ديبل بندر
ديبل سنڌ جو تمام پراڻو تاريخي شهر ۽ بندرگاهه آهي، چون ٿا ته گهڻا گهڻا سال اڳ جڏهن سنڌ ۾ ٻُڌ ڌرم جو زور هو، تڏهن سنڌ ۾ ديول ديو ۽ اُڊيسا، اڙياديول ۾ ٻڌ جا نامي گرامي چيلا رهندا هئا، جن کي ماڻهو ديوتا ڪري مڃيندا هئا. ديول سمنڊ جي ڪناري تي، پنهنجي نالي تي هڪ بت خانو تعمير ڪرائي، ٻڌ جي مورتي رکي هئي. ديول جي لغوي معنيٰ آهي: ’بتخانو. تاريخن ۾ اچي ٿو ته هيءُ بتخانو 544 ق.م ۾ ٺاهيو ويو. جيڪو ٻُڌ زماني جي اوج جو دؤر هو. ان کان پوءِ هوريان هوريان هيءُ شهر ترقي ڪندو ويو.
ديبل بندر، سمنڊ جي ڪناري تي سنڌو نديءَ جي ڇوڙ جي الهندي ۾ هڪڙي ساخ تي اڏيل هو.(2) شهر جي ديوارن سان سمنڊ جون ڇوليون ٽڪرائبيون هيون، ۽ عجيب شور محسوس ٿيندو هو. هتان جي خاص عمارت، ٻُڌ وارو مندر هو(3) جيڪو چاليهه گز اوچو هو، مندر جي بلند گنبذ، سمنڊ تان پريان نظر ايندو هو. سندس چئني ڪنڊن تي، چار وڏا برج هئا. گنبذ جي مٿان، پتل جي هڪڙي گهوڙي سوار جو مجسمو کُتل هو، هڪڙي ڊگهي بانس ۾، ڳاڙهو جهنڊو جيسين هوا ۾ ڦڙڪندو هو، تيسين ڪابه طاقت شهر کي فتح نه ڪري سگهندي هئي. شهر جي ايراضي ڇهه ايڪڙ هئي، جنهن جي چوڌاري پٿرن جي ديوار ڏنل هئي، ديبل جي ٻاهران اتر-اوڀر ۾ هڪ ڍنڍ هئي، جيڪا شهر وارن کي مٺو پاڻي مهيا ڪندي هئي. انهيءَ ڍنڍ تي وڃڻ لاءِ پٿرن جي ڏاڪڻ ٺهيل هئي، هت اتر ڏکڻ ۾ هڪ ساهي رستو، جنهن جي ٻنهي پاسن واريون جايون اهڙي نموني ٺهيل هيون، جيڪي ساڳئي وقت گهر، دڪان ۽ بيٺڪ جو ڪم ڏيئي پيون سگهن.
ديبل سمنڊ جي ڪناري تي هئڻ ڪري آبهوا جي لحاظ کان اعليٰ شهر هو هتي آدم جهجو رهندو هو، اڪثر ڪري واپاري طبقو هو. ماڻهو سکيا ستابا، تندرست، سهڻا سيبتا ۽ خوشحال هئا، راءِ سهاسي ۽ برهمڻن جي دؤر ۾، هيءُ شهر پنهنجي سياسي ۽ واپاري حالت مڃرائي چڪو هو. هتي هڪ مضبوط جيل خانو به هو ۽ شهر تي بادشاهه طرفان هڪ گورنر راڄ ڪندو هو، جيڪو مڪمل طرح خودمختيار هو.
