پٽالا جو بندرگاهه
سنڌ سونهاريءَ جو البيلو ۽ سدا مست درياء پنهنجي ڀَر تي، جن مشهور ۽ وسندڙ شهرن کي بندرگاهن جي حيثيت بخشي، تن مان پٽالا(1) به هڪ آهي هتي سنڌ جو هڪ پراڻو مرڪزي مندر هو، جيڪو سورج ونسي آرين ٺهرايو هو. هن مان صاف ظاهر آهي ته پٽالا سنڌ جو تمام پراڻو شهر هو. ڊاڪٽر ممتاز پٺاڻ پنهنجي هڪ مضمون ۾ لکيو آهي، ته هيءُ شهر، اصل ’پوٽا‘ لفظ مان نڪتل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ٻيڙي يا غوراب. پٽالا جيئن ته بحري ٻيڙين جو هڪ مشهور بندر هو، ان ڪري مٿس اهو نالو پيو. هن شهر تائين سامونڊي ٻيڙا، بي ڌڙڪ هليا ايندا هئا. هن بندر جي محل وقوع(2) جي باري ۾ لکن ٿا ته:”هيءُ درياء جي ڪناري تي هو. سنڌو درياء سندس اڀرندي طرف کان وهندو هو. هيءُ ديبل کان 75 ميلن جي مفاصلي تي هو. چين جو ناميارو ياتري ’هيون چانگ‘، جيڪو سنه 471ع ۾ هتي آيو، لکي ٿو ته: هيءُ شهر جنهن ٽڪريءَ تي ٻڌل هو ان جي ايراضي ساڍا ٽي ميل هم چورس هئي. هن وقت جامؤرخ لکن ٿا ته:”پٽالا ان ساڳئي هنڌ تي هو، جنهن کي هاڻي نيرون ڪوٽ سڏيون ٿا.“ علامه بلاذري’ فتوح البلدان‘ ۾ لکي ٿو ته:” پٽالا سنڌوءَ جي الهندي ڪناري تي، ’ديبل‘ ۽ ’منصوره‘جي وچ ۾ آهي.“ الادريسي لکي ٿو ته: ” هيءُ شهر مهراڻ جي ڪپ تي آهي. ديبل کان منصوره ڏانهن ويندي ماڻهون درياء هتان اُڪرندا آهن. شهر جيتوڻيڪ ننڍو آهي پر ڏاڍو ڳتيل ۽ آباد آهي. ماڻهو سکيا سُتابا آهن، وڻ ٽڻ منجهس گهٽ آهن هتان جو قلعو مضبوط آهي. هن قلعي کي مؤرخ ’ڪافر قلعو‘ سڏين ٿا. يوناني سياح ’بطليموس‘ جو چوڻ آهي ته:” پٽالا جو شهر سنڌوءَ جي ڊيلتا جي مُنڍ وٽ، درياء جي اُڀرندي ڇوڙ ۽ ’اوساڪانا‘ جي شهر کان هڪ جيتري پنڌ تي ٺهيل هو. ڪن مؤرخن جو چوڻ آهي، ته پٽالا، ’پتاچلا‘ مان نڪتل آهي جنهن جي معنيٰ آهي ’سنئون ميدان‘ يا ’ٺڙهو ٽڪر‘.
پٽالا ماضيءَ ۾ سنڌ جي مشغول ترين بندرگاهه هو. سنه 327.ق.م ۾ جڏهن سڪندر مقدوني سنڌ تي ڪاهي آيو، تڏهن لاڙ واري پرڳڻي جو صدر مقام’پٽالا‘ هو. جنهن ۾ سانگهڙ، ميرپورخاص، بدين ۽ حيدرآباد ضلعا اچي ٿا وڃن. هتان جي راجا جو نالو ’موڪريس‘ هو، جيڪو ’موئرس‘يا ’موريا‘ خاندان مان هو. هتي سوگدائي قبيلي جو راڄ هو. هيءُ صوبو خودمختيار هو ۽ هن جو سياسي نظام اسپارتا جهڙو هو. حڪومت جو انتظام سندن وڏن آزمودگار ماڻهن جي هٿ ۾ هو. ميدان جنگ ۾ هن جي نمائندگي ٻن گهراڻن جا سورما گڏجي ڪندا هئا.
پٽالا(نيرون ڪوٽ) سان ڪيتريون ئي اسلامي روايتون وابسته آهن جن مان هڪ هيءَ به آهي، ته سنه 6 هجريءَ ۾ حضورﷺ جن جو پنجن اصحابن تي مشتمل هڪ وفد، اسلام جو پيعام کڻي سنڌ ۾ آيو، جيڪو نيرون ڪوٽ پٽالا پهتو هو، جنهن جي هتي سُٺي آجيان ڪئي وئي. هن وفد مان ٽي اصحابي سڳورا هتي اسلام جي تبليغ لاءِ رهي پيا ۽ ٻه اصحابي، سنڌي مسلمانن جو هڪ وفد وٺي واپس عربستان ويا، جن پاڻ سڳورن ﷺ جن جي دست مبارڪ تي بعيت ڪئي ۽ جيڪي ٽي اصحاب سڳورا هتي رهيا، تن جون مزارون پٽالا (نيرون ڪوٽ) ۾ موجود آهن. هي اعزاز ۽ فخر پٽالا جي سرزمين کي حاصل آهي، جيڪو سنڌ لاءِ ڪو ٿورو ناهي ۽ اهڙي طرح پٽالا جتي اسان جي معيشت ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، اتي سندس مذهبي عظمت کي به سلام آهي.
____________
(1) پٽالا يا نيرون ڪوٽ جو
بندر، سنڌ جي آڳاٽي بندرن مان آهي. سنه 327.ق.م جڏهن سڪندر اعظم سنڌ تي ڪاهيو،
تڏهن پٽالا موجود هو.
(2) ’پٽالا بندر‘ جي جاءِ و قوع بابت شڪ ۽ شبها آهن.
ڪن مؤرخن جو چوڻ آهي، ته پٽالا، نيرون ڪوٽ سڏجڻ ۾ آيو ۽ هاڻوڪي حيدرآباد وٽ هو.
مؤرخ ۽ جاگرافيدان’ابوالفدا‘ سنڌ جي هن بندرگاهه کي بيرون سڌيو آهي. بلاذري هن کي
بالنون سڏيو آهي ۽ لکي ٿو ته: ”هيءُ شهر سنڌو نديءَ جي الهندي ڪناري ’ديبل‘ ۽
’منصوره‘ جي وچ تي آهي. ڪپتان مئڪمروڊ ۽ ايلٽ هن جو نالو ’بيرون‘ سڏين ٿا. ابن
حوقل جي نقشي تي نظر ڪبي، ته هيءُ بندر اسان کي ديبل ۽ منصوره جي وچ تي نظر ايندو.
هاڻوڪا مؤرخ چون ٿا، ته نيرون ڪوٽ هاڻوڪو حيدرآباد آهي. منصوره کان 45 ميلن جي
فاصلي تي آهي.
يوناني
جاگرافيدان چيو آهي ته: ”پٽالا، انڊس ڊيلٽا جي مٿان آهي، پر اها هاڻوڪي حيدرآباد
ٿي نٿي سگهي. سنڌو نديءَ جو ان وقت وهڪرو انهيءَ جاءِ کان نه هو، جتان هاڻي آهي.“
ڪئيپٽن موروڊ، ميسن برٽن، ايسٽوڪ ۽ خود ڪننگهام کان ڀل ٿي آهي، ته اها جاءِ نيرون
ڪوٽ يا حيدرآباد آهي.