وڄڙوٽ بندر
وڄڙوٽ (وڄڻوٺ) هندستاني رڻ پٽ جي گم ٿيل درياء هاڪڙو، جيڪو مختلف دورن ۾ مختلف هنڌن تان وهيو ۽ سرسوتي، مبالا، گهاگهر هاڪڙي ريڻي، واهندا ۽ پراڻ جي مختلف نالن سان سڏيو ويندو هو. ان جي ڪنڌيءَ تي هيءُ بندر آباد هو. هن کنڊر جي قديم آثاران جي برطانوي ماهرن ۽ تاريخدانن جهڙوڪ: ٻيگوٽ، ايڇ-جي-راورٽي، هينري ڪزنس، ڊاڪٽر ايڇ-ٽي-سورلي ۽ لئمبرڪ ڳولا ڪئي ۽ ان بابت رپورٽ ڪئي. تاريخي ڪتابن ۾ هن شهر جامختلف نالا اچن ٿا. جهڙوڪ: وجورته، ونجهروٽ، رونجهه ڪوٽ، ونجوٽ، وجناٿ ۽ وڃراٺ وغيره، پر عام طرح هن ايراضيءَ ۾ هيءُ قديم تاريخي آثار وارو ماڳ ’وڄڙوٽ‘ جي نالي سان مشهور آهي.
وڄڙوٽ، هاڪڙ سڀيتا جو هڪ نهايت ئي اهم هنڌ هو، مسٽر هينري ڪزنس، Antiques Of Sindh ۾ لکي ٿو ته: ’وينجهروت يا ونجاٿ‘ جو قديم شهر پراڻي زماني ۾ هاڪڙي يا وهندا جي ڪناري تي آباد هو. هيءَ شاخ سنڌو درياء مان نڪرندي هئي ۽ وينجروت وتان وهندي، عمر ڪوٽ جي الهندي کان لڙندي هئي. جيئن ته هيءُ شهر سنڌو درياء جي ان شاخ تي آباد ئي هو، ان ڪري ان جي شادابي ۽ خوشحاليءَ جو دارومدار به ان تي ئي هو. هن جي بيهڪ بابت هينري ڪزنس ساڳي ڪتاب ۾ وڌيڪ لکي ٿو ته:”ريتي ريلوي اسٽيشن کان 5 ميل ڏکڻ ۽ روهڙيءَ کان 63 ميل اتر ڏکڻ ۾ وڄڻوٺ بندر جا نشان دڙي جي صورت ۾ موجود آهن، چوڌاري ٺڪرين ۽ سرن جي ٽڪرن سان ڀريل آهي. ٺڪراٺو اسلام دور جو معلوم ٿئي ٿو. سرن جي ماپ 18x12x4 آهي، جيڪي سٺيون پڪل آهن ۽ رنگ پڪو ڳاڙهسرو اٿن. دڙو، ڏيڍ ميل ۾ پکڙيل آهي، جو ڊيگهه ۾ اڌ ميل ڏکڻ اولهه ۽ ويڪر ۾ اتر ڏکڻ چوٿائي ميل کن ٿيندو.مشهور مؤرخ شمسالدين قريشي ”تاريخ آئينه قديم سنڌ“ ۾ لکي ٿو ته:”اوج جي زماني ۾ هيءُ شهر برهمڻ آباد جيڏو هو.“ انگريز مؤرخ مسٽر هينري ڪزنس هن شهر ۽ برهمڻ آباد جي تهذيب کي، ساڳي ۽ هڪجهڙي سڏيو آهي. هن جو چوڻ آهي ته :”هتان جون سرون ۽ ٿانون جا ٽڪرا، اهڙا ئي آهن، جهڙا برهمڻ آباد جا آهن. “ هنن حوالن مان صاف ظاهر آهي، ته وڄڙوٽ قدامت جي لحاظ کان سنڌ جو هڪ قديم شهر ۽ تاريخي تهذيبي ۽ ثقافتي ورثي جي سرزمين هو.
