روهڙيءَ جو بندر
روهڙي، حسن ۽ عشق جي سرزمين، پيار ۽ محبت جو ماڳ، درويشن ۽ الله لوڪن جو مرڪز، جنهن جي خاڪ پاڪ سوين عالمن، بزرگن، ساعرن ۽ ولين کي جنم ڏنو، تنهن جي ذري ذري ۾، قدم قدم تي الله جي پيارن جون مزارون آهن. هن شهر کي سوا لک پيرن جو شهر، ان ڪري ئي چيو ويو آهي، جو انهن اتي خدا جي نيڪ ۽ پيارن ٻانهن، جون درگاهون ۽ مزارون گهڻي انداز ۾ آهن، جن خدا جي ٻانهن مان بغض ۽ ڪينو ۽ ڪدورت ڪڍي خدا جي هيڪڙائي ۽ ٻانهن سان پيار ڪرڻ جو درس ڏنو ۽ اهڙي طرح هتان جي رهاڪن ۾ انساني دوستي ۽ پاڻ سڃاڻڻ جا گڻ پيدا ڪيا.
روهڙيءَ جي سرزمين تمام اوائلي آهي. هينري ڪزنس ”ائنٽيڪئيز آف سنڌ“ ۾ لکي ٿو ته: ”هن شهر ۾ پٿر واري دور جي دراوڙن جي وستين ۽ غارن جا آثار جا بجا ملن ٿا.“ سر جان مارشل جو چوڻ آهي ته:”نئين پٿر جي دور جي انسانن جي اجهن جا اڪيچار آثار، سنڌ ۾ لڪي ۽ کيرٿر جبلن جي قطارن ۽ روهڙي وارين ٽڪرين ۾ واقع آهن.“ ايڇ-ٽي-لئمبرڪ جو چوڻ آهي ته:”موئن جي دڙي واري تهذيب کان به گهڻو اڳ ڪا قوم اولهه کان اچي، درياء ٽپي روهڙي وارين ٽڪرين تي آباد ٿي هئي، هن مان ظاهر ٿئي ٿو، ته روهڙي جي ڌرتي تمام آڳاٽي آهي.“
روهڙي جو شهر به پراڻي زماني کان آباد هو. ٽريمورائل ۽ مسٽر جان ٽيٽ، هن راءِ جا آهن، ته پٿر جي دور ۾ هن ٽڪريءَ تي هڪ قوم رهندي هئي. ”روهڙي جي قوم جا اهي ماڻهو تمدن ۽ تاجر لوڪ هئا، جيڪي درياء جي ڪپ تي رهڻ ڪري ٻيڙين ٺاهڻ ۽ هلائڻ جا ماهر هئا. سنڌ گزيٽيئر ۾ روهڙي کي ’لوهري‘ سڏيو ويو آهي، جنهن لاءِ چون ٿا، ته اها لوهر قوم هئي ۽ ان ڪري ئي جي. اي. ويسٽ هن شهر جو پراڻو نالو ’لوهرڪوٽ‘ لکيو آهي. اسان جي ڏيهي مؤرخ مولائي شيدائي جو رايو آهي ته: ”روهڙي، دراصل ’روڙي‘ ڀاشا جو لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ننڍو پٿر يعني ٽڪري.“(1) سنه 954ع ۾ جڏهن الور کان درياء رخ بدلايو، تڏهن اتان جا ماڻهو لڏي اچي هتي رهيا. مرزا قليچ بيگ جو به ساڳيو رايو آهي، ته الور جي ڦٽڻ کان پوءِ ماڻهو اتان لڏي اچي هتي رهيا، پر هيءَ حقيقت آهي ، ته هيءُ شهر ڪيترائي دفعا ويران به ٿيو، ته آباد ٿيو. ريورٽي مهراڻ آف سنڌ ۾ لکيو آهي ته:” آبڪلاڻيءَ جي مندن ۾ مهراڻ پنجاهه فوٽن جي بلندي تي شهرن جي ديوارن هيٺان وهندو هو.“
روهڙي جي سرزمين به تاريخ ۾ ڪيئي دور ڏٺا. جڏهن ارغونن، ترخانن ۽ مغلن سان هتان جي ماڻهن چڪريون کاڌيون ۽ ديس مان ڌارين کي ڪڍڻ لاءِ سر ۽ تن جا سودا ڪيا، تڏنهن هنن انهن تلوارن جا ڌڪ سهي به آڻ نه مڃي ۽ مغل شهزادي اورنگزيب، دارا کي قتل ڪرايو، تڏهن روهڙي جو شهر موجود هو ۽ هيءُ رت هاڻو نظارو اکين سان ڏٺو.
