ٿيو، ته متان ٻارن کي ننڊ اچي. پر، اسان سڄي رات ڀڳتِ ڏسندي گذاري.
صبح جو نانوائيءَ جي هوٽل تي وڃي ناشتو ڪيوسون. کاڌو لذيذ هو. ڏاڍو مزو آيو. پر، ڀڳتِ ۾ وڌيڪ مزو آيو. ڀڳتن جيڪي ڪلام ڳايا، تن ۾ دريا خان ۽ شاهه سائينءَ جا هئا. ڪنهن به هندو شاعر جو ڪلام ڪونه ڳايائون. ڀڳت هندو هئا ۽ ڀڳتِ به مندر جي پاسي ۾ وڌائون. پر، نالي ڪاڻ کڻي ساميءَ جو ڪو سلوڪ ڳائن، سو به نه.
هاڻي پنجاهه ورهين کان پوءِ ان ڳالهه تي سوچيندو آهيان ته ان جو سبب ڪهڙو ٿي سگهي ٿو؟ سوچي سوچي انهيءَ نتيجي تي پهتو آهيان، ته ساميءَ جي سلوڪن جي ٻولي اڌ سنڌي ته اڌ هندي آهي. سو، سندس شاعري سنڌي عوام ۾ عام ڪانه ٿي سگهي. ڪتابن تائين محدود رهي. اسان جي ئي ڪن دوستن، شاهه، سچل ۽ سامي ”ٽمورتي“ ٺاهڻ لاءِ پاڪستان کان پوءِ به ڪيئي ڪتاب ڇپايا. پر، پوءِ به عام ماڻهن ۾ فقط شاهه ۽ سچل ئي مقبول آهن.
هالاڻيءَ واريءَ انهيءَ ڀڳتِ جهڙيون ڀڳتون سنڌ ۾ عام جام پونديون هيون. ڪڏهن ڪاٿي ته ڪڏهن ڪاٿي. ڀڳت به جام هئا. سنڌ جي مختلف شهرن ۾ رهندا هئا. آسپاس توڙي پري پنڌ تي به ڀڳتِ وجهڻ ويندا هئا. ڪن جو وڏو نالو هو، ته ڪن جو گهٽ هو.
ڪوئل پنهنجيءَ مٺيءَ ڪُوڪَ ڪري مشهور آهي، مورُ مڙني پکين ۾ سهڻو سڏبو آهي ڪنور رام به ڀڳت جي فن ۾ ائين ئي مشهور هو. سندس مٽ ثاني ڪونه هو. قدرت کيس سٺو سڀاءُ ۽ مٺو آواز ڏنو هو. جنهن ۾ عجب تاثير هو. ماڻهن تي جادو ڪري ڇڏيندو هو.
اتر سنڌ ۾، جروار نالي، هڪ ننڍي ڳوٺ جو ويٺل هو، مان هڪ دفعي الاهي بخش سومري صاحب سان گڏجي، زماني جي ڪنهن ڪم ڪار سان ميرپور ماٿيلي جي طرف لنڊ قوم جي سردار، نورمحمد خان سان ملڻ ويس. تڏهن الاهي بخش صاحب تجارت ۽ صنعت جو مرڪزي وزير هو.
سانوڻ جي مند هئي. منجهند جي مهل هئي، پر مينهوڳيءَ جي موسم هئي. آسمان ۾ اڇا، ڪارا ۽ ڀورا بادل پئي تريا. ٿڌي ٿڌي وڻندڙ هوا پئي لڳي. الاهي بخش صاحب موٽر هلائي رهيو هو. منجهس فقط ٻه ڄڻا هئاسون. رستو صاف ۽ سٺو هو، پر ور وڪڙ هئس، سو ڪنهن مهل ڦرندو گهرندو، هڪ ننڍي ڳوٺ مان اچي لنگهيو. الاهي بخش صاحب چيو ته، ”ڀڳت ڪنور جو ڳوٺ اهو اٿئي. نالو اٿس جروار.“
مون تي هڪ سمو طاري ٿي ويو! چؤطرف سڪايل اکين سان نهاريم. ڪچا پڪا گهر. ڪاٿي ڪاٿي لوڙها. بزار جو نالو نشان ڪونه. ٻيو ته ٺهيو چاءِ پيڻ جي ڪا ننڍي وڏي هوٽل به ڪانه. البت، هتِ هُتِ سيڌي جا دڪان نظر آيا. چون ٿا ته ڀڳت ڪنور جو به هڪ سيڌي سامان جو دڪان هوندو هو. پئسي ڏوڪڙ ۾ غريب هو، پر، دل جو امير هو.