سنه 711ع ۾ جڏهن عربن سنڌ تي قبضو ڪيو، تڏهن هو پهرين ديبل ۾ آيا، ان وقت ديبل هڪ وسندڙ شهر ۽ سنڌ جو هڪ مشغول ترين بندرگاهه هو. عربن هن شهر ۾ هڪ مسجد به جوڙائي. معتصم عباسيءَ جي ڏينهن ۾، مشهور مندر جي هڪ حصي کي جيل ۾ تبديل ڪيو ويو. هتان جي اڪثر آبادي هندو هئي، جن جو مکيه ڌنڌو واپار ڪرڻ هو. ان وقت هن شهر ۾ اٽڪل ارڙهن لک ماڻهو رهندا هئا، ديبل واپار جو هڪ مکيه مرڪز هو، عربستان جي واپار جي خاص مرڪزن؛ يمن ۽ عمان سان ديبل جو سڌو سنئون واسطو هو. ديبل کان ئي سڀ جهاز بصري کان بغداد ۽ يمن ويندا هئا. عرب واپاري، جيڪي سنڌ سان واپار ڪندا هئا، سي ديبل کان پوءِ سنڌ جي اندرين شهرن ۾ پنهنجيون شيون وڪرو ڪندا هئا. هتي ڏيهي ۽ پرڏيهي واپارين جي سدائين پيهه رهندي هئي. ديبل ۾ چين، انڊونيشيا، هندستان، سيلون ۽ سنڌ جو مال اچي گڏ ٿيندو هو. اصظخري لکي ٿو ته: ”ديبل سنڌ جو وڏ بندر ۽ مکيه مرڪز آهي، سمنڊ جي ڀرسان هن شهر جي زمين بُٺ آهي ۽ صرف واپار جي لائق آهي.“ ساڳئي طرح بشاري المقدسي لکي ٿو: ”ديبل ساحلي شهر آهي. هن جي آسپاس اٽڪل روءِ هڪ سؤ ڳوٺ آباد آهن ۽ هتي جا رهاڪو، سڀ واپاري آهن. ديبل سنڌ جو بندرگاهه آهي ۽ وڏي اپت وارو آهي. هتان جا رهاڪو سلڇڻا۽ خوش پوشاڪ آهن.“ ابن حوقل لکي ٿو ته: ” هيءَ واپار جي تمام وڏي مارڪيٽ آهي ۽ هتي مختلف قسمن جا واپار ٿيندا آهن، هيءُ پرڳڻي جو خاص بندر آهي. هتي پوک گهٽ ٿيندي آهي. اهو هڪ خشڪ شهر آهي صرف ان کي تجارتي اهميت حاصل آهي.“ امام صاغاني لکي ٿو ته: ديبل سنڌ جي شهرن مان هڪ قصبو آهي، جتي بندرگاهه آهي، ۽ ٻيڙا پڳهه ڪن ٿا. ديبل جا رهاڪو نيڪ آهن.“ بهرحال ديبل هڪ ڳتيل شهر ۽ سنڌ جو عظيم بندرگاهه آهي. هت سمنڊ مان موتي نڪرندا هئا ۽ لوڻ به ٺهندو هو، هتي لوهه جون کاڻيون به هيون، اٽڪل چار هزار جهاز هر وقت واپار لاءِ تيار رهندا هئا. حڪومت کي هن بندر مان گهڻي آمدني ٿيندي هئي. ’خلاصةالتواريخ‘ جي مصنف جو رايو آهي، ته ديبل هڪ بين الاقوامي بندر هو، جتي عمان، چين ۽ هندستان کان وڏا وڏا جهاز ڀرجي ايندا هئا. هتان جا رهواسي عام طرح آسودا ۽ شاهوڪار هئا، جيڪي ڪيترن ئي قسمن جي شين جو واپار ۽ ناڻو اڌارو ڏيڻ جو ڌنڌو ڪندا هئا.
ديبل جي تجارتي حيثيت کي نمايان ڪندي جناب رحيمداد خان مولائي شيدائي ’تاريخ تمدن‘ سنڌ ۾ لکي ٿو ته: ”جيڪا مشڪ ٻيٽ کان درياء رستي ديبل پهچندي هئي، سا خوشبوءِ جي لحاظ کان، دنيا ۾ چوٿون نمبر هئي. ٽاڻي جون ڇٽيون، سنڌ جي بندر، ديبل کان ٻاهر وينديون هيون، الائيچيون، لونگ ۽ ڪارا مرچ، سرانديپ ۽ ملبار کان ديبل پهچندا هئا. ڇو ته ايراني نار جي مُنهن ۾ هيءُ پهريون بندر هو. جتان اهي شيون، ٻاهر وينديون هيون. ناريل، ڪيلا، انب، ليمان، توت، وغيره ديبل کان ٻاهر ويندا هئا. عراق جي کجور جو سمورو واپارهن شهر سان هلندو هو. ديبل شهر جون فولادي تلوارون، گينڊي جون ڍالون ۽ شالون مشهور هيون. ديبل جون شالون ڪرماني پشم جون ٺهيل هيون، جيڪي عراق ۽ ايران تائين مشهور هيون. ايران ۾ اهي شالون ’شال ديبلي‘ جي نالي سان سڏبيون هيون.“
ديبل نه رڳو واپار جو وڏو بندر يا شهر هو، پر عربن جي اچڻ کان پوءِ علمي شهر بنجي ويو. عراق ۽ عرب کان ڪيترائي عالم هن شهر ۾ اچڻ لڳا ۽ خود، هن ئي شهر وڏا جيد عالم، محدث، مفسر ۽ فقيه پيدا ڪيا، جن کي مورخن ’ديبلي‘ ڪري لکيو آهي. علامه سمعاني پنهنجي ڪتاب ۾ ديبل جي ڪيترن ئي عالمن جو ذڪر ڪيو آهي، جن عربي دنيا ۾ وڏو ڌاڪو ڄمايو. هنن بزرگن جا ديبل ۾ ڪيترائي مدرسه هئا. سنڌ جو هيءُ قديم شهر ۽ واپاري مرڪز عربن جي آخري دؤر ۾ اُجڙي ويو. خليفي معتصم عباسيءَ جي ڏينهن ۾ سخت زلزلو آيو، جنهن ۾ بيشمار جايون ڪري پيون ۽ اٽڪل ڏيڍ لک ماڻهو مري ويا ۽ گهڻا عرب سوداگر ديبل کان هجرت ڪري، سيوهڻ ۾ بيٺڪون جوڙي ويٺا. وقت گذرندو ويو ۽ سمنڊ جو پاڻي گهٽجندو ويو، تان جو ديبل ۽ سمنڊ جي وچ ۾ وڇوٽي پئجي ويئي. ٻئي طرف مقامي حالتن جي تبديلي ۽ سنڌو نديءَ جي ڇوڙ وارين شاخن ۾ ڦير گهير سبب خود نديءَ جي هڪ شاخ تي، هڪ نئين بندر لاءِ سهوليت پيدا ٿي، جنهن تي ’لاهري‘ نالو پيو ۽ اهڙي طرح ديبل جي بندر واري حيثيت ختم ٿي ويئي ۽ هوريان هوريان شهر ختم ٿيندو ويو، تان جو هاڻي صرف سندس تاريخ ۾ نالو وڃي رهيو آهي.
