منصوره جو بندر
محمد بن قاسم جي سنڌ مان واپس وڃڻ کان پوءِ، سنڌ مٿان عرب گورنر مقرر ٿي ايندا هئا. جن جي سياسي مصلحتن ۽ ستت تبديلين ڪري، سموري ملت ۾ بدانتظامي پيدا ٿي پئي. ڪيترن ئي ڏيهي سردارن ان ڪمزوريءَ جو فائدو وٺي، خودمختياري جو عَلَمُ کڙو ڪيو. ان بغاوت کي منهن ڏيڻ لاءِ عرب جي مرڪزي سرڪار طرفان حڪم بن عوام قلبي سنڌ جو گورنر ٿي آيو. هيءُ هڪ جبرو حاڪم ۽ سٺو منتظم هو. هن پاڻ سان گڏ عمرو بن محمد بن قاسم کي به آندو. عمرو گورنر جي حڪم سان، سنڌ جو سمورو اندروني انتطام درست ڪيو ۽ جيڪي علائقا خود مختيار ٿي ويا هئا، تن کي ٻيهر فتح ڪيو. انهيءَ فتوحات جي خوشيءَ ۾ عمرو بن محمد قاسم، مهراڻ جي اُلهندي ڪناري تي موجود برهمڻ آباد کان، ٻن ميلن جي مفاصلي ته هڪ شهر اڏرايو، جنهن جو نالو ’المنصوره‘ يعني فتح جي جاءِ رکيو ويو. اهو زمانو سنه 723ع کان سنه 738ع جو آهي. هيءُ شهر پکيڙ ۾ هڪ چورس ميل هو ۽ چوڌاري نديءَ جي شاخ هئس، ان ڪري هتي هر وقت تجارتي ٻيڙا موجود رهندا هئا.
’منصوره‘ جو شهر جيئن ته عرب حڪمرانن پنهنجي مرضيءَ ۽ ڇانوڻي طور ٺهرايو هو، ان ڪري هيءُ شهر تعميري لحاظ کان وڏي اهميت رکي ٿو. شهر جي چوڌاري عالم پناهه ديوار ڏنل هئي، جنهن کي چار دروازا هئا، جي دشمن جي حملي وقت بند ڪيا ويندا هئا. انهن دروازن جا نالا هي هئا: باب البصر، باب طوران، باب سندان ۽ بابِ ملتان. هن شهر جي قلعي ۾ فوج لاءِ بالڪونيون هيون ۽ پنجاهه هزار فوج هر وقت تيار رهندي هئي. مسعدي لکي ٿو ته: ”منصوره جي فوج جو تعداد چاليهه هزار هو. ان فوج سان اسي جنگي هاٿي هئا ۽ هر هڪ سان پنجن سون پيادن جو دستو رهندو هو. منصوره ان دؤر ۾ سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ هو، جنهن جون حدون ديبل کان الور تائين ڦهليل هيون. رياست اندر 3 لک ڳوٺ هئا. هتان جون جايون دمشق وانگر ڪاٺ ۽ مٽيءَ جون جڙيل هيون. جيڪي ڪيترن ئي منزلن تي مشتمل هيون.هتي باقائدي سرڪاري آفيسون هيون. اسپتالن، عدالتن ۽ رسد خانن جا جدا جدا کاتا هئا. چراگاهن لاءِ ميدان ڇڏيل هئا ۽ گهوڙن جي نسل جي افزائش ڪئي ويندي هئي، سرڪاري محصول شريعت موجب وصول ڪيا ويندا هئا.