وڏو ٿيو، ته پري پري ڀڳتِ وجهڻ ويندو هو. مشهور آهي ته لڙيءَ سومهاڻيءَ مهل ۽ بعضي اڌ رات کان پوءِ ڀڳتِ وجهندو هو. آسپاس وارن شهرن ۽ ڳوٺن مان ماڻهن جا هشام اچي مڙندا هئا. ڪنور رام به ٻين ڀڳتن وانگر، ڊگهو جامو پائيندو هو. گيڙو رنگ جو پٽڪو ٻڌندو هو. نماڻو ۽ درويش صفت انسان هو. جهڙو ٻاهر، تهڙو اندر. حَدَ درجي جو نهٺو هو. ٻئي ٻانهون ٻڌي ڳالهائيندو هو. سنڌ جي هندن ۾ جيڪڏهن ڪنهن به شخص ۾ مذهبي ڀيد ڀاءُ ڪونه هو، ته اهو ڪنور هو. ماڻهن جو منجهس ويساهه ڪونه هو، ساهه هو. ڄڻ ته سندن پيرُ هو، پر، حق جي ڳالهه اها آهي ته پاڻ مڙني جو فقير هو. سنڌ ڪنور جهڙا اعليٰ انسان ٿورڙا پيدا ڪيا.
ڪنور جڏهن ڀڳتِ وجهندو هو ته راڳ عبادت جو روپ وٺندو هو. اول رب پاڪ جو مٺو نالو وٺندو هو ”شل ڪا ٻاجهه پويئي“ جي اکرن سان ڳائڻ شروع ڪندو هو:
نالي الک جي، ٻيڙو تار منهنجو
نڌر آهيان نماڻي، تون آڌار منهنجو
نالي الک جي، ٻيڙو تار منهنجو
ڪنور گهڻو ڪري شاهه ڀٽائيءَ ۽ درياخان جا ڪلام ڳائيندو هو. ڪلام ڳائيندي، سندس پنهنجون اکڙيون به مينگهه ملهار ٿي وينديون هيون. جڏهن شاهه ڀٽائيءَ جو نالو کڻندو هو ته عقيدت جي ڪري بيحال ٿي ويندو هو. سندس اکين مان ڳوڙها مينهن وانگر وسندا هئا ۽ چپن تي آلاپ هوندا هئا:
ڪين وڻن، او ڪين وڻن،
تنهنجون ماڙيون بنگلا.
ڪين وڻن، او ڪين وڻن
سون، ڪڙيون، ڪٺمال.
آ، ڪانگا ڪر ڳالهه
مون سان تن ماروئڙن جي
ماروئڙن جي، او سانگيئڙن جي،
آ، ڪانگا ڪر ڳالهه
ڪنور ته دنيا جهان کان بيخبر، موج ۽ مستيءَ ۾ ڳائيندو رهندو هو. پر، ماڻهن جا هيانءَ ڦـِسي پوندا هئا. ڪي سڏڪا ڀريندا هئا، ته ڪي اوڇنگارون ڏئي روئندا هئا.
جيڪڏهن ڀڳتِ ”ڀڳتي تحريڪ“ جي پيداوار هئي ۽ ان جو اصل مقصد الله جي مخلوق کي محبت جي لڙهيءَ ۾ پوئڻ هو، ته پوءِ سونهاريءَ سنڌ جي هندن ۾ ڪنور کان وڌيڪ اهو حق ٻئي ڪنهن به ادا ڪونه ڪيو.
ڪنور سڄي رات ڀڳتِ وجهي، پرڀات مهل جهولي جهليندو هو. ماڻهو مٿس فدا هئا. سوين هزارين رپيا سندس جهوليءَ ۾ پوندا هئا. ليڪن ڪنور سڄي رقم مسڪينن، بيواهن، محتاجن ۽ غريبن ۾ ورهائي، بوڇڻ ڇنڊي اٿندو هو. حرام جو ڪا پائي به پنهنجي لاءِ رکي!
جيڪڏهن ڪو مسڪين سيد سڳورو وٽس لنگهي ويندو هو ۽ ساڻس حال ڀائي ٿيندو هو، ته نياڻي اٿارڻي اٿم، پر پلئه ۾ پائي به ڪانهي، ته ڪنور کيس دلجاءِ ڏيندو هو. جهوليءَ ۾ پيل رقم مان نوٽن جون مٺيون ڀري سڀ کان اول انهيءَ مسڪين سيد کي ڏيندو هو، جيڪو کيس دعائون ڪندو ويندو هو. سيدن جو سدائين وڏو ادب ۽ احترام ڪندو هو ۽ مسجدن جي اڏاوت لاءِ به پئسا ڏيندو هو. سندس مذهب انسانيت هو ۽ راڳ سندس عبادت هئي.
سنڌ جا هندو گهڻو ڪري نانڪ پنٿي آهن، يعني گرو نانڪ جا پوئلڳ آهن. ڪنور پاڻ به هڪ نانڪ پنٿي هو. گرو نانڪ صوفي هو. نه رڳو ڪاشي ۽ مٿرا جا تيرٿ ڀيٽي آيو هو، پر مڪي شريف مان به ٿي آيو هو.
لاهور ۾ جسٽس جاويد اقبال مون سان ڳالهه ڪئي، ته سيالڪوٽ ۾ گرونانڪ جي مزار آهي، جنهن جا مجاور گرو نانڪ کي مسلمان مڃيندا آهن. سيالڪوٽ جسٽس جاويد اقبال جو آبائي شهر آهي، جو علامه اقبال اتي ڄائو هو.
