اروڙ بندر
روهڙي شهر کان 5 ميل پري، ڏکڻ اوڀر ۾، اروڙ جي ٽڪريءَ تي هن ڦٽل شهر جا نشان ملن ٿا. اروڙ ڪنهن زماني ۾، سنڌ جو عظيم بندرگاهه، تجارتي شهر ۽ گاديءَ جو هنڌ هو. هيءُ شهر مهراڻ نديءَ جي الهندي ڪپ تي ٻڌل هڪ وسيع شهر هو، جو قدامت جي لحاظ کان آريا ورت جي قديم شهرن: هستاپور، اندر پرستا دهلي، پتاليپوترا(پاٽنا) جو ثاني هو. محققن جو خيال آهي، ته اروڙ جو بنياد دراوڙن جي دور ۾ پيو، جڏهن آرين سنڌ جا وسيل ۽ شاهوڪار شهر قبضي هيٺ آندا، تڏهن هنن اروڙ کي محفوظ ۽ اتاهين جڳهه تي ڏسي، مٿس بالم ٿي بيهي رهيا ۽ هن شهر کي محنت سان عروج تي پهچايائون. ويدن جي زماني ۾ هن شهر تي هڪ راڻي راڄ ڪندي هئي، جنهن جو نالو ’روماسا‘ هو، سا نهايت ٻاجهاري ۽ فن موسيقيءَ جي ماهر هئي، سندس شان ۾ سلوڪ به ملن ٿا. ’مهاڀارت‘ ۽ ’رامائڻ‘ جي دور ۾ اروڙ سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ رهيو. اروڙ جا پويان حڪمران چندرونسي، اروڙ ونسي خاندان جا راجا، جن جو لقب راءُ هو، مان هئا. هنن سنه 450ع کان سنه 642ع تائين حڪومت ڪئي. چندرونسي کان اڳ سورج ونسي راجپوتن مان راجا بليڪا جي پٽن، 1100 ق.م ۾ هن شهر تي راڄ ڪيو ۽ ان کي اوج تي رسايو. جڏهن سڪندر مقطونيءَ سنڌ تي ڪاهه ڪئ، تڏهن هو اروڙ ۾ به آيو. هن جا ٻيڙا درياء ۾ ملتان کان اروڙ پهتا. ان وقت هتان جو راجا، ’موسيڪانوز‘ هو. جنهن ساڻس سخت مقابلو ڪيو. راءِ سهارس2 جي ڏينهن ۾، جڏهن يران جي شهنشاهه نيمروز، سنڌ تي ڪاهه ڪئي، تڏهن راءِ سهاسيءَ(ٻئي) هن سان مقابلو ڪيو. سنه 711هه ۾ جڏهن عربن اروڙ تي حملو ڪيو، تڏهن هيءُ سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ هو. عربن جي دور ۾ اروڙ جو اهو ٺٺ ٺانگر ختم ٿي ويو، ويتر جڏهن ارغونن جي قبضي ۾ سنڌ آئي، تڏهن ڌاريجن کي سزا ڏيڻ جي خيال کان بيگ اروڙ ۾ ڇانوڻي هڻي ويٺو ۽ هتي ڌاريجن سان ٽي چار لڙايون لڙيو ۽ کين شڪست ڏئي ڀڄائي ڪڍيائين.
اروڙ تاريخ جي هر دور ۾، سکيو ستابو شهر رهيو. سنڌو درياء جي ڪپ تي هئڻ ڪري، هيءُ مشغول ترين بندر گاهه هو. هن شهر کي مضبوط عالم پناهه ديوار ڏنل هئي. چندرونسي راجائن جي دور ۾ هيءُ شهر دولت سان مالامال هو. سندس ڀر وارين ٽڪرين ۾ سونَ ۽ چانديءَ جون کاڻيون هيون. ’موسيڪانوز‘ جي ڏينهنن ۾ هيءُ هڪ تمام مصروف بندر هو. يوناني مؤرخن هن جي وڏي تعريف ڪئي آهي. هو لکن ٿا ته :” هيءُ شهر تمام شوهوڪار ۽ سرسبز هو، جتي هر قسم جي پيداوار ججهي انداز ۾ ٿيندي هئي. شهر محلاتن ۽ باغن سان ڀريل هو. ماڻهو بهادر، بيڊپا ۽ علم طب ۾ ماهر هئا. هنن راڳ وسيلي، نانگن جو زهر ڪڍيو ۽ هو جانورن جو به علاج ڪندا هئا. هتان جا ماڻهو صحتمند، گهڻو جيئندڙ ۽ سٺين عادتن وارا هئا. امن امان ايترو هو ، جو ڪا ڪورٽ ورلي ويهندي هئي. حڪومت رڳو ڳرن ڏوهن ڏانهن ڌيان ڏيندي هئي، باقي ڏي وٺ جا مسئلا عوام جي اختيار ۾ هئا.“
