لاڙي / لهري بندر
لهري بندر جو بنياد ڏهين صدي عيسوي ۾ پيو جڏهن سنڌ ۾ عربن جي حڪومت جو خاتمو ٿيو ۽ ديبل بندر ڦٽي ويو. ڊاڪٽر بلوچ صاحب چچنامي جي مقدمي ۾ لکي ٿو ته ” ڏهين صدي عيسوي ۾ جيئن سنڌ ۾ عربي حڪومت جو زور ٽٽو، تيئن سندس طاقت ۽ واپار جي مرڪز ديبل جي اهميت ۽ حفاظت به گهٽجڻ لڳي. ٻئي طرف مقامي حالتن جي تبديلي ۽ سنڌوندي ۾ ڇوڙ وارين شاخن ۾ ڦيرگهير سبب خودندي جي هڪ شاخ تي هڪ نئين بندر لاءِ سهولت پئدا ٿي پئي، جنهن تي لوهاراني نالو پيو“ يارهين عيسوي صدي ۾ البيروني جڏهن سنڌ ۾ آيو ، تڏهن هن ديبل سان گڏ لهري بندر جو به ذڪر ڪيوآهي. بهرحال هن بندر عربن جي حڪومت جي زوال کان پوءِ ترقي ڪئي.
لهري بندر موجوده ميرپور ساڪري جي حدن اندرن ، سمنڊ کي ويجهو ، کاري مير ڀاڱي ۾ هو، جنهن جي ڀرسان الهندي طرف سنڌو درياءَ جو قديم وهڪرو هو. ” تاريخ طاهري“ جو مصنف لکي ٿو ته ” سنڌو درياءَ ٺٽي شهر جي ڏکڻ کان وهي ، لهري بندر جي ڀرسان، سون مياڻي وٽ ڇوڙ ڪندوهو. ٺٽي شهر ۽ لهري بندر جي وچ ۾ ، ٻين ڏيهن جو خشڪي ۽ دريائي مسافري جيترو پنڌ آهي. انهي وچ ۾ هڪ سوڙهي کاري آهي، جنهن جي ويڪر ڏهه طناب آهي. سمنڊ ۽ بندر جي وچ ۾ هڪ ڳوٺ سون مياڻي هو.“ سنڌ گزيٽئر وارو لکي ٿوته ” لهري بندر ، سنڌو درياءَ جي مشرقي شاخ تي ، سمنڊ کان 20 ميل اندر طرف هڪ ڳوٺ هو“. هن بندر کي مختلف دورن ۾ مختلف نالا ڏنا ويا. ڪن کيس ديوئل سنڌي سڏيو. ڪن کيس لهري، ڪن کيس نئون ديبل سڏيو. پر موجوده دور جو محقق جناب ڊاڪٽر غلام علي الانا لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ ۾ لکي ٿو ته ” هن بندر جو اصلي نالو لاڙي بندر آهي ، جنهن تي لاڙ واري خطي ۾ هئڻ ڪري اهو نالو پيو“ اسان به سمجهون ٿا ته ٺيٽ سنڌي نالو ، ادبي ، ثقافتي ۽ تاريخي لحاظ کان ” لاڙي بندر “ آهي.
لاڙي بندر سومرن جي دور ۾ سنڌ جو مشغول ترين بندر هو. سنڌ جو واپار سمنڊ رستي هرمز، قيس ، بحرين ، عدن ، گجرات ، ملبار، ڪارو منڊل ۽ چين سان هلندو هو. مٿين ملڪن جي دولت، سنڌ جي بندر لاڙي ڏانهن ڇڪجي ايندي هئي. مٿيون واپار عربي ۽ چيني جهازن جي معرفت هلندو هو. چين جا جهاز جنڪ سڏبا هئا. انهن واپارين جي هٿان سنڌ جو ڪپڙو ، هندستان جي بندرن تي نيڪال ٿيندو هو. معبر کان ريشمي ڪپڙو، خوشبودار شيون ۽ سچا موتي قافلن وسيلي خراسان تائين پهچندا هئا. تلوارون گهوڙن جون زينون، ڪپڙو ۽ خوشبودار مصالحا سنڌ مان ٻاهر ويندا هئا. هرمز، قيس توڙي ۽ عدن کان هرسال ڏهه هزار گهوڙا سنڌ ۽ هندستان جي شهرن ۾ وڪرو ٿيندا هئا. لاڙي جي شهر ۾ اُٺ کان وٺي سئي تائين قيمتون مقرر هيون. ذخيره اندوزي جي سخت ممانت هئي. واپارين کي سرڪار پئسا ڏيندي هئي جيئن هر قسم جون ديسي خواهه ڌارين ملڪن جون شيون مهيا ڪيون.