گرو نانڪ جو ڇويهون گادي نشين مهندر سنگهه بيدي هندستان سرڪار جو ٻارنهن ڄڻن جو ادبي وفد وٺي، پاڪستان جي سرڪاري دوري تي آيو هو. حڪومت پاڪستان مون کي وفد جو سرڪاري ميزبان مقرر ڪيو. بيديءَ هڪ دفعي ٻڌايو ته اسان سک به هڪ خدا کي مڃيندا آهيون. ٻين به گهڻين ڳالهين ۾ هندن کان وڌيڪ مسلمانن کي ويجها آهيون. مثلاً، اسان به اوهان وانگر پنج وقت عبادت ڪندا آهيون.
ڀڳتِي تحريڪ ۾ گرو نانڪ کي ته سک ڌرم جو پيشوا ليکيو وڃي ٿو پر، ميران ٻائي، ڀڳت ڪبير، خود دادو ديال به ڀڳتي تحريڪ جا آبدار مڻيا هئا.
شاهه سائينءَ ۽ ٻين عظيم صوفي شاعرن سنڌي مسلمانن جي ذهن کي متاثر ڪيو، ته هندن کي وري ڀڳتي تحريڪ ماڻهپي جو سبق ڏنو. سنڌ جا ڪيترا هندو، تعصب ڇڏي، مسلمان درويشن جا مريد ٿيا. ڪي مرشد جي سيکاريل ذڪر فڪر موجب، رب پاڪ جي ”اسماءُ الحسنيٰ“ جي تسبيح پڙهندا هئا. هندو زالون توڙي مرد مرڻ کان پوءِ ساڙيا ويندا آهن. پوربا ڪونه آهن. ليڪن، سچل سائينءَ جي قدمن ۾ سندس عقيدتمند هڪ هندو عورت جي قبر آهي.
تاجپور جو نواب نور احمد خان لغاري به منهنجو گھرو گهاٽو دوست ۽ محسن هو. اسان ٻئي ايران سرڪار جي دعوت تي تهران، شيراز، اصفهان ۽ ٻين شهرن ۾ وياسين. ايران جو دورو پورو ڪري، پنهنجي خرچ تي دبئيءَ وياسين. اتي نواب صاحب جا هندو الاهي مريد هئا. نواب صاحب پاڻ به گادي نشين هو ۽ جهوڪ شريف جي درگاهه جو پانڌيئڙو هو. دبئيءَ ۾ نواب صاحب جي مريدن پنهنجي مرشد کي ڪنهن به سٺيءَ هوٽل ۾ ٽڪائڻ بي ادبي سمجهي. پنهنجي گهر ۾ ٽڪايائون. مون پنهنجين اکين سان کين نواب صاحب جي هٿن ۽ پيرن کي چمندي ڏٺو.
ڀڳت ڪنور جنهن سونهاريءَ سنڌ ۾ اکيون کوليون، ان جو ماحول ائين هو. منجهس تعصب ڪونه هو. سندس پيءُ جو نالو ڀائي تاراچند هو ۽ ماڻس جو شريمتي تيرٿ ٻائي. ڪنور سترام داس نالي هڪ درويش جي دعا سان ڄائو. سو، ماڻس ۽ پڻس پنهنجو پٽڙو وڃي درويش جي گود ۾ وڌو. هو ڀڳت هو ۽ ڪلام چوندو هو. سندس اثر ڪنور تي پيو هوندو. ڪنور پنهنجي پيءُ جي چوڻ موجب، هاسارام نالي هڪ شخص کان ”راڳ وديا“ جي تعليم ورتي، جو ڳوٺ حيات پتافيءَ ۾ هندن جي درٻار جو شيواڌاري هو.
هندن جي مذهب ۾ راڳ عبادت آهي. هندو ڌرم جا پاڪ ڪتاب مثال طور؛ ”رگ ويد“ به گهڻي قدر، قدرت جي حمد ۽ ثنا جا گيت آهن: اسان جي عقيدي موجب پڻ نبين ۾ حضرت دائودعه جو آواز ڏاڍو مٺو هوندو هو. لحن دائودي حُسنِ يوسف وانگر مشهور آهي. هندستان جي مسلمانن ۾، چشتي سلسلي جا بزرگ راڳ ۽ سماع جا شوقين هوندا هئا.