روهڙي درياء جي ڪپ تي هئڻ ڪري تجارتي ۽ صنعتي شهر هو. هو واپار جي منڊي هو هتي تجارتي سامان سان، ٻاهران ٻيڙا ڀرجي ايندا هئا. هن شهر ۾ آگري کان قافلا سورنهن ڏينهن ۾ پهچندا هئا. هتي واپاري مال جي مٽا سٽا ٿيندي هئي. هتان مال سنڌو درياء رستي هيٺين ۽ مٿين ايراضين ڏانهن ويندو هو. ٽالپرن جي دور تائين هيءُ شهر ٻيڙين جو شهر سڏبو هو. هيءُ شهر بلوچستان، پنجاب ۽ افعانستان لاءِ اهم تجارتي مرڪز جي حيثيت سان مشهور هو. اڳ سنڌو نديءَ رستي اوڀر ۽ اولهه-اتر توڙي ڏکڻ جي ملڪن سان هتان جو واپار روهڙي رستي هلندو هو. انگريزن هن شهر کي ترقي ڏيارڻ، سکر سان ڳنڍڻ لاءِ ۽ آمدرفت جي سهولت خاطر سنه 1889ع ۾ هڪ پل ٺهرائي، هن پل جي ٺهڻ ڪري ڪراچي کان وٺي پنجاب تائين ريل گاڏي هلڻ شروع ٿي ۽ واپار کي هٿي ملي. ان کان سواءِ روهڙي کي ڪوئيٽا ۽ پشين سان به ملايو ويو. اهري طرح روهڙي شهر تجارت ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻ لڳو. ان وقت روهڙي هڪ ڳتيل ۽ آباد شهر هو ۽ منجهس تمام گهڻي آبادي موجود هئي، جنهن ۾ هر قسم جا ڪاريگر ۽هنر مند موجود هئا. جوزف سئلبئنڪ، جيڪو سنه 1909ع ۾هتي آيو، لکي ٿو ته:”هتي جا شهري پنهنجن پنهنجن ڌنڌن ۾ محنتي ۽ ڪاريگر آهن، اڪثر هتان جا ماڻهو سوٽي ڪپڙي، نير ۽ ٻين شين جو واپار ڪن ٿا. اهي هلت چلت ۽ وهنوار ۾ ڏاڍا سڌا سنوا ۽ امن پسند ماڻهو آهن. ان زماني ۾ روهڙي ڪپڙي جي صنعت ۾ ديسان ديس مشهور هئي. 24 جنوري سنه 1839ع ۾ انگريزي فوج، لارڊ اسڪندر برس جي اڳواڻيءَ ۾ هڪ ٽيم جاگرافيائي ۽ تجارتي تحقيقات لاءِ احمد پور کان روهڙي موڪلي، هن علائقي جو جائزو وٺي، بکر، سکر ۽ روهڙي جا بندر پنهنجي ڪم لاءِ ورتا. قديم زماني کان وٺي، روهڙي اتر سنڌ جو هڪ سهڻو، سکيو ۽ ستابو شهر هو. مغلن، ڪلهوڙن ۽ ميرن جي ڏينهن ۾ روهڙي هنر ۽ ڪاريگريءَ جو وڏو مرڪز هو. سنه 1609ع ۾ هيءُ شهر ريشمي ڪپڙي، نير جي اپت ۽ باغات لاءِ مشهور هو. ابن حوقل، ادريسي، ابوالفضل ۽ ٻين سياحن ۽ يورپي مؤرخن هتان جي باغن، ميون، گلن، کارڪن، مڇي ۽ پلن جي واپار جي گهڻي تعريف ڪئي آهي. پرچوگيز سياح مانر (1241ع) لکي ٿو ته: ”اتر سنڌ ۾ روهڙي باغات جي ڪري مشهور آهي ۽ کيس سنڌ جو چمن ڪري سڏجي ٿو.“ پوسٽنس، هن شهر کي واپار جو مرڪز ۽ وڏو بندر سڏيو آهي.
وليم فنچ(11-1608ع) ٻڌائي ٿو ته:”سنڌ جي عظيم شهر ٺٽي ۽ بکر سان گڏ روهڙيءَ جو ڪپڙو ”دريائي“ ديسان ديس مشهور هو، ايراني واپاري وڏي شوق سان خريد ڪندا هئا. خراسان جا قافلا سياري ۾ بکر ۽ روهڙي ايندا هئا ۽ آگري جا واپاري قافلا سورنهن ڏينهن ۾ روهڙي پهچي ويندا هئا. اهي واپاري، روهڙي شهر مان ملتاني سوٽي ڪپڙو، ريشم ۽ رنگ خريد ڪندا هئا.
