مقدمو : ڊاڪٽر اسد جمال پلي
درياهن جي هيءَ تبديلي ۽ پنهنجا گس ڇڏڻ واري ڪيفيت سنڌوءَ جي ڇوڙ وارن علائقن ۾ اڃان به گهڻي آهي. هن علائقي ۾ خاص طرح ٿر ۽ لاڙ جي سرزمين تي اسان کي تمام گهڻا وهڪرا مختلف نالن سان ملن ٿا. هنن وهڪرن ۾ خاص طرح ڍاڳي، ڍور، وهيندو يا واهند، گهَلو، گاگڙو، گونگڙو وغيره اڃان به ڍورن ۽ ڍنڍن جي شڪل ۾ موجود آهن. دراصل وهڪرن جو هيءُ وچڙيل سُٽ سُلجهائڻ هن وقت تائين ڏکيو آهي. اها حقيقت به منجهائي ٿي ته سنڌوءَ جي ڇوڙ وارن پٽن جا هي وهڪرا ڪهڙي ڪهڙي دؤر ۾ ڀرپور وهندا هئا. اهو بهرحال سمجهه ۾ اچي ٿو ته جڏهن به جيڪو وهڪرو ڀرپور وهندو هو. سمنڊ جي سوارين يعني جهازن ۽ ٻيڙين جو رُخ انهيءَ وهڪري ڏانهن هوندو هو. يقيناً انهي رُخ ۾ ئي واپاري ڪوٺيون ۽ بندرگاه به هئا. هي جيڪو اسين هن وقت سنڌ ۾ ويهارو کن بندرن جا نشان مس ڳڻي ٿا سگهون اهو تعداد يقيناً گهڻو هو ۽ بحري بندرن ۽ درياهي بندرن جا ڪيترائي نشان نه صرف سمنڊ پائي ويو آهي پر اڃان اسان جي محققن جي تلاش کان به اوجهل آهن. تازو ”پراڻ درياء جي مشاهداتي تاريخ“ جي محقق محترم زاهد ڪنڀار صرف پراڻ درياءَ تي به ڪافي بندرگاهن جا آثار ذڪر ڪيا آهن، جيڪي هن کان اڳ ڪنهن به محقق بحث ۾ نه آندا آهن. هن طريقي سان اگر اسين هرهڪ وهڪري جي مشاهداتي تاريخ تي تحقيق ڪريون ته سنڌو ۽ سنڌوءَ جي وهڪرن تي بندرگاهن جو تعداد اسان کي وڏي تعداد ۾ ملندو ۽ هن ڪتاب ۾ آيل ڪيترن ئي بندرگاهن جي تاريخ ۽ محل وقوع اڃان به چِٽا ۽ واضح ٿي ويندا. ٻي طرف جڏهن مقامي محقق پنهنجي مقامي قديم آثارن جي بچاءَ لاءِ واويلا ڪندا ته اهو آواز وڌيڪ سگهارو ٿي اُٿندو ۽ آثارن جي بحالي ۽ بچاءَ جا اُپاءُ يونين ڪائونسل جي سطح تائين وڌندا.
ان طريقي سان دادا سنڌي جو هيءُ دل ڏکوئيندڙ اظهار به پنهنجي داد رسيءَ جو مستحق ٿيندو. دادا سنڌي فرمائي ٿو ته ”وڄڙوٽ جو هينئر صرف هڪ وڏو دڙو وڃي بچيو آهي جيڪو به هڪ ٻن سالن ۾ ختم ٿي ويندو ۽ پوءِ سنڌ جي هن سونهري شهر جو تذڪرو صرف ڪتابن ۾ ملندو.“
دادا سنڌي هن ڪتاب ۾ سنڌ جي بندرگاهن سان گڏ ڪيترين ئي لوڪ ڪهاڻين جو پڻ ذڪر ڪيو آهي. خاص طرح ڏَمڻ سوناري کان پوءِ مومل راڻي جو حوالو آهي، اها ٻي ڳالهه آهي ته مومل لڊاڻي ۾ نه پر راڻي مينڌري جي ماڳ (صوفي فقير- عمرڪوٽ) لڳ پنهنجو محل ٺاهي ويٺي ۽ اتي ئي چکيا چڙهي. هيءُ جيڪا ڀٽ ڏيٿري ڏانهن خزاني سميت واپس اچڻ واري راويت آهي، اُها سومل سان ئي منسلڪ ٿي سگهي ٿي.