اسان جو شاهه سائين به راڳ جو شوقين هو. چون ٿا ته هڪ ڀيري ٺٽي جي مُلنِ جو هڪ وفد وٽس ويو ۽ ادب سان عرض ڪيائين ته، ”سائين اوهان ته پاڻ هيڏا پرهيزگار بزرگ آهيو. پوءِ راڳ ۽ ساز جي وندر ورونهن ڪيئن ٿا ڪريو؟“
شاهه سائينءَ کين محبت سان جواب ڏنو ته ، ”ادا، منهنجي اندر ۾ هڪ وڻ آهي. جڏهن راڳ ٻڌان ٿو، ته ان ۾ گؤنچ ۽ گل ڦل ڦٽن ٿا، پر، جي نٿو ٻڌان، ته گل ڦل ۽ گؤنچ ڪومائجي وڃن ٿا.“
شاهه سائينءَ پنهنجي ڪلام ۾ مولانا جلال الدين روميءَ کي ساراهيو آهي. هو عالمِ اسلام جو سڀني کان هاڪارو شاعر هو. راڳ ۽ سماع جو شوقين هو، کيس انهيءَ رنگ ۾ رڱڻ وارو بزرگُ، شمس تبريزي هو. ساڻس ملاقات کان اڳ مولانا رومي شريعت جو جيد عالم هو. جڏهن ٻاهر نڪرندو هو، ته سوين ماڻهو سندس اڳيان ۽ پويان ادب سان پيادل هلندا هئا. مولانا رومي عبا ۽ قبا سان وڏي شان شوڪت سان ايندو ويندو هو. سندس وڏو رعب هو. هڪ دفعي وعظ پئي ڏنائين، ته ماڻهن جي ميڙ ۾ پراڻن ميرن ڪپڙن ۾ ويٺل هڪ فقير، کيس چيو ته، ”اوهان جيڪا ڳالهه هيئن بيان ڪئي، سا ته هونئن آهي.“
روميءَ ڏانهس نهاريو ۽ فرمايو ته، ”فقير هيءَ ڳالهه تنهنجي سمجهه کان مٿي آهي.“
اهو ٻڌي، فقير روميءَ جي بي بها قلمي ڪتابن جي ڍير ڏي نهاريو ته منجهانئن دونهان نڪرڻ لڳا. روميءَ دانهن ڪئي ته، ”فقير تو هي ڇا ڪيو؟“
فقير جواب ڏنس ته، ”اها ڳالهه وري تنهنجي سمجهه کان مٿي آهي.“
ٻي روايت هيءَ آهي ته روميءَ ڪنهن چمن ۾، وهندڙ ڪسيءَ جي ڪناري تي واعظ پئي ڏنو، ته ڪنهن فقير کانئس ڪو سوال ڪيو.
روميءَ چيس ته، ”فقير، هيءَ ڳالهه تنهنجي سمجهه کان مٿي آهي.“
فقير ڇا ڪيو، جو رومي جي پاسي ۾ رکيل قلمي ڪتابن مان هڪڙو کڻي وهندڙ ڪسيءَ ۾ اڇلايائين. روميءَ دانهن ڪئي ته، ”فقير، توهي ڇا ڪيو؟“
فقير ڪسيءَ ۾ هٿ وجهي، ڪتاب ڪڍي روميءَ جي اڳيان رکيو. مٿس پاڻيءَ جو هڪ قطرو به ڪونه هو. رومي اها ماجرا ڏسي، وائڙو ٿي ويو.
اهو ڏينهن ۽ اهو شينهن! روميءَ عبا ۽ قبا ڦٽي ڪئي. شمس تبريزيءَ جو ٻڌو ٻانهو ٿي ويو. کانئس معرفت جا سبق ورتائين. اڳتي هلي، شمس تبريزي غائب ٿي ويو. ڪن ماڻهن جو خيال آهي ته جلال الدين روميءَ جي فرزند کيس لڪ چوريءَ مارائي ڇڏيو، ڇو ته روميءَ اڳوڻو عالمانه ”مخرج“ ڇڏي ڏنوهو. فقيري اختيار ڪري راڳ ۽ سماع شروع ڪيو هو.
روميءَ جي راڳ ۽ سماع جو اهو سلسلو اڄ تائين هلندو اچي ٿو. فارسيءَ ۾ ان کي ”رقصِ درويشان“ ۽ انگريزيءَ ۾ “Dancing Derveshes” ڪوٺيندا آهن. روميءَ کي شمس سان عشق ۽ عقيدت هئي. کيس سڪ سان ساري، فرمايو اٿس:
مولوی ہرگز نہ شُدِ، مولائی روم،
تا غلامِ شمس تبریزی نہ بود.
مان جڏهن ڏهن ٻارنهن ورهين جو ٻار هئس ته بابا سائينءَ سان گڏ پنهنجي ڳوٺ آڳرن کان ڇهن ستن ميلن تي ڪنڊياري جو شهر گهمڻ ويندو هئس. تعلقي جو هيڊ ڪواٽر آهي. ضلعو تڏهن نوابشاهه هو ۽ هاڻي نوشهرو فيروز آهي. ڪنڊياري ۾، چاچي محمد هاشم ميمڻ وٽ پراڻي پرائمري اسڪول ۾ ٽڪندا هئاسون. اسڪول وڏي دڙي جي مٿان ٺهيل هو. ڪچين سرن جي ٿلهين ڀتين سان اُڻويهين صديءَ جي آخر ۾ اڏيو هو. اڏاوت جو ڪتبو ڪاشيءَ جي سرن سان ڀت تي لڳل هو. سن 1880ع هو يا ڪو ٻيو. پر، منو سؤ سال گذرڻ جي باوجود اسڪول اڃا ڏاڍو بيٺو هو. اسڪول جي اتر ۾ هندن جو ٽڪاڻو هو. رات جو سومهاڻيءَ مهل ٽڪاڻي ۾ راڳ ۽ ساز شروع ٿي ويندا هئا. چوندا هئا ته ”اها هندن جي عبادت آهي.“