پاٽنجر جو چوڻ آهي، ته روهڙي ۾ کجين جي وڻن جا جهڳٽا ۽ باغ پري پري تائين هليا ويندا هئا. روهڙي لاءِ پوسٽنس چوي ٿو، ته:”روهڙي اڳ ۾ واپاري اهميت رکندڙ شهر هو، پر خيرپور جي ميرن جي هٻڇ ۽ ظلم ڪري ڦٽي ويو. گهڻا ماڻهو شهر مان لڏي ويا ۽ سندس شاهوڪار واپاري، تالپرن جي ظلمن جي ڪري شهر ڇڏيندا ويا ۽ گهٽبا ويا.“ خاص ڪري هتان جي ڪپڙي ”دريائي سر“ جي وڏي ساک هئي.(1)
روهڙي شهر پراڻي زماني کان جنڪشن جو ڪم ڏي ٿو. انگريزن کان اڳ هيءُ ٻيڙين ۽ دنگين جو جنڪشن هو ۽ انگريزن جي دور ۾ ريلوي لائين ۽ لئنسڊائون پل ٺهڻ ڪري گاڏين جو جنڪشن بڻجي پيو. بلوچستان، ڪوئيٽا، پشين ۽ جيڪب آباد جو مال هتان ئي پنجاب، ملتان، حيدرآباد ۽ ڪراچي وڃڻ لڳو. ان ڪري هن شهر واپار ۽ صنعت ۾ وڏي ترقي ڪئي.
پراڻي زماني ۾ روهڙي کي سُڳنڌ ۽ سُرهاڻ ڪري”سنڌ جو چمن“ سڏيندا هئا. هتا کجين جا وڏا وڏا ۽ سهڻا باغ هئا. مانريق لکي ٿو، ته: ”اتر سنڌ ۾ روهڙي واري ٽڪري باعات ڪري مشهور آهي ۽ کيس سنڌ جو چمن چوندا هئا.“ پاٽنجر جو چوڻ آهي، ته: روهڙي ۾ کجين جي وڻن جا جُهڳٽا ۽ باغ پري تائين هليا وڃن ٿا.“ بوسٽن لکي ٿو ته: ” روهڙي ۾ بهترين قسم جا عاليشان باغ آهن ۽ اونهاري جي موسم شروع ٿيڻ سان سڄو ملڪ گلن خاص ڪري گلاب جي گلن سان ڍڪيو پيو هوندو آهي. هن مان صاف ظاهر آهي، ته هيءُ سندر سُهڻو ۽ من مهڻو شهر هو، جنهن جا رهواسي به خليق، ملنسار، عالم ۽ اديب هئا. جڏهن ابن بطوطه ٻيڙين رستي هتي آيو، تڏهن هتان جي ماڻهن سندن وڏي آجيان ڪئي. روهڙيءَ جا رضوي ۽ موسوي سادات ماضيءَ کان وٺي هن دور تائين علميت جي مسند تي فائز رهيا آهن.“
روهڙي اڄ به خاص اهميت رکندڙ ۽ تجارتي شهر آهي، جتان هر سال هزارين ٽن سيمينٽ ٻاهر وڃي ٿو ۽ سالياني هزارين مڻ ڇوهارا ۽ کارڪون باهرين ملڪن کي موڪليون وڃن ٿيون. ريلوي لائين ۽ روڊ ٺهڻ ڪري هن شهر جي دريائي حيثيت هاڻي ختم ٿيل آهي، پر سندس تجارت عروج تي آهي. اهي ٻيڙيون جيڪي ڪڏهن انهن شهرن ۽ ڏورانهن ڏيهن مان مال سان ڀرجي هتي اينديون هيون، اهي هاڻي مڇين مارڻ ۽ ماڻهن جي سير تفريح لاءِ وڃي بچيون آهن.
_______________
(1) سنڌ گزيٽئر ۾ روهڙي جو نالو” لوهڙي“ جاڻايل آهي. (ايڊيٽر)
(1) جوزف سئلبئنڪ (11-1608ع) جڏهن ايران کان روهڙي
پهتو، هن روهڙي کي اتر سنڌ جو مکيه شهر سڏيندي
لکي ٿو، ته: ”روهڙي شهر ۾ ڪڙمي ۽ محنتي ماڻهو رهن ٿا، جيڪي سوٽي ڪپڙي، نير
۽ ٻين شين جو واپار ڪن ٿا.“ (ايڊيٽر)