هندو راجائن جي دور ۾ هيءُ شهر اوج تي هو. مؤرخ سنڌ مولائي شيدائي لکي ٿو ته: ”هندن جي وقت ۾ اروڙ ۾ هڪ وڏو بندر هو، جتان جهازن کان محصول ورتو ويندو هو. هندستان جا ڪيترائي راجا، اروڙ جي دربار کي ڍل ڏيندا هئا.“ چچ نامي آهي ته: ” هيءُ شهر هند ۽ سنڌ جو تختگاهه آهي، جو مهراڻ نديءَ جي ڪپ تي ٻڌل آهي. هيءُ قسمين قسمين ماڙين ۽ محلاتن، چراگاهن، گلن، باغن، حوضن، نهرن، ۽ گليڪارن سان سينگاريل هڪ وڏو شهر آهي. هن رونق واري شهر ۾، راءِ سهارس نالي هڪ راجا راڄ ڪندو هو، جنهن وٽ ججها خزانه ۽ پوريل ناڻو هو.“ اروڙ جي آبهوا وڻندڙ ۽ دلڪش هئي، ان ڪري واپاري ۽ تاجر سڄو سال هتي رهندا هئا. هتان جا هنر مند، پورهيت ۽ فنڪار پنهنجي ڌنڌي ۽ فن ۾ مشهور هئا. اهو ئي سبب آهي جو راڻي لاڏي، محمد بن قاسم کي ٻڌايو هو ته: ”هن شهر جا ماڻهو ڪاريگر، واپاري ۽ هاري آهن، ان ڪري ئي هيءُ شهر آسودو ۽ شاهوڪار آهي. هنن سان ئي هن ديس جي دولت آهي ۽ شهر خزانن سان ڀريل آهي. جيڪڏهن تون هنن کي ختم ڪندين، ته هيءُ سڀ مال متاع ختم ٿي ويندو.“ ان ڪري ئي محمد بن قاسم اروڙ جي شهرن کي آزادي ڏني ۽ کسيل ملڪيتون کين واپس ڪيون، صرف شاهي خزانو مرڪز ڏانهن اماڻايائين.
عربن کان پوءِ به اورڙ بندرگاهه ۽ هڪ وسندڙ شهر هو. مغلن جي دور جو هڪ مؤرخ شيخ ابوالفضل لکي ٿو ته: ”هيءُ شهر ملتان جيڏو هو ۽ سندس چوگرد باغ هئا. هيءُ شهر، سنڌو نديءَ جي اڀرندي ڪپ تي، بکر کان ستن ميلن جي فاصلي تي هڪ ٽڪريءَ تي ٻڌل هو ۽ ٻوڏ کان بچيل هو.“ اڪبري دربار جو مؤرخ مير معصوم بکريءَ جو چوڻ آهي ته: ”اروڙ هڪ وڏي عالم پناهه ديوار سان مهراڻ جي ڪپ تي وسيل هڪ وڏو شهر هو، جيڪو محلاتن ، ميويدار وڻن ۽ نهرن سان ڀرپور هو. ان ۾ تمدن ۽ شهريت جو اهو سڀ سامان هو، جنهن جي هڪ مسافر کي ضرورت هجي.“ مؤرخ ڊاڪٽر عبدالمجيد ميمڻ، اروڙ جي تجارتي حيثيت بابت لکي ٿو ته: ”اروڙ تمام شاهوڪار شهر هو. ان جي چوڌاري نهرون ۽ چراگاهه هئا. هيءُ شهر علم، هنر، صنعت، حرفت ۽ تجارت جو مرڪز هو ۽ ايشيا جو ناميارو بندرگاهه هو. هن بندر جي ڀرسان هاڪڙو درياء وهندو هو. هيءُ شهر اناج جي وڏي منڊي هو. اروڙ صنعت، تجارت ۽ بندرگاهه کان سواءِ هڪ علم جو مرڪز به هو. قاضي اسمٰعيل، شيخ مخدوم محمد قطب، قاضي ستابو شاهه، شڪر گنج ۽ ڇٽو اَمراڻي هتان جا مشهور بزرگ ٿي گزريا آهن. هتان مشهور علمي شخصيت قاضي موسيٰ بن يعقوب جي پڙ پوٽي قاضي محمد اسماعيل بن علي ابن محمد طائي سنڌ جي تاريخ ’منهاج المسالڪ‘ عربي ۾ لکي، جنهن کي علي بن حامد بن ابوبڪر ڪوفي، فارسيءَ ۾ ترجمو ڪري ’فتح نامه‘ عرف ’چچنامو‘ نالو ڏنو. اهڙيءَ طرح سنڌ جي پهرئين تاريخ هن سرزمين تي لکي ويئي.“
هيءُ شهر 4 صدي هجري ڌاري، درياء جي رُخ مٽجڻ ڪري ڦِٽي ويو. ان ڪري واپار ۽ تجارت به ختم ٿي ويئي. عربن به منصوره کي وڃي گاديءَ جو هنڌ بنايو. ان ڪري هوريان هوريان هيءُ شهر اجڙندو ويو ۽ هاڻي هيءُ عظيم شهر صرف 50-60 گهرڙن تي مشتمل هڪ ڳوٺڙو آهي.