ڀنڀور جو بندر
(ڀنڀور) سنڌ جو ثقافتي ۽ تمدني شهر آهي. سنڌ جو رومانوي داستان ’سسئي پنهون‘ به هن شهر سان لاڳاپيل آهي. اسان جي شاعرن، پنهنجي ڪلام ۾، هن سرزمين جو ذڪر ڪري، کيس لازوال حيثيت بخشي آهي. هيءُ شهر ديس جي سونهن هو. عشق ۽ حسن جو مرڪز هو. پيار ۽ امن جي وادي هو. هتي ذات پات ۽ رنگ نسل جو فرق نه هو. هتي بهارون ئي بهارون هيون. باغ ۽ بستان هئا. درياء جي ڪناري زندگي مرڪندي نظر ايندي هئي. بازارون سجايل هيون. ماڻهو سکيا ستابا ۽ آسودا هئا. هي سرزمين، سُڳنڌ ۽ سُرهاڻ ورهائيندي هئي. هتان امن ۽ پيار جو پيعام کڻي، ساري ملڪ ۾ پهچائڻ لاءِ قافلا نڪرندا هئا.
ڀنڀور سنڌو نديءَ جي الهندي شاخ گهارو ۽ سمنڊ جي کاري جي اترئين ڪپ تي، مشغول ترين بندرگاهه ۽ عاليشان شهر هو. چون ٿا، ته هتي ’ڀنڀوراءِ‘ راجا راڄ ڪندو هو، ان ڪري هن تي ’ڀنڀور‘ نالو پيو. مشهور سنڌي مؤرخ گنگارا سمراٽ جو چوڻ آهي، ته آفريڪا جي بربر قوم هتي اچي آباد ٿي، ان ڪري هن شهر جو نالو ’بربريڪ‘ رکيو ويو، جيڪو اڳتي هلي ’ڀنڀور‘ ٿيو.اوائلي دور ۾ ڀنڀور، هندستاني واپار لاءِ پهريون بندر هو، ڇاڪاڻ ته ڳاڙهي سمنڊ کي پار ڪرڻ کان پوءِ، اول انهيءَ بندر تي لهبو هو. هيءُ شروعاتي عيسوي سن کان 11 صديءَ تائين هند ۽ سنڌ جو وڏي ۾ وڏي تجارتي بندر هئڻ سان گڏ، سنڌ ۽ هند جي مختلف علائقن ڏانهن ويندڙ قافلن جو لنگهه هو. اندروني سنڌ جو مال ٻيڙين رستي هتي ايندو هو ۽ هتان اهو ساموندي غورابن ۾ چڙهندو هو. يونانين جي ڪاهه وقت هن کي بين الاقوامي بندر جي حيثيت حاصل هئي. سنڌ، هند چين ۽ ڏور اوڀر جو تجارتي مال، هن بندر تان ڏورانهين ڏور ويندو هو. چين جو ريشم، شاهراهه ريشم رستي ڀنڀور بندر تان روم ويندو هو. هيءُ بندر مختلف ملڪن سان سامونڊي، دريائي ۽ خشڪي رستن ذريعي ڳنڍيل هو. ڏکڻ هندستان، سيلون، انڊونيشيا ۽ ملائيشيا جو مال به پهريائين هتي پهچندو هو ۽ هتان مغربي ملڪن ۽ ايشيائي ملڪن ڏانهن ويندو هو. ڪيچ ۽ مڪران جا قافلا به هتي پهچندا هئا. هيءُ هڪ بين الملڪي ۽ بين الاقوامي ساک ڀريندڙ شهر هو، جتي ٻيڙيون ڏيساور ڏانهن ويندڙ مال پهچائينديون هيون. واپارين کي ڪسٽم ڊيوٽي يا محصول ڏيڻو پوندو هو. مولائي شيدائي”تاريخ تمدن سنڌ“ ۾ لکي ٿو ته: ”شهر کان مال نڪرڻ وقت واپارين کي بندر ۽ سرحد تي، مال جي رقم جو پنجون حصو ڍل يا محصول طور ڏيڻو پوندو هو.“
ڀنڀور ۾ خشڪيءَ جو مال ٻن رستن کان ايندو هو ۽ ٻيو مڪران جي ڪناري کان. سنڌ جو واپار ڀنڀور کان خشڪيءَ رستي ڪيچ جي هوت بلوچن جي قافلي جي معرفت قلات، ميلوا، قنڌار، همدان، سيستان، خراسان، ڪرمان ۽ فارس جو مال هتي پهچندو هو. قافلا گهڻو ڪري رات جو سفر ڪندا هئا ۽ تارن جي روشنيءَ ۾ رستو معلوم ڪندا هئا. ان وقت جا قافلا مختلف ملڪن ۽ شهرن مان مختلف شيون مثلاً: کٿوري، شيراز جو عطر ۽ شراب، کجور، جابلو جڙي ٻوٽيون، سيستان جو اطلس، خراسان جا خشڪ تازا ميوا، قلات جون