تاريخ جا قسم
اسان کي هڪ تاريخدان جي حيثيت ۾ بحث ڪرڻو پوندوآهي ۽ انهن سڀني ڳالهين کي مدِنظر رکڻو پوندو آهي، جي انسان جي موجوده معاشري جي تعمير ۽ ترقيءَ ۾ مدد گار ثابت ٿيون آهن.
علم تاريخ پڙهڻ ۽ پاڙهڻ جي لاءِ جديد مؤرخن ۽ ماهرن جو معيار اهو آهي. پر اسڪولي زندگي جي مختصر مدي ۽ چند ورهين جي اندرئي هن معيار کي پورو ڪري سگهڻ ممڪن ڪونهي. ڇاڪاڻ ته بني آدم جي تاريخ علم جو هڪ سمنڊ آهي، ۽ اسڪولي زندگيءَ جو مدو تمام گهٽ آهي. تنهنڪري ڪجهه نه ڪجهه تدبير ڪرڻي پوندي. يعني دنيا جي تاريخ جا ٽڪر ٽڪر ڪري هڪڙي ڀاڱي کي قومي تاريخ جي نالي سان پاڙهيون يا قومي تاريخ کي مختلف دؤرن ۾ ورهائي هڪ هڪ دؤر اسڪولي زندگيءَ جي مختلف منزلن يا درجن ۾ ٿا پاڙهيون. مثلاً دنيا يا پاڪستان يا هندستان يا روم يا يونان جي قديم تاريخ يا قرون وسطيٰ(وچ وارن دؤرن) جي تاريخ هند جي مغلن جي ايامڪاريءَ جو زمانو يا انگريزن جي حڪومت جو دؤر.
هڪڙو ٻيو طريقو به ممڪن آهي ته انساني معاشري جو ڪو خاص هڪ پاسو يا سرشتو وٺي ان جو مطالعو ڪيون، تنهن کان پوءِ ٻيو سرشتو يا کاتو هٿ ۾ کڻون، مثلاً دنيا جي تاريخ يا ڪنهن خاص قوم يا ملڪ جي تاريخ کي سياسي، پنگتي، اقتصادي، آئيني ۽ مذهبي لحاظ کان جدا جدا مطالعو ڪريون ۽ هر شيءِ بابت جدا سبق ٻارن کي پاڙهيون. مکيه ڳالهه هي آهي ته ڪنهن حالت ۾ اسان کي ڀاڱي يا ڀاڱن کي ڪـُل کان جدا ۽ آزاد نه سمجهڻو آهي، ڇاڪاڻ ته ڪل جو اثر جزي تي ۽ جزي جو اثر ڪـُل تي لازمي ٿيندو آهي ۽ علم تاريخ هڪ ڪل آهي، جنهن جا مختلف پاسا يا محڪما انفرادي ۽ جداگانه صورت ۾ مؤرخ توڙي مدرس لاءِ بيڪار ۽ بي معنيٰ آهن. جيڪڏهن اسين ڪنهن به هڪڙي تاريخي دؤر يا شهنشاهه جي حڪومت جي ايامڪاريءَ تي سبق پاڙهينداسين ته اسان جي لاءِ ضروري ٿيندو ته ماضيءَ ۽ مسقتقبل ڏانهن به نظر ڦيرائي ڏسون، ته ماضي ڪيئن حال تي اثر انداز ٿيو آهي ۽ حال جون حالتون مستقبل تي ڪهڙي ريت پنهنجو اثر وجهي سگهن ٿيون. مثلاً سياسي ۽ ملڪي بندوبست جي ڳالهه ٻڌائيندي اسان کي ملڪ جي اقتصادي ۽ پنگتي (Social) خوشحالي يا زبون حاليءَ جو سبب سمجهائڻو پوندو.
سياسي حالت جو اثر پنگتي ۽ اقتصادي حالتن تي پوندو آهي، اقتصادي ۽ معاشرتي حالتن جي ڪري ملڪ جي سياسي تنظيم ۽ جوڙ جڪ طاقتور يا ڪمزور ٿي سگهن ٿا. تنهن کان سواءِ هڪ ملڪ يا قوم جي تاريخ پاڙهيندي، ٻئي ملڪ يا ٻين ملڪن ۽ قومن بلڪ دنيا جي تاريخ بابت به بحث ڪرڻو پوندو آهي. ڇاڪاڻ ته هڪ قوم يا ملڪ جي تاريخي تحريڪن، جنگين، سوڀن، ريتن ۽ رسمن جو ٻين ملڪن ۽ قومن جي حياتيءَ تي اثر پوي ٿو. مطلب ته دنيا جي هر قوم ۽ ملڪ پنهنجي زندگانيءَ ۾ هڪٻئي کان جدا نه آهن بلڪ پاڻ ۾ ڳنڍيل آهن.