راڳ گهڻن ئي قومن ۾ خدا جي عبادت آهي. هن دنيا جا انسانَ، پوءِ اهي ڪهڙي به دين ڌرم جا هجن، پنهنجيءَ پر ِ ۾، رب پاڪ کي مٺي آواز ۾ ياد ڪندا رهن ٿا. بيوس ڪهڙو نه سٺو چيو آهي:
ساهه اندر جو ساهه کڄي ٿو
بيوس سائينءَ ناد وڄي ٿو
نوبت نينهن نقارا
سڀ ڪن تنهنجي ساراهه
پياراقدرت وارا
هندستان جي هاڪاري عالم، ابوالڪلام پنهنجي مشهور ڪتاب ”غبارِ خاطر“ ۾ لکيو آهي ته؛
”رگ ويد جي فڪري زمزمن جو مواد ان وقت تيار ٿيڻ لڳو هو، جڏهن اڃا تاريخ جو صبح به رات جي تاريڪيءَ مان ظاهر ڪونه ٿيو هو. مصرين انهيءَ ئي زماني ۾ خدا کي طرح طرح جي مٺن نالن سان پڪاريو هو، حتين ۽ ريڪيءَ اعلامين پنهنجي تصوري عبادتگاهن جا نقش و نگار به ڪونه ٺاهيا هئا. انساني تهذيب ۽ تمدن اڃا جوانيءَ ۾ پيرُ به ڪونه پاتو هو، ته ڪالڊيا جي ڪاريگرن مٽيءَ جي ڪچين سرن تي رب جي حمد ۽ ثنا جا اهي ترانا لکيا هئا، جيڪي اڳين قومن کان کين ورثي ۾ مليا هئا.“
ابو الفضل ڪشمير ۾ جيڪو عبادتخانو ٺهرايو هو، ان تي هي ڪتبو هنيو هئائين:
الہٰی بہ ہر خانہ کہ می نگرم جو یائے توانہ،
و بہ ہر زبان کہ می شنوم گویائے تو!
ڪنور جو راڳُ به انهيءَ رنگ ۽ روپ ۾، رب پاڪ کي سڪ جا سڏڙا هئا:
نالي الک جي ٻيڙو تار منهنجو!
ڪنور صحيح معنيٰ ۾ هڪ فقير هو.
ليڪن سندس قسمت کي ٻيو ڪجهه منظور هو.
سائين جي.ايم. سيد ”جنب گذاريم جن سين“ جي ٻئي جلد، (ڇاپو 1976ع) ۾ لکيو آهي ته؛
”سکر ۾، ڪن ناعاقبت انديش هندن ڀرچونڊي جي ڪنهن پير صاحب جي وڏي فرزند، جي بيعزتي ڪئي. پير صاحب جي مريدن فيصلو ڪيو، ته هندن جي انهيءَ حرڪت جو بدلو سندن ڪنهن پير فقير کان وٺجي. جيئن ته هندن ۾ ڀڳـــَت ڪنور رام کي هڪڙي پيرَ يا گروءَ جهڙي عزت هئي. سو، هنن کيس قتل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.
هندن کي انهيءَ ڳالهه جي ڪا ٻاڦور پئجي وئي، تن اختياريءَ وارن وٽ پڪاريو، جن هڪدم ڀڳت ڪنور جي بچاءَ لاءِ سندس ڳوٺ پوليس موڪلي. ڀڳت ڪنور جي نالي سرڪاري طرح بندوقن جا ٻه ليسن نڪتا، سو، ٻه هٿيار بند راکا هميشه ساڻس گڏ ويندا هئا.“
هڪ دفعي ڪنور، دادوءَ ضلعي جي مانجهند شهر ۾ ڀڳت وجهڻ ويو. اتان، پهرين نومبر 1939ع جي شام جو پنجين بجي واريءَ گاڏيءَ ۾ دادوءَ روانو ٿيو، جتان کيس سکر وڃڻو هو ۽ پوءِ روڊ رستي پنهنجي ڳوٺ جروار پهچڻو هو. ساڻس سٺ ماڻهو گڏ هئا. ريل گاڏي دادوءَ کان هلي رڪ اسٽيشن تي پهتي، جيڪا جنڪشن اسٽيشن هوندي هئي. مون ننڍپڻ ۾ ڏٺي. تڏهن وڏي لئه هئس. ريل گاڏي چڱو وقت بيهندي هئي. ريلوائي اسٽيشن جو بابو، ڪنور جو عقيدتمند هو، تنهن کاڌي پيتي جون ڪجهه شيون نذراني طور اڳيان آڻي رکيس. پر، ڪنور اهو نذرانو پنهنجي ماڻهوءَ کي ڏنو، ته سڀني کي ورهائي ڏيو. ايتري ۾ ٻه ماڻهو گاڏيءَ ۾ چڙهيا. ٻنهي کي بندوقون هيون. ڪنور ان مهل گاڏيءَ جي در وٽ بيٺو هو. ٻنهي ڄڻن، دستور موجب، هٿ جوڙي کيس سلام ڪيو. هن به هٿ جوڙي کين سلام ڪيو. انگور جو ڇڳو ۽ ٻه کير پڙا به کائڻ ڪاڻ ڏنائيِن.