______________
(1) ديبل عربن جي دؤر ۾ وڏو ۽ مشهور بندر هو، پر هن
وقت هن جي درست سڃاڻپ نٿي ڪري سگهجي. مختلف عالم مختلف رايون رکن ٿا، جيئن:
1- فرشته جو مصنف
لکي ٿو ته:” ديول ٺٽي واري جاءِ تي هو“.
2- ادريسي جو چوڻ
آهي ته: ”سمنڊ جي ڇوڙ کان ڇهنمنزلن تي هو“.
3- ڪيپٽن برڊ چوي
ٿو ته: ”هيءُ سامونڊي بندر هو“.
4- برنس ۽
ايلفنسٽن چون ٿا: ”ڪراچي ۽ ٺٽي جي وچ تي هو“.
5- پاٽنجر، برٽن،
روچي، رينال، ٺٽي کي ديبل سمجهن ٿا.
6- ابن حوقل:
سمنڊ جي ڪناري تي ڄانائي ٿو.
7- ابن بطوطه:
لاهري بندر کي ديبل ڄانائي ٿو.
8- اصطخري: مهراڻ
جي اولاهين منهن وٽ ديبل کي ڏيکاري ٿو.(ايڊيٽر)
(2) ابن حوقل لکي ٿو ته:
”ديبل جو شهر مهراڻ جي اولهه ۾ سمنڊ طرف آهي. هيءُ تمام وڏو بندر آهي. هن جهڙو
بندر اوس پاس نه آهي. هتي فصل ڀلا ٿين ٿا، پروڻڪار گهٽ آهي، هتي تلوارون سٺيون ٺهن
ٿيون. رهاڪن جو گذر سفر واپار تي آهي. ڀنڀور جي جسامت ڏسي، ان کي ديبل نٿو چئي
سگهجي، جو اهو الڳ بندر هو.“ ڪن مسلمان سياحن ٺٽ يکي ديبل قرار ڏنو آهي. جڏهن ته
ان کي به رد ڪيو ويو آهي. ٺٽي جو واپار خود ’لاهري بندر‘ وسيلي هلندو هو.
ديبل
ڪراچيءَ ۾ ٿي نه ٿو سگهي، ڇو ته ديبل سنڌوءَ جي ڪناري تي ٻڌل هو.
ڪُننگهام
چوي ٿو ته: ”ديبل ڪراچي ۽ ٺٽي جي وچ تي هو، جيڪو لاهري بندر کان
’هيگ‘
ديبل کي سنڌو جي ساڄي ڪناري ڪلري بگهاڙ تي ٺٽي کان
’رِورتي‘
ديبل کي ٺٽي کان
ايلٽ،
منهوڙي کي ديبل سڏي ٿو. اهو به ٿي نه ٿو سگهي، جو منهوڙو هڪ ته سنڌو نديءَ جي ڇوڙ
وٽ نه پر سمنڊ ۾ اندر آهي، ٻيو ته اچ وڃ جو رستو اهڙو نه آهي، جيڪو واپري لحاظ کان
سنڌوءَ سان ڳنڍيل هجي.
مٿين
مواد کي ڏسي اهو چئي سگهبو، ته ديبل هڪ وڏو واپار بندر هو، جو ڪافي عرصو تاريخ ۾
زنده رهيو، پر هن وقت هن جو ڪو اَتو پتو نٿو ملي.(ايڊيٽر)
(3) اهو ممڪن آهي، ته دوارڪا ۽ سومناٿ وانگر، ديبل
به هڪ هندن جو وڏ مندر هو، جيڪو سمنڊ جي ڪناري تي هو، جنهن کي مسلمانن ڊاهي اُتي
مسجد ٺهرائي.(ايڊيٽر)