منصوره جا ماڻهو امير ۽ بااخلاق هئا. بشاري لکي ٿو ته:” منصوره جا باشنده لائق، بامروت، مهمان نواز، صوم و صلات جا پابند ۽ فياض آهن. وٽن اسلام جي تازگي آهي. پاڻ اهلِ علم آهن. منجهن ذهانت ۽ زڪاوت آهي. هو نيڪ ۽ سخي آهن. خير خيراتون ڏاڍيون ڪن ٿا.“ ابن حوقل لکي ٿو ته: ”هتان جي ماڻهن ۾ بدڪاري ۽ شرابخوري ڪانهي، سرسبزي ۽ دولت گهڻي آهي.“ ساڳئي طرح ادرسي لکي ٿو ته:” منصوره جو شهر گرم آهي. برسات گهٽ پوندي آهي ۽ ماڻهو درياء جو پاڻي پيئندا آهن. حڪومت منصفاڻي آهي. پردو سخت آهي، بازار ۾ ڪا به عورت سينگار ڪيل ڪانه ملندي ۽ نه وري ساڻن ڪو کلم کلا ڳالهائي سگهندو. زندگي عيش عشرت، مسرت، خوشدلي ۽ مروت جي آهي. جسم ۾ تندرستي آهي. ماڻهن جو رنگ ڪڻڪائون ۽ ڪارو آهي.“
منصوره پنهنجي اوج واري زماني ۾ واپار جو مکيه مرڪز هو. سنڌو ندي تي هئڻ ڪري هتي هر وقت تجارتي ٻيڙا موجود رهندا هئا. اصطخري لکي ٿو ته:” هي شهر هڪ چورس ميل ۾ آهي ۽ ان جي چوڌاري، سنڌو ندي ٻاروهي وهي ٿي، جنهن ڪري ٻيٽ وانگر ٿي پيو آهي.“ بلا ذري لکي ٿو ته:” منصوره شهر سمنڊ جي ڪناري کي ويجهي هئڻ سبب عراق، عمان ، ايراني نار، گجرات ۽ مهراڻ ذريعي ملتان سان سندس واپار هلي ٿو. اهڙي طرح منصوره بري ۽ بحري تجارت جو مرڪز هو. هن جو واپا ر ڏورانهن ڏيهن سان هلندو هو. مڪران ۽ خراسان جي رستي، واپاري قافلا، عرب ملڪن ڏانهن ويندا هئا. منصوره کي ٻين مکيه شهرن سان واپاري رستن ذريعي ڳنڍيو ويو. جهڙوڪ:” ديبل کان ارما بيل، منجابري درڪ ۽ ڏکڻ اڀرندي ڪاٺياواڙ سان ڳنڍيل آهي. ادريسي جو چوڻ آهي ته:” منصوره جيڪو وچئين دؤر جي ٽن وڏن شهرن بغدا، ايمبيسيا ۽ ميسوپوٽيما سان گڏ شمار ڪيو ويندو هو. وڏو شاهوڪار ۽ واپاري شهر هو. هيءُ هڪ زرخيز ملڪ جي وچ ۾ تفريح ۽ خوشحالي جو مقام هو.“
ساڳئي طرح هو منصوره جي تجارتي اهميت باري ۾ لکي ٿو ته:” هتي کجور ۽ ڪمند جي پيداوار تمام گهڻي آهي. هتي چانورن جي پوک ۽ باغات آهن. هتي ليمان ۽ نارنگيون به ٿين ٿيون. هتي تاجر گهڻا آهن.“ بشاري منصروه جي تهارتي اوج متعلق لکي ٿو ته:” منصوره مان هاٿي، هاٿيءَ جا ڏند، جَڙي ٻوٽيون ۽ اعليٰ قسم جون شيون ٻاهر موڪليون وڃن ٿيون. هتان جاون جُتيون مشهور هيون، جيڪي اصل ۾ کنڀات کان هتي اينديون هيون ۽ هتان بغداد وينديون هيون. هنن جُتين جو عرب دنيا ۾ وڏو قدر ڪيو ويندو هو.“ امام احمد بن حمبل لکي ٿو ته:” هتان جون ڀڀڪيدار جُتيون، آفريڪا، موراڪو، بغداد ۽ مصر جي الاقصيٰ شهر ۾ فقط شهزادا ۽ امير خريد ڪري سگهندا هئا. عجائب الهند ۾ آيل آهي ته قند هندي، ڪشمير کان چمڙي جي دٻن ۾ بند ٿي مهراڻ رستي چاليهن ڏينهن اندر، منصوره پهچندي هئي. منصوره باغن جوشهر هو. هتان جون نارنگيون مشهور هيون. ان کان سواءِ انب، ليمان، ۽ شفتالو به عرب دنيا ۾ هتان ويندا هئا. منصوره جو واپار نه صرف عرب دنيا پر اتر اوڀر ۾ ڪشمير سان، اتر اولهه ۾ قنڌار سان، هندستان جي ساحلي ملڪن سان، جاوا، سوماترا، ۽ چين سان اولهه طرف عربستان خصوصاً عراق سان هلندو هو. ان بين الاقوامي واپار لاءِ سڪن جي مٽا سٽا لاءِ، منصوره ۾ هڪ وڏي منڊي به هوندي هئي، جنهن ڪري پرڏيهي واپار ۾ سهولت به ٿيندي هئي.