انهيءَ ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته دادا سنڌيءَ جا هي بندرگاهن تي لکيل مضمون جديد تحقيقي تقاضائن کان پاسيرا مگر درياهي بندرگاهن جي تاريخ متعلق تمام اهم مواد آهي. هي مضمون اسان کي ڪيترن ئي اهم نقطن تي تحقيق جو گس ڏسين ٿا، جنهن جا حوالا محقق پاڻ گڏ ڪري هڪ هڪ موضوع تي هڪ ڪتاب تيار ڪندا. اگرچه هنن مضمونن ۾ اندريان حوالا ڪونه آهن پر مواد جي سهيڙ دوران اِهو لکڻ ته البيروني هيءَ ڳالهه لکي آهي ۽ بلاذري هينئن ٿو چئي ۽ آخر ۾ مددي ڪتابن جا نالا نئين تحقيق ڪندڙ ن کي گس سونهائين ٿا. صرف هڪ ئي اشارو هن ڳالهه جي تصديق ٿو ڪري ته ”ڪشمور جي سرحد تي مير نصير خان قلات جي والي، عمرڪوٽ نالي قلعو تعمير ڪرايو“ هن اهم حوالي جي تلاش ئي تحقيق جي ابتدا آهي، ٻي هنڌ لکي ٿو ته ”اروڙ ۾ منهاج المسالڪ نالي سان سنڌ جي تاريخ قاضي محمد اسماعيل بن علي بن محمد طائي عربي ۾ لکي ۽ علي بن حامد بن ابوبڪر ڪوفي ان جو فارسي ترجمو ’فتح نامه‘ عرف ’چچ نامي‘ جي نالي سان ڪيو، هيءُ سنڌ جي پهرين تاريخ آهي.“ اهڙي طرح دادا سنڌي ڪيترن اهم ماڳن تي اهم واقعن جو ذڪر نه ڪري اها ڳالهه واضح ڪئي آهي ته هو سنڌ جي تاريخ جي اڻڄاتل پهلوئن جو متلاشي آهي. سکر ۾ ’کرڙي‘ جي جنگ ۽ ان جي ميدان تي هو نٿو ڳالهائي. ٻي طرف ميان مرادياب جي تاجپوشي جيڪا عمرڪوٽ ۾ ٿي ان جو ذڪر به ڪونه ٿو ڪري پر ان تاجپوشي جو جشن جيڪو نصرپور ۾ ٿيو ان جو ذڪر ڪري ٿو. ائين هو تاريخ جي ڪيترن ئي واقعن جو ليکڪ کان وڌيڪ شاهد ٿي بيهي ٿو.
دادا سنڌي هنن بندرگاهن ۽ درياه جي وهڪرن جي بيان ۾ ’سرسوتي‘ جو ذڪر نه ڪري ڄڻ هن دؤر جي محققن جي اک ٿو کولي ڇڏي ته ’سرسوتي‘ جي تلاش لاءِ هي اوڙائون گس ڇڏي ڏين. هن وڃايل ندي جي تلاش لاءِ جيڪا ايندڙ ڏينهن ۾ اڃان به مشڪل آهي سنواٽو ٿي منڍ کان سفر شروع ڪري پوءِ مهراڻ جي اوڀر پاسي ڏانهن وڙول ڏين، ته حقيقتون پلئه پونديون. ساڳي طرح دادا وٽ ديبل جي مختلف ماڳن جو ذڪر آهي ۽ هو ديبل اول کان ديبل ثاني يا نئين ديبل جو ذڪر ڪري هن بحث ۾ وڏي گنجائش ٿو پيدا ڪري ۽ اها ڳالهه ڪيٽي بندر وٽ اچيو واضح ٿيو وڃي ته هي جيڪو اسين اڄ ڪيٽي بندر ڏسون ٿا اِهو درياهه ڌِڪي آڻي ٽيون ڪيٽي بندر بيهاريو آهي ۽ ٻه بندرگاهن جا ماڳ سمنڊ کائي ويو آهي. اهڙي طرح ڏيپلو، اصل ديبل بندر هجڻ واري روايت به اسان جي سامهون آهي ۽ نئين سگهه رکي ٿي.
