تاريخ، فلسفو ۽ سياست

تاريخ جي تعليم جا اصول

ھي ڪتاب علم تاريخ جي شعبي سان تعلق رکندڙ شاگردن لاءِ گائيڊ بڪ آهي. هن ڪتاب ۾تاريخ بابت مختلف سوالن جين:  تاريخ ڇا آهي؟ تاريخ ۽ سائنس ۾ ڪهڙو فرق آهي؟ تاريخ ڪيئن پڙهجي، ڪيئن لکجي؟ تاريخ لکڻ جي طريقن بابت ليک شامل آھن.

Title Cover of book تاريخ جي تعليم جا اصول

تاريخ ۽ شهريت

شهريت جو تاريخ سان گهاٽو لاڳاپو آهي. انسان جي زندگيءَ سان واسطو رکندڙ سڀني گذريل واقعن جي مجموعي کي تاريخ چئجي ٿو. تاريخ ٻڌائي ٿي ته گذريل زماني ۾ ڪهڙي قسم جون سوسائقيٌون وجود ۾ آيون، ڪهڙين رسمن ۽ رواجن دنيا ۾ جنم ورتو ۽ مختلف جماعتون ڪهڙي نموني سان پيدا ٿيون، انهن ڪيئن ترقي ڪئي، ڪيئن انهن جو زوال ٿيو ۽ ڪهڙي طرح فنا ٿي ويون.
ڇاڪاڻ ته تاريخ انساني واقعن جو علم آهي ۽ شهريت انساني زندگيءَکي بهتر بنائڻ جو علم آهي. تنهنڪري شهريت کي هر قدم کڻندي گذريل واقعن جو نوٽس وٺڻو ۽ تجربو ڪرڻو پوي ٿو. انهيءَ ڪري ئي تاريخ کي شهريت جي ليبارٽري به ڪري سڏبو آهي.
شهريت عوام جي بهتريءَ ۽ سماجي ترقيءَ جو علم آهي، تاريخ زماني جا گذريل واقعا ڏيکاري انهن جي نتيجن کان شهريت جي علم ۾ اضافو آڻيندي آهي، ۽ ان سان تعمير ۽ سڌارن لاءِ بهتر طريقو اختيار ڪرڻ ۾ مدد ڪندي آهي . انسان جو هر هڪ ڪارنامو پوءِ اهو مذهب سان تعلق رکندڙ هجي يا سوَڪس ۽ اقتصاديات سان تعلق رکندي هجي، سياست سان تعلق رکندڙ هجي، زماني گذرڻ کان پوءِ هڪ تاريخي يادگار ٿي ٿو پوي. ان ڪري پروفيسر سيليءَ جو قول آهي ته، تاريخ شهريت ۽ سياست ٻنهي علمن جو بنياد آهي. اهڙيءَ طرح ثابت ٿئي ٿو ته شهريت ۽ تاريخ جو پاڻ ۾ گهاٽو تعلق آهي.