المنصوره جيئن ته اسلامي حڪومت جي، تختگاهه هو، ان ڪري وڏا وڏا عالم ٻاهران لڏي هتي اچي رهيا ۽ هتان جا ديني مدرسا عالمي دنيا ۾ مشهور هئا. هيءُ شهر علمي لحاظ کان دمشق ۽ بغداد ثاني هو. هتان جي عالمن ڪتابي دنيا ۾ معتبر ۽ مستند ڪتابن جو وڏو ذخيرو ڇڏيو آهي. منصوره ۾ قرآن مجيد جو پهريون سنڌي ترجمو ٿيو ۽ هتي پهريون ديني مدرسو کليو. منصوره جو بندر سنڌو ندي جي وهڪري ڦيرائڻ ڪري عيسوي 13 صدي جي وچ ڌاري تباهه ٿي ويو. اڄ هن تاريخي شهر جا کنڊرات سانگهڙ ضلعي جي سنجهوري تعلقي ۾ شهدادپور کان اٺن ميلن جي مفاقلي تي موجود آهن، جن جي کوٽائي آثار قديمه جي کاتي وارن ڪرائي هئي ۽ اهڙيءَ طرح هن تاريخي شهر پنهنجي دؤر ۾ عظمت کي نمايان ڪيو آهي.
____________
(1) سلطان فيروز شاهه تغلق،
دهليءُ جي بادشاهه، جڏهن سنڌ کي سال 62-1361ع ۾ مڪمل طور فتح ڪري ورتو، ته هن سنڌ
جو واڳون پنهنجي نائب امير نصر خان جي حوالي ڪيون، جنهن هيءُ شهر ٻڌايو. نصرپور
لاءِ چيو وڃي ٿو، ته هيءُ خوبصورت شهر، سنڌو ندي ڪناري شاخ سانگڙا جي ڪپ تي ٻڌل
هو. نصر خان هتي عاليشان عمارتون، وڻندر باغ ۽ تفريح جون جايون جوڙايون. (ايڊيٽر)
*
ترخانن جي دور ۾ هن شهر جو شان شوڪت وڌيو. سترهين صديءَ ۾ هي هڪ وڏو ۽ آباد شهر
بنجي پيو هو، ۽ هن دور ۾ هيءُ ڪپڙي جي صنعت جو هڪ وڏو مرڪز هو. انگريزن جڏهن سنڌ ۾
پهرين ڪوٺي کولي، تڏهن هڪ وڏي آفيس نصرپور ۾ کوليائين ۽ اتي پنهنجا اهم آفيسر
ويهاريائون. ڪوٺي وارا لکن ٿا ته:”ٺٽي کي ويجهي ۾ ويجهو ٻيو شهر نصرپور آهي، جو
ڪپڙي تيار ڪرڻ جو اهم ترين مرڪز آهي. رپوٽن موجب منجهس 3000 ڪورين جا خاندان آباد
ٿيل آهن. هيءُ ٺٽي شهر کان وڏو ته نه آهي، پر ان جيڏو بيشڪ ٿيندو.“
وچولي
سنڌ ۾ نصرپور واپار ۽ صنعت جو وڏو مرڪز هو ۽ درياء سان گنڍيل هجڻ ڪري وڏو مصروف
بندر هو ۽ ٺٽي سان پڻ گنڍيل هو. هتان ٻيڙين جي سستي طريقي سان مال ٺٽي پهچندو هو،
جتان وري اهو دنيا جي وڏين مارڪيٽن ڏي کڄي ويندو هو.
نصرپور
جي زوال جو پتو ته ڪو نه ٿو پوي پر ڏسڻ ۾ ائين ٿو اچي، ته اڳين شاهوڪار شهرن
وانگر، جن جو زوال درياء جي رخ مٽجڻ سبب ٿيو، ته هن جو حال به ساڳيو ٿيو. اڄ هيءُ
هڪ ننڍو ڳوٺ آهي.