دادا سنڌي صاحب منصوره تي به خوب لکيو آهي، منصوره تي مرحوم عبدالله ورياه هڪ شاندار سيمينار ڪرايو ۽ بعد ۾ انهن مقالن کي جيڪي اتي پڙهيا ويا منصوره/برهمڻ آباد جي نالي سان گڏ ڪري ڪتاب شايع ڪرايو. دادا حالانڪ اُن ڪتاب جو ذڪر نه ڪيو آهي پر گس اهوئي ورتو آهي. يعني هو سنڌ جي تحقيقي گسن جو سونهون آهي. پٽالا ڪٿي آهي اهو بحث تفصيلي آهي پر پٽالا بندرگاه کي پنهنجو محور ٺاهي هو اڳتي وڌيو آهي. ڀنڀور جي ذڪر ۾ هو ڀنڀور جي لغت کي ڪونه ٿو ڇيڙي پر اسان کي اها ڳالهه کٽڪي ۾ وجهي ڏي ٿو ته ڀنڀور جڏهن ڀنڀور نه هو ته اهو ڪهڙو بندرگاهه هو. ڇاڪاڻ ڀنڀور جو نالو سسئي پنهون جو ذڪر کان پوءِ ئي عام ٿيو آهي. هن لفظ جي معنيٰ تي جيڪو به بحث ڪندو ته حضرت شاهه عبداللطيف رحه جي هيءَ سٽ ڪر کڻي اڳيان ايندي ته:
ڀينر هن ڀنڀور ۾، دوزخ جو دونهون. (شاهه)
يعني هيءَ ڀنڀور، سڙيل يا ڪاري رنگ وارو ته سسئي سان قيامت ٿيڻ کان پوءِ آهي، اڳ ۾ ڇا هو.
هن ڪتاب جو نالو ’سنڌ جا بندر ۽ بازارون‘ هو جيڪو اسان تبديل ڪري ”سنڌوءَ جا بندر ۽ بازارون“ رکيو آهي. ڇاڪاڻ ته هن ڪتاب ۾ ذڪر ڪيل سڀ بندرگاه سنڌوءَ درياه جا آهن. سواءِ ڪراچي، لاڙي بندر ۽ شاه بندر جي، جيڪي سنڌوءَ جي مختلف ڇاڙن تي سمنڊ جي ڪناري سان آهن. هن ڪتاب ۾ ’ملتان بندرگاه‘ تي به لکيل آهي جيڪو آهي ته درياهي بندرگاه پر موجوده سنڌ جي جاگرافيءَ کان ٻاهر آهي ۽ قديم سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ هو. اهڙي طرح دادا سنڌي پنهنجي هن ڪتاب ۾ ننڍن سامونڊي بندرن جو پڻ ذڪر ڪري پنهنجي هڪ پئراگراف ۾ هڪ هڪ بندرگاه کي سمايو آهي. اهڙي طرح سنڌوءَ جي بندرگاهن سان گڏ بازارن جو ذڪر ڪري هن اسان جي ايندڙ دؤر جي محققن کي تحقيق لاءِ موضوعن جو ڏس ڏنو آهي. دادا جا هي سڀ مضمون ويجهي دؤر جا آهن ۽ پنهنجي حياتيءَ جي آخري ايامن ۾ لکيا اٿس. ممڪن آهي ته ڪو هڪ مضمون پهرين جو تحرير ٿيل هجي.