مثال طور هندستان ۽ پاڪستان جي تاريخ کي ٿا وٺون. اسڪولي ڪتابن ۾ لکيل آهي ته هماليا جبل ۽ هندي سمنڊ جي ڪري ڀارت ورش هميشه کان ڌارين قومن کان جدا ۽ محفوظ رهيو آهي. پر هيءَ ڳالهه بلڪل غلط آهي. ڇاڪاڻ ته ڌاريا ماڻهو ۽ ٻاهريون قومون منڍ کان ئي هماليا جبلن جي لڪن مان ۽ بحر هند تان جهازن ۽ ٻيڙين رستي ڪاهي ايندا هئا ۽ واپار ڪندا هئا. هتان جا ماڻهو به پراچين ڪال کان وٺي ڌارين ملڪن ۽ قومن سان تجارت ۽ واپار ڪندا رهيا آهن. هتان جا رهاڪو انهن جبلن ۽ سمنڊن کي پار ڪري وچ ايشيا، چين، جاواديپ، ڪمبوج ۽ هند چين (Indo - china) جي ٻين علائقن تائين پهچي ويا هئا. پنهنجي شخصي گهٽتاين جي ڪري ۽ لاعلميءَ جي سبب اسڪولي نصاب جا ڪتاب جوڙيندڙ تاريخي ڳالهين کي غلط نموني تي پيش ڪن ٿا. مثلاً، لکيل آهي ته جڏهن آريه قوم هندستان ۾ آئي ته ان وقت دراوڙن جا قبيلا هندستان ۾ آباد هئا. آرين انهن کي هندستان جي ڏاکڻين ڀاڱي ڏانهن تڙي ڪڍيو ۽ پاڻ اُتر هندستان تي قبضو ڪري اتي ئي آباد ٿيا. گهڻن صدين کان پوءِ سٿين ۽ يوچي قومون يا قبيلا هندستان ۾ آيا. وري صدين کانپوءِ مسلمان آيا ۽ وري انهن کان پوءِ يورپي قومن جا واپاري آيا.
مٿي ڏنل حقيقتون برابر آهن. پر ايتري قدر ساديون ۽ معمولي ڪونه آهن، جيتري قدر بيان پٽاندر ڏسڻ ۾ ٿيون اچن. بلڪ هندستان هميشه کان مختلف قومن ۽ نسلن جو آماجگاه ۽ ميلاپ جو مرڪز ٿي رهيو آهي ۽ مختلف تهذيبن ۽ تمدن جا ميلا ان ديس ۾ لڳندا رهيا آهن. موئن جي دڙي ۽ هڙاپا جي قديم آثارن جو مشاهدو ثابت ٿو ڪري ته آريا قومن جي هندستان ۾ اچڻ کان اٽڪل ٻه هزار ورهيه اڳي سنڌ جي ماٿريءَ ۾ گهٽ ۾ گهٽ چار مختلف نسل آباد هئا. انهن کان پوءِ ايران جا رهاڪو مسلسل ايندا رهيا، يوناني ماڻهو به هندستان ۾ آيا. هندستان جي ويجهڙائيءَ ۾ ورهين تائين رهيا، يوناني ماڻهن هندستان جي رهڻي ڪرڻي تي ڪافي اثر وڌو. چون ٿا ته گنڌاري فن ۽ هنر جو نمونو انهن جي ئي يادگار آهي . صدين تائين وچ ايشيا جا طاقتور ۽ جنگي قبيلا هندستان ۾ ايندا رهيا. ڏکڻ هندستان جي اُڀرندي ۽ اُلهندي وارن سمنڊن جي بندرن مان گهڻائي ماڻهو آيا ۽ گهڻائي ماڻهو ويا.
عرب ديس جا ماڻهو اسلام قبول ڪرڻ کان گهڻو اڳي اُلهندي هندستان جي شهرن سان واپار ڪندا هئا. اُلهندي هندستان جي بندرن رستي ئي شام جي سرزمين جا عيسائي، بني اسرائيل ۽ پارسي هندستان ۾ آيا ۽ دلير ايرانين منجهان هڪڙي محمد گاوان ۽ ملڪ حبش جي ماڻهوءَ: ملڪِ انمبر جهڙن ماڻهن هندستان جي تاريخ ۽ سياست ۾ ڪافي اهم بهرو ورتو. ڏکڻ هندستان ۽ اوڙيسا جا گهڻائي رهاڪو هند- چين ڏانهن ويا ۽ اُتي جا علائقا هٿ ڪيائون ۽ صدين تائين اُتي حڪومت ڪيائون. ٻڌمت جي دور ۾ هندستان جا هزارها باشندا چين ڏانهن ويا ۽ هزارها چيني ماڻهو هندستان ۾ آيا. مٿي ڏنل حقيقتن مان صاف ظاهر ٿيو ته هندستان ۽ پاڪستان جي تاريخ ڪا جداگانه شيءِ ڪانهي. ڇاڪاڻ ته اڄوڪا هندستاني ۽ پاڪستاني باشندا ڪڏهن به دنيا جي ٻين ملڪن يا قومن کان جدا ۽ بي تعلق نه رهي سگهيا آهن.