گاڏي هلڻ واري ٿي، ته ٻئي ڄڻا گاڏيءَ مان لهي ويا ۽ ڪنور وڃي بينچ تي ويٺو. گاڏي رڙهي ۽ اڃا آهستي آهستي هلي رهي هئي، ته ٻئي بندوقن وارا گاڏيءَ جي پٺيان ڦري آيا. هڪڙي ڄڻي، پري کان نشانو وٺي ڪنور کي ڪنڌ ۾ گولي هنئي. هو ڌڪ لڳڻ شرط ڪري پيو ۽ بيهوش ٿي ويو. ٻئي بندوقن وارا جهنگ ۾ ڀڄي ويا. ڪنور بندوق لڳڻ کان پوءِ به منو ڪلاڪ کن جيئرو هو. پر، گاڏيءَ ۾ علاج ممڪن ڪونه هو. باگڙجيءَ اسٽيشن تائين سندس رت وهندو رهيو. ان کان پوءِ دم ڏنائين. هندو ڌرم موجب، سندس اگني سنسار جي رسم جروار ڳوٺ ۾ ادا ڪيائون.
ڪنور سنه 1858ع ۾ ڄائو هو. ان حساب سان ايڪاسي سال عمر ماڻيائين. هن جهان ڇڏڻ کان اڳ، جو پاڻ مانجهند ۾ ڀڳتِ وجهي موٽيو هو، تنهن جو مطلب اهو ٿيو، ته صحت سٺي هئس ۽ پنهنجي زندگي جنهن ڪم لاءِ وقف ڪئي هئائين، ان تي آخري دم تائين پابند رهيو. سائين جي.ايم.سيد سندس قتل تي راءِ زني ڪندي لکيو آهي ته؛
”هن قسم جا واقعا سنڌ جي صوفياڻيءَ سرزمين تي ڪٽر پڻي جي شروعات هئا. ستت، سکر ۾ مسجد منزل گاهه وارا هندو مسلم فساد ٿيا، جن جي نتيجي ۾ عام قتل ٿيا. پروفيسر پمناڻيءَ ۽ الله بخش سومري جي شهادت جا واقعا ٿيا.“
مسجد منزل گاهه وارو فساد ۽ عام ماڻهن جو قتلام ته هڪ سازش جو نتيجو هو، جنهن ۾ ”سنڌي سياستدان“ شريڪ هئا. مون سائين جي.ايم.سيد واري مضمون ۾ اهڙو ذڪر ڪيو آهي. سندن سازش ڪامياب ٿي ۽ سنڌ ۾ هندو مسلم فساد ٿيا.
اسان جي ڳوٺ ۾ اڪرم موالي نالي هڪ شخص هوندو هو. مون ڏٺو. اڃا ٻار هئس، ته هو اڇيءَ ڏاڙهيءَ سان هو. ٿورو گهڻو ٻني ٻارو هئس، جو وڪڻي، پئسو ڀنگَ ڀڳڙي ۾ کپائي ڇڏيائين. ڳوٺ ۾ کيس ”اڪرم موالي“ ڪوٺيندا هئا. سکر ۾ مسجد منزل گاهه وارن فسادن جي خبر ٻڌي اوڏانهن ويو. موٽ تي ڳالهه ڪيائين، ته هڪڙي واڻئي تي گاسليٽ هاري، باهه ڏنائونس. مون به مٿس گاسليٽ سان ڀريل ڪُپو هاريو. باهه جو ڀڀڙ واڻئي کي وڪوڙي ويو. ٻين به گهڻن ئي عام ماڻهن اڪرم مواليءَ وانگر ڪيو هوندو. پر، اصل ڏوهي اهي ٿيا، جن سازش ڪري، سنڌ ۾ اهو ”سياسي زلزلو“ آندو. سندن اصل مقصد اهو هو ته الله بخش سومري جي وزارت ڪيرايون. سنڌي ماڻهوءَ جو ساڙ ۽ حسد مشهور آهي. انهيءَ فساد جو نتيجو اهو به نڪتو ته سنڌ ۾ مسلم ليگ زور ورتو.
سائين جي.ايم. سيد ان وقت سنڌ جو مکيه سياستدان هو. سو، کيس سڄي خبر هوندي، ته لنڪا کي باهه ڏيڻ وارا ڪير ڪير هئا؟ پر، انهن جا نالا ڪونه کنيا اٿس.
پاڪستان ٺهڻ لاءِ سنڌ اسيمبليءَ ۾ ٺهراءُ سائين جي.ايم.سيد پاس ڪرايو هو. ليڪن پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ سرڪار کيس ٽيهه سال نظر بند رکيو. رحيم بخش سموري مون کي ٻڌايو ته نظر بنديءَ مان عارضي مهلت وٺي شڪارپور آيو. مون وٽ ٽڪيو. بابا جي تربت تي هليو. دعا گهري، چيائين ته، ”الله بخش تون درست هئين اسان غلط هئاسون!“ مان پنهنجي گناهه جي معافي وٺڻ آيو آهيان.“
مان جڏهن ويهن پنجويهن ورهين جو ٿيس، ته ڪراچيءَ نوڪري ڪرڻ ۽ پڙهڻ ويس. ميٺارام هاسٽل ۾ رهندو هئس، جيڪا سياسي ذهن رکندڙ شاگردن جو مرڪز هئي. ڪڏهن ڪڏهن مسجد منزل گاهه جي سکر وارن فسادن جو ذڪر نڪرندو هو. اسان کان وڏيءَ عمر ۽ پختي ذهن جا شاگرد، ڪن سنڌي سياسي اڳواڻن ڏي آڱريون کڻندا هئا. ايترو چٽيءَ طرح سان ياد اٿم، ته انهن ۾ سر حاجي عبدلله هارون، سر غلام حسين هدايت الله ۽ سر شاهنواز ڀٽي جا نالا ڪڏهن به ڪونه کنيائون، توڙي جو انهن مان ڪن جو سنڌ جي مسلم ليگ کي زور وٺائڻ ۾ وڏو رول هو.