دادا سنڌي 5 جولاءِ 1945ع تي پيدا ٿيو ۽ پنهنجي ڀرپور ادبي ۽ علمي زندگي گذاري، 11 جنوري 1998ع بمطابق 12 رمضان المبارڪ 1418هه تي وفات ڪيائين. سندن جنم جو هنڌ ڳوٺ داد لغاري، تعلقو ڏهرڪي ۽ ضلعو گهوٽڪي هو. پاڻ ايم.اي سوشيالوجي 1973ع م سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪيائين. هو جڏهن مينا ننگر جي معنيٰ کي مڇي سان نسبت ٿو ڏئي، جيڪو معمور يوسفاڻي صاحب پنهنجي ڪتاب ’ڪائو ڪمايوم‘ ۾ ”موئن جي دڙي“ جي معنيٰ تي لفظ مويا ۽ موين جو دڙو تي بحث ڪري، ساڳي پاڻي ۽ مڇي جي نسبت ڏني آهي، وڌيڪ تقويت وارو بحث ٿئي ٿو ۽ موئن جي دڙي بجاءِ ’موين جو دڙو‘ وڌيڪ سهڻي معنيٰ وارو ۽ سمجهه ۾ ايندڙ نالو بيهي ٿو.
1966ع کان 1996ع تائين پرائمري استاد کان سبجيڪٽ اسپيشلسٽ تائين پهچي رٽائر ڪيائين. پنهنجي اصل نالي ڪريم بخش سومرو بدران ادبي نالي ’دادا سنڌي‘ سان 1963ع کان لکڻ جي شروعات ڪيائين. پنهنجي ادبي سفر ۾ ڪيترائي ادبي ايوارڊ پڻ حاصل ڪيائين ۽ ڪيترين مقامي سنڌي ادب جي تنظيمن جو ميمبر پڻ رهيو. سندس هن ادبي جدوجهد ۾ سنڌ جو سرموڙ محقق مرحوم رحيمداد ڪريمداد مولائي شيدائي سندس ’استاد‘ ۽ سونهون رهيو. محترم رشيد ڀٽي ۽ ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي پڻ سندس استاد ۽ رهنما رهيا. پاڻ شاعري پڻ ڪيائون. سندن تحقيق ۽ تحرير جا موضوع دينِ اسلام، سيرت پاڪ، سنڌ جي تاريخ ۽ آثارِ قديمه کانسواءِ صوفياء ڪرام، علماءَ ڪرام، لطيفيات، گرامر ۽ سنڌي ادب خاص طرح رهيا. دينِ اسلام جو هيءُ شيدائي سنڌ جو به سچو عاشق هو. سندن 15 کن ڪتاب شايع ٿيل آهن ۽ اڃا به 20-22 مسودا اشاعت لاءِ واجهائن ٿا.
محترم ڪريم بخش سومرو صاحب المعروف دادا سنڌي جي هيءُ تصنيف نه صرف سنڌوءَ جي بندرگاهن جي تاريخ آهي بلڪ سنڌ جي وهڪرن ۽ سنڌ جي وڻج واپار ۽ اقتصاديات جو جائزو پڻ آهي. هن ڪتاب مان اها ڳالهه به واضح ٿئي ٿي ته هيءُ ديس قدرتي طرح بحري ۽ درياهي بندرگاهن سان ڳتيل هو ۽ خوشحال هو، انهيءَ ڪري ٻاهرين حملي آورن کي هميشه کٽڪندو رهيو.
سنڌ جي وڻج واپار جي هن بيان مان اسان جي ايندڙ نسل کي اهو پيغام ملي ٿو ته هو پنهنجي صدين جي شاندار معاشي تاريخ تي نه صرف فخر ڪن پر سنڌ جي وڻج واپار جي وارثي پڻ ڪن ته سنڌ پنهنجي ماضيءَ جي خوشحالي جو سڪون مستقبل ۾ به پوريون ڪري سگهي.