سنه 1896ع ۾ بمبئي جي محڪمئه آثار قديمه جي سپريڊنٽ مسٽر هينري ڪزنس وڄڙوٽ دڙي جو دورو ڪيو. ان کان پوءِ ٻن انگريز آفيسرن مسٽر ’ڪولوفول‘ ۽’برين فل‘ وڄڙوٽ جا آٿر ڏسي رپوٽون تيار ڪيون. انهن رپوٽن ۾ انگريز ماهرن، وڄڙوٽ جي ثقافتي اهڃاڻ جو ذڪر هن ريت ڪيو آهي:
”هتان جيڪي چٽلي ٿانون جا ٽڪر لڌا ويا آهن، اهي ساڳي نموني جا آهن، جهڙا برهمڻ آباد ۾ هئا. ٺڪر جا ڀڳل ٿانوَ ڏاڍا سهڻا ۽ اعلا قسم جا آهن، جن تي روغن سان رنگ جو ڪم ٿيل آهي. هتان جيڪي سرون مليون آهن، اهي15 انچ ڊگهيون 10 انچ ويڪريون ۽ اڍائي انچ ٿلهيون آهن. اهي سرو موئن جي دڙي وارين سرن کان ساخت، بناوت ۽ سونهن ۾ وڌيڪ آهن. وڄڙوٽ جي دري جي وچ تي هڪ چورس نما کليل ميدان آهي، جيڪو ٻن سون کان ٽي سو والن تائين ويڪرو آهي. ان جي اولهه واري پاسي کان امير ماڻهن جا رهائشي گهر آهن ۽ وچ ۾ پٿر ۽ پڪين سرن سان ٺهيل پٿر جو ڪم احمد آباد ۾، احمد شاهه جي مسجد م ڏٺو ويو آهي. هتان جيڪي سڪا لڌا آهن، اهي ٽامي جا آهن. اهي ٿولهه ۾ انچ جو ڏهون حصو ويڪر ۾ اڌ انچ ۽ وزن ۾ 3 کان 4 گرين آهن. ڪجهه چاندي جا سڪا به مليا آهن جن جو وزن 4 کان 7 گرين آهي. ٻارن جا رانديڪا به مليا آهن، جيڪي پٿر ۽ مٽيءَ جا ٺهيل آهن. اهي رانديڪا گهڻو ڪري جانورن جا آهن. شيشي ۽ چيني جا رنگين ٽڪرا مليا آهن، جيڪي سائو نيرو ۽ سفيد رنگن مان آهن. خاص ڪري بلور شيشي جا برتن سهڻا آهن. لوهيون ميخيون به مليون آهن، جيڪي گهرن جي ڇتين ۽ فرش ۾ استعمال ٿيل عمارتي ڪاٺ کي بند ڪرڻ ۾ ڪم اينديون هيون. شيشي ۽ پٿر جي ڪنگڙين جا ٽڪر، مڻڪا ۽ ٽامي ۽ پتل جا زيور ۽ گهنگهرو به مليا آهن. هٿيارن کي تکي ڪرڻ جون روهيون به مليون آهن. ان کان سواءِ سپين ۽ ڪوڏين جا ٽڪرا به هٿ آيا آهن.“
هن ساري ثقافتي رپورٽ مان ظاهر ٿئي ٿو، ته هيءُ شهر پراڻي زماني ۾ هڙپا، موئن جو دڙو ۽ برهمڻ آباد جو هم پلئه هو. هيءُ سکيو، ستابو، آباد، خوشحال ۽ امير ترين شهر هو، جتي زندگي جي هر سهوليت موجود هئي ۽ ماڻهن جو معيارِ زندگي بلند ترين هو. ماڻهو شانائتي زندگي گذاريندا هئا. هن بندر ۾ سنڌ جو مال، دنگين ۽ ٻيڙين ذريعي ايندو هو، جتان پوءِ پنجاب، ڪشمير ۽ بهاولپور ويندو هو. اترئين سنڌ ۽ ريگستاني علائقي ۾ هيءُ بندر گلگت، چترال، ڪشمير ۽ پنجاب وڃڻ لاءِ خاص رستو هو. هاڪڙي درياء جو هيءُ بندر سنڌ جي تهذيب، تمدن، ثقافت ۽ لوڪ ادب ۾ به وڏي اهميت رکي ٿو. سنڌي رومانوي داستان ڏمڻ سوناري، جو قصو هن سرزمين سان وابسته آهي، جنهن جو انساني ۽ ثقافتي پهلو سنڌي تاريخ جو عظيم داستان آهي. خاص ڪري هيءَ ڳالهه لازوال حيٿيت رکي ٿي:
اڪ نه ڪجي ڏندڻين، سپ نه ڪجي ماهه،
اُتي نه لائجي نينهڙو، جتي نه توڙ نڀاءَ.
سنڌ جو هيءُ عظيم الشان بندر، درياء رخ مٽجڻ ڪري تباهه ٿي ويو. چون ٿا ته سنه 962ع ۾ هڪ خوفناڪ زلزلو آيو، جنهن ڪري درياء رخ مٽايو هو ۽ هيءُ عاليشان شهر تباهه ٿي ويو. ڪاڪي ڀيرومل جو چوڻ آهي، ته: ”جڏهن روهڙي ۽ سکر ۾ زلزلو آيو ۽ اروڙ جون ٽڪريون تباهه ٿيون، تڏهن درياء رخ مٽائي ويو ۽ هيءُ شهر برباد ٿي ويو.“ اڄ هيءُ دڙو صرف 40-50 والن تي پکڙيل آهي. اهو به ڪي ماڻهن ٽيڪٽرن سان کوٽي زمين آباديءَ لائق بنائي، فصل پوکڻ شروع ڪيا آهن. هينئر صرف هڪ وڏو دڙو وڃي بچيو آهي، جيڪو به هڪ ٻن سالن ۾ ختم ٿي ويندو ۽ پوءِ سنڌ جي تاريخ جي هن سونهري شهر جوتذڪرو صرف ڪتابن ۾ وڃي رهندو.