ڪلابتون ۽ سچا موتي، ڪرمان جا ريشمي ڪپڙا ۽ چمڙي جو سامان هتي وڪڻي هتان قيمتي شين مان سوٽي ۽ سنهي ململ، ريشمي ۽ اوني ڪپڙو، ننڍا ڦوٽا، خوشبودار مصالحا، نير، لاک، جواهرات ياقوت، الماس، عنبر، عاج، عمارتي ڪاٺ ۽ سون کڻي ٻين ملڪن ۾ وڪرو ڪرڻ ويندا هئا. پلٽي ڊي ايلڊر جو حوالو ڏيندي جناب ايم-ايڇ. پنهور، پنهنجي هڪ مقالي ۾ لکي ٿو ته: ”ڀنڀور بندر تان هيرا، جواهر، سنگ مرمر جو سامان: سليماني پٿر، عقيق احمر، فيروزه، ياقوت، ڪودهل، سچو بلور، دوڌيو پٿر وغيره روم ويندا هئا. گينڊي جا سڱ ۽ کل، هاٿين جو عاج ۽ دريائي گهوڙا به هن بندر تان ٻاهر ويندا هئا. ڪجهه معدني شيون ۽ قيمتي پٿر، جن مان ڪي تاتار، ٻيٽ، چين، بدخشان، ۽ هندوڪش مان درياء رستي ڀنڀور ايندا هئا، سي هتان روم ويندا هئا. پتل، شيهو، ٽامو، سلاجيت، شراب، سينکيو، سندور، قلئي، سون چاندي ۽ ٻيون معدنياتي شيون ڀنڀور بندر تان يونان وينديون هيون. روم هن بندر تان ايترو ته مال خريد ڪندو هو، جو اهو سنڌ کي هر سال 55000000 لک سير سون جي صورت ۾ محصول ڏيندو هو.
ڀنڀور ۾ فنيقيا، سامي ۽ رومي واپارين پنهنجي واپار ۽ ڏيتي ليتي لاءِ سامي ’خط‘ جاري ڪيو، جيڪو هو ڪپڙي تي لکندا هئا. اهو ساڳيو سامي خط، سنڌي واپارين جي وسيلي ننڍي کنڊ ۾ مهاراجا اشوڪ جي ڏينهن ۾ رواج ۾ آيو هو. هتي چمڙي رڱڻ جو به وڏو ڪارخانو هو، جتي ٻٻر جي ڇوڏن ۾ چمڙو رڱيو ويندو هو. ان کان سواءِ هتي تلوارن ٺاهڻ جو به اعليٰ قسم جو ڪارخانو هو. هتان جون تلوارون تمام مشهور هيون، جيڪي عرب ملڪن ۾ موڪليون وينديون هيون.
ڀنڀور سومرن جي دور تائين سنڌ جو وسندڙ شهر ۽ مشغول ترين بندرگاهه هو، جيڪو سنڌ ۾ واپار زرخيزي، تهذيب و تمدن جو اعليٰ مرڪز رهيو. ياقوت حموي مشهور عرن تاجر لکي ٿو ته:”ڀنڀور، سنڌ جو هڪ مکيه بندر هو ۽ المنصوره، سنڌ جون ٽيون نمبر وڏي ۾ وڏو شهر هو.هن شهر جي آدمشماري تمام گهڻي هئي. ۽ اها ان ڪري جو هيءُ سنڌ جو هڪ مُکيه بندر هو، جنهن جو دنيا جي هر ملڪ سان واپار هلندڙ هو. ڀنڀور ۾ محمد بن قاسم ڇانوڻي به قائم ڪئي هئي ۽ هڪ شاهي مسجد به ٺهرائي هئي. هيءُ شهر، عربن جي دور ۾ ئي سنه 171هه مطابق سنه 787ع ۾ هڪ زلزلي ڪري ويران ٿي ويو، جڏهن سنڌو جي اُلهندي واري شاخ(گهارو) سڪي وئي. اهڙي طرح هي مردم خيز سدا گلاب، دولتمند تجارتي شهر، جيڪو باغن ۽ بستانن، ماڙين ۽محلاتن، بنگلن ۽ بازارن جو مرڪز ۽ انڊو مسلم تهذيب جو گهوارو هو، ختم ٿي ويو. صرف ڀڙون، ڀٽون، پهڻ ۽ پٿر تاريخي آثار طور رهجي ويا پر اهي وٿون بيڪار ناهن، انهن ۾ به مڻيا آهي. تاريخ آهي، اهي اسان جي وڃايل تاريخي ورق جي نشاندهي ڪن ٿا پر اها اک ۽ تڙپ رکڻ واري اها دل هجي.
________
(1) لفظ ’ڀنڀور‘ تي غور ڪبو ته ’ڀن‘ ۽ ’ڀور‘ حصن تي
مشتمل نظر اچي ٿو. ’ڀن‘ معنيٰ ’زمين‘ ۽ ’ڀور‘ معنيٰ ٽڪرو ڀائجي ٿو، ته اهو پهريان
هڪ وسندڙ شهر هو، جو زلزلي هيٺ اچڻ کانپوءِ ’ڀنڀور‘ ٿيو هوندو.(ايڊيٽر)