سمن جي دور ۾ لاڙي بندر کي ايڏي اهميت هئي جيڏي مصر جي شهر اسڪندريه کي واپار ڪري هئي. خلاصته التواريخ ۾ آهي ته ” هندستان جا سمورا جهاز ايراني نار ڏانهن ويندي هت محصول ڀريندا هئا. هي سنڌ جو مکيه بندر هو.هت اٽڪل چار سئو جهاز ۽ ٻيڙيون آهن. هتان سمنڊ مان سچا موتي نڪرن ٿا. هن لوڻ به ٺهندو آهي ۽ لوهه جون کاڻيون به آهن.“ هن دور ۾ لاڙي بندر تان جيڪي شيون سنڌ جي شهرن ۾ وڪامنديون هيون سي آهن وولگا جي چمڙي جا گوڏن تائين ڊگها بوٽ ، قاهره ۽ شيراز جون تلوارون، خراسان جون ڪيمخوايزد ۽ ڪرمان جون لونگيون ، طبريز جو اطلس وغيره. يورپ جا واپاري مشرقي شين لاءِ سون ۽ چاندي ڏيندا هئا. واپار جو ڪاروبار هنڊين رستي هلندو هو.
ارغونن ۽ ترخانن جي دور ۾ سمنڊ رستي واپار لاڙي بندر سان چالو هو. سمنڊ تي پورچوگيزن جو قبضو هو. هنن لاڙي بندر ۾ تجارتي ڪوٺي قائم ڪئي گمرگ ڪسٽم اڳاڙڻ شروع ڪئي. سنڌ جو واپار عربن ۽ آفريڪا سان به هلڻ لڳو. عربستان ۽ ايران جا سوداگر تيز، کنڀات ۽ لاڙي بندر تان گهوڙن جو واپار ڪري اتان ڪپهه ، نير ۽ چمڙو خريد ڪندا هئا. محمد تغلق هي بندر قاضي علاءُ الملڪ کي جاگير طور ڏنو. هن ئي زماني ۾ ابن بطوطه سنڌ ۾ آيو. هو لاڙي بندر لاءِ لکي ٿو ته ” لاڙي هڪ سٺو شهر آهي . هت سنڌو درياءَ سمنڊ ۾ ڪري ٿو. هن شهر ۾ هڪ وڏو بندر به هو جتي يمن فارس ۽ ٻِين هنڌن جا واپاري جهاز ذريعي مال آڻيندا هئا ۽ هت انهن جون واپاري ڪوٺيون به هيون. هي بندر مالدار ۽ خوبصورت به هو. منجهائنس اٽڪل 20 لکن جو محصول ڪٺو ٿيندو هو. “ هن زماني ۾ لاڙي جي ڪري سنڌ جو واپار ساري دنيا سان جاري هو. ابن بطوطه اسڪندريه ۾ سنڌي واپارين جي ڪوٺي ڏٺي هئي. لاڙي بندر تي مصر شام ۽ عراق جا واپاري رهندا هئا. مغلن جو دور لاڙي بندر جي اوج جو دور هو. ان وقت هي مشغول ترين بندر هو ۽ هندستان جي پرڏيهي واپار ۽ سنڌ جي سامونڊي واپار جو مکيه هنڌ هو. جنهن پوءِ ڊچن ۽ انگريزن کي به ڇڪي آندو. هن بندر جو ڪنارو ڪشادو ۽ ويڪرو هو، جتي ٻن سون کان ٽن سون جا جهاز جي ان وقت ۾ وڏا ۾ وڏا ليکيا ويندا هئا اچي لنگر انداز ٿيندا هئا. لاڙي کان سمنڊ جو مال قافلن رستي ويندو هو. هتان لاهور وڃڻ لاءِ چار هزار ٻيڙِيون هر وقت تيار رهنديون هيون ۽ في ٻيڙي ٽن سئو ٽنن جيترو مال چڙهندو هو. لاهور کان لاڙي تائين چار روپيا في ٻيڙو محصول ۽ ڀاڙو هڪ هزار مڻ جو اڍائي سئو روپيا هو. هن زماني ۾ انگريز تاجر به هت آيا. جن ۾ هئملٽن جو نالو سر فهرست آهي. هن ملبار کان ڏهن لکن پائونڊن جو سامان آندو هو. هن لاڙي بندر لاءِ لکيو آهي ته ” سمنڊ کان 15 ميل پري، سنڌوندي جي هڪ شاخ جي ڪپ تي لاڙي بندر آهي، جتي ٻه سئو ٽنن جا باربردار جهاز اچي سگهن ٿا. هت مسقط ۽ ٻين پاسن کان جيڪو مال ايندو هو، سو هن بندر تي اچي لهندو هو ۽ هتان ٺٽي ڏانهن موڪليو ويندو هو.
لاڙي بندر جو عروج 18 صديءَ ۾ گهٽجڻ شروع ٿيو ڇو ته شاهبندر وجود ۾ اچي چڪو هو. ان کان سواءِ سنڌوندي جنهن جي وهڪري تي هي بندر هو اها منهن مٽائڻ لڳي . ڊاڪٽر ڇٻلاڻي لکي ٿو ته ” درياءَ جو پيٽ واري ۽ رَءُ سان ڀرجي پيو ۽ بندر تائين دريائي آمدرفت مشڪل ٿي پئي. ان دوران ٻيا بندر جهڙوڪ اورنگا بندر ، شاهبندر ، راجا بندر ۽ ڪراچي بندر اسري پيا ان ڪري هن بندر جي اهميت گهٽجي ويئي تان جو سندس نشان به نه رهيو.“ اهڙي طرح هي تاريخي بندر ۽ وسندڙ شهر هميشه لاءِ ختم ٿي ويو. صرف تاريخ جي ورقن ۾ سندس نالو وڃي رهيو آهي.