هر ڪنهن کي اهو معلوم هو ته مسجد منزل گاهه وارا فساد مسلم ليگي ذهنيت وارن اڳواڻن الله بخش سومري جي وزارت کي ڪيرائڻ لاءِ رٿيا هئا. شهيد الله بخش سومرو، انگريزن جو ڪٽر دشمن هو. سندن پرواهه ڪونه ڪندو هو. سندس جيئري مسلم ليگ زور ڪانه وٺي ها. انگريز به سندس شهادت تي خوش ٿيا.
رحيم بخش خان سومرو، شهيد الله بخش سومري جو وڏو فرزند منهنجو چاليهن سالن جو دوست هو. سو، پاڻ ۾ گھرا گهاٽا هئاسين. ڪراچيءَ کان شڪارپور ويندي ۽ موٽندي، مون وٽ ٽڪندو هو. پراڻي دؤر جي اهم واقعن جو ذڪر ڪندو هو.
هڪ دفعي مون سان ڳالهه ڪيائين ته، ”جن بابا کي ماريو هو، تن پوءِ پڇتايو هو. هر سال انهيءَ تاريخ تي بابا جي تربت تي اچي، توبهه تائب ٿيندا هئا ۽ قرآن شريف جو ختمو ڪڍندا هئا. ختمو ڪڍي، امان کي پيرين پئي، هر ڀيري معافي وٺي، واپس ويندا هئا. ڪل چار ڄڻا هئا. هڪ مري ويو، ته ٽي ايندا هئا، ٽيون مري ويو، ته ٻه ايندا هئا. آخر ۾ هڪڙو ڄڻو بچيو. جيسين جيئرو هو. تيسين ايندو هو.
سوڀو گيانچنداڻي سنڌ ۽ هند ۾ گذريل اڌ صديءَ جي اهم واقعن ۽ سياسي لاهن چاڙهن جو معتبر شاهد آهي. هن لکيو آهي ته: ”جنهن وقت ڪنور ڀڳت شهيد ٿيو، ان وقت مان ٽئگور جي شانتينڪيتن ۾ پڙهندو هئس. اتي خبرون پهچنديون هيون ته سنڌ ۾، خاص ڪري سکر ضلعي ۾ قتلِ عام ٿي رهيو آهي. جن شهرن ۾ هندن جي گهڻائي آهي، اتي مسلمان ماريا وڃن ٿا، جتي مسلمانن جي گهڻائي آهي، اتي هندو ماريا وڃن ٿا.
سوڀي لکيو آهي ته مسلم ليگ، جو بنياد 1906ع ۾ پيو هو. جنهن جو هڪ وفد ان وقت جي هندوستان جي وائسراءِ ”لارڊ منٽو“ سان مليو ۽ زور ڏئي، اها ڳالهه ڪيائين ته، ”مسلمان هڪ جدا قوم آهن مسلمانن جا ووٽ جدا ڪيا وڃن.“
ان زماني ۾ سياسي تحريڪون ايڏيون طاقتور نه هيون، پر، ڪانگريس جي اڳواڻيءَ ۾، 1881ع کان جنهن تحريڪ جي شروعات ٿي هئي، سا، ويهين صدي جي شروعات تائين طاقتور ٿي وئي هئي.
سوڀي ان دؤر جي سياسي منظر جو ذڪر ڪندي چيو آهي ته: ”1921ع ۾ گانڌيءَ جي اڳواڻيءَ ۾ ”عدم تعاون“ جي تحريڪ هلي، جيڪا اهنسا تي ٻڌل هئي. اهنسا جو مطلب آهي ته ”رتوڇاڻ نه ڪريو.“ ساڳئي وقت، ”خلافت تحريڪ“ هلي. خلافت تحريڪ ۾ هزارين مسلمان شريڪ ٿيا. مسلمان علمائن ڳوٺن اندر پرچار ڪيو ته حڪومت سان تعاون ڪرڻ ڪفر آهي. اسلام جي خلاف آهي. فوج جي اندر جيڪي مسلمان آهن سي ڪِريل آهن، منڪر آهن. انهن کي کپي ته انگريزن جي حڪمن کي مڃڻ کان انڪار ڪن. مهاتما گانڌيءَ به خلافت تحريڪ جي پٺڀرائي ڪئي. هندن ۽ مسلمانن جي انگريزن جي خلاف گڏيل تحريڪ جيتوڻيڪ هلي صرف ٽي سال، پر انگريزي سلطنت جا بنياد لڏي ويا.
انگريزن وري ان جو ٽوڙ اهو ڳوليو، جو هنن به مذهبي تحريڪون شروع ڪرايون. مثال طور هندن ۾ شڌي ۽ سنگٺن جون تحريڪون، مسلمانن ۾ انگريزن جي ڪن وظيفي خور مولوين تحريڪ شروع ڪئي. اهڙيءَ ريت ساري هندوستان ۾ ننڍا وڏا فساد ٿيا. اخبارن غلط پروپيگنڊا ڪئي. سو، هندن ۽ مسلمانن ۾ نفرت وڌندي ويئي. هندوستان جو جيڪو ماحول هو تنهن جو اثر سنڌ جي سياست تي به پيو. سنڌ اسيمبليءَ جي سٺ ميمبرن مان ستاويهه هندو ۽ ٽي خاص چيمبر آف ڪامرس يا زميندارن جا نمائندا هئا. سنڌ جي هڪ مستحڪم حڪومت بنائڻ توڙي ڊاهڻ ۾ سنڌ جي انگريز گورنر جو وڏو هٿ هوندو هو.
الله بخش سومري کي ڪانگريس جي ميمبرن جي سپورٽ هئي. هن انگريزن کان مليل لقب ساڻن نفرت ڪري واپس ڪيا هئا، سو، سندن مٿس وڏي ڪاوڙ هئي، ٻيا به ڪيئي ڪارڻ هئا. مثال طور هن انگريزن جي حڪومت ۾ سندن مرضيءَ جي خلاف مولانا عبيدالله سنڌيءَ جي جلاوطني ختم ڪري کيس غالباً ڇٽيهن سالن کان پوءِ واپس سنڌ ۾ آندو. هن پسمنظر ۾ تڏهوڪيءَ سنڌ مسلم ليگ کيس ڪيرائڻ ۽ هندو-مسلم ڇڪتاڻ پيدا ڪرڻ لاءِ، رٿ ڪئي ته هندن جو ڪو معتبر ماڻهو ماريو وڃي. پُکو ڪنور جي نالي نڪتو.
سنڌ ۾ ائين فساد ٿيا. هاسارام پمناڻيءَ جو قتل هندن ۽ مسلمانن کي ويڙهائڻ جي پاليسيءَ جو منطقي نتيجو هئو، الله بخش سومري کي شهيد ڪيو ويو. ڪنور جوقتل به ان ئي سلسلي جي هڪ مکيه ڪڙي هو.
”بمبئيءَ کان سنڌ جي جدائي“ جي تحريڪ ڪري به سنڌ ۾ هندو مسلم ڇڪتاڻ گهڻي وڌي ڇو ته هندن سنڌ جي آزاديءَ جي مخالفت ڪئي.
سوڀي گيانچند چنداڻيءَ سياسي منظر بيان ڪرڻ کان پوءِ پنهنجو رايو ڏنو آهي ته، صوفين جو اثر سنڌ ۾ گهڻي وقت کان وٺي آهي ۽ اڃا گهڻو وقت رهندو. انهن صوفين ۾ اسان جا امر شاعر لطيف، سچل ۽ سامي اچي وڃن ٿا. انهن سان گڏ اسان جي ڳائڻن ۽ ڪلاڪارن به وڏو رول ادا ڪيو. جيڪي صوفيانه ڪلام ڳائيندا هئا. صوفين جو اثر ايترو ٿيو، جو هندو ۽ مسلمان گڏجي ويا. ڪيترن ئي هندن مسلمانن جون درگاهون ساڳيون ۽ مرشد ساڳيا هئا. شاهه لطيف سڀني سنڌين لاءِ اکين جو نُور هو. هندن ۽ مسلمانن کي هڪجهڙو پيارو هو. هندن ۽ مسلمان محققن سندس ڪلام تي عشق ۽ عقيدت سان ڪم ڪيو. پر، پوءِ به سڄي هندستان جي سياست جو اثر سنڌ تي پوندو رهيو. ڪانگريس ۽ مسلم ليگ جي ڇڪتاڻ وڌندي وئي. نيٺ هندستان ٻن حصن ۾ ورهائجي ويو.
سنڌ ۾، هندو ۽ مسلمان اڄ به ڪنور کي ياد ڪن ٿا، ڇوته پنهنجي ملڪ سان محبت ۽ پنهنجن ماروئڙن ۽ سانگيئڙن سان پيار ڪرڻ سنڌ جي قديم ڪلچر جي شاندار روايت آهي.
ڪنور جو قتل 1857ع واريءَ بغاوت کان پوءِ انگريزن جي ”ويڙهايو ۽ حڪومت ڪريو“ واريءَ پاليسيءَ جو نتيجو هو. سنڌ ۾ ڪي مسلم ليگي اڳواڻ انهيءَ پاليسيءَ تي عمل ڪري رهيا هئا. انگريز سرڪار کين سر، خانصاحب ۽ خانبهادر جا لقب بي سبب ڪونه ڏيندي هئي.
الله بخش جي وزارت مضبوط هئي، سو، انهيءَ کي ڪيرائڻ لاءِ فساد ضروري هو. ڪن به ٻن ڌرين ۾ نفرت پئدا ڪرڻ جو مؤثر طريقو هي آهي ته کين پاڻ ۾ ويڙهائجي.